شخصيتون ۽ خاڪا

جھڙا گُل گلاب جا (حصو ٻيو)

ھن ڪتاب ۾شيخ عبدالمجيد سنڌي، حاجي مولا بخش سومرو، نواب نور احمد خان لغاري، مولانا غلام محمد گرامي، مولانا عبدالواحد سنڌي، ٻيڙو فقير ڪنڀر، مولوي حافظ عبدالحميد ڀٽي، رشيد ڀٽي، صديق سالڪ، ايڇ. ٽي، لئمبرڪ، محمد امين خان کوسو. مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاھ، محمد ابراهيم جويو، شفيق الرحمان، مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ غني خان جي شخصيتن بابت ليک شامل آھن. 

  • 4.5/5.0
  • 4
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book جھڙا گُل گلاب جا (حصو ٻيو)

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”جھڙا گُل گلاب جا (حصو ٻيو)“ اوھان اڳيان پيش ڪجي ٿو. ھي ڪتاب نامياري ليکڪ غلام رباني آگري پاران لکيل 17 شخصيتن جي خاڪن ۽ زندگيءَ جي يادگيرين بابت آھي. 
ھن ڪتاب ۾شيخ عبدالمجيد سنڌي، حاجي مولا بخش سومرو، نواب نور احمد خان لغاري، مولانا غلام محمد گرامي، مولانا عبدالواحد سنڌي، ٻيڙو فقير ڪنڀر، مولوي حافظ عبدالحميد ڀٽي، رشيد ڀٽي، صديق سالڪ، ايڇ. ٽي، لئمبرڪ، محمد امين خان کوسو. مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاھ، محمد ابراهيم جويو، شفيق الرحمان، مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ غني خان جي شخصيتن بابت ليک شامل آھن. 
هن ڪتاب مان غلام ربانيءَ جي حسين نثري تحرير جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، جنھن ڄاڻايل شخصيتن جي خاڪا نگاريءَ جو نہ رڳو حق ادا ڪيو آهي، پر هي ڪتاب ’خاڪا نگاريءَ‘ جي فن جو شاهڪار آهي.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو سنڌي ادبي بورڊ پاران 1991ع ۾ ڇپايو ويو ۽ ٻيو ڇاپو 2007ع ۾ ڇپايو ويو. 


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

پاڪ ڪلمون

پاڪ ڪلمون(ڳالهه) پاڪ وڻ وانگر آهي، جنهن جي پاڙ پختي آهي، ۽ ٽاريون آسمان ۾ آهن. هر وقت پنهنجي رب جي حڪم سان ميوو جهليندو آهي. ۽ بڇڙي ڪلمي(ڳالهه) جو مثال بڇڙي وڻ وانگر آهي، جنهن کي زمين تان پٽيو ويو. اهو بي پاڙو آهي.

___ قرآن مجيد

پيش لفظ

هي ڪتاب _____ جهڙا گل گلاب جا____ ادب ۽ احترام سان. سنڌي زبان جي پيارن پڙهندڙن جي خدمت ۾ پيش ڪجي ٿو. ان جي مصنف سان منهنجي شناسائيءَ کي ڀريا چاليهه ورهيه ٿيا. تن ڏينهن ۾ اسان ٻئي ڄڻا سنڌ جي تاريخي درسگاهه مدرسه هاءِ اسڪول نوشهري فيروز ۾ پڙهندا هئاسين، جنهن جو پرنسيپال هو منهنجو چاچو (مرحوم) مولوي شفيع محمد صديقي.
ادا غلام رباني مٿئين ڪنهن ڪلاس ۾ پڙهندو هو ۽ اسڪول جي ذهين شاگردن ۾ شمار ٿيندو هو، سو چاچا کيس گهڻو ڀائيندو هو. چاچا جي بدليءَ بعد اسان نوشهري مان هليا وياسين. ادا غلام ربانيءَ مئٽرڪ جو امتحان ڏيئي نوشهرو ڇڏيو ۽ حيدرآباد جي ڦليلي ڪاليج ۾ داخلا ورتي، سال ٻه اتي رهي ڪراچيءَ هليو ويو، جتي اول سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ پوءِ ماهنامي نئين زندگي ۽ سنڌي ادبي بورڊ ۾ نوڪري به ڪيائين ۽ تعليم به جاري رکيائين، جنهن جو اشارتاً ذڪر سائين غلام مصطفي شاهه واري مضمون ۾ ڪيو اٿس.
ماڻهوءَ جي شخصيت جو سانچو شايد ننڍپڻ جي نفسياتي اثرن موجب تيار ٿئي ٿو. پنهنجي والد مرحوم واري مضمون ۾ هڪ هنڌ لکيو اٿس ته ، ” امان چوندي هئي ته اسان جي گهر ۾ رڳو هڪ شيءَ ۾ برڪت آهي______ ڪتابَ.“
ادا غلام ربانيءَ جو ننڍپڻ ڪتابن پڙهندي گذريو، مون نوشهري هاءِ اسڪول جي گرائونڊ تي ڪڏهن به کيس راند روند ڪندي ڪونه ڏٺو. البت، هاءِ اسڪول جي ڊبيٽنگ سوسائٽيءَ ۾ گهري دلچسپي وٺندو هو ۽ ان جو سيڪريٽري مقرر ٿيو. ذهين شاگرد تي استادن جو راز ٿيندو آهي، سو انهيءَ ئي زماني ۾ ٻن استادن سندس ذهن تي ٻه متضاد نظرياتي اثر وڌا: هڪ مرحوم مولوي جان محمد ڀٽو، جو مذهبي خيال جو هو ۽ ٻيو اظهار ڪاظمي جو شوسلسٽ خيال جو هو. ادا غلام رباني ٻنهي جو ادب ڪندو هو. هو پڻ سندس گهڻو لحاظ ڪندا هئا. ادا غلام ربانيءَ هڪ دفعي هاءِ اسڪول جي اسٽرائيڪ ۾ بهرو ورتو ۽ رسٽڪيٽ ٿيو. پر، مولوي جان محمد ڀٽي جي ڪوشش سان کيس ٻيهر داخلا ملي. اظهار ڪاظمي صاحب اڄڪلهه آمريڪا ۾ آهي. ادا غلام ربانيءَ جي ساڻس عقيدت هئي. پنهنجن افسانن جي مجموعي ”آب حيات“ جو انتساب ڏانهس ئي ڪيائين. اهي افسانا 1955ع کان 1957ع واري عرصي ۾ لکيائين، جن مان ڪي بعد ۾ انگريزيءَ، چينيءَ ۽ جرمن زبانن ۾ پڻ ترجمو ڪيا ويا. انهيءَ ئي زماني 1955ع ۾ ون يونٽ ٺهيو ۽ پندرنهن سال پوءِ ان کي ڊاهيو ويو. اهو عرصو ادا غلام ربانيء سنڌ جي تحريڪ سان وابسته رهيو. ان ڳالهه جي جهلڪ هن ڪتاب ۾ اسان کي شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ واري مضمون ۾ نظر اچي ٿي.
سنڌي ادبي بورڊ جي ملازمت دوران، قدرت کيس جن باڪمال عالمن جي صحبت نصيب ڪئي، تن جو هن ڪتاب ۾ وڏيءَ سڪ سان ذڪر سان ڪيو اٿس. هڪ لحاظ کان ڄڻ ته هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ جو تذڪرو آهي. بورڊ جو صحيح معنى ۾ پايو وجهندڙ شخص محترم محمد ابراهيم جويو هو ادا غلام رباني سندس ئي ترتيب يافته هو ۽ ان ڳالهه تي کيس هميشه فخر رهيو. جويي صاحب تي هن ڪتاب ۾ جيڪو مضمون لکيو اٿس، ان جو آخرين جملو ڪيڏو نه دل کي ڇهندڙ آهي. درحقيقت، سنڌ جي هنن ٻن فرزندن جا بورڊ تي جيڪي احسان آهن، سي وسرڻ جهڙا نه آهن، بورڊ جا سوين ڪتاب سندن ئي نگرانيءَ هيٺ ڇپيا. بورڊ جون موجوده عمارتون ادا غلام ربانيءَ جي ئي ايامڪاريءَ ۾ ٺهيون. بورڊ جا پراڻا ڪارڪن، پٽيوالا ۽ چوڪيدار، بلڪه وڻن جا ڪک پن ۽ گل گونج جويي صاحب ۽ ادا غلام ربانيءَ کي اڄ به سڪ سان ساريندا آهن.
سنڌي ادبي بورڊ ۾ ملازمت دوران، ادا غلام رباني ڪجهه عرصو سنڌ يونيورسٽيءَ جو پرو _ وائيس چانسيلر مقرر ٿيو. پوءِ ملڪ جي ممتاز اد بي اداري، اڪادمي ادبيات پاڪستان جو ڊائريڪٽر جنرل ٿيو، جتي هاڻي کيس ترقي ڏيئي چيئرمين ڪيو ويو آهي. دعا آهي ته جتي به هجي، اتي خدا کيس خوش رکي:

بهر جا که باشي خدا يار تو
محمد هميشه نگهدار تو.

”جهڙا گل گلاب جا“ هڪ اهڙو ئي ڪتاب آهي جن جي سنڌي زبان ۾ وڏي ضرورت آهي. علامه آءِ. آءِ قاضي فرمائيندو هو ته ”ڪو به ڪتاب سوانح حيات کان وڌيڪ اهم ڪونه آهي.“ علامه صاحب اسان پاٽ جي رهاڪن جو ته وڏو هو، پر سنڌ جي بيشمار اهل دل انسانن وانگر ادا غلام ربانيءَ کي به علامه صاحب سان وڏي عقيدت هئي. سندس ئي هدايت تي عمل ڪيائين ۽ انهن قدآور علمي ۽ ادبي شخصيت جا سوانحي خاڪا لکيائين، جي ويهينءَ صديءَ جي سونهن هئا.
وجهڙائيءَ ۾، هن قسم جو هڪ ڪتاب سائين جي ايم سيد لکيو : ” جنب گذاريم جن سين.“ اهو به سنڌي ادبي بورڊ ڇاپيو، ٻيو ڪتاب پير علي محمد راشديءَ ”اهي ڏينهن، اهي شينهن“ نالي سان لکيو، جو به سنڌي ادبي بورڊ ڇاپيو ۽ هاڻيءَ هيءُ ٽيون ڪتاب پڻ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪري رهيو آهي.
ٻين سنڌي عالمن ۽ ناشرن پڻ انهيءَ رنگ ڍنگ جا ڪيئي عمدا ڪتاب لکيا آهن. مثلاً، تازو محترم علي احمد بروهيءَ ۽ محترم تنوير عباسيءَ ٻه اهڙا شاندار ڪتاب لکيا آهن. دراصل، سنڌي جي علمي ۽ ادبي روايت تمام شاهوڪار آهي. پر، سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ اقتصادي ڪشمڪش جي موجوده دور ۾، سنڌ پنهنجي علمي ۽ ثقافتي تشخص کي تڏهن ئي برقرار رکي سگهندي، جڏهن پنهنجي تاريخي ورثي ۽ ادارن کي محفوظ رکندي. برطانيا نه فقط ترقي يافته ملڪن جي صف اول ۾ سرفهرست آهي، پر دنيا جي مثالي جمهوريت آهي. ان جو هڪ مکيه سبب برطانوي عوام جي پنهنجي ادارن ۽ تاريخي ورثي سان بي پناهه محبت آهي. سنڌ ____ لائق ۽ فائق اديبن کان اها ئي توقع رکي ٿي ته ____ ايندڙ نسلن کي پنهنجن وڏن ۽ سندن قائم ڪيل تاريخي روايتن ۽ ادارن سان محبت سيکارين. هي ڪتاب اهڙي ئي هڪ قربائتي ڪوشش آهي.

عبدالغفار صديقي
سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ
جمعو 12_ جولاءِ 1991ع

شڪر ادائي

سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمن، منهنجي محسن ۽ سنڌ جي سدا بهار شخصيت، مخدوم محمد الزمان طالب المولى ۽ سندن نور نظر مخدوم جميل الزمان چيئرمين اسٽينڊنگ ڪاميٽي هن ڪتاب جي اشاعت ۾ خصوصي دلچسپي ورتي. مان سندن قرب کي پنهنجي لاءِ اعزاز سمجهان ٿو ۽ بورڊ جي سمورن معزز ميمبرن ۽ سيڪريٽري برادرم عبدالغفار صديقيءَ جو شڪريو ادا ڪريان ٿو.

2_ برادرم حسين شاهه راشديءَ ڪتاب کي بهتر بنائڻ لاءِ ڪي اهم تجويزون ڏنيون ۽ اڪثر تصويرون عنايت ڪيون. مسز روما ابوالڪلام جي تصوير موڪلي. عزيزم نفيس احمد ناشاد ٻيون ڪي اڻلڀ تصويرون هٿ ڪري ڏنيون. مير علي نواز سولنگيءَ مقدمي جي نقل نويسيءَ ۾ مدد ڪئي. ڀاءُ علي نواز ڀٽيءَ اهو مواد ٽائيپ ڪيو. ڪتاب جي ڪمپوزنگ جو ڪم سنڌ يونيورسٽي پريس جي فاضل رجسٽرار برادرم محمد صالح راڄـڙ جي توجهه سان ميان محمد قاسم ٻٻر فورمئن جي نگرانيءَ هيٺ خير خوبيءَ سان پورو ٿيو. متن جي پروفن پڙهڻ جو سڄو ڪم مسٽر محمد دائود بلوچ اڪلايو ۽ مقدمي جي پروف ريڊنگ ۾ مسٽر الهه بچائي يوسف زئيءَ هٿ ونڊايو. ڇپائيءَ جي پوين سمورن مرحلن تي برادرم نور احمد ميمڻ ۽ برادرم نور محمد پٺاڻ نگراني ڪئي. مان انهن مڙني مهربانن جو تهه دل شڪرگذار آهيان.

3_ محترم محمد دائود بلوچ ۽ عزيزم الطاف آگري هن ڪتاب جي اشاعت ۾ خاص دلچسپي ورتي. مون ڪتاب جي مقدمي ۾ اخلاق جي اهميت تي زور ڏنو آهي. جو منهنجي خيال موجب انسان جي عظمت جو صحيح ماپو اخلاق آهي. قدرت محترم محمد دائود ۽ عزيزم الطاف کي انهيءَ نعمت سان بي حساب نوازيو آهي. سندن قربن جي شڪر ادائيءَ لاءِ مون کي لفظ ئي ڪونه ٿا سجهن. الله پاڪ شال سدائين کين باغ و بهار رکي.


غلام رباني آگرو
اسلام آباد، خميس
7_ ذوالحج 1411هه
20 _ جون 1991ع

انتساب

سنڌ جي مٺن ماڻهن ڏانهن

جيئن ڳنڍيون مـــــنجهه ڳنڍير
تيئن مون من ماروئڙن سين

شيخ عبدالمجيد سنڌي

غالباً سنه 1936ع ۾، جڏهن سنڌ بمبئيءَ کان جدا ٿي هئي، تڏهن ”الوحيد“ اخبار جو ”سنڌ آزاد نمبر“ شايع ٿيو هو. منهنجي والد بزرگوار کي علمي ادبي ڪتابن ۽ رسالن جو شوق هوندو هو. اهو نمبر به خريد ڪيو هئائين ۽ سالن جا سال سندس ڪتابن جي ذخيري ۾ موجود هو. جڏهن مان ڏهن ٻارهن سالن جي عمر جو ٿيس ته اهو نمبر پڙهيم. گهڻو حصو مضمون سنڌيءَ ۾ هئا ۽ ٿورو حصو انگريزيءَ ۾ . انگريزي مضمونن ۾ هڪ جو عنوان هو

Shaikh Abdul Majid Sindhi, a Soldier of Islam.

انساني حافظو ضعيف آهي، پر مان ڀايان ٿو ته عنوان اهو ئي هو، ۽ مضمون علي برادران يعني مولانا شوڪت عليءَ ۽ مولانا محمد عليءَ ٻنهي مان ڪنهن هڪ جو لکيل هو. ان زماني ۾، منهنجو انگريزي زبان جو مطالعو نه هئڻ برابر هو. جڏهن وڏو ٿيس ته اهو مضمون پڙهيم. ان زماني تائين شيخ صاحب جي عظمت جا پاڇا منهنجي ذهن تي پئجي چڪا هئا. چنانچ، جڏهن مون خود ادبي رسالن ۾ لکڻ شروع ڪيو، تڏهن شروعاتي زماني ۾ پاڻ کي غلامي رباني ”سنڌي“ لکندو هوس. سنڌي لفظ جو اضافو شيخ صاحب جي شخصيت کان متاثر ٿي ڪيو هوم، جو پاڻ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي نالي سان لکندو هو.
شيخ صاحب جو ديدار مون کي گهڻو گهڻو پوءِ نصيب ٿيو. تڏهن مان ڦوهه جوانيءَ ۾ هوس ۽ سنڌي ادبي بورڊ ۾ ملازم مقرر ٿيو هوس. شاهه صاحب جي ايم سيد بورڊ جو نائب صدر هو ۽ سندس بنگلي تي روز شام جو ڪچهري ٿيندي هئي. شيخ صاحب به روز ان ڪچهريءَ ۾ شريڪ ٿيندو هو. سندس امتيازي ڳالهه اها هوندي هئي، ته فقط کيس گهران کڻڻ لاءِ شاهه صاحب جي ڪاري ”بيوڪ“ موٽر ويندي هئي. موٽ تي ان موٽر ۾ مان به شيخ صاحب سان گڏ ويندو هوس. شيخ صاحب تن ڏينهن ۾ سول اسپتال جي سامهون، هڪ هندڪي مندر ۾ رهندو هو، جو هندن جي لڏي وڃڻ بعد ” متروڪه جائداد“ ۾ شمار هئو. مان ان جي ويجهو پاڪستان چوڪ وٽ ميٺا رام هاسٽل ۾ رهندو هوس، ان مندر ۾، مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي اڳ ڄائي. غالباً عزيز الله نالو هوس. کي به رهائش لاءِ عارضي طرح اجهو ڏنو هئائين. مولانا عبيدالله سنڌيءَ کي مون ڪو نه ڏٺو. اڳ ۾ ئي فوت ٿي ويو هو. پر سندس عظمت جي ڌاڪ ذهن تي ڇانيل هئي، انڪري ڪنهن علم دوست، مولانا سنڌيءَ سان منهنجيءَ محبت کي خيال ۾ رکي، عزيز الله کي مون سان ملايو. عزيز الله ميٺا رام هاسٽل ۾ مون وٽ ايندو رهندو هو. اتي سندس مان ۾ ٻه ٽي دفعا دعوت ڪيم ۽ ساڻس ڪچهريون ڪيم. ننڍپڻ مولانا سنڌيءَ سان گڏ گذاريو هئائين. اهي احوال ڏيندو هو ۽ مولانا سنڌيءَ تي ولايت جي اخبارن ۾ جيڪي مضمون شايع ٿيا هئا، سي پڙهائيندو هو. پنهنجن دوستن سان منهنجي گهڻي تعريف ڪندو هو.
اڳتي هلي شيخ صاحب ۽ انهيءَ عزيز الله مرحوم جي وچ ۾ اختلاف پيدا ٿيا. اختلاف جو مسئلو دنيا جي دستور موجب، جائداد يا ائين چئجي ته ”متروڪه جائداد“ هو. عزيز الله جاءِ خالي ڪرڻ لاءِ تيار نه هو. شيخ صاحب اچي ڦاٿو، شريف انسان، چڱائي ڪري اڙجي ويو. بهرحال اڳتي هلي، ڪنهن طرح اهو مسئلو حل ٿي ويو.
غالباً سنه 1957ع يا 1958ع هو. اڃا ايوب خان جو مارشل لا ڪو نه لڳو هو. اڃا سڪندر مرزا حڪومت ڪري رهيو هو. حڪومت جي مخالف اڳواڻن، جي ايم سيد، عبدالغفار خان ۽ عبدالحميد ڀاشانيءَ گڏجي نيشنل عوامي پارٽي ٺاهي. ان پارٽيءَ طرفان هوٽل ميٽروپول ۾ دعوت استقباليه ڏني ويئي. ان ۾ مرحبائي تقرير لکي ته الائي ڪنهن، پر ان کي ٽائيپ ڪرائڻ جو ڪم جويي صاحب تي رکيو ويو، جنهن جي مون کي خبر ڪانه هئي. هڪ ڏينهن شام جي مهل هئي، ادبي بورڊ ۾ پنهنجيءَ آفيس ۾ ويٺي ڪم ڪيم، جو شيخ صاحب جو ڪڙاڪيدار آواز ٻڌم. هونئن هميشه ڌيمي نماڻي آواز ۾ ڳالهائيندو هو. پر ان ڏينهن جوش ۾ هو. تقرير جي ٽائيپ ٿيڻ ۾ شايد دير ٿي وئي هئي. ”ڪٿي آ جويو“ ائين چوندو، سندس آفيس جي ڪمري ڏانهن ڇو هو ڇو هو ويو. شام جو ان دعوت استقباليه ۾، جيڪو ڄڻ ته چڱو موچارو عوامي جلسو هو، شيخ صاحب اها مرحبائي تقرير، اردو محاوي موجب، ”گهن گرج“ سان پڙهي. مون سندس تقرير بازيءَ ۾ شعله بيانيءَ جا اڳي قصا ٻڌا هئا، ان ڏينهن پاڻ مشاهدو ڪيم. ٻيو مشاهدو ڪراچيءَ جي جهانگير پارڪ ۾ ڪيم، اتي ڪو عوامي جلسو هو، جنهن ۾ شيخ صاحب ڏاڍي زوردار تقرير ڪئي. ڏسڻ ۾ سنهڙو، سڪل، هلڪو ڦلڪو، گلن جي مٺ ۾ توڙڻ جيترو مڙس، پر جڏهن اهڙن جلسن ۾ دل سان تقرير ڪندو هو، ته ائين ڀانئبو هو ته ڄڻ شينهن گجي رهيو آهي. ان ئي زماني ۾، يا ٿورو اڳتي هلي، عطا الله مينگل ۽ ٻين بلوچ اڳواڻن سان گڏ ڪنهن جلسي ۾ تقرير ڪيائين، جا مون ڪانه ٻڌي. ان تقرير گهڻيءَ تڪليف ۾ وڌس. سالن جا سال مٿس ۽ ٻين اڳواڻن تي مقدمو هلندو رهيو.
شاهه صاحب جي ايم سيد جي بنگلي تي جيڪي ڪچهريون هلنديون هيو تن جي ڪري مون سان چڱو حجائتو ٿي ويو هو. انهن ڏينهن ۾ مان ڏاڍيون انگريزي فلمون ڏسندو هوس. سو، مغربي Cow Boys ۽ ٽيڊي جوانن جا ڪي دلچسپ گفتا ياد ٿي ويا هئا.
ڪڏهن ڪڏهن شيخ صاحب مزي وٺڻ ڪاڻ مون تي زور ڀريندو هو ته ”اهي گفتا ته ٻڌاءِ.“ جڏهن مان کيس اهي گفتا ٻڌائيندو هوس ته اچي کل ۾ ڇٽڪندو هو. انهن ۾ هڪ گفتو هوندو هو:

“oh! You son of a gun. Do you dick me? Hang on.”

شيخ صاحب اهو جملو ٻڌي اصل ڪو وقت ته ٽهڪن ۾ اچي پوندو هو. آخر انهن گفتن کيس اهڙو ته مزو ڏنو، جو پاڻ، شاهه صاحب ۽ پير حسام الدين راشديءَ کي ساڻ ڪري، ڪراچيءَ جي پئليس سينيما ۾، مون سان گڏجي، انگريزي فلم ڏسڻ هليو.
هڪ دفعي پير صاحب ۽ رئيس ڀرڳڙيءَ مون تي زور رکيو ته تون شيخ صاحب جي زندگيءَ جو احوال لک. ڪي مهينا ته ڳالهيون ٿينديون رهيون. آخرڪار ڳالهه پڪي ٿي. طئي ٿيو ته مان روز شام جو، هڪ ٻه ڪلاڪ، ميٺا رام هاسٽل مان، شيخ صاحب جي رهائشگاهه تي ويندس، جتي هو مون کي پنهنجيءَ حياتيءَ جو احوال لکائيندو. ٻه چار نوٽبڪ خريد ڪيم. شيخ صاحب کي ذهن ۾ ڪو خاڪو ڪونه هو. هڪ ڪمري ۾ ٻئي ڄڻا گڏ ويهندا هئاسون. اتي هو ناس به ڏيندو هو ۽ سوچيندو به رهندو هو. آخرڪار سوچي سوچي، سکر ۾ ”الحق“ اخبار جي زماني کان وٺي پنهنجيءَ حياتي جي احوال لکائڻ شروع ڪيائين. ان ڪم ڪندي، ماڻهو ٿڪجي پوندو هو ته ٿڪ ڀڃڻ لاءِ چاءِ، بسڪوٽ وغيره جو ڪوبه انتظام ڪونه هوندو هو. پاڻ غريب ماڻهو هو. هونئن دل جو سخي هو. ڪنهن زماني ۾ خلافت تحريڪ ۾ رهيو هو. ان دور جا ڪي ٻه ترڪ ساٿي، ايامن کان پوءِ، الائي ڪيئن ڪراچيءَ آيا ۽ ساڻس اچي مليا. انهن جي اعزاز ۾ نهايت شاندار دعوت ڪيائين. ان ۾ شايد فقط چار ڄڻا سڏيائين، تن ۾ ٻه ته اهي ترڪ هئا، ٽيون مان هئس ۽ جي مان ڀلجان نٿو ته چوٿون ماڻهو رئيس غلام مصطفيٰ خان ڀرڳڙي هو.
مون شيخ صاحب جي حياتيءَ جي احوال جا ايڪانوي صفحا لکيا. اسڪول نوٽبڪن تي لکندو هوس. پوءِ ڪنهن سبب ڪري، ان ڪم ۾ رڪاوٽ پئي. چنانچ، ڪم اڳتي هلي ڪونه سگهيو، شيخ صاحب مالي طرح تمام غريب ماڻهو هو. رئيس ڀرڳڙيءَ جي مشوري ۽ مدد سان هڪ ٽرڪ خريد ڪئي هئائين. ان لاءِ بئنڪ کان غالباً منو لک رپيا قرض ورتو هئائين. اها ٽرڪ روزانو ٻه ٽي سئو ڪمائيندي هئي. پر ڊرائيور هوندا هئا شيطان، سي ڪنهن وقت ٽاير جو بهانو، ڪنهن مهل بئٽريءَ جو چڪر ڪري، شيخ صاحب کي ستائيندا رهندا هئا. غريب ان سبب سان اڪثر ڪري ڪراچيءَ کان حيدرآباد ايندو ويندو رهندو هو. بئنڪ جي قرض جي به ڳڻتي هوندي هئس. غالباً اهو وڏو سبب هو، جو سندس حياتيءَ جي احوال لکڻ جو ڪم مڪمل ٿي نه سگهيو. ٻيو سبب اهو هو ته سندس ٻولي تمام سادي هئي. ان ۾ نمڪ مرچ هئو ئي ڪونه، ان ڪري لکڻ ۾ مزو ڪونه ايندو هو. شيخ صاحب جي ننڍپڻ ۽ مسلمان ٿي، گهران نڪري وڃڻ ۽ آنربل غلام محمد ڀرڳڙيءَ سان ملڻ جا واقعا تمام دلچسپ هئا. هو اهي تفصيل سان لکائي ها، ته لکڻ ۽ پڙهڻ واري کي ڏاڍو مزو اچي ها، ۽ ادور جي سماجي حالتن جي به ڪجهه معلومات ملي ها، پر هن ائين ڪونه ڪيو. بهرحال، اڳتي هلي اهي ايڪانوي صفحا، مون کان پير صاحب يا ڪنهن ٻئي ورتا ۽ پوءِ ڪاڏي ويا، تنهن جو وري پتو ڪونه پيو.
جڏهن سنه 1962ع ۾، سنڌي ادبي بورڊ جون آفيسون ڪراچيءَ مان حيدرآباد کڄي آيون ته شيخ صاحب مولانا غلام محمد گراميءَ جي آفيس ۾، جيڪا ”امين منزل“ تي پٽ تي هوندي هئي، گهڻو ايندو ويندو هو. اتي اسلامي تصوف تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ بحث هلندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ڏاڪڻ چڙهي، مٿي مون وٽ به ايندو هو. خبر ناهي ته ڇو ٻن چئن سالن ۾ ئي ڄڻ ته ڏاڍو ٻڍو ٿي ويو. ٽيڪ لاءِ لڪڻ ته شروع کان ئي کڻندو هو. پر مان ڀايان ٿو ته ملڪ ۾ مارشل لا ۽ ون يونٽ جي مصيبن کيس ٿڪائي وڌو. اصل خوشي ذهن جي آهي. هالن جي مخدوم صاحب هڪ دفعي مون کي چيو ته ”رباني، ٿڪبو آهي ماڻهوءَ جو خيال.“ شيخ صاحب جو ذهن ٿڪجي پيو هو. ان زماني ۾ اسان چند آڱرين تي ڳڻڻ جيترا سنڌي اديب هوندا هئاسين، جيڪي سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪندا هئاسين نه ته گهر خير، يونيورسٽيءَ ۽ ڪاليجن جا شاگردن گهڻو گهڻو پوءِ پيدا ٿيا.
شيخ صاحب هڪ ڏينهن بورڊ جي آفيس ۾ ون يونٽ ۽ ان دور جي تاريڪ حالتن جو ذڪر ڪندي، مون کي چيو ته اسان کي جيڪي ڪرڻو هو، سو ڪري چڪاسين. هاڻي اسان جون سڀ اميدون اوهان نوجوانن جي نسل سان وابسته آهن. بس، شيخ صاحب جو ائين چوڻ ۽ منهنجو بتال کائڻ. مون نهايت سختيءَ سان ساڻس ڳالهايو ۽ چيو ته اوهان اسان کي ورثي ۾ ڏنو ڇا آهي؟ ون يونٽ جي لعنت، فلاڻي مصيبت، فلاڻي بلا؟ مان ٻرندڙ جبل وانگر باهه ۽ لاوا وسائيندو رهيس. شيخ صاحب جهڙو وڏو اڳواڻ نهايت انڪساريءَ ۽ نهايت اشرافت سان سڀ ڪجهه ٻڌندو ۽ سهندو رهيو. موڪلائڻ مهل ڀاڪر پائي، وري به مون کي ائين ئي چيائين ته ”، ابا، مان نااميد ناهيان. منهنجون سڀ اميدون اوهان نوجوانن سان وابسته آهن“.
هاڻي جڏهن مان ماضيءَ ڏي موٽي ڏسان ٿو ته سندس قول جي سياڻپ جو احساس ٿئي ٿو. في الحقيقت، سندس اهي اکر به مون جهڙن ضعيف انسانن کي حوصلو ڏيارڻ لاءِ هئا. هونئن هو ته پنهنجيءَ جاءِ تي پيريءَ ۾ به پهاڙ وانگر پختو بيٺو هو. ان جو ثبوت ستت ئي مون کي مليو.
ڇا ٿيو ته ايوب خان جي فوجي حڪومت هڪ اونڌو ڪم اهو به ڪيو هو ته سندس تعليمي سيڪريٽري، شريف خان جي ”تعليمي ڪميشن“ اها سفارش ڪئي هئي ته سنڌي زبان آئيندي فقط پرائمري ٽن درجن تائين پڙهائي وڃي. پوءِ اڳتي اها اختياري مضمون ٿئي، يعني چوٿين درجي کان وٺي جنهن کي وڻي سو سنڌيءَ ۾ پڙهي ۽ جنهن کي وڻي، سو اردوءَ ۾ پڙهي. ڇهين درجي کانپوءِ پڙهائڻ جو سڄو ڪم اردوءَ ۾ ٿئي.
انهيءَ فيصلي جي روشنيءَ ۾ سنڌي زبان جو مستقبل ڄڻ ته ختم ٿي پئي ويو، ڇو ته جيڪڏهن ٽئين يا ڇهين درجي کانپوءِ ٻار کي اردو پڙهائڻي آهي، ته پوءِ والدين شروع کان ئي ڇو نه ٻار کي اردو پڙهائين.
ان فيصلي تي عمل ڪرڻ ۾ خاص رنڊڪ اها هئي ته انگريزن سنڌي زبان کي سو ورهين تائين پڙهائڻ جو ذريعو بنايو هو، عدالت جي زبان قرار ڏنو هو ۽ سرڪاري لکپڙهه به انگريزيءَ ۽ سنڌيءَ ۾ ئي ٿيندي هئي. سو، سنڌي ٻوليء گهڻي ترقي ڪري چڪي هئي. چنانچ، اهو فيصلو ڄڻ ته بگيءَ کي گهوڙي جي اڳيان ٻڌي هلائڻو هو. اهڙي ابتي ڪم جو نتيجو ظاهر هو. سڄيءَ سنڌ ۾ ان فيصلي خلاف نفرت جي لهر ڊوڙي ويئي. ايوب خان جي حڪومت جيڪا ون يونٽ کي بچائڻ لاءِ مارشل لا هڻڻ ڪري، سنڌ ۾ اڳيئي بدنام هئي، سا هيڪاري بدنام ٿي ويئي. هوڏانهن اسان سرڪاري طرح هڪ اهڙِ اداري سان وابسته هئاسين، جنهن جو ڪم ئي سنڌي زبان جي ترقي هو. چنانچ، بورڊ جي تڏهوڪي اعزازي سيڪريٽريءَ مرحوم ميران محمد شاهه، ايوب خان جي وزارت ۾ تڏهوڪي سنڌي وزير (مرحوم) ذوالفقار علي ڀٽي کي احتجاج جو خط موڪليو ۽ کانئس مدد گهري. اڳتي هلي، بورڊ جو اعزازي سيڪريٽري دوباره جويو صاحب مقرر ٿيو. هن هڪ پريس بيان تيار ڪيو. چيائين ته هاڻي ڪي دوست همت ڪن، جو ان بيان تي سنڌ جي نامور شخصيتن کان صحيحون وٺن. بيان ۾ گهر ڪيل هئي ته ”سنڌي زبان جي اصلوڪي حيثيت بحال ڪئي وڃي.“ حيدرآباد جي شخصيتن کان صحيحن وٺڻ جو ڪم منهنجي دوست تنوير عباسيءَ پنهنجي مٿي تي کنيو ۽ ڪراچيءَ جي اڳواڻن کان صحيحن وٺڻ جو بار مون کنيو.
مان ڪراچي ويس، شيخ صاحب سان صلاح ڪيم. سڀ کان اڳ امير حيدر شاهه بيان تي صحيح ڪئي. ان وقت قومي اسيمبليءَ جو ميمبر هو. پوءِ رئيس ڀرڳڙيءَ ۽ شيخ صاحب صحيحون ڪيون. شيخ صاحب چيو ته هاڻي سڀاڻي صٻح جو ٻئي ڄڻا پيرزادي عبدالستار صاحب کان صحيحون وٺڻ هلنداسون. ان سان گڏ رئيس ڀرڳڙيءَ کي چيائين ته اسان کي هن ڪم لاءِ پير پاڳاري صاحب کان به وقت وٺي ڏي. رئيس اها مهرباني ڪئي. ٻئي ڏينهن اسان پيرزادي عبدالستار صاحب کان صحيح ورتي. هن نهايت خوشيءَ سان صحيح ڏني. ٽئين ڏينهن رئيس غلام مصطفيٰ ڀرڳڙيءَ سان گڏ، شيخ صاحب ۽ مان، پير پاڳاڙي صاحب جي ڪراچيءَ واري بنگلي تي وياسين. پير صاحب جن نهايت خوش اخلاقيءَ سان مليا ۽ ڪافي پياريائون. شيخ صاحب اچڻ جو مقصد بيان ڪيو. پير صاحب جن بيان وٺي پڙهيو ته ايتري ۾ (مرحوم) قاضي محمد اڪبر، ڄام صادق علي ۽ (مرحوم) الله بچايو آخوند اندر آيا. پير صاحب جن ساڻن خوش مرحبا ڪئي. شيخ صاحب، پير صاحب جن کي چيو ته، ”سائين اسان لاءِ ڪهڙو حڪم آهي؟“ مرحوم قاضي اڪبر پڇيو ته ”ڳالهه ڇا هي؟“ شيخ صاحب مختصر لفظن ۾ ڳالهه بيان ڪئي. قاضيء صاحب فرمايو ته، ”هائو، مون وٽ به ڪالهه هڪ نوجوان صحيح وٺڻ آيو هو، پر مون ته انڪار ڪيو.“ پير صاحب جن صحيح ڪن ها يا نه، سا ته خدا کي خبر، پر مرحوم قاضي صاحب جي انهيءَ ڳالهه ٻڌڻ کانپوءِ شيخ صاحب کي چيائون ته ”اسان دعا ٿا ڏيون. صحيح نادر شاهه صاحب ڏيندو.“ ڀرڳڙي صاحب ۽ مان سمورو وقت خاموش رهياسون. ڪجهه دير کانپوءِ پير صاحب جن کان اجازت طلب ڪئيسون. پاڻ وري به نهايت خوش اخلاقيءَ سان اسان کان موڪلايائون. ٻئي ڏينهن سندن ارشاد موجب شيخ صاحب پير نادر شاهه صاحب سان فون تي ڳالهه ڪئي. ان وقت اولهه پاڪستان اسيمبليءَ جو ميمبر هو. فرمايائين ته اسان به دعا ٿا ڏيون.
ٽئين ڏينهن تي شيخ صاحب ۽ مان (مرحوم) اي ڪي بروهيءَ کان صحيح وٺڻ وياسون. بروهيءَ صاحب پهريائين ته آنا ڪاني ڪئي. چيائين ته مون کان صحيح نه وٺو. اهو صحيح وارو ڪاغذ مون کي ڏيو ته مان ايوب خان سان ان مسئلي تي گفتگو ڪريان. پر علامه آءِ آءِ قاضي صاحب جي ڪري، مان ساڻس حجائتو هوس، سو شيخ صاحب سان هم آواز ٿي، کيس چيم ته اوهان صحيح به ڏيو ۽ ايوب خان سان به ڳالهه ڪجو. بروهي صاحب نيٺ صحيح ڏني.
ٻئي ڏينهن تنوير جيڪي صحيحون وٺي سگهيو هو، تن سميت اهو گڏيل پريس بيان سنڌي اخبار وارن کي ڏنوسون. ڪن اخبارن ان کي پيج هيڊنگ بنايو ۽ ڪن ٻيو نمبر هيڊنگ. بس ان بيان جو ڇپجڻ ۽ ڀنڀور کي باهه لڳڻ. ايوب خان شريف خان کي گهرائي سخت دٻ ڪڍي ۽ پڇيو ته هي هيترا سارا مختلف خيالن جا سڀ سنڌي اڳواڻ پاڻ گڏ ڪيئن ٿيا ۽ ڇا تي احتجاج ڪري رهيا آهن؟ شريف خان کي اچي پگهر ورتو. هڪدم سائين غلام مصطفيٰ شاهه کي ڪوئيٽا مان گهرايائين، جو اتي تعليم جو ڊائريڪٽر هو. لاهور مان پير حسام الدين راشديءَ کي گهرايائين، جو اتي مرڪزي اردو بورڊ جو ايڊيٽر هو. ٻئي ڄڻا هوائي جهاز ۾ ڪراچيءَ پهتا، ۽ اتان موٽر ۾ حيدرآباد آيا. حال احوال ڪياسون. سنڌ يونيورسٽيءَ جي اولڊ ڪئمپس ۾، بند ڪمري ۾، ميٽنگ ٿي، جنهن ۾ پير حسام الدين راشدي، سائين غلام مصطفيٰ شاهه، جويو صاحب، مرحوم حنيف صديقي، مرحوم محمد ابراهيم خليل، محمد حسين ترڪ، تنوير ۽ مان شريڪ ٿياسون. سنڌي ٻوليءَ جي گذريل تدريسي حيثيت جي تاريخ بيان ڪري، هڪ جامع نوٽ تيار ڪيوسون. ان تي سمورن حاضرين صحيحون ڪيون. پير صاحب ۽ سائين غلام مصطفيٰ شاهه اهو نوٽ کڻي اسلام آباد ويا ۽ شريف خان کي ڏنائون. هالن جو مخدوم صاحب به پنڊيءَ پهتو. سنڌي بورڊ جو چيئرمن هو. مرحوم ڀٽي صاحب کي سنڌيءَ ٻوليءَ جي حمايت لاءِ زور وڌائين. ٻئي ڏينهن مرڪزي وزارت جي ميٽنگ ٿي ۽ وڏي بحث مباحثي کانپوءِآرڊيننس نڪتو ته ”سرڪار سنڌي ٻوليءَ جو مطالبو قبول ڪري ٿي. آئينده سنڌي ٻوليءَ جي اڳوڻي حيثيت بحال رهندي.“
سنڌ جي گهر گهر ۾ شادمانا ٿي ويا، پر ڪنهن کي به اها خبر ڪانه پئي ته ان تاريخي ڪارنامي جي ڪاميابيءَ ۾ شيخ صاحب نهايت خاموشيءَ سان ڪيڏو نه اهم رول ادا ڪيو هو.
ان ڳالهه کي چڱو عرصو گذري ويو. ون يونٽ خلاف جاٿي ڪاٿي، جيئن پوءِ تيئن، نفرت وڌندي ويئي. سنڌ ۾ مختلف هنڌن تي ”يوم لطيف“ وغيره جي نموني تي جلسا ٿيڻ لڳا. انهن مان ڪن ۾ شيخ صاحب ۽ اسان گڏجي ويندا هئاسون. اهڙو هڪ جلسو سکر ۾ ٿيو. رستي تي ريل گاڏيءَ ۾ حميد سنڌي، پروانو ڀٽي، امداد حسيني، مان ۽ ڪي ٻيا اديب دوست ريل گاڏيءَ ۾ گرامي صاحب سان حجت ۽ پيار سان کل ڀوڳ ڪندا وياسين. شيخ صاحب لطف اندوز ٿيندو رهيو. جڏهن واپس موٽياسين، ته شيخ صاحب پنهنجيءَ سموريءَ بزرگيءَ، عمر ۽ سنجيدگيءَ جي باوجود، اسان کي اشارو ڏيندو رهيو ته ”خاموش ڇو آهيو؟ کل ڀوڳ شروع ڪري.“ اسان حسب دستور حميد سنڌيءَ کي اڳتي ڪيو. گرامي صاحب گهڻائي کيس بجا ۽ گاريو ڏنيون. پر حميد سنڌي وري وري وڃي گراميءَ صاحب جي پيرن تي هٿ رکي ۽ چوي ته ،”اوماتا ڪنتي، اسان تي کميا ڪر.“ پوءِ ٻين ڏي نهاري چوي، ”اڙي يڌشٽر، ڀيم، ارجن ڪاٿي آهيو؟ اچو، اچي ماتا ڪنتيءَ جي چرنن ۾ وهو ۽ کميا حاصل ڪيو.“ شيخ صاحب اهو لقاءُ ڏسي اصل کل ۾ ويڙهجي وڃي. ٽنڊي آدم تائين اهو ناٽڪ هلندو رهيو. گراميءَ صاحب به کلندو رهيو. نيٺ شيخ صاحب کي منٿ ڪيائين ته،”اوهان هنن حرامي ڦرن مان منهنجي جند ڪو نه ڇڏئيندا؟“ شيخ صاحب جي چوڻ تي وڃي گرامي صاحب جي جند ڇٽي.
وقت گذرندي دير ڪانه ٿي لڳي. ائين محسوس ٿو ٿئي ته ڄڻ ڪالهوڪو ڏينهن آهي، جو اسان ائين کل ڀوڳ ڪندا، سفر ڪري رهيا آهيون، اڄ اسان جا اهي پيارا بزرگ ساٿي قبرن ۾ ابدي آرام ۾ آهن ۽ اسان جا مٿا ڪارن مان اڇا ٿي ويا آهن.
هڪ ڏينهن خان محمد پنوهر ادبي بورڊ جي آفيس ۾ آيو ۽ چيائين. ته ”سائين هڪ ڪم آهي.“ مون چيس ته حڪم ڪر.“ چيائين ته ”اوهان کي خبر آهي الائي ڪانه، ته شيخ صاحب گهڻن ڏينهن کان بيمار آهي“. مون کي خبر ڪانه هئي. خان محمد چيو ته ”اوهان قرب ڪيو ته شيخ صاحب جو هلي انٽرويو وٺون. حياتيءَ تي ڪهڙو ڀروسو آهي؟“ مون هائو ڪئي. خان محمد جو ٻيو ساٿي اعجاز سنڌي به اسان سان گڏ هو. اهو انٽرويو ”سنڌي پبلڪيشن جي ”شيخ عبدالمجيد سنڌي نمبر“ ۾ منهنجي نالي سان شايع ٿيو. عنوان هئس: ”رهيا اٿئي رات....“ ان انٽرويو جو مڪمل متن هيٺينءَ ريت آهي:

”2 جنوري تي، شام جو، اسان حيدرآباد جي الهندي ڪچي ۾، جناب عبدالجبار شيخ جي جاءِ تي،* شيخ صاحب جن جو انٽرويو رڪارڊ ڪرڻ لاءِ پهتاسين دروازي تي شيخ صاحب جن جي نياڻيءَ خديجه بيگم اسان جي آجيان ڪئي، ۽ اسان کي شيخ صاحب جن جي ڪمري ۾ وٺي وئي. شيخ صاحب جن سخت سرديءَ جي ڪري سوڙ پايو ليٽيا پيا هئا. اسان جي اچڻ جو ٻڌي پاڻ اٿي ويٺا ۽ اسان سڀني سان نهايت محبت ۽ شفقت سان ڳراٽڙي پائي مليا. اسان کانئن اجازت وٺي انٽرويو لاءِ سندن ڪي تصويرون ورتيون ۽ سوال ملاحظي ڪرڻ لاءِ کين ڏنا.

ٻڍاپي ۽ ڪمزور صحت ڪري شيخ صاحب جن جي نظر تي اثر پيو آهي، ان ڪري اسان کي چيائون ته سوال پڙهي ٻڌايو. اسان کين پنهنجا سوال پڙهي ٻڌايا جي ٻڌي مشڪڻ لڳا ۽ چيائون ته، ”ابا! اوهان پراڻيون ڳالهيون کوٽي ڪڍيون آهن، مون کي ته ڪڏهن اها اميد ئي ڪانه هئي، ته اڳتي هلي سنڌ جا نوجوان پنهنجي ملڪي ڳالهين ۾ ڪا ايڏي دلچسپي وٺندا. اوهان جي پنهنجي تاريخ ۽ سنڌ جي ماضي، حال ۽ مستقبل ۾ ايڏي دلچسپي ڏسي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي آهي. پر، منهنجو حافظو ڪمزور ٿي ويو آهي. ڪالهه غلام مصطفيٰ شاهه ملڻ آيو. ساڻس ڪي چار چڱا گڏ هئا. هينئر ذهن تي زور ڏئي بيٺو آهيان، پر انهن ٻين همراهن جا نالا ياد نٿا اچن. اها ڪالهه جي ڳالهه آهي. اوهان ته ورهين جون پراڻيون ڳالهيون پڇو ٿا، جي ماضيءَ جي مٽيءَ ۾ دٻجي پورجي ويون آهن. مون کي اهي آهستي آهستي ياد ڪرڻيون پونديون. ان

ڪري اوهان هفتو کن رکي پوءِ اچجو.“

هفتو گذرڻ بعد اسان ساڳئي وقت تي جناب عبدالجبار شيخ جي جاءِ تي پهتاسين. پري کان ئي اهو ڏسي نهايت خوشي ٿي ته شيخ صاحب جن نهايت چاق و چوبند، شيرواني پائي، جاءِ جي دروازي جي پاسي واري اسڪوٽرن جي دوڪان ۾ ڪرسيءَ تي ويٺا هئا. اسان سان ڀاڪر پائي مليا ۽ ٻڌايائون ته ”صحت اڳي کان بهتر آهي.“ شيخ صاحب کان اسان پهريون سوال اهو ڪيو ته، ”اوهان پاڻ کي سنڌي ڪڏهن کان ۽ ڪيئن سڏائڻ شروع ڪيو؟“
شيخ صاحب جن سوال ٻڌي کلڻ لڳا ۽ جواب ۾ چيائون ته، ”مون کي سنڌيءَ جو لقب پنجابين ڏنو. هڪ دفعي لاهور ۾ آل انڊيا مسلم اڳواڻن جي ڪا ميٽنگ هئي. زير بحث مسئلن تي تقريرون ٿي رهيون هيون. مون به اُٿي پنهنجي نقطئه نظر جي وضاحت ۾ تقرير ڪئي. انهيءَ تي ڪنهن شخص ڪجهه اعتراض واريو. آءٌ ڪجهه ڪڇان ئي ڪڇان، تنهن کان اڳ سر فضل حسين جي فيمليءَ سان تعلق رکندڙ هڪ اڳواڻ ان شخص کي جواب ڏيندي چيو ته : ‘You haven’t understood Mr. Sindhi.’ (تو مسٽر سنڌيءَ کي نه سمجهيو آهي). ان ڏينهن کان وٺي مان سنڌيءَ جي نالي سان مشهور ٿي ويس.“
”سائين اسان سمجهيو هو ته اوهان مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي پيرويءَ ۾ پاڻ کي سنڌي سڏائيندا هوندا؟“ اسان شيخ صاحب کي چيو.
شيخ صاحب جن جواب ۾ چيو ، ”مولانا عبيدالله سنڌيءَ جو سياست ۾ ڪو ايڏو اهم حصو ڪونه هو. هو مولوي هو. آزاديءَ سان به سوچيندو هو. انگريزيدانن جو گهڻو احترام ڪندو هو.“
اسان شيخ صاحب کان ٻيو سوال ڪيو. ”سائين شاهه صاحب جي ايم سيد سان اوهان جي ملاقات ڪڏهن ٿي اوهان جو ساڻس ڪڏهن اختلاف ٿيو آهي؟“
”سيد سان منهنجي ملاقات خلافت تحريڪ جي سلسلي ۾ ٿي. اختلاف ته مون ڪنهن سان رکيو ئي ڪونهي. باقي جنهن کي وڻي، سو مونسان اختلاف رکي.“
اسان شيخ صاحب جن کي چيو ته، ”سائين ڪجهه وقت اڳ اسان ڪنهن رسالي ۾ مسز اندرا گانڌيءَ جو انٽرويو پڙهيو هو. انهيءَ ۾ هڪڙو سوال هو ته ”اوهانجي زندگيءَ جي سڀ کان زياده خوشيءَ واري گهڙي ڪهڙي هئي؟ اندرا گانڌي جواب ۾ چيو هو ته ”جڏهن مون کي پهريون ٻار ڄائو هو.، هيڏي اچڻ مهل اسان رستي تي سوچيو ته شيخ صاحب کان اڄ ساڳيوئي سوال ڪنداسين.“ شيخ صاحب اهو سوال ٻڌي جواب ۾ چيو ته ”ادا، مون الهه آباد ۾ ”موتي محل“ ڏٺو آهي، جنهن ۾ اندرا جو پيءُ جواهر لعل ۽ ڏاڏو موتي لعل رهندا هئا. هنن جو رهڻ سلطاني هو. ڪنهن به قسم جي تنگدستي نه ڏٺائون. غمن کان خالي هئا.
اسان غريب ماڻهو آهيون. اسان وٽ خوشي ۽ غم گڏوگڏ رهن ٿا. اهڙو ڪو خوشيءَ جو وقت ڪونه ٿو سجهي جنهن ۾ ڪونه ڪو غم نه هجي. پر منهنجو خيال آهي ته جڏهن ماڻهو پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿئي ٿو يا پنهنجي من جي مراد حاصل ڪري ٿو، تڏهن کيس سچي پچي خوشي ٿئي ٿي.
الهه آباد ۾ سال 1932ع ۾ يونٽي ڪانفرنس ٿي هئي. اها ڪانفرنس مون ۽ پنڊت مدن موهن مالويا گڏجي ڪوٺائي هئي. ان ۾ ڪانگريس، هندو مهاسڀا، لبرل ائسوسيئيشن، ڪرسچن ليگ، سک ليگ ۽ ٻيون هندستان ليول جون جماعتون، خلافت ڪاميٽي، جميعت العلماءَ وغيره شامل هيون. ڪانفرنس ۾ بمبئيءَ کان سنڌ جي جدائيءَ جي سوال تي گهڻو بحث ٿيو. ڪانفرنس هلندي، هڪ وقت اهڙي صورتحال پيدا ٿي، جو سمجهيوسين ته ڪانفرنس ڄاڻ ٽٽي. وجيه آچاريه ڪانفرنس جي صدارت ڪري رهيو هو. سنڌ جا وڏا هندو اڳواڻ به ڪانفرنس ۾ شريڪ هئا ۽ بمبئيءَ کان سنڌ کي جدا ڪرڻ جي خلاف تقريرون ڪيون هئائون. مون کين جواب ڏيڻ لاءِ پڇاڙيءَ ۾ تقرير ڪئي. ان کان هڪ ڏينهن اڳ مان بيمار ٿي پيو هوس، ۽ الهه آباد جي ڪنهن وڪيل وٽ رهيل هوس، مولانا شوڪت عليءَ ۽ ٻين سمجهيو ته آءٌ ڊڄي ويو هوس ۽ بيماري جو بهانو بنائي رهيو هوس، حالانڪه ائين نه هو. خير، مون تقرير ڪئي ۽ دل کولي ڳالهايم. منهنجي هڪڙي پاسي ڪو هندستاني برک اڳواڻ ويٺل هو ۽ ٻئي پاسي مولانا ابوالڪلام آزاد، هن مولانا آزاد کي چيو ته ”اوهان، شيخ صاحب جي تقرير ٻڌي؟“ مولانا آزاد چيو، ”هائو، شيخ صاحب شروع کان ان مسئلي ۾ حصو ورتو آهي ۽ پنهنجي تقرير ۾ سڀني جو موثر جواب ڏنو اٿس.“ انهيءَ تي هن شخص مولانا آزاد کي چيو ته، ”مولانا، ائين نه.“ مولانا چيو، ”جيئن چئو“. هن شخص چيو، ”مون پنهنجيءَ سڄيءَ زندگيءَ ۾ اڄ تقرير ٻڌي آهي، جنهن مونکي متاثر ڪيو آهي. اڄ رات مان پنهنجي ڊائريءَ ۾ اها ڳالهه لکندس.“ پنڊت مدن موهن مالويا چيو ته ”هن“، وڏيءَ عمر ۾ آءٌ ٻيو پٽ ڪٿان آڻيندس! مان ڪانفرنس ۾ شموليت جي موڊ ۾ نه هوس، پر هاڻي ائين ڀايان ٿو، ته مونکي الهه آباد اچڻ جو معاوضو شيخ صاحب جي تقرير ٻڌڻ جي صورت ۾ مليو آهي. ۽ آءٌ شيخ صاحب جو شڪر گذار آهيان،“ پنڊت موهن مدن مالويه ٻئي هڪ اڳواڻ کان پڇيو ته ”ٻُڌَوَ شيخ صاحب جي تقرير؟“ هن چيو ته ”جواب ڏيڻ جي ڳالهه ئي نه آهي. ان کان بهتر ڪهڙي تقرير ٿي سگهي ٿي.“
شيخ صاحب ٻڌايو ته ”اها ڪانفرنس ٻئي ڏينهن به هلي. ٻئي ڏينهن لان ۾ ويٺا هئاسين ته اُتي وجيه آچاريه ڪرسي ڇڏي آيو ۽ چيائين ته ”اوهان جي تقرير ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو آهيان.“ ان کانپوءِ جدا جدا پارٽين جا ليڊر آيا ۽ تقرير جي ساراهه ڪيائيون. هندن جي روش خراب هئي، پر هندو مهاسڀا جو ليڊر آيو ۽ مبارڪ ڏنائين. مون سندس نالو وٺي چيو ته ”اهان جي طرفان پڻ؟“ هن چيو ته ”جي منهنجي طرفان پڻ،“ مون چيو ”تو غلطي ڪئي آهي.“ چيائين ته مسٽر عبدالمجيد منهنجا مخلصانه خيالات آهن. اهي منهنجا ذاتي جذبات آهن.“
اسان شيخ صاحب کان ٻيو سوال ڪيو ته ”اوهان پنهنجيءَ زندگيءَ ۾ ڪهڙي شخصيت کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا ۽ ڇو؟“
شيخ صاحب جواب ۾ ٻڌايو ته ”جڏهن مان ننڍي هوندي مسلمان ٿي پنهنجي گهر مان نڪتو هوس ته مان ڪجهه ڏينهن لڪل هوس. هندن ڪراچيءَ ۾ ڪيس داخل ڪيو ته، اسان جو ڇوڪرو اغوا ڪيو ويو آهي.“ انهيءَ ڪيس ۾ سڄيءَ سنڌ جو هندو وڪيل شامل هئا. مان مرحوم رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙيءَ وٽ ويس. هن منهنجو ڪيس لڙيو ۽ منهنجو بچاءُ ڪيو. مون پنهنجو ابتدائي سياسي ڪم سندس بزرگانه رفاقت ۾ شروع ڪيو ۽ آخر تائين ساڻس گڏ رهيس. جڏهن رئيس غلام محمد ڀرڳڙي دم ڏنو، تڏهن جيل ۾ هوس، رئيس غلام محمد ڀرڳڙي عظيم انسان هو.“
اسان شيخ صاحب کان سوال ڪيو ته ”اوهان ڪانگريس ۽ خلافت ڪاميٽيءَ هوندي مسلم ليگ ۾ ڪيئن آيا، چيو ويندو آهي ته اوهان لاهور واري قرارداد پاڪستان کان به ٻه سال اڳ پاڪستان جو ٺهراءُ پيش ڪيو هو. اها ڳالهه ڪيتري قدر صحيح آهي؟“
شيخ صاحب جواب ۾ فرمايو ته ”ڪنهن اسٽيج تي ڪانگريس ڇڏي، مسلم ليگ ۾ شامل ٿيس. خواهش هئي ته مسلمان جي مطالبن لاءِ وڌ کان وڌ مسلمانن جي حمايت حاصل ڪجي.
ڪراچيءَ ۾ 12 نومبر 1938ع تي آل انڊيا خلافت ڪانفرنس منعقد ٿي مون ان ۾ هڪ ٺهراءُ پيش ڪيو جيڪو هڪ ڪتاب ۾ ڏنل آهي، جيڪو لياقت علي خان ”مسلم ليگ رزوليوشنس“ جي نالي سان ڇپرايو هو. ان ٺهراءَ جو جيڪو Operative Part آهي ان ۾ ”هندو ۽ مسلمان ٻه قومون“ لفظ اچن ٿا. اهو پهريون دفعو هو، جو مسلمانن کي جدا قوم جو تصور ڏنو ويو، مون ڄاڻي واڻي اهي لفظ استعمال ڪيا هئا. منهنجو مطلب اهو هو ته انهن ٻن قومن جا جدا جدا وطن هجن، جن جي پاڻ ۾ ڪنفيڊريشن هجي. جناح صاحب ان وقت اهڙي ٺهراءَ جي فائدي ۾ نه هو. مون انهيءَ ٺهراءَ جي باري ۾ ٻئي ڪنهن سان به صلاح مشورو نه ڪيو هو.“
اسان شيخ صاحب کان پڇيو ته ”سنڌ جي آئيندي بابت اوهان جي ڪهڙي راءِ آهي؟ اوهان جي خيال موجب سنڌ جي مستقبل جو تحفظ ۽ بهتري ڪهڙين ڳالهين جي ڪري ٿي سگهندي ۽ سنڌ کي خدانخوانسته مستقبل ۾ خطرو ڪٿان ۽ ڇا مان آهي؟“
شيخ صاحب جواب ۾ فرمايو ته ”سنڌ ٻين صوبن کان الڳ جدا رهي نه ٿي سگهي. سنڌ ۾ سنڌين ۽ مهاجرن جي وچ ۾ ويڇو چڱي ڳالهه نه آهي. باقي جيستائين مستقبل جو تعلق آهي، ته اهو سڄيءَ دنيا جو بدلبو رهي ٿو. جيڪڏهن سنڌ جا ماڻهو اهو محسوس ڪن ٿا ته ”سنڌ ۾ نووارد مهاجرن ۽ پنجابين جي ذهني ساخت سنڌ لاءِ نقصانڪار آهي يا هو سنڌ لاءِ اقتصادي مسئلا پيدا ڪن ٿا، ته پوءِ سنڌ جي ماڻهن کي سنڌ جا دروازا اهڙن نووارد ماڻهن تي بند ڪري ڇڏڻ گهرجن.“ شيخ صاحب چيو ته ”مهاجرن کي سنڌي سکڻ لاءِ اڃا تائين ڪو موقعو ڪونه ملي سگهيو آهي.“ تنهن تي اسان شيخ صاحب کي چيو ته ”سائين مهاجرن کي سنڌ ۾ پنجويهه سال گذري چڪا آهن، ڇا هنن کي سنڌي سکڻ لاءِ اهو عرصو ڪافي ڪونه هيو؟“
”مهنجو مطلب آهي ته اسان جي طرفان هنن کي سنڌي سيکارڻ لاءِ اهڙي ڪا خاص منظم ڪوشش ڪانه ڪئي وئي آهي.“
”سائين اوهان جي خيال موجب سنڌين کي ڪهڙيءَ سياسي پارٽي ۾ شامل ٿيڻ گهرجي؟“ اسان شيخ صاحب کان سوال ڪيو.
”سنڌي مسلمان پارٽيون ڪڏهن کان سمجهڻ لڳا آهن؟“ شيخ صاحب سوال جي جواب ۾ سوال ڪندي فرمايو ته ”سنڌ جي سياست تي وڏيري جو اثر رهيو آهي.“
شيخ صاحب سان گفتگو هلي رهي هئي ته سندن نياڻي خديجه بيگم ڪمري ۾ داخل ٿي ۽ کلي چيائين ”بس، اوهان بابي کي ٿڪائي وڌو آهي.“ شيخ صاحب جن جي نياڻي پنهنجي والد بزرگوار جي صحت ۽ آرام جو تمام گهڻو خيال رکندي آهي. شيخ صاحب کيس پنهنجو ”پرسنل گارڊ“ ڪوٺيندا آهن. اسان آپا خديجه کان معافي ورتي ۽ شيخ صاحب کان موڪلائڻ کان اڳ سندن مبارڪ هٿن مان چانهه جو گرم ڪوپ وٺي پيتو جنهن جو وڻندڙ ذائقو اڃا تائين اسانجي زبان تي موجود آهي.“
هن انٽرويوءَ ۾ شيخ صاحب ٻه ٽي تمام اهم ڳالهيون ڪيون آهن. سندس اهي لفظ ڪيڏا نه دل ڀڄائيندڙ آهن ته ”اسان غريب ماڻهو آهيون. اسان وٽ خوشيءَ ۽ غم گڏوگڏ رهن ٿا. اهڙو ڪو خوشيءَ جو وقت ئي ڪونه ٿو سجهي جنهن ۾ ڪونه ڪو غم نه هجي.“
ساڳيءَ ريت، سندس هيءَ ججمينٽ به ويهينءَ صديءَ جي سنڌ جي تاريخ تي مهر آهي، ته ”سنڌي مسلمان پارٽيون ڪڏهن کان سمجهڻ لڳا آهن؟ سنڌ جي سياست تي ته وڏيري جو اثر رهيو آهي.“
شيخ صاحب سنڌ جي وچولي طبقي ۾ پيدا ٿيو. پنهنجن اصولن، ايمان جي قوت ۽ عقيدي جي زور سان اڳتي وڌيو. وڏيرڪي ماحول سان ٽڪر کاڌائين هڪ تاريخي اليڪشن ۾ سوڀ حاصل ڪيائين. سنڌ جي سطح تان اڀري، آل انڊيا قيادت ۾ شمار ٿيڻ لڳو. الهه آباد جو يونٽي ڪانفرنس ۾ پنهنجيءَ شخصيت جي عظمت مڃائين. تازو، سرسيد احمد خان جي قائم ڪيل ايجوڪيشن ڪانفرنس جي جانشين الطاف علي بريلويءَ (مرحوم) جي يادگيرين جو ڪتاب ڇپيو آهي. هڪ هنڌ لکيو اٿس ته ان زماني ۾ راولپنڊي ۾ آل انڊيا ليول جي هڪ ٻي به ڪانفرنس ٿي هئي، جنهن ۾ ابوالڪلام ۽ سيد سليمان ندويءَ جي ليول جا اعليٰ اڳواڻ شريڪ ٿيا هئا، سنڌ جي نمائندگي شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ ڪئي هئي.
ايڏو وڏو ماڻهو به سنڌ جي سنگلاخ زمين تي پير کوڙي نه سگهيو. سنڌ ۾ مسلم ليگ جي پايي وجهندڙن مان هو، پر پاڪستان بنجڻ کانپوءِ وڏيرن کيس ڌڪا ڏيئي پوئتي هٽائي ڇڏيو. پاڻ اڳتي وڌيا ۽ اڳئين کان اڳرا ٿي ويا. پير علي محمد راشديءَ پنهنجي ڪتاب ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ ۾ هڪ هنڌ لکيو آهي ته انگريزن جي ڏينهن ۾ گوري صاحب بهادر جو پٽيوالو وڏيرن جون جتيون لهرائي، کين پيرن اگهاڙو صاحب جي اڳيان پيش ڪندو هو. پر اڄڪلهه اهي ئي وڏيرا ويهن ويهن هزار رپين جي قيمت جا ولائتي بوٽ پيرن ۾ پائڻ لڳا آهن. هڪ دوست کان پڇيم ته ان بوٽ جي ڪهڙي خاص ڳالهه آهي، جو ايڏي قيمت اٿس؟ چيائين ته لنڊن جو اهو بوٽ ٺاهيندڙ پهريائين پير جو ايڪس ري ڪرائيندو آهي ته جيئن بوٽ پير جي هڏن جي صحيح ماپ موجب تيار ڪري. ان تي هڪ ڳالهه ياد آيم. پوئين دفعي جڏهن ڳوٺ ويس، ته حيدرآباد مان صوفن جو مربو وٺي ويس. بابا سائينءَ کي وڻندو هو. سدائين برنيون صوفن جي مربي جون گهر ۾ رکيل هونديون هيون. هاڻي مربي جو اهو رواج ختم ٿي ويو آهي. پر مان اڃا تائين ننڍپڻ جي اثر ڪري، صوفن جو مربو ڪڏهن ڪڏهن خريد ڪندو آهيان.
جڏهن ڳوٺ پهتس هڪ غريب مائٽياڻي به ملڻ آئي. مون ڀيڻ کي چيو ته مربي جي برنيءَ مان هڪ صوف ڪڍي هن مائيءَ کي ڏي. مائيءَ مربو وٺي، رئي جو پلو سان ڍڪيو ۽ چيائين ته ابا منهنجو ناٺي ڏاڍو بيمار آهي. ٽن ڏينهن کان ڪجهه ڪونه کاڌو اٿس، سو ان کي وڃي ٿي کارايان ته من وڻيس ۽ وات جو ذائقو مٽجيس. مون پڇيس ته ڇا ڪندو آهي؟ چيائين ته هارپ ڪندو هو. پر گهڻي زماني کان سلهه جي بيماريءَ ڪري بستري داخل آهي. مون چيس ته نوابشاهه جي وڏي اسپتال ۾ وڃي، ڦڦڙن جو ايڪسري ڦوٽو ڪڍائي. چيائين ته اڙي ابا غريبن وٽ نوابشاهه جي سفر، ڦڦڙن جي ڦوٽن ۽ علاج جا پئسا ڪٿان آيا؟
آزادي کانپوءِ سنڌ ۾ تمام سٺو شعر چيو ويو آهي. پر ان ۾ عبدالڪريم گدائيءَ جي هڪ سٽ مون کي سون ۽ چانديءَ جي ڍير ۾ ڪوهه نور هيري وانگر چمڪندي نظر ايندي آهي:
”آزادي آئي پر ماڳ نه موٽي مارئي“
پوين ڏينهن ۾ شيخ صاحب جو ساٿي شيخ صاحب جو لڪڻ هوندو هو. کيس اڪيلو ئي اڪيلو، حيدرآباد جي سڙڪن تي پيادل هلندو ڏسي، منهنجي دل ڀرجي ايندي هئي، هيءُ ساڳيو ئي ماڻهو هو، جنهن جي تعريف ۾ علي برداران جهڙين هستين ”سولجر آف اسلام“ جي عنوان سان مضمون لکيا هئا، ۽ جڏهن سکر جي جيل ۾ بند هو، ته جيل جو طواف ڪندي، ”شيخ عبدالمجيد سنڌي زنده باد“ جا نعرا هنيا هئائون. سنڌ جيئري ئي کيس وساري چڪي هئي. سنڌ جي بي رحم معاشري ۾ هر بااصول ۽ ايماندار انسان جو گذران ڏاڍو ڏکيو آهي.
هڪ دفعي اهڙو ته ڏتڙجي ويو، جو رحيم بخش سومري مون سان ڳالهه ڪئي ته پير حسام الدين راشديءَ کيس گهرائي رازداريءَ ۾ چيو ته شيخ صاحب کي وڃي ڪجهه مالي مدد ڏيئي اچو. رحيم بخش چيو ته مان ۽ حاجي مولا بخش سومرو گڏجي شيخ صاحب وٽ وياسون ۽ کيس ادب مان ڪجهه رقم پيش ڪئيسون. اکين ۾ پاڻي اچي ويس. چيائين ته ”اوهان هيءَ تڪليف ڇو ٿا ڪريون.“
چوندا آهن ته اڳياڙي ان جي سرهي، جنهن جي پڇاڙي سرهي، شيخ صاحب ديندار ۽ نيڪ انسان هو. قدرت سندس دعا ٻڌي. سندس اولاد صالح ٿيو ۽ پنهنجن پيرن تي بيٺو. ڪنهن جي به محتاجي ڪانه ڏٺائين.
شيخ صاحب جن هي جهان ڪڏهن ڇڏيو، سو مون کي ياد ڪونهي. سندس لائق وارثن عقل جو ڪم ڪري __ سندس ابدي آرمگاهه لاءِ مڪليءَ جي ٽڪريءَ کي منتخب ڪيو. اتي سنڌ جي جليل القدر عالم مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي پيرانديءَ ۾ شيخ صاحب کي جاءِ ملي.
پوين ڏينهن ۾ پير حسام الدين راشدي پنهنجيءَ تربت لاءِ مڪلي ٽڪريءَ تي مختلف هنڌن جو معائنو ڪندو رهندو هو. آخرڪار سوچ ويچار ڪري، پنهنجي تربت لاءِ به شيخ صاحب جي پاسي جاءِ منتخب ڪيائين. سنڌ جا هي ٻئي جليل القدر فرزند هاڻي هڪٻئي جي پاسي ۾ ابدي آرام ۾ آهن.


__________
* جناب عبدالجبار شيخ، جناب شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جو نياڻو آهي

حاجي مولا بخش سومرو

سنڌ ۾ سومرن جي بادشاهيءَ کانپوءِ کين تاريخ ۾ وري جيئرو ڪرڻ واري شخص جو نالو هو خانبهادر الله بخش سومرو، مون کي سندس زيارت نصيب ڪانه ٿي. اڃا ٻار هوس، جو خانبهادر شهادت جو جام پي، رب کي پيارو ٿي چڪو هو.
ابوالڪلام آزاد، ”انڊيا ونس فريڊم“ ۾ لکيو آهي ته ”ٻيءَ مهاڀاريءَ لڙائي وقت، انگريزي حڪومت جي نمائندي، سر اسٽئفورڊ ڪرپس، هندستان جي دوري ۾، مسلم ليگي ۽ ڪانگريسي اڳواڻن، ڏيهي رياستن جي والين کان علاوه خانبهادر الله بخش سومري، چيف منسٽر سنڌ سان پڻ ملاقات جو پروگرام رٿيو هو. خانبهادر دهليءَ ۾ قوم پرست مسلمانن جي ڪانفرنس جي صدارت ڪرڻ کانپوءِ هندستان ۾ غير معمولي اهميت حاصل ڪري ورتي هئي. نه فقط هندستان ليڪن انگلنڊ جي اخبارن انهيءَ ڪانفرنس جي واکاڻ ڪئي هئي.“
خانبهادر الله بخش سومرو واقعي وڏو ماڻهو هو. سنڌ جي تاريخ نويس کي ناموريءَ جي محلات ۾، سندس ڪرسي، شايد دودو سومري، دولهه دريا خان، مخودم بلاول ۽ شاهه عنايت شهيد سان گڏ وجهڻي پوندي.
بهرحال، قدرت مون کي اها سعادت نصيب ڪئي ته شهيد الله بخش جي خاندان سان منهنجو قرب ۽ سڪ جو رستو قائم ٿيو. مرحوم پير حسام الدين راشديءَ جي رحيم بخش سومري سان گهري گهاٽي سنگت هئي، ان ڪري پير صاحب جي ڪري منهنجي به ساڻس واقفيت ٿي، جنهن اڳتي هلي ڀائپيءَ جو روپ ورتو.حاجي مولابخش سومرو، رحيم بخش خان جو چاچو به ٿئي ۽ سهرو به . سو، رحيم بخش جي توسط سان خود حاجي صاحب سان به منهنجو نياز منديءَ جو رستو قائم ٿيو. مون پنهنجيءَ زندگيءَ ۾ جيڪي غير معمولي ماڻهو ڏٺا آهن، تن ۾ حاجي صاحب وڏي حيثيت رکي ٿو.
رحيم بخش سراسر مکڻ ماکيءَ مان ٺهيل مٺو ماڻهو آهي، انڪري ڪنهن سان به نهڪر ڪري ڪونه سگهندو آهي. هر ڪنهن کي دم دلاسو، ڪنهن جو ڪم ٿئي ته پاڻ وڏو وس ڪندو. هو سوڍل بي نياز آهي. هڪ دفعي مون کي چيائين ته ”اسان الله سان واعدا پورا ڪونه ڪيا. جي ماڻهن سان نه ڪياسين، ته مڙئي خير آهي.“ سندس انهيءَ قلندرانه طبعيت ڪري، سندس ڳالهه تي ڪي ماڻهو پورو سارو ڀروسو ڪندا آهن. پر حاجي صاحب جي طبيعت ان جي ابتڙ آهي. پير صاحب چوندو هو ته حاجي صاحب هيڪر واعدو ڪيو ته پوءِ ان تي پختو بيهندو. مٿانئس ڀلي ڪرٽ ڇو نه وهي وڃن، پر پنهنجيءَ ڳالهه تان هٽندو ڪونه. سچ ڳالهائڻ سندس ايمان جو جزو آهي.
موجوده دور ۾ ڊپلومسي ايتري ته وڌي ويئي آهي جو ڪوڙ کي ڪير به برو ڪونه ٿو ڀانئين. بلڪه جي اهو ٻڌڻ ۾ اچي ته فلاڻو ماڻهو سورنهن آنا سچ ڳالهائي ٿو، ته اها ڳالهه ٻڌي البت عبرت وٺندي.
حاجي صاحب جي سچائيءَ جا مون ڪيئي ثبوت ڏٺا. هڪ دفعي پاڻ مارشل لا حڪومت ۾ وفاقي وزير هجي ۽ مان
سنڌ يونيورسٽيءَ جو پرو وائيس چانسيلر هجان. خبر ناهي ته ڪنهن جي ڀڙڪائڻ تي يا خود بخود وائيس چانسيلر کي جو اچي دل ۾ اهو خيال ويٺو ته ڪا اٽڪل ڪري، پرو وائيس چانسيلر جو عهدو ختم ڪرايان مون کي ان ڳالهه جي کڻڪ پئجي ويئي، سو حاجي صاحب کي ٻڌايم ته هيئن منهنجي وائيس چانسيلر جي نيت نيڪ نه آهي. حاجي صاحب چيو ته ”مون کي نوٽ ٺاهي ڏي ته ملڪ جي صدر کي ڏيان ته ڳالهه پڌري ٿي پوندي.“ مون حاجي صاحب کي گهربل نوٽ ته ڏنو، پر دل ۾ چيم ته حاجي صاحب ڪيڏو به سچو ۽ ڀلو ماڻهو ڇو نه هجي، پر آخر کيس ڪهڙو لاچار پيو آهي، جو ملڪ جي صدر تائين مون جهڙي غريب جي ڳالهه پهچائي. سو، ڳالهه کي وساري ڇڏيم، ٻه ٽي مهينا گذريا ته ڪراچي مان فون آئي ته ”حاجي صاحب سان اچي ملي وڃ.“ جڏهن ساڻس مليس ته پنهنجي پرائيويٽ سيڪريٽريءَ کي چيائين ته ”ربانيءَ کي فائيل پڙهاءِ.“ فائيل ۾ مون وارو نوٽ رکيو هو، جنهن تي سنڌ جي مارشل لا ائڊمنسٽريٽر ۽ انجي مٿان پاڪستان جي صدر جا سندن هٿ اکرن ۾ نوٽ لڳل هئا ته ”في الحال اسان کي پرو وائيس چانسيلر جي عهدي کي خودبخود ختم ڪرڻ جو ته ڪو به ارادو ڪونهي.“
اهو ڏسي مون کي پير صاحب جا حاجي صاحب بابت چيل لفظ ياد آيا ۽ اعتبار آيم ته اڃا هن جڳ ۾ سچا انسان پيا آهن.
ان واقعي کان ٻه ٽي مهينا پوءِ، مان وائيس چانسيلر سان گڏ، سندس بنگلي ۾ ويٺو هوس، ته موٽر ۾ ٻه ماڻهو ريسٽ هائوس ۾ اچي لٿا ۽ وائيس چانسيلر کي نياپو آيو ته اسلام آباد مان ٻه عملدار ڪنهن اهم ڪم سان آيا آهن. هو گهٻرائجي، تڪڙو تڪڙو، ساڻس ملڻ ويو ۽ موٽي اچي مون کي چيائين ته ”مون توکي انهن عملدارن کي ڏسڻ شرط چيو هو ته خير ڪونهي.“ ائين چئي هڪ ڪاغذ کڻي منهنجي اڳيان رکيائين. مهراڻ اخبار جي ايڊيٽر (مرحوم) سيد سردار علي شآهه، سنڌ جي اڻويهن ويهن، ننڍين وڏين تنظيمن، جي عهديدارن جي صحيحن سان هڪ درخواست پاڪستان جي صدر کي موڪلي هئي ته اوهان يونيورسٽيءَ ۾ هڪ اهڙيءَ ماڻهوءَ کي وائيس چانسيلر جهڙي عهدي تي رکيو ويٺا آهيو، جنهن جا خود سندس لکيل ڪتابن ۾ دين ڌرم بابت نظريا اجهو هيءُ آهن... وغيره وغيره.
مون وائيس چانسيلر کي آٿت ڏنو ته، ”اوهان گهٻرايو نه. اها درخواست منهنجي حوالي ڪيو. مان پاڻيهي ان جو جواب ٺاهي صبح سان اوهان کي ڏيندس.“ وائيس چانسيلر درخواست منهنجي حوالي ڪري، پاڻ وڃي گهر آرامي ٿيو. مون دل ۾ سوچيو ته سيد سردار علي شـاهه ڳـالـهه ته سـچـي ڪئي آهي، پر مون کي پنهنجي پراڻي ساٿيءَ جو بچاءُ ڪرڻو آهي. سو مان به سويرو ستس ۽ سويرو اٿيس.
اڃا آسمان ۾ پرهه ڪانه ڦٽي هئي ته وائيس چانسيلر جي خلاف اسلام آباد مان آيل درخواست کڻي ان کي اکر اکر ڪري، غور سان پڙهيم ۽ پوءِ ان جو ستر صفحن ۾ جواب ويهي لکيم. سج ڪني ڪڍي ته وائيس چانسيلر جي سڪريٽريءَ کي ڪاغذ ڏيئي چيم ته ”جواب تيار آهي. ٽائيپ ڪري رک. جيئن ئي وائيس چانسيلر صبح سان گهران تيار ٿي نڪري ته کيس پيش ڪر.“
چوندا آهن ته چڱائي ڪرڻ چڱو ڪم آهي سو، وائيس چانسيلر سان، صبح مرداني، اها ونگار وهي، مان پنهنجي گهر هليو ويس. اتان تيار ٿي پنهنجيءَ آفيس ۾ پهتس ۽ وائيس چانسيلرکي فون ڪيم. چيائين ته ”جواب بلڪل ٺيڪ آهي، پر ان ۾ ڪي ٿوريون درستيون ڪري، آخرين شڪل ڏيئي، توکي سڏيان ٿو.“ منجهند جو ٻي بجي مان جڏهن گهر موٽيس، ته وائيس چانسيلر چيو ته ”بس جواب ته ڪجهه لفظن جي مٽاسٽا کانپوءِ تيار ٿي ويو. پر اسلام آباد مان آيل عملدار تمام تڪڙا هئا، سو جواب کڻي فوراً روانا ٿيا.“ مون کي اهو ٻڌي، البت حيرت لڳي، ته مون هيتري محنت ڪئي، صبح سان پنهنجي ننڊ ڦٽائي، گهٽ ۾ گهٽ جواب جو آخرين مسودو مان به ته ڏسان ها.___ خير، مون ڳالهه وساري ڇڏي.
مهيني کن کانپوءِ حاجي صاحب ڪراچيءَ مان حيدرآباد آيو. خانه فرهنگ ايران ۾ کيس هڪ جلسي جي صدارت ڪرڻي هئي. مون کي يونيورسٽيءَ مان گهران اچي ساڻ کنيائين ۽ چيائين ته ”توسان رستي تي پنهنجي منهن ڪجهه ڳالهائڻو اٿم.“ جڏهن ڪار ۾ اڪيلا ٿياسين ته چيائين ته مهينو کن اڳ ڪراچي مان اسلام آباد وڃي رهيو هوس ته ٻه ماڻهو هڪ سنڌي ۽ ٻيو غير سنڌي هوائي جهاز ۾ مون سان اچي مليا. پڇيو مانِ ته ڪير آهيو؟ چيائون ته اسلام آباد ۾ سرڪاري ملازمت ڪندا آهيون. سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسيلر خلاف هڪ درخواست صدر پاڪستان کي پهتي هئي، ان جي جاچ لاءِ حيدرآباد ويا هئاسون. حاجي صاحب پڇين ته پوءِ جاچ ڪيو؟ چيائون ته، ”بس اسان ته وائيس چانسيلر کان جواب طلبي ڪئي، جنهن هڪ مفصل جواب لکت ۾ ڏنو آهي، جنهن ۾ پاڻ تي لڳل تهمتن جو جواب ڏنو اٿس ۽ آخر ۾ سفارش ڪئي اٿس ته يونيورسٽيءَ ۾ خرابي جو اصل ڪارڻ پرو _ وائيس چانسيلر جو عهدو آهي، جنهن کي فوراً ختم ڪيو وڃي.“
اها ڳالهه ٻڌي مونکي حاجي صاحب جي سچائيءَ جو ٻيو ثبوت مليو ۽ ساڳئي وقت اهو به سمجهه ۾ آيو ته وائيس چانسيلر مون کان درخواست جو جواب ڇو لڪايو هو.
مان وائيس چانسيلر جي اهڙن افعالن ڪري ڪڪ ٿي، استيعفيٰ ڏيئي، سنڌي ادبي بورڊ ۾ موٽي هليو آيس. هڪ رات حاجي صاحب اچي منهنجو مهمان ٿيو. پاڻ تڏهن وفاقي وزارت کان آجو ٿي چڪو هو ۽ سندس پٽ الاهي بخش خان سومرو وزير ٿيو هو. ان رات دل کولي ڪچهري ڪئي سون،. فرمائش ڪيائين ته ڪريلن جي ڀاڄيءَ، چانورن ۽ کير کانسواءِ ٻيو ڪجهه ڪونه کائيندس. پنهنجي کٽ پاڻ کليل صحن ۾ وجهايائين ۽ آهلي پيو. مان ڪرسي کڻي سندس ڀرسان ويٺس. ڏکڻ جي هوا پئي لڳي. زندگيءَ جا عجيب عجيب قصا ٻڌايائين. مرحوم حڪيم بصر الدين سويهاڻيءَ جو ذڪر نڪتو. چون ٿا ته اهو بزرگ علامه آءِ آءِ قاضيءَ کان اڳ، ويهينءَ صديءَ جي آغاز ۾، سنڌ جي وڏي ۾ وڏي شخصيت هو. حاجي صاحب سندس معتقد هو. مون کي سندس پرهيزگاريءَ ۽ عظمت جا ڪيئي قصا ٻڌايائين. هڪ اهو ته خيرپور جي وزير کي چٽيءَ جي بيماري ٿي پيئي، جنهن جو هندستان جي ناليواري حڪيم اجمل خان کان علاج ڪرايائين. بيماري ته ڇڏي ويس، پر چهري تي نشان رهجي ويس، جي آخرڪار حڪيم بصر الدين جي علاج سان لٿس. خوش ٿي، حڪيم بصر الدين کي هڪ عمدو چٽساليءَ وارو ڪٻاٽ دوائن رکڻ لاءِ ڏنائين ۽ هزار ايڪڙ جاگير جو پروانو.
تن ڏينهن ۾ درياهه تي پليون ڪونه هونديون هيون، سو حڪيم صاحب ٻيڙيءَ رستي درياهه پار ڪيو. جڏهن ٻيڙي وچ سير ۾ آئي ته ماڻهن کي حڪم ڪيائين ته ڪٻاٽ درياهه ۾ اڇليو. اهو ڪم پورو ڪري، جاگير جو پروانو ڦاڙي، پاڻي ۾ لوڙهي ڇڏيائين. جڏهن سندس معتقدن پڇيو ته، ”هي ڇا ڪيو؟“ ته جواب ڏنائين ته ”بابا مون جهڙي فقير کي اهڙن عمدن ڪٻاٽن جي ڪهڙي ضرورت؟ ۽ جي اها جاگير ويهي سنڀاليان ته پوءِ الله جو نالو ڪيڏيءَ مهل وٺندس. منهنجو ته سڄو وقت زمينداريءَ جي خفن ۾ گذري ويندو.“
حاجي صاحب، حڪيم بصر الدين سيوهاڻيءَ جو ٻيو قصو هي ٻڌايو ته نور محمد مغل نالي سندس هڪ معتقد هوندو هو، جو سيوهڻ جي ڪورٽ ۾ سرشتيدار هوندو هو. ڪورٽ مان واندو ٿي، گهران ماني کائي، حڪيم صاحب جي حجري تي ايندو هو، جو هڪ ڪچيءَ ڪوٺيءَ ۾ هو. هڪ دفعي سج لٿي جي مهل هئي، جو حڪيم صاحب اندران هڪل ڪئي: ”نورا.“ نور محمد مغل، ”حاضر سائين“ چوندو، اندر ويو حڪيم صاحب چيس ته فلاڻيءَ مسجد ۾ هڪ شخص ويٺو آهي، جو ڪنهن مشڪل ۾ آهي. الله کي پيو ٻاڏائي. کيس مون وٽ وٺي اچ. نور محمد وڃي، انهيءَ مسافر کي وٺي آيو. مسافر حڪيم صاحب سان حالي احوالي ٿيو. نور محمد اٿي حسب دستور ٻاهر دروازي تي ويٺو. ڪجهه دير کانپوءِ ٻيهر حڪيم صاحب جي هڪل ٿي ”نورا.“ نور محمد چيوته ”حاضر سائين“ حڪيم بصر الدين فرمايو ته ”اڌ رات جو هڪ شخص مون سان ملڻ ايندو. کيس ادب سان اندر ڪوٺيءَ ۾ وٺي اچج.“ نور محمد حڪم ٻڌي، چائٺ تي ويٺو رهيو. آڌي رات ٿي ته ڇا ڏسي ته ها ٻيلي، اڇن ڪپڙن ۾ هڪ ڊگهو قدآور شخص آهي، سو پيو اچي. ان زماني ۾ سيوهڻ ۾ بجلي ڪانه هوندي هئي، سو نور محمد ان شخص کي اوندهه ۾ چٽو ڏسي ڪونه سگهيو. پر پاڻ کيس ڪجهه چوي ئي چوي، ان کان اڳ ان شخص نه ساڄي ڏٺو نه کاٻي، نه وري نور محمد کي ڪجهه چيائين. سڌو ئي سڌو حڪيم بصر الدين جي ڪمري ۾ اندر هليو ويو. ڪجهه دير کانپوءِ، اهو پرديسي مسافر به ٻاهر نڪتو ۽ پنهنجي منهن هليو ويو. جڏهن ٻئي هليا ويا ته حڪيم بصرالدين نور محمد کي به گهر وڃڻ جي اجازت ڏني.
ٻئي ڏينهن نور محمد حسب دستور منجهند جو وري اچي حڪيم صاحب جي در تي ويٺو. حڪيم صاحب کيس ڏسي چيو ته، ”نورا، رات جيڪو شخص آيو هو، ان کي سڃاتئي ته ڪير هو؟“ نور محمد ادب سان چيو ته ”سائين، مون کي ڪهڙي خبر؟“ ان تي حڪيم صاحب فرمايو ته ”پرديسي مسافر جو جيڪو ڪم هو، سو منهنجي ڪرڻ کان زور هو. سو لاچار ٿي، قلندر شهباز جي روح کي تڪليف ڏنم.“
آءُ حاجي صاحب جي واتان اهو قصو ٻڌي حيرت ۾ پئجي ويس. رات لڙي چڪي هئي. کانئس اجازت ورتم. حاجي صاحب به آرامي ٿيو. پر مان بستر تي ليٽڻ کانپوءِ به ڳچ دير تائين ان ڳالهه تي ويچار ڪندو رهيس.
ٻئي ڏينهن ساڻس ڪار ۾ گڏ ڪراچيءَ هليو ويس. رات جو پير حسام الدين راشديءَ وٽ ماني کائيندي، ساڻس اهو احوال ڪيم. ان جو خاص سبب اهو هو، ته پير صاحب عقيدي جي خيال کان روشن خيال ماڻهو هو ۽ اهڙين ڳالهين کي مڃڻ وارن ماڻهن مان ڪونه هو. مون سمجهيو ته ڳالهه ٻڌي، ٻه ٽي ٽهڪ ڏيندو، پر منهنجي حيرت جي حد نه رهي، جڏهن انتهائي سنجيدگيءَ سان مون کي چيائين ته، ”اهو ممڪن آهي. روح هن دنيا ۾ اچن ٿا.“
حاجي صاحب ٻئي هڪ موقعي تي ٻڌايو ته هڪ دفعي سر شاهنواز ڀٽو چونڊن ۾ بيٺو. اسان پاڻ ۾ گڏجي حڪيم بصرالدين صاحب وٽ دعا لاءِ وياسين ته سر ڀٽو چونڊن ۾ کٽي. دعا لاءِ هٿ کنيائين، پر اسان کي اتي ئي چيائين ته ”دعا موٽي آئي. سر ڀٽو چونڊن ۾ هارائيندو.“ اهو ٻڌي اسان ڏاڍا ڏکوئجي وياسين. اهو ڏسي چيائين ته، ”چڱو وڃو. سر ڀٽو چونڊن ۾ ڪونه کٽندو، پر سندس گهٽتائي به ڪانه ٿيندي.“ اها ڳالهه اسان کي سمجهه ۾ ڪانه آئي! بهرحال کانئس موڪلائي آياسين، چونڊون ٿيون. قدرت جو رنگ چئجي، جو هڪ طرف سر ڀٽو چونڊن ۾ ڪريو ۽ ٻئي طرف کيس سرڪاري آرڊر اچي مليو ته ”توکي وائسراءِ جي جهونا ڳڙهه ڪائونسل جو ميمبر مقرر ڪجي ٿو.“
حاجي صاحب ٻڌايو ته حڪيم بصرالدين عربي ۽ انگريزيءَ جو وڏو عالم هو. اهو ٻڌي شوق ٿي پيم ته سندس ڪتاب پڙهان. سيوهڻ ۾ حڪيم بصر الدين صاحب جي اولاد مان حڪيم محمد مراد سان وڃي مليس. پاڻ قرب ڪري، حڪيم بصرالدين جو هڪ عربي ڪتاب مون کي ڏنائين. عربي مون کي ڪانه اچي، سو مون اهو ڪتاب حيدرآباد ۾ عربي ۽ سنڌي ڄاڻندڙ هڪ بوري بزرگ کي ترجمي لاءِ آڇيو، ته مهراڻ رسالي ۾ ڇپائيندس. پر بوري بزرگ جيڪا رقم گهري، ان جي ادا ڪرڻ جي مون ۾ طاقت ڪانه هئي، چنانچ، حڪيم صاحب جي ڪتابن پڙهڻ جي حسرت دل ۾ ئي رهي. اوچتو مون کي ياد آيو ته ادبي بورڊ جي لائبريريءَ ۾ خدا جي وحدانيت تي انگريزيءَ ۾ ٽائيپ ٿيل هڪ مقالو ڏٺو هئم. اهو مقالو مون لاءِ هميشه ڪشش ۽ مونجهاري جو باعث رهيو هو، ڇو ته مٿس مصنف جو نالو لکيل ڪونه هو. فقط پين سان انگريزيءَ ۾ ڪنڊ تي لکيل هو، حاجي صاحب جي ڪاپي.“ مون کي اچي شڪ جاڳيو ته اها پڪ ئي پڪ حڪيم بصرالدين جي تحرير هئي، ۽ حاجي صاحب مان مراد حاجي مولا بخش سومرو هو. اڃا جو جاچ لڌم ته منهنجي گمان جي سورنهن آنا تصديق ٿي. پر ان وچ ۾ مان سنڌي ادبي بورڊ ڇڏي آيو هوس. ائين ڀانيم ته حڪيم صاحب جي تحرير پڙهڻ جي سعادت منهنجي قسمت ۾ ڪانه هئي.
مون حاجي صاحب تي هي مضمون لکي پورو ڪيو ته سندس علالت جو ٻڌم. ڪراچيءَ ويس. ڪمزور ٿي ويو هو. کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏنو هئائين. انهيءَ هوندي به ٺاهوڪي ڪچهري ڪيائين. سال کن کانپوءِ سندس رحلت جي اوچتي خبر مليم. ڏاڍو ڏک ٿيم. حاجي صاحب جهڙا سچا انسان هاڻي ڪٿي آهن! پاڪستان سرڪار وٽ ادب، آرٽ، بهادري ۽ ٻين اهڙن ڪارنامن لاءِ ستاره امتياز ۽ هلال پاڪستان جهڙا اعليٰ اعزاز آهن سرڪار وٽ سچ ڳالهائڻ لاءِ به ڪو اهڙو اعزاز هجي ها ته ملڪ ۾ ان جو پهريون مستحق حاجي مولا بخش خان سومرو هجي ها.

نواب نور احمد خان لغاري

مان ستن اٺن ورهين جو ٻار هئس، جو تاجپوري نوابن جو نالو ڪن ته پيم. اسان جي ڳوٺ آڳرا کان ميل کن پري، محبت ديري جتوئيءَ جو ننڍو شهر آهي. اتي بابا سائينءَ جو هڪ دوست رهندو هو. عبدالعليم شاهه، گاهي ماهي جڏهن ٻنهي ڄڻن جي ملاقات ٿيندي هئي، ته چاچو عبدالعيلم شاهه اڪثر ڪري تاجپوري نوابن جو ذڪر ڪڍندو هو. اهڙيءَ ريت، مون پهريون دفعو نواب ولي محمد خان ۽ نواب گل محمد خان تاجپوريءَ جا نالا ٻڌا ۽ دل تي اهو تاثر ويٺم ته سنڌ ۾ تاجپوري نوابن جو هڪ وڏو خاندان آهي، جو علم پرور ۽ مهمان نواز آهي.
ان ڳالهه کي چاليهارو کن ورهيه گذري ويا. سن 1974ع ڌاران مان سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري هوس. سنڌ يونيورسٽي ڪيمپس تي، ڪراچيءَ کان اسلام آباد ويندڙ قومي شاهراهه تي بورڊ جي احاطي اندر، سيڪريٽريءَ جي بنگلي ۾ رهندو هوس. خانه فرهنگ ايران جي ڊئريڪٽر آغا يوسف ڪيوان شڪوهيءَ سان گهري گهاٽي سنگت ٿي. اڪثر ڪري، آفيس جي ڊيوٽي ڏيئي، لطيف آباد ۾ خانه فرهنگ هليو ويندو هوس، جتي منجهند جي ماني، شڪوهيءَ وٽ کائي، سمهي پوندو هوس. شام جي چاءِ پي، شڪوهي ۽ مان ڄامشوري ايندا هئاسون، جتي منهنجي گهر جي اڳيان، ڪرسيون ڪڍي، کليل ميدان ۾ ڪچهري ڪندا هئاسون ۽ بعضي رات جي ماني به گڏ کائيندا هئاسون. اونهاري جي مند هوندي هئي، ٿڌڙي هوا گُهلندي رهندي هئي، چنڊ اڀري ايندو هو، سامهون قومي شاهراهه تي ڪراچيءَ کان اسلام آباد ويندڙ موٽرن، بسن ۽ ٽرڪن جي بتين جي جهرمر لڳي پيئي هوندي هئي. ڏاڍو لطف ايندو هو. اهي ڪچهريون عمر ڀر، نه شڪوهيءَ کان وسري سگهنديون ۽ نه مون کان.
هڪ دفعي ڪچهري ڪندي، شڪوهيءَ ٻڌايم ته انجمن ايران پاڪستان دوستيءَ جي حيدرآباد برانچ ٺهي آهي، جنهن جو صدر ۽ سرپرست آهي، تاجپور جو نواب نور احمد خان لغاري، اهو هو نواب صاحب سان منهنجو پهريون پهريون غائبانه تعارف. پهرين پهرين ملاقات ڪڏهن ۽ ڪٿي ٿي، سو هاڻي ياد ڪونهيم. پر ايترو ياد اٿم ته خانه فرهنگ حيدرآباد جي پايي وجهندڙ، سنڌ جي تاريخ جي ممتاز عالم ۽ منهنجي محسن، مرحوم پير حسام الدين راشديءَ هڪ دفعي کلي مون کي چيو ته، ”بابا، اهو نواب نور احمد خان لغاري ڪير آهي؟ ٻڌو اٿم ته شڪوهيءَ وارن کي ڏاڍيون دعوتون ٿو کارائي. پاڻ کي ته پڇي ئي ڪونه ٿو!“.
ستت ئي نواب صاحب اسان کي دعوت کارائي. پر ان کان اڳ خانه فرهنگ ۾ سندس زيارت نصيب ٿي. عمر پنجاهه پنجونجاهه ورهين جي پيٽي ۾، منهن مهانڊا سراسر معصوميت جي تصوير، اکين ۾ حياءُ، منهن تي مرڪ، گول چهرو، ننڍي ٺهندڙ ڏاڙهي، بدن هلڪو، لباس گهڻو ڪري سفيد رنگ جي سلوار قميص، سياري ۾ ان جي مٿان نيري يا ناسي رنگ جو انگريزي ڪوٽ پائيندو هو. ڳالهائڻ ٻولهائڻ آهستو ۽ نرم. تڪيو ڪلام: ”سائين، جيءُ سائين.“ ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته سنڌ جي مثالي اشراف انسان جي تصوير ڪڍڻي هجي ته نواب نور احمد خان لغاريءَ جو تصور ڪجي.
حيدرآباد کان پندرهن ويهه ميل اوڀر طرف، ميرپور خاص ويندڙ رستي تي، سندس آبائي ڳوٺ تاجپور هوندو هو ۽ ان سان لاڳيتو گجي وٽ ٻن اڍائن سون ايڪڙن ۾ سندس باغ هوندو هو. باغ جي اڳيان هڪ سٻنڌڙو بنگلو ٺهيل هوندو هو، جنهن جي اڳيان وڏي ڇٻر هوندي هئي. ڇٻر جي الهندي ڪناري سان گلن جي ٻارن ۽ بيدمشڪ جي ڊگهن وڻن جي قطار هوندي هئي. نواب صاحب جون اونهاري جون دعوتون انهيءَ چمن ۾، ۽ سياري جون دعوتون بنگلي اندر ٿينديون هيون. دعوتون گهڻو ڪري سندس ذاتي دوستن يا علمي ماڻهن جون ٿينديون هيون. سرڪاري ڪامورن جي به ڪا ٽهل ٽڪور ٿيندي هئي، يا نه، اهو مون کي معلوم ڪونهي. انهن دعوتن ۾ هونئن ته طرحين طرحين طعام پچي ايندا هئا، پر گُنديءَ ۾ پڪل ڪڪڙ ۽ پلاءَ جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي! نواب صاحب جهو ڪمدار گُندي وجهندو هو. کڏ کوٽي اندر گاري سان گندي لنبندا هئا، جا باهه تي پچي پچي اندران ڳاڙهي ٿي ويندي هئي. گنديءَ جي تري ۾ رکندا هئا باهه، پر رڳا ٽانڊا. انهن جي مٿان نوڪدار شيخن ۾ ڪڪڙ مصالا ڏيئي ٽنگيندا هئا. هيٺان هڪ ٿانءَ ۾ چانور رکندا هئا. پوءِ گنديءَ کي مٿان لنبي بند ڪري ڇڏيندا هئا. جهيڻيءَ باهه جي توَ تي ڪڪڙ پيا پچندا، پيا پچندا، تان ته ڳري پٽ جهڙا نرم، پر سوڪ ٿي ويندا. ڪڪڙن مان مصالحي وارو ريشو ٽيپو ٽيپو ٿي، چانورن تي ڪرندو رهندو، جنهن ۾ چانور رسبا ۽ پچندا رهندا. مقرر وقت تي گُندي کولي، ڪڪڙ ۽ پلاءُ ٻاهر ڪڍندا. ڇا چئجي انهن جو ذائقو‘ ڪير ٿو چوي ته سنڌ کي رڌ پچاءَ ۾ ڪمال ڪونهي! جنهن شخص اهو پلاءُ ۽ ڪڪڙ هيڪر کاڌا هوندا، تنهن کان عمر ڀر نه وسرندا. اونهاري وارين دعوتن جي ٻي خصوصيت اها هوندي هئي جو اها انبن جي مند هوندي هئي، ان ڪري نوڪر پڪل ڪڪڙن جا ٿالهن مٿان ٿالهه ڀري آڻيندا، پلاءَ جا ٿالهه ڀري آڻيندا، ۽ نواب صاحب جي باغ مان انبن جا ٿالهن مٿان ٿالهه ڀري آڻيندا، ٻيون ڀاڄيون، ٻوڙ، ڪباب، قيما، اوڦراٽا ۽ ميوا الڳ.
اجهو مهينو ماسو گذريو ناهي ته دوستن جون موٽرون ڀرجي نواب صاحب جي گُجي واري باغ تي دعوتون کائڻ وينديون پر انهيءَ مهمان نوازيءَ کانپوءِ به نواب صاحب کي اطمينان ڪونه ٿيندو هو، تنهنڪري پنجين پندرهين ڏينهن پهريائين هيرآباد واري گهر ۾ ۽ پوءِ ڊاڪٽر ڪالونيءَ واري بنگلي تي، خاص خاص دوستن کي ”دال مانيءَ“ تي سڏيندو هو. انهيءَ دال مانيءَ جون وري ٻيون خصوصيتون هونديون هيون. مثلاً پلا پڪل، پلا تريل، پلا سجيل، پلي جو ٻوڙ، پلي جو پلاءُ، آنيون تريل، آنين جو ٻوڙ، پڪل گوشت جون رانون، مغز تريل، ڪباب، ميڪروني، ڪوفتا، قسم قسم جا ٻوڙ، ڀاڄيون، آچار، شربت، لسي، سائي چاءِ، ڪاري چاءِ، ٻاٽليون ۽ مٺاڻ جا نوان نوان نمونا، پر نواب صاحب جي مسلڪ موجب، دوستن جي اها خدمت به ڪافي ڪانه هئي، ان ڪري کين تحفا ڏيڻ به ضروري سمجهندو هو. اعليٰ درجي جا ريڊيا، واچون، ريشمي چادرون، ولائتي سينٽ جون شيشيون، ربيع ۽ خريف جي فصلن موجب اناج جون ٻوريون، انبن جا کارا، ليمن جا ٽوڪرا وغيره.
صبح جو ڏهين يارهين ڌاران تاجپور مان حيدرآباد پهچندوهو. رات هميشه تاجپور ۾ رهندو هو. بهرحال جيئن ئي حيدرآباد پهچندو هو ته ٻين دوستن سان گڏ مون کي به فون ڪري سار سنڀال لهندو هو. سندس خاص خاص دوستن جو حلقو نه تمام وڏو ۽ نه تمام ننڍو هو. ٻه ڄڻا بهرحال سندس پڳ مٽ يار هئا. مان سندن نالا کڻڻ مناسب نٿو سمجهان. ڇو ته دوستي رکڻ سولي، دوستي نڀائڻ ڏکي. چون ٿا ته اڳي سنڌ وارن وٽ دوستي جون شاندار روايتون هونديون هيون. پڳ مٽ يار ڏک سک ۾ ساٿ ڏيندا هئا، بلڪ مئي جيئري نڀائيندا هئا. اهي ڳالهيون هاڻي خواب خيال آهن. اڄڪلهه دوستي گهڻو تڻو غرض ۽ مطلب جي آهي. برطانوي وزيراعظم سر ونسٽن چرچل چيو آهي:

We have no permanant friends
We have no permanant foes
We have only permanant interests.

(اسان جا ڪي به دائمي دوست ڪونهن
اسان جا ڪي به دائمي دشمن ڪونهن
اسان جا فقط دائمي مفاد ۽ مطلب آهن.)

نواب صاحب جي رحلت کانپوءِ انهن پڳ مٽ يارن پاڻ ڪيئن ملهايو، اها نواب صاحب جي پوين کي خبر هوندي. بهرحال، مرحوم پاڻ جيسين حال حيات هو ته سندن نالا ائين کڻندو هو، ڄڻ ته منجهن سندس ساهه پيل هجي. جڏهن پير حسام الدين راشديءَ سان لڳ لاڳاپو ٿيس ته کيس به پنهنجي قرب ۾ اهڙو ته ڪڙي ڇڏيائين، جو مون کي مفتون جو ڪلام ياد اچي ويو:
”تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا، زندان هزارين مان نه رڳو“.
پير صاحب جڏهن به حيدرآباد ايندو هو ته پهريائين رٽز هوٽل ۽ پوءِ اورينٽ هوٽل ۾ ٽڪندو هو. نواب صاحب کانئس ٻئي هوٽلون ڇڏائي ڇڏيون ۽ ڊاڪٽر ڪالونيءَ واري بنگلي ۾ هڪ ڪمرو سندس بلي ڪري ڇڏيائين.
پير صاحب جڏهن حيدرآباد ايندو هو ته ڪا محفل مچندي هئي! سڀ کان اول مون کي، شڪوهيءَ کي ۽ مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب کي سڏ ٿيندو هو. ان کانپوءِ ٻيا احباب جويو صاحب، اسدالله شاهه حسيني وغيره اچي گڏ ٿيندا هئا. نواب صاحب جي رشتيدارن مان نواب بهادر علي خان ۽ نواب عبدالعلي خان سدائين گڏ هوندا هئا.
ڪڏهن ڪڏهن پير صاحب کي حيدرآباد آئي وٿي پئجي ويندي هئي ته پوءِ اسان کي ڪچهريءَ لاءِ ڪراچي سڏي وٺندو هو. اڪثر ڪري نواب صاحب، مان، عبدالعلي خان ۽ شڪوهي نواب صاحب جي موٽر ۾ ڪراچيءَ ويندا هئاسين.
نواب صاحب سنڌ جي سماجي زندگيءَ جي لحاظ کان وڏو زميندار هو. سندس وڏن وٽ ته شايد ويهه پنجويهه هزار ايڪڙ زمين هئي، پر اها ڪجهه ته خاندان ۾ تقسيم ٿيندي رهي ۽ ڪجهه ايوب خان وارن زرعي سڌارن ۾ سرڪار جي ور چڙهي ويئي. پر نواب صاحب کي به هزارين ايڪڙ زمين حصي ۾ آئي. حيدرآباد ۾ ٻه بنگلا هئس ۽ ٽيون تاجپور ۾ ٺهرائي رهيو هو، جو مون بهرحال هميشه زير تعمير ڏٺو.
هڪ دفعي شڪوهيءَ مون کي چيو ته نواب صاحب جي پنهنجي رهڻي ڪهڻي تمام سادي آهي. اها ڳالهه مون کي سمجهه ۾ نه آئي، ڇو ته مون ته سندس رڳو اعليٰ درجي جون دعوتون ڏٺيون هيون. پر اڳتي هلي مون کي به اهو احساس ٿيو ته قدرت نواب صاحب کي ”اميري“ ۽ ”غريبي“ ٻئي سوغاتون عطا ڪيون هيون. صحيح معنيٰ ۾ هڪ سکئي ستابي شخص هجڻ جي باوجود، هن پنهنجن نيڪ نام وڏڙن جي پيروي ڪندي، پنهنجي طبعيت ۾ فقيريءَ جو انگ برقرار رکيو هو. رسول الله ﷺ جن ڏانهن هڪ حديث منسوب آهي ته دعا گهري اٿن ته ”يا الله، هڪ ڏينهن مونکي روزي سان رک ۽ ٻئي ڏينهن مون کي پيٽ ڀري کائڻ جيتري روزي نصيب ڪر.“
هيڪر رات جو مان حيدرآباد مان شڪوهيءَ سان گڏ اوچتو نواب صاحب سان ملڻ لاءِ تاجپور ويس. اسان کي زير تعمير بنگلي جي پٺيان هڪ ڪچيءَ جاءِ ۾ وٺي ويا. نواب صاحب هڪ ڪوٺيءَ ۾ واڻ جي کٽ تي آهليو پيو هو. پاسي ۾ هڪ پراڻيءَ ٽپائيءَ تي ننڍو ٽي وي سيٽ ۽ ٻه ٽي ڪرسيون پيون هيون. اسان کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو. ڀاڪر پائي مليو ۽ حال احوال ورتائين. سندس مٺيءَ مرڪ ۾ مقناطيسي ڪشش هوندي هئي. هڪڙي ئي ديدار سان دوستن جا دک دور ڪري ڇڏيندو هو. اسان اڃا ڪچهري ڪري رهيا هئاسين جو نوڪر سندس رات جي ماني کڻي آيو. جيڏي چاهه سان اعليٰ درجي جا طعام کارائيندو هو، اوڏيءَ ئي سڪ سان سرنهن جو ساڳ ۽ دال جي پيالي اڳتي وڌايائين، ٽنءَ رڪيبيءَ ۾ شايد ڇولا هئا.
ٻئي دفعي نواب صاحب ۽ مان سندس موٽر ۾ تاجپور وڃي رهيا هئاسين ته رستي تي مون سنڌ جي هڪ وڏي ماڻهوءَ جو ذڪر ڪيو ۽ نواب صاحب کي ٻڌايو ته سندس اثر بيشڪ گهڻو آهي، پر مالي لحاظ کان سندس سالياني آمدني ڏهن ٻارهن لکن کان وڌيڪ ڪانهي. اها ڳالهه ٻڌي نواب صاحب کلي چيو ته ، ”بش! ته سائين پوءِ ته پاڻ غريب کانئس گهڻو وڌيڪ خوش آهيون.“
پئسو واقعي وڏي ڳالهه آهي. ناهي ته ماڻهو ويڳاڻو آهي. پر جي ضرورت کان زائد آهي ته ماڻهو کي مٿي ۾ ڀاڻ پيدا ٿو ڪري. حيرت آهي ته لکن سان هٿن ڌوئڻ کانپوءِ به نواب صاحب جي فقيرانه سڀاءَ ۾ فرق نه آيو. آس پاس جي زميندارن سان سندس قديمي لاڳاپا هوندا هئا، خاص ڪري خان بهادر غلام حيدر وساڻ ۽ ٻيرانيءَ جي نواب ڄام ڪرم علي خان جو مون سان سڪ سان ذڪر ڪندو هو. هڪ دفعي مون کي ڄام ڪرم علي خان جي دعوت تي سندس ڳوٺ به وٺي هليو. دعوت ڇا هئي، شاهي ضيافت هئي. مسئلي تي ڪافي سوچ ويچار ڪرڻ بعد، مون ائين محسوس ڪيو ته نواب صاحب اميرن سان امير ۽ فقيرن سان فقير هوندو هو. سنڌ جو زميندار پنهنجي ڏاڍائيءَ جي ڪري مشهور آهي. هو خدا جي غريب مخلوق کي اڇوت سمجهندو آهي. پر نواب صاحب جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي! هو ته انسان ذات جو اعليٰ نمونو هو. پاڻ ڪنهن کي گهٽ وڌ چوي، تنهن جو ته تصور به نٿو ڪري سگهجي. البت سندس ڪي لڳ لڳاپي وارا خود کيس ستائڻ لاءِ دڙڪن جون ڪوڙيون چٺيون لکندا هئا ۽ پئسا طلب ڪندا هئا. کيس خبر هوندي هئي ته اهي ڪير آهن، تاهم ڪڏهن به انهن جي خلاف پنهنجي زبان تي حرف نه آندائين. پاڻ جو مکڻ ماکيءَ وانگر مٺو هو، ته ڪنهن ٻئي کي به ڪوڙو ڪونه ڪوٺيائين، بقول ڀٽائي،”هٿان حبيبن، ڪونه ڏکويو ڪڏهين.“
نواب صاحب جا وڏا فارسيءَ جا گوهر هوندا هئا. سندس خاندان جو پايو وجهندڙ نواب ولي محمد خان لغاري سنڌ جي تاريخ جو هيرو آهي. هو سنڌ جي ٽالپر خاندان جو مشير ۽ مکيه وزير هوندو هو. منجهس ڪيئي خوبيون هيون. درويش صفت انسان هوندو هو. سندس پيڙهيءَ ۾ ڪيئي اڪابر، صوفي شاعر ۽ درويش پيدا ٿيا. اهو سلسلو هلندو هلندو، نواب نور احمد خان لغاريءَ تائين پهتو هو. نواب صاحب عربي ۽ فارسي ڪونه ڄاڻندو هو، پر ستن پيڙهين جو سنڌي ڪلچر سندس ذات ۾ سمايل هو. گلابي گل هو، تاڃي پيٽي سچو پٽ هو. سندس خاندان ۾ فقيريءَ جو ڌاڳو مون سندس هٿن تائين محفوظ ڏٺو. سندس وڏا جهوڪ شريف جي گاديءَ جا عقيدت مند هئا. سنڌ جي تصوف ۾ جهوڪ شريف جو وڏو مان ۽ مرتبو آهي. پر اهو ڪيئن ٿو به ٿي سگهي ته جهوڪ شريف تي رحمت جي جيڪا برسات وسي، ان کان آس پاس جا پٽ ۽ پڌر مستفيد نه ٿين. چنانچه نواب صاحب جي ”درويش در“ جي معتقدن ۾ سنڌ جي هندن جو وڏو تعداد هوندو هو. هو مرشد کان رڳو ذڪر، فڪر ڪونه وٺندا هئا، پر چون ٿا ته ڪي ته روزا به رکندا هئا، قرآن شريف جي تلاوت ڪندا هئا، مسجد ۾ نماز پڙهندا هئا، هونئن نالي ۾ هندو هوندا هئا. ائين به ڪونهي ته رڳو جيئري هن جهان ۾ سندس زندگي ائين هوندي هئي. وصيعت ڪندا هئا ته مئي پڄاڻان مرشد جي پيرن ۾ پورجو. درازن ۾ سچل جي پيرانديءَ ۾ نماڻي فقير جي قبر ان ڳالهه جي ثابتي آهي. درحقيقت سنڌ ۾ اسلامي تصوف جهڙو ڪمال ڏيکاريو آهي، اهڙو ٻيو ورلي ڪٿي نظر ايندو.
مون مٿي عرض ڪيو آهي ته نواب صاحب پاڻ عربيءَ ۽ فارسيءَ کان اڻ وقف هو، پر سندس خاندان ۾ وڏڙن جا عربي ۽ فارسي مخطوطا هوندا هئا، جي ڪڏهن ڪڏهن پير صاحب کي به ڏيکاريندو هو. انهيءَ زماني ۾ شاهه ايران آسپاس وارن ملڪن ۾، خاص ڪري پاڪستان ۾، فارسي زبان کي وري زور وٺائڻ ٿي گهريو. سنڌ ۾ صديون اڳي، فارسي”گهوڙِ چاڙهسي“ جي حيثيت رکندي هئي. هاڻي وري پشاور، پنڊي، لاهور، ملتان، ڪوئيٽا ۽ ڪراچيءَ ۾ ”خانه فرهنگ“ قائم ٿيا ۽ پير صاحب جي ڪوششن سان شاهه ايران جي ڀيڻوئي، آغا پهل بود وزير ثقافت جي حڪم تي حيدرآباد ۾ به خانه فرهنگ قائم ٿيو. انهيءَ تعلق ڪري، اسلام آباد مان ايراني حڪومت جي اهلڪارن جو حيدرآباد اچڻ جو سلسلو شروع ٿيو. آقاي تسبيحي نالي هڪ شخص پنڊيءَ ۾ داتا گنج بخش لئبرري ۾ ڪئٽالاگر هوندو هو. ان لئبرريءَ ۾ فارسيءَ جا قلمي گڏ ڪيا ويندا هئا، آقاي تسبيحي فارسي قلمي. ڪتابن ڏسڻ لاءِ حيدرآباد ايندو رهندو هو. هڪ دفعي مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب کيس سنڌ جو تاريخي ڪتبخانو ڏيکارڻ لاءِ پير صاحب جهنڊي وارن وٽ وٺي ويو. تسبيحي اهو ڪتبخانو ڏسي ڏاڍو خوش ٿي موٽيو. ان کان پوءِ مهيني ماسي حيدرآباد جو چڪر لڳائيندو هو ۽ سائين قاسمي صاحب جي علم ۽ فضل جي ڏاڍي تعريف ڪندو هو. هڪ دفعي تسبيحي حيدرآباد آيل هو ۽ اتفاق سان پير صاحب به حيدرآباد ۾ هو، جو هڪ شخص اچي ڳالهه ڪڍي ته وٽس ڪي ناياب قلمي ڪتاب آهن، جن ۾ هڪ قرآن مجيد آهي جو ڳچيءَ ۾ پائڻ واري لاڪيٽ جيترو مس ٿيندو، پر اکر اهڙا چٽا اٿس، جو آسانيءَ سان پڙهي سگهجن ٿا. اها ڳالهه هئي ته عجيب، پر ناممڪن ڪونه ٿي لڳي، ڇو ته اسان ٻڌو هو ته ڪاتبن قرآن ڪريم لکڻ ۾ ڪيئي ڪمال ڏيکاريا آهن. مثلاً چانور جي داڻي تي سڄيون سڄيون سورتون لکيون اٿن، جهانگير پنهنجي تزڪ ۾ هڪ هنڌ لکيو آهي ته سندس هڪ شاهي ملازم پستي جي کوپي تي چار خانا ٺاهي، انهن ۾ عاج سان چار جدا جدا شڪليون ٺاهيون آهن. هڪ خاني ۾ ٻه پهلوان ڪشتي لڙي رهيا هئا، ٻه ماڻهو پاسي ۾ تماشو ڏسي رهيا هئا؛ ٻئي خاني ۾ هڪ ماڻهو تخت تي ويٺو هو، چوڌاري ملازم بيٺا هئا ۽ تخت تي هڪ وڻ ڇانو ڪري بيٺو هو؛ ٽئين خاني ۾ هڪ بازيگر هڪ ٽنگ تي بيٺو هو، سندس ڪاٺيءَ تي هڪ ٻڪري بيٺي هئي ۽ هڪ بازيگر دهل وڄائي رهيو هو؛ چوٿين خاني ۾ هڪ ماڻهو حضرت عيسى جي پيرن تي مٿو رکي ويٺو هو. هڪ پير مرد ان سان ڳالهائي رهيو هو ۽ ڀرسان چار ماڻهو بيٺا هئا. اهو سڄو لقاءُ پستي جي هڪ کوپي تي ڏيکاريل هو.
بهرحال، ان شخص قرآن ڪريم جو اهو ننڍڙو نسخو آڻي ڏيکاريو، پر ٻي جيڪا ڳالهه ڪيائين سان ته پهرينءَ کان به وڌيڪ هئي. چوڻ لڳو ته وٽس ديوان حافظ جو هڪ اهڙو نسخو آهي، جو حافظ جي حياتيءَ ۾ لکيل آهي. اها ڳالهه اهڙي ئي حيرت انگيز هئي، جيئن ڪو شخص اها دعويٰ ڪري ته وٽس شاهه جي رسالي جو هڪ اهڙو نسخو آهي، جو ڀٽائي صاحب جي حياتي ۾ لکيل آهي. تسبيحيءَ ان شخص کي نسخو آڻڻ لاءِ چيو ۽ ٻڌايائين ته ڳالهه صحيح نڪتي ته مان هيترن سون آمريڪي ڊالرن ۾ اهو نسخو وٺندس. پر اهو شخص گس گساءُ ڪرڻ لڳو. آخر نواب صاحب جي زور ڀرڻ تي نسخو ڏيکارڻ لاءِ آماده ٿيو. اسان کي واعدو مليو ته فلاڻي ڏينهن نواب صاحب جي رهائشگاهه يا فاران هوٽل ۾، جتي تسبيحي ٽڪيل هو، انهيءَ نسخي جو ديدار ٿيندو. ڏاڍا خوش ٿياسين. مقرر ڏينهن تي اتي اچي گڏ ٿياسين. تسبيحيءَ ديوان حافظ جي سڄي تاريخ بيان ڪري ٻڌائي ۽ چيو ته ”مون هاڻي ارادو بدلايو آهي، اهو نسخو داتا گنج بخش لئبرري بدران پنهنجي ذاتي ڪتبخاني لاءِ وٺندس.“ اهو ٻڌي پير صاحب کلي چيو ته ”تسبيحيءَ جي نيت خراب ٿي آهي. هو اهو نخسو هتان سستو خريد ڪري، شاهه ايران کي هزارين ڊالرن ۾ وڪڻڻ گهري ٿو.“ اهو ٻڌي اسان پير صاحب کان پڇيو ته ”شاهه ايران ان نسخي لاءِ ايڏي وڏي رقم ڏيندو؟“ پير صاحب مڪمل اطمينان سان چيو ته ”واهه جو ڏيندو.“ آخرڪار انتظار جون گهڙيون ختم ٿيون. اهو شخص مذڪور نسخو رومال ۾ ويڙهي کڻي آيو. اسان چوڌاري گول دائرو ڪري ويٺاسين پير صاحب رومال کولي نسخو ڪڍيو ۽ جلدي جلدي پنا ورايا جي نيري رنگ جا هئا ۽ ڪاري مس سان لکيل هئا. تسبيحيءَ اهو ڏسي دانهن ڪري چيو ته ”آغا، هي ته فورٽ وليم ڪاليج ڪڪلتي جو ڇاپي نسخو آهي!“ پير صاحب ۽ تسبيحي هڪٻئي ڏانهن نهاري مشڪڻ لڳا. مون پير صاحب کان پڇيو ته ”جي فورٽ وليم ڪاليج جو ڇاپي نسخو آهي ته گهڻو لهي؟“ پير صاحب چيو ته ”پنجاهه رپيا به ڪونه لهي.“ اهو ٻڌي اهو شخص هڪ هٿ ۾ نسخو ۽ ٻئي هٿ ۾ رومال کڻي روانو ٿيو.
آغا ڪيوان شڪوهيءَ حيدرآباد ۾ جيڪا ايران پاڪستان دوستيءَ جي انجمن ٺاهي هئي، تنهن جي طرفان نواب صاحب کي ايران جي دوري جي دعوت ملي. نواب صاحب ديرينو ماڻهو هو، تنهن ڪري تڪڙ ڪري، هائو يا نه ڪانه ڪيائين. ٿورين گهڻين ڏينهن، پير صاحب جي ڪوشش سان، مون کي به ايران جي دوري جي دعوت ملي. نواب صاحب اها ڳالهه ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چوڻ لڳو ته ”سائين هاڻي گڏجي ايران گهمنداسون ۽ اوهان کي عمري جو شوق آهي، سو به هلي پورو ڪري اينداسون.“ پاڻ سال ۾ هڪ ٻه دفعا مديني ويندو هو. مديني جي گورنر جو ڀاءُ سندس گهرو گهاٽو واقف ٿي ويو هو، ايران جي دوري لاءِ ايران سرڪار اوٽ موٽ جون ٽڪيٽون موڪليون هيون. اسان هڙان پئسا ڏيئي، انهن ۾ جدي جو اضافو ڪرايو. تن ڏينهن ۾ نواب صاحب طبيعت جي خرابي، خاص ڪري بلڊ پريشر جي شڪايت ڪندو هو. پر ڪجهه ته کيس اڳئيي ايران ڏسڻ جو شوق هو، ڪجهه منهنجي رفاقت تي آماده ٿيو. ائين اسان وڃي ايران نڪتاسين. هوائي اڏي تي ”هنر و مردم“ رسالي جي ايڊيٽر آعا خدابنده لو ۽ شڪوهيءَ اسان جو استقبال ڪيو. ۽ اسان کي رودڪي هوٽل ۾ ٽڪايائون، جيڪا ننڍي هئي، پر منجهس هر قسم جي آسائش موجود هئي. ميزبانن هدايتون اهي ڏنيون ته ”جيڪي وڻيو، سو ڪيو، رڳو بل صحيح ڪري ڇڏيو.“ نواب صاحب ۽ مون کي ٻه ڪمرا آمون سامهون مليا، جن ۾ ايراني روزانو ميون جا ٽوڪرا اسان جي استقبال لاءِ رکي ويندا هئا. نواب صاحب ۽ مون پهريان ٻه ٽي ڏينهن ايران شوق سان گهميو. رضا شاهه ڪبير جي رهائشگاهه، قاچاري بادشاهن جي گلستان محلات، مسجد سپهه سالار ۽ ٻيون ڪيتريون ئي تاريخي جايون نئين دور جون بازارون ۽ ڊپارٽمينٽل اسٽور ڏٺاسين. مون سڄو وقت سوٽ ڪوٽ پاتو، پر نواب صاحب ڄاڻي واڻي سلوار قميص پاتي. هوڏانهن ايرانين جو اهو حال هو جو مون جڏهن ميرا ڪپڙا ڌوئڻ لاءِ ڏنا ته ڌوٻيءَ منهنجي سلوار بابت پڇيو ته ”آغا هي ڇا هي؟“ مون چيس ته ”سلوار،“ تڏهن پنهنجيءَ پينٽ تي هٿ گهمائي چيائين ته ”سلوار ته هيءَ آهي.“ مون سلوار بابت پڇيس ته ”ڀلا تنهنجي خيال موجب هيءَ ڇاهي؟“ تڏهن چيائين ته ”بستري جي چادر.“ درحقيقت، شاهه ايران جي ڪوششن سان، ايران تيزيءَ سان ماڊرن نه پر مغرب زده ٿي رهيو هو. چيائون ٿي ته نئون فيشن هڪ ڏينهن پئرس ۾ شروع ٿيندو آهي ته ٻئي ڏينهن تهران پهچندو آهي، لنڊن جو وارو ٽئين ڏينهن ايندو آهي. اسان سڄي تهران ۾ هڪ عورت به اهڙي ڪانه ڏٺي جيڪا ايران جي اصلوڪي قومي لباس ۾ هجي. جيڪڏهن عمر ٽيهن ورهين جي اندر هئس ته ٽائيٽ جينس پاتل هئس ۽ جي ٽيهن ورهين کان مٿي عمر جي هئي ته اسڪرٽ پاتل هئس. بزارين ۾، گلين ۾، دڪانن تي، هوٽل ۾، چوطرف نسواني حسن ۽ جسم جي نمائش هئي. جيڏانهن نگاهه ڪر ته ڄڻ پرين جا ٽولا هڪٻئي کان وڌيڪ بقول سنڌي شاعر:
”فوجان حسن ديان چڙهيان.“
رضا شاهه ڪبير جي رهائشگاهه کي ميوزيم بنايو هئائون. اهو ڏيکاري ميوزم جي سرپرست (ڊئريڪٽر) وٽ چاءِ پيارڻ وٺي ويا. پر اسان جو اتان اٿڻ تي ارواح ئي نه ٿئي. خاتون هجي به اهڙي ملوڪ، هڪ ته سونهن بي حساب، ٻيو ڇا چئجي سندس اندازِ دلربائي. چئه ته رڳو ويٺو ڏسجيس. پر ان کان به وڌيڪ حسين عورت اسان شيراز ۾ ايران ايئر جي آفيس ۾ ڏٺي. اکين تي اعتبار ئي نه پيو اچي. ”رشڪِ بتانِ آذري“ وارو محاورو مٿس سو فيصدي صادق هو. ڪتابن ۾ سو اهڙيون سهڻيون تصويرون برابر ڏٺيون هيون سون. نواب صاحب چيو ته ”سائين، ڪيئن ٿا ڀانيون؟“ مون عرض ڪيو ته ”سائين، ڪوهه ڪاف جون پريون اڳي ٻڌيون هيون سون، اڄ اکين سان ڏٺيون سين.“
تهران ۾ هڪ وڏ گهراڻي عورت اسان جي دعوت ڪئي، جڏهن سندس گهر پهتاسين ته ويهڻ شرط پڇائين ته ”آغا، وسڪي يا وائن؟“ اسان جواب ۾ چيو ته ”خانم، ميوي جي رس.“ اهو ٻڌي ميزبان ائين محسوس ڪيو، ته اسان ڪي پٿر جي دور جا انسان آهيون، جي ويهين صديءَ ۾ ڀلجي اچي ايران پهتا آهيون.
شيراز ۾ يونيورسٽيءَ وارن اسانجي ايمپائر اسٽيٽ بلڊنگ جهڙيءَ هڪ بلند و بالا هوٽل جي چوٽيءَ تي رات جي ماني جي دعوت ڪئي. سڄي هوٽل رڪ ۽ شيشي سان ٺهيل هئي، ڄڻ ته ڪا آمريڪا جي عمارت هئي. حد نگاهه دور دور شهر جون روشنيون هليون ويون. گهٽ ۾ گهٽ پنجاهه سٺ مهمان اسان جي اعزاز ۾ سڏايل هئا، پر سڀ جوان ۽ فئش ايبل مرد ۽ عورتون. مانيءَ کان ڪلاڪ کن اڳ شراب ۽ ناچ جو دور هليو. شايد ان پوري بدمست گروهه ۾ نواب صاحب ۽ مان ٻه اڪيلا انسان هئاسين، جيڪي ميوي جي رس پي رهيا هئاسين، نه ته چوطرف شراب جي جامن جي ٽڪرائجڻ، عورتن ۽ مردن جي معنيٰ خيز ٽهڪن ۽ مغربي موسيقيءَ جو شور ۽ هنگامو هو.
مذهب سان بيگانگيءَ جي حالت اها، جو مسجدن ۾ نمازي نظر ڪونه اچن، اصفهان ۾ گائيڊ اسان کي هڪ شاندار مسجد ڏيکاري، جا اڳين بادشاهن جي جوڙايل هئي. مسجد جا ٿنڀ چوڏهن فوٽ ڊگها، پاڙ کان چوٽيءَ تائين سڄي جا سڄا سنگ مرمر جي هڪ ئي ٽڪر جا ٺهيل، منجهس ڏهه هزار ماڻهو هوند وڏي آرام سان نماز پڙهي سگهن. پر سڄي مسجد ويران، ڪنڊ ۾ ڦاٽل ڪپڙن سان فقط هڪ ماڻهو نماز پڙهي رهيو هو. اسان جي ايراني گائيڊ جي حالت اها هئي ته مسجد جي صحن ۾ پاڻ سگريٽ ڇڪي رهيو هو!
شيراز ۾ اسان کي حافظ ۽ سعديءَ جي مزارن تي وٺي ويا. حافظ جي مزار تي چڱي رونق هئي. ان کي حافظيه ڪوٺين ٿا. لئبرريءَ ۾ ماڻهو ڪابتن جو مطالعو ڪري رهيا هئا. پر سعديءَ جي مزار تي عجب تماشو نظر آيو. اندر قبي ۾ (جيڪو جديد مغربي طرز جو ٺاهيو اٿن)، ٽاٻر ٻار قبر جي مٿان ٽپا ڏيئي رهيا هئا. مون کان اهو منظر ڏٺو ڪونه ٿيو. اڪيلو ٻاهر نڪري آيس. بيا سڀ ٻاهر نڪتا ته اڪيلو وري اندر ويس. جڏهن دعا گهريم ته حافظ ۽ سعدي جي تعليم ۽ ايران جي قديم ڪلچر کي ياد ڪري، منهنجون اکيون ڀرجي آيون. ۽ ائين محسوس ڪيم ته هي اجنبي ماحول گهڻي دير جٽاءُ ڪونه ڪندو.
اسان تهران، اصفهان ۽ شيراز جا شهر ڏٺا. ليڪن مشهد شڪوهيءَ جي نالائقي سببان رهجي ويو. بهرحال، تخت جمشيد ڏيکارڻ وٺي هليا. هي ايران جو اهو قديم تختگاهه هو، جنهن کي سڪندر بادشاهه، دارا کي شڪست ڏيڻ کانپوءِ ساڙي ٻاري ڇڏيو هو. شاهي درٻار ۽ محلاتن جا پٿر مان ٺهيل فلڪ بوس منارا اڃا تائين زمين تي ڪريا پيا آهن ۽ ماضي جي داستان ياد ڏياري رهيا آهن. تخت جمشيد جي سامهون وڏي ميدان ۾ پلاسٽڪ جا گهر اڏيل هئا، جنهن ۾ شاهه ايران، ايراني بادشاهت جي اڍائي هزار ورهين جو جشن ملهائڻ جي لاءِ دنيا جي بادشاهن، راڻين ۽ وزيراعظمن کي ٽڪايو هو. مون ماضيءَ جي عبرت جا اهي نشان وڏي چاهه سان ڏٺا. جڏهن گائيڊ تخت جمشيد ۾ ٻڌائي رهيو هو ته هتي دارا پنهنجي درٻار ڪندو هو، هتي سندس حرمسراءِ هئي، هتان سڪندر بادشاهه حملو ڪيو هو، تڏهن گهڻا سال اڳ ٻڌل هڪ سنڌي ڪافي ءَ جا ٻول منهنجن ڪنن ۾ ٻُرڻ لڳا:

”ٿيا شاهه سڪندر، دارا،
جن جوڙيا تخت هزارا،
سڀ خان وڄائي ويا وارا،
هيءَ دنيا آهي فاني
ڪنهن سان نه نڀائي جاني.“

ايران ۾ نواب صاحب جي طبيعت فقط پهريان ڪجهه ڏينهن بحال رهي. پوءِ سمورو وقت هو ڄڻ ته پنهنجي طبيعت تي زور ڏئي پاڻ کي گهليندو رهيو. آغا خدابنده لو، اسان جو ميزبان، خود هڪ وڏو ڊاڪٽر هو، تنهن سندس چڪاسون ڪرايون ۽ مون کي چيو ته پاڪستان پهچڻ شرط کيس اسپتال ۾ داخل ڪرائج. اهو ٻڌي مون کي انتظار ٿي پيو. شيراز ۾ اڌ رات جو مان پنهنجي ڪمري مان نڪري، نواب صاحب جي ڪمري ۾ کيس ڏسڻ ويس، هو جاڳي رهيو هو. مون کيس سڪ سان عرض ڪيو ته ”ڪهڙي خدمت ڪريان؟“ چيائين ته ”ويهي مٿي کي زوري ڏي.“ ڳچ ڳچ رات تائين مان کيس زور ڏيندو رهيس. اهو منظر مون کان ڪڏهن به نه وسرندو.
اسان ايران ايئر وارن جي غلطيءَ سببان عمري تي وڃي نه سگهياسين. سندن لاپرواهي ڪري، جدي ڏانهن هڪٻئي پٺيان ٽي جهاز نڪري ويا. لاچار نواب صاحب جي چوڻ تي دٻئيءَ هليا وياسين، جتي الاهي هندو سندس مريد هئا. اتي نواب صاحب جي چهري ۾ ڪجهه سرهائي آئي ۽ کل ڀوڳ ۾ حصو وٺڻ لڳو. هندو مريدن سندس واهه جا خدمت ڪئي. سندن زالون مون کي نواب صاحب جو خليفو سمجهي سڳا وٽرائينديون رهيون: ڪا مٿي جي سور لاءِ، ڪا سنڌن جي سور لاءِ، هڪ مائيءَ ڊگهو سڳو وٽرايو. مون جڏهن کانئس سبب پڇيو ته رازداريءَ سان چوڻ لڳي ته شاديءَ کي ٻه ٽي سال ٿي ويا اٿم، پر ٻار ٿئي ئي ڪونه ٿو، اهو سڳو چيلهه کي ٻڌندس ته من ٻار ٿي پويم. اهو ٻڌي مون به کيس رازداريءَ سان مشورو ڏنو ته ”ڪجهه هٿ پير به لوڏجانءِ، رڳو سڳي جو آسرو نه ڪجانءِ.“
اسان غالباً ٽي ڏينهن دبئيءَ ۾ ٽڪياسون. چوٿين ڏينهن نواب صاحب چيوته ”ادا اوهان وڃو مديني. مان سڄو بندوبست ڪريان ٿو. مان وطن موٽان ٿو.“ مون محسوس ڪيو ته اصل ڳالهه اها آهي ته مون کي مديني ۾ حاضري ڏيڻ جي اڃا اجازت ڪانهي. جهازن ڇٽي وڃڻ جا رڳو بهانا آهن. جلال الدين روميءَ چيو آهي ته :

اين سبب را، آن سبب آرد پديد

سو نواب صاحب کي عرض ڪيم ته اوهان کان سواءِ اڪيلو مان به ڪو نه ويندس. جي فيصلو پوئتي موٽڻ جو آهي ته ماشاءَالله گڏجي پوئتي موٽون ٿا. ائين اسان عمرو ادا ڪرڻ کان سواءِ، ايران گهمي واپس وطن پهتاسين.
پاڪستان پهچڻ کانپوءِ هفتو کن مس نواب صاحب ڳوٺ رهيو هوندو. فورن ڪراچيءَ جي انڪل سريا اسپتال ۾ داخلا ورتائين ۽ گڙدي جي ماهر ڊاڪٽر جعفري نقويءَ جو علاج شروع ڪيائين. مان سندس مزاج پرسيءَ لاءِ ڪراچي پهتس. پاڻ منجهند جي ماني کائي رهيو هو ته مٿان ڊاڪٽر رت جون چڪاسون ڪري رپورٽ کڻي آيو ۽ پڇائين ته مون سان مريض جي پاران ڪير ڳالهائيندو؟ پير صاحب مون ڏي اشارو ڪيو. مان ڊاڪٽر سان گڏ ٻاهر ورانڊي ۾ ويس. ڊاڪٽر چيوته ”هت نواب صاحب جو علاج ڪونهي. جيڪڏهن اڄ کيس لنڊن وٺي وڃي سگهو ٿا ته ڳالهه سڀاڻي تي نه وجهو.“
مان واپس ڪمري ۾ گهڙيس ته نواب صاحب منهنجو چهرو لٿل ڏسي پڇيو ته ”سائين ڊاڪٽر ڇا چيو؟“ مان ڳالهه لڪائڻ لڳس. ان تي نواب صاحب فرمايو ته ”سائين، مون کان ڳالهه لڪايو نه. مان موت کان ڊڄان ڪونه ٿو. ڳوٺ ويندس اُتي سنگت ساٿ کان موڪلائيندس ۽ کٽ تي ويهي، موت کي چوندس ته اچ، مان هلڻ لاءِ تيار آهيان. منهنجي پيءُ به ائين ڪيو هو، منهنجي ڏاڏي به ائين ڪيو هو، ۽ مان به ائين ڪندس.
چڱڀلائي ۾ اهي اکر چوڻ آسان آهن، پر جڏهن موت جو سايو سر تي اچي تڏهن اهڙي ڳالهه چوڻ لاءِ شينهن جي دل کپي مان قسم کڻي چئي سگهان ٿو ته مون پنهنجي زندگيءَ ۾ هڪ انسان اهڙو ضرور ڏٺو، جنهن کي موت جو ڊپ ڪو نه هو. نواب نور احمد خان لغاري ڀلن جو اولاد هو. هن دنيا ۾ سرهو آيو هو ۽ سرهو ويو. پر مون جهڙن گهڻن کي غمن ۾ گڏي ويو. فيض شايد اهڙن ئي محبوبن لاءِ چيو هو:

ويران هي ميڪده خم و ساغر اداس هين
تم ڪيا گئي ڪه روٺ گئي دن بهار ڪي.

حيدرآباد مان پهريائين پهريائين شڪوهي ايران بدلي ٿي ويو، ستت ئي پوءِ نواب صاحب هميشه هميشه لاءِ موڪلاڻيون ڪيون ۽ پوءِ اسد الله شاهه حسينيءَ هي جهان ڇڏيو، آخر ۾ پير صاحب الله کي پيارو ٿيو. پر انهن مکڻ ماکيءَ جهڙن مٺن ماڻهن جون محفلون، نقل نظير، کل ڀوڳ، ٽهڪ، زماني جا قصا ۽ داستان ڪيئن وسري سگهندا. جڏهن اهي ڏينهن ياد ايندا اٿم، تڏهن اکين ۾ ڳوڙها تري ايندا آهن ۽ ٿڌو ساهه ڀري چوندو آهيان ته ”منهنجا مولا، اسان جون اهي محفلون ۽ مجلسون ڇو اجڙي ويون! منهنجيءَ مٺيءَ سنڌ جا اهي مٺا ماڻهو ڪاڏي هليا ويا .“

مولانا غلام محمد گرامي

”هستي اپني حباب کي سي هـﻶ“

قدرت سنڌ کي هن ڌرتيءَ تي بهشت جو هڪ نمونو ڪري خلقيو آهي. منجهس وهندڙ پاڻي آهي، جنهن جي پاسن کان وڏن ساون وڻن وارا باغ آهن، ۽ منجهس سرسبز کيت آهن، جن ۾ وسندڙ ڳوٺن ۾، کير ۽ ماکيءَ سان گڏ زندگيءَ جون ٻيون به ڪيتريون ئي نعمتون آهن. بهشت برين وانگر، سنڌ ۾ هر قسم جي مند موجود آهي، ڏکڻ ۾ گهميل آبهوا، وچولي ۾ خشڪ ۽ موافق ته اُتر ۾ سخت سرد ۽ گرم، سنڌ ۾ سمنڊ، درياءَ ٿر ۽ بر آهن. ان جي اُڀرندي ۾ ڪارا ڪارا رڻ آهن، رڳي رڃ ئي رڃ آهي، ته الهندي ۾ هماليه جبل کان به پراڻا پهاڙ آهن، جن جي سخت پٿريلي سيني مان گرم گرم پاڻيءَ جا چشما ڦاٽي نڪرن ٿا. سنڌ ۾ گنج گاهه ٻيلا آهن، جن ۾ قسم قسم جا جانور رهن ٿا. ساڳئي وقت سنڌ دنيا جي خوبصورت ترين پرندن جو مسڪن به آهي طائران جنت وانگر سنڌ ۾ چتن، چيهن، چانهن، هد هد، هيڙن، من موسڙن، ڪاٺ ڪٺن، ڪبوترن، ڳيرن ۽ پٽ ڳيرين جون لاتيون ۽ باتيون آهن. مينهوڳيءَ جي مند ۾، ٿر جي ڀٽن تي جڏهن مور موج ۽ مستيءَ ۾ پنهنجا رنگ برنگي پر پکيڙي ناچ ڪندا آهن، تڏهن جنسي ائين محسوس ٿيندو آهي، ته بهشت آسمان مان کڄي ڌرتيءَ تي آيو آهي. سنڌ نه رڳو انهن پر اهڙن پکين جي به دلپسند وسندي آهي، جن جي من کي آشياني بدران آب ۾ قرار اچي. انهن مان ڪي ايامن کان سنڌ ۾ گهر ڪري ويٺا آهن ته ڪي سيلاني آهن ۽ مند مٽجڻ تي هر سال دور دراز علائقن مان اُڏامندا، ملڪن پٺيان ملڪ پوئتي ڇڏيندا، سون هزارين ميلن جو مفاصلو طئي ڪندا، ايڏيءَ اُڪير سان اچي منڇر جي ڪنڌيءَ تي لهندا آهن، جو ڄڻ ته اصحاب جنت حوض ڪوثر تي پهتا آهن. سنڌ جي زمين زرخيز ۽ آسمان حسين آهي. ڌنڌ ۽ ڪوهيري کان سدائين پاڪ ۽ صاف، اڪثر شفاف نيرو، پر ڪڏهن ڪڏهن منجهس ڪڪرن جا ڪارونڀار! ڏينهن جو نيري سمنڊ وانگر جهاڳ ۽ بي انت؛ پر رات جو اهڙو جنسار، جو پورب توڙي پڇم ۾ هر هنڌ تارن جا ڏيئا پيار ٻرن.
قدرت سنڌ کي اجهو ائين هن ڌرتيءَ تي بهشت جو نمونو ڪري خليقو آهي. پر سنڌ جي رهاڪن جي زندگيءَ ۾ ايڏو ته ڏک آهي. جو سنڌ جي سدا حيات شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ کي ائين چوڻو پيو ته ” ڀينر هن ڀنڀور ۾ دوزخ جو دونهون.“ اڻويهينءَ صديءَ جي هاڪاري انگريز سيلاني سر رچرڊ برٽن به ساڳئي قسم جي راءِ ظاهر ڪئي. هن سنڌ جي ظاهر ۽ باطن جو سير ڪرڻ بعد فتويٰ ڏني ته ”سنڌ هڪ ڏکويل ماٿري آهي.“
سنڌ جي ڏک، ۽ پيڙا جا هونئن ته ڪيئي ڪارڻ آهن، پر مکيه ٻه آهن: پهريون ڪارڻ هي آهي ته سنڌ ۾ جاگيرداري يا زمينداري نظام رائج آهي، جنهن موجب پيداوار جو مکيه ذريعو زمين آهي. زمين فقط هڪ واحد شخص جي قبضي ۾ آهي، نوانوي ماڻهو سندس ٻيلي آهن. اهي جيڪا به محنت ڪن ٿا، ان جو مکيه فائدو اهو هڪ شخص کڻي ٿو. سنڌ جي انهن نواني سيڪڙو پورهيتن جي حالت غلامن واري آهي. هو جسماني لحاظ کان ته غلام نه آهن، پر سندن ۽ غلامن جي زندگيءَ ۾ ڪو گهڻو فرق به ڪونهي سنڌ جي ماڻهن جي پستيءَ ۽ بدحالي جو ٻيو مکيه ڪارڻ پيريءَ مريديءَ جو نظام آهي. ايران، ترڪي ۽ ٻيا اهي ملڪ، جن وٽان سنڌ ۾ پيريءَ مريدي جو طريقو صديون اڳ پهتو هو، سي ڪڏهوڪو انهيءَ ذهني ڪوڙڪيءَ مان پاڻ ڇڏائي ويا. چون ٿا ته جديد ترڪيءَ جي باني، مصطفيٰ ڪمال جي مقبري تي ڪتبو لڳل آهي ته ”انسان جو حقيقي مرشد سائنس ۽ ٽيڪنالاجي آهي.“ بدقسمتيءَ سان سنڌ جي مسڪين ماڻهو جو ذهن اڃا تائين پيرن جي مٺ ۾ آهي. رچرڊ برٽن لکيو آهي ته ”ايشيا ۾ ڪو به علائقو ائين پيرن جي چنبي ۾ نه آهي جيئن سنڌ.“
جنهن معاشري ۾ ماڻهوءَ جو جسم ۽ ذهن ٻئي غلام هوندا، انهيءَ معاشري ۾ ڀلا ڪهڙي ترقي ۽ سڌارو ٿيندو؟ اهو ئي سبب آهي، جو ويهينءَ صديقءَ ۾، جڏهن انسان، سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي رهبريءَ هيٺ، چنڊ تي وڃي قدم رکيو آهي، تڏهن سنڌ هن ڌرتيءَ تي هڪ اونداهي ٻيٽ وانگر بيٺي آهي، جنهن جا رهاڪو وڃايل واٽ وارن مسافرن وانگر پريشان ۽ سرگردان آهن.
غلام محمد گراميءَ ويهين صديءَ جي وائل ۾، انهيءَ سنڌي معاشري ۾ اکيون کوليون. هو ميهڙ ۾ هڪ غريب گهر ۾ پيدا ٿيو. مڪتبن ۾ پڙهيو، ملن ۽ مولوين کان تربيت ورتائين. جڏهن وڏو ٿيو ته غم روزگار جي لذت سان آشنا ٿيو. قدرت کيس روشن دماغ ۽ حساس دل جي نعمتن سان نوازيو هو. جيڪي شخص گرامي صاحب جي قريب رهي چڪا آهن، تن کي معلوم آهي ته هو صاحب فڪر هو. ”انسان جو هن ڌرتيءَ تي وجود“، ”انسان جو هن ڪائنات ۾ مقام“، ”انساني زندگي جو مقصد“ __ سندس سوچ ويچار جا مکيه موضوع هئا، کيس انهن عنوانن تي ڳالهه ٻڌڻ ۽ ڳالهه ڪرڻ جو شوق هو.
منهنجي گرامي صاحب سان واقفيت به هڪ اهڙيءَ ئي مجلس ۾ ٿي. ويهه _ پنجويهه ورهيه اڳ جي ڳالهه آهي، آءُ سنه 1953ع ڌاران نوشهرفيروز جي مدرسي هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪري، حيدرآباد جي ڦليليءَ واري گورنمينٽ ڪاليج ۾ داخل ٿيو هوس. تنوير عباسي منهنجو هم ڪلاسي هو. حيدرآباد جي صدر ۾ سندس گهر هو، جتي روزانو رات جو اسان ڪاليج جا ڪتاب گڏ پڙهندا هئاسين ۽ جڏهن ٿڪبا هئاسين، تڏهن سندس گهرجي ڀرسان ”ڪراچي هوٽل“ تي چانهه پيئڻ ويندا هئاسين. تن ڏينهن ۾ ڪراچي هوٽل حيدرآباد جي پڙهيل لکيل ماڻهن جي بيٺڪ هوندي هئي. رات جو دير دير تائين هتي هُتي انهن جي ميزن جي چوڌاري ماڻهن جا ٽولا ڪچهريون ڪندا رهندا هئا.
گرامي صاحب ۽ سندس دوستن جو هڪ گروهه به ڪراچي هوٽل جي هڪ ڪنڊ ۾، گول پٿر جي ميز جي چوڌاري، روزانو پنهنجو ديرو دمائيندو هو. گرامي صاحب، مرحوم سرائي اميد علي، چاچو ايوب، يوسف سرحدي، ڏنل شاهه ۽ شيخ علي محمد انهيءَ گروپ جا مکيه ميمبر هوندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ڪراچي هوٽل جو (مرحوم) مالڪ ۽ ڪي ٻيا شخص به ان ڪچهريءَ ۾ اچي شريڪ ٿيندا هئا. اُتي هڪ اهڙي ڪچهريءَ ۾ منهنجي ۽ تنوير جي گرامي صاحب سان واقفيت ٿي. انهيءَ زماني ۾ شايد گرامي صاحب ٽريننگ ڪاليج ۾ اساد هوندو هو، جتي ڊاڪٽر جعفري پرنسپال هو ۽ جويو صاحب وائيس پرنسپال. جويو صاحب بعد ۾ جڏهن سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪرٽري ٿيو، ته گرامي صاحب کي به پاڻ سان وٺي ويو. 1957ع ۾ آءُ بورڊ ۾ اسسٽنٽ سيڪريٽري مقرر ٿيس ته گرامي صاحب سماهي ”مهراڻ“ رسالي جو مئنيجنگ ايڊيٽر هو. اسان جي مهيني ماسي ملاقات ٿيندي رهندي هئي. بورڊ جي مکيه آفيس ڪراچيءَ ۾ هئي. 1962ع ۾ جويو صاحب اسان کي ڇڏي، سرڪاري نوڪريءَ ۾ پنهنجي اصلوڪي تعليم کاتي ۾ واپس هليو ويو ۽ بورڊ جي آفيس ڪراچيءَ مان حيدرآباد کڄي آئي. پوءِ ته گرامي صاحب ۽ مان رات ڏينهن گڏ هئاسين. بورڊ تڪڙيون تڪڙيون انتظامي تبديليون ٿيون. نوان نوان سيڪريٽري آيا، اول مرحوم عثمان علي انصاري اعزازي سيڪريٽري ٿي آيو؛ ان کان پوءِ جناب شاهه محمد شاهه آيو، تنهن کانپوءِ ڪجهه وقت مرحوم ميران محمد شاهه هو. دوباره جويو صاحب آيو، جنهن کان وري ڊاڪٽر اسد الله شاهه حسينيءَ چارج ورتي. اهو سڄو وقت 1962ع کان وٺي ويندي 1972ع تائين بورڊ ۾ سيڪريٽرين جي تبادلي ۽ ٻين سبب ڪري گهڻائي اندورني انقلاب آيا، جن کي مون ۽ گرامي صاحب گڏجي منهن ڏنو.
انهيءَ ئي زماني ۾ سنڌ جي سياسي آسمان تي ڪارا ڪڪر ڇانيل هئا. ون يونٽ قائم ٿي چڪو هو ۽ ملڪ تي ايوب خاص قابض هو. سنڌي ڪلچر، سنڌي ٻولي، سنڌي ادب، سنڌي تهذيب ۽ سنڌي ثقافت جي نالي سان جيڪا به شيءَ منسوب آهي، سا سرڪار جي نظر ۾ معيوب هئي. هوڏانهن اسان هڪ اهڙي اداري سان وابسته هئاسين، جنهن جو ڪم ئي هو سنڌ ۽ سنڌ ڪلچر جو پرچار ڪرڻ، ان ڪري اسان کي نهايت ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پيا. اهڙو وقت به آيو، جو سرڪار جو هڪ حڪم نڪتو ته جيڪي ماڻهو لفافن ۽ ڪارڊن جي ايڊريس ۾ ”سنڌ“ لفظ لکندا، سي قانونيءَ طرح سزا جا مستحق ٿنيدا. اهڙي دوري ۾ سنڌ جي تاريخ ۽ تمدن جا ڪتاب ڇپائڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم هو. پر سنڌي ادبي بورڊ جو ته ڪم ئي اهو هو. سو، اسان سخت اڻاوا ڏينهن ڏٺا.
چوندا آهن ته مصيبت سدائين ٻارين ٻچين ايندي آهي. سو بدقسمتيءَ سان عين انهيءَ وقت سنڌ ۾ اديبن ۽ شاعرن اندر ون يونٽ پسند ٽولو ساماڻو، جنهن اهو ڪم پنهنجي مٿي تي کنيو ته سرڪار جو مخبر ٿي، انهن سنڌي ادبين ۽ شاعرن خلاف پڪاري، جيڪي ون يونٽ جي خلاف ڳالهائين، ۽ سنڌ دوستيءَ جو دم ڀرين. ون يونٽ پسند اديبن سنڌ دوست اديبن خلاف جلسا جلوس ڪيا ۽ اخبارن ۾ صفحن جا صفحا ڪارا ڪيا.
کين اندر ۾ ککندو ته هوندو ته هي ڪم ڪڌو آهي. سو سنڌ جي ماڻهن کي ٺڳڻ لاءِ مذهب جي اوٽ ورتائون ۽ نعرو هنيائون ته اسلام خطري ۾ آهي. حالانڪه خود سندن ذاتي زندگي اسلامي تعليم موجب ڪانه هئي. منجهانئن گهڻا تڻا ته رڳو نالي جا مسلمان هئا. پر چوندا آهن ته سياست ۽ ڊپلوميسي ٺڳيءَ جو ٻيو نالو آهي.
مولانا گراميءَ جي خلاف سڄي سنڌ ۾ مهم شروع ڪئي وئي. سندس خلاف فتوائون ڏنيون ويون ته ڪافر ۽ ملحد آهي. ستت هڪ سياسي جماعت ٺهراءُ پاس ڪيو ته ”سنڌي ادبي بورڊ ۾ مولانا گراميءَ جهڙن ڪافرن ۽ ملحدن جو گروهه آهي، جيڪو ون يونٽ جو دشمن آهي، تنهنڪري حڪومت ان جي خلاف قدم کڻي.“ اڳتي هلي انهيءَ معاملي وڌيڪ سنگين صورت اختيار ڪئي. سنڌ جي هڪ بزرگ شخص اهو ڏسي چيو ته ”سنڌ جا سياستدان پاڻ ۾ وڙهيا ته ون يونٽ قائم ٿيو هاڻي اديب وڙهيا آهن، شل خدا خير ڪري!“.
اهو جهاد ايوب خان جي زوال تائين هلندو رهيو، تان جو حق جي فتح ٿي ۽ ون يونٽ ٽٽو. تڏهن مس مس وڃي گرامي صاحب ۽ اسان جي ون يونٽ پسند سنڌي اديبن مان جند ڇٽي. حق ۽ ناحق جي انهيءَ جهاد ۾ گرامي صاحب ۽ اسان ڪلهوڪلهي سان ملائي گڏ وڙهياسين. جيڪي دوست ۽ ساٿي مشڪلاتن ۾ هڪٻئي سان گڏ رهندا آهن. تن کي هڪٻئي جون ڳالهيون ڪونه وسرنديون آهن. چنانچ ڏک جي هر گهڙي اڄ به منهنجين اکين جي سامهون آهي ته هن مجلس ۾ هيئن گڏ هئاسين، هن هنڌ هيئن گڏجي ڪم ڪيوسين، ۽ هن معاملي کي هيئن منهن ڏنوسين. ون يوٽ جي پوين ڏينهن ۾ سنڌي اديبن جو وري ٻيو هڪ ٽولو ساماڻو جنهن سنڌيت بدران جنسيات جي ڳالهه ڪئي. اڳتي هلي اڃا به ڪ ٽيون ٽولو ساماڻو جنهن وري سنڌيت بدران انانيت جي ڳالهه ڪئي. جڏهن ڏٺائون ته اهي سڀ ڳالهيون هلي نٿيون سگهن تڏهن چولا مٽائي وڏا سنڌ دوست بنجي ويا ۽ حقيقي سنڌ دوست اديبن کي رجعت پسند ڪوٺڻ لڳا. سندن رنگ ڏسي، ڀلاري ڀٽائي جو بيت ياد ايندو هو:

اڇو پاڻي لڙ ٿيو ڪالوڙيون ڪنگن،
ايندي لڄ مرن تنهن سر مٿي هنجڙا.

جڏهن ون يونٽ جو دور گذري ويو، تڏهن گرامي صاحب ۽ مان پراڻيون يادگيريون تازيون ڪندا هئاسين. جڏهن ڊاڪٽر حسيني بورڊ ۾ سيڪريٽري ٿي آيو، تڏهن ته اسان جون ڊگهيون ڊگهيون ڪچهريون ٿينديون هيون. ڊاڪٽر حسيني جي وڃن کان پوءِ جڏهن مان سيڪريٽري ٿيس، تڏهن به اهو سلسلو قائم رهيو. اسان پهرن جا پهر روح رهاڻ ڪندا هئاسون؛ انهن ڪچهريون جي ڳالهين مان مون اهو تجزيو ڪيو ته گرامي صاحب بنيادي طرح سخت مذهبي ماڻهو هو. تصوف ۽ روحانيت سان سان سندس روح واسيل هو. ان کان علاوه هو صحيح معنيٰ ۾ سنڌ جو عاشق هو، ۽ سنڌ جي عظمت جو ثنا خوان هو. پراڻي جڳ جا مذهبي ماڻهو، جن انگريزن جي خلاف آزادي جي تحريڪ ۾ حصو ورتو هو، خاص ڪري مولانا ابوالڪلام آزاد ۽ مولانا عبيدالله سنڌي، سي گرامي صاحب جي دل کي ويجها هئا. مولانا سنڌيءَ سان ته هن کي بيحد عقيدت ۽ محبت هوندي هئي ۽ پاڻ کي روحاني طرح مولانا سنڌيءَ جي مڪتب فڪر سان ملحق سمجهندو هو ۽ نشست برخاست ۽ آداب اطوار ۾ مولانا سنڌي ۽ مولانا آزاد جو طور طريقو اختيار ڪندو هو.
گرامي صاحب پنهنجيءَ نجيءَ زندگيءَ ۾ بيحد دلچسپ ماڻهو هو. خوش مزاج، ڪچهريءَ جو ڪوڏيو ۽ مجلس جو مور. جنهن مجلس ۾ هوندو هو، اتي رنگ لايو ويٺو هوندو هو. وڏو زيرڪ ۽ ڏاهو ماڻهو هو. سندس طبيعت جي خلاف ڪا ڳالهه هوندي هئي ته ڪوشش ڪندو هو ته ان کي کل خوشيءَ ۾ درگذر ڪري ڇڏي. بنيادي طرح سان جيڪا ڳالهه سندس پوريءَ زندگيءَ ۽ شخصيت تي حاوي رهي، سا هيءَ هئي ته هو مسڪين ماڻهو هو، ان ڪري هن جون تمنائون، حسرتون ۽ اميدون سڀ مسڪينيءَ ۽ مجبوريءَ جي طابع هونديون هيون. ان ڪري آءٌ گرامي صاحب جو اهو وڏي ۾ وڏو ڪمال ٿو سمجهان ته هن بي انتها مسڪينيءَ جي باوجود پنهنجي سڄي ڄمار هڪ شانائتي نهج ۽ طريقي سان گذاري. هن علم سان محبت ڪئي، ادب سان دل لاتي ۽ جيئن هڪ سچي پچي عالم جي شايان شان هوندو آهي، تيئن انهن ڳالهين ۾ ڀرپور دلچسپي ورتي. هر ماڻهوءَ کي سٺي لٽي پائڻ ۽ عيش آرام جي تمنا ٿئي ٿي. لازمي طرح، گراميءَ صاحب غريب وٽ ڪڏهن ايترو پئسو ڪونه ٿيو، جو سياري ۾ ڪو گرم ڪپڙو وٺي يا رڳو هڪ نئون ڪوٽ سبائي سگهي. هر سال جڏهن سيارو ايندو هو، ته پاڻ حيدرآباد جي بزار مان ولائتي نيلامي ڪوٽ خريد ڪري وقت ٽپائيندو هو. گهر ۾سندس رهڻ جو جدا ڪمرو هوندو هو، ان ۾ هڪ پراڻو مٽ رکيو هوندو هو. اهو ايترو پراڻو هو، جيتري گرامي صاحب جي عمر. پاڻ سڄي عمر ان مٽ مان پاڻي پيتائين. مون ڪڏهن ڪونه ڏٺو ته هن سانوڻ جي مند ۾ اهو مٽ اڇلائي، نئون ڪورو مٽ وٺي، ٿڌي پاڻيءَ جي لذت ورتي هجي. جنهن جاءِ ۾ سندس رهائش هئي، سا کيس هالن جي مخدوم صاحب جي مهربانيءَ سان ملي هئي، سڄيءَ عمر ۾ کيس ڪڏهن به اها سگهه ڪانه ٿي سگهي، جو پنهنجي ڪمري ۾ ڪتابن رکڻ لاءِ ڪي چڱا ڪٻاٽ خريد ڪري سگهي. ڀتين تي ڪوڪا هڻائي، ڪاٺ جا تختا رکي، انهن جي مٿان ڪتاب، رسالا ۽ اخبارون ڍڳ ڪندو ويندو هو. هو صحيح معنيٰ ۾ مسڪين ماڻهو هو ۽ مسڪيني حال ۾ پوري زندگي گذاريائين. ريڊيو تان تقريرن جي معاوضي طور يا ڪڏهن ڪنهن ڪتاب لکڻ مان يا ڪنهن دوست احباب وٽان، جيڪڏهن کيس چار پئسا ملندا هئا، ته اهي ٻچن ٻارن جي ضرورت تي صرف ڪندو هو، يا وري ڪتابن ۽ رسالن جي خريداريءَ تي، کيس راڳ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. مون سان جيڪي سندس ڪچهريون ٿينديون هيون، تن ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ راڳ جي موضوع تي ڳالهائيندو هو. سنڌ جي اڳوڻن گوين ۽ ڀڳتن جي گائڪيءَ جي باري ۾ پهرن جا پهر ڳالهائيندو هو. کيس راڳ سان گڏ کاڌي جو شوق به هوندو هو. انهيءَ باري ۾ سندس يار دوست کيس گهڻو پٽائيندا هئا. سندس کاڌي کائڻ جا ڪيئي نقل نظير آهن، پر سڀ کان عمدا يا جناب مخدوم صاحب جن کان ٻڌي سگهبا، يا مرحوم نواب نور احمد لغاري ٻڌائيندو هو.
غريب ماڻهوءَ جي زندگي پٽ کوهه ۾ گذري ٿي. پر جيڏي پٽ کوهه سنڌي اديب کي ڪرڻي پوي ٿي، اوتري آءٌ ڀانيان ٿو ته مشڪل سان ٻين ٻولين جي اديبن کي ڪرڻي پوندي هوندي. پر انهيءَ ساريءَ پٽ کوهه جي باوجود گرامي صاحب هر ڪنهن سان ياري نڀائي، ۽ سڀ کان وڌيڪ سنڌي علم ۽ ادب سان نڀائي. جنهن ڏينهن پاڻ وفات ڪيائين، ان جي گذريل رات آڌيءَ تائين رسالي ”مهراڻ“ جا پروف پڙهيائين، جي ناشاد سان گڏ پنهنجيءَ جاءِ تي ڏٺا هئائين. پوءِ پنهنجن دوستن سان گڏ وڃي هڪ هوٽل تي ويٺو، جتي ڪباب جي چهر ۽ ڪچهري هلندي رهي. رات جو دير دير سان دستور موجب پنهنجي گهر پهتو ۽ ڪمري ۾ وڃي سمهي رهيو. صبح جو سنڌي ادبي بورڊ جي اسٽاف جا ماڻهو دستور موجب گاڏي ڪاهي وٽس ويا، جن سان گڏ آفيس هلڻ لاءِ تيار ٿي ويٺو. پر ارادو بدلائي ساڻن شڪايت ڪيائين ته پيٽ ۾ ٿورو سور آهي، سو اوهان هلو ته آءٌ پٺيان اچان ٿو. پنهنجي پٽيوالي کي البت روڪي ڇڏيائين. اسٽاف جا ماڻهو هليا ويا. پٽيوالي کي پنهنجيءَ ڪنهن تقرير جي چيڪ وٺڻ لاءِ ريڊيو تي موڪليائين. پاڻ سوڍا جي بوتل پي ۽ ننڊ جي دوا کائي ليٽي پيو. ڪجهه دير کان پوءِ پٽيوالو اچي ڏسي ته ڪمري جي اڳيان صحن ۾ گرامي صاحب پٽ تي ڪريو پيو آهي. کيس کڻي کٽ تي سمهاريائين ۽ ڊوڙي وڃي پاڙي مان ڊاڪٽر کي وٺي آيو، جنهن چيوته شيءِ مالڪن کي پهچي ويئي.
ان کان ٻه ڏهاڙا اڳ منهنجي ساڻس بورڊ جي آفيس اڳيان ملاقات ٿي هئي. منهنجي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پرو وائيس چانسلر مقرر ٿيڻ بابت پهرن جا پهر مون سان گفتگو ڪندو رهندو هو: ”تون يونيورسٽيءَ ۾ وڃين ٿو، هتي بورڊ ۾ پيٺيان ڪم ڪيئن هلندو، وغير وغيره“. يونيورسٽيءَ ۾ گهڻي ڪم سبب آءٌ صبح جو سوير اوڏانهن هليو ويندو هوس ۽ ٻه اڍائي بجي بورڊ ۾ موٽي ايندو هوس، ان ڪري پوين ڏينهن ۾ اسان کي دلجمعيءَ سان ڪچهري ڪرڻ جو موقعو نه مليو. جنهن ڏينهن گرامي صاحب هي جهان ڇڏيو، انهيءَ جي اڳين ڏهاڙي تي صبح جو آءٌ بورڊ جي آفيس ۾ ٿورو ڪم ڪار لاهي، يونيورسٽي وڃڻ وارو هئس ته ايتري ۾ شهر مان بورڊ جي اسٽاف گاڏي آئي ۽ سڀ کان اول گرامي صاحب هيٺ لٿو. ڀاڪر پائي چيائين:” ادا، ڪاڏي ٿو وڃين؟“ مون چيو ته ” يونيورسٽي ٿو وڃيان.“ ڏک مان چيائين ” گهڻا ڏينهن ٿي ويا آهن. پاڻ ڪچهري ئي ڪانه ڪئي آ. توکي يونيورسٽيءَ جي پٽ کوهه لڳي پئي آهي. اُتي تو وٽ منهنجو اچڻ ڪونه ٿو ٿئي“. مون چيو ”آءٌ اڄ يارهين ساڍي يارهين ڌاران ڪم ختم ڪري موٽي اچان ٿو، پوءِ پاڻ ڪچهري ڪريون ٿا.“ قسمت ۾ اها ڪچهري لکيل ڪانه هئي. ٻئي ڏينهن فون تي مون کي اطلاع مليوته جوڳيءَ جوءِ ڇڏي ويا.
خبر ٻڌي زمين پيرن هيٺان نڪري ويئي! انهيءَ مهل مان يونيورسٽيءَ واري آفيس ۾ ويٺو هوس _ اداس اداس، زخمي دل ۽ ڀنل اکڙين سارو ڏينهن گذاري، شام جو گرامي صاحب جي رهائشگاهه تي پهتس ته دوستن کي هڪ مسئلي ۾ منجهيل ڏٺم. عام رايو هو ته گرامي صاحب کي سنڌ جي هر دلعزيز بادشاهه غلام شاهه ڪلهوڙي جي اوسي پاسي ۾ قبر جي جاءِ ملي. پر محڪمه آثار قديمه وارن کي ان ڳالهه تي اعتراض هو. مان اها صورتحال ڏسي شيخ علي محمد صاحب کي ساڻ ڪري حيدرآباد جي ڊپٽي ڪمشنر وٽ هليو ويس. هن اسان جي ڳالهه ٻڌي، هر طرح جي مدد جو يقين ڏياريو ۽ چيو ته اوهان همت ڪري، غلام شاهه جي مقبري جي اوسي پاسي مناسب هنڌ تي گرامي صاحب جي آخري آرام گاهه جو انتظام ڪيو. ڪنهن جي به پرواهه نه ڪيو. مان ويٺو آهيان. چنانچ اسان آثار قديمه وارن کي نظر انداز ڪري، گرامي صاحب لاءِ غلام شاهه جي پاسي ۾ جاءِ ڳولي ورتي، جتي هو هاڻي ابدي آرام ۾ آهي. مهينو ماسو گذريو ته سندس نينگر شبير پير ڀري آيو ته ”چاچا مون کي پوليس يا آبڪاريءَ ۾ سب انسپيڪٽري وٺي ڏي.“ اها ڳالهه منهنجي وس ۾ ڪانه هئي. ادبي بورڊ ڇڏي، اڪيڊمي آف ليٽرس اسلام آباد ۾ آيس ته پهريون ڪم اهو ڪيم ته گرامي صاحب جي اهليه محترمه لاءِ ماهوار ادبي پينشن منظور ڪرايم. اها هاڻي غمزده خاندان کي ٿوري گهڻي ڪم ايندي هوندي. پر گرامي صاحب جو فرزند شبير غالباً اڃا تائين بيروزگار ويٺو آهي. سنڌ ۾ اڄڪلهه وڏي لهر آهي. پر دعا آهي ته خدا اهو ڏينهن به آڻي، جڏهن سنڌي پنهنجن محسنن کي سڃاڻڻ ۽ ياد ڪرڻ جي پاڻ ۾ شناس پيدا ڪن ۽ گرامي صاحب جهڙن گوهرن جي ٻچڙن جي سارسنڀال لهي.

مولانا عبدالواحد سنڌي

مولوي صاحب ذات جو انڊهڙ هو ۽ غريب گهر جو ٻار هو. پني عاقل جي پاسي جو ويٺل هو. پر الائي ڪيئن ننڍي هوندي ڌڪي ڌوڻي دهليءَ وڃي پهتو. ”هنوز دهلي دور است“ وارو محاورو، سندس معاملي ۾ بي معنيٰ ثابت ٿيو. بخت ڀلو هئس سو دهليءَ ۾ ٺڳن جي ور چڙهڻ بدران ڊاڪٽر ذڪر حسين جهڙي نيڪ انسان جو پاڇو پيس. سڄي عمر سندس ٿڌيءَ ڇانو هيٺ گذاريائين.
چون ٿا ته ڪنهن سنگتراش کان پڇائون ته پٿر مان تو هئڙو سهڻو صنم ڪيئن پيدا ڪيو؟
جواب ڏنائين ته اهو ته اڳيئي منجهس موجود هو. مون رڳو مترڪي سان غير ضروري پٿر هٽايا ته اندران ازخود نڪري نروار ٿيو.
ڊاڪٽر ذاڪر حسين به مولوي صاحب جي مٿي تي ٻاجهه جو هٿ رکي، تهذيب ۽ تاديب وسيلي، سون کان سچو انسان سندس اندر مان ڪڍي ٻاهر آندو. پوءِ زماني جون ٿڌيون ڪوسيون هوائون، جهڪون ۽ جهولا ۽ زماني جا لوڏا توڙي ملڪن جا ورهاڱا، مولوي صاحب جي قلب تي ڪس چاڙهي ڪونه سگهيا. مرڻ گهڙي تائين ابهم ٻار وانگر معصوم رهيو.
مون کي پاڻ ئي ڳولي لڌائين. سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ منهنجي افساني کي پهريون نمبر انعام ڏنو. اهو ٻڌي مولوي صاحب مون کي ميٺا رام هاسٽل ۾ ڳولي لڌو ۽ نئين زندگيءَ لاءِ افسانو گهريائين. اول ته ساڻس ملي اعتبار ئي ڪونه آيو ته عبدالواحد ”سنڌي“ هن شخصي جو نالو آهي. ڪاڏي سنڌي ۽ ڪاڏي شيرواني ۽ پاجامو! پوءِ پتو پيم ته سندس اندر ۾ جيڪو سنڌي هو، سو گهڻن انهن اڪابرن ۽ دانشورن کان وڌيڪ ايمان وارو انسان هو، جيڪي فئشن خاطر يا فوٽو ڪڍائڻ مهل اجرڪ ويڙهيندا آهن.
مولوي صاحب مون کان رڳو نئين زندگيءَ لاءِ افسانا ڪونه ورتا، پر سنڌ سرڪار جي نوڪري ڇڏرائي، پاڻ وٽ نئين زندگيءَ جي آفيس ۾ ملازمت وٺي ڏني. پوڻا ٻه سال گڏجي ڪم ڪيوسون. جڏهن سنڌي ادبي بورڊ وارن ڇڪيو ۽ کانئس موڪل گهريم ته اجازت ته ڏنائين، پر دل مان ڪونه ڪڍيائين، بلڪ دل ۾ منهنجي لاءِ هڪ مستقل گهرڙو ٺاهي ان کي ٻاهران منهنجي نالي جي تختي هڻي ڇڏيائين. ٻين سان اديبانه تعلق رکيائين، مون کي پنهنجو محرم راز منتخب ڪيائين.
سندس دل تي هڪ بار اِهو هو ته سندس نياڻيون سنڌي گهرن ۾ وڃن. ڊاڪٽر ذاڪر حسين کيس دهليءَ ۾ رڳو پڙهائي روزگار سان ڪونه لاتو هو. سندس شادي ڪرائي، گهرڙو به آباد ڪري ڏنو هئائينس. ڊاڪٽر ذاڪر حسين جهڙن انسانن جو ڪيميا اثر نظرون، جڏهن ڪنهن خوشنصيب تي پونديون هيون ته ڄڻ مٿس هماء پکيءَ جو پاڇو پيو.
کهين جا بار ڪي اعليٰ شخيصتون کڻنديون آهن. تاريخ جي هر دور ۾، هر ڊاڪٽر ذاڪر حسين، پنهنجي قول کان وڌيڪ پنهنجي فعل سان، ڏکويل انسانذات جي خدمت ڪندو آهي. پر، گاسليٽي ڪامريڊ ته غريب کي مٺن لفظن ۾ موهي، ماڳهين سندس جهڳو ڍيري ڪندا آهن. شاهه ڀٽائيءَ اهڙن ئي ٽپتالي ماڻهن لاءِ چيو آهي:

اندر ڪارو ڪانءُ
ٻاهر ٻولي هنج جي.

سو، مون ڳالهه ٿي ڪئي ته دهليءَ ۾ ڊاڪٽر ذاڪر حسين مولوي صاحب جي شادي به ڪرائي هئي. مائي صاحبه مان مولوي صاحب کي پٽڙا به ٿيا ۽ نياڻيون به. پٽ ته دهليءَ ۽ ڪراچيءَ ۾ ڄاوا نپنا، سو سنڌي رنگ ۾ رنڱجي ڪونه سگهيا، پر نياڻين جي وڏي ڳڻتي هئس. پير صاحب (سائين حسام الدين راشدي) ۽ مون سان اهو سور سليائين. سندس صلاح سان مون هڪ سنڌي ترقي پسند اديب سان ڳالهه ڇيڙي. کيس پنهنجي پڦاٽ ماروٽ لاءِ سڱ کپندو هو. مولوي صاحب جون نياڻيون، ايم اي ۽ ايم ايس سي پاس ڪري ويٺيون هيون، شڪل شباهت ۾ بلڪل ٺيڪ ٺاڪ. مون واري يار ۽ سنڌ جي انهيءَ عظيم ترقي پسند دانشور مولوي صاحب جو نالو ٻڌڻ شرط چيو، ”لوئر مڊل ڪلاس.“
مان ته اهي اکر ٻڌي اصل وسامي ويس. هي اهيئي ماڻهو هئا، جيڪي مساوات ۽ سماجي انصاف جون ڳالهيون ڪندا هئا ۽ پنهنجن تحريرن وسيلي خدا جي خلق کي وڏا وڏا واعظ ڪندا هئا.

مولوي صاحب سنڌ ۾ مهاجر ٿي موٽيو هو. پاڪستان نئون نئون ٺهيو هو. سرڪار نامدار، مهاجرن ۽ مقامي ماڻهن ۾ مفاهمت پئدا ڪرڻ ۽ خير سگاليءَ جي جذبن کي وڌائڻ لاءِ، هڪ بليٽن جاري ڪئي هئي ۽ ان کي نوزائيده ملڪ جي نسبت سان ”نئين زندگي“ نالو ڏنو هو. مولوي صاحب کي روزگار کپندو هو. دهليءَ جي ڪنهن واقفڪار کيس ان بليٽن جو ايڊيٽر مقرر ڪرايو. ظاهر آهي دهليءَ ۾ عمر ڀر مولوي صاحب جو سنڌي ڳالهائڻ، لکڻ ۽ پڙهڻ سان ڪو واسطو ئي ڪونه پيو هو. پر ڀٽائي چيو ته آهي :

”سڪندين کي سيد چوي، ڪين جهليندو جهنگ“

مولوي صاحب رات ڏينهن محنت ڪري ان بليٽن کي سنڌي زبان جو شاهڪار ادبي رسالو بڻائي ڇڏيو.
مون رسالي جي آفيس ۾ ملازمت دوران ان حقيقت جو مشاهدو ڪيو ته اها ڪا سولي ڳالهه ڪانه هئي. پر، اعليٰ آفيسر مولوي صاحب جي اخلاق کان متاثر ٿي، سندس جائز ناجائز مطالبي اڳيان نهڪر ڪونه ڪندا هئا ۽ هيٺئين درجي وارن ملازمن مان ڪم ڪڍڻ لاءِ مولوي صاحب ٻيو طريقو اختيار ڪندو هو. مثلاً رسالو ڇپجي آيو. ٻيو ڪو ايڊيٽر هجي ته چوندو ته”سرڪاري رسالو آهي، اڄ نه ويو ته سڀاڻي خريدارن ڏي ويندو.“ مولوي صاحب کي قرار ڪٿان ٿو اچي! بائينڊنگ سيڪشن ۾ ويندو ۽ سمورن بائينڊرن کي سموسا کارائيندو ۽ چاءِ جا ٻه ٻه ڪوپ پياريندو. نتيجو اهو ته ڊي ايف پي کاتي جا ٻيا اردو، فارسي، انگريزي عربي رسالا اتي ئي ڍير ٿيا پيا هوندا، پر ”نئين زندگي“ رسالو پڇجڻ کان ٽن ڏينهن اندر خريدارن کي پهچي ويندو.
مولوي صاحب ۽ مان ”ماه نو“ ۽ ”نئين زندگي“ جي جنهن آفيس واري ڪمري ۾ گڏجي ڪم ڪندا هئاسين، اتي ”ماه نو“ جا ٻه ڪاتب به اسان سان گڏ وهندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن مولوي صاحب کي مضمونن جا عنوان رسالي لاءِ ڪتابت ڪري ڏيندا هئا. پر اڃا مولوي صاحب کين ڪو ڪم مس چوندو هو ته جواب ۾ فوراً چوندا هئس ته، ”حاضر، پر گهراءِ بدايوني پيڙا.“ آفيس جي ڪئنٽين تي کاڌي جي سڀ کان سٺي ۽ مهانگي شي هوندي هئي بدايون جا کير پيڙا. مولوي صاحب ٽهڪ ڏيئي مون کي چوندو هو، ”زوراور، ڏيو آرڊر، آخر هنن چنڊن مان ڪم ته ڪڍڻو آهي.“
انهن ڪاتبن ۾ هڪڙو ڏاڙهيءَ ڪوڙ هوندو هو ۽ ٻيو ڊگهيءَ ڏاڙهي وارو. ڏاڙهيءَ ڪوڙ جو چوڻ هو ته ”جيڪڏهن سرمد جو ابيچند سان عشق جائز هو، ته پوءِ ايران ۽ سنڌ جي انهيءَ تاريخي روايت کي تازو ڪرڻ لاءِ، مولوي صاحب ساڻس عشق ڇو نٿو ڪري سگهي؟“ مولوي صاحب اها ڳالهه ٻڌي کيس بجا ڏيندو هو. ڏاڙهيءَ وارو ڪاتب ترڪي ٽوپي پائيندو هو، ۽ ڪياڙي کنهندي، مون سان پنهنجي منهن، زالن جي ازدواجي حقن جو ذڪر ڪندو هو. جڏهن مون چيس ته مان شادي شده ناهيان، تڏهن ٻئي ڪنهن سان صلاح ڪيائين. ان کانپوءِ پنهنجي بيگم صاحبه جي ازدواجي حقن جي حفاظت جي جذبي هيٺ، ڪراچيءَ جي امپريس مارڪيٽ مان گوشت جي دوڪانن تان ڪڪڙن جون منڍيون ۽ چنبا ميڙي، پنهنجي گهر کڻي ويندو هو. سندس بيگم صاحبه انهن کي ڌوئي، صاف ڪري، پاڻي جي ديڳڙيءَ ۾ وجهي، هلڪيءَ باهه تي چاڙهي ڇڏيندي هئي. صبح تائين سڄو پاڻي کڄي ويندو هو. ڪاتب صاحب ناشتي بدران، ڪڪڙن جي منڍين ۽ چنبن جي مک مان ڀريل پيالو پي، آفيس ايندو هو ۽ اُتي مولوي صاحب کان موقعي ملڻ شرط بدايوني پيڙا ڪڍندو هو. مولوي صاحب جا پيڙا ته هضم ڪري ويو، پر ڪڪڙين جي منڍين ۽ چنبن ڪيرائي وڌس. اسپتال ۾ داخل ٿيو. ٽن مهينن کان پوءِ ٻاهر نڪتو ڳري ڪنڊا ٿي ويو. ڊاڪٽرن لوڻ ۽ گيهه جي استعمال تي بندش وڌس. مون سان رازداريءَ ۾ ڳالهه ڪيائين ته ”اها پرهيز ته ڏکي ڳالهه ڪانهي. اصل مسئلو بيگم جي ازدواجي حقن جي حفاظت“. مون ۽ مولوي صاحب گهڻو ئي سمجهايس. پر نه مڙيو. وري ڪو نسختو آزمايائين. ان مان جيڪا طاقت حاصل ڪيائين، سان پاڻ سان کڻي عدم جي راهه اختيار ڪيائين. شايد کيس پنهنجي پتيءَ جي حورن جي حقن جي به ڳڻتي هئي.
مان سنڌي ادبي بورڊ ۾ اچڻ کان ستت پوءِ ڪجهه عرصو، مولوي صاحب جي پاڙي ۾، ”شومارڪيٽ“ وٽ ڪرائي جي گهر ۾ ٽڪيس. مولوي صاحب ڀرسان راڻي باغ وٽ رهندو هو. سو، صبح جو مون وٽ ايندو هو ۽ ڪچهري ڪري، پوءِ آفيس ويندو هو. هڪ دفعي ڪچهري ڪندي، مون کان صلاح ورتائين ته ”نئين زندگيءَ کي وڌيڪ مشهور بنائڻ لاءِ سنڌي اديبائن جا ڦوٽو رسالي ۾ ڇاپجن ته ڪيئن ٿيندو؟“ مون چيس ته ”تمام سٺو ڪم ٿيندو.“ پاڻ چيائين ته، ”هونئن ڀلا جيسين سنڌي زالو اڳتي ڪونه وڌنديون، تيسين ڪم ڪيئن هلندو؟“ مون چيوته، ”اصل ڪونه هلندو. آباديءَ جو اڌ حصو مفلوج رهندو. سنڌ کي ترقي وٺائڻي آهي، ته نئين زندگيءَ ۾ اديبائن جا ڦوٽو ضرور شايع ڪجن.“
پير حسام الدين راشدي اسان سڀني جو بزرگ هوندو هو. مولوي صاحب کي ڏاڍو پٽائيندو هو. ملڻ شرط پهريون ڪم اهو ڪندو ته هو مولوي صاحب جي ٿيلهي جي تلاشي وٺندو هو. جيڪو نئون رسالو يا رسالي ۾ تبصري لاءِ ڪو نئون ڪتاب مولوي صاحب وٽ پهچندو هو، سو کڻي وٺندو هو.
حسب عادت هڪ دفعي پير صاحب مولوي صاحب جي ٿيلهي جي تلاشي ورتي ته اندران نوجوان زالن جا ڪيترائي فوٽو نڪتا، پير صاحب دانهن ڪري چيو ته ”اڙي مولوي هي ڇاهي؟“
مولوي صاحب چيس ته، ” ڇا هي وري ڇاهي‘ سرڪار جي پاليسي آهي ته عورتن کي اڳتي ڪيو.“
پير صاحب ڳالهه ٻڌي کل ۾ويڙهجي ويو. مولوي صاحب کي گهڻو ئي ٽوڪيائين، پر مولوي صاحب منهنجي مشوري موجب نئينءَ سرڪاريءَ پاليسيءَ تي ڪاربند رهيو.
هڪ دفعي شو مارڪيٽ واريءَ جاءِ ۾ نئين پاليسيءَ جو جائزو وٺندي، مون کيس عرض ڪيو ته، ”هاڻي ته فلاڻي اديبه جي ڪا تصوير ڇاپيو. مان ته رات ڏينهن بلهي شاهه جي ڪافي ڳائيندو ٿو وتان
”درسن بين اکيان، ترس ڳيان“
چيائين ته،” زوراور، ڇا ڪيان. موڪلي ئي نٿي. ڏاڍا خط لکيا ٿمانس. پر چوي ٿي ته ننڍي لاءِ جي تصوير کڻي ڇاپيو، جڏهن پاڻ اڃا ماءُ جي هنج ۾ هئي.“
ڳالهه ٻڌي مون ٿڌو ساهه ڀريو. مولوي صاحب دم دلاسو ڏنو. ڏاهن جو چوڻ به ياد آيو ته، ”جيئرن جو جهان“ آخر اميد تي ئي قائم آهي.“
ڀٽائي صاحب فرمايو آهي ته:

ماڻهو گهرن مال، آءٌ سڀ ڏينهن گهران سپرين“

مولوي صاحب ۽ مان هميشه انهيءَ اصول تي ڪاربند رهياسين. فرق رڳو اهو هو ته هن پنهنجي زندگي ”نئين زندگي“ لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي. گهر جي سارسنڀال، ٻارن جي تعليم ۽ ٻي اهڙي کشٽ سندس گهر وري جي ذميواري هئي. پاڻ پهرينءَ تاريخ پگهار وڃي سندس تريءَ تي رکندو هو.
مولوي صاحب صبح جو گهران تيار ٿي نڪرندو هو ته وري منهن اونداهي مهل گهر ۾ منهن ڏيکاريندو هو. صبح جو ڏاري جي ڀت سان ناشتو ڪندو هو. پوءِ ڌوتل پاجامو ۽ قميص پائي، مٿان شيرواني ڍڪيندو هو. پيرن ۾ انگريزي بوٽ، ڪڏهن جورابن سان، ڪڏهن بنا جورابن جي. مٿي ۾ جناح ڪئپ، مون کيس نئون لباس ڪڏهن ڪونه ڏٺو. يا ته سبائڻ جي طاقت ڪانه هئس يا شوق ڪونه هئس.
مولوي صاحب تي مولوي هجڻ جو محض الزام هو. اصل ۾ اهو رڳو دهليءَ جو مهاورو هو. ”ڏاڙهي مڇون چٽ، ڀرون شاهه بچايا.“ قد جو ڊگهو، بت جو پورو پنو. سندس صحت جو راز پنڌ ڪرڻ ۾ هو. رڪشا ۾ اصل ڪونه چڙهندو هو. پري پنڌ هوندو هو ته بس ۾ وهندو هو. نه ته گهڻو زور کڙين تي. پري کان روڊ تي ڪو ڊگهو ماڻهو لڏندو لمندو نظر ايندو هو، ۽ سندس هٿ ۾ چمڙي جو ٿيلهو به هوندو هو، ته ڀانئبو هو ته پڪ ئي پڪ مولوي صاحب اچي رهيو آهي، ٿيلهو به ٿيلهن جهڙو هوندو هو، مون ان کي هميشه عمر عياز جي زنبيل سان تشبيهه ڏني. هڪ دفعي صدر ۾ هڪ ڪيمسٽ جي دڪان تي اهو ٿيلهو انگريزي ڪانٽي تي تورايو. پورا پنجويهه پائونڊ ٿيو. اهو ٿيلهو هميشه ٿلهو ٿيندو رهندو هو، ڇو ته مولوي صاحب کي نڪ سامهون جيڪو به سنڌي ڳالهائڻ وارو نظر ايندو هو، ان کان نئين زندگيءَ لاءِ مضمون گهرندو هو. اديب مضمون ۽ افسانا ته ساڻ کڻي ڪونه گهمندا هئا، پر شاعر مٿس اها مهرباني ڪندا هئا ته روڊ جي پاسي سان ئي مولوي صاحب کي ڪاڳر وٺي، ٻه ٽي شعر لکي ڏيندا هئس. مولوي صاحب اهو مواد ٿيلهي ۾ جمع ڪندو ويندو هو. خاص خاص اديبن جي رهائش گاهن تي حاضري ڏيڻ ۽ مضمون يا افساني لاءِ ڏهه ڏهه دفعا پنڌ ڪرڻ کانپوءِ يارهون ڀيرو پنڌ ڪري مضمون يا افسانو حاصل ڪرڻ سندس شيوو هوندو هو. پر جيڪڏهن ڪو شخص معذرت ڪندي چوندو هوس ته مان ته اديب ڪونه آهيان ته يڪدم ٿيلهي مان نئين زندگيءَ جو پرچو ڪڍي کيس ڏيندو هو ۽ چوندو هو، ”زور آور، ته پوءِ لکو نه هونئن ڀلا ڪم ڪيئن هلندو.“
مان جنهن دور جو ذڪر ڪري رهيو آهيان سو سنه 1955ع، 1956ع ۽ 1957ع تي مشتمل آهي. ان زماني ۾ سنڌ جي آسمان تي ون يونٽ جي ڪارن ڪڪرن جا ڪارونڀار هئا. قدرت جا عجب رنگ آهن. عين اونداهيءَ ۽ ڪاري ڪارونڀار ۾ بجلي چمڪندي آهي. تڏهن ته شاهه ڀٽائيءَ فرمايو هو:
”نير منهنجو نينهن، اجاري اڇو ڪيو“

اهو ئي دور سنڌي تخليقي ادب لاءِ سڀ کان سڀاڳو ثابت ٿيو. سنڌ ۾ نئين جاڳرتا اچي ويئي. سنڌي اديبن ۽ شاعرن لکڻ سان حد ڪري ڇڏي. سندس تحريرن کي شايع ڪرڻ ۾ ٻن رسالن پاڻ موکيو: هڪ مهراڻ ٻيو نئين زندگي. پهرئين رسالي جو سهرو محترم محمد ابراهيم جويي جي سر تي سونهين ٿو ۽ ٻئي رسالي لاءِ مبارڪباد جو مستحق مولوي صاحب آهي.
پنهنجي پنهنجي نوع جا ٻيا به رسالا شايع ٿيا. هاڻي نالا وسري ويا آهن، پر ڪي ياد آهن: فردوس، روح ادب، بادل ۽ شاعر. پر مهراڻ ۽ نئين زندگيءَ انهيءَ ڏکئي دور ۾ جيڪا خدمت ڪئي، سان سنڌي ادبي تاريخ جو ”سونهري باب“ آهي.
مهراڻ ۾ منتخب ادب شآيع ٿيندو هو. ان مان سنڌ جي گهوگهاري وارن سڳداسي چانورن جي خوشبوءِ ايندي هئي.
نئين زندگي فقيراڻي گودڙي هئي. خواجه اجمير جي درگاهه جي ديڳ هئي. چانور آيا ته هڻ ديڳ ۾، دل آئي ته هڻ ديڳ ۾، گوشت آيو ته به هڻ ديڳ ۾. طعام تيار ٿيو، ديڳ لٿي ته لنگر چالو ٿيو. غريب پيٽ ڀرڻ لاءِ کائي، امير ثواب خاطر کائي.
سادگي ۽ ڪسر نفسي مولوي صاحب جي مٿي جو تاج هئي. ننڍي کان ننڍي اديب کي وڏي کان وڏو سمجهندو هو. سندس اڳيان پاڻ کي ننڍو ڪندو هو. پر جنهن عالم ۽ اديب سان سندس ٻٽيهه دليون هيون ۽ جنهن لاءِ کيس از حد احترام هو، سو هئو شمس العلماءَ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو.
مولوي صاحب سندس علم ۽ اخلاق جي تعريف ڪندي ڍاپندو ئي ڪو نه هو.
مولوي صاحب کي ڪاوڙ ايندي ئي ڪانه هئي. نه وري بيمار ٿيندو هو يعني جسماني ۽ روحاني طرح فٽ هو. سٺ سالن جو واهه جو هو، پر ٽيهن ورهين وري کان وڌيڪ ڏک ڏيندو هو، اڃا سنڌ ادب جي ڪا خذمت ڪري ها، پر سرڪار جا قانون عمل ۾ آيا. هڪ ڏينهن مولوي صاحب کي عمر جي مقرر حد تي پهچڻ ڪري رٽاير ڪيو ويو. رٽائر ڇا ڪيائين، ڄڻ ته سدنس زندگيءَ جو سج ڪارن ڪڪرن هيٺ اچي ويو، ڇو ته سندس ساهه نئين زندگيءَ ۾ هو. ان جو وڇوڙو سهي ڪونه سگهيو. پاڻ کي گهر ۾ بند ڪيائين. ڪميڻيءَ دنيا کيس تمام ترت وساري ڇڏيو. پاڻ به دنيا کي پٺي ڏيئي ڇڏيائين. زنگيءَ جا باقي بچل سال، مهينا ۽ ڏينهن گوشي نشينيءَ ۾ گذاريائين.
غالباً 1984ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ سنڌالاجي ۽ اڪيڊمي آف ليٽرس جي سهڪار سان حيدرآباد ۾ سنڌي ادبي سيمينار ٿيو. مون علي احمد بروهيءَ سان صلاح ڪئي ته مولوي صاحب کي گهران ڪڍي، اسٽيج تي وهارجي، سندس خدمتن جو اعتراف ڪجي ۽ کيس ڏهاڪو هزارن رپين جي ٿيلهي به پيش ڪجي. بروهيءَ کي ڳالهه وڻي ۽ مون کي همٿايائين. پر سنڌ جهڙي بي قدريءَ سماج ۾ ڏهه هزار رپيا ڪوڙا ڪير ڪري.
خير، حسين شاهه راشدي مولوي صاحب کي ڪراچيءَ مان بستري مان ڪڍي، موٽر ۾ وهاري حيدرآباد پهتو، نياز همايونيءَ ڳالهين ٻولهين ۾ سندس دل ورتي. اسٽيج تي مرڪزي ۽ صوبائي وزيرن کيس اجرڪ ۽ گلن جا هار پارايا. جڏهن کيس تاثرات بيان ڪرڻ لاءِ چيو ويو ته طبيعت جي حجاب ۽ جذبات جي شدت ڪري ڳالهائي ڪونه سگهيو. مون ڏي اشارو ڪري چيائين ته ”رسالو مان ٿورئي ڪڍندو هوس. هو ويٺو آهي.“ مون ته پنهنجن اکين جي ڳوڙهن کي ضابطي ۾ رکيو، پر پاڻ پنهنجن اکين جا ڳوڙها روڪي نه سگهيو. اهو پبلڪ ۾ سندس آخري ديدار هو. جڏهن هي جهان ڇڏيائين ته مان اسلام آباد هوس. سندس هڪ عزيز، منظور انڊهڙ، قرب ڪري فون تي مون کي اسلام آباد اهو اطلاع ڏنو. اسلام آباد ڪڪرن ۽ مينهن جو ملڪ آهي. ان مهل به وڏ ڦڙو وسي رهيو هو. اداس اکين ۽ زخمي دل سان ڏکوئيندڙ خبر ٻڌي، گهر ۾ پنهنجي ڪمري جي دريءَ وٽ وڃي بيٺس. سندس پٽ ۽ نياڻيون ڪڏهوڪر اڏامڪ پکين وانگر، پر ڪري پرديس اڏامي ويا هئا. پنهنجي پاڻ ۾ جهاتي پاتم ۽ پاڻ کي ئي مولوي صاحب جي تعزيت ڏنم. هڪ هڪ ٿي، ماضيءَ جا ڪي نظارا اکين اڳيان آيم.
هڪ دفعي مان ۽ مولوي صاحب شاهه ڀٽائيءَ جي ميلي تي وياسين. رات جو دير سان جڏهن واندا ٿياسين ته بسن جي اڏي تي آياسين. خيرپور جي ممتاز ڪاليج جو پرنسپال ۽ اردو زبان جو ممتاز اديب، پروفيسر قرار حسين ۽ انهيءَ ڪاليج جو استاد ۽ سنڌي زبان جو ممتاز اديب عطا محمد حامي به گڏ هجن. سڀ هالن ۾ حامي صاحب جي هڪ ”مٺڙي دوست“ وٽ ٽڪيل هجون. اهو حامي صاحب جو پنهنجن دوستن لاءِ پيارو محاورو هوندو هو. هيڏي هوڏي سواريءَ لاءِ واجهايوسون. گهر خير آخر پنڌ پياسيون. چانڊوڪي هئي. پنڌ ٿڪايو ته ڪونه، ورندو مزو آيو. چار ئي ڄڻا، ڳالهيون ڪندا، کل ڀوڳ ۾ اچي هالين پهتا سين. اڌ رات وارو اهو پيادل سفر سڄي عمر ڪير به وساري نه سگهيو. حامي صاحب ۽ مولوي صاحب ته عمر جو سفر به پورو ڪري وڃي آرامي ٿيا. ڄڻ ته ڪالهوڪو ڏينهن آهي!
ٻئي دفعي مولوي صاحب هالين ويو ته اڪيلو ويو. کيس نئين زندگيءَ لاءِ مخدوم نوح جي درگاهه جون تصويرون ڪڍائڻيون هيون. ماڻ ساڻس گڏ ڪونه ويس. سرڪار فوٽو گرافر ساڻ هيس. موٽيو ته حال احوال ڏيندي کل ۾ ويڙهجي وڃي. چوي ته ”زورآور، مون چنڊي فوٽو گرافر کي جهليو ته اوليائن جي درگاهن مٿان نه چڙهه. پر چيائين ته ڇت تان به ٻه ٽي تصويرون وٺان. اڃا ٿو مٿي چڙهي ۽ ٿي وٺيس ککر ڏينڀن هڻي سڄائي وڌس.“
تازو ڪنهن چنڊي، مخدوم نوح جي درگاهه کي باهه ڏني. ان کي ته ڪنهن به ڏينڀوءَ ڪونه ڏنگيو. سونهن شايد مولوي صاحب جي نگاهه ۾ هئي!
شو مارڪيٽ ۾ رهندو هوس ته ڪنهن دوست ”رم“ جو شيشو تحفي طور ڏنو. ڪمري ۾ لڪائي رکيم. مولوي صاحب جڏهن صبح جو راڻي باغ وٽ پنهنجي گهر کان ايندو هو ته ٻئي ڄڻا، صبح مرداني، گلاس گلاس پي، مست ٿي، آفيس ويندا هئاسين. اٿڻ مهل مولوي صاحب کلي چوندو هو، ”زورآور، متان ڪنهن کي خبر پئي.“
حسين شاهه صلاح ڪئي ته مولوي صاحب کي ”ڪئبري ڊانس“ ڏيکاريون. ٽڪيٽن جو بندوبست پاڻ ڪيائين. ٽئي گڏجي وياسين ايڪسيلشر نائيٽ ڪلب ۾، جيڪا تڏهن ولائتي ڊانسرن لاءِ مشهور هئي. ترڪيءَ جي ڪا ڊانسر هئي. حسين شاهه اک جو اشارو ڪيس. لڏندي لمندي، نچندي آئي ۽ اچي مولوي صاحب جي هنج ۾ وٺي. پوءِ ته مولوي صاحب جا رنگ ڏسڻ وٽان هجن! جڏهن ڊانسر اٿي ويئي، تڏهن حسين شاهه کي کلي چيائين ته ”زورآور، مارائين ٿو مون کي.“ مون چيو، ”سائين ڇا ٿيو؟“ چيائين ته ”ڇا وري ڇا، شيروانيءَ جي کيسي مان سئو جو نوٽ ڪڍي وئي.“
جڏهن مان ڪراچيءَ مان حيدرآباد آيس ته مون وٽ ڏينهن جا ڏينهن اچي ٽڪندو هو. شام جو سول لائنس جي ٽئين نمبر بنگلي ۾ ڇٻر تي ڪرسيون ڪڍي ويهندا هئاسين. ننڍپڻ جا ذڪر ڪڍندو هو. چوندو هو ته ڏاڍا غريب هوندا هئاسين. اسان جي ڳوٺ ۾ اٺن جا وڳ هوندا هئا. جڏهن جهنگ ڏانهن ويندا هئا، ته سندن گورن کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيندو هوس. ڏاڍي دل هئم ته مان به ڪو اٺ جو گور وٺان. پر قسمت کي ٻيو ڪجهه منظور هو. دهليءَ وڃي نڪتس.
منظور انڊهڙ فون تي ڳالهه ڪئي ته رحلت کان اڳ به مولوي صاحب ڳوٺ کي گهڻو ساريندو هو. ڪراچيءَ جي ڪُنَ ۾ اٻاڻڪو ٿي پيو هو. چوطرف مانگر مڇ! چوندو هو ته مون کي ڪو وطن وٺي هلي.
منظور انڊهڙ شايد سمجهي ڪونه سگهيو ته مولوي صاحب ڪهڙي وطن وڃڻ لاءِ تانگهي رهيو هو. کيس خبر ڪانه هئي ته جاميءَ چيو آهي ته، ”اي دل، هن مجازي محلات ۾ آخر ڪيستائين؟“
منظور انڊهڙ کان اهي ڳالهيون ٻڌي، ڏکن ۾ ويڙهجي ويس. مولوي صاحب کي ڀنل اکين سان، سڪ مان ساري، ڏاڍا سڏڙا ڪيم. پر، ٻاهر سخت مينهن ۽ طوفان هو. شايد واءُ منهنجن واڪن کي اڏائي ڇڏيو. ڪٿان جواب ڪونه مليو.
سنڌ جي شاعر ڪنهن اهڙيءَ ئي ڏکوئيندڙ ڪيفيت ۾ چيو هو:

ماءُ ڏٺي مون ماٺ مڙهين ۾
جوڳي جيڪس ويا جبروت.

امي ماڻهن ۾ مفاهمت پئدا ڪرڻ ۽ خير سگاليءَ جي جذبن کي وڌائڻ لاءِ، هڪ بليٽن جاري ڪئي هئي ۽ ان کي نوزائيده ملڪ جون هيون ته ڄڻ مٿس هماء پکيءَ جو پاڇو پيو.

يس ۾ ملازمت ڪرايم

ٻيڙو فقيرڪنڀر

سنڌ ۾ عيسوي ويهينءَ صديءَ جي پوئين اڌ جي علمي ۽ ادبي مشاهيرن جو جيڪو به تذڪرو لکبو، سو تيسين نامڪمل رهندو، جيسين ان ۾ ٻيڙي فقير جو ذڪر نه ايندو.
مان گذريل ويهه پنجويهه ورهيه سنڌي ادبي دنيا سان وابسته رهڻ جي باوجود، سندس دوستيءَ جو دم ته هڻي ڪونه ٿو سگهان پر ايترو ضرور چئي سگهان ٿو ته مون کي به سندس نياز منديءَ جو شرف حاصل هو.
سنڌ ۾ ڪيتريون ئي ذاتيون ماڻهن جي ڌنڌن ۽ ڪسب موجب آهن، مثلاً واڍا، کٽي، موچي، حجم، لوهر وغيره. ان لحاظ کان ٻيڙو فقير ذات جو ڪنڀر هو، پر ڪنڀرن ۾ ان قبيلي سان تعلق رکندڙ هو، جيڪي پيار ۽ محبت جا ڪوزي گرَ ٿيندا آهن. تاڃي پيٽي سنڌي هو. خالق اڪبر سندس جسم ۽ روح ٻنهي کي سنڌ جي سڳنڌ واسيو هو.
منهن ۾ نيمڪ، اکين ۾ حجاب، چپن تي مرڪ، نگاهن ۾ ساڃهه، اٿڻ ويهڻ ۾ حد درجي جي فضليت، دل ۾ سخاوت، لباس خالص سنڌي سلوار قميص، ۽ مٿي سان پٽڪو، سو به سورنهن آنا سنڌي ڀيرِ تي ٻڌل. ٻين لفظن ۾، ائين چئجي ته ”تن صفا، من صفا“ قولِ محمد مصطفيٰ. اهو حليو خيال ۾ رکبو، ته ٻيڙي فقير جي شبيهه تصور ۾ ايندي.
تماڪ نوشي جي هير هئس. پر ڪڏهن به سگريٽ سندس آڱرين ۾ ڪونه ڏٺم. هميشه سنڌي پن جي ٻيڙي ڇڪيندو هو. مون کي ياد آهي ته هڪ دفعي ڪو سنڌي وڏو ماڻهو هو يا ڪو منهنجو غير ملڪي دوست هو، تنهن ٻيڙي فقير جون لاتعداد تصويرون ڪڍيون. مون جڏهن کانئس سبب پڇيو ته چيائين ته”هن کان وڌيڪ چٽن سنڌي مهاڊن وارو ماڻهو مون اڄ ڏينهن تائين ڪونه ڏٺو آهي.“
سنڌ جو ڪو به شهر يا اهم هنڌ ۽ ماڳ هجي، ٻيڙي فقير ضرور گهميو هوندو ۽ انهيءَ سڄي تر جي علمي ادبي شخصيتن جي کيس خبر چار هوندي. سنڌ جا سگهڙ ته خير سندس گهر جا ڀاتي هئا.
غالباً 1953_1954ع ڌاران سنڌي ادبي بورڊ سنڌي لوڪ ادب کي گڏ ڪرڻ ۽ شايع ڪرڻ جي اسڪيم ٺاهي ان سڪيم جو ڊئريڪٽر هو، سنڌ جو ممتاز عالم، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ.
هونئن ته بورڊ جي ڪيترين ئي ڪتابن لکڻ جو ڪم سندس حوالي هو، پر ٻن مکيه اسڪيمن جو پاڻ ڊئريڪٽر هو، هڪ لوڪ ادب واري اسڪيم ۽ ٻي سنڌي لغات ٺاهڻ واري اسڪيم. هڪڙيءَ اسڪيم جو ڪم اڃا ڪنهن سبب سان مس ڍرو ٿيندو هو، ته ٻيءَ اسڪيم جي ڪم کي تيز ڪري ڇڏيندو هو. واندو نه وهندو هو. انهن ٻنهي اسڪيمن جي سلسلي ۾ علمي ادبي مواد ۽ ماڻهن جي تلاش ۾ سڄي سنڌ جهاڳي وڃي مٿي چڙهيو. ان معاملي ۾ سنڌ ايڏو وڏو ماڻهو نه اڳي ڏٺو نه پوءِ.
هڪ دفعي اسان سنڌ گهمڻ جي خيال کان اهو هنڌ ڏسڻ وياسين، جتي سنڌو درياهه سمنڊ ۾ داخل ٿئي ٿو. ميزبانيءَ جا فرائض حسب دستور جمال ابڙي جي بلي هئا. اول کارو ڇاڻ گهميوسين. اتي رات رهياسين. صبح جو کاري ڇاڻ کان درياهه جي هڪ شاخ ڏيئي، پهريائين ٻيڙيءَ رستي سفر ڪيوسون ۽ پوءِ لانچ ۾ چڙهياسين. سنڌو وڃي ڪيٽي بندر پهتاسين، جيڪڏهن ڀلجان نٿو ته منهنجا پيارا يار تنوير عباسي ۽ رشيد ڀٽي به گڏ هئا.
مون پنهنجي سڄيءَ عمر ۾ جيڪي به سهڻا نظارا ڏٺا آهن، تن ۾ هڪ نظارو ڪيٽي بندر جي شام هئي. ان علائقي ۾ درياهه شاخن ۾ ورهائجي وڃي ٿو. شام جو شفق جا پاڇولا جڏهن پاڻيءَ ۾ پون ٿا، ته قادر جي قدرت جو جمال پنهنجي عروج تي اچي ٿو.
ڪيٽي بندر ۾ اسان سيٺ نور محمد جي اوطاق ۾ ٽڪياسين. رات جومانيءَ کانپوءِ جيڪا محفل ٿي، ان ۾ ڳالهه ٻڌايائون ته اوهان جي آرين پارين فقط ٻه ماڻهو اڳي هت آيا آهن: هڪ پير علي محمد راشدي، جو ڪو زمانو ٿيو ته سياسي سبب سان هت آيو هو، ٻيو ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، جيڪو اوهان وانگر ادبي ذوق وارو ماڻهو هو ۽ سگهڙن جا پيرا کڻندو هت پهتو هو.
پر رڳو ڪيٽي بندر نه، اسان جتي به وياسين، اتي ٻڌايائون ته ڊاڪٽر بلوچ صاحب هت به دعا جا پير گهمائي ويو آهي.
ڊاڪٽر صاحب رڳو لوڪ ادب جو مواد گڏ ڪونه ڪيو، پر ڳوٺن ۾ ادبي سگهڙن کي آڀاريو ۽ اُٿاريو. گويا ٻهراڙيءَ جي ليول تي ادبي سجاڳي آندائين، يا هيئن چئجي ته هڪ تحريڪ پيدا ڪيائين. هنڌ هنڌ لوڪ ادب جون ڪچهريون ٿيڻ لڳيون. سگهڙ ته اڳي به موجود هئا، پر کين تنظيم ۽ تحريڪ جي لڙهيءَ ۾ پوئڻ جو ڪارنامو سنڌ جي لائق ۽ فائق عالم ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سرانجام ڏنو. ستت سگهڙن جي آواز ۽ آلاپ جي ريڊئي تائين رسائي ٿي.
ان زماني ۾ ٽي وي ڪانه هئي. ريڊئي سگهڙن جي ڳالهه کي وڏي هٿي ڏني. لوڪ ادب سان گڏ سنڌ جي لوڪ سنگيت يا موسيقي ۾ به ڄڻ نئين جان پئجي ويئي. اهڙي ريت، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جيڪا Discovery of Sindh ڪئي، ان جي طفيل، ٻيڙو فقير منظرِ عام تي آيو.
سمنڊ جي ڪناري تي هڪ نظارو عام جام ڏسڻ ۾ ايندو آهي. ويرن پٺيان ويرون ڪناري ڏانهن ڌوڪينديون اينديون آهن. پاڻيءَ کي پياسيءَ ڌرتيءَ جهي تلاش آهي يا پياسي ڌرتيءَ جي پڪار پاڻيءَ کي قرار وٺڻ نٿي ڏئي، سو ته خدا کي معلوم. پر قدرتي نظارن ۾، ”محبت ۽ ميلاپ“ جو اهو هڪ عجيب منظر آهي ۽ ان ڳالهه جو مظهر آهي ته ڪائنات جو نظام ”محبت ۽ ڪشش“ تي ٻڌل آهي.
ڪڏهن ڪڏهن اهي ويرون ڪناري سان اچي لڳنديون آهن ته پنهنجيءَ هنج ۾ قسم قسم جا جيت، ننڍڙا پٿر ۽ ڪوڏ به کڻي اينديون آهن. چون ٿا ته خالق جي ڪائنات ۾ ڪي اهڙا سڀاڳا هنڌ به آهن، جتي ان ريت سمنڊ جون ويرون، سپون ۽ سچا موتي آڻي، ڪناري تي اُڇلينديون آهن.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سنڌ ۾ جيڪا ثقافتي تحريڪ آندي، ان اهڙي ئي نموني ۾ ٻيڙي فقير جهڙو املهه ماڻڪ پنهنجيءَ هنج ۾ آندو.
سن ۽ سال مون کي ياد ڪونهي. پر مون سان سندس شناسائي تڏهن ٿي، جڏهن ادبي بورڊ جون آفيسون 1962ع ۾ ڪراچيءَ مان حيدرآباد کڄي آيون.
پهريائين دعا سلام، پوءِ مسڪراهٽ، ان کانپوءِ هڪٻئي سان ڀاڪر پائي ملڻ. ائين هڪٻئي کي ويجها ايندا وياسون.
سندس ٻه دوست هئا، يا هيئن چئجي ته مربي ۽ محسن هئا، جن جي تعريف ڪندي ڍاپندو ئي ڪونه هو: هڪ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ ٻيو محمد اسماعيل نون، جيڪو نوڪريءَ جي لحاظ کان ڊپٽي ڪمشنر هو، پر دل جي خيال کان وڏو ادب پرور انسان هو. ٻيڙو فقير انهن ٻن بزرگن سان سدائين گڏ گهمندو هو.
هڪڙي دفعي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ غالباً ولايت ويو هو، سو، نون صاحب جي مون کي فون آئي. چيائين ته ”رباني بدين جي پاسي فلاڻي هنڌ تي سگهڙن جي ڪچهري رکيل آهي. هونئن ته ڊاڪٽر بلوچ ۽ مان گڏ ويندا آهيون پر هو ٻاهر ويل آهي. سندس جاءِ تي تون منهنجي رفاقت ڪر.“ مون چيو، ”حاضر، اهو ته منهنجي لاءِ اعزاز آهي.“ ٻئي ڏينهن جڏهن مقرر هنڌ تي ملياسين ته جيپ ۾ ساڻس گڏ ٻيڙو فقير به ويٺل هو. ٻيا به هڪ ٻه دوست هئا، سفر گڏ ڪيوسون. ڪچهريون ڪندا، بدين پهتاسون. رات جو دير دير تائين ڪچهري هلي. صبح جو اٿياسين. واپس حيدرآباد پهتاسين. انهيءَ سفر وسيلي ٻيڙي فقير ۽ منهنجي ياريءَ جو آغاز ٿيو.
ٻيو به هڪ اهڙو سفر ياد اٿم. حيدرآباد ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب هڪ ڏينهن فون ڪئي ته ” رباني، جي بورڊ جي جيپ جو بندوبست تون ڪرين، ته توکي چڪر اڄ مان ڏياري اچان.“
مون چيو ته، ”حاضر، بسم الله“.
سانجهي جي نماز کانپوءِ حيدرآباد مان نڪتاسين. ڀايان ٿو ته ٻيڙو فقير به گڏ هو. ٽنڊي قيصر جي پاسي غالباً شيخ ريهاڻ نالي ڪو ڳوٺ هو. ڊاڪٽر صاحب اتي هليو. اسان جو ميزبان شايد رٽايرڊ ايس پي شيخ عبداللطيف هو يا وري انهيءَ شخص جو ڀاءُ هو.* منجهس سنڌي چڱن مڙسن واريون سڀ خوبيون هيون. خالص سنڌي نموني جي ماني کارايائين ۽ پوءِ سگهڙن جي ڪچهري شروع ٿي، جنهن جي خاص مقصد خاطر ڊاڪٽر صاحب مونکي به ساڻ وٺي ويو هو. سنڌي راڳ به ٿيو. ٻه سٽون ورهين جا ورهيه دل تي رهيون. هڪ سٽ ۾ شاعر چيو هو ته مون قبرستان ۾ گلاب جي گلن جهڙن محبوبن جي دلين تي مٽي جا دڙا ڏٺا.
ٻي ڪافيءَ جي هڪ اڌ سٽ اڃا ياد اٿم:

مين جتان دي ڏاچي نه هان
جا وڻ وڻ وات گهتيندي.

مرحوم نون ۽ ڊاڪٽر صاحب سان اهي ٻئي سفر عمر ڀر نه وسرندا. سنڌ کي پنهنجو خاص ڪلچر آهي. ان جو عڪس مون انهن سفر ڏٺو.
ان کان پوءِ، مهيني ماسي، ٻيڙو فقير حيدرآباد ۾ ادبي بورڊ واري آفيس ۾، مون وٽ قرب جا پير ڀري ايندو هو. ڪا رهاڻ ڪندو هو! روح جي سڄي ڪس ڪوري ڪڍندو هو. ڪڏهن ڪڏهن کيس چيڙائڻ لاءِ مان ساڻس چرچو ڪندو هوس ته ” ٻيڙا فقير، سڄو لوڪ ادب ٻروچن جي قصن سان ڀريو پيو آهي. تو ڊاڪٽر صاحب سان گڏجي سازش ڪئي آهي، ۽ هڻي سماٽن جو ڪم لاهي ڇڏيو اٿئي.“ ان مهل سندس کلڻ ڏسڻ وٽان هو. الله سائينءَ اوليائن کي معجزن جا انعام ڏنا هئا ۽ ٻيڙي فقير جهڙن مٺن ماڻهن کي مٺي مرڪ عطا ڪئي هئي.
سفر ٻن قسمن جا ٿيندا آهن: هڪڙا جسماني ٻيا روحاني. جسماني ان طرح ته ماڻهو پنهنجو جسم کڻي، هن جهان جو پسار ڪندو آهي، گهمندو آهي. ٻيو روحاني، سو ان طرح ته ماڻهو پنهنجي ئي اندر ۾ ٽٻي هڻي، اندرئين جهان جو سفر ڪندو آهي. ٻيڙي فقير سنڌ جو جسماني سفر به ڪيو ۽ روحاني سفر به ڪيو. ٿورا اهڙا ماڻهو هوندا، جيڪي سنڌ جي روح جو ٻيڙي فقير وانگر سفر ڪري آيا هوندا. سندس زبان مان جيڪي موتي ۽ ماڻڪ نڪرندا هئا، سي انهن سفرن جو مٺو ميوو هئا.
پوين ڏينهن ۾ حيدرآباد جي شهر ۾ ڦليليءَ جي ڪناري تي اچي خيما کوڙيائين. گويا حافظ شيرازيءَ جي سنت ادا ڪيائين:

”ڪناري آب، رڪنا باد، گلگشتِ مصلا را“

اُتي ”ڪچهريون“ شروع ڪيائين. ڪچهريون ڇا هيون، ڄڻ ته چڱي موچاري امير ماڻهوءَ جو وهانءُ آهي. ڇڻڪار ٿي ويندا، گلم وڇائجي ويندا، بجلي جون راڊون لڳي وينديون، خلقون اچي گڏ ٿينديون، پوءِ شروع ٿيندي سگهڙن جي ڪچهري، ڳجهارتن ۽ مولودن کان وٺي سنڌي سنگيت تائين! آخر ۾ ماني کارائيندو. دال ڀت نه، ٻوڙ، پلاءَ، قورما، ٽنڊي آدم واريون گوشت جون پڪل رانون ۽ ميواتون وغيره وغيره.
خبر ناهي ته ڪنهن شوق جاڳايس، سو، ”ڪچهري“ نالي هڪ هفتيوار اخبار جاري ڪيائين. پر غالباً تيسين هلي سگهي، جيسين ٻيڙي فقير جي دم ۾ دم هو. پاڻ سان گڏ پنهنجي سڄي ڪائنات ويڙهيون کنيون هليو ويو.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي ڪري پير حسام الدين راشديءَ سان به لاڳاپو ٿيس. پير صاحب سندس وڏي عزت ڪندو هو. هيڪر پير صاحب، ڊاڪٽر بلوچ صاحب، ٻيڙو فقير ۽ مان گڏجي وياسين هالين پراڻين، اتي درياهه جي بند سان گڏ، هڪ هنڌ ڪلهوڙن يا ميرن مان ڪنهن جو قبو هو. اهڙو سهڻو قبو مون سنڌ ۾ ڪونه ڏٺو آهي. ڀتين تي اندران تاج محل وانگر پٿر جي گلن جي ڄاري لڳل هئس.
پير صاحب تصويرون ڪڍيون ته ٻيڙو فقير ڪاڏي غائب ٿي ويو. ڪجهه دير کانپوءِ ظاهر ٿيو. پنج ڇهه ماڻهو پويان. انهن جي مٿن تي ديڳڙا. اسان لاءِ جهنگ ۾ خبر ناهي ته ڪٿان ٻوڙ پلاءَ رڌائي کڻي آيو. غريب جي دل ڪيڏي نه وڏي ٿئي ٿي! اسان جي مانيءَ جو انتظام ته ڊاڪٽر بلوچ صاحب اڳيئي ڪٿي ڪيو هو. سو، پير صاحب سندس قرب ڏسي محض سندس دل رکڻ لاءِ ٻه ٽي گرهه کنيا. ان سفر ۾ مون کي هڪ سوکڙي ڏيڻ جو واعدو ڪيائين. چيائين ته ”توکي هڪ پيالي ڏيندس، جيڪا فقط پنجن تولن مٽيءَ مان ٺهيل هوندي.“.
اهو واعدو ته پورو ڪري ڪونه سگهيو، پر ان کان بهتر ٻي هڪ سوکڙي ڏنائين. هڪ دفعي گڏ ويٺا هئاسين. مون کيس چيو ته ٻيڙا فقير ڪو سنڌي بيت ته ٻڌاءِ، جنهن ۾ عقل جي ڳالهه هجي، ٿوري دير سوچي، هڪ بيت ڏنائين. سگهڙن جي نموني تي، ”داناءَ“ لفظ کي ”دانهه“ ڪري پڙهيائين:

دانهَه مثل درياهه جي
تَوَ سان ڪين تــــــپن

جيئن تاج محل جي ديوارين تي سنگمرمر جا گل اُڪريل آهن، تيئن ٻيڙي فقير جو ٻڌايل اهو بيت اڄ به منهنجيءَ دل تي نقش ٿيل آهي:

دانهَه مثل درياهه جي
تَوَ سان ڪين تــــــپن

__________
* سال ٻه پوءِ هڪ نيڪ بخت نوجوان نينگري مون وٽ ادبي بورڊ آئي ته مان ايس پي عبداللطيف جي ڌيءَ عائشه آهيان. مون کي ايران سينٽر ۾ نوڪري وٺي ڏيو. مون سندس خانداني پس منظر کي خيال ۾ رکي، اها نوڪري سندس لائق نه سمجهي پنجن ستن سالن کان پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پرو وائيس چانسيلر هوس ته وري اچي ملي. انهن ڏينهن ۾ سنڌ يونيورسٽي جي اسڪول ۾ ماسترياڻي هئي. اها نوڪري شريف ڇوڪري لاءِ مناسب هئي.

مولوي حافظ عبدالحميد ڀٽي

دادو ضلعي ۾، ڦڪن جي ڳوٺ کان ٿورو پر ڀرو، ميان يار محمد ڪلهوڙي جو قبو آهي. قبي ۾ اندر گهڙبو ۽ مزار وٽ پهچبو ته مٿانئس ڏنڊا لڙڪندا نظر ايندا. مجاور روايت بيان ڪندو آهي ته ميان سنڌ ڏنڊي جي زور تي ورتي هئي، ان ڪري اڄ به سندس مزار تي ڏنڊا نشانيءَ طور رکيا ويا آهن.
ان روايت جون ٻه معنائون نڪرن ٿيون: پهرين هيءَ ته سنڌ سوٽي سان ٻڌل آهي ۽ ٻي هيءَ ته سنڌ وٺڻ اهڙو ته آسان ڪم آهي جو ان لاءِ ڪاٺيءَ جو هڪ ڏنڊو ئي ڪافي آهي.
تاريخي طور پهرين معنى پوئينءَ کان شايد وڌيڪ صحيح هجي، ڇو ته مون مرحوم حنيف صديقيءَ وٽ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي ڪهاڙي به ڏٺي هئي. ڪنڌ ڪپڻ لاءِ ڪو تکو هٿيار کپي، پوءِ ترار نه ته ڪهاڙي ئي سهي.
سنڌ جو تاريخي نويس اها شاهدي ڏيندو ته مغلن کان سنڌ جو قبضو ڇڏائڻ لاءِ خود ڪلهوڙن فقيرن کي ڪا گهڻي ترار هڻڻي ڪانه پيئي هئي، ۽ نه وري کين سيکت ڏيڻ لاءِ نادر شاهه کي ايران ۽ افغانستان مان ڪا فوج ظفر موج آڻڻي پيئي هئي. گهوڙي سوارن جي هڪڙي ئي ڪٽڪ سان سڄي سنڌ کي تاراج ڪري، عمر ڪوٽ وڃي، ميان نور محمد کي ڳچيءَ کان جهليو هئائين. ڪجهه سالن بعد، مدد خان پٺاڻ، سندس ئي نقش قدم تي هلندو، سنڌ پهتو هو ۽ نادر شاهه کان به گهٽ گهوڙي سوارن جي ڪٽڪ سان سڄيءَ سنڌ کي ڦريندو، سٽيندو، ڪٽيندو وڃي مٿي چڙهيو هو.
شايد انهن ۽ ان قسم جي ٻين تاريخي واقعن کان متاثر ٿي، مشهور انگريز مورخ رچرڊ برٽن سنڌي ماڻهوءَ جي ڪردار تي راءِ زني ڪندي، خنجر جي نوڪ، زهر مان ٻوڙي، هي جملو لکيو هو ته ”سنڌي ڪوڙو، گيدي ۽ گدلو آهي.“ برٽن جنهن وقت سنڌي ماڻهوءَ بابت اها ججمينٽ پاس ڪري رهيو هو، ان وقت دودي ۽ دريا خان جو تاريخي ڪردار شايد سندس ذهن ۾ ڪونه هو.
شايد ڪابه قوم پيدائشي طور نه بهادر ٿئي ٿي نه بزدل. بهادريءَ ۽ بزدليءَ جا اسباب به گهڻي قدر تاريخي ۽ جاگرافيائي حالتن تي منحصر هوندا آهن، ڇو ته خود فرد جي عمل جو دارو مدار به وڏيءَ حد تائين مادي حقيقيتن جي تابع هوندو آهي.
ٻهراڙيءَ ۾ جڏهن ڪا زمين سٺو فصل ڪانه ڏيندي آهي، تڏهن هاري ٻڌائيندو آهي ته ”زمين کي ويساهين ڪانه ٿي ملي. سال بسال ڪاهڻ ڪري، طاقت ڇڏي ويئي آهي.“ سنڌي ماڻهن جو به ساڳيو حال آهي.
اسلامي تاريخ جي ٽئين نمبر خليقي حضرت عثمان غني رضه جي زماني ۾، سنڌ بابت انٽيليجنس رپورٽ طلب ڪئي ويئي هئي. ان وقت جي آءِ بي جي عملدار اطلاع موڪليو ته ”سنڌ جو پاڻي کارو، کجور ردي ۽ چور بهادر آهن.“.
اڄ چوڏهن سئو ورهيه گذرڻ کانپوءِ به سنڌ ۾ چورن ۽ ڌاڙيلن جو ڏهڪاءُ آهي. ڇو؟ ڇاڪاڻ ته سنڌي معاشرو ايامن کان وٺي تلاءَ جي پاڻي وانگر جامد آهي. پنج هزار ورهيه اڳ جيڪا بيل گاڏي موهن جي دڙي ۾ هلندي هئي، ساڳي بيل گاڏي اڄ به اسان جي ڳوٺن ۾ رائج آهي.
سنڌي معاشري جو جمود ڪي قدر انگريزن جي ڏينهن ۾ ٽٽو. ريل ۽ فون ڪجهه چرپر پيدا ڪئي. پر انگريزن هڪ وڏو ظلم به ڪيو. سو هيءُ ته پنهنجي بادشاهيءَ جا ڇاڙتا پيدا ڪرڻ لاءِ __ خصوصاً 1857ع واري بلوي کانپوءِ __ سنڌ ۾ وڏيون وڏيون جاگيرون عطا ڪيائين. اهي ٽوڊي جاگيردار ”شهنشاهه تون اسان جي کي، سلامت رک خداوندا“ جا ترانا ڳائيندا هئا ۽ غريبن جو رت چوسيندا هئا.
سنڌ ۾ پيداوار جو مکيه ذريعو زمين آهي. پاڪستان ٺهڻ کان ڪجهه سال پوءِ، هڪ سروي رپورٽ ذريعي معلوم ٿيو ته ”لکين ماڻهن کي زمين جو هڪ جريب به ڪونهي. ٻئي طرف مٺ جيترا ماڻهو آهن جن وٽ لکين جريب زمين آهي.“
گويا سنڌ جي آبادي ٻن طبقن ۾ ورهايل آهي: هڪ مٿيون طبقو، جنهن ۾ ڳاڻ ڳڻيا گڻنگ زميندار آهن. هنن لاءِ هيءَ ڌرتي جيئري ئي جنت آهي. سنڌي معاشري ۾ ان طبقي جو جبر صدين کان وٺي اڄ ڏينهن تائين قائم آهي. مجال آهي جو رئيس جي حڪم کان سواءِ سندس تر ۾ وڻ جو ڪو پن به لڏي سگهي.
چون ٿا ته ٺٽي ضلعي ۾، شاهه عنايت جهوڪ واري خدا جي خلق کي مغلن ۽ ڪهلوڙن جي ظلم کان بچائڻ لاءِ سنڌي عوامي تحريڪ هلائي هئي، جنهن ۾ گهڻي قدر عام ماڻهو شامل ٿيا. اهو ڏسي حاڪمن جي چرچ تي مقامي زميندارن شاهه عنايت جي سري، ڪلهن تان ڪپرائي ڇڏي __ پوءِ ڪهاڙيءَ سان نه ته ڪات سان ئي سهي!
ان قسم جا ڪارناما سنڌ جي زميندار طبقي جو عام شغل آهن. سنڌ جي تاريخ جي صفحن تي، غريبن، مظلومن ۽ سندن واهرو مجاهدن جي رت جا ڇنڊا آهن.
سنڌي معاشري جو مظلوم يعني هيٺاهون طبقو، هارين، نارين ڪمين ڪاسبين، ۽ عام پورهيت ماڻهن تي مشتمل آهي. ان طبقي ۾ لکين پيٽ بکيا ۽ انگ اگهاڙا، اڀاڳا انسان آهن. جيڪي جيئري ئي جهنم ۾ داخل آهن. ڀٽائيءَ جو هي بيت سندن حال جو ترجمان آهي:

”جيئڻ ڪاڻ جيڏيون، وڏا وس ڪيام“

سنڌ جو اهو هيٺيون طبقو تقريباً جانورن جي ليول تي زندگي گذاري ٿو. هر قسم جي ظلم ۽ ڏاڍ جو نشانو آهي. زندگيءَ جي بنيادي سهولتن ۽ آسائشن کان محروم آهي. سڀ کان افسوس جي ڳالهه اها آهي ته خود پنهنجن حقن کان محروميءَ جي شعور کان ئي عاري آهي. انهن ٻنهي طبقن جي وچ ۾ نالي ماتر سنڌ جو وچولو طبقو آهي، جنهن ۾ وقت گذرڻ سان ۽ تعليم جي وڌڻ سان ۽ روزگار جي ٿورن گهڻن نون ذريعن پيدا ٿيڻ سان هاڻي ٿورو گهڻو ساهه پيو آهي.
اهو طبقو پنهنجي بقاءَ سان گڏ، هيٺئين طبقي جي حقن لاءِ به جدوجهد ڪري ٿو. ان طبقي مان ماضيءَ ۾ برک ديني رهنما، عالم، اديب، شاعر، دانشور، سياسي ڪارڪن ۽ قومي ورڪر پيدا ٿيا، جن سنڌ جي تقدير کي بدلائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. انهن مجاهدن ۾، نسبتاً هڪ غير معروف نالو، مرحوم مولوي صاحب حافظ عبدالحميد ڀٽي آهي، جو سنڌ جي ممتاز اديب ۽ دانشور رشيد ڀٽيءَ جو والد بزرگوار هو. موصوف ويهينءَ صديءَ جي آغاز ۾ سنڌ جي وچولي طبقي ۾ دنيي گهراڻي ۾، قديم تخت گاهه اروڙ ۾ پيدا ٿيو. جڏهن وڏو ٿيو، تڏهن پنهنجن ديني عقيدن موجب زندگي گذارڻ ۽سنڌ جي بي رحم معاشري ۾ پنهنجا ۽ پنهنجي خاندان جا پير پختا ڪرڻ لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪيائين. منو سئو ورهين جي ڪامياب زندگي گذاريائين. هن جهان ۾ اڇو اجرو آيو هو ۽ اڇو اجرو موٽي ويو. پنهنجن پوين لاءِ روشن مثال ۽ قابل فخر ڪارناما يادگار ڇڏي ويو الله ۽ رسول جون شال مٿس رحمتون هجن!
مرحوم مولوي صاحب جي ملاقات جو پهريون ڀيرو شرف مون کي ڪيئن ۽ ڪٿي حاصل ٿيو، اهو هاڻي ياد ڪونهيم. پر رشيد ڀٽيءَ سان پهريون ڀيرو ڪڏهن ۽ ڪٿي مليس، اهو چٽو پٽو ياد اٿم. غالباً سال 1954ع هو. مان حيدرآباد ۾ انٽر سائنس جو امتحان ڏيڻ کانپوءِ پوءِ مرحوم حفيظ شيخ جي صلاح تي، ڪراچيءَ هليو ويس ته اتي آرٽس ۾ داخلا وٺان، نوڪري ڪريان ۽ پنهنجي تعليم جاري رکان. حفيظ جي ئي مدد سان ميٺا رام هاسٽل ۾ رهائش جو عارضي انتطام ٿيو. ستت اتي نور الدين سرڪيءَ سان وقفيت ٿي، جو تڏهن سنڌي ادبي سنگت جو سرگرم ڪارڪن هو. هيڪر ساڻس گڏ سنڌ مدرسيءَ واري هاسٽل ۾، ادبي سنگت جي اجلاس لاءِ ويس. سرڪي ۽ مان سڌو رشيد ڀٽي جي ڪمري تي وياسين. هو گنجيءَ ۽ گوڏ ۾ ننڊ پيو هو. اٿاريو سونس. منهن تي پاڻيءَ جو ڇنڊو هڻي، کٽ تي سڌو ٿي ويٺو. مون سندس چهري کي جاچيو ته آمريڪي افسانه نويس او هينري ياد آيو. هن هڪ افسانو لکيو آهي Christ & the Devil ان افساني ۾ هڪ آرٽسٽ ٻن چهرن جي تلاش ۾ آهي: هڪ اهڙو معصوم جهڙو حضرت عيسيٰ ۽ ٻيو اهڙو ڀيانڪ جهڙو خود شيطان. مون کي رشيد ڀٽي جي چهري ۾ او هينري جي آرٽسٽ کي گهربل معصوم چهرو نظر آيو. منهن مهانڊي ۾ صفا گول گپو. اکيون اهڙيون نرم، اهڙيون پاڪ ۽ پوتر، جهڙيون ٻليءَ جي پونگڙي جون. جڏهن خوش ٿي نهاري ته ڄڻ ڪنواري ڇوڪري ٿي مسڪرائي، پر جڏهن دل کولي ٽهڪ ڏئي ته ڄڻ ڌرتي جو زلزلو آيو.
انهيءَ ملاقات کانپوءِ اسان جون تڪڙيون تڪڙيون گڏجاڻيون ٿيون جن جي نتيجي ۾ رشيد ڀٽيءَ سان واقفيت آهستي آهستي سنگت ۾ تبديل ٿي. جڏهن هڪ ٻئي جي ويجهو آياسين تڏهن پتو پيو ته منهنجويار ڪنهن گهرو پرابلم ۾ ورتل آهي. مولوي صاحب مرحوم ٻه شاديون ڪيون هيون، جنهن جو نتيجو اهو ئي نڪتو جو اهڙين حالتن ۾ نڪرندو آهي، يعني ٻنهي زالن جا ٻار ڏچي ۾. رشيد جو هڪ مائٽ هوندو هو ماستر صاحب مرحوم. عجيب انسان هو. (هاڻي کيس مرحوم لکندي ڏاڍو عجب ٿو لڳي) نياز همايوني کيس ٽيٿر ڪوٺيندو هو، ڇو ته ڏند اڇاترا هئس ماستر صاحب جو مهيني ماسي ڪراچي چڪر لڳندو هو، ان جو خاص سبب هو رشيد ڀٽيءَ جو گهرو پرابلم. آخر اهڙو وقت آيو جو ماستر صاحب هڪ دفعي سکر مان سهي سنبري رشيد ڀٽيءَ کان ڪراچي ڇڏائڻ آيو. اها ڳالهه اسان سڀني کي ڏاڍي ڏکي لڳي، پر هئاسين لاچار! ماستر صاحب دڙڪو ڏنو ته رشيد ڀٽي گهر کان پري رهندو ته مولوي صاحب کيس ملڪيت مان حصو پتي ڪونه ڏيندو. اهو هو پهريون پهريون تاثر، جو مولوي صاحب جي باري ۾ منهنجي ذهن تي ويٺو.
مولوي صاحب جي رشيد ڀٽيءَ سان مبينه رنجش جو ڪارڻ رڳو گهرو حالتون ڪونه هيون. مولوي صاحب کي ٻڌايو ويو ته هو ته رشيد ڪراچيءَ ۾ ڪارن ڪافرن جي ور چڙهي ويو آهي ۽ دين ڌرم بابت وائي تبائي بڪي ٿو.
ڳالهه ۾ ٿورو گهڻو سچ هو. رڳو رشيد کي نه پر اسان سڀني کي ٻرڪو جاستي اچي ويو هو. ترقي پسنديءَ جو پهريون مطلب اهو ٿي سجهيو ته مذهب جي پيرويءَ کان آجو ٿجي جو اها هڪ دقيانوسي ڳالهه آهي. ٻيو ته سڀ کان اعليٰ ۽ اتم ڳالهه اها آهي ته زندگيءَ جي مڙني نعمتن کان منهن موڙي، مزورن ۽ ڪلارڪن جون انجمنون ٺاهجن. پر جي ائين به نه ڪري سگهجي ته پوءِ انهن بابت قصا ۽ ڪهاڻيون لکجن. درحقيقت جوانيءَ جو زمانو ڏاڍو پرجوش ٿئي ٿو. ماڻهو، جذبات جي رو ۾ وهي، الائي ڪهڙا ڪهڙا ڪم ڪري ٿو. بعضي ته ڪيس ٿي ٿا وڃن. مرحوم حسن ناصر جو قضيو مونکان ڪڏهن ڪونه وسرندو. گلاب جي گل جهڙو خوبصورت ۽ ڪيهر شينهن جهڙو باهمت نوجوان، نادان دوستن جي سنگت ۾، موت جي منهن ۾ هليو ويو. پوليس وارن کي ته اهڙو شڪار الله ڏياري، لاش ئي گم ڪري ڇڏيائون، وارثن کي ڪو ٻيو مئل ماڻهو ڏيکاريائون، جن لاش وٺڻ کان ئي انڪار ڪيو. ڪامريڊن جي لڏي ۾، مون کي هڪ ئي سيبتو ماڻهو مليو__ سوڀو گيانچنداڻي. کيس ڏسي ڪتابن ۾ گوتم ٻڌ ۽ گانڌيءَ بابت لکيل احوال ياد ايندو هو. پر سنڌي مائرن سوڀي جهڙا سدورا پٽ ڪل گهڻا ڄڻيا آهن!
انهن ڪامريڊن جي مقابلي ۾ ٻئي طرف جيڪو ٽولو هو، تن ۾ اڪثر منهن ۾ مومن پر اندر ۾ ابليس هئا. هو مذهبي ڪفن چور هئا. دين جي نالي تي دنيا جا مطلب سڌا ڪندا هئا، وٽن ڪفر جي فتوائن جي فيڪٽري سدائين چالو هوندي هئي سندن مڪروهه صورت ڏسي ڀلارو ڀٽائي ياد ايندو هو!

ملان مرئي ماءُ، پتو ڦاٽئي پيٽ ۾،
سڃاڻي الله، ٽٻي ڏنئي ڌوڙ ۾.

زندگي جي انهيءَ چوراهي تي ٽپتاين ۽ ٺڳن کان بچائڻ لاءِ اسان جي واهر واسطي ٽيون گروپ به موجود هو، اهي هئا اسان جا والدين. ماءُ ۽ پيءُ کان مٿي اولاد جو خيرخواهه ٻيو ڪوبه ڪونه ٿو ٿئي، پر اسان جي مٿن نگاهه ئي ڪانه ٿي پيئي، ڇو ته گهر جو پير چلهه جو مارنگ ٿيندو آهي. مولوي صاحب ۽ رشيد ڀٽيءَ جي معاملي ۾ به اها صورتحال واقع هئي. غالباً مون کي مولوي صاحب جو پهريون پهريون ديدار تڏهن نصيب ٿيو جڏهن رشيد سان ملڻ لاءِ سکر ويس. ان ڀيري رشيد مون کي سکر شهر خوب گهمايو. ڪوبه اهم هنڌ ۽ ماڳ ۽ ڪابه تاريخي جاءِ، آدم شاهه ڪلهوڙي جي مقبري کانسواءِ ڪانه ڇڏيائين. اسان نيرن پاڻي ڪري، گهمڻ گهتڻ نڪرندا هئاسين ته عين ان مهل مولوي صاحب لڪڻ هٿ ۾ کنيون، گهر يا پريس مان ٻاهر نڪرندو هو ۽ نوڪر کي جيپ
گيراج مان ڪڍڻ لاءِ چوندو هو. کيس سڌ ته هوندي هئي ته مهمان ٽڪيل آهي، پر هو اڪثر ماٺ ڪري جيپ ۾ چڙهي هليو ويندوهو. پنج ست ماڻهو ساڻس سدائين گڏ هوندا هوندا.
ستت ڀٽيءَ وٽ منهنجو اچڻ وڃڻ تڪڙو تڪڙو ٿيڻ لڳو ۽ مان اڪثر مولوي صاحب جي منهن پوڻ لڳس. هيڪر ڪنهن طرح پريس ۾ هليو ويس ۽ اتي ڪٽنگ مشين ۽ ٽائيپ جا ڪيس ڏسي رهيو هوس، جو مولوي صاحب اندران پنهنجي ڪمري مان نڪتو. نهايت خنده پيشاني سان کيڪاريائين. ۽ ايڏيءَ تعظيم و تڪريم سان مليو جو سندس ڀئو ڀولو دل ۽ دماغ تان لهي ويو. ان کان پوءِ جڏهن به سکر ويندو هوس ته اڪثر ساڻس ملاقات ڪندو هوس. بعضي اسان جي هلڪي سلڪي ڪچهري به ٿي ويندي هئي. مرحوم مولوي صاحب سرار مکڻ ماکي هو! ملائڪ ماڻهو هو! ڪڻڪ رنگو، گول چهرو، اکين ۾ شرافت، چاپئين ڏاڙهي، جنهن ۾ اڇا ۽ ڪارا گڏ هئا، بت ۾ البت ڀريل، ڳورو مڙس. جڏهن وک کڻي هلي ته ائين ڀانئجي ته لڱائي ٿو. اڪثر لڪڻ هٿ ۾، لباس قميص ۽ سلوار، بعضي ڊگهو چولو ۽ گوڏ به ڪندو هو. مٿي ۾ مون کيس اڪثر جناح ڪئپ ڏٺي. ٻيو دل تي اهو تاثر اٿم ته نيروٽي پوتڙو يا بوڇڻ بت تي وڙهيندو هو.
هفتيوار ”المنار“ اخبار، جنهن جو پاڻ مالڪ ۽ ايڊيٽر هو، بوقت ضرورت، لٺ باٺي وانگر به استعمال ڪندو هو. ان ۾ ”شذرات“ جو ڪالم لکندو هو. سندس اخبار نويسيءَ جو قصو مون سڀ کان اول مرحوم پير حسام الدين راشدي کان ٻڌو. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ مرحوم پير صاحب مرحوم مولوي صاحب گڏجي اخبار ڪڍندا هئا. ان ئي زماني ۾ مرحوم پير صاحب جا پهريان پهريان ادبي ڪتاب مرحوم مولوي صاحب جي سنگت ۽ ساٿ ۾ ڇپيا. تن ڏينهن ۾ پير صاحب اڃا اسڪالر ڪونه بنيو هو، پر نو آموز لکندڙ هو. ”فداي الراشدي“ تخلص ڪندو هو. جڏهن اسان سندس سنگت ۾ آياسين، تڏهن سنڌ جو مڃيل مورخ هو. چنانچ اسان تي ائين ئي شفقت ڪندو هو، جيئن بزرگ ننڍن تي ڪندا آهن. ڪچهريءَ ۾ جڏهن ڀٽي موجود هوندو هو تڏهن پير صاحب سکر ۾ اخبار نويسيءَ ۽ مرحوم مولوي صاحب جي سنگت جا قصا ڪڍندو هو. هيڪر رشيد ڀٽيءَ کي فرمائش ڪيائين ته مون کي پنهنجا پراڻا ڪتاب آڻي ڏي. ڀٽيءَ کي سڀ ڪتاب ته هٿ ڪونه آيا پر جيڪي مليس سي آڻي پير صاحب کي ڏنائين. مولوي صاحب جي پريس ۾ ڇپيل اڪثر ڪتاب مذهبي نوعيت جا هئا. انهن ٽاڻن ۽ آثار جي آڌار تي مون مولوي صاحب جو جيڪو ذهن ۾ نقشو تيار ڪيو، سو هن ريت هو.
مولوي صاحب بنيادي طرح مذهبي ماڻهو هو. مذهب سان محبت مولوي صاحب کي وڏن کان ورثي ملي هئي. الور جي پاسي سندن ڏاڏنگ ۾ هڪ درگاهه اڄ تائين موجود آهي. غالباً اهو ساڳيو بزرگ آهي، جنهن لاءِ رشيد ڀٽيءَ پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکيو آهي ته وٽس جن پڙهندا هئا.
( مان ان ڳالهه لکڻ تي کيس چيڙائيندو هوس) الور مولوي صاحب جو اباڻو ڳوٺ آهي. چنانچ اتي کيس وڏن کان ورثي ۾ ٿورو گهڻو شايد ٻنيءَ جو ٻارو به مليو. ابتدا ۾ اها ڪا ايڏي وڏي ملڪيت ڪانه هئي، جنهن جي آڌار تي ماڻهو سکر جهڙي گجندڙ شهر ۾ گهر ٻڌي وهي، پر مولوي صاحب شهر جي واءُ لڳڻ کانپوءِ به پنهنجي ٻني ٻاري کي وساريو ڪونه، بلڪه اُن کي صحيح معنيٰ ۾ ڊيولپ (Develope) ڪيو، ازانسواءِ پنهنجي پريس قائم ڪيائين. هفتيوار اخبار ڪڍي پنهنجواثر رسوخ وڌايائين. ضرورتمند ماڻهن سان گڏجي مختلف آفيسن ۾ سندن ڪمن ڪارين سان وڃڻ سندس روزمره جو نيم هو. ان طرح هو صحيح معنيٰ ۾ عام ماڻهن جي مسئلن کان واقف رهندو هو ۽ عوامي ليول تي عام ماڻهن جو هڏڏوکي، ساٿي ۽ مددگار رهندو هو. موٽ ۾ خدا جي اها خلق رڳو سندس مڙهيءَ جيپ ۾ پيٽرول ڪانه وجهرائيندي هئي، پر اوليءَ سوليءَ کيس ڪم به ايندي هئي. شهر جي هندو واپارين سان ڀائيچارو ڪري روهڙيءَ ۾ سارين ڇڙڻ جو ڪارخانو هنيائين. قدرت کيس قناعت جي نعمت سان نوازيو هو. سو، رڳو پاڻ وچولي درجي جي هڪ خوشحال ماڻهوءَ جي حياتي ڪانه گذاريائين، پر پنهنجن پوين لاءِ به گهڻو ڪجهه ڇڏي ويو. جاگيراڻي محلي ۾ ان جي آسپاس ڪافي پڪين جاين ۾ رهندڙ ماڻهو مولوي صاحب جا ڪرائيدار آهن. اهي سڀ جايون هاڻي مولوي صاحب جي خاندان جي ملڪيت آهن، ۽ انهن جي قيمت لکن ۾ ته ضرور هوندي. سنڌ جي حساب سان وچولي طبقي ۾ اشراف ماڻهو ان کي چئبو آهي، جيڪو پنهنجيءَ سهنجيءَ وارو هجي، اوڙي پاڙي ۾ عزت هجيس، غريب غربيءَ کي اوکيءَ مهل سڏ ۾ سڏ ڏئي، رڳو پاڻ سڻڀو ٽڪر نه کائي پر مهمان لاءِ به دسترخوان ڪشادو ڪري، الله ۽ رسول جو نالو وٺندو هجي، ان معيار تي پرکبو ته مرحوم مولوي صاحب هڪ آئيڊيل سنڌي نظر ايندو.
پاڪستان ٺهيو ته پان وڌيو. چڱن ڀلن پنهنجن ٻارن کي سنڌي اسڪول موڪلڻ بدران اردو سيکاري ۽ انگريزي پڙهڻ لاءِ ڪانوينٽ اسڪول ۾ ويهاريو. ڄڻ ته شاهه، سچل، مخدوم معين، مخدوم نوح ۽ لنواريءَ جي لعل محمد زمان جي ٻولي غير مهذب هئي.پر مولوي صاحب ان غير سنڌي ڪلچر کان ڪوهين دور رهيو. سڄي ڄمار رهيو سکر جي وچ ۾، پر پنهنجي ڪنڊ وسايائين جا خالص سنڌي ماحول جي ڏک ڏيندي هئي. سندس گهر مان جيڪا ماني پچي ايندي هئي، سا رڳو پنڊين ۾ رکيل ڪانه هوندي هئي، پر ان ۾ ساءُ سڳنڌ به خالص سنڌي ٻوڙ ۽ مانيءَ جو هوندو هو. گويا ماڊرن اکر جي هوا ڪڏهن به مولوي صاحب جي جيئري سندس گهر جي ماحول کي گرد آلود نه ڪيو.
گهرن جي ٻنڀي اڳيان، نڪ سامهون روزگار جو هڪ ذريو يعني پريس هنيائين ته دل جي پاسي يعني کاٻي طرف الله جو گهر اڏيائين، يعني جي پير گهر مان نڪري ته رزق حلال جي ڳولا ۾ يا وري الله جي گهر ڏانهن کڄي. خبر ناهي ته سونهاري سنڌ اهڙا اصحابي انسان اڃا ڪيترو زمانو ڏسي سگهندي! رمضان شريف جي مهيني ۾ انهيءَ مسجد ۾ خاص رونق اچي ويندي هئي. بجليءَ جون سفيد راڊون نوراني سمون پيدا ڪري ڇڏينديون هيون. تر جا مولودي اچي گڏ ٿيندا هئا. اهڙِ ريت مولوي صاحب جسماني لذت جي طالبن لاءِ روحاني غذا جا اسباب به مهيا ڪري ڏيندو هو. پر تڏهن منهنجي اک پٽيل ڪانه هئي، گهڻو پوءِ جڏهن مون ۾ ماڻهپو موٽي آيو ۽ قدرت انهيءَ مسجد شريف ۾ سجدي ڏيڻ جي سعادت نصيب ڪئي، تڏهن جوڳي جوءِ ڇڏي چڪا هئا.
مولوي صاحب هڪ سجاڳ ذهن وانگر وقت جي حالتن ۽ سياست ۾ پوري دلچسپي رکندو هو، پر ان ميدان خار زار ۾ سوچي سمجهي وک کڻڻ جو قائل هو. بنيادي طرح قومپرست ۽ محب وطن ماڻهو هو. غالباً جوانيءَ ۾ خلافت تحريڪ سان وابسته رهيو هو، جنهن جا اثرات سڄي عمر سندس ذهن تي رهيا. هونئن مقامي ليول تي پيرزادا پارٽيءَ سان دعا سلام رکندو هو.
جڏهن رشيد ڀٽي تي ڪامريڊ سياست جو پاڇو پيو ۽ جيل ياترا نصيب ٿي ته مون مولوي صاحب کي اداس ڏٺو. منهنجي خيال موجب ان جو سبب اهو ڪونه هو ته سندس پيٽ ڄائو پٽ جيل ۾ بند هو، پر ان ڪري جو هن کي جن خيالن جي پرچار جي الزام هيٺ پڪڙيو ويو هو، سي مولوي کي پسند ڪونه هئا. ان ئي سبب ڪري هو رشيد ڀٽيءَ جي اڪثر سنگتين کان به شاڪي رهندو هو، جي کيس مٿي ڦريل ماڻهو لڳندا هئا. زندگيءَ جي پوين ڏينهن ۾ پاڻ ان صورتحال سان سمجهوتو ڪري چڪو هو. هوڏانهن رشيد ڀٽي به زماني جا ڏنگ سهي، پڪو پختو ٿي چڪو هو. منجهس به ڪي قدر مرحوم مولوي صاحب واريون خصلتون ظاهر ٿيڻ لڳيون هيون. وڏڙن جي تعظيم ۽ تڪريم ڪرڻ، ڪفايت ۽ قناعت ڪرڻ، وک سوچي سمجهي کڻڻ، سنڌ سان محبت ڪرڻ پر گاسليٽي ڪامريڊ کان پاڻ بچائڻ، کري کوٽي کي سڃاڻڻ، پراڻا لاڳاپا نڀائڻ، گهر جي وڏي جي حيثيت ۾ زماني جا فرض ادا ڪرڻ وغيره وغيره. پوءِ، پيءُ ۽ پٽ هڪ ٻئي جو ادب ڪندا هئا. هاڻي رشيد ڀٽي مولوي صاحب جو پڳدار پٽ هو ۽ مولوي صاحب کي مٿس ناز هو.
ڀٽائي صاحب رحمت الله عليه لاءِ روايت آهي جڏهن سندس والد بزرگوار شاهه حبيب جي وفات جو وقت ڀرجي آيو، تڏهن پيءُ کان پرڀرو هو. چنانچ شاهه حبيب کيس سڪ سان ساري هڪ بيت چوائي موڪليو:

”جيڪي مئي ڪنداءُ، سو جانب ڪريو جيئري“

ڀٽائي صاحب بيت ٻڌي جواب موڪليو:

”متان ٿئين ملول، حد ٻنهي جي هيڪڙي.“

مولوي صاحب هي جهان دل جي عارضي سببان ڇڏيو. هو علاج لاءِ ڪجهه ڏينهن واسطي اسپتال ۾ داخل ٿيو. اهو سمورو وقت پڳدار پٽ رشيد ڀٽي ۽ ٻيا هردم سندس حضور ۾ حاضر هوندا هئا. ”اسان ويٺا ڳوڙها ڳاڙيندا هئاسين، پر پاڻ مرڪي اسان کي رنن وانگر رئڻ جا طعنا ڏيندو هو.“ رشيد ڀٽيءَ مولوي صاحب جي وفات تي سندس ياد ۾ سڪ سان هڪ مضمون لکيوآهي.
اهي ڳوڙها رشيد ڀٽيءَ طرفان پنهنجي پياري پيءُ جي حضور ۾ ادب، سڪ ۽ پيار جو نذرانو هئا. هي اهو ساڳيوئي ڪامريڊ رشيد ڀٽي هو، جنهن کي مرحوم مولوي صاحب چوائي موڪليو هو: ”پنهنجي وڪالت جي آفيس جي ٻاهران نالي جي تختيءَ تي تو پنهنجو نالو رشيد ڀٽي لکيو آهي. رشيد الله جي صفت آهي، عبدالرشيد لک.“ انهيءَ تي رشيد ڀٽيءَ مذاق ۾ جواب ڏنو هو، ”بابا، الله ڀٽي ٿوروئي آهي.“ پر اهو رشيد ڀٽي ٻيو هو. تڏهن ”آتش جوان تها“ وارو معاملو هو هاڻي “Steel was tempered” ان ڳالهه جو ثبوت اهو مضمون آهي، جو رشيد ڀٽيءَ پنهنجي پياري پيءُ جي سڪ ۾ لکيو آهي. مضمون ڪراچيءَ جي ”پيغام“ رسالي ۾ ڇپيو آهي.
آمريڪي رسالي ”لائف“ ۾ جواهر لعل نهروءَ جي موت تي هڪ مضمون شايع ٿيو هو. گهڻن سالن جي ڳالهه آهي، پر مون کي اڃا ياد آهي ته مضمون جي شروعات هنن لفظن سان ٿئي ٿي ته ”گلاب، گينڊي ۽ نرگس جي گلن سان ڍڪيل، جواهر لعل جو جنازو، هڪ مٿاهين هنڌ تي عام ماڻهن جي آخري ديدار لاءِ رکيو هو. ماڻهن جي هڪ ڊگهي قطار ڪمري جي هڪ دروازي کان داخل ٿي، پنهنجي محبوب ليڊر کي هٿ ٻڌي آخري سلام ڪري ٻئي دروازي مان ٻاهر نڪري رهي هئي. جنازي جي ڀرسان هڪ انسان ويٺو هو.__ جواهر لعل جي ڌيءَ اندرا گانڌي. جڏهن گلاب جي ڪا پنکڙي هيٺ ڪري ٿي پيئي، ته اندرا اها پنکڙي کڻي، ادب سان، پنهنجي پياري پيءُ جي منهن جي ڀرسان ٿي رکي.“
رشيد ڀٽي، پنهنجي مضمون ۾ سمورو وقت، لفظن جي گلابن جو پنکڙيون ادب سان کڻي، مرحوم مولوي صاحب جي قدمن ۾ رکندو رهيو آهي. مضمون پڙهڻ وٽان آهي. ان ۾ رشيد ڀٽيءَ پنهنجي وڏن بزرگن جو ذڪر ڪيو آهي، جي قديم سنڌ جي تاريخي شهر اُچ شريف مان لڏي، ٻئي تاريخي شهر اروڙ ۾ اچي ويٺا هئا. هو دين جا مبلغ هئا، غريبن جا همدرد هئا، نيڪ انسان هئا. مرحوم مولوي حافظ عبدالحميد ڀٽيءَ انهن وڏڙن جي ئي پر ورتي ۽ پاڻ کي انهن جو لائق جاءِ نشين ثابت ڪيو. هو زندگيءَ جي آخرين لمحي تائين هڪ بهادر انسان وانگر پنهنجن اصولن تي قائم رهيو.
رشيد ڀٽي هيڪر مون کي ٻڌايو هو: ”بابي موڪلائڻ مهل اسان کي هڪ ئي وصيت ڪئي هئي: ”مڙس ٿي رهجو، پنهنجي ڳالهه مڃائجو.“
غالباً سنڌ جي بي رحم معاشري ۾ عزت ۽ آبروءَ سان زندگي گذارڻ جو اهو ئي سونهري اصول آهي، جو مرحوم مولوي صاحب پنهنجي اولاد کي قول ۽ فعل سان سيکاري ويو.

رشيد ڀٽي

ديــــــن ڪـــــيا در ســـن
ڀلا سائين، ڀيڄ ڀنيءَ برسن

رشيد ڀٽيءَ سان ياراڻي کي ٽيهن ورهين کان مٿي عرصو ٿيو. غالباً اسان جي پهرين ملاقات 1954ع ڌاران ٿي هئي. اهڙي پياري يار جي جدائي ايڏو ته ڏکوئيندڙ واقعو آهي جو ان تي اظهار خيال ڪرڻ ته ڇا، رڳو سوچڻ به سولو نه آهي. انڪري خالد ۽ طارق جي فرمائش جي باجود مان سندس چاليهي لاءِ رٿيل ڪتابڙي لاءِ ٻه ٽي اکر لکي موڪلڻ ۾ به ڪيترا ڏينهن قاصر رهيس. سچي ڳالهه اها آهي ته زخم اڃا تازو آهي ۽ دل قلم جو ساٿ ڏيڻ کان گهبرائي ٿي.
جڏهن ڪنڌ ورائي، ٽيهه ورهيه پوئتي نهاريان ٿو ته تنوير تي نظر پويم ٿي. تن ڏينهن ۾ سندس تخلص ”مغموم“ هوندو هو. ٻيو چهرو جيڪو سامهون اچي ٿو، سو ڀٽيءَ جو آهي. ڪنهن مهل گنجيءَ ۽ گوڏ ۾ سنڌ مدرسي واريءَ هاسٽل ۾ ستو پيو آهي، ڪنهن مهل ٻئي ڄڻا صدر (ڪراچي) ۾ سمبوسا کائڻ ۽ افسانا لکڻ لاءِ گڏ وڃي رهيا آهيون، ڪنهن مهل ادبي سنگت جي ميٽنگ ۾ ويٺا آهيون. ستت، يارن جو حلقو وسيع ٿيندو وڃي ٿو: رشيد آخوند، ڪريم بخش خالد، شيخ حفيظ، دادا موتيرام، نبي بخش دائود پوٽو، خواجه سليم، اياز قادري، نورالدين سرڪي، عبدالغفور انصاري، مقبول سومرو، پوهو ۽ اسان جو سائين جويو صاحب.
انهن مان ڪي جيئري جدا ٿي ويا، مثلن نورالدين سرڪي، مقبول سومرو ۽ مقبول صديقي ته ڪن کي موت اسان کان جد اڪيو، جيئن شيخ حفيظ، عبدالغفور انصاري، نبي بخش دائود پوٽو ۽ شمس سومرو.
پر اسان ٽي ڄڻا تنوير، ڀٽي ۽ مان سدائين گڏيا رهياسين. دل جي تار ڪنهن نه ڪنهن ريت ڳنڍي رهي. هونئن به وقت وڏي ڳالهه آهي. وقت گذرڻ سان، تنوير، ڀٽي ۽ منهنجي ياري عمر جي اهڙي حصي ۾ پهچي چڪي هئي، جو هاڻي هڪٻئي سان ڇنڻ جي اسان مان ڪنهن کي به طاقت ڪانه هئي.
ڀٽي ٻين لاءِ سنڌ جو نامور اديب هو، ڪهاڻيڪار هو، مزاحيه نگار هو، سنڌ جو محب وطن هو، سچ جو سپاهي هو، مظلوم جو حمايتي هو، پر مون تان سندس هڪ ئي نسبت هئي، ڀٽي منهنجو يار هو. ورهيه ٿيا جو ”هم لوگ“ فلم ۾ هڪ جملو ٻڌو هئم، دل تي نقش ٿي ويو: ”اپن کو يار کي ياري سي مطلب هي.“
جڏهن ڀٽي مون وٽ مهمان ٿي ايندو هو ته عيد ٿي ويندي هئي. مون کان وڌيڪ خوشي منهنجي ننڍي ڀاءُ شير کي ٿيندي هئي، ڇو ته مون وانگر ڀٽي سندس به وڏو ڀاءُ هو.
ساڳيءَ ريت جڏهن مان ڀٽيءَ وٽ سکر مهمان ٿي ويندو هوس ته سندس والد بزرگوار مولوي صاحب جي منهن تي سرهائي اچي ويندي هئي.
ڀٽيءَ جون هڪ نه هزارين ڳالهيون ياد اٿم، سوال آهي ته ڪنهن ڪنهن جو ذڪر ڪريان؟ ڇڙو هوندو هو، ته ڪيئن رهندو هو؟ ڪراچيءَ ۾ سندس رهائش ڪيئن هئي؟ سندس ادبي زندگيءَ جو آغاز ڪيئن ٿيو؟ سنڌي ادبي سنگت سان وابسته ڪڏهن ٿيو؟ جيئي سنڌ تحريڪ سان ڪڏهن ڳنڍيو، سائين جي ايم سيد کان ڇو مايوس ٿي، پليجي سان پيچ پاتائين، ڪراچي ڇڏي، سکر ڇو موٽيو؟ شادي ڪهڙين حالتن هيٺ ٿيس؟ سکر جي فتح الله عثمانيءَ کان وٺي لاهور جي ملڪ صاحب تائين، ڪنهن ڪنهن سان ڪيترو تعلق هوس، کاڌي ۾ ڇا وڻندو هوس. مون کي ڪهڙيون ڪهڙيون فرمائشون ڪندو هو، شيام ڪمار کي گڏجي ڪيئن چيڙائيندا هئاسون، مون کي سکر ڪيڏيءَ سڪ سان گهمايائين، اروڙ سان ڪيڏي دل هئس. اهي سڀ ڳالهيون منهنجي دل تي نقش آهن، ڇو ته ڀٽي منهنجي لاءِ کليل ڪتاب هوندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ٻئي ڄڻا گڏجي ڪنهن ٻئي شهر ڏانهن گهمڻ ويندا هئاسين. ڪڏهن ڪڏهن وري ٽولو ٺاهي سنڌ جا تاريخي هنڌ ۽ ماڳ گهمڻ ويندا هئاسين. انهن سفرن جا انتظام اڪثر ڪري جمال ابڙي جي بلي هوندا هئا. اهي سفرناما لکجن ته هڪ بيمثال ڪتاب تيار ٿي پوي.
انهن سفرن دوران جڏهن ڪچهري زور وٺندي هئي، مثلاً راڳ رنگ جي محفل اوج تي ايندي هئي ته مان لڪي لڪي، ڀٽيءَ کي پٺيءَ تي زور سان مڪ هئي، ڀڄي اچي پنهنجي جاءِ تي آرام سان ويهي رهندو هوس. ڀٽي ٽيڏيءَ اک سان مون ڏي ڏسندو رهندو هو. رات جو ماني ٽڪي کائي بسترن ۾ ليٽندا هئاسون ته ڀٽي شينهن وانگر ٽپو ڏيئي اچي مٿان پوندو هو، ۽ دسي مڪن جو وسڪارو لائي ڏيندو هو. جويو صاحب اهو لقاءُ ڏسي چوندو هو ”گابا هوندا آهن نه ڳابا، اهي به ائين پيا هڪٻئي کي ٿوڻا هڻندا آهن“ اهو ٻڌي، جمال ابڙو اچي ٽهڪن ۾ پوندو هو. ڀٽي ۽ مان ان ڳالهه تي جويي صاحب کي ”گابن وارو ماڻهو“ ڪوٺيندا هئاسين.
ڀٽي ۽ مان اڪثر ڪري کلندا رهندا هئاسين پر هن نيري آسمان کي ڪنهن جو گهڻو کلڻ ڪونه وڻندو آهي. مون کي اهي ڏينهن به ياد آهن، جڏهن اسان هڪٻئي جي ڪلهن ۾ ٻانهون وجهي رنو هو. انهن ڳالهين کي ورهيه ٿيا. پوءِ اسان ٻئي ڄڻا زماني جا ڏنگ سهي سهي، پڪا پختا ٿي وياسين. مان ڪڏهن ڪڏهن دوستن جي بيوفائين جي ڪري کانئن مايوس ٿي ويندو هوس. پر ڀٽيءَ سنگت ساٿ مان ڪڏهن به اميد نه لاٿي. هن کي شينهن جيڏي دل هئي.
هڪ دفعي ڪراچيءَ آيو. مولوي صاحب جي ڪنهن ڪيس جي هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرڻي هئي. اسان کي وڪيل سان ملڻو هو. ان نيڪ بخت جو گهر پڇائي پڇائي رات ٿي ويئي. سنڌ مسلم سوسائٽيءَ مان رلندا رلندا وڃي، نرسريءَ وٽ پهتاسين. اتي اوندهه به ٿي ويئي ۽ ٿڪجي به پياسين. اونداهيءَ ۾ دروازن جا بورڊ پڙهندا پڙهندا اڳتي هلندا رهياسين، تان جو هڪ گهر تي شڪ پيو ته غالبا اهو ئي وڪيل صاحب جو گهر آهي. ٻاهران بورڊ پڙهيوسين. لکيل هئس: Beware of dogs ڪتن جو خيال ڪريو.“ اسان اڃا سوچي رهيا هئاسين ته ايتري ۾ هڪ خوفناڪ ڪتو، جيڪو رڇ کان ننڍو ڪونه هو، ڀونڪندو، اسان تي الر ڪري آيو. اسان وڏيءَ مشڪل سان جان بچائي آياسين.
سنڌ جي تحريڪ سان وابسته ٿيڻ کان پوءِ، اسان کي سمورو وقت اهڙن ڪتن سان منهن ڏيڻو پيو. ڀٽيءَ انهن ڪتن کي مڙس ٿي منهن ڏنو. جڏهن مڇون رکيائين تڏهن انهن کي مروڙي مٿي رکيائين. ڪنهن به ڪتي کان هيسجي، ڪنڌ هيٺ ڪري ڪونه نهاريائين. سندس هڪ خاص سهڻي صفت اها هئي، ته هو سورهيه هو.
مون جڏهن سندس وفات جي خبر ٻڌي، تڏهن هڪ پراڻو واقعو ياد آيم. ڪنڊياري کان ڳوٺ بگيءَ ۾ وڃي رهيو هوس. بگيءَ واري ڳالهيون ڪندي هڪ سنڌي پهاڪو ٻڌايو ته، ”سائين، ڀائر ڪوٽ جون ٻانهيون هوندا آهن.“ مون ائين محسوس ڪيو ته منهنجي گهر جي ڪوٽ جي ٻانهين ٽٽي پيئي آهي.
جڏهن سکر پهتس، ته سڀ يار فتاح ملڪ وٽ اچي گڏ ٿيا اتي فتاح ملڪ ۽ حميد سنڌيءَ جي دل جي ڪيفيت به مون پاڻ وانگر ساڳي ڏٺي.
قدرت جي انسان تي اها وڏي نعمت آهي، ته جيڪي زندگيءَ ۾ سندس يار هجن، سي موت کان پوءِ به ساڻس پاڻ نڀائين، ڀٽي ان معنى ۾ قدرت جو نوازيل روح هو.
پوين ڏينهن ۾ مون کي فرمائش ڪيائين، ته مولوي صاحب تي مضمون لکي ڏي. مون سندس حڪم جي تعميل ڪئي. مون کانئس راهه ته ڪانه ورتي، پر تنوير ۽ حسين شاهه کي مضمون وڻيو. هاڻي سوچان ٿو ته پوين ڏينهن ۾ سندس ڪيتريون ئي ڳالهيون اهڙيون سجهن ٿيون، جيڪي بامعني لڳن ٿيون. ڄڻ ته هو ڪنهن سفر جو سانباهو ڪري رهيو هو.
دوستي درياهه جي موج وانگر آهي. ڪڏهن چوٽ تي، ڪڏهن موٽ تي. ٻه ٽي سال اڳ، اسان زماني جي ڪنهن سبب سان هڪٻئي ڏانهن ٿڌا ٿي وياسين. کانئس اها ڳالهه برداشت ٿي نه سگهي. ستت پنهنجو هڪ ڇپيل ڪتاب موڪليائين ۽ ان تي لکيائين: ”پنهنجي پياري ربانيءَ لاءِ، جو بي سبب رسي ويو آهي.“ سندس طعنو پڙهي، کلي ويٺس. جڏهن سکر پهتس ته سندس گهر، ڀاڄائيءَ سڪينه کي فون ڪيم ته ”ٻوڙ ڪهڙو چاڙهيو اٿو؟ لالي کي ٽفن باڪس ۾ ماني وجهي، درياهه واريءَ هوٽل تي جلدي موڪليو، بک لڳي آهي.“
شام ٿي ته ڀٽي کلندو هوٽل جي ڪمري ۾ داخل ٿيو. ورهين جا ڏک لحظي ۾ لهي ويا.
ٻيهر ساڻس ڪچهريءَ جو موقعو گذريل اهل قلم ڪانفرنس جي موقعي تي مليو. فتاح کي وٺي اچي پهتو. سڪ جو سڏ ڀري، منهنجو مان رکيائين.
ڪانفرنس مان واندو ٿيو، ته فتاح کي ڪوهه مريءَ، ايبٽ آباد، ۽ پشاور هلڻ لاءِ زور ڀريائين. مون ان کي سراسر چريائپ سمجهيو ۽ فتاح کي به ڳالهه ائين لڳي. پر سندس اندر ۾ ڪو ٻيو ٻولي رهيو هو. ڄڻ ته کيس خبر هئي ته هن دنيا جا هي سرسبز جبل، واديون ۽ چشما پويون ڀيرو ڏسي رهيو آهيان.
ان کان اڳ کيس ڪراچيءَ جي اسپتال ۾ ڏسڻ ويو هئس. اهو ته ٻڌو هئم ته سخت بيمار ٿي پيو آهي. پر جڏهن کيس ڏٺم ته بت مان سيسراٽ نڪري ويا. اهو ڀٽي ئي ڪونه رهيو هو.
پر ڇا چئجي سندس دل جي طاقت، بيماريءَ کي کنگهيائين به ڪونه. ائين ئي مليو، جيئن سدائين ملندو هو. گهڻي دير ڪونه ويٺاسين. اسپتال جو ماحول اسان جهڙن يارن جي ڪچهريءَ لاءِ موزون ڪونه هو. جڏهن سندس ڪمري مان ٻاهر نڪتس ته ڳڻتي ٿي پيم. حسين شاهه گڏ هو، ٻئي ڄڻا ڊاڪٽر وٽ وياسين. ان صاف ٻڌايو ته حياتي ان جي وس آهي، جيڪو حياتي ڏئي ٿو.
ساڻس ٻي ملاقات به حسين شاهه سان گڏ ٿي. اسان ٻئي ڄڻا زماني جي سارنگ سان سکر ۾ درياهه واريءَ هوٽل ۾ ٽڪيل هئاسين. حسين شاهه کي انگريزي ماني وڻندي آهي، پر مون ڄاڻي واڻي ڀٽيءَ کي فون ڪئي ته ماني تو وٽ کائينداسون. مڇيءَ جو ٻوڙ ضرور هجي.
مون کي ڊپ آهي ته شايد ان ڏينهن سڪ سان، مارڪيٽ مان ٻوڙ وٺڻ به پاڻ ئي ويو. منجهند جو ميز تي، مڇيءَ ۽ ڪڪڙ جا ٻوڙ، بيهه تريل، پلاءُ ۽ سلاد غرض ته سڀ ڪجهه موجود هو.
ڀٽيءَ ۽ مون ورهين جا ورهيه گڏجي ماني کاڌي هئي، پر ان مانيءَ جو سواد ئي عجيب هو، ڄڻ ته اها Last Supper هئي.
پوين ڏينهن ۾ اسان اڪثر ڪري، اسلام آباد مان فون تي ڳالهائيندا رهندا هئاسين. فرمائش ڪيائين ته ”ڪو ڪتاب موڪل ته ويهي گهر ۾ ترجمو ڪري ان ويٺي کان وندر ڀلي.“
مون کيس ارنيسٽ هيمنگوي جو ڪتاب Snows of Kilminjaro ڏياري موڪليو. ان ڪتاب جي آخرين باب تائين پهتو هو، جو سندس زندگيءَ جو آخرين ڏينهن اچي پهتو.
اڳئين ڏينهن تي جڏهن فون تي ڳالهايائين ته لهڪاريل هو. آواز غير معمولي طور مٺو، ڄڻ ته اڏامندڙ پکيءَ جي پوئين لات ٻڌي رهيو هوس. ٻئي ڏينهن حميد سنڌيءَ فون ڪئي ته، ”ادا، ڇورا ڇنا ٿي وياسين.“
ڀٽي روح ۽ جسم جي رڳ رڳ ۾ وسيل آهي. سندس يادگيريون منهنجي ئي زندگيءَ جو اهم باب آهن. پر لکڻ جي طاقت ڪنهن ۾ آهي! قلم کڻ ته اکيون ڀرجي اچن ٿيون. سندس قبر تي گلاب جا گل بيشڪ سڪي ويا هجن، پر منهنجي دل جو زخم اڃا تازا آهن.

صديق سالڪ

سنه 1984ع جي ڳالهه آهي. مون کي حيدرآباد کان اسلام آباد آئي مهينو ٻه گذريا هوندا. ايڪيڊمي آف ليٽرس ۾، ڊائريڪٽر ايڊمنسٽريشن جي عهدي جي چارج ورتي هئم، خاطر غزنوي مون سان گڏ ڊائريڪٽر ليٽرس مقرر ٿيو هو. ڪنهن دوست چيو ته، ”هلو ته هلي چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جي آفيس ۾ برگيڊيئر صديق سالڪ سان ملي اچون.“
مون سالڪ جو نالو ته ٻڌو هو، پر سندس باري ۾ گهڻي خبر ڪانه هئم. دل تي ايترو دئو هئم، ته اردو زبان جو سٺو اديب آهي. پر، فوج ۾ آهي ۽ چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جي آفيس ۾ ڪنهن اهم عهدي تي آهي، اهو تفصيل معلوم ڪونه هئم. اسلام آباد ۾ پاڻ کي ائين محسوس ٿي ڪيم، جيئن ٻٽيهن ڏندن جي وچ ۾ زبان. سوچيم ته صلاح ته سٺي آهي. هن ”اجنبي شهر“ ۾، ڪو لڳ لاڳاپو، ڪجهه اٿي ويٺي ضروري آهي.
خاطر غزنوي، مان، پروفيسر پريشان خٽڪ، جو پشاور مان مهمان ٿي آيو هو ۽ ٻيا ٻه ٽي دوست موٽرن ۾ سوار ٿياسين. رواني ٿيڻ کان اڳ، اسان مان سالڪ جي ڪنهن واقفڪار، کيس فون تي اهو اطلاع ڏنو. چيائين ته ”هليا اچو.“ اڌ ڪلاڪ ۾ موٽرون اسلام آباد مان راولپنڊيءَ پهتيون. اسان هڪ محل نما عمارت جي دروازي تي وڃي بيٺاسين، جتي باوردي فوجي سپاهي بندوقن سميت تيار بيٺا هئا. دروازي مان اندر گهڙياسين ته احساس ٿيو ته چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جي هيڊڪوارٽر ۾ آيا آهيون. هڪ ٻئي پٺيان، نوان نوان فوجي سپاهي، مختلف ڪمرن ۽ ڏاڪڻين مان اسان جي رهبري ڪندا، اڳتي وٺي هليا ۽ آخرڪار هڪ ڪمري جي اڳيان هلي بيهاريائون، جنهن جي ٻاهران ورانڊي ۾ به غاليچا وڇايل هئا. دروازو کليو، اسان هڪ هڪ ٿي اندر داخل ٿياسين. سرخ غاليچن، اعلى درجي جي فرنيچر، ۽ ريشمي پردن سان آراسته پيراسته ڪمري ۾، ميز جي پٺيان هڪ باوقار شخص، فوجي يونيفارم ۾، ڪرسيءَ تي ويٺو هو. اسان کي ڏسي اٿي بيٺو. سڀني سان گرمجوشيءَ سان هٿ ملايائين ۽ ڪرسين تي ويهڻ لاءِ چيائين. سندس عمر پنجاهه جي لڳ ڀڳ ٿي لڳي، قد جو ڊگهو، ڪڻڪ رنگو، گول چهري، سهڻن وصفن ۽ چٽن مهانڊن وارو هو. سندس شخصيت مان رعب جهلڪي رهيو هو پر اکين مان نرمي. اڳيان ميز تي ڪجهه ڪاغذ ٽڙيل پکڙيل هئس، انهن کي سيٽي، ڪرسيءَ تي ٽيڪ ڏيئي، آرام سان ٿي ويٺو ۽ گهنٽي وڄايائين. هڪ باوردي ملازم سفيد يونيفارم ۽ سرخ ڪمرپٽي سان، ڪمري جو دروازو ادب سان آهستي کولي، اندر داخل ٿيو.
”چانهه ۽ سمبوسا“ سالڪ کيس اشارو ڏنو، ۽ اسان کي مرڪي چيائين، ”هن ماحول ۾ اديبن سان ملاقات وڏي نعمت آهي.“
اتي اسان به پاڻ کي ذهني طرح آزاد سمجهيو، ۽ ڪرسين ۾ سولا ٿي ويٺاسين. مان کانڌيءَ جو ڪڙتو ۽ کانڌيءَ جي سلوار پائي ويو هوس. خاڪي يونيفارم جي ماحول ۾ اهو تضاد ڏاڍو دلچسپ ٿي لڳو. سالڪ تعارف لاءِ چيو. مون مختصر لفظن ۾ پنهنجي واقفيت ڪرائي. خاطر غزنويءَ، پروفيسر پريشان خٽڪ ۽ ڪن ٻين دوستن سان سندس اڳيئي واقفيت هئي. ستت ادبي ڳالهه ٻولهه نڪتي. هاڻي چٽيءَ طرح ياد ڪونهيم، پر ڀايان ٿو ته ”اديب ۽ آزادي“ موضوع هو. ڪن اظهار خيال جي آزاديءَ جي حمايت ۾ ڳالهايو. ڪن پاڻ ڳالهائڻ بدران سالڪ جا خيال ٻڌڻ کي ترجيح ڏني. مون رک رکاءُ ڇڏي، آزاديءَ سان ڳالهايو ۽ ائين محسوس ڪيو ته کيس منهنجون کريون ۽ صاف ڳالهيون ناگوار ته ڪونه لڳيون، بلڪ جان تان وڻيو. در حقيقت هن اسان سڀني کي نهايت تحمل ۽ توجهه سان ٻڌو. تجلا ڏيندڙ سونهري ٻلن ۽ بڪلن واري استري ٿيل ڪڙڪ خاڪي يونيفارم ۾ جيڪوا ديب هو، سو ڏاڍو ڪو انسان دوست هو. پاڻ به دل کولي ڳالهايائين ۽ اديبن جي اظهار خيال جي آزاديءَ جي ڀرپور حمايت ڪيائين. ڪلاڪ اڌ ڪچهري ڪري جڏهن کانئس اجازت گهريسون ته اسان سان گڏ ڪمري مان ٻاهر نڪتو، ڏاڪڻيون لهي هيٺ آيو ۽ موٽرن وٽ موڪلائي، واپس ويو.
اها هئي صديق سالڪ سان منهنجي پهرين ملاقات.
ٻي ملاقات ڪٿي ٿي، ڪڏهن ٿي، سو هاڻي ياد ڪونهيم. پر ڀايان ٿو ته گاهي بگاهي ميل ملاقات ٿيندي رهي. سالڪ جو سڀاءُ مون کي وڻيو. بيحد خود دار ليڪن مٺو ماڻهو. سال کن جي عرصي اندر، هڪٻئي کي ڪافي ويجهڙا ٿي وياسين، پر ايترا به نه، جو مان بنا حجاب جي کيس ڪو ڪم چئي سگهان. هو رڳو مون سان نه پر هر ڪنهن سان سوچي سمجهي وک کڻندو هو ۽ زبان مان لفظ ڪڍڻ کان اڳ ان جي معنى ۽ مطلب کي خيال ۾ رکندو هو.
هڪ ڏينهن ايوان صدر مان، چئين وڳي شام جو فون ڪيائين ”ڇا ٿو ڪرين؟“ مون چيو ”آفيس جو ڪم ويٺو ڪريان.“ چيائين ته ”واندو هجين ته هليو اچ ته چاءِ پيون.“ مان وٽس پهتس ته سبز چاءِ ۽ سئنڊوچز گهرايائين، ڪتابن جون ڳالهيون نڪتيون. مون کيس ٻڌايو ته سڀاڻي لاهور ۾ هڪ ادبي اداري ۾ ميٽنگ آهي. اوڏانهن ڏينهن اڌ لاءِ وڃي رهيو آهيان. چيائين ته ”ايمرجنسي نالي هڪ نئون ناول لکيو اٿم. ان جو مسودو احمد نديم قاسميءَ کي پڙهڻ لاءِ ڏنو هئم. جڏهن موٽين ته وٽانئس کنيو اچجانءِ.“
لاهور ۾، قاسميءَ مسودو لفافي ۾ بند ڪري، هڪ خط سان گڏ ڏنو. مون امانت آڻي سالڪ کي ڏني. خط پڙهيائين ۽ ڪتاب جو مسودو مون کي ڏيئي چيائين ته ”هفتي ٻن ۾ پڙهي، تون به پنهنجي راءِ ڏجانءِ.“
مون کيس پنهنجي راءِ تفصيل سان ڏني. ڏاڍو متاثر ٿيو. منهنجيءَ راءِ جي روشنيءَ ۾ ناول ۾ ٿوري گهڻي اصلاح ڪيائين ۽ ڪتاب جي پيش لفظ ۾ احمد نديم قاسميءَ ۽ وحيد قريشيءَ سان گڏ منهنجو شڪريو به ادا ڪيائين.
سالڪ اردو زبان جو اديب هو، پر، مان صوبائي زبان جو، تنهنڪري سڀني زبانن جي اديبن جي حمايت ڪندو هوس. هڪ ڏينهن فون ڪيائين ته پنهنجي نئين ڪتاب جي رونمائيءَ جو جلسو ڪراچيءَ ۾ رکڻ گهران ٿو. ارادو اٿم ته ان ۾ ملڪ جي چئن ئي زبانن جي اديبن کي به ڪتاب تي ڳالهائڻ لاءِ چوان. سنڌي اديبن مان فلاڻي اديب جو نالو مليو اٿم. تنهنجي ڪهڙي صلاح آهي؟“
مون چيس ته سنڌ ۾ ٻه اهم ادبي ادارا آهنِ هڪ سنڌي ادبي بورڊ ۽ ٻيو سنڌالاجي. انهن ٻن مان ڪنهن جو سربراهه جيڪڏهن تنهنجي ڪتاب تي ڳالهائي ته سٺي ڳالهه ٿيندي. جڏهن ڪراچيءَ مان جلسو ڪري موٽيو، تڏهن ڏاڍو خوش هو. چيائين ته جلسي ۾ جيترن به اديبن ڳالهايو، تن ۾ سنڌالاجيءَ جي ڊائريڪٽر، مهتاب راشديءَ سڀني کان سٺو ڳالهايو.
سالڪ 1971ع واريءَ جنگ ۾، اوڀر پاڪستان ۾ هو ۽ جنگي قيديءَ جي حيثيت ۾، هندستان ويو هو. ڪڏهن ڪڏهن ان دور جو ذڪر ڪڍندو هو. هڪ دفعي مون کيس ٻڌايو ته تن ڏينهن ۾، مان حيدرآباد ۾، سنڌي ادبي بورڊ واريءَ آفيس ”امين منزل“ ۾، پنهنجي ننڍي ڀاءُ غلام شبير سان گڏ رهندو هوس. جنگ جي ڪري، بلئڪ آئوٽ هوندو هو. رات جو ڪنهن مهل هندستان جو جهاز ايندو هو ته اوچتو سائرن وڄندا هئا ۽ اسان ٻئي ڀائر بسترا کڻي وڃي ڏاڪڻ ۾ وهندا هئاسون. سياري جي رات هوندي هئي. روزانو رات جو هڪ ٻه دفعا اها جٺ ٿيندي هئي. جڏهن جنگ ختم ٿي رهي هئي تڏهن هندستاني ريڊئي تي ”جنرل ماڻڪ شا کا پيغام، امير عبدالله نيازي اور رائو فرمان علي که نام“ ٻڌندا هئاسين، جنهن بعد ۾ هندستاني فوجن اڳيان هٿيار ڦٽي ڪيا هئا.
هڪ دفعي مان حيدرآباد مان بورڊ جي ڪم سان راولپنڊيءَ آيس. سرڪاري ڪم لاهي، سوات گهمڻ هليو ويس. اتي گهر لاءِ تازا صوف خريد ڪيم. راولپنڊيءَ مان موٽڻ مهل جهاز ۾ صوفن جي ٽوڪري پنهنجن پيرن وٽ رکي، پنهنجيءَ سيٽ تي ويٺس ته ڪو شخص آيو، پاسي واريءَ ڪرسيءَ تي ويٺو ۽ منهنجن پيرن وٽان صوفن جي ٽوڪري هٽائي، پنهنجي بريف ڪيس رکي، آرام سان پنهنجيءَ سيٽ تي ويهي رهيو. مون ڏانهس ڏسڻ يا ڳالهائڻ کانسواءِ سندس بريف ڪيس هٽائي، پنهنجي صوفن جي ٽوڪري رکي، ٽنگو ڊگهيون ڪري ڇڏيون. ان تي ڪنڌ ورائي، مون کي اسلام عليڪم چيائين. مون سلام ورائي ڏانهس نهاريو ۽ ڀانيم ته سندس تصوير اخبارن ۾ ڏٺي اٿم. چيائين ته منهنجو نالو عبدالله نيازي آهي. مون چيو ته اوهان جو چهرو مانوس ته لڳي ٿو پر مان اوهان کي ڪونه سڃاڻان. چيائين ته مون کي جنرل نيازي ڪوٺيندا آهن. اتي مون کي اڳوڻا ڏينهن ياد آيا. مون ساڻس اوڀر پاڪستان جي ڳالهه ڪڍي، ته همراهه جذباتي ٿي ويو. چيائين ته سڄو ڏوهه انهن جو آهي، جن مغربي محاذ تي جنگ بند ڪئي. مون کي ڪهڙي خبر ته مغربي محاذ تي جنگ ڪنهن بند ڪئي هئي؟ بهرحال، صبر سان کيس لاهور تائين ٻڌندو رهيس. پر محسوس ڪيم ته همراهه هوش کان وڌيڪ جوش ۾ آهي. پڇيائين ته حيدرآباد ۾ ڇا ڪندو آهين ۽ ڪٿي رهندو آهين؟ مون کيس صحيح صحيح جواب ڏنو. چيائين ته ڪنهن ڏينهن اتي توسان ملڻ ايندس. مون دل ۾ چيو ته ياالاهي خير! بهرحال، آيو ته ڪونه، البت عيد تي هڪ عجيب ڪارڊ موڪليائين، جنهن ۾ هڪ چيتو هڪ ٽڪريءَ تان ٻيءَ ٽڪريءَ تي ٽپو ڏيئي رهيو هو. چيتي جي هيٺان لکيل هو امير عبدالله خان نيازي ”ٽائيگر.“
سالڪ ڳالهه ٻڌي کلڻ لڳو ۽ چيائين ته ”تو منهنجا ڪتاب Witness to Surrender ۽ هم ياران دوزخ ڪونه پڙهيا آهن؟“ مون چيو ته ”نه“. چيائين ته ”پڙهي ڏس. انهيءَ ٽائيگر جو انهن ڪتابن ۾ ڪافي احوال اٿيئي.“ ٻئي ڏينهن ٻئي ڪتاب موڪلي ڏنائين. انگريزي ڪتاب ته ڪو دوست کڻي ويو. البت اردو ڪتاب پڙهيم ۽ ڏاڍو وڻيم. في الحقيقت اهو ئي ڪتاب منهنجي ۽ سالڪ جي سنگت جو سبب بنيو. مان ڄڻ ته سندس روح مان گهمي آيس. سالڪ وڏو اهل دل انسان هو.
سچو ماڻهو هو. زماني جا ڏنگ سهي سهي، عاجز اچي چڪو هو، مونکي اهڙن مظلومن سان محبت ٿيندي آهي. شايد سندن روح ۾، پنهنجي ئي روح جو عڪس ڏسندو آهيان. غريب سان وڏي ويڌن اها هئي ته ايوان صدر ۾ اهم عهدي تي فائز هئڻ ڪري. ماڻهو کيس ذاتي مفاد حاصل ڪرڻ جو ذريعو سمجهي پنهنجا جائز ۽ ناجائز ڪم چوندا هئا. اهائي ڳالهه کيس سڀ کان گهڻو ڏکوئيندي هئي. خاص ڪري جڏهن ادبي ۽ اهل قلم به کيس ائين استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا، ته ڏاڍو پريشان ٿيندو هو. هڪ دفعي ڪنهن اديب جو نالو کڻڻ کانسواءِ ڳالهه ڪيائين ۽ مون کي چيائين ته تون رڳو ڪنهن ڏينهن ايوان صدر مان فون ڪر. سالڪ پڇيس ته ان مان توکي فائدو؟ چيائينس ته ان هڪ فون مان پنجاهه هزار رپيا ڪمائيندس. سالڪ پڇيس ته سو ڪيئن؟ چيائينس ته منهنجي سيٺ جا سرڪار ۾ الاهي ڪم آهن. کيس چوندس ته ايوان صدر ۾ منهنجي هلندي پڄندي آهي. تنهنجي فون ان دعوى جي تصديق ڪند.ي منهنجو سيٺ مون کي خوش ڪرڻ لاءِ چاليهه پنجاهه هزار رپيا ته ان مهل ئي منهنجي کيسي ۾ وجهندو.
مون سالڪ کي چيو ته مون کي توتي رحم ٿو اچي. الله تنهنجي مدد ڪندو.
مون ايوان صدر ۾ به سالڪ کي سک سان ڪونه ڏٺو. ننڍي هوندي جون ٻڌل ڳالهيون ياد آيم ته سچي خوشي حاڪمن نه، فقيرن وٽ آهي. هڪ ڏينهن رازداريءَ ۾ ايوان صدر ڏانهن اشارو ڪري چيائين ته ”هن سفيد پڃري white cage ۾ اچي ڦاٿو آهيان. سوچيان ٿو ته صدر جي پريس سيڪريٽريءَ جي عهدي تان استعيفا ڏيان.“ مون کيس ائين ڪرڻ کان منع ڪئي ۽ سندس اڳوڻي آفيسر سان مشورو ڪرڻ لاءِ چيو. مون کي اها خبر هئي ته پاڻ سندس چوڻ آکڻ ۾ آهي. هن ڳالهه ٻڌي چيس ته ”تو پنهنجن ٻارن کي ناز ۽ نعمت تي هيرايو آهي. پاڻ ته ڏک سک سان دال ماني کائي ويندين، پر ٻارن جو ڏک ڏسي سگهندين؟“ ساڳي صلاح ٻين ڪن دوستن سان به ڪيائين. انهن جو مشورو قبول ڪيائين يا نه، سو ته چئي نٿو سگهجي، پر پنهنجي اڳوڻي آفيسر جي جواب ٻه _ چتو وڪري وڌس. ڏاڍو مونجهاري ۾ هو. هڪ دفعي ايوان صدر ۾ ويٺا هئاسين. پنهنجي دل جي ڪيفيت بيان ڪرڻ لاءِ هڪ ٽوٽڪو ٻڌايائين:
”هڪ جهوپڙيءَ ۾ ٻه درويش رهندا هئا. رات ڏينهن علم جي تحصيل ۾ مشغول هوندا هئا. ڪنهن ريت بادشاهه کي اها خبر پيئي ته فلاڻي هنڌ ٻه وڏا عالم رهن ٿا. بادشاهه کين پيغام ڏياري موڪليو ته مون وٽ اچو ته اوهان کي وڏا عهدا ڏيان. هڪ درويش ويو، ٻيو ڪونه ويو. جيڪو ويو، سو بادشاهه جو مقرب ۽ مشير مقرر ٿيو. ناز نعمت سان هلڻ لڳو. اعلى درجي جا ويس وڳا، طعام ۽ مشروبات سندس روز مرهه جي زندگيءَ جو معمول ٿي ويا. هڪ ڏينهن کيس پنهنجي يار جي يادگيري آئي. سونن سنجن واري گهوڙي تي سوار ٿي، ريشم ۽ ڪيمخواب جي قبا ڍڪي، پنهنجيءَ پراڻيءَ ڪکائينءَ جهوپڙيءَ ۾ ويو. ٻيو درويش اهوئي تڏي تي ويٺو هو ۽ ڪنهن ڪتاب جي مطالعي ۾ مشغول هو. يار کي ڏسي، ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ڀاڪر پائي گڏ وهاريائينس. ايتري ۾ منجهند جي مانيءَ جي مهل ٿي ۽ دستور موجب دال جي پيالي آئي. يار کي چيائين ته کاءُ. هن شڪريو ادا ڪري چيس ته جيڪڏهن توکي بادشاهه جي خوشنودي حاصل ڪرڻ جو هنر اچي وڃي ته پوءِ توکي دال تي گذران ڪرڻ جو ضرور ڪونه رهندو.
ٻئي درويش جواب ڏنس ته پر جيڪڏهن توکي دال تي گذران ڪرڻ جو هنر اچي وڃي، ته پوءِ توکي به بادشاهه جي خوشنودي حاصل ڪرڻ جي ضرورت ڪانه رهندي.
ٽوٽڪو سٺو هو. پر مون ان تي تبصرو ڪونه ڪيو ڇو ته دنيا ۾ دال جي پياليءَ تي گذر ڪرڻ وارا درويش هاڻي ڪونه رهيا آهن. مون محسوس ڪيو ته سالڪ جو اصل مسئلو اهو آهي ته هو پنهنجي اندر ۾ گهٽ محسوس ڪري رهيو آهي. وقت جي حاڪم اڳيان کيس هر وقت هائو ڪرڻي پوي ٿي. هوڏانهن اديب بنيادي طرح آزادي پسند ۽ باغي ٿئي ٿو. پابندي ۽ غلامي هن جي روح لاءِ وڏي ۾ وڏو عذاب آهي، مون کيس صلاح ڏني ته ”هفتي ۾ ڏينهن ٻه موڪل ڪري، ڪوهه مريءَ هليو ويندو ڪر. مري اسلام آباد کان فقط ٽيهه ميل آهي. اتي توکي آرام سان ٽڪڻ لاءِ گهڻيئي جايون آهن. تنهنجي ذهن جو ٿڪ لهي پوندو.“ پر، منهنجي اها صلاح کيس صحيح نظر نه آئي. ڪميڻيءَ دنيا مان ڪڪ ٿي، آهستي آهستي، پاڻ کي ذهني طرح گوشه نشين بنائي ڇڏيائين. بس، ڪتاب ۽ پاڻ. شراب کي سڄي عمر هٿ ڪونه لاتائين. ساڳيءَ ريت سگريٽ کان به سڄي عمر پاڻ پليائين. جيئن جيئن دنيا کان ڪٽبو ويو، تيئن تيئن مون سان سندس قرب وڌندو ويو. آخر ڪو وقت اهڙو به آيو، جو جيڪڏهن مان کيس فون ڪرڻ ۾ ڏينهن ٻه وٿي وجهان ته سندس دانهن ٻڌان، ”او بيوفا، مون توکي اڳي به چتاءُ ڏنو آهي ۽ وري به ٻڌايان ٿو ته مون سان بيوفائي ڪندين ته مان نئون دوست ڪندس.“ سندس گهر واريءَ منهنجي گهر واريءَ کي ٻڌايو ته وڏين وڏين سرڪاري دعوتن مان رات جو دير سان موٽي ايندو هو ته به اچڻ شرط پڇا ڪندو هو ته ”آگري جي فون آئي هئي؟“ مون کان پڇي، وري وڃي ڌيئن مان هر هڪ کان جدا جدا پڇندو ته ”چاچا آگري جي فون آئي هئي؟“ جيڪڏهن جتان ڪٿان جواب نهڪر ۾ ملندو هوس ته اداس ٿي ويندو هو!“
مان کيس روز روز فون ڪرڻ کان انڪري دانسته گريز ڪندو هوس، ته متان ائين سمجهي ته منهنجي به منجهس ڪا غرض آهي. هڪ دفعي ساڻس اهڙو اظهار به ڪيم. ٻڌي ڏکوئجي چيائين ته ”تون ائين ڇو ٿو سوچين!“
زماني ۾ ٿڌي ڪوسي هر انسان جي مٿي تي آهي. انسان سڄڻن سان ئي سور سليندو آهي. سو، مون مختلف موقعن تي کيس نوڪريءَ جو هڪ اڌ ڪم چيو، پر ڪري ڪونه سگهيو، البت هڪ احسان اهڙو ڪيائين، جو زندگيءَ ڀر ياد رهندو.
ڇا ٿيو ته مان ڪنهن ڪم سان ڪراچيءَ ويس. اتان ڳوٺ جو قصد ڪري، حيدرآباد پهتس. پنجين بجي شام جو حيدرآباد مان نڪتس. انهن ڏينهن جي لڙ ڇڙ واري ماحول کي خيال ۾ رکي، ڊرائيور کي چيم ته گاڏي تيز هلاءِ، ته سج بيٺي نڪري هلون. ڊرائيور سو ڪلوميٽر ڪلاڪ، پوءِ سواسو ڪلوميٽر رفتار سان هلڻ لڳو. سانجهيءَ جي نماز موري جي ٻاهران پئٽرول پمپ تي پڙهي، ڊرائيور کي چيم ته ڳوٺ باقي چاليهه ميل پري آهي. همت ڪر ته اونداهيءَ کان اڳي ڳوٺ پهچي وڃون. هن ڪار جي رفتار هيڪاري تيز ڪري ڇڏي. سواسو ڪلوميٽر مان وڌائي اول سوٽيهه پوءِ سو چاليهه ڪلوميٽر ڪري ڇڏيائين. مان ساڻس گڏ اڳينءَ سيٽ تي ويٺو هوس، پر پوءِ به کيس منع ڪانه ڪيم. ڪار سوا چاليهه ڪلوميٽر رفتار سان وڃي رهي هئي، جو اوچتو کاٻي پاسي کان سامهون هڪ ٽرڪ بيٺل نظر آئي. ٻئي پاسي کان وري سامهون ٻي ٽرڪ اچي رهي هئي، ان ڪري ڪٿان به گاڏي ڪڍڻ جي ڪابه وٿي ڪانه هئي. سوچڻ جي وقت ايتريءَ تيز رفتار ۾ ڪٿي ٿو ملي! اسان جي ڪار واچ مينهن ڪندي، سامهون واريءَ بيٺل ٽرڪ جي هيٺان هلي ويئي. ڊرائيور بعد ۾ ٻڌايو ته هن بيٺل ٽرڪ جون بتيون وسائل هئڻ ڪري، ان کي پري کان ته ڪونه ڏٺو هو. پر جڏهن ڪار مٿان وڃي پهتي ته ٽرڪ تي اوچتو سندس نگاهه پيئي ۽ بريڪ هنيائين، پر گاڏيءَ جي تيز رفتار ان کي اڳتي گهليندي ويئي. مون کي ايترو سو ياد آهي ته اوچتو ونڊ اسڪرين جي شيشي جا ذرڙا چر چر ڪندا، هيٺ ڪرڻ لڳا. ڪار جي انجڻ ٽرڪ جي هيٺان هلي وڃڻ ڪري، ڪاغذ جي دٻي وانگر چپجي کرکنا ٿي ويئي. ”سائين بچيا ته آهيو؟“ ڊرائيور جا اکر منهنجي ڪن تي پيا ته سمجهيم ته واقعي بچي ويو آهيان!
”هائو، پر در اچي کول ته مان ٻاهر نڪران“ مون کيس جواب ۾ چيو. مٿي مان گرم گرم رت جا ڦڙا ڳلن تان وهندا، اچي هيٺ ڪريا. ڊرائيور ڪار جو دروازو کوليو. مون ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر نڪري نه سگهيس. ڊرائيور مدد ڪئي. ٻاهر نڪتس ته ڏٺم ته کاٻي ٻانهن هيٺ لڙڪي رهي آهي. بيهي نه سگهيس، هيٺ ڪري پيس. مارڻ واري کان بچائڻ وارو ويجهو آهي. ڪا دعا ڪم آئي هوندي، ڪو خير جو ڪم رب کي قبول پيو هوندو، نه ته هڪ سو چاليهه ڪلوميٽر جي رفتار سان پهاڙ جيڏيءَ ٽرڪ سان ٽڪرائجڻ کانپوءِ به ماڻهو بچي وڃي ته معجزو ٿيو!*
ٻيو معجزو اهو ٿيو ته اتي جو اتي، پٺيان هڪ ٽرڪ آئي جنهن جي ڊرائيور ڪنهن به پش و پيش ڪرڻ کانسواءِ امالڪ مون کي کڻي پنهنجيءَ گاڏيءَ ۾ وهاريو. پاڻيءَ جو جمن ڀري پياريائين.

ته ڪجهه سامت ۾ آيس. ٽافي ڪڍي چوسڻ لاءِ ڏنائين. غريبن کي الله ڪيڏي نه ٻاجهه ڀري دل ڏني آهي!
ڏيڍ ميل پنڌ تي منهنجي منزل يعني ڪنڊياري جو شهر هو. اتان قومي شاهراهه ڇڏي اتر طرف ست ميل پري پنهنجي ڳوٺ آڳرين وڃڻو هوم. ٽرڪ ڊرائيور قرب ڪري ڪنڊياري جي اسپتال ۾ اچي لاٿو. اونداهي ٿي ويئي هئي پر ٻه ڊاڪٽر اسپتال ۾ موجود هئا: هڪ ڊاڪٽر راڄپر ۽ ٻيو ڊاڪٽر بروهي. ٻنهي قربن سان ڪمال ڪري ڇڏيو. مٿي کي صاف ڪري، پٽي ٻڌائون. ٻانهن کي به ڪا پٽي ٻڌائون. سڀ کان وڏي ڳالهه ته دلداري ڏنائون.
کانئن پڇا ڪيم ته ٽيليفون آهي، ته فون آڻي ڏنائون. حيدرآباد فون ڪيم. ڀاءُ شبير لاءِ پيغام ڇڏيم ته سالڪ کي ڄاڻ ڪر. هت جهنگ ۾ ته نه اوهي نه واهي! حيدرآباد يا ڪراچيءَ الائي ڪڏهن پهچندس. تيسين ڀڳل ٻانهن ۽ مٿي جو زخم الائي ڪهڙو خلم ڪندا.
شبير جو چوڻ آهي ته هن فون ڪئي ۽ سالڪ کيس بروقت ملي ويو. سالڪ بعد ۾ ٻڌايو ته فون پهچڻ شرط هوش اڏامي ويو. زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو، ڪراچيءَ ۾ صدر جي ڊاڪٽر کي حڪم ڏنم ته هيئن غلام رباني آگرو ڪار جي حادثي ۾ زخمي ٿي، ڪنڊياري جي اسپتال ۾ پهتو آهي. هڪدم کيس حيدرآباد جي سول اسپتال ۾ پهچايو وڃي ۽ سندس علاج جو خاص خيال رکيو وڃي.“
مان ڪنڊياري جي اسپتال ۾ اداس ليٽيو پيو هئس ته مائٽ اچي پهتا، ڊاڪٽر عبدالقيوم آگرو ۽ حاجي سيف الله آگرو. زوريءَ اسپتال مان گهر وٺي هليا. خدمت چاڪريءَ ۾ حد ڪري ڇڏيائون. اها رات زندگيءَ ڀر وسري نه سگهندي. اڌ رات جو سمو هو. غالبن هڪ ڏيڍ ٿيو هوندو ته چيائون ته چيف منسٽر سنڌ، غوث علي شاهه فون تي ڳالهائيندو. شايد اسلام آباد جي ٽيليفون سندس به ننڊ ڦٽائي وڌي هئي. ستت سندس آواز ٻڌم: ”ڀائو، ڇا ٿيو؟“ مون احوال عرض ڪيو. چيائين ته ”مون ڊي سي نوابشاهه کي حڪم ڏنو آهي ته اوهان کي فورن ايمبولنس موڪلي ۽ ڪراچيءَ جي سول اسپتال ۾ به ضروري احڪام ڏيئي ڇڏيا اٿم.“
پر، نوابشاهه جي ڊي سيءَ کي شايد ننڊ گهڻي ايندي هئي، سو وري سمهي پيو. چيف منسٽر جي حڪم جي باوجود، مون کي نوابشاهه مان ته ايمبولنس ڪانه پهتي، البت، سالڪ وارو حڪم ڪم آيو. رات جو چئين بجي ڌاران، دروازو کڙڪيو. هڪ نوجوان، ڊاڪٽر ننڊاکڙين اکڙين سان ٻاهر بيٺو هو ته ”حيدرآباد جي سول اسپتال مان، اسلام آباد جي حڪم موجب، ايمبولنس ڪاهي، آگري صاحب کي وٺڻ آيو آهيان.“ مائٽن کان موڪلائي، ساڻس گڏ، ايمبولنس ۾ سوار ٿيس. رات اکين ۾ ڪاٽي، صبح جو نوين بجي وڃي لياقت ميڊيڪل اسپتال ۾ داخلا ٿيس. اتي ٽيون معجزو ڊاڪٽر اسلم گهلوءَ ڪري ڏيکاريو. ڊاڪٽر مون به گهڻا ڏٺا. پر جهڙو مٺو ماڻهو ۽ ڀلو ڊاڪٽر مون ڪونه ڏٺو. ٻانهن اهڙي سٺي ٻڌائين، جو هاڻي مان ڪنهن کي قسم کڻي ٻڌايان ته هن ٻانهن جو هيئن حادثو ٿيو هو، ته اصل ڪونه مڃيندو.
حيدرآباد واريءَ اسپتال ۾ سالڪ جي گاهي ماهي مون کي به فون ايندي رهندي هئي ۽ ڊاڪٽرن کان پنهنجي ليکي به منهنجو حال احوال وٺندو رهندو هو. سنڌ جي يارن ته اهڙيون قربداريون ڪري ڇڏيون، جو حادثي ته ڇا، بلڪ زندگيءَ جي پنجاهه ورهين جا ٿڪ لهي ويا. اسپتال جي منتظم ڊاڪٽر ظفر صديقيءَ، پرائيويٽ وارڊ ۾، هڪ نه پر ٻه ڪمرا مون لاءِ رزرو ڪيا ۽ انهن ۾ ٽيليفون به هڻائي ڏني. پر دوستن ۽ ملاقاتين جو تعداد ايڏو جو ٻن ڪمرن ۾ به نه ماپي سگهن. خاص ڪري، شما جي مهل ته ڪيترا ويچارا ڪمرن ۾ جاءِ نه هئڻ ڪري، ٻاهر ميدان ۾ چڪر ڏيندا وتن. حيدرآباد ضلعي ڪائونسل جي نوجوان چيئرمين پير خالد جان سرهنديءَ کان وٺي سنڌي ادبي بورڊ جي غريب پٽيوالي الله بخش تائين، هر ڪنهن قربن سان هد ڪري ڇڏي.
مون کي سور ڪري رات جو ننڊ ڪانه ايندي هئي. سڄيون سڄيون راتيون پاسا ورائيندي گذرنديون هيون. ڀلا ڀڳل ٻانهن تي جو ڪلهي کان ڪرائيءُ تائين پلسٽر چڙهيل هجي ته قرار ڪيئن اچي؟ هڪ رات ته سڄي لڇندي گذري. اڃا منهن اونداهي هئي، جو الله بخش ۽ مان سول اسپتال جي مکيه دروازي وٽ، ڪاٺ جي ڪئبن واريءَ ننڍڙيءَ غريباڻيءَ هوٽلڙيءَ مان چاءِ پيئڻ وياسين. اسپتال مان ٻاهر نڪتاسين ته آسمان ۾ اڃا تارا بيٺا هئا. پر، ستت، اوڀر کان پرهه ڦٽڻ لڳي. ڪاٺ جي ڪئبن مٿان ٻير جو ٻروٽو هو. ان ۾ پکيئڙا رات جو آرام ڪري جاڳيا هئا. سندس ”چون“ ”چون“ اسان کي ڏاڍو مزو ڏنو. زندگيءَ ۾ غريب هوٽل وارو به ان مهل جاڳيو هو. صبح مرداني جي پهرين ٻهڻي سمجهي، ڏاڍي پيار سان، جلدي جلديءَ ۾ چاءِ جا گرم گرم ٻه ڪوپ ٺاهي ڏنائين. ڪو لطف آيو. سڄيءَ رات جي اوجاڳي جو ٿڪ لهي ويو. اهو صبح به زندگيءَ ڀر ياد رهندو.
منهنجي مانيءَ جو بندوبست شبير جي حوالي هو. پاڻ مون کان ننڍو آهي. پر مانيءَ مان گرهه ڀڃي، ٻوٽيون ڳولي، ائين ويهي سڪ سان کارائي، جو ڄڻ ته مان ابهم ٻار هئس ۽ پاڻ وڏو ڀاءُ هو. سندس اٿاهه پيار ڏسي، مان مشڪل سان اکين جا ڳوڙها لڪائي سگهندو هوس.
هاڻي نالا ياد ڪونه اٿم پر بيشمار دوستن، زالن ۽ مردن اسپتال ۾ شاندار دعوتون ڪيون. ڪن ته سڄا سڄا ڇيلا پچرايا. مون کي ڳوري ماني کائڻي ڪانه هئي پر دوستن جي دل رکندو هوس. ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته سندن احسان ڪيئن لاهي سگهندس! سنڌي ادبي بورڊ جو هڪ غريب ملازم، علي نواز ڀٽي صبح جو سوير ناشتي لاءِ روز ٻن چئن ميلن جي پنڌ تان اوڦراٽا ۽ آنا ترائي کڻي اچي، رات جو کير جون چونريون ڀرائي اچي. مون مٿس ڪوبه احسان ڪونه ڪيو هو. هڪ طرف اهڙن غريب يارن قرب ڪيا ته ٻئي طرف سائين مخدوم محمد زمان طالب المولي جهڙن معزز شخصيتن شفقتون ڪيون. سائين هالن مان قرب جا پير ڀري حيدرآباد ڪهي آيو. يادگار ڪچهري ڪيائين.
جڏهن هرڪو موڪلائي وڃي ۽ هئه مئه ٽري وڃي، ته حسين شاهه راشدي اچي چارج سنڀالي. سيرانديءَ کان ڪرسي وجهي ويٺو هجي. اسان جون هتان، هتان جون ڳالهيون کٽن ئي ڪونه. سندس اهو احسان ياد رهندو. اسپتال جو زمانو ته ساٿ ڏنائين، پر اسپتال ڇڏيم ته پاڻ ڪراچيءَ ڪار ۾ وٺي آيو.
- اسپتال ۾ منهجي داخلا جو ٻڌائين ته حيدرآباد ۾ پنهنجي ماتحت آفيسر کي منهنجي مزاج پرسيءَ لاءِ موڪليائين. اسلام آباد پهتس ته صحتيابي جي خوشخبري ٻڌي، فوراً دعوت جو سڏ موڪليائين- ڊاڪٽر هيلينا پاڪستان ۾ پنهنجي ملازمت جو معياد پورو ڪري،گذريل سال آمريڪا رواني ٿي-
مون کي ياد آهي ته جڏهن اسلام آباد ايندي ڪراچي ايئرپورٽ تي دوستن کان موڪلايم ته حيدرآباد جي دوستن جي اکين ۾ ڳوڙها ڏٺم. البت، گاسليٽي ڪامريڊ ڪڏهن به ۽ ڪٿي به نظر ڪونه آيا.
اسلام آباد پهتس ته سالڪ اچي ڀاڪر پاتو. پلاسٽر ۾ ويڙهيل ٻانهن ڏسي چوڻ لڳو، ”تون ته ڪافي زخمي ٿي پيو آهين. مون سمجهيو ته توکي هلڪي سلڪي چوٽ آئي هوندي.“ وقت گذرندي دير ڪانه ٿي لڳي. ڀڳل هڏ جڙي ويو، زخم جو نشان به مٽجي ويو. پر سالڪ جو احسان دل تي نقش ٿي ويو.
منهنجو پنهنجو تجربو اهو آهي ته پئسي وارو ماڻهو ماڻهپي کان محروم ٿئي ٿو. جيڪڏهن ڪنهن به انسان ۾ اشرافت جو انگ نظر اچي ته پڪ ڀانئجي ته هن زندگيءَ ۾ غريبيءَ جا ڏينهن ڏٺا آهن.
سالڪ پئسي جي لحاظ کان وڏو ماڻهو ته ڪونه هو، پر پنهنجيءَ سنهنجيءَ وارو هو. سندس رهائش سکين ستابن ماڻهن واري هئي. گهر جي فرش کي نرم نرم غاليچن سان ڍڪيو هئائين. هر ڪمري ۾ ايئرڪنڊيشنز هنيا هئائين ۽ درين ۽ دروازن تي ريشمي پردا. مهانگي موٽر ورتي هئائين. پنهنجن ٻارن کي انگريزي طرز جي زندگيءَ تي هيرايو هئائين. جڏهن ٻاهرين ملڪن جي دوري تي ويندو هو ته پنهنجي گهر کي سينگارڻ لاءِ نت نيون شيون وٺي ايندو هو. شايد دنيا جي مڙني مکيه ملڪن جا ڪيئي دورا ڪيا هئائين. ٻائيتاليهه دفعا ته سعودي عرب ويو هو. سندس اميراڻا ٺٺ ٺانگر ڏسي مون کي بعضي بعضي کانئس خوف ٿيندو هو. پر هڪ دفعي سندس انٽرويو پڙهيم ته سڀ ڀو ڀولا لهي ويا. هو مون کان به وڌيڪ غريب گهر ۾ ڄائو نپنو هو. انٽرويو ۾ ٻڌايو هئائين:
”مان پنجاب جي گجرات ضلعي ۾ منگليه نالي ڳوٺ ۾ ڄائس. ڳوٺ ۾ نه پڪا رستا هئا، نه ميلن تائين ڪا اسپتال يا اسڪول. مان ڪڙميءَ جي گهر ۾ ڄائس. چوڻ ڪاڻ ته بابي کي ٿورڙي زمين به هئي ۽ ڳوٺاڻا کيس چوڌري به ڪوٺيندا هئا، پر اها زمين اٺي تي آباد ٿيندي هئي. مينهن وسيو ته واهه نه ته فاقه ڪشيءَ تي نوبت پهچندي هئي. اسان جو گهر وچولي طبقي کان به هيٺاهون هو، سو ننڍي هوندي کان پنهنجي گهر ۽ آسپاس جي غربت جو ذهن تي اثر ويهي ويو.
پنجن ورهين جو هوس جو سج اڀرڻ کان اڳ اٿندو هوس. مولوي صاحب کان قرآن جو سبق وٺي گهر اچي رکي سڪي ماني کائي اسڪول ويندو هوس. اسڪول جو پنڌ اگهاڙين پيرين ڪندو هوس. اسڪول ڳوٺ کان ٽي چار ميل پري هوندو هو. پٽ تي ويهي پڙهندا هئاسون، جو اسڪول ۾ بينچون ڪونه هونديون هيون. ائين تعليم ورتم،
مئٽرڪ پرائيويٽ طريقي سان پاس ڪيم، پر پهريون نمبر کنيم. مائٽن منهنجو شوق ڏسي، غربت جي باوجود پڙهايو. ڪاليج ۾ بي اي ۽ ايم اي ڪرڻ کانپوءِ يونيورسٽيءَ مان ڊپلوما به ورتم.
زندگيءَ ۾ اهو مشاهدو ڪيو اٿم ته دنيا ۾ جن به ماڻهن ٿورو گهڻو نالو پئدا ڪيو آهي، اهي سڀ غريب گهرن جا ٻار هئا. جيڪي انگريزي محاوري موجب، وات ۾ سونن چمچن سان ڄمندا آهن، سي سڌرندا ته ڪونه آهن، البت کرندا جلد آهن.“
سالڪ کي وڏي هوندي جڏهن قدرت نوازيو ۽ ايوان اقتدار تائين سندس پهچ ٿي، ته هن پنهنجي اباڻي ڳوٺ کي ڪونه وساريو. روڊ پڪا ڪرايائين، ڳوٺ ۾ اسپتال وجهيائين، ڇوڪرن سان گڏ ڇوڪرين جو اسڪول، ٽيڪنيڪل اسڪول، بئنڪ ۽ ٽيليفون وجهايائين. بلڪ جانورن جي اسپتال به قائم ڪرايائين. اهي ڳالهيون مون کي پاڻ ٻڌايون هئائين ۽ چيو هئائين ته ”مارشل لا مان ٻين جيڪي به فائدا ورتا هجن، مون ته هڪ ئي فائدو ورتو، سو هيءُ ته پنهنجن غريب ڳوٺاڻن جي خدمت ڪيم.“
سالڪ ۽ مان هڪٻئي کي ننڍا وڏا تحفا ڏيندا هئاسون. ڪڏهن ڪهڙا ته ڪڏهن ڪهڙا. هڪ دفعي انوکو تحفو موڪليائين. سندس ٻيا تحفا ته وسري ويا اٿم، پر اهو ياد اٿم. سير اڌ جيترو ڳڙ ۽ سير اڌ جيترا مڱ! نياپو موڪليائين ته ”اهي ڳوٺ مان منهنجيءَ ٻنيءَ تان آيا آهن. توسان ونڊ ورڇي اٿم.“ سندس ٻنيءَ ٽڪر، منهنجي ڳوٺاڻي ٻنيءَ ٽڪر کان به گهٽ هو.
هيڪر مان سندس ڳوٺ ويس. سندس سهرو فوت ٿي ويو هو. سو، سندس پڳ مٽ يار سيد ضمير جعفري ۽ مان کيس تعزيت ڏيڻ وياسون. کاريان تائين موٽر ۾ نيشنل هاءِ وي تي سفر ڪيوسون. ان کان پوءِ سندس ڳوٺ مڙياسين ۽ ڪچڙيءَ منجهند جو وٽس وڃي پهتاسين. ڏاڍو خوش ٿيو. ٽپهريءَ تائين ڪچهري ڪري کانئس موڪلايوسون. پنجاب ۾ اهو پهريون ڳوٺ هو، جو مون ڏٺو. سنڌ جي ڳوٺن ۽ ان ۾ ڪو خاص فرق ڪونه هو. ماڻهن جون عادتون ۽ اٿي ويٺي سنڌ جي ٻهراڙين واري، ساڳيا مينهين ۽ ڳائي مال جا وڳ ۽ ڀاڻ جا ڍير.
اسلام آباد ۾ سرديءَ جي مند ته سخت ٿئي ٿي. پر اونهاري ۾ گرمي به چڱو چٽڪو ڏيندي آهي. ”اسلام آباد هوٽل“ وارا گرميءءَ جي مند ۾ پنهنجيءَ چئوماڙ بلڊنگ جي کليل ڇت کي خوب سينگاريندا آهن. چوڌاري رنگبرنگي بجليءَ جي بلبن جون جهالرون، پاسي کان کاڌي جون ميزون، انهن جي ڀرسان سيخ ڪباب، چڪن تڪا، شاشليڪ ۽ تازا نان پچندا رهندا آهن. وچ واري پڌر ۾، هت هت، وهڻ لاءِ ڪرسيون ۽ ميزون وجهندا آهن. سالڪ ۽ مون کي اهم شخصيتن وارو آڌر ڀاءُ ڏيندا هئا. ڏسڻ شرط ڊوڙندا ايندا هئا. سالڪ ۽ مون ڪنڊ ۾ هڪ ميز منتخب ڪري ڇڏي هئي. اتان ڪوهه مريءَ جي بتين جي جهرمر به ڏسڻ ۾ ايندي هئي. اسان ٻئي ٽئين ڏينهن ڪچهريءَ ڪرڻ لاءِ اسلام آباد هوٽل ۾ ماني کائڻ ويندا هئاسين. پهريائين تازي ليمي جو شربت، پوءِ چڪن سوپ ۽ ان جي مٿان، ڪباب، تڪا ۽ ڪلفي. آخر ۾ سبز چاءِ جو دور. ڪچهريءَ ۾ جڏهن سڀ موضوع ختم ٿي ويندا هئا ته سالڪ چوندو هو، ”آئو زلف يار کي باتين کرين.“ جيئن رستي ويندي ڪا موٽر لنگهي وڃي، تيئن هلندي چلندي، پاسي مان ڪا سهڻي عورت لنگهندي هئي ۽ مان سالڪ کي چوندو هوس ”هو مهانڊو ته ڏس،“ ته يڪدم پاڻ چوندو هو ”اهو ٿيو تنهنجو عشق نمبر ايڪيهه.“ اهڙيءَ ريت منهنجا ڪيئي عشق مقرر ڪري ڇڏيا هئائين. هڪ دفعي مون کيس چيو ته ”اڄ مغربي جرمنيءَ جي سفير سان ملڻ ويس. آف! سندس سيڪريٽريءَ جي ڪهڙي ڳالهه ڪريان. ڪا سهڻي آهي. باهه جو ٽڪر آهي، باهه جو ٽڪر!“ چيائين ته ”اهو ٿيو، تنهنجو عشق نمبر ٻاويهه.“ هڪ ڏينهن کيس هڪ آمريڪي خاتونءَ جي دعوت ۾ سڏيم. کيس ڏسي ڪن ۾ سرٻاٽ ڪيائين ”اهو ٿيو تنهنجو عشق نمبر ٽيويهه.“ هيڪر ڊاڪٽر شمل پاڪستان جي دوري تي آئي. مون سان گڏ سالڪ جي آفيس ۾ ڪو ليٽر ٽائيپ ڪرڻ هلي. واندي ٿي ته سالڪ چاءِ گهرائي. چاءِ پيئندي سالڪ چيس ته ”مون ٻڌو آهي ته اوهان جي سفير جي سيڪريٽري ڏاڏي سهڻي آهي؟“ ڊاڪٽر شمل اول ته منجهي پيئي. پوءِ سوچي جواب ۾ چيائينس ته، ”هائو، پر مان نٿي ڀانيان ته سفير کي ان ڳالهه ۾ ڪابه دلچسپي آهي.“ سالڪ چيس ته، ”سفير کي هجي نه هجي، پر ٻين ماڻهن کي ته آهي.“ اهو ٻڌي مون کان کل نڪري ويئي. چاءِ پيئندي اڙي پيس. ڊاڪٽر شمل وائڙي ٿي ويئي. سالڪ کي رونشو لڳو، سو مون ڏي ڏسي مسڪرائڻ لڳو.
هڪ دفعي کيس چيم ته ”سالڪ اڄ ميٽنگ ۾ هڪ خاتون ملي. پنجابي ۽ سنڌي اهڙي ته سٺي پئي ڳالهائي، جو مان ته منجهي پيس ته اصل ۾ ڪير آهي؟“ چيائين ته ”اهو ٻڌاءِ ته خوبصورت هئي؟“ مون چيو، ”ٺيڪ هئي.“ چيائين، ”پوءِ جي تون ساڻس عشق نه ڪرين ته مان پنجابي ڳالهائڻ ڪري، کيس پنهنجو عشق نمبر ايڪٽيهه قرار ڏيان.“ سندس ٽيهون نمبر عشق هڪ آمريڪي حسينه هئي، جا واقعي ساڻس عشق ڪرڻ لاءِ تيار هئي، پر سالڪ ۾ همت ڪانه هئي. مون ملتان ۾ ڏٺي هئي. سالڪ چيو ته ”مون ساڻس ڳالهه ڪئي ته روز شام جو ڇهه ميل پنڌ ڪندو آهيان ته چوڻ لڳي ته مون کي به پاڻ سان گڏ وٺي هل. پر مون کي همت نٿي ٿئي.“ سندس اڻٽيهون نمبر عشق اردوءَ جي هڪ شاعره هئي، پر پاڻ ان عشق تان هٿ کڻي ڇڏيو هئائين، ڇو ته ملڪ جي اديبن جي اڌرڪ برادري ان خاتونءَ تي عاشق هئي.
اسلام آباد هوٽل ۾ ماني کائي، سالڪ جي موٽر ۾ چڙهي، اسان رات جو ڏهين ساڍي ڏهين بجي ڌاران امام بريءَ جي مزار طرف، گهمڻ ويندا هئاسين. هڪ دفعي سنسان رستي تي سئر ڪري رهيا هئاسين ته رستي جي ٻنهي پاسن کان ڪي شڪي ماڻهو اوچتو جهنگ مان ٻاهر نڪري آيا ۽ رستي تي اچي بيٺا. سالڪ ۽ مان منجهي پياسين پر ڪار تيز ڪري نڪري آياسين. ان کانپوءِ به رات جو سئر ته ڪونه ڇڏيوسون، البت سڃو، سنسان رستو ڇڏي، ڪوهه مريءَ وارو رستو منتخب ڪيوسون. ان سان ڏهه ٻارهن ميل نڪري ويندا هئاسين. سالڪ موسيقي Light Music ٻڌندو هو. ڪار ۾ وٽس ڪئسيٽون رکيل هونديون هيون. هڪ وجهي ڇڏيندو هو. رات جو سناٽو، ٿڌي ٿڌي هوا ۽ هلڪي هلڪي موسيقي. اسان ٻنهي کان زندگيءَ جا ڏک سور وسري ويندا هئا. جڏهن موٽي گهر پهچندا هئاسين ته رات جا يارهن ٻارهن پيا وڄندا هئا. سالڪ ٻڌايو ته سندس ننڍيءَ نياڻيءَ جو چوڻ آهي ته ”ابو ويو آهي چاچا آگري وٽ. هاڻي رات جو يارهين کان اڳي ڪونه ايندو.“
اسلام آباد ريڊيو اسٽيشن تي بهجت نالي هڪ خاتونءَ کي خبر هئي ته مون کي صوفين جو راڳ وڻندو آهي. سو، پٺاڻي خان جي آواز ۾ مون کي بلهي شاهه ۽ خواجه غلام فريد جي ڪلامن جي هڪ ڪئسيٽ تحفي طور ڏنائين. مون ان جي ڪاپي ڪرائي سالڪ کي ڏني. ڏاڍي وڻيس. بهجت ٻئي دفعي ملي ته چيائين ته ”تولاءِ ٻي ڪئسيٽ به هٿ ڪئي اٿم. خواجه غلام فريد جي ڪافي آهي.“ ريڊيو اسٽيشن جي وي آءِ پي روم ۾ اها ڪئسيٽ بهجت سان گڏ ٻڌم. ڏاڍي وڻيم. رات جو سالڪ سان گڏ، ماني کائي، سير تي ويس. سالڪ ڪئسيٽ وڌي ته مون کي بهجت واري ڳالهه ياد آئي. چيائين ته ڪافي ڪهڙي آهي؟ مون کيس ٻڌايو ته ڪافيءَ جا ٻول ڏاڍا عجيب آهن:

سرخ گلابان دي موسم وچ
ڦلان دي رنگ ڪالي

سالڪ ڪافيءَ جا ٻول ٻڌي، ڇرڪي ويو! ڳالهه مٽائڻ لاءِ چيائين، ”تو وارو ڪتاب ڪاٿي پهتو؟“ مون چيو، ”اڃا ته لکي رهيو آهيان.“ چيائين ته ”اڄڪلهه ڪنهن تي ٿو لکين؟“ مون چيو ”پير حسام الدين راشديءَ تي.“ چيائين، ته ”مون تي به لکندين؟“ مون ڏانهس حيرت مان نهاري چيو ته ”سالڪ، مون توکي اڳي به ٻڌايو آهي ته ڪتاب ۾ اڪثر اهڙن ماڻهن جو ذڪر آهي، جيڪي هي جهان ڇڏي ويا آهن.“ اهو ٻڌي غمگين ٿي ويو. مون سندس غم غلط ڪرڻ لاءِ چيو ته ”جي زندهه دوستن، احبابن ۽ ڪرم فرمائن تي به لکيم ته توتي به لکندس. پر تو وارو نئون ڪتاب ڪاٿي پهتو؟“ چيائين ته ”پورو ٿي ويو.“
آسمان ۽ زمين جي وچ ۾ قدرت جي هن ڪارخاني ۾ الائي ته ڪهڙا ڪهڙا راز آهن! لفظن کي بظاهر ته معني ٿئي ٿي پر ان معني ۾ شايد ڪڏهن ڪڏهن ڪو مخفي راز به ٿئي ٿو. سو، ڪي لفظ پيشن گوئي ثابت ٿين ٿا. مون کي خبر ڪانه هئي ته سالڪ ۽ منهنجيءَ گفتگوءَ کي به ستت ئي هن ڪائنات ۾ ڪا خوفناڪ شڪل ملڻ واري آهي.
هفتو ڏيڍ گذريو هوندو، جو حسين شاهه راشديءَ ڪراچيءَ مان فون ڪئي ته مان ڏينهن ٻن لاءِ اسلام آباد اچان ٿو. مون سالڪ سان ڳالهه ڪئي. ٻئي راتيون ٽنهي ڄڻن گڏجي ماني کاڌي ۽ ڪچهري ڪئي. حسين شاهه ڪراچيءَ موٽي ويو ته سالڪ چيو ”ڏينهن ٻه پاڻ به ڪونه ملنداسون، ڇو جو مون کي ٻاهر وڃڻو آهي.“ اهو ته اڳي مون کي ڪيترائي دفعا ٻڌايو هئائين ته صدر جڏهن به ٻاهر ويندو آهي ته کيس پاڻ سان گڏ وٺي ويندو آهي. پر کيس بهاولپور به وڃڻو هو، اهو ڪونه ٻڌايو هئائين. ائين ٻه ٽي ڏينهن گذري ويا.
ٽينءَ رات، ٽي ويءَ، جي خبرن ۾ بهاولپور واري هوائي جهاز جي حادثي ۾ سالڪ جو نالو به کنيو ويو، ته منهنجن پيرن هيٺان زمين نڪري ويئي!
ڪجهه ڏينهن اڳ، هن مون کي چيو هو ته ”مان ايوان صدر مان پريس سيڪريٽريءَ جي عهدي تان استعيفا ڏيڻ گهران ٿو.“ مون کيس چتاءُ ڏنو ته ”دنيا مطلب جي آهي اهڙي عهدي کان سواءِ توکي ڪير ليکيندو؟“ پر سالڪ چيو ته ”مون کي ڪابه پرواهه ڪانهي. رزق رب جي هٿ ۾ آهي.“
غريب مون سان ڏاڍيون دانهون ڪندو هو ته ”ادا، صبح جو سوير تيار ٿي، صدر سان سفر تي وڃان ٿو. رات جو دير سان موٽان ٿو، ته ٻچا ننڊ ۾ ڏسان ٿو. مون کي ساڻن ڳالهائڻ به نصيب ڪونه ٿو ٿئي. هاڻي ٿڪجي پيو آهيان.“
سالڪ جو جنازو ٻئي ڏينهن بهاولپور مان اسلام آباد پهتو. شام جو ڇهين بجي کان قبرستان ۾ ماڻهو گڏ ٿيڻ لڳا هئا. ستين بجي تائين هزار کن جمع ٿي ويا هئا. اڪثريت اديبن، صحافين ۽ سندس دوستن جي هئي.
ستين بجي، سفيد ورديءَ ۾، فوجي موٽر سائيڪل سوارن جي پٺيان وڏي ڪاري فوجي گاڏي آهستي آهستي قبرستان ۾ داخل ٿي. ان مان تابوت لاٿو ويو. هزارين ماڻهن ۾ پير رکڻ جي گنجائش ڪئي هئي. چئوطرف سالڪ جي دوستن جا سڏڪا ٻڌڻ ۾ ٿي آيا ۽ سندس پٽ جون اوڇنگارون! مان پري کان پنهنجي يار جو تابوت ڏسندو رهيس. گلن جي چادر ساڻ ته کڻي ويو هوس، پر اها هٿ ۾ ئي رهي. پٽيوالي چيو ته، ”سائين هلو.“ مون چيو ته ”ممڪن آهي؟“ چيائين ته ”ڪوشش ته ڪريون ٿا.“ خبر ناهي ته ايڏي وڏي هجوم ۾ ماڻهو ڪيئن هيڏي هوڏي هٽيا ۽ ڪيئن مون کي واٽ ملي. سڌو سالڪ جي قبر تي وڃي بيٺس. تابوت قبر ۾ لٿو ته سپاهين بيوگل تي ”الوداع“ جو افسردهه نغمو وڄايو. چوڌاري سناٽو ڇانئجي ويو. ان سناٽي ۾ سالڪ جي آفيس وارن سندس تابوت تي پهرين گلن جي چادر چاڙهي. ٻي چادر اديبن پاران مون چاڙهي. جڏهن چادر چاڙهي، سنئون ٿي بيٺس ته منهنجن ڪنن ۾ غلام فريد جي ڪافيءَ جا ٻول ٻرڻ لڳا:

سرخ گلابان دي موسم وچ
ڦلان دي رنگ ڪالي

سالڪ جي موت مون کي موڳو ڪري وڌو. ڪي ڏينهن ته اها حالت هئي ته:

ڪڪر منجهه ڪپار
جهڙ نيڻئون نه لهي.

مهيني کن کانپوءِ ڪو مهمان آيو. کيس ماني کارائڻ لاءِ اسلام آباد هوٽل وٺي ويس. ساڳيءَ ڇت تي وڃي ويٺاسين. پر مون ٽيبل مٽائي.
بيرو آيو، کيس چيم ”اول ليمي جو تازو شربت کڻي اچ.“ پر، هو اتي ئي بيٺو رهيو. مون حيران ٿي ڏانهس نهاريو ته سندس اکين ۾ ڳوڙها ڏٺم. ڀريل گلي سان چوڻ لڳو، ”اڄ اوهان کي اڪيلو ڏسي سالڪ صاحب ياد آيو.“
مون ڏک ۾ ڪنڌ ٻئي پاسي ڦيرائي ڇڏيو، ته مهمان منهنجين اکين جا ڳوڙها نه ڏسي. چڱيءَ چڱيءَ دير تائين منهنجون آليون اکيون نيري آسمان ۾ سالڪ کي ڳولينديون رهيون.
سالڪ جي چاليهي تي مان سندس پٽ سرمد ۽ ڌيءُ صحيفه کي ساڻ ڪري سندس قبر تي ويس. ڌيڻس جو ڪو اڳئين ڏينهن تي ڄم جو ڏينهن هو. ان ڏينهن تي هر سال سالڪ کيس ڪو يادگار تحفو وٺي ڏيندو هو.
هن ڀيري پاڻ پيءُ جي قبر تي اڪيلي ويئي هئي ۽ ”برٿ ڊي ڪارڊ“ لکي، ”سر جي تيليءَ ۾ قبر“ جي سيرانديءَ کان ٻڌي آئي هئي. مون اهو ڪارڊ پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي: ”تون دنيا ۾ سڀ کان پيارو پيءُ هئين. بابا، اڄوڪو جنم جو ڏينهن ڏاڍو ڏک ۾ گذريو....!“
مان ان کان وڌيڪ پڙهي نه سگهيس. ان ڏينهن برسات وسي هئي. سالڪ جي قبر آلي هئي. منهنجين اکين جا ڳوڙها سندس آليءَ قبر ۾ آسانيءَ سان جذب ٿي ويا.
مون ان ڏينهن کانپوءِ سالڪ جي قبر تي حاضري ڪانه ڏني آهي. سچي ڳالهه اها آهي ته سندس قبر تي حاضري ڏيڻ جي پاڻ ۾ طاقت ڪانه ٿو ڀايان. ڪڏهن ڪڏهن کيس ياد ڪري اکيون ڀرجي اينديون اٿم ته پنهنجو پاڻ کي تسلي ڏيڻ لاءِ حافظ جو هڪ شعر پڙهندو آهيان ۽ چوندو آهيان ”سالڪ قبر ۾ ٿوروئي آهي. هو ته منهنجي سيني ۾ آهي.“

بعد از وفات تربت ما، در زمين مجوي
در سينهاي مردم عارف مزار ماست

_______________
* هڪ دفعي پير حسام الدين راشديءَ سان گڏ اسلام آباد امير خسروءَ جي سيمينار تي آيس. فيض احمد فيض سيمينار جي مندوبين جي اعزاز ۾ لوڪ ورثي وارن کان موسيقيءَ جي محفل ڪرائي. ان ۾ عالم لوهار هڪ پنجابي گيت ڳايو، جنهن جو هڪ شعر هو ته ”دلبر تون هن دنيا ۾ ائين آهين، جيئن جنڊ جي ٻن پڙن ۾ شيشي جو ٽڪر.“ اهڙو شعر، هو به عالم لوهار جي آواز ۾، اصل دل ۾ کپي ويو. ٻن چئن سالن کانپوءِ ايران جي دوري تي ويس. اتي دوري جي اختتام تي، اسان جي اعزاز ۾ وڏي شاهي ضيافت ڪيائون. ۽ ايران جا لوڪ ناچ ڏيکاريائون ۽ گيت ٻڌايائون. انهن ۾ هڪ لوڪ گيت جو شعر ٻڌي منهنجا ته وار ڪانڊارجي ويا. اهو شعر عالم لوهار واري پنجابي شعر جو جواب هو. هن ريت هو:

گر نگهڊار تو آنست که من مي دانم
شيشه را در بغل سنگ نگ مي دارد.

محمد امين خان کوسو

قدرت جون انسان تي جيڪي عنايتون آهن، تن ۾ هڪ هيءَ به آهي ته انسان کي حافظي ۽ ويسر ٻنهي نعمتن سان نوازيو ويو آهي. جيڪڏهن ماڻهوءَ کي حافظو نه هجي ته سندس جيئڻ جنجال ٿي پوي. ساڳيءَ ريت جيڪڏهن کيس ويسر جي نعمت نصيب نه هجي، تڏهن به سندس زندگي زهر سان ڀرجي وڃي، ڇو ته انسان پنهنجا ڏک ڏاکڙا ۽ غم وساري ئي نه سگهي. سڄو وقت کيس سور ستائيندا رهن. ڪنهن شاعر چيو آهي:

ياد ماضي عذاب هه يا رب
چهين له مجهه سي ميرا حافظه

محمد امين خان جڏهن هي جهان ڇڏيو ته مان ڪي ڏينهن ڍڪرن ۾ هئس. سندس ڳالهيون وري وري ياد ٿي آيون ۽ اکين جا نيسارا بند ئي نه ٿئي ٿيا.
ساڻس ملاقات به عجب انداز سان ٿي. سنڌي ادبي بورڊ جي ڪم سان لاهور ويو هوس ۽ ”لاهور هوٽل“ ۾ ٽڪيو هوس. نما شام جي مهل هئي. مان به شهر مان ڪم لاهي موٽيس، ته هوٽل جي دروازي تي هڪ شخص کي بيٺل ڏٺم. کيس ڊگهي پٺاڻڪي سلوار، قميص، صدري ۽ پٺاڻڪو چپل پاتل هو. بدن ۾ سنهو، قد ۾ ڊگهو، ساٺيڪو ورهين جو ٿي لڳو. سفيد اڇي ڏاڙهي دن تي پئي پيس. ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ سان سنڌيءَ ۾ ڳالهائي رهيو هو.
مون اڳتي وڌي کيس هٿ ڏنو ۽ چيو ته ”توهان محمد امين خان کوسا ته نه آهيو؟“
”آهيان. پر تون ڪير آن؟“
”مان رباني آهيان.“
”تو مون کي ڪيئن سڃاتو؟“
”مون پير حسام الدين راشديءَ ۽ شاهه صاحب جي-ايم-سيد کان اوهان جون الاهي ڳالهيون ٻڌيون آهن. سنڌ اسيمبليءَ ۾ گذدر جي نيڪ ٽاءِ ۾ اوهان هٿ وڌو هو نه؟“
هو ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳو.
”پر پاڻ اڳ ۾ مليا ته ڪونه آهيون؟“
”نه“ مون جواب ڏنو.
”تو منهنجي تصوير به ڪانه ڏٺي آهي؟“
”نه“
”پوءِ ته تو سڃاڻڻ سان ڪمال ڪري ڇڏيو.“
”ڪابه ڪمال جي ڳالهه ڪانهي. مون ٻڌو آهي ته مولانا عبيدالله سنڌي هڪ دفعي ريل ۾ لاهور اچي رهيو هو. مولانا مودوديءَ سوچيو ته لاهور ۾ اسٽيشن تي الاهي خلق کيس ملڻ ايندي. سو، هڪ اسٽيشن اڳ ۾ وڃي ريل جو انتظار ڪرڻ لڳو. ريل آئي ته پاڻ گارڊ کان مولانا سنڌيءَ جي گاڏي جو پڇي، اندر گهڙيو ته مولانا سنڌيءَ چيس: ”اسلام عليڪم مودودي صاحب“ اهو ٻڌي وائڙو ٿي ويو. ”وعليڪم سلام“ چئي مولانا سنڌيءَ سان مليو ۽ چيائينس ته ”حضرت اوهان مون کي ڪيئن سڃاتو؟“ مولانا سنڌيءَ چيس ته تنهنجا مضمون پڙهيا اٿم. توکي ڏسڻ سان محسوس ڪيم ته اهو شخص تون آهين.“
”پر مان ته مولانا سنڌيءَ جو معتقد آهيان.“
”مان به“ مون وراڻيو.
”ته پوءِ اڄ کان وٺي منهنجو يار آهين.“
ان ڏينهن کان وٺي محمد امين خان کوسي سان منهنجي ياري ٿي ويئي. ياري به اهڙي جو هڪ دفعي خط ۾ لکيائين ته ”اڄ توکي ساري اکين مان ڳوڙها وهي آيا. وڌيڪ پاڻ ڄاڻ.“
محمد امين خان ٺل جي پاسي جو ويٺل هو. پر سندس اها عادت هوندي هئي ته سال ۾ هڪ ٻه دفعو ڪراچيءَ، هڪ اڌ دفعو لاهور يا هڪ اڌ دفعو راولپنڊيءَ چڪر تي ويندو هو. ڪجهه زماني جو ڪم، ڪجهه وندر ورونهه. مان تن ڏينهن ۾ حيدرآباد ۾ هوندو هوس. چنانچ، محمد امين خان ڪراچيءَ پهتو ناهي، ته مون کي تار ايندي ته ”يڪدم اچ.“ ٽڪندو سدائين هوٽل ۾ هو ۽ سواريءَ لاءِ هڪ ٽئڪسي سڄي ڏينهن لاءِ ڀاڙي تي ٻولي ڇڏيندو هو. پوءِ پاڻ ڪيڏانهن وڃي ته ڇا، نه وڃي ته ڇا. موٽر سڄو ڏينهن هوٽل جي در تي بيٺي هوندي. هوٽل جو ڪمرو ايئرڪنڊيشنڊ وٺندو ۽ ڪوشش ڪري ڪنڊ پاسي سان. ڪمري جي ٽيبل تي تازو ۽ خشڪ ميوو پليٽن ۾ سينگاري رکندو. هڪ ته ڏسڻ سان اکين کي فرحت، ٻيو ته سڄي ڪمي ۾ قدرتي خوشبوءَ. ڪراچيءَ ۾ انهن ڏينهن ۾ ”نيشنل سٽي“ هوٽل ۾ ٽڪندو هو. ڪمري ۾ ٻه پلنگ هوندا هئا. هڪ تي پاڻ ٻئي تي مان. سڄو وقت ڳالهيون اڳين زمانن جون.
محمد امين خان هونئن ته شاهه صاحب جي. ايم. سيد، پير حسام الدين راشديءَ ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي سان محبت ڪندو هو، پر سندس عشق ٻن ڄڻن سان هو: هڪ مولانا عبيدالله سنڌيءَ سان ۽ ٻيو خانبهادر شهيد الله بخش سومري سان.
مولانا سنڌيءَ ڪنهن دفعي کيس چيو هو ته ”اسان جو خان اڄ نماز جي امامت ڪندو.“ محمد امين خان اهو سرٽيفڪيٽ هڪ هزار دفعا مون کي وري وري ٻڌايو.
هڪ ڏينهن وڃان ته چڙيو ويٺو آهي. چوڻ لڳو، ”تون هن کي سمجهائين نٿو؟“ مون چيو ”ڪنهن کي؟“ چيائين، ”مولانا قاسميءَ کي.“ مون چيو، ”خير؟“
چيائين ته ”اڄ وٽس ويس ته لڳو مولانا سنڌيءَ سان پنهنجي محبت بيان ڪرڻ. هاڻي ڀلا ڪو پڇيس ته بابا، مولانا سنڌي منهنجو، مان مولانا سنڌيءَ جو. اڃا جيئرو جاڳندو ويٺو آهيان. تون ڪير ٿيندو آهين مولانا سنڌيءَ جي محبت جو دعويدار؟“
مس مس مون کيس ٿڌو ڪيو.
خانبهادر شهيد الله بخش سومري کي جيترو محمد امين خان ياد ڪندو هو اوترو سندس اولاد به کيس ڪونه ڪندو هوندو. چوندو هو،
”سنڌ جي مستقبل جو دستاويز الله بخش جي رت سان لکيل آهي. جيسين اهو نه پڙهيو ويو آهي، تيسين ٻيون سڀ ڳالهيون اجايون آهن.“
هڪ دفعي خانبهادر الله بخش جي هڪ عزيز کي سکر جي ڊپٽي ڪمشنر وٽ نوڪري ڏيارڻ وٺي ويو. ڊي-سي- غير سنڌي هو. نخرا ڪرڻ لڳو. محمد امين خان دٻ ڪڍيس: ”تون ان شخص جي عزيز کي نوڪري ڏيڻ کان آنا ڪاني ڪري رهيو آهين، جنهن تو جهڙن سوين ڇوڪرن کي روزگار سان لاتو!“ ڊي-سيءَ-اوڏي مهل ئي آرڊر ڏنس.
محمد امين خان ماڻهن کي خطاب ڏيندو هو. شاهه صاحب جي. ايم. سيد کي ”سيداعظم“، پير حسام الدين صاحب کي ”داناي راز“ مولانا قاسمي صاحب کي ”علم جو سمنڊ“ مون کي، ”رباني منهنجو ليڊر“ خطاب ڏنائين. پير علي محمد راشديءَ کي تمام ڏکيو خطاب ڏنائين. هڪ ڏينهن وٽس وڃان ته منجهيو سنجهيو ويٺو آهي. مون چيو، ”خير ته آهي؟“ چيائين ته ”راشديءَ کي فون ڪيم. ملاقات جو وقت مقرر ڪيو سون. پر چيائين ته خالي هٿين نه اچجانءِ.“ نذرانو کنيو اچجانءِ.“
مون چيو ته ”تو کيس خطاب ته سٺو ڪونه ڏنو آهي؟“
چيائين ته ”اها جدا ڳالهه آهي. پر ساڻس تعلقات ته پراڻا آهن.“ شام جو مليو ته چيائين ته ٻه چار هزار رپيا نذرانو ڏيئي آيس.
مرحوم راشدي صاحب کي شابس هجي، جو محمد امين خان جي وفات تي، جنگ اخبار ۾ نهايت سهڻو مضمون لکيائين ۽ کيس سڪ سان ياد ڪيائين.
محمد امين خان پاڻ کي به هڪ خطاب ڏنو هو: ”سنڌ پرستيءَ جي امام.“ ان تي هڪ غير سنڌيءَ ڏاڍو بحث ڪيس، پر پاڻ خطاب بدلايائين ڪونه. سنڌ سان محبت سندس رت ۾ سمايل هئي.
ون يونٽ جي ڏينهن ۾ هيڪر لاهور هجي ۽ لاهور هوٽل ۾ ٽڪيل. ون يونٽ جي گورنر کان ملاقات جو ٽائيم ورتائين. جڏهن سيڪريٽريءَ جي ڪمري ۾ انتظار ڪري ٿڪو، تڏهن سيڪريٽريءَ کي چيائين ته: ”شير آيو آهي، ڪئي سان ملڻ.“
هو اها ڳالهه ٻڌي وائڙو ٿي ويو ۽ وڃي گورنر کي دانهن ڏنائين. هن هڪدم اندر گهرايس. محمد امين خان ڪجهه چوي ئي چوي، ان کان اڳ چيائينس ته ”سنڌ جو مسئلو ڪيئن حل ٿيندو؟“
محمد امين خان چيس ته، ”جي. ايم. سيد جي معرفت“
هن پڇيس ته، ”جي. ايم. سيد ڪيئن راضي ٿيندو؟“
محمد امين خان چيس ”منهنجي معرفت“
هن چيس، ”اوهان ڪيئن راضي ٿيندا؟“
محمد امين خان چيس ته، ”اقتدار ۾ ڀاڱي ڀائيوار ڪريو.“
گورنر اقتدار ۾ ڀاڱي ڀائيوار ته ڪونه ڪيس، پر زمين جي ڍل جي بقايا معاف ڪيائينس.
لاهور جو ئي ٻيو واقعو آهي. پاڻ به لاهور هوٽل ۾ ٽڪيل هو ۽ مان به. شام جو وڃان ته هڪ نوجوان ويٺو آهي. ڳالهين ڪندي مون کان ون يونٽ بابت سوال ڪيائين. مون تکو جواب ڏنس. هن وٺي بحث شروع ڪيو. پوءِ ته مون جيڪا ساڻس تعدي ڪئي، سا عمر ڀر ياد رکندو. مزي جي ڳالهه اها ته محمد امين خان هونئن ته سڄو وقت خاموش، پر رکي رکي وچ بحث ۾ چوي ته ”مان نه ون يونٽ جو موافق نه مخالف.“
آخر ان نوجوان موڪلايو ۽ مون کي چيائين ته ”مان سڀاڻي پنهنجي بزرگ کي وٺي ايندس. اوهان ان سان بحث ڪجو.“
جڏهن هو هليو ويو ته محمد امين خان مون کي ٿو چوي: (سڀاڳا، مون کان پڇين ته ها؟ ائين ئي بحث ۾ شروع ٿي وئين.)
”ڇو؟“ مون کانئس پڇيو.
اهو نوجوان سي-آءِ-ڊيءَ وارن جو ماڻهو هو. مان هوٽل ۾ وائي تبائي بڪندو رهندو آهيان، سو مون تي نظر ڪرڻ ايندو آهي.“ مون چيو، ”تو مون کي اڳواٽ ٻڌايو ڇو نه؟“
چيائين، ته ”مان ته بار بار چوندو رهيس ته نه مان ون يونٽ جو موافق نه مخالف، پوءِ به تو ڪونه سمجهيو.“ ائين چئي اچي ٽهڪن ۾ ڇٽڪيو.
هيڪر ڪراچيءَ ۾ هڪ هوٽل ۾ ٻئي ڄڻا گڏ هجون. چيائين ته رات ڪاڏي نه وڃجانءِ، مون الانا ۽ سندس گهر واريءَ جي دعوت ڪئي آهي.
رات جو مرحوم الانا صاحب پنهنجيءَ گهر واريءَ سان آيو. واهه جي ڪچهري ٿي. تن ڏينهن ۾ قائداعظم تي ڪتاب لکي رهيو هو. پر مس فاطمه جناح سان اختلاف ٿي پيا هئس. قائداعظم جي ننڍپڻ جا ڪيئي قصا ٻڌايائين. چيائين ته ”جڏهن ڄائو هو ته سندس والده هڪ باس باسي هئي. سو ڪراچيءَ مان ڪاٺياواڙ جي پاسي، پانلي رياست ۾، سندس آبائي ڳوٺڙي ۾، مقامي پير جي مزار تي جهنڊ لهرائڻ لاءِ کڻي ويس. مائي صاحبه اڍائن سون ميلن جي سفر مان ٻه سو ميل ٻيڙيءَ ۾ ڪيا ۽ پنجاهه ميل بيل گاڏيءَ ۾. ڪنهن ٿي ڄاتو، ته مائي صاحبه جي ڪڇ ۾ جيڪو معصومڙو آهي، سو وڏي هوندي، هندستان جو ملڪ ٻن حصن ۾ ورهائيندو.“
محمد امين خان جي پوين ڏينهن ۾ به الانا صاحب ئي کيس ويجهو هو. مون کي تڏهن خبر پئي جڏهن جوڳي جوءِ ڇڏي چڪا هئا.
الانا صاحب ٻڌايم ته گڙدن جي خرابيءَ ڪري ڳوٺان کڻائي آيس ۽ ڪراچي جي انڪل سريا اسپتال ۾ داخل ڪيائونس. ڊاڪٽرن دستوري ڪارروائي ڪئي. گلوڪوس جون بوتلون چاڙهيائونس. پوءِ اچي سين سان ورتائونس. ٽنب ٽنبان. غريب جڏهن اهي عذاب سهي ٿڪو، تڏهن هڪ ڏينهن موقعو ڏسي اسپتال ڇڏي ويو. بر ملڪ الموت اڳيئي سندس لاڏاڻي جو انتظام ڪري ڇڏيو هو.
هيڪر مون مٿس زور آندو ته حياتيءَ جو احوال قلمبند ڪر. مس مس وڃي ڳالهه مڃيائين. پر چيائين ته لکڻ لاءِ ماڻهو موڪل. مون مهراڻ جي نائب ايڊيٽر ناشاد کي وٽس موڪليو. چيائينس ته ”ڇوڪرا ڀڄي وڃ، مان عاشق صفت ۽ معشوق مزاج ماڻهو آهيان.“
محمد امين خان جي وفات سان سنڌ جي تاريخ جو هڪ باب پورو ٿيو. سندس تعلقات رڳو سنڌ ۾ ڪونه هئا. بلوچستان ۾ به هئا. مرحوم ڀٽي، بلوچ سردارن سان گفتگو لاءِ کيس اڳتي ڪيو هو. سنڌ ۾ شروعاتي هاري ۽ مزدور تحريڪن جو محمد امين خان هڪ امام هو. علي ڳڙهه ۾ پڙهي آيو هو. جيئن سنڌ پهتو ته انگريزن جي خلاف قوميت جو جهنڊو بلند ڪيائين. ان سبب سان مٿس خوني حملو ٿيو، جنهن ۾ سخت زخمي ٿيو. حياتي هئس، سو بچي ويو. خانبهادر الله بخش سومري جي ساڻس ڏاڍي دل هوندي هئي. محمد امين خان سنڌ جي تاريخ جا ڪيئي اهم راز سيني ۾ ساڻ کنيو ويو.
سندس وفات کان پوءِ هڪ دفعي، ادبي بورڊ جي آفيس ۾ ويٺو هوس، ته سندس ڀاءُ موٽر اچي آفيس جي در تي جهلي. چيائين ته ”ڪراچيءَ کان حيدرآباد وڃي رهيو هوس ته اوچتو محمد امين خان جو آواز ٻڌم: ”ربانيءَ سان ملندو وڃ.“
مون آفيس جي ڪمري جي دري کولي. رستي تي نٽهڻ اُس کانسواءِ ڪجهه ڪونه هو. دري بند ڪيم ته محمد امين خان جو ٽهڪ ٻڌم ”رباني منهنجو ليڊر.“

گذريل زمانا ياد آيا ۽ اکيون آليون ٿي ويون.

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ

سنه 52-1953 جي ڳالهه آهي. مان مئٽرڪ جو امتحان ڏيئي، حيدرآباد جي ڦليلي ڪاليج ۾، وڌيڪ تعليم لاءِ داخل ٿيس. اسان کي انگريزي نصاب ۾ هڪ ڪتاب پڙهائيندا هئا، جنهن جو نالو هو Struggle of the Modern Man ان ۾ هڪ سبق هو، جنهن جو عنوان هو Tolerance سَهَپَ.
سبق جو سبق اهو هو ته انسانذات، روز اول کان وٺي اڄ ڏينهن تائين، جيڪا به ترقي ڪئي آهي، ان جو راز ”سهپ“ ۾ سمايل آهي. سهپ انساني تهذيب جو روح آهي. جنهن انسان ۾ سهپ ڪانهي، ان ۾ ماڻهپو ڪونهي ۽ جنهن ۾ گهڻي کان گهڻي آهي، سو صحيح معني ۾ مهذب انسان آهي.
جنهن انسان کي ڪابه طاقت ڪانهي، مسڪين ۽ مجبور آهي، تنهن ۾ سهپ جو مادو آهي، ته اهو سندس ڪمزوريءَ ۽ مجبوريءَ ڪري آهي. پر، جيڪڏهن قسمت ڪنهن انسان کي نوازيو آهي، کيس مٿاهين منصب تي وهاريو آهي، ماڻهن ۾ سندس مڃتا آهي، مالي لحاظ کان خوشحال آهي ۽ پوءِ منجهس سهپ جو مادو آهي ته اهو سندس عظمت ۽ تهذيب جو دليل آهي. زندگيءَ ۾ مون کي ڪيترائي اهڙا ماڻهو مليا، جيڪي بظاهر مهذب هئا، وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪندا هئا، ڳوڙها خيال ۽ ويچار ظاهر ڪندا هئا، مهذب، سائنس، سياست ۽ فلسفي تي فر فر ڳالهائيندا هئا، پر، جڏهن آزمائش جي ڪا گهري آئي، ته انتهائي خود غرض بلڪ ڪم ظرف ثابت ٿيندا هئا. ڊگرين ۽ ڪتابن جي مطالعي مٿن جيڪا قلعي چاڙهي هئي، سا هڪڙي ئي رهڙي سان لهي ويندي هئي.
پر، پنج آڱريون برابر ڪونهن. قدرت جي گلستان ۾ هر قسم جا گل ۽ ڪنڊا موجود آهن. هڪ اهڙو ماڻهو به ڏٺم، جو جڳ کان جدا اهو؛ جنهن ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ اعلي تعليم ڪانه ورتي هئي؛ مغربي ۽ مشرقي فيلسوفن جا مقولا به ياد ڪونه هئس؛ سنڌ جي مروج معيار موجب، آسودن خاندانن مان به هو، ماڻهن ۾ سندس عزت ۽ تعظيم به گهڻي هئي، پر منجهس ايڏي ته سهپ هئي، جو سوچيندو هوس ته هن شخص کي، سڄيءَ عمر ۾ ڪڏهن ڪاوڙ به آئي آهي يا نه؟
مخدوم صاحب جي پهرين ڀيرو زيارت سنه 1954ع ۾ نصيب ٿي. مرحوم مولانا غلام محمد گراميءَ سان ساڻس گهڻي هوندي هئي. مرحوم هڪ دفعي مون کي به پاڻ سان گڏ وٺي هليو. ان زماني ۾ مخدوم صاحب حيدرآباد جي عامل ڪالونيءَ ۾ رهندو هو. مانيءَ کان پوءِ مجلس ۽ شاعري جو پروگرام هو. رات جو دير دير تائين رونق رهي. اهو مخدوم صاحب جي ڦوهه جوانيءَ جو زمانو هو. گلاب جي گل وانگر خوبصورت هو.
چئن سالن کانپوءِ، خانبهادر کهڙي جي رهائشگاهه تي سندس ٻيو ديدار نصيب ٿيو. مان بورڊ ۾ نئون نئون ملازم ٿيو هوس، خانبهادر کهڙو ان جو صدر هو، ۽ مخدوم صاحب ميمبر. ميٽنگ پوري ٿي، ته کهڙو صاحب ٻاهر نڪتو. ڪنهن چيو ته هالن جي مخدوم صاحب کي رخصت ڪرڻ ويو آهي. مون ان شخص کي چيو ته، ”سفيد لباس ۾ اهو نحيف ۽ ناتوان شخص مخدوم صاحب هو؟“
چيائين ته ”هائو“. مون کي اعتبار ئي ڪونه آيو، ڇو ته گلاب جو گل ڪو ڪومائجي ويو هو! ماڳهين سڃاپڻ کان ٻاهر هو. پڇا ڳاڇا تي پتو پيو ته، مخدوم صاحب ڪافي عرصي کان زيابيطش جي عارضي ڪري، عليل آهي.
ٻن چئن سالن کان پوءِ وري ساڻس ملاقات ٿي. ڏٺم ته سندس بدن جي سگهه ۽ چهري جي رونق موٽي آئي هئي. تندرست ۽ توانو ٿي لڳو. پڇا ڳاڇا تي پتو پيو ته مخدوم صاحب پنهنجي علاج جو حد درجي خيال رکيو هو. ايتريقدر جو سندس ڊاڪٽر ڪرنل نجيب ماڻهن کي ٻڌايو هو ته ”مون مخدوم صاحب جهڙو باضاطه (Disciplined) شخص زندگيءَ ۾ ڪو ورلي ڏٺو هوندو.“ زيابيطش ۾ خاص ڳالهه کاڌي جي پرهيز آهي. هڪ ماڻهوءَ ڳالهه ڪئي ته مخدوم صاحب ايڏي ته پرهيز ڪئي، جو جوئر جا داڻا تارازيءَ ۾ تورائي، انهن جو اٽو ڳوهرائي، ماني پچرائي کائيندو هو. نه گرهه گهٽ، نه وڌ. اها ڳالهه مخدوم صاحب جي صبر ۽ برداشت جي قوت جي نشاندهي ڪري ٿي.
مخدوم صاحب سنڌ جي پيرن جي طبقي جي صف اول ۾ شمار ٿئي ٿو. انهيءَ طبقي ۾ هاڻي صبر ۽ برداشت جي قوت ڪانه رهي آهي. صبر ۽ سهپ ئي انساني اخلاق جو معيار آهي. افسوس آهي ته سنڌ جون اهي خانقاهون جتان ڪنهن زماني ۾ نور جا چشما ڦٽي نڪرندا هئا، سي هاڻي ويران آهن. سجادهه نشين پئسي ۽ سياسي اقتدار جا بکيا ٿي پيا آهن. ڪي ته خدا جي خلق جا ڳوڙها اگهڻ بدران ان کي ڏنگين ٿا. پاڻ کي برهمڻ ۽ عام ماڻهن کي اڇوت سمجهن ٿا. سندن ڪرتوت ڏسي ڏندين آڱريون اچيو وڃن. سنڌ جي هڪ ڊپٽي ڪمشنر سال کن اڳ مون سان اتر سنڌ جي هڪ متبرڪ درگاهه جو ذڪر ڪندي چيو ته، ”پير- ته پري ٿيا، خود بيبين جو اهو حال آهي، جو ويهين ويهين رپئين حويليءَ مان هيروئن جون پڙيون پيون وڪڻن. مجبور ٿي اسان کي حويليءَ جي در تي خانگي ڪپڙن ۾ پوليس بيهارڻي پئي، تڏهن وڃي اهو آزار بند ٿيو.“
اها ڳالهه ٻڌي، مون کي ته الهه بچائي سمي جو ڪتاب ”سپر ڪوهستان“ ياد اچي ويو. ان ۾ پيرن تي ڏاڍو سخت مضمون لکيو اٿس. کين سنڌ جي تباهيءَ جو ڪارڻ قرار ڏنو اٿس. ساڳي ڳالهه انگريز اديب رچرڊ برٽن به ڪئي آهي.
ليڪن انهن ئي پيرن جي طبقي ۾ اڄ به مخدوم صاحب جهڙا اعلي انسان موجود آهن. کين ڪانيءَ ڪرامت جي دعوا ته ڪانهي. پر پنهنجي بلند اخلاق جي سونهن سببان ماڻهن جي دلين کي موهي ڇڏيو اٿن ۽ پنهنجن نيڪ نام بزرگن جي وقار تي حرف اچڻ نه ڏنو اٿن.
هڪ دفعي مخدوم صاحب مون سان ڳالهه ڪئي ته جڏهن ڀٽو صاحب ملڪ جو صدر ۽ چيف مارشل لا ائڊمنسٽريٽر هو، تڏهن کانئس پڇيائين ته، ”مخدوم صاحب، توهان کي ڇا گهرجي؟“ مخدوم صاحب جواب ۾ چيس، ”ڪجهه نه. الله سائينءَ اسان جي خاندان جي جيڪا عزت ڪئي آهي، فقط اها برقرار رکجو.“
مخدوم صاحب جو ملتان جي مخدوم صاحب سان پراڻو خانداني تعلق آهي. لاهور جي گورنر هائوس ۾ هڪ دفعي مخدوم سجاد حسين قريشيءَ تڏهوڪي گورنر پنجاب، مون کان پڇيو ته ”رباني، ٻڌو اٿم ته مخدوم صاحب هالن مان ڪوهه مريءَ آبهوا بدلائڻ لاءِ اچي رهيو آهي؟“ مون هائوڪار ڪئي، ته مون کي به وٽانئن اهڙو ئي اطلاع مليو آهي. تڏهن چيائين ته ”کيس چئه ته سڌو ڪوهه مريءَ نه وڃي. اول مون وٽ لاهور ۾ لهي. ڏو-پهرو ڪري پوءِ اڳتي وڃي. سندن سفر لاءِ منهنجي ريلوائي سيلون حاضر آهي، ۽ جي هوائي جهاز گهرجي ته اهو موڪلي ڏيان.“ مون مخدوم صاحب سان ڳالهه ڪئي، پر پاڻ انهن ڳالهين کان بي نياز هو.
مون مخدوم صاحب کي سنڌي ادبي بورڊ ۾ ڏهه پندرهن ورهيه ويجهڙو ڏٺو. سندس شوق ۽ شغل ٻه هوندا هئا: هڪ ڪتاب ۽ ٻيو راڳ. جواني جي زماني ۾ به، جڏهن سنڌ جا ڪي پير، اٺ ۽ گهوڙا ۽ ڪي وري ڪتا ۽ سوئر پاليندا آهن، اتي مخدوم صاحب اديبن ۽ شاعرن جي پرورش ڪندو هو. رسالا ۽ ڪتاب ڇپائيندو هو. اڳتي هلي، سنڌ جي ممتاز اداري سنڌ ادبي بورڊ جو صدر مقرر ٿيو. بورڊ جي ميٽنگ ۾ ايندو هو ته ٽي-اي بل ڪونه وٺندو هو. مخدوم نوح وارو قرآن ڪريم جو تاريخي نسخو بنا ڪنهن اجوري جي. بورڊ کي ڇپڻ لاءِ ڏنائين، پر ٻين چڱن ڀلن بيٺل ماڻهن ۽ خود بورڊ جي ميمبرن وانگر بورڊ کان معاوضو ڪونه ورتائين. ورندو، پيڪيجز لميٽيڊ لاهور وارن کان بورڊ کي ان ڪم لاءِ ڪجهه مالي امداد وٺي ڏنائين. ان زماني ۾ حيدرآباد ۾ وٽس ٻه گهر هئا، هڪ گاڏي کاتي ۾ ٻيو سول لائينس ۾. بورڊ کي آفيس لاءِ جاءِ گهربي هئي. مخدوم صاحب سول لائينس وارو بنگلو بورڊ کي آفيس لاءِ جاءِ گهربي هئي. مخدوم صاحب سول لائينس وارو بنگلو بورڊ کي ڏنو. اڳتي هلي، بورڊ کي معلوم ٿيو ته مخدوم صاحب کي اهو بنگلو وڪڻڻ جو ارادو آهي. بورڊ کيس عرض ڪيو ته بنگلو اسان کي ئي وڪڻو. جنهن قيمت تي پاڻ ٻه چار سال اڳ ورتو هئائين، ان ئي قيمت تي بورڊ کي ڏنائين. اڳتي هلي سندس سياسي مخالفن انهيءَ ڳالهه تي به اعتراض واريو ۽ سندس احسان کي سندس ئي خلاف استعمال ڪيو. مخدوم صاحب ماٺ ڪري بورڊ کي پئسا موٽائي ڏنا ۽ گهر واپس ورتو. پنهنجن مخالفن کي ڪڏهن زبان سان به برو ڀلو ڪونه چيائين. ويهينءَ صديءَ ۾ شاه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي صبر جي روايتن کي تازو ڪري ڇڏيائين.
مون ڪنهن شخص کي چيو ته ”مخدوم صاحب ايڏو صبر ڪنهن کان سکيو آهي؟“ هن جواب ڏنو ته وڏن کان ورثي ۾ مليو اٿس. سندس والد بزرگوار مخدوم غلام محمد صاحب وڏو صابر شاڪر شخص هو. محمد فقير کٽياڻ سان محبت هوندي هئس. فقير صاحب قلندر شخص هوندو هو. جڏهن مخدوم صاحب سان هالين ملڻ ايندو هو ته ”سر بازار مي رقصم“ انداز سان ايندو هو. هالن جي ڀريءَ بازار مان جهمريون وجهندو، ڳائيندو، وڄائيندو، نچندو ايندو هو.
شاهه صاحب جي. ايم. سيد ڳالهه ڪئي ته هڪ دفعي فقير صاحب مخدوم صاحب سان ملن آيو. هڪ ڪمري ۾ وهڻ لاءِ غاليچو وڇايل هو. ٻئي ڄڻا ان جي ٻن ڪنڊن ۾ آمهون سامهون وڃي ويٺا. نه فقير صاحب ڪو اکر چيو، نه مخدوم صاحب ئي ڪجهه فرمايو. ڪجهه دير کانپوءِ فقير صاحب موڪلائي ويو. ڪنهن شخص حيرانيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته ”هيءَ ڪهڙي قسم جي ملاقات هئي؟“ ٻئي جواب ڏنس ته ”الله وارن جون ڪچهريون ائين ئي ٿينديون آهن.“
چون ٿا ته مخدوم صاحب جو جد امجد، مخدوم نوح عليه الرحمة خود عجب انسان هوندو هو. سنڌ جي مڃيل متبرڪ هستي هو. دنيا جي لذتن کان پاڻ پلي چڪو هو. سدائين سچ جي تلاش ۾ هوندو هو. رات جو دير دير تائين مسجد ۾ عبادت ڪري گهر ايندو هو. تڏهن زندگي سادي هوندي هئي. گهر وارا هڪ جانڊي کاري هيٺان کير جو وٽو ۽ جوئر جي ماني رکي سمهي پوندا هئا. هڪ دفعي صبح جو ڏسن، ته کاري هيٺان کير ته ڪونهي، پر ماني ائين جو ائين رکي آهي. پڇا تي مخدوم نوح چيو ته ”مون ته ماني کاڌي هئي.“ جاچ تي پتو پيو ته ٻانهيءَ مانيءَ جي پاسي ۾ مال لاءِ کڙ جو ٽڪر به رکيو هو. مخدوم صاحب انهيءَ کي ماني سمجهي، کير سان کائي ڇڏيو. کيس کڙ ۽ مانيءَ جي ذائقي ۾ ڪوبه فرق محسوس ڪونه ٿيو. سونهاريءَ سنڌ اهڙا الله وارا به ڏٺا.
مخدوم نوح جي صبر ۽ پرهيز گاريءَ جي هاڪ سندس ئي حياتيءَ ۾ پري پري پهتي. اڪبر بادشاهه سنڌ فتح ڪرڻ لاءِ جڏهن لشڪر چاڙهي موڪليو، تڏهن سپهه سالار خان خانان کي تاڪيد ڪيائين ته ”ٺٽي تي حملو ڪرڻ کان اڳ هالن ۾ مخدوم نوح جي درگاهه تي حاضري ڏجانءِ، جو اصل حڪومت الله وارن جي آهي.“
مخدوم نوح جي حياتيءَ جي احوال جي ڪتاب ۾ لکيل آهي ته هڪ دفعي ڪينجهر جا ڪي مهاڻا مخدوم صاحب وٽ ميڙ ڪري ويا ته اسان سان گڏجي ٺٽي هلو ۽ سندس جي حاڪم کان اسان کي ڍل ۽ محصول معاف ڪرائي ڏيو. مخدوم نوح سندن ڳالهه قبول ڪئي. سفر ٻيڙيءَ رستي ٿيو. جڏهن ٺٽي جي ٻاهران پهتا ته مغرب جي مهل هئي. مخدوم نوح چيو ته ” اڳو پوءِ سانجهيءَ جي نماز پڙهي پوءِ شهر ۾ داخل ٿيون.“ ٻيڙيءَ ڪناري سان لنگر هنيو. مخدوم نوح هيٺ لهي وضو ڪرڻ لڳو. سندس ڌيان ته ڪنهن ٻئي هنڌ هو. وضو ڪندي، درياهه جي ڪناري تي بيٺل گاهه جڏهن هٿن کي لڳس ته ماڻهن کي چيائين ”ابا، اسان جي مسجد ۾ هيءُ گاهه ڪنهن پوکيو آهي؟“
چون ٿا ته هڪ دفعي دعوي ڪيائين ته هنن ٻن اکين سان الله کي ڏٺو اٿم. جڏهن مخدوم جعفر بوبڪائيءَ کي اها خبر پيئي تڏهن چوائي موڪليائينس ته ”اهي اکيون ڪي ٻيون هونديون، جن الله کي ڏٺو هوندو. هاڻي هيئن ڪيو جو اهي اکيون ٻوٽيون ۽ پوءِ ٻڌايو ته اڃا الله نظر اچي ٿو.“ مخدوم نوح جواب ۾ چيو ته، ”هائو، نظر اچي ٿو.“ تڏهن مخدوم جعفر چيس ته، ”پوءِ ته منهنجو چوڻ صحيح آهي، ته اهي ڪي ٻيون اکيون آهن، جي الله کي ڏسن پسن ٿيون.“ چون ٿا ته اهو ٻڌي مخدوم نوح چيو ته ”جي نه هجي جعفر، ته نوح ٿئي ڪافر“*
مخدوم نوح فقط عربي ۽ فارسيءَ جو عالم ڪونه هو* پر سنڌي زبان جو به وڏو شاعر هو. افسوس آهي ته سندس شعر اڄ ناپيد آهي. ڪي ٿورڙا بيت وڃي بچيا آهن، جي سندس شاعرانه عظمت تي شاهد آهن. هي بيت ڀٽائي صاحب ڏانهن منسوب ڪيو ويو آهي، پر درحقيقت مخدوم نوح جو آهي:
پيئي جا پرڀات، سا ماڪ مَ ڀانيو ماڻهان
روئي چڙهي رات، ڏسي ڏکوين کي.
مٺو فقير نالي هڪ شخص هوندو هو، جو سندس حاضريءَ جو ماڻهو هو ۽ کيس ڪافيون ڳائي ٻڌائيندو هو. مخدوم نوح کيس مخاطب ٿي، هڪ بيت چيو:

مٺا، مٺائيءَ جون ڪر ڪي ڳالهڙيون

ڪيئن ٿا گذرن ڏينهڙا، ڪيئن ٿيون گذرن راتڙيون

ابابڪر نالي سندس هڪ خليفو هوندو هو، جنهن سان ڏاڍي محبت هوندي هئس. چون ٿا ته جڏهن مخدوم نوح جي لاڏاڻي جو.
وقت آيو، تڏهن ابابڪر کي سڪ سان ساري چيائين:

ابابڪر آءٌ، سامين سفر سنباهيو
متان ٿئي پوياءُ، سارئين سنياسين کي

ابابڪر اهو ٻڌي مرشد کي چوائي موڪليو:

اچان ٿو اچان، ڪجو ڪو جٽاءُ
متان ٿئي پوياءُ، ساريان سنياسين کي

هنن بيتن ۾ اکرن جي گهٽ وڌائي ٿي سگهي ٿي ڇو ته مخدوم نوح جو ڪلام محفوظ رهي ڪونه سگهيو. فقط سندس معتقدن کي ڪي بيت زباني طرح ياد رهيا، جن ۾ غلطيءَ جو امڪان رد ڪري نٿو سگهجي. پر اهي بيت مخدوم نوح جي دردمند دل جي نشاندهي ڪن ٿا. هڪ ٻئي بيت ۾ دنيا جي بي ثباتيءَ جو نقشو چٽيندي فرمايو اٿس:

متان ڏسي موهجين، دنيا وارو ڌڄ،
جدا ڪر جودئون، ڇاهيءَ کي ٿي ڇڄ
اڄ نه ٿئي، سڀان، سڀان نه ٿئي اڄ
نرمل نوح فقير چئي، ڪر رب سان ريجهي رڄ
مٺيون ڀيڙي ڀڄ، وقت وڃئي ٿو ويسلا

مخدوم نوح جي خاندان ۾ مخدوم امين محمد، پکن وارو وڏو شاعر ٿي گذريو آهي. سندس هڪ ڪافي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ عام مشهور آهي:

سڄڻن جا ساريو سانگ
آئون ويٺي روز رڙان

سنڌي ادبي بورڊ مخدوم امين محمد جو سمورو ڪلام ”ڪليات امين“ جي نالي سان شايع ڪيو آهي.

ڀانئجي ٿو ته شعر شاعريءَ جي سوغات سائين مخدوم محمد زمان کي وڏن کان ورثي ۾ ملي. طالب المولي تخلص اختيار ڪيائين ۽ ڪوشش ڪري، خالص سنڌي طرزن تي ڪلام چيائين. خاص ڪري ڪافيون چيائين. هونئن غزل ۽ نظم به چيائين. سندس شعر مکڻ ۽ ماکيءَ وانگر مٺو آهي:

تنهنجو حسن اچي نه حسابن ۾
تون پاڻ ئي پنهنجي جوابن ۾

....

عمر عاجزن سان نه ڪر مال مستيون
هلي ڪين سگهنديون، اهي هوڏ هستيون

جوانيءَ ۾ هڪ ڪافي چيائين مان تڏهن حيدرآباد ۾ ڪاليج پڙهندو هوس. منجهند جي مهل ڪاليج مان موٽندي، هوٽلن، پان ٻيڙيءَ جي دڪانن، گاڏي کاتي، تلڪ چاڙهيءَ ۽ ٻين هنڌن تي، رستي ويند،ي ريڊئي تي سندس ڪافين جا ڪوڪرا ٻڌڻ ۾ ايندا هئا؛

تو دلڙي يار ڌتاري،
پو، بر، ڪانه ڪيئي پوئواري.

ڪافي حسين بخش خادم ڳائي هئي ۽ واهه جا ڳائي هئائين. سنڌي ۾ چئبو آهي ته اهڙي ڳايائين، جو مٽ ڀڃي ڇڏيائين. ڪافي ٻڌڻ سان بت مان سيسراٽ نڪري ويندا هئا، اکين مان ڳوڙها وهي ايندا هئا.
گهڻا گهڻا سال پوءِ جڏهن مان مخدوم صاحب جي قريب قريب آيس، ته پاڻ هڪ ڀيري اسدالله شاهه حسينيءَ ۽ مون کي عارف المولي جي دعوت تي ڊٺڙي وٺي ويو. رات جي مانيءَ کانپوءِ راڳ جي محفل ٿي. چاندي فقير سڄي رات سندس ڪلام ڳايو. صبح جو سج اڀاري اٿياسين. موٽر ۾ چڙهي حيدرآباد روانا ٿياسين ته ماڪڙ وانگر ماڻهو موٽر کي ورائي ويا. عجب نظارو هو. اڄ ڏينهن تائين مون کان وسري نه سگهيو آهي. مخدوم صاحب سان ماڻهن کي عقيدت ڪانه هئي، عشق هو. موٽر جي مٽيءَ ۾ لٽجي ويا پر ڪافي پنڌ تائين ان جي پٺيان ڊوڙندا آيا.
چاندي فقير شايد راڳ وديا جو وڏو ڄاڻو هو. پر مون کي سندس ڳائڻ اصل ڪونه وڻيو. فقط مخدوم صاحب جي ادب ڪري سڄي رات ويٺو رهيس. چاندي فقير جي ڳائڻ ۾ ٺاهه ٺوهه گهڻو هو، پر هونئن سراسر بي روح هو ۽ ان ”سوز“ کان خالي هو، جيڪو الله سائينءَ مخدوم نوح، مخدوم امين محمد ۽ مخدوم طالب المولي کي عطا ڪيو هو. جنهن راڳ ۽ ڪلام ۾ سوز ۽ ساز ڪونهي، سو ڪهڙي ڪم جو؟ سنڌ جي هڪ فارسي گو شاعر چيو آهي:

مي گريم ومي خندم چون برق به سحاب اندر
مي سوزم ومي سازم چون خون به کباب اندر

مخدوم صاحب وارا پاڻ کي ”صديقي“ يعني حضرت ابوبڪر صديق جو اولاد ڪوٺيندا آهن. پر، مون ننڍي هوندي ڪنهن ڪتاب ۾ پڙهيو هو ته مخدوم نوح اصل ۾ سمو هو. اهو مغالطو شايد ان ڪري پئدا ٿيو هجي، جو مخدوم صاحب جي متبرڪ خاندان کي سنڌ جي ڌرتيءَ ۽ عوام سان عشق آهي. مون کي جيڪڏهن ڪو ماڻهو چوي ته سنڌي ڪلچر جو مثالي نمونو ڏيکارڻ لاءِ تون سنڌ جي ڪنهن به فقط هڪ ماڻهوءَ تي هٿ رک ته مان جيڪر مخدوم صاحب جو نالو کڻان. اٿيءَ ويٺيءَ ۾، کاڌي پيتي ۾، لباس ۽ پوشاڪ ۾، رسم ۽ رواج ۾، مزاج ۽ ذهن ۾ مون مخدوم صاحب کان وڌيڪ سچو سنڌي ٻيو ڪونه ڏٺو. پنهنجي هڪ شعر ۾ چيو اٿس:

روز ازل کان آهيم لاتو، ڳڻن ڀريءَ کي ڳلي ڳلي
طالب المولي سنڌڙي پوڄيان، ڪير ٿئي جو جهلي جهلي

سنڌ جو هڪ برک ماڻهو هڪ دفعي مخدوم صاحب سان مليو ۽ سرڪار جي چوڻ تي کيس سنڌ کان ٻاهر هڪ صوبي جي گورنري آڇيائين. مخدوم صاحب منهنجي روبرو ٺهه پهه جواب ڏنس ته ”سنڌ کان ٻاهر گورنري قبول ڪري، مان پنهنجي صوبي جي ماڻهن جي ڪهڙي خدمت ڪري سگهندس؟“
مخدوم صاحب جي سچائي ۽ صاف گوئيءَ کي ڪي ماڻهو غلط سمجهندا آهن. منهنجيءَ سمجهه موجب هو هن زماني ۾ سنڌ جي وڏن ڏاهن مان هڪ آهي. مختلف موقعن تي سندس زبان مان ڏاهپ جا عجيب گفتا ٻڌا اٿم. هيڪر ڪنهن ذاتي معاملي ۾ پاڻ تمام ڏکويل هو. مان وٽن ويٺو هوس. نوڪر اچي اطلاع ڏنو ته ”مختيارڪار صاحب آيو آهي. چئي ٿو ته سائين جن اڄ ملاقات جو ٽائيم ڏنو هو.“ مخدوم صاحب جن ڪنڌ مٿي کنيو ۽ ٿڌو ساهه ڀري چيائونس ته ”ابا مختيارڪار صاحب کي وڃي چئه ته اڄ ته اسان پاڻ سان به ملاقات ڪونه ٿا ڪريون.“
ٻئي دفعي مون کي چيائيون ته، ”رباني، ٿڪجي ٿو ماڻهوءَ جو خيال. جسم جو ٿڪ ته ڪا ڳالهه نه آهي.“
هيڪر هوائي جهاز ۾ لاهور وڃي رهيا هئاسون. پاڻ بورڊ جو چيئرمين هو ۽ مان سيڪريٽري. تن ڏينهن ۾ علامه قاضي تازو تازو هي جهان ڇڏي ويو هو. مخدوم صاحب جي ساڻس دل هئي. کيس ۽ سندس گهر واريءَ کي هنسن جي جوڙي سان تشبيهه ڏيندو هو. ڪنهن مهل جهاز ۾ پنهنجيءَ ڪرسيءَ تان ڪنڌ ورائي، مون کي چيائين، ”رباني، هي فارسي شعر خبر ناهي ته ڪنهن جو آهي، پر ڪيڏو نه بامعني آهي:

”عدم جي راهه، ڪيڏي نه هموار آهي
جنهن هيڪر مٿس پير رکيو
تنهن وري ڪنڌ ورائي پوئتي ڪونه ڏٺو.“

مخدوم صاحب ان زماني ۾ ڏاڍو سفر ڪندو هو. مون کي اهو هفتو ۽ ڏهاڪو ڪونه سجهي، جيڪو هڪ هنڌ گذاريو هجيس. اڄ هالن ۾، هفتي کانپوءِ حيدرآباد، ٻئي هفتي ڪراچي، ٽئين هفتي لاهور، چوٿين هفتي پنڊي، مطلب ته مهيني جا ڏهه پندرهن ڏينهن سفر ۾ ۽ ڏهه پندرهن ڏينهن هالين گذاريندو هو.
وقت جي گذرڻ سان ماڻهوءَ جي ذميوارين ۾ فرق اچي ٿو. جيڪي شيون ڪنهن زماني ۾ اهم ڀانئبيون آهن، سي پنهنجي وقت وڃائي وهن ٿيون. پوئين دفعي ملاقات دوران ٻڌايائين ته ”راڳ سنگيت جون محفلون به ختم ٿي ويون.“ مون سبب پڇيو ته فرمايائين ته ”اڳي راڳ جي مجلس روح رهاڻ لاءِ هوندي هئي. هاڻي ان موقعي تي به ماڻهو درخواستون کنيون، قطارون ڪيون بيٺا آهن، ته زماني جو هي ڪم ڪرائي ڏيو، هو ڪم ڪرائي ڏيو.“
مخدوم صاحب اولادي ٿيو، پٽڙا جوان ٿيا، اڳتي هلي پيءُ مان ڦري ڏاڏو ٿيو، ته لازمي طرح سندس سوچ ويچار ۾ به فرق آيو. هاڻي سندس گهڻو تڻو وقت هالن ۾ ئي گذري ٿو. حيدرآباد توڙي ڪراچيءَ ۾ سندس پنهنجا بنگلا آهن، پر قسمتي ڪو هالن کان ٻاهر نڪري ٿو.
هڪ هنڌ ويهي آخر ماڻهو ٿڪجي پوي ٿو. سو، مون کيس عرض ڪيو ته اوهان آبهوا بدلائڻ لاءِ اسلام آباد ۽ ڪوهه مريءَ جو چڪر هڻو ته سٺو، مس مس وڃي سندس پروگرام بيٺو. پر ڪوهه مريءَ ۾ جيڪي ٽي ڏينهن ٽڪيو، سي هوٽل جي ڪمري مان ڪونه نڪتو جڏهن پنڊيءَ پهتو، تڏهن به جيئن هوٽل جي ڪمري ۾ گهڙيو ته وري واپسيءَ تي، جهاز جي مهل، ان مان ٻاهر نڪتو. سندس طبيعت جو اهو رنگ ڏسي مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ اهي ڏينهن ياد آيا، جڏهن پاڻ جوان هوندو هو ۽ موج ۽ مستيءَ ۾ هوندو هو.
وڏيرو عثمان چانيهو صحبت ۽ خدمت گذاريءَ لاءِ ساڻس گڏ آيل هو. ساڻس ڳالهه ڪڍيم، تنهن به ڏک جو اظهار ڪيو. اسان سڀني جي آس هئي ته مخدوم صاحب وندر ورونهن لاءِ ڪمري کان ٻاهر پير ڪڍي، پر کيس ڄڻ ته دنيا جي نظارن لاءِ ڪا رغبت ئي ڪانه رهي هئي. گوشي نشينيءَ جي گودڙي پائي ڇڏي هئائين وڏيري چانيهي ٻڌايو ته هت ته ٺهيو، پر خود ولايت ۾ به مخدوم صاحب هوٽل جي ڪمري مان ٻاهر پير ئي ڪونه ڪڍي. مون اها ڳالهه ٻڌي محسوس ڪيو ته مخدوم صاحب کي تنهائي جو سخت احساس آهي. کيس ڪنهن دل گهرئي دوست جي ضرورت آهي. اهڙو ساٿي گهرجي، جيڪو سندس دل جي گهراين ۾ ديد وجهي سگهي ۽ ساڻس ڏک سک ونڊي ورهائي سگهي. مٿس سچل جي هيءَ سٽ سورهن آنا صادق آهي:

”اڪيلو آهيان، ماڻهونئڙن جي ميڙ ۾.“

پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ جيڪي چاليهه ورهيه گذريا آهن تن ۾ سنڌ ۾ ادبي اوسر جو مان اکين ڏٺو شاهد آهيان. سڄي عمر ادبي ادارن ۽ تحريڪن سان گڏ گذاري اٿم. مون اديبن ۽ شاعرن جي صفن ۾ مخدوم صاحب کان وڌيڪ نفيس ۽ اهل دل انسان ڪونه ڏٺو. وڏي ماڻهوءَ هوندي به منجهس پيار ۽ نوڙت ڏٺي. ميويدار وڻ ئي جهڪي بيهندو آهي. جنهن انساني ۾ گهڻي ۾ گهڻي عظمت هوندي، ان ۾ ئي اوتري ئي نياز ۽ نوڙت هوندي.
چون ٿا ته ڏاهن جي مجلس ۾ هيڪر سوال اٿيو ته ادب جو دروازو ڪيڏو وڏو آهي ڪنهن ڪيئن چيو ته ڪنهن ڪيئن چيو. ڪنهن شخص چيو ته ادب جو دروازو تمام وڏو آهي، زمين کان آسمان تائين آهي. جيڪو سڀني کان سياڻو هو، سو خاموش رهيو. جڏهن کانئس سوال ڪيو ويو تڏهن چيائين ته ادب جو دروازو ايڏو ته ننڍو آهي، جو جيڪو منجهس پير پائيندو، تنهن کي ڪنڌ نمائي وک وجهڻي پوندي.
سنڌ جي سياڻن جي مقرر ڪيل انهيءَ معيار تي مخدوم صاحب اڄ به ۽ سڀاڻي به، سورهن آنا صحيح ۽ صادق نظر ايندو.
حيدرآباد جي سول اسپتال ۾ داخلا دوران، هيڪر مخدوم صاحب جن، مون سان ملاقات لاءِ حيدرآباد قرب جا پير ڀري آيا. ڪچهري ڪندي، شعر و ادب ۾ سندن دلچسپيءَ جون ڳالهيون نڪتيون، جن مان ڪن جي مون کي اڳ خبر ڪانه هئي. سو، ڪي ڳالهيون سندن ئي لفظن ۾ هت بيان ڪريان ٿو:
شعر ۽ ادب ۾ دلچسپي اوهان کي وڏن کان ورثي ۾ ملي، يا ذاتي ذوق و شوق سببان؟ اها چڻنگ اوهان جي دل ۾ ڪيئن دکي؟
منهنجي پئدائش جنهن خاندان ۾ ٿي، سو صدين کان علمي ادبي لحاظ کان، هڪ مثالي ڪردار جو مالڪ رهيو آهي. حضرت مخدوم نوح رحمت الله عليه کان پوءِ“ اسان جو ٻيو هڪ بزرگ، فتح محمد صاحب نالي ٿي گذريو آهي، جنهن رسالو ”فتحي“ لکيو هو. شاعر ته ڪونه هو، پر بلند پايه اديب ۽ مصنف ضرور هو. اهڙيءَ طرح غلام رسول صديقي صاحب به وڏو اديب ٿي گذريو آهي. خود منهنجو پڙڏاڏو ۽ سندس ننڍو ڀاءُ به شاعر هو. منهنجو ڏاڏو شاعر ڪونه هو، ليڪن والد صاحب شاعر هو، چاچو مخدوم غلام حيدر صاحب بلند پايه اديب ۽ مصنف هو، سندس ڪي ڪتاب ”سفينه النوح“ وغيره مشهور آهن. ديوبند جو فارغ التحصيل عالم هو. اهڙي طرح، خانداني ماحول ۽ روايت جو منهنجي ذهن تي ڪجهه نه ڪجهه اثر ضرور پيو هوندو.
ننڍپڻ کان وٺي اڄ تائين، اوهان کي ڪهڙين شخصيتن متاثر ڪيو آهي؟ سڀ کان اول والد محترم جي ذات گرامي. منهنجو مرشد به پاڻ هو. منهنجي ذات تي گهرا اثر ڇڏيائين. اڄ به مون تي سندس شخصيت جو اثر آهي.

ننڍپڻ ڪيئن گذريو؟
مون جنهن ماحول ۾ اک کولي، ان ۾ علم هو. بزرگ هئا. عزيز و اقارب هئا، والدين هئا، چاچو هو. قدرت مون کي ڀاءُ ڪونه ڏنو. جيڪڏهن ڪو هو ته اهو ننڍپڻ ۾ گذاري ويو. اهڙيءَ طرح، مان پنهنجي خاندان ۾ هڪڙو ئي ٻار هوس، تنهن ڪري سڀني جي توجهه جو مرڪز هيس، لاڏ ڪوڏ سان پليس. منهنجي ڏاڍي پيار سان پرورش ڪئي وئي. والد محترم صوم و صلوات جو پابند ۽ سير و سياحت جو شوقين هو، ان ڪري تعليم ۽ تربيت لاءِ مون کي چاچي سائينءَ محترم مولوي مخدوم غلام حيدر صاحب جي حوالي ڪري ڇڏيو هئائين. چاچي محترم منهنجي تعليم و تربيت ۾ ڪابه گهٽتائي ڪانه ڪئي. حافظ ولي محمد صاحب مجاور درگاهه حضرت غوث الحق سرور نوح منهنجو سڀ کان پهريون استاد مقرر ٿيو. اڳي پاڻ منهنجي والد محترم ۽ منهنجن ٽن چاچن جو به استاد رهي چڪو هو. قرآن ڪريم جي تعليم کانئس ورتم. حفظ ته نه ڪري سگهيس. البت ڏسي پڙهڻ تي عبور حاصل ڪيم. ان وقت جي ماحول ۾ گهڻيون ئي قابل قدر هستيون شامل هيون، جن ۾ شاعر، اديب ۽ عالم به هئا. اڪثر ڪري منهنجي والد وٽ ايندا هئا. انهن ۾ محمد فقير کٽياڻ، سيد مهدي شاهه (جهانيان وارو) ۽ ٻيا فقير فراءَ شامل هئا. ڪي شاعر هئا ته ڪي راڳ ۽ سنگيت جا شوقين. سو، ڪڏهن ڪڏهن صوفيانه ڪلام جون محفلون به ٿينديون هيون، جن ۾ وڏي چاهه سان شريڪ ٿيندو هيس. ان طرح رفتي رفتي علم ۽ ادب ڏانهن راغب ٿيس. اسان جي شهر هالن ۾ ڪيترائي ننڍا وڏا شاعر هئا. جڏهن کين خبر پئي، ته مان به شاعريءَ جو شوق رکان ٿو، ته اسان جي ملاقاتن جو سلسلو شروع ٿيو. انهن مان ڪن جا نالا اڃا ياد اچن ٿا، مثلن انور هالائي، ڊاڪٽر سليم هالائي، محمد عمر اختر، منهن جو سنڌي استاد محترم آخوند عبدالرحمان انجم.
ان زماني ۾، مون ڪي تخلص اختيار ڪيا، مثلن طالب تخلص اختيار ڪيم. هڪ ڏينهن جمعي جي نماز پڙهي رهيو هوس. اسان جي درگاهه جو خطيب حاجي قابل انصاري جمعي يا عيد جو خطبو پڙهندو هو ۽ ان ۾ ”طالب المولي مذڪر“ جا لفظ چوندو هو. سندس خطبو ٻڌي منهنجي ذهن ۾ اُها ڳالهه آئي ته ”طالب المولي“ تخلص اختيار ڪريان. تنهن کان پوءِ اُهو تخلص اختيار ڪيم.

بزم ”طالب المولي“ ڪيئن ٺهي؟
بزم ”طالب المولي“ جو بنياد، پير علي محمد ريلائيءَ رکيو. دادوءَ ۾ رهندو هو. اظهر تخلص ڪندو هو. اسان جي خاندان سان تعلق هئس.هڪ ڳالهه واضح ڪري ڇڏيان ته بزم طالب المولي لاءِ اسان ڪابه امداد ڪڏهن ڪانه ورتي. نه سرڪار کان، نه وري ڪنهن خانگي فرد کان.

اوهان سنڌي ادبي بورڊ جا چيئرمين ڪيئن ٿيا؟
ايوب خان جڏهن فوجي انقلاب جي ذريعي برسر اقتدار آيو، ته هن سنڌ جي سڀني سياستدانن کي ادبي بورڊ تان هٽائي ڇڏيو. محمد ايوب کهڙو ان وقت جو وزير دفاع بورڊ جو صدر هو، پير علي محمد راشدي ۽ آغا بدرالدين ميمبر هئا. ايوب سرڪار حيدرآباد جي ڪمشنر مرحوم نياز احمد کي بورڊ جو چيئرمين مقرر ڪيو. ان ڳالهه تي سنڌ جا ڪي عالم ۽ ادبي ناخوش ٿيا. سندن خيال هو ته سنڌ جو ڪو عالم اديب شاعر بورڊ جو صدر ٿئي. مرحوم ذوالفقار علي ڀٽي جي مشوري تي، جو ايوب خان جو وزير هو، مون کي بورڊ جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو. اُها غالبن سن 1961ع جي ڳالهه آهي.

اوهان کي سنڌي شاعريءَ ۽ ڪافيءَ سان وڌيڪ رغبت آهي؟
هونئن ته سنڌي شاعريءَ ۾ قصيدو رباعي مثنوي، غزل، نظم، آزاد نظم، هائيڪو ۽ ٻيون اصناف سخن موجود آهن. پر ”ڪافي“ ۽ ”بيت“ جهڙي مقبوليت ڪنهن کي به نصيب نه ٿي. خود سنڌ جي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي زماني ۾ ٺٽي ۾ فارسيءَ جا ڪيترائي شاعر موجود هئا، جي غزل، قصيدو رباعي چوندا هئا. شاهه صاحب فارسي زبان کان چڱي طرح واقف هو. جنهن جو ثبوت اهو هو جو روايت آهي ته مولانا روميءَ جي مثنوي ساڻن گڏ هوندي هئي. خود سندن ڪلام ۾ ڪن شاعرن جا فارسي شعر موجود آهن. تاهم، شاهه صاحب دانسته طرح ڌاريءَ ٻوليءَ ۽ غير سنڌي اصناف سخن ۾ ڪلام چوڻ کان پاسو ڪيو. شاهه صاحب وطن دوست شاعر هو. صحيح معني ۾ عوام جو شاعر هو. منهنجي اُها پڪي پختي راءِ آهي ته ٻيو شاهه، ڀٽائي نه پئدا ٿيو آهي، نه ٿيندو.
سچل ۽ بيدل به قومي رنگ ۾ شاعري ڪئي آهي. سندن ڪلام جي خصوصيت اها آهي ته ان کي به شاهه جي ڪلام وانگر ڳائي سگهجي ٿو. منهنجي ذاتي راءِ اها آهي ته جو ڪلام سنڌي سر ۽ سنگيت جي تار تي ڳائي نه سگهبو، سو مقبول ٿي نه سگهندو. مثلن هائيڪو۽ آزاد نظم کي ڳائي نٿو سگهجي، ان ڪري هائيڪو ۽ آزاد نظم کي عوام ۾ مقبوليت حاصل نه ٿيندي آزمائي ڏسو!

اوهان هڪ بزرگ روحاني رهنما آهيو ته ساڳئي وقت سنڌ جي سُکئي ستابي طبقي ۾ به اهم حيثيت رکو ٿا. اوهان جي ڪلام مان پڌرو آهي، ته اوهان کي سنڌ جي ڪک پن سان پيار آهي. سنڌ جي ماڻهن جي اڪثريت اڻ پڙهيل ۽ غريب ماڻهن تي مشتمل آهي. ان جو مکيه سبب جاگيردارانه نظام آهي.
اوهان ان تضاد کي ڪيئن حل ڪندا آهيو؟
ذهني الجهن ته ضرور پئدا ٿئي ٿي. جڏهن پنهنجن ڀائرن کي خراب حالت ۾ ڏسون ٿا، ته دل ڏاڍي ڏکوئجي ٿي. غريبن وٽ نه زمين آهي، نه وري آمدنيءَ جو ڪو بيو وسيلو آهي کين بي پناهه مشڪلاتون درپيش آهن پر، سچ پڇو ته مون جڏهن به سنڌ جي سماجي ۽ تاريخي پس منظر تي غور ڪيو آهي، ته ائين محسوس ڪيو اٿم ته جاگيرداراڻه طبقي کان به وڌيڪ غير ملڪي ماڻهن سنڌ کي ڪچليو آهي. پوءِ اُهي پشاور کان آيا، يا لاهور کان، يا قنڌار ۽ ملتان کان. انهن ۾ ارغون ۽ ترخان به شامل هئا، ته نادر شاهه به. سنڌ ۽ اهل سنڌ تي ڏاڍا ظلم ڪيائون. انگريزن جي دور حڪومت ۾ به سنڌ سان امتيازي سلوڪ روا رکيو ويو. انگريزن حڪومت سنڀاليندي ئي، هندن کي نوازڻ شروع ڪيو. سندن سرپرستي ڪئي. ايتري قدر جو هندو سڀني شين تي قابض ٿي ويا ۽ سارو ڪاروبار ۽ نظام سندن هٿن ۾ هليو ويو. مون کي ياد آهي ته پاڪستان کان اڳ، مسلمانن جي ٻارن کي سٺن اسڪولن ۾ داخلا به ڪانه ملندي هئي.
پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ جيڪي مسلمان هند ڇڏي هجرت ڪري آيا، تن کي اسان ته سنڌي سمجهون ٿا ۽ چاهيون ٿا ته سنڌي ڳالهائڻ، ٻولائن ۽ سنڌي ثقافت ۾ فخر وٺن. پر حقيقت ائين ڪونهي.
ڳالهه پري وڃي نڪرندي. رڳو ڪراچي پورٽ جي آمدني سنڌ تي خرچ ڪئي وڃي، ته ڪجهه نه ڪجهه مسئلا حل ٿي وڃن. هي ڌاڙا ڦرون بک ۽ افلاس جي ڪري ئي ته آهن. بهرحال، جيستائين سنڌ مان احساس محرومي ختم ڪرڻ جو سوال آهي ته منهنجي خيال موجب ان جو صحيح طريقو اهو آهي ته پاڪستان جي اندر سنڌ جا رهاڪو پنهنجن حقن لاءِ جدوجهد ڪن. انشاءَ الله فتح حق جي ئي ٿيندي. ذاتي نوعيت جو هڪ سوال آهي. اوهان ڪڏهن عشق به ڪيو آهي؟
اهو ڪهڙو انسان آهي، جنهن عشق نه ڪيو آهي؟ انسان جي فطرت آهي، ته عشق ڪري. ان جا طور طريقا الڳ ۽ مختلف ٿين ٿا. مون پنهنجو پهريون ۽ آخري بي وصال عشق ڪيو. ان باري ۾ گهڻي ڳالهه ڪانه ڪبي. فقط هڪ شعر عرض آهي:

لوگ پتهر کو خدا مان که معصوم رهي
هم ني انسان کو چاها تو گنهگار هوئي.

* سنڌي زبان جو هڪ مشهور شعر آهي، جو مان سمجهندو هوس ته محمد زمان لنواريءَ واري جو آهي. پر برادرم انور هالائيءَ ٻڌايو ته مخدوم نوح جو آهي. شعر آهي ته:

”اپٽيان ته انڌيون، پوريون پرين پسن
آهي اکڙين، عجب بر پسڻ جي.“

هن شعر ۽ مٿيئن واقعي جي وچ ۾ ڪجهه تسلسل معلوم ٿئي ٿو.

_______

* مخدوم نوح جو قرآن جو فارسي ترجمو سندس قرآن دانيءَ جو وڏو ثبوت آهي. سڄي قرآن ۾ هر هنڌ بسم الله الرحمان الرحيم جي نئين نئين معني ڪئي اٿس. عام مترجم ”حروف مقطعات“ جو ترجمو ڪونه ڪندا آهن، پر مخدوم صاحب ڪيو آهي. مثلن ”الم“ جو ترجمو ڪيو اٿس ”منم خداي که مي دائم.“

پروفيسر سيد غلام مصطفى شاهه

نرڙ ۾ ٿورڙو گهنج ۽ اکين ۾ شور وجهي نهاريندو ته ماڻهوءَ جو هيانءُ ڦاڙي وجهندو. الله سائينءَ کيس منهن ۾ ڪا ڏيا ڏني آهي!

1954ع جي ڳالهه آهي. اسان تڏهن سنڌ مسلم آرٽس ڪاليج ڪراچيءَ ۾ پرهندا هئاسين. ڪاليج جي شاگردن جي ارڏائي چئي کڻي بس ڪر. جنن کي نيسائي ڇڏين. پر ڇا چئجي شاهه صاحب جو رعب. پاڻ پرنسپال هوندو هو. جڏهن ڪاليج ۾ پير پائيندو هو ته ڄڻ شينهن ٻيلي ۾ نڪتو. شاگرد استاد سڀ چپ. مجال آهي جو ڪو وڻ جو پن لڏي! جيپ مان لهي، پنهنجي آفيس جي ڪمري ۾ هليو ويندو. پر اتي به مون ڪڏهن کيس ٺهي ٺڪي آرام سان ويٺل ڪونه ڏٺو. ڪرسيءَ تي ويهي امالڪ ٻئي ٽنگون کڻي ميز تي رکندو.
ڪو شاگرد درخواست کڻي سندس آفيس ۾ اندر گهڙيو ناهي، ته شاهه صاحب جي هڪڙيءَ هڪل ”Yes? “ سان سندس متيون منجهي وينديون. پر جي همت ڪري، اڳتي وڌيو ۽ ڪاغذ شاهه صاحب جي ميز تائين پهچائڻ ۾ ڪامياب ٿيو، ته اڌ منٽ ۾ ان تي ڪجهه رهڙي، چپ ڀڪوڙي، ورائي اهو ڪاغذ شاگرد ڏانهن واپس اڇلائيندو. درخواست منظور ٿي يا نامنظور، ان جي ڏسڻ جو ڪنهن کي حوصلو هوندو! عزت سان ماڻهو آفيس مان ٻاهر نڪتو، اهائي غنيمت.
شاگردن مٿس ”ٿور- ڳالهائو“ نالو رکيو، ڇو ته شاهه صاحب هر ڳالهه جو ٻن لفظن ۾ جواب ڏيندو هو.
مان ڪاليج جو باضابطه شاگرد ڪونه هئس. داخلا ورتي هئم، ٽرم به رکيا هئم، پر ڪاليج ۾ پڙهڻ ڪونه ويندو هوس. مون جهڙي ذهين شاگرد لاءِ آرٽس جو امتحان ڏيڻ واسطي پندرهن ڏينهن پڙهڻ ڪافي هئا. رهيو سوال ڪاليج ۾ حاضريءَ جو، سو مرحوم احسان بدوي، سنگت ۾، اها ونگار وهي ويندو هو. انهيءَ سبب ڪري مون شاهه صاحب جو ڪاليج ۾ گهڻو جلوو ڪونه ڏٺو. پر ڇٺيءَ ڇماهيءَ جڏهن ڪاليج ۾ ليئو پائيندو هوس، ته مٿيون لقاءُ ڏسندو هوس.
مان سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ نئون نئون ڪلارڪ مقرر ٿيو هوس. ٻين غربين وانگر نوڪري به ڪندو هوس ۽ ڪاليج ۾ به پڙهندو هوس. پنهون خان منهنجو سپرنٽيڊنٽ هو. ميرپورخاص جو سيد غلام حيدر شاهه، جو اصل ۾ غالبن شاديءَ پليءَ جو زميندار هو، تعليم کاتي جو نئون نئون وزير مقرر ٿيو هو. پيرزادو عبدالستار وڏو وزير هو. پنهنجي وزارت کي بچائڻ لاءِ ٻارنهن وزير کنيا هئائين.
ان زماني ۾ پاڪستان ۾ اڃا جمهوريت جي بوءِ بانس هئي ۽ ماڻهن ۾ ماڻهپو ۽ سهپ. اخبارون آزاد هيون. مون کي ياد آهي ته غلام قادر لاکير خانبهادر کهڙي جي اخبار ”نواءِ سنڌ“ ۾، نيوز ايڊيٽر هو. ٻارهن وزيرن واريءَ وزارت جي خبر ڏيئي، حيدرآباد ۽ نوابشاهه جي ٻن وزيرن لاءِ لکيائين ته ”فلاڻو ۽ فلاڻو به وزير. الله جو شان، اڄ گڏهن به گج پاتا.“
پر شابس هجي انهن ٻن وزيرن کي! نه ته ”نواءِ سنڌ“ جا اشتهار بند ڪرايائون ۽ نه بدناموسيءَ جو نوٽيس ڏنائونس.
غلام حيدر شاهه کي وزارت ۾ چڱي عزت هئي. سنڌ جي چيف منسٽر جي موجوده رهائشگاهه جي پاسي ۾ بنگلو مليس. نالو هئس ”پروين هائوس.“ شاهه صاحب سنڌ جي سادات جي رسم رواج موجب پنهنجيءَ فيمليءَ کي ڪراچي ڪونه وٺي آيو. بنگلي ۾ اڪيلو رهندو هو. آئي وئي جو آڌر ڪرڻ، فون تي عقلمنديءَ سان نياپو ڏيڻ ۽ وٺڻ، نوڪرن تي اک رکڻ ۽ خرچ پکو هلائڻ لاءِ کيس هڪ ڀروسي جوڳي ماڻهوءَ جي ضرورت هئي. پنهون خان کي پنهنجو پي. اي. (P.A) مقرر ڪيائين ۽ چيائينس ته بنگلي لاءِ ڪو ماڻهو هٿ ڪري ڏي. پنهون خان جي نگاهه مون تي پيئي. ائين مون وڃي پروين هائوس وسايو.* شاهه صاحب وڏو زميندار ڪونه هو. مان سندس خرچ پکو تمام ڪفايت سان هلائيندو هوس ۽ نوڪرن تي به سختي ڪندو هوس، ان هوندي به سدائين خرچ جون دانهون ڪندو هو.
شاهه صاحب جو دين دنيا ۾ شايد هڪ ئي دل گهريو دوست هو، سائين غلام مصطفيٰ شاهه، پروين هائوس ۾ سندس جيڪي ملاقاتي هئا، تن ۾ گهڻي ۾ گهڻو ايندو ويندو هو.
جڏهن وزير صاحب گشت ۾ نه هوندو هو، ته سائين غلام مصطفيٰ شاهه روزانو شام جو وٽس اچي ٺڪاءُ ڪندو هو. ٻئي ڄڻا ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪچهري ڪندا هئا. سندن انهيءَ تعلق ڪري، مون کي وزير صاحب جن جي قريبي دوستن جا فون نمبر ياد ڪرڻا پيا، تن ۾ سرفهرست سائين غلام مصطفي شاهه هو. اڪثر ڪري کيس ئي فون ڪندو هوس. پر، کانئس ڪڏهن به پنهنجو ڪو فائدو ڪونه ورتم. بلڪ ساڻس اها ڳالهه ئي ڪانه ڪيم، ته ڪو مان توهان جي ڪاليج جو شاگرد به آهيان.
ان ڳالهه کي ٽي چار ورهيه گذري ويا. مان سنڌي ادبي بورڊ ۾ اسسٽنٽ سيڪريٽري مقرر ٿيس، ته شام جو بورڊ جي نائب چيئرمين، سائين جي. ايم. سيد جي رهائشگاهه تي ساڻس روزانو ملاقات ٿيڻ لڳي. جڏهن کيس خبر پئي ته مان لکڻ پڙهڻ وارو نوجوان آهيان ته منهنجي مٿي تي محبت ۽ شفقت جو هٿ رکيائين.
ساڻس ميل ملاقات جو گهڻو موقعو تڏهن مليو، جڏهن بورڊ جون آفيسون حيدرآباد کڄي آيون ۽ پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر مقرر ٿيو. انهيءَ حيثيت ۾، هو بورڊ ۾ چيئرمين کان پوءِ ٻيو نمبر اهم ميمبر هو. ان وقت تائين مان کيس ڪافي قريب اچي چڪو هوس. مون کي پنهنجي بنگلي تي هڪ ٻه دفعا دعوتن ۾ به سڏيائين.
ان وچ ۾ هڪ عجيب اتفاق ٿيو، جنهن منهنجن نظرن ۾ سندس عزت هيڪاري وڌائي ڇڏي. ڇا ٿيو ته جويي صاحب کي پنهنجي ڪنهن دوست جا ٻه ڪتاب، سنڌ يونيورسٽي پريس مان ڇپائڻا هئا. مون کي چيائين ته ”پريس جي دستوري فارم تي، پرنٽر جي حيثيت ۾ تون صحيح ڪر.“ مون گهڻو گوش ئي ڪونه ڪيو، ڇو ته اهو ڀوڳائي- مڙس تڏهن منهنجو به دوست هو. پر مون اڃا کيس ڪونه سڃاتو هو. ماڻهوءَ کي مڃائڻ سولي ڳالهه ڪانه آهي. پروف جويو صاحب پڙهندو هو. سڄاڻ ته ڪتابن ۾ ڪو مسالو موجود هو. شايع ٿيا، ته ان ڳالهه تي اچي ممڻ متو. آخرڪار ضبط ٿيا. ان صورت حال جو فائدو وٺي، ڪنهن ”سڄڻ“ انڪوائري ڪرائي ته اهي ڪتاب يونيورسٽيءَ ۾ ڇپيا ڪيئن؟ خوش قسمتيءَ سان تعليم کاتي ۾ جويي صاحب جو ئي هڪ دوست انڪوائري آفيسر مقرر ٿيو. مون کي خوشي ٿي ته هو اسان جي مدد ڪندو. هڪ ڏينهن سڏي ڪتابن جي ڳالهه پڇيائين. مون صحيح ڳالهه ٻڌايس. چيائين ته اها لکي ڏي. اهو ٻڌي مون کي البت تشويش ٿي، سو جويي صاحب سان اچي سڄو احوال ڪيم، جو هو سندس ويجهو دوست هو. هن اشراف ماٺ ميٺ ۾ جويي صاحب سان دوستي نڀائي ۽ مون کي قربانيءَ جو ٻڪرو بنايو. اتي مون کي خبر پئي ته ”مار! مان، نه ڏني نه ورتي، اجايو ڏچي ۾ اچي ويو آهيان.“ واهر لاءِ هيڏي هوڏي واجهايم. ته ڪاريءَ وارا ڪک ڏٺم. ڏاڍو ششدر ٿيس، ڇو ته يونيورسٽيءَ ۾ انڪوائريءَ جي نتيجي طور هاڻي خود بورڊ ۾ به ممڻ مچڻ وارو هو ته اداري جي هڪ ذميوار عملدار اهڙا ڪتاب ڪيئن ڇپايا. ائين بي سبب مان خطري ۾ اچي ويس. ڪتاب لکيا هڪڙي، ڇپايا ٻئي، جزا سزا مان پيو ڀوڳيان!
مصيبت جي اهڙن موقعن تي منهنجي مدد هميشه قدرت ڪئي آهي. هن ڀيري ۾ به ائين ئي ٿيو. اوچتو سائين غلام مصطفي شاهه وائيس چانسيلر مقرر ٿي آيو. منهنجي لاءِ ڄڻ ته آڌيءَ جي اونداهيءَ ۾ چوڏهين جو چنڊ اڀريو. ساڻس وڃي احوال ڪيم. ڳالهه ٻڌائين ۽ دلجاءِ ڏنائين. جڏهن بورڊ ۽ يونيورسٽيءَ ۾ انهيءَ معاملي تي ميٽنگون ٿيون، ته شينهن وانگر گجندو آيو. انڪوائري ڪندڙ عملدارن کي دٻ ئي هڪڙي ڪڍيائين، ته ڪک پن ٿي ويا. الله منهنجي آبرو بچائي ورتي.
هڪ دفعي سائين ۽ مان گڏجي پنڊيءَ آياسين. ايئرپورٽ تي پڇيائين ته ”ڪاٿي رهندين؟“ مون چيو ته ”ڪنهن هوٽل ۾.“ چيائين ته ”نه، مون سان گڏ هل.“ پنديءَ جي سول لائينس ۾، مردان جي پاسي جو هڪ سردار سندس دوست هو. ان وٽ وڃي ٽڪياسين. امان الله خان نالو هوس. واهه جو ماڻهو هو. مکڻ ماکيءَ مان ٺهيل هو. اسان جون ڪي خدمتون ڪيائين!
اتي هڪ ڏينهن سائين مون کي ساڻ وٺي مولانا ڪوثر نيازيءَ سان ملڻ هليو. هو تڏهن اطلاعات ۽ نشريات جو وزير هو. ٽي. ويءَ تي سنڌيءَ ۾ خبرون ڪونه اينديون هيون. اسان ان ڳالهه تي احتجاج ڪيو. نتيجي طور ٽي. ويءَ تي سنڌيءَ ۾ خبرون جاري ٿيون. پر سائينءَ سنڌ سان رڳو هڪڙو ڀال ڪونه ڀلايو. سڄي عمر سنڌ جي خدمت ڪيائين. اها ڳالهه سندس دين ايمان ۾ داخل هئي. جڏهن شريف – ڪميشن ايوب خان جي ايامڪاريءَ ۾ سنڌي زبان جو ڪم پئي لاٿو، تڏهن سائينءَ ٻوليءَ جي بچاءَ لاءِ وڏي ڀڄ ڊڪ ڪئي. سنڌ ۾ تعليم کاتي جو ڊائريڪٽر هو، ته سست ۽ ٽوٽي ڪامورن کي چست ڪرڻ لاءِ ڏاڍا هٿ پير هنيائين. وائيس چانسلر ٿيو، ته يونيورسٽيءَ کي سڌارڻ لاءِ وڏا وس ڪيائين. يونيورسٽيءَ جي شهر مان ڄام شوري منتقلي ته ڪڏهوڪو شروع ٿي چڪي هئي، پر، ڪيمپس تي جيڪي عمارتون ٺهيون هيون، سي ڄڻ ته گهوڙن جا طنبيلا هئا. وي. سي. آفيس، سينٽرل لئبرري، سنڌالاجي ۽ آرٽس فئڪلٽيءَ جهڙيون ڪيئي عاليشان عمارتون ٺهرايائين. خود علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ جو قبو به سائينءَ جوڙايو.
ڄامشوري ۾، سنڌ يونيورسٽيءَ جون اڳوڻيون جايون، بلڪل بيڪار هونديون هيون. انهن جي تعمير تي هڪ دفعي چوٻول ٿيو. مرحوم محمد صالح قريشي وائيس چانسلر هوندو هو. هڪ دفعي ادبي بورڊ جي ميٽنگ ۾ آيو ته پير حسام الدين راشديءَ چيس، ”اوهان سڄو ڏينهن کرپي هٿ ۾ کنيو، ويٺا جاين جي کوٽ کوٽان ڪيو. ان مان ڇا ورندو؟ سنڌ جي واقعي خدمت ڪرڻي آهي، ته نوجوانن جي تعليم ڏي توجهه ڏيو.“
يونيورسٽيون اهڙا ادارا آهن، جتي مستقبل جي تعمير ٿئي ٿي. سنڌ جي ڪابه يونيورسٽي سوربون، الاظهر، ڪئمبرج ۽ آڪسفورڊ ته ڪانه ٿي سگهي، ڇو ته انهيءَ اعلي پد تي پهچڻ لاءِ قومن کي وڏو تهذيبي سفر ڪرڻو پوندو آهي. پر، ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ اهو سوجهرو به ڪونه رهيو، جيڪو انگريزن جي زماني ۾ هوندو هو. ڪاليجن ۽ اسڪولن جي تعليم جو حال ته ان کان به بدتر هو. خاص ڪري پرائمري تعليم ته ترين ڀر اچي پئي هئي. انگريزن جي زماني ۾ ڳوٺ جي پرائمري اسڪول جو استاد جڏهن ٻاهر نڪرندو هو، ته گهٽيءَ ۾ ڳوٺاڻا، ادب ڪري، آڱرين ۾ پن جي دکايل ٻيڙي به لڪائي ڇڏيندا هئا. اهي ڳالهيون خواب خيال ٿي ويون. امتحانن ۾ نقل نويسيءَ جي ڌم ٿي ويئي. شاگرد جڏهن بي. اي ۽ ايم. اي پاس ڪري نڪرندا هئا، ته انگريزيءَ ۾ رڳو نوڪريءَ لاءِ صحيح درخواست به لکي ڪونه سگهندا هئا. سائينءَ ان صورتحال کي سڌارڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ها. پر سنڌ، سندس علم ۽ وسيع تجربي جو ڪوبه قدر ڪونه ڪيو. نه فقط ايترو، بلڪ کيس اهڙو ته دلشڪستو ڪيو ويو، جو آخرڪار سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسيلريءَ تان به استعيفا ڏيئي ڇڏيائين.
اتفاق سان، ان ڏينهن ۾ مان ڪنهن ڪم سان ڪراچيءَ وڃي رهيو هوس. بورڊ جي جيپ ۾ هوس. پاڻ پٺيان پئي آيو. موٽر روڪيائين ۽ چيائين ته جيپ جي ڊرائيور کي چئو ته پٺيان اچي. رستي تي ڳالهيون ڪندو هليو. صاف صاف اکرن ۾ چيائين ته ”رباني، يونيورسٽيءَ ۾ سرڪار جو نمائندو وائيس چانسيلر آهي، يا ڪو شاگرد؟ جيڪڏهن ڪوبه شاگرد آهي ته وائيس چانسيلر ڪم ڪيئن هلائيندو؟“
جڏهن مان سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پرو – وائيس چانسيلر مقرر ٿيس ته سائين قرب جا پير ڀري مون وٽ آفيس ۾ آيو. ڏاڍو خوش ٿيس. جڏهن يونيورسٽيءَ سان پنهنجا پلئه آجا ڪيم ۽ سنڌي ادبي بورڊ ۾ موٽي آيس، ته اتي سائينءَ جي مان ۾ دعوت ڪيم. پنجاهه سٺ ماڻهو سڏيم. ادبي بورڊ واريءَ وڏيءَ ڇٻر تي چڱو چهچٽو ٿيو.
هفتي کن کان پوءِ تڏهوڪو صوبائي تعليمي وزير، ادبي بورڊ گهمڻ آيو. ”ميڏي دل وچ ڪلمان.“ هڪ ڏينهن اڳ سائين غلام مصطفي شاهه ڪراچيءَ ۾ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ مليو. چيائين ته ”رباني، مان وزير کي ڪيئن جهليان ته تو وٽ نه اچي؟“ مون کي ڳالهه سمجهه ۾ ڪانه آئي. پر کيس ڪا کڻڪ هئي، ڇو ته غوث علي شاهه صاحب بعد ۾ ٻڌايو ته، ”ادا، توهان جا ڪي همعصر دوست هئا، جن توهان جي خلاف باهيو هو. پر هاڻي الله ڪندو ته منهنجي دوري کانپوءِ اوهان کي ڪو ڪونه ستائيندو؟“ اتي سائينءَ وارو اشارو سمجهه ۾ آيو ۽ حضرت عيسي وارو مقولو ياد آيو ته، ”يا خدا، مون کي دوستن کان بچاءِ.“
اسلام آباد ۾ هڪ وڏي ماڻهوءَ هيڪر مون کي چيو ته ”مان گهگهه اونداهيءَ ۾ به نااميديءَ جو قائل نه آهيان.“ اها ڳالهه سائين غلام مصطفيٰ شاهه تي سورنهن آنا صادق آهي. ڪي ڪي انسان اهڙا ته باهمت هوندا آهن، جي نه فقط پنهنجن معاملن ۽ مسئلن کي دليريءَ سان حل ڪندا آهن، ليڪن ٻين مرده دلين کي به هڪڙيءَ ئي هڪل سان جياري ڇڏيندا آهن. جڏهن کلندا آهن، ته باغن ۾ گل ٽڙي پوند آهن. اهڙيون ڪرشمه ساز شخصيتون قدرت ورلي پئدا ڪندي آهي. مان علم نفسيات جو ماهر ته ڪونه آهيان، پر ڀايان ٿو ته قدرت سائين غلام مصطفيٰ شاهه کي انهيءَ نعمت سان نوازيو آهي. هو دشمن لاءِ ڪک جو ڪان ۽ دوست لاءِ ٿڌي ڇانو آهي. پاڻ لاڙ جي مٽياري سيدن مان آهي. سندس بزرگ سيد عبدالرحيم شاهه، وڏو علم پرور، سخي ۽ ديندار شخص هو. شاهه ولي الله جي تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ سوين ايڪڙ زمين وقف ڪئي هئائين. سائينءَ جي حياتيءَ جو ڪجهه احوال، برادرم اياز قادريءَ ۽ مرحوم استاد عبدالله شيخ (جو نوشهري هاءِ اسڪول ۾ منهنجو استاد هو) هڪ ننڍڙي ڪتابڙي جي صورت ۾ ڇپايو آهي. پر درسي ڪتاب جي انداز ۾ لکيل آهي. سائينءَ جي سوانح عمري لکڻ لاءِ قلم کي ترار کان وڌيڪ تکو ڪرڻو پوندو، ڇو ته سندس شخصيت ۾ Rainbow-Culture جي سموري رنگينيءَ سان گڏ، کنوڻ جا تجلا ۽ وسندڙ ڪڪرن واري گجگوڙ به آهي.
اسلام آباد ۾، هڪ دفعي، سائينءَ ڳالهين ٻولهيون ۾ مون کي پنهنجي ننڍپڻ جا ڪيئي دلچسپ واقعا ٻڌايا. چيائين ته جڏهن منهنجي شادي ٿي ته چاليهه ميل گهوڙي تي سفر ڪرڻو پيم. ڄاڃين جو ڪٽڪ ساڻ هو. جڏهن ساهرن جي ڳوٺ کي سڻاوا ٿياسون ته هڪ شاهي ڇرو آڻي، هٿ ۾ ڏنائون ته ڪنوار جي ڳوٺ ۾ ائين ڪو هٿين خالي داخل ٿبو آهي! ان زماني جي لباس جو ذڪر ڪندي چيائين ته ڪنوار جا ويس وڳا ته هاڻي تصور کان ٻاهر آهن. پر گهوٽ جي لباس تي ڪا محنت ٿيندي هئي! سڄي وڳي تي ڀرت ۽ زريءَ جو ڪم ٿيندو هو.
سنڌ جو اهو ڪلچر هاڻي ناپيد آهي. جيڪڏهن ڪو ماهر يا محقق اڄ سنڌ جي انهن ريتن ۽ رسمن کي گڏ ڪرڻ گهري ته کيس ڪنهن ڪتاب ۾ به ڪو ذڪر نظر ڪونه ايندو.
سائين سنڌ جي هڪ سکئي ستابي ۽ مان مرتبي واري سادات خاندان ۾ پيدا ٿيو. سندس چاچو علي محمد شاهه، علامه آءِ. آءِ. قاضي صاحب سان گڏ ولايت ويو هو ۽ بئريسٽري ڪري آيو هو. وڏيءَ ڏيا وارو مڙس هو. پري پري سندس هڪل ٻڌبي هئي. سائينءَ مون کي ٻڌايو ته هيڪر ڪنهن بزرگ کيس چيو ته ”اوهان جي شڪل مان اسان کي علي محمد شاهه پيو نظر اچي.“ ٻئي دفعي سائينءَ جي مردان واري دوست سردار امان الله خان* مون کي ٻڌايو ته ”غلام مصطفيٰ شاهه جڏهن علي ڳڙهه ۾ پڙهندو هو ته ان زماني ۾ به سندس ايڏو رعب هوندو هو، جو جهڙي تهڙي شاگرد کي سندس ڪمري جي ويجهو لنگهڻ جي همت ڪانه ٿيندي هئي. فقط مان اڪيلو سندس دوست هوندو هئس.“
انهن ڳالهين جي آڌار تي چئي سگهجي ٿو ته سائينءَ جي رڳن ۾ جيڪو رڪ آهي، سو، غالبن، سندس چاچي (مرحوم) علي محمد شاهه جي شخصيت جو نفسياتي اثر آهي.
سنڌ ۾ لاڏ ڪوڏ سان پليل سکين ستابن جا ٻار ورلي ڪي محنتي ۽ ذهين شاگرد ٿيندا آهن. پر، سائينءَ جو طالب العلميءَ جو ڪئريئر اڄوڪن نوجوانن لاءِ سبق آموز آهي. چيائين ته ”پرائمري تعليم لاءِ ميلن جا ميل روزانو گهوڙي تي چڙهي وڃڻو پوندو هو. ڪاڙهو تتو اهڙو جو خدا جي پناهه! هاءِ اسڪول جي تعليم ڪراچيءَ ۾ نصيب ٿيم. پر ڪاليج جي تعليم لاءِ پرديس جو پنڌ ڪرڻو پيم. علي ڳڙهه ۾ وڃي داخلا ورتم. انهن تڪليفن هوندي به بورڊن ۽ يونيورسٽين جي ڪيترن ئي امتحانن ۾ حسابن، انگريزيءَ ۽ ٻين ڪمن ۾ فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن کنيم.“
ڪراچيءَ ۾ پنهنجن ڪاليجي استادن جو جڏهن به ذڪر ڪيائين ته سندن نالا ايڏي ته احترام سان کنيائين جو ڄڻ ته سندس مربي ۽ محسن هجن. کيس ان ڳالهه تي فخر هو ته ”مون کي ڪاڪي ڀيرومل، رام پنجواڻيءَ ۽ اي. ايل. شيخ جي صحبت ۽ محبت نصيب ٿي.“
علي ڳڙهه ۾ تعليم دوران کيس ايئر فورس ۾ وڃڻ جو شوق ٿيو، پر مائٽ ان ڳالهه ۾ راضي ڪونه هئس. چائين ته ”امان ته ڳالهه ٻڌي مصلي تان ئي ڪانه اٿي.“
سائين ڦوهه جوانيءَ جي زماني ۾ ڪجهه عرصو خاڪسار تحريڪ سان به وابسته رهيو. اهو وڏيءَ سياسي ڪشمڪش وارو دور هو. ٻي مهاڀاري لڙائي شروع ٿي چڪي هئي. چين جي پاسي جپانين انگريزن جا ٻه جهاز سمنڊ ۾ ٻوڙي ڇڏيا هئا، انگريز دل لاهي ويٺا هئا. ائين ٿي لڳو ته هو هندستان ۾ گهڻو وقت رهي ڪونه سگهندا.
دهليءَ مان ”ڊان“ اخبار نڪرندي هئي. سائين ٻه مهينا ان ۾ ڪم ڪيو ۽ شوق جا ڳيس ته هندستان جو فوجي وقايع نگار ٿيان. ان وچ ۾ پاڻ (M.A) ۽ لا (LAW) جون ڊگريون حاصل ڪيائين. پوءِ اعلي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ولايت هليو ويو. اتان موٽيو ته سنڌ ۾ هڪ تعليم دان جي حيثيت ۾ ڪئريئر شروع ڪيائين. هاڻي سنڌ ته ڇا پوري پاڪستان ۾ ڪي ٿورا اهڙا تعليم دان ملندا، جي ساڻس ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهن تقريبن اڌ صدي تعليم جي خدمت ۾ گذاري اٿس ۽ پاڪستان جي چئني صوبن سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ سرحد ۾ قابل تعريف رڪارڊ ڇڏيو اٿس.
بلوچستان ۾ منهنجي دوست، بلوچي اڪيڊميءَ جي سيڪريٽري جنرل، گلزار مريءَ مون کي ڳالهه ڪئي ته، شاهه صاحب جڏهن ڪوئيٽا آيو ته هالي ته شهر ۾ هل ٿي ويو ته وري ٻيو زلزلو آيو آهي. ماڻهو اڄ ڏينهن تائين سندس ساراهه جا ڍڪ ڀريندا آهن.“
سائين ملڪ جي 1988ع وارين عام چونڊن ۾، قومي اسيمبليءَ لاءِ اميدوار بيٺو. بنا مقابلي چونڊيو. اول قومي اسيمبليءَ جو ميمبر ۽ پوءِ مرڪزي تعليمي وزير ٿيو. جنهن ڏينهن آفيس ۾ وزارت جي ڪرسيءَ تي ويٺو، ان ڏينهن ئي مون کي سڪ سان سڏيائين: ”تون مون وٽ ڪيڏيءَ مهل ايندين؟“ مون چيو ”جڏهن اوهان حڪم ڪريو.“ چيائين ”هينئر ئي هليو اچ ته منجهند جي ماني گڏجي کائون.“
هڪ ڏينهن اسلام آبد ۾ انگريز سفير سان منهنجي واقفيت ڪرائيندي چيائين ته ”منهنجو پراڻو دوست آهي.“ مون پنهنجا پراڻا دوست آزمايا هئا. ٿورڙي حيثيت ملڻ تي، سندن مزاج ۾ فرق اچي ويندو هو. سائين ته منهنجو سائين هو. مان سندس نيازمند هوس. مون کي پراڻو دوست ڪوٺيائين ته دل ڀرجي آئي ۽ ڀٽائي ياد آيو؛

جکرا جئين شال، تنهنجو مدو ڪين نه سڻان،
جئين تو اچي ڪالهه، نالائق نوازيا.

سائينءَ تعليمدان جي حيثيت ۾ سڄي عمر، اول سنڌ، پوءِ سڄي پاڪستان جي خدمت ڪئي آهي. ليڪن، قدرت کيس قلم جي قوت سان به نوازيو آهي. جيڪا انگريزي ۽ سنڌي لکندو آهي، ان ۾ زندگي ۽ زندهه دليءَ جي جهلڪ نظرا يندي آهي. مون سندس ڪتاب British in the Continent ته ڪونه پڙهيو آهي. پر سندس مختلف مضمون پڙهي، اها راءِ قائم ڪئي اٿم. گذريل ڪيترن سالن کان Sind Querterly رسالو ڪڍندو رهيو آهي، جو پنهنجيءَ نوعيت جو رسالو آهي. ان ۾ هڪ مضمون How Green is my Village سائينءَ جي دل جي آرسي آهي.
سائين ۽ پير حسام الدين راشدي جي پاڻ ۾ سڪ هوندي هئي. هيڪر، مون پير صاحب کي چيو ته ”راڳ جي ڪا محفل ڪجي. سنڌ جو راڳ ڄڻ ته ختم ٿي ويو آهي. اردو گانن ۽ پاپ ميوزڪ ٻڌڻ سان بلڊ پريشر لهڻ بدران چڙهي ٿو.“ چيائين ته ”صلاح سٺي آهي. محفل جو پاڻ ٻئي بندوبست ڪريون يا ڪنهن ٽئين کي به شريڪ ڪريون.؟“ مون چيو ته ”راڳ جي محفل جو مزو آهي هم خيال ماڻهن سان. سائين غلام مصطفيٰ شاهه سان صلاح ڪريون.“ اهو ٻڌي ٽهڪ ڏنائين ۽ چيائين ته، ”ابا، غلام مصطفيٰ شاهه سونو ماڻهو. اهڙا ڍولڻ ڪٿي! پر راڳ ۽ غلام مصطفيٰ شاهه! ميان، ڪا عقل جي ڳالهه ڪر. راڳ ۽ سنگيت سان دشمني يا اورنگزيب عالمگير کي هئي يا غلام مصطفيٰ شاهه کي! مون کي ته حيرت آهي ته هو تعليم کاتي جو ڊائريڪٽر ڪيئن ٿيو؟ پوليس جو آءِ. جي. ڇو نه ٿيو؟“ ان ڳالهه کي ورهيه وري ويا. پير صاحب ويچارو هي جهان ڇڏي ويو. پر سندس ڳالهه نه وسري. هيڪر اسلام آباد ۾ رات جو سائينءَ سان سندس گهر ۾ ڪچهري ويٺي ڪيم. ٽيون ڄڻو ڪوبه ڪونه هو. هتان هتان جون ڳالهيون نڪتيون ته سائينءَ انگلستان جي ڪن دوستن جو ذڪر ڪيو ۽ هڪ رسالو ان ۾ انگريزي طرز جي هڪ سرخ عمارت جي رنگين تصوير هئي. هڪ ڪمري ۾ فانوس ٻري رهيو هو. فانوس جي چوڌاري پتنگ پسبا آهن. اهو منظر پراسرار هوندو آهي. سائين کان سوال ڪيم ته ”اوهان کي جوانيءَ ۾ ڪڏهن ڪنهن ڏانهن Tender Feelings به هنيون؟“ سائينءَ کان سوال ته ڪري ويٺس پر دل ۾ ڏاڍو پڇتايم ته ايتري حجت ٺيڪ ڪانه هئي.
سائين سوال ٻڌي ناراض ته ڪونه ٿيو. ورندو دل جي سموريءَ سچائي سان جيڪو احوال ڏنائين، سو ٻڌي مرحوم پير صاحب ياد آيم ۽ دل ۾ کيس چيم ته ”سائينءَ جي باري ۾، اوهان جو اندازو صحيح ڪونه هو. سنڌو درياهه کي سيراب ڪندڙ چشما همالا جبل جي سنگلاخ سرزمين مان ئي ڦٽندا آهن. حافظ چيو هو:

ببي که رقص کنان ميرود بناله چنگ
کسي که اذن نميداد استماع سماع

جيئن ڳوٺن ۽ راڄن جا چڱا مڙس ٿيندا آهن، تيئن قومن ۽ قبيلن جا به چڱا مڙس ٿيندا آهن. منهنجي خيال ۾، سائين غلام مصطفيٰ شاهه سنڌ جي چڱن مڙسن جي صف اول ۾ آهي. عمر جي لحاظ کان ستر ورهين جي پيٽي ۾ هوندو. پر، سندس وجاهت ۽ جلال اڳئين وانگر قائم آهي. دعا آهي ته رب ڪريم کيس وڏي ڄمار ڏئي.
وقت ڏاڍي ظالم قوت آهي. شينهن کي لومڙي بنايو ڇڏي. پر، سائين قدرت کان عجب سڀاءُ وٺي آيو آهي. زماني جون گرميون ۽ سرديون، سندس فولادي شخصيت تي اثرانداز ٿي ڪونه سگهيون. ڪڏهن به مصلحت بيني اختيار ڪونه ڪيائين، جيڪي سچ سمجهيائين، ان جو علي الاعلان اظهار ڪيائين_____ اها عظيم انسان جي نشاني آهي.
سنڌ ڏاڍن جو ڏيهه آهي. چنيسر کي چيڙائڻ ۽ دودي کي مارائڻ ان جي تاريخي روايت آهي. ڊڀري واري مرحوم سيد قراري شاهه جو گفتو مان عمر ڀر نه وساري سگهيو آهيان. ايئر ڪنڊيشنڊ ڪمري ۾ ٿڌو بيئر پياريائين، عمدي ماني ۽ انب کارايائين ۽ چيائين: ”يار، مان ٿلهيءَ کل وارو ماڻهو آهيان.“ سنڌ جي بي رحم معاشري ۾ واقعي اهڙو ئي جوان جالي سگهي ٿو. سنهيءَ کل واري نازڪ نفيس انسان کي ته علامه قاصيءَ وانگر مهراڻ جي موجب ۾ پناهه وٺڻي پوندي.
سائين غلام مصطفيٰ شاهه، هڪ حقيقت پسند انسان وانگر، پنهنجي واٽ تان ڪنڊا هٽائيندو ۽ وڏيءَ همت سان وک اڳتي وڌائيندو رهيو. هڪ دفعي اسلام آباد ۾ ٻئي ڄڻا موٽر ۾ سندس گهر وڃي رهيا هئاسون. چيائين ته ”رباني، جيڪڏهن سڪندر ۽ قلندر، ٻنهي کي هڪ ڏينهن مرڻو آهي، ته پوءِ ڊپ ڇا جو؟“

_____________
* مان شاهه صاحب کي نازڪ موقعن تي ڏاڍو ڪم آيس. جڏهن ون يونٽ لاءِ حيدرآباد ۾ ووٽ ٿيا ته پاڻ ڪراچيءَ ۾ هو. رات جو ٻارهين بجي پروين هائوس ۾ پوليس کيس گرفتار ڪرڻ آئي. مون اٽڪل بازيءَ سان پوليس ۽ سي. آءِ. ڊيءَ جي صوبيدار کي منجهائي وڌو ۽ شاهه صاحب کي گرفتاريءَ کان بچايو. جڏهن اسر جو اها ڳالهه ٻڌائي مانس ته ڏاڍو پريشان ٿيو. خبر ناهي ته ڪهڙو. خيال آيس، سو حيدرآباد ون يونٽ لاءِ ووٽ ڏيڻ ويو. سندس گرفتاريءَ جا وارنٽ ته اڳيئي جاري ٿيل هئا. فورن گرفتار ٿيو ۽ سکر ۾ ٻه مهينا نظر بند رهيو. مون پرپٺ سندس گهر ۾ سئي سڳو به گم ٿيڻ نه ڏنو. ڀاڻس سيد غلام محمد شاهه بعد ۾ منهنجو شڪريو ادا ڪيو.

* سردارن امان الله خان ڏاڍو مٺو ماڻهو هو. تازو هي جهان ڇڏي ويو.

محمد ابراهيم جويو

سنڌ، عيسوي ويهينءَ صديءَ ۾ ٻه وڏا اديب ۽ دانشور پيدا ڪيا. ٻئي غريب گهرن ۾ پيدا ٿيا ۽ پنهنجي غربت تي ناز ڪيائون. سڄي عمر غريبن جا حمايتي ٿي رهيا ۽ ڪڏهن به اميرن سان سودو نه سليائون. نه وري ڪنهن خانَ خانَ جي پٽ جي پرواهه ڪيائون. محنت ۽ اورچائيءَ سان اهڙو ته نالو پئدا ڪيائون، جو تاريخ جي صفحن تي مهر هڻي ڇڏيائون. پهريون ويهين صديءَ جي پهرئين اڌ ۾ سنڌ جي آسمان تي اڀريو ۽ٻيو پوئين اڌ ۾. پهرئين جو نالو هو ميرزا قليچ بيگ ۽ ٻئي جو محمد ابراهيم جويو.
قدرت مون کي پهرئين جي زيارت نصيب ڪا نه ڪئي، پر ٻئي سان زندگيءَ جو وڏو حصو گڏ گذريو. ننڍي هوندي ميرزا قليچ بيگ بابت ”قرب قليچ“ ڪتاب پڙهيو هوئم. ان ۾ هڪ هنڌ ميرزا صاحب لکيو هو ته ”جڏهن ننڍا هوندا هئاسين ته اهڙا غريب هوندا هئاسين، جو بت ڍڪڻ لاءِ قميصون به ڪو نه هونديون هيون. امڙ اسان کي زالاڻا چولا پارائي، مٿان انهن کي ڪوٽ سان ڍڪي ڇڏيندي هئي.“
محمد ابراهيم جويي جي ننڍپڻ جي غربت جون ان کان به وڌيڪ دلخراش ڳالهيون ٻڌم.
ميرزا صاحب صوفي ماڻهو هو. سڄي عمر پنهنجا مداح ۽ دوست پئدا ڪيائين. ڀٽائيءَ جي اها سٽ ميرزا صاحب جهڙن ڀلن ماڻهن تي سورهن آنا صادق آهي:
”هٿان حبيبن ڪو نه ڏکويو ڪڏهين“.
جيئري ئي پنهنجي قبر ٺهرائي ڇڏي هئائين. ڪڏهن ڪڏهن ان ۾ وڃي ليٽندو هو ۽ پاڻ کي چوندو هو:
”قليچ، هڪ ڏينهن تو کي هت اچڻو آهي“.
املداس جي وڻ ۾ آکيرو ٺهرايو هئائين. منجهند جي مهل جڏهن پکي پکڻ ذڪر ڪندا هئا ته وڻ تي چڙهي، آکيري ۾ ويهي، ساڻن گڏ ذڪر ڪندو هو.
دنيا جي بي ثباتيءَ جو شدت سان احساس هئس مون کي ياد آهي ته چاليهه ورهيه اڳ اسان محبت ديري جتوئيءَ جي هاءِ اسڪول ۾ سندس هڪ ڊرامو اسٽيج ڪيو هو. ان ۾ سندس غزل جو هڪ شعر مون کي دل تي نقش ٿي ويو:

”ڇا ڪندو ڪو اصل تي يا نسل تي پنهنجو غرور
هي بزرگيون، باغ، بنگلا، خواب آهي يا خيال!“

دنيا جي بي ثباتيءَ جي احساس سببان ئي پنهنجي زندگيءَ جو پل پل سجايو گذاريائين. روزمره جا نيم مقرر ڪري ڇڏيا هئائين. انهن ۾ اها ڳالهه به شامل هئي ته روزانو ٿورو يا گهڻو ڪو نه ڪو ڪتاب لکندو رهندوهو. غالباً ادب جي هر موضوع تي قلم کنيائين، ڪنهن تي اصلوڪا ڪتاب لکيائين ته ڪنهن تي دنيا جا عجب جواهر ترجمو ڪيائين. پاڪستان ايڪيڊمي آف ليٽرس هاڻي هر سال سٺي ڪتاب تي ويهه هزار رپيا انعام ڏيندي آهي. جنهن زماني ۾ ميرزا صاحب ڪتاب لکيا، ان زماني ۾ ڪو ويهه رپيا به انعام ڪو نه ڏيندوهو. پر سندس اندر ۾ جيڪو فنڪار هو، ان کي ماٺ ڪري ويهڻ ۾ قرار ڪو نه ايندو هو. چون ٿا ته ٽن سون کان به وڌيڪ ڪتاب لکيائين. فردوسيءَ جي قول ”عجم زنده کردم، بدين فارسي“ موجب، سنڌي ادب کي لازوال ڪري ڇڏيائين.
سنڌ جهڙي بي قدري سماج ۾، جيڪڏهن ميرزا صاحب جهڙي گوهر جو قدر نه ٿيو، سندس ياد ۾ ڪو به ادار قائم ڪو نه ٿيو، ڪا به ايڪيڊمي ڪانه ٺهي، ڪو به منارو ڪونه جڙيو، کيس ”بعد از وفات“ سنڌ جي ڪنهن به يونيورسٽيءَ اعزازي ڊگري ڪانه ڏني، ته ان ۾ ڪا به حيرت جي ڳالهه ڪانه آهي. (جيڪڏهن سنڌ ۾ ڪا به شناس هجي ها، ته علامه آءِ آءِ قاضي خودڪشي ڇو ڪري ها؟) ميرزا صاحب جي شخصيت انهن مڙني ڳالهين کان مٿي آهي. جن کي شناس هئي، تن سندس قدر ڪيو. يعني انگريزن کيس ”شمس العلماءُ“ جو خطاب ڏنو ۽ غالباً ڪو ٻنيءَ ٻار به تحفي طور ڏنو.
محمد ابراهيم جويي جي شخصيت، جتي ڪيترين ئي ڳالهين ۾ ميرزا صاحب سان مشابہ آهي، اتي ڪن ڳالهين ۾ کانئس سراسر مختلف به آهي. هن ميرزا صاحب وانگر ٽي سو ڪتاب ته ڇا، پر شايد ٽي سو مضمون به ڪونه لکيا. ان جي باوجود سنڌي ادب جي عمارت اڏڻ ۾ سندس خذمتون ڪنهن به اعلى کان اعلى اديب کان وڌ نه آهن ته گهٽ به نه آهن. سندس خاص ڪارنامو اهو آهي ته هن سنڌي ادب کي ”نئين سوچ“ عطا ڪئي.
ميرزا صاحب غير سياسي ماڻهو هو. هر ڪنهن کي دعا ڏيندو هو. ”شهنشاهه تون اسان جي کي سلامت رک خداوندا“. جهڙا شعر به لکيائين. محمد ابراهيم جويو پيدائشي باغي هو. سڄي عمر ان اصول تي ڪاربند رهيو ته:

اس کيت سي دهقان کو ميسر نه هو روزي،
اس کيت ڪي هر خوشه گندم کو جلاندو.

جويو صاحب نئينءَ سنڌ جي، قيادت لاءِ پئدا ٿيو هو. پير حسام الدين راشديءَ، ڳالهين ڪندي، هڪ ڏينهن مون کي چيو هو ته ”اسان کي سنڌ سان محبت جو سبق جويي صاحب ڏنو.“
ويهين صديءَ جي برگزيده سنڌي شخصيت علامه آءِ آءِ قاضي کي به جويي صاحب سان محبت هئي. ڪي ڪي بي سمجهه ماڻهو علامه صاحب جا جويي صاحب جي خلاف ڪن ڀريندا هئا. علامه صاحب ڏاهو ماڻهو هو. ڳالهه هر ڪنهن جي ٻڌندو هو، پر راءِ پنهنجي قائم ڪندو هو. هڪ دفعي مان ساڻس ملڻ ويس. بنگلي جي صحن ۾ موڙا پيل هئا. هڪ تي علامه صاحب جي اهليه ويٺل هئي. پاڻ بنگلي ۾ اندر هو. مان موڙي تي ويٺس ته علامه صاحب جي اهليه چيو ته اڄ صبح ڪي ماڻهو آيا هئا، جن علامه صاحب کي اوهان جي خلاف پئي ڪجهه چيو. مون چيو ته ”منهنجي خلاف“؟ چيائين ته، ”نه، سوهيو جي خلاف“. مون چيو، ”سوهيو“؟ ايتري ۾ علامه صاحب اندران نڪتو. پنهنجي اهليه جي ڳالهه ٻڌي، چوڻ لڳو:

Darling, you mean “our good joyo.”

مون جويي صاحب کي پهريون دفعو 1954ع ۾ حيدرآباد ۾ سرائي اميد علي مرحوم جي دڪان تي ڏٺو. خاڪي رنگ جي سلوار قميص ۽ سنهڙي فريم واري عينڪ پيل هئس. سرائي صاحب سان زماني جي ڪا ٿوري گهڻي ڳالهه ٻولهه ڪري، موڪلائي ويو.
سال کن بعد مان حيدرآباد ڇڏي ڪراچيءَ ويس ته اتي سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ کيس ٻيهر ڏٺم. مون کي سندس ويجهو اچڻ ۾ ڪو گهڻو وقت ڪونه لڳو هوندو. 1955ع ۾ ”مهراڻ“ رسالو شايع ڪيائين، جنهن مون جهڙن گهڻن ئي نوآموز لکندڙن کي سندس گرويدو بنائي ڇڏيو.
”مهراڻ“ سنڌي ادب ۾ سنڌ دوست ۽ ترقي پسند اديبن جي خيالن جو ترجمان ٿي آيو. ترقي پسند ادبي تحريڪ جي لهر غالباً سنڌ ۾ سنه 1936ع ۽ 1937ع ڌاران پهتي هئي. ان زماني ۾ سنڌ بمبئيءَ جي ون يونٽ ان زنجيرون ٽوڙي آزاد ٿي هئي. صوبي ۾ ڌرتيءَ سان محبت جي لهر اڀري هئي. ”الوحيد“ جو ”آزاد سنڌ نمبر“ ان حقيقت تي شاهد آهي. ان زماني جي سنڌ دوست ۽ ترقي پسند اديبن ۾ محمد امين کوسي، برڪت علي آزاد، حيدر بخش جتوئي، حشو ڪيلراماڻي ۽ سوڀي گيانچنداڻي، جا نالا کڻي سگهجن ٿا. حيدر بخش جتوئي جو ڪتاب ”هارين جون ڪهاڻيون“ ان دور جي ادب ۾ ”سنگ ميل“ جي حيثيت رکي ٿو. هو سٺي سرڪاي عهدي تي هو، پر آزاديءَ ۽ سنڌ سان محبت جي ڪري، انگريزن جي نوڪريءَ جو ڳٺ ڳچيءَ مان لاهي اڇلائي ڇڏيائين. حيدربخش جتوئيءَ ۽ ٻين اهڙڻ سنڌ دوست اديبن جيڪي سلا پوکيا، سي اڳتي هلي انگوريا ۽ پاڪستان کان اڳ ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت جو بيناد پيو.*
پاڪستان ٿيڻ کان پوءِ هندن ۽ مسلمانن جي لڏ پلاڻ ڪري، سنڌ جهڙي نسبتاً سانتيڪي صوبي ۾ به چڱي اٿل پٿل آئي. ادبي تحريڪون ۽ تنظيمون به گهڻي قدر متاثر ٿيون هندو اديب ۽ ناشر هندستان هليا ويا. هوڏانهن جيڪي مسلمان هجرت ڪري آيا، تن جي ٻولي اردو هئي. سنڌ ۾ گهر ڪري رهڻ جي باوجود هنن سنڌي ٻولي سکڻ جي ضرورت محسوس ڪانه ڪئي، ڇو ته اردو قومي ٻولي هئي. رڳو سنڌ نه پر سڄي ملڪ ۾ خاص ڪري، نشر و اشاعت جي مرڪزن ۽ ۾ اردو ڇانيل هئي. رفتي رفتي، حالتون ٺرڻ لڳيون* سنڌي ادب جون اجڙيل انجمنون به وري آباد ٿيڻ لڳيون. غالباً، 1952ع ۽ 1953ع ڌاران ڪراچي ۾ سنڌي ادبي سنگت جو وري بنياد پيو. مرحوم عبدالغفور انصاري، مرحوم احسان بدوي، مرحوم نبي بخش دائودپوٽو، نورالدين سرڪي، شايد جمال ابڙو ۽ ٻيا ڪي دوست، جن جا نالا هاڻي مون کي ياد ڪونه ٿا اچن، ان جا ابتدائي ڪارڪن هئا. مون کي سنڌي ادبي سنگت سان مرحوم شيخ حفيظ متعارف ڪرايو. هڪ ڏينهن ميٺارام هاسٽل ۾ افسانو ويٺي لکيئين. چيائين ته سنڌي ادبي سنگت افسانن جي چٽاڀيٽثي ڪرائي آهي. مون چيس ته مان به لکان؟ چيائين ته ڀلي لک. مون افسانو لکي کيس ڏنو، جو پنهنجي افساني سان گڏ سنگت جي سيڪريٽريءَ عبدالغفور انصاري کي ڏيئي آيو. هفتي کن کان پوءِ انصاري مون کي ميس ۾ مليو. چيائين ته سڄيءَ سنڌ مان تقريباً پنجاهه کن افسانا آيا آهن ۽ پهرين ڏهن سٺن افسانن ۾ تنهنجو افسانو به شامل آهي. هفتي کن کان پوءِ نتيجو ظاهر ٿيو ته منهنجي ئي افساني کي ججن پهريون نمبر انعام ڏنو. ان کان اڳ مان ڪتاب ۽ رسالا ته پڙهندو هوس، پر لکڻ ڏانهن توجہ ڪو نه هو. ادبي سنگت جو انعام مون ۾ لکڻ جو شوق پئدا ڪيو. ستت ماهنامي نئين زندگيءَ جي ايڊيٽر مولانا عبدالواحد سنڌيءَ مون کي ڳولي لڌو ۽ رسالي لاءِ افسانو گهريو. ٻئي طرف جويي صاحب انعام يافته افسانو مهراڻ ۾ شايع ڪيو. ائين مون سنڌي ادبي سنگ جي گڏجاڻين ۾ وڃڻ شروع ڪيو. اتي اياز قادريءَ، نورالدين سرڪيءَ، دادا موتيرام، شيخ حفيظ، مرغوب بخاري، خواجه سليم، رشيد ڀٽي، احسان بدويءَ، رشيد آخوند، ڪريم بخش خالد، پوهوءَ ۽ ٻين سان ميل ملاقاتون ٿيڻ لڳيون. انهن مان ڪي ته اڳيئي دوست ۽ واقف هئا پر ڪي نوان يار ٿيا. مهيني ماسي انهن گڏجاڻين ۾ جويو صاحب به شريڪ ٿيندو هو. سنگت جا ڪارڪن سندس تمام گهڻو احرام ڪندا هئا ۽ کيس، پنهنجو بزرگ تصور ڪندا هئا. سنگت جي گڏجاڻين جو دستور اهو هوندو هو ته ڪونه ڪو اديب پنهنجو شعر، افسانو، يا مضمون پڙهندو هو، جنهن جي خوبين ۽ خامين بابت حاضرين راءِ ڏيندا هئا. جڏهن جويو صاحب ڪنهن به تحرير تي راءِ ڏيندو هو ته ڪنهن جي مجال نه هوندي هئي جو سندس راءِ کان پوءِ ڪا راءِ ڏئي.
سنڌي ادبي سنگت جي تنظيم رڳو ڪراچيءَ تائين محدود ڪانه هئي. ان جون سنڌ جي ٻين شهرن ۾ به برانچون قائم ٿينديون رهيون. هڪ اهڙو وقت به آيو جڏهن سنگت جون سنڌ جي 36 شهرن ۾ شاخون هيون ۽ سموريون سرگرم هيون.
سنڌي ادبي سنگت رڳو نوآموز اديبن جي تاديب ڪا نه ڪندي هئي. اها سجاڳ ذهن وارن دانشورن جو مرڪز هئي. ان مرڪز مان وقت بوقت سنڌ جي حقن لاءِ آواز اٿندو هو. مثلاً سنڌي زبان کي صوبي جي سرڪاري زبان بڻائڻ جو مطالبو سڀ کان پهريائين سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان اٿيو. اها 1953ع – 1954ع جي ڳالهه آهي. 1955ع ۾ جڏهن ننڍن صوبن جي مرضيءَ جي خلا مٿن ون يونٽ مڙهيو ويو، تڏهن سنڌي ٻولي، ادب ۽ ڪلچر جي تحفظ لاءِ سنڌي ادبي سنگت ئي سڀ کان گهڻو پاڻ پتوڙيو. پاڪستان ٺهڻ کان ستت پوءِ ڪراچيءَ کي سنڌ کان جدا ڪرڻ ڪري سنڌ جا ماڻهو ناخوش هئا، سي ون يونٽ جي مسلط ٿيڻ کان پوءِ باهه ٿي ويا، جنهن ماڳهين صوبن جو وجود ئي ختم ڪري ڇڏيو. 1958ع جي مارشل لا آقي باقي سندن جذبات کي مجروح ڪيو ڇو ته 1957ع ۾ تڏهوڪيءَ اولهه پاڪستان اسيمبليءَ ون يونٽ کي ٽوڙڻ جو ٺهراءُ پاس ڪيو هو. سو سنڌ جي ماڻهن ائين محسوس ڪيو ته مارشل لا ون يونٽ کي بچائڻ آيو هو. سنڌ ۾ اردو ٻولي ڳالهائيندڙن جا ٻار ان زماني تائين، پرائمري اسڪول ۾ سنڌي سکندا هئا ۽ سنڌي ڳالهائيندڙن جا ٻار اردو سکندا هئا. مارشل لا جي هڪ عملدار حڪم جاري ڪري، سنڌي ٻولي سکڻ وارو اهو قانون ختم ڪري ڇڏيو، جنهنڪري سنڌ ۾ سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙن باشندن کي هڪ ٻئي ويجهو اچڻ جو جيڪو ٿورو گهڻو موقعو هئو، سو به ختم ٿي ويو. ٻئي ڌريون هڪ ٻئي جي ويجهو اچڻ بدران هڪ ٻئي کان دور ٿي ويون. ڪجهه عرصو پوءِ حيدرآباد ۾ رهندڙ هڪ مهاجر باشندي سنڌين جي خلاف پنجابي، پٺاڻ، مهاجر اتحاد قائم ڪيو. ٻئي طرف ٽپال کاتي سرڪيولر جاري ڪيو ته لفافن ۽ ڪارڊن تي ايڊريس ۽ ”سنڌ“ لفظ لکڻ ڏوهه آهي. انگريزن جي حڪومت ۾ سنڌي ٻوليءَ کي صوبي ۾ سرڪاري ٻوليءَ جي حيثيت حاصل هئي. سنڌي اسڪول ۽ ڪاليجن ۾ تعليم جو ذريعو هئي، ڪورٽن ۾ عدالتي زبان هئي، روينيو رڪارڊ سنڌيءَ ۾ رکيو ويندو هو، سنڌيءَ ۾ اخبارون ۽ رسالا ڇپبا هئا، سنڌيءَ ۾ ٽائيپ رائيٽر ٺهي هئي، پرنٽنگ پريسن ۾ سنڌي ٽائيپ استعمال ٿيندي هئي ايڏي ترقي يافته زبان کي آزادي ملڻ کان پوءِ اڳتي وڌڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ بدران، 1958ع واري مارشل لا جي اختياريءَ وارن جيڪا تعليمي ڪميشن مقرر ڪئي، تنهن اها سفارش ڪئي ته آئينده پرائمري اسڪولن ۾ فقط پهريان ٽي درجا سنڌي ٻوليءَ ۾ تعليم ڏجي. مٿي ذڪر ڪيل فيصلن ۽ تعليمي ڪميشن جي انهيءَ سفارش جو منطقي نتيجو اهو نڪتو ته سنڌ جا ماڻهو، جيڪي هڪٻئي پٺيان ناانصافين ڪري اڳيئي باهه ٿيا ويٺا هئا، سي ٻوليءَ تي اهو وار برداشت ڪري نه سگهيا. اٿي کڙا ٿيا. سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان سنڌي ٻوليءَ جي اصلوڪي حيثيت برقرار رکڻ لاءِ تحريڪ هلي، سالن جي جدوجهد کان پوءِ سنڌي اديبن ۽ سنڌي عوام جي سوڀ ٿي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي اڳوڻي حيثيت بحال ٿي. جويي صاحب ان جدوجهد ۾ سڀ کان اهم رول ادا ڪيو.
انسان سر الاهي آهي. منجهس ڪيئي قوتون پوشيدهه آهن. جڏهن اهي قوتون متحرڪ ٿين ٿيون، تڏهن پهاڙن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري، ريت جا ذرڙا بنائي ڇڏين ٿيون.
سنڌي اديبن ۽ شاعرن جيڪا تحريڪ اڀاري، اها سنڌي ٻوليءَ جي مطالبي پوري ٿيڻ سان ختم ڪانه ٿي، بلڪ ان سنڌي جي وچولي طبقي ۾ سنڌ شناسيءَ جو احساس شدت سان پئدا ڪيو. انهن ڏينهن ۾ حيدرآباد سنڌي اديبن جي سرگرمين جو مرڪز هو. حميد سنڌي ”روح رهاڻ“ رسالو ڪڍيو هو، جنهن جا ساليانا جلسا سنڌ شناسيءَ جي احساس جا بي مثال مظهر هئا. (افسوس آهي ته انهن جلسن جون فلمون ٺاهڻ جو ڪنهن کي خيال ڪونه آيو.) ان وقت تائين، سنڌي شاگردن ۾ به ڪجهه شعور پيدا ٿي چڪو هو ۽ سنڌي اديبن سان ساٿ ڏيئي رهيا هئا. اڳتي هلي اديبن ۽ شاگردن جي گڏيل ساٿ ون يونٽ جي خلاف ايڏي ته سخت نفرت پيدا ڪئي، جو سرڪار کي 1969ع ۾ ان مان هٿ ڪڍڻا پيا ۽ يحى خان جي حڪومت کي ان جي تابوت ۾ آخرين ڪو ڪو ٺوڪڻو پيو. هاڻي ون يونٽ جي حيثيت انهيءَ ناجائز ٻار واري آهي، جنهن جو پيءُ سڏائڻ لاءِ ڪو به تيار ڪونهي.
1955ع کان 1960ع تائين، سنڌ جي اها جدوجهد عيسوي ويهين صديءَ جي پوئين اڌ ۾، سنڌ جي تاريخ جو غالباً اهم ترين باب قرار ڏني ويندي. ان ۾ سنڌي اديبن هر اول دستي جو ڪردار ادا ڪيو ۽ سندن سرواڻ محمد ابراهيم جويو هو.
1957ع ۾ جڏهن پاڻ سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري هو، تڏهن وٽس اسسٽنٽ سيڪريٽريءَ جو عهدو خالي ٿيو. سنڌ سڃي ڪانه هئي، پر سندس نظر انتخاب مون تي ئي پئي. مون کي ساڻس رڳو محبت ڪانه هئي. عقيدت هئي. هڪ دفعي پاڻ بورڊ جي آفيس مان ڪنهن ڪم سانگي ٻاهر ويو. فون جي گهنٽي وڳي. مولوي اعجازالحق قدوسيءَ جي فون هئي. فون جويي صاحب جي ميز تي رکيل هوندي هئي. مولوي صاحب فون تي ڳالهائيندي، جويي صاحب جي ڪرسيءَ تي ويهي رهيو. جڏهن موٽي پنهنجيءَ ڪرسيءَ تي آيو ته مون کان رهيو نه ٿيو. کيس ٽوڪيو ته مولوي صاحب اسان کي انهيءَ ڪرسيءَ لاءِ وڏو احترام آهي. اوهان کي ان تي ويهڻ نه کپندو هو. مولوي صاحب اهو ٻڌي هڪو ٻڪو ٿي ويو.
جويو صاحب 1951ع – 1961ع تائين ڏهن سالن جو مسلسل عرصو بورڊ جي سيڪريٽريءَ ٿي رهيو، انهن ڏهن سالن ۾ جنهن عشق سان سنڌ جي هن قومي اداري کي ٺاهيائين، تيئن ڪنهن شخص پنهنجي ذاتي گهر کي به ڪونه ٺاهيو هوندو. سنڌي زبان ۽ ادب جي ترقيءَ لاءِ بنيادي ڪم بورڊ ان ئي عرصي ۾ ڪيو. اڳتي هلي جڏهن پاڻ کهڙي صاحب ۽ ٻين ميمبرن جي ناراضپي سبب بورڊ ڇڏي ويو، تڏهن اسان ايترا پڪا پختا ٿي چڪا هئاسون، جو بورڊ کي سندس ئي گهڙيل واٽن تي هلايوسون. نه فقط ايترو بلڪ مون کي آنڌ مانڌ رهي ته ڪيئن به ڪري کيس واپس بورڊ ۾ آڻيان. ٽي چار ورهيه ڏاڍا جتن ڪيم. سيد ميران محمد شاهه منهنجي مدد ڪئي. آخرڪار قدرت منهنجو پورهئو ثابت ڪيو ۽ جويو صاحب موٽي بورڊ ۾ آيو. ان وقت پاڻ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جو حيدرآباد ۾ عملدار هو. بورڊ ۾ اعزازي سيڪريٽريءَ طور چارج ورتائين. پر جيڏيءَ سڪ سان مون کيس بورڊ ۾ موٽائي آندو هو، اوڏي ئي مون کي منجهانئس مايوسي ٿي. هو اهو ساڳيو جويو صاحب ئي ڪونه رهيو هو.
درحقيقت انسان جي زندگيءَ ۾ هر ڏينهن هڪ نئون تجربو آڻي ٿو. هو جيڪو عرصو بورڊ کان ٻاهر رهيو هو، ان عرصي ۾ نون نون تجربن سببان سندس خيال بدلبا رهيا هئا. سو منجهانس اها اميد رکڻ ئي اجائي هئي ته هو ائين ئي هوندو جيئن اڳي هو.
مان جن ڳالهين ڪري کانئس مايوس ٿيس، انهن جو تفصيل ڏيڻ ته هت ممڪن ڪونهي ۽ مناسب به ڪونهي، پر نموني طور هڪ واقعو بيان ڪريان ٿو.
بورڊ ۾ ٻه غريب ملازم هوندا هئا: هڪ مولوي محمد صديق ماعر ۽ ٻيو سومار علي سومرو. ٻين ملازمن وانگر سندن پگهارون به پوريون ساريون هونديون هيون. بس غريب پنهنجي پيٽ گذر ۾ پورا هوندا هئا. 1965ع واريءَ جنگ کان پوءِ سرڪاري ۽ نيم سرڪاري ادارن ۾ هڪ رسمي سرڪيولر پهتو ته ڪوشش ڪري خرچ ۾ ڪفايت ڪريو. درحقيقت اهو سرڪيولر واپڊا، اي – ڊي – سي ۽ پي – آءِ – اي جهڙين وڏين ڪارپوريشنن لاءِ هو، ”جن ۾ سوين هزارين اعلى عهديدار ۽ ملازم پيا پلجن. سنڌي ادبي بورڊ ته هڪ ننڍڙو ادارو هو، جنهن ۾ ڪنهن پٽيوالي کي ڪڍڻ جي به گنجائش ڪانه هئي، پر جويي صاحب ڇا ڪيو، جو نه ڪيائين هم نه تم، قلم جي هڪڙي ئي رهڙي سان مولوي محمد صديق ۽ سومار عليءَ جون سالن جون سروسون ختم ڪري، ٻنهي کي بي روزگار ڪري ڇڏيائين.
سنڌي ماڻهوءَ کي ان زماني ۾ نوڪري ملڻ آسمان مان تارن لاهڻ جي برابر هو. ويچارا مسڪين ورهين جي نوڪري بيگناهه وڃائي ويهي رهيا. پر سندن اندر جي آهه عرش تائين اڏامندي وئي. رزق رب جي هٿ ۾ آهي. اتي جو اتي مرحوم سيد سردار علي شاهه، سومار علي کي مهراڻ اخبار ۾ پناهه ڏني ۽ ٻئي طرف ڊاڪٽر الانا، مولوي محمد صديق کي سنڌالاجي ۾ سڏايو. سرڪاري سرڪيولر ته سنڌ يونيورسٽيءَ جهڙي اداري جيڪو ادبي بورڊ کان ڪيئي دفعا وڏو هو، وڌيڪ لاڳو پئي ٿيو. پر ڊاڪٽر الانا ان کي کنگهيو به ڪونه. مولوي صاحب جا سنڌي عربي ۽ فارسي اکر موتين جهڙا هوندا هئا. فوراً کيس پاڻ وٽ نقل نويس مقرر ڪيائين. ائين ٻئي مسڪين بک مرڻ کان بچي ويا.
انهي زماني ۾ هڪ ڏينهن ڪامريڊ مولوي نذير حسين سان ملاقات ٿي. کيس سخت غصي ۾ ڏٺم. جويي صاحب جي خلاف ڳالهائي رهيو هو. مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو، ڇو ته منهنجي جويي صاحب سان محبت هئي. سوچڻ لڳس ته ڪمزوريون ڪنهن ۾ ڪونهن، عيبن کان آجو ڪير آهي؟ جويي صاحب جي سڀ کان وڏي خوبي اها ڏٺي هئم ته سنڌ سان واسطو رکندڙ اجتماعي معاملن ۾ مون ڪڏهن به منجهس لچڪ ڪانه ڏٺي هئي، سندس ذهن هميشہ صاف هو. مثلاً جڏهن ون يونٽ ٽُٽو، ته سنڌي محب وطن ٻن گروهن ۾ تقسيم ٿي ويا. هڪڙا ڪراچيءَ کي سنڌ سان ملائڻ جي حق ۾ هئا ته ٻيا ڪراچيءَ کي جدا ڪرڻ جي فائدي ۾ جويو صاحب اڪيلو شخص هو جنهن جو ذهن بلڪل صاف هو. چيائين ته ”ڪڏهن زندهه قومن به پنهنجا شهر پاڻ ڇڏيا آهن. ڇا به ٿي پوي، ڪراچي ڪونه ڇڏينداسين.“ اڳتي هلي هر ڪنهن اها ڳالهه قبول ڪئي. هاڻي ڪو هڪڙو به سنڌي دانشور ڪونه ملندو، جيڪو ڪراچي کي جدا صوبو بنائڻ جي حق ۾ هجي.
ڪراچي صوبي جو مثال ته هڪ آهي. اهڙا سوين سوال هوندا، جن ۾ جويي صاحب سنڌي دانشورن جي رهنمائي ڪئي هوندي. سندس سڀ کان سهڻي ڳالهه اها هئي ته پاڻ اڳتي وڌي ڪڏهن به پنهنجيءَ ذات کي نمايان ڪرڻ جي ڪوشش ڪانه ڪيائين. هميشہ پاڻ کي نماڻو ۽ پوئتي رکيائين. پر جيستائين قومي غيرت جو سوال هو ته ڪنڌ اوچو رکيائين.
هڪ دفعي ايراني عالمن جو هڪ وفد بورڊ ۾ آيو. پير صاحب جي چوڻ تي اسان وفد جي مان ۾ دعوت ڪئي. مرحبائي خطبو جويي صاحب لکيو. پر پڙهڻ لاءِ مون کي چيائين. جڏهن مون کيس چيو ته، ”سائين اوهان ڇو نٿا پڙهو؟“ تڏهن چڙ مان چيائين ته ”اڙي، هي ايراني پنهنجا ڪتاب ڪونه کڻي ويا هئا!“
مون ڀانيو ته وفد جا ڪي عالم بورڊ جي لئبرريءَ مان ڪي ڪتاب اڌارا وٺي ويا هئا، جي موٽايا ڪونه اٿن. سو کيس چيم ته ”ڪهڙا ڪتاب؟ مون کي ته خبر ئي ڪانهي!“
چڙ مان چيائين ته، ”اڙي، نادر شاهه سنڌ جي ڦرلٽ ڪري ڪتاب ڪونه کڻي ويو هو؟“
مون زندگيءَ ۾ محنتي ماڻهو گهڻا ڏٺا، پر جويي صاحب جهڙو ڪونه ڏٺو. بورڊ ۾ جيڪي ڪتاب ڇپجڻ لاءِ ايندا هئا، تن ۾ ٻوليءَ جون گهڻيون ئي غلطيون هونديون هيون. جويو صاحب انهن تي ڏاڍي محنت ڪندو هو. پر، ڪتاب تي پنهنجو نالو ڪونه ڏيندو هو. هڪ ڪتاب ياد ٿو اچيم. نالو هيس ”اقتصادي انصاف“. رسڪن جي ڪتاب “Unto This Last” جو سنڌي ترجمو هو. مرحوم غلام رضا ڀٽي جو ترجمو ڪيل هو. پر، جويي صاحب ان ڪتاب کي بجنسي شروع کان آخر تائين نئين سر ترجمو ڪيو. اڄ ڪتاب پڙهو ته محسوس ئي ڪونه ٿيندو ته پاڻ ڪتاب تي ڪابه محنت ڪئي اٿس. ساڳي محنت سنڌي لوڪ ڪهاڻين جي شروعاتي جلدن تي ڪيائين. سنڌي لوڪ ڪهاڻين جا ست جلد آهن. پهرين ٻن ٽن جلدن ۽ پوين جلدن جي زبان ۾ زمين ۽ آسمان جو فرق آهي، ڇو ته پهريان جلد جويي صاحب جا درست ڪيل آهن. پر انهن ۾ به شايد جويي صاحب جو نالو ڪٿي نظر ڪونه ايندو.
جويي صاحب جو اصول هو ته ”نيڪي ڪر، درياهه ۾ وجهه“.
جويي صاحب جي شخصيت گهڻين ئي خوبين جي حامل آهي. ٿورڙن ماڻهن کي اها خبر هوندي ته سنڌ ۾ صحيح سنڌي صورت خطيءَ جو جويي صاب کان وڏو ماهر ٻيو ڪونهي. پنچوئيشن يعني بيهڪ جي نشانين، اکرن تي زير زبر ڏيڻ جو فن مٿس ختم ٿيو. ڪتابن جي ڇپائيءَ تي سندس قول سَنَدَ جي حيثيت رکي ٿو. پر انهن ڳالهين ڪري سندس شخصيت بابت، اها راءِ قائم ڪرڻ تي جويو صاحب فقط هڪ وڏو اديب آهي، جويي صاحب سان وڏي ۾ وڏو ظلم ڪرڻو آهي. منهنجي خيال ۾ هو هن دور جي سنڌ جي بلند پايه مشاهيرن مان آهي. ڪيترا اهم بيان ۽ دستاويز جيڪي سنڌ جي تقدير کي بدلائڻ جو ڪارڻ بنيا سي سندس سجاڳ ذهن ۽ سوچ جو نتيجو هئا. ڪيترن اهم ڪميشنن جون رپورٽون جي وڏن ليڊرن جي نالي ۾ ظاهر ٿيون، سي سندس ئي محنت جو نتيجو هيون.
سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته:
”پاڻيءَ هاري سڀڪا، جا سر گهڙو ڀري
ڪا لئه سنڌي سڄڻين، ڪا پورهئي ڪاڻ ڀري“.

جويي صاحب سڄي عمر سڪ سان سنڌ جا گهڙا ڀريا. هو انهيءَ ڏوهه سببان ڪيئي دفعا حاڪمن جي عتاب جو نشانو به بڻيو. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ کيس سنڌ سان محبت ڪرڻ سببان سنڌ مدرسي مان نوڪريءَ مان ڪڍيو ويو. ون يونٽ جي زماني ۾ کيس سال ٻن لاءِ سنڌ مان نيڪالي ڏني ويئي. پر اهي سختيون سندس ايمان کي ڪمزور ڪري ڪونه سگهيون. مان زندگيءَ جو چڱو حصو ساڻس گڏ رهيو آهيان ان ڪري سندس مزاج کان واقف آهيان. هن پنهنجي خانگيءَ زندگيءَ ۾ ڏاڍو ڏک ڏٺو آهي. ميران ٻائيءَ ته زهر سان ڀريل هڪ ئي پيالو پيتو هو. سنڌ جي هن لائق فرزند اهڙا ڪيئي پيالا پيتا هوندا. پر ڪڏهن به هيڻي نه ٻوليائين. سندس همت ۽ جرئت کي سو سلام آهن.
پر ان ڳالهه جو مطلب اهو نه آهي ته هو ڪو ٿلهيءَ کل وارو ماڻهو آهي. سندس سيني ۾ انتهائي نرم ۽ گداز دل آهي.
هڪ دفعي اسان گڏجي ڀٽ شاهه وياسين. سانجهيءَ جي مهل اتي پهتاسين. راڳ شروع ٿيو ته اسان به پڙ ۾ پاسو وٺي ويٺاسين. ڀٽائيءَ جي فقيرن صدا بلند ڪئي:

”آئون نه گڏي پرينءَ کي
تون ٿو لهين سج.“

ڀٽائي، جي درگاهه، رات جي تاريڪيءَ جا پهريان پاڇا، فقيرن جو ڪارو ويس، دنبوري جي تان، ۽ مٿان ڀٽائي جو الهامي ڪلام:

آئون نه گڏي پرينءَ کي
تون ٿو لهين سج

محمد ابراهيم جويي جي اکين مان ڳوڙها وهي آيا.
ماڻهن جي ڪردار ۽ عمل کي جاچڻ، تڪڻ تورڻ جو آخرين پيمانو تاريخ جا ورق هوندا آهن. جديد دور ۾ سنڌ جي مسئلن تي نگاهه رکڻ، حالتن موجب صحيح رخ اختيار ڪرڻ، سنڌ جي ماڻهن کي سجاڳ ڪرڻ، جڏن ۽ ڏڏن کي ساڻ وٺي هلڻ، هن دور جي سنڌي اديب ۽ شاعر جون امتيازي خصوصيتون آهن. شايد پاڪستان جي ڪنهن به ٻيءَ ٻوليءَ جا اديب پنهنجي عوام سان ائين گڏ سچا نه رهيا آهن جيئن سنڌي زبان جا اديب. پر سمورن سنڌي اديبن ۽ شاعرن جون خدمتون هڪ پڙ، ۾ وجهبيون ۽ ٻئي پڙ ۾ اڪيلي محمد ابراهيم جويي جون خدمتون، ته انصاف جي تارازيءَ ۾ شايد جويي صاحب وارو پڙ وڌيڪ وزندار ثابت ٿيندو.
ميرزا قليچ بيگ لاءِ منهنجي بي پناهه محبت ڏسي، هڪ دفعي ڪنهن دوست حسرت سان مون کي چيو هو ”افسوس آهي ته تو قليچ ڪونه ڏٺو.“
مون کيس جواب ڏنو هو، ”هائو، پر مون کي خوشي آَهي ته مون محمد ابراهيم جويو ڏٺو.“

_____________
* سنڌي ادبي سنگت جي انهن اوائلي ڏينهن جي احوال لاءِ ماهنامي ”نئين زندگي“ ۾ شيخ عبدالرزاق ”راز“ جا مضمون پڙهڻ گهرجن.

* مرڪزي حڪومت نئين زندگي رسالو شايع ڪيو. سنڌ سرڪار سنڌي ادبي بورڊ قائم ڪيو

شفيق الرحمان

سنه 1984ع ۾ حڪومت پاڪستان مون کي سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد مان بدلي ڪري، ايڪيڊمي آف ليٽرس اسلام آباد ۾، ڊئريڪٽر ايڊمنسٽريشن مقرر ڪيو. ايڪيڊميءَ جو چيئرمن هو ملڪ جو مشهور مزاحيه نگار ڊاڪٽر شفيق الرحمان. مون پهريون دفعو سندس نالو ٽيهه پنجٽيهه ورهيه اڳ ٻڌو هو. تڏهن ڪراچيءَ ۾ نوڪري ڪندو هوس. هفتي ٻن کان پوءِ تنوير مون سان ملڻ لاءِ، ڪراچيءَ ايندو هو يا وري مان وٽس حيدرآباد هليو ويندو هوس. اتي ٻه بروهي ڀائر سندس دوست هوندا: هڪ حليم بروهي ۽ ٻيو جمعو. ٻئي ڄڻا شفيق الرحمان جا مداح هوندا هئا، اٿيءَ ويٺيءَ سندس ڪتابن جا نالو کڻندا هئا ۽ ڪن ڪردارن جا پنهنجن دوستن تي پڻ نالا رکيا هئائون. اڳتي هلي مون به کانئن متاثر ٿي شفيق الرحمان جو هڪ اڌ ڪتاب وٺي پڙهيو ۽ وڻيو. پر، اردو مزاحيه ادب ۾ مون کي يا پطرس بخاري وڻيو يا وري ڪرنل محمد خان. ادب ۾ به، خوشبو، رنگ ۽ سنگيت وانگر، هر ڪنهن کي پنهنجو پنهنجون ذوق ۽ شوق ٿئي ٿو.
اسلام آباد ۾ جڏهن منهنجي شفيق الرحمان سان ملاقات ٿي ته سندس اندر ۾ مون کي هڪ نهايت محجوب ماڻهو نظر آيو. ايڏو حجاب ته ڪنهن ڪنواريءَ ڇوڪريءَ ۾ هوندو! جڏهن ايڪيڊمي جو ڪو ننڍو وڏو جلسو ٿيندو هو، ته ڪوشش ڪري پاڻ گوشائتو ٿي ويندو هو، مون کي کڻي اڳيان ڪندو هو.
هڪ دفعي اسان چيني سفارتخاني جي ڪلچرل ڪائونسلر جي مان ۾ الوداعي دعوت ڪئي. مون دعوت ۾ سڏايل اديبن جو تعارف ڪرايو ۽ چيني مهمان جي اعزاز ۾ تعريف جا ٻه چار جملا چيا. پر شفيق الرحمان سڄو وقت خاموش رهيو. جڏهن کيس به ڳالهائڻ لاءِ چيو ويو ته مرڪي، لنوائي ڇڏيائين. هڪ اکر به ڪونه ڪڇيائين.
ٻئي دفعي پنڊي انٽر ڪانٽينينٽل هوٽل ۾ اعلى پايي جي دعوت هئي. وڏا وڏا سول ۽ فوجي عملدار، اديب، دانشور ۽ صحافي سڏيل هئا. شفيق الرحمان ۽ مان دعوت ۾ گڏجي وياسون. شفيق الرحمان ڇا ڪيو، جو مهمانن سان ته هٿ ملايائين، پر بيرا ميزن تي ماني رکن ئي رکن، ان کان اڳ، هيڏي هوڏي ڏسي، ٻاهر کسڪي ويو. ڊرائيور کي ڪو اڳيئي هوشيار ڪري ڇڏيو هئائين، ته فلاڻي هنڌ تي، موٽر جهلي بيهجانءِ. پر، ڊرائيور نماز پڙهڻ ويو هو. سو، شفيق الرحمان سندس انتظار ڪونه ڪيو. پنڌ شروع ڪيائين. سندس ڪو دوست موٽر ۾ پئي ويو. کيس ڏسي، موٽر جهلي، ساڻ کنيائينس ۽ گهر ڇڏي آيس. ويچارو ڊرائيور مقرر هنڌ تي بيهي بيهي، آخر ڪڪ ٿيو. لاچار خالي موٽر ڪاهي شفيق الرحمان جي گهر پهتو، ته رات جو هڪ وڄي رهيو هو.
مون کي ان ڳالهه تي ڏاڍي حيرت ٿيندي هئي ته هي شخص ايڏو محجوب ڇو آهي؟ سڄي عمر نيويءَ ۾ گذاري اٿس. ٻيءَ مهاڀاري لڙائيءَ ۾ اتر آفريڪا ۽ برما ۾، قتل ۽ غارت گريءَ جا خوفناڪ نظارا اکين سان ڏٺا اٿس. مشرق ۽ مغرب جا بيشمار ملڪ گهميا اٿس. درجن کان وڌيڪ مزاحيه ڪتاب لکيا اٿس. نهايت رنگين جواني گذاري اٿس. هڪ دفعي مون کي پنهنجي گهر ۾ تصويرن جو ذاتي البم ڏيکاريائين. ان ۾ يورپي، آمريڪي ۽ هندستاني حسينائن جون ڪيئي تصويرون هيون، جن کي مير علي شير قانع ”پري رويان بلاي دين و ايمان“ ڪوٺيو آهي. ڪي جوانيءَ ۾ سندس دوست رهي چڪيون هيون ته ڪن کيس شاديءَ جي آڇ ڪئي هئي. پر، ان جي باوجود شفيق الرحمان ۾ ڪو حجاب هو. مون ته اهڙو ماڻهو سڄيءَ عمر ۾ ڪونه ڏٺو.
ڊاڪٽريءَ ۾ سند وٺڻ بعد، 1942ع ۾ انڊين ميڊيڪل سروس ۾ داخل ٿيو ۽ ليفٽيننٽ مقرر ٿيو. اهو ٻيءَ مهاڀاري لڙائيءَ جو زمانو هو. رفتي، رفتي ترقي ڪندو، ريئر سرجن ايڊمرل جي عهدي تائين وڃي پهتو ۽ اتان رٽاير ڪيائين. جڏهن ڪچهريءَ ۾ ڪن وڏن جرنيلن جو ذڪر ڪندو هو ته کين ”ڪالهوڪا ڇوڪرا“ ڪوٺيندو هو.
ايڪيڊميءَ جو تخيل ۽ تصور به شايد فيض احمد فيض ڏنو، پر ڪا به سرڪاري اسڪيم عمل ۾ اچي، ان ۾ ورهيه لڳي ٿا وڃن. هن معاملي ۾ به ائين ئي ٿيو. غالباً 1979ع ڌاران، مس مس وڃي، ايڪيڊمي پنهنجن پيرن تي بيهڻ جي لائق ٿي. ان وقت تائين سڄو ڪم ڊئريڪٽر جنرل هلائيندو هو. اڳتي هلي نئينءَ حڪومت محسوس ڪيو ته اڪيڊميءَ جو سربراهه چيئرمين هئڻ گهرجي، جيڪو وفاقي سيڪريٽريءَ جي برابر هجي. قرعه فال شفيق الرحمان جي نالي نڪتو. ان وقت پاڻ نيويءَ مان رٽاير ڪري آيو هو. پر، ايڪيڊميءَ جو چيئرمن مقرر ٿيڻ کان پوءِ به ان جي ڪم ڪار ۾ گهڻي مداخلت ڪونه ڪندو هو. سڄو اختيار وري به ڊئريڪٽر جنرل جي حوالي هوندو هو.
شايد زندگيءَ ۾ ايترو ته گهڻو ڪجهه ڏسي چڪو هو، جو هاڻي کيس ڪابه سَڌِ ڪانه رهي هئي. مون کي سندس اندر ۾ هڪ انتهائي سنجيدو ۽ بردبار شخص نظر آيو. وضعدار ۽ بي انتها ايماندار. جيڪڏهن مون کان پڇيو وڃي ته ”تو سڄيءَ زندگيءَ ۾ ڪيئي ننڍا وڏا عملدار ڏٺا. انهن ۾ ڪو سورهن آنا ايماندار شخص به ڏٺئي؟“ ته مان بي ڌڙڪ شفيق الرحمان جو نالو وٺان ۽ سندس شخصيت هنن لفظن ۾ بيان ڪريان ته:

“He was a perfect gentleman”

ايڪيڊميءَ جو آفيس مان ڪو به ذاتي فائدو ڪونه وٺندو هو. مون کي ڪونه سجهي ته آفيس مان ڪڏهن ڪا پينسل گهر کڻي ويو هجي. جڏهن سرڪاري ميٽنگ ٿيندي هئي ته سڀني ميمبرن لاءِ سرڪاري مانيءَ جو انتظام ٿيندو هو. ميٽنگ جي صدارت شفيق الرحمان ڪندو هو، پر سرڪاري مانيءَ کي هٿ ڪونه لائيندو هو. پنهنجي گهران آندل ماني کائيندو هو. رزق حلال جو محاورو ته هر ڪو استعمال ڪندو آهي. پر پنهنجيءَ زندگيءَ ۾ ان اصول تي عمل ڪندڙ شخص مون فقط شفيق الرحمان ڏٺو. ان ڳالهه ۾ سندس اها مصلحت به شامل هئي ته پاڻ ڪوشش ڪري، گيهه، مرچ ۽ مسالي واريءَ غذا کان پري رهندو هو، يعني پنهنجي روح وانگر جسم تي به چرٻيءَ جا تهه چاڙهڻ کان پاڻ بچائيندو رهندو هو سندس گهرواري، امرتسر جي خوش باش ۽ اعلى تعليم يافته خاتون آهي. نماز، روزي، جي پابند، ليڪن سٺي لباس ۽ سٺي کاڌي خوراڪ جي به شوقين. شفيق الرحمان ان ڳالهه تي سدائين کيس ٽوڪيندو رهندو هو.
”ڇا ڪيم؟ مٺاڻ جو هڪ گرهه کنيم نه؟“ جڏهن جان ڇڏائڻ لاءِ ويچاري ائين چوندي هئي ته شفيق الرحمان مٿان ڦهڪائي ڏيندو هوس: ”شروعات سدائين هڪ وک کڻڻ سان ٿيندي آهي.“ (ڪيڏي نه اونهي ڳالهه آهي.)
ڪڏهن ڪڏهن سندس گهرواري، ڪنهن ڪم سان، سرڪاري گاڏي گهرندي هئس، ته آفيس مان موٽندي، ڊرائيور کي چوندو هو ته ”مون کي گهر کان ٿورو پرڀرو لاهجانءِ.“ اتان پاڻ پيرين پيادو گهر ويندو هو ۽ گهرواريءَ کي ٻڌائيندو هو ته ”گاڏي سرڪاري ڪم سان ويل آهي.“ سندس جوان پٽن کي ايتري همت ڪانه ٿيندي هئي، جو کيس آفيس مان ڪو ڪاغذ ٽائيپ ڪرائڻ لاءِ ڏيئي سگهن.
جڏهن سندس رٽائرمينٽ جي تاريخ ويجهي آئي، تڏهن ڪنهن کي به نوڪريءَ جي ميعاد ۾ توسيع ڪرڻ لاءِ هڪ اکر چوڻ واسطي تيار ڪونه هو. چارج ڇڏي، گهر هليو ويو. جڏهن اسٽاف کيس عرض ڪيو ته ”اسان جي الوداعي دعوت کائو،“ ته کلي چيائين: ”الوداعي دعوت زندگيءَ ۾ هڪ دفعي نيويءَ ۾ کائي ڇڏي هئم. روز روز الوداعي دعوتون ٿوروئي کائبيون آهن.“
مون کي ڏاڍو مان ڏنائين. ڪو به فيصلو منهنجيءَ مرضيءَ کانسواءِ ڪو نه ڪيائين. مون سندس ئي حمايت سان، ايڪيڊميءَ جي بورڊ آف گورنرس تي، سنڌي ۽ بلوچي اديبن کي نمائندگي وٺي ڏني. ان کان اڳ، ڀٽائي، سچل سرمست، ڄام درڪ ۽ مست توڪليءَ جي زبان ۾ ادب جي نمائندگي به غير سنڌي ۽ غير بلوچي اديب ڪندا هئا. شفيق الرحمان جي ئي مدد سان ئي مون هر صوبائي زبان ۽ ادب تي سيمينار ڪرائڻ لاءِ ايڪيڊميءَ جي ساليانيءَ بجيٽ ۾ ٻن لکن رپين جي رقم منظور ڪرائي، ان کان علاوه سنڌي ادبي بورڊ، بلوچي ايڪيڊميءَ، پنجابي ادبي بورڊ ۽ پشتو ايڪيڊميءَ لاءِ لک لک رپيا سالياني گرانٽ منظور ڪرائي، بين الصوبائي ۽ بين الاقوامي دورن ۾ صوبائي زبانن جي اديبن کي نمائندگي وٺي ڏني. سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌالاجيءَ جي سربراهه علامه قاسمي صاحب ۽ ڀيڻ مهتاب راشديءَ کي چين جو دورو ڪرايم. چيني اديبن جي وفدن پشاور، لاهور، ڪوئيٽا، سکر، حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ سنڌي، پنجابي، بلوچ ۽ پٺاڻ اديبن سان ملاقاتون شروع ڪيون. اڳي اهي ملاقاتون فقط اسلام آباد، لاهور ۽ ڪراچيءَ تائين محدود هونديون هيون. ڪيترن سنڌي اديبن ۽ سندن بيواهن لاءِ، سندن نالا ظاهر ڪرڻ کانسواءِ، ماهوار مالي مدد منظور ڪرايم، جا اڃان جاري آهي. شاهه ڀٽائي، وارث شاهه، ڄام درڪ ۽ خوشحال خان خٽڪ جي ڪلام کي پاڪستان جي سمورين صوبائي ٻولين ۾ نثري ترجمو ڪرڻ لاءِ رٿ منظور ڪرايم، مخدوم صاحب، مولانا قاسميءَ ۽ ڪن ٻين سنڌي اديبن کي ادبي خدمتن جي اعتراف ۾ تمغا وٺي ڏنم. مطلب ته مان حق ۽ انصاف جي جيڪا به ڳالهه ڪندو هوس، شفيق الرحمان ان جي ڀرپور تائيد ڪندو هو.
شروع شروع ۾ مان ايڪيڊميءَ ۾ ڊئريڪٽر ايڊمنسٽريشن مقرر ٿيو هئس. هڪ دفعي اسان جي غير سنڌي تعليمي وزير، شفيق الرحمان کي چيو ته ”آگري کي ترقي ڏيئي، کڻي ڊئريڪٽر جنرل ڪريون.“ شفيق الرحمان ايترو به ڪو نه پڇيس ته ”مون کي هڪ ڏينهن سوچڻ لاءِ ڏيو“ اوڏيءَ مهل ئي نوٽ ٺاهي وزير کي ڏنائين ۽ کانئس آرڊر صحيح ڪرائي، آڻي منهنجي هٿ تي رکيائين. منهنجي جيڪا سالياني خفيه رپورٽ A.C.R لکيائين ان ۾ مون کي اي. ون. گريڊ ڏنائين ۽ اهڙا ته شاندار رمارڪ لکيائين، جو پڙهي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويم ۽ اهي گاسليٽي ڪامريڊ ياد آيم، جن سان سنڌ ۾ مون سڄي عمر گڏ گذاري هئي، ۽ کين پوريءَ ريت خبر هئي ته سڄي جواني سنڌي ادبي سنگت ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي پلئٽ فارم تان دل و جان سان سونهاريءَ سنڌ، سنڌي زبان ۽ ادب جي خدمت ڪندي گذاري هئم، تاهم حسد ۽ ساڙ سببان ڪڏهن سڌيءَ طرح ڪڏهن اڻ سڌيءَ طرح منهنجي گلا غيبت ڪرڻ ۾ ڪسر ڪانه ڇڏيندا هئا. اسلام آباد ۾ هڪ دفعي جمعي نماز پڙهي ٻاهر نڪتس ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ به ٻاهر نڪتو. چيائين ته ”رباني، تازو حيدرآباد ويو هئس. مون کي ته پنهنجن ماڻهن تي حيراني آهي!“
مون چيو ”سائين خير؟“
چيائين ته، ”چون ٿا ته اسلام آباد ۾ جيڪي به سنڌي نوڪري ڪن ٿا، سي سڄو وقت ويٺا سنڌ جي خلاف سازشون سٽين.“
مون ڊاڪٽر صاحب کي عرض ڪيو ته ”سائين، حيرت ۽ ڏک جي ڳالهه ڪابه ڪانهي. دعا ڪيو ته ڌڻي اسان سنڌين کي پنهنجي واهرو ۽ ويريءَ ۾ فرق ڪرڻ جي شناس ڏئي.“
مون ڳالهه ٿي ڪئي پنهنجن ۽ پراون جي روش ۽ شفيق الرحمان جي قرب ۽ اخلاص جي. شفيق الرحمان اخلاق جي ايڏي اعلى پايي تي شايد انڪري پهتو هو، جو هن زندگيءَ ۾ ڏک سک جو ڀرپور مشاهدو ماڻيو هو. جڏهن پاڻ رٽاير ڪري ويو، تڏهن مان مهيني ماسي وٽس ڀيرو ڀريندو هئس. شربت جا ٻه گلاس ٺاهي اڳيان رکندو هو ۽ پوءِ پنهنجي زندگيءَ جا تجربا ويهي ٻڌائيندو هو.
چيائين ته ٻيءَ مهاڀاريءَ لڙائيءَ جي زماني ۾، هڪ دفعي جنگ جي محاذ تان ڇانوڻيءَ ڏانهن موٽي رهيو هئس. سج لٿي جي مهل هئي. هڪ هنڌ ٻه سپاهي قبر کوٽي رهيا هئا، ڀرسان سندن ٽئين ساٿيءَ جو لاش رکيو هو، چوٿون سپاهي نماز پڙهي رهيو هو ۽ پنجون ڪاٺڙين جي باهه تي چاءِ جي ڪٽلي چاڙهي رهيو هو. دل ۾ چيم ته زندگيءَ جو ڪاروبار ائين ئي هلي سگهي ٿو.
ٻئي دفعي ٻڌايائين ته جنگ جي محاذ تي هئاسين، هڪ ٻئي پٺيان زخمي سپاهي آڻيندا رهيا. اسان سندن ملم پٽي ڪندا رهياسين. ايتري ۾ هڪ سپاهي آندائون، جنهن کي گوليون هڻي اصل ڇني ڇڏيو هئائون. الائي ڪيئن جيئرو بچيو هو. امن جي وقت ۾ مون سان اڪثر ملندو رهندو هو. ڏاڍو پيارو ماڻهو هو. جڏهن اسٽريچر تي کيس منهنجي اڳيان کڻي آيا، تڏهن سندس حال ڏسي دل دهلجي ويم. ڊاڪٽر جي حيثيت ۾ فقط مان ئي اندازو لڳائي سگهان ٿو ۽ ان مهل کيس ڪيڏو عذاب هوندو، پر جيئن ئي مون تي نظر پيس ته کيڪارڻ جي ڪوشش ڪيائين. بي انتها عذاب ڪري وات مان اکر ته نڪري ڪونه سگهيس، پر مون ڏي ڏسي چپن تي مرڪ آندائين. اهو ڏسي منهنجين اکين مان ڳوڙها وهي آيا.
ٻئي دفعي ٻڌايائين ته ٻيءَ مهاڀاري لڙائيءَ ۾ اسان برما ۾ هوندا هئاسين. اوچتو جپانين جي حملي جو اطلاع مليو. اسان برمي ماڻهن جي حفاظت لاءِ اتي مقرر ٿيل هئاسين، سو جپانين جي مقابلي لاءِ فوراً تيار ٿياسين ۽ فوجي گاڏين ۾ چڙهي، درياهه ٽپڻ لاءِ پل تي چڙهياسين. پل ايڏي تي سوڙهي هئي جو ان تان گاڏين لنگهڻ جي جاءِ مس هئي. برمي ماڻهن کي جو جپانين جي حملي جي خبر پيئي ته اهي ڊپ ۾ سامهون پل تي چڙهي آيا. اسان جي لاءِ انهيءَ ڳاهٽ ۾ پل ٽپڻ ناممڪن ٿي لڳو. برمي ماڻهو اسان جا پنهنجا ماڻهو هئا. پر مجبوراً کين هٽائڻ ۽ گاڏين لاءِ رستو پيدا ڪرڻ واسطي، اسان جي سپاهين کي مٿن ئي گوليون هلائڻيون پيون. شفيق الرحمان ڏک سبب اها ڳالهه پوري ڪري نه سگهيو. سندس آواز ويهي ويو ۽ اکين ۾ ڳوڙها تري آيا.
هڪڙي دفعي ٻڌايائين ته منهنجو چاچو توڪلي مڙس هوندو هو. وٽس هڪ باغ هوندو هو، جو سال بسال ٺيڪي تي ڏيندو هو. هڪ سال ٺيڪيدار سان سودو ڪيائين. هو مقرر ڏينهن تي پئسا کڻي آيو. ٺيڪي جو ڪاغذ به کنيون آيو، جنهن تي ٻنهي ڌرين صحيحون وڌيون. ٺيڪيدار پئسن جي هڙ ڪڍي چاچي جي اڳيان رکي. پر چاچي پئسا ڳڻڻ بدران کيس چيو ته ”اول مانيءَ جو گرهه وجهون.“ ڪمدار ماني کڻي آيو. چاچو ۽ ٺيڪيدار اڃا ماني کئي رهيا هئا ۽ ڳالهيون ٻوليون ڪري رهيا هئا، جو اوڀر پاسي کان آسمان ۾ ڪا ڪڪري ظاهر ٿي. ڏسندي ڏسندي سڄو آسمان ڪڪرن سان ڍڪجي ويو. ڪمدار کي اچي ڳڻتي لڳي ته باغ ميوي جي وڻن سان ڀريو بيٺو آهي. جي ٿو مينهن وسي ته سڃ ٿي ويندي. ٺيڪيدار گوٿنا ٿي ڪندو ۽ ٺيڪي تان ڦري ويندو. سو، چاچي کي اشارو ڏيڻ لڳو ته ”پئسا ڳڻي وٺي ڇڏيو.“ پر چاچي کيس ڪو گوش ئي ڪونه ڏنو. مانيءَ کان پوءِ کيس حقي ڇڪڻ جي عادت هوندي هئي، سو رڳو ايترو چيائينس ته ”ابا، حقو ٺاهي کڻي اچ.“ ڪمدار حقو ٺاهي آيو، ته اچي ڳڙو لٿو. ڳڙو به ڳڙن جهڙو. ڪمدار کي ڪا آنڌ مانڌ لڳي. سو، ڪنهن مهل ڊوڙندو چاچي وٽ اوطاق ۾ اچي ته ”وارو ڪريو ٺيڪيدار کان پئسا ڳڻي وٺو.“ پر، چاچو آرام سان حقو ڇڪيندو رهيو.
ڳڙو وسندو رهيو. ڪمدار سمورو وقت اوطاق ۽ باغ جي وچ ۾ ڊوڙندو رهيو. جڏهن صفا سڃ ٿي ويئي ۽ ميوي جا پٽ تي ڍير لڳي ويا، تڏهن چاچي ماٺڙي ڪري، پئسن جي هڙ کڻي ٺيڪيدار کي ڏني. ٺيڪي جو ڪاغذ ڦاڙي، پنهنجي ڪمدار کي آسمان ڏي اشارو ڪري چيائين ته ”ابا، جي روڪڻو اٿئي، ته انهيءَ کي روڪ.“
شفيق الرحمان کي قدرت ٽي پٽڙا ڏنا. سندس ننڍي پٽ جي مون سان محبت هئي، هاڻي ڪنهن بئنڪ ۾ آهي. وڏو پٽس به ڪنهن آمريڪي بئنڪ ۾ آهي، قدرت کيس سونهن جي نعمت سان بي حساب نوازيو آهي. شفيق الرحمان جي وچين پٽ ڦوهه جوانيءَ ۾ وفات ڪئي. پيءُ ۽ پٽ روز شام جو گڏجي پسار ڪرڻ ويندا هئا. شفيق الرحمان جو چوڻ آهي ته سڄو وقت خاموش هوندا هئاسون. هاڻي ويچار ڪندو آهيان ته اها خاموشي عجيب معنى خيز معلوم ٿيندي اٿم ۽ انجيل جا اکر ياد ايندا اٿم: ”حضرت ابراهيم جڏهن پنهنجي پٽ حضرت اسماعيل کي ساڻ وٺي گهر کان ٻاهر نڪتو هو ته ٻئي پيءُ پٽ ”باخبر“ ”هئا ۽ خاموشيءَ سان پنڌ ڪندا ٿي ويا. انجيل جي مفسرن ان ”خاموشيءَ“ تي تبصرو ڪندي لکيو آهي ته:

“It was the most poignant silence in the world.”

شفيق الرحمان پٽ جو صدمو ته پي ويو. پر، سندس اندر ۾ اڳوڻو کل ڀوڳ وارو ماڻهو ويو. هڪ دفعي مرحوم پٽ کي سڪ سان ياد ڪري، مون کي ڳوڙهن ڀريل اکين سان وارث شاهه جو هڪ شعر ٻڌايائين ته ”جي وڇڙيا منهنجي اڱڻ موٽي اچن، ته مان گيهه جا ڏيئا ٻاريان.“
شفيق الرحمان ۽ مان هاڻي به گاهي ماهي ملندا رهندا آهيون. سندس رهڻي ڪهڻي انگريزن واري آهي. الله سائينءَ کيس سڀڪجهه ڏنو آهي. چار پنج هزار پينشن کيس ملي ۽ چار پنج هزار سندس گهرواريءَ کي. سندس وڏي پٽ جي پگهار شايد ويهه پنجويهه هزاررپيا مهينو آهي ۽ ننڍي جي ڏهه پندرهن هزار. هڪ بنگلو اسلام آباد ۾ ڪرايي تي ڏنل اٿس ۽ ٻئي بنگلي ۾ پنڊيءَ ۾ پاڻ رهندو آهي. پاڻ سڄو وقت مٿينءَ ماڙي تي لکڻ پڙهڻ ۾ مشغول ته سندس گهرواري هيٺ پنهنجي بيڊ روم ۾ - دنيا ۾ رهندي دنيا کان بي نياز – مانيءَ مهل ٻئي ڄڻا گڏبا آهن. جڏهن مان ساڻن ملڻ ويندو آهيان ته ڏاڍا خوش ٿيندا آهن.
شفيق الرحمان ڪڏهن ڪڏهن سکن جا لطيفا ٻڌائي کلائيندو آهي. پوئين دفعي هڪ لطيفو ٻڌايائين ته ”هڪ سک گهوڙي تي چڙهيو پئي آيو. رستي تان سامهون ٻيو سک پنڌ پئي آيو. ان کي چيائين ته ”سردار صاحب، اهو ته ٻڌاءِ ته مان ڇا تي چڙهيل آهيان؟“ اهو ٻڌي، ٻئي سک چيس ته ”سردار صاحب، توهان ته گهوڙي تي سوار آهيو. ڇو؟“
گهوڙي تي چڙهيل سک چيس ته ”اها ته پاڻ کي به خبر هئي، پر چوندا آهن ته وري به پڇڻ ڳاڇڻ چڱو آهي.“
شفيق الرحمان کان موڪلائي، جڏهن مان گهر موٽيس ته رستي تي ڊرائيور چيو ”سائين، شفيق الرحمان صاحب ڏاڍو ڪو عجيب انسان آهي. ايڏو سارو بنگلو ان ۾ پاڻ اڪيلوئي اڪيلو مٿي ۽ هيٺ گهرواري؟“
مون ڊرائيورکي چيو ته ”ابا، شفيق الرحمان کي زندهه رهڻ جو وڏو سليقو آهي.“
”اهو ڪهڙو؟“ ڊرائيور حيرت مان پڇيو.
مون چيو: ”اکين ۾ ڳوڙها ۽ چپن تي مرڪ. زندگيءَ جو ڪاروبار ائين ئي هلي سگهي ٿو.“

مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي

انسان جي ذهني تربيت گهڻن ئي ذريعن سان ٿئي ٿي، پر مکيه شايد ٻه آهن: هڪ چڱن ماڻهن جي صحبت وسيلي، ۽ ٻيو سٺن ڪتابن پڙهڻ سان. قدرت مولانا غلام مصطفيٰ قاسميءَ کي ٻيئي نعمتون نصيب ڪيون.
محمد امين خان کوسو کيس ”علم جو سمنڊ“ ڪوٺيندو هو. سنڌ جي اڳوڻن عالمن ۽ علمي مرڪزن جو ڪو منجهائيندڙ مسئلو هجي يا تاريخ ۽ تذڪري جي ڪتابن سان وابسته ڪو معاملو. ٻئي ڪنهن هنڌان جواب نه ملي، ته قاسمي صاحب وٽان پڪ ئي پڪ ملي ويندو. قاسمي صاحب واقعي علم جو بحر بي ڪنار آهي. پر مون کي جنهن ڳالهه متاثر ڪيو، سو آهي سندس اعلى اخلاق.
اخلاق ئي انسانيت جو معراج آهي- اهو ابتدائي سبق کيس سندس استاد مولانا عبدالڪريم ڪورائيءَ قول ۽ فعل وسيلي ڏنو هو. مون سان سندس ڳالهيون ڏاڍيءَ سڪ سان ڪندو هو. چوندو هو ته ”مون کي منجهانئس مخدوم معين ۽ محمد هاشم جي خوشبوءَ ايندي هئي.“ بزرگ اصل ۾ ويٺل ته ڪوٽ ڀٽي، تعلقي رتيديري جو هو، پر پڙهائيندو ڳوٺ ڪور سليمان ۾ هو.
پر اها باڪمال هستي، جنهن جي صحبت ۾ قاسمي صاحب رچي ريٽو راس ٿيو، سا هئي امام انقلاب، مولانا عبيدلله سنڌي.
مولانا سنڌي پنهنجي دور جي ديوقامت شخصيت هو. بڙ جي تناور درخت جي گهاٽيءَ ڇانوَ هيٺان ڪو به ٻوٽو اسري ڪو نه سگهندو آهي. مولانا سنڌيءَ جي عقيدتمندن سان به ساڳي ويڌن ٿي. ڪو به عقيدتمند سندس جُتيءَ ۾ پير ته پائي ڪو نه سگهيو، پر، پارس پٿر لوهه کي ڇهندو، ته ان کي سون ضرور بنائي ڇڏيندو. قاسمي صاحب، انهن خوشنصيب انسانن مان هو، جن جي مٿي تي مولانا سنڌيءَ هيڪر ٻاجهه ڀريو هٿ گهمايو. بس، ان نعمت عظميٰ حاصل ٿيڻ کان پوءِ، قاسمي کان زندگيءَ جون ٻيون سڀ لذتون وسري ويون:
”چُڪيءَ تنهن چري ڪئي، جا ڏنس يار ڏُهي.“
مولانا عبيدالله سنڌي مون ڪو نه ڏٺو. بابا سائين سندس نالو ڏاڍيءَ سڪ سان کڻندو هو. عجب انسان هو. سندس جيڪو به عقيدتمند ڏٺم، تنهن تي ”مفتون“ جي اها مصرع سورهن آنا صادق هئي:
”تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا، زندان هزارين مان نه رڳو.“
هيڪر قاسمي صاحب ۽ مان ڪراچيءَ ۾، کڏي مدرسي ۾ مولانا محمد اسماعيل وٽ ڪچهري ڪرڻ وياسين. اتي مولانا سنڌيءَ جون ڳالهيون نڪتيون. هڪ پير مرد، جنهن کي مولوي بروهي ٿي ڪوٺيائون، مون کي ٻڌايو ته: ”رباني صاحب، مولانا سنڌي جلاوطنيءَ جو عرصو گذاري، سنڌ موٽيو هو. هند تي انگريز جي حڪومت هئي ۽ سنڌ تي الله بخش سومري جي. مولانا سنڌي هن ئي مدرسي ۾ ئي اچي ٽڪيو هو. هندستان جي هاڪارن عالمن جا هشام هئا. جمعي نماز کان پوءِ ته ماڻهو اچي ڳاهٽ ٿيا. ڪو شخص اٿي بيٺو ۽ ادب سان عرض ڪيائينس ته: ”سائين، اسان اوهان جي قرآن دانيءَ جي ڏاڍي هاڪ ٻڌي آهي. اڄ الله جي ڏني مان ڪجهه ٻڌايو.“
مولوي بروهيءَ چيو ته: ”مولانا سنڌي جلالي ماڻهو هوندو هو. هر ڪنهن کي ساڻس حجائتو ڳالهائڻ جي همت ڪانه ٿيندي هئي. پر ان ڏينهن سندس طبيعت شايد جمالي رنگ ۾ هئي. سواليءَ جي صدا ٻڌي، هڪدم اٿيو، ۽ سورت نون پڙهي، ان جو تفسير بيان ڪيائين.“
مولوي بروهي ڳالهه ڪندي گهڙي کن لاءِ خاموش ٿي ويو. پوءِ ڀريل گلي سان چيائين: ”رباني صاحب، مان توهان کي ڇا ٻڌايان! جنهن مهل مولانا سنڌي تفسير بيان ڪري رهيو هو، ان مهل مون ته ائين محسوس ڪيو، ته قرآن پاڪ آسمان مان اجهو هاڻي نازل ٿي رهيو آهي.“
مولانا سنڌيءَ جو ٻيو قصو ٻئي دوست ٻڌايو. چيائين ته ”هندستان مان هجرت ڪرڻ بعد، جنهن وقت مولانا سنڌي افغانستان ۾ هو، ان وقت ترڪيءَ جو سفير ساڻس ملڻ آيو. مولانا جو وقت ”اڻ هوند“ جي حالت ۾ بسر ٿي رهيو هو. پر خدا تي توڪل رکندو هو* سواءِ ڪنهن ڳڻ ڳوت جي ترڪي سفير کي چاءِ جي دعوت ڏيئي ڇڏيائين. بعد ۾ جڏهن سندس ساٿين کيس چيو ته، ”سائين، سفير صاحب جي چاءِ پارٽيءَ جا اسباب ڪير مهيا ڪندو؟“ تڏهن بي فڪريءَ سان کين جواب ڏنائين ته ”رکو رب تي.“ پر، سندس هڪ ساٿيءَ کي الڪو ٿي پيو. سو وڃي افغانستان گورنمينٽ جي ڪنهن ليڊر سان اها ڳالهه ڪڍيائين. تنهن چيو ته ”اوهان ڪو فڪر نه ڪريو. اسان سڀ انتظام ڪنداسين.“ مقرر وقت تي ڪنهن باغ ۾ چاءِ پارٽي جو شاهي انداز سان اهتمام ٿيو. گلم غاليچا وڇايا ويا. کاڌي ۽ ميواتن جا انبار لڳي ويا. ترڪيءَ جي سفير جي وڏي شان مان سان دعوت ٿي ويئي.
ان دوست چيو ته ان واقعي کي ڳچ ڏينهن گذري ويا. هڪ ڏينهن مان مولانا سنڌيءَ وٽ ويٺو هوس، ته ڪنهن اچي ڄاڻ ڪيو، ته ترڪيءَ جو سفير، مولانا سنڌيءَ سان ملڻ لاءِ در تي اچي پهتو آهي. اهو ٻڌي مان ته اهڙو ششدر ٿيس، جو ڪوٺيءَ کي ڪا دري هجي ها، ته ان مان ٽپو ڏيئي ٻاهر ڀڄي وڃان ها. پر ڀڄڻ جو ڪو رستو ئي ڪو نه هو. هوڏانهن مولانا سنڌي هو، جو بي فڪرو پنهنجيءَ کٽ تي ويٺو هو. ڪچي ڪوٺي هئي، جنهن ۾ ڀڳل ڪرسي ۽ کٽ پيل هئي. کٽ جو هڪ پائو به ڀڳل هو، سو ان جي هيٺان سرون ڏيئي، کٽ کي ويهڻ ۽ سمهڻ جي لائق بڻايو ويو هو. ايتري ۾ ترڪيءَ جو سفير ڪمري ۾ داخل ٿيو. مولانا سندس آڌر ڀاءُ ڪيو، ۽ ڀڳل سڳل ڪرسي اڳيان ڪري، ويهڻ لاءِ چيائينس. سفير، پنهنجيءَ حڪومت پاران، مولانا سنڌيءَ جي دعوت جو شڪريو ادا ڪيو ۽ سونهري فريم سان هڪ عاليشان ترار کيس تحفي طور پيش ڪئي. مولانا حڪم ڪيو ته ”مهمان لاءِ چاءِ ٺاهه.“ مون گاسليٽ جي اسٽوو (چلهي) تي ڪٽلي چاڙهي، چاءِ جو ڪوپ ٺاهي، ترڪي سفير کي پيش ڪيو. هن چاءِ پيتي ۽ خالي ڪوپ واپس ڪندي، مولانا سنڌيءَ کي نهايت ادب سان چيائين: ”سائين، شاهي ضيافتن ۾ ته اسان چاءِ روزانو پيا پيون. پر، اڄ اوهان سڪ سان جيڪا چاءِ پياري، ان جو مٺو ذائقو انشاءَالله سڄي عمر زبان تي رهندو. هن دنيا ۾ خلوص کان وڌيڪ ڪابه نعمت ڪانهي.“
مولانا سنڌيءَ جيترو عرصو جلاوطنيءَ جا سور سٺا، ايترو عرصو غالباً ٻئي ڪنهن به اڳواڻ ڪونه سٺا. جڏهن سندس جلاوطنيءَ جو عرصو آخرڪار پورو ٿيو ۽ موٽي ملڪ ۾ آيو ته سندس سياسي خيالن ۾ زمين آسمان جو فرق اچي چڪو هو. جڏهن هجرت ڪري افغانستان ويو هو، تڏهن ٻيو شخص هو، جڏهن دنيا جي مختلف ملڪن: افغانستان، روس، ترڪيءَ ۽ حجاز مقدس ۾ ورهين جا ورهيه رهي، موٽي وطن موٽيو، تڏهن سندس سياسي فڪر سراسر بدلجي چڪو هو. تنگ نظريءَ کي سختيءَ سان نندڻ لڳو هو. خدا جي خلق جي معاشي ڀلائي جو ڏاڍو اونو هوس.
پير علي محمد راشديءَ پنهنجي ڪتاب ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ ۾ سنڌ جي شخصيتن جا جيڪي به خاڪا لکيا آهن، تن ۾ گهڻي ۾ گهڻي تعريف غالباً مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي ڪئي اٿس ۽ تاثر اهو ڏنو اٿس ته ”اسان ۾ ان زماني ۾ اها شناس ئي ڪانه هئي، جو سندس سياست کي سمجهي سگهون.“
اسلام آباد جي قائداعظم يونيورسٽيءَ ۾، وچ ايشيا جي ملڪن واري تهذيب جي مطالعي جو هڪ مرڪز آهي، جنهن جو سربراهه ملڪ جو ممتاز عالم، ڊاڪٽر احمد حسين داني آهي. پير حسام الدين راشديءَ جي ڪري ساڻس منهنجي به محبت ٿي ويئي. هن پنهنجي سينٽر جي جنرل جا ڪجهه پرچا مون کي تحفي طور ڏنا. انهن ۾ هڪ دلچسپ مضمون هو، جنهن جو عنوان هو: The Interaction of Islam and Socialism: in the religious thought of the Muslims of Birtish India.
مصنف برصغير جي ديني عالمن جي سياسي سوچ ۽ ارتقا جو جائزو ورتو هو. مضمون جي شروعات ڪن اهم عالمن جي بيانن سان ۽ اختتام مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي ڪلڪتي واري تاريخي تقرير تي ڪيو هئائين.
فاضل مضمون نگار، مسعود غزنويءَ، جڏهن اهو مضمون لکيو هو، تڏهن پاڻ آمريڪا جي پيننسلوانيا رياست جي ”روزمينٽ ڪاليج“ ۾، شعبه تاريخ جو ايسوسيئيٽ پروفيسر هو. ”اسلام جي تاريخ ۽ ڪلچر“ سندس مطالعي جا خاص موضوع هئا. زير بحث مضمون، سنه 1973ع ۾، آمريڪا جي مشيگان اسٽيٽ يونيورسٽيءَ ۾، ايشيا جي مطالعي جي سلسلي ۾، ”وچ – اولهه“ بابت، ٻاويهينءَ ساليانيءَ ڪانفرنس لاءِ لکيو هئائين.
سندس مضمون ۾ مولانا عبيدالله سنڌيءَ متعلق مستند معلومات ۽ ان جو علمي تجزيو ڏنل آهي. مون کي راشدي صاحب جي مضمون کان گهڻو وڌيڪ وڻيو. حقيقت اها آهي ته مون مولانا سنڌيءَ جي شخصيت بابت جيڪي به ٿورا گهڻا مضمون پڙهيا آهن، تن سڀني ۾ سٺي ۾ سٺو هو. منجهانئس ڪي ٽڪرا هت پيش ڪريان ٿو:

1. مولانا سنڌيءَ جي شخصيت جا گهڻا ئي رخ آهن. سک خاندان ۾ ڄائو هو. ننڍيءَ عمر ۾ اسلام ڏانهن متوجهه ٿيو. چوڏهن ورهين جي عمر ۾ مسلمان ٿيو.
2. ديوبند جي سربراهه، مولانا محمود الحسن ”شيخ الهند“ جي پيارن شاگردن مان هو. ديوبند مان علم جي تحصيل بعد سنڌ ڏانهن موٽيو. ليڪن، ستت ئي کيس واپس سڏيو ويو.
3. شيخ الهند، برصغير کي انگريزن جي غلاميءَ مان نجات ڏيارڻ لاءِ کيس بين الاقوامي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪابل موڪلڻ جو فيصلو ڪيو.
4. مولانا سنڌيءَ ڪابل ۾ ستن سالن جو ڊگهو عرصو نهايت نراسائيءَ ۽ نااميدي ۾ گذاريو. آخرڪار کيس اها ڳالهه ذهن نشين ٿي ويئي ته انگريزن جي غلاميءَ مان آزادي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ديوبند جي اسڪيم مان ڪو به کڙتيل نڪرڻو نه آهي. ڇو ته افغانستان جي حڪومت، برصغير کي آزادي ڏيارڻ جي نه ته لائق آهي ۽ نه وري نيڪ نيت.
5. پهرينءَ مهاڀاري لڙائيءَ جي آخر ۾، ڪيترن ئي هندستاني مسلمان عالمن ڪانگريس ۾ شموليت اختيار ڪئي. ان ئي سلسلي ۾ مولانا سنڌي، ڪانگريس جي ڪابل واريءَ برانچ جو صدر چونڊيو.
6. ڪابل ۾ رهائش دوران، مولانا سنڌيءَ روس جي انقلابي بولشوويڪ حڪومت سان لڳ لاڳاپو قائم ڪيو. سنه 1922ع ۾ ماسڪو وڃڻ جو فيصلو ڪيائين. روس جي انقلابي حڪومت مولانا سنڌي ۽ سندس ساٿين جو مهمانن جي حيثيت ۾ آڌر ڀاءُ ڪيو. (درحقيقت، ان زماني ۾، ماسڪو سڄيءَ دنيا جي انقلابين کي پاڻ ڏانهن ڇڪي رهيو هو.)
7. مولانا سنڌي هڪ سخت مذهبي، باضابطه عالم ۽ شريعت جو پابند، مسلمان هو. پر، هڪ غير مذهبي معاشري ۽ حڪومت ۾ جيڪو مشاهدو ڪيائين، ان سندس ذهن تي دور – رس اثر ڇڏيا.
8. مولانا سنڌي لڳ ڀڳ نو مهينا ماسڪو ۾ رهيو. ان وچ ۾ روسي حڪومت جي غير ملڪي ڪميسار، جارجي واسليچ چيچرن Georgi Vasilyevich Chicherin سان ملاقاتون ڪيائين، ۽ روسي حڪومت تي زور ڀريائين ته برصغير جي آزاديءَ واسطي انقلاب آڻڻ لاءِ مالي تعاون ڪري.
9. روس کان اها خاطري وٺڻ کان پوءِ، پاڻ ماسڪو مان ترڪيءَ ۽ اتان حجاز وڃڻ جو فيصلو ڪيائين، ته ڪانگريس جي وسيلي، برصغير ۾ انقلاب آڻڻ لاءِ، هندستاني اڳواڻن سان رابطو پيدا ڪري.
10. ترڪي ان وقت ڪمال اتا ترڪ جي آندل سڌارن واري دور مان گذري رهي هئي. مولانا سنڌي ٽي سال ترڪيءَ ۾ رهي، حالتن جو جائزو ورتو.
11. جڏهن برصغير ۾، روسي حڪومت جي مالي مدد سان به ڪانگريس جي وسيلي، انقلاب آڻڻ لاءِ، سندس سموريون ڪوششون ناڪامياب ٿيون، تڏهن في الحال عملي سياست کي ڇڏي، حجاز مقدس روانو ٿيو ۽ اتان جي حڪومت کي خاطري ڏنائين ته سياست ۾ ڪو به حصو نه وٺندس.*
12. ايندڙ تيرهن سال فقط علم، سوچ ۽ ويچار لاءِ وقف ڪري ڇڏيائين. سمورو عرصو پڙهيائين ۽ پڙهيائين. سندس مطالعي جو خاص موضوع هو شاهه ولي الله.
13. مولانا سنڌيءَ هڪ هنڌ لکيو آهي ته ”ڪابل ۾ پورا ست سال مون ان ڳالهه کي سمجهڻ ۾ گذاريا ته برصغير جي تاريخ جو دنيا جي هاڻوڪين حالتن سان ڪهڙو لاڳاپو آهي؟ ائين محسوس ڪيم ته برصغير ۾ ڪي ٿورڙا ماڻهو آهن، جن کي تاريخ جي صحيح سمجهه آهي. جن کي ڪي قدر پروڙ آهي سي، سڀ يورپ مان پڙهي آيا آهن ۽ اتي دنيا جي عظيم انقلابن جو مطالعو ڪيو اٿن.
14. مون خود ”فرانس جي انقلاب“ French Revolution ۽ تاريخ تي ان جي ڇڏيل اثرن جو اڀياس ڪيو. جڏهن ان منظر تي غور ڪيم، ته برصغير جي تاريخ ۾ هڪ انقلاب گجندي ۽ اڀرندي ڏٺم. عالمگير جي وفات 1707 کانپوءِ بر صغير جي تاريخ بي قراريءَ جي ڪيفيت ۾ گذري رهي هئي. مون کي ان ۾ روشنيءَ جي فقط هڪ ئي لاٽ نظر آئي ؛ ” شاهه ولي الله جي سوشلسٽ تحريڪ“ ان منظر کي خيال ۾ رکي، مون بر صغير ۾ انقلابي تحريڪ جو نقشو تيار ڪيو.

بقول مضمون نگار، مولانا سنڌي جڏهن هندستان ڏانهن موٽيو ته ”سوشلسٽ صوفي“ بنجي چڪو هو. هاڻي، سندس صوفيانه وحدانيت ۾، ”ديوبند واري متحده قوميت“ ۽ ”مغربي قوم پرستي“ ٻنهي لاءِ گنجائش موجود هئي. ”جدت پسندي“، ”انقلابيت“ ۽ ”سوشلزم“ سندس فڪر جا مرڪزي نقطا هئا. اسلام جي حيثيت ”عالمي انقلاب“ واري هئي.
مولانا سنڌيءَ شاهه ولي الله کي پنهنجو امام قرار ڏنو. سندس چوڻ هو ته : ”مسلسل انقلاب ئي اسلام جو روح آهي* “ پاڻ اهو سبق ”حجته الله بالغه“ مان پرايو هئائين، جنهن جي مطالعي ۾ سندس قول موجب، اڌ صدي گذاري هئائين.
مولانا سنڌي 7 مارچ 1939ع تي، ڪراچي پهتو. * 3 جون 1939ع ۾ چوويهن ورهين جي جلا وطنيءَ کانپوءِ، جمعيت العلماءَ هند، جي سالياني ڪانفرنس جي صدارت ڪيائين ۽ اهڙي ته تاريخي تقرير ڪيائين، جنهن هندستان جي ڌرتيءَ کي ڌوڏي ڇڏيو. سندس سوانح نگارن جو چوڻ آهي ته امام انقلاب، عبيد الله سنڌيءَ جي اها تقرير بم گولي وانگر هئي. سنڌ کان بنگال تائين هندستان جي مڙني مذهبي حلقن کي ڏڪائي ڇڏيائين !

سندس تقرير جا مکيه نقطا هي هئا:

1 – سوشلسٽ انقلاب دنيا تي ڇانئجي رهيو آهي، بر صغير ان کان بچي نه ٿو سگهي. بر صغير جي رهاڪن کي ان لاءِ تيار ٿيڻ کپي. ان جو سڀ کان صحيح طريقو اهو آهي ته مسلمانن، هندن ۽ سکن جا دانشور، پنهنجن پنهنجن عقيدن جي روح ۾، سوشلزم سان هم آهنگي پيدا ڪن. مسلمان شاهه ولي الله کي پنهنجو امام بنائي ائين ڪري سگهن ٿا.
2 – انگريزن جي حڪومت هيٺ رهندڙ هندستاني باشندا مغرب ڏانهن منفي طريقو ڇڏي ڏين. گذريل ٻن سون سالن ۾ هنن برطانيه ۽ مغرب جي سلسلي ۾ پنهنجي سيني ۾ جيڪي جذبا سانڍيا آهن، تن سندن ترقيءَ جا رستا روڪي ڇڏيا آهن. کين مغرب کان سکڻ ۽ پرائڻ جي ضرورت آهي. ايتري قدر جو کين پنهنجو لباس لاهي مغربي لباس استعمال ڪرڻ کپي. خاص طرح مغربي نظام جو علم ۽ حڪومت جي ادارن جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ کپي. کين چٽيءَ طرح سمجهي ڇڏڻ کپي ته بر صغير کي فقط سياست نه ، پر سماجي انقلاب جي وڌيڪ ضرورت آهي.
3 – اقتصادي ترقي ۽ يورپي نموني وانگر سڪيولر نيشلزم آزاديءَ جي جدوجهد جو بنياد هئڻ گهرجي. مهاتما گانڌيءَ وارو مذهبي علامتي انداز، قومي تحريڪ کي نقصان رسائيندو.

مولانا سنڌيءَ زندگيءَ جا پويان پنج ورهيه انهن ئي اصولن جي پرچار ۾ هيٺين ريت گذاريا:

1 – دهليءَ جي جامع اسلاميه سان گڏ، شاهه ولي الله جي سوچ ۽ تعليم کي سمجهائڻ لاءِ ”بيت الحڪمته“ قائم ڪيائين.
2 – پنهنجن خيالن جي پرچار لاءِ ڪتاب ۽ ڪتابڙا لکيائين.
3 – بر صغير جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سفر ڪري، تقريرون ڪيائين.
4 – آخر ۾ ” جمنا، نربدا، سنڌ ساگر پارٽي “ ٺاهيائين.

وفات کان ٿورا ڏينهن اڳ پنهنجيءَ آخرين تقرير ۾ فرمايائين ته مشرق تي مغرب جي غلبي جا چار مکيه سبب آهن.

1 – حريت پسندي Liberalism
2 – صنعتي نظام Industrialism
3 – عسڪريت Militarism
4 – اشتراڪيت Socialism

بر صغير جي رهاڪن کي به اهي طور طريقا هڪ نه ٻيءَ صورت ۾ اختيار ڪرڻ گهرجن، ڇو ته مساوات کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ مغربي طريقا اختيار ڪرڻ ضروري آهن. مولانا سنڌيءَ جو چوڻ هو ته ”جيستائين اوهان فلش سسٽم“ رائج نه ڪندا، تيسين ڀنگيءَ جو بڇڙو ڪم ڪيئن ختم ڪري سگهندا ؟“
مولانا سنڌي ته اصولي طرح، سوشلزم جي انتهائي صورت جي خلاف به ڪو نه هو، پر احساس هئس ته اهو موجوده حالتن هيٺ، هندستان ۾ هلي ڪو نه سگهندو.
اسلام، ڪن حدن اندر ”خانگي ملڪيت“ جي اجازت ڏئي ٿو. مولانا سنڌيءَ جو خيال هو ته جيڪڏهن معاشري جي ڀلائيءَ لاءِ ضروري ٿي پوي، ۽ وقت جي تقاضا به هجي، ته فرد کان ” خانگي مليڪت“ جو حق کسي سگهجي ٿو. ان سلسلي ۾ پاڻ قرآن ڪريم جي هن آيت شريف جو اڪثر حوالو ڏيندو هو:
” يقينن، الله مومنن کان سندن زندگيون ۽ ملڪيتون خريد ڪري ورتيون آهن (ان جي اجر ۾) سندن لاءِ آخرت ۾ جنت آهي.“
مولانا سنڌي ان ڳالهه سان به متفق ڪو نه هو ته ڪو سوشلزم جو روح ”غير مذهبي“ آهي. هو چوندو هو ته سوشلزم ته انساني بنيادي مسئلن کي صحيح نموني تي حل ڪرڻ لاءِ حسابن ۽ رياضيءَ وانگر ڄڻ هڪ قسم جو علم آهي.
مولانا سنڌي ائين به چوندو هو ته ”اسلام وانگر، سوشلزم به ماڻهن ۾ هڪ ئي نظريي ۽ فڪر جي وحدت پيدا ڪري ٿو. پر انسان ذات جي اڳيان مابعدالطبيعات
( Meta – Physics) جا اعليٰ آدرش به آهن.

سندس خيال هو ته سوشلزم کي اتحاد ۽ انساني ترقيءَ ڏانهن هڪ شروعاتي قدم جي حيثيت ۾ ، ”غير مذهبي“ قرار ڏيئي نه ٿو سگهجي. ساڳيءَ ريت، روسي ڪميونسٽن کي به ”غير مذهبي ماڻهو“ ڪوٺي ڪو نه ٿو سگهجي.
مولانا سنڌي چوندو هو ته ، ”لادين شخص“ ته اهو آهي، جنهن جو ڪو به دين ايمان نه هجي، يعني وٽس ڪي به اهڙا اعليٰ آدرش (Ideals) ۽ زندگيءَ جا اعليٰ قدر (Values) نه هجن، جيڪي سندس ذاتي غرضن ۽ خواهشن کان مٿانهان هجن. ڪميونسٽ ته اهي شخص آهن، جن جي اڳيان وڏا اخلاقي قدر ۽ اعليٰ آدرش آهن. هنن هڪ فرسوده دين کي ختم ڪيو آهي، پر ائين ڪندي خود هڪ نئين دين جو بنياد وڌو آهي. * روس ۾ جڏهن انقلاب آيو ته ان وقت ان جو مذهب ”عيسائيت“ هو. بعد ۾ ڪي اسلامي علائقا به ان جي قبضي ۾ آيا.
مولانا سنڌي هڪ هنڌ لکيو آهي ته ”جڏهن 1922ع ۽ 1923ع ۾ مون روسي ڪميونسٽن کي هڪ نئين عالمي نظام کي تشڪيل ڏيندي ڏٺو، تڏهن ياد آيم ته ڪنهن زماني ۾ اسلام به ائين ئي هڪ عالمي انقلاب جو پيغام کڻي اٿيو هو.“
مولانا سنڌيءَ کي خاطري هئي ته روسي ڪميونسٽ هڪ ڏينهن پنهنجي انقلاب جي ٻيءَ اسٽيج ڏانهن وک وڌائيندا.
جنهن ۾ کين ”خدا جي وجود جي انڪار ڪرڻ واري فلسفي (Godless Society) جي ضرورت ڪا نه رهندي.“
مولانا سنڌي جو مثال ان سلي وانگر آهي، جو انگورين ڀلو هجي. مون مٿي عرض ڪيو آهي ته ماڻهو جي تربيت چڱن ماڻهن ۽ ڪتابن جي صحبت وسيلي ٿيندي آهي. سو، مولانا عبيد الله سنڌيءَ جي ذاتي جوهر کي چمڪڻ جو موقعو ديوبند جي تاريخي مدرسي ۾ مليو. ان مدرسي وڏا وڏا انسان پيدا ڪيا. مولانا حسين احمد مدني، مولانا انور شاهه ڪشميري، مولانا اشرف علي ٿانوي ۽ ٻيا، هر هڪ پنهنجيءَ جاءِ تي پهاڙ هو. پر مولانا سنڌي انهن پهاڙن ۾ ڄڻ ته ٻرندڙ جبل هو، جو سڄي عمر باهه وَسائيندو رهيو. مان جڏهن به تاريخ جي انهيءَ دور تي نظر ڪندو آهيان ته بر صغير جي مذهبي عالمن جي صف ۾ ٻي فقط هڪڙي شخصيت، قد و قامت ۽ سياسي استقلال جي لحاظ کان، مولانا سنڌيءَ جي هم پايه نظر ايندي آهي. اها آهي امام الهند، مولانا ابو الڪلام آزاد.
مولانا آزاد، هندو مسلم اتحاد جو حامي هو. دهليءَ ۾ تقرير ڪندي جامع مسجد جي اڳيان چيائين ته :
”آسمان مان هڪ ملائڪ لهي اچي جامع مسجد جي مناري تي بيهي ۽ مون کي چوي ٿو ته ”هندستان اڄ ئي آزاد ٿي سگهي ٿو، بشرطيڪ هندو مسلم اتحاد ختم ٿئي“ ته مان آزاديءَ تان هٿ کڻڻ پسند ڪندس، پر هندو مسلم اتحاد جي حمايت ڪو نه ڇڏيندس.
مولانا آزاد جو خواب شرمنده تعبير ڪو نه ٿيو. هندو ۽ مسلم اتحاد ٽٽي پيو ۽ ملڪ ٻن آزاد رياستن ۾ ورهائجي ويو. ليڪن ان جي باوجود مولانا ابو الڪلام آزاد جي شخصي عظمت کان ڪير انڪار ڪري سگهي ٿو ! مولانا سنڌيءَ وانگر، سندس صبر ، استقلال ۽ قول ۽ فعل جي عظمت کي ڏسي ماڻهو سوچي ٿو ته ملائڪن آدم کي آخر بي سبب سجدو ڪو نه ڪيو هو.
مان جڏهن به منجهيل هوندو آهيان ته دل کي حوصلو ڏيڻ لاءِ سندس ڪتاب ”غبار خاطر“ پڙهندو آهيان. هر دفعي نئون لطف ايندو آهي. مولانا آزاد انتهائي سنجيده ۽ اونهو مفڪر آهي. خدا جي وجود، ڪائنات جي اسرارن ۽ زندگيءَ جي مقصد جهڙن ڳنڀير مسئلن تي سندس سوچ ۽ تحرير هڪ طرح جي آهي ته زندگيءِ جي عام رواجي ننڍڙين ڳالهين تي سندس طرز تحرير جو لطف وري ٻيو آهي. در اصل اهي ننڍڙيون ننڍڙيون ڳالهيون ئي زندگيءَ کي حسين بنائينديون آهن.
ابو الڪلام آزاد جي لکڻ جو اندازو اهڙو ته پيارو آهي، جوسندس ڪتاب پڙهه ته ڄڻ ماڻهو مصنف سان گڏ ويٺو آهي ۽ سڄو منظر پاڻ اکين سان ڏسي رهيو آهي.
حسرت موهانيءَ لاءِ چون ٿا ته هڪ دفعي شعر چيائين:

جب سي ديکي هي بو الڪلام ڪي نثر
شعر حسرت مين ڪڇ مزه نه رها

مولانا آزاد ”غبار خاطر“ ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ”زندگيءَ جو هڪ سيارو جو موصل ۾ گذريو، سو ڪڏهن به وساري نه سگهيو آهيان. موصل جغرافيائي لحاظ کان معتدل خطي کان ٻاهر نه آهي، پر آسپاس جي علائقن ان کي ٿڌو هنڌ بنائي ڇڏيو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ديار بڪر ۾ ايڏي ته سخت سردي پوندي آهي، جو جيسين رستن تان برف کوٽي نه هٽائي وڃي، تيسين گهرن جا دروازا کلي ڪو نه سگهندا آهن. جنهن سال مان اتي ويو هوس، ان سال غير معمولي برف پئي هئي. برفباري کانپوءِ جڏهن آسمان صاف ٿيندو هو ۽ آرمينيا جي جبلن جون سرد هوائون لڳنديون هيون، تڏهن ڇا ٻڌايان ته ڪيڏو نه سيءُ پوندو هو!
مون کي ياد آهي ته ڪڏهن ڪڏهن اهڙو ته سيءُ پوندو هو، جو مٽن تان ڍڪڻ لاهبو، هو ته سڄو پاڻي برف وانگر ڄميل هوندو هو. پر مون کي پوءِ به سرديءَ جي شڪايت ڪا نه هئي. جنهن شيخ جي گهر ۾ ٽڪيل هوس، ان جي ٻارن کي سڄو ڏينهن برف جي گولن ٺاهيندي ۽ کيڏندي ڏسندو هوس. ”ستي ڪبيره“ يعني شيخ جي ماءُ جو نوڪراڻين کي حڪم هوندو هو ته منهنجو آتشدان چوويهه ڪلاڪ روشن رکن. پاڻ به ڏينهن ۾ ٻه – ٽي دفعا مون کان پڇندي هئي ته : ”مجمرهه جو ڇا حال آهي؟“ هڪ لوهي ڪٽلي روشندان جي محراب جي زنجير سان ٻڌل هوندي هئي ۽ پاڻي ان ۾ هر وقت جوش کائيندو رهندو هو. جڏهن به گهرو، ته قهوو ٺاهي پيو.
اتان جي جاين ۾ آتشدان سدائين روشن رهندا آهن ۽ ايڏا ته ڪشادا هوندا آهن، جو انهن ۾ ڪيتريون ئي ديڳڙيون ساڳئي وقت لٽڪائي سگهبيون آهن. آتشدان جي محراب ٺاهڻ مهل ان ۾ ڪنڍا وجهي ڇڏيندا آهن. بلڪل ائين ئي جيئن اسان جي جاين جي ڇتين ۾ وجهندا آهن. انهن ڪنڍن ۾زنجير بڌندا آهن. جنهن سان وري ديڳڙي يا ڪٽلي آتشدان جي مٿان ٻڌي ڇڏيندا آهن. ڪن ڪن شهرن جي سرائن ۾ به آتشدان هوندو آهي. سياري جي مند ۾ سراءِ وارو انهيءَ ئي آتشدان تي پلاءُ چاڙهي دم ڏيئي، اوهان کي کارائيندو ۽ چوندو:

” جائي گرم مگزاريد و بخوريد“

مون ”غبار خاطر“ سئو کن دفعا ته پڙهيو هوندو، پر سندس ”تذڪرو“ به پڙهيو اٿم ۽ ”انڊيا ونس فريڊم“ جا ٻيئي ڇاپا پڻ؛ يعني هڪ جيڪو ٽيهه ورهيه اڳ ڇپيو هو ۽ ٻيو جنهن ۾ هاڻي سيل مهر ٿيل مواد شايع ڪيو ويو آهي. ساڳئي وقت دهليءَ مان ”ترجمان القرآن“ به گهرايو اٿم. پر اهو اڃا پڙهي ڪو نه سگهيو آهيان. مولانا آزاد جي ڪتابن جا هونئن ته ڪئين ڇاپا نڪتا آهن. پر سڀ کان مستند ڇاپا ساهتيه ايڪيڊميءَ دهليءَ شايع ڪيا آهن.
نقادن جو چوڻ آهي ته اهو فيصلو ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي ته ابو الڪلام کي تقرير تي وڌيڪ ملڪو حاصل هو يا قلم تي وڏو ڪمال هو. غالباً هو ٻنهي ميدانن جو بي مثال شهسوار هو. * بيشڪ خدا جي لاءِ اهو مشڪل نه آهي ته هو هڪ ئي انسان ۾ گهڻيون ئي خوبيون جمع ڪري. خوش نصيب آهن اهي اکيون جن مولانا سنڌيءَ ۽ ابو الڪلام کي ڏٺو ۽ ٻڌو. * ڪن ماڻهن جي شخصيتن ۾ مقناطيس واري ڪشش ٿيندي آهي. مان جڏهن ابوالڪلام آزاد يا آلبرٽ آئنسٽائين جي تصوير ڏسندو آهيان ته من جا مونجهارا لهي ويندا آهن ۽ زندگيءَ ۾ ايمان تازو ٿي ويندو آهي، ڀٽائي صاحب ڪهڙو نه چڱو چيو آهي:

جوڳيئڙا ته جهانَ ۾ نوري ۽ ناري،
ٻري جن ٻاري، آئون نه رهندي تن ري.

گذريل سال مان سرڪاري وفد ۾ دهليءَ ويس. دل ۾ وڏي اڪير کڻي ويس ته ابو الڪلام جي مزار تي حاضري ڏيندس. جامع مسجد جي اڳيان. سرمد شهيد جي پٺيان سندس مزار آهي. چڱو وڏو پارڪ آهي، ان ۾ پٿرجي هڪ ڇٽيءَ هيٺان سنگ مرمر سان ٺهيل سندس مزار آهي. پارڪ جي چوڌاري لوهي ڪٽهڙو آهي ۽ ان کي سيخن جو دروازو آهي، جنهن کي هاڻي ڪلف هڻي ڇڏيو اٿن. فقط تڏهن کولين ٿا، جڏهن ڪو وڏو ماڻهو اچي ٿو، مون وڏا وس ڪيا، پر مزار تائين پهچڻ قسمت ۾ ڪو نه هو. آخرڪار پارڪ جي پٺيان وڃي، هڪ لوهي ڊرم تي چڙهي بيٺس ته لوهي جهنگلي تائين منهنجا هٿ وڃي پڳا. اتان بيهي پري کان سندس تربت جو نظارو ڪيم ۽ فاتح پڙهيم. موٽيس ته جامع مسجد جي پاسي ۾ ڪتابن جي دڪانن تي هليو ويس ۽ سندس لکيل ۽ مٿس لکيل ڪي انگريزي ۽ اردو ڪتاب خريد ڪري، هوٽل ڏانهن موٽيس. خوش قسمتيءَ سان انهن ڪتابن ۾ مولانا آزاد تي لکيل تازه ترين ڪتاب Abul kalam Azad by Land Douglas به ملي ويو. مٿس مولانا جي آخري عمر جي تصوير سر ورق تي ڏنل آهي. جڏهن ڪتاب کڻي هوٽل تي پهتس ته ڪافي دير تائين مولانا جي انهيءَ تصوير کي سڪ سان ڏسندو رهيس. اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي آيون ۽ سوچڻ لڳس ته مولانا جي زندگيءَ ۾ زيارت ته نصيب ڪا نه ٿي. پر بعد از وفات سندس تربت تي گلن چاڙهڻ جي سعادت به نصيب نه ٿي. ائين سوچيندي زيب النساءِ مخفيءَ جي هڪ رباعيءَ جون پويون ٻه سٽون ياد آيم.
اورنگزيب عالمگير جي نياڻي زيب النساءِ وڏي پايي جي فارسي زبان جي شاعره هئي. ”مخفي“ تخلص اختيار ڪيو هئائين. سندس ديوان بابا سائينءَ وٽ هوندو هو. هاڻي مون وٽ محفوظ آهي.
چون ٿا ته لاهور جي شاعر عاقل خان رازيءَ زيب النساءِ کان متاثر ٿي، کيس هڪ رباعي لکي موڪلي هئي؛

بلبل رويت شوم گر چمن بينم ترا
مي شوم پروانه گر در انجمن بينم ترا
خود نمائي مي ڪني اي شمع محفل خوب نيست
من همين خواهم ڪه در يڪ پيرهن بينم ترا

اها ربائي ٻڌي، زيب النساءِ جواب ۾ عاقل خان کي هينئن چوائي موڪليو:

بلبل از گل بگذرد چون در چمن بيند مرا
بت پرستي کي ڪند گر برهمن بيند مرا
در سخن مخفي شدم مانند بو در برگ گل
هر ڪه دارد ميل ديدن در سخن بيند مرا *

مون هندستان جي قوم پرست مسلمان عالمن جي تاريخ جو ايڏو مطالعو ته ڪو نه ڪيو آهي، پر سندن تذڪري ۽ تاريخ تي جيڪو ٿورو گهڻو پڙهيو اٿم، ان جي آڌار تي ڀايان ٿو ته ان دور ۾ غالباً ٻه وڏا عالم پيدا ٿيا: هڪ مولانا ابو الڪلام آزاد ۽ ٻيو مولانا عبيد الله سنڌي.
قاسمي صاحب مولانا آزاد ڏٺو به، ٻڌو به، مولانا سنڌي کان ته سڌيءَ طرح هدايت حاصل ڪيائين ۽ سندس زندگيءَ جي آخري ڏينهن تائين ساڻس رفاقت ڪيائين. مولانا سنڌيءَ جي تعليم جو مٿس ڪجهه نه ڪجهه اثر به پيو. مولانا سنڌيءَ جي تعليم موجب انسانن جو خوف اجايو آهي. خوف رڳو خدا جو هئڻ گهرجي. زندگيءَ ۾ اهو فقط نگاهه انسان کي بي خوف بنائي ڇڏي ٿو ۽ اندر جو اطمينان نصيب ڪري ٿو. هر ڳالهه ۾ ڪوشش پوري پوري ڪبي، پر توڪل خدا تي ڪبي. نتيجو اهو ته ڳڻتي ڪا به ڪا نه، سدائين مٿي هيٺان فرحتي وهاڻو. هيڪر مون کي چيائين ته ” ادا، مون سڄي عمر ايڏن وڏن انسانن سان گڏ گذاري آهي. جو هاڻي ڄامڙن ۽ جيتامڙن کي چوڌاري ڏسي چوندو آهيان ته ڪهڙي ڪن ڪچري ۾ اچي ڦاٿو آهيان.“
ڪنهن دفعي مون ساڻس ڳالهه ڪئي ته هندستان جي ڊاڪٽر ضياءُ الدين لاءِ ٻڌايو اٿم ته جيڏي مهل گهرندو هو، اوڏي مهل کيس ننڊ کڻي ويندي هئي ۽ جنهن مهل لاءِ ٻڌائيندو هو، عين ان مهل ننڊ مان پنهنجو پاڻ جاڳي اٿندو هو. اهو ڏيکاري ٿو ته کيس اندر جو اطمينان نصيب هو. هتي مون جهڙا ڪمزور ماڻهو آهن. جو ويچارا ننڊ جون گوليون وٺڻ کانپوءِ به اڌ رات تائين، بقول علي احمد بروهي، چپٽيون وڄائيندا. ننڊ کي سينڍون ڏيندا ٿا رهن ته:

آءُ جاني، آءُ ڍولڻ

قاسمي صاحب اعتماد سان چيو ته ”مان به ڊاڪٽر ضياءُ الدين وانگر ڪري سگهان ٿو.“ ان ڏينهن، اسان ٻئي ڄڻا لاهور هوٽل ۾ ٽڪيل هئاسين.مولوي صاحب منجهند جي ماني کائي ستو. پنجن منٽن ۾ ننڊ کڻي ويس کونگهرا هڻڻ لڳو. چئين بجي اٿڻ جو چيو هئائين. ڪو ٻن ٽن منٽن جو فرق ٿيو هوندو. جو پاڻ چئين بجي ننڊ مان اٿي کڙو ٿيو.
قاسمي صاحب سان منهنجي ملاقات کي هاڻي ڀريا ٽيهه ورهيه ٿيا. اول پاڻ سنڌ سرڪار جي اطلاعات کاتي ۾ نوڪري ڪندو هو. سائين غلام مصطفيٰ شاهه جڏهن سنڌ مسلم ڪاليج جو پرنسپال هو، ته کيس پاڻ وٽ عربيءَ جي استاد جو عهدو آڇيائين. قاسمي صاحب اطلاعات کاتي مان نوڪري ڇڏي، ايس ايم ڪاليج ڪراچيءَ ۾ هليو آيو. ڪجهه وقت گذريو ته سائينءَ غلام مصطفيٰ شاهه جي ڪوشش سان، حيدرآباد ۾ شاهه ولي الله ايڪيڊمي قائم ٿي. قاسمي صاحب ان جو ڊائريڪٽر مقرر ٿيو. ايڪيڊمي ننڍڙو ادارو آهي. ٺٽي جي ضلعي ڪائونسل ان کي ڪجهه مالي مدد ڏيندي آهي. هاڻي ڪجهه امداد شايد سرڪار جي زڪوات فنڊ مان به مليس ٿي. انهن وسيلن جي آڌار تي، شاهه ولي الله جا ڪجه ڪتاب به شايع ڪيا اٿس ۽ هڪ سٻنڌڙو ڪتبخانو به قائم ڪيو اٿس.
1958ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ فيصلو ڪيو، ته شاهه ڀٽائيءَ جي ڪلام کي ٻين شاعرن جي ڪلام کان جدا ڪري، مستند رسالو ٺاهڻ جو ڪم شمس العلما دائود پوٽي جي وفات کانپوءِ قاسمي صاحب اڳتي هلائي. ان نسبت سان بورڊ سان سندس قريبي تعلق قائم ٿيو. هونئن، ان کان اڳ به مولانا سنڌيءَ جو ”التمهيد“ ڪتاب ۽ غالباً ڪو ٻيو ڪم به بورڊ سندس حوالي ڪيو هو.
اڳتي هلي بورڊ فيصلو ڪيو، ته مخدوم نوح عليه الرحمته قرآن شريف جو جيڪو فارسي ترجمو ڪيو آهي، اهو شايع ڪجي، ٻن ٽن عالمن ان ترجمي جي نقل نويسيءَ جو ڪم شروع ڪيو هو، پر ان کي مڪمل ڪرڻ کان اڳ الله کي پيارا ٿي ويا. بورڊ سوچ ويچار ڪري اهو ڪم قاسمي صاحب جي حوالي ڪيو. تن ڏينهن ۾ بورڊ جي آفيس حيدرآباد جي سول لائنس واري بنگلي مان گاڏي کاتي ۾ ”امين منزل“ ۾ منتقل ٿي هئي. مولوي صاحب روز شام جو هيرآباد مان بس ۾ چڙهي ايندو هو. جتي دادي ليلان وارن جي جاءِ ۾ مسواڙ تي رهندو هو. ڪلاڪ ٻه ڪلاڪ امين منزل ۾ قرآن ڪريم جي فارسي ترجمي تي ڪم ڪندو رهندو هو. آخر اهو علمي ڪم پورو ڪيائين ۽ بورڊ قرآن ڪريم جو اهو تاريخي ترجمو شايع ڪيو. تن ڏينهن ۾ بورڊ جي آفيس امين منزل جي پٽ ۽ وچينءَ ماڙيءَ تي هوندي هئي. مٿينءَ ماڙيءَ تي مان پهريائين ڇڙو ۽ پوءِ سگهرو رهندو هوس. ڪڏهن ڪڏهن گهران قاسمي صاحب کي چاءِ بسڪوٽ موڪلي ڏيندو هوس. پر جي واندو هوندو هوس ته ساڻس وڃي ڪچهري ڪندو هوس ۽ سندس علم ۽ اخلاق کان فيضياب ٿيندو هوس. ڏاڍو متاثر ڪيائين.
هڪ دفعي شايد اسان ٻئي ڄڻا ڪتابن جي نمائش جي سانگي سان لاهور به گڏجي وياسين. اتي لاهو هوٽل ۾ ڇهه ست ڏينهن گڏ ٽڪياسين. اهي ڏينهن مون کي سدائين ياد رهندا.
1974ع ڌاران، سائين غلام مصطفيٰ شاهه بورڊ جي آفيس جون جايون سنڌ يونيورسٽي نيو ڪئمپس تي ٺهرايون. اتان ٻه سال پوءِ، جڏهن مان سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پرو وائيس چانسيلر مقرر ٿي ويس، ته قاسمي صاحب بورڊ جو چيئرمين ٿيو. 1979ع ۾ مان موٽي بورڊ ۾ آيس ته چيائين ” ادا، بورڊ جو سيڪريٽري تون، ته چيئرمن به تون“ ان قول تي حرف به حرف عمل ڪيائين. مون زندگيءَ ۾ اهڙو با اخلاق عملدار ٻيو فقط هڪ ڄڻو ڏٺو: اهو هو ايڪڊمي آف ليٽرس جو چيئرمين شفيق الرحمان، قاسمي صاحب منهنجو عملدار ڪو نه هو: سڄڻ ۽ ساٿي هو.
1984ع ۾ مان اسلام آباد بدلي ٿيس، ته پهريون ڪم اهو ڪيم جو کيس چين گهمايم. اسان چار پنج سال سنڌي ادبي بورڊ ۾ گڏجي ڪم ڪيو هو. هاڻي، سوچان ٿو ته اهو زمانو منهنجي زندگيءَ جو سونهري دور هو. مسئلا ته هر دور ۾ ۽ هر هنڌ ٿين ٿا. پر ” ٻه ته ٻارنهن“ جي مصداق اسان انهن کي گڏجي منهن ڏيندا هئاسين. سرڪاري ڪم ڪار سان ته اڪثر ڪراچيءَ وڃڻ ٿيندو هو. اتي اول ” نارٿ ويسٽرن هوٽل“ ۾ ۽ پوءِ ” قصر ناز“ ريسٽ هائوس ۾ ٽڪندا هئاسين. ڊبل ڪمرو وٺندا هئاسين. صبح جو ناشتو ڪري، يا رات جي ماني کائي پلنگن تي، ڪڏهن ويٺي ويٺي، ڪڏهن ليٽي، پهرن جا پهر ڪچهريون ڪندا هئاسين. الله بخش شيخ پٽيوالو ڪچهريءَ کي گرم ڪرڻ لاءِ، چاءِ جو گرم گرم ڪوپ وقفي وقفي کانپوءِ ٺاهي ڏيندو رهندو هو. اهي ڪچهريون نه سائينءَ قاسمي صاحب کان وسري سگهنديون ۽ نه مون کان . *
سائين قاسمي صاحب پنهنجي ننڍپڻ جون ڳالهيون ٻڌائيندو هو. ڪڏهن مولانا عبيد الله سنڌيءَ جو احوال ٻڌائيندو هو. ڪڏهن ديوبند جا قصا ڪڍندو هو. پاڻ ذات جو چانڊيو آهي. سو ڪڏهن نواب غيبي خان چانڊيي جا ٽوٽڪا به ٻڌائيندو هو. سندس ننڍپڻ غربت ۾ گذريو هو. ڳالهه ڪندو هو ته ڪنهن مدرسي ۾ گڏ پڙهندا هئاسين. ٻيا طالب علم هيڏي هوڏي ويندا هئا ته اسان ديڳڙي مان ٻوڙ ۽ ٻوٽيون ڪڍي، کائي، هڏا چوسي، وري ديڳڙي ۾ وجهي، ٻه چار گلاس پاڻيءَ جا اوتي، ٻين طالب العلمن جي لاءِ وري چلهي تي چاڙهي ڇڏيندا هئاسين.
غربت جو اهو دور گذاري، قاسمي صاحب نيٺ خدا جي فضل سان مڇيءَ مانيءَ وارو ٿيو. هير آباد ۾ پنهنجو بنگلو ٺهرايائين. اولاد کي ڊاڪٽريءَ ۽ انجنيريءَ جي تعليم ڏياريائين. سندس ٻار هاڻي پنهنجي پيرن تي بيٺل آهن. قاسمي صاحب ملڪ جي متعدد ادارن جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر آهي ۽ ڪن ٻين منصبن تي به فائز آهي. منهنجي خيال موجب، سندس ڪامياب زندگيءَ جا ٻه ڪارڻ آهن: هڪ علم ۽ ٻيو اعليٰ اخلاق.
هڪ دفعي مان مرحوم پير حسام الدين راشدي، مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ مولانا غلام محمد گراميءَ سان گڏ ويٺو هوس. اڳوڻن عالمن ۽ بزرگن جا قصا نڪتا. ڪنهن چيو ته هن دور ۾ اهي بزرگ آخرڪار ڪيڏانهن پر ڪري، اڏامي ويا؟ ان تي مولوي گراميءَ چيو ته هن زماني ۾ به هڪ اهڙو بزرگ موجود آهي، جو اڳوڻي زماني جي بزرگن جون سڪون لاهي ٿو. ملاڪاتيار ۾ رهي ٿو. مييون اسحاق سڏجي ٿو. سنڌ جي گهڻن ئي وڏن ماڻهن جا نالا کنيائين ته وٽس دعا لاءِ ويا هئا. انهن ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جو به نالو کنيائين. اسان کي شوق ٿي بيٺو سو بزرگ سان ملڻ وياسين.
نوين ڏهين جو ٽيم هوندو، جو اسان پير صاحب جي موٽر ۾ حيدرآباد مان ملاڪاتيار پهتاسين. ڄاڻ ڪرايوسون، چيائون ته انتظار ڪريو. ويٺي ويٺي پهر گذري ويا. ڏاڍا ڪڪ ٿياسون. اهو سڄو وقت هلڪو ٺهڪو ٻڌڻ ۾ پئي آيو. پڇا تي خبر پئي ته اڳئين ڏينهن تي ڇتي ڪتي جو کاڌل ڪو ماڻهو آيو هو، جو بزرگ ميين اسحاق جي حويليءَ کي ٽيڪ ڏئي بيٺو هو. ميين صاحب حڪم ڪيو ته اهو در پاڙان پٽي ڪڍو. در نڪتو ته چيائين ته هاڻي سموري مٽي کوٽي پاسي ڪريو، ته پوءِ ٻاهر نڪرندس. اهو ٺهڪو انهيءَ سبب ڪري هو ۽ اسان جي طويل انتظار جو به سبب اهو ئي هو. ويٺي ويٺي، ميين صاحب جي معتقدن کان جيڪي ڳالهيون ٻڌيون سون. تن مان محسوسو ٿيو ته مييون صاحب غالباً مجذوب شخص آهي. ڪڏهن مسجد ۾ جماعت سان نماز ٿيندي رهي. پر پاڻ ليٽيو پيو هجي، ڪو معتقد پيرن کي زور ڏيندو رهيس، ڪڏهن نماز پڙهڻ بيهي، ته سڄي سڄي رات گذري وڃي. هڪ دفعي جمعي جي نماز پڙهايائين. نکون ويڙهڻ لڳا. ته ڪنهن مئل ڪوِل تي نظر پيس. چيائين ته ”ابا، هيءَ ڪوِل ڪنهن ماري؟ “ ڪير جواب ڏئي. اوسي پاسي جون خلقون جمعي جي نماز لاءِ اچي گڏ ٿيون هيون. سي سڀ سڏايائين. راڄ اچي مڙيا، پر اهو پتو ڪيئن پوي ته ڪوِل ڪنهن ماري؟
سائين جي ايم سيد هڪ دفعي ٻڌايو ته مون زندگيءَ ۾ ٻه ماڻهو ڏٺا، جن جون اکيون به وساري نه سگهندس. هڪ ميين اسحاق جو والد ۽ ٻيو ڪرشنا مورتي. جيئن شينهن جي اکين ۾ ڪير به ڏسي ڪو نه سگهندو آهي. تيئن سندن اکين ۾ به ڪير ڏسي ڪو نه سگهندو هو. *
منجهند مهل ڌاران اسان کي سڏ ٿيو ته بزرگ ياد ڪري رهيو آهي. اسان کي هڪ ڪچيءَ ڪوٺيءَ ۾ وٺي ويا. ڪوٺيءَ جي تر کي گارو آيل ڪو نه هو. ڊاٻ کي تازي ٻهاري ڏني هئائون. جنهن تي ڦرئي جا ليڪا پڌرا بيٺا هئا. ان ڊاٻ تي هڪ ننڍي نک وڇايل هئي، پاسي ۾ کجيءَ جي مصلي مٿان هڪ پراڻو ڪيمخاب جو مصلو وڇايل هو. بزرگ مصلي مٿان ويٺو هو. اسان کي ڏسي اٿي بيٺو. اسان کي اڳيئي ٻڌائي هوشيار ڪري ڇڏيو هئائون ته ڪنهن کي هٿ ڪو نه ڏيندو آهي. پر اسان مان هر هڪ سان قرب سان هٿ ملايائين. سندس عمر شايد سٺ ورهين جي قريب هوندي. ننڍڙي سونهاري رکيل هئس. جنهن ۾ اڇن سان ڪجهه ڪارا وار به هئا. منهن ۾ رت ڪونه. غالباً سادي غذا ۽ گهڻيءَ عبادت سببان لباس به انتهائي سادو. پوتڙي جي گوڏ، ساديءَ ململ جو چولو ۽ رواجي ڪپڙي جي ٽوپي مٿي ۾ گرامي صاحب ڪو هفتو ڏهه ڏينهن اڳ وٽس ويو هو. کيس ” تحفته الڪرام“ (فارسي) جي فرمائش ڪئي هئائين. سو ساڻ کنيو هليو هو. پر بزرگ ڪتاب هٿ ۾ ڪو نه ورتس. سندس هڪ معتقد ورتو. جو بزرگ جي اشاري تي پنا اٿلائيندو ويو. ائين ڪتابن جون ڳالهيون نڪتيون. مون بزرگ کان سندس خانداني ڪتبخاني جو پڇيو . چيائين ته اسان جي ڪنهن وڏي سڀ ڪتاب درياهه ۾ لوڙهي ڇڏيا. ان کانپوءِ ڪن عربي ۽ فارسي ڪتابن جو ذڪر آيو. ڪلاڪ ٻه نهايت شاندار علمي ڪچهري ٿي. جڏهن بزرگ کان موڪلايوسين ته سندس خليفن چيو ته سائينءَ جو حڪم آهي ته مهمان لنگر کائي پوءِ وڃن. ماني کڻي آيا، پر نهايت سادي، صحيح معنيٰ ۾ لنگر جي ماني، ملاڪاتيار مان ٻاهر نڪتاسين، ته قاسمي صاحب چيو ته ” مون ڏکين کان ڏکين ڪتابن جو بزرگ سان ذڪر ڇيڙيو، ليڪن حيرت آهي ته نه فقط سڀ ڪتاب سندس ٻڌل هئا پر پڙهيل به هئا.“ قاسمي صاحب ميين اسحاق جي علم کان متاثر ٿيو. پر مان قاسمي صاحب جي علم کان متاثر ٿيس. مجلس ۾ پير حسام الدين راشدي صاحب به موجود هو. جو فارسي زبان جو گوهر هو ۽ مولانا غلام محمد گرامي به پنهنجي جاءِ تي وڏو عالم هو، ليڪن ٻنهي ڄڻن مڪمل خاموشي اختيار ڪئي. فقط قاسمي صاحب ميين اسحاق سان علمي گفتگو ڪري سگهيو. ان تي مون کي محمد امين کوسي جا اکر ياد آيا: مولا نا غلام مصطفيٰ قاسمي علم جو سمنڊ آهي.“
هڪ دفعي مون کي خبر پئي ته هڪ مرڪزي وزير سوچي رهيو آهي ته مولوي صاحب کي فلاڻو عهدو وٺي ڏجي. مون مولوي صاحب سان اها ڳالهه ڪئي ۽ صلاح ڏني ته اوهان پاڻ وڃي ملوس. خوش ٿيندو. اوهان جو ڪم ٿي ويندو. مولوي صاحب جواب ۾ چيو ته ، ”ادا ڪيترن ماڻهن کي خوش ڪري ڪيترن کي ڪنداسين؟ ڇو نه الله کي خوش ڪيون، ته پوءِ ٻئي ڪنهن کي خوش ڪرڻ جي ضرورت ئي نه پوي.“



_______________
* هڪ دفعي مولانا قاسمي صاحب سان گڏ موٽر ۾ حيدرآباد کان ڪراچيءَ وڃي رهيو هوس. رستي تي هڪ هنڌ موٽر بيٺي ته فقير اچي خيرات گهري. مون کيسي مان ڏهين رپين جو نوٽ ڪڍي کيس ڏنو. موٽر اڳتي هلي ته مولوي صاحب مون کي چيو ته ”فقيرن کي ائين مفت ۾ ڏهين ڏهين جا نوٽ ملندا ته خراب نه ٿيندا ته ٻيو ڇا ٿيندا.“ ڏاڍو شرمسار ٿيس. ان واقعي کي سال ٻه گذري ويا، پر، دل تي بار رهيو.
هڪ دفعي ڪنهن دوست ٻڌايو ته ”مولانا عبيدالله سکر ۾ هو. سندس ڪو عقيدتمند آيو. هٿ چميائينس ۽ موڪلائڻ مهل سو رپين جو نوٽ ڪڍي، نذراني طور پيش ڪائينس. مولانا سنڌيءَ ماٺ ڪري، نوٽ کيسي ۾ وجهي ڇڏيو. ڪجهه دير کان پوءِ ميزبان کان موڪلايائين. ٻه ٽي وکون مس کنيون هوندائين جو هڪ فقير اچي گهريس. جنهن بي پرواهيءَ سان سو رپين جو نوٽ کيسي ۾ وڌو هئائين، ساڳيءَ ئي بي پرواهيءَ سان ساڳيو نوٽ کيسي مان ڪڍي، فقير جي تريءَ تي رکيائين ۽ پاڻ اڳتي روانو ٿيو. – اها ڳالهه ٻڌي منهنجي دل کي قرار آيو.
* پنڊت جواهر لعل نهرو جي آتم ڪهاڻيءَ جو هڪ سنڌي ترجمو ”جاوهر جيوني“ نالي سان تيرٿ وسنت انگريزي مان سنڌي ۾ ترجمو ڪري، حيدرآباد جي پيتامبرداس سهجرام، ڀائيبند اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس مان 1941ع ۾ ٻه حصن ۾ ”تلخيص“ جي صورت ۾ ڇپايو هو. ان ۾ جواهر لعل جو هڪ هنڌ هي بيان ڇپيل آهي، ”اٽليءَ ۾ مولوي عبيدالله سان ملاقات ٿيم. مون کي ڏسڻ ۾ آيو ته هو موجوده زماني جي خيالات کان گهڻي قدر نا آشنا آهي. باقي قديم نموني جي سياسي ڊپلوميسيءَ ۾ ڪافي ماهريت اٿس. مون کي سندس ”هندستان جي اتحاديه جمهوري“ جي رٿ پسند آئي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ هندو مسلم معاملو بلڪل قابليت سان حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪيل آهي. ڪجهه وقت بعد مولوي عبيدالله جي لالا لجپت راءِ سان ملاقات ٿي، جنهن کي سندس رٿ اهڙي ته پسند آئي، جو انهيءَ سال جيڪي ڪائونسلن جون چونڊون ٿيون، تن ۾ گهڻو وزن انهيءَ رٿ کي ڏنو ويو. مولوي پوءِ حجاز هليو ويو. جتان هن جي وڌيڪ خبر چار ڪانه ملي آهي.
رحيم بخش سومري مون کي ٻڌايو ته مولانا سنڌي ترڪيءَ مان رڳو اٽليءَ ڪونه ويو هو، پر فلسطين جي مفتي اعظم سان گڏ ڪجهه عرصو هٽلر وٽ جرمنيءَ ۾ به گذاريو هئائين. هٽلر انهن ٻنهي بزرگن جي صلاح تي ئي يهودين کي مارايو هو، جو ٻنهي بزرگن جو پڪو عقيدو هو ته يهودي، مسلمانن جا ازل کان ويري هئا ۽ هميشہ رهندا.

* مولانا سنڌيءَ جي عقيدي موجب سچو مسلمان گويا ”انقلاب پيهم“ جو داعي هو. بقول شاعر:

موجيم ڪه آسود گي ماعدم ما است، ما زنده ازانيم ڪه آرام نه گيريم

* سندس واپسيءَ جو سهرو، شهيد الله بخش سومري جي سر تي سونهين ٿو

* مولانا سنڌيءَ جي خيالن جي روشنيءَ ۾ ڏسجي ته ” لادين شخص“ ۽ ” خود غرض“ انسان ۾ شايد ڪو ٿورو فرق وڃي بچي ٿو. مون زندگيءَ ۾ اهڙا خود غرض انسان ڏٺا، جيڪي (Hedonism) جي عقيدي جا قائل هئا. نالي ۾ مسلمان يا غير مسلمان هئا. سندن خيال هو ته جيڪي ڪجهه آهي، سو هتي هن دنيا ۾ آهي، تنهنڪري مزا ماڻي وٺجن، اخلاقي قدر اجائي ڳالهه آهن، جيري ڪاڻ ٻڪري ڪهڻ جائز آهي.

مون پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪميونسٽ به ڏٺا ؛ ملڪ ۾ به ۽ ملڪ کان ٻاهر به. ملڪي ڪميونسٽن ۾ گاسليٽي ڪامريڊ گهڻا هئا. لٻاڙ هڻڻ ۽ چندي گڏ ڪرڻ جا ماهر هئا. پر منجهن ڪي داڻا ڪڻا اهڙا به هئا، جن تي مولانا سنڌيءَ جي فتوا سورنهن آنا صادق هئي. سون جهڙا سچا ماڻهو هئا. مثلن مون سڄي عمر ۾ سوڀي گيانچنداڻيءَ جهڙا با اخلاق ، شريف، نيڪ، سخن جا سچا، رحمدل، ٻاجهارا ۽ پيارا انسان ڪي ورلي ڏٺا. سوڀي جي قول ۽ فعل ۾ ڪو به فرق ڪو نه هو. جڏهن ڪميونسٽن لاءِ مولانا سنڌيءَ جا تعريفي جملا پڙهيم، تڏهن سوڀي گيانچنداڻيءَ جو چهرو اکين اڳيان آيم ۽ محترم محمد ابراهيم جويي جا لفظ ياد پيم: هڪ دفعي مون کي چيائين ته ” علامه آءِ آءِ قاضي ۽ مولانا عبيد الله سنڌي، جيڪو اسلام پيش ڪندا هئا، اهو اڄ به مون کي قبول آهي.“

ساڳيءَ ريت، ملڪ کان ٻاهر يعني چين ۾ ته ڪميونسٽ عام جام ڏٺم. کين ڏسي حيران ٿي ويس ته اسان وٽ ڪهڙي پروپئگنڊا هئي ۽ هت حقيقت ڇا آهي! سڄي چين ۾ مون کي ڪا به اهڙي عورت نظر ڪا نه آئي، جنهن کي لپ اسٽڪ يا پائوڊر لڳل هجي. سڀ سادي لباس ۾، اکين ۾ حياءُ ۽ ڪنڌ هيٺ. مرد توڙي زالون سڄو وقت محنت ۾ مشعول، کين ڏسي مون کي ”خلافت راشده“ وارو دور ياد اچي ويو.

* پير علي محمد راشدي، مولانا سنڌيءَ وانگر، مولانا ابو الڪلام

* آزاد کان به ڏاڍو ماثر هو. هڪ دفعي لارينس روڊ واري سندس بنگلي تي ويٺا هئاسون تن ڏينهن ۾، جنگ اخبار ۾ ”مشرق و مغرب“ ڪالم لکندو هو ۽ ان ۾ ڏاڍا شعر وجهندو هو. اها ساڳي ڳالهه مون کي ابو الڪلام جي تحرير ۾ نظر آئي هئي. سو مون راشدي صاحب کا سوال ڪيو ته: ”هر انسان ڪنهن نه ڪنهن ٻئي انسان کان متاثر ٿيندو آهي. صحافت ۾ اوهان ڪنهن کان متاثر ٿيا؟ “

جواب ۾ چيائين: ”مولانا ابو الڪلام آزاد کان.“

* ”مون مولانا آزاد کي ڏٺو هو“ عنوان هيٺ، مرزا مسعود بيگ، خليق انجم جي ڪتاب ” مولانا آزاد “ ۾ مضمون لکيو آهي ته ”مهاتما گانڌي، مولانا آزاد جي وڏي عزت ڪندو هو.“

پنڊت نهروءَ جو ذڪر ڪندي، مسعود صاحب لکيو آهي ته ”شام جو ستين ساڍي ستين، مولانا آزاد جي گهر اڪثر ايندو هو ۽ ڪمري جي دروازي تي اچي چوندو هو ته ”مان حاضر آهيان.“ پوءِ مان يا همايون ڪبير صاحب، جيڪو به ٻنهي مان مولانا وٽ موجود هوندو هو، سو ٻاهر هليو ويندو هو.

پارليامينٽ هائوس ۾ به مولانا آزاد ۽ پنڊت نهروءَ جا ڪمرا گڏ هوندا هئا. گهڻو ڪري ائين ٿيندو هو ته پنڊت نهرو مولانا آزاد جي ڪمري ۾ هليو ايندو هو. پوءِ ٻئي ڄڻا پارليامينٽ جي ورانڊي ۾، چهل قدمي ڪندي، گفتگو ڪندا رهندا هئا. ائين ڪرڻ وقت، پنڊت نهرو سدائين هڪ قدم سندس پٺيان هلندو هو ۽ اڪثر ڪري، ٻئي هٿ پٺيان ٻڌل هوندا هئس.

هندستان جو وزير اعظم، مولانا آزاد جي ادب جي ڪري، ڄاڻي واڻي، ائين ڪندو هو.“

مسعود صاحب وڌيڪ ٻڌايو ته ”مولانا آزاد جناح صاحب لاءِ چوندو هو ته هو صاحب ڪردار انسان هئڻ سان گڏ، وڏو قابل ۽ ڏاهو انسان هو. مان سندس وڏي عزت ڪندو آهيان.“ بقول مسعود صاحب: ”مولانا آزاد جناح صاحب جو ڪڏهن به خالي نالو ڪو نه کڻندو هو. کيس ”مسٽر جناح“ يا ”جناح صاحب“ ڪوٺيندو هو.

* ماخظ ” زنان سخنور“ چاپ تهران، تاليف علي اڪبر سليمي

* جڏهن مان اسلام آباد آيس ته ڏاڍو سڪ سان خط لکيائين ۽ ان ۾ انهن ڪچهرين جو بار بار ذڪر ڪيائين. هر انسان رڳو قرب جو اڃايل آهي. قرب جو ته هن دنيا ۾ ڪو جواب ئي ڪونهي.

* مولانا قاسمي صاحب تازو اسلام آباد ۾ ٻڌايو ته ڪجهه ڏينهن اڳ بزرگ مييون اسحاق الله کي پيارو ٿي ويو.

غني خان

پير حسام الدين راشديءَ جي ملڪ جي اندر توڙي ٻاهر، برک عالمن، اديبن ۽ شاعرن سان سٺي ڏيٺ ويٺ هوندي هئي. ڪچهريءَ ۾، ڪڏهن ڪڏهن، غني خان جو ذڪر ڪندو هو، ته وڏو شاعر ۽ مصور آهي، سياست کان پري آهي، سمورو وقت ڪتاب ۽ پان، پير صاحب جون اهي ڳالهيون ٻڌي، مون کي غني خان سان ملاقات جو شوق جاڳيو، پر ان جي صورت ڪا به نظر ڪا نه آئي.
ڳالهه کي ورهيه وري ويا. قسمت حيدرآباد مان اسلام آباد وٺي ائي اتان غني خان جو ڳوٺ، چارسده، ڪو پنجاهه سو ميلن جي پنڌ تي ٿيندو. مون وٽ سرڪاري موٽر به هئي. پر عني خان جي ملاقات کانپوءِ به محروم رهيس، ڇو ته سرڪار جا سندن خاندان سان اختلاف هئا.
گذريل سال، اسلام آباد ۾، پٺاڻن جي هڪ ادبي تنظيم جلسو ڪيو، جنهن ۾ مون سندن مدد ڪئي ڏاڍا خوش ٿيا. هڪ ڏينهن ڳالهين ڪندي، پاڻ ئي مون کي چيائون ته اجمل خٽڪ ۽ غني خان سان توهان جي ملاقات ڪرايون. ان وچ ۾ وفاقي حڪومت جا ساڻن لڳ لاڳاپا خوشگوار ٿي ويا هئا، سو مون کي سندن دعوت قبول ڪرڻ ۾ راهه هموار نظر آئي.
هن سال، مارچ مهيني ۾، هڪ ڏينهن شام جو، منهنجو پٽ عزيز ۽ مان انهن پٺاڻن اديب دوستن سان، موٽر ۾ چارسده روانا ٿياسون. نوشهري جي قريب، اسلام آباد کان پشاور ويندڙ قومي شاهراهه ڇڏي ساڄي طرف ڦرڻو پوي ٿو سومهاڻيءَ مهل، غني خان جي ڳوٺ پهتاسون. سندس گهر، پٺاڻ خاندانن جي دستور موجب، هڪ ننڍي ڪوٽ وانگر هو. ڪوٽ جي ڦاٽڪ وٽ هٿياربند پهريدار نظر آيا. اندر خوشنما باغيچو هو، جنهن جي اڳيان ٺاهوڪو بنگلو هو. نوڪر اچي سلام ڪيو ۽ ڪار جو دروازو کولي، اسان کي وٺي ويو، غني خان پنهنجي بستري تي ليٽيل هو. ائين ٿي لڳو ته ڪنهن سبب ڪري اٿڻ ويهڻ کان عاجز آهي. ڀاڪر پائي مليو. خوش مرحبا کان پوءِ پهرين ڳالهه اها ڪيائين ته ٻارڙا صبح کان پشاور ويا آهن. اڃان نه موٽيا آهن. فون به ڪم ڪا نه ٿي ڪري، ان ڪري ڪنهن کان پڇي به ڪو نه ٿو سگهجي. ڳڻتيءَ ۾ آهيان. اڃا اها ڳالهه ڪري رهيو هو ته سندس ٻارڙا خيريت سان پهچي ويا. غني خان جو انتظار دور ٿيو، ته اطمينان سان ڪچهري شروع ڪيائين. چيائين ته مون کان هيڪر ڪنهن عمر جو پڇيو،مون کيس چيو ته ”سٺ ورهيه.“ ولي خان پاسي ۾ ويٺو هو، تنهن چيو ته ”ستر ورهيه ته منهنجي عمر آهي.“ مون چيو ته ”پوءِ مان ايڪهتر جو هوندس“ کلي چيائين ته ”در اصل منهنجي عمر چوراسي ورهيه آهي.“
غني خان ايڏيءَ عمر جي باوجود گل وانگر خوبصورت هو. رنگ جو ڀورو، ۽ بدن ۾ ڀريل هو. اٿڻ ويهڻ ۾ هلاکيءَ جو سبب اهو ٻڌايائين ته پنج ست سال اڳ پنڊيءَ جي هڪ سرجن غلط دوائون ڏيئي، سندس ڦڦڙ سڪائي ڇڏيو. چيائين ته ”هاڻي هڪڙي ڦڦڙ تي هلان ٿو، ٻه وکون کڻان ٿو ته اڀساهي ٿئي ٿي، بسترو ۽ مان، ماني به اِتي کاوان. ماڻهن سان به اِتي ملان، ته ڪتاب رسالو به اتي پڙهان. لاچار اٿڻو ويهڻو پوي، ته نوڪر کي سڏ ڪيان. ان ڪري بستري سان گڏ بجليءَ جي گهنٽي رکي ڇڏي اٿم.“ ائين چئي گهنٽي وڄايائين، ته نوڪر آيو. چيائين ته قهوو کڻي اچ، قهوو اچي ئي اچي، ان کان اڳ پاڻ سگريٽ دکايائين. مون کيس منع ڪئي، ته هڪڙي ڦڦڙ واري شخص لاءِ ٻيڙي ڇڪڻ ڪا چڱي ڳالهه ڪانهي. پر جڏهن ساڻس پوريءَ طرح حالي احوالي ٿيس ته ڀانيم ته ڀلي ڇڪي. (غمزده دل کي، دنيا جي رڻ پٽ ۾، ڪنهن نه ڪنهن ڪڪر جي ڇانو کپي – پوءِ اهو تماڪ جي دونهين جو ڪڪر ڇو نه هجي).
غني خان جوانيءَ ۾ انجنيئريءَ جي اعليٰ تعليم لاءِ آمريڪا ويو، اتان موٽيو ته وڏن جي چوڻ تي، شانتي نڪيتن ۾، ٽئگور وٽ وڌيڪ تعليم ۽ تربيت لاءِ هليو ويو. چيائين ته ”شانتي نڪيتن ۾ اعليٰ ڊگرين وارا استاد معمولي پگهار تي پڙهائيندا هئا. ڪلاس روم ڪو نه هوندا هئا. استاد ۽ شاگرد وڻن هيٺان ويهندا هئا. عجب ماحول هوندو هو. مون کان اهي ڏينهن اصل وسري نه ٿا سگهن. ٽئگور جي شخصيت نهايت شاندار ۽ پروقار هئي. ڪپهه جهڙي سفيد ڊگهي سونهاري هئس، جنهن کي شئمپو هڻندو هو. شوقين مڙس هو. سندس خيال شاعرانا هئا. مهاتما گانڌيءَ کي ساڻس اختلاف هو، جو انهيءَ خيال جو هو ته جيسين انگريزن کان آزادي نه ملي آهي، تيسين شاعراڻا خيال رڳا سهڻا گل آهن.
مون غني خان جي ڳالهه ٻڌي کيس چيو ته هڪ طرف ته اوهان جي خاندان ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي اڳواڻن وانگر انگريزن کان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪئي ۽ جلسا جلوس ڪيا، ٻئي طرف، پير حسام الدين راشديءَ جي چوڻ موجب، توهان وري هڪ انگريز خاتون سان شادي ڪري، گهر ٻار سندس حوالي ڪيا. اهو ڪيئن؟ کلي چيائين ته منهنجي گهر واري انگريز ڪا نه هئي. پارسي خاندان جي هئي. منجهائس مون کي هڪ پٽ ۽ ٻه نياڻيون ٿيون. هڪ نياڻي پنهنجن ۾ پرڻايم پر زال مڙس گڏ رهي نه سگهيا. هڪ ڏينهن منهنجي ڌيءَ مڙس سان رُسي، پنهنجن ناناڻن ڏي بمبئيءَ هلي وئي. هاڻي ٻئي چوٿين سال خط پٽ لکي، مون کي پنهنجيءَ خيريت جو اطلاع ڏيندي آهي. البت، ٻي نياڻي ڪئناڊا پڙهڻ ويئي ۽ اتي هڪ گوري سان شادي ڪيائين. هيڪر مڙس کي مون وٽ وٺي آئي. چيومانس ته اسان سڄي عمر گورن سان وڙهياسين. هيءُ توسان پرڻيو ڪيئن؟ بندوق ٿو هڻانس. چيائين ته ”بابا اهڙو ڪم نه ڪجانءِ، منهنجو ڏاڍو خيال رکندو آهي.“ ان کانپوءِ ٻئي ڄڻا ولايت هليا ويا.
غني خان جو ناٺي ته بندوق کان بچي ويو. پر سندس اڪيلي پٽ کي ڪنهن شخص بندوق هڻي ماري وڌو. قسمت ۾ پٽ سان گڏ، گهرواريءَ جي وفات به لکيل هئس. اوچتو، ڪنهن حادثي ۾ پاڻ به زخمي ٿي پيو. پشاور ۾ علاج لاءِ اسپتال داخل ٿيو ته مٿان پڻس وفات ڪري ويو. کيس ڄاڻ ڪو نه ڪيائون، سو پيءُ جي جنازي ۾ به شريڪ ٿي ڪو نه سگهيو. هاڻي گهر ۾، پنهنجيءَ ننهن ۽ سندس ٻن ابهم ٻارن سان گڏ رهندو آهي.

سنڌي شاعر جي چوڻ موجب

” ڦٽيل دل فراق جا، ويٺي مينهن وسائي“

موضوع کي مٽائڻ لاءِ کيس مرڪي چيم ته غني خان مون ته اوهان کي رڳو سگريٽ ڇڪيندي ڏٺو آهي. پير حسام الدين راشدي چوندو هو ته اوهان کي وسڪيءَ جي چسڪي به وڻندي هئي؟ کلي ڏنائين. چيائين ته پير صاحب جي مون سان دل هوندي هئي. مٺو ماڻهو هو، سچ چوندو هو. مان چسڪيءَ تي قناعت ڪو نه ڪندو هئس. جام ڀري ڀري پيئندو هوس. پر، ڪجهه سالن کان ڊاڪٽرن منع ڪئي آهي. منهنجيءَ ميز تي دوائن جو هي ڀريل کارو ته ڏس ! “
ايتري ۾ نوڪر ماني کڻي آيا. ڪابلي پلاءُ، جنهن ۾ روسٽ ٿيل مرغي، قشمش ۽ باداميون وجهندا آهن، ڇيلي ۽ ڪڪڙ جا ٻوڙ، ڪباب، سبزي، دال قيمي جا ڪٽليٽس، سلاد، ميوو وغيره، مطلب ته آسودي گهر جي ماني هئي. غني خان بستري ۾ ئي ٽيڪ ڏئي ويٺو. ماني به کائيندو رهيو ۽ ڪچهري به ڪندو رهيو.
منهنجي ننڍي پٽ مجيب هڪ اردو اديب عتيق فڪريءَ جي ڪتاب ۾ پڙهيو هو ته 1948ع ۾ دهليءَ ويس ۽ ابو الڪلام آزاد سان مليس، وزارت هند جي ڪرسيءَ منجهس ڪو به ڦيرو ڪو نه آندو هو. هميشه وانگر قرب سان مليو ۽ منجهند جي مانيءَ تي سڏيائين. ان ڏينهن عبدالغفار خان جو پٽ عبدالغني خان به وٽس مهمان هو.“ اها ڳالهه خيال ۾ رکي، غني خان کي چيم ته جيڪڏهن انگريزن جي وڃڻ کانپوءِ اوهان جي خاندان جو حڪومت پاڪستان سان ٺاهه ٿي وڃي ها ته شايد اوهان کي ڏکيا ڏينهن ڏسڻا نه پون ها. چيائين ته اها ئي ته ڳالهه آهي. در اصل اسان جو آزاديءَ کان ستت ئي پوءِ، ملڪ جي هاءِ ڪمانڊ سان ٺاهه ٿي ويو هو، پر اسان جي ئي صوبي جي ڪن اڳواڻن کي کڻڪ پئجي ويئي، تن شرارت ڪري اهو ٺاهه ڦٽائي ڇڏيو، جو کين اچي سيءَ ورتو ته پوءِ کين ڪير پڇندو.
غني خان پاڻ شاعر ۽ فنڪار جي حيثيت ۾ مشهور آهي. سو پڇيو مانس ته خانداني اثر ڪري، ڪڏهن خود توهان کي به سياست جو شوق جاڳيو؟ کلي چيائين ته جڏهن ڦوهه جوانيءَ ۾ هئس ته اندرا گانڌيءَ سان گڏ شانتي نڪيتن ۾ پڙهندو هئس. هڪ دفعي اتان موٽياسون، ته اسان کي آل انڊيا ڪانگريس ورڪنگ ڪاميٽيءَ جي ميٽنگ ۾ وٺي ويا. جڏهن ڪن اڳواڻن ڏکين مسئلن تي بحث شروع ڪيو، ته مان ماٺڙي ڪري، اندرا جي ران تي مٿو رکي، سمهي پيس، ننڊ وٺي وئي.“
غني خان شانتي نڪيتن جا ڪيئي قصا ٻڌايا. ٽئگور کان متاثر ٿي لڳو. چيائين ته عمر خيام کي شهرت جي آسمان تي پهچائڻ وارو شخص سندس مترجم ايڊورڊ فزجرالڊ هو. خوش قسمتيءَ سان ٽئگور کي به اعليٰ پايي جو مترجم نصيب ٿيو.
غني خان جون ڳالهيون ته ڏاڍيون دلچسپ هيون، پر ڳچ رات گذري چڪي هئي ۽ ٻاهر سردي وڌي وئي هئي، سو پاڻ ئي چيائين ته ”اوهان کي سفر جو ٿڪ هوندو، آرام ڪريو.“
اسان کانئس موڪلائي بيڊروم ۾ آياسين. هيٽر ٻري رهيو هو. ڪمرو ۽ بسترو گرم هو. آسي پاسي ڪتابن جون قطارون هيون. مون هڪ ڪتاب ۾ هٿ وڌو. پر، سرد رات ۾ گرم بستري اهڙو ته مزو ڏنو، جو ريشمي وهاڻي تي ڪنڌ رکڻ سان ننڊ وٺي ويئي.
صبح جو غني خان پاڻ ته الائي ڪيڏيءَ مهل ننڊ مان اٿيو . اسان کي بيڊ ٽي Bed – Tea پوري ستين بجي ملي. چاءِ پيتي سون، ته نوڪر ناشتو کڻي آيا. مان ۽ منهنجو پٽ عزيزالرحمان تيار ٿي، غني خان جي ڪمري ۾ وياسين. اڃا آهليو پيو هو. ناشتي جا ٻه ٽي گرهه به ڪي اوڏيءَ مهل کنيا هئائين. منهنجا پٺاڻ دوست اسان جون تصويرون ڪڍڻ لاءِ ڦوٽو گرافر وٺي آيا هئا. غني خان چين ته ترسو ته مان ڏاڙهي لاهڻ جو بندوبست ڪريان. گهنٽي وڄايائين ته نوڪر آيو ۽ سندس سيرب جو سامان کڻي آيو. غني خان اهو ئي بستري ۾ ليٽيو رهيو ۽ ڪچهري ڪندو رهيو. ڳالهه ڪيائين ته پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ هڪ دفعي پوليس گهر ۾ آئي. الزام هنيائون ته ڪافر آهين. مونکي مصوريءَ جو شوق هو. حضرت عيسيٰ ۽ مهاتما ٻڌ جا ڪيئي مجسما ۽ تصويرون ٺاهيون هئم. منهنجي گهرواريءَ ڏاڍي چاهه سان ڊرائنگ روم کي انهن سان سينگاريو هو. پوليس وارن جي جيئن مٿن نظر پئي، ته چيائون، ”آهي نه ڪافر هي بت ڏسو“ ٻه ٽي ٻيا اهڙا الزام هڻي، حيدرآباد جي جيل ۾ اماڻي ڇڏيائون. جيل ۾ ڏاڍي جٺ هئي. ڏک ۽ بک جي ڪمي ڪا نه هئي. پر هڪ ڳالهه هئي، زندان جي چوديواريءَ ۾ شاعري مون وٽ موٽي آئي. چيائين ته ”مون جڏهن به ڏک ڏٺو آهي، ته شاعريءَ مون سان لنو لاتي آهي. سک جا ڏينهن آيا ته شاعري رسي ويئي.“
مون چيو ته ”غني خان ڪن ماڻهن جو خيال آهي، ته خوشحال خان پشتو جو وڏي ۾ وڏو شاعر آهي ۽ ڪي وري رحمان بابا جي تعريف ڪن ٿا. اوهان جي راءِ ڪهڙي آهي.“؟
چيائين ته ”ٻئي ساڳي ڳالهه آهن. مان پاڻ کي ئي پشتو جو وڏو ۾ وڏو شاعر سمجهان ٿو.“
سندس ڳالهه ٻڌي، مون کي هڪ لطيفو ياد آيو، ڪنهن راجپوت کان پڇيائون ته ”سچو راجپوت ڪير آهي“ چيائين ته ”اهو جيڪو پاڻ کانسواءِ، ٻئي ڪنهن کي به راجپوت نه مڃي.“
نوڪر سيرب لاهي واندو ٿيو ته غني خان چيس: ”اٿار“ ڪجهه پاڻ همت ڪيائين، ڪجهه نوڪر ٽيڪ ڏنس. غني خان لڪڻ جي ٽيڪ تي ”ويل چيئر“ ۾ ويٺو. نوڪر ويل چيئر ڪاهي، کيس ٻاهر باغيچي ۾ وٺي آيو. سندس ننهن جون ڪي ساهيڙيون اچڻ واريون هيون. تن لاءِ باغيچي ۾ وڻن جي هيٺان، گول دائري ۾ واڻ جون کٽيون وجهي، مٿن گاديلا ۽ چادرون وڇائي، طول وهاڻا رکي، پٺاڻن جي طرز تي بيٺڪ تيار ڪئي هئائين. اتي ڦوٽو گرافر اسان جون تصويرون ڪڍڻ لڳو. مون غني خان کي ڪي ادبي ڪتاب تحفي طور ڏنا. ڦوٽو گرافر غني خان جو عقيدتمند هو، تنهن وري کائنس سندس شعر جو ڪتاب گهريو. غني خان چيس ته مون وٽ ڪاپي ڪانهي. پر، سندس ڊرائيور چيو ته مون وٽ آهي. ڊوڙندو ويو، سو ڪاپي کڻي آيو. چڱو ضخيم ڪتاب هو. غني خان ڪتاب تي آٽو گراف ڪرڻ لڳو ته مون سندس ڪنهن لاڳاپيدار دانشور جو ذڪر ڪڍيو. يڪدم چيائين ”متان مٿس ڀروسو ڪيو اٿيئي.“ اهو دانشور ڪو معمولي ماڻهو ڪو نه هو. جو غني خان ايڏيءَ آزاديءَ سان مونکي راءِ ڏئي ها، پر مون ۾ سندس ايڏو ته اعتماد ٿي ويو هو، جو پنهنجي خاندان جا ڏک سور به ڪڍيائين، ڄڻ ته مان سندس ڪو ويجهڙو عزيز ۽ پراڻو ساٿي هئس. قرب ۽ اخلاص ۾ ڪيڏي نه خوشبو ٿئي ٿي !
هيڪر خبر نه آهي ته ڪهڙي خيال ۾ هو. چيائين ته ”ڪنهن زماني ۾ هت کنڊ جو ڪارخانو هنيو هئم. پوءِ وڪڻي ڇڏيم. هاڻي وري ڪارخانو هڻڻ جو خيال اٿم. هڪ دوست آهي. جو ٻه چار ڪروڙ رپيا ڏيندو. سوچان ٿو ته ڪنهن خانداني دوست کان زمين وٺي ڪارخانو هڻان.“
قدرت انسان جي خمير ۾ انڊلٽ جا سڀ رنگ ڀري ڇڏيا آهن. ماڻهو چوراسي ورهيه ٽپي، مٿي چڙهي، اٿڻ ويهڻ کان عاجز هجي ۽ پنهنجن جي دائمي جدائيءَ جا داغ به سهندو رهي! پوءِ به مٽيءَ جي هن ماڳ ۾ سندس دلچسپي قائم رهي. اهو به انساني فطرت جو هڪ رنگ آهي! نه ته ڀلا هن جهان جو ڪاروبار ڪيئن هلندو؟
انسان جيڪڏهن گوتم ٻڌ جي تعليم موجب، خواهشن کي سراسر ختم ڪري ڇڏي، ته پوءِ گرميءَ ۽ سرديءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ ايئر ڪنڊيشنر ۽ هيٽر ڪيئن ٺاهي ها. راڪيٽ ۾ چڙهي چنڊ تي پير ڪيئن رکي ها؟
پر، مون غني خان جي راءِ تي تبصرو ڪرڻ مناسب ڪو نه سمجهيو. البته کيس ايترو چيم ته ”غني خان ڏاهن جو چوڻ آهي ته انسان جيسين ڪا نه ڪا تخليق ڪندو رهي ٿو، تيسين زندگيءَ ۾ سندس دلچسپي قائم رهي ٿي.“
چيائين ته هائو. ليڪن، مون کي احساس آهي ته جيئن پوءِ تيئن، مون مان جنسي خواهش ختم ٿي رهي آهي. ان ڳالهه جو تخليقي قوت سان وڏو واسطو آهي.
مون کيس تجويز ڏني ته پشتو زبان ۽ ادب جي ترقي لاءِ ڪو سٺو ادارو قائم ڪرڻ کپي.
چيائين ته افسوس آهي ته پشتوءَ جي اڃا صحيح صورت خطي به ڪا نه ٺهي آهي. پبلشر سٺا ڪونهن. اخبار رسالي جو انتظام ڪونهي. در حقيقت پشتوءَ جو سڄو ڪم رليو پيو آهي. مون کي اها به خبر ڪانهي، ته منهنجا شعر جا ڪتاب ڪنهن ڇاپيا، ڪڏهن ڇاپيا ۽ هاڻي ڪهڙي صورتحال آهي؟ پر تنهنجي صلاح سهڻي آهي. البت ان لاءِ وسيلا کپن. سو، تون اداري جو خاڪو ٺاهي ڏي، ته مان هلنديءَ پڄنديءَ وارن سان ڳالهايان.
مون پڇيس ته توهان ڪڏهن انگريزيءَ ۾ شعر چيو آهي؟
چيائين ته، ” نه، مان پشتو جو شاعر آهيان.“
هر شاعر کي پنهنجي ڪلام ٻڌائڻ جو ڏاڍو شوق هوندو آهي. پر، منهنجي ترغيب ڏيڻ جي باوجود، غني خان ڪو به اهڙو مظاهرو ڪو نه ڪيو. سندس نشست برخواست ۾ وڏي بردباري هئي. ان کان به وڏي ڳالهه اها آهي ته کيس غم برداشت ڪرڻ جو وڏو حوصلو هو. مون سان پنهنجن ڏکن ۽ سورن جو ذڪر ائين ڪيائين، جو ڄڻ ته ڪنهن ٻئي شخص جو ذڪر ڪري رهيو هجي. مون سندس چهري تي غم جو ڪو به ڪڪر ڪو نه ڏٺو.
اسان باغ ۾ جنهن هنڌ ويٺا هئاسين، اتي چيل جي ڊگهن وڻن جي گهاٽي ڇانو هئي. آسي پاسي گل ۽ ميوي جا وڻ هئا. هلڪي هلڪي ٿڌڙي هوا پئي لڳي. غني خان چيو ته هيءَ زمين زرعي لحاظ کان ڏاڍي زرخيز آهي. ليڪن، پرتي ڪجهه علائقو پهاڙي آهي. افغانستان جي سرحد به ڪا گهڻي پري ڪانهي. هيڪر افغان سرڪار مون کي نياپو موڪليو، ته اسانوٽ هجرت ڪري اچ. توکي باغ بستان، زمين مڪان سڀ ڪجهه ڏينداسون، پر مون نه مڃيو. مون کي پنهنجيءَ مٽيءَ سان محبت آهي. مون ۽ منهنجي گهر واريءَ هي گهرڙو ڏاڍيءَ سڪ سان ٺهرايو هو. اچ ته توکي گهمايان.
غني خان جو گهر دنيا کان نرالو هو. ان جي اندر ۽ ٻاهر ۾ ڪو به فرق ڪو نه هو. ورانڊي ۾ پلنگ ۽ صوفا ائين ئي رکيل هئا. جيئن بيڊروم ۽ ڊرائنگ روم ۾ سينگاري رکبا آهن. ائين کڻي چئجي ته اندر ڪڍي ٻاهر رکيو هئائون. ماڻهوءَ کي جتي وڻي اتي وهي. شانتي نڪيتن غني خان تي ڏاڍي ڪا اونهي ڇاپ هڻي ڇڏي هئي:

جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي، تن لهي نه لالي

ورانڊي جو فرش آئيني وانگر چمڪي رهيو هو. غني خان چيو ته منهنجيءَ گهرواريءَ کي صفائيءَ جو ڏاڍو خيال هوندو هو. روزانو فرش کي صابڻ سان ڌئاريندي هئي. اها روايت قائم رکي اٿم.
اسان ورانڊي مان گهمندا، ڊرائنگ روم ۾ آياسين. مون اهڙي ڊرائنگ روم اڳي ڪڏهن ڪا نه ڏٺي آهي. وچ ايشيا جي طرز تي سينگاريل هئي. پاسي ۾ سياري جي باهه لاءِ عمدو بخارو هو ۽ ان جي چوڌاري قيمتي غاليچن تي طول وهاڻا رکيل هئا. مون سوچيو ته ڪڏهن ته سياري جي سرد راتين ۾ هن بخاري ۾ باهه ٻرندي هوندي! غني خان جي گهر واري ۽ ٻارڙا گڏجي چاءِ پيئندا هوندا.
ڀتين تي گوتم ۽ عيسيٰ جون بيشمار تصويرون هيون ۽ سائيڊ ٽيبلن تي غني خان جي دوستن ۽ احبابن جون، گذريل رات غني خان وري وري ڪنهن خاتون جو نالو ٿي کنيو. پر مون حجاب ڪري کائنس ڪو نه پڇيو ته ڪٿان جي هئي، ڪير هئي؟ هڪ ٽيبل تي بي انتها خوبصورت خاتون جي تصوير رکيل هئي. ڏسڻ سان نشو ٿي ڏنائين. غني خان سندس نالو کنيو، ته سمجهه ۾ آيو ته گذريل رات سندس نالو وري ڇو کنيو هئائين. بي اختيار ڀٽائي ياد آيو:

اجهاميو ٻرن، توکي ساريو سپرين !

مون غني کي چيو ته اڄڪلهه ڪٿي آهي؟
چيائين ته گذاري ويئي!
غني خان، ويل چيئر ۾، هڪ ڪمري کان ٻئي تائين Alice in wonderland وانگر پنهنجو گهر گهمائيندو رهيو. ڪڏهن پنهنجن ٺاهيل مجسمن، ڪڏهن تصويرن ته ڪڏهن ڪتابن جو ذڪر ڪندو رهيو. کيس ڏسي، الائي ڇو، اوچتو مون کي ننڍپڻ ۾ چارلس لئمب جو پڙهيل مضمون DREAM CHILDREN ياد آيو. مصنف ڏاڍيءَ سڪ سان پنهنجن ٻارڙن جو ذڪر ڪندي، مضمون جي آخر ۾ لکيو آهي ته ”پوءِ منهنجا اهي ٻارڙا، آهستي آهستي پوئين پيرين هٽندا، مون کان پري هليا ويا ۽ نظرن کان گم ٿيڻ کان اڳ چوندا ويا ته اسين تنهنجا سچا ٻچا ٻار ٿوروئي آهيون. اسين ته تنهنجين اڃايل اکڙين جون حسرتون ۽ خواب آهيون.
مون سوچيو ته غني خان جي گهرواري ۽ ٻارڙا به کيس اڪيلو ڇڏي ڪيڏو نه پري هليا ويا!
تازو، اسلام آباد ۾ چيني سفارتخاني جي دعوت ۾ هڪ شخص مون سان مانيءَ جي ميز تي گڏ ويٺو. چيائين ته غني خان وٽ اعليٰ درجي جون مغل مئنيچر پينٽنگس آهن ۽ ٻيا اهڙا ڪيئي نوادرات آهن، جن لاءِ آمريڪي خريدار کيس لکين ڊالر ڏيڻ لاءِ تيار آهن. مون چيو ته هائو، پر اهو ڪاڪ محل هاڻي ڪهڙي ڪم جو آهي. ۽ ڪنهن لاءِ آهي؟
جڏهن گهر گهمي، ٻاهر باغيچي ۾ آياسين ته مون غني خان کان موڪل گهري، غني خان خاموش رهيو، پوءِ اکيون کڻي، سڪ سان چيائين : ”اپريل جي مهيني ۾ هي سارو چمن گل ئي گل هوندو . موٽي اچجانءِ.“
مون سندس دل رکڻ لاءِ هائو ڪئي ۽ ڀاڪر پائي کانئس موڪلايو.
جڏهن ڪار ٻاهر نڪتي، ته غني خان هٿ لوڏي سلام ڪيو. مون کيس سلام ڪندي، دل ۾ چيو ته ” غني خان هن چمن جو سڀ کان سهڻو گل ته تون ئي آهي. مون تنهنجو ديدار ڪيو. ورهين جو خواب پورو ٿيو.“
جڏهن ڪار، واهه جي ڪناري سان، رستي تي ڊوڙڻ لڳي ته مون کي غني خان بابت پير حسام الدين راشديءَ جي محفلن ۾ ٻڌل ڳالهيون ياد آيون ۽ انهن محفلن ۾ وهندڙ مٺا ماڻهو ياد آيا، جيڪي هڪ هڪ ٿي، هي جهان ڇڏي، ڪنهن بهتر جهان ۾ هليا ويا. پوءِ غني خان جا ٻارڙا ياد آيا، جيڪي به هڪ هڪ ٿي، هن جهان ۾ کيس اڪيلو ڇڏي ويا. اتمان زئي ڏسي، موهن جي دڙي جي آمهون سامهون، سنڌوءَ درياءَ جي ٻئي پار، پنهنجو ڳوٺ ياد آيو، جتي ننڍيءَ عمر ۾ مان شام جو پڌر تي، پنهنجن هم عمر ٻارن سان گڏ راند ڪندو هئس. پاسي ۾ سنجهين وارو کوهه هوندو هو، جتان نار جو پاڻي نيسر مان وهندو، ڪسيءَ ۾ هليو ويندو هو. اها ڪسي ٿڌي ۽ مٺي پاڻيءَ سان تار وهندي رهندي هئي ۽ پاسي وارين ٻنين ۾ هلي ويندي هئي.
ڀر واري ڳوٺ مان هڪ ٻڪرار، ٻئي ٽئي ڏينهن، اسان جي ڳوٺ ايندو هو ۽ ڪسيءَ جي ڪناري تي ويهي ڪافيون ڳائيندو هو. سندس آواز ڏاڍو مٺو هوندو هو. سنگتين جي چوڻ تي ڪڏهن هڪ خاص ڪافي ڳائيندو هو، جنهن جي ٻڌڻ سان ماڻهن تي جادو ٿي ويندو هو.
ڪار قومي شاهراهه تي اچي چڙهي ته ڊرائيور ان جي رفتار تيز ڪري ڇڏي. ستت اسان اٽڪ وٽ اچي پهتاسين. اتي سنڌو درياءَ جي پل آهي ۽ جبلن ۾ رستي کي وروڪڙ آهن. اڳي ته شايد ڪي اڻاوا لڪ هوندا هئا. ڪار پل تي چڙهي، ته مون درياءَ ڏي نهاريو. اڇو اجرو پاڻي پل جي هيٺان وهندو ٿي ويو. هزارن سالن کان ائين ئي وهندو رهيو هو.
مون پل تان پنهنجي ڳوٺ نگاهه ڪئي. پڌر تي ٻارڙا راند ڪري رهيا هئا. ٻڪرار ٿڌي پاڻيءَ سان وهندڙ ڪسيءَ جي ڪناري تي اهائي ڪافي ڳائي رهيو هو، جنهن جي ٻڌڻ سان جيءَ ۾ جادو لڳي ويندو هو:

لڪڙا لنگهي ويا قاتلا
وڃي ٿيا مومل جا مهمان
وڃي ٿيا مومل جا مهمان

جڏهن ڪافي ڳائي پوري ڪيائين، ته مون ڳراٽڙي پائي کائنس پڇيو : ”انساني زندگيءَ جي آخرين حقيقت اها ئي آهي؟“
منهنجو ننڍپڻ جو يار، شايد تيز رفتارڪار جي لوڏن ۽ ٿڌيءَ هوا جي جهوٽن ڪري، منهنجو سوال سمجهي ڪو نه سگهيو.