سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري عالم دين ۽ مشھور شاعر مولوي احمد ملاح جي ڪلام ۽ شاعريءَ جو مجموعو ”ڪليات احمد (ڀاڱو پھريون) ڪلام مولوي احمد ملاح“ اوھان اڳيان پيش آھي. ھن ڪتاب جي تحقيق ۽ ترتيب پروفيسر ضرار رستماڻي جي ٽيھن سالن جي تحقيق ۽ جستجو جي ثمر جو نتيجو آھي.
مولوي احمد ملاح سنڌ جو اھو ناميارو عالم دين ۽ شاعر آھي جنھن قرآن پاڪ جو منظوم ترجمو ڪيو آھي، جيڪو ھڪ عظيم ڪارنامو آھي. پاڻ پنھنجي دور جا بلند پايي جا شاعر ھيا. سندس شاعريءَ ۾ صنفن، صنعتن، تجنيسن، تشبيھن، استعارن ۽ شاعريءَ جي ٻين غير معمولي خوبين جو استعمال کيس شاعرن ۾ امتيازي حيثيت ڏياري ٿو. ھن ڪتاب ۾ سندس حمديہ ڪلام، نعتيہ شاعري، ٽيھ اکريون، چونڊ نظم، واقعاتي شاعري ۽ منظوم اسلامي شاعري شامل آھي.
ھي ڪتاب 2019ع ۾روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو پاران ڇپايو ويو آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي