سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران سنڌي ٻوليءَ جو اوائلي ڪتاب ”نورنامون عرف مقدمہ صلوات (ابوالحسن جي سنڌي)“ اوھان اڳيان حاضر آھي، جنھن جو ليکڪ عبدالرحمان آھي.
هيءُ هڪ ننڍڙو سليس مذهبي ڪتاب آهي سنڌي ٻوليءَ جي ديني ادب جي ابتدائي دور ۾ نورنامي جي وڏي اھميت رھي آھي. ھي ڪتاب ھر گهر جي زينت ھوندو ھيو ، نورنامي ۾ الف اشباع جي قافيي وارا شعر سنڌ جي ديني لوڪ ادب جو اهم حصو آهن. ھن ڪتاب ۾ آسان فقھي مسئلا آھن ۽ آخر ۾ سڳورين راتين ۽ مبارڪ ڏينھن جي احوال بابت ھڪ رسالو لُب لُباب منھاج الزاھدين ۽ سراج العابدين بہ شامل ڪيو ويو آھي.
ھي ڪتاب 1938ع ۾ مدينہ پبلشنگ ايجنسي ڪراچي پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي غفار احمد لغاريءَ جي سھڪار سان حاضر آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي