تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سگمنڊ فرائيڊ

سگمنڊ فرائيڊ اصل ۾ هڪ نيورولوجسٽ هو ، جيڪو نفسيات جي پيءُ جي نالي سان مشھور ٿيو. هن جي فڪري ۽ فلسفياتي تعاون 20 صديءَ جي مغربي سوچ کي هڪ نئون نقطو عطا ڪيو. هن نفسيات ۽ نفسيات جي نقطہ نظر ۾ انقلابي تصورات ۽ نظريات ٺاهيا. فرائيڊ انسانيت جو عظيم محسن آھي، نفسيات جي علم جي ترقي سبب ڪيترين ئي بيمارين جا علاج ممڪن ٿي سگهيا ۽ وھمن ۽ وسوسن کان پاڪ معاشرو ٺاھڻ ۾ مدد ملي.نفسياتي تجزيو نہ صرف ذهني بيمارين جي تشريح ۽ علاج جو طريقو تبديل ڪيو ، پر وقت جي ثقافت جي روين جا رخ پڻ رکيا. فرائيڊ جي نظرين معاشري جي سڀني شعبن تي اثر وڌو، جھڙوڪ سائنسي ادب، شاعري، آکاڻيون، ناول، ناٽڪ، فلمون، سوانح حيات، تاريخي ادب، آرٽ، مصوري، مجسمي سازي، تعليم، سماجي سائنس وغيره. 

Title Cover of book سگمنڊ فرائيڊ

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري نيرولاجسٽ ۽ نفسيات جي ابي طور مشھور سگمنڊ فرائيڊ جي حياتي ۽ ڪيل ڪمن بابت توراڪينہ قاضي جي لکيل ڪتاب جو سنڌي ترجمو ”سگمنڊ فرائيڊ“ اوھان اڳيان حاضر آھي. جنھن جو سنڌيڪار ظفر آھي.
سگمنڊ فرائيڊ اصل ۾ هڪ نيورولوجسٽ هو ، جيڪو نفسيات جي پيءُ جي نالي سان مشھور ٿيو. هن جي فڪري ۽ فلسفياتي تعاون 20 صديءَ جي مغربي سوچ کي هڪ نئون نقطو عطا ڪيو. هن نفسيات ۽ نفسيات جي نقطہ نظر ۾ انقلابي تصورات ۽ نظريات ٺاهيا. فرائيڊ انسانيت جو عظيم محسن آھي، نفسيات جي علم جي ترقي سبب ڪيترين ئي بيمارين جا علاج ممڪن ٿي سگهيا ۽ وھمن ۽ وسوسن کان پاڪ معاشرو ٺاھڻ ۾ مدد ملي.نفسياتي تجزيو نہ صرف ذهني بيمارين جي تشريح ۽ علاج جو طريقو تبديل ڪيو ، پر وقت جي ثقافت جي روين جا رخ پڻ رکيا. فرائيڊ جي نظرين معاشري جي سڀني شعبن تي اثر وڌو، جھڙوڪ سائنسي ادب، شاعري، آکاڻيون، ناول، ناٽڪ، فلمون، سوانح حيات، تاريخي ادب، آرٽ، مصوري، مجسمي سازي، تعليم، سماجي سائنس وغيره. 
 ھي ڪتاب 2005ع  ۾ سنڌي ساھت گهر، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر  جي سھڪار سان حاضر آھي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي