مذهب

زينت النساءِ

هن ڪتاب جو مرتب احقر الانام عبدالواحد شيخ ٿريچاڻوي آهي.اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هي ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2236
  • 682
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book زينت النساءِ

سنڌ سلامت پاران

سنڌ جا سڄڻو سلام ..........

سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن متعارف ڪرائڻ جو جيڪو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ستٽيهون (37) ڪتاب زينت النساء اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هن ڪتاب جو مرتب احقر الانام عبدالواحد شيخ ٿريچاڻوي آهي.

اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هي ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي.

اوهان سڀني دوستن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
salamatsindh@gmail.com
www.sindhsalamat.com

ٻه اکر

ڪتاب پڙهندڙن کي هيءَ ڳالهه چڱي طرح ياد رهي ته جنسي جذير انسان جو هڪ فطري جذبو آهي. جيسيتائين اعتدال ۾ رهي ۽ پاڪيزگيءَ سان گڏ هجي زندگيءَ ۾ لطف ۽ خوشي پيدا ٿئي ٿي ۽ بني نوع انساني لاءِ ذريعه بڻجي پوي ٿو ۽ ان مان الفت ۽ محبت جو مقدس رشتو مضبوط ٿئي ٿو.
پر جيڪڏهن اهو ئي جذبو حد کان لنگهي وڃي ٿو ته جانورن جي طبيعت اختيار ڪري ٿو ته پورو نظام زندگيءَ جو برباد ڪري ڇڏي ٿو. باهمي تعلقات ۽ معاملات جو سارو نظام فضول ۽ مصنوعي ٿي پوي ٿو. پوءِ پاڻ ۾ نفرت ۽ عداوت جا شعلا ڀڙڪن ٿا ۽ انسان اشرف المخلوقات جي مرتبه کان هٽي ڪتي ۽ ٻلي جي صفت ۾ وڃي بيهي ٿو شال الله تعاليٰ سڀني کي عقل ۽ هوش کان ڪم وٺڻ جي توفيق بخشي.
وما توفيقي الا بالله

احقر العباد
عبدالواحد شيخ ٿريچاڻوي
سن 1415هه بروز آچر 3 شوال المڪرم
هر ڪه خوالد دعا طمع دلرم
زانکه من بنده گنهگارم
ايکه بينده درنچ مدار
رزيني مغفرت دعا رزما

باب پهريون

---

چند ڀلارن جا ٻول

مڙس کي پنهنجي گهر واري سان سختي سان پيش نه اچڻ گهرجي جيڪڏهن هڪ ڳالهه کان ناراض آهي ته ٻي ڳالهه کان ضرور خوش هوندو (سير)
2. توهان مان سڀ کان ڀلو اهو آهي جو پنهنجي گهرواري سان سٺو پيش اچي ٿو. (مشڪواة شريف)
3. جيتري قدر مڙس پنهنجي گهرواري سان چڱو پيش اچي ٿو اوترو ايمان ۾ مضبوط آهي. (ترغيب)
4. ٻن هستين جي باري ۾ خدا کان ڊڄو هڪ گهرواري ٻيو يتيم (ترغيب)
5. گهرواري سان محبت پيش اچڻ ۽ ان جي منهن ۾ گرهه ڏيڻ وڏو صدقو ۽ فياضي آهي (مواهب)
6. عورتن کي پاڻ ۾ هڪ ٻي سان سهڻي سلوڪ ۽ ڀلائي ڪرڻ لاءِ چئو ڇو ته اوهان جي انهن سان شادي ٿي آهي توهان کي ڪو اختيار نه آهي جيسيتائين انهن کان ڪا برائي نه ٿئي انهن سان سختي نه ڪيو. جيڪڏهن اوهان جا انهن تي حق آهن ته اوهان تي به انهن جا حق آهن. (حقوق والدين)
7. جيڪڏهن ڪنهن کي ٻه گهرواريون آهن ڪو هڪ سان زياده پيار ڪري ٿو ته قيامت ڏينهن ان حالت ۾ اٿندو جو سندس بدن جو اڌ حصو سُڪل هوندو (مشڪواة شريف)
8. انسان کي خوش ڪرڻ لاءِ دنيا ۾ ڪافي شيون آهن مگر ان کان زياده خوشي پهچائيندڙ نيڪ عورت آهي (ڪنز العمال)
9. جيڪڏهن ڪنهن کي نياڻي ڄائي آهي ۽ هو ان جي چڱي طرح پرورش ڪري ٿو ته اها کيس دوزخ جا باهه کان محفوظ رکي ٿي. (ڪنز العمال)
10. جيڪو نياڻين سان ڀلائي ڪندو ته دوزخ جي باهه کان محفوظ رهندو (خصائص الکبريٰ)
11. جڏهن بي بي فاطمة الزهرا رضي الله عنها خاتون جنت حضور عليه الصلواة والسلام جن وٽ ايندي هئي ته پاڻ سڳورا سندن استقبال لاءِ اٿي بيهندا هئا. ۽ کين پنهنجي جاءِ تي وهاريندا هوا. (سير)
12. زال مڙس جو پاڻ ۾ اهڙو تعلق آهي جيئن ٻه جاڙا ٻار (مواهب)
13. جڏهن ڪا به عورت پنج وقت نماز پڙهي ٿي ۽ روزا رمضان شريف جا رکي ٿي ۽ پاڪدامن آهي ۽ مڙس جي فرمان بردار آهي ته قيامت ڏينهن ان کي چيو ويندو بهشت ۾ جهڙي دروازي کان داخل ٿئين. (ترغيب)
14. جيڪڏهن سجدو غير کي ڪرڻ جائز هجي ها ته آءٌ عورت کي چوان ها ته تون پنهنجي مڙس کي سجدو ڪر.
(مشڪواة شريف)
15. ٽن شخصن جي نماز روزو قبول نه آهي ۽ سندن نه نيڪي مٿي وڇي تن مان هڪ اها عورت آهي جا مري وڃي ۽ ان کان ان جو مڙس راضي نه هجي. (مشڪواة شريف)
16. جا عورت مري وڃي ۽ ان جو مڙس ان کان راضي هجي هوءَ جنت ۾ داخل ٿيندي. (احياء العلوم)

باب ٻيو

---

( هيءَ تقرير هڪ مولانا رائيونڊ جي اجتماع ۾ فرمائي)

هڪ نيڪ عورت ستر اولياء کان ڀلي آهي.
2. هڪ بُري عورت هزار بُري مرد کان وڌيڪ بُري آهي.
3. هڪ حامله عورت جون ٻه رڪعتون نماز يعني غير حامله عورت جي اسي (80)رڪعتن کان وڌيڪ آهي.
4. جا عورت پنهنجي ٻار کي پنهنجو کير پياري ٿي ان کي الله تعاليٰ هڪ قطري جي عوض هڪ نيڪي عطا فرمائي ٿو.
5. جڏهن مرد پريشان حال ۾ گهر اچي ٿو ۽ ان جي گهرواري ان کي دعا سلام ڪري کيس تسلي ڏي ته الله تعاليٰ ان کي ڏيڍ وڻ جهاد جو ثواب عطا فرمائي ٿو.
6. جا عورت ٻار جي روئڻ ڪري ساري رات اوجاڳي ۾ رهي ته الله تعاليٰ ان عورت کي ويهن غلامن جي آزاد ڪرڻ جو ثواب ڏئي ٿو.
7. جو آدمي پنهنجي گهرواري ڏي شفقت سان نهاري ٿو ۽ سندس گهرواري پنهنجي مرد ڏانهن شفقت سان نهاري ٿي ته الله تعاليٰ انهن ٻنهي ڏي شفقت سان نهاري ٿو.
8.جا عورت پنهنجي مڙس کي خدا تعاليٰ جي رستي ڏي جيئن تعليم يا جهاد پوءِ اها عورت پنهنجي گهر ۾ بااخلاق ۽ آداب سان رهي ٿي ته اها عورت ان مرد کان پنج سو سال جنت ۾ اڳ ويندي. ۽ اها عورت ستر هزار فرشتن ۽ حورن جي سرداري ڪندي يعني انهن جي به سردار هوندي ۽ ان عورت کي جنت ۾ غسل ڏنو ويندو۽ ياقوت جي گوڙي تي سوار ٿي پنهنجي گهروارن جو انتظار ڪندي.
9. جا عورت بيمار بار جي ڪري سمهي نه ٿي سگهي ۽ پنهنجي ٻچي کي خوش ڪرڻ ۾ لڳي پئي آهي ته ان عورت جا گناهه الله تعاليٰ معاف فرمائي ٿو ۽ ان کي ٻارهن سالن قبول پيل عبادت جي ثواب ملي ٿو.
10. جا عورت پنهنجي ڳئون يا مينهن وغيره جو بسم الله ڪري کير ڏهي ٿي ته اهو جانور ان عورت کي دعائون ڪري ٿو.
11. جا عورت بسم الله ڪري اٽو ڳوهي ٿي ته الله تعاليٰ ان جي روزي ۾ برڪت وجهي ٿو.
12. جا عورت ڌاري مرد کي ڏسي ٿي ته الله تعاليٰ لعنت وجهي ٿو جيئن ڌاري عورت کي ڏسڻ حرام آهي تيئن ڌاري مرد کي ڏسڻ به حرام آهي.
13. جا عورت گهر جي ٻهاري ڏئي ٿي ۽ خدا جو ذڪر به ڪري ٿي ڄڻ ان عورت بيت الله شريف کي ٻهاري ڏني يعني ان کي ايترو ثواب ملي ٿو.
14. جيڪا عورت حيا نه ڪري پوءِ جيڪي ان کي وڻي سو ڪري. (بخاري)
15. جا عورت نماز ۽ روزي جي پابند آهي ۽ پاڪدامن رهي ٿي ۽ مڙس جي تابعداري ڪري ٿي جنت ۾ جنهن دروازي کان وڻيس داخل ٿئي. (مشڪواة شريف)
16. ٻين شخصن جي عبادت مٿي نه ٿي وڃي هڪ نوڪر جو پنهنجي مالڪ کان ڀڄي وڃي ٻيو اها عورت جنهن کان پنهنجو مڙس نارض هجي ۽ اها نافرمان هجي.
17. جا عورت حامله آهي ان جي رات عبادت ۾ لکي ويندي آهي. ڏينهن سارو روزي ۾ لکيو ويندو آهي.
18. جڏهن عورت کي ٻار ڄمندو آهي تنهن لاءِ ستر سالن جي عبادت ۽ روزي جو ثواب لکيو ويندو آهي. ۽ عورت ٻار جي ڄڻڻ ۾ کيس تڪليف پهچي ٿي هر تڪليف تي سندس هڪ هڪ حج جو ثواب لکيو ويندو آهي.
19. جيڪڏهن عورت ٻار ڄڻڻ کان بعد چاليهن ڏينهن اندر فوت ٿي وڃي ته اها عورت شهيدن جي درجي ۾ لکي ويندي آهي باعتبار ثواب جي.
20. جڏهن ٻار رات جو روئي ٿو ۽ کيس ماءُ بد دعا نه ڏي ۽ کير پياريندي رهي ته ان عورت کي هڪ سال جي نمازن جو ثواب ڏنو ويندو ۽ هڪ سال جي روزن جو ثواب به ڏنو ويندو.
21. جڏهن ٻار جي کير پيئڻ جي مدت پوري ٿئي ٿي ته ان وقت هڪ ملائڪ آسمان کان آواز ڏيندو آهي ۽ چوندو آهي ته اي عورت! تو لاءِ الله تعاليٰ جنت لکي آهي.
22. جڏهن مرد سفر کان واپس اچي ۽ ان جي چڱي طرح آڌرڀاءُ ڪري ۽ پويان گهر ۾ خيانت نه ڪئي هجي ته ان عورت لاءِ ٻارهن سالن نفلي عبادت جو ثواب لکيو ويندو آهي.
23. جيڪڏهن ڪا به عورت پنهنجي مرد کي بغير چوڻ جي زور ڏئي ٿي ته ان عورت ڄڻ ست تولا سون جا خيرات ڪيا. جيڪڏهن مڙس جي چوڻ تي زور ڏنائين ته ڄڻ ان ست تولا چاندي جا خيرات ڪيا.
24. جنهن شخص جي زال فوت ٿي وئي ۽ مرد ان کان راضي آهي ته ان عورت لاءِ جنت واجب ٿي چڪي.
25. هڪ نيڪوڪار عورت ستر مرد کان ڀلي آهي.
26. پنهنجي عورت کي هڪ مسئلو سيکارڻ اسي(80) سال جي عبادت جو ثواب ملي ٿو.
27. جنت ۾ آدمي الله تعاليٰ جي ديدار لاءِ ويندا پوءِجنهن عورت پردي ۽ حيا ۾زندگي گذاري الله تعاليٰ ان کي ديدار ڪرائڻ لاءِ پاڻ ايندو.
28. عورتون ڌارين مردن کان پردو ڪن سنها ڪپڙا پائڻ واري عورت ۽ ماڻهن ۾ خواهش پيدا ڪرڻ واري عورت ڌارين سان ميل جول ڪرڻ واريون عورتون جنت ۾ نه وينديون بلڪ جنت جي هوا به نه چکنديون. (مسلم شريف)

باب ٽيون

---

ڪجهه معلومات

دنيا ۾ سڀ کان پهرين شهادت جو درجو بي بي سُميه رضي الله عنها کي نصيب ٿيو.
2. سڀ کان اول اسلام حضور ﷺ جن تي حضرت خديجه رضي الله عنها ايمان آندو.
3. سڀ کان زياده تڪليف دنيا ۾ برداشت ڪرڻ اوري بي بي آسيه رح فرعون جي گهرواري هئي.
4. سڀ کان اول محدثه حضرت بي بي عائشه رضي الله عنها هئي.
5. سڀ کان زياده محبت حضور جن عليه الصلواة السلام جن سان ڪندڙ اها عورت هئي جا حضور جن جي قبر مبارڪ تي فوت ٿي.

چهل حديث ( 40 حديثون )

