آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڪي نہ وسرن مور

ھيءُ ڪتاب فيض احمد فيض جي سوويت يونين جي مختلف موقعن تي ڪيل دورن جي يادگيرين تي ٻڌل آھي. فيض پھريون ڀيرو 1958ع ۾ سويت يونين ويو ھو. سندس خدمتن عيوض ھن کي سويت يونين جي سرڪار ”لينن امن ايوارڊ“ پڻ ڏنو ويو. فيض احمد فيض کي سوويت يونين جي سوشلسٽ سرشتي سان ڪنھن حد تائين اُنسيت بہ ھُئي ۽ پاڻ پاڪستان ءُ سوويت يونين جي وچ ۾ ھڪ خاموش سفير جو بہ ڪردار ادا ڪندو رھيو. فيض جو سويت اديبن سان ويجهو ۽ گھرو تعلق رھيو.

  • 0/5.0
  • 16
  • 0
  • 2 سال اڳ
  • 0
Title Cover of book ڪي نہ وسرن مور
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران  نامياري شاعر ۽ ليکڪ فيض احمد فيض جي يادگيرين جي ڪتاب جو سنڌي ترجمو ”ڪي نہ وسرن مور“  اوھان اڳيان حاضر آھي، جنھن جو سنڌي ترجمو ڊاڪٽر سحر امداد ڪيو آھي.
ھيءُ ڪتاب فيض احمد فيض جي سوويت يونين جي مختلف موقعن تي ڪيل دورن جي يادگيرين تي ٻڌل آھي. فيض پھريون ڀيرو 1958ع ۾ سويت يونين ويو ھو. سندس خدمتن عيوض ھن کي سويت يونين جي سرڪار ”لينن امن ايوارڊ“ پڻ ڏنو ويو. فيض احمد فيض کي سوويت يونين جي سوشلسٽ سرشتي سان ڪنھن حد تائين اُنسيت بہ ھُئي ۽ پاڻ پاڪستان ءُ سوويت يونين جي وچ ۾ ھڪ خاموش سفير جو بہ ڪردار ادا ڪندو رھيو. فيض جو سويت اديبن سان ويجهو ۽ گھرو تعلق رھيو.
اصل ڪتاب 1981ع ۾ ڇپيو جڏھن تہ سنڌي ترجمي سان ھي ڪتاب 2012ع ۾ سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي پاران  نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ وٽان ڇپايو ويو ،  جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان حاضر آھي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي
سنڌسلامت پاران

ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا

ھيستائين ڪابہ ريٽنگ ناھي مِلي



ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.

  • مصنف فيض احمد فيض
  • سنڌيڪار ڊاڪٽر سحر امداد
  • ڇپيو ويو 2012
  • ڇپائيندڙ ثقافت کاتو حڪومت سنڌ
  • ڇاپو پھريون
  • عالمي ڪتاب نمبر
  • آن لائين ٿيو 04/Nov/2022
  • ترجمو آھي؟ جي نہ
  • ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي نہ
  • لاٿو ويو 0 ڀيرا

ڪتاب ۾ ٽِڪليون