سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران پروفيسر عبدالغني فاروق جي سھيڙيل ڪتاب جو سنڌي ترجمو ”اسلام اسان کي ڇا ڏنو؟ (حصو پھريون)“ اوھان اڳيان حاضر آھي، جنھن جو سنڌيڪار عبدالھادي ٿيٻو آھي.
ھي ڪتاب ممتاز نو مسلم ڏاھن، عالمي فلاسافرن ۽ سمجهو انسانن جي تلاش حقيقت جي تاثرات تي مشتمل آھي، جيڪو انتھائي دلچسپ، معلوماتي ۽ ايمان افروز آھي. آھن. ھن ڪتاب ۾ اھو ڏنل آھي تہ ڪھڙو ڏاھو اسلام جي ڪھڙي خاص پھلو کان متاثر ٿيو؟. ھن ڪتاب کي پڙھي اھو سمجهي سگهجي ٿو تہ سمجهو انسانن ۽ ممتاز ڏاھن اسلام خاطر پنھنجي خاندان ۽ نسل جي قرباني ڇو ڏني؟ اھي روح افروز تفصيل پڙھڻ وٽان آھن.
ھي ڪتاب 1995ع ۾ سنڌ نيشنل اڪيڊمي ٽرسٽ، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو ، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان حاضر آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي