سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران سنڌ جي جياپي جي ھڪ اھم معاملي ڪالا باغ ڊيم بابت ڪتاب ”ڪالا باغ ڊيم“ اوھان اڳيان حاضر آھي، جنھن جا مرتب برڪت علي ڀٽو ۽ نعمت الله ڀٽو آھن.
سنڌ جي پاڻيءَ تي پنجاب پاران راتاھي جي ڪھاڻي پراڻي آھي. ڪالا باغ ڊيم ٺاھي سنڌوءَ جي پاڻيءَ کي روڪڻ جي پنجاب جي خواھش پراڻي آھي. سنڌ سميت ٻين ٻن صوبن ۽ انھن جي اسيمبلين پڻ فني، مالياتي ۽ ماحولياتي سببن آڌار ھر دور ۾ ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت جي مخالفت ڪئي آھي. ھن ڪتاب ۾ بينظير ڀٽو، رسول بخش پليجو، ڊاڪٽر قادر مگسي، عبدالرسول ميمڻ، ابرار قاضي، علي مير شاھ ۽ مسعود انصاري سميت ڪيترن ئي شخصيتن جا لکيل مضمون ۽ مقالا شامل آھن.
ھي ڪتاب 1998ع ۾ پيپلس پبلشنگ اڪيڊمي شڪارپور پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان حاضر آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي