آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

سادگي

حسن وساڻ جي مشھوري شوبز جي دنيا خاص ڪري فلمن تي لکيل مضمونن سببب رھي. حسن وساڻ جي ھن ڪتاب ۾ سندس آتم ڪٿا، ساروڻيون، ڪچھريون ۽ حال احوال شامل آھن. حسن وساڻ ھڪ زندھ دل انسان، انسانيت سان پيار ڪندڙ ۽ ترقي پسند سوچ جو مالڪ ھيو، جنھن دنيا گهمي، موسيقي ۽ فلمن جي ناياب ڪليڪشن گڏ ڪئي ۽ أولاد کي پڙھايو. سندس ھن ڪتاب ۾ ڪيتريون دلچسپ ۽ تاريخي ڳالھيون لکيل آھن جن مان گهڻو ڪجه سِکي سگهجي ٿو.

  • 4.5/5.0
  • 55
  • 21
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book سادگي

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران متحرڪ سياسي ۽ سماجي ڪردار حسن وساڻ جي آتم ڪٿا جو ٻيو حصو ”سادگي“ اوهان اڳيان حاضر آهي.
حسن وساڻ جي مشھوري شوبز جي دنيا خاص ڪري فلمن تي لکيل مضمونن سببب رھي. حسن وساڻ جي ھن ڪتاب ۾ سندس آتم ڪٿا، ساروڻيون، ڪچھريون ۽ حال احوال شامل آھن. حسن وساڻ ھڪ زندھ دل انسان، انسانيت سان پيار ڪندڙ ۽ ترقي پسند سوچ جو مالڪ ھيو، جنھن دنيا گهمي، موسيقي ۽ فلمن جي ناياب ڪليڪشن گڏ ڪئي ۽ أولاد کي پڙھايو. سندس ھن ڪتاب ۾ ڪيتريون دلچسپ ۽ تاريخي ڳالھيون لکيل آھن جن مان گهڻو ڪجه سِکي سگهجي ٿو.
ھي ڪتاب ڪنھن بہ اداري اڃا تائين ناھي ڇاپيو، پر مرحوم حسن وساڻ جي لائق فرزند محبوب وساڻ جيڪو انگلينڊ جي شھر برمنگهم ۾ رھي ٿو تنھن قرب ڪري اخبارن ۾ ڇپيل يا اڻ ڇپيل ڪالمن کي ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو آھي، جنھن لاءِ سندس ٿورائتا آھيون.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

اچي بوءِ بهار جي !!

اسان جي بابا ( حسن وساڻ ) جي آتم ڪٿا / جڳ ڪٿا جو ڀاڱو ٻيو ( سادگي ) سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي ويب سائيٽ تي اپلوڊ ڪندي مونکي تمام گهڻي خوشي محسوس ٿي رهي آهي. آءُ ان ضمن ۾ سائين محمد سليمان وساڻ جو تمام گهڻو ٿورائتو آهيان جن مونکي انهي ڪم ۾ تمام گهڻي مدد ڪئي ۽ ڪتاب کي پنهنجي ويب سائيٽ تي اپلوڊ ڪيو.
بابا جو پهريون ڪتاب ( شڪست ) جيڪا سندس آتم ڪٿا / جڳ ڪٿا جو پهريون حصو هو سو ڇپرائڻ کانپوءِ ڪافي مقبول ٿيو ۽ نہ صرف سنڌ پر پرڏيهه جي ڪافي سڄاڻ ماڻهن ۾ بہ پسند ڪيو ويو. پهرين ڪتاب مان ملندڙ اتساهه ڪارڻ ئي بابا ڪتاب جو هي ٻيو حصو بہ لکڻ شروع ڪيو ۽ لکي پورو ڪيائين. هي ڪتاب اڃان پروف ريڊنگ ۽ اشاعت جي مرحلي ۾ ئي هو تہ بابا جي حياتي سندس ساٿ نہ ڏنو ۽ کيس 14 نومبر 2017 تي اچانڪ برين اسٽروڪ ٿي پيو. بابا پورا 11 ڏينهن آغا خان هاسپيٽل ڪراچي ۾ آئي سي يو وارڊ ۾ داخل رهيو ۽ آخر 25 نومبر 2017 تي پنهنجي خالق حقيقي سان وڃي مليو.
بابا جي هي آتم ڪٿا جيئن جو تيئن سنڌ سلامت جي ويب سائيٽ تي اپلوڊ ڪيون ٿا. هن ڪتاب جو مواد بابا طرفان ئي سانگهڙ مان ٽائيپ ٿيل هو جيڪو سندس وڃڻ کانپوءِ اسان ڪتابي صورت ۾ ڇپرائڻ جو ارادو ڪيو پر پنهنجي مصروفيتن ۽ ڪجهه پرڏيهي مجبورين ڪارڻ ڇپرائي نہ سگهياسين پر بابا جي ڪافي دوستن جو مون تي هميشه کان اسرار رهيو تہ جيڪر اڃان تائين ڪتاب نہ ڇپرايو اٿئو تہ گهٽ ۾ گهٽ آن لائين ئي رکي ڇڏيو جيئن جن دوستن کي حسن صاحب جي تحريرن سان پيار آهي سي ڊائونلوڊ ڪري پڙهي سگهن. بابا جي دوستن جي اها صلاح مونکي بہ دل سان لڳي ۽ سوچيم تہ واقعي سُستي ۽ مجبورين ڪارڻ اڳئي ڪافي دير ٿي چڪي آهي ۽ هونئن بہ هاڻ ڪتابي صورت ۾ مطالعي وارا ماڻهو تمام گهٽ رهيا آهن. اڄڪلهه ڊجيٽل دور آهي ۽ ڪافي ماڻهن جي ڊجيٽل اپروچ بہ آهي. جن کي واقعي ڪجهه پڙهڻ يا ڏسڻ جو چاهه آهي سي انٽرنيٽ تان اهو مطلوبہ مواد کڻي، پڙهي يا واچ ڪري سگهن ٿا باقي ڪتاب تہ اڪثر هاڻ صرف شو ڪيسن جي زينت بڻايا وڃن ٿا. مصنف هزار ڪاپيون ڇپرائي ٿو، 800 ڪاپيون اعزازي طور دوستن ۽ نام نهاد دانشورن کي ورهائي ٿو ۽ اُهي ماڻهو اڪثر بغير مطالعي جي ڪتاب کي گهر جي ڪنهن شوڪيس ۾ سجايو ٿا ڇڏين. اڄوڪي دور ۾ گهر جي ڪجهه شوڪيسن ۾ ڪتاب سجائڻ بہ هڪ روايت بڻجي چڪي آهي جنهن سان شايد اهو ثابت ڪيو وڃي ٿو تہ آءُ ڪو وڏو علم دوست ماڻهون آهيان ۽ منهنجو وڏو مطالعو آهي پر همراهه جي روين، ڪرادر ۽ گفتگو مان خبر پوي ٿي تہ علمي ادبي قد ڪاٺي تہ پري جي ڳالهه آهي پر سائين جن کي پنهنجي فيلڊ يا پيشي متعلق بہ ڪا مستند معلومات نہ هجڻ جي برابر آهي.!!!
بابا جي شخصيت يا سندس ڪنهن تحرير بابت ڪجهه لکڻ منهنجي لاءِ تمام گهڻو اوکو ڪم آهي. مونکي بلڪل سمجهه ۾ نٿو اچي تہ ڇا لکان، ڪٿان شروع ڪيان ۽ ڇا ڇا پنهنجي بيان ۾ محفوظ ڪيان. ڇوتہ بابا پيءُ هجڻ کان علاوه بہ منهنجو بهترين دوست، تمام ڄاڻو استاد، همدرد، هم ذوق ۽ خوشين غمن جو ساٿي هو. سندس وڃڻ کانپوءِ مونکي پنهنجي ذات اڻ پوري ٿي لڳي. بابا واحد اهو انسان هو جنهن وٽ منهنجي هر سوال جو جواب هوندو هو ۽ منهنجي هر مسئلي جو حل هوندو هو. مونکي ڄڻ ڪنهن شيءِ جي ڪا پرواھ ئي نہ هئي ۽ زندگي بغير ڪنهن پريشاني يا سوال جي هلندي پئي ويئي پر بابا جي وڃڻ کانپوءِ ڄڻ اهو در ئي بند ٿي ويو ۽ اڳيان هڪ ڊگهي ديوار کڙي ٿي ويئي جيڪا نہ ويڪر ۾ کٽندي ٿي نظر اچي ۽ نہ بلندي ۾.
هر ڪو ماڻهو پنهنجي ماءُ پيءُ سان ڪافي محبت ڪري ٿو ۽ انهن سان سندن عجيب احساس ۽ رشتا بہ جوڙيل آهن. ماءُ پيءُ سان محبت بہ شايد هڪ فطري احساس يا جذبو آهي پر انهي جي باوجود بہ آءُ اهو چوندس تہ اسان جو بابا گهڻن ماڻهن کان ڪافي الڳ هو. سندس ظاهري ڏيک ۽ ڳالھ ٻولھ بلڪل سادي ۽ ڪجهه ڪجهه نادانين واري هئي پر جتي ڳالھ علم، عقل، ادراڪ، ادب ۽ آرٽ جي ٿي آئي اُتي بابا جو مقام گهڻن ماڻهن کان مٿاهون هو. بابا فطري طور پارکو هو. بابا وٽ ڪنهن بہ شي کي پرکڻ ۽ محسوس ڪرڻ جا الگ زاويا هئا. ڪنهن ڪتاب، واقعي، فلم، موسيقي يا پينٽنگ جا زاويا جيڪي بابا کي نظر ايندا هئا سي هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه نہ هئي. اڄ کان 40 سال پهريان جڏهن سانگهڙ شهر ۾ معياري ادب يا آرٽ جي اڃان اوسر بہ نہ ٿي هئي تہ بابا جي لائبريري ۾ ناياب ڪتاب، گرامو فون رڪارڊ ۽ پينٽنگز موجود هيون جيڪي انهي زماني ۾ سانگهڙ جهڙي پوئتي پيل شهر ۾ تمام وڏي ڳالهه هئي. بابا انهي دور ۾ بہ بيٿوون، موزارٽ، چائوڪووسڪي ۽ باک جي ميوزڪ ڪمپوزيشن ٻڌندو ۽ سمجهندو هو. بابا وٽ موسيقي سمجهڻ جي فطري حس موجود هئي، نہ صرف مغربي موسيقي پر پنهنجي مشرقي موسيقي ۽ پڪا راڳ سمجهڻ ۽ انهن جون مختلف ماترائون بہ بابا کي ڀلي ڀت سمجهه ۾ اينديون هيون. بابا موسيقي جي رمزن کان چڱي طرح واقف هو ۽ گيت سنگيت ۾ بہ اتار چڙهاءُ ۽ ادائگي کي گهرائي سان سمجهڻ وارو هو. پراڻي فلمن جي گيتن ۾ استعمال ٿيل شاعري ( ليرڪس ) جا مفهوم جيڪي مون بابا واتان ٻڌا، تهڙي سمجهاڻي اڄ تائين مونکي ٻئي هنڌان ڪڏهن بہ ٻڌڻ لاءِ نہ ملي.
بابا مذهبي طور ايڏو عبادت گذار يا روزي نماز جو پابند نہ هو پر الله پاڪ تي يقين ڪامل هئس. اسلام کي هڪ سماج سڌار جو سسٽم سمجهندو هو، ايتري قدر جو سوشل ازم جي تصور کي بہ اصل ۾ اسلام سان جوڙيندو هو. چوندو هو تہ نظام سياسي هجي يا مذهبي، سڀ جا سڀ تصور انساني سماج کي حد بندين جي سکيا ڏين ٿا. انسان بنيادي طور وحشي ۽ ڇڙواڳ فطرت جو آهي، اهي مختلف نظام ئي انسان کي انسان بنائين ٿا ۽ حدبنديون مقرر ڪن ٿا ورنه انسان حيوان کان بہ وڌيڪ خطرناڪ آهي.
بابا جي عبادت ۽ الله پاڪ کي راضي ڪرڻ جا بہ پنهنجا طريقا هئا جيئن هر روز اسان جي گهر جي ڇت تي پکين کي کاڌو ۽ پاڻي ڏيڻ بابا جي فرائض ۾ شامل هو. ايتري قدر جو گهر کان جيڪر 2 يا 3 ڏينهن ٻاهر بہ ويندو هو تہ ڪنهن نہ ڪنهن گهر ڀاتي جي اها ڊيوٽي هڻي ويندو هو تہ پکين جو داڻو پاڻي بند نہ ڪجو، شايد الله پاڪ جو راضپو اسان تي انهن پکين ڪارڻ ئي هجي.......بابا پيشه ور گداگرن کي گهڻو پسند نہ ڪندو هو پر غريب ۽ مسڪين ماڻهن کي بغير گهرڻ جي بہ انهن جي گهر وڃي خرچو پاڻي ڏيئي ايندو هو. بچپن ۾ مونکي اڇي ڏاڙهي سان هڪ مهاجر پوڙهو ياد ٿو اچي جيڪو سنڌي پرائمري اسڪول جي ڀرسان واري گلي ۾ اڪيلو، هڪ اڌ ڪچي اڌ پڪي گهر ۾ رهندو هو. اهو اڇي ڏاڙهي وارو پوڙهو ڪافي عمر رسيده هو ۽ سندس هٿ پير ڏڪندا رهندا هئا. اهو پوڙهو پنهنجي گهر اندر يا ليٽيو پيو هوندو هو يا دروازي ٻاهران ڪرسي رکيو ويٺو هوندو هو. بابا اڪثر در کڙڪائي انهي اڇي ڏاڙهي واري مهاجر پوڙهي کي ڪجهه نہ ڪجهه پيسا ڏيئي ڇڏيندو هو.
اسان اڪثر جڏهن پنهنجي گاڏي ۾ سانگهڙ کان حيدرآباد ويندا هئاسين تہ گاڏي هلندي هلندي ڊرائيور کي بيهڻ لاءِ چوندو هو ۽ رستي تي ويندڙ ڪنهن غريب عورت يا شخص کي بغير گهرڻ جي ڪجهه پيسا ڏيئي ڇڏيندو هو....مٽياريون پاس ڪندي جڏهن حيدرآباد ويندا هئاسين تہ اُتي هڪ پوڙهو فقير ايندڙ ويندڙ روڊن جي بلڪل وچ ۾ سارو ڏينهن بيٺو هوندو هو پر ڪنهن بہ ايندڙ ويندڙ گاڏي کي صدا نہ هڻندو هو. جيڪر ڪنهن ماڻهون جي مرضي پوندي هئي تہ ڪجهه پيسا ڏيئي ڇڏيندو هئس ورنه اهو فقير ڪنهن کان ڪجهه گهرندو نہ هو. جيئن تہ اسان جو اڪثر سانگهڙ کان حيدرآباد جو سفر ٿيندو رهندو هو تہ انهي پوڙهي فقير کي بابا اڪثر ڪجهه خرچي ڏئي ڇڏيندو هو. هڪ رات پوري علائقي ۾ برسات ٿي پر انهي رات کنوڻ ۽ گجگوڙ بہ تمام گهڻي هئي. اسان صبح جو حيدرآباد ويندي انهي فقير وٽ جڏهن رڪياسين تہ بابا ڪجهه پيسا کيسي مان ڪڍي فقير کي ڏنا ۽ پڇيائين ، ”فقير ! ڏي ڀلا خبر ملڪ جي حالات جي “.
فقير بابا ڏي مسڪرائي جواب ڏنو، ‘‘رات ٻڌئي نہ يار جا سٽڪا ۽ ڪڙڪا ؟ ‘‘ . ان جواب کانپوءِ ٻئي مسڪرائڻ لڳا ۽ اسان جي گاڏي اڳتي وڌي ويئي.
بابا کي پڙهندڙ ماڻهون شايد اهو سمجهن ٿا تہ بابا جي دلچسپي يا اسٽڊي صرف فلمن يا موسيقي تائين محدود هئي پر حقيقت اها آهي تہ بابا جو مطالعو تمام گهڻو وسيع هو. ڪتابن سان ٻاروتڻ کان ايڏو تہ چاهه هئس جو آخري وقت تائين رات سمهڻ کان پهريان جيڪر ڪو ڪتاب نہ پڙهندو هو تيستائين ننڊ نہ ايندي هئس. ڪافي سبجيڪٽن تي تمام اونهي اسٽڊي هوندي هئس پر جن تي گهري اسٽڊي نہ بہ هئس تہ انهن سبجيڪٽن جي رمزن کي سمجهي ويندو هو. اهو سبجيڪٽ مذهب جو هجي يا جماليات جو، صوفي ازم هجي يا ارتقا جو. البته فلسفو ، ميٽا فزڪس، نفسيات، فلم، موسيقي ۽ مصوري بابا جا محبوب مضمون هئا. هڪ دفعي نفسيات ۾ ماڻهن جي مختلف قسمن تي ڳالهائيندي چيائين تہ يار ! ساري عمر زندگي ۽ ماڻهن کي سمجهڻ ۾ لڳايو اٿئون پر هاڻ آءُ انهي نتيجي تي پهتو آهيان دراصل ماڻهن جا صرف 2 قسم آهن، هڪ ڀلا آهن ۽ ٻيا برا آهن. بس ٻيو ڪو بہ قسم نہ آهي. ڀلا ماڻهون ڪهڙي بہ حالات ۽ بيڪ گرائونڊ سان وابستہ ڇونہ هجن پوءِ بہ ڀلائي جي ونگار وهي ويندا ۽ برا ماڻهو پنهنجي غلاظت هر جاءِ تي ضرور ڏيکاريندا پوءِ ڀلي اها جاءِ ڪهڙي بہ پوتر ڇو نہ هجي يا انهن جي سامهون رشتو ڪهڙو بہ پاڪ ڇو نہ هجي.
بابا جا زندگي کي سمجهڻ سوچڻ جا پنهنجا الگ زاويا هئا. تمام گهريون ڳالهيون سادي نموني سان ڪري ويندو هو. اڪثر هڪ ڳالهه ڪندو هو تہ ‘‘زندگي ۾ شارٽ ڪٽ نہ آهي ‘‘. اسان جي گهڻي تڻي زندگي انهي شي جي متلاشي ۽ منتظر رهي ٿي تہ بس اچانڪ ڪجهه اهڙو ٿي پوي جو منهنجو فلاڻو مسئلو حل ٿي وڃي يا سالن کان فلاڻي جيڪا خواهش يا حدف آهي سو پورو ٿي وڃي. پر ڪنهن بہ شي کي حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ پورو پنڌ طي ڪرڻو ٿو پوي، پنڌ بنا منزل نٿي ملي. انسان جي هر حاصلا جو هڪ چڪر ويوو آهي ۽ انسان کي هر حال ۾ اهو چڪر ويوو پورو ٿو ڪرڻو پوي.
ڪافي پراڻي ڳالهه آهي جڏهن منهنجي عمر ٻاراڻي هئي تہ هڪ ڏينهن اسان پنهنجي گاڏي ۾ ڪيڏانهن وڃي رهيا هئاسين تہ نٽهڻ اُس ۽ شديد گرمي ۾ ڪجهه مزدورن روڊ تي ڪم پئي ڪيو، سندن جسم ۽ ڪپڙا پگهر سان ڀريل هئا تہ مون بابا کان سوال ڪيو تہ ‘‘ بابا ! هي مزدور غريب ڇو ٿيندا آهن؟ جڏهن تہ هي سارو ڏينهن محنت بہ ڪن ٿا ٻئي طرف امير ماڻهون ڪجهه ڪري بہ نٿو پوءِ بہ ان وٽ ايڏو پيسو ڇو آهي؟‘‘
بابا مونکي جواب ڏنو ته، ‘‘ انهي سوال تي ئي تہ اسان جي ساري زندگي جي جنگ آهي‘‘. بابا جي اها سوچ ساري زندگي رهي ۽ هميشه ناحق جي خلاف جنگ ۾ جٽيو رهيو. سياسي نظامن بابت هڪڙي اها بہ ڳالهه چوندو هو تہ سڀ سياسي نظام دراصل ڪيپيٽل ازم جي حمايت جي در تي ئي ختم ٿين ٿا، انهي ڳالهه جي اڄ تائين مونکي سمجهه ۾ نہ آئي!
بابا جون ڪي ڪي ڳالهيون اڄ تائين مونکي اڌوريون سمجهه ۾ اچن ٿيون، انهن جا مفهوم اڃان تائين سمجهي نہ سگهيو آهيان. جيئن چوندو هو ته، ‘‘اسان جي زندگي جي ساري جستجو خوشي جي تلاش ۾ رهي ٿي پر خوشي ديرپا نہ هوندي آهي، درد ديرپا هوندو آهي ۽ جيڪو سرور سُور يا درد ۾ هوندو آهي سو خوشين مان نٿو ملي سگهي. ‘‘ . بابا کان پڇيم تہ اهو وري ڪيئن؟ تہ جواب ڏنائين انسان يادن جي سهاري جيئي ٿو ۽ اسان جون اڪثر يادون دردن ڀريون هونديون آهن پر پوءِ بہ اسان تاحيات اسان انهن تلخ رشتن، ڪردارن ۽ واقعن کي سيني سان سانڍي رکندا آهيون ۽ انهن کي ياد ڪري جيئندا آهيون.
بابا جون ڪافي ڳالهيون عجيب هونديون هيون جيئن اهو بہ چوندو هو ته، ‘‘عقل ۽ بهادري تمام گهٽ گڏجي ملندو آهي. بيوقوف ماڻهون وڌيڪ فائدي ۾ رهندا آهن‘‘. اڪثر اها ڳالهه بہ چوندو هو تہ علم انسان کي بزدل بڻائي ٿو، وسوسا ، تشويش ۽ سوال پيدا ڪري ٿو جڏهن تہ بيوقوف ماڻهون انهن سڀني مسئلن کان آجو هوندو آهي.
بابا ڪيئي دفعا مون وٽ برطانيه گهمڻ آيو. هڪ دفعي سياري جي مند ۾ چڪر هنيائين تہ ملڪ ۾ ڪا ساوڪ نہ هئي، سڀ وڻ ٽڻ سُڪل ۽ گلن پنن کان خالي هئا. مون بابا کي چيو تہ هن ڀيري اهڙي موسم ۾ آيا آهيو جو توهان کي ٻاهر گهمائڻ ڦرائڻ بہ نٿو وٺي وڃي سگهان، شديد سيءُ آهي ۽ ٻاهر جا نظارا ساوڪ ۽ خوبصورتي کان خالي آهن. بابا جواب ڏنو تہ هر موسم جو پنهنجو هڪ الگ حُسن هوندو آهي، الگ خوشبو هوندي آهي ۽ الگ ڪيفيت هوندي آهي. اهي ٻاهر جون موسمون ئي اسان جي اندر جي موسم کي جنم ڏين ٿيون، ، نڪور خيال ۽ ڪيفيتون پيدا ڪن ٿيون، رهي ڳالهه نظارن جي سو صرف ساوڪ جا نظارا خوبصورت نہ هوندا آهن بلڪه انهن گلن پنن کان خالي وڻ ٽڻ جي بہ پنهنجي هڪ الگ بيهڪ ۽ حُسن آهي. انهن جي حُسن جون خبرون وڃي ڪنهن آرٽسٽ يا فوٽوگرافر کان پڇ تہ سندن ڪيمرا يا پينٽنگ ۾ اهي نظارا ساوڪ جي نظارن کان ڪيترا نہ وڌيڪ پرڪشش ۽ معني خير آهن.
جيئن شروع ۾ چيم تہ بابا جي شخصيت، مذاج، ذوق ۽ علمي ادبي مرتبي تي لکڻ منهنجي وس جي ڳالهه نہ آهي. سندس ننڍيون ننڍيون ڳالهيون منهنجي لاءِ تمام اهم آهن جن ۾ نہ صرف مونکي هڪ گهرائي نظر اچي ٿي پر انيڪ زاويا بہ نڪري نروار ٿين ٿا. آءُ بابا جي تمام ويجهو رهيو آهيان سو منهنجي سامهون سندس حياتي جو هڪ وڏو حصو آشڪار ٿيئي ٿو. پر سندس وڃڻ کانپوءِ سندس قريبي دوستن جا بہ عجيب عجيب رمارڪس هئا. انهن مان 2 ڳالهيون تہ مونکي بابا جي اڪثر دوستن واتان ٻڌڻ لاءِ مليون هڪ اهو تہ ‘‘ حسن صاحب هن زماني جو ماڻهون نہ هو، حسن وساڻ هن زماني ۾ رهي ڪنهن بئي دنيا جون ڳالهيون ڪندو هو ۽ جن زمانن جون ڳالهيون ڪندو هو سي سڀ اسان جي اکين کان اوجهل آهن ‘‘
ٻئي ڳالهه جيڪا مون بابا جي دوستن واتان اڪثر ٻڌي سا اها هئي تہ ‘‘ توهان کي خبر ئي نہ آهي تہ توهان جو والد ڪيڏي وڏي شخصيت هو. حسن صاحب جيترو مونسان ويجهو هو ۽ جيڪي دل جون ڳالهيون اسان پاڻ ۾ ڪندا هئاسين سي شايد ئي ڪير ڪندو هجي ‘‘.معني بابا جو هر پنهنجي دوست سان الگ هڪ پيار ۽ ويجهائپ جو ناتو هو جيڪي کيس نہ صرف پنهنجو همراز سمجهندا هئا پر سندس نجي ڪچهرين مان بہ لطف اندوز ٿيندا هئا.
منهنجيون بابا سان گهاريل انيڪ يادون آهن، خوشگوار ۽ غمزده لمحات آهن، مختلف نظريات جا تبصرا آهن، علمي ادبي ڪچهريون آهن، عام رومزه جون گهريون ڳالهيون آهن، سندس ڪردار جا عجيب رويا آهن ۽ اُهي نسبتون آهن جيڪي صرف محسوس ڪري سگهجن ٿيون پر قلم بند نٿيون ڪري سگهجن. جيڪر صرف بابا سان گهاريل گهڙين تي لکان تہ هڪ پورو ڪتاب لکجي ويندو پر هتي اهو سڀ ڪجهه لکڻ ممڪن نہ آهي.
بابا جي آتم ڪٿا جو ٻيو حصو بہ سندس زندگي جا مشاهدا، نظريات، خيالات، يادگيريون ۽ خود سندس طبعيت کي بيان ڪري ٿو تہ اسان جو بابا ڪهڙي قسم جو ماڻهون هو، ڪيئن سوچيندو هو، ڪيئن زندگي کي سمجهندو هو ۽ هن پنهنجي علم ۽ مطالعي مان ڇا پرايو. اميد تہ بابا جو هي ڪتاب بہ ڪافي دوستن کي پسند ايندو ۽ سندس تحرير ، تجربن ۽ انداز بيان مان لطف اندوز ٿيندا.


محبوب وساڻ
برمنگهم، 10 آڪٽوبر 2022

هر شخص ڪهاڻي آ

هڪ ڪهاڻي سانگهڙ ۾ چار اپريل اوڻويهه سو چوئيتاليهن کان ٻه هزار سترنهن نومبر جي ڇويهه تاريخ تائين هلندي رهي. ان ڪهاڻيءَ جو نالو هو حسن وساڻ. ڇا تہ ڪهاڻي هئي!
ڪجهه ڏينهن اڳ محبوب وساڻ (حسن وساڻ جو وڏو پٽ) جنهن جو نالو حسن جي هڪ پسنديده فلم مدر انڊيا جي هدايتڪار جي نالي جي نسبت سان رکيل آهي. هتي اها ڳالهه بہ واضع ڪرڻ گهران ٿو تہ حسن جو فلمن سان ايترو روح جو رشتو هو جو هن پنهنجي سموري اولاد جا نالا فلمي دنيا جي نسبت سان رکيا. نوشاد جنهن لاءِ هو سدائين لکندو هو ”موسيقار اعظم نوشاد“ اهو بہ محبوب وساڻ جو ڇٺي جو نالو هو جيڪو پهريان نوشاد ۽ پوءِ محبوب رکيائين.. مون کي ٻڌايو هئائين تہ مون وصيت ڪئي آهي تہ جڏهن مري وڃان تہ مڙه جي ڀرسان لتا جا هي هي گانا هلائجو مان زنده ٿي پوندس. محبوب وساڻ واٽس ايپ تي ميسيج ڪيو ۽ خيال ڏيکاريائين تہ حسن وساڻ جي لکيل سندس آپ بيتيءَ جو ٻيو حصو منظر تي اچڻ گهرجي، مان اوهان ڏانهن ڪتاب واٽس ايپ ڪريان ٿو، اهو پڙهو ۽ ٻه اکر لکو تہ ڪم کي اڳتي وڌايون. هڪدم مون کي حسن جا اهي لفظ ياد آيا تہ ڪتاب موڪليانءِ ٿو پڙهي پروف بہ ٺيڪ ڪر ۽ ٻه اکر بہ لک. هونئن بہ اولاد ابي امان جو تسلسل هوندي آهي ان ڪري مون اهو حڪم حسن جي حڪم وانگر سمجهو.
دنيا جو هر انسان نرالو هجڻ پسند ڪندو آهي. اها ڳالهه دنيا جي هر انسان ۾ فطري آهي (ڪمپيوٽر جي ٻوليءَ ۾ باءِ ڊيفالٽ آهي) پوءِ هو ان ۾ ڪيترو ڪامياب ٿئي ٿو اها هڪ الڳ ڳالهه آهي. حسن بہ نرالو ٿيڻ پسند ڪندو هو جنهن ۾ هو ڪامياب بہ هو. خاص طور تي هن جي سڃاڻ فلمي دنيا سان لاڳاپيل سڀني شعبن سان هئي. مثال هو موسيقيءَ جي سٺي ڄاڻ رکندي ڪنهن فلم يا ڪنهن گاني ۾ ڏنل موسيقيءَ جو سٺي ريت تجزيو ڪري سگهندڙ هو. انگريزي ميوزڪ سندس ساه ۾ پيهي ويل هئي. هن جي ترتيب مطابق جرمن ڄائو بيٿوون پهريون، موزارٽ ٻيو ۽ روسي موسيقار چائوڪوفسڪي ٽيون نمبر دنيا جا وڏا موسيقار هئا. اسان کي بہ ٿوري گهڻي ڄاڻ حسن جي معرفت ملي. هڪ قصو جيڪو مون اڪثر شيئر پئي ڪيو آهي تہ سوويت يونين جي ٽٽڻ کان پوءِ ڪيتريون عورتون دنيا جي ڪيترن ملڪن سميت پاڪستان بہ آيون هيون. بئنڪ جي سيمينار ۾ شرڪت لاء ڪراچيءَ ۾ هڪ هوٽل ۾ مان رهيل هوس. ڪائونٽر تي مون هڪ رشين اڌڙوٽ عمر (40_45) واري ڏٺي. منهنجي هٿ ۾ ڪرائيم اينڊ پنشمينٽ ڪتاب هو جنهن جي پوئين پيج تي دستووفسڪيءَ جي تصوير هئي. مون ٿوري گهڻي هيلو هاءِ ڪرڻ کان پوءِ کيس اها تصوير ڏيکاريندي پڇيو تہ هن کي سڃاڻين. چيائين ها! هي دستووفسڪي آهي ۽ مون جڏهن کائنس پڇيو تہ چائڪوفسڪيء کي سڃاڻين تہ ٿوري ڊانس ڪري ڏيکاريندي پڇيائين ”هي چائڪووسڪي“ مون چيو هائو.
چوڻ جو مطلب تہ مان ڏاڍو متاثر ٿيس. مون سوچيو هتي جيڪڏهن مان ڪنهن عام عورت کي امر جليل، نسيم کرل، شيخ اياز جي تصوير ڏيکاريان تہ ڇا هو بہ سڃاڻي وينديون! پڪ آهي تہ نہ. تہ پوء اهڙيون قومون ڇوڪونه جيئن جن جي عام عورت پنهنجي هيروز کي ياد رکي ٿي.
سانگهڙ جي ڀرسان هڪ شهر شاه پور چاڪر آهي جتي هر سال هڪ پروگرام ايس ايل بي سي (ريڊيو سيلون) جي ياد ۾ ٿيندو آهي. نوجوانن کي شايد خبر نہ هجي جڏهن ٽي وي، نيٽ، ڪمپيوٽر وغيره نہ هئا تہ ريڊيو ئي اڪيلي انٽرٽينمينٽ هئي تڏهن گهر ۾ ريڊيو وڏ ماڻهپ جي نشانيء طور سڃاتو ويندو هو. ان دور ۾ اٽڪل هر گهر ۾ صبح جو ريڊيو سيلون جي اسٽيشن لڳل هوندي هئي. اسان جي گهر بہ چاچي کي ريڊيو هوندو هو جنهن ۾ ريڊيو سيلون هلندو هو. سمورو گهر پنهنجي ڪم تي وڃڻ جي تياريء دوران اهو پيو ٻڌندو هو. سو شاهپور چاڪر جو هڪ چريو/سر ڦريو جوان غلام نبي جهلڻ هر سال اتي پروگرام ڪرائيندو آهي جتي سموري ملڪ جا موسيقي خاص طور تي پراڻن گانن/غزلن جا عاشق پنهنجا پنهنجا پسند جا ريڪارڊ کڻي اچي شريڪ ٿيندا آهن. اتي ٽيپ رڪارڊر، پراڻو فونوگرام، ڪمپيوٽر وغير سڀ موجود هوندا آهن ۽ واري واري سان انهن کي سڏ ٿيندو آهي. مون کي بہ ان پروگرام جو سڏ حسن معرفت مليو. مان سانگهڙ پهتس تہ حسن چيو تون هٿين خالي ڪيئن هلندين هي رڪارڊ کڻواوهان پنهنجي نالي سان اتي وڄرائجو. اسان اتي پهتاسين. ماحول تمام وڻندڙ هو. هڪ وڏي هال پنڌرنهن ويهه فوٽ ويڪرو ۽ چاليهه پنجاه فوٽ ڊگهو هال هو جنهن جي پاسن سان طول وهاڻا پيل هئا هر ماڻهو ٽيڪ ڏيو ويٺو هو. اسان بہ پنهنجي واري جو انتظار ڪيو. سڏ ٿيو مون اهي ٽي رڪارڊ اتي پيش ڪيا اتفاق جي ڳالهه اها جو اهي منهنجا ٽي رڪارڊ تمام گهڻا پسند ڪيا ويا. اتي اي آر واء جي هڪ نمائندي انٽرويو جي شروعات مون کان ڪئي جنهن ۾ هن چيو تہ اوهان جي ڪليڪشن تمام زبردست هئي........ اسان موٽ تي ان ڳالهه تي ڏاڍا کلياسين. حسن چيو يار ڀلو ٿيو تون هٿين خالي نہ هئين، مون چيو مون اوڌر تي (اردو جي هڪ چوڻي موجب) محفل لوٽ لي.
حسن سان ملجي ۽ فلمن جو ذڪر نہ نڪري اهو ممڪن ڪونه هو. جڏهن ملون تڏهن مان ان کي ٻڌايان تہ مون هي هي فلمون ڏٺيون (جن ۾ ڪجهه حسن جون تجويز ڪيل هيون ڪجهه منهنجون پنهنجون) پوء ان تي تبصرو ڪندو اهڙيء ريت ڄڻ ان بہ اهي فلمون موسين گڏ ڏٺيون هجن.
پوئين ڪتاب يعني آتم ڪٿا جي ڀاڱي پهرئين ۾ مون کيس اها تجويز ڏني هئي تہ هو دنيا جي بهترين فلمن تي تفصيل سان لکي، جنهن جو نالو رکنداسين ”دنيا جون سو بهترين فلمون“. وڌيڪ چيومانس تہ تون نوانوي تي لک، هڪ فلم مينا ڪماريءَ وارو پاڪيزه، ان تي مان لکندس. تجويز ڏاڍي پسند آيس. حيدرآباد ۾ ملاقات ڪئيسين. هن مون کي ٻٽيهه فلمن تي لکيل مواد ڏيکاريو. ڀلي ڪچهري ٿي. چيائين باقي بہ لکي وٺندس ۽ ڪتاب ڇپرائينداسين. مون چيو سرورق تي مڌوبالا جو فوٽو لڳڻ گهرجي. اها سونهن راڻي، سونهن جو سمونڊ ان جي بہ پسنديده اداڪارا (حسن جي لحاظ کان) هئي ۽ منهنجي به. باقي فن جي لحاظ کان هو سميتا پاٽيل کان گهڻو متاثر هو.
حسن سان ملاقات ٿئي ۽ ايناڪرنينا جو ذڪر نہ نڪري اهو بہ ممڪن ڪونه هو. هڪ دفعي فون ڪيائين ”مان لنڊن مان ايناڪرنينا جي ڊي وي ڊي وٺي آيو آهيان اچ تہ گڏجي ڏسون. مٿان اها بہ شڪايت ڪيائين تہ پنهنجي ملاقات دير سان ٿئي ٿي. مون وراڻيومانس تہ بئنڪر سان دوستي رکڻ جي سزا آهي توکي. مان تہ توکي ڪونه چيو هو تہ بئنڪر سان دوستي رک. بئنڪر ويچارا نہ زنده نہ مئل رڳو ساه کڻندا آهن. ان ڳالهه تي ڏاڍو کليو ۽ سدائين ٿڌو ساه ڀري پيو چوندو هو، ”ها ادا بئنڪر سان دوستي جي سزا ويٺا ڪاٽيون“ پوء هن مهربان مون ڏانهن اها ايناڪرنينا جي ڊي وي ڊي اٺ سيڊيز ۾ ٺهرائي موڪلي. ٽوٽل فلم ٻارنهن ڪلاڪن جو آهي.
ايناڪرنينا تي اٽڪل هر ڏهن سالن کان پوءِ فلم ٺهندو پيو اچي هاليووڊ ۾. هڪ فلم اوڻيويهه سو پنجٽيهن ۾ ٺهيو هو جنهن ۾ گريٽاگاربو اينا ٿي هئي ان کان پوء چنچل حسينه ويونلي بہ اينا ٿي هئي. حسن کي اهو فلم يعني ٻارنهن ڪلاڪن وارو وڌيڪ پسند هو.
حسن دنيا جي سڀني ماڻهن (تمام گهڻن، اٽڪل سڀني) وانگر عقيدي جي حساب ۾ چوواٽي تي بيٺل هو. انسان جڏهن ڄمي ٿو تہ ان کي پهريان جملا جيڪي ٻڌڻ لاء ملن ٿا انهن جو آخري نتيجو اهو نڪري ٿو جو ان ۾ خوف اوتجي اچي ٿو. جتي خوف ايندو آهي اتان سڀ حوصلا لڏي ويندا آهن. خوف جو ٻيو پاسو يعني جيڪو خوف کي اچي توازن ۾ رکندو آهي اها آهي لالچ. (جيڪو پڻ انساني ذهن جي پيداوار هوندو آهي ۽ ٻاهران بہ مواد حاصل ڪندو آهي يعني ٻڌ سُڌ)اهي ٻيئي سموري زندگيء جي عمارت اڏين ٿا انهن ٻنهي منجهان جان آجي ڪرڻ ڏاڍي ڏکي آهي. انسان ان مان جان ڇڏائڻ چاهيندو بہ آهي تہ انهن سان چنبڙي پيل پڻ هوندو آهي.
گهڻا انسان تہ ائين ئي هن دنيا منجهان موڪلائي ويندا آهن ڪجهه وري علم پڙهي اچي چوواٽي تي بيهندا آهن. هڪ پاسي علم انهن کي سمجهائيندو آهي تہ خوف ۽ لالچ ئي اوهان کي هن پراسرار دنيا ۾ رکيو اچن ٿا تنهنڪري منهنجي ڳالهه (علم جي ڳالهه) مڃو تہ اوهان انهن کان جان آجي ڪريو پر گهربل علم کان گهٽ علم انهن جي ذهنن ۾ چنبا کوڙي ويٺل عقيدن کي ٻاهر ڪڍي ڪين سگهندا آهن.
رڳو ڪجهه، آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ئي (جيڪي گهربل علم پڙهندا آهن) انهن جي اندر علم پهچي انهن منجهان انهن عقيدن کي تڙي ڪڍندو آهي ۽ اهي هڪ فيصلو ڪرڻ وارا بڻجي پوندا آهن پر اهي تعداد ۾ تمام ٿورا هوندا آهن.
حسن سان ان تي تمام گهڻا بحث ٿيندا هئا جن جي آڌار تي مون اها راء قائم ڪئي آهي ۽ حسن سان رشتي جي تقاضا موجب هتي ذڪر ڪيو اٿم.
حسن سٺو بابا هو جو ان جي اولاد پنهنجي پيء جون سڀ خوبيون رکندڙ آهي. محبوب وساڻ وٽ بہ فنون لطيفه جو شوق سمونڊ وانگر لهرون ويٺو ڏي.
حسن وساڻ، حُسن پرست انسان هو. هو ان جو ذڪر گهڻو ڪري ڪندو هو ۽ پنهنجي آپ بيتيء ۾ اهڙا ڪيترا ذڪر ڪيا اٿائين. هن ڪتاب جي ڀاڱي پهرئين ۾ لکيو هئائين تہ هڪ شاعر جڏهن سيهوڻ آيو ۽ اتي جي گرمي ڏٺائين تہ خدا کي فرياد ڪندي هڪ شعر چيائين تہ اي خدا جيڪڏهن سيهوڻ هو تہ دوزخ ڇو ٺاهيوءِ. مان (حَسن) جڏهن جرمنيء جي شهر اولمپيا ويس تہ اتي الله کي فرياد ڪيم تہ جيڪڏهن اولمپيا هو تہ پوءِ بهشت ٺاهڻ جي ڪهڙي ضرورت. حسن جي حُسن پرستيء کي ڏسي مون کي پڪ آهي تہ خدا تعالى سندس ذوق جو خيال رکندي کيس حورون عطا ڪندو پر منهنجي خيال موجب هو حافظ جو هي شعر ضرور ياد ڪندو ته، ”بده ساقي مئه باقي، ڪه در جنت نہ خواهي يافت، ڪنارِ آب رڪناباد و گلگشت مصلى را“ اي ساقي! باقي بچيل شراب مون کي ڏي، ڇو تہ بهشت ۾ ڪناره رڪناباد ۽ مصلي جو سير نصيب نہ ٿيندو. (حافظ شيراز جو هو، شيراز ايران جي ڏکڻ ۾ واقع شهر جبلن جي وچ ۾ آهي جبل تي چڙهي شيراز جو نظارو ڪبو تہ باغ ۽ واه نظر ايندا. اهي واه انهن جبلن جي آبشارن منجهان نڪرندا آهن ۽ اهڙو نظارو ڏيندڙ هوندا آهن جنهن سبب انسان جي واتان ازخود ”الله اڪبر“ نڪري ويندو آهي اهو ئي سبب آهي جو ان آبشار جو نالو الله اڪبر رکيل آهي. حسن بہ ياد ڪندو تہ بهشت جون حورون بہ قبول پر مون کي ٻيهر دنيا ۾ موڪل تہ سانگهڙ وڃي اتان جون پريون ڏسان. فلم جي پردي تي مڌوبالا ڏسان. انڊيا جي آرٽ فلمن جي سدا چمڪندڙ اداڪارا سميتا پاٽيل جي منهن تي اهي امپريشن ڏسان جيڪي هن فلمن جي دردن واري سين ۾ پنهنجي منهن تي ڏنيون.


نذير سومرو
چڪ ضلعو شڪارپور
2 آڪٽوبر 2022

  سانگهڙ ناول جهڙو حسن وساڻ

حسن وساڻ کي تيرنهين نومبر رات جو اٽڪل ساڍي ٽين وڳي لائيٽ هارٽ اٽيڪ سان برين هيمريج ٿيو. اوچتو، اهو بہ رات جو وقت مٽن مائٽن کيس مقامي سول ڪوس گهر ۾ داخل ڪرايو جتي علم طب جي ڊگريء جي غرور ۾ سرشار ڪاسائيء کيس نشي جي سئي هنئي. ڪجهه دير کانپوء جڏهن کيس سمجهه ۾ آيو تہ مون غلط ڪيو آهي تہ هن کين صلاح ڏني تہ هن مريض جي علاج لاء مخصوص ڪاسائي ڀر واري شهر جي اسپتال ۾ هوندو آهي اوهان بنا ڪنهن دير جي کيس اتي پهچايو. مائٽن کيس اتي پهچايو پر اهو ٻڌي انهن جا ٺپ ٺري ويا تہ اهو ڪاسائي پنهنجي مخصوص وقت تي ايندو اوهان انتظار ڪريو. انتظار ڪيو ويو، هو آيو ۽ مريض کي ڏسي چيائين تہ هي ڪيس مون کان مٿي آهي اوهان کيس روشنين جي شهر جي المشهور ڪوس گهر ۾ داخل ڪرايو پر دير نہ ڪريو.
حسن کي وري اتي پهچايو ويو. دروازي کان داخل ٿيڻ کان پوء مائٽن کي حڪم ٿيو تہ اوهان سڀ کان پهريائين تہ ٽي لک جمع ڪرايو پوء ڏسون ٿا.
اڌ رات جي ٽائيم تي ايمرجنسيء ۾ گهران نڪتل، مختلف ڪوس گهرن کان ٿيندا وارث پريشان ضرور ٿيا پر مڙسي ڪري انهن ٽي لک جمع ڪرائي وڌا. ان کان پوء اذيتن جو هڪ اڻ کٽ سلسلو شروع ٿيو.....ٽيسٽون وري ٽيسٽون، ايسيتائين مريض بنا ڪنهن علاج جي پنجويهه ڪلاڪ پيو رهيو.
ايڪيهين صديء ۾ پنجويهه ڪلاڪ!! علاج شروع ٿيا پر ڪجهه ڪونه وريو نيٺ ڇويهه تاريخ ڏينهن جو ساڍي يارهين وڳي مڪيش جي آواز جهڙو درديلو حسن اسان کان کسجي ويو.
روڄ راڙو متو، اوڇنگاريون، روئڻ پٽڻ شروع ٿيو.....ڪجهه ئي دير ۾ سانگهڙ جي مٽيء جو آواز آيو منهنجو حسن مونکي موٽائي ڏيو. اوڇنگارين ۾ آواز ٻڌو اڻ ٻڌو رهيو پر مٽيء جو سڀ کان سگهارو آواز بہ اڻ ٻڌو رهيو آهي ڪڏهن؟ مٽن مائٽن وري اوڏانهن جو سفر شروع ڪيو جيئن کنيل خمير اتي پهچائي سگهجي. ايمبولنس آئي، ڊرائيور فرمايو، مان تہ هلڻ لاء تيار آهيان پر شهر جا سڀ رستا دين کي بچائڻ لاء بند ٿيل آهن ۽ فيصلو اهو ٿيو آهي تہ ملڪي مفاد ۾ انهن کي اکر ناهي چوڻو....ائين ئي ساڍي يارهين وڳي سانگهڙ جي قبرستان جو سڏ ورنائي اسان کان کسيل حَسن ساڍي اٺين وڳي پنھنجي آخري ڄڃ سان روانو ٿيو.
اسان جي ڪنن جنهن پهرئين تقرير ٻڌڻ جو عذاب سٺو هو اهو آواز هو فيلڊ مارشل ايوب خان جو. جنهن کان پوء وري راتيون رنگين ڪري ملڪ بچائيندڙ آغا محمد يحيى خان آيو. ان کان پوء باباء جمهوريت، جيڪو پوء شهيد جمهوريت بڻيو، ان کان پوء اميرالمومنين جنرل ضياءالحق جيڪو ملڪ تان نثار ٿي ويو، ان کان پوء مارئي ملير جي جيڪا پوء شهيد راڻي بڻي، پوء نوازشريف جيڪو جسماني نہ تہ روحاني طور ڪيترا دفعا شهيد ڪيو ويو آهي انهن سڀني جي آواز اسان جي ڪنن کي ڪيترا ئي دفعا زخمي ڪيو آهي. هاڻي وري هڪ ننڍڙو آواز اسان جي ڪنن کي پگهاريل ڇيهو وجهي رهيو آهي. انهن سڀني آوازن اسان کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي تہ هي ملڪ هٿن مان ويو پئي پر مون بچائي ورتو.....جيڪو بچيو آهي اهو اسان اوهان جي سامهون آهي.....جهان ڀي گئي داستان ڇوڙ آئي، جتي هٿ لڳو اتي انالله و انا اليهه راجعون.
زندگي پنهنجي سڀني عذابن هوندي بہ وڻندڙ هجي ٿي وري جڏهن فنون لطيفه جي خوشبوء ان ۾ شامل هجي تہ زندگي عذابن مان ڪجهه گهڙيون ڪڍي ڏکڻ جي هوا جي هڪ جهوٽي وانگر سيني سان لڳي عذابن جا سڀئي پگهر سڪائي ڇڏي ٿي...سَوَن ورهين جا ڏکڙا هڪ لحظي منجهه لاهي ڇڏي ٿي.
حسن بہ پنهنجو رشتو ان خوشبوء سان جوڙيو هو پر ڇا خوب جوڙيو هو. گهر جو هڪ وڏو حال فلمن، ڊرامن ۽ ڊاڪيومينٽريز سان ڀريل هو. پراڻي کان پراڻا شروعاتي رڪارڊ وري هڪ ڪنڊ ۾ پيل هڪ ڪٻٺ ۾. سيڊيز جو زمانو آيو تہ وري انهن لاء ڪٻٺ علحده. ڪو فلم اهڙو ڪونه، ڪو رڪارڊ اهڙو ڪونه جيڪو هن وٽ ڪونه هجي. اخباري ڪٽنگس جو وري هڪ ڌار خزانو.
پنهنجي اولاد جا نالا بہ فلمي دنيا جي فنڪارن مان کنيل. محبوب (مشهور فلم مدر انڊيا جو هدايتڪار) نوشاد (بريصغير جو موسيقار اعظم). اٿندي ويهندي اهو ئي ذڪر، اخبارن ۾ ڪالم لکيائين تڏهن بہ موضوع ساڳيو. مون کيس سنڌيا رسالي ۾ لکڻ لاء چيو تہ قبول ڪري اتي بہ ان ئي موضوع تي لکيائين.
لنڊن وڃي، جرمنيء وڃي يا فرانس اتي بہ سيڊيز جي تلاش. هڪ دفعو فون ڪيائين، لنڊن مان پنجاه پائونڊ ۾ ايناڪرنينا آندي اٿم اچ تہ گڏجي ڏسون. مون کيس چيو بئنڪ ۾ ڀرتي ٿيل آهيان موڪل جو نالو کڻڻ وڏو ڏوه آهي سي ڊي ٺاهي موڪل. چيائين ڪوڊ لڳل اٿس، ڪاپي نہ ٿيندي، چيومانس اسان ڪاپيء جا ماهر آهيون، ايف سورنهن بہ ٺاهي وينداسين، تون صرف ڪنهن ايڪسپرٽ سان مل.
ڪجهه ڏينهن کان پوء فون ڪيائين، ڪاپي ٿي ويئي، اٺ سيڊيز ۾ موڪليانء ٿو ڏسي پوء فون ضرور ڪج.
پنهنجي زندگيء تي ڪتاب لکيائين، جنون جي اڌ صدي، چيائين مواد موڪليانء ٿو، پروف بہ چيڪ ڪر، ٻه اکر بہ لک. مون سندس حڪم مڃيو.
ڪچهري ڪندي هڪ ڏينهن چيومانس تہ تنهنجي فيلڊ آهي فلمي دنيا، ميوزڪ جي دنيا، منهنجو عرض مڃ، هڪ ڪتاب لک “هنڊريڊ گريٽ موويز”. نوانوي تون پاڻ لک، هڪ فلم پاڪيزه تي مان لکندس جيڪو بہ تنهنجي ڪتاب جو حصو هوندو. صلاح ڏاڍي وڻيس، شروع ڪيائين، آخري فون تي جڏهن مون هميشهه وانگر کانئس پڇيو تہ مون وارو ڪم ڪٿي پهتو تہ جواب ۾ ٻڌايائين تہ ٽيهه پنجٽيهه فلمون لکيون اٿم، شروعات بندنيء کان ڪئي آهي باقي بہ لکندس پر ڪجهه ٽائيم لڳندو، ڪي گهريلو مسئلا آهن انهن مان جان ڇڏايان.
پنهنجي آپ بيتي جو ٻيو حصو بہ لکيو هئائين، جنهن لاء بہ سندس حڪم هو تہ پروف چيڪ ڪر، ٻه اکر بہ لک ۽ وري کڻي بہ اچ تہ پليجي صاحب سان ملون، کيس بہ لکڻ لاء عرض ڪريون.
وصيت ڪئي هئائين تہ منهنجي مرڻ تي منهنجو لاش قبرستان تيسين نہ کڻجو جيسين هي هي (ڪجهه رڪارڊ/گانا) نہ وڄايو...اهي سڀ لتا جا ڳائيل آهن.....خبر ناهي وارثن ان تي عمل ڪيو يا ڪونه؟
حسن سان دوستيء جي شروعات هڪ ننڍڙي جهيڙي سان ٿي هئي. هي جاڳو اخبار ۾ ڪالم لکندو هو جيڪي مان شوق سان پڙهندوهوس هڪ ڏينهن جاڳو معرفت کيس خط لکيم جنهن ۾ سندس ڪالمن جي تعريف سان گڏ ڪجهه تجويزون بہ موڪليم. جواب ڪونه ڏنائين جنهنڪري کيس ڪاوڙ ۾ لکيم تہ ڇا سٺ پنجهٺ سالن جي عمر مان ڪجهه منٽن تي بہ منهنجو حق ڪونهي؟ اهو جملو کيس ڏاڍو وڻيو ۽ معذرت واري انداز ۾ جواب ڏنائين........اتفاق ڏسو دوستيء جي شروعات بہ جهيڙي سان تہ پڄاڻي بہ جهيڙي سان ڇوته مان کائنس ڪاوڙيل آهيان تہ ائين بنا موڪلائڻ جي اهڙي دنيا ۾ ڇو ويو جتي.........پر يارن سان ڪهڙا ليکا.

نذير سومرو

  حسن وساڻ ھڪ زندھ دل شخصيت

ڪجه ڏينھن اڳ برمنگهم مان محبوب وساڻ جو سنيھو مليو تہ ھو پنھنجي والد جي آتم ڪٿا جي اڻ ڇپيل ٻئي ڇاپي ”سادگي“ کي آنلائين ڪرڻ گهري ٿو ۽ ان لاءِ ھن سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي چونڊ ڪئي آھي. جواب ۾ مون کيس مواد موڪلڻ جو عرض ڪيو.
حسن وساڻ جي مشھوري شوبز جي دنيا خاص ڪري فلمن تي لکيل مضمونن سببب رھي. حسن وساڻ جي ھن ڪتاب ۾ سندس آتم ڪٿا، ساروڻيون، ڪچھريون ۽ حال أحوال آھن. حسن وساڻ ھڪ زندھ دل انسان، انسانيت سان پيار ڪندڙ ۽ ترقي پسند سوچ جو مالڪ ھيو، جنھن دنيا گهمي، موسيقي ۽ فلمن جي ناياب ڪليڪشن گڏ ڪئي ۽ اولاد کي پڙھايو. ھو مھمان نواز ماڻھو ھيو.
منھنجي حسن وساڻ سان پھرين ۽ آخري ملاقات اپريل 2016ع ۾حيدرآباد ۾ ٿيندڙ پھرين سنڌ لٽريچر فيسٽيول ۾ ٿي ھئي. ياد اٿم تہ اسان جو اھو سيشن ”سنڌي ٻولي جي ڊجيٽلائيزيشن“ بابت ھيو ۽ ھڪ ننڍي ھال ۾ رکيو ويو ھيو. منتظمين اھو سمجهيو پئي تہ ھن سيشن کي ڪا خاص موٽ ڪانہ ملندي. پر ڏسندي ئي ڏسندي سڄو ھال ڀرجي ويو ھيو ۽ ماڻھو پٽ تي ويھي نہ رڳو ٻڌي رھيا ھيا پر ڪيئي سوال ٿيا ھيا. مون سان گڏ شبير ڪنڀار ۽ امر فياض ٻرڙو پڻ اسٽيج تي موجود ھيا. اسٽيج کان جيئن ئي لٿاسين تہ نوجوانن جو ھڪ وڏو تعداد اسان کي وڪوڙي ويو ۽ ٻوليءَ جي ڊجيٽلائيزشن بابت رھيل سوالن سان گڏ گروپ تصويرن جي گهر ٿي رھي ھئي. ان پيڙھ ۾ سوٽ پاتل ھڪ شخص مونکي ڀاڪر پائيندي چيو تہ ھو حسن وساڻ آھي؟ ڇا اوھان مونکي سڃاڻو ٿا؟ مون پڇيو ”ڇا اھو حسن وساڻ جيڪو فلمن تي لکندو آھي“؟ ھاڪار ۾ ڪنڌي ڌوڻيندي وري ڀاڪر پاتائين ۽ اسان ھال جي ٻاھران 15 منٽ ڪچھري ڪئي. ھن پنھنجو ڪتاب ”شڪست“ ڏنو ۽ پويان پنھنجو نمبر بہ لکيو. ان ڪچھري ۾ سندس موسيقي جي لائبريري ۽ ڪتابن سان گڏ دلچسپ سفري ڪٿا بابت مختصر حال احوال ٿيا ۽ ھن مونکان واعدو ورتو تہ مان سندس گهر ايندس، لائبريري ڏسندس ۽ سنڌ سلامت تي ان بابت لکندس. ڏنل ڪتاب اتي ئي فيسٽيول ۾ ڪنھن دوست ڏسڻ لاءِ ورتو تہ اھو دوست ڪٿي اڳتي پوئتي ٿي ويو ۽ ڪتاب ۽ سندس ڏنل نمبر بہ ھليا ويا. سال ڏيڍ کانپوءِ فيسبوڪ جي ڪنھن پوسٽ ذريعي خبر پئي تہ حسن وساڻ ھاڻي اسان ۾ ناھي رھيو. منھنجي سندس پُٽ محبوب وساڻ سان سوشل ميڊيا ذريعي واقفيت ضرور ھئي پر اھا خبر نہ ھئي تہ ھو حسن وساڻ جو پُٽ آھي. سندس مرتيي کانپوءِ جڏھن محبوب واپس برمنگهم پھتو ھيو تہ ھن پنھنجي والد جي وڇوڙي واري حال أحوال جي خبر فيسبوڪ تي رکي تہ مونکي خبر پئي تہ ھو حَسن جو لائق پُٽ آھي.
حسن وساڻ جي شخصيت جا ڪيئي پاسا آھن. ھو ھڪ ليکڪ، ھڪ سٺو والد، ھڪ بھترين انسان دوست شخصيت جو مالڪ، موسيقي جو ڄاڻو، فلمن جو شوقين ۽ سياح ھيو. حسن وساڻ جي آرٽ ۽ ادب کي ڏسڻ پرکڻ واري اک عام لوڪ کان الڳ هئي، منجهس آرٽ ۽ لٽريچر کي سمجهڻ جي فطري حس موجود هئي. ساڳي ڳالھين کي جڏهن بلڪل الگ رنگ ڍنگ سان بيان ڪندو هو تہ سامهون واري ماڻھو کي اچرج ٿي پوندو تہ اسان کي فلاڻي فن پاري ۾ اهي شيون ڇو نظر نہ آيون !. حسن وساڻ جي سانگهڙ واري گهر کي هڪ قسم جو ميوزيم يا لائبريري چئجي تہ بہ غلط نہ ٿيندو. سندس گهر ۾ هر طرف پينٽنگز، موسيقي جو مواد، فلمون، اينٽيڪس ۽ ڪتاب نظر ايندا هئا ۽ اهي سڀ شيون هُن ان وقت کان گڏ ڪرڻ شروع ڪيون هيون جڏهن سانگهڙ جهڙي پوئتي پيل شھر ۾ اڃان انھن شين جو تعارف بہ ڪونہ ٿيل هو. مونکي خبر ناھي تہ ھاڻي اھو ناياب رڪارڊ ڪٿي ۽ ڪھڙي حال ۾ آھي؟ ڪاش ان کي موسيقي جو ميوزم بڻائي سگهجي. حسن وساڻ ان وقت جي اخبارن يا مخزنن ۾ موسيقي، فلمن يا اداڪارن ۽ سنگيتڪارن تي تمام ڪارائتا مضمون ۽ Review لکندو ھيو. ھن 100 بھترين فلمن تي رويو لکي ڪتاب ڇپائڻ جو سوچيو ھيو ۽ 40 کن بھترين فلمن تي مضمون لکيائين تہ زندگيءَ ساڻس بي وفائي ڪئي ۽ حَسن اسان کان وڇڙي ويو.
سندس ھن ڪتاب ۾ ڪيتريون ئي دلچسپ ۽ تاريخي ڳالھيون لکيل آھن جن مان گهڻو ڪجه سِکي سگهجي ٿو. سندس آتم ڪٿا ۾ ننڍپڻ کان وڏي ٿيڻ ۽ دنيا گهمڻ تائين جي واسطي وارن شخصيتن، يادن، واقعن، دلچسپين، پنھنجن، پراون، تڪليفن، سُکن، ڏُکن کي پڻ قلمبند ڪيو اٿس. ھو لکي ٿو ”بھرحال آتم ڪٿا جي هن حصي ۾ آئون پنھنجن پراون جي تعلقات جو ذڪر ڪندُس، هڪڙا اُهي جن زندگي زهر ڪئي جن جي اڪثريت ”پنھنجن“ جي آهي ۽ ٻيا اُهي جن زندگيءَ ۾ عجيب بھار آندي ۽ سي اڪثر ”غير“ آهن.
مان ٿورائتو آھيان محبوب وساڻ جو جنھن مون کي موقعو ڏنو تہ حسن وساڻ جي ھن ڪتاب تي ٻہ سٽون لکان ۽ سنڌ سلامت ذريعي ھي ڪتاب دنيا جي سنڌين تائين پھچايان.


محمد سليمان وساڻ
سچل ڳوٺ (ڪراچي) 5 نومبر 2022ع

احوال

منهنجي هن آتم ڪٿا / جڳ ڪٿا جو پهريون حصو (شڪست) جڏهن ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو تہ ٽن مهينن ۾ ئي سڀ ڪاپيون وِڪامي ويون. ڪُجهه سڄڻ دوستن منهنجو ڌيان ڪِن غلطين ڏي ڏياريو، جيڪي منهنجون ۽ گهڻيون ڪمپيوٽر آپريٽر جون هيون، مثال طور Being & Nothingness جي ذڪر ۾ ”سارتر“ جي بدران ”موپسان“ لکجي ويو، شاعر مجاز جو عزل ”اي غم دل کيا کرون“ غلطيءَ سان بهزاد لکنوي سان منسوب ٿي ويو. ”نصير ميمڻ“ جي جاءِ تي ”نصير مرزا“ لکجي ويو وغيره. ٻي ڇاپي ۾ تن کي درست ڪيو ويندو، بهرحال معذرت ڪيان ٿو.
مان جيئن تہ ڪو پيشه ور لکندڙ ناهيان ۽ هي تحرير آئون فقط هم وطن ماڻهن سان پنهنجا تجربا ۽ مشاهدا شيئر ڪرڻ چاهيان ٿو. پهرين حصي ۾ ذاتي زندگي جو مرحله وار احوال گهٽ آهي، تنهن ڪري هِن حصي (مشڪل مرحله) ۾ ڪوشش ڪري اهو خلا پُورو ڪندس.
آئون سائين عبدالرشيد ڪٽپر صاحب جو نهايت ٿورائتو آهيان جنهن منهنجي هن آتم ڪٿا جي ٻئي حصي جا پروف ۽ گرامر درست ڪيا. ڪمپيوٽر آپريٽر غلام مرتضيٰ مڱريو جو بہ ٿورائتو آهيان جنهن ڪمپوزنگ ۾ ڏاڍو سٺو ساٿ ڏنو.

منهنجو جنم ۽ اسڪولي زندگي:-
آئون 04 اپريل 1944ع تي سانگهڙ ۾ رات جي پوئين پهر ۾ ڄائس، امان جو نالو مريم ۽ بابا جو نالو بهارو خان آهي، جيڪو ماضي جي ڪنهن سنڌي جرنيل جو نالو پڻ چيو وڃي ٿو. ڪلهوڙن جي دور جو شاهه بهارو جنهن جو مقبرو لاڙڪاڻي ۾ آهي، بابا فقط چار درجا پرائمري سنڌي جا پڙهي سگهيو، جڏهن ڪه ڏاڏو جنهن جو نالو خان محمد هيو، بلڪل اڻپڙهيل ماڻهو هيو، پر سندس ذهانت تر ۾ مشهور هئي، اهو ئي سبب هيو جو ڏاڏي خان محمد پنهنجي ذهانت ۽ منصوبه بندي تحت آهستي آهستي محنت مزدوري ڪري زمين خريد ڪرڻ شروع ڪئي ۽ ڪُجهه ئي سالن ۾ هڪ وچولو پر سٺو زميندار بڻجي ويو ۽ منهنجي ڏاڏيءَ لک تي مٿو ڌوتو!..
منهنجي ماءَ صفا سادي الله لوڪ انسان هئي ۽ بيحد رحم دل هئي، ڪيترا دفعا مون ڏٺو تہ اسان جي گهر ۾ اهڙيون غريب ۽ فقير عورتون اينديون هيون، جن جا جسم مٽيءَ ڌوڙ سان ڀريل ۽ وارن ۾ نہ وهنجڻ ڪري وار ڳنڊڙيون ٿيل هوندا هئا. ان عورتن کي سوسَي پاڻيءَ ۽ سُرهي صابڻ سان وهنجاري سهنجاري آخر ۾ ماني کارائي ۽ ڪجهه پئسه ڏئي روانو ڪندي هئي. اڪثر ماين کي پائڻ لاءِ پُراڻا يا لٿل ڪپڙا بہ ڏيندي هئي.
بابا ڪُل ٽي شاديون ڪيون، ڦوهه جواني واري ڪنوار جگر جي بيماري جي ڪري سگهو ئي گذاري وئي، بعد ۾ امان سان پرڻيو، جنهن مان ٻه پٽ ۽ ٻه ڌيئرون ٿيون آخري ٻار کان پوءِ امان سخت بيمار ٿي پئي، انهيءِ وچ امان جي ماسات (ماسي جي ڌيءَ) بيواهه ٿي ۽ امان بابا تي زور ڀريو تہ انهيءَ بيواهه سان شادي ڪري ڇاڪاڻ تہ اسين ڀائر ڀينر ننڍا هئاسين ۽ بيماري سبب امان گهريلو ڪم ڪار کان لاچار هئي. انهيءَ آخري شادي مان ٽي پٽ ۽ ٽي ڌيئرون ٿيون اهڙي طرح اسان جو ڪٽنب چڱو خاصو وڏو ٿي ويو، پر عمومي زندگي خوشحالي سان ڀرپور هئي، بابا جي حصي آهر 100 ايڪڙ زمين هئي ۽ گڏوگڏ واپار بہ ڪندو هيو ۽ شهر سانگهڙ ۾ اٽي جو وڏو ڪارخانو پڻ هنيائين، جنهن مان سُٺي آمدني ٿيندي هئي.
بابا گُهمڻو ڦِرڻو ماڻهو هيو، هندوستان جا کوڙ شهر گُهميو، انهيءِ گهمڻ ڦرڻ يعني سياحت جي ڪري بابا نسبتن ترقي پسند ۽ روشن خيال ثابت ٿيو. هن تعليم کي ترقي جي چاڙهي سمجهيو ۽ ٻارن کي اسڪول داخل ڪرايائين، پهريون بيٽري تي هلندڙ ريڊيو سانگهڙ ۾ بابا آندو ۽ گراموفون ۽ RPM 78 جا ريڪارڊ ورتائين، ڳوٺ جي ماڻهن لاءِ انهيءِ زماني ۾ اهي شيون عجيب هيون يعني گراموفون ۽ ريڊيو، هي ذڪر پاڪستان ٺهڻ کان اڳ جو آهي.
آئون جڏهن ڇهن ورهين جو ٿيس تہ بابا مون کي سانگهڙ جي واحد پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرايو، اهو 1950ع جو ذڪر آهي، اسڪول ۾ اڌو اڌ هندو ماستر هئا. هيڊ ماستر هڪ مالهي هندو هيو، (سندس نالو شايد گڻيش هيو)، جڏهن تہ هڪ ماستر ڀيل بہ هيو، مولچند نالي هڪ هندو ماستر چرس جو موالي هيو ۽ ٻارن کي ڏاڍو ماريندو هيو، مسلمان ٻارن کي گهڻو ماريندو هيو، جيڪو ٻار گسُائيندو هو تہ گهران ٽنگو ٽالي ڪري کڻائي ايندو هو، مسلمان ٻارن کي زوري جهلي سندو کانگهارو وات ۾ وجهي زوري ڳهائيندو هو، آئون اهي سڀ لقاءَ ڏسي بد دل ٿيس ۽ بابا کي چيم تہ آئون ڪونه پڙهندس ۽ ماستر مولچند جا افعال ٻُڌايامانس. بابا هيڊ ماستر سان ملي ماستر مولچند جي شڪايت ڪئي، انهيءِ شڪايت کان پوءِ ماستر مولچند ٻارن جي وات ۾ سندو ڦِڪو کانگهارو وجهڻ بند ڪيو ۽ مار بہ هلڪي ڪيائين. ٻه ٻيا مسلمان ماستر نالي ولي محمد لانڊر ۽ ڪريم ڏنو وساڻ بہ مار جا شوقين هئا ۽ رُول سان شاگردن کي تِرين تي ڌڪ هڻندا هئا. استاد ڪريم ڏنو سدائين پيو شاگردن کي نديندو هو ۽ ذري پرزي تي ٻارن کي ڀونڊا ڏيندو هو. چوندو هو پاڻ سنڌي ڪڏهن ڪونه سڌرنداسين، پوءِ هڪ لوڪ شعر پڙهندو هو.
قل هو الله گهڙيا ڪُپڙي ۾
اسين صمد پڙهياسين
نڪي ابو پڙهيو نڪو ڏاڏو پڙهيو
اسين ڪٿان اڙياسين.!!

انهن جي ديکا دوکي ڀيل ماستر کي بہ مار جو شوق ٿيو ۽ هڪ وڏي لٺ سان هڪ سيد ڇوڪري کي ڪيرائي وڌائين، سيد ڇوڪرو شڪائتي مائٽن وٽ پهتو ۽ وڃي ڳالهه ڪئي، انهن دير ڪونه ڪئي ۽ موڪل مهل ماستر کي اسڪول کان ٻاهر ڏاڍي مار ڏنائون ۽ ٽنگ بہ ڀڃي ڇڏيائونس! انهيءَ حادثي کان پوءِ مار ۾ ڪافي گهٽتائي ٿي. اهڙي طرح چئن سالن ۾ چار درجا پاس ڪري نيٺ هاءِ اسڪول پهتس.
منهنجو خيال هيو تہ هاءِ اسڪول ۾ مار موچڙو ڪونه هوندو پر اتي تہ ڪاري قيامت برپا هئي. رائت الله نالي هڪ ماستر تہ ايڏو ظلم هيو جو ڇوڪرن کي ڪٽڻ لاءِ زنگي گل جون لٺيون وڍي رات جو پاڻي ۾ پسائي رکندو هيو ۽ صبوح جو اهي لٺيون شاگردن جي جسمن تي ڀڃندو هو، مار مهل ڇوڪرن جون دانهون ڪُوڪُون اسڪول کان ٻاهر بہ ٻڌبيون هيون، روشن نالي هڪ ٻيو ماستر بہ ڏاڍو ظالم هيو، پر اهو رول سان شاگردن کي ڪُٽيندو هيو، اهو عالم ڏسي مون پڙهڻ کان بس ڪئي ۽ امان کي سڀ ڪجهه اچي ٻڌايم. امان بابا کي احوال ڏنو ۽ ٻڌايائين تہ ڇوڪرو ڪونه پڙهندو، ڇو جو اسڪول ۾ ظلم جي مارڪُٽ لڳي پئي آهي، بابا ٻي ڏينهن مون سان گڏ اسڪول هليو ۽ هيڊ ماستر سان مليو ۽ کيس ٻڌايو تہ ڇوڪرو پڙهي نہ پڙهي هن کي مار نہ ڏجو، پرتاب راءَ نالي هندو هيڊ ماستر ڪجهه هيسجي ويو، ڇو تہ بابا شهر سانگهڙ ۾ حيثيت وارو ماڻهو هيو ۽ ٻنهي ماسترن کي آفيس ۾ گهرائي تن کي تنبيهه ڪيائين تہ ڇوڪرو (يعني آئون) مار نہ سهندو، تنهنڪري اسڪول مان مار بند ڪئي وڃي ۽ ماسترن بہ ڊڄي مار بند ڪئي. آئون تہ مار کان بچي ويس پر ڪيترائي ڇوڪرا انهيءِ ظالمانه مارڪُٽ جي ڪري اسڪول ئي ڇڏي ويا. بعد ۾ مون ڏٺو تہ اهي ڇوڪرا مزدوري ۾ رُڌل هئا ۽ ڪن ڇولا پي وڪا پر وري اسڪول ڪونه آيا. هاءِ اسڪول ۾ عربي پڙهائڻ واري مولوي جنهن لاءِ چيو ويو تہ هو عبيدالله سنڌي جي سٿ ۾ شامل هيو، تمام گهڻو مارڻو هيو، ڇوڪرن جي ذري پرزي تان ڪُٽي ڪُٽي کل لاهي ڇڏيندو هو، هن ظالم ماستر جي اها روش ڏسي مون عربي ڇڏي فارسي سبجيڪٽ کنيو ۽ سندس مار کان بچي ويس، آئون هميشه ٻاراڻي ٻوجهه ۾ سوچيندو هيس تہ آخر هي ماستر ايترو ظالمانه طرح مارين ڇو ٿا؟ آخر شاگرد کي نرمي ۽ پيار سان بہ پڙهائي ۽ سيکاري سگهجي ٿو. پر منهنجي انهيءَ سوچ يا سوال جو جواب ڪنهن وٽ ڪونه هيو، الٽو اهو دليل ڏيندا هئا تہ ماستر جي مار ئي حقيقي طرح جي سکيا ۽ پڙهائي آهي، عجيب دليل هيو، پر آئون انهيءِ دليل يا منطق سان ڪڏهن بہ سهمت ڪونه ٿيس ۽ سدائين انهيءَ رَوِش کي غلط سمجهيم، ٻيو تہ ٺهيو پر ڪڏهن سينيما ڏسڻ وياسين تہ ٻي ڏينهن ڪلاس ٽيچر پُڇا ڳاڇا ۾ لڳي ويندو هو، مطلب فلم يا سينيما اهڙي بڇڙي شيءَ هئا تہ معاشري ۾ اهي رائج ڇو هئا ....؟ عجيب جاهل ۽ تنگ نظر هئا اسان جي زماني جا ماستر....!!.
اٺين ڪلاس ۾ اسڪول نئين عمارت ۾ شفٽ ٿيو ۽ اسين بہ ڪجهه قدڪاٺ ۾ وڏا ٿياسين. نئين اسڪول ۾ اسان مارڪُٽ جي خلاف هڪ محاذ جوڙي ورتو ۽ اهڙن ماسترن خلاف بغاوت ڪئي سين، جيڪا ڪامياب ٿي، روشن خيال هيڊ ماستر جناب خليل احمد اسان جو ڀرپور ساٿ ڏنو. اسان اسڪول ۾ هڪ شاگرد تنظيم ٺاهي جنهن سنگ تقرير ۽ شعر شاعري جا مقابلا، ڪئمپ فائر، رانديون، اسڪائوٽس، ايمرجنسي ۽ مدد ڪرڻ جا ڪم، پڪنڪ، اپريل فول وغيره جهڙيون غير نصابي ايڪٽي ويٽيز شروع ڪيون سين ۽ اسڪول جو ماحول ئي بدلجي ويو. رائت الله ۽ روشن جهڙا ظالم ماستر تہ بدلي ٿي ويا هئا پر خاص ڪري رائت الله لاءِ مون عهد ڪيو تہ انهيءِ ظالم سان پلاند ڪبو، پر اها خواهش سڄي عمر پوري نہ ٿي ڇاڪاڻ تہ اهو وري ڪڏهن ڪونه گڏيو. هن شخص گهٽ ۾ گهٽ ڏهن شاگردن جون زندگيون برباد ڪري ڇڏيون. هيستائين تہ اُهو مردود مري ويو هوندو. آئون تہ خير انفرادي طرح ماسترن جي مار جي سخت خلاف هيس، پر گهڻو پوءِ خبر پئي تہ دنيا ۾ جيڪي بہ سڌريل ملڪ آهن اتي شاگردن تي تشدد يا مارڪٽ سخت منع آهي. هن وقت هتي کڻي اڳ جهڙو ماحول نہ بہ آهي تڏهن بہ ٿورو گهڻو اهڙو ڪلچر اڃان بہ موجود آهي ۽ ڪٿي ڪٿي تہ انتها تي پهتل آهي. 2016ع ۾ لاڙڪاڻي جي هڪ اسڪول ۾ هڪ ماستر هڪ هونهار سنڌي شاگرد محمد احمد تي ايترو تشدد ڪيو جو هو معذور ٿي ويو. ميڊيا ۽ اخبارن انهيءَ قصي کي اچي کنيو ۽ نتيجي ۾ گورنمينٽ سنڌ ايڪشن ۾ آئي ۽ انهيءَ ڇوڪري جو علاج اڄڪلهه آمريڪا ۾ سرڪاري خرچ تي ٿي رهيو آهي، پر تنهن ظالم ماستر تي اڃان تائين ڪو قدم نہ کنيو ويو آهي نہ علاج جا پئسه ڀرايا ويا آهن، ٻڌو اٿئون تہ هو پنجابي ۽ فوج جو ڪو ماڻهو آهي..!!.
مٿي مون ڪجهه ظالم ماسترن جو ذڪر ڪيو آهي، پر گڏوگڏ ٻڌائيندو هلان تہ ڪجهه ماستر، جن کي آئون ”استاد“ چوڻ پسند ڪندس، ڏاڍا مهربان، شفيق ۽ محنت ۽ محبت سان پڙهائڻ ۽ سيکارڻ وارا هئا. سائين عبدالله هاشمي ۽ سائنس ٽيچر محمد اقبال اهڙا ئي مهربان اُستاد هئا. غلام محمد ملانا (سنڌي فلمن جي هيرو مشتاق چنگيزي جو وڏو ڀاءُ) استاد کان وڌيڪ پنهنجن شاگردن جو دوست هيو، ٽنڊي محمد خان جو رهواسي نسيم نالي استاد بہ اهڙو مهربان استاد هيو، افسوس هوءَ جواني ۾ ئي هي جهان ڇڏي ويو. هيڊ ماستر خليل احمد ۽ ڪاليج پرنسپال عبدالرشيد تہ مثالي ماڻهو هئا. سروپ چند شاد اسان جو انگلش پڙهائڻ وارو تمام هوشيار استاد هيو ۽ خرابين کان پاڪ هڪ صاف سٿرو ۽ بهترين شاعر پڻ هيو. وليم وڊزورٿ جي تعارف ۽ شاعري تي هن هڪ هفتو لڳايو جنهن سان اسان کي وليم وڊزورٿ جي عظمت جي خبر پئي. هڪ دفعي هن شيڪسپيئر جي ڊرامي ”مرچينٽ آف وينس“ کي ڪاليج اسٽيج تي پرفارم ڪيو جنهن ۾ مون کي هن ”اينٽونيو“ جو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ ڏنو، بهرحال اهي هئا اسان جا استاد ”ڪِنا ۽ سُٺا“. دنيا دورنگي آهي هتي سٺا ۽ بُڇڙا سڀ رهن ٿا. ڪي ڪنهن جي زندگي ٺاهين ٿا ۽ ڪي کارين ٿا.
ميٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ آئون وڃي SM ڪاليج ڪراچي ۾ داخل ٿيس، اتي جو پرنسپال ايم ايڇ ڪوهاٽي عجيب هيبت ناڪ ماڻهو هيو، ڪاليج ۾ بہ پستول کڻي ايندو هو، ڇا جي ڪري تہ ڪاليج ۾ غنڊه گردي هوندي هئي، آئون هاسٽل جناح ڪورٽس ۾ رهندو هيس پر ڪاليج ۾ غنڊه گردي جي ماحول جي ڪري آئون اتي ايڊجسٽ نہ ڪري سگهيس ۽ هڪ طرح جي ڊپريشن ۾ مبتلا ٿي ويس پر انهيءِ جو علاج مون فلم ڏسڻ ۾ ڪڍيو ۽ ڊيلي آئون ڪنهن نہ ڪنهن سينيما ۾ وڃي وقت گذاريندو هوس. تڏهن انڊين فلمون عام هيون، آخر تقريبن ڇهن مهينن کان پوءِ آئون بيزار ٿي پيس ۽ واپس سانگهڙ موٽڻ جي ڪيم، آخر اچي سانگهڙ ڪاليج ۾ انٽر پاس ڪيم پر انهيءِ ۾ منهنجو هڪ سال ضايع ٿي ويو.
منهنجو تعليمي سال برباد نہ ٿئي ها جيڪڏهن ان وقت جو چيئرمين بورڊ حيدرآباد جيڪو هڪ سنڌي هيو، (جعفري صاحب) جيڪڏهن پنهنجي اختيارات تحت مون کي ڪراچي بورڊ مان واپسي منظور ڪري ها، سنڌي سنڌي جي مدد تمام گهٽ ڪندو آهي، سو هن سنڌي چيئرمين منهنجي مدد نہ ڪئي، چئي مائگريشن سرٽيفڪيٽ وٺي اچ. آئون واپس ڪراچي بورڊ ويس، سانڌهه هڪ هفتو حاضري ڏنم پر ڪنهن مدد ڪونه ڪئي، آخري ڏينهن تي بورڊ جي هڪ ملازمه مس ملڪ، جيڪا هڪ پنجابڻ هئي، تنهن مون کان پڇيو.
”مين آپ ڪو ايڪ هفتي سي ديکهه رهي هون، آپ روز صبح آتي هين اور شام دفتر بند هوني پر چلي جاتي هين. آپ ڪي ساتهه ڪيا مسئله هي؟“.
مون کيس سڄي ڳالهه ٻڌائي ۽ چيومانس تہ مون کي مائگريشن سرٽيفڪيٽ کپي.
”بس اتني بات هي؟ دس روپي سامني کهڙڪي والي ڪو ديڪر رسيد ميري ڪمري مين لي آئو“
مون دير ئي نہ ڪئي، پيسا پياري رسيد کڻي سندس ڪمري ۾ ويس، رسيد وٺي هوءَ ٻي ڪمري ۾ وئي ۽ سگهو ئي مائگريشن سرٽيفڪيٽ کڻي آئي ۽ اچي منهنجي هٿ ۾ ڏنائين، مون سندس ٿورا مڃيا ۽ دل ۾ عهد ڪيم تہ هن سهڻي جو احسان آئون ضرور لاهيندس. پر افسوس منهنجي اها آس اڃان تائين قائم تہ آهي پر مس ملڪ الائي ڪهڙي جهان ۾ گم ٿي وئي آهي، پر سنڌي چيئرمين جعفري صاحب تڏهن بہ امتحان (فرسٽ ايئر) ۾ ويهڻ جي اجازت نہ ڏني. چئي امتحان ويجها آهن، پر مون کي فرسٽ ايئر ۾ داخلا ملي سگهي ٿي، اهڙي طرح منهنجو هڪ تعليمي سال برباد ٿي ويو. اهي اَٿو پنهنجي سنڌي آفيسرن جا حال___، جعفري صاحب دفتر ۾ بيٺو رهندو هو، ڪيترا گهمرا آئون وٽس ويس پر هو سدائين بيٺو رهندو هو. يعني ڪرسي تي ڪڏهن بہ ويٺل ڪونہ ڏٺم، مون ٻاهر پٽيوالي کان ان جو سبب پڇيو، ٻڌايائين تہ صاحٻ کي ڪا اهڙي بيماري آهي جو هو ويهي نہ ٿو سگهي. مون کي پڪ آهي تہ جعفري صاحب جو ساهه بہ ائين ئي بيٺي بيٺي نڪري ويو هوندو. قدرت هن کي سندس سڀاوءُ ۽ آفيسري هوڏ جي ڪري اِها سزا ڏني هئي تہ ويهي نہ سگهي، بس بيٺو رهي، هيسيتائين تہ جعفري صاحب مري کپي ويو هوندو بلڪ سندس هڏا بہ ڳري ويا هوندا پر يادون ۽ سلوڪ تہ باقي رهجي وڃن ٿا. جعفري صاحب ۽ مس ملڪ جو آئون موازنو ڪريان تہ مس ملڪ کي آئون سدائين خوشگوار يادن سان ياد ڪندس ۽ جعفري صاحب کي سدائين ناگوار يادن سان ياد ڪندس، جنهن خوامخواهه منهنجو هڪ تعليمي سال ضايع ڪيو. سنڌي آفيسرن جي اڪثريت اهڙي ئي آهي.
انهيءِ کان پوءِ منهنجي زندگي جو سونهري دور شروع ٿيو ۽ مون ڪراچي يونيورسٽي جي آنرز اڪنامڪس ۾ داخلا ورتي. ڪراچي يونيورسٽي جي دور متعلق آئون آتما ڪٿا جي پهرين حصي ”شڪست“ ۾ چڱو خاصو لکي آيو آهيان، بس هتي ايترو ئي لکان ٿو تہ امن، محبت ۽ عشق جا زمانا هئا، جن کي خوب انجواءِ ڪيوسين. بس هڪ خواب هو جنهن کي ياد ڪندو آهيان تہ نورجهان جو هڪ انمول گيت ياد اچي ويندو آهي.
وه خواب سهانا بيت گيا
ڪجهه عرصو اڳي جڏهن فلم مغل اعظم کي بليڪ اينڊ وائيٽ مان نيو ٽيڪنالوجي جي ذريعي رنگين ڪري پيش ڪيو ويو تہ افتتاح جي موقعي تي فلم جي هيرو دليپ ڪمار آلين اکين سان انٽرويو ڏيندي چيو.
”ڪاش! اهي زمانا وري موٽي اچن“.
ڪراچي شهر، يونيورسٽي، امن ۽ محبت جا زمانه......... هڪ سحر هيو، جادو هيو، آئون بہ چوان ٿو.
”ڪاش! اهي زمانا ۽ اهو ماحول ۽ اها ڪراچي وري موٽي ملي“.
آئون ڪجهه وقت ٿيو، پراڻيون ياديون تازيون ڪرڻ ڪراچي يونيورسٽي ويس تہ اتي جو منظر ڏسي دل ڌڪجي وئي!. رينجرز، پوليس ۽ شاگردن جا هيسيل هيسيل منهن، ڪابه رونق يا خوشي ۽ جواني جي جولاني نظر نہ آئي.
نه سي ووئڻن وڻن ۾ نہ سي ڪاتياريون
پسيو بازارون هينئڙو مون لوڻ ٿي

اسين شايد خوش نصيب هئاسين جن اهڙو دلربا دور يونيورسٽي ۾ گذاريو هو، بعد ۾ ستت ئي پوءِ نحوست جو اهڙو طوفان اٿيو جنهن ۾ علم، ادب، سونهن، پيار، محبت ۽ عشق فنا ٿيا ۽ هر طرف نجاست ديرو ڄمايو. هڪ عظيم الشان ماحول ۽ عظيم الشان ڪلچر جي جاءِ ”ڪوچڙا ڪلچر“ مُسلط ٿيو. انهيءِ جو پيداگير اڄ بہ لنڊن ۾ ويٺو هٿوراڙيون هڻي.!
مون وٽ فلسفو آپشنل سبجيڪٽ هيو، آنرز جي ٽئي سال مون M.A فلاسافي ۾ داخلا فارم ڀرايو پر ايم اي نہ ڪري سگهيس ۽ نہ ئي آنرز مڪمل ڪري سگهيس. ڇاڪاڻ تہ بابا اوچتو سن اسٽروڪ وگهي گذاري ويو ۽ مون تي گهر ۾ وڏي جي صورت ۾ سب جوابداريون اچي لٿيون ۽ آئون فقط بي اي پاس ڪري سگهيس، آئون سادي بي اي تہ پاس ڪري ويس ۽ گريجوئيٽ بڻجي ويس پر اها گريجوئشن مون کي ڪڏهن ڪم نہ آئي، هن ملڪ ۾ شروع کان ئي سفارش ۽ پئسو ئي سڀ ڪم ڪرائي ٿو ۽ سي ٻئي مون وٽ ڪونه هئا، تنهن ڪري فيصلو ڪيم تہ پنهنجو اباڻو ڪم ڪريان يعني زمينداري.
مون کي اهو اعزاز حاصل ٿيو تہ پنهنجي سڄي ويڙهي ۾ آئون پهريون ماڻهو هيس جنهن گريجوئشن ڪئي، منهنجو ڏاڏو اڻ پڙهيل هو، بابا فقط چار پرائمري پڙهيو، آئون گريجوئيٽ ٿيس ۽ منهنجا پنج ئي ٻار پوسٽ گريجوئيٽ ٿيا ۽ ماشاالله ننڍي پٽ آزاد علي جرمني مان ڪمپيوٽر سافٽ ويئر ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي، انهيءِ ۽ اهڙي سفر ۾ سخت محنت ۽ صبر آزما مرحله پر مشڪل مرحله آيا ۽ انهن ۾ منهنجي شريڪ حيات برابر جي گڏ هئي.

مشڪل مرحلا:-
حضرت پير سائين سيد صبغت الله شاهه راشدي (پير پاڳارو سورهيه بادشاهه) جي سربراهي ۾ حُر تحريڪ آزادي زورن تي هئي، مَکي ٻيلو ۽ سانگهڙ گڙنگ بنگلو انهيءِ تحريڪ جو مرڪز يا هيڊ ڪوارٽر هئا، گڙنگ بنگلو بمباري ڪري ناس ڪيو ويو. انگريز حڪمرانن آخر تنگ ٿي 01 جون 1942ع تي مارشلا نافذ ڪئي جنهن جو نشانو بہ ضلعو سانگهڙ بڻيو، ملڪ ٻري ويو هو، پير صاحب پاڳاري کي قيد ڪري انگريز حڪمرانن رتناگيري جيل موڪلي ڇڏيو هو، پر سندن غير حاضري جي باوجود تحريڪ آزادي جاري رهي. حُر تحريڪ جو هي ٻيو فيز هيو، جڏهن تہ هن کان اڳ 1885ع ڌاري پهريون فيز برپا ٿيو هيو جنهن جا مُک سرواڻ بچو بادشاهه ۽ پيرو وزير هئا ۽ سرپرستي پير پاڳاري جي هئي، محمد بچل عرف بچو بادشاهه ذات جو خاصخيلي هيو، جڏهن تہ پير بخش عرف پيرو وزير ذات جو وساڻ هيو، بيان ڪجي تہ حُر تحرڪ آزادي جي پهرين فيز ۾ 1895ع ۾ هڪ رهزن ظالم آفيسر نالي ليوڪس انگريز سامراج حڪومت طرفان مقرر ڪيو ويو، جنهن حُرن تہ ڇا پر غير حُرن يعني عام خلق تي بہ ظلم ۽ ڏاڍ جا پهاڙ ٽوڙي ڇڏيا. کيت کليان ساڙي ۽ ڳوٺن جا ڳوٺ برباد ڪيائين، اِها ڪهاڻي تمام ڊگهي آهي پر انجام ڪار پيرو وزير ۽ سندس ساٿين ساڻس مقابلو سانگهڙ کان اولهه طرف ٻه ميل پري جُهوڙي ڀنڀري جي زمين تي ڪيو ۽ شهادت جو جام پيتو ___ بچو بادشاهه بہ آزادي جي هن جنگ ۾ پنهنجي جان جو نذرانو ڏنو.
پهريون فيز ختم ٿيو جنهن جي تاريخ ۽ روئداد ڪتابن ۾ محفوظ ٿيل آهي ۽ ٻيو فيز تقريبن اڌ صديءَ کان پوءِ شروع ٿيو ۽ ڀرپور نموني جاري رهيو. انگريز حڪمرانن حُرن سان ڪري گذاري، پير صاحب پاڳاري جي گرفتاري کان پوءِ انگريزن لئمبرڪ جي سربراهي ۾ حُرن کي قيد ڪرڻ شروع ڪيو ۽ حُرن کي لوڙهن (ڪيمپس) ۾ رکندا ويا. اسان جو خاندان بہ پير صاحب پاڳاري جو مريد هيو، تنهن ڪري اسان تي بہ انگريز حڪمرانن جي نظر هئي، اسان جا ڪيترائي خاندان جا ماڻهو ٻارن ٻچن سميت جيلن ۽ لوڙهن ۾ قيد ٿيا، پر سي سڀ ڳوٺن ۾ رهندڙ هئا، اسان شهر ۾ رهندا هئاسين. تنهنڪري في الوقت جيل ۽ لوڙهن کان بچي وياسين، پر گرفتاري ۽ قيد جو خطرو تہ هيو ئي هيو، آخر خاندان جي وڏن فيصلو ڪيو تہ جيسيتائين امن ٿئي تيسيتائين هي جُوءِ ڇڏجي، سُکيا ستابا زميندار گهراڻي جا ماڻهو پنهنجون زمينون ۽ مال متاع ڇڏي ٻارين بچين اُتر سنڌ روانا ٿيا جتي نسبتن امن هيو، جيڪب آباد منزل هئي، اتي ڊاڪٽر مولچند جيڪو سانگهڙ ۾ بہ رهي ويو هو، تنهن رهائش وغيره جو بندوبست ڪري ڏنو، مرد ماڻهن ۽ جوان ڇوڪرن محنت مزدوري ڪرڻ شروع ڪئي، تنهن وچ شڪي حالتن ڪري پوليس پڇا ڳاڇا ڪئي پر ڊاڪٽر مولچند جي مداخلت ۽ سفارش تي ڇڏيو ويو. پر پوليس جي پڇا ڳاڇا کان پوءِ قيد جو خوف وري ورائي ويو ۽ سڄو خاندان جيڪب آباد ڇڏي اچي خيرپور ناٿن شاهه ڀِيڙو ٿيو، اتي لانڊر ذات جي هڪ خاندان چاچي ولي محمد لانڊر سان اسان جي خاندان جي دوستي هئي ۽ انهن پناهه ڏني. اهڙي طرح ڪي ٻه سال گذري ويا، سانگهڙ مان خبرون مليون تہ اتي ڪجهه ٺاپر ٿي آهي، نيٺ سانگهڙ واپسي جا سانباهه ٿيا ۽ سيتا ريلوي اسٽيشن کان ڪوٽڙي روانگي ٿي.
1942ع، انهيءِ سال سنڌ ۽ خصوصن اُتر سنڌ ۾ ٻوڏ آيل هئي، هر طرف پاڻي پاڻي هيو، وسندي برسات ۾ ريل گاڏي رواني ٿي، پر ڪجهه ئي ميلن کان پوءِ ريل گاڏي بيهي رهي، خبر پئي تہ ٻوڏ جو هڪ وڏو وهڪرو ريل جي پٽڙي اورانگهي رهيو آهي، سڀ مسافر گاڏي مان لهي ٻوڏ جي پاڻي جو نظارو ڪرڻ لڳا. انجڻ ڊرائيور، جيڪو سنڌي هيو، انهيءَ چيو تہ اڳتي هلڻ مشڪل آهي. ڪلاڪ ٻه ترسڻ ۽ بحث مباحثن کان پوءِ ڊرائيور همت ٻڌي ۽ مسافرن کي گاڏي ۾ چڙهڻ لاءِ چيائين. ٻوڏ ۽ برسات جو پاڻي ميل کن ۾ هيو، ريل گاڏي تمام آهستي آهستي اڳتي هلي ۽ ڪڇون چال هلڻ لڳي. اهو ميل کن جو پنڌ گاڏي ڪلاڪ کن ۾ پورو ڪيو، پر آخرڪار اهو خطرناڪ ٻوڏ وارو ٽڪرو پار ڪيائين ۽ پوءِ رفتار پڪڙي اڳتي رواني ٿي. گاڏي آخرڪار ڪوٽڙي پهتي تيسيتائين رات ٿي وئي هئي، رات دير دير ڪراچي کان لاهور واري گاڏي آئي، ٽڪيٽون ورتل هيون، تقريبن آڌي رات سڀ اچي شهدادپور اسٽيشن تي لٿا. صبوح جي نماز کان پوءِ سانگهڙ ويندڙ هڪ لاري (بس) ۾ هڻي هڻي خيرن جا سڀ سانگهڙ اچي لٿا.
ڳوٺن ۾ رهندڙ اسان جي ويجهن عزيزن 12 سال جيلن ۽ لوڙهڻ ۾ گذاريا، جڏهن تہ اسان جي شهري ڪٽنب لڳ ڀڳ 2 سال اُتر سنڌ ۾ دربدر گذاريا. اهي مشڪل مرحلا تڪليفون ۽ غيرن طرفان مليل صعوبتون صرف ان لاءِ نصيب ٿيون جون اسين بہ حُر هئاسين ۽ انگريز حُرن جو جاني دشمن هيو، انهن صعوبتن جو جيڪڏهن داستان لکجي تہ ان لاءِ پورو هڪ ڪتاب تيار ٿي وڃي. پر جماعت جو هر هڪ فرد پنهنجي مرشد ۽ جماعت سان وفادار رهيو، اهو عجيب عشق هيو جنهن ۾ حُرن پنهنجي جان ۽ مال جي بي پناهه قرباني ڏني.
يه عشق نهين آسان، بس اتنا سمجهه ليجئي
اِڪ آگ ڪا دريا هي اور ڊوب ڪي جانا هي.
حر تحريڪ جاري هئي، مارشلا کي ٻه سال ٿي ويا هئا، انهيءَ وچ انگريز حڪمرانن سورهيه بادشاهه (پير صبغت الله شاهه راشدي) کي خفيه نموني ڦاسي ڏئي شهيد ڪري ڇڏيو. (20 مارچ 1943ع) اتر سنڌ کان واپسي کان پوءِ 1944ع ۾ منهنجو جنم ٿيو، حُر تحريڪ جي گوريلن کي هڪ عوامي يا لوڪ خطاب بہ ڏنل هيو، اهو هيو ”ڀڳل__“ گوريلا يا ڀڳل انگريزن سان تہ مهاڏو اٽڪائيندا آيا پر ڪٿي ڪٿي ذاتي يا جماعتي دشمني ۾ خونريزي بہ ٿيندي هئي. اهڙي ئي هڪ واقعي ۾ منهنجو هڪ چاچو نالي سانوڻ بہ آويءَ ۾ اچي ڀڳلن هٿان مارجي ويو. انهيءَ واقعي کان پوءِ اسان جي خاندان يا قبيلي ۾ ڏک ۽ هراس پکڙجي ويو. بعد ۾ ايندڙ ٽي سال انهيءِ هراس ۾ گذري ويا تان جو 14 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان ٺهي ويو ۽ انگريز سامراج هتان ٽپڙ ٻڌا. ملڪ تہ آزاد ٿي ويو پر آزادي جي جنگ وڙهندڙ حُر 1952ع ۽ ڪي 1954ع ۾ قيد مان آزاد ٿيا.. اها حقيقت ڪيتري نہ ڏکوئيندڙ آهي سا هڪ الڳ ڪهاڻي آهي تہ ائين ڇو ٿيو؟ محقق ۽ دانشور ئي انهيءَ تي روشني وجهي سگهن ٿا تہ ملڪ آزاد ٿيڻ کان پوءِ ۽ انگريز حڪمراني ختم ٿيڻ جي باوجود حُرن کي ڪي سال ڇو قيد رکيو ويو؟. ليمبرڪ جو لکيل ڪتاب The Terrorist، ڪرنل فلپ، آفتاب نبي، ڪرنل وصال وليداد ولي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو لکيل ڪتاب ”حُر گوريلا تحريڪ“ محمد عثمان ڏيپلائي جو ناول نما ڪتاب ”سانگهڙ“، مبين وساڻ، محمد عمر چنڊ، قادر جوڻيجو، نصير اعجاز، ملهار فقير خاصخيلي جا ڪتاب انهي تحقيق ۾ وڏي هٿي ڏئي سگهن ٿا.
آئون هميشه هڪ حقيقت تي حيران ٿيندو آهيان تہ اسان جي وطن سنڌ تاريخ ۽ انقلاب جا ڪجهه اهم ترين باب شروع ڪيا، پر انهن کي پذيرائي نہ ملي سگهي، مثال طور گوريلا جنگ لاءِ ڪيوبا، وينزويلا، بلوويا، سري لنڪا تامل ناڊو، نڪسلائيٽ، ڪولمبيا وغيره جا تہ نالا ۽ بيان تہ ڏاڍي شدمد سان ورجايا ٿا وڃن پر دنيا جي پهرين آزادي لاءِ گوريلا جنگ ”حُر مومنٽ“ جو ذڪر جهڪو جهڪو ڪيو ٿو وڃي. ڪميونسٽ انقلاب لاءِ روس، چين وغيره جو ذڪر تہ وڏي تم تراق سان ڪيو ٿو وڃي پر ڪميونزم جو پهريون قدم يا انقلاب تہ سنڌ ۾ روسي انقلاب کان پندرهن ويهه ڏهاڪا اڳ شاهه عنايت شهيد جهوڪ شريف ۾ برپا ٿيو هو، انهيءِ جو ذڪر گهٽ ٿو ڪيو وڃي.
اهو سڀ اسان سنڌين جي بي حسي جو اهڃاڻ آهي، بدنصيبي جي انتها تہ ڏسو تہ موهن جو دڙي جي لِپي صدي کن گذرڻ جي باوجود اڃا نہ پڙهي وئي آهي ۽ نہ ئي دڙي جا رهيل ٻه يا ٽي تهه يا حصا کوٽيا ويا آهن ۽ نہ ئي تحقيق اڳتي وڌي سگهي آهي، يونيسڪو ۽ دنيا جا ٻيا سجاڳ اداره زبردست انٽريسٽڊ آهن ۽ ڪروڙين روپيه فنڊ ڏئي چڪا، پر سي فنڊ بدعنوان بيورو ڪريسي هٿان کاڄي پيچي ويا رهندو لڌل زيور ۽ ٻيون قيمتي شيون گم ٿي ويون، رڳو هڪ نچڻي ۽ هڪ پروهت جو مجسمو الائي ڪيئن بچي ويا. مردگي ۽ بي حسي جو عالم هيءِ آهي تہ ديوار چين کان پوءِ دنيا جو وڏي ۾ وڏو قلعو ۽ ڪوٽ رني ڪوٽ اڃا طي نہ ٿيو آهي تہ آخر هي ڪهڙي حڪمران ٺهرايا......؟ اسان گورک هل آباد تہ پري جي ڳالهه پر گورک ويندڙ رستو چڱي طرح نہ ٺهرائي سگهياسون. سب فنڊ مختلف بهانن سنگ هضم ٿيا، اسان جي سنڌي بدعنوان آفيسرن ۽ حڪمرانن هٿان........
جڏهن اهو حال آهي تہ گورک، موهن جو دڙو، آمري، رني ڪوٽ، شهيد شاهه عنايت جو انقلاب ياد ئي نہ آهن تہ حُر موومنٽ ۽ آزادي خاطر دنيا جي پهرين گوريلا جنگ ڪنهن کي ياد آهي؟ بي حسي جي انتها آهي.............

  نشي بازيءَ جا ڪلور

زندگي جا هزار رنگ آهن، ڪي سٺا تہ ڪي خراب. انهن رنگن يا روپن ۾ هڪ نشو بہ آهي، جيڪو اسان جي زندگيءَ ۽ معاشري ۾ تمام خراب نموني رائج ٿيل آهي. عام نشن ۾ شراب، ڀنگ ۽ چرس مروج آهن. پر بدبخت آمر ضياءالحق جو متعارف ڪيل ”هيروئن“ جو نشو سڀ کان وڌيڪ مُضر ۽ خراب نشو آهي. هر قسم جو نشو درحقيقت ماڻهو کي بي غيرت ڪري ٿو ڇڏي پر هيروئن سڀ کان وڌيڪ بي غيرت نشو آهي. ضياءالحق اهو نشو ۽ ڪلاشنڪوف ڪلچر ملڪ ۾ رائج ڪري ملڪ جو ستياناس ڪري ڇڏيو، انهيءَ طوفان ۾ پنهنجي اقتدار کي تہ هن طول ڏنو پر انهيءِ وچ لکين گهر ۽ گهراڻا برباد ٿي ويا. انهيءَ عمل نيٺ قدرت کي جوش ۾ آندو ۽ کيس اهڙي سزا ۽ موت ڏنائينس جو کيس غسل ۽ ڪفن بہ نصيب ڪونه ٿيو، سندس اهڙو عبرتناڪ انجام قيامت تائين ماڻهن کان ڪونه وسرندو. انهيءِ موتمار نشي جو عادي منهنجو هڪ ويجهي ۾ ويجهو عزيز بہ ٿيو، شروع شروع ۾ سندس حرڪتون ۽ صحبت ڏسي اسان کي شڪ ٿيو ۽ اسان کانئس پڇيو تہ ڪٿي تون هيروئن جو عادي تہ ڪونه ٿيو آهين؟ انهيءَ سوال تي همراهه مڇرجي پيو ۽ وڙهڻ لاءِ تيار ٿي ويو، چئي ڪير ٿو چوي تہ آئون هيروئن ٿو پيان؟ خير ڪجهه عرصي کان پوءِ سندس وني ڀڄندي اسان جي گهر آئي ۽ چيائين تہ همراهه مٿي کُڏ تي ويٺو هيروئن پيئي. آئون آهستي آهستي مٿي چڙهيس ۽ ڏٺم تہ همراهه اجرڪ جو جُهنڊُ هيو پنهنجي ڪِرت ۾ مصروف آهي. مون وڃي اجرڪ مٿي ڪئي مانس تہ ڏٺم تہ وات ۾ نلڪي ۽ هٿن ۾ پني ۽ هيروئن پائوڊر هيٺيان ميڻ بتي ٻاريو ڪم ۾ مصروف آهي. مون اهڙي حالت ڏسي چيومانس ”اڙي! هيروئن پي رهيو آهين؟“ هڪدم مشتعل ٿي چيائين ”ڪير ٿو چوي تہ آئون هيروئن پيو پيان؟“، اهڙي جواب مون کي چڪرائي ڇڏيو، آئون حيران هُن کي اُتي ڇڏي هيٺ لهي آيس، تڏهن مون کي ايم ڪيو ايم ياد آئي، جيڪا پنهنجا پراوا ماڻهو دينا داستي ماري چوندي آهي، ”گهوڙا! ظلم ٿيو، قهر ٿيو......... دهشتگردن اسان جا ماڻهو بيدردي سان ماري ڇڏيا، گهوڙا ڙي گهوڙا..!! يعني سڳ سوڌو پڪڙيو تڏهن بہ انڪاري! عجيب تماشا لڳا پيا آهن..
نشو انسان کي ماڻهپي مان ڪڍيو ڇڏي، گهرن جي بربادي، اولاد جي گمراهي، طلاق ۽ فساد وغيره سڀ نشي جا تحفا آهن. دين اسلام ۾ انهيءِ ڪارڻ هر قسم جي نشي کي حرام قرار ڏنو ويو، شراب لاءِ تہ نبي ڪريم صه فرمايو تہ شراب امُ الخباثت آهي!.
اصل ۾ نشو انساني جسم ۾ اهڙيون ڪيميائي تبديليون ٿو آڻي، جنهن سان انسان جي سڄي ڪيمسٽري تبديل ٿيو وڃي ۽ هو هرگز بہ نارمل نٿو رهي. تنهن کان سواءِ ڪيتريون ئي جسماني ۽ ذهني بيماريون بہ پيدا ٿيو پون. مون مشاهدو ڪيو تہ نشو ۽ سيڪس سڳا ڀاءَ ڀيڻ آهن. اهڙي شهادت نشي جا عادي ڏين ٿا ۽ مڃن ٿا تہ شروع شروع ۾ لذت ۽ مزو ڪجهه سرس ملي ٿو پر آهستي آهستي مزو يا لذت تہ وڃيو ترُ وٺي ماڳهين اچيو سر سان لڳي! جسماني ۽ ذهني نظام درهم برهم ٿيو وڃي ۽ بعد ۾ همراهه رڳو جياپي لاءِ پريشان هوندا آهن. خاص ڪري شراب ۽ هيروئن جا هيراڪ.... انهيءِ ٻاڙ يا هَير پويان همراهه دنيا ۾ زندگي جو نيچ ۾ نيچ ڪم ڪرڻ لاءِ آماده ٿيو پون. چوري چڪاري ۽ اوڌر وٺي واپس نہ ڪرڻ تہ ڪا ڳالهه ئي ڪونهي، پر بي غيرتي جا ۽ ظولمي ڪم بہ ڪيو وجهن، رڳو پئسه کپن پوءِ چاهي انهيءِ لاءِ ڪجهه بہ ڪرڻو پوي.
مغربي دنيا جنهن ۾ آمريڪا، آسٽريليا، ڪيناڊا ۽ مغربي يورپ يعني انگلينڊ، فرانس، جرمني، هالينڊ وغيره ۽ مشرقي يورپ يعني هنگري، رومانيه، پولينڊ، يوگوسلاويه، روس وغيره اچي وڃن ٿا، اتي فيملي لائيف تقريبن ختم آهي، انهيءِ جو اهم سبب پڻ اهو نشو آهي، رهندو سون تي سهاڳو تہ اتي سوئر جو گوشت بہ عام واپرايو ٿو وڃي، جيڪو هر عام خاص واپرائي ٿو. نشو ۽ اهو گوشت گڏجي ماڻهو جي بدني ڪيمسٽري تمام خطرناڪ حد تائين زهريلي ڪريو ڇڏي ۽ ذهني توازن بہ برقرار نہ ٿو رهي، انساني رويا حيواني ٿيو پون ۽ سڄي زندگي ڊاوان ڊول ٿيو وڃي، شادي کان اڳ ئي جسني تعلقات رکڻ ۽ ٻار ڄڻڻ انهن ملڪن ۾ عام ڳالهه آهي ۽ شادي کان پوءِ بہ ناجائز تعلقات جاري رهن ٿا، اهڙي صورتحال ۾ فيملي لائيف تباهه نہ ٿيندي تہ ٻيو ڇا ٿيندو؟ اها وبا هاڻي پکڙجي سڄي دنيا ۾ ڦهلجي وئي آهي، پر اوهان نوٽ ڪريو تہ انهيءِ ماحول جُڙڻ ۾ نشي جو واهپو بنيادي ڪردار ادا ڪري ٿو.
پر تصوير جو هڪڙو رُخ ٻيو بہ آهي آمريڪا جهڙي امير ۽ ايڊوانس ملڪ جي ڪجهه رياستن ۾ هڪ اهڙي بہ ڪميونٽي رهي ٿي، جيڪا سخت مذهبي يعني ڪٽر عيسائي آهي، نشو پتو يا ٻيون معاشرتي خرابيون تہ پري جي ڳالهه آهي، پر هو جديد دنيا جي هر هڪ ايجاد ۽ آسائش کان پري آهن، ايتري قدر جو سندن گهرن ۾ بجلي بہ ڪونهي، موبائل، ٽيليفون، ڪمپيوٽر، ريڊيو، ٽي وي بہ هو ڪونه رکن موٽر ڪار بہ ڪونه وٺن يا واپرائين، سواري لاءِ گهوڙا يا گهوڙي گاڏي استعمال ڪن ٿا، زالين مڙسين اهڙو لباس استعمال ڪن ٿا جنهن سان سڄو جسم ڍڪيل هوندو آهي. هي ماڻهو ڪاشتڪاري ڪندا آهن ۽ قديم ترين زندگي پيا گذارين! هنن ۾ ڪابه اخلاقي خرابي نالي لاءِ ڪونهي، (نوٽ : نيشنل جاگرافڪ چيئنل هڪ دفعي هڪ ڪميونٽي جي فلم ڏيکاري هئي) هنن ماڻهن ۾ امن ئي امن آهي، محبت ئي محبت آهي، ڪو ڦڏو فساد ڪونهي، ڪو اختلاف ٿي تہ هنن جا وڏا مشاورت سان اهو اختلاف ختم ٿا ڪن، آئون سوچان ٿو تہ جيڪڏهن بدبخت ضياءالحق هنن جو ملڪي صدر ٿي ها تہ يقينن هن امن پرور ڪميونٽي جو بہ ٻيڙو ٻوڙي ڇڏي ها!
مٿي ذڪر ڪيل نشن کان سواءِ هن دُنيا ۾ ڪجهه ٻيا بہ نشا آهن، مثال طور اقتدار جو نشو، دولت جو نشو (هنن ٻنهي نشن ۾ زرداري ۽ نواز شريف ۽ سندن ٽولا بُڇڙي نموني مبتلا آهن) تنهن کان سواءِ حُسن ۽ عشق جو بہ هڪ نشو آهي. هڪ پراڻو گيت ياد آيم.
يي ڪيسي خوشي هي يي ڪيسا نشا هي
مجهي ڪيا هوا هي، مجهي ڪيا هوا هي.

انهن نشن بہ ڪيئن گهر اجاڙي ناس ڪيا آهن.

ڪيا ڪيا نہ لوگ چل بسَي شوقِ جمال يار مين
هم پي هزارون مِٽ گئي حالتِ انتظار مين

اقتدار ۽ دولت جي نشن کي آئون ڊراپ ٿو ڪريان، پر حُسن و عشق جو نشو ڪجهه عجيب آهي، مون کي پڪ ناهي تہ شاهه لطيف واقعي هي شعر فرمايو يا نہ پر شاهه سائين سان منسوب آهي، چوي ٿو.
منڌ پيئندي مون، ساجن صحيح سڃاتو
وري اڳتي فرمائي ٿو
جڏهن ٻڌوسين تہ ٿو بخشي بدڪارن کي
تڏهن اُٿي مون، ورتو گس گناهه جو

سائين سالڪن ۽ الله وارن سان ڪنهن جي همت آهي جو ساڻن مهاڏو اٽڪائي؟ پر مٿين شعرن جي لفظي ۽ ظاهري معنيٰ کان سواءِ ٻي بہ ڪا لِڪل يا باطني معنيٰ ٿي سگهي ٿي. آئون وڌيڪ تہ نہ ٿو ڄاڻان پر زندگي ۾ ڪجهه اهڙا بہ لمحا آيا جن مون کي بيخود ڪيو ۽ زندگي سان گڏوگڏ هن ڪائنات جي معنيٰ انهيءِ کان مختلف هئي، جيڪا ان کان اڳ هئي، هي زندگي ۽ هي ڪائنات هڪ طلسمِ هوشربا محسوس ٿي! ڄڻ ڪو جادو، ڪو سحر هجي! پر هن ڪيفيت کي ڪو نشو بہ چئي سگهو ٿا...! پاڻ ڄمڻ کان اڳي ڇا هئاسين ۽ ڪٿي هئاسين ۽ مرڻ کان پوءِ ڇا ٿيندو؟ هي جنت دوزخ، جزا ۽ سزا ڇا ۽ ڇو آهن؟ شاهه صاحب جا بہ عجيب رنگ آهن، فرمايائون.
پاڻهي پسي پاڻ کي، پاڻ ئي محبوب
پاڻهي خلقي خوب، پاڻ ئي طالب تن جو

اهي رمزون سمجهڻ وارو سمجهن، پنهنجو تہ هي حال آهي تہ

ماءَ ! منهنجو جندڙو کنيو خيالن
ڪوڙن ڪذابن، ڏاگهن ڏڌي آهيان
(شاهه)
اهڙا نشا يا ڪيفيتون نصيب وارن کي ئي نصيب ٿين ٿيون، حُسن و عشق جا ڪجهه جلوه اسان بہ اکين ڏٺا، مڌوبالا جا دليپ سميت لکين عاشق هئا، پر هن حُسن لاثاني کي عشق راس ڪونه آيو ۽ هو ستن عشقن کان پوءِ ناڪام ۽ نامراد رڳو 36 سالن جي ننڍي عمر ۾ دل جي خرابي جي ڪري گذاري وئي. ٻي اهڙي ئي اپسرا هئي ثُريا جمال، انهيءِ جا بہ لکين ديوانا هئا، لاهور جو هڪڙو ديوانو تہ ڄڃ سڌو بمبئي سندس در تي پهچي ويو ۽ ثريا کي پوليس گهرائي جان ڇڏائڻي پئي، پر سانگهڙ ۾ بہ ثريا جو هڪڙو ديوانو هيو، ثريا جي جيڪا بہ فلم سينيما تي لڳندي هئي، همراهه ٽئي شو لاڳيتو ڏسندو هيو، سينيما مالڪن کي سندس عشق جي خبر هئي، تنهن ڪري هڪ ئي ٽڪيٽ ۾ ٽنهي شوئن جي هن کي موڪل مليل هئي، پوءِ جيترا ڏينهن بہ ثريا جي فلم سينيما تي هوندي هئي، عاشق حاضر هوندو هو، اهو عشق ۽ اهو حُسن اڄڪلهه اڻلڀ آهي، کڻي چئجي تہ اهڙا نشا هاڻي دنيا ۾ ناهن رهيا، هاءَ اهي عجيب نشا..! اهڙن ليليٰ مجنون ديوانن کي هي دنيا ڇڏي صديون ٿي ويون.
نشي بازي جو مٿيون باب منهنجي آتم ڪٿا جو ئي حصو آهي، ڇو تہ پنهنجي هڪ ويجهي عزيز کي هيروئن ۾ ڦاٿل ڏسي چيم تہ هي بہ هڪ مشڪل مرحلو آهي، مون ۽ ٻين عزيزن پنهنجي هن هيروني عزيز جي هيروئن ڇڏائڻ لاءِ ڪي وس ڪري ڇڏيا پر شڪست نصيب ٿي.
نه ڪوئي تدبير ڪام آئي.
هو هڪ چست، چالاڪ ۽ بالا سرڪاري آفيسر هيو، پر بڇڙي صحبت ۽ سيڪس جي چڪر ۾ اهڙو ڦاٿو جو سب ڪجهه مليا ميٽ ٿي ويو، نوڪري، شان مان ۽ چست چالاڪي سڀ ختم ٿيا ۽ انجام ڪار شهر جو بدنام انسان بڻيو ۽ سندس موت بہ دردناڪ هيو پر مرڻ کان پوءِ جيڪو سڪون ۽ اطمنان مون هن جي منهن تي ڏٺو تہ آئون حيران ٿيس، ڄڻ هو ڪنهن وڏي ويڌن ۽ تڪليف مان نڪتو هجي! اطمنان ۽ معصوميت سندس چهري مان بکي پي.

بنا خرچ ٽوٽڪا
آئون گذريل 50 سالن کان يوگا ڪندو آهيان، يوگي، جيڪي اڪثر هندو آهن چون ٿا تہ مسلمانن جو رهبر ۽ نبي صه پڻ يوگي هيو جنهن غاز حِرا ۾ ڪو وقت يوگ ۾ گذاريو، هو چون ٿا تہ اوهان جو وضو ڪرڻ، کاڌي کان پوءِ آنڱريون چٽڻ يا چُوپڻ ۽ خود نماز بہ يوگ علم جا ڪجهه چونڊ آسڻ آهن؟. هندورشي دعويٰ دار آهن تہ پٿر پوڄڻ لاءِ اوهان مسلمان اسان هندن کي غلط ٿا سمجهو پر اوهان خود مسلمان پوءِ حجر اسود کي ڇو ٿا چُمو؟ ۽ پٿر جي ٺهيل خدا جي گهر (ڪعبته الله شريف) آڏو سجدا ڇو ٿا ڪريو! حج جون ڪيتريون ئي رسمون بہ هندو مذهب سان ملن ٿيون، (يعني طواف، رمي، مٿو ڪوڙائڻ، احرام پائڻ، قرباني، شيطان کي پٿريون هڻڻ وغيره) بهرحال انهيءَ گفتگو کي اتي ڇڏيندي آئون يوگا ۽ ڪجهه گهريلو ٽوٽڪن جو ذڪر ڪندس. ڇاڪاڻ تہ اهي صحت متعلق آهن ۽ اڄڪلهه صحت کي قائم رکڻ هڪ ”مشڪل مرحلو“ آهي، قديم ڪتابن ۾ بعضي اهڙيون عجيب و غريب ڳالهيون لکيل آهن، جن کي پڙهي حيرت تہ ٿئي ٿي پر انهن تي عمل ڪري حيرت انگيز نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا. جن جي تصديق جديد سائنسي تحقيق ڪري ٿي. مثال طور زندگي ۾ تمام ضروري گهربل شين ۾ ”آڪسيجن“ سڀ کان ضروري ۽ اهم آهي، عام حالت ۾ پنهنجو بدني نظام 24 ڪلاڪن ۾ آڪسيجن ٻن کان اڍائي ڪلو حاصل ڪري ٿو، جنهن سان رت صاف بہ ٿئي ٿو ۽ جسم ۾ گردش ۾ رهي ٿو. پر نيرانو صبوح جو يوگ جو هڪ آسان ۾ آسان آسڻ (عمل) ڪجي تہ جسم اٺن کان ڏهه ڪلو آڪسيجن حاصل ڪندو، جنهن سان مهيني ٻن ۾ حيرت انگيز تبديلي ايندي. اهو عمل نول بنول ۽ بسريڪا آسڻ چوائي ٿو. اول سڌو بيهي يا ويهي نڪ جي هڪ ناس مان زور سان ساهه کڻو ۽ ٻي ناس مان ڇڏيو، وري انهيءَ ساهه ڇڏيل ناس مان زور سان ساهه کڻو ۽ پهرين مان زور سان ڇڏيو. اهو عمل 20، 30 يا 40 دفعا ڪري بعد ۾ کليل فضا ۾ 60 دفعا نڪ مان اُڀا ساهه کڻو ۽ ڇڏيو، نول بنول بسريڪا آسڻ يوگا جو آسان ۾ آسان ۽ مفيد ترين آسڻ آهي.
صحت جا ماهر ۽ ڊاڪٽر چون ٿا تہ هر انسان کي قدرت 2 عدد ڊاڪٽر ڏنا آهن، اهي آهن اسان جون ٽنگون، چون ٿا تہ پيدل هلڻ سان انيڪ بيمارين ۽ ڪمزورين جا دروازا بند ٿيو وڃن ۽ اسان جي اندروني مشينري ۽ سندس پرزا دل، دماغ، جگر، ڦڦڙ ۽ گردا زبردست فعال ٿي ڪم ڪن ٿا ۽ بدن جا زهريلا مادا خارج ڪن ٿا، پيدل جيترو بہ گهڻو ٿي تہ هلجي، پر گهٽ ۾ گهٽ اڌ، منو يا ڪلاڪ تہ پيدل هلجي، انهيءِ کان اُتم ٻي ڪابه ورزش ڪونهي. منهنجو نانو نالي سوائي ڪڏهن بہ ڪنهن سواري ۾ سوار نہ ٿيو. سدائين پنڌ ڪندو هيو، ايتري قدر جو ڳوٺ کان سانگهڙ 7 ميل بہ هميشه پنڌ ايندو ويندو هو، ناني سوائي کي مون ڪڏهن بيمار ڪونه ڏٺو، ڀلن نسلي ڪتن ۽ ڪاموري ٻڪرين جو شوقين هوندو هيو، سو پيدل هلڻ، يڪو يا قسطن ۾ پر صحت لاءِ امرت آهي. يوگا جا سوين آسڻ آهن جيڪي مختلف روڳن لاءِ علاج يا تدارڪ لاءِ استعمال ڪيا ٿا وڃن. هن آتم ڪٿا ۾ انهن سڀ جو ذڪر مقصود ڪونهي، ٻڌائڻو فقط هي هيو تہ آئون يوگي آهيان ۽ الحمدالله وڏي عمر جي باوجود ماشاءَالله صحتمند آهيان، تنهن ڪري هم وطن ساٿين کي صلاح ڏيندس تہ هو بہ يوگا مان فائدو وٺن. واقعتن يوگ ڪرڻ ۽ پابندي سان ڪرڻ هڪ ڏکيو عمل آهي، پر گهٽ ۾ گهٽ بسريڪا تہ سڀ ڪو ڪري سگهي ٿو. سو مون طريقو لکي ڇڏيو آهي. يوگا سان گڏوگڏ ”پريشر ٿرافي“ بہ ڪئي وڃي تہ سون تي سهاڳو آهي. اهو بہ هڪ وسيع موضوع ۽ علم آهي، پر بسريڪا وانگر هڪڙي آسان مشق لکان ٿو جيڪا سڀ ڪو آساني سان ڪري سگهي ٿو. ڪوبه تيل (خاص زيتون جو نہ تہ ڪوبه) ان سان دُن ۽ دُن جي سيڌ سان پٺيءَ ۾ ريڙهه هڏي تي هلڪي مالش ڪجي. ساڳيو عمل پيرن جي آنڱوٺي جي ننهن تي ۽ پيرن جي ترن تي ڪجي، صبوح شام ڪجي، انهيءِ عمل سان جسم ۾ بيپناهه تبديلي ايندي ننڊ بہ سٺي ايندي.
اهي ٽوٽڪا تہ يوگا ۽ پريشرٿرافي مان هئا، جيڪي سولي ۾ سولا هئا، پر هنن پراسرار علم جا ڄاڻو چون ٿا تہ ٽن شين جو روزانو سلاد طور استعمال صحت کي قائم رکڻ لاءِ بيحد مفيد آهن، ٿوم جون ٻه يا ٽي ڳڙيون، ادرڪ جو هڪ ننڍو ٽڪرو ۽ بصر (خاص ڪري اڇو بصر) ڇٽانگ کن روز ٻه دفعا ماني ۽ ناشتي سان گڏ پيٽ ۾ داخل ڪجن تہ گهڻن روڳن کان بچي سگهجي ٿو. هڪ چپٽي ڪلونجي بہ واپرائجي تہ سون تي سهاڳو.
بهرحال زندگي جي مشڪل مرحلن ۾ هڪڙو مرحلو صحت مند رهڻ بہ آهي، صحت ناهي تہ ڪجهه بہ ناهي، دولت، گاڏيون ۽ محل ماڙيون سڀ بيڪار آهن. انسان صحت مند آهي تہ زندگي جون ننڍيون ننڍيون شيون وڏيون وڏيون خوشيون ڏين ٿيون. گلن جي سرهاڻ، پکين جون چهڪاريون، ڪو سريلو گيت، معصوم ٻارن سان رانديون ۽ چل ولايون____ اهي ۽ ٻيون اهڙيون ئي شيون ۽ نظارا معنيٰ خيز ٿيو پون ۽ خوشي ڏين ٿا. صحت خراب آهي تہ سڀ ڪجهه خراب آهي.
تازو انڪشاف ٿيو تہ ڪڻڪ ۾ گلوٽن نالي جُز جي ڪري صحت ڏاڍي متاثر ٿئي ٿي، پر هي انهن کي نقصان ڏي ٿي جيڪي گلوٽن هضم نٿا ڪري سگهن، تنهن جي مقابل مڪائي وڌيڪ مفيد آهي، ايتري قدر جو شوگر وارا ڪڻڪ جي ماني ڇڏي مڪائي جي ماني واپرائين تہ بنا دوا هو ڪي قدر پنهنجي شوگر ڪنٽرول ڪري سگهن ٿا.
ورهين جي جاکوڙي تحقيق کان پوءِ ۽ تجربي کان پوءِ هاڻي اهو تسليم ڪيو ويو آهي تہ اڇي کنڊ سِلوپائزن Slow Poison آهي، اڇي کنڊ ۾ ڪيترائي ڪيميڪل مليل هوندا آهن جيڪي جسماني مشينري کي آهستي آهستي ختم ٿا ڪن ۽ ماڻهو جي قوت مدافعت ڪمزور ٿي ٿئي، البت ديسي کنڊ بنا ڪيميڪل ڳڙ بي ضرر آهن، جنهن وٽ پيسو آهي تہ انهن جي جاءِ تي ماکي استعمال ڪن، چانهه، ڪافي ۽ پيپسي، شراب ۽ ٻين پاڻيٺ جي جاءِ تي گرين ٽي واپرائجي جيڪا صحت لاءِ بيحد مفيد آهي، ڪونه ڪو موسمي فروٽ، ڀاڄيون داليون (سڀ کلن سوڌيون) خوب واپرائجن، سُڪو فروٽ بيحد مفيد آهي، خاص ڪري هڪ يا ٻه عدد اخروٽ ۽ ٻه چار بادام، ڪڏهن ڪڏهن مڇي، ديسي بيضا ۽ گوشت بہ وٺجي.
صحت جي هڪ پراڻي ڪتاب ۾ لکيل آهي تہ ماڻهو ڪيئن ٿو ختم ٿي، يعني ڪهڙي ڳالهه يا مسئلو ڪهڙي عضوي کي ڳاري ختم ٿو ڪري.
1. ڏک ۽ غم ڦڦڙن کي ڳاري ٿو.
2. افسوس ۽ پڇتاءَ معدي کي خراب ٿو ڪري
3. اسٽريس ۽ ڊپريشن دل ۽ دماغ کي ڪمزور ٿا ڪن
4. خوف ۽ گهٻراهٽ گُردا ختم ڪن ٿا
5. غصو ۽ حسد فالج جو سبب ٿئي ٿو ۽ جگر متاثر ٿئي ٿو.
6. فڪر ۽ پريشاني تِلي کي ڳاري ٿو.

نوٽ : مٿي جيڪي سبب ٻڌايا ويا آهن، اهي هڪ ٻئي تي بہ اثرانداز ٿي سگهن ٿا. مثال طور ڏک ۽ غم مان اسٽريس ۽ ڊپريشن بہ گڏوگڏ پيدا ٿي سگهي ٿي.

بهرحال ڪابه ”خوشي“ دل لاءِ امرت آهي، ان سان ٻيا روڳ بہ گهٽجن ٿا ۽ خوشي ”صبر ۽ شڪر“ ۾ آهي. زندگي جو اصل مقصد بہ خوشي حاصل ڪرڻ آهي.
آخر ۾ کير متعلق لکان جيڪو غذا جو هڪ اهم حصو آهي، سڀئي کير سڻڀ ۽ هڪ جُز ”ليڪٽو“ سان ڀرپور آهي، سواءِ ٻڪري ۽ ڏاچيءَ جي کير جي. مينهن يا ڍڳي جو کير ۽ سندس جز ”ليڪٽو“ جيڪڏهن ڪو هضم ڪري ٿو وڃي تہ اهڙو کير يا ڌونئرو هو واپرائين (ڌونئرو وڌيڪ مفيد آهي) جن دوستن کي ليڪٽو هضم نٿو ٿي تہ اهي ٻڪري يا ڏاچي جو کير واپرائين (انهن آخري کيرن جي حاصلا ڪجهه ڏکي آهي. زرداري پاڻ اصل جت آهي تنهنڪري هو اڄ بہ ڏاچي جو کير استعمال ڪندو آهي ۽ ڏاچي جي کير جو حصول هن لاءِ ڪجهه مشڪل ڪونهي.
پر ماڻهو پُڄي نہ ٿو سگهي تہ ڪتل جا ٻه ٽي داڻا کائي تہ نيوٽريشن (کاڌ پيت) جا کوڙ سارا وٽامن ۽ منرل جسماني مشينري کي ملي ويندا.
کاڌي پيتي جي هن لسٽ ۾ گهڻيون شيون مهانگيون آهن، پر ضروري ناهي تہ مهانگيون شيون واپرايو، موسمي فروٽ ۾ زيتون، ٻير، انب، گدرا، هنداڻا سستا آهن، کير يا ڌونئرو 20 روپيه پاءُ ملي وڃي ٿو، ٽماٽر ڪڏهن مهانگو پر گهڻو ڪري سستو، زبرست مفيد آهي.
مڇي وري بہ گوشت کان سستي ۽ گوشت کان وڌيڪ بهتر آهي، باقي گوشت جي جاءِ تي داليون بهرحال سستيون ۽ وڌيڪ بهتر آهن ۽ گوشت جو نعم البدل فارمي ڪڪڙ تہ زهر جو ڀنڊار آهي، پيزا، ميڪڊول ۽ ڪي ايف سي (جنڪ فوڊ) وانگر ___ البت ٿوم، بصر ۽ ادرڪ کي ڪڏهن بہ نظرانداز نہ ڪجي، اهي ٽئي شيون درحقيقت حفظِ ماتقدم طور هڪ طرح جون دوائون آهن، جيڪي جسم جي مشينري کي قوت ڏين ٿيون.
پڙهندڙ ضروري سوچيندا تہ هي ڪهڙي آتم ڪٿا يا جڳ ڪٿا آهي، جنهن ۾ ٽماٽرن جو ذڪر ۽ يوگا متعلق مشهوري آهي؟ اصل ۾ آئون هڪ مشاهداتي ماڻهو آهيان، مون تي ٽماٽر يا ادرڪ يا يوگا جيڪو اثر ڪيو ۽ ڄاتم تہ ڪجهه کاڌ پيت ۽ نشو صحت لاءِ هاڃيڪار آهن پر يوگا ۽ بظاهر هي عام ۽ معمولي شيون مفيد آهن تہ انهيءِ حقيقت جو بہ هم وطن ماڻهن سان اظهار ڪري ڇڏيان. آتم ڪٿا يا جڳ ڪٿا لکڻي آهي تہ پوءِ سڀ ڪجهه ۽ سچ سچ لکڻو آهي، جيڪو اوهان جي تجربي ۽ مُشاهدي ۾ اچي ٿو.

  ٽِين ايج TEEN AGE

“ٽِين ايج” انگريزي زبان جي اصطلاح آهي، جنهن جو مطلب آهي زندگي جو اُهو حصو جنهن کي سنڌي زبان ۾ “چرِي وهِي” چيو ويندو آهي. (ٿرٽين کان نائن ٽين تائين)، اها چري وهي تيرنهن سال کان اوڻويهه سال تائين هوندي آهي. مست الست، جذبات، ولوَلن ۽ جوش سان ڀرپور حياتي جو اهو حصو دلچسپ تہ آهي، پر سخت خطرناڪ بہ آهي، اِهو اُهو ئي دور هوندو آهي، جنهن ۾ ماڻهو کرندو آ يا سُڌرندو آهي. اصل ۾ انهيءِ دور ۾ جسم ۾ هارمونز ٺهڻ شروع ٿيندا آهن (نر ۾ ٽيسٽو سٽران ۽ ناري ۾ ايسٽروجن هارمونز)، انهن جو سڌو تعلق سيڪس/ شهوت يا بالغ پڻي سان هوندو آهي. صحيح ۽ مناسب تعليم تربيت نہ هجڻ ڪري تمام گهڻي نوجوانن جي اڪثريت گُمراهه ٿي الائي ڪٿي جو ڪٿي پهچيو وڃي. اِهو هڪ انڌو ديوانگي جو دور هوندو آهي. وهم، شڪ، وسوسا، اوسيئڙا، شڪ شبها، انديشا، خوف ۽ بالآخر مايوسي انهيءِ جذباتي انڌڪار جا تحفا هوندا آهن ۽ مُنڌل نوجوان ڇوڪرا ڇوڪريون انهيءَ گِرڻ ۾ ڏينهون ڏينهن ويندا آهن ڦاسندا.
انهيءِ کان اڳ وارو دور، يعني بچپن جو دور شهنشاهي دور هوندو آهي، ڪنهن ڳالهه يا مسئلي جي ڪا اُون ڪونه هوندي آهي، شرارت، راند رُوند، کِل مسخري، مائٽن سان اجايا ضد ۽ فرمائشون، انهيءِ دور جا تحفه هوندا آهن. ڪنهن ڳالهه جو ڪو فڪر ڪونه هوندو آهي، ڀلي دُنيا هيڏي جي هوڏي ٿي وڃي، پرواهه نہ هوندي آهي، مون کي ياد آهي تہ اسان جي انهيءَ شهنشاهي دور ۾ نهرو مري ويو. اسان ٻار چانڊوڪي راتين ۾ لڪ لڪوٽي راند ڪري جڏهن ٿڪبا هئاسين تہ گڏجي ڪورس ۾ ڳائيندا هئاسين.
واهه ڙي واهه، ڳُڙ جو پاءَ
نهرو مئو اسان جو ڇا؟
سانوڻ ۽ مينهونڳي ۾ ڪارڙو ڪنڀارڙو بہ ڪورس ۾ ڳائيندا هئاسين ۽ ڪُهر ورهائيندا هئاسين. ڪار جو سفر ۽ ڪار ۾ سيٽن تي ٽِپ ڏيڻ، باغن مان انبڙين ۽ زيتونن جي چوري، بادشاهن جو ڳالهيون پنهنجي پوڙهين ۽ پوڙهن کان ٻُڌڻ، هڪ جيڏن سان سياري ۾ مچ ڪچهريون مچائڻ، سرڪس، ٿيٽر ۽ سينيما ۾ فلم ڏسڻ محبوب مشغلا هوندا هُئا ۽ مٿين سڀني ڳالهين ۾ مزو ئي مزو هوندو هو.
چُهٽي اسير تو بدلا هوا زمانه تها
نه پُهول تهي نہ چمن تها نہ آشيانه تها
يا
هم جسي عمر سمجهي، وه اڪ پل نڪلا

انهيءِ شهنشاهي دور ۾ شل نہ ڪنهن ٻار سان ڪو الميو ٿئي، خاص ڪري جيڪڏهن ڪنهن ٻار جي ماءَ گذاري وڃي، مون کي ياد آهي تہ آئون جڏهن ڇهين ڪلاس ۾ هُيس تہ امان هڪ ڊگهي بيماري کان پوءِ آڌي رات ڌاري دم ڏنو، گهر ۾ روڄ راڙو ٿيو تہ آئون ننڊ مان جاڳيس ۽ ٻين ڀاتين سان گڏ آئون بہ اُڇگارون ڏئي روئڻ لڳس، بابا بہ رُنو پي ۽ چيائين تہ آخرين گهڙين ۾ امان هن کي (بابا کي) سڏيو ۽ بابا جو آخري ديدار ڪيائين. اسر مهل گاسليٽ جي بتيءَ تي (تڏهن سانگهڙ ۾ بجلي ڪونه هئي) روئندي روئندي اسڪول جي موڪل جي درخواست لکيم ۽ صبوح سوير پنهنجي ڪلاس فيلو نالي فرمان علي کي گهر ڏئي آيس، جيئن استاد موڪل ڪرڻ تي ناراض نہ ٿين، (ظالم ماسترن جو خوف انهيءِ المئي ۽ صدمي ۾ بہ طاري هيو) صبوح ساڻ غُسل ۽ ڪفن ٿيو ۽ امان کي مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. آئون سمجهان ٿو تہ دُنيا ۾ عزيز ۾ عزيز ۽ پياري هستي ماءُ آهي، اصل ۾ اسين هُن جي جسم يا وجود جو ئي حصو هوندا آهيون، انهيءَ ڪري هُو بہ اسان جي مالڪي ڪري وڌ کان وڌ ڀائيندي آهي ۽ هر قرباني ڏيندي آهي ۽ تڪليفون کڻندي آهي ۽ هر خطا معاف ڪندي آهي. سور سهي ڄڻڻ ۽ نپائڻ، ڪوسي ٿڌي جو خيال رکڻ، ڪنهن خطري يا بيماري ۾ راتين جا اوجاڳا، گونهه مُٽ کڻڻ، ڪپڙي لٽي، ماني ٽڪي جو بندوبست، ايتري قدر جو پاڻ بُکي رهندي پر اولاد کي سندو حصو بہ کارائيندي پنهنجي ٻچن جي هر خوشي ۽ هر غم ۽ تڪليف ۾ ماءَ ئي حصيدار رهندي آهي، ٻيا سڀ رشتا ماءَ جي خُلوص آڏو هِيچ آهن. امان جي وڇوڙي کان پوءِ گهر ڄڻ ويران ٿي ويو. سندس موت کان پوءِ هڪ ڊگهو عرصو اسان سڀ ڀائر ڀينر ڏُک ۽ ڏُهاڳ جي هڪ عجيب جهان ۾ رهياسين. آئون پنهنجي ننڍي ڀيڻ سان گڏ هڪ ئي کٽ تي سمهندو هُيس. روز رات جو تارن ڀري آسمان هيٺ سمهڻ محل آئون ۽ ننڍي ڀيڻ امان جون ڳالهيون ورجائيندي روئندا هئاسين. آخر ۾ اڪثر هڪ لوڪ گيت ڌيمي آواز ۾ ڳائيندي ڳائيندي سمهي رهندا هئاسين.
عُمر ادا اباڻن کان ڪانه خبر ڪنهن آندي آ
دل ماندي آ مارن لاءِ دل ماندي آ

امان جون ڳالهيون ياد ڪري آئون اڄ بہ روئندو آهيان، اصل ۾ منهنجي ماءَ تمام سادي ۽ عجيب ڀَوري بندي هُئي، اوهان هن کي الله لوڪ چئي سگهو ٿا.
اونهاري جي راتين ۾ ڪروڙين تارا ڏسي بستري تي سمهندي امان کان پڇيم “امان! هي تارا ڪيڏا وڏا هوندا؟”. امان سوچ ۾ پئجي وئي، سوچي چيائين “ابا! اِهي رِڍ جيڏا آهن”. اوهان امان جي سادگي جو انهيءِ جواب مان اندازو لڳائي سگهو ٿا.
ننڍي هوندي سانگهڙ جي پُراڻي ڌرم شالا سينيما ۾ دليپ ۽ نرگس جي ڏُک درد سان ڀريل فلم “ميلا” لڳي. فلم تمام مشهور هُئي، بابا کي فرمائش ڪيائين تہ فلم ”ميلا“ ڏسڻي آهي، اسان سڀ فلم ڏسڻ وياسين، فلم ۾ رُڳو ڏک ئي ڏک هيو، ڏٺم تہ امان فلم ڏسندي روئي رهي آهي، مون بہ روئي روئي ڪِنَ ڪري ڇڏيا.
ملوڪان نالي هڪڙي پاڙي جي ڇوڪري فلمن لاءِ ديواني هوندي هُئي، ڪا مشهور فلم لڳندي هئي تہ ڊوڙي امان وٽ ايندي هئي ۽ منٿون ڪندي هُيس تہ ”ماسي ماسي فلم ڏيکار______!“ سندس منٿ ميڙ تي امان اڪثر مڃي ويندي هئي ۽ بابا کي چئي ڌرم شالا سينيما فلم ڏسڻ ويندي هُئي، فلم قسمت، بابل ۽ برسات مون کي بہ ياد آهن، جيڪي ملوڪان جي فرمائش تي ڏٺيون سين. فلم برسات ڏسڻ لاءِ منهنجي چاچي نالي رُچڻ ۽ سندس پٽ نالي گاجن بہ هُئا. جنهن مهل فلم ۾ نرگس کي درياهه ۾ لوڙهيو ويو تہ گاجن وٺي رڙيون ڪيون “گهوڙا! مائي ٻُڏي وئي!!” ۽ زور زور سان روئڻ لڳو. چاچي رُچڻ مس مس ماٺ ڪرائيس.
مراد فقير نالي هڪ الله لوڪ درويش اسان جي گهر دُعا لاءِ ايندو هيو، امان کانئس پنهنجي بيماري (هڏن جي ٽي بي) جي شفا لاءِ دُعا لاءِ چوندي هئي، مراد فقير دُعا تہ ڪندو هو پر دُعا ڪانه اگهائي ۽ انهيءَ مرض وِگهي ئي مري وئي. پر امان مراد فقير کي هميشه نوازيندي هُئي، بُلڪل ڌُتڙيل ۽ بيواهه عورتن وانگر جيڪي وٽس اينديون هُيون. سو سندس ڪومل ڪومل يادون هميشه ور ور ڏئي ياد اينديون هيون ۽ اڃان به، جڏهن ڪه هينئر عمر جي آخري فيز ۾ آهيون ياد اينديون آهن ۽ اڄ تائين جڏهن دل گهڻو دُکي ٿيندي آهي تہ سندس قبر تي وڃي حاضري ڀريندو آهيان ۽ نائين محرم تي ضرور وڃان ۽ قبر جي سار سنڀال لهان. مون کي ياد آهي تہ جڏهن اسان سندس جنازو کڻي قبرستان پهتا هُئاسين تہ منهنجي ماسي نالي مِٺڻ ۽ ڳوٺ جي ٻين عزيزن ۽ پڻ ٻين ڳوٺاڻن آهه و زاري ڪندي سٿرون ۽ منهن مٿو پٽيندي باقاعدي ماتم ڪيو هيو. امان مريم جي وڇوڙي جو ڏُک راڄن ۾ ڪيو ويو هو.
معصوميت ۽ شهنشاهت جو دور ختم ٿيو ۽ “ٽين ايج” شروع ٿيو، جنهن ۾ رُڳو گند هيو. جوش جلال خُودنمائي ۽ عشق بازيون انهيءِ دور جا خاصا هئا، جن جو ڪافي تفصيل آئون هن آتم ڪٿا جي پهرين ڀاڱي ”شڪست“ ۾ ڏئي آيو آهيان، بهرحال هن دور جي خاص ڳالهين مان هڪ هيءِ هئي تہ مذهب ڏي رُجوع ٿيس، پنج وقت نماز، 30 روزا جاري ٿيا ۽ وڏن وڏن مولوين ۽ عالمن سان ملاقاتون ۽ بحث مُباحثا شغل ٿي پيا. اِهو سلسلو ڪي سال رهيو پر آئون بددل ٿيس، جڏهن ڏٺم تہ منهنجي ڪا هڪ بہ دُعا ڪڏهن قبول نہ ٿي، سمجهي ورتم تہ دُعا سان ڪُجهه ڪونه ٿو ٿئي، اهڙو تجربو اڳئي درويش مراد فقير جي دُعائن ۾ بي اثري ڏسي چُڪو هُيس، مطلب تہ اُها هستي جيڪا هي جهان هلائي پئي مرضي جي مالڪ آهي تہ ڪنهن جي ٻُڌي يا نہ ٻُڌي، ٻُڌي ٿي تہ وتائي فقير جي ڳالهه وانگر کنگهڻو بہ پئي ٿو، يعني عمل ئي دُعا اگهائين ٿا.
مذهب کان بددلي جو ٻيو سبب ٽُڙڪو مُلن جو رويو ۽ بدڪاري هُئي، قران پڙهائيندي مُلن کي ڪڌا ڪرتوت ڪندي اکين مدرسن ۾ ڏٺم. اهڙن ٽن چئن واقعن کان پوءِ مدرسي قران پڙهڻ کان بس ڪيم ۽ سوچيم تہ نيڪ راه ڏيکاريندڙ مولوي ۽ ملان پاڻ اهڙا وحشي آهن تہ پوءِ مذهب جو ڪارج ڇا هي؟ رهندو جڏهن شاهه صاحب جو شعر پڙهيم،
“اُهو ڪو ٻيو فهم جنهن سان پسجي پرين کي”

تہ ويتر دل اُٿي ويم، هاڻي اهو يا اهڙو فهم ڪٿان آڻيون؟ بعد ۾ مذهبي بددلي وڌي وڻ ٿي، جڏهن طالبان ۽ داعش جو ظهور ٿيو، جڏهن مذهب جي انهن دعويٰ دارن وٽ امن جو وکر ئي ڪونهي تہ پوءِ مذهب جو ڪارج ڇا هي.
ٽين ايج ۾ مون تي ٽن شين وڌ ۾ وڌ اثر ڇڏيا. هڪ ڪتاب ٻيو ريڊيو ٽيون فلم. انهيءِ دور ۾ رسالا ۽ ڪتاب پڙهڻ جو جُنون هيم، ابتدا تہ قصن ڪهاڻين سان ٿي. جان عالم ۽ انجمن آرا، چار درويش، گُل بڪاولي، طوطا مينا، طلسمِ هوشرُبا، قصو رستم سهراب، داستان امير حمزه ۽ يوسف زليخا، الف ليليٰ، وتايو فقير ۽ ٻيا کوڙ سارا قصا ڪهاڻيون بعد ۾ جاسوسي ۽ تاريخي ناول نسيم حجازي جا تاريخي ناول ”اور تلوار ٽوٽ گئي“ وغيره پڙهيم، پر روماني ناول وڌيڪ وڻندا هئا، قيسي رام پوري جو ناول ”پٿر ڪي صنم“ ۽ دت ڀارتي جو ناول ”چوٽ“ ڏاڍو اثر ڇڏيو. اڳتي هلي غير مُلڪي ناول پڙهيم، جن ۾ ٽالسٽاءَ جي ناول ”اينا ڪرنينا“ مغز خراب ڪري ڇڏيو، پوءِ تہ هڪ سلسلو هيو، جيڪو هلي پيو، خليل جبران ، قرت العين، حيدر، وڪٽر هيوگو، ايملي برونتي، وڊزورٿ ۽ الائي ڪير ڪير ۽ ڪيترا ليکڪ نظر مان گُذريا. شاعرن ۾ شاهه صاحب، اياز، استاد بخاري، منشي ابراهيم، مير تقي مير، فيض احمد فيض، مومن، ٽيگور پسنديده شاعر بڻيا. ان وچ ڪوڪ شاستر جهڙا واهيات ڪتاب بہ پڙهيم جن ذهن ڏاڍو خراب ڪيو، ڪُجهه مذهبي ڪتاب جيئن ترجمو قران شريف، انجيل، توريت، زبور، گيتا ۽ ڪُجهه ويدن جا ڪتاب ۽ ٻڌ ڌرم جا ڪتاب، غرض مون پنهنجي کارڻ ۾ ڪا ڪسر ڪونه ڇڏي! رهندو مودودي غلام جيلاني برق ۽ غلام محمد جا اختلافي مذهبي ڪتاب پڙهيم تہ دماغ ويتر وڌيڪ خراب ٿيو، مذهبي اسڪالرن، خاص ڪري شاهه ولي الله، ابوالڪلام آزاد ۽ غزالي پڙهيم. سچ ۽ ڪوڙ جي خبر ئي نہ پئي پوي تہ ڪير ڪوڙو ۽ ڪير سچو..... نيٺ پچر ڇڏيم. پر نظرياتي ڪتابن جي ڇاپ دماغ تي چنبڙي پئي، روسو، والٽيئر، ڊارون، ڪارل مارڪس، لينن، ابراهيم جويو، رسول بخش پليجو، ايلائيس البينيا، جامي چانڊيو، سراج، فهميده حسين، سبط حسن ۽ اهڙن ٻين دانشورن جون لکڻيون دماغ ۾ چنبڙي پيون.
مطالعي جي اِها عادت اڃان تائين جاري آهي، پر ڏٺم تہ انهيءِ سان مُلڪ يا معاشري ۾ ڪا خاص تبديلي يا بهتري ڪانه ٿي اچي. اصل ۾ اقتدار ڌڻين اهڙو پنجوڙ جوڙي ڇڏيو آهي جو لوڪ ڪيڏانهن چُري بہ نہ ٿو سگهي. بيروزگاري، مهانگائي لوڪ کي روزي روٽي ۽ لوڊ شيڊنگ جي گهاڻي ۾ پيڙي ڇڏيو اٿن. هن موضوع کي اِتي روڪيندي آخر ۾ ايترو چوندس تہ قانون مڪافاتِ عمل وانگر ارتقا جي فطري عمل تحت بهرحال ڏاڍ جا هي ڪوٽ اچي پٽ پوندا ۽ دُنيا بدلجي ويندي، پر تيسيتائين پاڻ ڪونه هونداسين. فيض شايد انهيءِ ڪيفيت ۾ چيو هو.
بلا سي هم ني نہ ديکها تو اور ديکهين گي
فروغ گلشن و صوت هزار ڪا موسم

بهرحال اِهو سفر جاري آهي ۽ جاري رهندو، پر ڏک تہ رهجي ويو نہ ____ وري بہ فيض جو ئي شعر ياد آيو،
“هم جو تاريڪ راهون مين ماري گئي”.

ڪتاب کان پوءِ ريڊئي جو ذڪر، جيئن عرض ڪيم تہ بابا سانگهڙ ۾ پهريون ECKO ڪمپني جو انگلينڊ ۾ ٺهيل ريڊيو آندو، جيڪو بيٽري تي هلندو هو (بعد ۾ بجلي اچڻ تي تنهن ريڊيو کي بجلي تي ڪرايوسين)، “ٽِين ايج” ۾ ريڊئي سان گهڻي سنگت رهي، موسيقي سان بيحد گهڻو لڳاوءَ پيدا ٿيو، هونئن تہ بابا گرامون فون ۽ ريڪارڊ RPM78 آندا هُئا، پر ريڊيو تي خاص ڪري ريڊيو سيلون ۽ حيدرآباد عجيب گيتن سان متعارف ڪرايو، لتا، آشا، شمشاد، گيتا دت، ثريا، رفيع، مڪيش، هيمنت ڪمار، مناڊي، طلعت محمود، زهره بائي، سهگل، سي ايڇ آتما، امير ٻائي، سلوچنا قدم، ضيا، ساوتري گدواڻي، موهن ڀڳت، ڍول فقير، جيوڻي، ڀڳت ڪنوررام، ماسٽر چندر، سُڌا ملهوترا، اقبال بانو، ڪوثر پروين، علڻ فقير، مهدي حسن، مبارڪ بيگم ۽ الاهي ٻيا ڪيترا گائڪ ۽ موسيقار ريڊئي جي توسط سان ئي من مندر ۾ سمايا، هزارين گيت ۽ موسيقي جون ڌُنون دماغ ۾ ريڪارڊ ٿي ويون. اڄ بہ موقعي محل سان سي دماغ ۾ وڄڻ لڳندا آهن، ايڪو ريڊيو جو سائونڊ ايڏو تہ پُرسوز اثرائتو ۽ دلپذير هيو جو انهيءِ کي آئون اکرن ۾ بيان نہ ٿو ڪري سگهان. اصل ۾ هي ريڊيو والن وارو هيو ۽ والن جو آواز ٽرانزسسٽر نٿا ڪڍي سگهن. تازو U.K ۾ ڏٺم تہ وال سسٽم وري رائج ٿي رهيو آهي، بعد ۾ دُنيا جي وڏي ڪمپني Sony (جپان) جو سيٽ ورتم پر جيڪو سوز والن ۾ هيو سو هن ۾ ناهي، زندگي رهي تہ والن جو نئون متعارف ٿيل سيٽ وٺندس.
مون چيو تہ موقعي مھل سان گيت ياد ايندا آهن، مٿي مون استحصالي اقتدار ڌڻين ۽ بي وس عام لوڪن جو ذڪر ڪيو، روز روز اِهي حالتون ۽ اهل اقتدار جا پرڪار ڏسي اڪثر لتا جو فلم ”پريچي“ ۾ ڳايل گيت ياد ايندو اٿم.
جل ڪي دل خاڪ هوا، آنکهه سي رويا نہ گيا
زخم يه ايسي جلي، پُهولون پي سويانه گيا

مطلب ريڊئي وسيلي هڪ نئي ۽ انوکي دُنيا سان متعارف ٿياسين ۽ ذهن ٻين لفظن ۾ ”موسيقي زده“ ٿي پيو، موقعي محل تي گيت ۽ موسيقي ذهن ۾ گونجڻ لڳندا آهن. بابا جڏهن وفات ڪئي تہ قبرستان ۾ دفن ڪرڻ کان پوءِ مون کي اُتي اڪيلو ڇڏيو ويو ۽ رسم موجب آخري آذان لاءِ چيو ويو (جيئن تازي ڄاول ٻار کي ڪن ۾ پهرين آذان پڻ ڏني ويندي آهي)، مون قبر جي پيراندي کان بيهي قُل پڙهيا ۽ آخر ۾ آذان ڏنم. بابا کي ياد ڪري روئڻ لڳس، انهيءِ سمي مُڪيش جو فلم تحفه ۾ ڳايل درد ڀريو گيت ذهن ۾ گونجڻ لڳو.
زمانه بڙي شوق سي سُن رها تها
همين سوگئي داستان ڪهتي ڪهتي

پوءِ وڌيڪ روئڻ لڳس ۽ ڌيري ڌيري گهر ڏي روانو ٿيس، اهڙي طرح ڪراچي يونيورسٽي ۾ پڙهندي جڏهن هڪ برک حسينه سان اک لڙي تہ لڳم تہ ساڻس ميلاپ ممڪن ڪونهي، پر ”مشڪل هي بهت مشڪل چاهت ڪا بهُلا دينا“ لتا جو فلم محل ۾ سدا بهار گيت ڪو عرصو جهونگاريندو رهيس. سو اهو قصو ڊگهو آهي، اتي ڇڏيونس ٿا.
هي زندگي ۽ هن دُنيا جُون رنگينيون، حُسن و جمال جا تجلا ۽ جلوه، جوشيلا ميلا ملاکڙا ۽ مقابلا، گيت سنگيت، ناچ ۽ جُهمريون، عشق و محبت ۽ قربانيون، جذبا ۽ وَلوَلا ۽ ڪششيون، خوشي، کِل مسخري ۽ لطيفا غرض زندگي جون جُملي حُسناڪيون انهيءِ ”ٽِين ايج“ جي دم سان ئي آهن، جنهن کي انگريزي ۾ Youth يا سنڌيءَ ۾ ”جواني ديواني“ بہ چئبو آهي، علم فلسفي ۾ ڪيترا ئي نظريا نظر مان گذرندا آهن، جنهن مان هڪڙو نظريه لذت “Hydanism” بہ آهي، انهيءِ جي دعويٰ دارن جو چوڻ آهي تہ انسان جي هر محنت، مُشقت، جدوجهد ۽ ڪوشش “لذت” حاصل ڪرڻ لاءِ هوندا آهن. اِها ڪوشش ۽ جدوجهد هونئن تہ قبر تائين جاري رهندي آهي پر ”ٽِين ايج“ يا ”يُٿ Youth“ ۾ اها عروج تي هوندي آهي، انسان خود جڏهن پڪي عُمر جو ٿي ويندو آهي تہ هُو اُهي خوشيون پنهنجي اولاد ۾ ڳوليندو آهي، جيڪو يقينن جواني، يُٿ يا ٽِين ايج جي دور ۾ هوندو آهي، اولاد جي خوشي هُن کي بہ خوش ڪري ٿي.
اِهو وڌيڪ سوَلو ۽ بهتر آهي تہ اولاد سان دوستي رکجي، ائين ڪرڻ سان “ٽِين ايج” جا جيڪي مُضر پاسا آهن، انهن کان ڪي قدر بچي سگهجي ٿو. مون اِهو ئي ڪيو، يعني پنهنجي اولاد سان دوستي رکيم ۽ انهيءَ جا نتيجا بهتر حاصل ڪيم، توڙي جو اولاد ۾ هر هڪ فرد جي طبيعت بلڪل الڳ الڳ آهي، پر مجموعي طرح تعلقات بهتر ۽ فروٽ فُل رهيا. کڻي ڪُجهه اختلاف بہ رهيا، مثال طور منهنجي وني ۽ منهنجا حُسن پرستي ۽ دلبري متعلق اختلاف، هن يا ڪنهن بہ عورت جي اِها بنيادي خواهش هوندي آهي تہ گهر ۽ ماحول تي “ٽوٽل ڪنٽرول” رهي، هر عورت پنهنجي مڙس کي پنهنجي “ذاتي ملڪيت” سمجهندي آهي، پر انهيءِ کان بہ اڳتي مڙس جي هر ملڪيت ۽ ڪاروبار ۽ ٻين وهنوارن کي پڻ هُو پنهنجي ذاتي ملڪيت ئي سمجهندي آهي. هُو ڪيڏي بہ عقلمند ۽ شائسته هجي پر ٻي ڪنهن جي بہ دخل اندازي (خاص ڪري ڪنهن ٻي عورت جي) ڪڏهن برداشت نہ ڪندي آهي ۽ عقل ۽ شائستگي کي وساري خونخوار انسان ٿي پوندي آهي. انهيءَ سلسلي ۾ هُو هر حربو ۽ جتن ڪندي آهي، اولاد کي بغاوت تي آماده ڪرڻ ۽ مقابلو ڪرڻ هُن جو نمايان هٿيار هوندو آهي. هُو اِهو ڪڏهن سوچڻ لاءِ تيار نہ هوندي آهي تہ منهنجي مڙس ۾ ڪا دماغي خرابي بہ آهي جنهن جو ڪو مناسب تدارڪ ڪجي. نتيجي ۾ ڏاڍا اُگرا حالات پيدا ٿي پوندا آهن. جن کي سنڀالڻ ناممڪن نہ پر مُشڪل ضرور آهي.
خير مٿيون بحث يا بيان تمام ڳُوڙهو پيچيده ۽ ڊگهو آهي، سڀ ڪو پنهنجي موقف تي اٽل هوندو آهي تنهن ڪري حل مُشڪل آهي، پاڻ آتم ڪٿا جي هن سلسلي ۾ ڪتاب ۽ ريڊئي جي اثرن کان پوءِ ٽئي جُز يعني فلم جو ذڪر ڪريون.
ڪتاب، ريڊيو ۽ فلم ميڊيا جا اهم ترين حصه آهن پر فلم کي آئون ترجيح انهيءِ لاءِ ٿو ڏيان تہ فلم ميڊيا جو اهڙو ذريعو آهي، جيڪو انساني حواسن تي غالب ٿي ٿو وڃي. يعني اکين ذريعي ديد ۽ ديد ۾ منظرن ۽ پرفارمنس جا اثر، گڏوگڏ صوتي اثرات، جنهن ۾ ڊاءَ لاگز جي ادائگي ۽ تاثرات، مٿان ميوزڪ جي زبردست ٽيڪ ۽ تنهن جا اثر انسان جي وجود کي وڪوڙي ٿا وجهن! آئون سمجهان ٿو تہ فلم ڪتاب ۽ ريڊئي کان وڌيڪ اثرائتي ميڊيا آهي. ٽي وي تي بہ جيڪو ڪجهه نشر يا ٽيلي ڪاسٽ ڪيو ٿو وڃي اُها بہ تہ فلم ئي آهي، پوءِ کڻي سو ڪو ڊرامون، گيت سنگيت، معلوماتي ۽ سائنسي پروگرام يا ٽاڪ شو ڇو نہ هجن.
مون کي تہ بچپن کان ئي فلم جو جنون رهيو آهي، اڳلڪي ۽ هن زماني جي فلمن ۾ وڏو فرق آهي، اڳي فلمون ٺاهيندڙ معاشري ۾ “تفريح ۽ تبديلي” جي مقصد کي آڏو رکي فلمون ٺاهيندا هُئا ۽ نتيجي ۾ معاشري ۽ خاص ڪري اقتدار جي ايوانن ۾ ٻڙڌڪ مچي ويندو هيو. برصغير اهڙا انقلابي فلم پروڊيوسر پيدا ڪيا جن وڏيون ۽ انقلابي فلمون ٺاهي سماج ۽ معاشري ۾ وڏيون تبديليون آنديون، انهن ۾ نمايان نالا هي آهي. محبوب، وي شانتا رام، بمل راءِ، ضيا سرحدي، گلزار، ستئه جيت راءِ، اپارن سين، مظفر، سهراب، مودي، گُرودت، گووند نهلاڻي، ايس يو سني، يس چوپڙا ۽ شيام بينيگال، منهنجي نظر ۾ شيام بينيگال سڀني کان وڌيڪ انقلابي آهي.
مون جيئن عرض ڪيو تہ اڳلي زماني ۾ هن زماني جي فلم ۾ وڏو فرق آهي، ماضي ۾ ميوزيڪل انقلابي يا روماني فلمون تہ ٺهيون پر جادوئي فلمون بہ دلچسپ هونديون هيون ۽ لوڪ انهن فلمن کي خوب انجواءَ ڪندو هيو، اله دين جادوئي چراغ، آبِ حيات، بهت دِن هوئي، الف ليليٰ، جيڪ دي جائٽ ڪِلر، سندباد دي سيلر، سمسن ڊلائيلا، بغداد ڪا چور، جنگل بُڪ وغيره ڏاڍيون دلچسپ ۽ تفريحي فلمون هونديون هيون. اڄڪلهه انهن جي جاءِ تي ٽرمي نيٽر، هيري پوٽر، اوتار ۽ تنهان پوءِ بُڇڙن ڪارٽونن واريون فلمون رليز ٿيون جن کي ماڻهو ڳاهٽ ٿي ڏسن ٿا ۽ انجواءِ ڪن ٿا. هاڻوڪي فلمن ۾ گيت سنگيت تہ تقريبن ختم ٿي ويو آهي، پر رومان بہ نقلي نقلي لڳي ٿو. درحقيقت ماڻهن جو بہ مزاج ۽ ذوق بدلجي ويو آهي، سنجيدگي تہ موڪلائي وئي آهي، سيريئس ڪهاڻي يا فلم جي بدران هو گينگيسٽرن ۽ دهشتگردن تي ٺهيل فلمون يا تشدد سان ڀرپور فلمون پسند ٿا ڪن. آرٽ فلمون انقلابي فلمن ۾ سڀني کان مٿانهيون هيون پر سميتا پاٽيل جي موت کان پوءِ آرٽ فلمون بہ تقريبن ٺهڻ بند ٿي ويون آهن.
اسان ديوانا تہ اُن دور جا ڌڪيل آهيون، جڏهن فلمن جو شان مان ئي نرالو هيو، اهڙيون اهڙيون سنجيده، انقلابي، روماني، تفريحي، تاريخي ۽ ميوزيڪل فلمون ڏٺيون سين جو هڪ هڪ فلم لاءِ جُدا جُدا آرٽيڪل گهربل آهي، (اڄڪلهه سنڌيا ميگزين ۾ منهنجا اهڙا آرٽيڪل ڇپجن پيا ۽ ”دُنيا جون 100 وڏيون فلمون“ نالي بہ ڪتاب زير تصنيف آهي) بهرحال انهن هزارين فلمن مان جن زندگي تي وڌ ۾ وڌ اثر ڇڏيو تن مان ڪجهه هي هيون، فلم بندني، پياسا، نوبهار، دِب شِشو، ڀوميڪا، گِدهه، آڪروش، مرزا غالب، ارڌ ستيه، منٿن، مرچ مصاله، هيومرڪ، نيڪڊ ماجا، گان وٿ دي ونڊ، سمر 42، عمر مختيار، ٽين ڪمانڊمنٽس، سيمسن ڊلائيلا، ديوداس، بابل، ميله، محل، ترانه، بيحو باورا، شڪست آن، مدرانڊيا، درد، جال، جنون ۽ اهڙيون ڪجهه ٻيون فلمون جن زندگي بدلائي ڇڏي.

  پُراسرار دُنيا جون ڀُول ڀُليون

ننڍي هوندي ئي ٻڌايو ويو تہ هيءِ دُنيا يا ڪائنات خدا پيدا ڪئي آهي، تہ ننڍي هوندي جي ننڍڙي دماغ ۾ اِهيو سوال اُڀريو تہ جيڪڏهن اِهو سڀ ڪجهه خدا پيدا ڪيو آهي تہ خود خدا کي ڪنهن پيدا ڪيو؟ بس! اتان ئي دماغ يا ذهن جي خرابي شروع ٿي ۽ جيڪا ڏينهون ڏينهن وڌندي وڻ ٿي وئي. ڪنهن عقلمند ماڻهو ٻڌايم تہ تنهنجي انهيءِ پاڳلانه خيال يا سوال جو جواب ”صوفي ازم“ ۾ آهي. پر ڏٺم تہ صوفيت ۾ محض اشاره آهن ڪا مادي يا سائنسي کوجنا ڪونهي، ڪتابن ۽ مطالعي سان تہ ننڍي هوندي کان لاڳاپيل هوس، نيٺ فلسفو پڙهڻ شروع ڪيم ۽ علم فلسفي جي هڪ شاخ Metaphysics (مابعد الطبعيات) ڪجهه ڏڍ ڏنو، پر اُن کان اڳ Physics (طبعيات) پڙهڻ ضروري هيو، پروفيسر انور محمود جو ابتدائي طبعيات جو ڪتاب ڏاڍو رهنما ثابت هيو. پر ڪوبه علم اڪيلي سر ڪو مسئلو حل نٿو ڪري، گڏوگڏ علم ارتقا ۽ فزيالوجي مسئلي کي سمجهڻ لاءِ ضروري ٿي پيا. خبر پئي تہ دماغ ئي سڄي زندگي ڪائنات ۽ مسئلن جو مرڪز آهي، دماغ ۾ اربين سيل (جيو گهرڙا) آهن ۽ هر هڪ سيل جو پنهنجو الڳ الڳ ڪم آهي، سوچڻ، سمجهڻ، شين جي سڃاڻپ، ٻولين جي سکيا، ذهني ۽ نفسياتي لاڙا، غرض جيتريون بہ هن ڪائنات ۾ شيون آهن تن جي لاڳاپي ۽ ڊيلنگ لاءِ الڳ الڳ سيل آهن. فرض ڪريو رنگ سڃاڻڻ وارا سيل دماغ مان آپريشن ڪري ڪڍي ڇڏجن تہ ماڻهو رنگ نہ سڃاڻي سگهندو. ياداشت وارا سيل ڊيميج ٿي وڃن يا ڪڍي ڇڏجن تہ ياداشت گم ٿي ويندي، پر قدرت يا خُدا دماغ ۾ اُهي سيل ئي نہ رکيا آهن جيڪي هن جي ذات جي مادي کوجنا ڪري سگهن. آخر هلندي هلندي شاهه لطيف جو هڪ شعر نظر مان گذريو ۽ تنهن دل جي دُنيا بدلائي ڇڏي، چوي ٿو.

جي ڄاڻين تہ بہ نہ ڄاڻ، هي در اٻوجهن جو

هن قسم جو بحث آئون هن آتم ڪٿا جي پهرين ڀاڱي (شڪست) ۾ ڪري چڪو آهيان تنهن ڪري اُهو آئون هتي ورجائڻ نٿو چاهيان، اِن لاءِ خدا جي وجود جي هي ڳالهه اتي ڇڏي پاڻ اڳتي وڌون ٿا.
ڀلا جِن ڀُوت غيبات، شيطان يا بدي جي قوتن جو بہ ڪو وجود آهي يا اهو سڀ ڪُجهه وهم آهي؟ هڪ دفعي ٽاڪ منجهند جو آئون موٽرسائيڪل تي شارٽ ڪٽ ڏسي هڪ پراڻي قبرستان مان پي لنگهيس تہ اوچتو ڪنهن منهنجو ڪنڌ کڻي جهليو ۽ زور سان دٻائڻ لڳو! آئون گهٻرائجي ويس پر هڪدم قراني آيتون زور زور سان پڙهڻ لڳس، انهيءِ سان ڪنڌ آجو ٿيو ۽ اهو ٻه دفعا ٿيو، تيتر آئون قبرستان اُڪري ويس. اِهو ڇا هيو؟ آئون اڄ تائين سمجهي نہ سگهيس.
ڳالهه هلي تہ منهنجي ساهراڻي گهر ۾ جن يا غيبات اچي بسيرو ڪيو آهي، گهر جو دروازو کڙڪڻ لڳو، وڃون تہ در تي ڪير ڪونهي، وري گهر مان شيون بہ گم ٿيڻ لڳيون، خاص ڪري ماکي، آزمائڻ لاءِ ماکي جو ٻيو شيشو وٺي انهيءِ کي پيتي ۾ رکيو ويو ۽ تالو هنيو ويو، ٻي ڏينهن پيتي کولي وئي تہ ماکي جو شيشو غائب هو! منهنجي خوش دامن صاحبه (سس) ڏاڍو ڊُڄي وئي ۽ مدرسي جا ڇوڪرا گهرائي قران خواني ڪرائي وئي، ايتر مغرب نماز جو وقت ٿي ويو ۽ سڀئي ڇوڪرا اڱڻ ۾ نماز باجماعت پڙهڻ لڳا. خير مدرسي جا ڇوڪرا تہ ماني کائي هليا ويا پر نوڪرياڻي دانهون ڪندي آئي تہ هلي ڏسو ڇا هي؟ اڱڻ لڳ ڪمري ۾ ڏٺوسين تہ فرش تي چادرون ۽ فراسيون قبله رُو وڇائيون پيون هيون، مطلب اهو ڪڍيوسين تہ جنن هنن ڇوڪرن سان گڏ باجماعت مغرب جي نماز پڙهي هُئي؟!! ______ انهيءِ واقعي کان پوءِ گهر ۾ ڪا حرڪت ڪونه ٿي، اهڙي طرح بچپن ۾ جنن يا غيبات سان ٻه دفعا واسطو پيو، پر سراغ نہ مليو تہ ڇا هيو، هڪ دفعي باغ ۾ انبڙيون چورائيندي وڻن مان ڪچن ڀترن جو مينهن وسڻ لڳو، وٺي ڀڳاسين، مون کي تہ ڪو پٿر ڪونه لڳو پر منهنجي هڪ ساٿي عبدالحميد کي هڪڙو زنبوٽو اچي لڳو ۽ گهر پهچي هُو سخت بُخار ۾ مبتلا ٿيو ۽ ٽي ڏينهن وڃي بُخار لٿس، ٻي دفعي ٻپهرن جو سخت ڪاڙهي ۾ اسين ڪمري ۾ ويٺا هُئاسين تہ ٻاهران ننڍڙي ڀيڻ جي رڙين ۽ روئڻ جو آواز آيو، سڀني سمجهي ورتو تہ سخت اُس ۽ فرش تي پير سڙيا اٿس، ڊوڙي وياسين تہ ڀيڻ ڇانوري ۾ چپ چاپ بيٺي هُئي! اُتي ڪنهن آندي يا ڪيئن پهتي، اڄ تائين سمجهه ۾ نہ آيو، ننڍڙي ڀيڻ تيستائين ڳالهائي نہ سگهندي هئي تنهن ڪري ٻڌائي نہ سگهي.
ڀلا جادُو ۽ ڊوهه يا نظر لڳڻ جو بہ ڪو وجود آهي؟ منهنجي نظر ۾ آهي ڇاڪاڻ تہ نبي ڪريم ﷺ کي بہ هڪ ڪافر عورت ڪا جادو پڙهيل شيءَ کارائي هئي ۽ کائڻ شرط پاڻ ڪريمن رڙ ڪئي تہ اي عورت تو منهنجو سينو شق ڪيو! انهيءِ واقعي کان پوءِ پاڻ سڳورا ﷺ بيمار رهڻ لڳا ۽ نيٺ دُنيا کان پردو ڪيائون. پاڻ سڳورا ﷺ جادو ۽ ٽوڻن ڊوهن جا قائل هُئا، جنهن جي توڙ لاءِ آيتون بہ لٿيون، نظر لڳڻ تہ اکين ڏٺي جي شاهدي آهي، اهڙا ”ناظرو“ ماڻهو ڏٺاسين جيڪي ٻولائي نظر هڻندا هئا. جديد دور ۾ ان کي مسمريزم چون ٿا، جن وٽ اهڙي قوت آهي سي نظر سان شيشي جو گلاس ڀڃيو ڇڏين. پر جادو جون ٽِرڪون کوڙ ڏٺيون سين، هونئن تہ گهڻيون ڏٺيون سين پر تازو ٽي وي جي هسٽري چينل تہ هڪ جادوگر يا ٽِرڪ باز مجمي مان هڪ ماڻهو کان موبائل وٺي هڪ عام سفيد شيشي ۾ (جنهن جو مُنهن تمام سوڙهو هيو) جهٽڪي سان موبائل فون شيشي ۾ داخل ڪري ڏيکاريو، جيڪو بظاهر هڪ ناممڪن ڪم هيو، شايد نظربندي هئي؟ نظر بندي تہ پُراسرار وکرن مان هڪ وکر آهي، تازو ڊسڪوري چينل تان ڏيکاريائون تہ ملڪ ڀوٽان ۾ هڪ ٻوڌي يوگي زمين تي ويٺل ڪجهه دير لاءِ پاڻ کي زمين کان مٿي ڏيڍ فٽ هوا ۾ پنهنجو پاڻ کڻي ڏيکاريو اهو حِيرت انگريز منظر هيو، اصلي جادوگر هاڻي دُنيا ۾ نہ رهيا آهن، انهن جي جاءِ ڪوڙن عالمن ۽ پيرن ورتي آهي، جيڪي رات ڏينهن اٻوجهه ماڻهن کي (خاص ڪري عورتن کي) ڦُري لُٽي رهيا آهن.
باقي حُسن ۽ عشق جي جادُو لاءِ تہ آئون “نشي” واري احوال ۾ لکي آيو آهيان، اِهو جادو سڀني کان وڌيڪ سگهارو ۽ خطرناڪ آهي، انهيءِ جادو ۾ جيڪو ڦاٿو اُنهيءَ تي قُل پڙهي ڇڏيو، انهيءِ يعني حُسن و عشق جي جادو جو جادو هي آهي تہ عاشقن (يا عاشق معشوق) جو عقل موڪلايو وڃي ۽ انهيءِ کان پوءِ هُو ٻئي خطرناڪ قدم کڻڻ لاءِ تيار ٿيو وڃن. جيئن گهران ڀڄي وڃڻ، آپگهات يا خونريزي ڪرڻ وغيره. جادو جي معنيٰ ئي اِها آهي تہ اُها شيءَ يا اثر جيڪو سمجهه ۾ نہ اچي، پوءِ کڻي اُهو اصلي جادو هجي يا حُسن و عشق جو جادو.
هن ”پُراسرار حقيقتن“ جي ذڪر ۾ هاڻي وارو آهي پاميسٽري، سيارن ستارن ۽ بُرجن جي اثرن ۽ نمبر لاجي يعني علم العداد جو. اِهي ٽئي شيون ”قسمت“ سان لاڳو آهن، قسمت يا تقدير جي بُڻ بنياد لڀڻ لاءِ لکين خان کُٽي ويا، پر ڪنهن کي بہ هن جي اسرار جي خبر ڪانه پئي تنهن هوندي بہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو مٿين ٽن علمن جو ڄاڻو يا ماهر آهي، (مثال طور مشهور ماهر ڪيئرو) تہ هُو قسمت لاءِ گهڻو ڪجهه سمجهي ويندو ۽ سُٺي صلاح بہ ڏيندو جنهن سان حالات ۽ معاملات ڪنهن حد تائين قابو ۾ اچي سگهن ٿا. علم العداد ۾ مون کي دلچسپي آهي ۽ تمام ٿوري ڄاڻ بہ آهي، هن علم جي ماهرن ٻُڌايو تہ سوَن سالن جي تجربن کان پوءِ علم العداد ذريعي معلوم ڪري سگهجي ٿو تہ فلاڻو ماڻهو ڪهڙي طبيعت يا مزاج جو آهي، ڪيئرو ٻڌايو تہ نمبروار هي ماڻهو هن قسم جا هوندا آهن، اِها جِدول هيٺ ڏجي ٿي، ماڻهو نمبر هڪ کان نمبر نو (09) جي دائري کان ٻاهر نہ ٿو نڪري سگهي، نمبر تاريخ پيدائش مان معلوم ڪبو آهي، اول ترتيب ۽ جِدول ڏسو.
ماهر علم نجوم ۽ علم العداد ڪيئرو ۽ ٻين انهن علمن جي برک ماهرن نمبرن کي جيڪي ٽائيٽل ڏنا آهن سي هيٺين ريت آهن.

تخليقي ذهن وارو Creative نمبر 01
شريف ماڻهو Gentle نمبر 02
اعلي حوصلي ۽ همت وارو Ambitious نمبر 03
حساس Sensitive نمبر 04
کوجنائي Expulsive نمبر 05
عاقل / حسياتي Sensual نمبر 06
آزاد، آزادي پسند Independence نمبر 07
جنهن کي سمجهي نہ سگهجي Misunderstood نمبر 08
صاحب فيصله Determination نمبر 09

نمبر 01 کان نمبر 09 تہ پڌرا پيا آهن پر ٻيا نمبر يا تاريخ پيدائش ڪيئن ڪڍجي؟ مثال طور جيڪڏهن ڪو 27 تاريخ پيدا ٿيو تہ اُن جو نمبر 09 ٿيندو، يعني 7 + 2 = 9 ____ اهڙي طرح ڪو 16 تاريخ پيدا ٿيو تہ انهيءِ جو نمبر 7 ٿيو، يعني 6 + 1 = 7 ، پر زيرو وارين تاريخن ۾ زيرو ڪونه ڳڻبو يعني 10 نمبر 1 ٿيو، 20 نمبر 2 ۽ 30 نمبر 3 ٿيو، ڄم جي تاريخ رات 12 بجي کان ٻي رات 12 بجي تائين ڪنسيڊر ڪجي. مثال طور ڪو ماڻهو يا ٻار رات 11 لڳي 59 منٽ تي پيدا ٿيو ۽ اُها تاريخ فرض ڪيو 21 آهي تہ اُهو ماڻهو 21 يعني 3 ۾ شمار ڪبو. پر جيڪڏهن رات 12 لڳي 4 منٽ تي پيدا ٿيو تہ اُهو ماڻهو 22 يعني 4 نمبر ۾ شمار ٿيندو. اِهو گهن چڪر يا ڀول ڀوليون اٿو. هن پُراسرار دُنيا جون جيڪي سج جي گردش تي مبني آهن.
نالي جي بہ ابجد ڪڍبي آهي جنهن جا پڻ شخصيت تي اثر (سائيڊ افيڪٽ) پوندا آهن. اُها ابجد هيٺ ڏجي ٿي.
ا ب ج د هه و ز ح ط ي ڪ ل م ن س ع ف ص
1 2 3 4 5 6 7 8 9 1 2 3 4 5 6 7 8 9

ق ر ش ت ت غ ذ ض ظ خ
1 2 3 4 5 6 7 8 9 1

هي ابجد عربي الف بي جي آهي، هاڻي جيڪڏهن ڪنهن جو نالو خليل احمد آهي تہ اُن جو ابجد ههڙي طريقي ٺهندو.
خليل خ ل ي ل احمد ا ح م د
1+3+1+3 + 1+8+4+4 = 25

هاڻي هنن جو جوڙ ڪريو، سو ٿيو 25 يعني 5 + 2 = 7 تہ خليل احمد جو ابجد نمبر 7 ٿيو يعني آزادي پسند، نالي جو اثر سائيڊ افيڪٽ آهي، اصل تاريخ پيدائش آهي جنهن جو اثر سڄي زندگي تي حاوي يا محيط آهي.
عربي زبان ۾ سنڌي الف بي جا ڪجهه اکر ڪونه آهن، اُنهن جو نعم البدل هيٺ ڏجي ٿو.
سنڌي اکر عربي نعم البدل
پ = ب
ٽ = ت
چ = ج
ڻ = د
ڙ = ر
گ = ڪ
ڌ = د
ٺ = ت

هاڻي ڪنهن جو نالو ”پٺاڻي“ آهي تہ هن نالي ۾ پ ٺ ۽ ڻ عربي ابجد ۾ ڪونه آهن، تنهنڪري پ جي جاءِ تي ب ۽ ٺ جي جاءِ تي ت ۽ ڻ جي جاءِ تي د سان ابجد نڪرندو، يعني ب ت ا د ي – ب جا 2 + ت جا 4+ الف جو 1+ د جا 4+ ي جو 1+ جو ڪُل ٽوٽل ٿيا 12 يعني 2+1 = 12 تہ پٺاڻي جو ابجد 3 نڪتو. 3 نمبر همت ۽ حوصلي وارو انسان جو آهي.
پاڻ مٿي ڪٿي خدا جي وجود يا بُڻ بڻياد جي ڳالهه ڪئي ۽ نتيجي تي پُهتاسين تہ اهو بحث فضول يا بيڪار آهي، انهيءِ لاءِ تہ پنهنجو دماغ انهيءَ قابل ئي ناهي جو اهڙي ڪا سائنسي يا مادي کوجنا ڪري سگهي، ڀلا ضرورت ئي ڪهڙي آهي، البت اهو تہ طي آهي تہ خدا آهي، ڪيئن آهي؟ ڪهڙو آهي؟ سو پاڻ ڄاڻي، پر هڪ سراغ مليو سو بيان ٿو ڪريان. هڪڙو همراهه آهي جنهن جو نالو حسن وساڻ آهي، جيئرو جاڳندو، کلندو روئندو، هلندو چلندو، ڳالهائيندو، ڳائيندو، لکندو پڙهندو ڏٺوسين، الائي ڇا ٿيو، مري پيو، هاڻي سندس لاش اکين آڏو پيو آهي همراهه جو بي جان جسم آڏو پيو آهي، پر سڀ ڪو چوي پيو “حسن ويچارو گُذاري ويو” يعني “حسن” ڪو ٻيو هيو جيڪو هن دُنيا مان هليو ويو، حسن جيڪو هن جسم ۾ رهندو هيو سو موڪلائي ويو. اِهو جيڪو موڪلائي ويو، اُهو رُوح هيو، يعني حسن روح هيو جيڪو پنهنجو وقت پورو ڪري هي جهان ڇڏي ويو، باقي جيڪو هي جسم پيو آهي، اِهو حسن وساڻ ڪونهي، خدا وانگر رُوح بہ انهيءِ پُراسرار ڀُول ڀُلين ۾ ڪٿي گم ٿي ويو آهي.
چيو وڃي ٿو تہ مصيبت، تڪليف يا آفت ۾ صدقو يا خيرات تِن کي ٽارين ٿا ۽ ڪٿي پڙهيو هيم تہ خدا تعاليٰ کي سڀ کان وڌيڪ پسنديده شيءِ يا ڳالهه هي آهي تہ اوهان ڪنهن بُکئي کي ماني کارايو. شايد ڪا آيت آهي يا حديث تہ ”حاجت مند جي حاجت پُوري ڪريو ۽ مون تي (الله تي) احسان ڪريو“ هن جهڙي عجيب ڳالهه مون نہ ٻُڌي نہ پڙهي، جيڪو هن ڪائنات جو خالق ۽ مالڪ آهي، سو پيو چوي تہ ڪنهن جي حاجت پُوري ڪري هُن تي (الله تي) احسان ڪريو، (شايد ان لاءِ تہ الله هر ڪنهن جي شهه رڳ کان بہ ويجهو آهي) هن بکاري جي شهه رڳ ۾ بہ خود خدا آهي، مون کي خبر ناهي تہ احسان جي هتي اصل معنيٰ ڇا ٿيندي پر اِها آزمائيل ڳالهه آهي تہ صدقو بهرحال مصيبتون ۽ تڪليفون ٽاري ٿو. قرباني ڪرڻ بہ انهيءَ زمري ۾ اچي ٿي.
ڪاري ٻلي جو رستو ڪٽڻ، ڪانوَ جو گهر يا گهر جي ڀت تي ٻولڻ، چٻري جو گهر اچڻ ۽ ٻولڻ، ڪپڙن سڪائڻ جي ڏور ڇڄڻ ۽ اهڙا ٻيا اشاره انهيءِ پُراسرار دُنيا سان تعلق رکن ٿا. ڪانوَ صبوح سوير ٻوليو ۽ منجهند ڌاري محبوب اچي لٿا، شام منهنجو مڱڻو ٿيو_، منهنجو سهرو سخت بيمار هيو، رات جو هڪڙو چٻرو گهر جي ڀت تي اچي ويٺو ۽ گُهون گُهون ڪري ٻولڻ لڳو صبوح منهنجو سهرو گُذاري ويو، اِهي عملي تجربا ٿيا آهن، ڪامريد چون ٿا تہ اهي سڀ “اتفاق يا وهم” آهن آئون انهن کي اتفاق نٿو مڃان بلڪ قدرت طرفان اهڙا اشارا ۽ اطلاع سمجهان ٿو.
درحقيقت هي دُنيا ۽ زندگي اڌ ڪوڙ ۽ اڌ سچ تي ٻڌل آهي، ٻين لفظن ۾ ڪوڙ ۽ سچ گڏ گڏ پيا هلندا آهن. يعني “قطعي سچ” جنهن کي انگريزي ۾ Absolute Truth چئبو آهي، انهيءِ جو وجود آهي ئي ڪونه، بس ائين ئي پئي زندگي هلندي آهي تان جو جسماني مشينري هڪ ڏينهن بيهي ويندي آهي ۽ ماڻهو مري ويندو آهي، پر اڳتي بہ خبر ناهي ڇا آهي؟ “قطعي سچ” جي ڪا خبر ناهي. بس اُميد ۽ نااميدي جي ڀنور ۾ پئي زندگي گذرندي آهي، ڪو ڏينهن سعد هوندو آهي تہ ڪو ڏينهن منحوس. انهيءِ اسرار جي بہ خبر نٿي پوي. علم ۽ عقل کان ڪم وٺي زندگي جو اونداهون پهلو (پيسي ازم) نظرانداز ڪجي ۽ اُجرو پاسو (آپٽيئزم) اپنائجي تہ حياتي ڪجهه آسان ٿي پوندي.
بهرحال پُراسرار دُنيا جو ذڪر اتي ختم ٿا ڪريون، پر آخر ۾ اِهو چوان تہ هن پُراسرار دُنيا جو بس سرسري جائزو وٺجي هن دُنيا ۾ گهڻو انوالوَ Involve نہ ٿجي. هي درحقيقت ڳُجهه جون ڳالهيون آهن ۽ جيڪو ڳُجهه ۾ هٿ وجهندو سو مرندو يا ذليل ۽ خوار ٿيندو ۽ هٿ بہ ڪُجهه ڪونه ايندس.

ماڻهو مڻيادار

لفظ ”انسان“ اُنس مان نڪتل آهي، اِها اُنسيت هوندي آهي جو ماڻهو ماڻهو سان لاڳاپيل هوندو آهي ۽ معاشري جي جوڙ جُڪ بہ انهن لاڳاپن سان ٺهندي آهي، اسان جي واسطيداري ويجهن عزيزن کان شروع ٿيندي آهي ۽ عام ماڻهو کان ٿيندي دوستن تي ختم ٿيندي آهي. دوست جو اُلٽ آهي دُشمن، اِهي دُشمن ڪير هوندا آهن؟ اِهي ”پنهنجا“ ئي دُشمن هوندا آهن. يعني پنهنجا سڳا ڀائر ڀينر، پٽ ۽ ڌيئرون ئي دشمن هوندا آهن. انهن جو تناسب هڪ محتاط اندازي جي مطابق 20% کي ڇڏي باقي 80% دُشمن ئي هوندا آهن. اِها دشمني حسد، احساس ڪمتري ۽ ملڪيت جي ورهاست جي ڪري پيدا ٿيندي آهي، جبران چيو هيو تہ “اوهان کي غيرن ۽ دُشمنن سان پيار ٿي ويندو، رُڳو پنهنجن کي آزمائي ڏسو!!”.
بهرحال آتم ڪٿا جي هن حصي ۾ آئون پنهنجن پراون جي تعلقات جو ذڪر ڪندُس، هڪڙا اُهي جن زندگي زهر ڪئي جن جي اڪثريت ”پنهنجن“ جي آهي ۽ ٻيا اُهي جن زندگي ۾ عجيب بهار آندي ۽ سي اڪثر “غير” آهن. آئون اڃان سال جو مس هُيس تہ بابا گهر جي جاءِ ۽ پلاٽ منهنجي نالي ڪيو يعني سرڪاري طرح رجسٽري وغيره فقط منهنجي نالي هُئي ۽ آهي. بعد ۾ بابا ٻيون جايون بہ ٺهرايون جيڪي سندس ئي نالي تي رجسٽرڊ هيون. بابا جي وفات کان پوءِ گڏيل حصي (جيڪي بابا جي نالي هيون) ۾ تہ سڀني ڀينر ڀائرن کي حصي آهر حصو مليو پر سڀني کي ساڙ ۽ حسد اِهو ٿيو تہ پهرين جاءِ صرف حسن جي نالي يا رجسٽرڊ ڇو آهي؟ بس! انهيءِ ساڙ ۽ حسد دشمني پيدا ڪئي، جيڪا اڄ تائين قائم ۽ جاري آهي، آئون مخالفن کي چوندو آهيان تہ انهيءِ ۾ منهنجي اربا خطا ڪهڙي آهي آئون تہ سال جو مس هيس جڏهن بابا اِها جاءِ منهنجي نالي ڪئي، شريعت ۽ قانون بہ منهنجي حق ۾ آهي تہ اوهان کي ڇو اعتراض آهي؟ پر اڳلا ”مين نہ مانون“ واري ڪيفيت برقرار رکندا اچن. ڀلا ٻيو ڪُجهه نہ تہ اندر جي باهه ڪڍڻ لاءِ عجيب و غريب لقب القاب نوازيندا رهيا، مثال طور ”اِهو حسن! اِهو ڪريڪ آهي، ڪميونسٽ ڪامريڊ آهي، بدافعالو آهي، شوقين ۽ بُڇڙو آهي“ وغيره آئون پنهنجي آزادي خيالي جي ٻلهه تي وري انهن لقبن القابن کي لفٽ ڪونه ڪرايان جنهن تان ويتر ساڙ ٿين. انهيءِ ساڙ ۽ حسد ۽ دُشمني جي ڪري ڪي واقعا ڏاڍا ڏُکائتا بہ ٿيا. خاص ڪري سنڱن جي نبيري يا طلاقن جي صورت ۾. انهيءِ سان نياڻين ۽ سندن اولاد تي ڏاڍا اُگرا اثر پيا، هن داستان کي آئون اتي روڪيان ٿو. امام غزالي جي هن فتويٰ جو حوالو ڏيندي تہ ماڻهو ۾ سڀ کان وڌيڪ تباهه ڪُن جذبو يا نفسياتي لاڙو حسد آهي.
دُشمني غيرن سان ٺهي ٿي ۽ اُتي سونهين بہ ٿي، ڪيترا ئي اهڙا غير ماڻهو هُئا، جن سان مُختلف ڳالهين تي جهيڙا بہ ٿيا، دلبري يعني حسينائن جي مسئلن تي ڏاڍا مقابلا ٿيا. نتيجي ۾ خوامخواهه ذليل ۽ خوار ٿياسين. اِهي رنون تہ ساڳيون موجن ۾ آهن، يعني ٻه پارٽيون وڙهيون ذليل خوار ٿيون، هُل هنگامو ٿيو، ڪُجهه عرصي کان پوءِ خبر پئي تہ جنهن لاءِ هيڏي جنگ جوٽي سين سا نہ منهنجي نہ منهنجي مخالف يا دُشمن جي ٿي رهندو وچ ۾ ڪو ٽيون ڀائي (عاشق) هيو وڃي اُنهيءَ جي هنج ۾ ويٺي. هاڻي وري هن نئين عاشق سان ڪير مهاڏو اٽڪائي_______؟ نيٺ پچر ڇڏي سين. اصل ۾ گهر ڊاهڻ. ڦٽائڻ ۽ دل ٽوڙڻ ۾ عورت ذات فطري طرح انتها ماهر آهي، هُو ڦڏي فساد کان ڀڄندي آهي ۽ پاڻ ٻين کي برباد ڪري صاف بچي ويندي آهي، هونئن بہ عورت ذات کي فقط ٻه شيون کپن، هڪ الف اَنُ، ٻي لام لڪڻ _________. هُو ٻي ڪنهن ڳالهه سان ٻڌل ڪونهي، هي وفا، محبت، عشق وشق سڀ قصا ڪهاڻيون آهن، ڪتابن ۾ لکيل ليليٰ مجنون جا داستان رقم ٿيل آهن، ڪُجهه امير ماڻهن ۽ بادشاهن جا محبت ڀريا داستان ٻُڌا اٿئون، جيئن مير علي نواز خيرپور واري ۽ بالي جو عشق، مير باگي (ٽنڊو باگو) جو عشق يا ڪُجهه اميرن ۽ بادشاهن جا عشقيا داستان______. پر اوهان نوٽ ڪريو تہ انهن سڀني عاشقن وٽ دولت (انُ) هئي، لحاظه اتي عورت وفا جي پُتلي بڻجي وئي، ڪنهن غريب غُربي جي عشق جي ڪا ڪهاڻي اوهان ٻُڌي؟ نہ نه، غريب سِڪيو سِڪيو آخر وڃيو موت سان ملي، پر امير ۽ سياستدان اڄ بہ ايان علي جهڙي آفت معشوقه ڪڇ ۾ کنيو گهُمن.
ڪي جوڙا وري نظرياتي طرح هم خيال هُجڻ جي ڪري هڪ ٻي سان اٽيج هوندا آهن، هُو پوءِ جواني ديواني کان وٺي جُهور پوڙها ٿيڻ تائين نڀائيندا آهن، جيئن قاضي امداد ۽ ايلسا قاضي، امداد حسيني ۽ سحر امداد، اشفاق احمد ۽ حاجره جو جوڙو وغيره پر اِهي ڪي هزار جوڙن مان ڪو هڪ هوندو آهي.
انهن الاهي تلخ تجربن کان پوءِ انهيءِ نتيجي تي پهتس تہ ”انگلش دوستي“ رکجي، يعني دوستي پر آزاد دوستي، جڏهن بہ ملبو تہ ڏاڍي کِل خوشي ۽ جُدا ٿيڻ کان پوءِ سڀ ڪو پنهنجي گهر خوش، هي وفا ۽ عشق وشق سڀ ممڪن ئي ڪونه آهن. مناڊي جو ڳايل گيت ياد آيم.

قسمين واعدي پيار وفا، باتين هين باتون ڪا ڪيا
ڪوئي ڪسي کان نهين جهان مين، ناطي هين ناطون ڪا ڪيا

درحقيقت ڪنهن سان ڪو واسطو رکي اسان ڪو هُن کي خريد ڪونه ڪري وٺندا آهيون، تنهن ڪري تعلقات ۾ لچڪ ۽ آزادي رکجي تہ پائيداري خودبخود پيدا ٿي ويندي، جنهن کي ”عشق“ چوندا آهن، سو سچ پچ دماغ جو خلل هوندو آهي، مثال طور آئون عظيم ايڪٽريس سميتا پاٽيل تي بُڇڙي طرح عاشق ٿي پيس، ڪي ورهيه سندس عشق ۾ مبتلا رهيس، نيٺ هن جي شادي راج ببر سان ٿي، تڏهن بہ عشق جند ئي نہ ڇڏي، آخر ويم ۾ مري بہ وئي پر عشق اڃان تائين قائم دائم آهي، اِهو دماغ جو خلل نہ آهي تہ ٻيو ڇاهي؟ تعلقات يا واسطه اُهي جيڪي خوشي ڏين نہ ڪه غم، ڏک ۽ ڏولاوا_____!!.
اِهي خوشي ڏيندڙ ناطه ۽ واسطا دلبر دوستن سان قائم ٿيندا آهن، ننڍي هوندي جو دوست سوم لال عجيب دلبر دوست هيو، ڪنهن سبب هو سانگهڙ مان لڏي ويا ۽ پوءِ ڪي سال گذري ويا، هڪ ڏينهن سوم لال سانگهڙ اچي لٿو، پر عاليشان پتلون ۽ بُشرٽ ۾، آئون هن کي ڏسي حيران ٿيس، ڀاڪر پائي ملياسين، تڏهن هن اکين ۾ آب آڻيندي چيو ”ڏسُ! آئون بہ هاڻي تو جهڙا ڪپڙا پائيندو آهيان“ آئون هن جي اهڙي اظهار تي ڏاڍو خوش ٿيس پر منهنجي اکين ۾ بہ پاڻي اچي ويو، پوءِ هو ڪي ڏينهن سانگهڙ رهيو پر آخر ويو هليو ۽ وري نہ مليو، هن ويچاري کي ڪا جگر جي بيماري هئي، جنهن ۾ هو نوخيزي واري عمر ۾ گذاري ويو، سوم لال ۽ مِس ملڪ (ڪراچي بورڊ واري جنهن جو ذڪر آئون پوئين صفحن ۾ ڪري آيو آهيان) انهن جي خلوص ۽ عجيب وابستگي سدائين قائم رهندي.
___________________________________________________

هڪ ٻيو دلبر دوست اٿم محمد عارف، عجيب الله لوڪ بندو آهي، عارف ڪسٽم ۾ پري وينٽو آفيسر هيو ۽ اِها وڏي نوڪري هن هڪ ننڍي نوڪري مان ترقي ڪري حاصل ڪئي هئي، هي هڪ غريب خاندان سان تعلق رکندڙ هيو ۽ هن جو والد هڪ مزدور ماڻهو هيو، پر ڀاڳ ڀلارا ٿيس، نيڪ نيت ماءِ پيءَ جو نيڪ نيت اولاد وڏي اوج تي پُهتو پر نهٺائي ۽ نِوَڙت جيڪا ٻاروتڻ ۾ هُيس سا اڄ ڏينهن تائين اٿس، هن وقت هُو ريٽائرڊ ٿي ويو آهي ۽ سندس وني جي توسط سان آمريڪن سٽيزن بہ آهي، پاڪستان ۽ آمريڪا (جتي سندس فيملي هيوسٽن ۾ سيٽ آهي) ايندو ويندو آهي، هُو چوي ٿو تہ وطن جي ڇِڪ ڇڏيم ڪونه ٿي، يارن جو يار، صاف دل جگري دوست، آڌي رات وڃي در کڙڪايوس ۽ ڪيڏانهن هلڻ لاءِ چئوس، هڪدم تيار ٿي ويندو، مدد امدا ۾ بہ سڀني کان اڳڀرو هوندو آهي، جڏهن بہ ٻاهران ايندو، دوستن لاءِ تحفه تحائف وٺي ايندو. هونئن بہ سوکڙي ڏيڻ سان محبت وڌندي آهي (اِها هڪ حديث بہ آهي) کيس مون وانگر مطالعي جو بہ ڏاڍو شوق آهي، ڪيترائي قيمتي ڪتاب هُن مون کي بہ ڏنا جن مان مون گهڻو لاڀ پرايو. سندس علم ۽ معلومات حيرت انگيز آهي، ايم ڪيو ايم جي رهزن ۽ خونخوار ليڊرن جون اندريون اسٽوريون ۽ الائي ڪٿان ڪٿان جون حقيقتون الائي ڪيئن ڳولي لهندو آهي، عارف جي هڪ ٻي خاص خصوصيت هي بہ آهي تہ جهڙو سندس نالو آهي اهڙو ئي هن ٿي ڏيکاريو يعني عارف ۽ انتها شريف انسان، سندس خلوص، سچائي ۽ دريا دلي ڏسي آئون دل ۾ حسرت رکان ٿو تہ بدلي ۾ آئون بہ سندس ڪا خدمت ڪري سگهان جنهن جو موقعو اڃان تائين مون کي نہ مليو آهي، ماڻهو مڻيادار گهڻا هوندا هن جهان ۾ پر عارف جهڙو سچو ۽ مڻيادار ماڻهو ڪو ورلي ملندو، جنهن جي سنگت کي آئون زندگي جي حاصلات ۾ تمام قيمتي ٿو سمجهان ۽ فخر بہ اٿم تہ اهڙا دلنواز دوست بہ آئون رکان ٿو.
___________________________________________________

سانگهڙ لڳ مشهور ۽ عظيم مکي ٻيلو حُر آزادي تحريڪ جو مرڪز هُئي، انگريز حڪمرانن انهيءِ تحريڪ کي ڪُچلڻ لاءِ حُرن سان ويڌن ڪري ڇڏيا، گڏوگڏ حُرن جا انقلابي مرڪز ۽ پناهه گاهون بہ برباد ڪيون جنهن مان هڪ عظيم مکي ٻيلو بہ هيو جتي ڇاپه مار حُر گوريلا ڇاپه مار ڪاروائين کان پوءِ وڃي لڪندا هُئا، اُتي بہ ڪيترائي معرڪه انگريز فوجن ۽ حُرن وچ ٿيا، فوج ۾ ڪمانڊر تہ انگريز آفيسر هوندا هُئا پر ويڙهه ڪندڙ سڀ جا سڀ سپاهي يا فوجي غير سنڌي يعني گورکا، پٺاڻ، سک ۽ پنجابي مسلمان هوندا هئا، انگريز فوج ۾ انهن غير سنڌين کي ئي ڀرتي ڪندا هُئا، ڇاڪاڻ تہ انگريز حڪمرانن کي هدايت هُئي تہ انهيءِ قوم جي ماڻهن کي ڀرتي ڪريو جيڪي حڪم مڃين ۽ انگريزن موجب سنڌي ماڻهو حڪم نٿا مڃن يعني فوج جو جيڪو بنيادي متو ۽ گهُرج آهي سو ”حڪم مڃڻ“ آهي، تنهن ڪري هُو مٿين قومن کي تہ ڀرتي ڪندا هئا، پر سنڌي کي نه___. انهن قومن ۾ بدتميز سپاهي پڻ هُئا، جيڪي حُرن يا عام خلق کي، غليط گاريون ڏئي مُخاطب ٿيندا هئا، (ڏسو ڪتاب “حُر گوريلا تحريڪ ۽ ڪرنل وصال محمد ۽ ولي داد ولي جا مضمون”) انگريزن مکي ٻيلو وڍائي ڇڏيو ۽ اُتي زمينون تيار ڪيائون جيڪي بعد ۾ پنهنجي وفادار فوجين ۾ ونڊي ڇڏيون، (هنن جي گهران ٿي ويو ڇا؟) جڏهن انڊيا جي تقسيم ٿي ٿي تڏهن وزيراعظم برطانيه چرچل چيو تہ هڪڙو ٽُڪرو اسان جي وفادار پنجابي قوم کي ڏيو هنن اسان لاءِ ڏاڍيون وڏيون قربانيون ڏنيون آهن ۽ پنجابين کي پاڪستان ٺهي مليو، (حوالي لاءِ ڏسو فلم مائونٽ بيٽن) سو انگريزن جي گهران تہ ڪُجهه بہ ڪونه ٿي ويو. اِهو ائين آهي تہ يهودين، انگريزن ۽ آمريڪن کي ايٽم بم جو فارمولو ڏنو ۽ موٽ ۾ انعام طور هنن کي اسرائيل مُلڪ مليو. بهرحال پاڻ اصل ڳالهه تي اچون تہ مکي جون زمينون سابقه وفادار فوجين ۾ ونڊيون ويون، جنهن مان بلاڪ هڪ سابق فوجي نالي محمد حنيف کي بہ الاٽ ٿي مليو، (جيڪو منهنجي محسن دوست طارق جو والد آهي)، اِهو چڪ نمبر 10 جو علائقو آهي، انهيءِ چڪ ۾ ئي اسان جو هي دلبر دوست نالي محمد طارق حنيف ڄائو ۽ ڇوڪراڻي عمر تائين اتي ئي رهيو ۽ سانگهڙ ۾ پڙهيو، سندس مامون انگلينڊ نڪري ويو هو، تنهن پُٺيان طارق حنيف جو وڏو ڀاءَ ويو ۽ اُنهيءَ پٺيان طارق حنيف بہ انگليڊ ويو ۽ اُتي ئي سيٽ ٿي ويو، طارق حنيف تمام حساس ۽ کرو ماڻهو آهي، سندس ڪچهري عالمانه ۽ فروٽ فُل هوندي آهي، انگلينڊ ۾ سندس سٺو ڪاروبار آهي، تنهن ڪري سُکيو ستابو آهي ۽ دوستن جو دوست پر مدد امداد ۾ بہ تمام سخي آهي، هُن حاجت مندن کي لکين روپيه امدادن يا مدد ۾ ڏئي ڇڏيا ۽ ورائي ڪڏهن واپس ڪونه گهُرائين، هُن پنجابي زبان ۾ شاعري ڪئي ۽ شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي ڪلام کي پنجابي زبان ۾ ترجمو ڪيو ۽ خوب ڪيو، سندس اِهو ڪم اڃان جاري آهي ۽ اُميد ٿي ڪجي تہ سال ٻن ۾ شاهه صاحب جو برک ڪلام پنجابي ۾ آڻي ڇپائيندو. في الوقت سندس هڪ جليل القدر ڪتاب نالي “مين ني يه جانا” ڇپجي پڌرو ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ طارق حنيف پنهنجي زندگي جو نچوڙ پيش ڪيو آهي ۽ ايڏي تہ مهارت ۽ سچائي سان پيش ڪيو آهي جو کيس جس ڏيڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ڪونهي، زندگي جو شايد ئي ڪو اهڙو پهلو هجي جيڪو فاضل مصنف زيرِ بحث نہ آندو هجي ۽ هر صفحو بلڪ هر پيراگراف سوچ سمجهه جي دعوت ٿو ڏي ۽ زندگي جي هن ڀُول ڀُلين ۾ رهنمائي ٿو ڪري، طارق حنيف انهيءِ ڪتاب جي مهورت لنڊن ۾ ڪئي ۽ مون کي بہ انهيءِ موقع لاءِ دعوت ڏنائين پر آئون ڪُجهه گهريلو مسئلن جي ڪري شرڪت ڪري نہ سگهيس، جنهن جو ارمان مون کي سڄي عمر رهندو. آئون جڏهن بہ انگلينڊ ويندو آهيان يا هُو هتي ايندو آهي تہ ملاقاتون ٿينديون آهن ۽ سندس عالمانه گفتگو مان ڏاڍو مستفيض ٿيندو آهيان، شاهه لطيف سندس پسنديده شاعر آهي، جنهن لاءِ طارق سنڌي زبان چڱي طرح سکي جيئن هُو شاهه جو ڪلام چڱي طرح سمجهي سگهي. طارق جو اِهو پورهيو انمول آهي ۽ صدين تائين ياد رهندو، خود سنڌي ۽ پنجابي زبان تي بہ سندس عظيم احسان رهيو، بهرحال اُهي مڻيادار ماڻهو ۽ وفادار دوست جن تي ماڻهو کي فخر هوندو آهي تن مان هڪ طارق حنيف بہ اٿم.
___________________________________________________

انهن ئي مڻيادار ماڻهن ۽ وفادار دوستن مان هڪ ٻيو دوست ڊاڪٽر نذير احمد چارڻ هوميو ڊاڪٽر بہ اٿم. اسان جي سنگت کي ٻن ڏهاڪن کان مٿي عرصو ٿيو، اسان جي سنگت مرحوم فقير محمد لاشاري ۽ ”جاڳو“ اخبار جي وسيلي ٿي. ڊاڪٽر صاحب انهيءِ زماني ۾ ڪراچي ۾ سرڪاري نوڪري بہ ڪندو هيو ۽ شام جو شانتي نگر ۾ ڪلينڪ بہ هلائيندو هيو، نيٺ ڪجهه سالن کان پوءِ ريٽائرڊ ٿيو ۽ بعد ۾ پنهنجي ڳوٺ دادُو سيٽ ٿي ويو ۽ اڃان اُتي ئي آهي، ڊاڪٽڙ نذير چارڻ هوميو پيٿي جو هڪ بهترين ۽ برک ڊاڪٽر آهي ۽ بيمارين ۽ بيمارين جي متعلق کوجنائي ڊاڪٽر آهي، جنهن هوميوپيٿي جي اعليٰ ڊگري جرمني مان حاصل ڪئي، سندس معلوماتي طبي مضمون “جاڳو” ۽ ٻين اخبارن ۾ مسلسل ڇپندا رهن ٿا جن مان هزارين ماڻهن لاڀ پرايو، پر ڊاڪٽر صاحب هڪ ناياب ڪتاب، جيڪو ٻارن جي بيمارين لاءِ علاج متعلق ٻن جلدن ۾ آهي، لينگوئيج اٿارٽي پاران پڌرو ٿي چُڪو آهي ۽ سندس کوجنائي تحقيق جاري آهي، جيڪا “ميڊيڪل ڊڪشنري” جي نالي ۾ جلد ئي ڇپجي پڌري ٿيندي.
معاشري ۾ تمام گهٽ ڳڻپ جيترا ماڻهو هوندا آهن جيڪي بنا ڪنهن لالچ ۽ لوڀ جي پنهنجي وطن، وطن جي ماڻهن بلڪ انسان ذات لاءِ تحقيق ۽ ڀلائي جو ڪم ڪندا رهندا آهن، ڊاڪٽر نذير احمد چارڻ انهن ئي امُلهه ماڻهن مان هڪ آهي، منهنجي دِلي سنگت ۾ اهڙا ئي مڻيادار ماڻهو آهن جيڪي بيان پيو ڪريان. شاهه صاحب فرمايو،
”دلبر! هن دُنيا ۾ وڃي رهندو واس“
هي دُنيا دورنگي فاني آهي ۽ سڀ ڪو آخر هن مسافرخاني مان هليو ويندو. پر اُها خوشبو، اُها جنتي سُرهاڻ، اُهو حُسن، اُهو نيڪين جو واس باقي وڃي رهندو. اُهي ماڻهو جيڪي ٻين لاءِ بي لوث ڪم يا خدمت ڪن ٿا. انهن جو نالو ۽ سُرهي ياد رهجي وڃن ٿا ۽ لوڪ هُنن کي ياد رکندو آهي، ڪِن موقعن تي روئندو بہ آهي، ڊاڪٽر اهڙن ئي بي لوث ماڻهن مان هڪ آهي.
___________________________________________________

اهڙو ئي هڪ ٻيو مڻيادار دوست اٿم، نالو اٿس نياز عباسي، سال ٿيا بٺوري لڳ دڙي جو هي رهواسي هڪ ڏينهن سانگهڙ اچي در کڙڪايو، مليومانس، چيائين سائين اسان حسن وساڻ سان ملڻ آيا آهيون، جيڪو اخبار “جاڳو” ۾ ڪالم لکندو آهي، مون چيومانس، ادا حسن وساڻ اوهان آڏو حاضر آهي، اهڙي طرح اسان جي پريت جي ڏور جُڙي، جيڪا الحمدالله ورهين کان اڄ ڏينهن تائين قائم آهي ۽ انهيءِ جو واحد سبب اسان جي هڪ ٻي سان وفا ۽ خلوص آهي، زندگي جا ڏُک سُک هڪ ٻي سان ونڊيندا آهيون، تقريبن هم خيال هُجڻ ڪري ڪتابن ۽ فلمن جي ڏي وٺ ڪندا آهيون، شادي مُرادي يا مرتئي تي هڪ ٻي ڏي اچڻ وڃڻ، صلاح صُلح وغيره جا سلسله هلندا رهن ٿا. نياز ايڏو تہ سادو ۽ سچو مڻيادار ماڻهو آهي، جو مون اڄ تائين ڪنهن ڳالهه ۾ ڪوڙ يا فساد ڪونه ڏٺومانس، ايتري قدر جو هن پنهنجي اباڻي جائداد جي ونڊ ورڇ ۾ ڪس کائي بہ پنهنجي سڳن کي مُطمعين ڪيو، هُو جڏهن بہ مليو تہ خوشي حاصل ٿي ۽ اِها ئي وڏي ڳالهه آهي تہ ڪنهن دوست سان ملي ڪري خوشي حاصل ٿئي.
اڄ فرسٽريشن جو دور آهي، هر ماڻهو پريشان آهي، اِها فرسٽريشن يقينن اسان جي حڪمرانن جي پيدا ڪيل آهي، جن جو بنيادي مقصد ۽ متو رڳو لُٽ مار، پنهنجا خزانا ڀرڻ ۽ اُن لاءِ عوام سان ڪوڙا وعده ۽ ٺلها نعرا، ڊراما ۽ رُڳا کيل تماشا ڪرڻ آهي، نتيجي ۾ بُک، بيماري، بيروزگاري، دهشتگردي، لوڊشيڊنگ، بدامني، ٻولي جو مسئلو، پاڻي جو مسئلو، ايم ڪيو ايم جو مسئلو، آدم شماري جو مسئلو، غرض رُڳو مسئله ئي مسئله آهن. ڪو ٻُڌائي تہ پيپلز پارٽي جو ٽي چار ڏهاڪا پراڻو نعرو “روٽي، ڪپڙا اور مڪان” اڄ تائين پورو ٿيو؟ ڪونه ٿيو، اِهو سوشل ازم جو نعرو هيو، ڀلا سوشل ازم يا ڪميونزم ڪڏهن سرمائي دارن ۽ جاگيردان بہ آندو؟ (سڄي پ پ انهن سان ڀري پئي آهي)، اهو غيرفطري آهي، شايد نياز عباسي اِهو لطيفو ٻڌايو تہ کدڙي کي ڪنهن مبارڪ ڏني، کدڙي پڇيو، ”ڇا جي مبارڪ؟“ همراهه چيس، ”مبارڪ اٿئي پُٽ ڄائو اٿئي“ کدڙي وراڻي ڏني ”ادا دل سان ئي ڳالهه نٿي لڳي!!“ سو نياز چيو تہ هي حڪمران ۽ سوڪالڊ سياست دان ناٽڪي آهن ويٺا ناٽڪ ڪن ۽ ويچاري عوام کي ڍيٻڪون وڄائي، خواب ۽ سبز باغ ڏيکاري ويٺا نچائين ۽ پنهنجيون ٽجوڙيون ڀرين. هنن مان ورندو ڪجهه بہ ڪونه_____. نياز سان ڪچهري ڪندي ڳالهه کُلي جڏهن شيخ اياز مزاحمتي شاعري شروع ڪئي تہ ڀُٽي صاحب کيس سنڌ يونيورسٽي جو وائس چانسلر مقرر ڪري ڇڏيو ۽ مزاحمتي شاعري، جيڪا لکين شيخ اياز جا شيدائي پڙهندا هئا، سا اوچتي بند ٿي وئي! بهرحال هن ڏکوئيندڙ حالتن مان ٻاهر نڪرندي چوان تہ ههڙن ڳنڀير حالات هوندي بہ ڪنهن سان ملي “خوشي” حاصل ٿئي تہ وڏي غنيمت آهي ۽ نياز خوشي ڏيندڙ دوست آهي.
___________________________________________________

سانگهڙ ۾ هڪڙو ڊاڪٽر نالو هيس، فضل الرحمان، هُو هڪ اقليتي ڪميونٽي قادياني سان تعلق رکندڙ هيو، پر هن جهڙا شريف ماڻهو ڪي ورلي لڀندا. پنهنجي ڪم سان ڪم رکندڙ ۽ ڏينهن رات بيمارن جي خدمت ۽ علاج ڪرڻ سندس زندگي جو معمول هيو، هن رات ڏينهن سخت محنت ڪري اسپتال ٺهرائي ۽ ٻن پُٽن کي MBBS ڪرائي، هُو ايترو تہ سڌو ۽ سادو ماڻهو هيو جو سال ٿيا تہ سندس ستن سالن جو پُٽ هڪ بس هيٺيان اچي مري ويو. سڄي شهر کي افسوس ٿيو ۽ ڊرائيور گرفتار بہ ٿيو، پر ڊاڪٽر صاحب کيس معاف ڪري ڇڏيو، ائين ڪي ڏهاڪا گُذري ويا، مُلڪ ۾ قاديانين جي خلاف مهم هلي، انهيءِ لپيٽ ۾ اچي انتهاپسندن سندس MBBS ڊاڪٽر پُٽ نالي پاشا جو خون ڪري ڇڏيو، اسين سندس زمين ۽ باغ تي وٽس تعزيت لاءِ وياسين، ڊاڪٽر غم ۾ غلطان هيو، پر هُن ڪا FIR ڪونه ڪٽرائي. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ آمريڪا ۾ مقيم سندس وڏو پُٽ هتي آيو انهيءِ کي بہ ظالمن ڏينهن ڏٺي جو وچ بازار ۾ قتل ڪري ڇڏيو. انهيءَ قيامت خيز واقعي کان پوءِ ڊاڪٽر صاحب جي چيلهه ڀڄي پئي ۽ ٿوري ئي عرصي کان پوءِ پاڻ غمن ۽ صدمن جا پهاڙ کڻي دُنيا کان ئي رُسي ويو________ الله اڪبر!.
ڊاڪٽر صاحب جي وفات کان پوءِ سندس ٻيو MBBS ڊاڪٽر (ڊاڪٽر جالب) پنهنجو سڀ ڪجهه مقامي جاگيردارن کي وڪڻي ڪينڊا وڃي دم پٽيو. ڊاڪٽر فضل الرحمان جي قائم ٿيل سلطنت جيڪا هن سٺ يا ستر سالن ۾ ٺاهي هُئي، ڪجهه ڏينهن ۾ ختم ٿي وئي، ڪيترا نہ بيدرد ۽ بي رحم آهن اِهي ماڻهو جيڪي مذهبي جُنون ۾ مبتلا آهن. علم نفسيات جا ڄاڻو ۽ ماهر ان دعويٰ يا راءِ جا آهن تہ ماڻهن جي اڪثريت هرگز بہ نارمل ناهي، ظلم ۽ زيادتي، ڦُرمار ۽ خونريزي ماڻهن جو ڄڻ مشغلو ٿي پيو آهي ۽ انهيءِ شغل جو نشانو صرف ۽ صرف معصوم شريف بيگناهه ماڻهو بڻجن ٿا. اهڙا ظلم ۽ ڪِيس ڪندڙ درندن کي نہ ڪو درد آهي نہ رحم ۽ نہ ئي احساس!. ڊاڪٽر فضل الرحمان مرحوم جو سانگهڙ جي پُراڻن شريف ۽ سادن ماڻهن ۾ شمار ٿيندو هيو، هو هڪ عظيم انسان، غريبن جو همدرد ۽ مڻيادار انسان هيو، قاديانيت تہ هن کي ورثي ۾ مليل هُئي، انهيءِ ۾ هُن جو ڪهڙو ڏوهه؟ ڀلا جي هو قادياني هو بہ تہ ڇا ٿيو، هُو هڪ بهترين ۽ باڪردار انسان هيو، مذهب کي ماڻهن ظلم ڪرڻ جو ذريعو ٺاهي ڇڏيو آهي، مذهب جي اڙ وٺي خونريزيون ڪري رڳو پيسو هٿ ڪن ٿا ملڪيتون ٺاهين ٿا، ڊاڪٽر فضل الرحمان جهڙي خدا ترس ۽ انسانن سان پيار ڪندڙ ماڻهو جو سڄو سارو گهراڻو ڪُهي برباد ڪري مذهبي جنُونين ۽ اهڙن ئي ٻين انتهاپسند دهشتگردن کي ڇا ٿو ملي؟ پڇاڙي مظلومن ۽ ستايلن جون بددعائون ئي کين ملن ٿيون.
___________________________________________________

بينظير شهيد جي ڳوٺ رتوديري جو رهواسي محترم عبدالرشيد ڪٽپر سن 2016ع کان اڳ مون لاءِ اجبني هيو، پر سائين ڪٽپر منهنجي آتم ڪٿا ڀاڱو پهريون خريد ڪري پڙهيو ۽ سانگهڙ اچي مون کي ڳولي لڌائين. حال احوال ٿيا چيائين تہ مون آتم ڪٿا ۾ سُٺو لکيو آهي ۽ پڙهڻ کان پوءِ مون سان ملاقات جو اشتياق جاڳيس، سائين اُستاد بخاري جو ويجهو ساٿي ۽ دوست رهيو آهي ۽ چيائين تہ مرحوم جيڪڏهن زنده هُجي ٿا تہ مون سان ملي ڏاڍو خوش ٿي ها. اِها حسرت منهنجي بہ هُئي تہ اُستاد بخاري سان ملاقات ٿئي پر نہ ٿي سگهي ۽ اُها حسرت ارمان بڻجي وئي. ڪٽپر صاحب جيڪا ڪم جي ڳالهه ڪئي تہ اُستاد بخاري چواڻي سنڌي قوم بي حس بڻجي وئي آهي، حساس ۽ جاکوڙي ماڻهو هن قوم کي جاڳائڻ جا جتن ڪن ٿا پر اڃا اُها ٿُوم نظر نٿي اچي، تنهن هوندي بہ پاڻ کي اِهي جتن جاري رکڻ کپن ڪوته ڏينهن ايندو جو اسين سنڌي جاڳي پنهنجي وطن جي مالڪي ڪنداسين ۽ هنن ٺڳن مان جان ڇڏائينداسين، سنڌي پرنٽ ميڊيا توڻي اليڪٽرڪ ميڊيا انهيءَ ڏِس ۾ گهڻو پاڻ پتوڙيو آهي ۽ عام ماڻهن ڪافي قربانيون بہ ڏنيون آهن ۽ هاڻي اِها اُميد پيدا ٿي آهي تہ اُهو روشن ڏينهن ويجهڙ ۾ ئي اُڀرندو ۽ هي ڪُوڙا قمام تمام ٿيندا. مُلڪ سنڌ جي سٻاجهي سرزمين تابتاڪ روشن ضميري سان چلڪندي چمڪندي.
محترم ڪٽپر صاحب سان ملاقاتون ٿينديون رهنديون آهن، سائين منهنجي ڏاڍي همت افزائي ڪئي ۽ مدد جي آڇ ڪئي جنهن لاءِ آئون سندن ٿورائتو آهيان، پر مون کي وڌيڪ خوشي ان ڳالهه جي آهي تہ منهنجي دوستن ۾ هڪ وفادار ماڻهو جو اضافو ٿيو، ڪٽپر صاحب سُٺي سرڪاري نوڪري ۾ آهي پر هلندڙ انڌي ڪرپشن کان پاسي تي آهي، سندس آس پاس ماڻهو کيس اجايا سجايا ڪمن ڪرڻ لاءِ چوندا آهن ۽ سائين جي انڪار تي سندن ڪاوڙ جو شڪار ٿيندا رهن ٿا. نتيجي ۾ روائتي حربو يعني بدلي تہ سندن قسمت جو حصو ٿي وئي آهي. محبِ وطن ڪامورن سان ائين ئي ٿيندو آهي.
___________________________________________________

هڪ ٻيو اعليٰ آفيسر انهيءِ لسٽ ۾ شامل آهي جنهن جو نالو آهي محترم عمر فاروق بُلو ڊپٽي ڪمشنر، بُلي صاحب ڪرپشن ۽ بدعنواني ضمن سانگهڙ ضلع جي ٻيلن جي ناجائز ڦٻائيل زمين مقامي زور آور وڏيرن کان آزاد ڪرائي اربن جي ماليت جي زمين واپس ڪرائي، چار هزار ايڪڙ تي نوان ٻيلا پوکايا، شهري ۽ ٻهراڙي جي انفراسٽيڪچر يعني روڊ رستا ٺهرايا، تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ نمايان ترقي ڏيکاري آهي ۽ شهر جو اُجڙيل راڻي باغ پڻ ٺهرائي رهيو آهي، آئون ڪيترائي دفعا بُلي صاحب جي آفيس ڪم سان ويو آهيان، آفيس سدائين خلق سان ڀريل رهندي آهي، سندس دفتر ۾ پاڻ هر هڪ جي ڳالهه نهايت اطمنان سان ٻُڌي شڪايت يا گهُرج جي تدارڪ ڪرڻ جي ڪندو آهي.
هن معاملي ۾ مون نوٽ ڪيو تہ جيڪي آفيسر علم ادب، فن ۽ ميوزڪ سان چاهه رکن ٿا، اُهي ئي حساس، محبِ وطن ۽ عوام جا هڏڏوکي هوندا آهن، محترم عمر فاروق بُلو ۾ مون مٿيون لڳاءُ ڏٺو، مون کي خود بہ انهن شين ۾ چاهه آهي، تنهنڪري انهن سان نيهَن جو ناتو جُڙيو نہ تہ آفيسرن کان گهڻو لهرائيندو آهيان، پر جيڪڏهن عمر فاروق ۽ رشيد ڪٽپر جهڙا امُلهه مڻيادار ماڻهو زندگي ۾ شامل ٿين تہ لک بسم الله.
محترم بُلي صاحب جو سانگهڙ ۾ رهندي ۽ هتي ڊي سي جي پوسٽ تي هوندي جيڪو سڀ کان وڏو ۽ سٺو ڪم ڪيو سو هيءَ تہ سانگهڙ جيڪا گذريل 70 سالن کان نظرانداز ٿيل ۽ ترقياتي نقطءَ نظر سان تباهه و برباد بلڪ کنڊر ٿيل شهر کي جنگي بنيادن تي سنواريو ۽ سڌاريو آهي. عاليشان ۽ مضبوط روڊ، رستا، پيئڻ جي پاڻي، تعليم ۽ اسپتالن ۾ جديد سهولتون مهيا ڪرڻ سندن نمايان ڪم آهي. راڻي باغ بہ زير تعمير آهي، عوامي لائبريري ۽ ٽائون هال لاءِ بہ ڪوششون جاري آهن. هاڻي شهر سنوَت ۾ آيو آهي ۽ دل کي وڻي بہ ٿو. سانگهڙ جو عوام محترم عمر فاروق بُلي کي ڪڏهن بہ نہ وساري سگهندو. سانگهڙ کي ٻين شهرن سان ملائيندڙ مڙني شهرن نوابشاهه، ميرپورخاص، شهدادپور، حيدرآباد ۽ کپرو جا روڊ بہ ڌڙا ڌڙ ٺهن پيا، جن لاءِ سانگهڙ جو عوام سندن تههِ دل سان ٿورائتو آهي.

___________________________________________________

هر حساس ماڻهو وڏيرن ۽ خاص ڪري جاگيردارن کان الرجڪ هوندو آهي، انهيءِ صف ۾ آئون بہ شامل آهيان، انگريزن جا نوازيل هي جاگيردار درحقيقت انسان ذات جا ويري آهن، جيڪي سوين هزارين ايڪڙ زمينون قبضو ڪري ٻين حقدار جو حق ماريو ويٺا آهن بهرحال اِها الڳ ڪهاڻي آهي بلڪه الف ليلوي ڊگهو داستان آهي، جنهن تي گهڻو ڪجهه لکيو ۽ چيو ويو آهي ۽ جنهن جو توڙ ڪنهن بہ مُستحڪم ۽ زبردست پيڙاهتي نظرئي ۽ نظام ۾ موجود آهي، سوکڻي ڪميونزم هُجي، سچو جمهوريت جو نظام هجي يا خود اسلامي معيشت جو نظام هجي ۽ گهڻن مُلڪن ۾ پنهنجي حالتن سارُو اهي نظام نافذ ڪيا ويا. رُوس، چين، اتر ويتنام، وينزويلا ۽ ڪيوبا ۾ ڪميونزم، هندوستان ۾ جمهوريت ۽ ايران ۾ اسلامي نظام اپنائي جاگيرداري جو غير فطري نظام ختم ڪيو ويو. هتي يعني پاڪستان ۾ اڃا اهڙي ڪنهن آثار يا اهڄاڻ جي بُو باس بہ ڪونهي.

ساڳيو سج سرَن ۾ ساڳيون ڪهاڻيون.

بهرحال اصل ڳالهه ڪريون تہ انهن جاگيردارن ۾ هڪ اهڙو بہ جاگيردار ٿي گذريو آهي، جيڪو مڻيادار ماڻهن ۾ شمار ٿي سگهي ٿو، سانگهڙ ۽ ميرپورخاص وچ ڪنڊياري جو غلام محمد وساڻ اهڙو ئي مڻيادار ماڻهو هيو، هُو وڏي ڏيا ۽ پُهچ وارو ماڻهو هيو ۽ سندس زندگي غريبن ۽ بي پهچ ماڻهن لاءِ وقف هُئي، هُن جو دروازو هر بي پهچ غريب لاءِ سدائين کُليل هوندو هيو ۽ سندس مدد لاءِ هر وقت تيار رهندو هيو. صدقو، زڪوات، خير خيرات سندس اوطاق تي جاري رهندو هيو. ڀيل ڀنگي بہ وٽس ويندو هو تہ مرحوم اُٿي کيس هٿ ڏيندو هيو ۽ حال احوال وٺندو هو. هڪ دفعي منهنجي وڏي چاچي مرحوم کي چيو تہ ڀيلن ڀنگين کي بہ اوهان اُٿي هٿ ٿا ڏيو اِهو مناسب نہ آهي، اوهان پنهنجي حيثيت کي ڏسو__ پاڻ چيائون تہ بابا! هي بہ خدا جي مخلوق آهي ۽ انسان آهن، انسان کي انسان سمجهو، انسان سڀ برابر آهن ۽ هي ڀيل ڀنگي تہ سڀني کان وڌيڪ ڏُکيا ۽ مظلوم آهن، هنن ۾ اوهان جو بہ ڪم پئجي سگهي ٿو، غلام محمد وساڻ اهڙو ئي مڻيادار ماڻهو هيو، مرحوم سياست ۾ اچي سدائين سُٺي پوزيشن ۾ اليڪشن کٽيندا هُئا ۽ ايم پي اي ٿي علائقي ۾ ايمانداري سان ڪم ڪندا هُئا، آخري ڏينهن ۾ پ پ جي مقابلي ۾ زبردست ڌانڌلي جي ڪري اليڪشن ۾ هارائي ويا. جنهن تان سندس دل ٽُٽي پئي ۽ سگهو ئي وڃي مالڪ سان مليا. سانگهڙ جي حوالي سان مون ڪُجهه مڻيادار ماڻهن جو ذڪر ڪيو آهي جنهن ۾ هر هڪ ماڻهو جو هڪ جُدا ۽ سٺو مقام آهي، پر مرحوم غلام محمد وساڻ جو مقام ان ڪري مُنفرد آهي تہ هُو هڪ وڏو زميندار يا جاگيردار ماڻهو هيو ۽ هن وٽ ڪنهن بہ شيءَ جي ڪمي ڪونه هُئي تنهن هوندي بہ هُو غريبن ۽ بي پهچ ماڻهن جو هڏڏوکي ۽ ساٿي هيو، هونئن تہ سڄي سنڌ مڻيادار ماڻهن سان ڀري پئي آهي، پر مون فقط انهن ماڻهن جو ذڪر ڪيو آهي جن کي مون ڏٺو ۽ پرکيو يا جن سان آئون لاڳاپيل رهيس، اُڄ هُو دُنيا ۾ نہ بہ آهن پر سندن ڪردار ۽ نيڪين ۽ ڀلائين جي سُڳند تازي آهي.
ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه اچي بوءَ بهار جي
شريف النفس مرحوم غلام محمد وساڻ جي زندگي (سوانح حيات) تي هڪ پورو ڪتاب لکي سگهجي ٿو، مون سندس تعارف تمام مختصر بيان ڪيو آهي، غريبن جو هي ساٿي زندگي ۾ تہ عوام جي دلين ۾ عزت ۽ آبرو ڀريو رهيو پر سندس موت کان پوءِ بہ هو علائقي جي ماڻهن جي دلين ۾ زنده آهي ۽ هڪ ڊگهي عرصي تائين زنده رهندو.
___________________________________________________

آئون زندگيءِ ۾ جن مڻيادار ماڻهن کان متاثر ٿيس انهن ۾ رُوپينا رستم مودي بہ آهي جيڪا ڪراچي يونيورسٽي ۾ مون سان گڏ پڙهندي هُئي، رُوپينا پارسي ڪميونٽي سان تعلق رکندي هئي ۽ جنهن جهڙي مُهذب ۽ اشراف عورت مون گهٽ ڏٺي. روپينا کي ياد ڪري مون کي شاهه صاحب جو هي بيت بي اختيار دل ٿي چڙهي ايندو آهي.
مون سي ڏٺا ماءُ! جن ڏٺو پرين کي!
سڄي يونيورسٽي ۾ برک سُهڻي ڇوڪرين مان هڪ هئي، سدائين انگلش اڇو اسڪرٽ پائي ايندي هُئي ۽ پنهنجي ڪم سان ڪم رکندي هُئي، اڙدو گهٽ پر انگريزي گهڻو ڳالهائيندي هُئي، عجيب دلرُبا مسڪراهٽ سندس چهري جي سُونهن هوندي هُئي، هُوءَ رُلڻي ملڻي گهٽ هُئي، فقط پنهنجي ڪلاس ميٽس سان تعلق ۾ رهندي هئي، مون سان بہ هُن جي دوستي يا تعلق ۾ هڪڙو فاصلو هوندو هيو. جنهن جو ٿورو احوال هن آتم ڪٿا جي پهرين حصي ۾ آئون ڏئي آيو آهيان، روپينا جي ذاتي زندگي جي مون کي بہ گهٽ معلومات آهي، بس ايتري خبر اٿم تہ جڏهن مُلڪي حالات خراب ٿيڻ لڳا (1970) تہ سندس فيملي مُلڪ ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو ۽ هُو سڀ ڪينيڊا شفت ٿي ويا. هن جي وڃڻ کان پوءِ ساڻس ڪو تعلق نہ رهيو ۽ هاڻي ڳچ عرصو گذرڻ کان پوءِ اِها بہ خبر ڪونهي تہ حيات بہ آهي يا نه_______! هن موقعي تي ماسٽر چندر جو ڳايل گيت ياد آيم،
رُٺائي رهن شل هجين حياتي!
رُوپينا جو ذڪر مون هن باب ۾ سندس اخلاق ۽ اعليٰ ڪردار جي ڪري ڪيو آهي، جنهن سان ملي ڪري هڪ خاص قسم جي خوشي ٿيندي هُئي، اڄ هيترا سال گذرڻ جي باوجود جڏهن بہ هُو خيالن ۾ اچي بسيرو ڪندي آهي تہ هڪ ٻي پر انوکي دُنيا ۾ پهچي ويندو آهيان، مون سان هُن جي ذهني وابستگي چڱي اونهي ٿي، سو هڪ دفعي مون سندس آٽو گراف گهُريو جنهن جي عنوان ۾ مون لکيو هو
Rupina Rustam Modi, who’s inner and outer beauty I shall never forget.
روپينا اُنهي جي جواب ۾ آٽو گراف تہ ڏنو پر گڏوگڏ عمر خيام جو شعر لکيائين جنهن جو مطلب هيو تہ ”سڀ ڪجهه قسمت جو لکيو آهي“.
انسان جي زندگيءَ ۾ الائي ڪهڙا لمحا ۽ ڪهڙا ڪهڙا عجيب ماڻهو ڪُجهه وقت لاءِ ايندا آهن، جن جي سڀاوءَ، اخلاق ۽ ڪردار جا اثر سڄي حياتي قائم رهندا آهن ۽ ماڻهو ڪوشش ڪري سندن تقليد ڪندو آهي، روپينا جون ڪيتريون ڳالهيون مون پنهنجي گهر ۾ رائج ڪيون جن مان ڪجهه ٿيون ۽ ڪُجهه نہ بہ ٿيون. مثال طور سندس ادب آداب، لباس ۽ هلڪا ڦلڪا زيور، پڙهائي تي زور ۽ فرض شناسي وغيره، ماڻهو مڻيادار گهڻا پر رُوپينا بہ هڪ هُئي!.
___________________________________________________

مڻيادار ماڻهو اُهي هوندا آهن جن مان ڪو فيض حاصل ٿي يا گهٽ ۾ گهٽ جن جي ملڻ سان خوشي حاصل ٿي، سيوهڻ شريف جو ديوان موهن لال جو بہ انهن ۾ ڳاڻيٽو ٿئي ٿو. ديوان موهن لال قلندر لال شهباز جو مهندي بردار هيو ۽ پاڻ سُکيو ستابو زميندار ماڻهو هيو. سندس سٻاجهڙي ڌيءَ نالي آشا منهنجي ونيءَ جي دوست ٿي ۽ انهيءِ توسط سان سندس فيملي سان تعلق ٿيو، ديوان موهن لال جو ڪوئيٽا ۾ بنگلو هيو، جتي هو گرمين جا ڏينهن وڃي رهندا هُئا، سياري اچڻ تي موٽي سيوهڻ ايندا هئا ۽ بنگلي جي چاٻي پٺاڻ چوڪيدار کي ڏئي ايندا هئا، اِهو سلسلو هلندو رهيو ۽ هڪ اونهاري هي جڏهن ڪوئيٽا پهتا تہ بنگلي تي هڪ پٺاڻ فيملي سودو قابض هيو. پُڇا تي خبر پئي تہ سندس چوڪيدار ڀڳڙن مٺ تي سادي ڪاغذ تي سو بنگلو وڪڻي رمندو رهيو، ديوان موهن لال ڪي سال انهيءِ ناجائز قبضي خلاف ڪيس وڙهندو رهيو، جڏهن قبضاگير پٺاڻ ڏٺو تہ ڪيس هارائي رهيو آهي تہ ڌمڪين ۽ جهيڙي تي لهي آهي ۽ هي شريف ماڻهو انصاف جي آس دل تان مٽائي واپس سيوهڻ موٽي آيو ۽ بنگلي تان هٿ کنيائين، پاڪستان ۾ انصاف ائين ئي ۽ اهڙو ئي ٿيندو آهي، جيڪو سسٽم اڃان تائين جاري آهي، انهيءِ حادثي کان پوءِ ديوان موهن لال ۽ سندس فيملي هندوستان هليا ويا.
ديوان موهن لال هڪ سچو محبوب ماڻهو هيو، هڪ دفعي مون کانئُس پڇيو تہ سيوهڻ شريف ايترو گرم ڇو آهي؟ پاڻ هڪ فارسي شعر ٻُڌايائين، جنهن جو مطلب هيو تہ خدا سيوهڻ کي گرم ٺاهي دوزخ جي تصوير ڪشي ڪئي آهي جيئن ماڻهن کي خبر پوي تہ دوزخ ڇا هي؟! بهرحال سندس ڪچهري لاڀ ڀري ۽ فيض ڏيندڙ هوندي هُئي ۽ سندس حُسن سُلوڪ خوشي ڏيندڙ هيو، خبر ناهي تہ هُو ۽ سندس فيملي ڪهڙي حال ۾ ۽ ڪٿي آهي پر سندس ياد اچڻ ئي سندس ۽ سندس فيملي لاءِ دُعا ئي دل مان نڪري ٿي تہ جتي بہ هجن شل خوش هجن.
___________________________________________________

هڪڙو مڻيادار ماڻهو اسان جي ڪٽنب ۾ بہ گذريو آهي، اُهو ماڻهو هيو منهنجي خوش دامن صاحبه يعني منهنجي سس، سندس نالو لال ٻائي هيو ۽ سندس نالي وانگر هوءَ سڀ ڄمار ”لال“ ئي رهي. لال پُراڻي سنڌيءَ ۾ هيري جواهر جي هڪ قسم کي چئبو آهي، واقعي بہ هُوءَ هڪ امُلهه هيرو هئي، صبر ۽ شُڪر جو پلئوَ هن سڄي ڄمار ڪڏهن بہ نہ ڇڏيو، سندس حياتي ڏکن سورن ۾ بہ گذري تہ ڪي ڏهاڪا بادشاهيءَ ۾ بہ گذاريائين، پر صبر ۽ شڪر جو دامن ڪڏهن نہ ڇڏيائين، اهڙا ڏَيا وارا ماڻهو دُنيا ۾ گهٽ ئي پيدا ٿيندا آهن، پر انهيءِ قسم جي اعليٰ انسانن سان بدنيت ۽ بدنفس ماڻهو، جيڪي پنهنجا ئي هوندا آهن، وڌ ۾ وڌ اهنج ۽ ڏهنج ڏيندا آهن، سو هن انسان سان بہ ٿيو جن جو تفصيل آئون نٿو ڏئي سگهان پر سلام اٿس سندس صبر ۽ رواداري کي جو دُشمن کي بہ جواب ۾ ڪڏهن وار ڪونه ڪيائين، سدائين بُرائي جي بدلي ڀلائي ڪيائين، هُوءَ خُدا کان ڊُڄندي هئي ۽ سڀ توڪل خدا تي رکندي هُئي، شاهه ڀٽائي کي ڏاڍو مڃيندي هئي ۽ اڪثر ڪري موقع مهل سان سندس شعر جهونگاريندي هئي.
مڙئي مدايون مون ڏي، هوتن ڏي هڪ بہ نه!
يا
عدل آئون نہ ڇٽان، شل ڦيرو ڪج فضل جو!
حُر تحريڪ ۽ انگريزن واري مارشل لا وارو زمانو سڄي ڪٽنب لاءِ قيامت کان گهٽ ڪونه هيو، پر هي تمام ڊگهو قيامت خيز عرصو هُن وڏي صبر ۽ برداشت سان گذاريو، صبر جي اِها لِڇ شايد انهيءِ ڏکي دور جي دَين هُيس جيڪو آخر دم تائين ساڻس رهيو، جڏهن ٺاپر ٿي ۽ ملڪ ۾ امن موٽي آيو تہ سندس شادي ٿي ۽ سُک جا زمانا بہ موٽي آيا. کيس اولاد ۾ هڪ ڌيءَ (امام زادي، منهنجي وني) ۽ گهڻو پوءِ هڪ پٽ شاهه زمان ٿيو جن جي پرورش هُن نهايت خبرداري سان ڪئي. اولاد کي عقل ۽ سمجهه جي تلقين ڪندي شاهه صاحب جو شعر جهونگاريندي هئي.
عقل ري عذاب گهڻا سهنديءَ جندڙي
منهنجي خوش دامن صاحبه جيڪي سنڌي طعام پچائيندي هُئي، تن جو ذائقو ۽ سُرهاڻ جنهن بہ واپرائيو، ڪڏهن ڪونه وساري سگهيو، اِهو گُڻ منهنجي وني کي ورثي ۾ مليو جنهن لاءِ آئون خدا جو شڪر ادا ڪندو آهيان.
سندس جيون ساٿي خان محمد وساڻ پنهنجي وقت جو نالي وارو پوليس آفيسر رهيو آهي، نوابشاهه، جُهڏو، ڇاڇرو، حيدرآباد، جوهي، محبت ٿرڙي، ٽنڊو الهيار ۽ چمبڙ ۾ ايس ايڇ او ٿي رهيو، چمبڙ ۾ الله بخش مگسي سان عڪسجي پيو جنهن کيس وڏو نقصان ۽ صدمو پهچايو، انهيءِ بحران کان پوءِ هُو نوڪري جي پچر ڇڏي سانگهڙ ۾ ئي رهيو ۽ زمينداري ۽ واپار ڪرڻ لڳو. نفع نقصان کڻي آخر دل جي مرض وِگهي گذاري ويو. منهنجي خوش دامن صاحبه جيئن تہ صبر ۽ شُڪر جو پيڪر هُئي، آخر اُها بہ انهيءِ صدمي ۾ جُهري پئي ۽ بيمار رهڻ لڳي. هُو نماز جي پابند پڪي مومن بندي هئي، هڪ اسر مهل نماز لاءِ اُٿي پر وچڙي ڪري پئي جنهن سان سندس دُڏ جو گولو ڀڄي پيو، حيدرآباد جي هڪ ٺڳ آرٿوپيٿڪ ڊاڪٽر نالي رئيس سندس غلط آپريشن ڪيو، جنهن سان هُو معذور ٿي ۽ آخري 14 سال کٽ تي ئي گذاريائين. انهيءِ حالت ۽ ڪيفيت ۾ بہ پنج وقت نماز پڙهندي هئي. انجام ڪار ٿورو عرصو اڳ وڃي خدا سان ملي، انا الله وانا اليهه راجعون.
سندس ڪردار، حُسنِ سلوڪ ۽ صبر شُڪر جو طريقو ڪڏهن بہ ڪنهن کان ڪونه وسرندو. جيڪڏهن اهڙا مڻيادار ماڻهو بہ وسري ويا تہ پوءِ زندگي زندگي نہ پر غضب ٿي ويندي. آخري ڳالهه تہ مون ڪڏهن بہ هن کي بدشد ڳالهائيندي ڪونه ڏٺو ۽ نہ ئي ڪڏهن مٿي اگهاڙي ڏٺومانس. سدائين مٿي تي پوتي رکندي هُئي، هوءَ حيادار انسان هُئي.
___________________________________________________

منهنجا دِلي دوست يا معاشري جا مڻيادار ماڻهو جيڪي کڻي منهنجي دوستي يا سنگت ۾ نہ بہ آيا پر انهن جي خبر اٿم ۽ اِها بہ ڄاڻ اٿم تہ اُهي سڀئي غريب گهراڻن مان آيل آهن، نذير احمد سومرو، محمد اسلم ميمڻ، محمد موسيٰ عرف داني ۽ محمد تقي کوکر بہ اهڙا ئي دوست آهن، هي اُهي مڻيادار ماڻهو آهن جن محنت ۽ مسلسل محنت کي پنهنجي زندگي جو مقصد ٺاهيو ۽ زندگي جي هڪ قدر Value ”وفا“ کي سيني سان لاتو. چاچو ولي محمد لانڊر (جنهن انگريزن جي مارشلا ۾ اسان کي خيرپور ناٿن شاهه ۾ سام ڏني)، جامع مسجد سانگهڙ جو امام مولوي محمد علي، اهي سڀ ماڻهو مڻيادار، باوفا ۽ شريف انسان هُئا جن جون يادگيريون هميشه تازيون رهنديون، اُنهن جي برعڪس اهڙا بہ ماڻهو هُئا ۽ آهن جن ماڻهن جون زندگيون عذاب ڪيون ۽ معاشري ۾ ڏڦيڙ برپا ڪيا. اهڙا رهزن ماڻهو درحقيقت بدي ۽ شر جي قوتن جا نمائندا هوندا آهن، جيڪي زندگي جي معمولي مفادن لاءِ زندگيون زهر ڪريو ڇڏين. انهن بيرحم ۽ ظالمن قهر جا ڪوٽ چاڙهي ڇڏيا ۽ مزي جي ڳالهه تہ انجام ڪار خود ذليل ۽ خوار ٿيا. پر مُڙن ڪونه ٿا ۽ نہ ڪو مُڙندا. اصل ۾ اِهو ڪاروان ائين ئي هلندو رهندو، دُنيا ۾ خاص ڪري يورپ ۽ اولهه جي مُلڪن ۾ انساني حق بهرحال هڪ ڊگهي جدوجهد کان پوءِ بحال ٿيا، ٻارن، عورتن، مزدورن، زرعي هارين ۽ صنعتي (ڪارخانن، کاڻين وغيره ۾ ڪم ڪندڙ) پورهيتن جا حقوق وڏي حد تائين بحال ٿيا آهن، پر اُتي بہ جرم ۽ سزا جي ويڙهه اڄ بہ جاري آهي، هتي اسان وٽ تہ ڪاري قيام لڳي پئي آهي ۽ عام ماڻهو مُلڪ، وطن ۽ انساني حقن Human Rights کان بيخبر آهي.
هڪ ماڻهو اليڪشن باري همراهه کان پُڇيو ”ووٽ ڪنهن کي ڏيندا؟“ همراهه جواب ڏنو ”پ پ يعني زرداري کي“ وري کيس ٻُڌايو ويو تہ بابا توکي خبر ناهي، پ پ وارا تہ مُلڪ کائي دُڦ ڪري ويا خاص ڪري سنڌ ۾ تہ ڀينگ ڪري ڇڏيائون! مهانگائي، بيروزگاري، نہ گيس نہ بجلي ۽ نہ وري پاڻي آهي نہ امن آهي!!. همراهه چيو “بابا اسين ڪنهن ڳالهه سان ٻڌل ناهيون، اسان کي هر مهيني بينظير سپورٽ پروگرام وسيلي چار هزار روپيه امداد جا ملن ٿا، اسين تہ زرداري کي ئي ووٽ ڏينداسين، هينئر تہ هُن واعدو ڪيو آهي تہ ايندڙ اليڪشن کٽي اسان اِها امداد ٻيڻي ڪري ڇڏينداسين، نہ بابا نه، اسين تہ زرداري کي ووٽ ڏينداسين، جيئي ڀٽو!!. سو ڏيو مُنهن____. حڪمرانن جيئن مرڪز ۾ آدم شماري جا انگ اکر غلط سلط ٺاهي هڪ ٽڪسال جوڙيو آهي تہ پنجاب جي آبادي بقايا ٽنهي صوبن جي گڏيل آبادي کان بہ وڌيڪ ٿيو پوي لحاظه پنجاب جون قومي اسيمبلي ۾ سيٽون بہ وڌيڪ ٿيو پون پوءِ جيڪو وڻين تيئن ڪن!. بلڪل اهڙو ئي ٽڪسال سنڌ صوبي ۾ پ پ وارن ٺاهيو آهي، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ لکين اٻوجهه ۽ ضرورتمند عورتن کي مدد ڏئي ڪروڙين روپيه ونڊين ٿا، جيڪي سرڪاري خزاني مان ادا ڪيا ٿا وڃن، (جيئن شهباز شريف پنجاب ۾ لکين ليپ ٽاپ ونڊي پيو)، ظاهر آهي ڪُت خلق مُلڪ ۽ قوم سان ٻڌل ئي ڪونهي، هُو هر مهيني جي امداد سان ٻڌل آهي، يعني حڪمرانن جي ٽڪسال سان، سو سائين اهي آهن خبرون، هتي مڻيادار ماڻهو کپن جيڪي ملڪ، وطن ۽ ٻين جو درد دل ۾ رکن.
آخر ۾ آئون سنڌ وطن جي انهن عظيم ماڻهن جو ذڪر ڪندس جن زندگيءَ تي وڏو اثر ڇڏيو ۽ جن کي ڏسندي ئي رُوح کي راحت ٿي ملي، محترم فقير محمد لاشاري، سائين محمد ابراهيم جويو، جامي چانڊيو، رسول بخش پليجو، سراج، فهميده حسين، راجا سائين پير صاحب پاڳارو، ڄام ساقي، بشير قريشي، جلال شاهه، مسڪين جهان خان کوسو، محترمه بينظير ڀٽو، شاهه عنايت شهيد، شاهه لطيف سرڪار، سچل سرمست، نسيم کرل. امر جليل، ادل سومرو، علي بابا، زرينه بلوچ، استاد بخاري، شيخ اياز، عبدالستار ايڌي، موهن ڀڳت، علڻ فقير، ڍول فقير، جي ايم سيد، استاد محمد ابراهيم، روپينا رستم مودي، (ڪراچي يونيورسٽي ۾ منهنجي ڪلاس ميٽ جيڪا هينئر ڪينڊا ۾ مقيم آهي) هي اُهي مڻيادار ماڻهو هُئا ۽ آهن جن زندگي بدلائي ڇڏي، ڪُجهه پرده نشين بہ آهن پر انهن جو کليو ذڪر مناسب نہ ٿو سمجهان، سواءِ پنهنجي خوش دامن صاحبه جي جيڪا صبر ۽ برداشت جو هماليه جبل هُئي، هن جي زندگي ۽ ڪردار تي الڳ ڪتاب تحرير ڪري سگهجي ٿو.

سانگھڙ ۾ ٿيل ڪُجهـه دلچسـپ، عجيـب ۽ خراب واقعا

گذريل زماني ۾ ماڻهن ۾ پريت گهڻي هوندي هُئي، پاڻ ۾ دوستيون ۽ محبتون مضبوط هونديو هُين، هڪ ٻي جو خيال ۽ احترام ڪندا هُئا، اِهي اسان جي معاشري جا قدر Value هوندا هُئا، جنهن ڪري سنڌ سڄي سنسار ۾ مشهور هوندي هُئي، ايتري قدر جو اسان جي نبي ڪريم ﷺ فرمايو تہ مونکي فضا مان سنڌ جي سُرهاڻ محسوس ٿيندي آهي ۽ علي سائين فرمايو تہ علم جو سج سنڌ مُلڪ مان اُڀري ٿو انهن قولن مان اوهان اندازو لڳايو تہ مُلڪ سنڌ جا ماڻهو ڪيترا نہ سچا ۽ وفادار آهن. سو ماڻهو دوستيون بہ پڪيون رکن تہ نڀائين بہ توڙ تائين_______ پُراڻي دور ۾ ماڻهن جون چوياريون ٺهيل هونديون هيون، هُو پاڻ ۾ ڀوڳ، چرچا بہ ڪندا هئا، اهڙو ئي هڪ ڀوڳ ٻڌايان ٿو. جيڪو چاليهه پنجاهه سال پراڻو آهي، پر سانگهڙ جي تاريخ جو هڪ يادگار واقعو آهي، اهڙي هڪڙي چوياري ۾ عبدالعزيز لغاري مختيارڪار، حڪيم حاجي امير بخش مري، حاجي علي خان مري، حڪيم شير محمد ملڪ ۽ ماسٽر صادق بٽ شامل هئا، مختيارڪار عبدالعزيز جُڳ مشهور ڪاميڊيئن چارلي چپلن جي ڊِٽو ڪاپي هيو، فرق اِهو هو تہ نظر جو گول چشمو پائيندو هو ۽ دلبري ڪرڻ ۾ مُلڪان مُلڪ مشهور هيو، حڪيم حاجي امير بخش شاعر بہ هيو ۽ درويش طبيعت جو ماڻهو هيو، حاجي علي خان وچ واهو چالاڪ ماڻهو هيو، جڏهن تہ ماسٽر صادق نوجوان هو ڳورو چٽو تمام سُهڻو ڄڻ ”ڇوڪرو“ هيو، پاڪستان ٺهندي ڏهاڪو سال ٿي ويا هُئا، پر اُڙيا ٿڙيا اڃان بہ پناهه گير هندوستان مان آيا پي. اهڙو موقعو ڏسي حڪيم شير محمد مختيارڪار عبدالعزيز کي هڪ پروپوزل ڏنو تہ ماسٽر صادق کي ڌتڙيل پناهه گير عورت ٺاهي حڪيم حاجي امير بخش کي ٿا پراڻيون_____ سڄي چوياري گڏ ٿي ۽ پروگرام تيار ڪيائون، ماسٽر صادق کي زنانو گهاگهرو پارائي ميڪ اپ ڪرائي گهونگهٽ ڪڍائي حاجي امير بخش کي گهرايائون، حالي احولي ٿيا، حڪيم حاجي امير بخش کي چيائون تہ هڪ پناهه گير عورت ڏتڙجي هتي رسي آهي، مائٽن کان وڇڙي وئي آهي، چوي ٿي منهنجي ڪنهن شريف ماڻهو سان شادي ڪرائي مون کي ٿانيڪو ڪيو، سو اسان سڀني صلاح ڪئي آهي تہ هُن جي شادي توسان ٿا ڪرايون. حاجي امير بخش چيو اول آئون ڪنوار ڏسندس، پوءِ فيصلو ڪندس، حاجي علي خان بہ انهيءِ جي تائيد ڪئي، ڪنوار (ڪنوار يعني ماسٽر صادق) گهونگهٽ ڪڍيو اندر ويٺي هُئي، حاجي امير بخش گهونگھٽ ۾ جو اڇو اُجرو ۽ زبردست حُسن جو جلوو ڏٺو تہ همراهه مٿس ڇڪن ٿي پيو ۽ هڪدم کڻي هائو ڪيائين، يڪدم شادي جون تياريون ٿي ويون، برياني ۽ مٺي جي ديڳ تيار ٿي، مغرب کان پوءِ مولوي محمد علي کي گهرائي باقاعدي نڪاح پڙهيو ويو، (مولوي صاحب کي اصل حقيقت جي خبر نہ هئي) نڪاح ۽ دُعا کان پوءِ ننگر پاڻي ٿيو ۽ هڪ ٻي کي مبارڪون ڏنائون، رات ڪافي ٿي وئي هُئي رخصتي جو وقت اچي ڀريو، مختيارڪار صاحب موڪلاڻي مهل گهوٽ کان پڇيو تہ پهرين زال کي ڪيئن مُنهن ڏيندي؟ وراڻي ڏنائين تہ ٻي شادي جي موڪل ورتي اٿم، قصو ڪوتاهه حاجي صاحب ڪنوار ڪاهي گهر روانو ٿيو، رستي ۾ ڪنوار چيو ” مين نون جاڙ لگي هي“ (جهنگ جو خيال ٿيو آهي) گُگهه اونداهه هئي پر اڳيان ٻني ۽ باغ هيو، حاجي صاحب ڪنوار کي چيو تہ ڀلا اتي ڪُهڙ ۾ ويهي آجي ٿي، ڪنوار (ماستر صادق) هيٺ ٻني ۽ باغ ۾ لهي پيو ۽ بانبولا پائيندو ٻي پاسي کان لوڙهو ٽپي پنهنجي گهر کان وڃي نڪتو، هيڏانهن حاجي امير بخش رستي تي بيٺو ٻيڙي پيئندو رهيو ۽ انتظار بہ ڪندو رهيو. جڏهن ڪافي دير ٿي وئي تہ ”شهناز شهناز“ پۡڪاري ڪنوار کي سڏڻ لڳو، پر جواب نہ آيو ۽ گُگهه اونداهه ۾ ڪجهه نظر نہ آيو، آخر موٽ کاڌائين ۽ مختيارڪار صاحب وٽ پهتو ۽ چيائين تہ ڪنوار اغوا ٿي وئي، مختيارڪار صاحب ڏاڍو افسوس جو اظهار ڪيو پر چيائين تہ ايف آءِ آر هيئر آڌي رات ڇا درج ڪرايون صبوح ڏسنداسين.
صبوح تي چوياري وري گڏ ٿي قصا ڪهاڻيون ۽ صلاحون ٿيون، ايف آءِ آر ڪٽائي وئي، ڪنوار جي ڳولا شروع ٿي سا ڳولا اڄ ڏينهن تائين جاري آهي__________ صاحبو! ورهيه گُذري ويا پر اِهو راز حاجي امير بخش لاءِ راز ئي رهيو تہ آخر اُهي ڪير هُئا جن ماهتاب آفتاب جهڙي هُن جي جواڻ جمال زال اغوا ڪئي؟.
اهڙا پڪا ڀوڳ ڪندا هُئا اڳلڪي زماني جا دوست! (نوٽ مٿين چوياري مان هن وقت صرف حڪيم شير محمد زنده آهي).
_______________________

محمد حسين چوڌري پ پ جو ميمبر ۽ پڪو جيالو هو ۽ ڀُٽي صاحب جو تہ عاشق صادق هيو، ائين چئو تہ ذوالفقار علي ڀٽو جو فدائي عاشق هيو، ڀٽي صاحب کي رهزن اعظم ضياالحق زوري ڦاسي ڏئي هڪ امُلهه ماڻهو هن قوم ۽ مُلڪ کان جُدا ڪري ڇڏيو ۽ انهيءِ صدمي ۾ لکين ماڻهو گهائل ٿيا، انهن ۾ هڪ سانگهڙ جو محمد حسين چوڌري بہ هيو، ڦاسي کي هڪ عرصو گذري ويو، خبر پئي تہ چوڌري سخت بيمار آهي آئون پڇڻ ويوسانس، چوڌري صدمي ۽ پنهنجي بيماري ڪري سُڪي ڪنڊا ٿي ويو هيو، حال احوال ڪيوسين، مون ڏڍ ڏنومانس ۽ صحت لاءِ دُعاڳو ٿيس، چيائين ”يار حسن ! هاڻي جيئڻ جي تمنا ڪونهي، پر هن ظالم رهزن (ضياالحق) جو انجام ڏسي مران ها تہ بهتر هو“ بهرحال ڪچهري ڪري آئون موٽي آيس، ٿورن ئي ڏينهن کان پوءِ بدمعاش ڊڪٽيٽر ضياالحق جي جهاز جو بهاول پور ۾ خوفناڪ حادثو ٿيو جنهن ۾ هو ڦوندا ڦوندا ٿي ويو، يعني قدرت هڪ عبرتناڪ انجام تي پهچايس جو غُسل ۽ ڪفن بہ نصيب ڪونه ٿيس. اخبار ”امن“ مين سُرخي لڳائي ”جاءِ واردات سي هڊيان مل گئين“ ات خُدا دا وير__ ٻي ڏينهن خبر پئي تہ محمد حسين چوڌري گُذاري ويو! اهڙو بہ عشق! اهڙا بہ عاشق!! الله اڪبر....!!.
_________________________

سانگهڙ کان اسان جي ڳوٺ ۽ ٻنين ڏي ويندڙ رستو ڪچو هيو، سرڪار انهيءَ کي پڪو ڪرڻ شروع ڪيو، تر جي وڏيري اُن جي سخت مخالفت ڪئي، پڇيو ويو تہ ڇو ٿو مخالفت ڪرين رئيس وڏا..؟ جواب ڏنائين تہ پڪو روڊ ٺهي ويو تہ چورن جا پيرا ڪيئن کڻنداسين؟ خير روڊ تہ ٺهي ويو پر هڪ وڏيري جي ڄٽ ذهنيت مون کي هتي عيان ڪرڻي هئي تہ اسان جي سماج جا اِهي جدي پشتي وڏيرا عام عوام جي ڀلائي يا سهولت (ترقي) جي لتاڙ ڪهڙن ڪهڙن عجيب ۽ بيهوده بهانن سان ڪن ٿا. اِهو ناسور سنڌ ۾ صدين کان رائج آهي، جنهن جو بنياد حڪمرانن ۽ خاص ڪري انگريز حڪمرانن وڌو. انگريز محض پنهنجي رنگ روپ ۽ باڊي جي ڊيل ڊول يعني پرسنلٽي ۽ ڪُجهه سندي عقل ۽ ڄاڻ جي ڪري هندوستان جي ماڻهن تي حاوي هُئا ۽ انهن خاصيتن جي ڪري ملڪن جا ملڪ کائي ناس ڪري ويا ۽ هي وڏيرا، خان ۽ سردار ڪلچر بہ نشاني طور ڇڏي ويا، جن جا اثر اڄ تائين قائم دائم آهن، انگريز تہ ويا هليا پر پنهنجون ڪجهه شيون ڇڏي ويا، سندي زبان يعني انگلش زبان، آزادي کي ذري گهٽ مُني صدي ٿي وئي پر اڄ تائين ڪورٽن ۽ سرڪاري آفيسن ۾ انگريزي لک پڙهه هلي ٿي، يعني مجال آهي جو پنهنجي سوڪالڊ قومي ٻولي يعني اردو جو چلن هجي يا ڪنهن مقامي ٻولي جو، يعني سنڌي، پشتو، پنجابي وغيره جو. هُو سندو لباس يعني ڪوٽ پتلون چانهه، بيئر، سگريٽ ۽ الائي ڇا ڇا يادگار ڇڏي ويا، آئون خود پتلون گهڻي استعمال ڪندو آهيان، جو پتلون ۾ ماڻهو ٿورو چست رهي ٿو ۽ کيسن جي بہ سهولت گهڻي اٿس) پر جيڪا هڪ ٻي مصيبت ڇڏي ويا آهن انهيءِ ڏاڍو ويل مچايو آهي اُها آهي ڪرڪيٽ________ انگريزن هتي هندوستان ۾ اچي گِلي ڏڪر راند ڏٺي پوءِ هنن هن راند ۾ ٿوري ردوبدل ڪري جديد گِلي ڏڪر ٺاهي ۽ نالو ڏنو ڪرڪيٽ___ ٽي وي تي رانديگر ۽ شوقينن جا واويلا رڙيون ڪُوڪُون، ڀولڙي واريون اوٽل بازيون يا بال کي سٿرن ۽ نهائي تي مهٽڻ، اسٽائلون ۽ ٽپ ڏسي آئون تہ حيران ٿيندو آهيان تہ آخر خلق واقعي ڇتي آهي جو هن بيڪار راند کي ايترو مان ٿي ڏي؟ بيڪار انهيءِ ڪري تہ ڪرڪيٽ واحد راند آهي جنهن کي اڄ تائين اولمپڪ ۾ کيڏڻ جي اجازت نہ ملي آهي. هتي لکن ڪروڙن جون شرطون ٿيون لڳن، ماڻهو بس ڪرڪيٽ لاءِ ديوانه آهن، منهنجي سمجهه کان ٻاهر آهي ڳالهه____ بهرحال اِهي تحفا آهن انگريزن جا ڏنل اسان واري وڏيري سميت جيڪي روڊ ٺاهڻ جي بہ خلاف آهن.
__________________

محمد خان جوڻيجو، ضيا دور ۾ پاڪستان جو وزير اعظم رهيو، هي صاحب سانگهڙ جو آهي، اسان سانگهڙائي ڏاڍا خوش ٿياسين تہ محمد خان جوڻيجو جي ڪري نظر انداز ۽ برباد ٿيل سانگهڙ هاڻي پيرس ٺهي ويندي، خير سانگهڙ پيرس تہ نہ ٺهي پر ٻڌوسون تہ جوڻيجو صاحب سانگهڙ کي ريل رستي ملائڻ ٿو چاهي ۽ اهڙو پروپوزل هن سرڪار کي ڏنو آهي، پروپوزل هيو تہ ٽنڊي آدم کان ريل رستو وڇائي سانگهڙ کي گڏي پوءِ هتان جمڙائو ۽ تجل جو علائقو ڏئي چونڊڪي کان ٿيندي خيرپور سان وڃي ملي، اهڙي طرح ٻن اڍائي ڪلاڪن جي شارٽ ڪٽ ٿي ويندي ۽ سڀني لاءِ زبردست فائدي مند ٿيندي، پر جوڻيجو صاحب هڻي هڻي بيهي رهيو، سانگهڙ ريل نہ آئي.
بهرحال اِهو اتي قصو ختم ٿيو، سانگهڙ جا ڪُجهه چوڌري پاڻي جي اڻاٺ جا شڪار هئا، هنن هڪڙو وفد ٺاهيو ۽ پنهنجي ڳوٺ جي وزيراعظم سان ملڻ ۽ مسئلو حل ڪرڻ لاءِ اسلام آباد پهتا، وفد جي سربراهي ماسٽر غلام علي ۽ صوبا خان وٽ هُئي، اتي ڪنهن هوٽل ۾ وڃي رهيا، ڇهه ست ڄڻا هُئا، ٻي ڏينهن وزير اعظم آفيس پهتا، وڏي ڇڪتاڻ کان پوءِ نيٺ اندر آفيس گهڙي ويا، جوڻيجو صاحب سڀني کي سڃاڻيندو هو، ڏاڍي اُڪير ۽ ادب آداب سان مليو، چانهه پاڻي بہ ٿيو، آخر جوڻيجي صاحب پُڇيو تہ ڪيئن تڪليف ڪئيو؟ ماسٽر غلام علي سڀ ڪاغذ پٽ کڻي ويو هيو ۽ وزيراعظم کي عرض ڪيائين تہ اسان جي شاخ بند آهي، ٻنيون سُڪي ويون آهن، ايس ڊي او باهه ٻاريو ويٺو آهي ۽ ظلم ڪيو اٿس. جوڻيجي صاحب وفد کي آٿت ڏني ۽ چيائين تہ اوهان هڪ ڏينهن ڇڏي اچجو مسئلو حل ٿي ويندو، همراهه خوش خوش هوٽل موٽي آيا، ٽي ڏينهن وري آفيس پهتا، جوڻيجي صاحب چيو تہ اڃان مسئلو ڪليئر ڪونه ٿيو آهي ٻه ڏينهن رکي پوءِ اچجو__________ غرض اهڙي طرح 10 ڏينهن گذري ويا، همراهن وٽ خرچ پکو بہ کُٽي ويو، نيٺ يارهين ڏينهن وري وزير اعظم آفيس پُهتا، انهيءِ ڏينهن جوڻيجو صاحب زِرُ ٿيو ويٺو هيو، آخر چيائين، ”يار يه __________ (غليط گار ڏئي) پنجابي آفيسر مانتي نهين وهان پاني کي وارا بندي چل رهي هي مين بي بس هون!!“ چوڌرين جو وفد پنهنجو ڦلهو مُنهن کڻي واپس اچي سانگهڙ پهتا.
هو هڪ جائز مطالبو کڻي ويا هُئا ۽ اڳيان وزيراعظم پاڪستان هيو ڪو معمولي ماڻهو ڪونه هيو، پر هن ملڪ ۾ اصل حڪمراني ڪِن ٻين جي آهي، هي وزير ڪبير ۽ نام نهاد صدر وغيره تہ رُڳو ڏيکاوَ لاءِ گُڏا ٿيو ويٺا هوندا آهن، ٻيو مڙئي خير. آُهو تہ ذوالفقار علي ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو هُئي جيڪي هنن راڪاسن کي ڪُجهه نہ ڪجهه منهن ڏيو ويٺا هئا ۽ ڪُجهه نہ ڪجهه حڪم هلندو هيو، ويچارو جوڻيجو تہ الله جي مينهن هيو، البت زرداري جڏهن صدر ٿيو تہ پنهنجن حرفتن سان پنج سال ڪڍي ويو، باقي ڀُٽي خاندان جا سڀ مانهو هڪ هڪ ڪري دُنيا مان ئي ڪڍي ڇڏيائون.
جوڻيجو صاحب خوش قسمت هيو جو جان بخشي ٿيس پر اوجهڙي ڪيمپ ڌماڪي ۽ بربادي جي واقعي تي تحقيقات جو حڪم ڏنائين، جيڪو هُن جو حق ۽ فرض هيو تہ سگهو ئي کيس گهر اُماڻي ڇڏيائونس، جان بچي تو لاکون پائي!.
_____________________

هر زماني ۾ قتل و غارتگيري جا تہ واقعا ٿيندا ئي رهن ٿا پر سانگهڙ ۾ ڪي اهڙا دل سوز واقعا ٿيا جيڪي وساري نہ ٿا وسرن، هڪ غارتگيري جو احوال آئون باب ”ماڻهو مڻيادار“ ۾ ڊاڪٽر فضل الرحمان جي ٻن جوان پٽن جي قتل جو ڏئي چڪو آهيان ٻيو قتل تولا رام نالي هڪ هندو واپاري جو شايد 1954ع ڌاري ٿيو، ملڪ تقسيم ٿيو تہ تولا رام ٻارن ٻچن کي هندوستان مائٽن وٽ ڇڏي وري موٽي آيو جيئن ڏيتي ليتي ڪري حساب صاف ڪري پوءِ وڃي، هُو شريف ماڻهو اهو ڪم ڪري واندو ٿيو ۽ هاڻي صبوح 4 وڳي واري بس ۾ ميرپورخاص وڃڻ وارو هو جو پوءِ اتان هندوستان وڃي، عين انهيءِ رات ڪُجهه ظالم ماڻهن گهر ۾ داخل ٿي تولا رام کي ڪُهي ڇڏيو چند هزارن لاءِ_________ ٽيون واقعو سانگهڙ لڳ چاڪراڻين جي ڳوٺ ۾ ٿيو جتي پراڻي دشمني ۾ هڪ ڌر ٻي ڌر جا 9 ماڻهو هڪ جاءِ تي ماري وڌا پر مقتولن جي وڏي پوڙهي مائي جي آخر ۾ شرمناڪ بيحرمتي ڪيائون، مٿين ڪنهن بہ واقعي جا جوابدار ڪڏهن ڪونه پڪڙيا ويا. البت کوسن جي ويڙهه، جنهن ۾ الاهي ماڻهو مرڻ جوڳا ٿيا، پڇاڙي جيل بہ ويا. اهي کوسا سنڱابندي تڪرار ۾ وچ چوڪ بازار ۾ ڪهاڙين سان وڙهيا هئا ۽ ويهي ڳالهين سان نبيرو ڪونه ڪيائون بلڪه ڪهاڙين سان هڪ ٻئي سان مٿا چيري انجام کي پهتا.
_____________________
65ع جي جنگ لڳي تہ ملڪ ۾ ٻڙڌڪ مچي ويو، ماڻهو تمام گهڻو جوش ۾ هئا، بليڪ آئوٽ، چوڪيداريون ۽ چغليون روز جو معمول هيون، هڪ شام شهر جي چوڪ تي وڏو ميڙاڪو ٿيو جنهن ۾ گهڻن جوشيليون تقريرون ڪيون، حامد فقير بہ جوش ۾ ريڙهي تي چڙهي بيٺو ۽ انڊيا کي برو ڀلو چوڻ لڳو، آخر تنگ ٿي گارين تي لهي آيو، چيائين ”اڙي جاڳو! کولُو اچي پيو، جي ملڪ ئي ويو هليو تہ حڪومت منهنجي ......... تي ڪندوءَ“.
_____________________

اِهو غلط بہ ٿي سگهي ٿو، پر مون کي لڳندو آهي تہ هي دُنيا ٻارن لاءِ تخليق ٿيل آهي، پکي پکڻ، جيت جڙا ۽ جانور هن دُنيا ۽ زندگيءَ ۾ آزاد ۽ هر طرح جي پابندين کان آجا آهن. ٻار بہ ائين آهن، ٻارن کي ڪنهن پابندي، جزا ۽ سزا جي ڪابه پرواهه ڪانه هوندي آهي، هُو اڪثر ڪري هر دم زندگي انجواءِ ڪرڻ جي ڌُن ۾ هوندا آهن، سواءِ ڪنهن خاص ماحول جي، مثال طور بدقسمتي سان ڪنهن ٻار جا والدين سخت گير آهن، تہ انهيءَ ٻار جي زندگي بهرحال تنگ يا ڏکي هوندي آهي، بلڪل ائين جيئن ڪو پکي يا جانور ماڻهو قيد ڪري انهن جي حياتي حرام ڪندا آهن، ٻيا يتيم ٻار بہ ڏکيا هوندا آهن، تنهن هوندي بہ ٻار اصلئون آزاد ۽ بيپرواهه هوندا آهن ۽ موقعو ملندي ئي زندگي خُوب انجواءِ ڪندا آهن، ٻار عشق ۽ محبت جي ٻنڌڻن ۾ بہ وچڙبا آهن ۽ اهڙي محبت هو سڄي ڄمار وساري نہ سگهندا آهن، پوءِ ڀلي سو هم جولي يا ساٿي اڳتي هلي هُن کي ملي يا نہ ملي، ڪوئل نالي بچپن جي هم جولي مون کي اڄ بہ ياد ايندي آهي!!.
مشهور قول آهي تہ عيد تہ ٻارن جي هوندي آهي، نوان ڪپڙا، جوتا ۽ خرچيون ٻارن کي ڏاڍي خوشي ڏينديون آهن، (عيسائن ۾ سانتا ڪروز جو تصور بہ انهيءِ سلسلي جي ڪڙي آهي) مسلمانن ۾ ٻار روزا ڏاڍي شوق سان رکندا آهن، روزا ڪڏهن سياري ۾ ۽ ڪڏهن اونهاري ۾ ايندا آهن، منهنجي ٻاروتن ۾ هڪ دفعي سخت اونهاري ۾ روزا آيا ۽ مون بہ ٻين ڀاتين سان گڏ وڏي شوق ۽ جوش خروش سان روزا رکڻ شروع ڪيا، ڇهين درجي ۾ پڙهندو هُيس ۽ مون کي ٽيون روزو هيو پر انهيءِ ڏينهن سخت گرمي هئي، آئون روزو رکي اسڪول ويس ۽ هڪ بجي موڪل ٿي ۽ آئون ڪتابن جو ٿيلهو کڻي گهر روانو ٿيس، انهيءِ ڏينهن هڪ بجي ئي اڃ جي ڏاڍي تاس لڳم، رهندو رستي ۾ ايندي وات خشڪ ٺڪر ٿي ويو، واٽ تي هڪڙو پاڻيءَ جو نلڪو هيو، مُلن جي ڳالهه ياد آيم تہ روزي ۾ وات گهڻو خشڪ ٿي تہ پاڻي جي گُرڙي ڪري سگهو ٿا يا مٿو پُسائي سگهو ٿا، مون بہ ائين ڪيو ۽ نلڪي جو نڙول وات وٽ رکي جئين نلڪو گيڙيم تہ پاڻي سڌو پيٽ ۾ هليو ويو__________ پر ڏاڍي راحت مليم ۽ سخت اڃ جي تاس بہ ختم ٿي ويم، خير مون اِهو ”راز“ ڪنهن کي ڪونه ٻُڌايو ۽ شام مغرب جي آذان تي ڪلما پڙهي ٻين ڀاتين سان گڏ مون بہ افطاري ڪئي، يعني روزو کوليم، پر ٻيهر روزو رکڻ کان توبهه ڪيم، اِهو بہ زندگي جو هڪ دلچسپ تجربو هيو.

_____________________

اولاد وڏو ٿي ويو، سڀ MSc M.A ۽ هڪڙو PHD جرمني ۾ ٿيو، شاديون مراديون بہ ٿيون ۽ ماشاالله سڀ وڃي ٿانيڪا ٿيا وڏي ڌيءَ کان سواءِ ٻيا سڀ پاڪستان ئي ڇڏي ويا، چوَن پاڪستان ۾ ذلت کان سواءِ ٻيو ڇا رکيو آهي، پاڻ سنڌين لاءِ تہ جيئري جهنم آهي، نہ ڪا نوڪري نہ ڪو روزگار، شهري سهولتون، انصاف ۽ امن بہ ڪونهي، تنهن ڪري غير مُلڪن ۾ گهٽ ۾ گهٽ شهري سهولتون، روزگار، انصاف ۽ امن جي معاملن ۾ تہ بي فڪر آهيون، هتي گهر ۾ اسان ٻئي زال مڙس ڪن ڪڍيو ويٺا آهيون، اهڙي صورتحال ۾ هڪ عجيب واقعو ٿيو.
اسان جو گهر سانگهڙ جي مين مارڪيٽ ۾ آهي، انهيءِ مارڪيٽ ۾ رِيلو مل نالي هڪ ڀيل جو تحفي تحائف (گفٽ سينٽر) جو دُڪان هيو، ريلو مل اسان آڏو ئي ننڍي کان وڏو ٿيو هو ۽ کيس چڱي طرح سڃاڻيندا هُئاسين، هُو بنيادي هڪ شريف انسان هيو، هڪ دفعو هُو اسان جي گهر آيو ۽ پنج لک گهريا تہ هو دُڪان ۾ لڳائي ڪاروبار وڌائڻ چاهي ٿو، جنهن مان هُو نفعو اسان کي ڏيندو اسان زال مڙس صلاح ڪري سادي اسٽامپ تي لک پڙهه ڪري هن کي پنج لک ڏنا، ڏيڍ ٻه سال گُذري ويا، ڪاروبار هلندو رهيو ۽ هر مهيني ڪڏهن گهٽ ڪڏهن وڌيڪ منافعو بہ ملندو رهيو، هڪ ڏينهن ريلو مل اسان جي گهر آيو ۽ پنج لک اچي اسان کي واپس ڪيا، اسان حيران پر پڇيوسين تہ اوچتو هي ڇا ٿيو؟ چيائين سائين مون پنهنجي گهر جي جاءِ وڪڻي ڇڏي آهي ۽ دُڪان پنهنجي شاگرد سُريش کي ڏنو اٿم ۽ اسين ٻارين ٻچي هندوستان هميشه لاءِ وڃون ٿا، سو اوهان کي پنهنجي امانت موٽائڻ آيو آهيان، اسان زال مُڙس حيران ۽ پريشان اهو سوچي تہ اسان کي تہ هن جي ارادي يا ٻي ڪنهن بہ ڳالهه جي ڪا خبر نہ هُئي، جيڪڏهن هي ماٺ ميٺ ۾ هندوستان نڪري وڃي ها تہ اسين ڇا ڪريون ها، پيسه تہ ٻُڏي وڃن ها_______ بهرحال ريلو مل هڪ شريف انسان هيو ۽ ايماندار بہ هيو، اسان کيس شاباس ڏني، هُو موڪلائي ٻي ڏينهن ٻارين ٻچي هندوستان ويو هليو، هينئر کيس وئي اٺ ڏهه سال ٿيا آهن ۽ ٻڌُو اٿئون تہ اُتي هو سيٽ ٿي ويو آهي ۽ پنهنجي محنت مزدوري پيو ڪري جيئن هتي ڪندو هيو.
هاڻي ڪو ٽي سال ٿيا، ريلو جو شاگرد سُريش هڪ ڏينهن گهر آيو ۽ چيائين تہ مون کي بہ پئسه کپن، جيئن منهنجي استاد ريلو مل کي اوهان ڏنا هُئا، غريبن سان همدردي جو جذبو، ڪُجهه لالچ نفعي جي، ڪجهه حماقت جي هٿي، سريش کي اسان ڏهه لک روپيه ڏئي ڇڏيا، پر سندس گهر لکائي پنهنجي نالي ڪيم شايد شڪ ۽ دور انديشي اتي ڪم ڪري وئي، ڏيڍ سال معاملو ٺيڪ هلندو رهيو، اسان کي منافعو ملندو رهيو ۽ اسين بہ خوش _______ هڪ ڏينهن سندس هڪ مائٽ نالي هري، جيڪو منهنجو بچپن جو دوست هيو، سو ملياسين، ڪچهري ۾ مون بائي دي وي هري سان سريش سان ڀائيواري جي ڳالهه ڪئي، هري مون کان هڪدم پڇيو تہ گهڻا پيسه ڏنا اٿئي؟ مون ٻڌايومانس تہ ڏهه لک_______ هري اکيون ڦاڙي مون کي ڏسڻ لڳو ۽ چيائين ”يار! توکي خبر آهي تہ سريش بنيادي هڪ ٺڳ ماڻهو آهي ۽ پنجن پارٽين کان هو 55 لک اهو ساڳيو گهر گروي رکي وٺي چُڪو آهي، يعني هاڻي اوهان سميت ڪُل 65 لک هُو ٺڳي ڪري چڪو آهي، منهنجون تہ وايون بتال ٿي ويون، بلڪ پير نڪري ويا، جڏهن انهن ماڻهن جا نالا ۽ تفصيلات ورتم ۽ انهن سڀني کي آئون سڃاڻيندو هيس، انهن سڀني ماڻهن سان مليس، حال احوال ورتم تہ دماغ ئي چڪرائجي ويو، نيٺ آئون سريش وٽ دوڪان تي ويس ۽ معاملي جي پُڇا ڳاڇا ڪيم، همراهه چوي سائين اوهان جي امانت اوهان کي ملندي، اوهان تسلي رکيو، باقي ٻين کي اوهان ڇڏيو، اسين پاڻهي انهن کي مُنهن ڏينداسين وغيره وغيره، مون معاهدو ختم ڪرڻ لاءِ چيومانس ۽ پيسن جي واپسي لاءِ چيم، ڇو تہ خبر پئي تہ هن گهڻا پيسه جوئا ۾ هارايا يا ٻي هنڌ وياج تي هلايا ۽ پيسه ٻوڙايا. پوءِ هلي ڪشمڪش ۽ جهڳڙو جيڪو سانده 9 مهينا هليو.
هن قصي جي تفصيل لکندس تہ بوريت ٿيندي. مختصر قدرت مدد ڪئي ۽ سانگهڙ جي هڪ معزز شخص وزير خان مري ۽ غلام علي مري جي توسط سان معاملو نبريو، سريش جو گهر وڪامي ويو، پئسن جي ونڍ ورڇ ٿي مون کي 3 لک 10 هزار جو نقصان ٿيو يعني اصل رقم ڏهن لکن مان 6 لک 90 هزار مليا، سريش جا ٻار ٻچا ۽ ٻيا ساٿي اباڻو گهر ڦُرائي هاڻي ڪرائي جي جاءِ ۾ رهن ٿا پر پاڻ سريش سانگهڙ مان گم آهي، ڇاڪاڻ تہ کوڙ سارن ماڻهن جا پئسه اڃان وٽس رهن ٿا.
هن واقعي بيان ڪرڻ جو مطلب اٿم تہ دوستن ۽ خاص ڪري اولاد کي نصيحت ڪريان تہ ڀائيواري هُو ڀاءُ سان بہ نہ ڪن حضرت علي جو فرمان آهي تہ جنهن تي احسان ڪريو تہ اُن جي شر کان بچو_______ سا ڳالهه سچ ثابت ٿي، اهڙو ئي هڪ ٻيو واقعو مون سان ٿيو آهي جنهن جو تفصيل مصلحت تحت نٿو ڏئي سگهان پر هن ٻي واقعي ۾ پيسي جو ذيان تہ تمام گهڻو ٿيو، جيڪو منهنجي حيثيت کان بہ گهڻو هيو، پر سماجي لحاظ سان ناقابل تلافي بڇڙائي بہ ٿي جنهن جو تفصيل نٿو ڏئي سگهان، جو اُهو ويجهن عزيزن ڪيو، هاڻي آئون صبر ڪري ويهي رهيو آهيان ۽ سڀ ڪجهه قانون مڪافات يعني قدرت تي ڇڏيو اٿم، هوندي حياتي تہ انجام ڏسنداسين، مري وياسين تہ دُشمن ڦٻيا_______ اِهي سڀ ڌوڪا ۽ ڌڪ اسين محض انهيءِ لاءِ کائيندا آهيون جو پنهنجن پراون ۾ اسين ”غيرمعمولي توقعات“ رکندا آهيون، جيڪي يقينن غير فطري آهن.
_________________________
جيڪي سُهڻا ماڻهو پردي ۾ رهيا پيا آهن انهن کي ڇڏي جيڪي اپسرائون ڪنهن بہ سبب جي ڪري دُنيا آڏو ظاهر ٿيون انهن ۾ مڌوبالا، هيڊي لامار سانگهڙ جي ڳاڙهي شاهه جي ڏوهٽي (انهيءِ جو ذڪر آئون آتما ڪٿا جي پهرين حصي ۾ ڪري آيو آهيان) ٽنڊي آدم جي اپسرا گوري ۽ سانگهڙ جي سميتا پاٽيل جسودا، جيڪي مون فلمن يا حقيقي دنيا ۾ ڏٺيون، سچ تہ اهي واقعي جنت جون اپسرائون آهن، جسودا هڪ هندو گهراڻي جي هئي ۽ سندس گهر هڪ باغ ۾ هيو، هُن جو رنگ رُوپ، اکيون، قدبت ۽ وار وغيره بلڪل عظيم ايڪٽريس مرحوم سميتا پاٽيل سان سورنهن آنا ملندا هئا، بلڪ ائين چئو تہ ٻئي هڪ ٻي جون ڊٽو ڪاپيون هيون، جسودا تي سندس قبيلي جا ماڻهو تہ عاشق هُئا، پر شهر جي عشاقن جا انهيءِ باغ ۾ بس ميلا متل هوندا هئا ۽ جسودا بہ کين پنهنجي روپ جا جلوه ڪنهن نہ ڪنهن بهاني ڏيکاريندي هئي، پر جيئن ٿيندو آهي، يعني اڪثر ڪري حُسن وارن سان ٽريجڊي ٿيندي آهي. شاعر چيو.
اچهي صورت بهي کيا بُري چيز هي
جس ني بهي ڊالي، بُري نظر ڊالي
جسودا جيڪا سهڻي تہ هئي پر عقلمند ۽ فضيلت واري بہ هئي سا هاڻي ٽين ايج ٽپي ميچوئر دور ۾ آئي، پر تيستائين سندس رکوالا يعني ماءَ پيءِ ۽ چاچا ماما هي دُنيا ڇڏي ويا ۽ هاڻي هُو فقط پنهنجي چاچيءَ سان گڏ، ڄڻ اڪيلي رهندي هئي، ڏکن، ڏولاوَن ۾ ڪي ورهيه گذري ويا، پر سندس حُسن ۽ ڪشش برقرار رهيا، نيٺ سانگهڙ جي هڪ هندو سيٺ سان سندس سنٻڌ ٿيو ۽ خُفيه شادي بہ ٿي جنهن مان کيس پٽ ڄائو، پر هاءِ قسمت، سگهو ئي سندس سيٺ مڙس دل جي دوري ۾ گذاري ويو ۽ هي بدنصيب حسينه وري اڪيلي رهجي وئي، هن پنهنجي مڙس جي گهر وارن سان رابطو ڪيو، پر انهن هن کي پنهنجو ڪرڻ کان نابري واري. مٿان ننڍڙو پُٽ بہ گذاري ويس، اِهي صدما جسودا سهي نہ سگهي ۽ سگهوئي دُنيا ڇڏي وئي! ڪيول رام نالي سندس هڪ سچو همدرد ۽ عاشق جسودا کي آخر تائين ساٿ ڏيندو رهيو، پر صدمن ماري جسودا مطمعين نہ ٿي ۽ مري وئي، ڪيول رام تنهن کان پوءِ بيمار رهڻ لڳو ۽ نيٺ اُهو بہ گذاري ويو ________ سانگهڙ ۾ ٿيندڙ وڏن سانحن Tragedy ۾ هڪ جسودا جو انجام بہ آهي.
ڳاڙهي شاهه جي اپسرا ڏوهٽي ۽ ٽنڊي آدم جي گوري جو ذڪر آئون آتم ڪٿا جي پهرين حصي ۾ ڪري آيو آهيان، ورجاءِ اجايو آهي، پڻ منفرد اپسرائن مڌوبالا ۽ هيڊي لامار لاءِ بہ احوال ڏنو اٿم پر هيڊي لاءِ تازو هڪ عجيب احوال مليم تہ هيڊي نہ رُڳو دُنيا جي حسين ترين عورت هُئي پر هُو هڪ سائنس دان بہ هئي؟!! Hifi سسٽم ۽ ٻيون ڪجهه ايجادون هيڊي جي ڪاوش آهن، جيڪي هن وقت ٻين سان منسوب آهن، هيڊي اهڙو شڪوو بہ ڪيو تہ سندس حُسن جي واکاڻ تہ ٿي پر سندس ذهانت ۽ سائنسي ڪم کي ڪونه مڃيو ويو. سو حُسن وارا سدائين سُورن ۾.

مزيد حماقتين

ادب ۾ طنز مزاح جي وڏي اهميت آهي، هلڪي ڦُلڪي انداز ۾ وڏيون ڳالهيون ظاهر ڪبيون آهن ۽ ماڻهن کي دل سان بہ لڳنديون آهن. سنڌيءَ ۾ حليم بروهي زبردست طنزنگار هيو ۽ ٻين ٻولين ۾ تہ طنزومزاح نگارن جو وڏو تعداد موجود آهي، جن جو ذڪر آتم ڪٿا جي پهرين حصي ۾ ڪيو اٿم. اردو ۾ شفيق الرحمان زبردست طنز و مزاح جو ماهر هيو، هُن جا ڪيترائي ڪتاب آهن پر هُن جو ڪتاب ”حماقتين“ ڏاڍو مقبول ٿيو هو، تنهن تان هُن ”حماقتين“ جو سلسو جاري رکيو ۽ انهيءِ جو ٻيو حصو ”مزيد حماقتين“ جي نالي ۾ لکيو ۽ شايع ڪرايو. تهڙي طرح آتما ڪٿا جي هن حصي ۾ گذريل عنوان کي وڌائيندي (ڪجهه دلچسپ واقعه) پنهنجون ڪجهه وڌيڪ حماقتون درج ٿو ڪريان يعني ”منهنجون ڪجهه مزيد حماقتون“ ___________.
آئون آرٽس جو اسٽوڊنٽ هُيس S.M ڪاليج ڪراچي مان موٽ کائي واپس سانگهڙ ڪاليج ۾ اچي داخلا ورتم تاريخ بہ منهنجو سبجيڪٽ هيو، جنهن جو استاد سائين غلام محمد ملانا هيو، ملانا صاحب سان ڏاڍا بحث مباحثا ٿيندا هُئا ۽ تاريخ جي بادشاهن کي آئون ڏاڍو نديندو هيس، اورنگ زيب، رنگيلو، اڪبر وغيره کي تہ ڪلاس ۾ بحث دوران گاريون ڏيندو هوس جنهن تان ملانا صاحب مون کي ڇنڀيندو هيو ۽ چوندو هيو تہ بابا اِهي مري کپي ويا انهن کي بُرو ڀلو چوڻ مان ڪهڙو فائدو؟.
خير وقت گذرندو رهيو، مٿان امتحان اچي ڪڙڪيا، پرچي ۾ سوال هيو تہ ”سلطان محمود غزنوي هندوستان ۾ اسلام پکيڙيو، کولي بيان ڪريو“ مون جيڪو جواب لکيو تنهن جي شروعات هئين ڪيم تہ ”ڪير ٿو چوي تہ محمود غزنوي هندوستان ۾ اسلام پکيڙيو، هُو هڪ ڌاڙيل هيو جنهن هندوستان تي 17 حملا ڪيا ۽ هر دفعي هزارين ماڻهو ماري هميشه ڦُر لُٽ ڪري افغانستان ڀڄي ويندو هيو، هن آخري حملو هندن جي هڪ وڏي مندر (سومناٿ) تي ڪيو جتان ڪروڙن جا زيور، هيرا جواهر ۽ مندر جو سونو دروازو پٽائي افغانستان کڻي ويو، اهيو ايڏو وڏو ڌاڙو هيو جو اُن کان پوءِ هن کي وڌيڪ ڌاڙن جي ضرورت ئي نہ رهي، اِها الڳ ڳالهه آهي تہ جڏهن وڏي وقت کان پوءِ هندوستان آزاد ٿيو تہ نهرو اُهو دروازو ۽ تخت طائوس افغانستان کان واپس ڪرايو ۽ جيڪا شيءَ جتي جي هُئي اُتي پُهتي (اڃان ڪوهه نور هيرو ملڪه برطانيه کان واپس ڪونه ٿيو آهي)، اهي لفظ جيڪي تاريخ جي ڪتابن ۾ لکيل آهن تہ محمود غزنوي بُت پرست نہ پر بت شڪن هو، نسورو ڪوڙ آهي، اهو گٽر ڪلاس تاريخ دانن جا ڪم آهن، جيئن ڀٽو صاحب جي ڦاسي مهل بي بي سي خبر ڏني تہ ڀُٽو جا آخر اکر هُئا تہ ”يا الله ! منهنجي مدد ڪر“ اِهو بي بي سي پنهنجي طرفان واڌاءُ ڪيو، ڪوڙ هنيو، مون بہ محمود غزنوي جي چڱي کل لاٿي ۽ هُن کي اسلام جو مبلغ نہ پر هڪ خونخوار ڌاڙيل ثابت ڪيم.
اهڙي طرح ٻيو سوال اورنگزيب متعلق هيو، جنهن پنهنجي ڌيءِ جي عاشق کي جيئرو ديڳ ۾ ڪاڙاهي ڇڏيو، سڳن ڀائرن کي مارائي ۽ پيءِ شاهجهان کي ورهيه قيد ۾ رکيو هو جنهن اُتي ئي ڦٿڪي ڦٿڪي ساهه ڏنو، اورنگزيب جي چمڙي بہ چڱي طرح لاٿم بلڪ سڀني مُغل بادشاهن لاءِ اِهو ئي لکيم تہ اهي ڌاريا ۽ ڌاڙيل هُئا جن جهوڪ شريف جي مرد مجاهد شاهه عنايت کي بہ ڌوڪو ڏئي شهيد ڪيو هيو.
پيپر جي خاتمي تي مولانا صاحب مون کان پڇيو تہ محمود غزنوي ۽ اورنگزيب وارا سوال تہ ڪونه ڪيئي؟ مون ٻُڌايومانس تہ اهي ئي ڪيا اٿم، چيائين مون کي خبر آهي تو ڇا لکيو هوندو. زيرو مارڪون ملندئي. مون چيو سائين الله مالڪ آهي، پر جڏهن رزلٽ آيو ۽ مارڪ شيٽ آئي تہ حيرت ٿي تہ هسٽري ۾ مون کي 92 مارڪون مليون هيون، مولانا صاحب حيران هيو، چيائين تہ پيپر ڏسندڙ پڪ ڪو ڪامريڊ هوندو!!.
گرهوڙي صاحب جو مشهور قول آهي تہ سنڌڙي! توکي قنڌاران جوکو __________ قنڌار يعني افغانستان _______ افغانستان رڳو سنڌ لاءِ جوکو ڪونهي، جهان لاءِ جوکم آهي نائين اليون جو واقعو انهيءِ جو ثبوت آهي ، اُسامه افغانن سان گڏجي سڄي دُنيا ۾ ٿرٿلو مچايو ۽ لکين ماڻهو مئا يا دربدر ٿيا، باميان افغانستان ۾ گوتم ٻُڌ جا وڏا پهاڙ جيڏا بُت هُئا، طالبان انهن کي ختم ڪرڻ چاهيو، سڄي دُنيا جون اپيلون طالبان رد ڪيون، جاپان وارن تہ ڪروڙين ڊالر ڏيڻا ڪيا تہ اِهي بُت برباد نہ ڪريو ۽ هُو انهن کي جاپان شفٽ ڪرڻ چاهين ٿا. اسامه جي ڊپٽي مُلان عمر نہ مڃيو ۽ گوتم جا بُت دائنا مائيٽ سان اُڏائي ڇڏيا. پوءِ ٿيو ڇا؟ ڇا ٻُڌ ڌرم ختم ٿي ويو؟ رهندو هي ٿيو جو ڪُجهه ئي ڏينهن ۾ مُلان عُمر دُنيا مان ئي ختم ٿي ويو ۽ سڄي دُنيا ۾ مُسلمان انتهاپسند ۽ دهشت گرد مشهور ٿيا ۽ هن وقت مسلمانن جو ڪٿي بہ وقار باقي نہ رهيو آهي. مطلب تہ هي مذهب جا ٺيڪيدار ۽ اقتدار جا غاصب والي، سي کڻي بادشاهه هُجن يا ڊڪٽيٽر يا نام نهاد جمهوري حڪمران عوام جا ويري آهن ۽ انسانيت جا دشمن آهن، دريدو ڪو مُفڪر هيو، مون هن کي پڙهيو ڪونهي پر سندس هڪ انمول قول پڙهيم تہ دُنيا جو آخري بادشاهه جيسيتائين آخري پادري جي آنڊن سان وٽيل رسَي سان ڦاسي نہ چڙهندو تيستائين جي هن استحصالي پنجوڙ مان جان ڪونه ڇُٽندي!. اسان جي اٻوجهه عوام تي بہ مُلان (مذهبي رهمنا) ۽ بادشاهه (نام نهاد جمهوري مُلڪي سربراهه) اِهو استحصالي پنجوڙ جوڙيو مُختلف حيلن بهانن سان چڱي طرح قابُو ڪيو ويٺا آهن، عمران خان موجوده وزير اعظم پاڪستان ميان نواز شريف کي ”مغل اعظم“ جو خطاب ڏئي چُڪو آهي ۽ مُلن جو تہ نواز شريف سان ساٿ آهي ئي آهي. نہ رڳو ايترو پر هر اداري ۾ آفيسرن تي سندس مڪمل ڪنٽرول آهي، ڪو چُري ٿو تہ کيس اهڙي سيکت ڏني ٿي وڃي جو ٻيهر ڪنهن کي بہ همت ئي نٿي ٿي تہ حق ۽ سچ جي ڳالهه ڪري، ڪوڙ ڪوڙ ڪوڙ.......... بس سندس اٿڻ ويهڻ ڪوڙ آهي، جيئن هٽلر جي جنرل گوبلز چيو هو تہ ايترو ڪوڙ ڳالهايو جو عوام اُن کي سچ سمجهڻ لڳن. چيو وڃي ٿو تہ اوهان جيترو وڏو ۽ گهڻو ڪوڙ ڳالهائيندو اوترو وڌيڪ ”ڪامياب حڪمران“ ثابت ٿيندا. هي ٺڳ حڪمران ”پرنس“ جي خالق ميڪاولي ۽ هندوستان جي مها ڏاهي ۽ ارٿ شاشتر جي خالق چاڻڪيه جي ڏنل سبقن ۽ گائيڊ لائين تي پيا هلن. يعني ڪوڙ، ڏٽا، دلاسا، بهانا ۽ سبزباغ، ٻيو هنن وٽ ڪجهه بہ ڪونهي، سواءِ سندا پٻ ڀرڻ جي.