هت چاليهه حديثون بيان ڪجن ٿيون.جن ۾عورتن جو ذڪر آهي
1. هڪ ڀيري رسول ڪريم ﷺ جن فرمايو ته جيڪا عورت خوسبو لائي اهڙي عام جاءِ تان لنگهي ٿي جتي مردن جون نظرون انهن تي پون ٿيون ته اها عورت انهي وقت تائين الله تعاليٰ جي ناراضگي ۽ غضب ۾ رهي ٿي جيسيتائين اها پنهنجي گهر موٽي نه اچي. (ڪنز العمال ص 217)
2. هڪ ڀيري پاڻ سڳورن فرمايو ته جيڪا عورت خوشبو لائي ۽ مردن جي پاسي کان لنگهي ٿي ۽ ان جي خوشبو انهن کي پهچي ٿي ته اها عورت زانياڻي ۽ بدڪار آهي هر اک جنهنتي پوندي اها به زناڪار ۽ بدڪار آهي. (ترغيب)
3. هڪ دفعي پاڻ سڳورن فرمايو ته ڏسڻ ۾ هڪ عورت پرده پوش آهي جنهن وقت اها ٻاهر نڪري ٿي ته انهيءَ وقت ان کي شيطان چنبڙي وٺي ٿو ۽ اها الله تعاليٰ جي انهيءَ وقت اها عورت الله تعاليٰ جي گهڻي نافرماني ڪندي آهي جيسيتائين اها پنهنجي خاوند مڙس جي گهر ۾ موٽي اچي (ڪنز العمال)
4. هڪ دفعي نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو ته عورتن کي اها اجازت (موڪل) نه آهي جو اهي بغير پنهنجي خاوند جي موڪل کان سواءِ ٻي ڪنهن سان ڳالهائي. (ڪنز العمال)
5. هڪ دفعي نبي ڪريم ﷺجن فرمايو ته جيڪا عورت خوشبوء عطر وغيره پنهنجي مڙس کان سواءِ ڪنهن ٻي غرض لاءِ استعمال ڪري ٿي ته اها عورت انهي سبب جي ڪري ذليل ۽ شرمنده هوندي (ڪنز العمال 261)
6. هڪ ڀيري حضور جن عليه الصلواة والسلام فرمايو ته مونکي اها عورت تمام ناپسند آهي جيڪا پنهنجي گهر کان دامن گهليندي مڙس جي شڪايت ڪرڻ لاءِ نڪري ويندي آهي.
7. هڪ دفعي حضور جن عليه الصلواة والسلام جن فرمايو ته جيڪا عورت پنهنجي خاوند مڙس جي بنا موڪل نڪري وڃي ٿي اها پنهنجي گهر جي اچڻ تائين يامڙس جي راضي ٿيڻ تائين الله تعاليٰ جي ناراضگي ۾ هوندي آهي. (ڪنز العمال)
8. هڪ ڀيري نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو ته جيڪا عورت پنهنجي ڪپڙن کي مڙس جي گهر کان سواءِ ٻي جاءِ تي لاهيندي آهي ته الله تعاليٰ ان جو پردو ڦاڙيندو آهي (ڪنز اعمال) ڪپڙن لاهڻ کان مراد پنهنجي اگهڙ تي مرد جي اڳيان کولڻ آهي.
9. پاڻ سڳورن هڪ ڀيري فرمايو اي عورتون! توهان پنهنجي محرم رشتي وارن جي علاوه ڪنهن به مرد سان نه ڳالهايو نه وري ڪا ڳالهه ٻولهه انهن سان ڪريو (ڪنز العمال)
10. هڪ ڀيري پاڻ سڳورن ﷺ جن فرمايو ته الله تعاليٰ ۽ ان جا ملائڪ هميشه اهڙي عورت تي لعنت موڪليندا آهن جيڪا عورت الله تعاليٰ جي نافرمان شين مان ڪنهن به شيءِ کي واپرائيندي آهي. ( ڪنز العمال)
11. هڪ دفعي رسول الله ﷺ جن فرمايو ته هڪ عورت جي بدڪاري هزار مردن جي بدڪاري جهڙي هوندي آهي. هڪ عورت جي نيڪي ستر صديقن جي نيڪي جهڙي هوندي آهي.
12. هڪ ڀيري نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو ته الله تعاليٰ جي طرف کان عورتن تي غيرت فرض ڪئي آهي ۽ مردن تي جهاد انهي پاران هاڻي جيڪا عورت ايمانداري ۽ ثواب خاطر انهي تي پابند رهندي ته انهي عورت کي شهيد جيترو اجر ملندو.
13. هڪ ڀيري نبي ڪريصم ﷺ جن فرمايو ته جيڪا عورت پنهنجن ٻارن ٻچن سان گهر ۾ ويٺي رهندي آهي اها جنت ۾ مون سان گڏ هوندي.
14. حضور جن عليه الصلواة والسلام جن فرمايو ته عورت جي لاءِ ٻه پردا آهن هڪ مڙس ٻيو قبر يعني انهن ٻنهين جاين جي علاوه رهڻ ۾ بي پردگي آهي.
15. نبي ڪريم ﷺ جن حج ادا ڪرڻ کان پوءِ ازواج مطهرات پاڪ زالون جن کي فرمايو ته آءٌ اوهان جي حج ڪري وٺڻ ۾ سڀ ڪجهه آهي هاڻي توهان تڏي جي وچ ۾ ويڙهجي پئو يعني هاڻي ٻاهر نه نڪرو.
16. نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو ته اهڙين عورتن تي جو قبرن جي زيارتن لاءِ ڦرنديون آهن انهن تي الله تعاليٰ جي لعنت وسندي ۽ اهڙي انسانن تي به خدا تعاليٰ جي لعنت هجي جو قبرن کي سجدي ڪرڻ جي جاءِ ٺاهيندا آهن.(ڪنز العمال)
17. حضور جن عليه الصلواة والسلام جن فرمايو ته خلع ڪرڻ واريون عورتون منافق هونديون آهن. خلع شريعت ۾ ان کي چوندا آهن جا عورت ڪجهه مال ڏي ۽ ان جي عوض مرد کان طلاق وٺي.
18. پاڻ سڳورن ﷺ جن فرمايو ته ڪنهن به عورت کي موڪل نه آهي جو پنهنجي مڙس جي موڪل کان سواءِ حج ڪرڻ جي لاءِ وڃي ۽ ان کي اهو به حلال نه آهي (جائز) جو اها عورت ٽن راتين جو سفر غير محرم سان گڏ ڪري.
19. حضور پر نور ﷺ جن فرمايو ته ڪنهن به عورت کي موڪل نه آهي جو هڪ ڏينهن هڪ رات جو سفر غير محرم سان گڏ ڪري.
20. هڪ موقعي تي رسول الله ﷺ جن فرمايو ته عورت کي تنهائي ۽ اڪيلائي ۾ نماز پڙهڻ پنجويهه ڀيرا افضل آهي مقابلي ۾ جماعت سان گڏ نماز پڙهڻ کان .
21. هڪ ڀيري پاڻ سڳورن ﷺ جن فرمايو ته عورتن کي مخاطب ٿي فرمايو ته اوهان کي پنهنجي گهر ۾ ڪم ڪار ۾ مشغول رهڻ سان ئي انشاءَ الله تعاليٰ مجاهدن جيترو ثواب حاصل ٿيندو.
22. حضرت علي ڪرم الله وجه پنهنجو هڪ واقعه بيان ڪندو آهي ته هڪ ڀيري حضرت رسول الله ﷺ جن اسان کان سوال ڪيو ٻڌايوته؟ عورت جي واسطي دنيا ۾ سڀ کان زياده ڪهڙي شيءِ آهي ۽ بهتر ٿي سگهي ٿي.
اسان مان اهڙو ڪوئي به شخص نه هو جو انهيءَ سائل جو جواب ڏئي انهي ڏينهن مجلس (اٿي وئي) پوءِ مان گهر پنهنجي اهو سوال حضرت بي بي فاطمه الزهرا رضه جي سامهون دهرايو ان جواب ڏنو ته عورت جي واسطي سڀ کان زياده بهتر چيز اها آهي ته ڪابه عورت ڪنهن به مرد ڌاري کي نه ڏسي نه وري مرد ئي عورت ڌاري کي ڏسي. حضرت علي رضه اهو جواب ٻڌي محفوظ ڪري ورتو ٻي ڏينهن نبي ڪريم ﷺ جن جي مجلس ۾ پهتو انهي جواب کي حضور ﷺ جن جي سامهون پيش ڪيو پاڻ سڳورن ﷺ جن فرمايو ته اي علي! جواب درست آهي پر اها توهان کي ڪنهن جواب ٻڌايو. حضرت علي رضه عرض ڪيو ته يا رسول الله ﷺ اهو جواب اوهان جي صاحبزادي حضرت فاطمه الزهرا رضه ٻڌايو پاڻ سونهارن فرمايو ته آخر ته اها به منهنجي جگر جو ٽڪرو آهي.
23. هڪ ڀيري نبي ڪريم ﷺ جن قيامت جي نسانين جو بيان فرمائيندا رهيا پاڻ سڳورن فرمايو ته انهي وقت ماڻهو صرف ڄاڻ سڃاڻ جي لحاظ کان ماڻهو سلام ڪرڻ تي اتفاق ڪندا ۽ تجارت ڪرڻ جي لاءِ زال ۽ مڙس ٻئي ميدان ۾ نڪري ايندا.
24. هڪ دفعي حضور اڪرم ﷺ جن فرمايو ته اوهان کي جنهن وقت هي ڏسڻ ۾ اچي ته آفيسر ۽ سردار نيڪ ماڻهو هجن ۽ اوهان مالدار ۽ سخاوت ڪرڻ وارا ماڻهو هجو. ۽ اوهان پاڻ ۾ معاملات هڪ ٻئي سان گڏجي مشوري سان طئي ڪريو ته پوءِ اوهان جي لاءِ زمين جي پٺي بهتر آهي انهي جي پيٽ کان يعني پاڻ ۾ سوال جواب رکڻ چڱو آهي جنهن وقت انهي قسم جي حالات هجي توهان جا آفيسر ۽ سردار بڇڙا ماڻهو آهن ۽ اوهان جا مالدار ماڻهو بخيل هجن ۽ اوهان جا معاملات عورتن جي هٿن ۾ هجن ته پوءِ توهان جي لاءِ زمين جو پيٽ بهتر آهي انهيءَ جي پٺيءَ کان يعني پوءِ تنهائي ۽ اڪيلائپ بهتر هوندي.(مشڪواة شريف)
25. رسول الله ﷺ جن فرمايو ته عورتن جي رستي جي درميان هلڻ درست نه آهي (بيهقي بحواله ڪنز الحقائق 294)
فائدو: هاڻي اوهان انهن حديثن تي غور ڪريو ۽ ٻڌايو ته ڇا عورتن جو انهن حديثن جي روءِ سان ٻاهر نڪرڻ موجب اجر آهي ياگناهه جيڪڏهن ڳالهه سمجهو ٿا ته پوءِ اڄ کان ئي توبه ڪريو ورنه وڏو خطرو آهي ڇاڪاڻ ته انهيءَ بنا تي جهنم جو ٻل نه بڻجي وڃو الله تعاليٰ اسان سڀني مسلمانن کي بچائي آمين.
دنيا ۾ ناجائز لباس ۽ خوشبوء ۽ زيورات جي استعمال ڪرڻ
26. هڪ ڀيري حضور ڪريم ﷺ جن فرمايو ته عورتن کي ٻن شين جي سبب کان تباهي ايندي آهي زرد ڪپڙو پائڻ ٻيو زيور پائڻ يعني (هيڊو) رنگ جي ڪپڙي جو استعمال ڪرڻ.
27. نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو ته بني اسرائيل جي قوم انهيءَ وقت تباهه ٿي جنهن وقت عورتن جو بناءُ سينگار انهيءَ حد تائين پهچي ويو جو مٿي جي وارن لاهڻ جو ڪجهه حصو ۽ پيشانيءَ تي وارن ٺاهڻ ۾ لڳي ويون.
28. حضرت نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو ته الله تعاليٰ پازيب جي آواز سان اهڙو بغض رکندو آهي جهڙو گاني بجاني جي آواز سان اهڙي پازيب پائڻ واري عورت کي ڏني ويندي اصل ڳالهه هي آهي ته اهڙي قسم جي پازيب جي استعمال ڪرڻ واري عورت ملعون (لعنت ڪيل) آهي.
29. حضور ڪريم ﷺ جن فرمايو ٻن قسمن جا ماڻهو جهنمي آهن جن کي مان في الحال نٿو ڏسي سگهان ( اهي بعد ۾ ايندا. انهن مان هڪ ته اهڙي قسم جا مرد هوندا جو انهن جي ڳئون جي پڇ وانگر ڪوڙا هوندا يعني لڪڻ، جن سان ماڻهن کي ماريندا هوندا.)
ٻيوقسم انهن عورتن جو هوندو حالانڪ پوشاڪ پائڻ جي سڏ بي پر هوندي اگهاڙي يعني تمام سنهو ڪپڙو شريعت جي خلاف هوندس ناز وڏائي جي انداز سان انهيءَ جو هلڻ هوندو ٻين کي پنهنجي طرفان يا ٻيا ان جي طرف لاڙو ڪندڙ هوندا انهيءَ جي مٿي ۾ هڪ قسم جو حسن هوندو جهڙي طرح ڀلي اٺ جي ڪونڀٽ جهڪيل هوندي آهي اها عورت جنت ۾ داخل نه ٿي سگهندي ۽ نه وري جنت جي بوءِ سنگهي سگهندي حالانڪ جنت جي خوشبوء پري تائين ايندي رهندي.
30. رسول اڪرم ﷺ جن فرمايو ته بطور حفاظت جي اوهان اهڙن ماڻهن جي گهر ڪريو جو انهن عورتن جي عام حالت ۾ تمام سٺو ۽ نفيس لباس کان خالي رکو اهو انهيءَ واسطي جڏهن انهن کي عمده ڪپڙن پائڻ جي خوشي ٿيندي آهي ته اهي ٻاهر نڪرڻ کي پسند ڪنديون آهن.
31. حضرت عائشه رضي الله عنها پنهنجو واقعو بيان ڪندي آهي ته هڪ ڀيري مان پنهنجو نئون ڪپڙو پاتو جنهن کي ڏسي منهنجي دل ۾ خود پسندي (وڏائي) محسوس ٿي رهي ايتري ۾ منهنجو والد سڳورو حضرت ابوبڪر صديق رضه آيو مونکي ڏسي چوڻ لڳو ته اي عائشه! هن وقت تون الله تعاليٰ جي نظر ۾ ڪري پئي آهين حضرت عائشه ؓ عرض ڪيو ته ابا جان آخر ان جو ڪهڙو سبب آهي جو مان الله تعاليٰ جي نظر کان ڪري پئي آهيان. انهي جواب ڏنو ته اي عائشه ؓ ڳالهه هيءَ آهي ته جڏهن ڪنهن ٻانهي جو دل ۾ دنيا جي زينت جي چيز استعمال ڪرڻ سبب خود پسندي اچي ويندي آهي ته انهيءَ جو رب انهيءَ شيءِ کي پاڻ کان جدا نه ڪري حضرت عائشه ؓ فرمائي ٿي ته مان اهو ٻڌي چولو لاٿو ۽ خيرات ڪري ڇڏيو اهي ڏسي منهنجي پيءُ حضرت ابوبڪر صديق رضه فرمايو ته اي عائشهؓ هاڻي اميد آهي ته اهو تنهنجو چولو خيرات ڪرڻ سبب تنهنجي طرف کان انهيءَ جو ڪفارو ٿيندو.
32. اهڙي نموني سان حضرت دحيه ڪلبيءَ ؓ به پنهنجو واقعو بيان ڪندو آهي ته هڪ دفعي شاهه روم هرقل بادشاهه وٽان حضور ڪريم ﷺ جن وٽ ڪجهه چادرون تحفه طور آيون انهن چادرن مان هڪ چادر پاڻ سڳورن ﷺ جي مونکي عنايت فرمائي ۽ فرميائون ته انهيءَ چادر مان ٻه ٽڪر ڪري هڪ جو چولو ٻي جو رئو پنهنجي گهرواري کي ٺاهي ڏي جڏهن مان هلڻ لڳس ته ٻي هدايت ڪرڻ فرمايائون ته ڪپڙن جي ڏسڻ ۾ ٿو اچي ته تمام باريڪ ۽ سنها آهن تنهنڪري انهن جي هيٺان ٻي ڪا شيءِ استعمال ڪرايو تان ته اندر جي ڪنهن به حصي جي ڪائي وصف بيان ڪرڻ ۾ اچي نه سگهي.
حضور اڪرم ﷺ جن فرمايو ته بني اسرائيلن ۾ جڏهن پهريون فتنو پيدا ٿيو اهو به انهن جي عورتن جي بدولت ٿيو هو.
33. نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو ته اي فاطمه ؓ دنيا جي تلخي تي صبر ڪر. (بزاز عواله ڪنوز ص 89)
34. حضور اڪرم ﷺ جن فرمايو ته جيڪڏهن عورتون نه هجن ها ته الله تعاليٰ جي عبادت گهڻي ۽ صحيح طريقي سان ڪئي وڃي ها.(ابن العربي بحواله کنوز الحقائق ص 289)
35. نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو ته عورت جي تابعداري ڪرڻ پشيماني جو مول آهي (ايضا)
36. حضور ﷺ جن فرمايو ته جيڪڏهن عورتون نه هجن ها ته مرد جنت ۾ ئي رهندڙ هجن ها.(ايضا)
37. هڪ دفعي نبي ڪريم ﷺ جن هڪ عورت لکي مخاطب ٿي ڪري فرمايو ته توهان بهانا گهٽ ٺاهيو.
38. هڪ ڀيري نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو ته قيامت جي نشانين مان هڪ نشاني هيءَ به آهي ته مڙس پنهنجي گهرواري(زال) جي تابعداري ڪرڻ ۾ لڳي ويندو.(مشڪواة)
39. حضور پر نور ﷺ جن فرمايو ته عورت جي برڪت اها آهي جو انهيءَ جو ڪم سهوليت سان ٿي وڃي ٿو ۽ انهيءَ جو ڪابين گهٽ هجي.
40. حضور عليه الصلواة والسلام جن فرمايو ته سادو لباس پائڻ به ايمان سان تعلق رکي ٿو.

چند مسئلا

مسئلہ: جيڪڏهن اهل عيال کان ڪائي مخالف شريعت ڪم ٿئي ته پوءِ ان سان بغض ۽ عداوة نه رکجي نه ان کي بد دعا ڪجي بلڪ ان حالت ۾ به ان کي چڱي طرح فهمائش ڪجي.
حضرت امام غزالي جي نظر ۾ اها عورت چڱي آهي جو گهر جي آبادي ۽ مال جي حفاظت ۽ پنهنجي اولاد جو اصلاح ڪري ۽ نماز روزي جي پابندي ڪري جيڪڏهن مڙس جي نه هجڻ ڪري ڪوبه ان جو دوست اچي ته ان سان ضرورت مطابق پنهنجي ڳالهه جي لهجي کي بدلائي ان سان ڳالهائي.
حضرت ابو امامه رضه کان روايت آهي ته فرمايو نبي ڪريم ﷺ خدا تعاليٰ جي خوف کان پوءِ انسان لاءِ نيڪ عورت کان وڌيڪ ڪجهه نه آهي.
فرمايو نبي ڪريم ﷺ ته جيڪڏهن عورت بهشت ۾ آخرت جي نجات گهري ته الله تعاليٰ جو رضامندو ڳولهي ۽ الله تعاليٰ جو رضامندو نه ٿيندو جيسيتائين ان جو مڙس ان کان خوش نه هوندو.(طبراني)
حضرت انس رضه کان روايت آهي ته هڪ شخص سفر ۾ ويو ۽ ويندي گهرواريءَ کي چيائين ۽ اهي بالاخانه ۾ رهندي هئي. بالاخاني مان هيٺ نه لهجان جيسيتائين مون موٽي اچان اتفاقا ان جو پيءُ جيڪو هيٺ ڪمري ۾ رهندو هو بيمار ٿي پيو پوءِ اها عورت حضور پاڪ ﷺ ڏي ماڻهو موڪليائين ته مونکي مڙس منٿ ڪري ويو آهي ته بالاخانه مان هيٺ نه لهجان جيسيتائين مون موٽي اچان هاڻ منهنجو والد صاحب بيمار ٿي پيو آهي جيڪو هيٺ ڪمري ۾ رهيل آهي ڇا مون هاڻ پنهنجي والد صاحب کان پڇڻ لاءِ وڃان يا مڙس جي چوڻ مطابق هيٺ نه لهان. پاڻ سڳورنﷺ فرمايو ته مڙس جي چوڻ جي تابعداري ڪر پوءِ سندس پيءُ فوت ٿي ويو ۽ اها عورت ان چوڻ مطابق هيٺ نه لٿي پر ان عورت جي دل ۾ ڏاڍي پريشاني ٿي هڪ مڙس جو منع ڪرڻ ٻيو پاڻ سڳورن جو منع ڪرڻ پوءِ حضور پاڪ ﷺ جن ان عورت ڏانهن خوشخبري موڪلي ته مڙس جي تابعداري ڪري هيءُ اجر مليو جو پيءُ تنهنجو ان ڪم ڪري بخشجي ويو.(طبراني)
هڪ حدث پاڪ ۾ آيل آهي ته پاڻ سڳورن ﷺ فرمايو ته جيڪا عورت ست ڏينهن ساندهه دل جي اخلاص سان مڙس جي تابعداري ڪري ٿي نيڪ ڪمن ۾ ته ان جا ست عضوا دوزخ جي باهه کان آزاد ٿي ويندا شرمگاهه سميت.
هڪ حديث پاڪ ۾ آيل آهي ته هڪ عورت حضور ﷺ جن جي خدمت ۾ آئي ۽ اچي عرض ڪيائين ته منهنجو مڙس مون سان بخيلي ٿو ڪري ايتري قدر جو اٽو ڳوهڻ لاءِ به ٿانو نه ٿو ڏئي پوءِ مون ڪو ڪم ڪري ضرورت پوري ڪريان حالانڪ مون ڪجهه به نه ٿي ڄاڻا پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ته تولاءِ بهشت واجب ٿي ويو ۽ تنهنجي مڙس تي دوزخ واجب ٿيو.
مسئلہ: حضرت قاضي ابو يوسف کان ماڻهن پڇيو ته سال ۾ عورت کي گهڻا وڳا پوشاڪ ڏجن امام صاحب فرمايو ته غريب تي ٽي جوڙا ڏيڻ لازم آهن ۽ امير تي چار جوڙا ڏيڻ واجب آهن ۽ ڪپڙا درمياني قسم جا هجن ته تمام اچا هجن نه تمام سادا هجن نه تمام ٿلها هجن نه تمام سنها هجن.
مسئلہ: حضرت امام قرطبي فرمايو ته عورت جو خرچ مرد جي مٿان صرف ٽي شيون آهن طعام قيام لباس ان کان زياده جيڪڏهن مڙس ڏئي ٿو ته اهو ان جو احسان آهي واجب ناهي. تفسير سورة 6 رڪوع ۾ آيت 171 تحت لکيل آهي.
حضرت حسن بصري فرمايو ته جيڪو شخص گهرواري جي اشاري تي اٿي ويهي ٿو ته الله ان کي دوزخ ۾اڇلندو.
امام غزالي فرمايو ته هن مرد ڳالهه جو حقدار آهي ان جي تابعداري ڪئي وڃي جو هن جي تابعداري ڪئي وڃي ته هو جو عورت جو تابعدار بڻي وڃي جيڪو عورت جو تابعدار بڻجي وڇي ٿو ته اهو مرد نه آهي بلڪ مريض آهي. الله تعاليٰ مردن کي عورتن تي حاڪم بنايو آهي نه غلام .(احياءُ العلوم)
فرمايو نبي ڪريم ﷺ جيڪو گهرواري کي گار ڏئي ٿو ان تي سمورا ملائڪ آسمان جا لعنت ڪن ٿا.
مرد تي هي به لازم آهي جو ڪجهه گهرواريءَ تي خرچ ڪري ٿو اهو ان کي بخشي ڇڏي ۽ ان کي نه ٻڌائي متان هو شرمسار ٿئي.
فرمايو نبي ڪريم ﷺ جن ته جيڪو شخص گهرواري مٿان خرچ ڪري ٿو هو صدقه آهي ان جو ثواب الله تعاليٰ ان کي ڏيندو ۽ اهو شخص غازين جي درجي ۾ آهي.
پاڻ سڳورن فرمايو ته جيڪو شخص هڪ دينار مسڪين کي ڏئي ٿو يا هڪ دينار غلام آزاد ڪرڻ ۾ ڏئي ٿو يا هڪ دينار اهل عيال تي خرچ ڪري ٿو پوءِ جيڪو دينار اهل عيال تي خرچ ڪري ٿو اهو اجر ۾ سڀ کان مٿي آهي.
مثلا جيڪڏهن ڪنهن کي زالون گهڻيون آهن انهن ۾ برابرو ڪري پر برابر صرف خرچ ڪرڻ ۽ رات رهڻ ۾ آهي ته نه محبت ۽ صحبت ۾ برابر واجب نه آهي.
پاڻ سڳورا فرمائن ٿا ته دولت ۽ عورت جي پوڄاري لاءِ اهو ئي عذاب ڪافي آهي جو اهو انهن جو پوڄاري آهي يعني تابعداري.
حضرت ابراهيم بن سيرين فرمائي ٿو ته جيڪو ماڻهن کي گار گند ڏئي پريشان ڪري ٿو اهو قيامت ۾ ڪتي جي شڪل ۾ هوندو.
واقعه بزرگ عالم کي چيو ته مون کي خدا تعاليٰ ڪافي نعمتون ڏنيون آهن جيئن زيارت بيت الله شريف ۽ جهاد وغيره عالم کيس چيو ته اڃان ابدالن جو درجو رهيل آهي چيائين ته اهو ڇا آهي چيائين ته اهل عيال لاءِ محنت مزدوري ڪري ان کي کارائڻ.
حديث پاڪ ۾ آهي ته جيڪو اهل عيال جي خرچ کان ڀڄي ٿو ان جي عبادت قبول نه آهي.
حضرت عمر رضه فرمايو ته هي ٺيڪ نه آهي جو آدمي روزي ڪمائڻ لاءِ اهل عيال کي ڇڏي صرف دعائون گهرندو هجي ڇو ته الله تعاليٰ ڪو چاندي جو مينهن ته نه وسائيندو آهي.
مرد تي اهو لازمي آهي ته اهل عيال کي شرعي فرائض ۽ حلال حرام جا احڪام سيکاري ۽ انهن تي عمل ڪرائي قرآن پاڪ ۾ آهي ”قوا انفسکم و اهليکم ناراً “(سوره تحريم) اي ايمان وارو پاڻ کي ۽ پنهنجي اهل عيال کي دوزخ جي باهه کان بچايو.
مسئلا: جيڪڏهن ڪنهن عورت جو مڙس پاڻ عالم آهي ۽ عورت کي اجازت نه آهي جو مسئلو پڇڻ لاءِ ٻاهر وڃي يا سندس مڙس مسئلو پڇي گهرواري کي ٻڌائي ٿو ته به عورت کي موڪل نه آهي جو مسئلو پڇڻ لاءِ ٻاهر وڃي جيڪڏهن نه سندس مڙس تعليم يافته آهي ته وري پڇڻ لاءِ وڃي ٿو ته هاڻي عورت کي اجازت کانسواءِ به عالم ڏانهن وڃي مسئلو پڇي سگهي ٿي جيڪڏهن ان ڳالهه کان کيس مڙس روڪي ته گنهگار ٿيندو.
حديث پاڪ ۾ آهي ته گهرواري کي دين جو مسئلو سيکاري ٿو ته الله تعاليٰ ان کي اٺارهن سالن جي عبادت جو ثواب ڏئي ٿو.
مسئله: فرض علم کان سواءِ ٻي معلومات لاءِ عالمن جي مجلس ۾ ٻاهر نڪرڻ لاءِ مڙس جي اجازت ضروري آهي.
مسئله: جيڪڏهن عورت حيض ۽ نفاسن جا مسئلا نه سکيا ۽ نه سندس مڙس ان ۾ مدد ڪئي ته ٻئي گنهگار آهن.
حضرت اسماء بنت ابي بڪرؓ کان روايت آهي ته حضورﷺ جن فرمايو ” النکاح رق ينظر الي يضع“ يعني نڪاح ٻانهي بنائڻ آهي پوءِ سوچي سمجهي ڪم نياڻي جو سٺي جاءِ تي ٻانهي مقرر ڪجي.(بيهقي)
حضرت حسن بصريؒ فرمايو ته ان کان ڪنهن پڇيو ته نياڻي جا رشتا گهڻا اچن ٿا ڪٿي ڪيان پاڻ جواب ۾ چيائون ته جنهن کي خداتعاليٰ جو خوف گهڻو هجي پوءِ تنهنجي نياڻي سان گهڻو پيار ڪندو ۽ محبت جو قدر ڪندو جيڪڏهن ڪنهن ڳالهه تي نارض ٿيندو ۽ نه زيادتي ڪندوئ (احياءُ العلوم)
مڙس مٿان هي به لازم آهي ته پنهنجي گهرواري کي رنج نه ڪري ۽ نماز روزي ۽ پردي پاڪائي وغيره کان سواءِ ڪنهن ڪم ۾ سختي نه ڪري جيڪڏهن عورت نماز نه ٿي پڙهي يا خلاف شريعت ڪو ڪم ڪري ته مڙس کي گهرجي ته ان کي نماز روزو زور سان ادا ڪرائي ۽ ان کي خلاف ڪم شرع کان روڪي پر ان سلسه ۾ سختي نه ڪري آهستگي کان ڪم وٺي جيئن جو قرآن پاڪ ۾ آهي ” والتي تخافون نشوزهن فعظوهن واهجروا هن في المضاجع واضربوهن فان اطعنکم فلا تبغوا عليه سبيلا“ (سوره نساء)
يعني مسلم مڙس کي حق آهي ته جيڪڏهن عورت ديني ڪم ۾ ڪوتاهي ڪري ٿي ته ان کان ناراض ٿي ڏهه ويهه ڏينهن پري گذاري يعني مهيني تائين پاڻ سڳورن ازواج مطهرات سان ائين ڪيو هو. (احياءُ العلوم)
حديث حضرت اشعث بن برقيس کان روايت آهي ته مون هڪ ڏينهن حضرت عمررضه وٽ مهمان ٿيس پاڻ رات جي وقت ڪنهن ڳالهه جي ڪري اٿي ويا ۽ پنهنجي گهرواري کي ٿپا ٿوپي ڪيائون ته مون وچ ۾ پئي ٻنهين کي ڌار ڪيم جڏهن هن پنهنجي بستري ۾ سمهي رهيا ته مون کي فرمايو اي اشعث منهنجون ٻه ڳالهيون ياد رکج جو حضور ﷺ جن فراميو آهي ته هڪ ته مڙس جيڪڏهن گهرواري کي ڪنهن حق ڳالهه تي ماري ٿو جا خلاف شرع آهي ته ان جي متعلق ان کان نه پڇيو ويندوٻيو هي ته بغير وتر پڙهڻ جي نه سُمجهان.
حديث هڪ ڀيري صحابه ڪرام رضه جن عرض ڪيو يا رسول الله ﷺ مون تي زال جو ڪهڙو حق آهي پاڻ سڳورن فرمايو جيڪي پاڻ کائو اهو ان کي کارايو جيڪي پاڻ ڪپڙا پايو ان کي به پارايو يعني اچا ته اچا جي سادا ته سادا منهن تي کين ڌڪ نه هڻ نه ان کي پتي ته شل تنهنجو خدا تعاليٰ منهن ڦيرائي جڏهن مار ڏيڻ جي ضرورت پوي ته هلڪي مار ڏي ائين نه ته ان جا عضوا ڀڃي ڇڏي ۽ جيڪڏهن جدا سمهڻ جي نوبت اچي ته گهر ڇڏي نه وڃي بلڪه اتي ئي آسي پاسي گهر ۾ رهي.
مسئله: بغير عذر جي چئن مهينن کان زياده عورت کي ڇڏي ڏي جيڪڏهن مڙس ڄاڻي واڻي ائين ڪندو ته عورت کي حق آهي مڙس کان جدائي جي طلب ڪري جيڪڏهن مڙس سفر ڇهن مهينن کان زياده گذاريو ته عورت ان کي گهرائي سگهي ٿي. حضرت عمر رضه ان ڪري مجاهدن کي جيڪي جهاد ۾ شريڪ ٿيندا هوا تن کي چئن مهينن کان بعد گهر ڏانهن موڪليندو هو ۽ کين موڪل ڏئي ڇڏيندو هو ۽ چئن مهينن کان زياده رهڻ نه ڏيندو هو.(غنيته العابين 138)

ڌيان طلب ڳالهه

گهر واري جي سلسلي ۾ هي ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته عورت مثال ٻانهي جي آهي ۽ نڪاح هڪ قسم جو غلامي آهي ايجاب ۽ قبول جو خاص مطلب ئي اهو ئي آهي جو عورت مڪمل طور تي پنهنجو پاڻ مڙس جي حوالي ڪري هاڻي عورت تي هي لازم آهي ته مڙس جي هر ڳالهه ۾ شريعت جي مطابق هجي ته ان کان انڪار نه ٿي ڪري سگهي ڇو ته مڙس کان وڌيڪ تابعداري خدا تعاليٰ جي آهي ان ڪري جيڪڏهن ڪو مڙس زال کي شريعت جي مخالف ڪم ڪري ته جيئن گانا سينيما ڏسڻ ۽ غير محرم مردن ۾ وڃڻ ۽ گنديون ڳالهيون بيان ڪرڻ جا خدا جي حڪم ٿيل کان روڪي جيئن نماز روزو وغيره ان صورت ۾ عورت جو انڪار مسلم عورت جو ئي حق آهي ۽ باعث ثواب جو آهي اگرچه مڙس ڪيڏو به پيارو هجي جيڪڏهن ان صورت ۾ عورت مرد جو چوڻ وٺندي ته گنهگار ٿيندي پر نفلي نماز ۽ نفلي روزي کان جيڪڏهن مڙس منع ڪري ٿو ۽ اها نه ٿي رڪجي ته گنهگار ٿيندي ان جي اها نماز روزو قبول نه ٿيندو.
بزرگان دين فرمائن ٿا ته جيڪڏهن عورت ديندار ۽ خوش اخلاق هجي ۽ مڙس تان قربان ٿيندڙ هجي ۽ ان جا وار ڪارا ڊگها هجن اها دنيا ۾ جنت جي حور آهي يعني انهن حورن جو اها عورت نمونه آهي اهي ئي وصفون قرآن پاڪ بيان ڪيون آهن جيڪي حورن جون وصفون آهن ڏسو قرآن پاڪ ۾ قاصراة الطرف مان اهي عورتون مراد آهن جيڪي پنهنجن مڙسن تان گهوربيون وڃن عرب جمع آهي عروب جو ان کان مراد آهي عورتون آهن جيڪي پنهنجن مڙسن تي عاشق آهن ۽ انهن کان هم بستري جو خواهش مند هجن حور ان عورت کي چوندا آهن جنهن جي اک ۾ اڇاڻ به زياده هجي ۽ ڪارنهن به زياده هجي ۽ عينا مان مراد اهي عورتون مراد آهن جنهنجون اکيون وڏيون هجن صحيح معني ۾ عورت ۾ اهي صفتون هجڻ کپن جنهن جي نشاندهي حضور پاڪ ﷺ جن فرمائي آهي. (احياء العلوم)
حديث: پاڻ سڳورن فرمايو ته منهنجي امت ۾ اها عورت ڀلي آهي جو مڙس سان سهڻو سلوڪ رکي ٿي ۽ پنهنجي مڙس جي خواهش مطابق هلي ٿي سو ان ڪمن جي جن ۾ خدا تعاليٰ جي نافرماني نه هجي اهڙي عورت کي رات ڏينهن ۾ هزار شهيدن جو ثواب ملي ٿو جيڪي خدا تعاليٰ جي راهه ۾ صبر سان شهيد ٿين ٿا ۽ ان اجر جي اميد خدا تعاليٰ ۾ رکن ٿا
( غنية الطالبين 134)
حضرت عمر رضه کان روايت آهي ته پاڻ سڳورن هڪ ڀيري فرمايو ته عورت تي مڙس جو حق ائين آهي جيئن توهان تي منهنجو حق پوءِ جنهن منهنجي حق کي وڃايو تنهن ڄڻ الله تعاليٰ جي حق کي وڃايو پوءِ اهو الله تعاليٰ جي قهر ۽ غضب جو حقدار ٿي ويو ۽ ان جي جاءِ دوزخ ۾ هوندي. (ايضا)
حديث: هڪ روايت ۾ آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو ته جا عورت پنهنجي مڙس جي فرمان بردار آهي ته ياد رکو جو ان لاءِ استغفار ۽ مغفرت جي دعا پکي هوا ۾ مڇيون سمنڊن ۾ جانور جهنگن ۾ فرشتا آسمانن ۾ گهرندا آهن. (بحر محيط)
حديث: حضرت علي ڪرم الله وجه کان روايت آهي ته فرمايو نبي ڪريم ﷺ ته جيڪڏهن ڪنهن عورت جو مڙس پنهنجي حاجت لاءِ کيس سڏي ٿو ۽ اها عورت تنور تي ويٺي ماني پچائي ٿي ۽ ماني جي سڙڻ جو به خيال آهي ته به اٿي مڙس ڏانهن وڃي.
حضرت اصمعي رضه جو بيان آهي ته هڪ عورت کي ڏٺم ته مصلي تي ويٺي آهي ۽ تسبيح تهليل ۾ مشغول آهي پر نهايت زيب زينت سان سندس هٿن کي ميندي به لڳل هئي حيرت ۾ پئجي ويم ۽ کانئونس پڇيم ته عبادت لاءِ اهڙو هار سينگار ڪيئن آهي جواب ڏنائين ته عبادت خدا تعاليٰ جي آهي ۽ زيب زينت مڙس لاءِ آهي تان ته خدا تعاليٰ به راضي هجي ۽ مڙس به راضي هجي ٻنهين جو حق ادا ٿي وڃي اهو منهنجي مٿان فرض آهي مون سمجهيم ته هي عورت نهايت نيڪ بخت آهي.
حديث: هڪ حديث پاڪ ۾ آهي ته فرمايو نبي ڪريم ﷺ ته جا عورت مڙس لاءِ هار سينگار ڪري ٿي ته ان کي ٻن سو سالن جي عبادت جو ثواب ملي ٿو بشرطيڪه اخلاص سان هجي.
فائده: جيڪڏهن ڪا عورت حسين جميل آهي ۽ سندس مڙس ڪاري شڪل ۾ آهي ته اها عورت پنهجي حسن جمال تي فخرنه ڪري ڇو ته اهو سڀ ڪجهه قدرت جي هٿ آهي نه تنهنجي نه منهنجي.(ڪاتب)
حديث: حضرت نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو ته عورت پنهنجي مڙس کي حقير ۽ ذليل نه سمجهي جيڪا عورت پنهنجي مڙس کي حقارت سان ڏسي ٿي ۽ ان سان بري طرح هلي ٿي ۽ ڪلام ڪري ٿي ته ان لاءِ جنت ته پري پر جنت جي بوءِ به نه ڏسندي. (طبراني)
حديث شريف ۾ آهي ته هڪ عورت مزدوري ڪري مڙس غريب جي خدمت ڪري ٿي ان جو هڪ درهم خيرات وارو ڀلو آهي جو الله تعاليٰ جي راهه ۾ ست سو پهاڙ خيرات ڪري.
حديث: پاڻ سڳورن ﷺ جن فرمايو ته جا عورت پنهنجي مڙس جو عيب ظاهر ڪري ٿي اها عورت جهنم جي باهه پاڻ تي تيز ڪري ٿي.(طبراني، غنيه الطابق)
حديث: حضرت ابو هريره رضه کان روايت آهي ته عورت پنهنجي مڙس جي گهر جي حڪمران آهي اها پنهنجي دائره حڪومت جي اندر پنهنجي ڪم ڪار جي جوابدار آهي.(بخاري شريف)
حديث: حضرت ابن عمررضه کان روايت آهي ته حضور جن ﷺ جن فرمايو ته عورت کي هي جائز نه آهي جو مڙس جي گهران بغير موڪل جي ڪائي شيءِ کڻي ٻين کي ڏي باقي اهڙو مال آهي جيڪو رکڻ سان خراب ٿي وڃي ٿو ته اهڙو کاڌو پيتو بغير موڪل مڙس جي ٻئي کي ڏئي سگهي ٿي ورنه ته عورت گنهگار ٿيندي ۽ مرد کي ان جو ثواب ملندو(بيهقي)
حديث: حضرت عبدالله بن مسعود رضه کان روايت آهي ته حضور ﷺ جن فرمايو ته عزت پنهنجي رب کي ان وقت ويجهي ٿيندي آهي جنهن مهل هو پنهنجي مڙس جي خدمت ۾ هوندي آهي ۽ نيڪ ڪمن ۾ ان جي تابعداري ڪندي آهي.
حديث: هڪ واقعه حضرت ابوبڪر رضه جي نياڻي حضرت اسماء رضي الله عنها فرمائي ٿي ته جڏهن منهنجي شادي حضرت زبير رضي الله عنه سان ٿي ان وقت ان وٽ نه زمين هئي نه باغ باغيچو نه مال متاع صرف هڪ گهوڙو ۽ هڪ اٺ مون گهرجي صفائي ۽ رنڌ پچا ڪندي هيس ۽ سندس گهوڙي جي خدمت ۽ اٺ لاءِ گاهه پٺو ڪري انهن جي به خدمت ڪندي هيس هڪ ڀيري حضور پاڪ ﷺ جن مون وٽان لنگهيا ۽ سارو حال منهنجو ڏٺائون پاڻ سڳورن فرمايو ته ڇوڪري تون ته نهايت نيڪ بخت آهين ۽ برڪت واري آهين ۽ تنهنجي آخرت نهايت ڀلي آهي ۽ پاڻ سونهارن آخر ۾ دعا ڪندا رهيا.
حديث: هڪ شخص بدشڪل رسول الله ﷺ جن جي خدمت اقدس ۾ اچي حاضر ٿيو ۽ ان جي گهرواري نهايت حسين جميل هئي ايتري قدر حسين جميل هئي جو ان وقت ماڻهن کي ان جي ڏسڻ جي حسرت هوندي هئي پوءِ ان شخص کان حضور پاڪ ﷺ جن پڇيو ته تنهنجي گهرواري توسان ڪيئن هلي ٿي ان شخص عرض ڪيو يا رسول الله ﷺ نهايت منهنجي عزت ۽ احترام ڪري ٿي گهر کان ٻاهر بنا موڪل جي به نه وڃي ٿي ۽ ان کي پنهنجي حسن ۽ جمال تي ڪوئي خيال نه هوندو آهي بلڪ منهنجي خدمت چڱي طرح ڪندي آهي پاڻ سونهارن اهو ٻڌي فرمايو ته وڃ ان کي چؤته تون جنت جي عورتن مان آهين ڇو ته باوجود حسن جمال جي پنهنجي مڙس سادي جي فرمانبردار آهين ۽ ان جي بدصورتي تان ان کي نفرت نه آهي.
حديث: حضرت ابوهريره رضه کان روايت آهي ته هڪ ڀيري حضور ﷺ جن هڪ مجلس ۾ ويٺا هئا پوءِ مردن کي سامهون ٿي خطاب فرمايائون توهان مان ڪوئي اهڙو مرد آهي جو پنهنجي گهرواري جون ڳالهيون مخفي ٻين کي نه ٻڌائيندو هجي ماڻهن يعني حاضرين مجلس جواب ڏنو ته هائو سائين اهڙا آدمي به آهن وري پاڻ ٻيهر فرمايائون ڇا اهڙا آدمي به توهان مان آهن جيڪي گهروارين جون مخفي ڳالهيون ٻڌائيندا وتن يعني جيئن هي ڪم ڪيمهي ڪم ڪيم سڀ آدمي خاموش ٿي ويا ان کانپوءِ حضور جن ﷺ عورتن کي خطاب ڪندي فرمايو ته ڇاتوهان ۾ به ڪا اهڙي عورت آهي جا مڙس جون ڳالهيون ٻين سان ڪري اهو ٻڌي اهي خماوش ٿي ويون ٿوري دير بعد هڪ نوجوان عورت پنهنجن گوڏن تي اڀي ٿي بيٺي ۽ عرض ڪيائين يا رسول الله ﷺ اهڙيون ڳالهيون ته مرد ڪندا آهن ۽ عورتون به. تڏهن پاڻ سڳورن فرمايو ته مرد يا عورت اهڙيون ڳالهيون ڪندا آهن انهن جي مثال ائين آهي ته جيئن هڪ شيطان شيطانڙي سان کلي بازار ۾برو ڪم ڪري وري خلق به ان کي بيٺي ڏسيپوءِ اهو شيطان ڪم ڪيون هليو وڃي اي انسانو! ياد رکو اهڙيون حرڪتون نازيبا مومن ۽ مومنياڻي جي شان وٽان نه آهن قيامت جي ميدان ۾ ان ڳالهه جي به پڪڙ ٿيندي.
حديث: حضرت اسماء رضي الله عنها کان روايت آهي ته هڪ عورت حضور پاڪ جن ﷺ وٽ آئي ۽ اچي عرض ڪيائين يا رسول الله ﷺ منهنجي هڪ پهاج آهي جيڪڏهن ان جي دل ساڙڻ لاءِ چوان ته مونکي مڙس هي ڏنو آهي هي ڏنو آهي حالانڪ مون کي مڙس ڪجهه نه ڏنو آهي ڇا مان ائين ڪري سگهان ٿي يا نه؟ پاڻ سڳورن فرمايو ته نه ڏنل شيءِ جو اظهار ڪري ڪور جون ٻه پوشاڪون پائيندڙ جي مثال آهن يعني ٻيڻو گناهه .
حديث: حضرت ابو سعيد خدري رضه کان روايت آهي ته هڪ ڀيري نبي ڪريم ﷺ جن جو گذر عيد نماز لاءِ ٿيو پوءِ واپسي ڪجهه کيس عورتون نظر آيون جڏهن پاڻ سڳورا انهن جي فريب ٿيا ته انهن کي خطاب ڪندي فرمايائون ته توهان عورتون خيرخيرات گهڻو ڪنديون ڪريو ڇو ته مان سڀ کان زياده جهنم ۾ عورتون ڏٺم هي ٻڌي عورتن عرض ڪيو يا رسول الله ﷺ عورتون جهنم ۾ سڀ کان زياده ڇو وينديون پاڻ سڳورن جواب ۾ فرمايو ان جا سبب چار آهن.
1. توهان لعنت گهڻي ڪنديون آهيو؟
2. ٻيو هي ته مڙس جي نافرماني ڪنديون آهيو؟
3. دين ۽ عقل ۾ ناقص آهيو؟
4. هي ته هوشيار ۽ پرهيزگار آدمي کي عقل مان ڪڍي ڇڏينديون آهيو؟
اهي ڳالهيون مون اوهان کان ٻين ۾ نه ڏٺيون آهن.
لهذا سوچي سمجهي حياتي گذارڻ ۽ ٻين جي برائي ڪرڻ کان پاڻ کي بچايو ۽ مڙس جي خدمت دل و جان سان ڪريو ۽ عبادت الاهي ۾ ڪوتاهي نه ڪريو ان ۾ توهان لاءِ ڀلائي آهي ان فرمائڻ کان پوءِ عورتن عرض ڪيو يا رسول الله ﷺ اسان جي دين ۾ ڪهڙو نقص آهي ۽ اسان جي عقل ۾ ڪهڙو نقص آهي پاڻ سڳورن فرمايو ته ڀلا توهان ئي ٻڌايو ته ڇا هڪ مرد جي عوض ۾ ٻن عورتن جي شادي قبول آهي يا نه عرض ڪيائون هائو سائين اهو ته ٺيڪ آهي پاڻ فرمايائون ته اهي شيون عورتن جي ناقص عقل هجڻ لاءِ ڪافي دليل آهي وري فرمايائون ته ڀلا هي به ٻڌايو ته جڏهن عورت کي ماهواري ايندي آهي ان وقت نماز روزو ڪري سگهي ٿي چيائون ته نه سائين بس اهوئي دين جو نقص انهن لاءِ ڪافي آهي. (بخاري)
حديث: حضرت اسماء بنت يزيد انصاري رضي الله عنها کان روايت آهي ته هڪ ڀيري حضور جن جو ﷺ اسان وٽان گذر ٿيو ان وقت هڪ جيڏين عورتن سان گڏ هيس پوءِ حضور جن ﷺ سلام فرمايائون پنهنجينيڪي ڪندڙ مڙسن جي ناشڪري ۽ بي قدري کان بچو توهان مان هڪ ته پيءُ ماءُ وٽ ڪافي عرصه تائين ويٺل هونديون هيون پر شادي کانپوءِ الله تعاليٰ مڙس جي نعمت سان اوهان کي نوازيو ويندو آهي. پوءِ الله تعاليٰ مڙس جي نعمت سان اوهان کي نوازيو ويندو آهي. پوءِ توهان وٽ ٻارن ٻچن جي رونق ٿيندي آهي انهن سارين نعمتن هوندي جيڪڏهن ڪنهن وقت ڪنهن ڪم تي مڙس سان ٿوري رنجش ٿي پوندي آهي ته پوءِ توهان ايتري قدر عرصي گذارڻ جي هوندي محنت ۽ محبت کي نظر انداز ڪري بلڪل اکيون ٻوٽي چونديون آهيو ته ماريا مڙس مون ته توهان کي ڪڏهن به سهڻو سلوڪ ڪندي نه ڏٺو آهي نه وري ڪا ڀلائي ڏٺي اٿم.(بخاري شريف ڪتاب الايمان)
حديث: حضرت ابوهريره رضه کان روايت آهي ته پاڻ سڳورن فرمايو صحابه رضه کي ته ٽن مصيبتن کان خدا تعاليٰ کان معافي گهرندا ڪريو ان مان هڪ مصيبت عورت آهي ان جو سبب هي فرمايائون ته” فانها الشيبة قبل الشيب“ يعني بري عورت وقت کان اڳي پوڙهو ڪري ڇڏي ٿي.(احياءُ العلوم)

حديث: ام سلمهؓ کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو ته مان پهاڙ کان زياده مردن لاءِ عورتن جو فتنو نه ڇڏيم
حديث: حضرت ابو سعيد خدري رضه کان روايت آهي ته پاڻ سونهارن ﷺ جن فرمايو” اتقوا فتنه الدنيا و فتنه النساء فان اول فتن بني اسرائيل کانت من قبل النساء“ يعني ڊڄو دنيا جي فتني کان ۽ عورتن جي فتني کان ڇو ته بني اسرائيلن ۾ پهريون فتنو عورتن کان شروع ٿيو هو.(مسلم)
حديث: هڪ حديث ۾ حضور جن عليه الصلواة والسلام فرمايو ته بني اسرائين کي برباد ڪرڻ واري شيءِ عورت هئي سڀ کان اول فتنو عورتن کان پيدا ٿيو.(مشڪواة شريف)

آخر ۾ هڪ عورت لاءِ نصيحت

حديث عن زيد بن طلحه رضه قال رسول الله صلي الله عليه وسلم لکل دين خلق و خلق الاسلام الحياءُ
يعني زيد بن طلحهرضه کان روايت آهي ته حضور جن ﷺ فرمايو ته هر دين لاءِ نشاني آهي ۽ نشاني دين اسلام جي حياءُ آهي.(بيهقي)
حديث: حضرت ابو عمران بن عمر رضه کان روايت آهي ته حضور جن ﷺ فرمايو” اني لغيور وماين امري الا منکوس القلب“ يعني مان زياده غيرت وارو آهيان بي غيرت ڪوبه مرد نه هوندو آهي. مگر اونڌي دل وارو جو مرد يا عورت غيرت نٿا رکن ته اهي اونڌي دل وارا آهن توڙي اکين سان ڏسن ٿا پردلجا انڌا آهن.
حديث حضرت ابو ايوب انصاري رضه کان روايت آهي ته حضور جن ﷺ جن فرمايو ته چار شيون نبين جون نشانيون آهن.(1) نڪاح (2) حياءُ (3) ڏندڻ ڪرڻ (4) خوشبو هڻڻ
حديث: حضرت ثُبان رضه کان روايت آهي ته حضور جن عليه الصلواة والسلام فرمايو ته غيرت مند ۽ باعصمت ۽ حيادار عورت ساري نهايت ڀلي آهي ۽ مرد جي مددگار آهي.
حديث: حضرت عقبه رضه کان روايت آهي ته حضور جن عليه الصلواة والسلام فرمايو ته توهان مرد خاص ڪري بي باڪ ۽ بي حيا ۽ بي غيرت عورتن ڏانهن نهاريندا به نه ڪريو. (شادي لاءِ) ان کان نهايت ئي پاسو ڪندا ڪريو.
حديث: حضرت ابوهريره رضه کان روايت آهي ته حضور جن عليه الصلواة والسلام فرمايو ته حيا ايمان جي هڪ شاخ ۽ ايماندارن جي جاءِ بهشت آهي ۽ بي حيائي هڪ برائي جي شاخ آهي ۽ بدڪار انسان جي جاءِ جهنم آهي.
حديث: حضرت ابوهريره رضه کان روايت آهي ته فرمايو حضور جن ﷺ ته جيڪڏهن ڪو ڪنهن جي گهر ۾ ليئو پائي يا نظر کڻي نهاري پر بغير اجازت جي ته تولاءِ جائز آهي جو تون ان جي اک ڪڍي ڇڏي پوءِ تنهنجي مٿان ان جو ڪوئي ڏوهه نه آهي.
مسئله: جهڙي طرح عورتن ڏي نظر ڪري تڪڻ حرام آهي. اهڙي طرح عورتن کي به مردن ڏانهن نهارڻ حرام آهي.
حديث: حضرت عمران بن حصي کان روايت آهي ته حضور جن عليه الصلواة والسلام فرمايو ” اذا تسحيي اصنع شيئت“ يعني جڏهن حياءُ نه آهي ته پوءِ جيڪي وڻيس سو وڃي ڪري.

اهل بيت ڪرام نبي ڪريم ﷺ

والد ماجد: حضرت عبدالله.والده ماجده: حضرت آمنه

[b]ازواج مطهرات: [/b]
1. حضرت خديجهؓ 2. سيده زينب بنت حجش ؓ 3.سيده عائشه ؓ 4. سيده جويريه بنت حارث ؓ 5.سيده سوده بنت زمعه ؓ 6. سيده ام حبيبه بنت ابو سفيان ؓ. 7. سيده حفصه بنت فاروق اعظم ؓ 8. سيده ميمونه بنت حارث ؓ9. سيده صفيهؓ بنت بن حي ابن اخطبه 10. سيده زينب بنت خزيمه ؓ 11. سيده ام سلمهؓ بنت اميه بن اميه 12. سيده ماريه قبطيه ؓ

[b]پٽ[/b]:
(1) قاسم (2) عبدالله (3) ابراهيم (4) طاهر

[b]نياڻيون: [/b]
سيده زينب زوجه ابي العاص ؓ (2) سيده رقيه زوجه حضرت عثمان ؓ (3) سيده فاطمه الزهراؓ زوجه حضرت علي ؓ (4) سيده ام ڪلثوم زوجه حضرت عثمان ؓ

[b]ڏهٽا:[/b]
حضرت علي ابن ابوالعاص ؓ (2)حضرت عبدالله بن حضرت عثمان ؓ (3) حضرت حسن بن حضرت علي ؓ (4) حضرت حسين بن علي ؓ

[b]ڏهٽيون[/b]:
سيده امامه بنت ابوالعاص زوجه حضرت عليؓ (2) سيده ام ڪلثوم بنت حضرت علي زوجه حضرت عمر ؓ (3) سيده زينب بنت حضرت عليؓ (ننڍي هوندي فوت ٿي وئي)

حديث مبارڪه

سئل عن النبي ﷺ الجلوس مع العيال احب اليک ام الجلوس في المسجد قال الجلوس ساعة عند العيال احب الي من الاعتکاف في مسجدي
ترجمو:
پڇيو ويو نبي ڪريم ﷺ کان اهل عيال سان ويهڻ اوهان کي زياده پسند آهي يا مسجد ۾ ويهڻ اوهان کي زياده پسند آهي. پاڻ سڳورن ﷺ فرمايو ته اهل عيال سان هڪ گهڙي ويهڻ مون کي ڏاڍي پسند آهي هن کان جو منهنجي مسجد نبوي ۾ اعتڪاف ويهي.(تنبيہ الغافلين)