لطيفيات

شاھاڻو شاھ

لطيفيات ۾، لالچند امرڏنو مل پھريون اديب آھي، جنھن تنقيد جي عالمي اصولن کي سامھون رکي، شاھ عبداللطيف جي ڪلام جي پرک ڪئي ۽ مقرر ڪيل اصولن سان ثابت ڪيو تہ شاھ سائين انساني قدرن ۽ احساسن جو روشن مينار آھي. سندس ٻولي بامحاورہ ۽ سليس آھي، جنھن ڪري پڙھندڙ ڪڏھن بہ ڪوفت محسوس نہ ڪندو.

Title Cover of book شاھاڻو شاھ

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران لالچند امر ڏنہ مل جڳتياڻي جو لکيل اھم ڪتاب ”شاھاڻو شاھ“ اوھان اڳيان پيش آھي.
لطيفيات ۾، لالچند امرڏنو مل پھريون اديب آھي، جنھن تنقيد جي عالمي اصولن کي سامھون رکي، شاھ عبداللطيف جي ڪلام جي پرک ڪئي ۽ مقرر ڪيل اصولن سان ثابت ڪيو تہ شاھ سائين انساني قدرن ۽ احساسن جو روشن مينار آھي. سندس ٻولي بامحاورہ ۽ سليس آھي، جنھن ڪري پڙھندڙ ڪڏھن بہ ڪوفت محسوس نہ ڪندو.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1914ع ۾ جڏھن تہ ٻيو ڇاپو 1989ع ۾ شاھ عبدالطيف ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي وتايي جي گهر جي ٿورن سان حاضر آھي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي