سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران چاچا محمد علي لغاريءَ جو لکيل ڪتاب ”سڪڻ سيکاريوم“ اوھان اڳيان حاضر آھي.
ھن ڪتاب جا مضمون گهڻو ڪري لطيف سائينءَ جي شاعريءَ ۽ ان مان مليل سبقن تي لکيل آھن. ڪتاب ۾ شاھ عبدالڪريم بلڙي واري، صوفي شاھ عنايت، ڀٽائيءَ جي ڪلام، جشن لطيف سميت مختلف موضوع شامل آھن. ڀٽائيءَ جي فطرت شناس نگاھن سنڌ جي ماحول کي سينگارڻ ۽ سنوارڻ ۾ حد ڪري ڇڏي آھي ۽ ھي ڪتاب انھن ڳالھين کي نروار ڪري ٿو.
ھي ڪتاب 2014ع ۾ دي سنڌ اڪيڊمي، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان حاضر آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي