سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران حبيب الله مولا بخش ڀٽو جو لکيل ڪتاب ”سنڌي ساھت ۽ مشھور مستشرقين“ يعني Sindhi Literature & Famous Orientalists اوھان اڳيان حاضر آھي.
ھن ڪتاب ۾ اٺن اھڙن ڌارين محققن جو ذڪر ڪيل آھي، جن سنڌي ساھت جي وڏي خدمت ڪئي ھئي. انھن محققن ۾ سر ايلس بروز، سر رچرڊ فئنسز برٽن، ڪئپٽن جارج اسٽئڪ، ميجر ايف جي گولڊ سمڊ، ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ، سر جان بيمس، سر جارج ابراھم گريئرسن ۽ ڪئپٽن ايم آر ھيگ شامل آھن.
ھي ڪتاب 1973ع ۾ مسڪين پبليڪيشن شڪارپور پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان حاضر آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھن