شخصيتون ۽ خاڪا

جھڙا گُل گلاب جا (حصو ٻيو)

ھن ڪتاب ۾شيخ عبدالمجيد سنڌي، حاجي مولا بخش سومرو، نواب نور احمد خان لغاري، مولانا غلام محمد گرامي، مولانا عبدالواحد سنڌي، ٻيڙو فقير ڪنڀر، مولوي حافظ عبدالحميد ڀٽي، رشيد ڀٽي، صديق سالڪ، ايڇ. ٽي، لئمبرڪ، محمد امين خان کوسو. مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاھ، محمد ابراهيم جويو، شفيق الرحمان، مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ غني خان جي شخصيتن بابت ليک شامل آھن. 

Title Cover of book جھڙا گُل گلاب جا (حصو ٻيو)

پيش لفظ

هي ڪتاب _____ جهڙا گل گلاب جا____ ادب ۽ احترام سان. سنڌي زبان جي پيارن پڙهندڙن جي خدمت ۾ پيش ڪجي ٿو. ان جي مصنف سان منهنجي شناسائيءَ کي ڀريا چاليهه ورهيه ٿيا. تن ڏينهن ۾ اسان ٻئي ڄڻا سنڌ جي تاريخي درسگاهه مدرسه هاءِ اسڪول نوشهري فيروز ۾ پڙهندا هئاسين، جنهن جو پرنسيپال هو منهنجو چاچو (مرحوم) مولوي شفيع محمد صديقي.
ادا غلام رباني مٿئين ڪنهن ڪلاس ۾ پڙهندو هو ۽ اسڪول جي ذهين شاگردن ۾ شمار ٿيندو هو، سو چاچا کيس گهڻو ڀائيندو هو. چاچا جي بدليءَ بعد اسان نوشهري مان هليا وياسين. ادا غلام ربانيءَ مئٽرڪ جو امتحان ڏيئي نوشهرو ڇڏيو ۽ حيدرآباد جي ڦليلي ڪاليج ۾ داخلا ورتي، سال ٻه اتي رهي ڪراچيءَ هليو ويو، جتي اول سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ پوءِ ماهنامي نئين زندگي ۽ سنڌي ادبي بورڊ ۾ نوڪري به ڪيائين ۽ تعليم به جاري رکيائين، جنهن جو اشارتاً ذڪر سائين غلام مصطفي شاهه واري مضمون ۾ ڪيو اٿس.
ماڻهوءَ جي شخصيت جو سانچو شايد ننڍپڻ جي نفسياتي اثرن موجب تيار ٿئي ٿو. پنهنجي والد مرحوم واري مضمون ۾ هڪ هنڌ لکيو اٿس ته ، ” امان چوندي هئي ته اسان جي گهر ۾ رڳو هڪ شيءَ ۾ برڪت آهي______ ڪتابَ.“
ادا غلام ربانيءَ جو ننڍپڻ ڪتابن پڙهندي گذريو، مون نوشهري هاءِ اسڪول جي گرائونڊ تي ڪڏهن به کيس راند روند ڪندي ڪونه ڏٺو. البت، هاءِ اسڪول جي ڊبيٽنگ سوسائٽيءَ ۾ گهري دلچسپي وٺندو هو ۽ ان جو سيڪريٽري مقرر ٿيو. ذهين شاگرد تي استادن جو راز ٿيندو آهي، سو انهيءَ ئي زماني ۾ ٻن استادن سندس ذهن تي ٻه متضاد نظرياتي اثر وڌا: هڪ مرحوم مولوي جان محمد ڀٽو، جو مذهبي خيال جو هو ۽ ٻيو اظهار ڪاظمي جو شوسلسٽ خيال جو هو. ادا غلام رباني ٻنهي جو ادب ڪندو هو. هو پڻ سندس گهڻو لحاظ ڪندا هئا. ادا غلام ربانيءَ هڪ دفعي هاءِ اسڪول جي اسٽرائيڪ ۾ بهرو ورتو ۽ رسٽڪيٽ ٿيو. پر، مولوي جان محمد ڀٽي جي ڪوشش سان کيس ٻيهر داخلا ملي. اظهار ڪاظمي صاحب اڄڪلهه آمريڪا ۾ آهي. ادا غلام ربانيءَ جي ساڻس عقيدت هئي. پنهنجن افسانن جي مجموعي ”آب حيات“ جو انتساب ڏانهس ئي ڪيائين. اهي افسانا 1955ع کان 1957ع واري عرصي ۾ لکيائين، جن مان ڪي بعد ۾ انگريزيءَ، چينيءَ ۽ جرمن زبانن ۾ پڻ ترجمو ڪيا ويا. انهيءَ ئي زماني 1955ع ۾ ون يونٽ ٺهيو ۽ پندرنهن سال پوءِ ان کي ڊاهيو ويو. اهو عرصو ادا غلام ربانيء سنڌ جي تحريڪ سان وابسته رهيو. ان ڳالهه جي جهلڪ هن ڪتاب ۾ اسان کي شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ واري مضمون ۾ نظر اچي ٿي.
سنڌي ادبي بورڊ جي ملازمت دوران، قدرت کيس جن باڪمال عالمن جي صحبت نصيب ڪئي، تن جو هن ڪتاب ۾ وڏيءَ سڪ سان ذڪر سان ڪيو اٿس. هڪ لحاظ کان ڄڻ ته هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ جو تذڪرو آهي. بورڊ جو صحيح معنى ۾ پايو وجهندڙ شخص محترم محمد ابراهيم جويو هو ادا غلام رباني سندس ئي ترتيب يافته هو ۽ ان ڳالهه تي کيس هميشه فخر رهيو. جويي صاحب تي هن ڪتاب ۾ جيڪو مضمون لکيو اٿس، ان جو آخرين جملو ڪيڏو نه دل کي ڇهندڙ آهي. درحقيقت، سنڌ جي هنن ٻن فرزندن جا بورڊ تي جيڪي احسان آهن، سي وسرڻ جهڙا نه آهن، بورڊ جا سوين ڪتاب سندن ئي نگرانيءَ هيٺ ڇپيا. بورڊ جون موجوده عمارتون ادا غلام ربانيءَ جي ئي ايامڪاريءَ ۾ ٺهيون. بورڊ جا پراڻا ڪارڪن، پٽيوالا ۽ چوڪيدار، بلڪه وڻن جا ڪک پن ۽ گل گونج جويي صاحب ۽ ادا غلام ربانيءَ کي اڄ به سڪ سان ساريندا آهن.
سنڌي ادبي بورڊ ۾ ملازمت دوران، ادا غلام رباني ڪجهه عرصو سنڌ يونيورسٽيءَ جو پرو _ وائيس چانسيلر مقرر ٿيو. پوءِ ملڪ جي ممتاز اد بي اداري، اڪادمي ادبيات پاڪستان جو ڊائريڪٽر جنرل ٿيو، جتي هاڻي کيس ترقي ڏيئي چيئرمين ڪيو ويو آهي. دعا آهي ته جتي به هجي، اتي خدا کيس خوش رکي:

بهر جا که باشي خدا يار تو
محمد هميشه نگهدار تو.

”جهڙا گل گلاب جا“ هڪ اهڙو ئي ڪتاب آهي جن جي سنڌي زبان ۾ وڏي ضرورت آهي. علامه آءِ. آءِ قاضي فرمائيندو هو ته ”ڪو به ڪتاب سوانح حيات کان وڌيڪ اهم ڪونه آهي.“ علامه صاحب اسان پاٽ جي رهاڪن جو ته وڏو هو، پر سنڌ جي بيشمار اهل دل انسانن وانگر ادا غلام ربانيءَ کي به علامه صاحب سان وڏي عقيدت هئي. سندس ئي هدايت تي عمل ڪيائين ۽ انهن قدآور علمي ۽ ادبي شخصيت جا سوانحي خاڪا لکيائين، جي ويهينءَ صديءَ جي سونهن هئا.
وجهڙائيءَ ۾، هن قسم جو هڪ ڪتاب سائين جي ايم سيد لکيو : ” جنب گذاريم جن سين.“ اهو به سنڌي ادبي بورڊ ڇاپيو، ٻيو ڪتاب پير علي محمد راشديءَ ”اهي ڏينهن، اهي شينهن“ نالي سان لکيو، جو به سنڌي ادبي بورڊ ڇاپيو ۽ هاڻيءَ هيءُ ٽيون ڪتاب پڻ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪري رهيو آهي.
ٻين سنڌي عالمن ۽ ناشرن پڻ انهيءَ رنگ ڍنگ جا ڪيئي عمدا ڪتاب لکيا آهن. مثلاً، تازو محترم علي احمد بروهيءَ ۽ محترم تنوير عباسيءَ ٻه اهڙا شاندار ڪتاب لکيا آهن. دراصل، سنڌي جي علمي ۽ ادبي روايت تمام شاهوڪار آهي. پر، سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ اقتصادي ڪشمڪش جي موجوده دور ۾، سنڌ پنهنجي علمي ۽ ثقافتي تشخص کي تڏهن ئي برقرار رکي سگهندي، جڏهن پنهنجي تاريخي ورثي ۽ ادارن کي محفوظ رکندي. برطانيا نه فقط ترقي يافته ملڪن جي صف اول ۾ سرفهرست آهي، پر دنيا جي مثالي جمهوريت آهي. ان جو هڪ مکيه سبب برطانوي عوام جي پنهنجي ادارن ۽ تاريخي ورثي سان بي پناهه محبت آهي. سنڌ ____ لائق ۽ فائق اديبن کان اها ئي توقع رکي ٿي ته ____ ايندڙ نسلن کي پنهنجن وڏن ۽ سندن قائم ڪيل تاريخي روايتن ۽ ادارن سان محبت سيکارين. هي ڪتاب اهڙي ئي هڪ قربائتي ڪوشش آهي.

عبدالغفار صديقي
سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ
جمعو 12_ جولاءِ 1991ع