_______________________

مٿيان احوال لکندي موڊ ئي خراب ٿي ويو آهي، تنهنڪري وري ڪو زنده لطيفو بيان ڪريون، ٽين ايج کان اڳ معصوميت واري زماني ۾ مُلن جي تقريرن ۽ تبليغ ۾ اچي سخت مذهبي ٿي پيس، نمازن جي تہ هڻ هڻان هُئي، مجال آهي تہ ڪا نماز گُسي يا قضا ٿئي. پنجن ئي نمازن جي ادائگي پابندي سان ڪرڻ لڳس، هڪ شام عصر جي نماز کان پوءِ شهر کان ٻاهر هڪ پاڙي ۾ وڃن ٿيو، واپسي ۾ مغرب جو وقت ٿي ويو ۽ هڪ ننڍي مسجد ۾ آذان بہ آئي پي، بسم الله ڪري اندر گهڙيس، اُتي صرف ٽي ماڻهو هُئا، آذان ختم ٿي تہ هرڪو پنهنجي منهن نماز پڙهڻ لڳو. مون چيو جماعت ۾ نماز پڙهون، اُن جو ثواب گهڻو آهي، همراهن چيو تہ پيش امام آيو ڪونهي، اوهان نماز پڙهايو، مون پيش امامي قبول ڪئي ۽ هُو ٽئي همراهه پُٺيان بيٺا، نماز شروع ٿي، هڪ رڪعت پوري ٿي تہ پيش امام پهچي ويو ۽ ايندي شرط اڳتي اچي پيش امام يعني مون کي ڏسڻ لڳو، آئون لرزڻ لڳس ۽ مُنجهي پيس تہ هاڻي الائي ڇا ٿئي، ٻي رڪعت ۾ رُڪوع ۾ وڃي پوئتي ڏٺم تہ اصل پيش امام سميت سب رُڪوع ۾ هُئا، هاڻي جيئن سجدي ۾ وياسون تہ مون ٽپڙ ٻڌا ۽ جمپ ڏئي دروازي ڏي وٺي ڀڳس! پيش امام مون کي پڪڙڻ لاءِ سٿڻ ۾ هٿ وڌو پر آئون زوري ڇنائي جُتي بہ اُتي ڇڏي مينهن واچ ڪندو اچي گهر ساهي پٽيم! ٻي صبوح تي پيش امام منهنجا جوتا کڻي اچي منهنجي مامي کي دوڪان تي ڏنا ۽ احوال بہ ڏنائين________ سو اِهي اٿو اسان جا ڪم.
____________________________

جديد دُنيا جي جديد ايجادن دُنيا بدلائي ڇڏي آهي، موبائل سروس ۽ انهيءِ جا ڪيترائي نوان نوان پورشن، جيئن واٽس اپ، فيس بڪ، ٽوئٽ وغيره، ٻيون بہ گهڻيون ايجادون آهن پر لوڊ شيڊنگ جي توڙ سولر انرجي سسٽم لاجواب آهي، (اِها الڳ ڳالهه آهي تہ غريب وري بہ محروم آهي) سيٽلائيٽ سسٽم دُنيا گڏي ڇڏي آهي، پر انهيءِ سسٽم سان ٽي وي تان هزارين قسمين قسمين چينل ٽيلي ڪاسٽ ٿين ٿا، صحت ۽ طب، خابرو، مذهبي، تاريخي ۽ زبردست معلوماتي پر اُنهن ۾ هڪڙو عجيب ۽ ڪمال جو چينل آهي، ڊِسڪوري ID _____ هي چينل آمريڪا ۾ ٿيندڙ قتل ۽ غارت گيري جا سچا واقعا پيش ڪندو آهي ۽ اعليٰ ترين طريقي سان پيش ڪندو آهي، انهيءِ چينل درحقيقت آمريڪا جي ”اندرون خانه حالت“ کولي کولي ڏيکاري ۽ بيان ڪئي آهي، مون کي ڪجهه حيرت ۽ گهڻي خوشي ٿي تہ آمريڪا جهڙي مُلڪ ۾ اهڙا بہ ماڻهو آهن جيڪي اُتي جون اندرون خانه خرابيون ايڏي بيباڪ انداز ۾ دُنيا آڏو پيش ڪن ٿا. ٻي خاص ڳالهه تہ هي سچيون اسٽوريون جيڪي هُو ”ڊرامي“ جي صورت ۾ فلم بند ڪري پيش ڪن ٿا اُهي فوٽو گرافي، ڊاريڪشن ۽ خاص طرح سان ايڊيٽنگ جي لحاظ سان ايتريون تہ پرفيڪٽ ۽ نيچرل هونديون آهن، جو متاثر ٿيڻ کان سواءِ ٻي ڪابه واهه ڪونهي. هن ۾ لُٽ مار، ناجائز تعلقات ۽ اُنهن جو انجام، قتل ۽ غارت گيري، ڌوڪا ۽ فريب ڏندين آڱريون اچيو ٿيون وڃن، خاص ڪري Deadly Women جي عنوان سان فلمون / سچا ڊراما جنهن ۾ بيرحم سفاڪ عورتن جا خوفناڪ ظلم ڏيکارين ٿا جنهن ۾ اهي درنده صفت عورتون پنهنجن دوستن، نڪاح ٻڌل مڙسن ۽ حد اِها تہ پنهنجي اولاد کي بيدردي سان قتل ڪن ٿيون، لڳي ٿو تہ آمريڪا جي اڌ کان وڌيڪ آبادي ذهني مريض آهي، جنهن وٽ رحم، رواداري بلڪ انسانيت جو نالو نشان ڪونهي، رُڳو بيرحمي ۽ درندگي ۽ سفاڪيت آهي، ڊسڪوري جي انهيءِ ID نالي پورشن ۾ پيش ڪيل سڀ فلمون / سچا ڊراما هندي / اردو ۾ آهن ۽ ان ڪري هر ڳالهه يا مسئلو ۽ معاملو چڱي طرح سمجهه ۾ اچي ٿو. هي چينل ڊش وسيلي آساني سان ملي سگهي ٿو، عام ڪيبل وسيلي اِهو چينل ڪونه ٿو ملي، مون گذريل ڇهن مهينن کان پنهنجي الڳ ڊش هڻائي آهي جنهن وسيلي 200 روپيه مهيني جي چارجز تي نيشنل جاگرافي جا چار، هسٽري چينل ۽ ٽريول XP جو هڪ هڪ، ڊسڪوري جا چار چينل ۽ سوين ٻيا خابرو، مذهبي، فلمي، ميڊيڪل ۽ صحت وغيره جا چينل ڏسي سگهجن ٿا. پر ڊسڪوري ID ڪمال جو چينل آهي، جنهن تي هيستائين آئون لڳ ڀڳ ٻه سو کان وڌيڪ اسٽوريون ڌسي چڪو آهيان، جن جو مون مٿي ذڪر ڪيو آهي. اهي سچيون ڪهاڻيون ڏسي آئون يا اوهان يا ڪوبه انهن درنده صفت پر بظاهر ماڻهن جي وحشت ۽ انتها ظلم جو اندازو نہ ٿا لڳائي سگهن __ قطعي نہ محض شغل يا پنهنجي مخصوص ذهني حالت جي سُڪون ۽ کِل خوشيءَ لاءِ بيگناهه قتل ۽ غارتگيري ڪرڻ لاءِ ڪهڙو اندازو ٿي سگهي ٿو؟.
آمريڪا جهڙي طاقتور ۽ خوشحال ملڪ جي معاشري ۽ ماحول جو ستياناس ٻن عناصر ڪيو آهي، آمريڪا فقط پنج صديون اڳي دريافت ڪيل نئون مُلڪ آهي، جتي هر طرح جي پيداوار ۽ دولت جي بي پناهه گهڻائي هئي ۽ آهي ۽ جتي دُنيا سڄي مان طرح طرح جا ماڻهو لڏ پلاڻ ڪري پهتا ۽ آٻاد ٿيا ۽ انهن ماڻهن ۾ هڪ وڏو انگ لُچن ۽ بدمعاشن جو هيو جيڪي بعد ۾ اُتي جا ”گاڊ فادر“ بڻجي ويا، ٻيو عنصر اُتي آباد ڪارن (نيگروز) جو آهي، جيڪي اوائل ۾ تہ غلام هُئا بعد ۾ آزاد ٿيا ۽ هڪ ”ڪاري طاقت“ (Black Power) بڻجي ويا. ناول ۽ فلم ”روٽس“ (Roots) انهي جا شاهد آهن ۽ ناول ۽ فلم ”انڪل ٽامز ڪيبن“ ۾ اِهي سڀ حقيقتون ڏنل آهن. ڪارن جي اڪثريت ڪرمنل آهي، سيڪس، ڦُرمار، ڊرگز، هيومن ٽريفڪنگ ۽ اهڙا ئي ڌنڌا ڪارن جي اڪثريت جا آهن، شام کان پوءِ آمريڪا ۾ ڪٿي بہ اڪيلي ڪيڏانهن نڪرڻ خطري کان خالي ناهي ۽ گهڻو خطرو انهن ڪارن جو ئي هوندو آهي، ID ۾ جيڪي وارداتون ڏيکاريون ويون آهن، اُهي اڪثر تہ گورن آمريڪن متعلق آهن پر ڪارن جا بہ ڪيترائي ڪڌا ۽ ظولمي ڪم نمايان آهن جيڪي انشورنس، معمولي رقم، حسد، سيڪس يا ذاتي ڊسٽربنس ڪري قتل ۽ غارت گيري ۽ بعد ۾ سزاءَ موت يا ڊگهي ترم جي سزا تي ختم ٿين ٿا. مطلب آمريڪا اندرون خانه هڪ خطرناڪ ملڪ آهي.

آئون غلط آهيان!.

جيئن تہ آئون دُنيا وارن سان ايڊجسٽ نہ ٿي سگهيس!. تنهنڪري مون کي ڪڏهن ڪڏهن لڳندو آهي تہ آئون سراسر غلط آهيان يعني زندگي جي هر شعبي، نظرئي ۽ عمل ۾ غلط آهيان، اِهو انهيءِ لاءِ تہ ڪنهن بہ هڪ ڳالهه لاءِ منهنجو خيال يا نظريو اڄُ ڇا بہ آهي پر ٻي ڏينهن ساڳي ڳالهه ڪلهه جي ڀيٽ ۾ اُلٽ هوندي آهي. اصل ۾ اِهو ڪينواس ايترو ئي وسيع آهي، جيتري هي دُنيا وسيع آهي، ڪو ماڻهو ڪنهن جو خون ڪري ٿو تہ اِهو وڏو ڏوهه ڳڻيو وڃي ٿو. پر جنگ ۾ هزارين لکين ماڻهو مرن ٿا تہ اُن کي وطن جو دفاع چئي نظر انداز ڪيو وڃي ٿو ۽ اهو بہ تہ اُنهن هزارين ماڻهن جا گهر برباد ٿيا، ٻار بچا رُلي ويا پر ڪا پر گهور نٿي لٿي وڃي ۽ نہ ئي ڪو افسوس ڪيو ٿو وڃي. جج آڏو فريادي چور لاءِ فرياد ٿو ڪري تہ هن چور منهنجي چوري ڪري مون کي برباد ڪري ڇڏيو، جج چوي ٿو ”تون صحيح ٿو چوين“ وري چور چوي ٿو سائين بيروزگاري ۽ سُڃائي مون کي چوري ڪرڻ تي مجبور ڪيو، آخر ٻچن جو پيٽ ڪٿان ڀريان؟ جج چيو ” تون بہ صحيح ٿو چوين“ هاڻي ڪو ٻُڌائي تہ جيڪڏهن ٻئي صحيح آهن تہ غلط ڪير آهي؟ عجيب ڪيفيتون آهن، هڪ شڪ پڪ ۾ بدلجو وڃي تہ وري ساڳي پڪ هڪ شڪ ۾ تبديل ٿيو وڃي، جيئن ڪوڙ ۽ سچ گڏوگڏ هلندا آهن ۽ ڪا ڳالهه بہ ”قطعي“ Absolute Truth نہ هوندي آهي، تيئن زندگي جا معاملا بہ ائين پيا هلندا آهن.
ڀلا وهم ۽ حقيقت ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ وهمي ماڻهو انهيءِ وهم کي حقيقت ئي سمجهندو آهي تڏهن تہ مصيبت ۾ متبلا ٿيندو آهي، پر ”خوف“ جي ڪيفيت سڀ کان وڌيڪ بُڇڙي آهي ۽ خوف حقيقتن مفيد بہ هوندو آهي، خوف ئي اهڙي ڪيفيت آهي جيڪا ڪڌا يا جرم ڀريا ڪم ڪرڻ کان روڪيندي آهي، جيڪڏهن خوف نہ هجي تہ ماڻهو ۾ موجود حيوانيت جاڳي پوندي آهي ۽ هُو بيرحم درندو ٿي پوندو آهي، ٻي پاسي خوف دُنيا جي هر طرح جي ترقي، اوسر يا عمل ۾ رنڊڪ هوندو آهي، عجيب حالتون آهن، انسان آزاد ۽ خودمختيار هوندي بہ بي وس ۽ لاچار آهي، ”نيٺ ڇا ڪجي؟“ وري ساڳيو ليو ٽالسٽاءِ وارو سوال تہ هن موتمار ڪيفيتن مان آخر ڪيئن جان ڇڏائجي؟ بس هڪ ئي راه سُجهيم ٿي، سا آهي ”سادي زندگي“_______ سادي زندگي جي تشريح تمام طويل آهي، مختصر تہ لوڀ لالچ ڇڏڻ تہ سادي زندگي جو بُنيادي اصول آهي پر پنهنجو کاڌو، پيتو، رهائش، ڪپڙو لٽو سادو رکجي، انهيءِ سان اسان جو تُرم يعني قيد خانو، ٻين لفظن ۾ هي جسم جنهن ۾ پاڻ قيد آهيون، سائنسي ۽ بائيلاجيڪلي نارمل رهي ٿو. مثلن هر طرح جو نشو جسم ۾ فساد ٿو پيدا ڪري، ايتري قدر جو چانهه، ڪافي ۽ ڪولا بہ جسم ۾ اهڙا مُضر ڪيميڪل پيدا ٿا ڪن جيڪي دماغ، جيڪو جسم جو سرتاج يا بادشاهه آهي، تنهن کي نقصان ٿا پهچائين، گهڻو گوشت واپرائڻ بہ اهڙو ئي اثر رکي ٿو، اصل ۾ مُضر کاڌا پيتا اندر پيٽ يا جسم ۾ وڃي مختلف ڪيميڪلز (سيرم) ۾ چينج ٿا ٿين ۽ اهي ئي سيرم جسم ۽ دماغ کي ايبنارمل ڪن ٿا.
هڪ دفعي دوستن ڀنگ پيئڻ جو پروگرام ٺاهيو، ڀنگ واري ٿاڌل تہ پيتم پر اُنهي مان جيڪو مواد يا سيرم معدي ۾ ٺهيو تنهن چوڏنهن طبق روشن ڪري ڇڏيا، جڏهن طبيعت ۽ ذهن وڌيڪ خراب ٿيڻ لڳو تہ گهر روانو ٿيس، رات ٿي وئي هئي، ڏٺم تہ بجلي جا ٿنڀا پنهنجي جاءِ ڇڏي مون ڏانهن پيا وڌن، عجب صورتحال هُئي پر جيئن تيئن ٿڙندو ٿاٻڙندو گهر ڀيڙو ٿيس، ويڳي ماءُ (وڏي امان گذاري وئي هئي) پڇيو تہ ٻڌايومانس تہ ڀنگ پيتي اٿم، هن مهربان مون کي گدامڙي پاڻي ۾ ڳاري پياري ۽ الٽي لاءِ چيو، بهرحال اُلٽيون ڪري جان ڇڏايم، تڏهن وڃي آرام نصيب ٿيو، جيڪي ماڻهو ڀنگ، چرس، شراب يا هيروئن جا عادي ٿي وڃن ٿا اُنهن جي جسماني ڪيمسٽري خراب يا غير فطري ٿيو پوي ۽ پوءِ نتيجا ڪنڌ ۾.
مون کي گهڻا دوست شراب آڇيندا آهن، آئون چوندو آهيان تہ آئون يوگي آهيان ۽ يوگا ۾ شراب منع ٿيل آهي ۽ اوهان بہ يوگا ڪريو___ اصل ۾ يوگا يا يوگا طريقهءِ حيات اسان کي بنهه ٻي ۽ هڪ انوکي دُنيا ۾ کنيو ٿو وڃي، هي جيڪي مون شروع ۾ عجيب خيال ۽ ڪيفيتون لکيون آهن، اُهي وهم هجن يا خوف يا ٻي ڪا ڪيفيت، يوگا ۾ انهن جي اهميت ختم ٿيو وڃي. جڏهن ڪنهن مسئلي يا معاملي جي اهميت ختم ٿيو ٿي وڃي تہ سمجهو اُهو مسئلو ئي ختم ٿيو وڃي، يوگا جي مختلف مشقن ذريعي ڪيتريون ئي ذهني ۽ جسماني بيماريون يا اوڻايون ختم ٿيو وڃن. مون گذريل صفحن ۾ نول بلوم ۽ بسريڪا مشقن جو ذڪر ڪيو هو، هڪ ٻي آسان مشق نالي ”ڪپال ڀاٽي“ آهي جنهن سان ڪيترائي روڳ ختم ٿين ٿا، هڪ خاص مشق آهي (مرگ آسن) جنهن جي ڪرڻ سان ڪنهن بہ قسم جو خوف فنا ٿيو وڃي. مون اِها مشق خود ڪري ڏٺي آهي، زبردست خوف ۾ مبتلا هُيس پر انهيءِ مشق سان اُهو خوف فنا ٿي ويو! مطلب هي جيڪي بہ ڪيفيتون هونديون آهن، اِهي محض ”خيالي“ هونديون آهن، جسم ۾ اهڙا سيرم پيدا ٿيندا آهن، جيڪي دماغ ۾ خوف پيدا ڪندا آهن ۽ اُهي سيرم انهن مشقن سان ختم ڪري سگهبا آهن. پر ٻيا ”حقيقي خوف“ هوندا آهن، جيڪي ”خيالي خوفن“ جي برعڪس وڌيڪ اثرائتا هوندا آهن، اهڙن حقيقي خوفن ۾ گهٽتائي ٿيندي ۽ اهڙا سيرم پيدا ٿيندا جيڪي همت ڏياريندا آهن، مطلب تہ هي دُنيا ۽ زندگي اهڙي ئي عجيب آهي، جتي سڀ ڪجهه ممڪن آهي.
عام ماڻهو جي صحت ۽ حياتي اسان جي مُلڪ ۾ سُٺي ناهي، انهيءِ جو سبب هاڻي عام لوڪ سمجهي ويو آهي تہ اِهو سڀ ڪجهه يعني خراب صورتحال بدمعاش ۽ بي ايمان حڪمرانن جي ڪري آهي، اهڙا ٽڪسال ۽ حالتون ٺاهيو ويٺا آهن جن جو توڙ ڏاڍو ڏُکيو ٿو لڳي، مذهبي جماعتون ۽ رهبر هڪڙي ڳالهه ٿا ڪن تہ صوفيت جا قائل (لبرل) ٻي ٿا ڪن، وري سياست دان وچان ٽي ٿا ڳالهه ڪن، مذهبي جماعتن کي جيڪڏهن هن مُلڪ ۾ اسلام ئي نافذ ڪرڻو هيو، تہ گذريل 70 سالن يعني مُني صدي ڇا هُنن لاءِ گهٽ هُئي؟ رهندو طالبان ۽ ٻين دهشتگرد تنظيمن مورهيائون اسلام يا مذهب جو اثر گهٽائي ڇڏيو، ها البت گوڙ شور ڪري ڪامريڊ سيگمينٽ کي ڪافي ڌڪ رسائڻ ۾ ڪامياب ويا. خاص ڪري روس ۾ ڪميونزم کي ڌڪ رسڻ ۽ رياست ٽٽڻ ڪري رهندو سوشل ازم يا ڪميونزم جا در بند ٿي ويا، امن پسند ۽ صوفيت جا قائل (خاص ڪري سنڌ ۾) وڌ ۾ وڌ متاثر ٿيا، يعني نقصان ۾ ويا، ايتري قدر جو ايم ڪيو ايم جهڙي فاشست ۽ دهشتگرد قاتل تنظيم جو بہ مقابلو ڪرڻ جي قابل نہ رهيا، باقي رهيا سياست دان، سي سڀ مغربي جمهوريت ۽ ترقي جي ڳالهه ڪن ٿا، پر رُڳو ڳالهه ڪن ٿا، اندرون خانه سندن ڪم رُڳو ڦُرلُٽ آهي، اصل ۾ جيسيتائين ماڻهن ۾ تعليم، آگاهي ۽ شعور نہ ايندو تيتر اِهو سڀ ڪجهه ممڪن ئي ڪونهي، ماڻهن جي اڪثريت بي شعور، اڻپڙهيل ۽ ڇِتي آهي ______ بي ايمان سياستدانن کي هڪ پاسي رکندي پاڻ صوفين يعني سنڌ ۽ سنڌين جي ڳالهه ڪريون تہ هي معاملو تيستائين ڪونه نبرندو جيستائين سڀئي جماعتون هڪ پليٽ فارم تي گڏ نہ ٿينديون. تازو اياز لطيف پليجي اهڙو بيان هڪ ڊگهي انٽرويو ۾ ڏنو آهي تہ اسان جي شڪست ڇڙوکڙ جماعتن جي ڪري آهي، هاڻِ ڏسجي تہ قوم پرست ۽ سنڌ جا هڏڏوکي ڇا ٿا ڪن!. 2018ع جي خوفناڪ اليڪشن اجهو آئي سڀ خبر پئجي ويندي. قوم پرستن ۽ فنڪشنل ماضي ۾ ڏاڍا ڌڪ کاڌا آهن، متان هاڻِ ڪا اک پٽين.
سو مون کي لڳندو آهي تہ آئون سراسر غلط آهيان، مئسلو ۽ معاملو ڪُجهه ٻيو آهي يعني بقول برڪلي تہ ”اُهو اُهو ڪُجهه ناهي جيڪو نظر ٿو اچي، اصل حقيقت ڪا ٻي آهي“ مثال طور اسان جا آقا، ننڍا آقا، وچٿرا آقا، وڏا آقا____ هي سڀ کيل تماشو اُنهن جو جوڙيل آهي، سو پيا هلائين، ٻيو ٿيو خير__ سو آئون تہ سراسر غلط آهيان، سراسر غلط!!. بي وسي ۾ ٻاروتڻ وارو نعرو هڻون تہ ”نهرو مو اسان جو ڇا“.

___________________________

اسڪول جي آخري سالن ۾ هُئاسين تہ صدر ايوب جي خلاف تحريڪ هلي، صدر ايوب ۽ محترمه فاطمه جناح جو سخت مقابلو هيو، بظاهر بهانو هيو تہ کنڊ مهانگي ٿي وئي آهي، هڪ مست رستي تي نعره پي هنيا ” صدر اجُوب (ايوب) هو يا فاطمه زنا، (فاطمه جناح) هم ڪسي ڪو نهين ڇوڙي گا“ ____ پر جيڪو نعرو سڀ کان وڌيڪ مقبول ٿيو سو هيو ”ايوب ڪُتا مرده آباد“ اسڪولي شاگردن بہ هڪ وڏو جلوس ڪڍيو ۽ رستن تي ساڳيو نعرو هنيو ”ايوب ڪُتا مرده آباد“ نعره ٻارا هڻي نڙي سُڪائي گهر پُهتس تہ بابا کي ناراض ڏٺم، چئي وري اهڙن جلسن ۾ نہ وڃجان، مون پڇيو ڇو؟ چيائين پُٽ اوهان پاڪستان ڏٺو آهي ۽ آزادي ڏٺي آ، غلامي ۽ مصيبتن وارا ڏينهن تہ اسان لوڙيا ۽ ڪشٽ ڪٽيا، ڪُجهه بہ آهي وري بہ پاڪستان بهتر آهي.
پوءِ اڳتي جڏهن ڪُجهه ميچوئر ٿياسين تہ بابا جي ڳالهه تي غور ڪيم ۽ سوچيم تہ ڇا اسين واقعي آزاد آهيون؟ آخر جواب مليو تہ آزاد تہ ڇا مُورهيان ڇُڙواڳ آهيون، جنهن ڌرتي يا رياست ۾ ڪو قانون ڪونهي جتي آئين کي ضيا جهڙا بدمعاش ڊڪٽيٽر ڪاغذ جو پُرزو چون، ڪو ضابطو، ڪو اصول يا ڪا عمل داري ڳولي نہ لڀي، اُهڙي صورتحال کي تہ ”ڇڙواڳي“ چئبو ، نہ ڪه آزادي_____ آزادي ۾ ضابطه ۽ حدون هونديون آهن، ڇُڙواڳي ۾ نہ ضابطه هوندا آهن نہ حدون. ايم ڪيو ايم ۽ طالبان وانگر مُلڪ کي جهنگ ٺاهيو پنهنجا دستور پيا هلائيندا آهن، اڳتي نہ ڪنهن قسم جو تحفظ (جان، مال ۽ عزت جو تحفظ) آهي، نہ ڪنهن روزگار جو آسرو، بدامني انتها تي پهتل، ماڻهو مو ڪتو مو، نہ داد نہ فرياد ۽ نہ ئي انصاف! هتي قانون ڏاڍي ماڻهو لاءِ ڪوريئڙي جو ڄار آهي، جنهن کي هُو آساني سان ٽوڙي نڪريو وڃي ۽ غريب هڪ مک جي آچار آهي جيڪو انهيءَ ڄار ۾ ٻٽنگو ڦاسيو ڦٿڪيو ڦٿڪيو ساهه ڏي، سچ تہ ڪنهن غريب ۽ ڪمزور لاءِ هي حالات جيئري جهنم آهن.

________________________

بيوَسي جو ڀنوَر :-
آئون مڃان ٿو تہ آئون سراسر غلط آهيان، پر آئون بيوسي جي ڀنوَر ۾ ڦاٿل آهيان، هونئن تہ مُلڪ ۾ دهشتگردي ۽ ظلم روز جو معمول آهي پر تازو 12 مئي 2017ع تي بلوچستان ۾ گوادار ۽ سي پيڪ جي جبل جيڏي منصوبي تحت روڊ تي مزدوري ڪندڙ ڳوٺ صديق لاکو ضلع نوشهروفيروز جا 09 سنڌي پورهيت ۽ هڪ بروهي ذات جو پورهيت ڪُل 10 مزدور بيگناهه انتها سفاڪيت سان قطار ۾ بيهاري شناختي ڪارڊ چيڪ ڪري بيرحمي ۽ بيدردي سان گوليون هڻي ماريو ويو (اِهي اُهي ئي حالات آهن، جيڪي اوڀر پاڪستان ۾ جنگ ۽ پاڪستان کان الڳ ٿيڻ کان اڳ وارا هُئا)، سنڌين ۽ بلوچن جو ڪو جهڳڙو يا تنازعو ڪونهي، لکين بلوچ سنڌ جي گود ۾ سمائيل ۽ کير کنڊ ٿيل آهن، تہ پوءَ ڇا ۽ ڇو هي غريب سنڌي پورهيت بلوچن ماريا؟ يا ڪنهن لِڪل قوت سنڌين ۽ بلوچن ۾ ويڇا وجهڻ لاءِ اِهو ڀيانڪ ۽ ڪڌو ڪم ڪيو، بيشڪ بلوچ ڏهاڪن کان اسلام آباد جا ستايل آهن، گوادر پورٽ ۽ سي پيڪ بہ بلوچن لاءِ احساس محرومي بڻيل آهي، اسان جي مرحوم دوست اياز سنڌي جڏهن گوادر پورٽ ۽ سي پيڪ جو معاھدو چين سان ٿيو پئي تہ انڪشاف ڪيائين تہ هي اهڙو ئي ڪم آهي جيڪو انگريزن انڊيا ۾ اچڻ کان اڳ مغل دور ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جوڙي ۽ بعد ۾ سڄي انڊيا تي قابض ٿي ويا. خير اِهي تہ آهن وڏيون ڳالهيون، اسان جو روئڻ ۽ واويلا اُنهن غريب سنڌي پورهيتن لاءِ آهي، جيڪي پنهنجي علائقي ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ پوکي راهي نہ هجڻ ڪري پنهنجن ٻچن جي پيٽ قوت لاءِ گوادر بلوچستان پهتا ۽ مزدوري ڪيائون ۽ بيگناهه مارجي ويا بلڪل بيگناهه!!
منهنجي شديد حساس طبيعت اِن واقعي تي سخت متاثر آهي پر آئون بيوسي جي ڀنوَر ۾ ڦاٿل آهيان، ڪيئن انصاف حاصل ڪريان_____؟. جيڪڏهن آئون ڪو وزير ڪبير هجان ها تہ گهٽ ۾ گهٽ شهيدن جي ڪِيهون ڪندڙ بيواهن ۽ يتيم ٻچڙن لاءِ ڪجهه ڪريان ها، يعني ڪو روزگار جو بلو يا سُٺي مالي امداد ڪريان ها. اسان واري وزير اعليٰ تہ 50 هزار في خاندان امداد منظور ڪئي، جيڪا شرم ناڪ آهي، بس اسان بيحد حساس Over Sensitive ماڻهو ائين پيا واويلا ڪنداسون پر ورندو ڪجهه بہ ڪونه، بيوسي جي ڀنوَر اسان کي بي عمل بيڪار بڻائي ڇڏيو آهي، رڳو اندر جي آڳ جهڪي ڪرڻ لاءِ هي پورهيو پيا ڪيون يعني لکت ۾ هڪ ذاتي ڊائري يا تاريخ پيا رقم ڪيون، عملي طرح ڪٿي فعال ٿيون؟ ڪا بہ سياسي جماعت اسان دولت کان خالي ۽ جذباتي ماڻهو کي قبولڻ لاءِ تيار نہ ٿيندي. خاص ڪري ڪا وڏي ۽ نالي واري پارٽي، جن وٽ دولت جا انبار آهن ۽ انهيءِ ڏڍ تي ئي هُو سياست تي قابض آهن، ننڍيون پارٽيون پاڻ ۾ مُتفق يا هڪ پليٽ فارم تي نہ آهن، لبرل قوتون بہ ڇڙو وکڙ آهن، هاڻي ڇا ڪجي ڪيڏانهن وڃجي؟ تنهن ڪري آئون يا اسان جهڙا شديد الاحساس ماڻهو عملي طور تي ناڪاره بيڪار آهيون، ايڊجسٽ نہ ڪري سگهياسين، مُلڪ ۽ قوم لاءِ ڪُجهه نہ ڪري سگهياسين، تنهنڪري سراسر غلط آهيون. آئون دوستن کي صلاح ڏيندس تہ جيڪڏهن هُو چاهين ٿا تہ هنن کي خبر پوي تہ دُنيا ۾ ”تبديلي يا انقلاب“ ڪيئن آيا، تہ هُو غلام رسول مهر جو ترجمو ٿيل رابرٽ بي ڊائون جو ڪتاب ”ڪتابين جنهون ني دُنيا بدل ڊالي“ پڙهن. ڪارل مارڪس جو ڪتاب ”سرمايو“ ٿارو جو ڪتاب ”سول نافرماني“ مسز اسٽو جو ڪتاب ”انڪل ٿامز ڪيبن“ ڊارون جو ”اصل انواع“ ۽ ٻيا ڪجهه ڪتاب جن دُنيا ۾ انقلاب برپا ڪيا، مختصر ۽ جامع انداز ۾ انهيءِ هڪڙي ڪتاب ۾ سهيڙيل آهن، (آتم ڪٿا جي پهرين حصي ۾ مون انهن ڪتابن مان ڪجهه جو احوال ڏنو آهي) غلام رسول مهر ڪُل 16 انقلاب انگيز ڪتابن جو جامع اختصار ڏنو آهي پر مٿيان چار ڪتاب سڀني کان اتاهان آهن. مون کي سڀ کان وڌيڪ جنهن ڪتاب متاثر ڪيو سو ٿارو جو ”سِول نافرماني“ آهي، هن ڪتاب مها آتما گانڌي کي بغاوت تي آماده ڪيو هيو، هُن تحريڪُون هلائي هلائي نيٺ انگريزن کي تڙي ڪڍيو ۽ انڊيا آزاد ٿيو، مسز اسٽو جي ڪتاب ”انڪل ٽامز ڪيبن“ جي مقبوليت جو هي عالم هيو جو ڪتاب جون 80 لک ڪاپيون ڇپيون ۽ ماڻهن خريد ڪري پڙهيون، چيو وڃي ٿو تہ آمريڪا جي گهرو ويڙهه يا سِول وار انهيءِ ڪتاب جو نتيجو هئي، باقي رهيو ڪارل مارڪس، تنهن جي تحرير اسان جي سمجهه کان مٿي آهي، پر سندس اصل مقصد هيو تہ دولت جي مساوانه تقسيم ٿي ۽ ذرائع آمدن ۽ پيداوار ۾ هر شهري جو حصو پتي هجي ۽ انهيءِ کي سرڪار جا ايماندار فرد (پولٽ بيورو) ڪنٽرول ڪري. منهنجو خيال آهي تہ ڪارل مارڪس انهيءِ ٿيوري (يعني ڪميونزم) جو بُنيادي خيال اسلامي نظام معيشت مان ورتو ۽ انهيءِ کي سنواري سُڌاري يا ماڊيفاءَ ڪري جديد دُنيا جي تقاضن موجب پيش ڪيو، دُنيا ۾ انهيءِ ڪتاب يعني ”سرمايه“ Das Capital سڀ کان وڌيڪ اثر ڇڏيو ۽ هن وقت دُنيا ۾ ڪامريڊ ڪروڙن جي تعداد ۾ آهن پر سرمايه دار (سامراجي) بہ سندن مقابل زوران زور وڙهندا اچن. ڪميونزم روس ۾ وڏي حد تائين شڪست کاڌي ۽ چين لچڪداري پيدا ڪئي يعني سرمايه داري ۽ ڪميونزم گڏ وچڙ ڪري هلايو ۽ هلائين پيا، خالص ڪميونزم هن وقت وينزويلا، اُتر ڪوريا ۽ ڪيوبا ۾ اڃان هلي پيو.
دولت جي مساوي تقسيم ڪميونزم ۽ اسلام ٻنهي ۾ آهي، پر پاڪستان ۾ عام خلق ۾ ايترو شعور ئي ناهي جو هو مامرو سمجهي سگهي___ ڀٽي صاحب جو ”سوشل ازم“ هتي آزمايو ويو جيڪو جاگيردارن ۽ سرمايه دارن نافذ ڪيو هيو، ڀلا اِهو ڪيئن ممڪن هيو؟ جاگيردار، سرمايه دار سوشل ازم يا ڪميونزم ڪيئن نافذ ٿا ڪري سگهن؟ اِهو غير فطري عمل هيو، اِهو ائين آهي جيئن واڍي کان لوهارڪو ڪم وٺجي، تنهن ڪري ڀٽي صاحب وارو سوشل ازم فيل ٿي ويو.
سو آئون تسليم ٿو ڪريان تہ آئون سراسر غلط آهيان، پر هڪڙي ضمن آئون صحيح آهيان تہ گهٽ ۾ گهٽ گهر ۾ تہ تبديلي يا انقلاب آڻي سگهيس، توڻي جو منهنجي وني مون سان سهمت ناهي، هُو ڊارون جو ٿيوري کي اُديلي ٿي ۽ مون سميت ڊارون جي ٿيوري مڃيندڙن کي چريو يا گهٽ ۾ گهٽ اڌ چريو قرار ٿي ڏي. هُو چوي ٿي تہ اِهو ممڪن ئي ڪونهي تہ پاڻ انسان ارتقائي طرح باندرن جو نسل آهيون! ياد رهي تہ ڊارون جو ڪتاب ”اصل انواع“ بہ انهن بنيادي ۽ انقلابي ڪتابن ۾ شمار آهي، جن جو ذڪر ڪيو اٿم ۽ جن دُنيا بدلائي ڇڏي، سو غلط آهيان يا صحيح آهيان، اِها مون کي بہ خبر ڪونهي.
سچل چواڻي
ڪو ڪيئن چوي ڪو ڪيئن چوي
مان جوئي آهيان، سوئي آهيان

ڪُوچڙا ڪلچر!

لفظ ”ڪلچر“ وسيع معنيٰ رکي ٿو، هن لفظ جي تشريح انساني سماج، رسم رواج، زبان، قومي مزاج، ماحول، گيت سنگيت، تهذيب ۽ تمدن ضمن ٿئي ٿي، سنڌي ڪلچر ۾ صوفيت، مهمان نوازي ۽ رواداري، گيت سنگيت، سنڌي رسم رواج، قومي مزاج وغيره کي گڏي چئبو تہ هي ”سنڌي ڪلچر“ آهي، اسان وٽ سنڌي ڪلچر کان سواءِ پنجابي ڪلچر، پشتو ڪلچر، بلوچي ڪلچر، هندو ڌرم آهي، پر انهن جو بہ هڪ جدا ڪلچر آهي، تنهن کان سواءِ مهاجر اڙدو ڪلچر موجود آهن، پر هڪڙو ٻيو انوکو ڪلچر بہ موجود آهي، جنهن کي آئون ”ڪُوچڙا ڪلچر“ چوندو آهيان، ڪُوچڙا درحقيقت هڪڙي قوم آهي جيڪا دربدر خانه بدوشن وانگر هڪ جپسي (رولُو قبيلو) يا قوم آهي، بُنيادي طور هُنن جو ڪو دين ايمان يا مذهب سان ڪو لاڳاپو ڪونه هوندو آهي، هنن وٽ ”گناهه“ جو بہ ڪو تصور ڪونه هوندو آهي، پنڻ، چوري چڪاري، ڪسب ڪمائڻ، ڪوڙ ۽ ڌوڪو هنن جي فطرت ۾ سمايل هوندو آهي ۽ ظلم ۽ بيرحمي بہ هنن وٽ خاص اهميت نٿا رکن. آئون هنن جي سڃاڻپ لاءِ هڪ سچو واقعو ٻڌايان ٿو.
پُراڻي ڳالهه آهي، اسان جي گهر هيٺيان هڪ ورانڊو ٺهيل هوندو هيو، جتي ڳوٺاڻا گرمي ۽ اُس کان بچڻ لاءِ اچي ويهندا يا آرام ڪندا هُئا، هڪ دفعي ٻپهرن جو هڪ ڪوچِڙي ۽ سندس ٻه ٻار انهيءِ ورانڊي ۾ اچي ويٺا، مائي هڙ کولي ماني ۽ انب ويهي کائڻ لڳي، هُوءَ ماني کائيندي وئي ۽ مٿان انب چوسيندي وئي ۽ ٻار اکيون وجهو ويٺا آهن بلڪ جيئن جيئن هُو هٿ هيٺ مٿي پئي ڪري تہ ٻار بہ هيٺ مٿي پيا نهارين، پر مجال آهي جو ڪو هڪ گِرهه بہ کڻي ٻارن کي ڏي. آخر هڪڙي ٻار کان رهيو نہ ٿيو ۽ انهيءِ ٻار کڻي مانيءَ ۾ هٿ وڌو، انهيءَ موقعي تي ڪوچڙيءَ رن رڙ ڪئي ۽ زور سان انهيءِ ٻار کي ٿڦڙ هنئي ۽ اُهو ٻار ٻه ٽي فٽ پري اونڌو ٿي وڃي ڪريو ۽ دانهون ڪرڻ لڳو، هوڏانهن ڪوچڙي اطمنان سان ماني کائيندي رهي ۽ انب بہ چوسيندي رهي! اهو اٿوَ ڪوچڙو ڪلچر!.
ماءَ جي ممتا ۽ پيار ۽ قرباني ڪيڏانهن ويا مطلب ڪوچڙن وٽ اهڙا نرمل انسان پرور احساس ئي ڪونه هوندا آهن، بظاهر تہ هُو جسماني طرح انسان نظر ايندا آهن پر بنهه حيوان جانور هوندا آهن.
هن منظر جو ٻيو رُوپ ڏِسو، مُهذب ڳالهائڻ، اُٿڻ ويهڻ شائسته، ڏيڻ وٺڻ ۾ رواداري، ٻي جو احساس، قرباني ۽ ايثار، مقصد اُهي سڀ قدر Values جنهن سان انسان انسان ڏسجي ۽ سڏجي، جنهن مان رُوح کي راحت ملي، اهڙا نرمل ۽ مٺا مُهذب ماڻهو ئي آهن، جيڪي روح کي راحت ڏين ۽ اهڙا دلبر ماڻهو ڪُوچڙن جي بالڪل برعڪس هوندا آهن، پر ڪُوچڙا صرف اُهي نہ هوندا آهن جيڪي ”نسلي ڪُوچڙا“ هوندا آهن بلڪ اُهي بہ ڪوچڙا ڪلچر جو حصو هوندا آهن جيڪي ڪُوچڙن جون خصلتون اپنائيندا آهن، يعني اُهي بي حِسي ۽ بيرحمي جون خصلتون جيڪي نسلي ڪُوچڙن ۾ ازلي طرح موجود هونديون آهن. ظلم ۽ دهشتگردي، فساد، ڪُوڙ ۽ لُٽ مار انهن جا نمايان اُهڃاڻ هوندا آهن. هي ظالم ۽ بي حِس طالبان ۽ ايم ڪيو ايم جا نامي گرامي دهشتگرد قاتل انهيءِ زمري ۾ اچن ٿا. معاشري جا اُهي فرد جيڪي ڪنهن بہ ڪميونٽي يا قوم سان تعلق رکندا هجن اُهي ڪُوچڙا ڪلچر جو ئي حصو هوندا آهن. مطلب هُنن جو ”مائينڊ سيٽ“ ۽ نسلي ڪُوچڙن جو مائينڊ سيٽ هڪ ئي هوندو آهي.
اسان پاڪستان جا باشنده ۽ خاص ڪري سنڌ جا لبرل باشنده انهيءِ ڪُوچڙا ڪلچر جا ئي ڏهاڪن کان شڪار ۽ نشانو آهيون، هتي مصيبت هڪ ٻي بہ آهي تہ انهيءِ غير انساني ڪلچر جي سربراهن کي سونا تاج پارائي قوم جو هيرو ثابت ڪرڻ جا جتن ڪيا ٿا وڃن، اِها صورتحال ڏسي ”انقلاب“ جو سپنو جاڳي ٿو، پر وقت سان گڏ هر شيءِ تبديل ٿيندي رهندي آهي، سو دُنيا يا گهٽ ۾ گهٽ هن خطي جا، جنهن جا اسين رهواسي آهيون، هتي جا انقلابي ورهيه ٿيا گُذاري ويا، ڪو انقلاب ٻنقلاب هتي ناهي اچڻو ۽ نڪو ايندو. دل ڌوئي دکيءَ ۾ رکون تہ اِهيو اسان جي حق ۾ بهتر آهي، پر هڪ ٻي بہ ڳالهه آهي تہ پاڪستان ۾ ڪنهن بہ مهل ڪجهه بہ ٿي سگهي ٿو.
هاڻي اِهو ”ڪجهه به“ گهڻو ڪجهه آهي، خطي ۾ وڏي جنگ، خانه جنگي يا ٻيو ڪجهه بہ ٿي سگهي ٿو جيڪو سڄي ڌوڪي جي مانڊاڻ کي تبديل ڪري ڇڏي، باقي رهي جمهوريت يا جمهوري نظام، سو هن ڪُوچڙا ڪلچر ۾ ممڪن ئي ڪونهي، رڳو ڏٽا، دلاسا ۽ سبز باغ ئي آهن جيڪي سياسي رانديگر راند پيا کيڏن ۽ اُهي ئي هي راند کيڏي سگهن ٿا ڇاڪاڻ تہ هن مصنوعي جمهوريت لاءِ صوبائي يا قومي اسميبلي جي هڪ سيٽ کٽڻ لاءِ چار کان ڇهه ڪروڙ پڪو خرچ کپي جيڪو موجوده کلاڙي تہ افورڊ ڪري سگهن ٿا ۽ ڪن پيا، گرَي گنجَي جي هت جاءِ ناهي__ سچائي ۽ فضيلت جي تہ هت بُوءَ باس بہ ڪونهي.
ڪُوچڙا ڪلچر جا ڪجهه مثال ۽ منظر بيان ٿو ڪريان، گهر جي در آڏو ڪو ماڻهو موٽرسائيڪل بِيهاري پاڻ ڪٿي گم ٿي ويو، هاڻ گهر جا ٻار ٻچا لنگهڻ ڪرڻ ۾ ڏُکيا، ڪنهن طرح جاءَ ڪئي سين ڏهن پندرنهن منٽن کان پوءِ موٽرسائيڪل وارو مالڪ اچي پهتو. هُن کان پڇيو ويو تہ ڀائو! ڇا هي ڪو اسٽينڊ آهي؟ ڀائو جواب ڏنو، آئون اندر مارڪيٽ ۾ ويو هُئس، ٿوري دير ٿي وئي، مڙئي خير آهي______!! جيڪڏهن وڌيڪ سوال جواب ڪر تہ مورڳو وڙهڻ لاءِ تيار ٿيو وڃي __ دُوڪاندار دوڪانن آڏو تختا رکي رستو بلاڪ ڪيو ڇڏين! ٽرئفڪ جام ٿيو وڃي، هلندر بازار ۾ دوڪانن جو ڪن ڪچرو روڊ تي اڇلايو ڇڏين، آدهي رات تائين فُل آواز ۾ نعت خواني سان سڄو محلو وڄايو ڇڏين، شب برات تي هندن جي ڏياري رسم وانگر سڄي رات ڦٽاڪا ٻاري ڌماڪا ڪري بيمارن جون ننڊون حرام ڪن، ڪڪڙ ۽ ٻيا جانور وڙهائي مزو وٺن، ٽرئفڪ هلندي ڪنهن کي روڊ تي ڪيرائي ڇڏين ۽ وري خيرت بہ نہ پڇن، ٻارن کي غليظ وکر چمڪيلين پنين ۾ وڪڻن، غليظ آچار، مربا ۽ حرام گوشت، حد اها تہ گڏهه جو گوشت بہ هلايو ڇڏين، تازه ميوا ڪارپيٽ سان زوري پچايو وڪڻن ۽ ماڻهن کي بيمار ڪن، شادين مرادين تي اڀ ڏاريندڙ بيهوده ريڪارڊنگ ۽ فائرنگ ڪن، جنهن ۾ ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو بہ مريو پون، نقلي منرل واٽر ۽ نقلي دوائون تہ عام ڳالهه آهي، هي سڀ ۽ ٻيا بہ ڪيترا ڪم ۽ حرڪتون ڪُوچڙا ڪلچر جو منظر آهن، سڄو معاشرو ڄڻ تہ ڪُوچڙا ڪلچر جي لپيٽ ۾ اچي ويو آهي. بهرحال ڪُوچڙا ڪلچر ۽ ڪُوچڙا ذهنيت کي نٽ شيل ۾ سمجهڻ لاءِ ايم ڪيو ايم جي دهشتگرد وِنگ ۽ انهيءَ جي ڪمانڊرن جو مطالعو ڪرڻ ضروري آهي.
هي آتم ڪٿا پڙهي ڪوبه دوست مون کان پُڇي سگهي ٿو يا گهٽ ۾ گهٽ سوچي سگهي ٿو تہ هي ڪهڙي قسم جي آتم ڪٿا آهي جنهن ۾ مُلڪي ۽ سياسي بدحالي جو روڄ راڙو گهڻو آهي، جڏهن ڪه ٻيا احوال نالي ماتر آهن ڳالهه هي آهي تہ آئون (۽ ڪروڙين هن مُلڪ جا باشنده) غير محب وطن يا کڻي چئو ٺڳن جي ور چڙهي اصل ۾ ذهني مريض ٿي ويا آهيون، دُنيا ڪٿي جو ڪٿي پهچي وئي پر اسين ڌارين جي ڌُٻڻ مان نڪري نہ سگهيا آهيون، تنهن ڪري آتم ڪٿا جي لکڻين ۾ اهڙا ئي روڄ راڙا بار بار دُهرائجن ٿا جنهن جو ٿورو افسوس بہ ٿئي ٿو_____. گڏوگڏ اهي بہ جتن آهن تہ ڪنهن طرح ڪُوچڙا ڪلچر جي اثر کان بچي سگهون تہ لک کٽياسين. اسين ماڻهو يا اسان جهڙا ماڻهو بنيادي طور جنوني آهيون، دُنيا ۽ دُنيا جي قومن جون ترقتون ڏسي دل گُهرندي آهي تہ اسان جو وطن بہ اهڙو اوج ماڻي جڏهن ڪه اسان وٽ ڪنهن شيءَ جي ڪمي ناهي پر ٺڳ ۽ لٽيرن حڪمرانن هر شيءِ اڙدو چواڻي تہ تهس نهس ڪري ڇڏي آهي__ هڪ دفعي پروفيسر اعجاز قريشي منهنجي گهر آيو، مون هن کي اسپينش ڊانس ٽي وي تي DVD ذريعي ڏيکاري، پروفيسر صاحب انهن ۾ محَو ٿي ويو، ڊانس جي خاتمي تي چيائين ”يار حسن! آئون سنڌ ۾ هي ماحول ۽ عوامي خوشي ڏسڻ چاهيان ٿو“ مون ڏٺو تہ پروفيسر اعجاز قريشي جون اکيون ڀِنل هيون ۽ منهنجون بہ _____ پر هي ڪُوچڙا اسان کي پنهنجون خوشيون ماڻڻ ڏيندا؟ وڏي ڳالهه تہ اسلام خطري ۾ پئجي ويندو. بس اتي اچي گاڏي گپ ۾ ڦاسيو بيهو رهي، تنهن ڪري آتم ڪٿا ۾ هر طرح جا تجربا، مشاهده ۽ وارداتون بيان ڪندي قومي ۽ مُلڪي احوال بہ تحرير هيٺ اچو وڃن.
تازو مون کي ڏاڍي خوشي ٿي جو آمريڪا جي هڪ شهر (شايد لاس ويگس) ۾ هڪ سنڌي گروپ ”مور تو ٽلي راڻا مور ٿو ٽلي“ وچ بازار عام ماڻهن کي پرفارم ڪري ڏيکاريو ۽ آمريڪي ماڻهن بہ انهيءَ ناچ ۽ لوڪ گيت ۾ ڏاڍي دلچسپي ورتي، اهڙا فوٽو گرافس سنڌي اخبارن ۾ بہ شايع ٿيا هئا، اهڙو نماءَ هتي ڪجي تہ مُلن جي سُٿڻن ۾ باهه لڳي ويندي ۽ اسلام خطري ۾ پئجي ويندو. جرمني ۾ مون ڏٺو تہ فروٽ جي دُڪانن آڏو نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين ڊانس ڪري ۽ لوڪ گيت ڳائي گراهڪن کي فروٽ خريد ڪرڻ لاءِ آماده پي ڪيو. ڇا تہ منظر هيو زنده قومن جي زنده دل ماڻهن جو! اِهي آهن مهذب انسان، کڻي ٿوريون گهڻيون خاميون منجهن هونديون پر گهٽ ۾ گهٽ ڪُوچڙائي ذهنيت تہ ڪانه هوندي اٿن.
دُنيا ۾ اعليٰ ترين پاڪ پوتر ماڻهو بہ پيدا ٿيا آهن، پيغمبرن کي ڇڏي الله وارا ماڻهو ذهن ۾ آڻيو، مثال طور اسان جو عظيم شاعر ۽ رهبر شاهه عبدالطيف پٽائي رحه ۽ سندس حياتي، شاهه صاحب مولانا رومي کي وڏو مان ڏيندو هيو، جيڪو پڻ هڪ وڏي ڪردار جو ماڻهو هيو، رومي جون هونئن تہ هزار ڳالهيون آهن پر هن جي فقط هڪ ڳالهه درج ٿو ڪريان جيڪا لک لهڻي، هڪ دفعي مولانا رومي کان پڇيو ويو تہ زهر ڇاهي؟ رومي فرمايو تہ هر اُها ڳالهه جيڪا حد کان وڌيڪ ڪجي، اُهو زهر آهي!! اُها ڳالهه يا معاملو دُشمني هجي يا دوستي، کِلڻ هجي يا روئڻ مطلب ڪو بہ معاملو يا ڳالهه هڪ خاص حد تائين رکجي، جنهن کي ميانه وري چئبو آهي. زندگي پوءِ اعتدال ۾ رهندي، پر اُن کي اعتدال کان وڌائبو تہ زهر ٿي ويندي، ماني پوري پُني کائبي تہ جسم کي توانائي ڏيندي پر گهڻي کائبي تہ هاضمو خراب ڪندي، شربت جي گلاس ۾ کنڊ جا ٻه يا ٽي چمچا تہ پاڻي کي مٺو ڪندا، پر جيڪڏهن ڏهه ٻارنهن کنڊ جا چمچا وجهبا تہ ساڳيو شربت زهر ڪڙو ٿي ويندو. انهن مثالن کان پوءِ ڪُوچڙا ڪلچر جو هي باب ختم ٿو ڪريان جنهن جي لکڻ ۾ بہ مونکي ڪافي تڪليف پهتي آهي.

قوَل ۽ ٻوَل

اڪثر ڪتابن، اخبارن ۽ رسالن ۾ دُنيا جي ڏاهن جا قول ڇپيل نظر ايندا آهن، جيڪي ڏاڍا متاثر ڪندڙ هوندا آهن. پر حقيقت هي آهي تہ اُهي قول (اقوالِ زرين) ڪجهه ئي ڏينهن ۾ وسري ويندا آهن، ها ڪجهه قول اهڙا هوندا آهن، جيڪي دل تي نقش ٿي ويندا آهن ۽ ڪڏهن ڪونه وسرندا آهن، جيئن نبي ڪريم صلم وطن سنڌ لاءِ فرمايو تہ مونکي فضا مان سنڌ جي (سُرهي) ٿڌي هير ٿي اچي! وطن سنڌ لاءِ حضرت علي عه جو هڪ قول آهي تہ علم جو سج سنڌ مان ئي اُڀري ٿو! حضرت علي جو هڪ قول تہ مون ڪڏهن ڪونه وساريو تہ جنهن تي احسان ڪريو انهيءَ جي شر کان بچو!! هي قول عملي زندگي ۾ ٿيندي ڏٺم. حضرت علي ڏاڍو ڏاهو انسان هيو، هن جا قول (نهج البلاغه) عقل ۽ علم جو ڀنڊار آهن، هر هڪ قول لک لهي، نبي ڪريم صلم فرمايو تہ آئون علم جو شهر آهيان ۽ تنهن شهر جو دروازو علي آهي انهن عظيم هستين کان پوءِ هڪ ٻئي وڏي ڏاهي مولانا رومي جو هڪ قول آئون ڏئي چڪو آهيان تہ هر اُها ڳالهه جيڪا اعتدال کان هٽيل آهي، زهر آهي.
هٽلر هڪ ظالم درندو انسان هيو پر هڪ مقناطيسي ۽ ذهين ماڻهو بہ هيو، جنهن پهرين وڏي جنگ کان پوءِ ٻي وڏي جنگ دُنيا تي مُسلط ڪري لکين ماڻهو مارايا ۽ اربن کربن جون جائدادون برباد ڪيون، پر ٻي پاسي سامراج ۽ يهودين جي بہ چيلهه ڀڃيائين ۽ ڪيترائي مُلڪ سامراجي تسلط کان آزاد ٿيا، جنهن ۾ هندوستان ۽ پنهنجو پيارو پاڪستان بہ شامل آهي، انهيءَ درنده صفت انسان جو هڪ عجيب قول دل تي نقش ٿيو، چيائين حُسن جي ساراهه ٻُڌي اٿم، ڏٺو ڪونه اٿم هتي هي ياد رهي تہ ظاهري حُسن سان گڏوگڏ باطني حسن جو خيال رکجي، بهرحال هٽلر جو هي قول پنهنجي اهميت رکي ٿو.
دوستو وسڪي رُوس تہ ڇا پر دُنيا جو هڪ وڏو دانشور ليکڪ هيو، هُن جي هڪ لکت پڙهيم جيڪا دل ۾ کُپي وئي، چيائين مونکي ڪُجهه نہ گهُرجي، نہ دولت، نہ دُنيا نہ اقتدار __ مون کي ڪُجهه سوالن جا جواب کپن، اڳتي چوي ٿو تہ هي حسرت رهي تہ ڪو مون سان آسمان، سج، چند، تارن تي گفتگو ڪري! الله اڪبر!! اهڙا عظيم دانشور ليکڪ بہ اهڙيون دلرُبا حسرتون کڻي هن دُنيا مان هليا ويا.
جين ڌرم جو هڪ سنياسي نالي پوجيه پد جو هڪ قول پڙهيم سو ڏاڍو عجيب ۽ پُرڪشش لڳم، چوي ٿو موت مون لاءِ نہ آهي تنهن ڪري مان ڇو ڊُڄان؟ روڳ منهنجي لاءِ نہ آهي، تہ پوءِ آئون ڇو مايوس ٿيان؟، مان ٻار نہ آهيان، نہ جوان آهيان ۽ نہ وري ٻُڍو آهيان، اِهي سڀ حالتون منهنجي جسم جون آهن!! هن جهڙو عجيب قول مون ٻيو نہ پڙهيو، پر انهيءِ ڪيفيت کي حاصل ڪرڻ بہ تہ هڪ مُشڪل ڪم آهي، جنهن ڪيفيت ۾ اِهو جيني سنياسي آهي ڪو سمجهي تہ ڄڻ هُن زندگي تي فتح حاصل ڪئي!.
مارٽن لُوٿر هڪ وڏو انقلابي ماڻهو هيو، هُن جو هڪ انمول قول لکان ٿو، چوي ٿو هن دُنيا ۾ پُرخلوص جهالت ۽ باضمير بيوقوفي کان وڏي خطرناڪ ٻي ڪا ڳالهه ڪونهي! مارٽن لوٿر نہ رڳو هڪ انقلابي هيو پر وڏو دانا ماڻهو هيو، منهنجي خوش دامن صاحبه بہ وڏي ڄاڻ ۽ عقل واري عورت هئي، هن هڪ دفعي چيو تہ ”دُنياوي معاملن ۾ عقلمند ماڻهو جو وڃي عقل ۽ بيوقوف ماڻهوءَ جي وڃي ڄمار!!“ سو جتي ”پُرخلوص جهالت“ ۽ ”باضمير بيوقوفي“ هجي تہ نتيجو پاڪستاني معاشرو ئي آڏو ايندو ٻيو ڇا ايندو، بهرحال اِهو قول ڪافي وزن ٿو رکي.
آمريڪا جي مارٽن لوٿر کان پوءِ آمريڪا جي هڪ وڏي صدر، جارج واشنگٽن زندگي جي عجيب راه هن قول ۾ ڏيکاري، چوي ٿو هي دُنيا همت وارن جي آهي، ننڍڙا دماغ ڏکن ۾ لڙهي ويندا آهن ۽ وڏا دماغ ڏکن کي لوڙهي ڇڏيندا آهن! مطلب تہ دماغ ننڍو هوندو تہ بہ همت ۽ قوت ارادي جي مضبوطي سان خودبخود وڏو ٿي ويندو ۽ ڏُک تمام ٿيندا. مون تہ انهيءِ قول مان اِهو ئي مطلب ڪڍيو، ڇاڪاڻ تہ هتي ننڍي يا وڏي دماغ کان وڌيڪ همت ۽ قوتِ ارادي جو عمل دخل وڌيڪ آهي، جيڪڏهن ڪاميابيون رڳو ”وڏن دماغن“ کي نصيب آهن تہ انسانن جو هڪ تمام وڏو انگ تہ ويو ڌُوڙ ٿي. قرت العين حيدر جي ڳالهه وانگر تہ زندگي جي هي ريل گاڏي بنا ڊرائيور جي روان دوان رهندي آهي ۽ پئي پٽڙيون انڌا ڌُند بدلائيندي آهي، بس همت ۽ جدوجهد جاري رهڻ گُهرجي، پوءِ ننڍا وڏا دماغ هڪ ٿي ويندا.
انگلينڊ ڄائو برٽينڊ رسل دور حاضر جو هڪ وڏو فلاسافر هيو، هُن جو هڪ قول زبردست آهي چوي ٿو ايمانداري سان گڏ سمجهداري ضروري آهي، نہ تہ ايمانداري نقصان ڏيندي. هوريس جو حوالو ڏيندي لکجي تہ ايمانداري ۽ نيڪ نيتي جا سڀ رستا سڌا دوزخ ڏي وڃن ٿا. اڳتي رسل چوي ٿو وهم جو وڏو سبب خوف هوندو آهي ۽ اِهو خوف ئي ظلم کي جنم ڏيندو آهي، خوف تي فتح پائڻ ذهانت جي شروعات آهي ___ انگلينڊ جو ئي هڪ ٻيو دانشور ليکڪ برنارڊشا چوي ٿو ”معاشري جون 99% خرابيون سُسُتي جي ڪري پيدا ٿينديون آهن، يعني سُسُتي (جيڪا اسان سنڌين جي سُريت آهي، اِها ئي سڀ ٻيڙو ٻوڙيو ويٺي آهي)، انگلينڊ جي هڪ ٻي دانشور ليکڪ آسڪر وائلڊ چيو آه ماضي! جنهن کي خدا بہ نہ ٿو بدلائي سگهي! تنهن ڪري ماضي ۾ ڪو قاضي ناهي، پچر ڇڏجي!، انگلينڊ جي جڳ مشهور شاعر شيڪسپيئر چيو اي بيوفائي تنهنجو نالو عورت آهي!.
اهڙي طرح هزارين قول پيا پڙهندا يا ٻُڌندا آهيون، ڪو ڪاٿو ئي ڪونهي، جيئن اهو قول تہ انڪار کان اقرار سوَلو هوندو آهي، اسان جا ذهن فطري طرح هاڪاري آهن، پيٽرڊيوڊ چيو شادي سان مصيبت هي آهي تہ اسين شخصيت سان پيار ڪندا آهيون، پر رهڻو وري ڪردار سان پوندو آهي، فرانس جو انقلابي دانشور ليکڪ والٽيئر منهنجو پسنديده ماڻهو آهي، هن هڪ لاجواب ڳالهه چئي، چوي ٿو ڪاميابي ماڻڻ لاءِ رُڳو احمق هجن ڪافي ناهي، بلڪ ان لاءِ بااخلاق هجڻ بہ ضروري آهي. آئن اسٽائين چيو دُنيا رهڻ لاءِ خطرناڪ جاءِ آهي موناليزا جي خالق ليونارڊو دائوچي چيو مون جڏهن ڄاتو تہ آئون جيئڻ سکي رهي رهيو آهيان، تڏهن درحقيقت آئون مرڻ سکي رهيو هوس.
انقلابين جا قول ڏاڍا وزندار آهن، ويت نام جو رهبرِ آزادي هوچي منهه چيو انسان ذات جي غلامي جي تاريخ دراصل عورتن جي غلامي جي تاريخ آهي، پنهنجن عورتن کي آزاد ڪريو، انسان ذات خودبخود آزاد ٿي ويندي ياد رهي تہ ويت نام جي جنگ ۽ آزادي جي تحريڪ ۾ اُتي جي عورتن ڀرپور حصو ورتو هيو، ۽ آمريڪا جهڙي مها طاقتور، ڦڏائي مُلڪ کي شڪست ڏني هُئي، اهڙي طرح هڪ ٻي عظيم انقلابي چَي گويريا چيو آئون هميشه سچ جي طرف رهيو آهيان، منهنجي جسم تي سوين زخم آهن ۽ منهنجو روح ٻار جي مُرڪ جيان معصوم آهي! انهيءِ معصوميت ۽ سچائيءَ جي ڪري چَي گويريا اڄ بہ دُنيا ڀر جي انقلابين جو هيرو آهي.
اهڙا هزارين قول نظر مان گذريا پر جيڪي ياد رهجي ويا سي دوستن کي ٻُڌائيم، پر ڪُجهه وري پنهنجن پراوَن جا ٻول آهن، جيڪي دل تي نقش ٿيا سي ٻُڌايان ٿو. امان ۽ ناني موقع مهل سان هڪ ڳالهه ورجائينديون هيون تہ ابا! اٽڪلن سان الله ڪونه لڀندو آهي!! مطلب تہ زندگيءَ ۾ ڪنهن بہ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ دل جي صفائي گُهربل آهي، ”اٽڪلون“ ڪونه هلنديون، ايتري قدر جو روزا، نمازون بہ ڪم ڪونه ايندا جيڪڏهن دل صاف نہ آهي.
اُهو ڪو ٻيو فهم جنهن سان پسجي پرينءَ کي!

امان وارن سان پنهنجا پراوا جيڪڏهن ڪا زيادتي ڪندا هُئا تہ امان وارا دشمنن کي معاف ڪري ڇڏيندا هُئا ۽ هڪ قول ورجائيندا هُئا تہ هي دل دريا آهي ٻيو سڀ دُٻو!.
اهڙي طرح بابا چوندو هيو تہ پٿر پنهنجي جاءِ تي ئي ڳرو هوندو آهي، کڄي ويو تہ بي وزن ٿي ويندو! مطلب پنهنجو آپو نہ وڃائجي يا حد کان ٻاهر نہ نڪرجي، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن ائين ڪبو تہ پنهنجي حيثيت وڃائبي ۽ ماڻهو بي وزن ٿي ويندو. آئون آخر ۾ وري بہ ڪنهن نامعلوم ماڻهوءَ يا مُفڪر جو قول درج ڪيان ٿو تہ سڄي دُنيا جا انڌيرا گڏجي بہ هڪ ننڍڙي ڏيئي جي روشني ختم نٿا ڪري سگهن!! پر سنڌ ۽ سنڌي جو ڪهڙو حال آهي، سو مومن بُلو واضع ڪري ٿو، چوي ٿو سنڌي ماڻهوءَ جي ڪهاڙي عورت ۽ وڻ تي سدائين اُڀي!!.
اهو چئي آئون هي باب بند ٿو ڪريان.

مافيا ۽ جاگيرداري

انسان جي اوسر يعني سندس ارتقا ۽ ترقي صدين تي مُحيط آهي جيڪا قديم پٿر ۽ غارن جي دور کان ٿيندي قبائلي / غلامي جي دور ۾ داخل ٿي، هي سج، چند، تارا معمول مطابق پنهنجي گردش ۾ رهيا ۽ صدين کان پوءِ اِهو قبائلي / غلامي وارو دور ترقي ڪري جاگيرداري دور ۾ داخل ٿيو، دُنيا جي مختلف خِطن يا مُلڪن ۾ سماجي ۽ معاشرتي ارتقا منزلون طي ڪندو اڳتي وڌندو رهيو، ڪٿي تہ قبائلي ۽ غلامي وارو سسٽم بالڪل ختم ٿي ويو (جيئن يورپ، ڪينيڊا، آمريڪا وغيره ۾) ڪٿي جاگيرداري نسري اُڀري پنهنجا پير پختا ڪيا. ڪٿي سرمايه داري مٿين ٻنهي سسٽمن کي اورانگهي پنهنجو تسلط قائم ڪيو. جيئن يورپ، آمريڪا، ڪينيڊا، آسٽريليا وغيره ۾ انهن ملڪن ۾ جمهوريت آهي، ڪٿي نيم قبائلي ۽ نيم جاگيرداري گڏ گڏ هلڻ لڳي ۽ ڪُجهه سرمايه داري جو عمل دخل رهيو، جيئن اسان جي پياري پاڪستان ۾ آهي، ڪٿي وري انهن سڀني مٿين نظامن جو توڙ ڪميونزم ۽ سوشل ازم جي شڪل ۾ ظاهر ٿيو جنهن کي جديد جمهوريت چيو ويو، جيئن روس، چين، اُتر ويتنام، وينزويلا ۽ ڪيوبا وغيره ۾ ٿيو. ايران مذهبي جمهوريت قائم ڪئي، مطلب سڄي دُنيا گُهمي اچو اوهان کي قسمين قسمين نظام ملندا.
پر ڏڦيڙ هر هنڌ فطري طرح رائج رهيو يعني نظام ڪٿي بہ ڪهڙو بہ نافذ هجي پر رهزن ماڻهن جا گروهه هر هنڌ موجود آهن جيڪي پنهنجي نجي حڪمراني قائم ڪندا آهن، انهي سيناري کي جديد زبان ۾ مافيا چوندا آهن. انهيءِ مافيا کي سپورٽ ڪندڙ هٿياربند قانوني ۽ غيرقانوني ٽولا ۽ پيسي وارا سرمايه دار، زميندار ۽ نام نهاد سردار، وڏيرا ۽ جاگيردار ۽ مذهبي رهنما ۽ مُلان هوندا آهن. انهن جي ڳڻپ ڪجي تہ اهڙي گروهه يا مافيا جا ميمبر معاشري ۾ مشڪل سان 2% مس هوندا آهن ۽ ڪٿي ڄاڻايل سپورٽن سميت 5% ٿيندا. هن گروهه کي خُدا جو خوف نہ هوندو آهي، حالانڪ منجهان اڪثريت نماز جا بہ پابند هوندا آهن. پر اصل ڌنڌوڻي ٺڳ ۽ چور هوندا آهن. فلم سرفروش ۾ سنتوش هڪ پيشه ور چور هوندو آهي، هڪ دفعي هُو چوري جي نيت سان هڪ امير جي گهر ۾ گهڙيو پر تيتر صبوح جي آذان اچي وئي، همراهه هڪ دم نماز جوٽي بيهي رهيو، گهر جي مالڪياڻي (صبيحه) جاڳي تہ ڏسي تہ سندس ڪمري ۾ هڪ اجنبي نماز پڙهي رهيو آهي، نماز پوري ٿيڻ تي صبيحه پچيس تون ڪير ۽ هتي ڪيئن؟ سنتوش جواب ڏنو چوري ڪرڻ آيو آهيان! صبيحه پچيس تہ چوري بہ ڪرين ٿو ۽ نماز بہ پڙهين ٿو! سنتوش جو جواب لاجواب هيو، چيائين چوري ميرا پيشه اور نماز ميرا فرض هي!!. سو اهڙي قسم جا ماڻهو نمازون بہ پڙهندا آهن گڏوگڏ چوريون بہ ڪندا آهن.
مون مٿي جنهن گروهه ۽ سندن ساٿين جو ذڪر ڪيو، اِهي ئي مافيا آهن، هن مافيا ۽ قديم جاگيرداري ۾ وار جيترو بہ فرق ڪونهي. جاگيردار پنهنجي تر جو خود ساخته بادشاهه هوندو آهي، ڪيترا ئي ڪڙمي ۽ کيت مزدور سندس ماتحتي ۾ هوندا آهن، هن جي مرضي کان سواءِ ترَ ۾ تِر جيتري بہ ادل بدل نٿي ٿي سگهي. هن لاءِ هر ناجائز ڪم يا حرڪت جائز آهي، ڪنهن جي زال، ڀيڻ يا ڌيءَ وڻي وئي تہ زبردستي کڻائي ڪوٽ ۾ قابوُ ڪري تہ وس وارو آهي، ڪو داد فرياد مٿس لاڳو ناهي، پوليس، ڪورٽ ۽ قانون ڄڻ سندس ماتحت آهن. اُنهن جون رسايون پڄاڻيون جاگيردار طرفان مسلسل ملنديون رهن ٿيون. تنهن ڪري مٿس ڪير بہ ڪو قدم نٿو کڻي. سندس ڪڙمي، هاري ۽ کيت مزدور سندس قرض هيٺيان قابوُ هوندا آهن. ٿوري بہ ڪنهن چون چران ڪئي تہ تُرم حوالي يا مورڳو موت حوالي. ڪو سرڦريو چوي تہ سڀ ڪُجهه بي واجبي ۽ ناانصافي آهي تہ جواب ۾ قانون جا دفتر کليو پوَن يا مُلن جون قسما قسم فتوائون ظاهر ڪن.
مافيا ۾ بہ ائين ئي ٿيندو آهي، جاگيردار تہ هڪ محدود علائقي جو مالڪ يا بادشاهه هوندو آهي پر مافيا وارا تہ سڄي ملڪ تي ڇائيل هوندا آهن. هن جي هڪ طرح جي پنهنجي حڪومت قائم ٿيل هوندي آهي. هن جو هر حڪم يا مرضي منشا جو آرڊر حرفِ آخر هوندو آهي، جنهن ۾ اپيل يا رحم جي ڪا گنجائش نہ هوندي آهي.
اسان جي پياري مُلڪ پاڪستان ۾ خاص ڪري سنڌ وطن ۾ اهڙا منظر عام جام آهن، خرڪار جيڪي اڪثر ڪري پٺاڻ آهن، اُهي جيڪا خرڪاري ڪن ٿا. معصوم نوجوانن کي ٻڪر ٻوساٽ ڪري قيد ڪري جيڪي ويڌن ڪن ٿا سي ڪنهن کان لڪل ڪونه آهن. گهڻا سال اڳ جڏهن سُپر هاءِ وي نئون نئون ٺهيو هيو، آئون ۽ منهنجو دوست غلام محمد لغاري عرف جيم ڪراچي کان رات مهل واپس پنهنجي گاڏي ۾ ڳوٺ پي آياسين. نوري آباد ٽپي آياسين تہ جيم فرمائش ڪئي تہ ڏاڍي ٿڪاوٽ ٿي آهي، تنهنڪري ڪنهن داٻي يا هوٽل تي چانهه پيئجي. تڏهن (۽ هاڻي به) سپر هاءِ وي تہ کوڙ سارا داٻا يا ڪچا هوٽل هئا ۽ آهن. مون هڪ اهڙو هوٽل ڏسي گاڏي روڊ تان لاهي هوٽل ڏي ڪئي. سامهون کوڙ ساريون کٽون پيون هيون، جن تي پٺاڻ گپ شپ ۾ مصروف هئا ۽ ٽرڪون بہ بيٺيون هيون، اسان جي گاڏي جيئن ويجهو پهتي، ڏٺم تہ چار پنج پٺاڻ پاڻ ۾ گِٽ مِٽ ڪرڻ لڳا. آڌي رات، هر طرف ويراني ، سامهون پٺاڻن جي فوج، مون هڪدم گاڏي روڪي ۽ رِي ورس ڪيم، جيم دانهن ڪئي ڇا ٿيو... ڇا ٿيو؟ اڙي هُو ڏس پٺاڻ ڀڳا اچن!!. بهرحال قدرت ساٿ ڏنو فل اسپيڊ ۾ آڻي گاڏي روڊ تي آندم، پٺاڻ پوئتي رهجي ويا پر اسان جي حالت ڏسڻ وٽان هُئي!، جيڪڏهن اُهي ظالم رسي وڃن ها تہ هي اکر توهان نہ پڙهي سگهو ها ۽ اسين ٻئي ڪنهن خرڪار ڪيمپ ۾ هيسيتائين مري کپي چڪا هجون ها.
بهرحال خرڪارن کان علاوه بہ بٺا مزدور، ڪڙمي ۽ کيت مزدور اڄ تان انهيءِ خرڪاري قيد ۾ آهن. خاص ڪري سنڌ ۾ ڪولهي، مينگهواڙ، ڀيل ۽ باگڙي ساڳي سسٽم ۾ آهن ۽ هاڻي تہ منجهن خودڪشين جو ڄڻ رواج پئجي ويو آهي، اِهو سڀ ڇا آهي؟ اِهو سڀ ڪجهه جاگيرداري جا ڏيک آهن، جيڪا هڪ مافيا جي صورت ۾ مُلڪ تي راڄ پئي ڪري. سوين اهڙيون رپورٽون ۽ سانحه روز اخبارن ۾ ڇپجن ٿا. ٿاڻن تي پوليس ذري پُرزي تان معصوم ۽ بي پهچ لوڪ کي هاف فرائي يا مورڳو خون ڪري فُل فرائي ڪريو ڇڏي، ميڊيا ۾ ڪجهه گوڙ ٿي تہ وڏيرا، جاگيردار ۽ خود اعليٰ افسر ظالمن جا ساٿاري ٿيو ڏوهارين جي ضمانت ڪرايو ڇڏين يا روپوش ڪرايو ڇڏين. اڄڪلهه (جون 2017ع) ڏهرڪي ۾ رزاق لاڙڪ قتل ڪيس ۾ (جيڪو پوليس ڪيو) اصل جوابدار سيٺ ڪلميش، هريش ڪمار ۽ منوج هلندي عدالت مان کسڪي روپوش ٿي ويا. ايس ايڇ او، وڏو منشي ۽ قاتل (شايد ڪو سپاهي يا جمعدار آهي) سي معطل آهن پر اسان کي خبر آهي تہ قانوني وٽن سٽن ۾ ڇُٽي ويندا. اِهو ۽ اهڙا سوين ظولمي واقعا، ننڍي ۽ وڏي اجگر پيماني تي ملڪ ۾ روزمره جون معمول آهن ۽ بهتري جي ڪا اميد بہ ڪونهي، غالب چواڻي.
ڪوئي اميد بر نهين آتي ڪوئي صورت نظر نهين آتي
هن باب جو اصل مقصد هيم تہ دوستن سان حالِ دل ونڊيان. وري بہ غالب چواڻي
آگي آتي تهي حالِ دل په هنسي اب ڪسي بات پر نهين آتي
صدين کان سونهاري سنڌ غلامي ۽ جاگيرداري جا ستم سهندي پئي اچي، ڪڏهن ارغون، ڪڏهن ترخان، ڪڏهن عرب، ڪڏهن پٺاڻ تہ ڪڏهن مغل، ڪڏهن انگريز ڪڏهن ڪير تہ ڪڏهن ڪير. پر ظلم، ڏاڍ ۽ ستم جو هي سلسلو ختم ئي نٿو ٿي، سڀني سونهاري سنڌ کي مالِ غنيمت سمجهو. زاري آهي جو هينئر تہ ڌاريا نہ پر پنهنجا ئي آهن، جيڪي پيا پٽين کوهين پر ڪو داد فرياد ڪونهي، شايد ڪلهوڙن جو دور ڪجهه شانت هيو ۽ مجاهدِ اعظم شاهه عنايت شهيد هن ظلمت خلاف بغاوت جو عَلمَ بلند ڪيو يا انگريزن جي دور ۾ حُر تحريڪ جاڳي جيڪا سُورهيه بادشاهه نهايت جرئتمندي سان هلائي ۽ وطن تان قربان ٿيو. سندس نعرو هيو وطن يا ڪفن!!.
سو آخر مطلب هي نڪتو تہ هي استحصالي نظام، جنهن جا ڪيترا ئي رُوپ سامهون آهن پر آهي ساڳي جاگيرداري (وڏيرو سسٽم) جنهن کي جديد زبان ۾ مافيا ٿا چون، ٿورو لکيو گهڻو سمجهندا. اِهي آخري اکر (ٿورو لکيو گهڻو سمجهندا) ٽين ايج ۾ پنهنجن محبوبائن کي لوَ ليٽرس ۾ لکندا هُئاين. ستم ڏسو تہ هاڻي اِهي اکر انتها سيرس معاملن ضمن لکڻا پيا پون.

ڌرتي ڌڪاڻا

اسان جي وطن ۾ بي وطن يا ڌرتي ڌڪاڻا لکن جي تعداد ۾ موجود آهن، ڀيل، ڪولهي، مينگهواڙ، باگڙي، ڪبوترا (جپسي)، جوڳي، گُرگلا، ڪُوچڙا، چمار، مڱڻهار، ڍيڍ وغيره موجود آهن. جن جو گهر نہ تڙ نہ ڌنڌو ڌاڙي، پنڻ، چوري چڪاري، شڪار، بدپيشو، ٺڳي يا کيل تماشو سندن پيٽ قوت جا ذريعا آهن. هي لاڏائو ماڻهو خالي پڊن يا ڪنهن ڳوٺ جي ٻاهران عارضي جُهڳين ۾ رهندا آهن ۽ ڪجهه عرصي کان پوءِ اُتان لڏي ڪنهن ٻئي هنڌ هليا ويندا آهن، مٿي ڄاڻايل ڪميونٽيز مان ڪجهه کيتي باڙي بہ ڪندا آهن، پر سدائين وڏيرن ۽ زميندارن جي قرضن ۾ قابو غلامي جي زندگي گذاريندا آهن.
1988ع ۾ سنڌ ۾ جڏهن MQM عروج ٿي هُئي تہ سنڌي ڪميونٽي خاص ڪري ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ MQM اهڙي تہ دوزخي باهه ٻاري جو سوَن جي تعداد ۾ سنڌي جيڪي ڌرتي ڌڻي هُئا، سي ڌرتي ڌڪاڻا بڻجي ويا. پر آئون ڏسان پيو تہ ڌرتي ڌڪاڻن جو تعداد ڏينهون ڏينهن وڌندو وڃي، هي جيڪا ڳالهه اڪثر پئي ورجائبي آهي تہ سنڌين کي آهستي آهستي ريڊ انڊين ڪيو پيو وڃي، انهيءِ ۾ سچ جو اولڙو پيو ڏسجي، يعني غير سنڌي قومن ڪو اهڙو لائه عمل جوڙي ڇڏيو آهي تہ سست ۽ بي عمل سنڌين جي هر شيءَ ولارجي پئي وڃجي ۽ خود سنڌين جا چونڊيل نمائيندا ۽ حڪمران قبضا گير عناصر جا ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺا آهن تنهن ڪڌي ڪم جو هنن کي معاوضو يا حصو ملي ٿو. آئون اهڙن بي ضمير سياسي ماڻهن جا نالا تہ ڪونه ٿو لکان، پر سڀ ڪو هنن کان چڱي طرح واقف آهي، 1988ع واري خوني حملي ۾ جيڪي ماڻهو دربدر ٿيا هُئا، انهيءِ متعلق هڪ ڊاڪيومينٽري TV تي ڌرتي ڌڪاڻا نالي سان نشر ٿي هئي، جنهن کي ڏسي لڱ ڪانڊارجي ويا هئا، پر نتيجي ۾ ٿيو ڪجهه بہ ڪونه، سي ماڻهو اڄ ڏينهن تائين دربدر ۽ ڌرتي ڌڪاڻا آهن.
مرحوم فيض محمد شيدي ۽ سندس ساٿي خورشيد قائمخاني مٿي ڄاڻايل ذاتين يعني ڌرتي ڌڪاڻن جي وڏي سروي ڪئي ۽ کين ٿانيڪو ڪرڻ جي بہ واهر ڪئي، پر ڪي خاطر خواهه نتيجا سامهون ڪونه آيا، بهرحال اِها جدوجهد اڃان بہ ڪي سنڌ جا سڄڻ جاري رکندا اچن، ظالم زميندارن وٽ قيد هزارين قيدي آزاد بہ ٿيا آهن، محمد علي شاهه ۽ شڪيل پٽاڻ انهيءِ ضمن ۾ ڪم ڪيو، جيسيتائين ڪا مڪمل سجاڳي اچي ۽ وڏي ڪنهن انقلابي قدم سان انهيءِ مسئلي جو ڪو توڙ لڀي، تيسيتائين حساس دل ساحر جو گيت پيا ورجائيندا وه صبح ڪبهي تو آئي گي، وه صبح ڪبهي تو آئي گي!.
اُهو توڙ تہ الائي ڪڏهن اچي سا تہ خبر ناهي پر سوچڻ جي ڳالهه تہ انهن ڌتڙيل ماڻهن کان سواءِ اصل ڌرتي ڌڻين کي ڌرتي ڌڪاڻا بنائڻ وارا ڪير آهن؟ يقينن اُهي ڌاريا آهن، اُنهن ڌارين جا ڪجهه ٻانهن ٻيلي پنهنجا بہ آهن، تڏهن تہ مرحوم قومي شاعر ابراهيم رڙ ڪئي.
مون پڪ سڃاتا پنهنجا ها راتوڪي هن ڌاڙي ۾
اصل ۾ اسان سنڌين کي پنهنجي روائتي مزاج ۽ عقيدن گهڻو نهوڙيو آهي، مثال طور پاڻ سنڌي صوفي ازم جا قائل امن پسند ۽ امن پرست ماڻهو آهيون، هتي رهندڙ ٻيون قومون اڪثريت ۾ اهڙيون يا ايتري قدر ڪونه آهن، پنجابي تہ نالي چڙهيل مارشل ريس آهن، پٺاڻ ۽ بلوچ بہ بندوق باز آهي، مهاجر (ايم ڪيو ايم) بہ دهشت گردي ۽ بندوق بازي جي ٻلهه تي پاڻ کي مڃايو پر سنڌي ماڻهو اهڙي ڪلچر کان پاسيرو رهيو (البت ڌاڙيل ڪلچر ضرور رهيو آهي)، منهنجو اِهو هرگز مطلب ڪونهي تہ پاڻ سنڌي بہ قاتل يا دهشت گرد ٿي وڃون، پنهنجي مخصوص مزاج جي ڪري البت مزاحمت جو عمل جاري رهندو اچي، ايم آر ڊي جي تاريخي ويڙهه البت ڪجهه مختلف هئي جنهن ۾ سوين سرويچن پنهنجا سر ڏنا نتيجي ۾ ڌارين جا بہ ڪن کڙا ٿيا تہ سنڌي ايترا بہ بُزدل نہ آهن، پنهنجي مزاحمتي جنگ ون يونٽ جو راڪاس ماريو ۽ ڪالا باغ بہ ٺهڻ نہ ڏنو. انهن لقاون ڌارين کي هوشيار ڪيو تہ سنڌي پنهنجي امن پرستي ۽ اهنسا واري پاليسي ۽ مزاج سان گڏوگڏ وڙهي بہ سگهن ٿا، نتيجي ۾ ڌارين جي اگهاڙي هٿ چراند جهڪي ٿي وئي.
سنڌ جي ڌرتي ۽ سنڌ جا ماڻهو دُنيا ۾ اعليٰ ترين مقام رکن ٿا. هتي جي سون ورني زمين، زمين ۾ دفن قيمتي ذخيرا ۽ هتي جو فڪر ۽ فلسفو لاثاني ۽ اعليٰ ترين آهي، ڪو وقت ايندو جو سنڌ دُنيا کي ليڊ ڪندي، پر ويرين جون ڪوششون پنهنجي جاءِ تي جاري آهن ۽ انهن جون اِهي ڪوششون وطن (سنڌ) جي غدارن جي مدد سان روان دوان آهن. انهن انسان دشمن غدارن جي سنڌ واسين يعني سنڌين کي خبر آهي تہ اُهي ڪير آهن پر في الوقت بيوسي جو ڳُوڙهو بادل فضا کي وڪوڙيو بيٺو آهي، انهيءِ انڌير کي بہ ڪو وڏو بين القوامي حادثو ختم ڪندو. قدرت جا اهڃاڻ اهو ئي ٻڌائين ٿا...!!. قدرت جي انهيءَ عمل لاءِ اڃان ڪجهه انتظار ڪرڻو پوندو.

پنجاب جو هڪ انسان دوست دانشور پروفيسر عزيز الدين پنهنجي هڪ فڪر انگيز تحقيقاتي ڪتاب ڪيا هم اڪٺي ره سڪتي هين؟ ۾ تقريبن جمله دستاويزي ثبوتن سان لکي ٿو تہ جيڪڏهن هي ۽ ههڙا ئي حالات رهيا يعني ظلم و ستم جو هي سلسلو جاري رهيو، ڌرتي ڌڻين کي پنهنجي حقن کان بندوق ۽ ڏاڍ جي ذريعي محروم رکيو ويو تہ گڏ رهڻ ممڪن نہ رهندو، ڌرتي ڌڻي ڌرتي ڌڪاڻا بڻجي ويندا____. اهڙو نتيجو ۽ لقاءَ اسين مشرقي پاڪستان کي بنگله ديش ٺهندي يا الڳ ٿيندي ڏسي ۽ ڀوڳي چڪا آهيون. پروفيسر عزيز الدين طويل ترين تحقيق سان انهن عناصر جي نالن سان فهرست پڻ ڏني آهي تہ ڌارين ڪيئن نہ سنڌي سرائيڪي علائقن جي زمين ۽ سول سروسز تي قبضو ڪيو آهي، سنڌ جي تاريخي حيثيت ۽ جدوجهد حقوق جي ڪري سنڌ جي حيثيت صوبي جي صورت تہ موجود آهي پر پروفيسر سرائيڪي صوبي جو بہ زبردست حامي آهي، هن کان اڳ شبلي جو ڪتاب ”پاڪستان ڪي ديهه خُدا“ ڇپجي چڪو آهي جنهن ۾ پڻ ناجائز قبضاگير مافيا جو طويل ذڪر ۽ قبضاگيرن جي فهرست موجود آهي.
هن سڄي ڪهاڻي جو تت هي آهي تہ پاڪستان جون مظلوم قومون جيڪي تاريخي طور ڌرتي ڌڃاڻيون آهن، پروفيسر خصوصي طور حُرن جي زمينن جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪي هنن کان ڦُري ڌارين ۾ ونڊيون ويون ۽ حُر ڌرتي ڌڪاڻا ٿي ويا. جديد زبان ۾ لوڪ ريڊ انڊين وانگر ڌرتي ڌڪاڻا ٿي ويندا. منهنجي خيال ۾ هر دردمند انسان دوست ۽ وطن پرست هر ماڻهوءَ کي پروفيسر عزيز الدين جو اهي امُلهه تحقيقي ڪتاب ضرور پڙهڻ گهرجي، ٻيو نہ تہ گهٽ ۾ گهٽ ڪتاب ۾ درج حقيقي حالات، زيادتيون، ظلم ۽ ڏاڍ جا تفصيل تہ آڏو ايندا تہ ڌرتي ڌڻين کي ڌرتي ڌڪاڻا ڪرڻ لاءِ ڪهڙا ڪهڙا نہ حربا هلايا ويا آهن ۽ ڇا ڇا نہ غصب ڪيو ويو آهي، اربين روپين جون لکين ايڪڙ زمينون، کربن جون شهري جائدادون، سول ۽ فوجي سروسز ۽ عهدا انهن ۽ انهن سان لاڳاپيل ٻين شين ۽ معاملن کي ڪيئن نہ هڙپ ڪري ڌرتي ڌڻين کي ڌرتي ڌڪاڻا ڪرڻ جا جتن ڪيا ويا آهن. (هي ڪتاب لاهور جي ڪتبهءَ فڪر و دانش علي پلازه 3، مزنگ روڊ ڇاپيو آهي).
مون شبلي جو تحقيقي ڪتاب پاڪستان ڪي ديهه خُدا جو حوالو ڏنو پر اهڙي تحقيق ٻين دانشور ليکڪن پڻ ڏني آهي، ايلائس البنا جو غضب ناڪ تحقيقي ڪتاب ”سنڌو جون سلطنتون“ (ترجمو مظفر بخاري) ۽ اهڙو ئي ٻيو زبردست تحقيقي ڪتاب ”پاڪستاني رياست جي امڪاني ڀڃ ڊاهه___ سنڌين ۽ بلوچن جو مستقبل“ ليکڪ حبيب جتوئي جا عجيب و غريب انڪشافات. پر ڪُجهه ناولن ۾ بہ اهڙو ماحول پيش ڪيو ويو آهي جيڪو تاريخي طور وقوع پذير ٿي چڪو آهي، جيئن عصمت چغتائي جو ناول ۽ فلم ”گرم هوا“ قرت العين حيدر ”گردش رنگ چمن“ ۾ اهڙا حقيقي واقعا بيان ڪيا ويا آهن جن ۾ ڌرتي ڌڻين کي ڌرتي ڌڪاڻا ڪيو ويو.
حاصل تحرير هي وڃي بيٺو تہ نہ رڳو هيٺين ذاتين وارا ڌرتي ڌڪاڻا بڻيا آهن، پر اُهي ڌرتي ڌڻي جيڪي شريف النفس ۽ امن پرست آهن، انهن جون ملڪيتون بندوق جي زور تي ڦٻائي ڌرتي ڌڪاڻن ۾ تبديل ڪرڻ جا جتن پيا ڪيا وڃن.

آتم ڪٿا / جڳ ڪٿا (حصو ٻيو) جي پُڄاڙي.

پُڄاڙي هڪ سچي ۽ تاريخي واقعي تي ڪيان ٿو، فرانس جو هڪ فوجي جرنيل تمام سخت طبيعت جو هو، هُو ڪنهن جي ڪونه مڃيندو هو، اڪثر پنهنجي زال سان بہ سندس جهيڙا هلندا هئا، هڪ دفعي زال سان سندس جهيڙو انتها تي پهچي ويو، هُو هڪ ٻي تي شائوٽنگ ڪندي آپي کان ٻاهر نڪري ويا، انهيءِ موقعي تي جنرل تمام زوردار آواز ۾ پنهنجي زال کي چيو چُپ ڪر، بس هو چُپ ٿي وئي ______ ايندڙ 17 سال هُو چُپ رهي! انهن 17 سالن ۾ هُن ڪڏهن هڪ لفظ بہ نہ ڳالهايو__ انهيءَ وچ جرنيل کي احساس ٿيو تہ هي سٺو نہ ٿيو، بعد ۾ هُن ڪيترا دفعا پنهجي زال کي پرچائڻ جي ڪوشش ڪئي، عزيزن ۽ دوستن جي معرفت ڪوشش ڪئي 17 سال گذري ويا، پر سندس زال چُپ رهي ۽ انهيءَ چُپ چپاٽ ۾ ئي گذاري وئي..!!.
آئون ورهين کان اخبارن ۽ رسالن ۾ مختلف قسم جا ڪالم لکندو رهيس، رُڳو انهيءِ خيال سان تہ مون وٺ جيڪو علم ۽ تجربو آهي ديس واسين ۾ ونڊيان پر ڪنهن بہ ڪڏهن هُش بہ نہ ڪئي، البت مقامي صحافين مون کي رائيٽرز جو سرٽيفڪيٽ ڏنو ۽ اخبار جاڳو جي مالڪ غلام قادر پليجي هڪ مضمون تان خوش ٿي 500 روپيه انعام ڏنو. باقين کان خطاب گهڻا ئي مليا، چريو، ڪامريڊ، اڌ مغزي، ڪريڪ وغيره بسم الله، پر آئون بہ سنڌ واسين لاءِ هُن فرينچ عورت وانگر چپ ٿي وڃڻ جو سوچي رهيو آهيان، مون کي ڇاهي ڀلي وطن واسي نہ جاڳن، پر نتيجن لاءِ تيار رهن..!!

نه جاني اور اپني سادگي ڪيا رنگ لائي گي