سنڌ شناسي

لاڙ جو سير

 هن ڪتاب ۾ ڪيترائي موضوع هڪ ئي وقت آهن، جن ۾ تاريخ، ادب، ثقافت، جاگرافي ۽ ٻيا انيڪ موضوع يڪجا آهن.ڪتاب ۾ لاڙ جي اھميت، جاگرافي بيھڪ، لاڙ جي ادبي اھميت، لاڙ جي راتين ۽ موسمن، لاڙ جي ماڻھن جي رھائش، پوشاڪ، صحت ۽ رھڻي ڪھڻي بابت ليک شامل آھن.

  • 4.5/5.0
  • 3
  • 0
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book لاڙ جو سير

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران  الله بچايو يار محمد سمون جو لکيل ڪتاب ” لاڙ جو سير“  اوھان اڳيان حاضر آھي.
 هن ڪتاب ۾ ڪيترائي موضوع هڪ ئي وقت آهن، جن ۾ تاريخ، ادب، ثقافت، جاگرافي ۽ ٻيا انيڪ موضوع يڪجا آهن.ڪتاب ۾ لاڙ جي اھميت، جاگرافي بيھڪ، لاڙ جي ادبي اھميت، لاڙ جي راتين ۽ موسمن، لاڙ جي ماڻھن جي رھائش، پوشاڪ، صحت ۽ رھڻي ڪھڻي بابت ليک شامل آھن.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1971ع ۾ ۽ ٻيو ڇاپو 1991ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ  پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان حاضر آھي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

ناشر طرفان

”لاڙ جو سير“ هن کان اڳ به سنڌي ادبي بورڊ ڇاپيو آهي. ڪتاب ۾ موجود مواد جي افاديت ۽ اهميت ڪڏهن به گهٽ نه ٿي سگهندي، ان ويچار کي آڏو رکي اسان هن ڪتاب کي وري به ڇاپي هيٺ آڻي رهيا آهيون. هن ڪتاب ۾ ڪيترائي موضوع هڪ ئي وقت آهن، جن ۾ تاريخ، ادب، ثقافت، جاگرافي ۽ ٻيا انيڪ موضوع يڪجا آهن.
هن ڪتاب جي آخر ۾ ڏسڻي (انڊيڪس) ڏيڻ سان محقق کي آساني ڪري ڏني وئي آهي. جيتوڻيڪ ضخامت ۽ قد بت ۾ هيءُ هڪ ننڍڙو ڪتاب آهي پر موضوع ۽ مواد جي اعتبار کان، ادب ۾ خاص اضافو آهي.
اسان جي ڪوشش آهي ته سنڌ ۽ سنڌيءَ متعلق نئون مواد آڻڻ سان گڏوگڏ، جن ڪتابن جي طلب آهي ۽ اڻ لڀ ٿيندا وڃن تن کي وري وري ڇاپي عام ڪجي، جيئن کوٽ نه اچي.
سنڌي ادبي بورڊ جي واجب الاحترام چيئرمين صاحب ۽ سندن فاضل ميمبر صاحبان جي رهبريءَ ۽ هدايتن هيٺ اسان ان لائق ٿيا آهيون جو هيءُ ڪتاب ڇاپي هيٺ ۡآڻي سگهيا ۡآهيون. سنڌي ادبي بورڊ ۾ ڪم ڪندڙ ساٿين جي محنت لاءِ به متعرف ۽ مشڪور آهيان. مهرباني.

ولي محمد رونجهو (ولي سروري)
سيڪريٽري، سنڌي ادبي بورڊ
ڄام شورو
15 - جنوري 1991ع

مهاڳ

هن کان اڳ ”سير ڪوهستان“ لکيو ويو آهي، جنهن ۾ ڪوهستاني ماڻهن جي رهائش، خورش، ٻولي ۽ تهذيب چٽيءَ طرح بيان ڪيل آهن. هن ڪتاب ۾ وري لاڙ واري ڀاڱي جو احوال قلمبند ڪيو وڃي ٿو. هن ڪتاب جو نوع ”سير ڪوهستان“ کان نرالو آهي. ڇاڪاڻ ته ڪوهستان کي پنهنجو ادب ڪونهي، تنهنڪري سندس احوال به هڪ بي رس ڪهاوت جيئن وڃي پورو ٿئي ٿو. مگر لاڙ جو اندروني احوال چڱي چوکي تاريخ تي وڃي ختم ٿئي ٿو، انهي ڪري لاڙ جي سير جي نوعيت وري نرالي آهي.
ڪوهستان کان پوءِ يڪدم لاڙ جو سير ۽ ان جو احوال لکڻ، انهي ڪري سجايو سمجهيو ويو جو ڏسڻ ۾ ائين اچي ٿو ته لاڙ جا لاڳاپا، ريتن رسمن ۽ ٻولي ۾ ڪوهستاني قومن کي وڌيڪ ويجها آهن، تنهن ڪري ئي سنڌ جي ٻين ڀاڱن جي احوال لکڻ کان اڳ لاڙ کي ياد ڪيو ويو.
مصنف هن ڪتاب ۾ اها ڪوشش ڪئي آهي ته جيئن سنڌي ٻوليءَ کي سندس اصلي رنگ ۽ ڍنگ ۾ پيش ڪري، جنهن مان پڙهندڙن کي خبر پوي ته اصلي سنڌي ۽ اڄڪلهه جي سنڌيءَ ۾ ڪهڙو فرق آهي. سندس هيءُ قدم تحسين ۽ مبارڪباد جي لائق آهي، جو صاحب موصوف، وڃايل وڻن کي هٿ ڪرڻ ۾ هتي الامڪان ڪوشش ورتي آهي. اميد ته هيءَ ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جو هڪ موزون معيار ثابت ٿيندو، جو نه رڳو اهل ادب ۽ اهل زبان جي اُڃ اُجهائيندو، پر کين اصليت ڏانهن رجوع ڪندو.

عثمان علي انصاري
ايم- اي (لنڊن)

پيش لفظ

هاڻوڪي سنڌي ٻولي، جا سنڌ جي گهڻي ڀاڱي ۾ عام طرح ڳالهائڻ ۾ اچي ٿي، اصلوڪي سنڌي ٻوليءَ کان گهڻي قدر مختلف آهي. اسان مان گهڻا شايد انهيءَ راءِ جا ٿين ته اڳوڻي سنڌي، پنهنجي سر هڪ نرالي ٻولي هئي، جا انهيءَ وقت ۽ انهيءَ قوم ۾ ڳالهائي ويندي هئي. مگر حقيقتاۡ ٻنهي ۾ نسبت ائين آهي، جيئن اصل کي لِڪائي نقل کي ظاهر ڪجي. اڄڪلهه جي سنڌي ٻولي اصل سنڌيءَ جو نقل آهي، هاڻوڪي سنڌي ٻولي مشرقي ۽ مغربي ٻولين جهڙوڪ؛ عربي، فارسي ۽ انگريزيءَ جو ايترو ته گهرو اثر پيو آهي، جو سندس نسبت سنسڪرت سان قائم ڪرڻ بدران مذڪوره ڌارين ٻولين ڏانهن منصوب ڪرڻ وڌيڪ صحيح پيو معلوم ٿئي. کيس سنسڪرت جي ڌيءَ سڏڻ بدران عربي ۽ فارسيءَ جي ڀيڻ سمجهڻ، حقيقت کي قريب پيو نظر اچي. اصليت جي گُم ٿي وڃڻ ڪري ۽ مصنوعي لباس پهرڻ ڪري سنڌي ٻولي پنهنجون موروثي ۽ فطرتي خوبيون مثلاۡ ميٺاج، تواضع ۽ سنجيدگي وڃائي ويٺي آهي.
سنڌ جي تاج الشعراءَ حضرت شاهه عبداللطيف صاحب ڀٽائي رمت الله عليه سنڌي ادب جو اهڙو ڪو به پهلو ڪو نه ڇڏيو آهي، جنهٿن تي وڌيڪ ڌيان ڏجي، يا ان ۾ وڌيڪ واڌارو يا سڌارو ڪجي. تنهن هوندي به ضروري سمجهيو ويو ته لاڙي ڳوٺاڻي ٻولي، جا سچي ۽ اصلي سنڌي ٻولي آهي، جا اديبن ۽ عالمن به الائجي ڪهڙي خيال ڪري نظر انداز پئي ڪئي آهي، تنهن کي ”مشتي نمونه از خرواري“ جي مصداق عوام جي اڳيان پيش ڪجي ته جيئن اهل علم اصحاب اها واقفيت گهر ويٺي وٺن، ته ڳوٺن ۾ ماڻهو ڪيئن ٿا ڳالهائي، سندن چوڻيون ۽ پهاڪا مهل ۽ موقعي سان ڪيتريقدر نه ٺهڪندڙ ۽ وڻندڙ آهن.
لاڙي ٻولي وڌيڪ رسيلي ۽ سوادي آهي، تنهن جو سبب اهو آهي ته سنڌي زبان جي ٺهڻ جو ڪارخانو لاڙ ۾ هو. اڄ جا ٻولي لاڙ ۾ ڳالهائي وڃي ٿي، سا عام سنڌي زبان جي ماءُ –پيءُ وانگر آهي. اهوئي سبب آهي جو منجهس ميٺاس گهڻو موجود آهي. سنڌ جي ٻين ڀاڱن ۾ جنهن طرز تي سنڌي ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي، يا جيڪي ٻوليون (لهجا) مثلاۡ ٿري، وچولي، اترادي وغيره ڳالهايون وڃن ٿيون، سي ٻوليون لاڙي ٻوليءَ جون اهڙيون ڌيئرون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، جهڙيون جهوني چالي وارن مائٽن جون اڄوڪي نٽ شٽ واري وقت ۾ ڄاول ڌيئون يعني رڳو ويس مٽيل اٿن، باقي مهانڊا ۽ اهڃاڻ بلڪل مائٽن جهڙا اٿن. اڄ زمانو اهو چڱيءَ طرح ورجائي ۽ سمجهائي چڪو آهي ته لاڙي ماڻهو سنڌ جي ٻين ڀاڱن وارن ماڻهن کان سنڌي ادب وڌيڪ سمجهندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهن، تنهن جو سبب اهو ئي آهي ته لاڙي ماڻهو هاڻوڪي سنڌي زبان جا سانچي ساز ۽ موجد هئا. هو سنڌي سولي سمجهن، يا گهڻي ڄاڻن، تنهن لاءِ کين هرڪو حق آهي. ڇاڪاڻ ته سنڌي سمجهڻ يا سنڌي ڄاڻڻ سندن اباڻو ورثو آهي، ۽ اهي ئي آهن، ان ميراث جا حقيقي وارث اڄڪلهه جي هلنديءَ پڄنديءَ وارن ماڻهن انهن مالڪن کان نه رڳو ميراث کسڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر گهڻي ڀاڱي کانئن کسي به ورتي آهي، يعني لاڙي ٻوليءَ کي ترڪ ڪري وچولي واري ڀاڱي جي درسي ٻولي ڪري مڃيو آهي ۽ لاڙين کي نڙيءَ تي لت ڏني اٿن ته اوهين به اهائي ٻولي ڳالهايو، انهيءَ ڪري هو نه فقط ٻاتا ٿي پيا آهن، پر پنهنجي ٺيٺ سنڌي ڳالهائڻ کان عاري به ٿي ويا آهن. انهيءَ ڪوتاه انديشيءَ جو نتيجو اهو وڃي نڪتو آهي، جو اڄ سنڌ ملڪ اندر سنڌي ڄاڻن جو ڏڪار پيو ڏسجي.
اڄ وچولي واري ڀاڱي جي ٻولي پڪي ۽ اترئين ڀاڱي جي ٻولي مٺي سڏي وڃي ٿي. پر مون کي انهن نالن کان وڌيڪ وڻندڙ نالو هي هٿ آيو جو مون لاڙي ٻوليءَ تي رکيو، يعني لاڙ جي ”نماڻي“ ٻولي. لاڙي ته پنهنجو پاڻ ساک ڀريندا ته لاڙي ٻولي ڪيتريقدر انهيءَ نالي جي حقدار آهي، باقي ٻين ڀاڱن جي رهاڪن کي تڏهن ڄاڻ پوندي، جڏهن هنن جو گهاٽو واسطو لاڙين سان ٿيندو. پري نه وڃو، شاهه عبداللطيف رح ‍جو رسالو کولي ڏسو. جتي جتي نماڻائي ۽ عاجزي ظاهر ڪئي ويئي آهي، اُتي اُتي انهيءَ جو لاڙي محاورن يا لاڙي الفاظن سان اظهار ڪيو ويو آهي، مثلاً.

منهنجو ڪڄاڙو، ڀينر هن ڀنڀور ۾.

هيءَ سٽ پڙهندي پنهنجي تخيل کي ٿورو تيز ڪريو، ۽ پوءِ اها سٽ پڙهندي، سسُئي جو تصور پنهنجي آڏو جهليو. ڏسو ته انهيءَ سِٽَ ۾ ڪيڏي نه انڪساري بيان ڪيل آهي. جيڪڏهن ساڳي سٽ شاعر هن ريت چوي:

منهنجو آهي ڇا ڀينر هن ڀنڀور ۾.

ته به معنى ۾ ڪو ڦير ڪو نه پوي ها. ليڪن هڪ لفظ ”ڪڄاڙو“ جي ڪم آڻڻ ڪري جا نماڻائي ظاهر ٿئي ٿي سا ”آهي ڇا“ مان ڪا نه ٿي نڪري، پر پاڻ ان مان آڪڙ جي بوءِ پيئي اچي.

اُڀي اوسِڙان اُس ۾، جهلئو ڪُن ڪنار،
گهاتو گهر نه آئيا، وڏي لڳِيَن وار،
هُيس جنين هار، سي موڙي چڙ هئا مڪڙا.

”اُڀي اوسڙان“ اوسيئڙو لفظ لاڙي رواج مان آندل آهي. هتي ٿورو ويچار ڪري ڏسو ته انتظاريءَ جو نقشو فقط هڪ لفظ ”اوسڙان“ جي ڪم آڻڻ ڪري ڪيترو نه چِٽو ۽ صاف ٿي بيهي ٿو. منجهانئس ڪيتري نه نِماڻائي پيئي ظاهر ٿئي. ”وڏي لڳين وار“ هيءَ سٽ اڃا به وڌيڪ انتظاريءَ جي دٻيل درد کي کولي ظاهر ڪري ٿي، مگر انتظاريءَ جو اظهار جنهن نماڻائيءَ سان بيان ڪيل آهي، تنهن جو نظير ڪنهن ٻيءَ ٻوليءَ ۾ مشڪل ٿيندو.

ڪال ڪلاچِي وئا، ڇتيون کڻي ڇُڳير،
ڀائرن ڀيرو نه ڪئو، ادن ڪِي اَويرَ،
اهڙي خاصي کير، ڪُن ورائي جَهلي.

ڀائرن ڀيرو....... هن سٽ مان ڪيتري نه رقت انگيزي محسوس ٿئي ٿي. ڀائرن جو ڀيرو نه ڪرڻ، ادن جي اوير ڪرڻ، اهي جملا هڪ اوسيڙي ۾ بيٺل ڀيڻ جي واتان نڪرن، سي ٻڌايو ته ٻُڌندڙ تي ڪهڙو نه اثر ڪندا؟ ڪيئن نه سندن ڳچ ڳاريندا ۽ وَچَ کُٽائيندا ! انهن جملن ۾ جو جادو ڀريل آهي سو صرف ”ڀيرو نه ڪرڻ“ ۽ ”اوير ڪرڻ“ لفظن مان ظاهر آهي، جي ٻيئي لاڙي محاورا آهن.

ڪو جو قهر ڪَلاچَ ۾، جو گهڙي سو نئي،
خبر ڪو نه ڏئي، ته رَڇَ ڪڄاڙي رنڊئا؟

هت ڏسو ته پنهنجي بيخبرري، پر، دردونديءَ دل سان ڪيئن نه هڪ لفظ ”ڪڄاڙي“ ڪم آڻڻ سان بيان ڪئي ويئي آهي. هڪ نماڻي تصوير ڪنهن ڀت جي آڙ ۾ بيٺي آهي، ڳل تي هٿ رکيو پنهنجي اندر سان ائين پيئي اوري ته ”خبر ڪو نه ڏئي، ته رَڇَ ڪڄاڙي رنڊئا؟“ ڪهڙي نه نماڻي ادا سان هيءَ بيخبري ادا ڪئي وئي آهي. اها خوبي صرف انهيءَ ڪري ئي مٿئين بيت ۾ ڏسجي ٿي جو منجهس لاڙي محاورو ڪم آيل آهي.
لاڙي ماڻهو پنهنجي نماڻي ٻوليءَ پٺيان خود به نماڻا ۽ نهٺا آهن. جڏهن هنن جو ڪلام تيزي ۽ تنديءَ کان آجو آهي ته پوءِ منجهن تيزي ۽ شوخي ڪٿان اچي؟
اڄڪلهه جا عالم ۽ سياڻا لاڙي ٻوليءَ ۾ هڪ هيءَ وِڏَ وجهن ٿا ته لاڙي ٻولي ٿورو ٻاتي ٻولي آهي. اها وِڏَ مڃڻ جي قابل آهي، پر انهي گهٽتائيءَ ڪري ڪو گرامر تي اثر ڪو نه ٿو پوي، جيڪي ماڻهو پنهنجي زبان ۾ پورو مفهوم ادا ڪري وڃن، ۽ گرامري ڪسوٽيءَ تي لڳي سنوان سڌا ۽ صحيح ثابت ٿين، تن کي يا تن جي ٻوليءَ کي غلط يا ٻاتي ٻولي سڏڻ ۽ سمجهڻ به عيب آهي. ڇاڪاڻ ته اها سندن ڳالهائڻ جي ٻولي آهي ۽ نه لکڻ جي. لاڙي ٻوليءَ ۾ جا گهٽتائي ڏٺي وڃي ٿي تنهن لاءِ لاڙي ماڻهن کي گهٽ جوابدار سمجهيو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته اها گهٽتائي منجهن صحبت يا سنگت جي رَسَ ڪري پيئي آهي. داردڪ ٻولي، جا ڪشمير ۽ پنجاب جي طرف ڳالهائڻ ۾ ايندي هئي، تنهن ٻوليءَ جا ڄاڻو جڏهن لاڙ ۾ اچي رهيا، تڏهن سندن رهائشي اثر ڪري لاڙين تي بنهه ٻوليءَ جو گهاٽو اثر پئجي ويو جو هن ريت آهي.
داردڪ ٻولي ڳالهائيندڙن پنهنجي ٻاتائيءَ ڪري، يا پنهنجي زبان روانيءَ جي سهنجائيءَ ڪري، يا پنهنجي ساهتيه جي لحاظ ڪري، گهه، جهه، ڍ ۽ ڀ جو اُچار گ، ج، ڍ، ۽ ب ڪري استعمال ڪيو ٿي. لاڙي ماڻهو جي سندن لهه وچڙ ۾ اچي ويا تن تي به سندن پورو اثر پئجي ويو، تنهن ڪري هو به ائين ئي ڳالهائڻ لڳا.

مثلاً:

ڀريو بدران بريو
گهُريو “ گهُربو
جهتريو “ جهُريو
ڍرو “ ڊرو
ڌڻي “ ڌني

ٻيون به ڪي ڦيريون ڦاريون ڪيائون. مثلاً:

ڙ بدران ر
ڻ “ ن ۽ ڙ
جيئن ته چڙهيو “ چريو
ماڻهو “ ماڙهو
ڀاڻ “ ڀان وغيره

لفظن ۽ حرفن جي اهڙي مٽاسٽا ڪو وڏو عيب ڪونهي اڄوڪي درسي سنڌي ٻه ڌارين لفظن کان آجي ڪانهي. لاڙي ٻولي جا اصل ۽ نج سنڌي ٻولي آهي، تنهن کي ايتري ڦير ڦار ڪري ڇڏي ڏيڻ اهڙي چريائي ۽ بي همتي آهي، جهڙي ڪو ماڻهو ڪٿي خزاني جي ڀريل ديڳ ڏسي، پر مٿانئس ڪنڊا ڪاٺيون ۽ ڀتر پٿر ڏسي تڪليف ڪرڻ کان ڊڄي ڇڏي اچي؟

لاڙُ

جاگرافيءَ جي ڄاڻن لاڙ کي سنڌ جو پنجون طبعي ڀاڱو ڄاڻايو آهي. طبعي ورهاست جي ويچار سان اها ورڇ پوري آهي، پر زبان ۽ ادب جي لحاظ سان اهو ورهاڱو اڻپورو آهي. ادبي لحاظ، جنهن جو هت اسان کي وڌيڪ خيال رکڻو آهي، تنهن موجب ساري سنڌ ملڪ جو لڳ ڀڳ اڌ ڀاڱو لاڙ ۾ اچي وڃي ٿو. وچولي جا رهواسي حيدرآباد کان هيٺ واري ڀاڱي کي لاڙ سڏين ٿا، پر اُتر جا رهواسي نوابشاهه ضلعي کان هيٺ واري ملڪ کي لاڙ ڄاڻائين ٿا، جنهن ۾ حيدرآباد ضلعو سڄو، دادو ضلعي جو اڌ، ٿر ضلعي جو وڏو حصو اچي وڃن ٿا. هتي پوئين ورڇ ادبي لحاظ سان ساکائتي سمجهي وڃي ٿي، تنهن ڪري اسان جي لاڙ جو سير انهيءَ سر زمين سان ڳنڍيل سمجهڻ گهرجي.
لاڙ هيٺانهون ڀاڱو آهي، تنهن ڪري منجهس پاڻيءَ جي پوئائي ڪا به پسبي. درياءَ اندر ڪو ريڙهو هوندو، سو لاڙي سر زمين تائين اوس رڙهي اچي پهچندو، تنهن ڪري سوڪ جي ڊپ کان هي ملڪ گهڻو بچيل آهي، اڃان به منجهس ٻوڏ جو اُڊڪو آهي. پاڻي، ڇَڙَهَه اچڻ ڪري منجهس آبادي به گهڻي ٿئي، مگر سامونڊي هوا جي اثر ڪري پوک ۾ گهڻو ڦيرو پيل آهي. گِهميل هوا ۾ ڳاڙهن چانورن جو فصل سٺو ٿئي، سو هن ملڪ جي مکيه پيدائش آهي. اڇا رتڙيا چانور به ٽُڪرين ٽُڪرين پوکين، پر اهي مزيدار نٿا ٿين. جوئر، مُڱ، ٻاجهري، ڪورڙ، چيڻو، ناگلي وغيره جي پوک به هن ملڪ ۾ گهڻي ٿئي. ڪمند لاءِ هن ڀاڱي جون زمينون سٺيون آهن، تنهن ڪري ڪمند جام پوکجي.
هن ڀاڱي ۾ واهه، ڪسيون ۽ ڪڙيا جام آهن. رڳو لاڙ جو ڪراچيءَ وارو ڀاڱو گهڻيءَ ۾ غير آباد ڏسجي ٿو. ڇاڪاڻ ته ڪوٽڙيءَ کان وٺي ڪراچيءَ تائين ريل رستي جو اتريون ڀاڱو سارو ٽاڪرو ۽ مٿانهون آهي، جتي پاڻي پهچائڻ جو ڪو سهنج ڪو نه ٿئي ٿو، باقي ريل جو ڏاکڻو حصو، جنهن ۾ وڏا ميدان، جهول، جهنگ، ڇپ ڇاڙون ۽ ڊٻون آهن، پر اڪثري ويران ڏسڻ ۾ اچن. جيتوڻيڪ وڻڪار منجهن گهڻي آهي، پر کيتي ٻاڙي گهٽ، تنهن جو سبب اهو ئي آهي جو زمينون کاريون ۽ وارياسيون آهن. زمين جو مٿاڇرو سڄو حصو ڪلراٺو آهي ۽ اندريون تهه وري وارياسو. واريءَ جو نمونو سامونڊي تري جهڙو آهي، تنهن مان اهو گُمان ڪڍي سگهجي ٿو ته هيءَ ساري زمين ڪنهن وقت سامونڊي ترو هئي. اهڙي زمين ائين ئي پوک لاءِ نڪمي آهي، تنهنڪري هٿ ئي ڪو نه لائينس. جي ڪنهن کيڙي ته کٽيو ئي کوٽ جهڙو.

کاري زمين ئي کارا وڻ ۽ ٻوڙها، مثلاۡ کاريون ڄاريون ۽ لاڻا جام ڏسبا، ڄارين ۾ پيرون جام پچن پر ٿُو کَٽا ! واهن جي ڀرسان گهاٽا ٻيلا ڏسبا، جن مان لاک، کنئور، جلائو ڪاٺيون ۽ ماکي ملي. ٻيلا گهڻو ڪري سرڪاري آهن، ڪي ٿورا، زميندارن جي پنهنجي ملڪيت به آهن. ٻيلا ڀاڳين جو ڀرجهلو آهن ڏڪار خواهه سڪار ۾ ٻيلا سدائين ساوا رهن، تنهن ڪري اوسر ڏينهان مالدار مال ڪاهيو وڃيو ٻيلن پاسي رهن. ڪڙين ۽ واهن جي ڪنارن سان ڪانَهنِ جون قطارون ڏسبيون، جي اهڙيون ته گهاٽيون ۽ ڳوڙهيون آهن، جو منجهن وک وک تي مِرُن جا ٿاڪَ ڏسبا، مرون سارين ۽ ڪمنڊ کي خُوب کائين.
باغات هن ملڪ ۾ ٻئي ملڪ کان گهڻي آهي. حيدرآباد ضلعو سڄو، خاص ڪري ڦليليءَ جا ڪَپَ، ۽ ڪراچيءَ وارو ڀاڱو باغات کان مشهور آهن، جتي ميون سان گڏ ڀاڄيون ۽ آرڻ به جام پوکين. هتان جو ميوو سڄيءَ سنڌ ۾ وڃي، پر ٻاهر به وڃي.
سانوڻيءَ ۾ درياءَ جو جوش وڌي، واهه ۽ ڪسيون ڦُوهَه ڏينديون وَهن. پاڻيءَ جي پَلٽ کان دَڙيون دِڪا، ڏَنيون ڏوڻ سڀ ٻوڏ هيٺ اچيو وڃن، گهڻي ڀاڱي رستا به ٻوڏ هيٺ اچيو وڃن، جنهنڪري لنگهه لکجن ئي ڪين. ڳوٺن ڏي اچ، وڃُ ۾ ماڻهن کي گهڻي ڏکيائي ٿئي. ڇڇ ڇاڙون ۽ ڇَن سڀ ڍنڍون ٿي پون. ٻيلن ۾ پاڻي ڌوڪي وڃي، پوءِ ته مال لاءِ چرو بند ۽ ماڻهن لاءِ چارو بند، مطلب ته ڏاڍا ڏکيا ٿين. وري به پاڻيءَ لٿي ڪا اک پَٽَ ٿئي، سا به نه. پاڻي لٿا ته مڇر متا. کڏن کوٻن ۾ پاڻي بيهو وڃي، جن تي مڇرن جا ميڙا لڳيو وڃن. هڪڙي سرءُ جي هوا منهن ساڙ، ٻيو مٿان مڇرن جي مار، پوءِ ته هر ڪو بي حال ۽ بي قرار. مڇرن جي چڪن کان مال ۽ ماڻهن جي ٽئونٽ پيئي لڳندي. ان مُند ۾ ماڻهو مَنجا ڇڏيو وڃيو پيهن تي پون. مطلب ته پاڻي ڇِنا ته اڏيا ڇَنا سڄي بُت تي اوڇڻ اوڍي، منهن ويڙهي، موٿلا ٿي پئجي رهندا. ساري رات جي ٻُوساٽ کان پوءِ صبح جو اُٿن ته سڀئي ڪڻسيا ۽ ڪساٽيا پيا هوندا.مال جي بچاءَ لاءِ دونهيون دُکايو ڇڏين. ساري رات دونهين جي دوساڙ کان ملڪ ئي ماڪ ٿيو وڃي. وڻن وٽن مان دونهي جي آڇ پيئي پسبي. سرءُ ۽ سياري جي مند ۾ ماڻهو کوهن جو پاڻي پيئن. کوهيون ملڪ ۾ ننڍيون پون، پر گهڻيارو کاريون ۽ دَڪَڙَ، تنهن ڪري ماڻهو ڍنڍن ۽ دُٻن جو پاڻي پيئن. بيٺل ۽ کليل پاڻي، جِتان مال ۽ ماڻهو سڀ منهن مهرائين، سو ترت خراب ۽ گند ٿيو پوي. وڻن جا پَنَ ۽ ٻُور، ڪاٺيون ۽ ڪنڊا سڀ هوا جي رُخَ سارُو اچيو پاڻيءَ ۾ پون، تنهن ڪري پاڻي ويتر ڇَٽَ ڪيو وڃي. لاڙي ماڻهو اهڙي پاڻيءَ تي پيٽاري ويا آهن، تنهنڪري اهنج ڪو نه ڪرينِ. باقي مِٺي هيراڪ اتي ويو ته ڄڻ موت جي منهن پيو. انهن تڪليفن ڪري لاڙ کي ساڙ ڪري سڏين.

لاڙ جي تاريخي اهميت

تاريخي لحاظ سان لاڙ کي سڄي سنڌ کان وڌيڪ اهميت حاصل آهي. سمنڊ جي ويجهڙائيءَ ڪري ۽ منجهس جهونن وسندڙن بندرن ۽ شهرن هئڻ ڪري هيءَ خِطو چمڪندڙ ستاري مثل هو. عربن کان اڳ هندو زماني ۾ منجهس وڏا وڏا بندر ۽ مشهور واپاري مرڪز هئا. مثلاً: ديول بندر، ڀنڀور، سير ڳنڍو، نيرون ڪوٽ ۽ برهمڻ آباد وغيره ، انهن بندرن ۽ مکيه شهرن سان ڏورانهن ملڪن جو واپار سامونڊي خواهه سُڪي رستي هلندڙ هو. واپاري نموني ڏي وٺ ڪرڻ ڪري ۽ انهن ملڪن سان ڏيٺ ويٺ رکڻ ڪري هتان جا ماڻهو گهڻين ڌارين ٻولين ۽ رسمن کان واقف هئا. هتان جي بندرن تان ايراني نار، عراق، نجد، عمان، يمن، حجاز، مصر ۽ سوڊان تائين ۽ ڀارت ۾ ملبار ۽ سورت بندرن تائين وڏي پيماني تي واپار هلندڙ هو. قافلن جي رستي افغانستان، ايران، مڪران وغيره ملڪن سان ڏي وَٺُ ٿيندي هئي.
سڀ کان اول هن سر زمين کي ئي اهو شرف حاصل ٿيو جو مٿس اسلامي فاتح محمد بن قاسم پنهنجا پير پڌاريا ۽ کيس باب الاسلام جي لقب سان ملقب ڪيو. اسلامي تهذيب پهريائين هتي آئي ۽ پوءِ هتان کان ٿي اڳتي پکڙي. عربن سنڌ تي 300 ورهيه راڄ ڪيو. ايڏي وڏي عرصي ۾ سندن حڪومتي مرڪز يا گادي جو هنڌ سر زمين لاڙ تي ٿيندو رهيو. عربن جي حڪومت جو اثر ملڪ تي ايترو پيو جو انهي وقت جا اڻ پڙهيل ڌنار به عربي ٻولي سولائي سان سمجهي ۽ ڳالهائي سگهندا هئا.
عربن سان گڏ وڏا وڏا عالم، فاضل ۽ اديب به آيا هئا، جن هتي اچي درس تدريس جاري ڪيو. حڪومت جي مُکيه شهرن ۾ وڏا وڏا مدرسا قائم ٿي ويا، جتي عرب خواهه سنڌي نومسلم گڏجي تعليم وٺندا هئا، انهن مدرسن منجهان ڪيترائي سنڌي سندون حاصل ڪري ويا. وڏا وڏا محقق ۽ محدث پيدا ٿي پيا، جن پوءِ عربن سان گڏجي ڏورانهان ڏيهه وڃي واسيا، اڄ تائين به انهن سنڌين جو اولاد عرب ۽ مصر ۾ درس تدريس ڏيندو نظر اچي ٿو. حاصل مطلب ته سنڌ جي ٻين ڀاڱن لاءِ به علم وادب پرائڻ جا دروازا هتان ئي کليا.
عربن کان وٺي اڄ تائين ڪيترين قومن سنڌ تي حڪومت ڪئي آهي. حڪومت جي مٽ سٽ ٿيڻ ۾ ڪيتريون ئي جنگيون لڳيون هونديون، جي گهڻو ڪري سڀئي سر زمين لاڙ تي ٿيون. ڪيترن جوڌن جون جُڏيون، پهلوانن جون پلٿيون، توبچين جون نشان بازيون هن سر زمين ڏٺيون ۽ سٺيون، ڪيترن مائرن جي لعلن کي تڙپندي پنهنجي سيني تي جاءِ ڏني، ڪيترا ڪونڌر ڪسندي ڏسي سندن رت کي ڪشاده دليءَ سان پنهنجي خاڪ پاڪ ۾ جذب ڪيو، مٿس ڪيترا راڄ بي تاج ۽ ڪيترا گدا شاهه ٿيا، ڪيترن جي ماتمي سرگس ۽ ڪيترن جي رسم تاجپوشي جي ڌام ڌوم ڏٺي. ڪيترن جي لاشن تي ڪنگ نمندا ۽ ڪيترن جي ماهه تي مرون مڙندا ڏٺا، ايترا حادثا ۽ واقعا، ڏسندي ۽ سهندي به هن ۾ تر جيترو ڦيرو ڪو نه پيو. نه ڪنهن کي ڪرڙائي ۽ ارهه زوري ڪرڻ کان روڪيائين ۽ نه ڪنهن سان هاڃو ٿيندو ڏسي هنجون هاريائين پر پاڻ ڳنڀير ٿي سڀني سان هڪ جهڙو سلوڪ ڪري، سڀني جا سُک ۽ سُور پنهنجي ئي پيٽ ۾ سانڍيائين.
رڳو ائين نه آهي ته هن ڪو سدائين خونخواري جو نظارو ويٺي ڏِٺو ۽ سَٺو، يا رت جي ريل ڇول ۾ ڪو ويهي پاڻ اونگهرايو ۽ نڪي بي گناهن جو رت ظالمن هٿان وهندو ڏسي پاڻ وندرايو، پر ڪيترائي عشق وحُسن جا شُغل ڏسي پاڻ وندرايو به ٿي. ڀنڀور ۾ سسئي ۽ پنهونءَ جو سک ۽ سندن صداقت، ڪينجهر ڪپ تي نوري تماچيءَ جو نينهن، ڪئونرو جا ڪيرت، ليلا جا ليلڙاٽ، چنيسر جا چاڳ ۽ جکريءَ جا جک مارڻ به هن سر زمين ڏٺا. ان سان گڏ ڪلاچي جي ڪُنَ تي واڳوءَ سان وير ۽ مَنڊَي مورڙي جي مردانگي جو ڀير به هن پنهنجي اکين ڏٺو. عمرڪوٽ ۾ عمر سومري جون ارڏايون ۽ مارئي جون نيزاريون به ڪنين ٻُڌائين. مومل جو مڪر ڪري ڪاڪ ڪنڌيءَ ڪونڌر ڪُسندي ڏسي ڪنهن سان ٻاڦ نه ٻوليائين. اها سر زمين لاڙ نه فقط تماشبين ٿي رهي پر کيس وڏو فخر انهي ڳالهه تي به آهي ته سندس آغوش ۾ ساري سنڌ جي چمڪندڙ ستارن اجهو ورتو ۽ کيس پنهنجي خواب راحت لاءِ پسند ڪيو. بزيل ۽ عبدالله جهڙن سپهه سالارن کي هن عربي سمنڊ جي ڪناري سان هميشه لاءِ جان ڏني، جيئن ته سندن روح عربي سمنڊ جي ڇولين دوران پنهنجي پياري وطن سان دائما رهاڻيون ڪندا رهن. مڪلي جي ٽڪري، گويا لاڙي سر زمين جي جگري، تنهن تي هن ساري سنڌ جي برک تاجدارن کي جاءِ ڏني ۽ وقت جي ڪيترن اولياءَ الله ۽ مجذوبن کي دائمي مڪان ٺاهي، انهيءَ لاءِ ته سنڌ جو توجهه ڏانهن ٿئي. هن سر زمين نه فقط اتي وڃي ڇيهه ڪيو، پر سِپ وانگي پنهنجي پيٽ مان اهڙا درخشان موتي پيدا ڪيائين، جن جي بدولت نه فقط پاڻ چمڪي ۽ روشن رهي بلڪ ساري دنيا تي پنهنجو شعاع پهچايائين، جنهن ڪري ساري دنيا جون اکيون ڏانهن ٿيون. اڄ انهن جي جاءِ قيام تي ميلا لڳن ٿا ۽ هزارين سِرَ نِمن ٿا، جتي ڪِٿان ڪِٿان جا ماڻهو ڪَهي اچي عبرت وٺي وڃن ٿا. اُهي لعل اڄ به سُڃن لاءِ سمر آهن، ڏکين جون ڏَڍُ آهن، اسونهن جا سونهان آهن ۽ هر دردوندي دل جا درمان آهن، اڄ به ڏسو ته ڪچهرين ۾ انهن جا قول ۽ ڪلام ماڻهو وڏي چاهه سان چٽا چيو دل پيا وندرائين ۽ پنهنجو گوندر پيا گهٽائين، ڇا ايتري خوبين ۽ خاصيتن جو مالڪ لاڙ ملڪ سنڌ بجاءِ روءِ زمين تي ناز ڪندي نٿو سونهي؟
اوهان مان جيڪي ويڙهيچا، ويڙهه وِهاڪ آهن، يا جن کي جهنگ جهر سان گهڻو واسطو رهيو آهي، تن کي اها وڌيڪ خبر هوندي ته جهنگلي وڻ ٽِڻَ ۽ گُل ٻُوٽا موسمن جي مَٽَ سَٽَ پوئتان ڪيئن نه پنهنجون سورتون ۽ حالتون بدلائين ٿا، ڪنهن سال جو بهار اهڙو ته زور وارو هوندو آهي جو ايندڙ خِزان سندس اثر ڪري لک ئي ڪانه ڏيندي آهي. وري ڪڏهن ته خزان جو دور اهڙو زور ٿئي جو ڪئين بَهارُون اچن مگر ٺوٺ ٺڪاڻي ئي ڪين لڳن. يعني هر هڪ مند پنهنجو پنهنجو اثر رکي ٿي. اهڙيون ڪيتريون ئي مندون، خواهه ڪمندون اوهان ڏٺيون هونديون. مگر مند سارو ماکي ضرور ڪٿان نه ڪٿان هٿ آئي هوندي. ماکيءَ جي مک، جنهن جو ڪم ئي آهي مٺي رس گڏ ڪرڻ يعني چڱائي جو ڪم ڪرڻ، تنهن کي اهڙي ڪم ڪرڻ کان ڪير روڪي ۽ ڪير ٽوڪي، تنهن ڪري ڪٿان ٿوري ۽ ڪٿان گهڻي ماکي آڻيو مڙيو ئي پنهنجو مانارو ڀري.
لاڙي سر زمين، جنهن تي حڪومتن جي ڦير گهير گهڻي ٿي، ان تي اهڙا انقلاب ڪنهن وقت بهار ۽ ڪنهن وقت خزان ٿِي ٿَي ثابت ٿيا، اُنهن انقلابن ۾ لاڙ، جنهن ماکيءَ جي مک جو ڪم پئي ڪيو، تنهن ڪنهن زماني مان ٿوري ۽ ڪنهن زماني مان گهڻي ماکي پئي ورتي، سَوَن سالن جي سِر ٽوڙ ڪوشش کانپوءِ نيٺ هن پنهنجو مانارو ڀريو، جنهن مان نه رڳو سڄي سنڌ رس ورتو پر انهي ماکيءَ جي ميٺاسَ اوڀر توڙي اولهه به رچائي ڇڏيو.
سر زمين لاڙ کي جا پهرين بهار هٿ آئي سا هئي عربن جي حڪومت، عرب سنڌ ۾ ڇو آيا؟ تنهن جو بيان تاريخن ۾ ڏنل آهي. هتي فقط اهو ذڪر ڪرڻ ته عربن سنڌ وارن لاءِ ڇا آندو يا سنڌ وارن عربن کان ڇا ورتو؟، اسلام جي ظهور کانپوءِ عرب روءِ زمين جا فاتح مڃيل هئا. هو جنهن عالمگير مذهب جا پيرو هئا، تنهن مذهب ۾ عالمگير برادري يا مساوات جو ڏو حصو جذب ٿيل هو.
جمعي جي ڏينهن ماه محرم 93هه ۾ جڏهن عرب، فاتح محمد بن قاسم جي سرڪودگيءَ هيٺ ديول بندر جي ديوارن جي ڇانو ۾ اچي ڇانهريا، عين انهي وقت هن سر زمين جي رهواسين جي دلين تي ڇنڊو پيو، ڄڻ ته صبح جو هير اهو سنيهو سنڌين کي سڻايو ته ”اي اوچ نيچ ۽ ذات پات جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌل سنڌيو! اڄ اوهين سڀ کان سرکا آيو، انساني ڀاءُ ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهيو، اڄ اوهين سڀ هڪ ئي سٿ جا ساٿي ڳڻيا وڃو ٿا، هڪ ئي وڇاڻي تي ويهي هڪ ئي ٿانءَ ۾ کائڻ جوڳا آهيو، اڄ ڏاڍي کي هيڻي تي ۽ سائي کي سچي تي ڪابه رڏائي حاصل ناهي. اوهين سڀ هڪ جهڙا آهيو ۽ اوهان کي هڪ جهڙو ئي رهڻ جي خوشخبري ڏجي ٿي“. اهو سنيهو سڀ کان اول سر زمين لاڙ سيني سان سانڍيو ۽ انهي تي شادمانو ڪيو. اها حقيقت هئي ته عرب سچار ۽ پرهيزگار هئا. هنن جا اخلاق اعلى هئا. هنن جي رهڻي ڪهڻي سادي هئي. هنن ۾ ذات پات جو گهُمنڊ نه هو. هو سگهارا پهلوان ۽ پِتي وارا هئا. جيئن ته عرب لاڙين لاءِ نئين شئي هئا، تنهن ڪري لاڙي سندن نقل وحرڪت کي وڏي غور و خوض سان چاهيندا رهيا ۽ انهن جي پر پارڻ لاءِ پاڻ پتوڙيندا رهيا، هنن جون عادتون ۽ اطوار جهٽڻ پاڻ لاءِ فخر سمجهڻ لڳا، جيئن مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي ته عربن پاڻ سان وڏا وڏا عالم ۽ اديب به آندا هئا ۽ انهن جا سينا علم سان روشن هئا، تنهن کي ڏسي لاڙين وٽ به علم وادب جي بازار گرم ٿي. حڪومت کي ويجهي پهچڻ لاءِ لاڙين به پاڻ پتوڙي عربي علم پرايو ۽ ان ۾ ايترو ڪمال ڪري ڏيکاريو جو پوءِ منجهائن وڏا وڏا اديب ۽ مصنف پيدا ٿي پيا، جن ڪيترائي ڪتاب عربي نثر خواهه نظم ۾ لکيا. اهو عربي زماني جو ميٺاس هو، جو لاڙي سر زمين سڀ کان اول چُوسيو ۽ پنهنجي ماناري ۾ ٿَمي ٿاڪي رکيو.
عربن کانپوءِ سومرن جو دور آيو. هيءَ دور ادبي نقطئه نگاهه سان گويا هڪ بهار پٺيان خِزان هو، تنهن ڪري سَلا عربن جي حڪومت ۾ اُڀريا سي اتي ئي سڙي سُڪي ويا ۽ جي مکڙيون سِرجيون هيون سي بنا کلڻ جي اتي ئي سڙي سڪي ويون!، اها ساکنائي ڪانهي جو ائين چئي سگهجي ته سومرن جو زمانو صفا اونداهو زمانو هو. شايد منجهس ڪي سالڪ ۽ سُڌير پيدا به ٿيا هجن، جي يا ته تاريخ جي انڌاري ڪري يا حڪومت جي لاپرواهي ڪري ائين ئي رهجي ويا هجن. سومرن جو زمانو جبر ۽ تشدد وارو بدڪارين ۽ سيه ڪارين وارو زمانو ڄاڻايو وڃي ٿو. تڏهن ممڪن آهي ته حڪومت جي اعمالن جي تصوير ڪن مصورن (شاعرن) ۽ ڪن نقادن ( تواريخ نويس) ويهي چِٽي ۽ لکي هجي پر وقت جي نزاڪت ۽ حڪومت جي رعب وتاب کي ڏسي متان ويچارن وينجهارن جيڪي درج ڪيو هجي سو دٻي رکيو هجي جو ڪلر کائي ويو هجي.
سومرن کان پوءِ سمن جو دور آيو. هن وقت ۾ ارغونن جي دخل ڏيڻ ڪري دفتري ٻولي پارسي ٿي، تنهن ڪري ماڻهن پارسي سکڻ تي گهڻو ڌيان ڏنو. ارغونن ايران مان پاڻ سان شاعر به آندا هئا. سنڌين به پارسيءَ ۾ ايتري مهارت حاصل ڪئي جو پارسيءَ ۾ پختو شعر چئي ويندا هئا ۽ نثر لکڻ جا به ماهر ٿيا، جو ڪيترن سنڌين پارسيءَ ۾ وڏا وڏا ڪتاب لکي شايع ڪرايا جي ان وقت جي مڪتبن ۾ پڙهايا ويندا هئا. اهو سڀ انهي ڪري ٿيو ٿي ڀانئجي جو حڪومت جي نوازشن ۽ قدر دانين ڪري شايد سنڌين سنڌي زبان ۾ ڪجهه به لکڻ کان عار ٿي سمجهيو.
ڪئپٽن جارج سٽئڪ چوي ٿو ته ”عربي ۽ پارسي سکڻ جو ماڻهن کي ايترو ته چاهه هو جو سنڌي ٻولي کي هو مسخرن جي ٻولي ڪري چوندا هئا“. شايد انهي ڪري ئي ڪنهن عالم يا اديب سنڌي ۾ ڪجهه به لکڻ کان پاسو پئي ڪيو، يا ته سنڌي لکڻ جي هنر کان بلڪل بي بهره هئا.
تاريخ ٻڌائي ٿي ته سومرن کانپوءِ جو سمن جو زمانو آيو، سو ادبي لحاذ سان هڪ خزان پٺيان اهڙي بهار هو، جنهن جي اثر کي پوءِ ڪابه خزان لوڏي نه سگهي. اسان کي سچو پچو سنڌي چوائڻ جو حق مليو سو سمن جي حڪومت کانپوءِ ئي مليو نه ته انهي ۾ وڏو شڪ هو ته اسين عربي ۽ پارسي ادب پٺيان عرب ۽ ايراني سڏجي وڃون ها پر قدرت کي شايد اهو ئي منظور هو، جو اڄ اسين ڏسون ٿا.
ڄام جو ناهه سمي جي وقت ۾ هڪڙو شخص شيخ حماد[1] (1) نالي ٺٽي طرف پيدا ٿيو. هو جيتوڻيڪ اصل اُچ جو ويٺل هو پر پوءِ ٺٽي ۾ اچي رهيو، اهو پهريون ئي شخص هو جو تاريخ خواب وانگر ٻڌائي ٿي ته سنڌي زبان ۾ پنهنجي منهن ڏوهيڙا چوندو هو. جيئن ته هن جو ذڪر خواب وانگر سمجهيو ويو آهي، تيئن سندس ڏوهيڙا به خواب ٿي ويا، جي هينئر ڪٿي به ڪو نه ٿا ملن. تنهن کانپوءِ درويش راڄو ۽ اسحاق اهنگر جا نالا ٻڌجن ٿا. اسحاق اهنگر حيدرآباد جو ويٺل هو. هن صاحب البت ڪوشش ڪري شيخ حماد جي رٿيل تجويز کي ٿورو ساهه ڏياريو ۽ ڪي ڏوهيڙا چيا ۽ اهو به شڪر آهي جو ماڻهن جي يادگيري تازي ڪرڻ لاءِ کين شيخ حماد وارو وقت ياد ڏياريائين ۽ اڻ سڌي طرح کين گويا اها تلقين به ڪيائين ته اها سنت جياريندا اچو. هي امر مڃڻ جي قابل آهي ته شيخ حماد، راڄي درويش ۽ اسحاق اهنگر گهڻئي ڏوهيڙا چيا هوندا مگر انهي وقت جي حالتن ڪري اهي سڀ هوا کي ملي چڪا، ڪو هڪ اڌ ڏوهيڙو .

ڪنهن جي واتَ جهٽيو، سو ائين ئي هڪ ٻئي کان ٻڌبو آيو ته واهه نه ته خير. اهڙيءَ طرح اسحاق اهنگر[2] جو هڪ ڏوهيڙو پڌرو آهي جو هيٺ ڏجي ٿو. سنڌي شاعري جو اهو پهريون ئي شعر آهي جو سنڌ وارن لاءِ ظاهر ڪجي ٿو:

ٿيان مان جهرڪ، ويهان پرين جي ڇَڄَ تي،
مانَ ڪَرنَ ڊرڪ، ٻولي ٻاجهاري مون سين.

جيئن ته سڀڪا ٻولي پهريائين نظم جي صورت وٺي ظاهر ٿي آهي، تيئن سنڌي به اول نظم جي صورت ۾ ظاهر ٿي. هن کانپوءِ ڄام تماچي جي وقت ۾ ماموئيءَ جا بيت ظاهر ٿيا، جي ستن درويشن جا چيل آهن. انهن درويشن جا وڌيڪ بيت ئي نٿا سجهن، ڇاڪاڻ ته اهي سَت بيت به ڪتابي روايتن موجب مُئي پُڄاڻا چيا اٿن، اهي بيت هن ريت آهن .

(1) درويش:

هاڪ وهندو هاڪڙو، ڀڄندي ٻنڌ اروڙ.
بهه، مڇي ۽ لوڙهه، سمين ويندي سوکڙي.

(2) درويش:

وَسِي وَسِي آرُ، جڏهن وڃي ڦٽندو،
تڏهن ٻاروچاڻو ٻار، پنجين درمين وڪبو.

(3) درويش:

ڪاري ڪاٻاري، جهيڙو لڳندو ڇهه پهر،
مرمچي ماري، سُک وسندي سنڌڙي.

(4) درويش:

مر مچي ماري، مرمچيءَ ڪهڙا پار،
هيٺَنِ، ڪاريون پوتيون، مٿن ڪارا وار.

(5) درويش:

لڳندي لاڙانهه، سونڪو ٿيندو سِري ۾،
جڏهن ڪڏهن سنڌڙي اوڳوڻان وِڻاهَه.

(6) درويش:

نيرا گهڙا ڏٻرا، اُتر کئون ايندا،
گها گهيريون گَسن تي، ورهائي ويندا،
تهان پوءِ ٿيندا، طبل تاجاڻين جا.

(7) درويش:

اچي ويهجا ماڙ هئا! ننگر جي آڌار،
پراڻا پرار، نوان م اڏجا نجهُرا.[3] [4]
انهن ٿورڙن بيتن جي صحيح هجڻ ۾ گهڻو ئي اختلاف آهي. اهي ساڳيا بيت ڪي وري هن ريت صحيح سمجهندا آهن:

1. درويش:

ڀڳي ٻنڌ اروڙ، هاڪ وهندو هاڪڙو،
بهه، مڇي ۽ لوڙهه، سمين ويندا سوکڙي.

2. درويش:

زالن مٿي ٻه چوٽيون، مڙسن مٿي وار،
ٻاروچا ٻار، ٽڪي ٽي وڪامندا.

3. درويش:

ستانوي ست ڇوڙسي، اٺانوي هٽ تاڙ،[5]
نوانوي نر جاڳسي، پوري سئو جئڪار.

4. درويش:

الله هسبي، ڪلهوڙن کان کسبي،
ٽالپرن کي ڏسبي، تهان پوءِ پسبي.[6]

5. درويش:

نيلو گهوڙو نقرو، اوڀارون ايندو،
ٽيلو ٽالپرن جو، نهوڙي نيندو،
تهان پوءِ ٿئندو، طبل تاجاڻين جو.

6. درويش:

لڳندي لڙائي، سونچو سِري کان ٿيندو،
جڏهن ڪڏهن سنڌڙي توکي قنڌهاران جوکو.

7. درويش:

متان وهو ماڻُهِئا، ننگر جي آڌار،
پراڻا پرار، نوان اڏجو نجهرا.

سمن جي پڇاڙي ۽ ارغونن جي شروعاتي زور وقت هڪ اهڙو صاحب سر زمين لاڙ تي اچي وارد ٿيو، جنهن سنڌين جو آڳو پيڇو جاچيندي ۽ انهي تي غور ڪندي سنڌي زبان ۾ شعر چوڻ شروع ڪيا ۽ سنڌ وارن کي پنهنجي مادري زبان طرف راغب ٿيڻ جي ترغيب ڏيڻ جو مهورت ڪيو، اهو هو قاضي قاضن. تاريخ جا ورق ورائيندي اهو ئي پهريون شخص ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جنهن سنڌ وارن تي ٿڌو ٿورو ڪري پنهنجي طبع روان کي سنڌي زبان ۾ هلايو. هن مهل تائين جن سنڌين فقط ايراني زبان ۾ نثر يا نظم پئي ظاهر ڪيو تن جي ڌُن ۾ سجاڳي پيدا ڪيائين ۽ انهن جون مهارون ايران بجاءِ سنڌي ڏي واريائين.

قاضي قاضن اصل سيوهڻ جو ويٺل هو پر پوءِ اچي ٺٽي ۾ رهيو. جيئن ته انهي زماني ۾ سنڌي ادب کي صفحه ڪاغذ تي آڻڻ لاءِ ڪو به طريقو نه گهڙيو ويو هو، تنهن ڪري جيئن شيخ حماد، اسحاق آهنگر ۽ راڄي درويش جا ڏوهيڙا صفا ناپيد ٿي ويا آهن، تيئن قاضي صاحب جو ڪلام به رهجي ويو آهي، جيڪي ڪِي ماڻهن هڪٻئي کان ٻڌي ياد پئي ڪيو آهي، سو ٺوڪرون کائيندو ۽ صورتون بدلائيندو آيو آهي. هتي نموني لاءِ سندن 2 ڏوهيڙا ڏجن ٿا.

1. سڄڻ منجهه هئام، مون لئي ويا اوٺيا،
هيڏانهن هوڏانهن هٿڙا، هينئڙي جاڙ وڌام.

2. سيئي سيلهه ٿيام، پڙهيام جي پاڻان،
اکر اڳيان اُڀري، واڳو ٿي وريام.

قاضي قاضن صاحب گهڻين علمي فضيلتن جو صاحب هو. قرآن مجيد جو حافظ هو. فقه، تصوف، تفسير ۽ حديث ۾ گهڻي پهچ حاصل هيس. هيءُ سنڌيءِ جو ابو، سن 958هه ۾ هن دنيا فاني مان لاڏاڻو ڪري ويو، مگر سنڌ وارن تي جو احسان ڪري ويو، تنهن بدولت هو سدا جيئرو شمار ڪيو ويندو ۽ سنڌ وارن کي به حيات جاوداني بخشي ويو.
”اڻ هيريا م هير، ڀڃُ مَ هير هيرين جي.“ جي مصداق سنڌين جي ڏاٺ هاڻي سنڌي نظم ڳائڻ وڄائڻ تي هري. بُکياري وَهٽ جيئن کين وڌيڪ داڻي گاهه جي ضرورت ٿي. هيترو وقت ڌارين ٻولي ڳائي وڄائي. سنڌي ڄڻ ته گُنگا ٿي ويا هئا. تن جي اوچتو زبان کلي پئي ڀانيو ٿا ته ڪيتري نه خوشي ٿي هوندن؟ جنهن جي ڪٿ ڪٿڻ به مشڪل آهي. اهڙي سَڌڙي سنڌڙي قاضي قاضن جهڙي گوهر ناياب جي وڃائڻ ڪري ڪيترو نه اڻاسي ٿي هوندي؟ پر ”ڪَلَ جنين جي ڪرم ۾، سي ڊامَهه ڪيئن چَرن“. قدرت سنڌ جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ وري به 20 شعبان 944 هه ۾ شاهه عبدالڪريم جهڙي هستي کيس پيدا ڪري ڏني، جنهن قاضي صاحب جي وڇوڙي وارو خال ڀريو ۽ سنڌين جي دل کي ڏڍ ڏنو. شاهه صاحب متعلوي سيدن مان هو وڏو زاهد، عابد ۽ پاڪباز انسان ٿي گذريو آهي. سندس شعر به قاضي صاحب جي تتبع تي چيل آهن. يعني سڀ ڏوهيڙن جي نموني تي. سندس رسالو ڪريمي موجود آهي، جنن کي شمس العلماءِ ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب نئين سر درست ڪري معنى ۽ مطلب سان ڇپايو آهي.
دهرا اصل هندي ڀاشا جي شعر جو نمونو آهن. مسلمانن کان اڳ سنڌ تي هندو قوم حڪمران هئي. انهي وقت ۾ هندي ڀاشا ۽ دهرا چيا ويندا هئا. انهي اثر ڪري شروعاتي سنڌي شعر به دهرن ۾ چيا ويا.
شاهه صاحب جي وقت ۾ مخدوم نوح رحمت الله عليه ۽ مخدوم آدم سميجو رحمت الله عليه جهڙا مشائخ، عالم ۽ فاضل انسان موجود هئا، شڪ نه آهي ته انهن به سنڌيءَ ۾ شعر چيو هجي مگر ان جو پتو پئجي نٿو سگهي.[7] مخدوم نوح 998هه ۾ وفات ڪئي آهي. مخدوم نوح صاحب، شاهه عبدالڪريم کان گهڻو وڏو معلوم ٿئي ٿو، جيئن ته سندن ولادت جو سال ڪتابن مان 911هه معلوم ٿئي ٿو.
شاهه عبدالڪريم کانپوءِ جڏهن سنڌ دهلي جي تابع ٿي، تڏنهن شاهه عنايت الله صوفي جهوڪ شريف وارو پيدا ٿيو. صوفي صاحب ٻين شاعرن کان جان تان ڪي آڳاٽو معلوم ٿئي ٿو. صوفي صاحب جو رسالو به موجود آهي.[8] سندن وفات جو سال 1130هه ڄاڻايل آهي. صوفي صاحب نواب اعظم خان جي دربار ۾ ڪن سازشن يا ذاتي دشمنين ڪري گرفتار ٿي آيو هو. نواب جي طرفان سندس سرڪوبي جي سزا بحال ٿي. جلاد جڏهن سندن گردن زني لاءِ تيار ٿيو، تڏنهن پاڻ هيءُ شعر چيائون:

رها نيدي مرا از شرِ هستي،
جزا ڪا الله في الدارين خيرا.

صوفي صاحب جو سمورو ڪلام صوفيانه متي تي چيل آهي. سندن شعر به ڏوهيڙن جي نموني تي چيل آهي.
ٿورو پوءِ ڪلهوڙن جو وقت اهڙو بهاري وارو ٿيو، جنهن جهڙي بهار سر زمين سنڌ وري نه ڏٺي ۽ شايد نه به ڏسي. انهي وقت لاڙي سر زمين تي ڪُنڊ ڪُڙڇ مان کُنڀين جي مثل شاعر پيدا ٿي پيا. زبان داني ۽ طبع رواني جو اهڙو ته چرچو هليو، جنهن جي هاڪ ايران ۽ عربستان تائين پهچي وئي. انهي لڙهه ۾ مخدوم ضياءُ الدين، مولوي ابوالحسن، ملا معين ٺٽوي، مخدوم محمد هاشم، ميان محمد حسين، مخدوم محمد ابراهيم، مخدوم عبدالله شاهه، عبداللطيف ڀٽائي ۽ شاهه عنايت الله رضوي وڌيڪ چمڪندڙ موتي مثل ڏسڻ ۾ اچن ٿا.
جڏهن ڪو به نئون ڪاريگر ڪا نئين ايجاد ڪندو آهي تڏهن ممڪن آهي ته ان ۾ اڃا به اصلاح جي ضرورت هجي. اهڙي طرح شروعاتي شاعري جو سهرو شيخ حماد، اسحاق اهنگر ۽ قاضي قاضن پنهنجي سر تي ٻڌو ۽ پوين سندن اصلاح ڪئي. مگر سڀني کان زياده مصلح يا اجاريندڙ هستي، جا انهي لڙهه ۾ هئي سا هئي شاهه عبداللطيف صاحب جي ذات بابرڪات، جنهن جي نام نامي واسم گرامي کان ساري دنيا واقف آهي. شاهه صاحب سنڌي شاعري ۾ نئون روح ڦوڪيو ۽ شاعري دنيا ۾ عجيب انقلاب آندو. شاهه صاحب کان اڳ جن شاعرن تي سر زمين لاڙ کي ناز هو، تن جي وچ ۾ شاهه صاحب ماهه ڪامل جي مثل چمڪيو. سر زمين لاڙ رکي رکي پنهنجي ماٺيڻي مهراڻ مان اهڙو مرڪندڙ ۽ چمڪندڙ موتي پيدا ڪيو، جنهن جي تاب کان دنيا جون اکيون پورجي ويون، اڄ سنڌ وارا اهڙي هستي تي جيترو ناز ڪن سو ٿورو آهي. شاهه صاحب کان اڳيان شاعر جن ڏوهيڙا چيا هئا، تن سڀني ساڳئي تتبع تي طبع آزمائي ڪئي هئي. البت مخدوم ضياءَ الدين وارن جو زمانو، جنهن ۾ ڏوهيڙن کانسواءِ مناجاتون به چيون ويون هيون. سو شاعري دنيا ۾ ڪجهه انقلاب ڏيکاري ٿو. پر شاهه صاحب پنهنجي طبع رسا جي وسيلي اهي شاعري جون حدون ٽوڙي سڀني لاءِ رستو ڪشادو ۽ صاف ڪري ڇڏيو.
ڪلهوڙن کانپوءِ ٽالپرن جو زمانو آيو. هن زماني ۾ علم ادب کي ڄڻ ته نئين جواني هٿ آئي. جيئن ته سنڌي شاعري ايراني ڍنگ ۾ فن عروض موجب قاعدي قانون اندر نئين سر نمودار ٿي. اهو نمونو سنڌ وارن کي اهڙو وڻيو جو اڳئين وقت جي شاعري (ڏوهيڙا چوڻ) ماڻهن لاءِ عيب ٿي پئي. اهڙي حقيقت سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته سنڌي شعر جي تاريخ تي مختصر روشني وڌي وڃي.

________________

[1] شيخ حماد جي بيتن چوڻ جو زمانو ڄام تماچي جي تخت نشيني وارو زمانو آهي. اهي بيت ڄام تماچيءَ تخت نشينيءَ لاءِ پيشنگوئي طور چيا ويا. ان تحقيق موجب بيتن جو زمانو 777هه يعني 1375ع آهي. (گرامي)
[2] اسحاق اهنگر وفات 903هه 1497ع (تحفته الڪرام ص 179). گرامي.
[3] برٽن هيگ به ان طرح بيت ڏنا آهن، ڏسو:

The Indus delta Country ppL 125 – 127 (گرامي).

[4] ساسوئي جا بيت سمي خاندان جي پڄاڻي جي پيشنگوئي طور 1523ع ڌاري چيل آهن(گرامي).
[5] هيءُ شلوڪ ڪلنڪي اوتار جي اچڻ لاءِ ڪنهن نامعلوم شاعر جو چيل آهي. ڪن جو چوڻ آهي ته اهو گرونانڪ صاحب جي شلوڪن مان آهي. (گرامي)
[6] نمبر چوٿون ۽ پنجون بيت ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي زوال ڏانهن اشارو ڪن ٿا، جنهن مان ظاهر آهي ته اهي بيت ڪلهوڙا ۽ ٽالپر دورن جي آخر ڌاري ڪنهن نامعلوم شاعر جا چيل آهن. (گرامي).
[7] مخدوم نوح جو بيت نموني طور لکجي ٿو: (گرامي)

ماڪ مَ ڀانيون ماڻهئان پيئي جا پرڀات،
روئي چڙهي رات، ڏسيو ڏکوين کي.

[8] شاهه شهيد جا ڪجهه فارسي شعر موجود آهن، باقي سندس سنڌي ڪلام جو ڪو به مڪمل ۽ مرتب رسالو معلوم ٿي نه سگهيو آهي. (گرامي)

سنڌي شعر جي مختصر تاريخ

سنڌي شعر جي تاريخ ڄاڻڻ کان اڳ اهو معلوم ڪرڻ ضروري آهي ته ”شعر“ جي معنى ڇا آهي؟

شعر جي لغوي معنى آهي دريافت ڪرڻ يا باربڪ طرح شين جي جاچ ڪرڻ، مگر اصطلاحي معنى ۾ شعر انهي ڪلام کي چئجي ٿو جو بامعنى لظن ۾ ڪنهن خاص معنى تي بيهاريل هجي يا موزون هجي.

اڪاسي، ٻياسي، ٽياسي، چوراسي
پنجاسي، ڇهاسي، ستاسي، اٺاسي،

وزن- فعولن فعولن فعولن فعولن

هيءَ هڪ موزون شعر آهي پر بي معنى آهي، تنهن ڪري هن کي شعر نه چئبو.

شعر علم به آهي ۽ هنر به: علم جي لحاظ سان شعر سائنس جي ابتڙ آهي، ڇاڪاڻ ته سائنس شين جي سچي پچي حالت بيان ئي ڪري، مگر شعر وٽ سٽ ڏئي ساڳي ڳالهه کي ٻئي نموني ۾ پيش ڪري ٿو. مثلن سائنس ٻڌائي ٿي ته صبح يا شام جو ڳاڙهائڻ يا شفق ڏسڻ ۾ اچي ٿي، سا ڪرڻن جي موڙ ڪري ٿيندي آهي، مگر شعر چوي ٿو ته انهي وقت تي ويچارو آسمان عاشق وانگر ڪنهن معشوق جي هٿان ڦٽجي خون ۾ لعل ٿيو آهي، سائنس چوي ٿي ته سج افق کان ٻاهر نڪري ٿو، مگر شعر چوي ٿو ته سج گهورڙين وانگر سونو ٿال مٿي تي ڪري نڪتو آهي.
هنر جي حالت ۾ شعر وري نثر جي ابتڙ آهي. نثر جي معنى آهي موتي هاري هاري هيٺ وکيري ڇڏڻ ۽ نظم يا شعر جي معنى آهي، اهي هاريل موتي ڪنهن لڙهيءَ ۾ پوئڻ، اهڙي طرح وکريل موتي پوئڻ به هنر آهي.
نظم موزون آهي ۽ نثر غير موزون، جيڪي لفظ نثر ۾ آهن سي ئي لفظ نظم ۾ به آهن. مگر تفاوت فقط هي آهي جو هو قاعدي جي وڪڙ ۾ اچي مٽجي سٽجي اهڙو زود اثر پيدا ڪن جو ٻڌندڙن جا ڳچ ڳاريو ۽ دل گهايو وجهن.
شعر چڱن هنرن مان هڪ هنر آهي، جيئن ته نقاشي، عمارت سازي ۽ راڳ، جهڙي طرح نقاشن جو ڪم آهي، رنگن سان، عمارت ساز جو ڪم آهي، پٿر سان ۽ راڳ جو واسطو آهي، آواز ۽ سر تارن سان، انهي ريت نظم جو واسطو آهي، لفظن جي بيهڪ ۽ راڳ سان، شعر جو راڳ سان اصل کان گهاٽو واسطو آهي. راڳ آهي گهوڙو ۽ شعر مٿس سوار.
شعر جڏهن راڳ تي سوار ٿي ٻاهر نڪري ٿو تڏهن وڌيڪ سٺو، سهڻو ۽ من موهڻو نظر اچي ٿو.
علم ادب يا ساهتيه جي لحاظ سان شعر نثر کان اڳ ڄائو آهي. انهي زماني ۾ شعر جو مضمون اڪثري بهار، جنگ ۽ مذهبي ڳالهين بابت هو، جيئن اڄ به ڪي ڀَٽَ يا چارڻ ڳائيندا وتندا آهن.
سنڌي ٻولي جو شعر پنهنجي يا ٻين ملڪن جي قصن ۽ جنگين بابت به چيل آهي، جيئن ته راءِ ڏياچ، سسئي پنهون، عمر مارئي، هير رانجهو، مومل مينڌرو، دودو چنيسر، ليلا چنيسر، سهڻي ميهار، يوسف زليخا، ليلى مجنون ۽ بانڪو شاهه بهرام وغيره.
هندي ڀاشا جو شعر:- هندي ڀاشا جو شعر دهرن يا ڏوهيڙن ۾ هو. ساڳي طرح سنڌي شعر به اول ڏوهيڙن ۾ چيل هو. ڏوهيڙن جون 2 سٽون ساڳي طرز ۾ هڪ جيترن پدن ۾ ساڳئي قافيه تي چوڻ ۾ اينديون هيون، ڏوهيڙو اصل لفظ دهرو آهي، جنهن جي معنى آهي 2 سٽون، ٻه يا ٻيڻو.
1300ع ڌاري سومرن جي زماني ۾ جڏهن سنڌي ٻولي پراڪرت ۽ وراچڊ جي ميل جول کان گهڻو ڇنڊجي ڇاڻجي اچي آجي ٿيل ٿي ڀانئجي، تڏهن جيڪي به ڏوهيڙا وغيره چيا ويا هوندا، سي ضرور نج سنڌي ۾ هوندا. مگر اهي هن وقت ناپيد آهن. سڀ کان مهند ڀان شاعر جن ڪي ڏوهيڙا چيا آهن ۽ جن جو ٿورو پتو پئجي سگهيو آهي سي هئا شيخ حماد، راڄو درويش ۽ اسحاق اهنگر، شيخ حماد حافظ شيرازي جو همعصر ٿو ڀانئجي. سندس سال وفات 780 هه آهي، انهن کان پوءِ جو شاعر پيدا ٿيو، جنهن سنڌي ۾ ڏوهيڙا چيا آهن ۽ جو وڌيڪ ٻڌو سوئي مڃيو وڃي ٿو، سو آهي قاضي قاضن[1]. هي پهريون ئي شاعر آهي، جنهن جا ڏوهيڙا البت وڌيڪ انداز ۾ ٻڌا وڃن ٿا، تنهن ڪري عام طرح سنڌي جو پهريون شاعر کيس مڃيو وڃي ٿو.

قاضي صاحب جا 2 ڏوهيڙا هيٺ ڏجن ٿا:

(1)

سائر ڏيئي لت، اوچي نِيچي ٻوڙئي،
هيڪائين هيڪ ٿيو، ويئي سڀ جهت.

(2)

”لا“ لاهيندي ڪن کي، ”لا“ مورهين ناهه،
يا الله ري پريان، ڪٽ نه ڏسي ڪي ٻيو.

قاضي صاحب کانپوءِ ترت شاهه عبدالڪريم صاحب بلڙي وارو وجود ۾ آيو. شاهه صاحب به قاضي صاحب جي تتبع تي شعر چيو آهي، جيئن مٿي ڪنهن هنڌ ڄاڻايو ويو آهي. شاهه صاحب به دهرا چيا آهن، جن مان فقط ٻه دهرا نموني طور هيٺ ڏجن ٿا:

(1)

ميٺ، ڀيڙيائي ڀلي، جو اپٽي ته واءُ،
جو پڌر وڌي ڳالهڙي، تو ڇڏي ويندي ساءُ

(2)

مُڌ م منه ويههُ، اُڀي اوسڙُ اُس ۾،
تو سيئي سيڻ ڪيا، ڏور جنين جو ڏيههُ.

شاهه عبدالڪريم کان پوءِ ٻيو شخص[2] جنهن شعر ۾ ڪجهه انقلاب آندو سو هو شاهه عنايت الله صوفي جهوڪ وارو. صوفي صاحب به دهرا يا ڏوهيڙا چيا آهن[3] مگر انهن ۾ سٽن جو تعداد وڌائي رکيائين، يعني ٻن کان وڌيڪ سٽون استعمال ڪيائون، مثلاً

(1)

تنهنجو تو ۾ ئي، ٻيائيءَ کي ٻوڙ،
اندر ساهه سرير ۾، جايون جانب جوڙ،
هن کي هتي ڇوڙ ته، وڃين پهچين پر کي.

(2)

ڏوهه ته منهنجي ڏينهن، ننڊ نه نيو سپرين،
لنگي پنهنجو نينهن، ڇنا، ڇنن ڪينڪي.

(3)

هاڻ مون تي حق ٿيو، پهچڻ پنهونءَ وس،
آري عنايت چوي، لوڙي آءُ لهنديس،
اتي نا رهنديس، جيڏيون پنهنجي جت ري.[4]

شاهه عنايت الله صوفيءَ کان پوءِ يعني ڪلهوڙن جي دور حڪومت ۾ شاعري جي دنيا چوٽ چڙهي ويئي، هن کان اڳ جو فقط تصوف جي متي تي شعر چيا ويندا هئا، تن ۾ ٿورو ڦيرو آيو. ٺٽي ۽ ان جي آس پاس مان هڪ ئي وقت عالمن ۽ فاضلن جو گروهه پيدا ٿيو،
جن جي تلقين ۽ تبليغ ڪري ڪيترا غير مسلم مسلمان ٿيا، جن جي هدايت لاءِ اسلامي حڪم احڪام شعر ۾ ظاهر ڪيا ويا، جيئن ماڻهن جي دلين تي اُهي چِٽيءَ طرح نقش ٿين ۽ ماڻهن ۾ حڪمن ۽ فرضن ٻڌڻ لاءِ چاهه جاڳي. پهريون شخص جنهن اسلامي فرضن ۽ روايتن کي شاعري رنگ ۾ ظاهر ڪيو هو سو هو مخدوم ضياءُ الدين صاحب. مخدوم صاحب 1091هه ۾ تولد ٿيو ۽ 1171هه ۾ وفات ڪيائين. اهو پهريون ئي شخص هو جنهن ڏوهيڙن جي رنگ ۾ هڪ نئين قسم جي شعر جي ايجاد ڪئي، اهڙي شعر کي ”ڪبت“ ڪري سڏيائون، جنهن ۾ سٽ سٽ ۾ جدا قافيه آڻڻ جي بدران ڳچ جيترن سٽن جو هڪ قافيو رکي پوءِ ٻيو قافيو ڪم آندائين. جيئن ته ؛

فرض آهي ماءُ پو تي سعي سوڌي ڀت،
ته موڪلي مڪتب ۾ صغير وڏي سٿ،
ته تابع ٿئي طبيعت جو مومن وڏي مت،
راتو ڏينه ٻالڪو ڪري نماز پرت،
وضُوءَ جي وجود ۾ ڀڃي ڪري پرت،
ڏهن ورهن جو جي ٿئي ته مَر اُن ماري،
ننڍي کي نماز لاءِ چابڪ چکائي،
جي غافل ٿئي نماز ۾ ڪڏهن آسارو،
ته هڻج هڪلج ان کي متان او ٿئي اومارو،
پڇي ڏات نماز جي سودو سوارو،
سکج سنڀهچ سانجهرو رات ۽ ڏينهارو،
ڪهو ڪلمون نبي اُتي ته ٿئي مسلم موچارو.

مخدوم ضياءُ الدين جي سٿ وارا ٻيا هئا. مخدوم محمد هاشم، مخدوم عبدالله، مولوي ابوالحسن ۽ مخدوم محمد حسين، جن جو ڪلام يا شعر ساڳئي پايي يا نموني تي چيل هو. وڏي تعجب جي ڳالهه، جا انهيءَ زماني تائين ٿي گذري، سا هيءَ هئي ته سومرن جي زماني کان وٺي، جڏهن سنڌي صاف ڳالهائڻ ۾ آئي، ويندي هن وقت (ڪلهوڙن جي شروعات) تائين ڪنهن به سنڌي نظم يا نثر کي صفحئه ڪاغذ تي آڻڻ لاءِ ڪوشش ڪا نه ڪئي، اهو شرف پوءِ مولوي ابوالحسن ٺٽوي کي نصيب ٿيو، جنهن نو مسلم شاگردن جي سهنج لاءِ نماز جي ترقيب بابت ڪتاب لکي، سنڌي لکڻ جو مهورت ڪيو، اهڙي ڍيل انهيءَ ڪري ٿيل ٿي ڏسجي، جو هڪ ته ڇپائيءَ لاءِ ڪا پريس سنڌ ۾ ڪا نه هئي، ٻيو ته سنڌي صورتخطيءَ جي بناوٽ لاءِ ڪا لپي يا آويٽا مقرر ٿيل ڪا نه هئي. مولوي صاحب به اهو ڪتاب عربي سنڌيءَ ۾ لکيو آهي، جنهن کي چون ئي ”ابوالحسن جي سنڌي“. هن صاحب الف-ب ڪيئن ٺاهي، تنهن لاءِ مسٽر ڀيرومل صاحب هڪ ننڍڙو ڪتاب ”سنڌي الف-ب“ تي لکيو آهي، سو ڏسڻ گهرجي.
انهن مبلغ عالمن مان مخدوم محمد هاشم ٺٽوي وڏو عالم، زاهد ۽ وقت جو اديب ٿي گذريو آهي. سندس ولادت جو سال 10- ربيع الثاني 1104هه آهي. مخدوم محمد هاشم، مخدوم معين ٺٽوي ۽ مخدوم ضياءُ الدين ٺٽوي جو شاگرد هو. هن صاحب بدعات جي برخلاف سخت جهاد ڪيو، ۽ پيري مريديءَ جي لعنت کي گهڻي ڀاڱي ٻُنجو ڏيئي ڇڏيائين. انهيءَ وقت غلام شاهه ڪلهوڙي جو سنڌ ۾ راڄ هو. غلام شاهه پاڻ به مخدوم صاحب جو معتقد هو. مخدوم صاحب جا 150 ڪتاب عربي، پارسي ۽ سنڌي زبان ۾ تاليف ۽ تصنيف ٿيل آهن. هن بزرگ ۽ نامور صوفيءَ 70 سالن جي عمر ۾ 1176هه ۾ وفات ڪئي. سندس مقبرو مڪليءَ تي آهي. مخدوم صاحب جو شعر صوفياڻو، اصلاحي ۽ ديني واٽن جي سمجهائڻ تي آهي. مثال طور هت سندس شعر جو ٽڪرو ڏجي ٿو.

جان جان درس نه ديکيو، نرتو نيڻن سان،
تان تان سک نه جندڙي، ورهن رات وهاءِ،
هيسين ۾ هيج گهڻون، پڇي ته پور منجهانءِ،
کاميو ٿين کنڀ سو، لوچي لالن لاءِ،
سڄڻ رهيا روح ۾، اندر اوتارا،
آهيم سُهد سرير ۾، گهڻي اپارا،
هينڙو هوت حبيب جي، سڪي ۽ سيڏاءِ،
وڍيو واوڍڙئن جيئن، لڇي ۽ ليلاءِ ،
جهلي پلي نه رهي، وئڙو پاڻ وسا،
مون کي محبوبن جا، دل ۾ داغ دکئيا،
ٻُرن ٻُرڪن ٻهون پرين، جگر ۽ جونرا،
لوُسئو لاءِ لالن جي، کامئو ڪن کوُنرا،
ڦاٽيون ڦٽ فراق جي، اکڙيون اصلا،
ونين وسامڻ نانهڪو، اڌمن انڌوها،
هنجهون هاري جهليون، رت ڪري ريلا،
راتين رون پرين کي، ڪڇن ڪين ڏينها،
پر ۾ پڇڻ آئيو، ڪرين اوجاڳا،
آٽن سنداءِ آگ ۾، عاشقن انگڙا،
سُڪا سرهه ڪاٺ جيئن، منجهان ۽ ٻهرا،
سدا سڪ هون جن کي، جي سي مڙن ما،
ته ونيو وڇاڻا ڪريان، آءُ تن اڳيا،
ڇنڊيان کهه اکين سين، نميو پيرن تان،
صبح سوارا سوريان، سڳر سپرين جا،
ته ڪر سڌون سڀيئي، پنيون ٿياڪم پورا.

مخدوم عبدالله جو شعر سندس ڪتاب ڪنز العبرت ۾ ”قمر المنير“ ۾ موجود آهي.

انهيءَ ساڳيءَ لڙهه ۾[5] شاهه عبداللطيف ڀٽائي، شاهه عنايت الله رضوي نصرپوري ۽ خواجه محمد زمان لواري وارا به آهن مگر انهن جو شعر پيچيدو، ذو معنى ۽ معرفت الاهيءَ ڏي رجوع ڪندڙ آهي.
سندن سارو ڪلام تصوف ۽ توحيد جي متي تي چيل آهي. خواجه محمد زمان جو ايترو شعر هٿ اچي ڪو نه سگهيو آهي. سنڌ ۾ 85 کن بيت ٻڌڻ ۾ اچن ٿا، جن مان ڪجهه ڊاڪٽر گربخشاڻي صاحب ڪتاب ”لنواريءَ جا لال“ ۾ ڏنا آهن، جن مان ڪي بيت هت ڏجن ٿا.

(1)

صورت معنى وچ ۾ ڪونهي وچ وچاءِ
هو نه سڃاپي هن ري، هي مور نه موجوداءِ،
ڪٿي جو هو ڪوٺجي، ڪٿي عرض به آه،
حقيقت هيڪاءِ، پر نالن مٿو ناهه ڪو.

(2)

ڪٿي نظر نقل جو، ڪٿ ٿيڻ ڪلام،
ڪٿي فوج فڪر جي، ڪٿي ماٺ مقام،
ڪٿي مس چوڻ مام، ڪٿي ڪڇڻ پڌرو.

(3)

عدم اوتارون، نامرادي سمرونِ،
ڪفر ۽ اسلام کان، لنگهي هوت لڌونِ
ڇڏي خوف اميد کي، سڄڻ صحي لڌون،
رضا راڄ سندون، مور نه مڱن ڪي ٻيو.

(4)

خودي کڻي پاڻ سين، هتان جي هلئا،
سي لوڪ ڇڏيندي لهر جيئن، مري محو ٿي،
جي آب هئا، ته لهريون سڀ لباس هيون.

(5)

ويهه وڃي وٽ تن، قلم جنين جي هٿ ۾،
ميٽيو انگ اڳيون، واري ٻيو لکن،
پنو سو پاڙهن، جنهن مان پسڻ ٿي پرين کي.

(6)

جاهل ذوق سُکن جو، عارف سور سهاءِ،
سورن سندي ساءِ، راحت رسي رُوح کي.

(7)

ڇڏيان هي جهان، هو پڻ گهوري گهوريان،
پلڪ پريان ساڻ، جي مون سري جيڏيون.[6]

شاهه عنايت الله رضوي، شاهه محمد مڪيءَ جي اولاد مان هو. شاهه محمد مڪيءَ جو احوال ”قديم سنڌ“ ۾ ڏنل آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي هن جو همعصر هو.[7]

نصرپور ويجهو لکمير ديهه ۾ موسي آهيداني جي مقبري ۾ دفن ٿيل آهي[8] سندس شعر به ڏوهيڙن ۾ چيل آهن، جيئن ته .

(1)

بيٺڪ جن برن ۾، کهه کٽونبا کاڄ،
اٺو پهر عنايت چئي، واڇوٽو وهاڄ،
ڪنين ڪڏهن نه پيو، تن اُڊي جو آواج،
جم رلائين راڄ، عمر اباڻن جو.

(2)

رات رٻاري آئيو، اٺي جو اوٺي،
تليون سڀ تار ٿيون، سڀ جوءِ سڻوٺي،
کوءِ پيا ڪانا ۽ ڪوٺي، لڱئون لوهه لهي پيا.

(3)

لڱئون لوهه لهي پيا، ٿيو بند بدا،
سئوم واءُ وصال جو، ڪهندي ڪانگ مئلا،
اٺئي پهر عنايت چئي، آس م لاهه هنيا،
ستي سنجهه سڀا، ملندءِ مٽ ملير ۾.

انهيءَ حد تائين سڀني شاعرن ڏوهيڙن جي نموني تي ڪلام چيا آهن، فقط ايترو ڦيرو منجهن ڏسڻ ۾ اچي ٿو جو ڏوهيڙن ۾ سٽون وڌايون ويون آهن. باقي جيڪا ٻي ڦير ڦار ٿي آهي سا سنڌ جي سرتاج ۽ تاج الشعرا حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي وسيع ڪلام سان ٿي. جيئن ته هت سنڌي شعري جي تاريخ ڏني وڃي ٿي.[9] تنهنڪري اهو ضروري آهي ته اُهي ڦيريون ڦارون مثالن سان سمجهايون وڃن.

(1) ڦيرڦار: ٻن سٽن واري ڏوهيڙي جي حالت ۾ بعضي قافيو ٻنهين سٽن جي پڇاڙيءَ ۾ رکيائين، بعضي انهيءَ قاعدي جي پابندي نه ڪري قافيو ٻنهين سٽن جي وچ ۾ آندائين، بعضي پهرين سٽ جي پڇاڙيءَ ۾ ۽ پوئين سٽ جي وچ ۾ ڪم آندائين، مثلاً.

(1)

سوئي راهه رد ڪري، سوئي رهه نما،
و تعز من تشا، و تزل من تشا.

(2)

هن تاري هن هنڌ، هت منجهان سپرين،
سڄڻ ماکيءَ منجهه، ڪوڙا ٿين نه ڪڏهن.

(3)

سو هي، سو هو، سو اجل، سو الله،
سو پرين، سو پساهه، سو ويري سو واهرو.


(1) ڦيرڦار: ڏوهيڙن ۾ سٽن جو تعداد وڌايائين، مثلاً


عاشق زهر پياڪ، وههُ ڏسي وهسن گهڻو،
ڪڙي ۽ قاتل جا، هميشه هيراڪ،
توڙي چڪن چاڪ، ته به آه نه سلن عام کي.


(1) ڦيرڦار: ڪنهن به شعر ۾ ڪا وڏي آيت وجهي وزن کان وڌائي ڪم آندائين، مثلاً

ڪونهي قادر ڪو ٻيو انهيءَ جو اڀاڳ،
”قل ان يصبينا لاڪتب الله لنا هو مولانا“

اي معرفت ماڳ،

سڀوئي سڀاڳ، مارئي مساوي ڪيو.

(1) ڦيرڦار: شاهه صاحب هڪ نئون نمونو شعر جو ڪم آندو جو اڳي رواج ۾ نه هو. اهڙي قسم جو شعر کي ”وائي“ سڏيو ويو، مثلاً

پسي ڳاڙها گل، متان ڪو چانگي کي چاري،
ملڪ به ايندءِ موت جو، ڪري هيبتون هُل –پسي....
نيئي ڌريندءِ ڌوڙ ۾، مٿان پڙهندءِ قُل –پسي......
اديون شاهه لطيف چئي، مون تان لاهج ڀُل –پسي....

انهيءَ وقت ۾ سنڌي شعر جو هڪ نئون نمونو وجود ۾ آيو، جنهن ۾ ننڍيون تُڪون رکندا هئا، ۽ منڍ واري تُڪ هر هڪ بند جي پويان رکندا هئا.

اهڙي شعر کي ”مدح“ سڏيائون. اهڙي قسم جون مداحون اول ميان سرفراز ڪلهوڙي[10] ۽ جمن چارڻ چيون آهن.

ميان سرفراز:

لا ڄام، هن غلام، سندو سوال سڻج تون،

آهيان ڏڏ، غمن گڏ، سچا سڏ، سڻج تون،

پسي پاڻ، ڪرم ساڻ، ڏکيا ڏاڻ ڏئين تون،

ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال سڻج تون.

جمن چارڻ:

يا پير پيران دستگير!

ديدار جو مشتاق من، مون کي پسائين پاڪ تن،

مشرف ڪرين جڳ ۾ جمن، توهان گهران امن و امن،

يا پير پيران دستگير!

اهو شعر جو نمونو ٽالپرن جي اڌ حڪومت تائين هليو. مير ڪرم عليءَ جي ڏينهن ۾ سنڌي شاعرن شروع ڪيو. انهيءَ وقت جي ماڻهن مان پهريون سيد ثابت علي شاهه ولد مدار علي شاهه هو، جنهن موزون شعر چيو. هن صاحب مرثيا، منقبت، هجو وغيره گهڻائي چيا آهن. سندس ڪلام مان ٽڪرو مثال طور هت ڏجي ٿو:

جنگ جا نوبت نغارا ٿيا شروع،

حشر ٿيو مقتل ۾، مارو سو به سو ،

اُت مُنادي موت جي ٿي ڪُو به ڪُو،

رُڪ جي بادل مينهن ٿي برسايو لوهُو،

ٿيا ڳڙن جيئن تير، ۽ وڄُ جيئن ترار،

شاهه ٿي نت شڪر ڪيا بر ڪرد گار.

هيءُ وقت سنڌي ادب لاءِ ٽي بهاري ثابت ٿيو. منجهس چڱا چڱا شاعر پيدا ٿيا، جن موزون شعر چيا. فرمانروا مير خود اديب ۽ با ڪمال شاعر هئا، تنهنڪري شاعرن ۽ اديبن جو وٽن ڪافي قدر هو، انهيءَ ڪري گهڻائي شاعر پيدا ٿيا.

موزون شعرن ۾ مڪمل ديوان لکڻ جو شرف خليفي گل محمد هالائيءَ کي نصيب ٿيو.[1] خليفو گل محمد 1226هه ۾ ڄائو هو. هن صاحب علم عروض جي مکيه بحرن تي سنڌيءَ ۾ گهڻائي غزل چيا آهن. هن منزل تي سنڌي شعر ۾ غزلن، ڪافين ۽ قصيدن جو واڌارو ٿيو. خليفي صاحب پنهنجي ڪلامن ۾ گهڻو ڪري نج سنڌي ڪم آندي آهي. سندس غزلن مان هڪ نموني طور هت ڏجي ٿو:

خوب ناهي پوک کي پاڙان پٽڻ،

ڦر ڪچو ڀترن ۽ ٺڪرن سان سٽڻ.

جوار مُٺ تي ڪني اُڀري شروع،

ڪيڪ کي ڪتي اندر گهرجي ڇٽڻ،

جت ٻُڙو هڪڙو زياده ٿو جُڙي،

سُٽ نيئي پنهنجو اُتي گهرجي مٽڻ.

جي پوي ڀرجي ڪُپو گيهه تيل سان،

سرت سان گهرجي سگهو اُن کي ڏٽَڻ،

ناهي سڀ سودي ۾ کٽيو ۽ ڇيهو،

ڪٿ آهي هارڻ ڪٿي آهي کٽڻ،

راند ۾ ڇوڪر ابا هوشيار ٿي،

هي مڙسي کينهون ڏوران ئي جهٽڻ،

سامهون صف جُنگ مڙسن جي گهڙي،

پوءِ نه لازم ”گُل“ وري پٺتي هٽڻ.

انهيءَ کان پوءِ واري زماني ۾، آخوند محمد قاسم ولد نعمت الله پراڻن هالن وارو وڏو شاعر به موجود هو. سندس ”ديوان قاسم“ پڻ موجود آهي. سندس سال ولادت 1234هه ۽ سال وفات 1309هه معلوم ٿئي ٿو. آخوند صاحب حيدرآباد ۾ گهڻو وقت رهيو. اُتي درس و تدريس جو ڪم ڪندو هو. سندس مڪتب ۾ هندو خواهه مسلمان گڏ پڙهندا هئا. ”ديوان قاسم“ مان هڪڙو غزل هيٺ ڏجي ٿو:

نه يڪدم دور ٿي دل کان ڏنل دلدار جو اخلاص

هنئين آهيم هر هر هن هنئين جي هار جو اخلاص

رکي پڪ پرت پائڻ جو، اسان سان لاڳ لائڻ جو

سدا موهي ڇڏي مون کي مٺل منٺار جو اخلاص

مدامي من اندر محڪم هجي جي جان ۾ هر دم

مٺي محبوب مشفق جي سندي جنسار جو اخلاص

رکي بلبل برهه ڀيرو، ٻڌي جيئن ساڻ گل گهيرو

اندر ۾ آهه عاشق جي پريان جي پار جو اخلاص

رکي جڙ جان ۾ جنهنجي ڪري ”قاسم “ طلب تنهنجي

رهيم منجهه روح اسدالله عظمت دار جو اخلاص.



هن دور ۾ موزون شعر جو رواج ڦوهه جوانيءَ کي وڃي پهتو ۽ ڏوهيڙن جي پيري ٿي. وقت اهڙو اچي بيٺو، جو ڏوهيڙن چوندڙن کي شاعر ۽ ڏوهيڙن کي شعر چوڻ کان به ماڻهن نفرت پئي ڪئي.

آخوند محمد قاسم کان گڏ سيد فاضل شاهه رهندو هو، جو پڻ چڱو شاعر هو.[2] سندس ”ديوان فاضل“ مشهور آهي. فاضل شاهه پنهنجي شعرن ۾ ڪوشش ڪري ٺيٺ سنڌي ڪم آندي آهي، جا ڏاڍي وڻندڙ آهي. نموني لاءِ سندس هڪڙو غزل هيٺ ڏجي ٿو؛

منجهه اندر ئي آڳ اٽي ٻهر نڪري ڪين ٻاڦ،

جوش ۾ ٿي جان ڦاٽي، ٻهر نڪري ڪين ٻاڦ،

درد ۾ دل درد مندن جي جلي منجهه جوش جند،

ڄر وڌي ڄيري ڄراٽي، ٻهر نڪري ڪين ٻاڦ.

هانو هڏ چم آ ڱرا سڀ سجهايا مغز ماهه،

عشق جي آتش اُساٽي، ٻهر نڪري ڪين ٻاڦ.

دمبدم غم ۽ الم جي ساهه تي هر صبح شام،

باهه ٻڙڪن کي ٻُساٽي، ٻهر نڪري ڪين ٻاڦ.

فڪر ”فاضل شاهه “ اندر ٿا اُڀامن آڳ گهاو

ڌڙ ڌريائون قلب ڪاٽي، ٻهر نڪري ڪين ٻاڦ

سيد فاضل شاهه هڪ غزل ۾ عجيب صنعت ڪم آندي آهي، جنهن کي ”مهمله“ چوندا آهن، يعني جيڪي لفظ ۽ اکر غزل ۾ ڪم آندا اٿس سي سڀ، سواءِ پنهنجي نالي جي، نقطن کان سواءِ آهن. عام واقفيت لاءِ اهو غزل يا مهمله هيٺ ڏجي ٿو:

دلاور دلارام دلدار لاءِ

سدا سڪ، م رسُ، راس رههُ ، رسُ رساءِ

مڪر حرص هورا، مهوس م هو،

طمع رک م طامع گدا گهر گساءِ،

سکر سال سالڪ همه حال رهه،

اکر علم وارو عمل ڪر، الاءِ

گدا سر سدا ڪر ڪرم گار،

سگهو واءُ ڪو وصل وارو وراءِ

مڪمل اهو مهملو ڪهه ڪلام،

اکر مهملا هر طرح لک، هلاءِ

اها رسم ”فاضل“ محال آهه مام،

حسد ڪار حاسد هوس هاءِ هاءِ

پوءِ ته گهڻائي شاعر پيدا ٿيا، جن موزون شعرن جون پلٽون پلٽيون، جيئن ته مير عبدالحسين ”سانگي“، جنهن جو ”ديوان سانگي“ موجود آهي.[3] ديوان ليلارام وطن مل جو ”ديوان خاڪي“، ۽ حافظ حامد جو ”ارمغان حامد“ وغيره.

سنڌي شعر جي تاريخ ۽ سنڌي شعر جي ٻولي اسان ڏسي ورتي. معلوم ٿو ٿئي ته جيئن جيئن وقت ويو آهي گذرندو، تيئن تيئن سنڌي شعر ۽ سندس ٻوليءَ ۾ ويو آهي ڦيرو پوندو. ڏوهيڙن واري زماني ۾ جا ٻولي اسحاق آهنگر، قاضي قاضن ۽ شاهه عبدالڪريم ڪم آندي آهي، تنهن کان ٿورو ڦريل وري مخدوم ضياءُ الدين، مخدوم عبدالله ۽ مخدوم محمد هاشم ڪم آندي آهي.

شاهه عنايت قادري، شاهه عبداللطيف ۾ شاهه عنايت الله رضوي ۽ مخدوم محمد زمان لواري واري، وري به ڪي قدر ڇنڊيل ڇاڻيل ٻولي ڪم آندي آهي. باقي ٽي منزل تي منزل تي جن شاعرن علم عروض جي قانون اندر شعر چيا آهن، تن جي ٻولي اڃا به نرالي آهي. تنهن مان گمان ٿو آڻجي ته سنڌي ٻولي به گهڻيون ئي منزلون طئي ڪري اچي هن منزل تي پهتي آهي. انهن منزلن اندر سندس گهڻيون ئي صورتون بدليل ٿيون ڀانئجن. اهڙي مونجهاري کي پري ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ لکي وڃي.[4]

سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ

سنڌي ٻوليءَ جي معنى آهي اها ٻولي جا سنڌ ملڪ ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. سنڌ لفظ سنسڪرتي آهي، جنهن جون ٽي معنائون آهن: (1) سمنڊ، (2) سنڌو ندي (3) سنڌ ملڪ، جتان اها ندي وهي ٿي، اسين پنهنجي مطلب لاءِ پوئين معنى وڌيڪ موزون، معتبر سمجهون ٿا.[5]

بنياد:

سنڌي ٻولي جو اصل بنياد سنسڪرٽ ٻولي مان آهي، جيتوڻيڪ هاڻوڪو لباس عربي ۽ پارسي جو اٿس ۽ زيب زينت انگريزي، بلوچي ۽ ٻين ٻولين جو اٿس.
سڄي دنيا جون ٻوليون ٽن مکيه ٻولين مان نڪتيون آهن: (1) توراني، (2) شامي، (3) آريه، انهن ٻولين مان وري هيٺيون ٻوليون ڄايون آهن:-

توراني: تامل، تلنگي، ملايم، سياسي، برمي، چيني، جپاني، ترڪي، ٿٻيٽي، هنگاري ۽ ڏکڻ آفريڪا جون ٻوليون.
شامي: عراقي، عبراني (جنهن ۾ توريت لکيل آهي)، عربي، ايراني ۽ ڏکڻ الهندي ايشيا جون ٻوليون
آريه: سنسڪرت، زند، يوناني، سلواني، ڏوڏني، لئٽن، ڪيلٽڪ وغيره.

(1) سنسڪرت مان وري هيٺيون ٻوليون نڪتيون آهن: پراڪرت، شئورسيني، ماگدي ۽ پئشاجي. انهن مان وري هيٺ ڄاڻايل ٻوليون نڪتيون:

پالي، مهاراشٽري، گجراتي، هندي، سنڌي، پنجابي، مارواڙي، بنگالي ۽ ٻيون اتر هندستان واريون چالو ٻوليون.

(2) زند ٻولي مان پارسي، پهلوي، پشتو ۽ روسي ٻوليون نڪتيون آهن.

(3) لئٽن ٻولي مان فرينچ، پورچو گيز، اٽالين، اسپارش ۽ رومن ٻوليون نڪتيون آهن.

(4) ٽوٽاني ٻولي مان جرمن، ڊچ، ساڪسن ۽ انگريزي ٻوليون نڪتيون آهن.

مٿئين بيان مان ظاهر ٿيو ته هندو، پارسي، ايراني، افغاني، روسي، يوناني، جرمني، ڊچ ۽ انگريز سڀ هڪ ڪٽنب مان آهن ۽ انهن جون ٻوليون گهڻو ڪري گهرو لفظن ۾ هڪ جهڙيون آهن. هيٺ ڏيکاريل يادداشت آريه ٻولين جي هڪ جهڙائي ڄاڻائي ٿي:

سنسڪرت سنڌي پارسي يوناني لئٽن انگريزي

پتر پيءُ پدر پئٽر پئٽر فادر
ماتر ماتا مادر مئٽر مئٽر مادر (مدر)
ڀراتا ڀاءُ برادر فرئٽريا فرئٽر بردر
دهتر ڌيءُ دختر ٽڳيٽر – ڊاٽر
شو سرو سهرو خسره هيڪيوارس سرسر –

مٿئين بيان مان معلوم ٿيو ته سنڌي ٻولي سنسڪرت مان ڄائي آهي.[6] هاڻي هن جو هيٺ ذڪر ڪبو ته ڪيئن سنسڪرت ٻولي ڦيرا گهيرا کائي سنڌي ٻولي جي منزل تي پهتي آهي.

سنسڪرت لفظ جي اصلي معنى آهي، ڪامل يا صاف ٿيل. سنسڪرت جا 3 درجا آهن. (1) قديم، (2) وچولو، (3) آخرين. سنسڪرت اها ٻولي آهي، جنهن کي هن وقت زنده ٻولي چئي نٿو سگهجي.[7] ان ۾ هندن جا ويد، پران، سمرٿيون ۽ تاريخون لکيل آهن.

اڄ ڏينهن تائين هندو ماڻهو پنهنجي پوڄا پاٺ ۽ ڪريا ڪرم ۾ اها ٻولي ڪم آڻيندا آهن. ودوان ۽ پنڊت به انهي ٻولي ۾ گيان گوشٽ ڪندا آهن، مگر اڄڪلهه اها ٻولي ڪٿي به ڳالهائڻ ۾ نٿي اچي، تنهن ڪري مرده ٻولي سمجهي وڃي ٿي. ڪو وقت هو جو اها ٻولي آرين جي عام رواجي ٻولي هئي، پر انهي ڳالهه کي هزارين ورهيه ٿيا. رواجي ماڻهن جي وات ۾ اصلوڪي سنسڪرت رفته رفته بگڙڻ لڳي ۽ اصلوڪي حالات بدلائي، ٻئي درجي تي آئي، جنهن کي وچولي سنسڪرت چئجي ٿو، انهي منزل تي پهچڻ کان پوءِ به منجهس ڦير ڦار ٿيڻ لڳي ۽ نيٺ آخر بن منزل تي اچي پهتي، جنهن کي ”پراشڪ سنسڪرت“ ڪري چوندا آهن.

اول درجي واري سنسڪرت ۾ رگ ويد، يجرويد، سام ويد ۽ اثر ويد جو ٿورو حصو لکيل آهي. وچولي درجي ۾ باقي ويدن جو ڀاڱو ۽ آخرين درجي ۾ رامائڻ، مهاڀارت، سمرٿيون ۽ ڪاليداس جا ناٽڪ لکيل آهن، انهي بعد لکڻ جي ٻولي ۽ ڳالهائڻ جي ٻولي ۾ ايڏو انقلاب آيو جو لکڻ جي ٻولي ۽ ڳالهائڻ جي ٻولي ۾ وڏو فرق پئجي ويو. عام ڳالهائڻ واري محاوري کي عامي يا رواجي ٻولي سڏيو ويو. سڀ کان جهوني سنسڪرت (پراڪرت) کي پالي ٿا ڪوٺين. اها ٻولي مهاراجه اشوڪ جا حڪم، جي هن پٿرن، جبلن ۽ ٿنڀن تي اڪرائي ڇڏيا هئا. سي به پالي ٻولي ۾ آهن. هي ٻولي ٻڌ ڌرم وارن جي مقدس ٻولي آهي. انهيءَ ۾ ٻڌ ڌرم وارن جا ڪيترا ڪتاب لکيل آهن.

پالي ۽ سنسڪرت ۾ گهڻو تفاوت ڪونهي. پاليءَ جا اڌ کان به وڌيڪ اکر هوبهو سنسڪرت جهڙا آهن، باقي اڌ ۾ ٿوري ڦير ڦار آهي. ٿوري ڦير ڦار کانسواءِ گرامر به ٻنهين جو ساڳيو آهي، جيئن وقت ويو گذرندو تيئن پراڪرت ٻولي وئي وڌيڪ بگڙندي ۽ اها هيٺين پنجن ڀاڱن ۾ ورهائجي وئي:-

ماراشٽري، شئورسيني، ماگدي، پئشا جي ۽ اپڀرنش، مهاراشٽري مرهٽن جي ملڪ ۾ ڳالهائڻ ۾ آئي، جنهن مان ڪوڪني ٻولي به نڪتي آهي.

شورسيني مٿرا جي آسپاس ڳالهائڻ ۾ آئي، جنهن مان پڇمي هندي، برج ڀاشا (جنهن ۾ سورداس جي وائي لکيل آهي)، ڪشميري ۽ پنجابي ٻوليون نڪتيون.

ماگدي مگديا بهار ۾ ڳالهائڻ ۾ آئي، جنهن مان بنگ ڀاشا يا بنگالي، آسامي، اُڙيا (اوڙيسا)، مئٿلي، ڀوڄپوري ۽ ناگپوري ٻوليون نڪتيون.

پئشاجي ٻولي پشپا لوڪن جي ٻولي هئي، انهن جي ذات پٺيان اهو نالو پيس، جا اڀرندي وارن علائقن ۾ ڳالهائڻ ۾ ايندي آهي، باقي اپڀرنش الهندي وارن علائقن ۾ ڳالهائڻ ۾ ايندي آهي.

انهن پنجن پراڪت ٻولين مان ماراشٽري کي سڀني کان مٿي پاڪ ڪري لکيو اٿن جين ڌرم وارن جا ڌرمي ڪتاب انهي ٻولي ۾ لکيل آهن.

اپڀرنش کي سڀني کان هيٺ لکيو اٿن. اپڀرنش جي لفظي معنى آهي، کريل، ڇو ته منجهس تمام گهڻو بگاڙو ٿي ويو آهي. اپڀرنش جا وري 2 قسم آهن: هڪڙو ٻئي کان جان تان ڪي وڌيڪ معتبر آهي. ان کي ناگر اپڀرنش ڪري ٿا چون، انهي ٻولي مان هاڻوڪي گجراتي ٻولي ٺهي آهي. ٻيو قسم جو انهي کان به وڌيڪ بگڙيل آهي، تنهن کي وراچڊ اپڀرنش يعني ردي اپڀرنش ڪري ٿا چون، جا بدلجي سنڌي ٻولي ٿي پيئي آهي.[8]
جنهن وقت سنسڪرت ٻولي ڦيرا گهيرا کائي سنڌي ٻولي ٿي، تنهن وقت جي پوري خبر ڪانه ٿي پوي ۽ نه اها ئي پروڙ پئجي سگهي آهي ته اها ٻولي ڪهڙي هئي ۽ ڪهڙي نموني ڳالهائي ويندي هئي. ايتري سڌ پئجي سگهي آهي ته عربن کان اڳ راءِ گهراڻي ۽ برهمڻ گهراڻي جي دور حڪومت ۾ پراڪرت يا پالي ٻولي ڳالهائي ويندي هئي. عربن جي دور حڪومت ۾ وراچڊ اپڀرنش چالو هئي. قياس ائين چوي ٿو ته ڇنڊ جي ڇاڻجي سنڌي ٻولي سومرن جي وقت ۾ اچي ظاهر ٿي آهي. عربن جي پڇاڙي وقت ۾ به دادرڪ، سنڌي ۽ سرائيڪي جو ميلاپ ڳالهايو ويندو هو.

عربن جي وارد ٿيڻ بعد سرڪاري ٻولي عربي ٿي، تنهن ڪري سنڌ جي اصلوڪن رهاڪن به پاڻ کي حڪومت وٽ سرخرو ۽ ڪارائتو بنائڻ لاءِ عربي جو ڳوڙهو اڀياس ڪيو ۽ انهي ۾ چڱي ڪاميابي حاصل ٿين. اهڙي طرح عربن ۽ سنڌين جي علم دوستي ڪري سنڌي زبان تي به عربي جو اثر پئجي ويو. ڪيترا عربي ٻولي جا لفظ هوبهو يا ڪجهه صورت بدلائي، سنڌي ٻولي ۾ گڏجي ويا. جيڪي لفظ ڪجهه مٽا سٽا سان داخل ٿيا آهن، تن مان ڪي نموني لاءِ هيٺ ڏجن ٿا:

عربي سنڌي

تعويذ تائٿ

فوم ٿوم

بصل بصر

حاذق هاتڪ

ثغر سڳر

اهڙي طرح ڪيترائي لفظ سنڌي ۾ دخل ڏئي ويا، جي پنهنجي اصلوڪي صورت ۾ قائم رهيا.[1] مثلاً

وقت، دعا، عجب، صبح، شراب، قلم، موت، حيات، مشق، ڪتاب وغيره.

عربن جي زور ٽٽڻ بعد ۽ غزنوي جي سنڌ ۾ دخل ڏيڻ بعد پارسي زبان زور ورتو. سمن جي دور حڪومت ته پارسي چوٽ وڃي چڙهي.

اهو سمورو وقت ويندي ڪلهوڙن جي حڪومت تائين به ماڻهو پارسي سکڻ جا شائقين ٿي رهيا. ٽالپرن جي وقت ۾ پارسي زور هئي. ٽالپر خود لکپڙهه پارسي ۾ ڪندا هئا. سندن حڪومت ۾ پارسي جا مڪتب زياده هئا، انهي ڪري پارسي ٻولي به سنڌي ٻولي تي گهڻو اثر وڌو ۽ ڪيترائي لفظ پارسي زبان جا سنڌي زبان ۾ جاءِ وٺي ويا. مثلاً زمين، آسمان، زبردست، بالادست، دستاويز، عملدار، دريافت، خواهه مخواهه، مختيارڪار وغيره. اهڙي طرح پورچو گيزن جڏهن هندستان ۾ بيٺڪون وڌيون. تڏهن واپاري ميل جول ڪري سندن ٻولي جا ڪيترائي لفظ، جي اول هندستان جي ٻين ٻولين ۾ داخل ٿيا، سي پوءِ آهستي آهستي سنڌي ٻولي ۾ به داخل ٿيندا ويا. مثلاً:

پورچوگيز سنڌي

فالٽو فالٽو

ڦٺا ڦيٽ

پگا پگهار

ٽرنڪو ترنگ

لئيلام ليلام

سنڌ جي بندرن تان ٻيڙين رستي ملبار سان واپار هلندڙ هو، انهي ڪري ڪيترا لفظ ملباري ٻولي جا به سنڌي ٻولي ۾ پئجي ويا. مثلاً: ايلاچي، ڪوتمير، اٽي ڏڪر. اهڙي طرح افغانستان سان قافلي رستي واپار ڪرڻ ڪري ڪيترائي پشتو جا لفظ آيا، جيئن ته ڍوڍو، ڌاڙو، گيدي، گهل، ڍال وغيره اهڙي طرح بلوچستان مان وڳ، اٽالو، ڄانگهو، گهيٽو، ليڙو، ڏوم وغيره لفظ آيا. بلوچي ۽ پشتو جي اثر ڪري ڪيترا ترڪي ٻولي جا لفظ به رڙهي اچي پهتا، جيئن ته: اوطاق، چقمق، چاق، قينچي (ڪئنچي، تڪمون، چلمچي، بورچي، ايلچي وغيره).

سرائڪي ٻولي اڃا به سنڌ کي ويجهو ڳالهائڻ ۾ ايندي هئي، تنهن مان به ڪيترائي لفظ اچي داخل ٿيا، جيئن ته ڏهيڙو، ڏون، ڀرائي، ڪنا وغيره جڏهن انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو، تڏهن سندن ٻولي جا ڪيترائي لفظ بگڙيل صورت ۾ سنڌي ٻولي ۾ استعمال ٿيڻ لڳا. هاڻي ته پاڻ وڌيڪ استعمال ٿيندا وڃن ٿا، جيئن ته

انگريزي سنڌي

سٽيشن ٽيشن

سيٽل سٽل

ٽڪيٽ ٽڪس

شاپ ڇاپ

سڪور ڪوڙي

ٽائيم ٽيم

ڪيترا لفظ ته عربي ۽ پارسي لفظن وانگر پنهنجي صحيح صورتخطي ۾ سنڌي ۾ پئجي ويا آهن جي لکڻ ۽ ڳالهائڻ ۾ اچن ٿا، جيئن ته روڊ، بوٽ، گلاس، بيگ، ڊريس، ليٽ ۽ ڪي ٻيا.

مٿئين بيان مان ظاهر ٿيو ته موجوده سنڌي ٻولي جي تاڃي سنسڪرت مان ٺهيل آهي ۽ سندس پيٽو عربي، پارسي، ترڪي پورچو گيزي انگريزي، سرائڪي، بلوچي ۽ پشتو جي رنگين پٽن مان ٺهيل آهي.

جيئن سنڌي شعر اهڙو آڳاٽو نه آهي، تيئن سنڌي نثر به اهڙو جهونو ناهي. سنڌي نثر سنڌي شعر کان عمر ۾ ننڍو آهي. 1299هه (1852ع) ڌاري جڏهن سنڌي شعر جي نموني ۾ گهڻو ڦيرو اچي ويو، تڏهن سنڌي نثر جي صورت ۾ انقلاب آيو. سر بارٽل فريئر سنڌ جي ڪمشنر پارسي بجاءِ سنڌي ٻولي کي سرڪاري دفتر ۾ قبوليو، تنهن ڪري ان کي اڄ جي نموني موجب سڌاريو. عربي، پارسي ۽ سنسڪرت مان حرف مان وٺي 51 اکرن جي الف – ب ٺاهي وئي. انهن جي ورهاست هن ريت آهي: عربي جا 28 حرف، پارسي جا 4 حرف (پ، ڄ، ڙ ۽ گ) ۽ 19 حرف سنسڪرت جا، ڪل ٿيا، 51 اکر، اهڙي ريت الف بي مڪمل ڪري حرفن ۽ لفظن جي پختائي رکي. صورتخطي سڌاري، اڄ جي نموني تي بيهاري وئي.

اڄڪلهه جيڪا سنڌي ڳالهائڻ ۽ لکڻ ۾ اچي ٿي، سا اديبانه دور مان لنگهيل آهي، تنهن هوندي به لاڙي سنڌي گهڻي ڀاڱي داردڪ ٻولي جي اثر هيٺ آهي ۽ سري جي ٻولي سرائڪي ٻولي جي ملاوت سان ظاهر آهي. ٻاقي وچولي وارو ڀاڱو ٻنهين اثرن کان آجو ڏسجي ٿو.

هيءُ امر مڃڻ جي قابل آهي ته سڀ کان اول سنڌي ٻولي لاڙ ۾ ڳالهائڻ ۽ لکڻ ۾ آئي، تنهن ڪري اصلوڪي سنڌي جيڪڏهن ڳولڻي هجي ته لاڙ ۾ ئي وڃي ڳولجي. مون کي جيڪي پنهنجي سير مان آزمودو ٿيو آهي، تنهن موجب سمجهان ٿو ته اڄ اها اصلي ڳوٺاڻي سنڌي جيڪڏهن رهي کهي ڪنهن وٽ آهي ته اها آهي دريائي ماڻهن يا ميربحرن وٽ. ڪراچي کڏي تي، ٺٽي تعلقي ۾ ڪينجهر پاسي ۽ ڪوٽڙي جي آسپاس جيڪي ميربحر رهن ٿا، انهن جي سنڌي اصلوڪي سنڌي جي گهڻي پوءِ آهي. حالانڪه اڄڪلهه آهي به رنگين سنڌي ڳالهائين ٿا. تنهن هوندي به هنن وٽ گهڻا آڳاٽي سنڌي جا لفظ آهن. جو هو گهرن ۾ ڳالهائين ٿا، جن جي سمجهڻ کان عام طرح شهري ماڻهو قاصر آهن، اڃا به لاڙ جي ڳوٺن ۾ جا ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي، سا تمام مٺي ۽ لذيذ آهي. لاڙي ماڻهن سان گفتگو ڪندي ائين وسهجي ٿو ته سنڌي کي وڏو لٽريچر آهي. آئون هتي لاڙ جي ماڻهن جي ٻن ڪچهرين جو ذڪر ڪندس.

جن مان سندن رهائش، گذران ۽ رسمن جو پورو پتو پئجي ويندو. اها به خبر پوندي ته هو پنهنجي گهرن ۾ ڪهڙي ۾ ٻولي ڳالهائين ٿا.[2]


____________________

[1] قاضي قاضن جا ڪل 7 بيت آهن، جن عالمن سميت سنواري لکيا آهن. گرامي.

[2] اصل ۾ شاهه ڪريم کان پوءِ شاهه لطف الله قادري آهي، جنهن بيت کي وسعت بخشي (سن 1020-1090هه) جنهن جا بيت ٻن سٽن کان وڌيڪ آهن-گرامي

[3] هيءُ بيت شاهه شهيد جا ڪري پيش ڪيا وڃن ٿا، مگر انهن جو ڪو علمي ۽ مستند ماخذ معلوم ٿي نه سگهيو آهي. فقط سڀ عالم، ديوان خوشيرام جي ننڍڙي ڪتابچي ”صوفيانه ڪلام“ مان اهي بيت نقل ڪندا آيا آهن خود ديوان صاحب ڪو به محققانه حوالو نه ڏنو آهي. ٻيو ته فقط عنايت لکيو اٿس، جنهن مان ڪا به صفائي ٿي نٿي سگهي.

[4] اصل ۾ ”عنات“ ۽ ”عنايت“ جي نالي ۾ ٻه ٽي نالا اچن ٿا. هڪ شاهه عنايت رضوي نصرپوري، جنهن جو شاهه لطيف همعصر هو، ٻيو شاهه شهيد، ٽيون فقير عنايت، جو لطيف جو مريد هو. بيتن جي انتخاب ڪندي ڪيترن عالمن انهن ٽنهي بزرگن جو ڪلام خلط ملط ڪيو ٿو ڏسجي-گرامي

(1) [5] ان سلسلي ۾ شاهه ڪريم کان پوءِ شاهه لطف الله قادري آهي، جنهن جو ڪلام جناب ڊاڪٽر بلوچ صاحب مرتب ڪري شايع ڪيو آهي-گرامي.

[6] (1) آبيات سنڌي، نالي ڪتاب علامه دائود پوٽي جو ڇپيل آهي. جنهن ۾ مخدوم محمد زمان لواريءَ واري جا بيت، شرح ۽ معنى سان ڏنل آهن- گرامي.

[7] (2) چيو وڃي ٿو ته لطيف جي ساڻس وڏيءَ عمر ۾ رهاڻ ٿي. سندس ئي اشاري تي لطيف مارئيءَ جا بيت ڏيڻ شروع ڪيا ۽ لطيف جي مشوري تي شاهه عنايت سسئي جا بيت ڏيڻ شروع ڪيا. حالانڪه شاهه عنايت وڏيءَ عمر جو، پخته ڪلام شاعر هو، ۽ لطيف نوجوان هو. سمجهڻ ۾ ائين اچي ٿو ته اهو قياس صحيح نه آهي-گرامي.

(1) [8] شاه عنايت رضوي نصرپوري جو ڪلام جناب ڊاڪٽر بلوچ مرتب ڪيو آهي ۽ سنڌي ادبي بورڊ، ڇپايو آهي- گرامي.

[9] لطيف کان اڳ ان قسم جو ڪلام شاه لطف الله قادري جو آهي. جنهن جو ڪلام تازو ڊاڪٽر بلوچ صاحب مرتب ڪري ڇپايو آهي-گرامي.

[10] ڪن محققن ان کي ملا سرفراز جي تاليف قرار ڏنو آهي. ٻيو ته ميان سرفراز جو فقط فارسي ڪلام موجود آهي. (گرامي)


[1] عروض تي غزل سڀ کان اول سچل سرمست چيا آهن، باقي پهريون مرتب ”ديوان گل“ چيو وڃي ٿو. (گرامي).

[2] فاضل شاهه ”فاضل“ جا هم عصر ۽ صاحب ديوان ٻيا به گهڻا آهن، جي ادبي تاريخ ۾ ڏسڻ گهرجن ”فاضل“ قادر الڪلام استاد شاعر هو. (گرامي)
[3] ان ئي دور ۾ سانگيءَ جو استاد غلام محمد شاهه ”گدا“ و مرتضائي ٺٽوي استاد شاعر موجود هئا، جن کان پوءِ قليچ جو دور شروع ٿئي ٿو. (گرامي)
[4] هن سلسلي ۾ قاضي قاضن ۽ شاهه ڪريم کان پوءِ شاهه لطف الله قادري مشهور شاعر آهي، جنهن کان پوءِ لطيف، شاهه عنايت رضوي نصرپوري ۽ مخدوم محمد زمان لواري وارا ۽ مخدوم عبدالرحيم گروهڙي بيت ۾ فني ۽ معنوي حسن ۽ دلڪشي پيدا ڪري چڪا آهن. شاهه لطف الله قادريءَ جو ڪلام، جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جو ايڊٽ ڪيل 1968ع ۾، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ يالاجي جي پاران ڇپيو آهي. (گرامي).
[5] نئين تحقيق موجب سنڌي ٻولي جي قدامت جو مسئلو اهو نه رهيو آهي، جو گريئرسن ۽ چنٽر جي پارن عالمن بيان ڪيو هو. سنسڪرت سان سنڌي ٻولي جو ڪهڙو تعلق آهي، ان متعلق جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو ڪتاب ”سنڌي ٻولي جي مختصر تاريخ“ جو مطالعو ڪرڻ تمام ضروري آهي. _ گرامي.
[6] ڪن محققن جو چوڻ آهي ته سنڌي ۽ سنسڪرت جي وچ ۾ اچارن، معنائن، لغت ۽ گرامر تي خيال کان وڏو فرق آهي ۽ سنڌي وڌيڪ جهوني ٻولي آهي – گرامي
[7] ملڪ جي ورهاڱي کانپوءِ، ڀارت ۾ سنسڪرت زنده ٿي آهي. هندو يونيورسٽي (بنارس) ۾ باقاعده پڙهائي وڃي ٿي. (گرامي.
[8] لسانيات جي علمن جو ان مسئلي ۾ اختلاف آهي. چئٽرجي سنڌي ٻولي کي اوائلي سڌريل ۽ سريلي ٿو ڪوٺي – گرامي.
[1] سنڌي تان عربي ۾ آيل لفظن ۾ ٿوم، بصر، ڪافور، زنجيل (سفيد) مشڪ (مسڪ) شمار ڪيا وڃن ٿا- گرامي.

[2] سنڌي ٻولي جي بُڻ بنياد، تاريخ، ارتقا، سٽاءَ ۽ ڦهلاءَ لاءِ جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سراج الحق ميمڻ، علي نواز جتوئي ۽ ڀيرو مل مهر چند جا ڪتاب سنڌي ٻولي جي تاريخ تي پڙهڻ گهرجن. ان طرح صورتخطي ۽ رسم الخط متعلق مسٽر غلام علي الانا جا ڪتاب پڙهڻ گهرجن، ان سلسلي ۾ رساله مهراڻ ۾ آيل لسانيات تي مقالا پڻ پڙهڻ جهڙا آهن، جي مختلف سنڌي عالمن جا لکيل آهن. گرامي.

لاڙ جي هڪ رات

ڪنهن به ملڪ جو سير تيسين سجايو ڪيئن ٿيندو، جيسين اتان جي ماڻهن سان پورو لهه وچڙ ۾ نه اچبو. مون کي ته انهي ڳالهه تي پورو ويساهه آهي ته هر هڪ ملڪ جو علم ۽ ادب، تهذيب ۽ تمدن، حسن ۽ اخلاق جيترو ٻهراڙي ۾ سٿيل آهي، اوترو شهرن ۾ ناهي. وڏو شهر، وڏي ويراني، تنهن ڪري جي ڪو آدمي کوجنا لاءِ ڪٿي وڃي ته اهو وڃي پکيرن جي پناري پوي. اتان جيڪي هڪ رات ۾ هٿ ڪري سگهندو سو شهرن مان سال ڀر رهڻ سان به ڪين وٽيندو.
آئون پنهنجي عقيدي موجب لاڙ جون ليون لتاڙيندي، جهنگ جهر جاڳندي ڪهي وڃي ڪينجهر ڪنڌي پهتس. پريان سونڊن جو شهر به سڏ پنڌ هو، هيڏانهن هيلايا به هڪيا منهن ۾ هئا پر چيم ته جنهن سانگي سان سفر سنڀوڙو آهيان، اهو سانگ شهرن مان سرجي ڪين سگهندو، تنهن ڪري پري وڃان پکيرن جي پار. ڪچهري جا ڪوڏيا ۽ رس ڀري رهاڻ ڪرڻ وارا راڻا ضرور لَيُن ۽ لاڻن جي اوٽ ۾ هوندا. ائين اوريندي ٺِڪِي ويس هڪ ٺٺ ۾. وڏيرڙي وانڍ ۽ ويڙهه هئي. منجس ڏهه پندرنهن پرهياڙو هئا. مون کي هڪ ڇني ۾ ڇتر وجهي ڏنائون. خير جو سج لٿو. مال سهڙيا، هاري ناري ڍور ڍڳا ٻڌي ڀاڻين ڀريا. ٽُڪَرُ ٽانبو کائي، حقو سر ڪري سرندا آيا. ٻه ٺپي خبر چار وٺي ڏيئي ويهي رهياسون. جهڙو وکر تهڙو هوڪو. ڪي پوک جي پچار ۾، ڪن کي مال جو مامرو. مطلب ته هر ڪو پنهنجن ۾ ئي پوتو پيو هو. ڪچهري ۾ ڳالهين ڳالهين پٺيان ڳالهيون ڪندي هر ڪنهن جو منجهه کليو پوي. ڳوٺ وڏيرو مڙيو ئي سارو کو ۽ سرتيو ٿي ڏٺو.
ڪچهري اڃا مس رس ورتو ته هڪ پير مرد ٻاهران اچي سلام ڀريو. هڪڙو ڪچهري سان اٿي اڳتي ويو. کيڪار ڀليڪار ڪري ڪوٺي آيس ڪچهري ۾. دستوري خبر چار پڇي، وڏيري چيس ته ادا هاڻي ڪي سنهيون ٿلهيون سل. اويري اچڻ جو حال ڏي. ويچارو پير مرد، پنڌ جو ڳهيل، منزل جو ماريل، ڪشالي جو ڪڍيل ٿڌو ساهه ڀري چوڻ لڳو ته : ”وڏيرا خبرون مڙيو ئي خير، ذات جو جڳهيو، ويٺل اصل بٺورو ، هاڻي ڪينجهر جي پراڙين ڪپ، ستين پيڙهين ڀاڳيو آهيان. مُند ماٺي ڏسي، ڍورن جي سانگ تي وطن ڇڏي، جهڳو پٽي اچي هت رهيس. ڌڻي سائين سڀڪي ڏنو آهيم. اولادي مرادي، پٽن جو پيءُ وڳر وارو آهيان. ڪڻم بک ڪانهي. پر گهران گهرڻ کان اڃا بتل آهيان پر ههڙا جي واءَ لڳا ته پوءِ اهي سهلون به پري ڪين آهن، جو پرويسڪا ٿي، ڌاريان در ڏسندا سون ۽ اڄ جيئن ڪمهلو پراين چُلهين تي دونهان جهپينداسون“. بس ائين چئي اچي روئڻ ۾ ڇٽڪيو. وڏيري ۽ ٻين ويٺلن هنياري ڏئي ماٺاريوس. ٿورو رکي، ڏک پي، هنجون اگهي چيائين ته:
سائين پٽ ته سپوٽ، ڪپوٽ مان ڪڄڙو جڙي؟، سڪيلڌو آهيم هڪڙو، پر آنڊا به ڄري ڇڏئين. جيڏانهن ڪيڏانهن گلا ڏوراپا ۽ پڇا، ڪنهن پنهنجي يا پرائي پار منهن ڪڍي ڪين ٿو سگهان هٿ اٿرو ٿي پيو آهي. مڃڻ جو ئي ڪينهي. وڏي جو چوئڻ ته ڄڻ ڪان ٿي ٿو لڳيس. ادا آئون ڪڄا چوان، پنهنجي جي هلڪائي ڪرڻ آهي پير مان لاهي منهن ۾ هڻڻ. مو ن کي به ڏور پٽين ڪنا ڄري ڇڏيو آهينس. اوهه ٿي پييم تڏهن آيو آهيان. اوهان سَڀرن وٽ هٿ سيڪڻ، ڪم ڪار ته اصل ڪري ئي ڪو نه. ڪڏهن کڻي چئجيس ته ڍورن سان وڃ ته ٽيئڙ چڙهيو وڃيس. رڌي پچائي تيار ڪري ڏجيس ته پوءِ کائڻ جو کرو، باقي ڪم جو ڍرو، ڪالهه به هر جا 2 وراڻا واري منهن ڀيلو ڪري ويهي رهيو. آئون جان ڀيرو ڏيڻ وڃان ته مڙس ٺهي ئي ڪونه. هيڏانهن جو لوڻون ڀيريان ته ٻٻر جي ڇانئي ۾ ويٺو اونجهري، ڍورن جي آس ۾ سهڪي پيئي پوئي. ڪڻس اهو به خيال ڪين آيو ته گگدام ڇوڙي ڇاني ۾ ڇڏيان. مونک به نه جا سا بخيلي کڻي وئي، ڪڻس ٻه ٽي پاراتا ڇڙٻون ڏنم. ڀانيم ته چڱائي جو چوندي چڙندو ڪين. پر اهڙو ته مردار ٿيو جو بانٺو کڻي الر ڪري آيو. جيسين مون تائين پنون، تيسين ٻه ٽي ڍيرا به مون پار وتايائين. مون چيو ابا الله پليئي، وڃي ڍنڍ ۾ پئو مون واري اوڙ نه اڀري ته وڃي کڏ پئوئي. ائين چئي پوئتي ڀريس. ڀائو، جي ويجهو وڃانس ته هڻي ڏانگوري وجهيم. اسان وڏارڙا مڙس اسان ۾ سهڻ ڪٿي. ڪو سجائتو سونٽو لڳو ته ڪم ئي اڪلي ويندو. اڃا اهائي مهل هئي ته پوئتا ڌيڻم ڊوڙندي آئي. چئين ته آيا گهرين پيا ڪوٺينئي. مون پڇيو ٻچا خير ته آهي؟، چئين ابا اسانجو هٽار ڏيون مل واڻيو آيو آ، ڪوٺيئين ٿو. واپاري جو ڏکيو پنڌ سڻي مون ک به سجهي آئي ته اهي پيري پٽم جا سيٺ سان اسان جو اباڻو رستو هوندي ان هوندي وٽانئس کڻي کيون. آئي ويل وڃي مهل ڪري موٽون. ساڻس ڪار پت به ڪانه وڃائي آهي. پوءِ الله ڄاڻي ڪڄڙي لاءِ ڪهي آيو آ؟ آئون به اهي وسوسا ڪندو، ڊڄندو گهر ويس، سيٺ هو رڄ مڙس اسان جي پاراپي تي جيڪي ڪڻنون کپندو هو سو گهر ويٺي پڄائي ڏيندو هو. نيٺ خبرچار ساڻس ڪيم. ساري سورن جي سڻايائين. چيائين ته پٽهين اوهان جي پرپٺ آيو هو. چيائين ته ابا ڪڻم موڪليو آ، زميندار کي رک جي چاري لاءِ مال جي بنچري ڏيڻي آ، هارپي تي کنيل زمين مان ڪهڙ ڪڍي ساڙائڻا آهن، تنهن لاءِ پنجاهي رپين جي هٿ اڌوري ڏينم، چنڊ ڌاري پهتي ڪيندو سانءَ. تنهن کي هي ڇهون چنڊ ٿو ڏسجي. اڃا تائين اوهان مان ڪنهن منهن ئي ڪين ڏيکاريو آ. ڪي چوم ته اوهان پار ماڻهو منجان، ڪي چوم ته ماٺي رهان، پر پوءِ پڪ ٿيم ته پٽهين وچان ئي جهٽ هڻي ويو آ، تنهن ڪري ان کي ٻڌائڻ آيو آهيان، ٻيو سارو سک، ڳالهه ٻڌي ڪڙهي رهيس، هينئن تي تئي ٿي ڀيم. پيرين جي پٽيل کي پڇ ته ڪڻين ڪهڙي بک؟. الله جهجهو ئي ڏنو آهينئي پوءِ به نانگو جي ٻرن ۾ هٿ وجهندو ڀڻين. تنهن مان توکي هٿ ڪڄاڙو ٿو اچي؟ اسان جي به ڪار پت وئي ۽ تون به راڄ ۾ ڪهڙو ڪڌو ٿئين. اسين ڪکين ڍڪيا ماڻهو، مٿئون سهي واري کل.، هٿ کنئي ڦڦڙ پڌرا. هن اوسر ۾ نڪو ڏي نڪو وٺي ڀاءُ، ڀاءُ ڪنان بيزار، ڪو ڪنهن جي چڙهيءَ ۾ آسرو ئي ڪو نه رکي. اهي ٿاڻائي ڦري ويا، جڏهن ماڻهو تِرَ داڻون به پتيون ڪندا هئا. اڄ هر ڪو سياري جي سوڙ پاڻ ڏي پيو سيري. هاڻي هن سر ڏڪار اسين مارو ماڻهو پرديس منجهه ڪنهن ڪنان پني پوراءُ ڪريون. واڻيو ويچارو، دسيون لتاڙي آيو آ، تنهن کي به ضرور هٿ سڃ ڪبي. نيٺ ساڻس ئي مهاڙ آهي.
وڄهارو ٿي کڙهه لاهي، مال ۾ ڌوڃ ڪري ڇڏم، چوم به ڪڻس ائين ته جا تو يار نهاري سا ڌڻي کڻ، ۽ پنهنجو وڻو ڪري وري وڃ. پر سيٺ ڪٿي ٿو ائين ڪري. چئي مال اوڏو مور نه وڃان. قرض نه جڙيو ته ڀئو ڪونهي. هاڻي ته آئون اولجي پيس. هٿين خالي واپاري وارن به ڏکيو ٿيو لڳيم. آئون وڏارڙو مڙس ڏينهان البت خاصو، پر راتيان ڊوک ڪنه پئيم. لاچار ٿيس، اندر جي باهه کڻي کنئيس. ماني پاڻي وهه ٿي لڳيم، جوڙا هٿ ۾ کڻي جيئن ڀڳو آهيان، تيئن تو وٽ اچي وساڻو آهيان. هاڻي پنهنجو لائق ڪر، مون اڙئي جي آڙتي لاهه، ڪارپت وئي ته سڀڪو ويو. هٿ اڌارو ڏينم ته وڃي واپاري واريان. ٻيو سارو ئي خير.
وڏيري وراڻيو ته ادا گهرجي به خير. ڀلي آئين جيءُ آئين. هيءُ به تنهنجو تڏو هڪڙي هاري کي هڪل ڪري چيائين ته جهٽ ماني جو بندوبست ڪر. ڳنڌڻ لپ ضرور آڻج. تهان پوءِ وڏيري چيو ته ”پريا مڙس ڀلي آئين، تون ڄاڻ نه سڃاڻ، الٿي وير اسان جي اوتاري لڙي آيو آهين. اميد ساري آيو آهين. ادا آئين ته ڀلي ڪري آئين. آهيون وڌ اسين به ڪين آهيون. مهلون به مڙسن تي ٿيون اچن، مهل سر به مڙس ئي ڪم ٿا اچن. هي اٿيئي روپا پنجاهه، وڃي پنهنجو ڪارج سر ڪر. وري به ڪڏهن آڙتي اينٿي ته به اسان کي ڌِڻائين متان، جيڪي هوندو سو ونڊي ورڇي کيداسون. پرديسي مڙس آهين. توسان وهڻ ۽ تنهنجي مهل ڀرڻ چڱو آهي. تون وڃي پنهنجي جند ڇڏاءِ، ڏنو پٽ ڇٽي جو، اڳتي لاءِ واپاري کي وڙجائي ڇڏج. پير مرد ٻي خبر ٻڌئي، اهڙي اڻاسي اولاد کان ڀينگ ڀلي. اهڙا اولاد ڪو مائٽن کي سکي ڪندا ڪ؟ اهي ڪنهن ڏينهن ڀيري ڀن وجهندا اهڙا ساماڻا ته ڄڻ سور اُڌاڻا، جيسين هئا ڳڀور تيسين اوهان به ٿي کيڏيا ۽ سندن چانجلايون سر تي سٺيون، هاڻي پڪين گهڙين ڪهڙا ڪنا پوندا؟ وٺي ڏيوس سرڪار ۾ ڀل هاوي ۾ هجي ۽ گهڻائي ۾ پيسجي. تڏهن اک پور ڇڏيندو. جڏهن اوڙاهه ۾ پوندو. تڏهن مغز جاءِ ايندس. اجهو اهو سامهون ڪڻئين ويٺو آهي. منهنجو پٽ ٿئي ملهه تي رکيائين شوق، سدائين گم. گهر گهوريو ڪري ڇڏئين. جت ميلو ڪو ملاکڙو سڻي، اتي اڻ ڪوٺيو ٽُورو، ملهن سان رکيائين رس، ڏاڍو جوان ساماڻهو، هڪڙي پر ڪي کٽي ٿي کڻيس. وڃي ٿو کاٽ هڻي، ڀاڳين کڻي بند هنيس، آئون وري ملاقاتي تي به ڪين ويس، ٽِيپَ ڪمائي آيو، ٽڪ مان ور نڪري ويس هاڻي سوڌو سنئون، پرائي سڳي کي به ويجهو ڪين وڃي، اڃا ٻين کي پيو متيون ڏي. ٻار جي ڪور ڪبي، ٻار لاءِ ڏک ڪبو، ٻار تي آر آڻبو ته ڄڻ سندس نسون وڍيون، ناس پتو ويو. پوءِ اڄ جا ڇورا ڇيڳڙا ڪٿ ٿا وٺ ڏين، ٿورو سهٽ ٿيا ته مائٽن جي مهٽڻ کان ويا. ڪم ڪار جو چبون ته اڀڙڪي پيا منهن ۾ لڳندا. گهر جو در به ڪين سڃاڻندا. لفنگن سان لهه وچڙ ۾ آيا ته ڄڻ ماڻهپي قطار مان ويا. پرايون پيا ڀيريندا ڀڻندا، پر پنهنجو ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪرڻ به اهکو پيو لڳندن، پوءِ اهڙا وڙ ڪٿي ٿا وڙائتا ٿين. اهي اکين جا نور پوءِ اکين جا سور ٿيو پون.
خير، ڪتين ڪر موڙيا، رات اچي پڇاڙي ٿي، مهمان ڪچهري کان موڪلائي ڀاڻين، ڀريو، اسين به پڙڇ پاسو پئي رهياسون. وانڍ ۾ سڀئي وانڍا، گهريتو ڪو ٿورو لڀي، تنهن ڪري مون سان به چار - پنج ڄڻا ساٿي ٿي سمهي پيا، خير جو صبح ٿيو هر ڪو پنهنجي ڪرت سان روانو ٿي ويو. آئون پٽيءَ پرڇ ڌڻي ٿي ويهي رهيس. اهو فطر تي امر آهي ته سڀ ڪنهن شئي جي ٻئي پاسا ورلي چڱا هوندا آهن، جنهن شئي جو هڪڙو پاسو بهتر ڏسڻ ۾ ايندو آهي، تنهن جو ٻيو پاسو البت لانئون ئي لکا ڏيندو آهي. هيڏانهن هڪ اڻڄاتل ماڻهو جي وقت سر مدد ٿي وئي. محتاج حاجت روائي ڪئي وئي ته هوڏانهن گهريتن ۾ اهڙي دريا دلي تي روڌن مچي ويو. گهر ڌڻي ڀنڀرڪي جو اٿي ويو مال سمهاڙو ڪرڻ، مائي لڳي تنوڻ ڪرڻ. گهر ۾ هڪ ڇهيڻ ستين سالين جو پٽ هوس، تنهن کي چيائين ته جيجڙا ابا، ڍور ٿا ٻنيءَ ۾ پون. ڀلائي ڪري ڀيري اچين. آئون ويري ڪين آهيان، جهٽ وڃ ته آئون لولو سيڪي وٺان“.ڇوڪرو وهٽن پٺيان نڪري ويو. پوئتان مائي پاڻ مهاڙو اچي ڇٽڪي.
چي: ڦٽو ڄاڻ نه سڃاڻ، ڪو ڄاڻان ڪير آيو. تنهن کي ماريئي بي متئي پنهنجو ڪفن ڪڍي ڏنو. اسان هٿ ڀڃي، سيءَ واءَ جهپي، چار ڪوڏيون ڏکئي ڏينهن لاءِ ٽاري رکيو سي هڪڙي رات ۾ ڪنهن الله واٽئي کي ڏئي ڇڏيئين، ڄڻ مٿس ڪو بوجو هو. هاڻي پڇوس، توکي اهي ڪڏهن ملندا. تون ان کي ڄاڻي ڪو سڃاڻين. سڀني لاءِ ٿو ٿڻين ۾ کير پويس. اسان جي ساڻس ڪا ڀيٽ ڪا پٺي چڱائي جو ٿو چجيس ته ڄيرو ٿيو پويس، جهل ئي ڪين ڏي. مون کي ڪڄڙو آ. ٻچا ٻه سندس ڏکيا بکيا ٿيندا، ڏوڪڙ کڻڻ آيو ته مون سان آلهي ويو. اهڙي جي ٻوجها پئيم ته ڪنهن ڌارئين جو گهر ٿو ڀري ته هڙ تي هٿ لائڻ ئي ڪين ڏيانس. سڀڪو غريب آهي. اسان وٽ ڪهڙا سونا سونگا ڍڪيل آهن، جو ڀڻون ڀتين تان ڀت اڇلائيندا. اسين پاڻ ٻچن جي چوڻي ۾ پورا آهيون. ڪڻم جي اهڙي ڪڻڪ پوئي تي مهمان اهڙو سوري آهي ته هوند اهڙو پهه ڪريانس جو واٽ به ڪين سونهي. انهي سوران ته پرهه کي هڙ تي هٿ رکڻ به ڪين ڏيان. آئون زال ماڻهو ڪڄاڙو ڪريان؟ جي ٿي ڪڇان ته وات ۾ کڙا ۽ جي ماٺي آهيان ته اجهو اهو حال آهي.
ملڪ ۾ وڻراهه گهڻي، جهنگ گهاٽا، ڪاٺي پنڊي جي ماڻهن کي تڪليف ڪانه ٿي جو اٿيو تنهن ڀاڪر ڦانگن جو ڄاڻ ته آندو گهر ڌڻي به مال مهاڙيتو ڪري ڪاٺين ڀاڪر ڀري اچي گهر پهتو. جوڻس جو جهيڙڻ ۽ جهوري ٻڌي هنئين تي تئي ٿي پيس، چيائين نڀاڳي رن ڪڄڙي لاءِ ويٺي ڪارون ڪريئن، منهنجو ڪيو ڪمايو ڪاري ڪلر ۾ پئي وڃائين. تون جڏهن کان ڀيڻيءَ ڀيري ٿي آهين، تڏهن کان وٺي جهڳو ئي جهڻ ٿي ويو آهيم. گهر جي بها برڪت سڀ نڪري وئي. ڪنهن پينڙاٽ کي پن ڏجي ته به ڪرڪين، ڪنهن غريب کي هٿ سَڃ ڪجي ته به تون لڇين، ڪنهن محتاج جي مهل ڪجي ته به مڙڳو کڻي مڃائين ڪل ڪانه ٿي پوي ته تون ڪڄاڙي ۾ راضي آهين؟، نه وري ڪ ڪنئين ڪي نصيب ٿئي ائين کڻي چئجي ته ٻين کان وانجي پنهنجو جند ٿي سکيو ڪريان سو به نه، توکي ته نڙي ۾ ڳنڍ آهي، پر سڪيلڌي اولاد کي به سڪ سريو کجائي کارائين، پوءِ به خدا واٽي ۾ ايترو کٽراڳ، جنهن جو هوندو، تنهنجو هاربو. اڻ هوندي ۾ ڪنهن جي آس، ڪنهن جي اميد. اڄ جڏهن اسان وٽ چار ڪوڏيون سجهيس ٿي، تڏهن ته وڻ وٽ لتاڙي ڪشالا ڪڍي، آڌي رات اچي سهڙيو. وڻ وڻ تان ڪين پوئي، پر ماڻهو ماڻهو مٿان وڃيو پوئي. متان اسين به ڪڏهن سندس ڳوٺ وڃي نڪرون.
ٻيو ته وي کڏ پوئي پر من پاڻي وٽو حُبَ سان پي اچون، اهو به گنج ٿيو. الله ڏي ته کمي کائجي، جکيءَ وارا جک ماري، هٿ مٿي تي ڏئي هليا ويا، ساون ساون سڃا به ڀاڱي ڀائيوار آهن. جي الله ڏي ته الله جي بندن جي به سار لهجي. پنهنجي هڙ ڪوسي ڪرڻ مان ڪهڙو نفعو؟ ڪنجوس ڌن واري کان ڏٻرو گڏهه چڱو جو ڪنهن جي بوجي کڻڻ لاءِ بنا ڪاڻ ڪرڻ جي ڪم اچي ٿو. اهو کٽيو ئي کوٽ جهڙو، اهو ڌن ئي ڪلر کاڌو، جنهن مان ڪنهن ڏکئي بکئي واٽو نه ورتو، جنهن مان ڪنهن مهمان نه کاڌو، جنهن مان ڪنهن ڀاءُ ڀرائي ڪر ڪر ڪرين، اڄ تون شڪر نٿي ڪرين، جو کير ڀن پٽين واري ٿيو ويٺي آهين. ٻيا تا اچي وٽئه هٿ سڪين، ڪنهن سوال سڙي جي اوڀالين کان ته آجي ٿيو ويٺي آهين. هرڪو پنهنجي قسمت ويٺو کنئي. اسان کي به جيڪي ملڻو هوندو سو پاڻيئي ڪڻئو ملندو. واڌاري لاءِ مٿو کڻي جبل سان هڻ، تڏهن به اوتري جو اوترو، خير مائي به کڻي ماٺ ڪئي، آئون به ٽڪر ڀور کائي موڪلائي روانو ٿيس.

لاڙ جي ٻي رات

اسان جي سنڌ جي ڀاڳ نه ڀڙايو، ڪئين قومون اُتس حڪومتون ڪري ويون. هزارين عالم ۽ اديب منجهس درس تدريس ڏئي ويا. ڪيترا عالم ۽ فاضل سنڌين کي سمجهائيندي سمجهائيندي حياتيون پوريون ڪري ويا پر سڀ وئرٿ ويو، ڪنهن تي به ڪنهن جو اثر ڪو نه پيو، اهو رنبو، اهو کٿو، اها ڪوڏر، اهو ڳن، جتي وڃ اتي سڀڪو پنهنجي سورن ۾ پوتو پيو آهي. هر ڪو پنهنجا سور پيو ساري، باقي ٻئي ڏي ٿورو ئي ڪو نهاري. سڃي کي سَڃي ڪو نه، سائي کي سهي ڪو نه. ڏند – پيهه لڳي پئي آهي. نااتفاقي جو مرض جت ڪٿ جام. وڏن جا ڪڌا ڪرتوت ڏسي سندن اولاد به اهيئي پار هلي، تنهن ڪري اهو موروثي مرض نه وڃڻ جو ۽ نه ورڻ جو. ڪن وٽ ته وري ڳائي ڄڀ، ملڪ ته هاڪاري هيڪاري انهن مٺو. اٻوجهن جي اياڻپ مان الٽو فائدو وٺي پوءِ کين ڦڙهو هڻي هڪلايو ڇڏين. بس پوءِ هيڻن جي حاڪمن تي ناهي مرد ميار. هر ڪو هٿ مهٽيو هليو وڃي. نه ڪنهن کي سلي ۽ نه سڻائي. هوڏانهن هوند وارن جو وري اهو حال جو ڪم لٿو، ڪاڳر ڦاٽو، ڪم لٿو، ڊکڻ وسريو. وري جيڪي چلهه تي سي دل تي، جيڪي اسريا سي وسريا. نئون ڏينهن نئون شڪار، انهي طرح ڪي پيا پيسجن ته ڪي پيا پلجن، دانهن ڪوڪ ڪير ڪري، ڪير سڻي. جي جنيسين سي تنيسين، بس اهو آهي تباهي جو راز، ڪو به ملڪ انهي ڪشمڪش کان آجو ناهي. اڳوڻو قرب ۽ قلب جو ڪاڍو ماڻهن ۾ ماٺو، ڪو هٿ پير هڻي وڃي ساڄو ٿيو ته ٿيو پاڙي جي اک ۾ ان جي اٿ ويهه کاڌ خوراڪ ۽ اوڇ پهر تي مڙيو ئي ماڻهن جي ڏنگي نظر. منهن تي مٺ مٺ، پرپٺ گلا ۽ پچار. ڪنهن ڪم ۾ لانئن لڳندي ڏٺئون ته پوءِ وڏي وات ڪچهرين ۾ ويهي کِلي پيا کڳيون هڻندا. جي ڪو هرج ڀريائين ته هنبوڇون هڻندا ۽ بغلون ٺوڪيندا. ٻئي طرف وري پاڙي ۾ شال نه ڪو سڃو سهڙي. ساهه پٽڻ ڪين ڏيندس. هر ڳالهه ۾ پيا هيسائيندس. اٿئي ويٺي پيا نلائي ڪندس مطلب ته پوءِ سڀني لاءِ گهپي هنڌ ٿي پوندو. ڏک سک ۾ همدردي ڪرڻ بدران پاڻ چٿرون ڪري پيا چڙائيندس. هن جي اجهاڻل چلهه، ٻچن جي بک ۽ انگن جي اوگهڙ کي سينيما جي شغل کان وڌيڪ ڪا به اهميت نه ڏيندا. جيڪڏهن کڻي ڪنهن جي روح ريلو ڏنو يا ڪنهن جو هينئون اٿليو ۽ ڪنهن سڃي ڏي هٿ سَڃ ڪيائين ته به سوين شگانه ۽ لکين اوڀالا ڏيئي. پوءِ سالڪن به سچ چيو آهي ته ڏکئي کي ڏي ڪو نه ۽ سکئي کي سهي ڪو نه اها روبڪار ساري سنڌ ۾ جت ڪٿ ڏسبي. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ چاڙهي بدران لاڙي ۾ پئي وڃي. ڪٿي ڪو قسمت سان وڃي پاڻ پرو ٿيو ته پوءِ اڀري ۽ ابڻ ڏي نهاريندو به ڪين. اڃا به ڪي هڙ ۾ هوندس، تنهن جي تاڪ ۾ رهندو. ائين ڪڏهن ڪين سمجهندو ته ٻيلي پنهنجي اڀري ڀاءُ کي آڙي اوڌي ۾ هٿي ڏيئي. حالائتو ڪريان تا ته ٻي در وڃي سوالي نه ٿئي ۽ نڪي ڪُر کي ڪسو ڪري. مطلب ته جيڪو دنيا جي گرڪڻ ۾ گَتو ان کي اڪارڻ بدران پاڻ لتاڙي هيٺ ڀرو ڪندس. جيئن سنئين لڱين نه بيهي. ۽ نه ڪي اٿم ڀري اسهي سگهي، ٻه جهڳا جڙيل به ڪنهن کي ڪين وڻن. هڪ جو طرف وٺي ٻئي جي جس چوڻ وارو باقي ڪو وڃي رهيو آهي. ملڪ ۾ وڻاءُ ۽ وڏ ور، رت کي ڄيرو، پروان سان ڏسبو ته پر ڀيا پيا گهمن، پر پنهنجن سان سوجهه ۽ مٽ نوڪ. البت چڱي گهر چار لڙيو وڃن ڇو ته آئي ويل اميد ۽ آسرو رکن ٿا. باقي هيڻو شال هڄي وڃي. لوڻو ڀيري نهاريندس، به ڪين ته ڪڄاڙو ٿو گهوٽي ۽ ڪڃاڙو ٿو پيئي اهڙو آهي اسان جي سنڌ جو اندروني حال. اڃا به ٿئي ٿي ڪنهن کي اميد ته پاڻ ڀلي، پير ٿو ٻي وڃي ڪنين سان ڪلهي جو سي ٿينداسون؟.هرگز نه؟ جيسين اسان مان تيڏا سو ميڏا، ميڏا سو هون.....هون.
واري هير نه وئي آهي، جيسين اسان مان حسد ۽ بغض نه ويو آهي، جيسين اسان ۾ پاڻ لاءِ قرب ۽ ڪاڙهو پيدا نه ٿيو آهي، تيسين اسان جو ڄائو اجايو ۽ موت بي معنى آهي.
هڪ ڀيري مغل ڀين طرف منهنجو وڃڻ ٿيو. پنهنجي هير موجب لڙي ويس، هڪ ڳوٺڙي ۾ ڳوٺ اڳيان کٻڙن جي اوٽ ۾ هڪ اوطاق اڏيل هئي. انهي ۾ پاڻ مرادو لنگهي ويس. هڪيو تڪيو ته ماڻهو وٽم ڪو نه آيو پر پوءِ هڪڙو ڄڻو اچي ظاهر ٿيو. خبر چار ڏيئي وٺي هليو ويو. چيائين ته ڀائو اسان هيئر اڙيات آهيون، سانجهي وير ويرا ٿي ور وانڌو ڪينداسين. تون اتي ويٺو رهه. آئون به هوس ٿڪل، سو اجرڪ تاڻي سمهي پيس. سج لٿو، ماڻهو به اچي مڙيا، ڳوٺ وڏيري گهران ماني آئي. مانيءَ بعد حقو آندائون، حقي سان گڏ سوپاريون ۽ سوئڙي مڪائون. آئون به ڪانڀ ڪڍي وهاڻي تي ويهي خوب سوٽا هڻڻ لڳس. مون لاءِ ته هيءَ نئين ڳالهه ڪانه هئي، ڇو ته اهو ملڪ منهنجو گهڻو ئي گهميل هو. ماڻهن جي رسمن رواجن کان واقف به هوس، حقو به واندڪائي جي وندر آهي. حقي جي بڙ بڙ ٻڌي مون کي شمس الدين ”بلبل“ جو هي شعر ٿي ياد پيو:

مجلس جي سونهن سوڀيا سينگار آه حقو،
وحشت ۾ غم زدن جو غم خوار آه حقو.
بڙ بڙ ڪيو پيو دل کي بهلائي ساڻ باتين،
داناءَ دل جو دلبر دلدار آه حقو.

چڱي وير ويئي پر مون تان ڪنهن ور وانڌو نه ڪيو. ماني وارا ٿانءَ به ائين ئي رکيا رهيا.، ڪنهن مهل ڏسان ته اوطاق جي پويان ماڻهن جو ميڙ بيٺو آهي ۽ ڪنهن ڳجهي ڳالهه تي پاڻ ۾ سس پس پيا ڪن. ايتري ۾ هڪڙي منجهانئن هڪل ڪري چيوته اٿو ته هلي اجهاپ اوڏا ٿيون. هتي ناحق ڪڻئون سي پيو سٽي، نيٺ هڪ هڪ ٿي اوطاق پار ايندا ويا. سڀني مون سان کيڪار ڀليڪار ڪئي. ٿورو وقت ته سڀ سانت ۾ رهيا. پوءِ منجهائن هڪڙي چيو ته ادا خبرون مڙيو ئي خير. ڪلهه وڄهاڙو اٿي وڏيري جي اوطاق تي ويس. مڙس منجي تي ويٺو هو. چوڦير هاري ناري ڪونڊو ڪيو ويٺا هئس. کيڙي ٻاري جي کٽراڳ ۾ لڳا پيا هئا. مون به سري وڃي پاسو ورتس، وجهه وٺي عمر ۽ صفر بابت ساڻس ذڪر ڇيڙيم. چيم ته سائين هو يتيم آهن. سندن ڌڻي، ڌوڻي ڌوئا، جو راڻي ويچارن جا ويڙها، ونها ڪري ڇڏيا. وڳر کان ولها ڇورا ڇنا ٿيا، سندن قسمت کٿي جو کيڙين ۾ کامي ويا ويچارا ڀاڳين ڀڳل اوالئون ٿي ويا آهن، نه آهن مئن سان ۽ نه آهن، جيئرن سان، اڃا اکيون ئي مس اپٽيون ته نڌڻڪا ٿيا، تن کي هاڻي نه ٻڌ، نه سڌ. ڀلا ڪي اکين ڏٺو هجين ته ڪل پوين، ادي امان هين ڪانهي. جا دڙ دلاسو ڏئي دل وٺين. باقي ماسيون، سي مائون نه ٿين، ڪاڪا سي پيءُ نه ٿين. تيئان پٺ ٻيو ڪير آهي، جو سارين سنڀارين بي وارثن جي پٺ سڀيٽڻ لاءِ به سمر ٿي کپي. اهڙو ڪو هجي منجهئون جو ڪس کائي رس ڳنڍي. اسين به سندن اوڏڙا مٽ ٿيون. پر سڀ هٿڙيا مڙس هڙ ۾ ايترو ڪونهي جو ڪنهن جي مهل ڀريون يا ڪنهن بدران ڪا ڳالهه لاڙيون. اڄ دنيا هلي ٿي جُوفَ پٺيان، جنهن وٽ چار ڪوڏيون هونديون، جنهن جي هڙ پُنجي هوندي، تنهن جي ئي ڳالهه وڍ ڪري ٿي. اسين ته آهيون پيٽ مهانگا، ڪڏهن وٽئون آهي ته ڪڏهن ويٺا واجهايون. اڄ ڪلهه ماڻهن مان ننگ نڪري ويو آهي. پويون پهر اچي بيٺو آهي. پيءُ کائي، پٽ. پنهنجائي جو ڪنهن کي سيڪ نه سواد، اسين به هنين منجهان آهيون، ڪڻئون سندن ڏک به ٿئي ٿو، پر ڪڄاڙو ڪريون؟، سڃائي جي مرض ڪري ڪو سڻي سڻائي به ڪو نه. تنهن ڪري اسان جي آسري ۾ هو ائين ئي ڦريا. اسان کان هنين کي لولي لوڻ به ڪين سري، اهي وڙائتا وينجهار وٽائي ويا، جي وڏوڙل ورجائي. واري واڙ بنجي ڪيندا هئا. مائٽين هوندي مائٽيون ٿيل آهن، پر هاڻي ڏسجي ٿو ته ڪاڪاڻا به پير پيا ڪوئين، پنهنجو ڀاڄيون نيئي هٿ ڪيائون. هاڻي هنن يتيمن سان ڦڏا ۽ فساد لايو اچن. اڄ چڱايون چوئڻ جو وقت ويو. ڪنهن کي چڱيان ٿو چئجي ته مٺيان ٿو لڳيس، ڪنهن کي ٺاري ٿو ڏجي ته ڪوسو ٿو لڳيس، تنهن ڪري اسين به ماٺيا آهيون. اهڙي وٽئون ڪڏهن ڪانه ٿي. مڱيون ٻانهون، سي به سنڱوتي تي سڱ ٿيل آهي جي ائين ويون ته پوءِ رهيو ڪڄاڙو؟، ٻني ۽ وني تي ئي خون خرابيون ٿين ٿيون. اڄ به مت ٿوري مان گهڻي ٿي پوي. جي انهي ڳالهه جو منهن مٿو به ڪبو ته پوءِ اڄ مڱون وينديون ۽ سڀان لڄون به لٽجي وينديون. اهو اڄ الله داني، تو داني آهن، تنهنجي پاڙي ۾ پيا آهن. تنهن ڪري تون اٿي سندن ڀيڻي ڀيري آڏ، ڪڻن، پاڻ وهيڻو ڪر. هنين جو پيءُ پاڻ دسين پڌرو هو، چڱين مٺين تائين ٻڌو سوئو هو. هو پاڻ ڪن وڏوڙن کي ورجائي کير کنڊ ڪيندو هو. پر اڄ سندس اولاد اجهو ائين پيو ڌڪا کڻي! اهي سڀ قدرت جا رنگ آهن، ڪڏهن سوار پيادا، ڪڏهن پيادا سوار. ڪلهه جنين موڙهلن کي متيون ٿي ڏنيون سي اڄ پاڻ واٽ وڃائي ويهي رهيا!، هنين جو ابو رڄ مڙس هو، تو پارا امير ڪڻس ڪوٺيو، ڪچهري ۾ وهاري مصلحتون پڇندا هئا. اڄ جڏهن سندس پرڇ پالهو ٿيو آهي، تڏهن اوهان پارين سرتين جو ڪم آهي ته هن جي پٺ سانڀيٽين. جنهن يار جو پار نه سڃاتو، تنهن ڄڻ ته يار نه سڃاتو. تون اڄ منجهئون سارائتو سڏجين ٿو. ساٿي منجهه سڀ جي آس، ڳالهه مهاڙ به ان جي وڍ ڪري.
چوئڻ چوائڻ به ان جو سجايو ٿئي. ٻانهون ساماڻل آهن. حياتي کي بقا ڪانهي. آدم ويچارو دم جو محتاج ڪهڙي خبر ته جو دم اندر ويو سو وري ٻاهر ايندو يا جو دم ٻاهر نڪتو سو وري اندر به ايندو؟. اڄڪلهه جي جوان مڙسن تي چڱي جو چيو اثر ئي ڪو نه ڪري. تون سڀني جو پريو مڙس آهين، اٿي هن ڪم جو نبيرو ڪر. جيسين هيءَ ڪم نه اڪليو آهي تيسين اسان کي به چورا کورا لڳي رهندي.
ڪچهري ۾ هڪ پريو مڙس، پر بت ۾ ٺهيل ۽ هڏ جو ٺوڪر ويٺل هو، تنهن چيو ته ادا، پوءِ رئيس توکي ڪيهو جواب ڏنو؟ چيائين ته رئيس ٻيو ته ڪي ڪين چو، رڳو ايترو چيائين ته واندڪائي ٿي ته ويچار ڪيندس. اهو ٻڌي هن پيرسن کي ڪاوڙ جا جڪ چڙهي ويا، تپي ڳاڙهو ٿي ويو. خابروءَ کي ڏاڍي ڇانڇول ڪڍيائين، پوءِ ماڻهن ڏي مهاڙ ڪري چيائين ته ”نانگ جهليو وڇون، چيائين ته جي ٿو ڇڏيانس ته ڪوڙهيو ٿو ٿيان، ۽ جي ٿو ڳهانس ته پيٽ ٿو چيرجي.“ سو هن يار جي اندر ۾ به هئي هڪ ڳالهه، سا جي ٿي روڪيائين ته اهک ٿي ٿيوس ۽ جي ٻاڦي وڌئين ته اجهو اهو مان مليس، وريس به ڪي ڪين. اجايو پنهنجو منجهه پراون جي ڪن وجهي آيو ”ديواني جي دوستي، ڪلهي تي ڪتو.“ ادا تو ته اهي اڇا اُس تي آندا آهن.
پنهنجن جي پڇا سواءِ وڏيري وٽ وئين ڪو؟ هيءُ ته آهن ننگن جا نبيرا، سي ڌارين جي ڌيان تي آڻڻ جو ڪهڙو ضرور؟ هت پنهنجا اڀراڪ سڀرا، چڪي ويا هئا ڪ جو وڏيري ڏي کڻي ولاڙ ڪيئي.
اسان جا وڏا اهڙا نبيرا ائين ڪيندا هئا، جيئن لوڪ لکائي ڪين پوئي. پنهنجي اوتاري اڳيان ويهي ڇنائي ڇوٽائي اٿندا هئا. ڪچهريءَ جو ڪم تنهن ۾ ڪي اولو ڳالهين. ڪي سولو ڳالهين. پر جي سڀ پاڻ ۾ هوندا ته ڌارئين جي ڌيان تي ڪا اوڻائي ڪا نه ايندي. اوهان کي خبر آهي ته عمر ۽ صفر کي ڪاڪن ڪڄڙي لاءِ ڪڍي ڇڏيو آهي؟ ڇورا آهن پاڻ زورا نه ڪنهن جي سڻن، نه ڪنهن جي سمجهن، جي افعالين سڄا هئا ته هر ڪنهن هنج ۾ وهاريا، هنين جا حال اهڙا جو نه مئن جا ڪانڌي، ۽ نه جيئرن جا ڄاڃي، پاڻ مهاڙو پيا سهڙن ۽ سمهن. وتن کُهين کي ويساهيون ڏيندا. اڄ ڏاڙهيءَ سان مڙس آهن هنيان پُٺ ڪڻن اُڌيءَ کٽيءَ جي ڪڏهن ڪل پوندي؟ پنهنجن سان ڏک ڪ سک ۾ حال ڀائي ٿيئڻ ۽ ساڻن ٻه پير ڀرڻ جو هيءُ وقت آهي. وڙائتا ٿيا ته وڙ پسندا، بي وڙا ٿيا ته لوڪ تڙيا ٿيندا ٿڌو گهڙو پاڻ کي پاڻهين ڇانو ۾ رکائي. ڪڙا هنين کي به ڪين آهن. جت ڪاڪن کي لاڪن ڪهڪاءُ ايندو تت اسان ۽ اوهان پارن کي سيڪ به ڪين ايندو. اسين اڄ آهيون بيٺل جا يار، تنهنڪري ٿا ڏندن جي ٺڪ ٺڪ ڪريون. پر جڏهن ٻيڙي سير تي ايندي تڏهن کري ۽ کوٽي جي پاڻهي ڪل پوندي. هي ڇورا ڇنا، اڌورا ڪ سڌورا، تڏهن به هنين جي ميراث جا مالڪ آهن. ڀائو! جي جنين، سي تنين. مينهون مينهن جو ڀيڻون. لٺ هنئي پاڻي جدا ڪو نه ٿئي. مائٽي آهي رت، جنهنجي لڇ جنهن ۾ هوندي، تنهن ۾ ڏوران ڏيکائي پيئي ڏيندي. اڄُ به مٿن آڱر ته سَڃي ڏسو. اول اهي ڪاڪا جي ڪُڻن ڪڙو ڪدو ٿا سمجهن سي اچي ڳل پوندو.
خير- گهڻين ڳالهين اُٺ لڏجن. مون کي ڪالهه سندن ڪاڪا ٻئي گڏيا هئا. رحيم بخش ته ماٺيو رهيو پر اميد عليءَ البت سندن سور رنا. تنهن چيو ته ” اسان جواب ڪو ٿورو ئي ڏنو آهين. پر چيو آهيون ته اُتڪا نه ٿيو. مند سئين ٿئي ته پوءِ اچي نڪاح ڪري وڃو. پر هو آهين پر ائين ڪنين. وڃن وڻ وَٽَ سان واڀيندا ۽ گلائون ڪيندا.
ٽيءَ رات به مرشد سائينءَ کي ميڙ ڪري وٺي آيا. اسين اڳيئي هڪ مهلو کيون. پوءِ اهڙا نانگ آڻي وچ تي وهارڻ مان ڪُڻن ڪيهو لاڀ؟ جي ناراض ٿيا ته پيڙهيون پٽي ويندا. اسين ٻچڙوال ماڻهو پير فقير کان ونئن وڃون. اسان جا هڏ پيا ڪنبن، اڳيئي ڪُڻئون گهڻا هٿ لڳا آهن. هاڻي جي هي ڇورا اهڙيون ارڏايون ڪيندا، تن کي ڪير ڳري لائيندو ۽ ڪير وچ تي جاءِ جوڙي ڏيندو؟ اڃا ته مڱيا آهن، پر جي سڀاڻي ئي پرڻيا ۽ جنڊ هيٺان هٿ ڪڍائي ويا ته پوءِ هيڪاري ڌرتي تپائي ڏيندا. هيءُ ڳڻان ڳوليون آهن، وڳڻائيءَ مان پاڻ ويڇو وڌي ۽ وير پوئي. اهڙين پارتن ته الائي پِرائي وڃن ڪا نه.
مون به سمجهو ته ڪاڪاڻا وِيلَ ڪين آهين. چار چڱا وٽن لنگهي ويا ته شرم پوندن ۽ ڪن کي ضرور اٽي جو لڪ ڏيندا. سڀني کي منهن هيٺ ڪو نه ڏيندا. وڌ ۾ وڌ ڀائٽين جي نالي ڳالهائيندا، ٻيو ڪڄڙو ڪيندا. لڳيون مارين، ٺڪاءُ ڪو نه مارين. تنهنڪري منهنجي صلاح آهي ته ڇورن جي ڇڪتاڻ تي لڳي پاڻيءَ کان مهند ڪپڙا ڪيم لاهيو. پهريائين هنين کي تانگهيو، پوءِ پرائين درين وڃو. اڄ ڏسو ٿا ته وقت ڪهڙو آهي، پر گهرين وڃي پنهنجن جي پت ويچارڻ آهي، پنهنجي پت وڃائڻ. ڪير ٿو ڪنهن جي رکي. ٿوري ڪنهن جي غلائي ٻڌئون ته دُهل تي ڏونڪو ڪري ڏيندس. اڃان ته ڇورن وٽ به آهي ته ڪي ڪين جي ساوا پنهنجون ڄايون سونين سُنگين سان اٿيارين ٿا ته ڪوڙا مڻيان هنين به لهڻا، وڪنا ڪنانئن هو به ڪين آهن، پر اها به سندن شرافت، جو راڄان رسم تان هٿ کڻي بيٺا آهن، نه ته جيڪر عمر ڳري وڃين ته به ڪين پڄن. راڄ رواڄ آهي ستن تولن جي سوني نٿ. جا اول گيرٽ ڪنوار کي ڏي ۽ پوءِ نڪاح لاءِ وک وڌائي. هاڻي ٻڌايو ته منجهن اهڙي ساههُ آهي؟ هينئر وٽن آهي ڪڄاڙو؟ هڙ ۾ هريڙون، گوڏ ۾ پتاشا. اڳيان ڪاڪا سندن اهڙا سدورا جو کاڻيءَ مانيءَ تان کل لاهڻ نه ڏين. اهي جي پنهنجيءَ تي اچن ته سڀني جي مئي ڀڃي ڇڏين. ڪڏڪار به ڪنهن جي ته ڪلهي تي ڪبي. باقي هڙ سکڻي لوڏ گهڻيءَ مان وري نڪي سري، وڇ به ڪلي آهر ڪُڏي. جي ڪلو هوندو جڏو، ته ڪنڌ کان جهرندي. شادين جا منهن آهن. خرچ البت ٿيندو.وڏي ڌام نه ڪن، ته به پنهنجا چار اوتارا ضرور کارائين، تنهنڪري ڪجهه وقت ڇڏي ڏيون ته هڙ بنجي ڪن. تڪڙ ڪانهي، جت هيترو وقت سٺيون تت اهي ٻه چار ڏينهن به لنگهي ويندا. ڪنواريون جي اچي ڪنڌ کان وريون آهن، تن به ليڙ پُچُ ته لهڻو گج پوت نه ٿيا، ته به تڳو تڻون ٽوڳي انگ اُگهاڙ ته ڍڪبي. اهي ڪم وٺُ پَڄُ سان ڪو نه ٿيندا، تون جو سکڻي ڊوڙ کڻي وڏيري وٽ وئين، تنهن مان ڪڄاڙو وٺي آئين؟ اهي ساوا سکيا ماڻهو ڪٿي ٿا غريبن جو غور ڪن. هنين ليکي ته اسين ڍاوا ته جڳ ئي ڍائو، اسين پرهيا ته جڳ ئي پرهيو! هنين لاءِ ڪو اڏجي ته ڪڄڙو، ڪو ڊهي ته ڪڄڙو. هاڻي ٻه ٽي ڏينهن صبر ڪريو ته لاباري لائيءَ مان ويرا ٿي اهو وڳوڙو ورجائينداسون. اتي پاڻي ٻڏڻ جيڏو ڪونهي. ڪنهن ڏينهن چار ڀائر ڀري، ٻنهين ڌرين کي نڪا ڏياري ڇڏينداسون. نيٺ اهو پهه پچائي، ڪچهري پوري ڪيائون. رات ڪا وڃي بچي هئي اڌ، رات جو جهنگ مان آرن جو آواز ائين پئي ٻڌم ڄڻ ميونسپل جا گگهو ٿا وڄن. ٽانڊاڻن جي ٽمڪاٽ وري اهڙي ته جهرمر لائي ڏني، جو ڄڻ ته بندر روڊ واريون بتيون ٿيون ٻرن. ائين پاسا ورائيندي، سها ٿي ويو. صبح جو ماني کائي، هڪڙو پاڻ جهڙو واندو هٿ ڪري جهنگ جي سيل تي نڪتس.

جهنگ جو سير

لاڙ جو جهنگ سنڌ جي ٻين ڀاڱن کان نرالو آهي. لاڙ ۾ مکيه وڻڪار اهي ڄاريون ۽ ٻٻر. ڄارين جا جهڳٽا ڪٿي ڪٿي اهڙا ڳوڙها ۽ گهاٽا، جهڙا قدرتي ڪوٽ، منجهن چورن جا ٿم ۽ مرن جا تاڪ. ليون ۽ لاڻا به جام ٿين، ليون ريٽن ۽ چٻن ۾ ۽ لاڻا ڪلراٺن پوٺن تي پسجن. ڪڙين ۽ ڪسين جي ڪنارن تي ڪانهَن جون قطارون ڏسبيون، منجهن پوک چا ويري جانور سيڙها، سوئر ۽ سها جام سهڙن. ٻٻرن جي لامن تي تتر پيا تنوارين. اُن پوک تي ڳيرا پيا ڳٽڪارين. کٻڙن ۾ سهن جون ڪوٻون ۽ گدڙن جون ڏرون ڏسجن. ملڪ ۾ پاڻيءَ جا دُٻا ۽ ڍنڍون گهڻين ئي خوبين سان ڀريل آهن. ڪٿان ڏسو ته نار چاڙهيو زمين ريجائي رهيا آهن، ڪٿي ڏسبو ته بتيلن ۾ سير ۽ شڪار ٿي رهيو آهي. ڪٿان وري جون ڌُڪن جي ڌڪن سان آڙيون پيا اُهرائين. ڪٿان بهه پٻڻ ۽ لوڙهه پيا ڪڍن. ڪنهن ڪُنڊ تان وري رَڇُ وجهبو مڇ پيا مارين وغيره. ملڪ ۾ ٻٻرن کان سواءِ ٻيو ڪنڊائون وڻ ڪو نه ٿئي. تنهنڪري ماڻهو پيرين اُگهاڙو پنڌ ڪرڻ کان ڪو ڪو نه کائين. ”جاتيءَ جا جت، پيرين اُگهاڙا“ اُتي مشهور پهاڪو آهي. پٿر ته ڪو ڳوليو لڀي. سارو ملڪ ڪچو ۽ ڪنئرو. ريپ رائو ۽ ڊٻون منجهس گهٽ. جهنگ جي سير جو سواد ڀل ڪو شڪاري شوقين وٺي. وک وک تي سها، تتر، ڀريا، آڙيون، بدڪون ڳيرا، ٻاٽيڙ ڏٺا ٿي. لکين لاکي ڄاڃي ڌڪن جي وپ مان لنگهيا ٿي. ايترو شڪار ڏسندي، شڪاري ماڻهو وڻن وٽن تان ٻڌ ڏيندو ويندو. باقي اسان پارو ماڻهو ته جلد ڪڪ ٿي پئي. اهڙيءَ طرح اسين به ڳچ پنڌ ڪري ٿڪي پياسون. تنهنڪري لڙي وياسون هڪ نار تي. ٿڌيءَ جي خيال سان وڻ هيٺ ويهي وساڻاسين. مون کي ته پاڻ وڌيڪ چوڙو چڙهي ويو، پوءِ ته وڌيڪ هلڻ جو خيال لاهي ويهي رهياسون. سنگتيءَ کي چيم ته ماٺ ڪري ويهڻ مان ڪهڙو مزو؟ وندر ضرور کپي. تنهن يڪدم کيسي مان سوپاري ۽ سوکڙي ڪڍي سوپاري چور ڪري آڇي. آءٌ به هوس شهري ۽ پان جو پياسي، سو سوپاري مِٽَ ۾ هڻي ويهي رهيس، پر آس پوري ڪا نه ٿيم. چيم ته ڪي ٻڌاءِ، تڏهن لڳو کلڻ. چيائين ته؛ ادا، اسين ڪورا ڄٽ. اسين ڪڄاڙو ڄاڻون، اوهين علم وارا ماڻهو سڀڪي ڄاڻو سمجهو ٿا، جيڪي اوهين ڏسي ۽ ٻڌي سگهو ٿا، سو نه اسين ڏسي سگهون ۽ نه ٻڌي سگهون، تنهنڪري گهٻا نه ڪر. کڻي ٿورو گهڻو سڻاءِ. مون چيو ته ادا اسان کي علم ڪٿي آهي. بک ٽارڻ لاءِ ٻه ٽي اکر سکيا آهيون، سرڪار مان پگهارڙي مليئون پيئي، تنهن تي پيٽ پرندي پيا ڪريون. اسان جو علم جهڙو آهي، تهڙو نه آهي. اوهين گهومون ماڻهو گهڻا ئي ملڪ گهميا هوندو. ضرور ڪن چڱن جي صحبت مان ڪي رس ڀريا لٽڪا سکيا هوندو. انهن مان ڪي ته ٻڌاءِ ته مان وندر ٿئي، ۽ ڏينهن به ڪوٽو ٿئي. ويچاري گهڻو ئي گسايو، پر نه ڇڏيومانس. نيٺ چيائين ته ٻه ٽي ڏور ڄاڻا، پر هوندا ڪچا ۽ ڦڪا، ڇو ته اسين اڻ پڙهيل ماڻهو، تن کي پورو پتو ڪو نه پوئي. مت منجهن ڪا ڪچائي هجي، تنهنڪري ماٺ مٺي آهي. منهنجي وري به زور ڀرڻ تي، لاچار ٿي ڪر سالهي اٿيو ۽ چيائين ته سالڪ ڏور ڏنو آهي ته؛

عمر ڏٺي هئي اوچتي ٻڌي مير مني،
سڄي رات سڪ ۾ هوءَ مارن لاءِ رني
جنهن کي عمر موڪل ڏني، سا مارئي رسي ماڙ کي

( ڏور جو شاهد)

سمن ٻڌي سومري سان مارئي هلي ملير،
هت ماڙيچن ڏنس مهڻا تو ڇڏيو ڪيئن حمير،
ثابت رکي سير، مارئي رسي مير کي.

ڏور ته ٻڌم پر سمجهيس اکر به ڪين. دل ۾ چيم ته عمر سومري مارئيءَ کي ڪڏهن ۽ ڪٿي منيءَ ۾ ٻڌل ڏٺو هو. ڪتابن ۾ ته اهڙو حوالو آهيئي ڪو نه. وري ڏور جي شاهد ۾ چئي ٿو مارئي عمر سومري سان انجام ڪري نڪتي هئي ته آءُ وري اينديس. جڏهن مائٽن وٽ پهچي ٿي، تڏهن اهي پاڻ مهڻا ٿا ڏينس ته تون عمر سومرو ڪيئن ڇڏي آئي آهين؟ پوءِ وري چوي ٿو ته مارئي پنهنجي انجام کي پاڻي ڏيئي موٽي عمر سومري وٽ وڃي پهتي!
هيءُ ته عجيب معاملو هو هڪ اڻ پڙهيل، پڙهيل کي منجهائي وڌو. چيو مانس ته ادا جيئن ڏور ڏنو اٿيئي، تيئين ويهي سمجهاءِ. چيائين ته ادا، هي جي الله لوڪ شاعر ٿي گذريا آهن، جن جي مقبرن تي ٻارهوئي ميلا لڳا پيا آهن، جن جي زيارت لاءِ هزارين انسان ڪٿان ڪٿان ڪهي اچن ٿا، تن جيڪي چيو ۽ ڪيو آهي، تنهن ۾ گهڻو ئي راز لڪل آهي. جهڙيءَ طرح هڪ مصور کي تصوير چٽڻ لاءِ ڀت جو ضرور هوندو آهي. اهڙيءَ طرح حقيقي شاعرن کي پنهنجي جذبات ظاهر ڪرڻ لاءِ ڪو واقعو، حقيقت ۽ ڳجهي رمز خيال ۾ رکڻي آهي. پوءِ هو انهي واقعي حقيقت يا راز جي اوٽ ۾ بيهي دنيا وارن جي سمجهڻ لاءِ يا پنهنجي جذبات ظاهر ڪرڻ لاءِ ڳجهارت ۾ ڳالهائيندا آهن. ڳجهارت ۾ ڳالهائڻ الله وارن جي پڪي عادت ۽ سندن خاص نشاني آهي. ڳجهه کي پڌرو ڪرڻ نه فقط پاڻ عيب ٿا سمجهن پر پاڻ لاءِ نقصانڪار به ڄاڻن ٿا، انهيءَ ڪري هر هڪ منزل رسيدو بزرگ سمجهي ٿو ته ؛

مٺ ڀيڙيائي ڀلي، جي اُپٽي ته واءُ
پڌر پسيئي ڳالهڙي ته ڇڏي ويندي ساءُ

تنهنڪري سندن سموريون محفلون مام ۾ ٿين. هنن جو عام سان وهنوار گهٽ رهي ٿو. تنهنڪري سدائين سپرين جي سڪ سيني م سانڍيو گهمن. اها سندن بندگي آهي. سنڌ جو سرتاج شاهه عبداللطيف صاحب ڏسو. کيس ڪهڙي گتي پيئي هئي جو پاڻ سسئي بنجي ويهي پنهل لاءِ پار ڪڍي، ڏيرن کي ڏوراپا ڏي، ۽ جتن کي جٺيون ڪري. يا سهڻي بنجي ساهڙ لاءِ سيرون تري، ڪنن تان ڪاهي، ڇولين ۾ ڇُلي ۽ واگهائن سان وڙهي مطلب ته قدرت جو پار دنيا وارن تي ظاهر ڪرڻ لاءِ دنيا منجهه ئي لڪڻو پوين ٿو. تنهنڪري جيڪي ٻولين ٿا تنهن آڏو پردو رکن ٿا. پردي رکڻ مان مراد اٿن پاڻ لڪائڻ. هو لڪن ٿا فقط دنيا جي ڪن، اک ۽ زبان کان، جيئي سندن منزل آڏو رڪاوٽ وجهڻ لاءِ ڪافي ڪنڊا آهن.
اڄ به سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪئين شاعر پيا سٽون ڏين. سندن عاشقي، مذاقيه، رزمي، اصلاحي ۽ اخلاقي شعر موجود آهن. انهن شعرن ۾ زماني جي حال مطابق جوش ۽ جذبو به سمايل آهي، پر وقتي ۽ نه دائمي انهن جي مقابلي ۾ سچن سالڪن جا سلوڪ ٿورو ويچاريو. ڪيترو نه منجهن ميٺاس آهي، ڪيڏي نه منجهس ڪشش آهي. ڪيترا ماڻهو روزانو اهي شعر شعر مذهبي ڪتاب وانگر وڏي پاڪائيءَ سان ويهي پڙهندا آهن ۽ انهن مان لطف وٺندا آهن. اهو آهي سندن شاعريءَ جو معجزو.
هن شعر ۾ به شاعر صاحب هڪ سچو واقعو حقيقت جي پردي پٺيان ويهي بيان ڪيو آهي، جنهن کي عام طرح هرڻيءَ وارو معجزو چون ٿا، باقي هت نڪو عمر نڪا مارئي. هت قصو ئي ٻيو آهي، جنهن جو مختصر احوال هت ڏجي ٿو؛
هڪ دفعي حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن ڪنهن ڪم سانگي ڪٿان لنگهي رهيا هئا ته اوچتو هڪ هرڻيءَ تي نگاهه پين، جا ڪنهن ماريءَ ڦاسائي هڪ وڻ ۾ ٻڌي ڇڏي هئي. هرڻيءَ جڏهن سردار دو جهان کي ڏٺو، تڏهن قدرت الاهيءَ سان هرڻيءَ کي ڳالهائڻ جي طاقت عطا ٿي ويئي. نماڻي ٿي حضور جن کي عرض ڪرڻ لڳي ته منهنجا ٻچا ڪالهونڪر بُکن ۾ پاهه پيا ٿين. آءٌ جهنگ ۾ چاري لاءِ نڪتي هيس، انهيءَ لاءِ ته پيٽ قُوت ڪري کيراڙي ٿي ٻچن کي آبو ڪرائينديس، پر هن ماريءَ جي ور چڙهي ويس. هاڻي خدا جي واسطي منهنجي فقط ايترو وقت جند آزاد ڪرايو، جو مان ٻچڙن کي کير پياري ۽ کانئن آخري طرح موڪلائي اچان. هرڻيءَ جي هيءَ زباني ٻڌي، حضور جن کي رحم آيو، ۽ ماريءَ کي ننڊ مان اٿاري، کيس هرڻيءَ کي موڪل ڏيڻ لاءِ چيائون، پر ماري مڃي ئي نه. چوي ته پنهنجي سڄي ڏينهن جو شڪار هن ريت هٿن مان ڇو وڃايان. نيٺ حضور جن هرڻيءَ جي واپس اچڻ تائين ماريءَ وٽ ضامن ٿي رهيا ۽ هرڻي کي ڇڏيو ويو. ٻچن کي جڏهن مٿئين حقيقت جي خبر پئي، تڏهن ماءُ کي چوڻ لڳا ته تنهنجو کير اسان کي حرام آهي. تون جلد وڃي سردار دوجهان کي آزاد ڪراءِ، متان تنهن جي غفلت يا ديري ڪري ماري نه ستائين. پوءِ هرڻي پوئين پيرين واپس آئي. هرڻي جي سچائي ۽ حضور جن جي رحمد دلي ڏسي، ماريءَ کي رحم آيو ۽ هرڻي کي ڇڏي ڏنائين. جا هميشه لاءِ وڃي پنهنجن ٻچن سان ملي. هيءُ معجزو ظاهري طرح سنڌ جي گهڻن شاعرن بيان ڪيو آهي، جيئن ته رمضان ڪنڀر، سانوڻ فقير ۽ ٻيا هن ڏور ۾ صرف نالن جي لڪ آهي. معنى جو تعلق به ٻنهي واقعن سان گهڻو ميل جول رکي ٿو، تنهن ڪري ڏور سمجهڻ ڏکيو ٿي پيو آهي. نالا هن ريت ذئو معنى آهن:

عمر مراد آهي سردار دوجهان

(حضرت محمد ﷺ)

مني ” وڻ يا وڻ جو ٿڙ.
مارئي ” هرڻي.
ماڙ ” وطن، وٿاڻ.
” انجام.
ملير ” هرڻيءَ جو وٿاڻ.
حمير ۽ عمر ” حضور جن.

هاڻي ته معنى صاف ٿي پئي، جنهن جي شرح لکڻ جو ضرور ڪونهي، سانوڻ فقير جيڪي ظاهري طور بيت چيا آهن، سي به ٻڌڻ لائق آهن، تن مان ڪي بيت هيٺ ڏجن ٿا:

(1)

الله جل جلاله الله الصمد،
دروازا دوزخ جا باريءَ ڪيا هئا بند،
نرمل پنهنجي نور مان ڳالهه ڪئي پسند،
شاهه چڙهيو هو سيل تي ڪرين پيرين پنڌ،
ڦاٿل ڏٺائين ڦاهيءَ ۾ هرڻي انهيءَ هنڌ،
ست ڀيرا سڏ ڪيائين موٽي آءُ محمد،
ڪامل ڦيري ڪنڌ، ڏٺو حال هرڻيءَ جو.

(2)

ڏسي حال هرڻيءَ جو موڪل ڏنيس مير،
سگهو موٽج پوئتي، ڏيئي ٻچن کي کير،
ضامن آهيان تنهنجو متان ٿئين دلگير،
ڪڏهن ڪبي ڪانڪا توتي تدا مير،
باري بچائيندو پر ۾، تنهنجو ساهه سُڌير،
اڳيان سجهي ٿي ”سانوڻ“ چئي ڪاري قيام ڪبير،
سچ مڙيوئي سير، هرڻيءَ حڪم مڃيو.

(3)

هرڻيءَ حڪم مڃي چيو: ڪالهه به ڪالهونڪر،
باري منهنجا بر ۾ ٿا فاقو ڪاٽين ڦر،
هادي انهيءَ هنڌ تي آءُ ڄڻي آيس ڄر،
پيا هوندا پٽ ۾ ٻچا منهنجي ٻر،
ماري ويندا معصومن کي کائي ويندا خر،
سوين ايندا ”سانوڻ“ چئي، اتي جيت ۽ جناور،
لُچي ڏيئي لتر، متان ڀڄي وڃين تون ڀئو کان.

(4)

چي نڪي ڀڄان ڀئو کان نڪي لر،
ڏيئي کير ٻچن کي، آءُ وري ڪنديس ور،
قسم اٿم تو ذات جو، تون پاڪ پيغمبر،
ننگ سڃاڻي نر، پو حضرت کولي هرڻي.

(5)

حضرت هرڻي کولي، وٺي سنهن قسم،
ويجهي ٿي وڻڪار کي ڏٺائين ٿاڻو ۽ ٿم،
ڪري پيئي ڪلن تي دانهون ڪري دم،
ڌائي وٺو ڌڱڻا اوهين دير نه ڪيو دم،
پنهنجي ڙي پسوئڙا ڪا رلي آهي رقم،
پسي گوندر غم، هن جا ٻوٻٽ ڪري ٻچا اٿيا.

(6)

ٻوٻٽ ڪري ٻچا اٿيا تون اما اويري،
دانهن ڪري درد مان ٿي ڍنگهر تي ڍيري،
ڌائي وٺو ڌڱڻا اوهين ڦر ڇڏيو ڦيري،
مٿان اچي اوچتو ڪو پير کڻي پيري،
ويٺو هوم واٽ تي سو وڪوڙي ويري،
اتان آيو احمد ڄام جنهن ڀلي ڪيس ڀيڙي،
ڪڍيو ٻار ٻچن کي ٿي چٽي جو پيري،
ٻڙڪيو ٻچيري – ٿي موڪلائي معصومن کان.

(7)

موڪلائي معصومن کان ڳچيءَ پايو ڳل،
چيائون کير حرام ٿيو تون چوپيري چل،
يا تنهنجا هر ام ٿيا تون هچاري هل ،
محمد جهڙي ميرکي تون ورندي ڏيئي نه ول،
جنهن جو شاهه رکندو شل، سا رهجي ويندي رسول سان.

هن معجزي کي بيان ڪندي ”سانوڻ فقير“ ٻارهن بيت چيا آهن. مون کي ”ڏور“ نئون علم ۽ هنر سمجهڻ ۾ آيا تنهنڪري زور ڀريو مانس ته ڪي وڌيڪ ٻڌاءِ. ٿورو سوچي وري ٻيو ڏور چيائين؛-

(ڏور)

مومل ماڙيون چار ڪاڻ اڏايون مينڌري،
سوڍو سر چيو ڪينڪي وڻيس ڪين واپار،
جڏهن ڏنس ڏسُ ڪنوار-تڏهين محلين رسيو مينڌرو.

(شاهد)

مومل جي ماڙيءَ تي آيو راڻو رنگ ڪري،
ساڳو سڃاڻوس سرتيون، اوهين ڌيان ڌري،
سا مر مومل مري، جنهن سوڍي کي سرهو ڪيو.

ڏور ڏيئي بس ڪري پاڻهي سمجهائڻ شروع ڪيائين. چيائين ته حضرت دائود عليه السلام جي وقت ۾ نصوح نالي هڪ شخص ٿي گذريو آهي. پهرين ته هو وڏو دولتمند هو، پر پوءِ پنهنجي بدڪارين ڪري ڪنگال ٿي ويو. نيٺ سندس ڌنڌو وڃي رهيو مردن جا ڪفن لاهڻ، جيڪي مرد تازا پوريا هئا، تن جا ڪفن لاهيو وڃي وڪڻندو هو. انهي وقت ۾ ڪا نيڪ ۽ پرهيز گار عورت اُتي رهندي هئي. تنهن کي اچي خوف ٿيو ته هيءُ نامراد مون سان به ساڳي ڪار ڪندو، ائين ويچار ڪندي هڪ ڏينهن نصوح کي پاڻ وٽ گهرايائين. چيائينس ته تو کي ڪفن لاهڻ جي عادت آهي، پر مان تو کي پنهنجي ڪفن جي قيمت کان ٻيڻا پئسا ڏيان ٿي، انهي لاءِ ته تون جيئن مئي پڄاڻان منهنجو ڪفن نه لاهين. نصوح رقم وٺي راهي ٿيو ۽ اهڙو انجام به ڪري ويو. مائي کي انهي هوندي به مٿس اعتبار نه آيو، تنهن ڪري وارثن کي وصيت ڪري ڇڏيائين ته جڏهن آءُ مران تڏهن منهنجي قبر ساڻ گڏ ٽي ٻيون خالي قبرون به ٺاهي ڇڏجو، جيئن اهو ڪفن ڪش منهنجي سچي قبر سڃاڻي نه سگهي. جڏهن اهو وقت آيو ۽ مائيءَ دم ڏنو، تڏهن سندس وصيت موجب کيس چئن قبرن مان هڪ ۾ نيئي پوريائون.
”هيرئي سندي هير ٽنگ ڀڳي به نه لهي“ جي مصداق، نصوح پنهنجو واعدو وساري، پنهنجي عادت پوري ڪرڻ جي ارادي سان قبرستان تي ڪهي آيو. هڪ هڪ ڪري قبرون کوٽڻ لڳو، جڏهن اصلي قبر جا اڏا الٽايائين، تڏهن هوءَ مائي، جا بزرگ ۽ خدا رسيده هئي، تنهن جيئري جاڳندي تصوير ۾ اچي کيس هڪل ڪري چيو ته حيف هجيئي!، نيٺ ڪين رهيئين!. مائي جو ڳالهائڻ ٻڌي هن کي ايترو ته ڊپ ٿيو جو پوئين پيرين وٺي ڀڳو ۽ وڃي ڪٿي ڪريو. ڌڻيءَ جو خوف مٿس ايترو طاري ٿيو جو سچي توبهه ڪري هميشه لاءِ ڪنج خلوت ۾ رهي ڌڻي ياد ڪندو رهيو.

(ڏور جي معنى)

مومل مراد آهي اها نيڪ عورت
ماڙيون چار ” چار قبرون
ڏنس ڏس ڪنوار ” نيڪ عورت جو کيس
هدايت ڪرڻ
محلين رسيو ” منزل تي پهتو،
هدايت تي هليو.
مومل جي ماڙي ” نيڪ عورت جي قبر

سوڍي کي سرهو ڪيو ” بدڪار کي نيڪو ڪار

ڪيو.

مون کي اڄڪلهه جي ادبي ماهرن جو ٿورو آزمودو آهي ته هو ”ڏور“ جي وجود تي گهٽ اعتبار ٿا ڪن، يا ته بلڪل ڪو نه ٿا مڃين. مگر هنن کي ائين وسهڻ گهرجي ته 18 صدي عيسوي ۾ جڏهن سنڌي شعر ۽ شاعري چوٽ چڙهي وئي هئي، تڏنهن اهڙا سڌير به پئدا ٿيا هئا، جن عجيب معمائئون چيون ۽ گفتگو ۾ ڪم آنديون ٽپال جي پوري بندوبست نه هئڻ ڪري سالڪ هڪ ٻئي ڏي معما ۾ پيغام موڪليندا هئا جن جي قاصد کي به سُڌ ڪا نه پوندي هئي، پر وقت جي بي پرواهي ڪري اهي حڪومتون بي معنى رهجي ويون. ۽ جي پوءِ ِ آهستي آهستي انهي در جي تي اچي پهتيون، جو مٿن اڄ ڪو به اعتبار ڪو نه ٿو ڪري!، انهي پيچيدي هنر جو شجرو هن ريت آهي:-

(1) بيت (2) هنر (3) ڏور (4) ڳجهارت (5) آڇاڻي يا پرولي (6) ڏِٺِ. انهن ڇهن قسمن جو پاڻ ۾ لاڳاپو هن ريت آهي: بيت ۽ ڏور پاڻ ۾ ويجها آهن. سندن ٻولي ۽ بيهڪ ۾ ٿورو تفاوت رهي ٿو. (2) ڳجهارت، هنر ۽ ڏٺ ساڳئي دفعي مان آهن. هنر البت ٻوليءَ ۽ بيهڪ جي لحاظ سان بيت ۽ ڏور سان مائٽي ڪري ٿو. (3) باقي آڇاڻي يا پرولي به حقيقت ڪري ڳجهارت جي ننڍڙي ڀيڻ آهي، پر پنهنجي خالي رهي ٿي. سڀ کان وڌيڪ ڏکيو سمجهڻ آهي، ڳجهارت ۽ ڏٺ جو. باقي ڏور ۽ هنر مدار رکن ٿا، وسيع معلومات تي. اهڙي ريت آڇاڻي سمجهڻ لاءِ به سمجهه کپي.

خير، پوءِ ته اچي ڏورن جي پلٽ شروع ٿي. سج به لڙي ويو، تنهن ڪري اٿي راهي ٿياسون. رات وري ساڳي اوطاق ۾ گذاري، صبح جو اٿي روانو ٿيس.

لاڙ جا ماڻهو

وياسي وينجهار، هيرو لعل ونڌين جي،
تنين سندا پويان سيهي لهن نه سار،
ڪٽن ڪٽ لوهار، هاڻي انهيءَ ڀيڻين.

(شاهه)

ڪوڙو نه مٺو ڪلام آهي، ڪهڙو نه سهڻو شعر آهي. ميٺاس ۽ سوز سان گڏ منجهس ڪيترو نه سچ سمايل آهي. وچ ۾ صدي گذري وئي، مگر ڇپا مجال جو سچي سالڪ جي سلوڪ مان ڪو وينجهار وِڏِ ڪڍي، جيڪي فرمايو اٿس، سو ڄڻ ته مُنڊيءَ تي ٽِڪَ!
اوهان مٿي لاڙ جو اڳيون اوج پڙهي آيا. لاڙ جي اهميت کان واقف ٿيا تنهن سان گڏ لاڙين جي ٿورن جا ٿورائتا به ٿيا. اڄ وري به لاڙي سر زمين وڃي ڏسو. ”هنج هلي ويا ملڪ مان. وڃي جاءِ جهلي زاغن“. نه اهي سالڪ، نه اهي شاعر ۽ نه اهي وينجهار ئي رهيا.
ملڪ ڀڙڀينگ لڳو پيو آهي. نه منجهس اهي مزيدار محفلون، نه قرب واريون ڪچهريون ۽ نه رس ڀريون رهاڻيون رهيون آهن. ماڻهن مان مِهرَ ۽ مزو موڪلائي ويو آهي. اڳيان اکر ئي لٽجي ويا آهن. ڪين چئجي ته هيءُ ڪي انهن جا پراڻا پَڊَ آهن. جي ڪچهرين ۽ مجلسن ۾ اوچي ڳاٽ ڳالهه ڳالهه پٺيان سهڻا ۽ مڌر سلوڪ چوندا هئا، مثال ۽ پهاڪا پيش ڪندا هئا. سالڪن جون سرائتيون چوڻيون مثال طور پيش ڪندا هئا. اڄ لاڙ ۾ ڇا آهي؟. فقط انهن جا مقبرا اڏيل آهن، جتي ڪنگ پيا رڙن، جن ۾ چٻرن جا آسٿان آهن، جتي مرن جا ٿاڪ ۽ وٿاڻ آهن، ٻيو ٿو ڀلو ڪٿي ڪٿي مجاور ويٺا آهن. اهي به طمع جا غلام بڻجي، مايا جي موهه ۾ عجيب رنگ رچايو ويٺا آهن. يعني انهن سدورن ۽ نيڪو ڪارن جي روحن کي راحت ڏيڻ بدران پاڻ عذاب ڏئي رهيا آهن. هر هڪ اهو قول ۽ فعل، جنهن کان سائين لوڪن پناهه ٿي گهري، سو سندن دائمي قيام گاهه تي ٻڌو ۽ ڏٺو وڃي ٿو!! اڄ جا پويان سچ پچ ته اڳين جو اولاد آهن ۽ انهن جي نسل مان آهن پر منجهن انهن جا اهڃاڻ بلڪل گهٽ آهن. مهانڊا ملن ئي ڪو نه ٿا ته سچ پچ هيءُ ڪي انهن وينجهارن جو وياءُ آهن، جن کي ساري دنيا ٿي نمي، جن کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان عزت جي نگاهه سان ڏٺو ٿو ويو، جن جي نظر عنايت سان، حيوان انسان ٿي ٿيا، موڙهل ماڳ ٿي رسيا ۽ اياڻا سياڻا ٿي ٿيا، جن وٽ طالبن ۽ صادقن جون قطارون ٿي آيون. اڄ انهن جو حال م ڏٺو ڀلو آهي. دسين پڌرن جو اولاد اڄ لوڙهي کان ٻاهر ٻڌجي ئي ڪو نه ٿو. پنهنجي ته ڪانه ٻاريائون پر اباڻي به اجهائي ويهي رهيا، جن کان ساري سنڌ سکي، سي پاڻ سڏجن ڪورا ڄٽ!، علم کان عاري، سست، هيڻا ۽ بزدل. پيءُ جي ننگ جو پٽ کي احساس ٿئي. سو هنين وٽ سورهين ڪينهين! مطلب ته تار کان توائي ۽ تال کان ٻاهر آهن.
عام طرح لاڙي ماڻهو سادا سودا، ٻالا ڀولا ۽ موڙهل آهن. منجهن علم، چستي ڇڙڪائي گهٽ. ٻين حالتن ۾ سرسري وچٿرا، اقتصادي حالتون به نه ساراهه جوڳيون ۽ نه ندا لائق. مطلب ته وچون وهه پيا وهن. اباڻي ورثي مان باقي وٽن فقط سادگي ۽ مهمان نوازي موجود آهي. ٻيو ٿيو ڀلو، ماڻهو زبان جا مٺا ۽ لحاظ وارا آهن. دولت جي نشي وارا به اهڙي اک پور ۽ واءُ وڏائي ڪانه رکن. قديمي زميندار ۽ جاگيردار سدائين سادي نموني هلن. سندن اوڇ پهر، کاڌ خوراڪ، ٻولي چالي، اٿ ويهه، سڀ سادي نموني، اڃا به ڪي شهري لاڳاپي وارا ماڻهو يا جن مغربي تعليم ورتي آهي ۽ مٿن اتان تعليم جو اثر ٿيو آهي، سي البت ڦريل رنگ واري جيوت گذارين، تن جي اٿ ويهه، پهر پوشاڪ ۽ گفتگو ۾ فرق آهي، باقي ٻيا سڀ ساڳي رند پيا رڙهن.
علميت ته منجهائن ويئي ڇڏائي، تنهن ڪري معلميت جو نالو ته مٿانئن بنا ڏني ورتي ڪڍي ڇڏي ويو آهي. باقي رهيا مڙيئي ماڻهو، تن جو گذر اوقات ٽن درجن ۾ وراهي سگهجي ٿو: (1) زميندار (2) هاري (3) مزور ۽ مالدار. زميندارن کي پاڻي جام پر، زمين مان ايتري اوپراس ڪانه اٿن، جيتري هئڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته زمينون گهڻو ڪري يڪ فصليون آهن، تنهن ڪري واڌ کوٽ جي پورائي ۾ پئجيو وڃي. زميندار پاڻ بت تي تئو ڪو نه ڏين. سندن سارو ڪاٻارو ۽ ڪمام ڪمدارن جي حوالي ڇڏيل هوندو آهي. فصل لٿي حساب ڪتاب به انهن جي بلي. زميندار فقط حقو ٽانڪي اوطاق جي سونهن ٿيو ويٺا هوندا آهن، علم منجهن خير ڪو آهي، ليکي چوکي جي سڌ ڪانه پوين، تنهن ڪري ڪمدار جيڪي هٿ سان ڏيندن، سو غنيمت سمجهي صبر ۽ شڪر ڪري ويهي رهندا. اهو ئي سبب آهي جو سڄين ديهن مان پيٽ پورائو به مس ٿو ٿئين. پنهنجي ڪجي پڪيءَ تان گهمرو ڪرڻ کانئن ڪو نه پڄي. تنهن ڪري جو پنو تنهن ڇنو. ٽارو ٽارو ٿي سڄي لٽجو وڃي. سندن گهرو ڪاٻارو هلي کنئي کنڌي تي. بٽئيءَ ڏينهان واپار وهي کڻي آيو ته هڙ موڙي هضم. جو ٻوليندو سو لهندو. ڀلا هجي ڪا لکيت جنهن مان پورو پوين!، پڇاڙي ۾ ايترو ڪو نه بچندن جو ٻج لاءِ رکن. واپاري وري هڻن ڌڪ ڪاپاري. وٺن هڪ بها ته ڏين وري ٻيڻي بها سا زميندارن کي ٻج وري به واپارين کان وٺڻو پوي. تنهن ڪري ”ادي مئي، ادو ڄائو، اسين اوتري جا اوترا.“ هارين ۽ مزدورن کان وڌيڪ زميندار قرضي ڏسبا. جي ڪنهن کي ڪنهن فصل تان چار ڪڻيون بڇيون ته پوءِ وجهندو نانگن جي ٻرن ۾ هٿ، ويندو اونڌيون مئيندو، جيسين هڙ هلڪي نه ٿي اٿس، تيسين سک نه سمهندو، غريب مار البت ملڪ ۾ گهڻي.
سهٽيرڙا هيڻن تي هلائون ڪرائين، غريبن جا جهڳا جهورائين ۽ سندن چوريون ڪرائين وغيره. پاٿاريداري جو نمونو ملڪ ۾ گهڻو تنهن ڪري چڱو مٺو سڀ پوليس جي اک. جيسين ڳنڍ نه کولين، تيسين ڪٿي ٿا پٽڪو بچائين، ڪنهن نه ڪنهن اوطاق تي ضرور پوليس جو ڊَنبُ لٿل ڏسبو. ڪڏهن ڪنهن جي کاٽ جي ڳولا ۾ ڪڏهن ڪنهن جي وهٽ جي پڇا ۾. مطلب ته مڙيو ئي ڪو نه ڪو مامرو مٿي تي هوندن. جيڪي چار ڏوڪڙ ٻچن جي قوت لاءِ پاسيرا ڪري رکيا هوندائون، سي ٿيندا انهن واڳن جي بلي ۽ پاڻ سڃائي رهجي ويندا. عام چوڻي آهي ته ”ڀاڳئي جو گهر ڀڳو ته پوليس جو گهر اڏيو“.
هارين جا وري ڪهڙا هال. ٻيڻا ٽڪا لکائي ٻج وٺن، سڄي مند کڻت تي کائين، ميڙ ڇيڙهه زميندار جي وهن، گاهه پٺو سندن ڪچيءَ پڪيءَ مان پٽجي، عملدارن جي رسائيءَ لاءِ ڪڪڙ ٻڪر، گاهه داڻو، سندن گهران وڃي. ”ڪڪڙ ڪوريءَ جو نانءُ وڏير جو“ پوءِ به لاٺي زميندارن جي مرضي موجب ڏيڻي پوين. بٽئي جا نرخ به زميندار پاڻ ڪڍن. فصل لٿو ته هاري لاءِ سور جا سرجيا، ڏيتي ليتي وارا وڪوڙي ويندس. اڌ ته سنئون سڌو زميندار کڻي ويندس. وري ونگ وجهندس واڻيون، سڄي سال جي کاڌ جي حساب ۾ باقي ڪا مٺ اڌ وڃي ڇڏيندس. سا به آهتي کڻي ويندو. باقي پاڻ ويچارو اها گوڏ. اها ڪوڏر، رٺوئي رهجي ويندو. ڪٿي به هاري اڇين پڇين ڪو نه پسبو، ڇا ڪري؟ بيڪار نه آهي، سست نه آهي، پر ٻين لاءِ وهي ٿو ۽ بکيا ڍئي ٿو، پاڻ لاءِ فقط سور ساٿائي ٿو ۽ سي لهي ٿو، ايتري ڏي وٺ کان پوءِ به جي ڇٽي ته چڱو، سو به نه انسان ويچاري کي گهڻيون ئي گهرجون آهن. ذات نيات سان هلڻو، آئي وئي جي آڌر ڪرڻي، تنهن سان گڏ پنهنجي ننگ نام جو ويچار رکڻو. ڪيترين کي پهچي؟ مطلب ته هاري جي حياتي سدائين سورن ۾. پنهنجي پڃايل مان ته ڪو به هٿ ڪو نه اچيس. اڃا به ٻار ٻچو ٻئي هنڌان وڃيو لاب لائي ڪيو اچي، تنهن مان ڪي ڏينهن ڪڍي.
مزور طبقي ڏي ٿي نگاهه ڪجي ته اهي اڃا به زميندارن ۽ هارين کان چڱا رت ڏيو، روڪ ڪمايو اچن، جڏهن گهڻو ڪمائين تڏهن گهڻو کائين، جڏهن ٿورو ملين ته تن کي تسو ڏيو وقت ڪڍن. نه ڪنهن کان کڻ کندي کڻن ۽ نه کين ڪو ڏيئي. سندن لاءِ اها غنيمت آهي جو هٿ، سڄو ۽ هڏ سچو اٿن. روڪ ڪمايو پنهنجي دل گهري شئي جتان وڻين اتان وٺن. نه ڪنهن جي ٻڌن ۽ نه ڪنهن کي ٻڌائين. هو نه هڪ هنڌ حساب رکن ۽ نه پاڻ کي وياج وٽي ۾ ڳارين، جت پورهيو لڳو ات لڳايو. سڀاڻي نئون ڏينهن ته نئون روز. انهن جي حالت زميندارن ۽ هارين کان پاڻ بهتر. ڪپڙي لٽي ۾ به اهي ٺهيل، ٻار ٻچا به انهن جا ساڄا سنوان، انهن مان به ڪي جن کي پنهنجي عاقبت جو اونو آهي، سي ٿوري ئي وقت ۾ پاڻ ڀرا ٿيو بيهن. باقي جيڪي چٽي جا عادي ۽ ڇڙيءَ ٽنگ وارا آهن، تن جو ڪفن دفن به ٻين تي بوجو ٿيو پوي. مطلب ته ڪي گنگهر پيا گهارين ته ڪي موجون پيا ماڻين.
مالدار ماڻهو ته وري نه ڪنهن جي ٻڌي ۾ ڇڙيءَ ۾. انهن جو چانور ئي جدا رجهي. مال جي ٽهل ٽڪور ڪرڻ ۾ ڪيتري تڪليف اچين ته به ان جي پرواهه ڪانه ڪن. پنهنجو سک مال جي سهنج تان گهوريو. ڪن پنهنجو سک مال جي سهنج تان گهوريو ڪيو ڇڏين. مال وٽن جوءِ آهر ٿئي، ڇاڪاڻ ته سڀڪو چوپايو مال ساڳي جوءِ ۾ جالي ڪين سگهي. رڍون، گابيون ۽ مينهون ڪک کائين، تن لاءِ ٻيلا سڃ سما آهن. ٻڪري ۽ اٺن لاءِ پن ضروري آهن. تن لاءِ وري ڪک ڪي به ڪين آهن، تنهن ڪري مالدار مال جي سانگي وتن راتوڙا رهندا، جهنگ جهر جهاڳيندا ۽ ملڪ ماپيندا اهي نه سک سنڀرن ۽ نه سور سڃاڻن. اهي ڄڻ ته ڄاوائي مال جي تات لاءِ آهن.

ماڻهن جي پوشاڪ ۽ رهائش

ماڻهن جو ڏيک ويک ملڪي حالتن تي گهڻو مدار رکي ٿو. لاڙ ملڪ ڏڪار جي ڏنجهه کان گهڻو بچيل رهي، جت آميا ان ٿين تت وري ٻي ڪنهن جي ڪاڻ. ماڻهو گهڻو ڪري هڪ حالا، اوڇ پهر ۾ مرد سادا. زالون اڃا به اوچيءَ اوڇ تي دل ڪڍن. ڪپڙي جو زيان جهڙا مرد، تهڙيون زالون، سڀني کي گوڊ والون ڏسبيون. اوبداڻي جي اوڇ کان چيلهه چتڙ سڀ گڏيا پيا هوندن. زالن کي پاچن تي زريءَ ڀرائڻ جو گهڻو شوق ٿئي. مرد به ڪي ساڻن انهي شوق ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿين. يعني انهن جي پاچن تي به زري لڳل ڏسبي. وڏ گهراڻا ٻروچ ته سڄا زريءَ سان ٿڦيل ڏسبا. ڪوٽ، قميص، سٿڻ، ٽوپي، ويندي جتيءَ تائين زريءَ جڙيل ڏسبين. عام مردن کي مٿي تي ڦيڙها، ڪلهن تي اجرڪ ۽ تنهن وچڙ ڦلائين پٽاڙ پيل پسبي. لاڙي ماڻهن جي سڃاڻپ جون اهي خاص نشانيون آهن. ڪي ته ويچارا صفا غريب آهن، جن جون اوڇون آکا ٿي وڃن، تڏهن به ٽيهه ٽُڪر ڳنڍي وقت نڀائين. وار گهڻو ڪو نه وٺائين، تنهن ڪري چوٽا چيلهه ڍار هوندن. ڏاڙهي مٺ قد جهلين. سکيا ماڻهو ويڪرين ٻانهن وارا چولها چوڙين ۽ غريب ڦتيون پائين. اڄڪلهه جا نوجوان جن جو شهري ماڻهن سان گهاٽو واسطو رهيو آهي، يا جي مغربي تعليم حاصل ڪيل آهن، تن جي پهر پوشاڪ ۾ گهڻو ڦيرو پيل آهي. مطلب ته مرد رهائش جي رخ سارو ”جهڙو ويس تهڙو ديس“ جي مصداق پوشاڪون پيا ڦيرائين. مگر زالن ۾ پوشاڪ جي مٽ سٽ ڪانه پسبي آهي. پنهنجي قوميت جي ننگ ڪري اها ئي پر اختيار ڪيو اچن، جا سندن ۾ هئي. مردن جو به اهو ئي خيال رهندو آهي ته گهر ۾ ٻار ٻچو ويس نه بدلائين. بلوچ قومن جي زالن کي کڙي تائين چولها پيل ڏسبا، جي هوند سارو ڪن کي سوٽي ته ڪن کي ريشمي، جن کي گهگها ڪري چون. ميربحر عورتن کي اڇا يا رنگين پر نفيس ڪپڙي جا چولها پيل ڏسبا، جي هوند سارو ڪن کي سوٽي ته ڪن کي ريشمي جن کي گهگها ڪري چون. ميربحر عورتن کي اڇا يا رنگين، پر نفيس ڪپڙي جا چولها پيل هوندا آهن، باقي ٻيون قومون، جي سماٽ ۾ اچي وڃن ٿيون، تن جو ويس اهي ڪنجري، سکيا ماڻهو ريشمي ڪنجريون پائين، جن کي گج چون. ڪنجريون چولهن کان وڌيڪ خرچ کايو وڃن.
پردي جو رواج ملڪ ۾ گهٽ. سيدن ۽ پيرن کان سواءِ ٻيون قومون پردي جو خيال ڪو نه ڪن. ڪن چڱن خاندانن جون عورتون فقط وڏي چادر ويڙهي ٻاهر نڪرن، برقعي جو رواج تمام گهٽ ڏٺو ٿي. ڪٿي ڪٿي ائين به ڏسڻ ۾ آيو ٿي ته جن ماڻهن برقعي جو استعمال ٿي ڪيو، تن تان چٿرون ڪيون ويون ٿي. سبب اهو ئي ڄاڻايو ويو ٿي ته برقعو فقط پيرن ۽ سيدن لاءِ مخصوص ٿيل آهي، تنهن کي ٻيا ماڻهو استعمال ڪري نٿا سگهن.
لاڙي ماڻهن جي رهائش ڪوهستاني قومن کان گهڻو سڌريل آهي. ماڻهو شهر يا ڳوٺ ٺاهيو تنهن ۾ رهن. ملڪ سائو، آبادي گهڻي، تنهن ڪري آدم به منجهن گهڻو رهي. واپاري ڏي وٺ ڪري ڳوٺن ڳوٺن سان ۽ شهرن شهرن سان، وڏن رستن ذريعي ڳنڍيا پيا آهن. ڳوٺن ۾ اسڪول، ٽپال آفيس، ڍڪ ۽ اسپتالون وغيره آهن. وڏن ڳوٺن ۾ پوليس چوڪيون ۽ سرڪاري آفيسون به آهن، انهي ڪري ڳوٺن جي حالت سڌريل نموني تي آهي. صفائي سٺائي جو خاطر خواهه بندوبست ٿيندڙ آهي. ڪن شهرن ۾ ميونسپالٽيون ۽ سينيٽري بورڊون آهن، جي شهر جي سنڀال تي خاص ڌيان ڏين. سرڪار به پنهنجي طرفان ڳوٺن سڌارڻ تي گهڻو ڌيان ڏيندي آهي. باقي مارو ماڻهو، جي گذر جي سانگ سان ٺيٺ ٻهراڙين ۾ رهن ٿا، تن جي رهائش ڪا اهڙي سهڻي ڪانهي، ڪکانوان گهر، تن کي ڍنگهرن جا مڙس قد لوڙها لڳل هوندا. ساڳيئي ڪٽنب جا گهر، سڀيئي هڪ لوڙهي اندر هوندا، جن جي لنگهه لاءِ هڪڙي ئي ڳلي هوندي. شهرن کان وڌيڪ آدم ٻهراڙي ۾ رهي ٿو پر سڀ پنهنجي سانگ سارو رهن. ڳوٺ ٻڌي رهڻ جو انهن ۾ خيال گهٽ آهي. هاري ناري پوک جي سهنج تي ڪڙين ۽ واهن جي ويجهو اجها اڏيون ويهن. مالدار مال جي سانگ سان وڻراهه ويجهو وڃيو ويهن.

لاڙ جي صحت

لاڙ جا ماڻهو کاڌي جا کايار، هڏ ٺوڪر، ٿلها متارا ۽ قداور آهن پر سنڌ جي ٻين ڀاڱن وارن ماڻهن کان البت گهٽ، انهي ٿولهه ۽ متارائي هوندي به هو سست، نٻل ۽ هيڻا واقعي آهن. سندن چهرو ڦڪو، منهن لٿل، بند منجهيل ۽ لڱ رڌل آهن. ڪم تي چاهه گهٽ ۽ ننڊ تي پيار وڌ اٿن. سمجهجي ٿو ته گهٽ ڪم ڪرڻ ڪري بت تي چوڙهو چڙهي ويو اٿن. سستي منجهن گهر ڪري وئي آهي. زمين لاهي، تنهن تي پاڻي اچي موڪ، تنهن ڪري ڪوڏر جي ڪمائي سنڀرن ئي ڪو نه.
هوا ملڪ جي گهميل، تنهن ڪري ڪوسي ٿڌي نه سڃاڻن ۽ نه سهن. مڇرن جي ملڪ ۾ سخت مار، سڄو سرءُ تپاولي ۾ گهارين. سوپاري جي ڇاپي جي هير ايتري اٿن جو ان سنئون واپاري کي سوپارين جو کنڌو ڀرين. هر ڪنهن جي کيسي ۾ سوئڙي ۽ سوپاريون سدائين هونديون. سوپاري رت جو وڃائڻ آهي. سوپاري کائڪ نه ڊوڙي سگهي ۽ نه ڪم ڪري سگهي. ٿورو تئو آيس ته سهڪي پئي پوندس. انهن سببن ڪري لاڙي ماڻهو ڏٻري ڍور مثل هيڻا ۽ سست آهن.
ملڪ ۾ ميلن ملاکڙن جو شوق به ڏاڍو آهي. تنهن ڪري ملهه جا ڪوڏيا جوان، جي پنهنجو بت ڌڻائين ٿا، سي ڏاڍا جوان ۽ پهلوان آهن، باقي عام طرح منجهن چاڙهو ڪونهي. ڪنهن ڏکئي ڪم ۾ لڳا ته ڪوڙي ڏاند وانگي پڙ ڪڍي بيهي رهندا. نڪمي ماڻهوءَ جي نشاني آهي ڇڇ ڇڻيل ۽ ڀڀ ڀريل. اهي علامتون لاڙين ۾ البت سرس آهن، تنهن ڪري سندن صحت سٺي ڪانه چئبي.

ڏسڻي

1- ماڻهن، قومن، ذاتين ۽ ٻولين جا نالا

(الف)

الهه بچايو يار محمد سمون الف ارغون 22

اسحاق آهنگر 24، 25، 29، 32، 37، 54

آخوند محمد قاسم 51

ايراني 57

افغاني 57

انگريز 57، 64

آريه 59

اپڀرنش 60، 61

آسامي 60

اڙپا (لاوڙيسا) 60

اميد علي 88

(ت)

تماچي 16، 24

تاجاڻي 28

ترڪي 64، 65

(ٽ)

ٽالپر 27، 28 ، 63

(ث)

ثابت علي شاهه 49

(پ)

پنهون 16

پارسي 57، 63، 65

پالي 59، 60

پراڪرت 60

پئشاجي 60

ڀڇمي هندي 60

پنجابي 60

پشپا لوڪ 60

پورچوگيز 63، 65

پشتو 64، 65

(ج)

جکرو 16

جمن چارڻ 49

جرمن 57

جين ذرو 60

ڊاڪٽر گربخشاڻي 44

ڊچ 57

(ر)

راڄو 24، 29، 37

راءِ ڏياچ 36

روسي 57

راءِ گهراڻو 61

رحيم بخش 88

رمضان ڪنڀر 98

(س)

سسئي 16

سومرا 22، 36، 41، 61، 94

سما 22، 28، 29، 63، 94

ساموئي 26

سسئي پنهون 36

سهڻي ميهار 36

سرفراز ڪلهوڙو 49

سچل سرمست 50

سنسڪرت 58، 59، 60

سور داس 60

سرائڪي 62، 64، 65، 66

سر بارٽل فريئر 65

(ص)

صفر 83، 87

(ع)

عبدالله 17

عرب 15، 20، 61

عمر سومرو 17، 95

عمر مارئي 36، 45، 94

عنايت فقير 39

علي نواز جتوئي 67

عمر 83، 87

(غ)

غلام شاهه ڪلهوڙو 42

غلام محمد شاهه گدا 54

غزنوي 63

غلام علي الانا 67

(ق)

قاضي قاضن 28، 29، 30، 32، 37، 54

قليچ 54

(ڪ)

ڪئونرو 16

ڪئپٽن جارج اسٽڪ 23

مارئي 17، 95

مومل 17، 36، 101، 102، 103، 104

مخدوم نوح رحمت الله عليه 30، 31

مخدوم آدم سميجو 30

مخدوم ضياءُالدين 31، 33، 40، 42، 54

مولوي ابوالحسن 31، 41

ملا معين ٺٽوي 31، 42

مخدوم محمد هاشم 31، 41، 42، 51

ميان محمد حسين 31، 41

مخدوم محمد ابراهيم 31

مخدوم عبدالله 31، 41، 43، 54

موسي آهيداني 46

مير ڪرم علي 49

ملاح سرفراز 49

مير عبدالحسين سانگي 54

مرتضائي ٺٽوي 54

مخدوم عبدالرحيم گروهڙي 55

مهاراجا اشوڪ 59

(ب)

بزيسل 17

برٽن هيگ 26

بانڪو شاه بهرام 36

برج ڀاشا 60

بنگالي 60

برهمڻ گهراڻو 61

بلوچي 64، 65

(ٻ)

ٻڌ ڌرم 50

(ڀ)

ڀيرو مل 41، 67

ڀوجپوري 60

(ڄ)

ڄام جوناه 23

(چ)

چنيسر 16

چئٽرجي 56، 61

(ح)

حافظ شيرازي 37

حافظ حامد 54

حضرت محمد صلي الله عليه وسلم 97، 99، 101

حضرت دائود عليه السلام 102

(خ)

خواجه محمد زمان لواري وارو 43، 44، 45، 54، 55

خليفو گل محمد هالائي 50

(د)

ديوان خوشيرام 38

داردرڪ 61، 66

(ڏ)

ڏيون مل 71

(ڊ)

ڊاڪٽر بلوچ 43، 46، 47، 55، 56، 60

سراج الحق ميمڻ 97

سانوڻ فقير 98، 99، 100، 101

سوڍو 102، 104

سيد فاضل شاهه فاضل 52، 53، 54

(ش)

شاهه عبداللطيف ڀٽائي 2، 4، 32، 39، 43، 45، 47،48، 54، 55، 96

شاهه عبدا لڪريم 30، 31، 37، 38، 43، 54، 55

شيخ حماد 24، 29، 32، 37

شمس العلماءُ ڊاڪٽر دائودپوٽه 30، 45

شاهه عنايت صوفي 31، 38، 39، 43، 54، 55

شاهه عنايت رضوي 31، 39، 43، 45، 46، 47، 54،

شاهه محمد مڪي 45

شئور سيني 60

شمس الدين ببل 82

ڪلهوڙا 27، 28، 32، 33، 39، 41، 63

ڪاليداس 59

ڪوڪني 60

ڪشميري 60

(گ)

گرامي (مرحوم غلام محمد) 24، 25، 26، 27، 31، 37، 38، 39، 43، 49، 50، 52، 54، 55، 56، 58، 61، 62، 67

گرو نانڪ 27

گريئرسن 56

گجراتي 61

(ل)

ليلا 16

ليلى مجنون 36

لطف الله قادري 38، 43، 55

ليلارام وطن مل 54

(م)

محمد بن قاسم 15، 20

ماموئي 25

مرهٽا 60

ماگدي 60

مهاراشٽري 60

مئٿلي 60

ملباري 64

مير بحر 66

مينڌرو 101، 102

مورڙو 17

(جهه)

جهگميو 69

(ن)

نوري 16

ننگر 26

نواب اعظم خان 31

ناگر اپڀرنش 61

نصوح 102، 103

ناگپوري 60

(و)

وراچڊ اپڀرنش 61

(هه)

هير رانجهو 36

هندو 57، 59

(ي)

يوسف زليخان 36

يوناني 57









2- شهرن، ملڪن، مڪانن، ڍنڍن، ندين جا نالا






(الف )

ايراني نار 14

افغانستان 14، 64

ايران 14، 23، 28، 32

اروڙ 25، 27



(ب)

برهمڻ آباد 14

بٺورو 69

بلوچستان 64

بنارس 58

(ڀ)

ڀارت 14

ڀنڀور 4، 14، 16

(ٺ)

ٺٽو 24، 29، 39

(ٿ)

ٿر 9

(ج)

حجاز 14

حيدرآباد سنڌ-الف 9، 11، 24، 51

عمر ڪوٽ 17

عربي سمنڊ 17

( )

ڦليلي 11

(ق)

قنڌار 28

(ڪ)

ڪراچي 10، 11، 66

ڪوٽڙي 10، 66

ڪينجهر 16، 68، 69

ڪلاچي 17

(ک)

کڏو (ڪراچي ‎) 66

(ل)

لنڊن-ب

لاڙ-الف 2، 3، 7، 9، 13، 14، 15، 16، 17، 18، 19، 20، 21، 33، 66، 68، 92، 106، 107، 114، 118

لغاري 43

- لکمير ديهه 46

(جهه)

جهوڪ 31

(د)

دادو 9

ديول بندر 14

دهلي 31

(ڏ)

ڏکڻ آفريڪا 57

(س)

سنڌ 3، 14، 15، 17، 18، 20، 25، 30، 31، 33، 56، 79، 81، 92، 96، 108، 118

سوڊان 14

سورت 14

سيوهڻ 28

سنڌوندي 56

سونڊا 58

(ع)

عراق 14

عمان 14

عربستان 15، 32

(م)

ميسر ڳنڍو 14، 20

مصر 14، 15

ملبار 14، 64

مڪران 14

مڪلي 17، 42

مغلڀين 82

مٿرا 60

ماگدا جهار 60

(ن)

نيرون ڪوٽ 14

نجد 14

نصرپور 43، 46

(هه)

هاڪڙو 25، 27

هالا پراڻا 51

هيلايا 68

هندوستان 60

(ي)

يمن 14



2. ادارا، ڪتاب، ادبي تحريڪون






(الف )

ابوالحسن جي سنڌي 41

انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي 55

ابييات سنڌي 45

ارمغان حامد 54

اٿرويد 59

(ت)

تحفته الڪرام 25

(پ)

پران 58

(د)

ديوان گل 50

ديوان قاسم 51

ديوان فاضل 52

ديوان سانگي 54

ديوان خاڪي 54

(ڪ)

ڪنزالعبرت 43

(م)

مهاڀارت 95

مهراڻ (رسالو) 67

(ر)

رسالو ڪريمي 30

رگويد 59

رامائڻ 59

(س)

سنڌي ادبي بورڊ-الف 46

سير ڪوهستان-الف

سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ 56

سمرٿيون 58، 59

سام ويد 59

(ق)

قمر المنير 43

قديم سنڌ 45

(ل)

لاڙ جو سير –الف

لواري جا لال 43

(و)

ويد 58

(هه)

هندو يونيورسٽي 58

(ي)

يجرويد 59