شاعري

ڪليات احمد (ڀاڱو ٻيو) ڪلام مولوي احمد ملاح

مولوي احمد ملاح سنڌ جو اھو ناميارو عالم دين ۽ شاعر آھي جنھن قرآن پاڪ جو منظوم ترجمو ڪيو آھي، جيڪو ھڪ عظيم ڪارنامو آھي. پاڻ پنھنجي دور جا بلند پايي جا شاعر ھيا. سندس شاعريءَ ۾ صنفن، صنعتن، تجنيسن، تشبيھن، استعارن ۽ شاعريءَ جي ٻين غير معمولي خوبين جو استعمال کيس شاعرن ۾ امتيازي حيثيت ڏياري ٿو. مولوي احمد ملاح غزل جو پختو ۽ رديف گر شاعر ھيو. ھن ڪتاب ۾ الف کان ي تائين رديف جو استعمال ڪندي سندس 459 غز شامل ڪيا ويا آھن.

Title Cover of book ڪليات احمد (ڀاڱو ٻيو) ڪلام مولوي احمد ملاح

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري عالم دين ۽ مشھور شاعر مولوي احمد ملاح جي ڪلام ۽ شاعريءَ جو مجموعو ”ڪليات احمد (ڀاڱو ٻيو) ڪلام مولوي احمد ملاح“ اوھان اڳيان پيش آھي. ھن ڪتاب جي تحقيق ۽ ترتيب پروفيسر ضرار رستماڻي جي ٽيھن سالن جي تحقيق ۽ جستجو جي ثمر جو نتيجو آھي.
مولوي احمد ملاح سنڌ جو اھو ناميارو عالم دين ۽ شاعر آھي جنھن قرآن پاڪ جو منظوم ترجمو ڪيو آھي، جيڪو ھڪ عظيم ڪارنامو آھي. پاڻ پنھنجي دور جا بلند پايي جا شاعر ھيا. سندس شاعريءَ ۾ صنفن، صنعتن، تجنيسن، تشبيھن، استعارن ۽ شاعريءَ جي ٻين غير معمولي خوبين جو استعمال کيس شاعرن ۾ امتيازي حيثيت ڏياري ٿو. مولوي احمد ملاح غزل جو پختو ۽ رديف گر شاعر ھيو. ھن ڪتاب ۾ الف کان ي تائين رديف جو استعمال ڪندي سندس 459 غز شامل ڪيا ويا آھن.
ھي ڪتاب 2019ع ۾روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو پاران ڇپايو ويو آھي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي