الطاف شيخ ڪارنر

بوتلن جو سفر

ھي ڪتاب سامونڊي سفر جي دلچسپ ۽ ڏکوئيندڙ واقعن تي مشتمل آھي. ھن ڪتاب ۾ آيل سڀني ڪھاڻين جو واسطو سمنڊ يا سامونڊي سفرن سان آهي يا وري ڌارين ملڪن ۽ مسافرن سان آهي. ھي ڪھاڻيون مختلف ملڪن ۽ سمنڊن تان جدا جدا وقتن تي لکيون ويون آهن. جان خاصخيلي لکي ٿو: ”الطاف شيخ جو هي ڪتاب هڪڙي ايڊونچر تخليق جو سنگم آهي. وسيع ڄاڻ سان ڀرپور مختصر دنيا جو طويل سفرنامو جتي رڳو سمنڊ ۽ خطرا آهن ۽ ان تي جهاڳندڙ جھاز آهي. ڪتاب پڙهندي لڳي ٿو ته ماڻھو پاڻ سفر ۾ آهي ۽ الطاف جا ٻڌايل نقشا ۽ جاگرافي پڙهندڙ لاءِ سونھان آهن. اهو سڄو ايڊونچر پڙهندڙ پاڻ پرکيندو ٿو رهي. “

  • 4.5/5.0
  • 23
  • 0
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book بوتلن جو سفر

حق ۽ واسطا ليڪ وٽ محفوظ:

ڪتاب جو نالو: بوتلن جو سفر
ليکڪ: الطاف شيخ
ڇاپو: پھريون 2003ع
ڪپوزنگ، لي آئوٽ ۽ ٽائٽل: انڊس ڊزائنرز
فون: 5655953
ڇپائيندڙ: انڊس پبلشرز، ڪراچي.
قيمت : 120 رپيا

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com


Botalun Jo Safar
Edition: First, 2003,
Published by: Indus Publishers,
Karachi

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري سفرنامانگار ۽ مئرين انجنيئر الطاف شيخ جو لکيل ڪتاب ”بوتلن جو سفر“ اوهان اڳيان پيش آهي.
ھي ڪتاب سامونڊي سفر جي دلچسپ ۽ ڏکوئيندڙ واقعن تي مشتمل آھي. ھن ڪتاب ۾ آيل سڀني ڪھاڻين جو واسطو سمنڊ يا سامونڊي سفرن سان آهي يا وري ڌارين ملڪن ۽ مسافرن سان آهي. ھي ڪھاڻيون مختلف ملڪن ۽ سمنڊن تان جدا جدا وقتن تي لکيون ويون آهن. جان خاصخيلي لکي ٿو: ”الطاف شيخ جو هي ڪتاب هڪڙي ايڊونچر تخليق جو سنگم آهي. وسيع ڄاڻ سان ڀرپور مختصر دنيا جو طويل سفرنامو جتي رڳو سمنڊ ۽ خطرا آهن ۽ ان تي جهاڳندڙ جھاز آهي. ڪتاب پڙهندي لڳي ٿو ته ماڻھو پاڻ سفر ۾ آهي ۽ الطاف جا ٻڌايل نقشا ۽ جاگرافي پڙهندڙ لاءِ سونھان آهن. اهو سڄو ايڊونچر پڙهندڙ پاڻ پرکيندو ٿو رهي. “
ھي ڪتاب 2003ع ۾ انڊس پبلشرز، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون الطاف شيخ جا جنھن ھن ڪتاب جي نئين سر ڪمپوزنگ ڪرائي ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪلي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

هن ڪتاب بابت

سفرنامن ۽ سامونڊي ڳالهين جو هي ڪتاب لکي نالي جو سوچي رهيو هوس ته منھنجي ڪتابن جي هڪ پبلشر علي نواز گهانگهري صاحب (روشني پبليڪيشن جي مالڪ) صلاح ڏني ته هن جو نالو ”بوتلن جو سفر“ رکجي ته سٺو ۽ ان ۾ ان نالي واري ڪهاڻي پڻ شامل ڪئي وڃي جيڪا گهڻو اڳ ڇپجي چڪي آهي.
”بوتلن جو سفر“ سامونڊي واقعو اڄ کان ٽيھه سال اڳ جي ڳالهه آهي جيڪا 1970ع ۾ عبرت اخبار ۽ ان بعد ”پيار جي گهٽ“ نالي ڪتاب ۾ ڇپي. بھرحال ان ڪھاڻيءَ کي تفصيل سان هن ڪتاب ۾ باقي ڏنل نڪور ڪھاڻين/ سفرنامن سنا گڏ شامل ڪيو پيو وڃي.
ڪتاب ۾ آيل سڀني ڪھاڻين جو واسطو سمنڊ يا سامونڊي سفرن سان آهي يا وري ڌارين ملڪن ۽ مسافرن سان آهي، جيڪي ڪهاڻيون مون مختلف ملڪن ۽ سمندن تان جدا جدا وقتن تي لکيون آهن.


الطاف شيخ
ڪراچي؛ 1 جون، 2002ع
Address: House2/II; 8th Gizri Lane, Phase IV, D.H.A Karachi. 75500
Email: altafshaikh2005@gmail.com
Mob & WA: 0300 9241666

انتساب: ريئر ائڊمرل بخت علي جماڻي نالي

عارضي طور ٻه سال ميرپورخاص جي ڪنهن ڪاليج ۾ رهڻ بعد اسان جو ”ڪئڊٽ ڪاليج“ پيٽارو ۾ شفٽ ٿيو ته اسان جا روم ميٽ ۽ پاڙيسري سڀ بدلجي ويا. هونءَ جو ڀرواري ڪمري ۾ خيرپور جو شوڪت جماڻي، ڪاڇيلو فروٽ فارم وارو رفيع ڪاڇيلو ۽ حيدرآباد جو سراج شيخ (هاڻ سئي گئس ڊپارٽمينٽ ۾) هئا، انهن بدران لاهور جو طارق جميل (هاڻ اريگيشن ڊپارٽمينٽ ۾ چيف انجنيئر) ، ٻيو ڊگريءَ جو حفيظ آرائين ۽ ٽيون “پير جي ڳوٺ ” جو بخت علي جماڻي ٿيا. هي سڀ اٺين ڪلاس ۾ هئا ۽ مون سميت منھنجي روم وارا مئٽرڪ ۾ هئاسين. حفيظ ماٺيڻي طبيعت جوهو، طارق جميل کي ڪاليج ۾ ٿيندڙ ڊرامن ۾ اداڪاري ڪرڻ جو شوق هو ۽ سڄو ڏينھن هڪ ٻئي ڪئڊٽ اورنگزيب لغاريءَ سان ورانڊي ۾ بيھي ڊائلاگ ياد ڪندو هو (اورنگزيب ته اڳتي هلي واقعي وڃي ائڪٽر ٿيو ۽ اڃان تائين ٽي وي تان ايندڙ ڊرامن ۾ حصو وٺندو رهي ٿو)، بخت علي سڄو ڏينھن هاسٽل جي ورانڊن ۾ پنھنجي سنهي ۽ تکي آواز ۾ ڳالهائي ٻين جو سُک ڦٽائيندو هو. اسان ڳوٺن کان آيل سڀ (چاهي جھانگارا باجارا جو اقبال ترڪ هجي يا شاهه پنجو سلطان جو غلام محمد سومرو. ٻيٽي جتوئي جو لياقت جتوئي هجي يا ٽنڊو الهيار جو محمد عالم هاليپوٽو) شروع وارا ڏينھن ڊڄڻا هوندا هئاسين، جو ڳوٺ ڇڏي پھريو دفعو نئين ماحول ۾ آيا هئاسين. اڙدو به ايتري سٺي ڳالهائڻ نٿي آئيسين. پر جونئرن ۾ ٻه ڄڻا اهڙا هئا جيڪي پھرين ڏينھن کان رعب سان هلندا رهيا. هڪ هادي بخش جتوئي .(جنھن جي اڙدو جيتوڻيڪ اسان وانگر پوري ساري هئي) ۽ ٻيو بخت علي جماڻي (جنھن کي اڙدو به سٺي آئي ٿي).
هڪ ڏينھن منھنجي روم ميٽن چيو ته اسان مان ڪو ٻاهر نڪري بخت عليءَ کي دڙڪو ڏئي اچي ته هو آهستي ڳالهائي. پر پوءِ سڀ اهو سوچي ماٺ ڪري ويھي رهيا ته ورندو ڪجھه نه، ڇو جو جنھن ٽون سان هن سان ڳالهائبو ان ئي ۾ هو ورندي ڏيندو. اجائي بي عزتي ٿيندي.
پيٽارو جا تقريباً سڀ ڪئڊٽ ”اسڪائوٽن“ جي مختلف برانچن ۾ ورهايل هئاسين. بخت علي ‘سي اسڪائوٽ’ هو، جنھن جو ليڊر آئون هوس. 1961ع ۾ ان وقت جي نيول چيف ‘ائڊمرل اي آر خان’ طرفان اسان کي ٻه هفتا ڪراچي گھمڻ جي دعوت ملي، جنھن ۾ ڏهه ڄڻن کي وڃڻو هو. پيٽارو جي نيول آفيسر سان گڏجي مئٽرڪ ۽ نائين ڪلاس جي سي اسڪائوٽن مان ڏهه ڄڻا چونڊياسين. نالن جي لسٽ جڏهن بورڊ تي لڳي ته شام جو بخت علي مون وٽ پھچي ويو. چيلهه تي هٿ رکي چوڻ لڳو:
”سائين منھنجا! اسان اٺين ڪلاس وارا ڇو نه هلون؟ هتي ڪئمپنگ ٿئي ته تنبو اسان گھليون، رڌ پچاءُ اسان ڪيون، ٿانوَ اسان ڌوئون، باقي ڪراچي گھمڻ لاءِ اسان ڇو نه؟“
۽ آئون وائڙن وانگر سوچيندو رهيس ته هن کي ڇا جواب ڏيان يا ڪھڙي طرح ڀڄايانس. هونءَ ڳالهه ته صحيح پيو ڪري.
”تون اتي هلي ڪھڙا ڦاڙها ماريندين؟“ منھنجي وات مان نڪري ويو.
”ڇو؟ توهان سينئر وري ڪھڙا مارئيندائو؟“ هن ٺھه پھه جواب ڏنو.
”بھرحال ان بابت تون نيول آفيسر سان ڳالهاءِ، جيڪو نيوي طرفان نمائندو آهي.“ مون بخت عليءَ کي چيو.
نيول آفيسر ڪمانڊر اسرار الله هو. هو اسان کي مئٿس به پڙهائيندو هو ۽ کانئس هرڪو ڊڄندو هو. مون سمجھيو بخت علي ان وٽ نه پھچندو، پر هي بي ڊپو انسان ان تائين به پھچي ويو ۽ هن کي اهڙو Convince ڪيائين، جو ٻئي ڏينھن هن مون کي گھرائي چيو ته نيوي وارن کي ڪجھه وڌيڪ مھمان گهرائڻ لاءِ خط لک جيئن ڪجھه اٺين ڪلاس جا Sea Scouts به هلي سگھن. ”اس بخت علي ني بيزار ڪرديا هي.“ هن چيو .
ڪمانڊر اسرار الله جيڪو پوءِ ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جو پرنسپال به ٿيو، بخت عليءَ کي هميشه “ بخت علي تخت علي” چوندو هو. بخت عليءَ جي کھرن سوالن ۽ تکن جوابن تي چڙ ڪرڻ سان گڏ هن کي ڀائيندو به هو، جو بخت علي پڻ اقبال ترڪ (هاڻ ڪورنگي فش هاربر جو ايم ڊي) ۽ اظھر حسين (هاڻ نيويءَ ۾ ريئر ايڊمرل) وانگر گھڻو ذهين کڻي نه هو پر محنتي ضرور هو ۽ پڙهائي توڙي راندين ۾ مقابلو قائم رکندو هو. هو رانديون به پيٽارو ۾ ئي ڏسي ڏسي سکيو، پر گھڻن کان اڳيان نڪري ويو. دانھون ۽ ڏاڍيان ضرور ڳالهائيندو هو، پر منھن تي هر وقت کِل ۽ خوشي رهندي هيس ۽ ان خوش مزاجيءَ ڪري اڄ به کيس هرڪو پسند ڪري ٿو. هاڪي يا فٽ بال ۾ ڪنھن ڏينھن کيس نه کڻندا هئاسين ته منھن سُڄائي رُسي وڃڻ بدران لائين مئن ٿيڻ لاءِ راضي ٿي ويندو هو ۽ گرائونڊ کان ٻاهر نڪري ويل بال کڻي ڏيڻ ۾ مدد ڪري پاڻ پيو وڻائيندو هو. پوءِ ڪنھن نه ڪنھن رانديگر جي ٽنگ ٻانھه ڀڄندي هئي يا ڌڪو کائيندو هو ته پاڻ ٺھي ٺڪي گرائونڊ ۾ داخل ٿي ويندو هو. مطلب ته بنا کيڏڻ جي گهر يعني هاسٽل ڏي نه موٽندو هو. جتي اسان ٻيا سنڌي روئي حق وٺڻ جي ڪندا هئاسين، اتي هي وڙهي وٺڻ ڄاڻندو هو.
ٻه هفتا کن ڪراچي، منھوڙو، ڪياماڙي ۽ نيوي جا جھاز گھمڻ بعد موٽي رهيا هئاسين ته بس ۾ منھنجي سامهون ويٺل بخت عليءَ کان پڇيم:
”ڪيئن لڳي ٽرپ؟“
”ادا آئون نيويءَ جي يونيفارم ۽ سمنڊ مان ڏاڍو متاثر ٿيو آهيان. آئون هر صورت ۾ نيوي Join ڪندس.“
”رڳو تنھنجي مرضيءَ جي ڳالهه آهي ڇا؟“ ڀرواري سيٽ تي ويٺل درٻيلي جي خالد مخدوم چيس، ” نيويءَ جي چونڊ ۾ پاس ٿيندين ته کڻندئي!“
”ڇو نه ٿيندس؟“ بخت عليءَ وراڻيس، ”پڙهائي ۽ راندين ۾ سٺو آهيان ۽ صحت به صحيح اٿم پوءِ ڇو نه کڻندا؟“
خالد اهو ٻڌي چپ ٿي ويو.
آئون انٽر ڪري مئرين انجنيئرنگ لاءِ چٽگانگ ويس ته هي فرسٽ ييئر ۾ پھتو. مئرين انجنيئرنگ بعد جھاز جي نوڪري شروع ڪيم. ڪجھه سالن بعد هڪ دفعي جڏهن منھنجو جھاز ڪراچي آيل هو ۽ آئون ڪياماڙي گيٽ کان ٻاهر نڪري شھر وڃڻ لاءِ ٽئڪسيءَ جو انتظار ڪري رهيو هوس ته هڪ ٽئڪسي اڳيان اچي بيٺي جنھن مان لٿل همراهه ڪجھه ڄاتل سڃاتل لڳو ۽ هن کي آئون لڳس جو هو به مون کي غور سان ڏسندو رهيو. ان بعد منھنجي وات مان ”بخت علي“ نڪتو ۽ هن رڙ ڪري منھنجو نالو کنيو.
”ڪر خبر بخت علي ڪٿي آهين؟ NED ۾؟“ مون پڇيومانس.
”نه يار انٽر کانپوءِ مون نيوي Join ڪئي ۽ اڄ ڪلهه ليفٽيننٽ آهيان ۽ PNS ڪارساز ۾ آهيان.“ بخت عليءَ ٻڌايو. هن جي Crew Cut وارن مان صاف لڳي رهيو هو ته هو Forces يعني فوج ۾ آهي. ڇھه ست سالن جي Gap ڪري شڪلين ۾ ڪجھه تبديلي ضرور آئي هئي خاص ڪري مٿي جا وار گھٽجي ويا هئا. مون بندرگاهه ۾ بيٺل پنھنجي جھاز تي کيس ايندڙ آچر تي ماني جي دعوت ڏني. هو ان ڏينھن صبح کان منجھند جي مانيءَ تائين مون سان گڏ رهيو ۽ ان بعد اسان جي جھاز لنگر کنيو.
” انشاء الله ٻئي دفعي جڏهن ملنداسين ته تون ڪمانڊر ٿي چڪو هوندين.“ مون کيس دعا ڏني. انهن ڏينھن ۾ اسان جا هڪ سال سينئر يعني پيٽارو جي پھرين بئچ جا ڪيڊٽ: سڪندڙ بخت انصاري ۽ سيوهڻ جو زين العابدين شاهه ‘ليفٽيننٽ ڪمانڊر’ هئا ۽ انهن کان هڪ رئنڪ مٿي (يعني ڪمانڊر) اسان لاءِ ڪافي وڏو عھدو هو.
ان کانپوءِ منھنجي بخت عليءَ سان ملاقات اٽڪل 25_26 سالن بعد 1998 ۾ ٿي. وچ وارو عرصو هو به ڪراچيءَ کان ٻاهر اسلام آباد ۽ عرب امارت ۾ هو يا جھازن تي. جيڪڏهن ڪجھه عرصو ڪراچي ۾ Posting ٿيس ٿي ته اهو عرصو آئون ڪراچي کان ٻاهر هوس. جيئن 1986ع ۽ 87ع ۾ هو پاڪستان نيوي جي انجنيئرنگ ڪاليج ڪراچيءَ جي ”اليڪٽرونڪ (۽ اليڪٽريڪل) ڊپارٽمينٽ“ جو ”ڊين“ ٿي رهيو يا ان بعد ڪراچيءَ ۾ ئي ”نيول ڊاڪ يارڊ“ جو مئنيجر، پر اهي سال آئون لڳاتار ملائيشيا ۾ هوس. اتان آيس ته بخت علي ڪراچي ڇڏي چڪو هو ۽ راولپنڊيءَ ۾ ”ڊفينس منسٽريءَ“ ۾ ڊائريڪٽر جي پوسٽ تي هو جتان هن جي جيئن ئي ڪراچي بدلي ٿي ته هڪ ڏينھن ساڻس ڊفينس ڪلب ۾ ملاقات ٿي. پنجويھه سالن ۾ اسان ۾ فزيڪلي ڪافي تبديليون اچي ويون هيون ۽ هڪ ٻئي کي نه پي سڃاڻي سگهياسين. بخت عليءَ ۾ ٻي ڪا خاص تبديلي نه آئي هئي پر مون وانگر سندس مٿو به وارن کان ڪافي آجو ٿي چڪو هو ۽ شايد پنجاب جا کير لسيون پيئڻ ۽ ڪرسيءَ تي گھڻو ويهڻ ڪري ٿلهو به ٿي پيو هو. هو پنھنجي زال سان ڀڻ ڀڻ ڪري ڳالهائي رهيو هو ۽ سندس گنڀير چھري مان لڳو ٿي ته ضرور هو ڪنھن سنجيدي مسئلي تي ڳالهائي رهيو هوندو. رکي رکي اسان هڪ ٻئي ڏي ڏٺو به پئي، جو بلڪل سامهون واري صوفا تي آئون پنھنجي زال سان ويٺل هوس. مون چانھه گھرائي هئي ۽ پيئڻ دوران آئون ذري ذري پنھنجي زال کي چوندو رهيس ته سامهون ويٺل اهو شخص مون کي ڄاتل سڃاتل لڳي ٿو ۽ پوءِ جيئن ئي چانھه پي بس ڪيم ته بخت عليءَ نه پر مون هن کي سڃاڻي ورتو ۽ زال کي چيم ته ترس ته ان ڀائيءَ کي آئون ”هَئُو“ ڪري اچان.
سندس ڀرسان پهچي، چيومانس: ”رئيس هاڻ اٿو ته ڀاڪر پائي ملون.“
پهرين ته هو وائڙو ٿي ويو، پر پوءِ ان ئي وقت هن جي به ذهن ۾ اچي ويو ته آءٌ ڪير آهيان ۽ اٿي وڏو ڀاڪر پاتائين.
”ڀلا ڪمانڊر ٿي وئين يا نه؟“ مون چرچو ڪيومانس.
”يار تون ڪمانڊر جي ٿو ڳالهه ڪرين، آئون ڪئپٽن ٿي هاڻ ڪموڊور ٿيو آهيان ۽ PNS ڪارساز جو سي او (ڪمانڊنگ آفيسر) آهيان.“ بخت عليءَ خوش خبري ٻڌائي ۽ ان سان گڏ ڪارساز ۾ هلي ماني کائڻ جي دعوت ڏني.
”ڳالهه ٻڌ مانيءَ جي ڳالهه ڇڏ. اسان پاڪستانين کي انهن مانين ته بي ڊولو ڪيو آهي.“
”يار ٽوڪان ٿو ڪرين؟“ بخت علي منھنجو هٿ جھلي چيو.
”ٽوڪن جي ڳالهه ڪانهي. سامهون آرسيءَ ۾ پاڻ کي ڏسي سگهو ٿا.“ مون چيومانس.
”چڱو ڀلا چانھه پيئنداسين ۽ ٻيو ڪجھه؟“ هن پڇيو.
”ٻي ڳالهه اها ته فٽ بال مئچ کيڏنداسين.“
”يار ڏس ڏس! تون ڀائين ته آئون لائين مئن ٿيان؟“
”ڀلا راند تون Suggest ڪر. تنھنجا ۽ منھنجا ڪلاس ميٽ رانديگر آئون وٺي ايندس.“ مون صلاح ڏنيمانس.
”ڪارساز جي گرائونڊ تي ڪرڪيٽ ٿيندي ۽ هن ئي آچر تي. مون طرفان سڀني پيٽارو وارن کي دعوت آهي.“ بخت عليءَ چيو.
ڪرڪيٽ لاءِ ڪراچيءَ ۾ رهندڙ ڪيترائي بخت علي جماڻيءَ جا ڪلاس ميٽ: اقبال ترڪ، نجم قاضي، اظھر حسين ۽ هڪ ٻه سال سينئر منھنجا ڪلاس ميٽ: عالم هاليپوٽو، نجم انصاري، بشير ميمڻ، اشفاق بيگ، اختر عباسي، اينگرو وارو ظفر خان ۽ سٽي ٽريولس وارو ڪرنل محي الدين سڀ اچي نڪتا. حيدرآباد کان هادي بخش جتوئي، نور احمد نظاماڻي ۽ ٻيا به آيا. ٻارهين هڪ تائين نٽھه اُس ۾ ڪارساز جي گرائونڊ ۾ ڊوڙون پائيندا رهياسين ۽ پوءِ خير خوبيءَ سان راند ختم ٿي _ ائين ئي جيئن پيٽارو ۾ ٿيندي هئي _ يعني هميشه وانگر هادي بخش ۽ اختر عباسيءَ گِدي ڪئي. L.B.W ٿيڻ جي باوجود بيٽنگ جي پچر نه ڇڏيائون ۽ هميشه وانگر اقبال ترڪ ۽ خالد مخدوم گاريون ڏيڻ شروع ڪيون ۽ راند ۾ ڦيٽارو پيو. سٺي ميزبان جي حيثيت ۾ بخت علي جماڻيءَ وچ ۾ پئي، سرچاءُ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ هميشه وانگر وڙهڻ واريون ڌريون پنھنجا پاڻ ۾ پئدا ٿيل اختلاف وساري، هڪ ٿي، صلح واري کي ست سُريون ٻڌائڻ لڳيون.
”بخت علي، تو اسان کي ذليل ڪرڻ لاءِ هتي گھرايو آهي.فلاڻي فلاڻي کي جڏهن راند نٿي اچي ته ان کي تو ڇو گھرايو....؟“ ڪو ڪجهه چوڻ لڳو ته ڪو ڪجھه.
”چڱو هاڻ گھڻو ئي ٿيو، هلي ماني کائو.“ نور احمد نظاماڻي سڀني کي ٻڪرين وانگر هُش هُش ڪندو، ميس ۾ وٺي آيو.
PNS ڪارساز ۾ رهائش دوران بخت عليءَ ٽي چار ٻيون به دعوتون ڪيون. آخري دعوتن ۾ آئون وڃي نه سگھيس. ان بعد سندس اسلام آباد بدلي ٿي وئي. پاڻ اتي ‘اسسٽنٽ چيف آف نيول اسٽاف’ ٿي رهيو ۽ ان بعد ‘ڊائريڪٽر جنرل پروجيڪشن’ ٿي رهيو. ان دوران سال کن نئشنل ڊفينس ڪاليج (NDC) به اٽينڊ ڪيائين. پاڻ هر وقت اسلام آباد اچڻ لاءِ چوندو رهيو ۽ آئون سست ماڻهو يا ٻين ڪمن ۾ بزي، هميشه ٽاريندو رهيس.
”يار دعا پيو ڪريان ته تون ريئر ائڊمرل ٿين ته پوءِ توکي هلي اچي مبارڪ ڏيندس.“ آئون کيس چوندو رهيس.
”الله مالڪ آهي. جيڪي نصيب ۾ هوندو.“ بخت علي ان بابت مختصر جواب ڏيندو هو.
نئون سال (2002) شروع ٿيڻ بعد ته مون هيڪاندي پُچ پُڇ لاهي ڏنيمانس. ”يار اڃان تون ائڊمرل نٿو ٿين؟“
”ڇا منھنجي هٿ ۾ آهي؟“ هو جواب ڏيندو هو.
”يار توکي اڃان ائڊمرل نٿا ڪن؟“ فون تي آئون پھريون سوال ڪندو هومانس.
”يار مون کي ڪھڙي خبر؟ قسمت ۾ هوندو ته آئون ضرور ٿي ويندس.“ هو وراڻيندو هو ۽ پوءِ پاڻ کي ۽ مون کي مطمئن ڪرڻ لاءِ چوندو هو: ”يار اها ڇا الله جي گھٽ مھرباني آهي جو مون جھڙو هڪ ڳوٺ جو ڇوڪرو ڪموڊور يعني بريگيڊيئر جي رئنڪ تي پھچي وڃي. سچ پڇين ته رب پاڪ کان آئون هميشه اها ئي دعا گھرندو آهيان ته عزت سان جياري عزت سان ماري. اهو ڪي ڪجھه ٿئي جنھن ۾ منھنجي بھتري هجي.“ هڪ سال کن اڳ حج ڪرڻ بعد، بخت علي هيڪاندو مذهبي ٿي پيو هو. نيڪ ته اڳھين هو، هاڻ سندس گھڻو وقت مسجد ۾ گذريو ٿي. بقول اسلام آباد ۾ سندس ڪلاس ميٽ پيٽارين پاڙيسري ائڊمرل اظھر جي ” بخت عليءَ کي ان نيڪ راهه تي آڻڻ ۾ وڏو هٿ سندس زال جو آهي جيڪا تمام گھڻو ريليجس آهي.“
”بخت علي صحيح ٿو چئي،“ مون دل ئي دل ۾ سوچيو، ”جيڪو نصيب ۾ هوندو اهو ٿيندو. ڪموڊور جي رئنڪ به ته واقعي گھٽ ناهي.“ ۽ پوءِ مون ان بابت کانئس پڇڻ ئي ڇڏي ڏنو. ان ڳالهه کي اڃا مھنو به مس ٿيندو ته هڪ ڏينھن صبح ساڻ بخت عليءَ جو فون آيو.
”اڄ جي اخبار پڙهي؟“ هن پڇيو.
”نه، اڃا نه پڙهي اٿم. ڪا خاص خبر؟“ اهو پڇڻ وقت اخبار ڏي پڻ نظر ڊوڙائيندو رهيس ته سندس پروموشن جي خبر ڏٺم.
”يار مبارڪ هجنئي. سمٿنگ ويري گريٽ!“ مون چيومانس.
”توکي ضرور خوشي ٿي هوندي،” بخت عليءَ ٻئي پاسي کان ڳالهايو، ان ڪري پھرين پھرين توکي فون ڪيو اٿم.“
منھنجي خيال ۾ سال 2002 نه رڳو مون لاءِ پر سنڌ جي سڀني ماڻهن لاءِ خوشي پئدا ڪئي هوندي ته 55 سالن بعد هڪ ته مسٽر قلي بخش رند پھريون دفعو هن صوبي جو سنڌي چيف سيڪريٽري ٿيو آهي ۽ ٻيو بخت علي جماڻي جيڪو پڻ هن صوبي جو پھريون سنڌي آهي جيڪو Two Star جنرل جي عھدي تي پھتو آهي. ريئر ائڊمرل بخت علي جماڻي ۽ چيف سيڪريٽري ڪي بي رند ڪنھن به مير، پير، وڏيري يا ڪنھن ايم اين اي ۽ ايم پي اي جا پٽ نه آهن، جيڪي سفارش ذريعي وڌيا هجن. ٻئي ڄڻا هڪ غريب گھر ۾ پئدا ٿيا ۽ ٻنهي جو واسطو سنڌ جي ڳوٺن سان آهي جتي ضروريات زندگيءَ جون بنيادي شيون اڄ به موجود نه آهن. هنن انهن حالتن ۾ رهي، محنت ڪئي. امتحانن ۾ Positions حاصل ڪيون ۽ ترقيءَ جي ڏاڪڻ تي چڙهندا ويا.
هي ڪتاب بخت علي جماڻي کي منسوب ڪري رهيو آهيان پر هن وقت اهو ئي خيال دل ۾ اچي رهيو آهي ته هن انتساب جي وڌيڪ حقدار بخت عليءَ جي ماءُ آهي جنھن هڪ ڳوٺ ۾ رهي ڪري بخت علي ۽ سندس ڀائرن ڀينرن کي ان پوزيشن تي آندو. هن کي ان لاءِ ڇا ته محنت ۽ جدوجھد ڪرڻي پيئي هوندي. هن گهر جي خرچ ۾ مدد ڪرڻ خاطر نوڪري (ماستري) به ڪئي ٿي ته پنھنجن اٺن ٻارن (پنج پٽن، ٽن ڌيئرن) جو نيپاج به ڪيو ٿي. کيس سٺي تعليم ۽ تربيت ڏيڻ سان گڏ نماز ۽ روزي جو پابند پڻ بنايو. پاڻ انهن عورتن لاءِ مشعل راهه آهي جن کي فقط ٻه يا ٽي (ٿورا) ٻار آهن، نوڪر چاڪر ۽ گاڏيون بنگلا آهن ان هوندي به هر وقت ڪُر ڪُر ۽ شڪايتون ڪنديون رهن ٿيون ۽ پنھنجي جوابداري قبول ڪرڻ بدران ماحول ۽ ماسترن تي الزام ٿڦينديون رهن ٿيون ته سندن ٻارن جي ڪوتاهيءَ ۾ انهن جو هٿ آهي. ذرا اڄ کان اڌ صدي اڳ “پير جي ڳوٺ” جھڙي هڪ سنڌ جي ڏورانھين ڳوٺ جو سوچيو جتي ۽ جڏهن اڃا نه لائيٽ هئي ۽ نه ئي سئي گئس. اتي هڪ ماءُ لالٽين ٻاري پنھنجن ٻارن کي تڏي تي وهاري پڙهڻ لاءِ چوندي هئي. ڪاٺيون ٻاري هنن لاءِ ماني پچائيندي هئي. صبح جو فجر تي اٿاري نماز پڙهائڻ بعد کين ويھي کوڙا ياد ڪرائيندي هئي. انهن ڏينھن ۾ نه پيزا هئا نه هئمبرگر. نه گاڏيون هيون نه وي سي آر. انهن ڏينھن ۾ ٻار کير ڀت کائي سمهندا هئا ۽ صبح جو اڻڀي ماني ڏُڌ سان يا وڏي عياشي ته چانھه سان کائي ميل پنڌ جو ڪري اسڪول ويندا هئا. کيڏڻ لاءِ ڪجھه نه هو ته به هيءَ ماءُ ٻارن کي چست رکڻ لاءِ روزانو ڪجھه دير ڊوڙ ڊڪ ضرور ڪرائيندي هئي. پيٽارو ۾ اچڻ بعد بخت عليءَ کي سندس والده هر خط ۾ اها تلقين ڪندي هئي ته سٺي ذهن لاءِ تندرست جسم ضروري آهي، ان ڪري تون راندين کان نه گُسائجانءِ. ڪنھن کي گار نه ڏجانءِ، ڪنھن سان جھيڙو نه ڪجانءِ. باقي ڪو غلط ڳالهه ڪري ته هميشه حق جي ورندي ڏجانءِ ۽ هي چئيوان پٽ اڄ به ان تي عمل ڪندو اچي. ماءُ طرفان مليل ٽريننگ موجب اڄ به بخت عليءَ جا ڀائر ڀينرون ۽ انهن جو اولاد پڻ نماز روزي جا پابند آهن ۽ سندن الله تي ئي توڪل هلندو اچي. ماڊرن دور جون خوبصورت رنگينيون کيس detract نه ڪري سگھيون آهن. بخت علي اڄ به سادگي واري زندگي گذاري ٿو. اهي ماڻهو جيڪي غيرقانوني طرح پئسو ڪمائي پاڻ کي سوسائٽي جا اهم ماڻهو سمجھن ٿا انهن مان بخت علي نه Impress آهي ۽ نه انهن جي ويجھو رهڻ پسند ڪري ٿو. هو نوجوانن کي هميشه اهائي نصحيت ڪندو رهي ٿو ته ”محنت ڪريو، حق حلال جي روزي کائو. زندگي سادگيءَ ۾ به گذريو وڃي.“
بخت عليءَ جي ڊيٽ آف برٿ ڏهين اپريل 1947ع آهي. پاڻ شروع وارا سال پير جي ڳوٺ ۾ پڙهڻ بعد ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ آيو، جتي پنج سال رهڻ دوران مئٽرڪ ۽ انٽر ڪيائين. ان بعد پاڪستان نيويءَ ۾ چونڊيو جتي هن اليڪٽرانڪ ۾ B.E ڪئي ۽ وڌيڪ تعليم انگلينڊ ۽ فرانس مان حاصل ڪئي. مختلف نيول جھازن (خاص ڪري آبدوزن) ۽ نيول ادارن ۾ نوڪري ڪرڻ بعد اڄ ڪلهه هو نيول هيڊ ڪوارٽرس ۾ آهي. 20 اپريل 2002ع تي کيس ريئر ايڊمرل جي رئنڪ ڏني وئي جيڪا آرمي جي ميجر جنرل برابر آهي. کيس ستاره بسالت ۽ ستاره امتياز (ملٽري) جھڙا ايوارڊ پڻ مليل آهن. اڄ ڪلهه هو پنھنجي زال حميده ۽ ٽن ٻارن احمد علي، صنعا ۽ بختاور سان گڏ اسلام آباد ۾ رهي ٿو.

الطاف شيخ
ڪراچي
پهرين سيپٽيمبر 2002

هني مون تي مليل خط

مون جڏهن الطاف شيخ جو سفرنامو ”بوتلن جو سفر“ پڙهڻ شروع ڪيو ته مون کي لڳو ته آئون ڄڻ ته ايڊونچر جي دنيا ۾ گھمي رهيو هئس.
توڙي جو الطاف سنڌي سفرنامي جي حوالي سان تمام مقبول ۽ گھڻو پڙهيو ويندڙ ليکڪ آهي پر مون کيس تمام ٿورو پڙهيو آهي ۽ آئون سنڌي ٻوليءَ جي جڙاءَ، ڳالهه کڻڻ ۽ کُٽائڻ جي انداز، سامونڊي ڪنارن، ملڪن جي تاريخ ۽ جاگرافي جي ڄاڻ کان متاثر آهيان.
مون هي ڪتاب پڙهندي تصور پي ڪيو ته گهر ۽ خانداني ماحول کان ڏور ماڻهوءَ جون تخليقي صلاحيتون وڌي نکار ڏيکارينديون آهن ۽ لکڻ لاءِ اتساهه جو ذريعو بڻبيون آهن. ان صورتحال ۾ اهو سوال ذهن تي آيو ته هن يگاني ليکڪ جو سڄو رومانس، يادگيريون، خط ۽ ڊائري ۾ اوتاريل انهن لمحن جون تصويرون ڪيترو Nostalgic ٿي سگھن ٿيون؟
اصل ۾ اها صلاح به الطاف جي هئي ته جھاز ۾ گڏ ٿيل سوين خالي بوتلن ۾ هڪ مختصر خط جون ڪاپيون بند ڪري اهي بوتلون سمنڊ کي ارپي بوتل جي هڪ نرالي سفر نامي جو آغاز ڪيو وڃي.ظاهري طور تي اهو عمل وقت پاس ڪرڻ لاءِ هڪڙي وندر هئي پر ليکڪ چواڻي ته انهن بوتلن ۾ بند خطن ترڻ وارو منظر جھاز جو اهو اسٽاف دور دور تائين ڏسڻ لاءِ بيچين رهيو. سمند جي ڇولين جي ور چڙهي ويل بوتلن ۾ بند خط جون ڪاپيون ڪيئن ڇڙوڇڙ ٿي ويون ۽ هڪ وڏي عرصي کانپوءِ هڪ نو ورني ڪنوار مسز جينيفر پنھنجي مڙس سان گڏ ڏکڻ آفريڪا جي شھر ايسٽ لنڊن جي سامونڊي ڪناري تي ”هني مون“ ملهائڻ دوران اُس تي پَسار ڪندي هڪ بوتل لڌي هئي، جنھن ۾ اهو خط محفوظ هو . ان بوتل جو طويل سفر خود هڪ ناول جو موضوع آهي بھرحال هڪ نو ورني ڪنوار جي هٿن جي ڇُھاءُ ۾ آيل اهو خط ۽ ان ۾ لکيل ڏس تي آيل اتساهندڙ جواب اهڙا موضوع آهن جيڪي الطاف شيخ جھڙو تخليقي ماڻهو ئي پيدا ڪري سنڌ جي شاعراڻين دلين جي ماٺي سمنڊ ۾ لھرون پيدا ڪري سگھي ٿو.
الطاف شيخ کي واندڪائي جي لمحن ۾ دوست بڻايل ڪتاب به سندس ذهن کي Fuel ڏيئي تازو توانو رکن ٿا ۽ هو انهن ليکڪن جي زندگي، سندس تخليق جا ڪمال ۽ وقت جي لمحن جي اهميت مان اتساهه وٺي ٿو. مارڪو پولو، وڪٽر هيوبگو کان نيپولين بونا پارٽ تائين الطاف نه صرف سندن يادگيرين، شاهڪار ناولن ۽ سفرنامن کي پڙهي ٿو پر هوانهن جي زندگي جي اذيتن، ارڏاين ۽ سندن تخليقي سگھه جي گھرائي ۾ وڃي مشاهدو ماڻي ٿو. هو انهن شخصيتن جي شجرن ۽ سندن ملڪن جي تاريخ ۽ حالتن کي اٿلائيندو پٿلائيندو ڄاڻ جا ڪئين خزانا آڻي پڙهندڙن آڏو رکي ٿو. جنھن مان جيڪو به چاهي نيون ڪھاڻيون گهڙي سگھي ٿو.
شاعر يا آرٽسٽ ته جيل جي تنھائي، ڪال ڪوٺڙي، ڦاسيءَ جي انتظار ۽ عدالت جي بي رحمي جو تصور ڪندي به خوبصورت شعر گھڙي ٿو ۽ انهن ئي ڪيفيتن کي ايڏي شانائتي نموني اظھار ڪري ٿو جو اهي تخليقون پڙهندڙن تائين پھچندي شاهڪار آرٽ جو روپ ڌارين ٿيون. بھرحال تنھائي ۽ گهر کان دُوري ته دنيا جي جابرن جي دلين تي به شاعراڻو رنگ چاڙهي ڇڏي ٿي ۽ اهڙو ئي اظھار هن ليکڪ مارڪو پولو جي 15 سالن جي جيل جي تنھائي ۾ لکيل ڪتاب ۽ نيپولين بونا پاٽ جي سينٽ پيٽ تي گھاريل زندگي جي آخري ڇھن سالن دوران لکيل ياديگرين تي به ڪيو آهي.
الطاف شيخ جو هي ڪتاب هڪڙي ايڊونچر تخليق جو سنگم آهي. وسيع ڄاڻ سان ڀرپور مختصر دنيا جو طويل سفرنامو جتي رڳو سمنڊ ۽ خطرا آهن ۽ ان تي جھاڳندڙ جھاز آهي. ڪراڙي بنگالي ڪئبن بواءِ جي معصوميت ۽ بابو مڪراني جي ارڏائي آهي ۽ جھاز تي ويٺل انسانيت جي جذبي سان ڀرپور ماڻهو آهن جيڪي سفر دوران سمنڊ ۾ ٻڏندڙ ماهيگيرن کي سندن مذهب، رنگ ۽ نسل کان مٿانھون ٿي بچائڻ لاءِ ڪوششون ڪن ٿا ۽ ائين هر لمحو ڄڻ ته نئين ڪھاڻي آهي ۽ ليکڪ هڪڙو اهڙو آرٽسٽ آهي جيڪو جھآز جي آوازن ۽ ڇولين جي شور کي به پينٽ ڪندو ٿو رهي.
ڪتاب پڙهندي لڳي ٿو ته ماڻهو پاڻ سفر ۾ آهي ۽ الطاف جا ٻڌايل نقشا ۽ جاگرافي پڙهندڙ لاءِ سونھان آهن. اهو سڄو ايڊونچر پڙهندڙ پاڻ پرکيندو ٿو رهي. ان حد تائين جو ليکڪ جھاز جي لوڏن ۽ سمنڊ جي ڇولين جي ڪيفيت کي اهڙي فنائتي انداز سان پينٽ ڪري ٿو جو پڙهندڙ انهن اڻ ڏٺل منظرن جو تصور ڪندي شاعريءَ لاءِ سوچڻ لڳي ٿو. بھرحال ليکڪ وقت جي اهميت کي سمجھندي واندڪائي مان اهڙو ڪم ورتو آهي جنھن سندس زندگيءَ ۽ عمر کي صدين تائين وڌائي ڇڏيو آهي.
هونئن ته عام زندگيءَ ۾ ڪوئن، مڇرن ۽ مکين جي آزار ۽ اذيتن کي ته اڪثر ماڻهو ڀوڳين ٿا پر سمنڊ ۾ جھاڳيندڙ جھاز جي مڇرن ۽ ڪوئي جي زيان، ان جي معمولي حرڪتن، طوفان کان سونھين هئڻ جي علامتن تي جڏهن ليکڪ اظهار ڪري ٿو ته ماڻهو تصور ڪري ٿو ته ڪاش! ڪوئي کي سمنڊ ۾ ٽپو ڏيندي ۽ حرڪت ڪندي ڏسجي. ليکڪ جو ڪمال اهو آهي ته ڪوئي تي لکڻ لاءِ هو جھاز جي ارتقا توڙي ڪوئي جي واڌ، ويجھه ۽ نسلن جا پيرا کڻڻ لاءِ وسيع مطالعو ۽ مشاهدو ڪري ٿو ۽ ٻڌائي ٿو ته سڌريل دنيا پرڏيھي ماڻهن توڙي پکين ۽ جانورن تي به نظر رکي ٿي ۽ کين ائين جھاز جي ذريعي ڪنھن معمولي جيت ۽ پکين کي سرحدن ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ سڀ گھرجون پوريون ڪرڻيون پون ٿيون ته جيئن ڪنھن به انساني بيماري پکڙجڻ جي امڪان کي فوري طور منھن ڏئي سگھجي.
سنڌ جو هي سيلاني پنھنجي زندگيءَ جي سفر دوران آڏو ايندڙ هر واقعي کي پنھنجي دماغ جي ڪمپيوٽر ۾ محفوظ ڪندو ٿو رهي ۽ وقت ملڻ تي اهي سڀ شيون فلٽر ڪري، ذهن کي تازو توانو رکندڙ ڳالهين کي چونڊي ٿو جيڪي نئين نڪور شاعري جا موضوع به ٿي سگھن ٿا، خوبصورت ڪھاڻين جا پلاٽ ۽ پينٽنگ ۽ آرٽ لاءِ شاهڪار منظر به ٿي سگھن ٿا.


جان خاصخيلي
ماڙيپور _ڪراچي.
12 ڊسمبر 2002

سمنڊ ۾ ٻڏندڙن کي بچايو

هڪ دفعي اسان جو جھاز سري لنڪا جي بندرگاهه ڪولمبو کان منيلا (فلپين) وڃي رهيو هو. ڪولمبو هندي وڏي سمنڊ ۾ آهي ۽ منيلا ڏکڻ چيني سمنڊ ۾. ڏکڻ چيني سمنڊ (South China Sea) ۾ پھچڻ لاءِ ملاڪا جو ڳچي سمنڊ (گھٽي يا سوڙهو سمنڊ) ٽپڻو پوي ٿو. ملاڪا ڳچي سمنڊ (Malacca Strait) جي هڪ پاسي انڊونيشيا جو وڏي ۾ وڏو ٻيٽ سماترا آهي ته ٻئي پاسي ويسٽ ملائيشيا جنھن جا ٽي مشھور بندرگاهه: پينانگ، پورٽ ڪلانگ (ڪوالالمپور) ۽ ملاڪا هن ڳچي سمنڊ ۾ آهن. ملاڪا اڄ ڪلهه جي حساب سان ننڍو بندرگاهه آهي، پر صدين تائين اهو ئي هن پاسي جو اهم ۽ واحد بندرگاهه هو. بلڪ ملاڪا تان ئي هن ڳچي سمنڊ جو نالو ملاڪا ڳچي سمنڊ (Malacca Strait) پيو. ملاڪا جو مڪاني زبان ”ملئي“ ۾ نالو ميلاڪ َ (Melaka) آهي.
اسان ڪولمبو چئين بجي صبح جو ڇڏيو ۽ جھاز هندي وڏو سمنڊ جھاڳڻ شروع ڪيو.هندي وڏي سمنڊ (بحر هند) جو اهو حصو خليج بنگال (Bay of Bengal) سڏجي ٿو جيئن بحرِ هند جو اهو حصو جيڪو بمبئي، گوا، ڪراچي ۽ لکديپ ٻيٽن کي ڇُھي ٿو، اهو عربي سمنڊ سڏجي ٿو. بھرحال ٻئي ڏينھن سج لٿي ڌاري اسان جيئن ئي نڪوبار ٻيٽ لتاڙي ملاڪا ڳچي سمنڊ ۾ گھڙي پنھنجي گھٽي (Sea Lane) ورتيسين ته پريان ڪجھه ماڻهن کي ٻڏندي ڏٺوسين جيڪي مدد لاءِ اشارا ڪري رهيا هئا. ڪاٺ جا وڏا وڏا بنڊ تري رهيا هئا جن تي هو چھٽيا پيا هئا. اسان جو جھاز ته فل اسپيڊ ۾ هو جيسين ڊيوٽي وارو نيويگيشن آفيسر جيڪي هن ڏٺو ڪئپٽن کي ٻڌائي ۽ ڪو فيصلو ڪيو وڃي، تيسين جھاز ڪافي اڳتي نڪري ويو. ڪئپٽن اهو ئي فيصلو ڪيو ته هر صورت ۾ انساني جانيون بچائڻ کپن پوءِ اهي چاهي سامونڊي ڦورو (قذاق) هجن، ڪنھن جھاز يا ٻيڙيءَ جا مسافر يا ڪنھن لڙهي ويل ٻيٽ جا رهاڪو. آئون ان جھاز جو چيف انجنيئر هوس هن مونسان رفتار گھٽائڻ ۽ پٺيان موڙڻ جي صلاح ڪئي. هون ءَ نارمل حالتن ۾ جھاز جي رفتار گھٽائڻ يا بيھارڻ لاءِ گھٽ ۾ گھٽ ٽن چئن ڪلاڪن جي اڳ جي تياري ضروري هوندي آهي، جيئن اسپيڊ گھٽائڻ لاءِ جيڪي حالتون پئدا ڪرڻيون پون ٿيون، اهي اهڙي نموني ۽ مقرر وقت سان ڪيون وڃن، جو جھاز جي انجڻ کي نقصان (Thermal Shock) نه پھچي. پر هي ايمرجنسيءَ جو معاملو هو ۽ انساني جانيون بچائڻيون هيون.
جھاز جي رفتار ته گھٽجي وئي پر جنھن سمنڊ (ملاڪا ڳچي سمنڊ) ۾ جھاز هو اهو سمنڊ کلئي سمنڊ جي مقابلي ۾ بيحد سوڙهو آهي. ان سوڙهي سمنڊ جو نقشي تي اڌ ڪيو ويو آهي. هڪ اڌ وڃڻ وارن جھازن لاءِ ٻيو اچڻ وارن لاءِ، جيئن پڪي رستي تي وچ ۾ اڇا پٽا ٺاهي رستو مقرر ڪيو ويندو آهي ته پٽي جي هڪ پاسي ويندڙن جو رستو ته ٻئي پاسي ايندڙن جو. سمنڊ تي ظاهر آهي ڪو نشان يا جھنڊو نٿو هڻي سگھجي پر نقشي تي جنھن کي Navigation Chart سڏجي ٿو IMO جھڙي بين الاقوامي اداري طرفان ان تي ليڪ ڏنل آهي ته اها ٽپي ٻئي پاسي وڃڻو ناهي ۽ انهن نقشن ۽ حُڪمن کي دنيا جا سڀ جھاز فالو ڪن ٿا _ چاهي روسي هجن، اسرائيلي هجن يا ايراني. بھرحال جيئن تيئن ڪري جھاز کي موڙيو ويو ۽ ڪئپٽن ريڊيو وائرليس ذريعي اعلان ڪرايو ته اسان هن ايمرجنسي ڪري موڙي رهيا آهيون ۽ نه فقط مڙي رهيا آهيون پر ساڳي Sea Lane ۾ هونداسين جيسي ٻڏندڙڻ کي کڻي وٺون. اهو اعلان ان لاءِ ضروري هو جيئن سؤ سوا سؤ ميلن اندر جيڪي جھاز اچي وڃي رهيا هئا اهي خبردار ٿي وڃن ۽ اڃا به جي بھتر سمجهن ته رفتار گھٽائي ڇڏين، جيئن اسان جي جھاز سان ٽڪر ٿيڻ کان پاڻ بچائي سگهن. اعلان ۾ اسان پنھنجي پوزيشن به ٻڌائي پئي ته اسان جو جھاز فلاڻي نالي ۽ سگنل وارو هن ويڪرائي ڦاڪ (Latitude) ۽ ڊگھائي ڦاڪ (Longitude) تي آهي. پاڻيءَ جي جھاز هلائڻ ۾ اهو مسئلو آهي ته ان کيموٽر ڪار وانگر جتي وڻي اتي بريڪ هڻي بيھاري نٿو سگھجي. بلڪ پاڻيءَ واري جھاز ۾ بريڪ ٿئي ئي ڪانه! جتي بيھارڻو هوندو آهي اتي کان ڪجھه ميل اڳواٽ انجڻ بند ڪرڻي پوندي آهي ۽ اهي ”ڪجھه ميل“ ٻه ميل به ٿي سگھن ٿا، ٽي ميل به ته چار پنج ميل به! ان جو حساب جھاز جي رفتار ۽ وزن مطابق لڳايو وڃي ٿو. ان سان گڏ تجربي، سمنڊ جي وهڪري، هو اجي رخ ۽ رفتار کي پڻ ڌيان ۾ رکيو وڃي ٿو.

ٻڏندڙ انڊونيشيا جا هئا
جتي ماڻهو ٻڏي رهيا هئا ۽ اسان کي مدد لاءِ سڏي رهيا هئا انهن جي ويجھڙائيءَ ۾ پھچي ڊگھي رسيءَ ذريعي ٽي چار لائيف بئاءِ اڇلاياسين جيئن هو انهن تائين تري اچن ۽ رسي کي جھلين ته انهن کي جھاز جي ڏاڪڻ ڏي ڇڪي سگھجي. جھاز کي بلڪل انهن وٽ آڻڻ ۾ اهو خطرو هو ته جھاز جي هلندڙ پکي (Propeller) جي ڇڪ (Suction) ڪري اهي ماڻهو جھاز جي پکي ۾ اچي ڪپجي سگهيا ٿي. ساڳي وقت اهو سمنڊ جو حصو اهڙو هو جتي جھاز کي بند به نٿي ڪري سگهياسين. جھاز جو آهستي آهستي هلڻ ضروري هو. ڇو جو جھاز جي انجڻ بند رکڻ سان جھاز جي Drift ٿيڻ (هيڏانھن هوڏانھن لڙهي وڃڻ) جو خطرو هو. هندي سمنڊ، ائٽلانٽڪ _ ويندي عربي سمنڊ هجي ها ته انجڻ بند ڪري ڇڏجي ها. جھاز ڀلي پيو ڊرفٽ ٿئي ها، چوڌاري سوين ميلن تائين سمنڊ ئي سمنڊ آهي، پر هتي ٻنهي پاسن کان زمين ويجھي هئي. جھاز کي بنا ڪنٽرول جي رکڻ تي اهو خشڪي تي چڙهي وڃي ها ۽ جھاز جو ترو هڪ دفعو زمين تي لڳڻ سان (يعني جھاز جو گرائونڊ ٿيڻ) جھاز لاءِ مصيبت ثابت ٿيندو آهي. پوءِ جھاز جي انجڻ کي کڻي ڪيڏو به اڳيان پويان هلايو، پر جھاز کونئر وانگر تري سان چنبڙي ويندو آهي. پوءِ جيسين ڪو ٻيو جھاز اچي ان کي ڇڪي يا (۽) جھاز مان سامان ڪڍرائي هلڪو ڪجي، جيئن جھاز مٿي کڄي وغيره. بھرحال انهن ڪمن تي وڏو خرچ اچي ٿو ۽ اهڙا خرچ جھاز کي ته کڻي هلرائي سگھن ٿا، پر انهن جي مالڪن جي دل کي اڪثر بيھاريو ڇڏين.
رات جي اونداهي ٿي وئي هئي پر لائيف بئائن تي لڳل بتيون ڏسي ٻڏندڙ انهن تائين آيا ۽ پوءِ اسان رسيءَ ذريعي کين ڇڪي مٿي چاڙهيو. لائف بُئاءِ ڦيٿي وانگر گول ٿئي ٿو جيڪو ٻوچن واري ڪاٺ (Cork) جو ٺھيل هوندو آهي ۽ ايترو هلڪو ٿئي ٿو جو ماڻهوءَ جو وزن به ان کي ٻوڙي نٿو سگھي. سمنڊ ۾ ٻڏندڙ کي جھاز وارا اهو لائيف بُئاءِ (Life Buoy) ئي اڇلي ڏيندا آهن، جيئن هو ان کي جھلي بيھي ۽ ٻڏڻ کان بچي وڃي. لائيف بُئاءِ جي چوڌاري رسي به ٿئي ٿي ۽ بيٽري (Cell) تي ٻرندڙ بلب پڻ. ڪن ڪن ۾ سيٽي به هوندي آهي جيئن ٻڏندڙ اها وڄائي جھاز وارن جو ڌيان ڇڪائي سگھي. سمنڊ ۾ ٻڏندڙ ماڻهن کي مٿي ڇڪيوسين ته خبر پيئي ته سڀ انڊونيشيا جا آهن. هونءِ به سمنڊ جي هن حصي ۾ ماڻهن جو واسطو گھڻو ڪري انڊونيشيا يا ملائيشيا سان هوندو آهي، جو هن سامونڊي لنگھه (ڳچي سمنڊ) جي هڪ پاسي ملائيشيا آهي ته ٻئي پاسي انڊونيشيا جو وڏو ٻيٽ سماترا ۽ ٻيا هزارين ننڍا ننڍا ٻيٽ آهن جن تي رهندڙ ماڻهو هڪ ٻيٽ کان ٻئي تي گھمڻ ڦرڻ لاءِ يا سمنڊ تان مڇيون ڦاسائڻ جي خيال کان ٻيڙين ۾ نظر اچن ٿا. ٻيڙيون به سوين هونديون آهن . ڪي وڏيون ڪي ننڍيون جيئن اسان وٽ رستن تي ڪارون، بسيون، ٽرڪون ۽ سوزڪيون هلنديون رهن ٿيون ۽ جھڙي طرح ڪناري تي ماڻهن جا گھر آهن ڪي وڏا بنگلا ته ڪي ڪچا گھر ۽ جهونپڙيون اهڙي طرح سمنڊ جي هن حصي ۾ هلندڙ ڪي ٻيڙيون مضبوط ڪاٺ جون وڏيون ۽ ماڙين واريون آهن ته ڪي غريباڻيون ننڍڙيون ۽ پراڻِيون آهن جيڪي سامونڊي لھرن جي لپيٽ ۾ يا هوائن جي هنڀوڇيءَ ۾ چيڀاٽجيو پون يا ٽٽيو پون.

سڀني کي سنگاپور وٺي آياسين
مٿي چڙهي آيل هنن اڌ درجن کن ماڻهن ٻڌايو ته هو هڪ ننڍڙي ڪاٺ جي انجڻ تي هلندڙ جھاز جو عملو (Crew) آهي. هو سماترا ٻيٽ تان ڪاٺ جا بنڊ سامان (Cargo) طور کڻي نڪوبار ٻيٽ تي پئي ويا جتي کين پھچائڻا هئا ته سندن جھاز جا هيٺيان تختا نڪري ويا ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ٻڏي ويو. وڏي مشڪل سان هنن پنھنجا ڪاغذ پٽ ۽ جان بچائي آهي. سندن پاسپورٽ نما سامونڊي سفر جي ڪتاب CDC مان خبر پيئي ته هو واقعي جھاز هلائيندڙ ڪئپٽن ۽ ٻيا آفيسر هئا. نڪوبار ٻيٽ هن ملاڪا ڳچي سمنڊ جي بلڪل منھن وٽ آهي. نڪوبار ۽ ان جي مٿان اتر ۾ مشھور انڊامان ٻيٽ هندستان جي ملڪيت آهن. هي ٻيٽ جيڪي اڄ ڪلهه خوبصورت چيا وڃن ٿا ۽ دنيا جا مسافر هتي گھمڻ لاءِ اچن ٿا، انگريزن جي حڪومت جي ڏينھن ۾ قيد خانا هئا جتي ننڍي کنڊ جا خطرناڪ قيدي ۽ آزادي لاءِ جدوجھد ڪندڙ سياستدان جنم قيد لاءِ موڪليا ويا ٿي ۽ هتي جي جيل جي سزا کي ڪاري پاڻيءَ جي سزا سڏيو ويو ٿي.
سمند ۾ ٻڏڻ کان بچايل انڊونيشي همراهن کي اسان سنگاپور وٺي آياسين جتي اسان کي ڪجھه ڪلاڪن لاءِ ترسي جھاز جي اڳتي جي سفر لاءِ تيل پاڻي خريد ڪرڻو هو. هنن انڊونيشي ٻڏندڙ همراهن انڊونيشيا يا ملائيشيا جي ڪنھن بندرگاهه ۾ لھڻ چاهيو ٿي پر ان ڪم لاءِ اسان هلي ملي هڪ نئون بندرگاهه Call ڪرڻ نٿي چاهيو جو هڪ ته جھاز کي موڙي کين سمند مان کڻڻ ۾ اسان جا چار پنج ڪلاڪ ضايع ٿي چڪا هئا ۽ هاڻ وڌيڪ وقت ضايع نٿي ڪرڻ چاهيو ۽ ٻي ڳالهه ته ڪنھن به بندرگاهه ۾ هڪ ڏينھن يا ان جو حصو ترسڻ لاءِ ٽي چار لک رپيا کن رڳو پارڪنگ جي في آهي. ان ڪري اسان کين سڌو سنگاپور وٺي آياسين، جتي اسان کي هونءَ ئي تيل لاءِ جھآز کي روڪڻو هو. هڪ هزار کن ٽن تيل وٺڻو هو، جنھن جي لاءِ جھاز جي مالڪ کي 60 لک رپيا ڏيڻا هئا ۽ اهڙو ڏهه پندرهن لک رپين جو جھاز جي عملي لاءِ پاڻي ۽ ڀاڄي ڀتي (گوشت، مڇي، اٽو، داليون، ميوو ۽ کير وغيره) وٺڻو هو سو مني ڪروڙ پٺيان بندرگاهه جي ٽي چار لک روپيه في وڏي ڳالهه ناهي.
سنگاپور پھچڻ سان _ بلڪه پھچڻ کان اڳ وائرليس ذريعي پنھنجي سنگاپوري آفيس جي ايجنٽ کي اطلاع ڪيوسين ته هيترو تيل، پاڻي ۽ راشن جو بندوبست ڪرڻ کان علاوه رستي تي پيش آيل هن واقعي موجب جھاز تي چاڙهيل هنن ماڻهن جي لاهڻ جو پڻ بندوبست ڪيو وڃي. اسان جي سنگاپوري جھاز ران آفيس جي انچارج سنگاپور ۾ موجود انڊونيشيا جي سفارتخاني کي ان وقت ئي اطلاع ڪيو. ٻئي ڏينھن سنگاپور جي ٻاهران پھچڻ سان انڊونيشيا جي ايمبسي وارن کي چيوسين ته پنھنجن ماڻهن کي اسان جي جھاز تان لاهي سنگاپور ۾ گھرائڻ جو بندوبست ڪريو يعني انهن جا ڪاغذ پٽ ٺھرائي سنگاپور جي اميگريشن وارن حوالي ڪريو ته اسان جي جھاز کي بندرگاهه ۾ گهڙڻ ڏين. ظاهر آهي اسان وٽ جھاز تي سفر ڪرڻ ۽ رهڻ جي اجازت جا ڪاغذ پٽ فقط انهن ماڻهن جا هئا جن هي جھاز هلايو ٿي _ يعني جھاز جي عملي جا.

‘سفري ڪاغذ’ هميشه پاڻ سان رکجن
ڪنھن ملڪ جي بندرگاهه ۾ اندر جھاز کي وٺي وڃڻ کان اڳ ان ملڪ جي اميگريشن پوليس، ڪسٽم پوليس ۽ صحت کاتي جو عملو کلئي سمنڊ (Open Sea) ۾ جھاز تي چڙهي چيڪ ڪري ٿو ته ماڻهن جا نالا ۽ تعداد صحيح آهي يا نه. انهن جي صحت صحيح آهي يا نه. ائين ته نه ڪو وچڙندڙ بيماري وارو هنن جي ملڪ ۾ پھچي، اها بيماري پکيڙي ۽ سامان ۾ ڪا اهڙي پابندي واري شيءِ : هٿيار، چرس، هيرا، سون وغيره ته نه آهي. ۽ پوءِ چڪاس بعد هو هر ڳالهه کان مطمئن ٿيڻ تي جھاز کي اندر گھڙڻ جي اجازت ڏين ٿا. جھاز تي رهندڙن کي اهو بندرگاهه ۽ ٻيا شھر گهمڻ جي ويزا ڏين ٿا.
هاڻ اسان جا ڪاغذ پٽ ته Clear ٿي ويا پر انڊونيشي همراهن جي ڪري جھاز کي ڇڏين ئي نه. اسان انڊونيشيا جي سفارتخاني ۾ فون ڪيو ته هو چون ته ماڻهن کي اسان ڏي آفيس ۾ موڪليو ته اچي پنھنجا ڪاغذ پٽ ٺھرائي وڃن.
اهڙن موقعن تي ملڪن جي حاڪمن ۽ انهن جي حڪومتي نظام جي خبر پوي ٿي. اسين جھاز وارا ۽ سنگاپور جو عملو انڊونيشيا جي سفارتخاني تي چٿرون ڪندا رهياسين ته هي ڪھڙا جاھل آهن. هنن کي کپي ته ٻيڙيءَ ذريعي هتي سمنڊ ۾ اسان جي جهاز تي پھچي پنھنجن ماڻهن جي گئرنٽي ڏين. ان بنا هو سنگاپور جي سر زمين تي ڪيئن قدم رکي سگهندا جڏهن ته کين نه ويزا ٿي ملي ۽ نه جھاز کي اندر ٿا ڇڏين. اسان جي جھاز جي ڪئپٽن کين سمجهايو ته اسان کي اڳتي جي وائيج (مسافري) پوري ڪرڻي آهي ۽ منزل تي (يعني منيلا) مقرر ڏينھن اندر پھچڻو آهي. هڪ ته اسان توهان جي ملڪ جي ماڻهن کي بچايو آهي ۽ هاڻ ان جي مھربانيءَ بدران اسان کي هتي delay نه ڪرايو.
ان بعد انڊونيشيا سفارتخاني جا ٻه ٽي ڄڻا موٽر بوٽ ذريعي آيا ۽ پھرين ته اسان کان پڪون پيا ڪن ته اهي ماڻهو واقعي سندن ملڪ جا آهن يا نه. ائين ٿي لڳو ڄڻ اسان ڪوڙ ڳالهائي رهيا هجون. اهو به چڱو جو هنن وٽ سفر جا documents پورا هئا ۽ اهو نيڪ ڪم ڪيائون جو جھاز ٻڏڻ کان اڳ هنن اهي ڪاغذ (پاسپورٽ، سي ڊي سي، شناختي ڪارڊ) وغيره پلاسٽڪ جي ٿيلهيءَ ۾ وجهي پاڻ سان ٻڌي ڇڏيا هئا. ۽ اهي عام ماڻهو به نه هئا. انڪم ٽئڪس ڀريندڙ جھاز جا آفيسر ۽ معزز شھري هئا. بھرحال انهن جا ڪاغذ پٽ جانچي پوءِ پاڻ سان پنھنجي جوابداري هيٺ سنگاپور وٺي ويا. پر نه. هاڻ پيو ياد اچي ته هنن کي سنگاپور ۾ نه وٺي ويا هئا جو چيائون ته سنگاپور ۾ بنا ويزا جي داخل ٿيڻ لاءِ ڊگهو پروسيجر آهي. سنگاپور کان، انڊونيشيا جي مختلف ٻيٽن ڏي روزانو ڪيتريون ئي پئسينجر فيريون اينديون وينديون رهن ٿيون. هو ڪا دير اسان جي جھاز وٽ بين الاقوامي سمنڊ ۾ بيٺا رهيا آخر هڪ لانچ (پئسينجرن جي ٻيڙي) جيڪا سنگاپور کان جڪارتا وڃي رهي هئي ان کي بيھاري هنن همراهن کي ان ۾ چاڙهي ڇڏيو ۽ سڀني سک جو ساهه کنيو. جھاز هلائيندڙن ۽ جھاز ۾ سفر ڪرڻ وارن لاءِ ضروري آهي ته پنھنجي سڃاڻپ ۽ سفر جا ڪاغذ پئسن سان گڏ هٿيڪا رکن ۽ اهڙن موقعن تي جھاز ٻڏڻ يا سڙڻ تي اهي ڪاغذ هنن انڊونيشي همراهن وانگر پاڻ سان گڏ کڻي پوءِ جھاز ڇڏين. سفري ڪاغذن بنا ان ماڻهوءَ کي سندس پنھنجو ملڪ به وڏن سورن سان قبول ڪري ٿو.

قوميت جو ڦڏو
هڪ دفعي اسان جو جھاز سريلنڪا جي بندرگاهه ڪولمبو کان دوحه (قطر) وڃي رهيو هو. هندوستان جي اولھه ڪناري وارن بندرگاهن: تِري وِندرم، ڪاليڪٽ، گوا، بمبئي ۽ پوءِ رڻ آف ڪڇ جي ڪناري وارو علائقو ڏيندا بدين، ٺٽو ۽ ڪراچي ڏي وڃڻ بدران خليج اومان ڏي رخ رکيوسين، جيڪو ٽپڻ بعد ايراني نار شروع ٿئي ٿو جنھن ۾ دبئي، دوحه کان علاوه ابوظھبي، دمام، راس تنبوره، ڪويت ۽ ايران جا بندر عباس ۽ بندر خميني جھڙا مشھور بندرگاهه پڻ آهن.
خليج عمان ۾ گھڙڻ وقت پاڪستاني بندرگاهه گوادر ۽ ايراني بندرگاهه ڇابھار جي سامهون هڪ چڱي وڏي ٻيڙي لڙهندي نظر آئي، جيڪا مدد لاءِ واجهائي رهي هئي. ان جي ويجهو اچڻ تي خبر پيئي ته پاڪستاني مھاڻن جي ٻيڙي آهي. هو هفتي کن کان ٻاهر نڪتل هئا. هڪ ڏينھن اڳ ۾ ان ٻيڙيءَ جي انجڻ جي Shaft (جيڪا انجڻ کي پروپيلر سان ڳنڍي ٿي) ٽُٽي پئي هئي ۽ هو هاڻ بنا انجڻ جي طاقت جي هيڏانھن هوڏانھن ڊرفٽ ٿي رهي هئي. رمضان جو مھينو هو سندن راشن به اچي کتو هو. اسان جو جھاز ڪنھن يورپين مالڪ جو، سنگاپور ۾ رجسٽرڊ ٿيل هو. جھاز جو ڪئپٽن پاڪستاني هو تنھن هنن کي جھاز تي کنيو ۽ جھاز جي مالڪن سان رابطو ڪرڻ بعد اهو ئي فيصلو ڪيو ويو ته هنن کي دوحه وٺي هلڻ بدران پاڪستان جي ئي پاڻيءَ ۾ پھچائجي، جتي جا هنن وٽ ڪاغذ پٽ آهن. ڇو جو دوحه (قطر) جي حڪومت ٿي سگهي ٿو ڌارين کي ڪجهه عرصو رکڻ لاءِ به قبول نه ڪري ۽ ماڳھين جھاز وارن ۽ جھاز جي مالڪن جي جوابداري ٿي پوي. ان ڪري اڌ ڏينھن ۽ تيل ضايع ٿئي ته ڀلي ٿئي پر جھاز کي ڪراچي ڏي موڙ ي هلجي.
در اصل ان معاملي ۾ دوحه يا ٻين ملڪن جو به ڏوهه ناهي. ملائيشيا ۽ سنگاپور جھڙن سُکن ستابن ملڪن ۾ اڪثر ٻڏندڙ ٻيڙين وارا پھچيو وڃن ۽ پوءِ کين وجهه لڳي ٿو ته ملڪ اندر داخل ٿيو وڃن. پڪڙجڻ جي حالت ۾ اهي چاهي کڻي بنگلاديش جا بنگالي هجن يا هندوستان جي مشرقي بنگال ڪلڪتي وغيره جا پر اهي پنھنجو پاڻ کي پاڪستاني ظاهر ڪن ٿا ۽ انهن کي پاڪستان روانو ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي سفارتخاني کي ٻڌايو وڃي ٿو. ۽ پوءِ هڪ قسم جو بحث مباحثو شروع ٿيو وڃي.
پاڪستاني سفارتخاني وارا: ”هي اسان جا ماڻهو نه آهن. هي بنگالي آهن ۽ بنگلاديش جا آهن.“
بنگلاديش سفارتخاني وارا: ”نه اسان جا به نه آهن. ڪيئن ٿا چئو ته بنگلاديش جا آهن؟“
سنگاپور اميگريشن پوليس يا پاڪستاني سفارتخاني وارا: ”ان ڪري جو هي بنگالي ٿا ڳالهائين.“
”ته ان جو مطلب اهو ته نه ٿيو ته بنگلاديش جا آهن. پاڪستان ۾ لکين بنگالي رهن ٿا ۽ هو بنگالي به ڳالهائين ٿا. ڪلڪتي ۾ به ته لکين بنگالي ڳالهائيندڙ آهن. برما جي مغربي ڪناري جا هزارين رهاڪو بنگالي ڳالهائين ٿا. ان جو مطلب اهو ته نه ٿيو ته اسان هنن کي بنگلاديش ۾ رهايون. مثال طور اسان کي انگريزي اچي ٿي ته ان جو مطلب اهو ته نه آهي ته انگلنڊ وارا اسان کي رهائين.“ بنگلاديش سفارتخاني وارا ورندي ڏيندا آهن.
بھرحال اهڙن موقعن تي جڏهن ٻڏندڙن وٽ سفري ڪاغذ نه هوندا آهن ته ميزبان ملڪ توڙي ڌارين ملڪن جي سفارتخانن لاءِ اُهي پريشانيءَ جو باعث بڻجي ويندا آهن. ڪن صورتن ۾ کڻي پڪ به هجي. مثال طور انگلينڊ يا فرانس جي سرزمين تي غيرقانوني طور ڪي پنجاهه کن سريلنڪا جا ماڻهو داخل ٿيندي پڪڙجيو پون ٿا. اتي جي حڪومت سريلنڪا جي سفارتخاني وارن کي گهرائي ٿي ته هنن کي کارائڻ پيارڻ، دوا درمل ۽ واپس وطن موڪلڻ جو بندوبست ڪريو. هاڻ اسان جھڙن ٽين دنيا جي ملڪن جا ڌارين ملڪن ۾ سفارتخانا ايڏا امير ته نه آهن جو هن قسم جون چَٽيون ويٺا ڀرين.
خراب موسم ۾ وڏا جھاز به ٻڏيو وڃن
جھاز جي ڪئپٽن هنن مھاڻن کي چيو ته هو ڀلي پنھنجي ٻيڙيءَ ۾ رهن ۽ اسان جھاز جي رفتار گهٽ رکي ٻيڙيءَ کي رسي ذريعي ڇڪيون ٿا. کين وائرليس ۽ رنگين شعلا فائر ڪرڻ لاءِ پستول ڏنا ويا جيئن ڪو مسئلو ٿئي ته جھاز وارن کي اطلاع ڪن جيئن جھاز کي بيھاريو وڃي.
ڪراچيءَ کان ڪافي اڳ پھچي جھاز کي روڪيو ويو، جو ان جھاز تي ڪراچي جي ويجهي واري علائقي جو نقشو (چارٽ ) نه هو جنھن کي ڏسي اڳتي وڌجي. بنا چارٽ جي وڏي جھاز لاءِ تکي رفتار ۾ هلڻ ڏکي ڳالهه آهي، جو ڪھڙي خبر ته ڪٿي پاڻي اونهو آهي ۽ ڪٿي تانگهو ۽ ڪٿي خطرو نه آهي ۽ ڪٿي سمنڊ اندر جبل يا ٻيٽ آهن يا ڪو ڀڳل جھاز آهي. ان معلومات بنا يعني نقشي بنا هي وڏا جھاز انهن سان لڳي ڀڄي سگهن ٿا.
ڪراچيءَ جي ويجهو پھچي ڪراچي جي ڪوسٽ گارڊ، اميگريشن ۽ نيوي وارن کي مقرر ٿيل فريڪنسي تي وائرليس ذريعي اطلاع ڪيو ويو. پھرين ته هو مختلف سوال پڇندا رهيا ته ڪيڏي وڏي ٻيڙي آهي؟ ڪيترا ماڻهو آهن؟ واقعي پاڪستان جا آهن يا ڪي ڌاريان به آهن؟ ان بعد هنن اسان جي جھاز جي پوزيشن معلوم ڪئي ته سمنڊ جي ڪھڙي حصي تي لنگر انداز آهيون، جيئن اتي هو پھچي هنن مھاڻن جي مدد ڪن. اسان کي ڪجهه ڪلاڪ انتظارڪرڻو پيو جيئن اتي جون ضروري ڪارروايون پوريون ڪري هو نڪرن. سمنڊ خراب هجڻ ڪري اسان جا ماڻهو بي صبر ٿي رهيا هئا ته ٻيڙيءَ وارن کي اتي ئي ڇڏي هاڻ هلڻ کپي جو هو سلامتيءَ واري هنڌ تي آهن. پر جھاز جو ڪئپٽن انتظار ڪندو رهيو. ڇو جو سمنڊ تي ماڻهو بچائڻ بعد انهن کي ائين ڇڏڻ بدران ڪنھن جوابدار اٿارٽيءَ جي حوالي ڪرڻ ضروري آهي، ڇو جو ٿي سگهي ٿو ته رستي تي ڪو مري وڃي ۽ ٻيا جھاز وارن تي ڏوهه مڙهين. ۽ ڪي واقعي اهڙا ظالم ۽ بي حس به ٻڌڻ ۾ آيا آهن جن ۾ ٻڏندڙ ماڻهن يا ٻيڙين جي مدد ڪرڻ بدران کين ٻوڙيو ويو آهي، جيئن ثبوت طور ڪو به جيئرو نه رهي سگهي جو اها شاهدي ڏئي ته سندن ٻيڙي ٻڏڻ وقت فلاڻو جھاز لنگهي رهيو هو پر ان هنن کي نه بچايو. بين الاقوامي قاعدي قانون موجب لنگهندڙ جھاز وارن کي ٻڏندڙن جي مدد ڪرڻ کپي پر وقت جي زيان، تيل جي کپت ۽ قانون جي پيچيدگين کان بچڻ لاءِ ڪيترائي جھاز ڪن لاٽار ڪريو وڃن ۽ ٻڏندڙن کي نٿا بچائين.
پورن چئن ڪلاڪن بعد پري کان هڪ ٻيڙي ايندي نظر آئي، جنھن ۾ موجود نيول آفيسرن حوالي هي مھاڻا ۽ ڀڳل Shaft واري ٻيڙي ڪئي وئي. هنن پاڻ سان مھرباني مڃڻ جو خط نه آندو هو سو جھاز جي ڪمپيوٽر تي ان قسم جو خط ٽائپ ڪري ڏنائون ته بچايل ماڻهو صحيح سلامت مليا آهن ۽ جنھن لاءِ جھاز جي عملي ۽ مالڪن جي حڪومت پاڪستان ٿورائتي آهي.
ان بعد اسان پويان پير ڪيا ۽ پنھنجي منزل ڏي رخ رکيوسين. اهي مھاڻا سئنڊس پٽ (ڪراچي) جي ڀرواري ڳوٺ “ڪڪا” جا هئا ۽ سندن ٻيڙي پڻ اتي جي ئي اوس پاس جي هڪ سامونڊي ڳوٺ يونس آباد جي ٺھيل هئي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اها ٻيڙي سٺي ڪاٺ جي مضبوط ٺھيل هئي پر خراب موسم ۾ وڏن جھازن جي شئفٽ به ٽٽيو پوي.

پکي (Propeller)سان لڳي ڀڄي پوي ها
هڪ ڏينھن ڳالهه اچي نڪتي سمنڊ ۾ ٻڏندڙن کي بچائڻ جي. اسان واري يار ڪئپٽن مظھر زيديءَ چيو ”سمنڊ مان ٻڏندڙن کي بچائڻ ۾ ڪڏهن ته واهه واهه ٿئي ٿي ڪڏهن ته جھاز جا مالڪ به خفي ٿين ٿا ته ٻڏندڙن جي ملڪ جا حاڪم به! اها ٻي ڳالهه آهي ته جھاز جا مالڪ ٻاهرين منھن سان خوشيءَ جو اظھار ڪن ٿا جو بين الاقوامي قاعدي مطابق سڀ ڪم ڇڏي ٻڏندڙ ماڻهو توڙي جھاز کي بچائڻو آهي چاهي ان لاءِ جھاز کي ٽي ڏينھن پٺيان هلڻو پوي. ساڳئي وقت ڪي ڪي اهڙا ملڪ آهن جن کي سندن ماڻهن جي پرواهه نٿي ٿئي. مرن يا بچن کين فڪر ئي ناهي. هونءَ ئي روزانو رستي جي حادثن ۾، اغوا ۽ خونريزين ۾، زهريلن کاڌن ۽ غلط دوائن ڪري، اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن جي غير حاضري ۽ وقت تي علاج نه ٿيڻ ڪري سوين پيا مرن.“
ڪئپٽن مظھر زيدي منھنجو هم عمر آهي. ڪيترن ئي جھازن تي اسان گڏ Sail ڪيو آهي. جڏهن آئون ملائيشيا ۾ ڪناري جي نوڪري ڪري رهيو هوس يا سئيڊن جي ورلڊ ميريٽائيم يونيورسٽي ۾ هوس، تڏهن به هو جھاز هلائيندو رهيو. هو هر قسم جي Voyages (سامونڊي مسافرين) ۽ جھازن لاءِ هائوڪار ڪندو رهيو آهي. ايران جي جن ڏينھن ۾ عراق سان جنگ هلي رهي هئي ۽ ايران جي جھازن تي ڪم ڪرڻ لاءِ هر هڪ ڏهه دفعا سوچيو ٿي تڏهن به ڪئپٽن مظھر ايرانين جا جھاز هلائيندو رهيو. ٻه دفعا سندس مختلف جھازن تي ميزائل به لڳا پر ٻنهي جھازن کي اهڙي هنڌ تي لڳا جو accommodation (رهائش) وارو حصو بچي ويو. جھاز ٻڏي ويا پر جھاز جي عملي جي جان بچي وئي. اڄ به ايران وارا مظھر کي ڌاريون نٿا سمجهن ۽ هي به انهن جا جھاز هلائڻ ۾ وڌيڪ خوشي محسوس ڪري ٿو. سمنڊ ۾ ٻڏندڙن جون خبرون ڪندي هن ٻڌايو ته گذريل سفر ۾ جڏهن هو ايراني جھاز هندي وڏي سمنڊ ۾ هلائي رهيو هو ته خط استوا وٽ هن کي هڪ انجڻ تي هلندڙ ٻيڙي لڙهندي نظر آئي جنھن ۾ ست اٺ ڄڻا هئا.
”اسان جو جھاز آسٽريليا کان ايران اچي رهيو هو،“ ڪئپٽن مظھر ٻڌايو، ”اسان جھاز کي روڪي معلوم ڪيو ته ڇا ڳالهه آهي؟ خبر پيئي ته هن ٻيڙيءَ ۽ همراهن جو واسطو مالديپ جي هڪ ٻيٽ سان آهي. هو عيد جي ڏينھن سمنڊ جو سير ڪري رهيا هئا ته هڪ طوفان ۾ اچي ويا ۽ ٻيڙي ڪناري کان گهڻو گهڻو پري هلي وئي. واپس ويندي ويندي تيل ختم ٿي ويو ۽ ٻيڙي اڳتي هلي نه سگهي. ان کانپوءِ هو ٻه ڏينھن کن سمنڊ ۾ لڙهندا رهيا آهن. هنن کي اها به خبر نه پئي پيئي ته هو ڪٿي آهن. رستو معلوم ڪرڻ لاءِ هنن وٽ ڊي ايف (Direction Finder) هو پر ان جون به بيٽريون ختم ٿي ويون هيون. واڪي ٽاڪي ۽ وائرليس سيٽ به بيٽريون ختم ٿيڻ ڪري مردار ٿي چڪو هو. اسان هنن کي ٻڌايو ته توهان تمام گهڻو drift ٿي چڪا آهيو ۽ جنھن ٻيٽ کان نڪتا آهيو اهو گهٽ ۾ گهٽ ست سؤ ميل کن پري آهي.
”هنن ٻن ٽن ڏينھن کان پيٽ ڀري ماني به نه کاڌي هئي ۽ سندن پيئڻ جو پاڻي به ختم ٿي چڪو هو. راشننگ ڪري ڪوپ ڪوپ پي رهيا هئا. اسان هنن کي پنھنجي جھاز تي چڙهايو ۽ سندن فوٽا وغيره ڊجيٽل ڪئميرا ذريعي ڪڍي ڪمپيوٽر (انٽرنيٽ) ذريعي تھران پنھنجي آفيس ڏي موڪلياسين. انهن طرفان اهو ئي حڪم آيو ته اسان پنھنجو سفر جاري رکون جيئن وقت اندر ايران جي بندرگاهه بندر عباس ۾ پھچي وڃون جتي آسٽريليا مان آندل سامان لاهي ٻئي ملڪ لاءِ ايران مان سامان کڻڻو هو ۽ مالديپ ٻيٽ جي هنن رهاڪن کي ايران ئي وٺي اچون جتان کين سندن سفارتخاني وارا باءِ ايئر وطن موڪلي ڏيندا.
”اسان مالديپين کي چيو ته ڀائي ڪلاڪ کن ترسون ٿا، توهان پنھنجي ٻيڙيءَ مان، جيڪو به ڪم جو ۽ قيمتي سامان هجي اهو کڻي جھاز تي اچو. باقي ٻيڙي ته ايتري ننڍي نه آهي، جو هن کي جھآز جي ڊيرڪ (ڪرين) ذريعي مٿي کڻي ڊيڪ (عرشي) تي رکي سگهون ٿا ۽ نه وري رسي ذريعي جھاز جي پٺيان ڇڪي سگهون ٿا ڇو جو جھاز جي رفتار 24_23 ناٽ (ڪناري جا ٽيھه پنجٽيھه ڪلوميٽر في ڪلاڪ) هئي، جيڪا سمنڊ جي حساب سان ايڏي گهڻي هئي جو ان رفتار سان ٻيڙي سمنڊ تي ترڻ بدران اندر گهڙي وڃي ها يا جھاز جي پٺيان هلندڙ پکي سان وچڙي ڇيتيون ڇيتيون ٿي وڃي ها.“

ايراني جھاز جان بچائي
مالديپ هڪ يا ٻه ٻيٽ نه پر سوين ٻيٽن جو جهڳٽو آهي، جيڪي هندي سمنڊ ۾ اتر کان ڏکڻ تائين ڇھه ست سؤ ميلن تائين پکڙيل آهن. هي جنھن ٻيٽ جا رهاڪو هئا اهو بلڪل آخري ڇيڙي تي هو. مالديپ جو اسان کي ويجهو ٻيٽ به س‍ؤ سوا کن ميل پري هو. بھرحال بين الاقوامي قانون موجب ڀلي ڪيترو به فاصلو طئي ڪرڻو پوي ۽ ڪيترو به وقت لڳي پر اطلاع مليل ٻڏندڙ جي جان بچائڻي آهي. ان بعد ضروري ناهي ته ٻڏندڙ کي سندس مرضي واري هنڌ لاٿو وڃي. جھاز جي مالڪ کي جي نقصان پوي ٿو ته هو ڀلي بچايل ماڻهن کي ان ملڪ ۾ لاهي جتي جو جھاز آهي يا ان ملڪ ۾ لاهي جتان ان جھاز جو لنگهه ٿي رهيو هجي.
”اسان ڪمپنيءَ کان مليل حڪم موجب پنھنجي جھاز جو رخ ايران ڏي ڪيو.“ ڪئپٽن مظھر زيديءَ ان حادثي بابت وڌيڪ ٻڌايو. ”ڪجهه ڪلاڪن جو سفر طئي ڪيو هوندوسين ته تھران هيڊ آفيس کان نوان حڪم مليا ته ايران جي حڪومت مالديپ وارن سان ڳالهايو آهي ۽ اهو فيصلو ٿيو آهي ته انهن مالديپ جي رهاڪن کي ايران وٺي اچڻ بدران هنن جي ويجهي واري ٻيٽ جي ڀرسان آندو وڃي جتان هنن جو جھاز کين کڻي ويندو.
”اهو حڪم حاصل ڪري اسان وري پويان پير ڪيا ۽ مالديپ جو رخ ڪيو. مالديپ جي ٻيٽن مان اڃا پھرين جي ويجهو مس پھتاسين ته مالديپ وارن جو جھاز نظر آيو. وڌيڪ ويجهو اچڻ تي هو لائيف بوٽ لاهي اسان جي جھاز تي آيا. اسان جي مھرباني مڃيائون. پاڻ سان اڳواٽ Thanks جو ۽ پنھنجا ماڻهو ملڻ جو خط ٺاهي آيا هئا، جيڪو اسان کي ڏئي ماڻهو وٺي ويا. پاڻ سان گڏ اخباري نمائندا ۽ ٽي وي جو فوٽوگرافر به آندو هئائون. جن اسان جي جھاز ۽ عملي جا فوٽو ڪڍيا ۽ هو بيحد خوش هئا. در اصل هنن سمجهيو ته طوفان ۾ هنن جي هم وطنين جي ٻيڙي ٻڏي وئي آهي ۽ ٻيڙي وارن جا مائٽ روئي پٽي ويھي رهيا هئا. پوءِ جو ايران مان کين خبر پيئي ته سڀ ماڻهو سلامت آهن ته سڄي ملڪ جشن ملهايو. اسان جا سمنڊ تان ايران موڪليل فوٽو به، پوءِ خبر پيئي ته ٻئي ڏينھن ايراني اخبارن ۾ آيا هئا ته فلاڻي ايراني جھاز ماڻهن جي جان بچائي.“

جھاز ٻڏندو ئي ٻڏندو

اها به هڪ عجيب ڳالهه آهي _ خبر ناهي ان جو حقيقت سان ڪيترو واسطو آهي پر سڄي دنيا ۾، يورپ توڙي ايشيا ۾ مشھور آهي ته جهاز ٻڏڻ جي خبر پھرين جھاز تي موجود ڪُوئن کي پوي ٿي ۽ جنھن وقت ڪوئا جھاز تان ٽپ ڏيئي ڀڄڻ جي ڪن ته معنيٰ هاڻ جھاز نه بچندو _ پڪ ٻڏندو ئي ٻڏندو.
هونءَ ته ان قسم جا ڪمال يا قدرت طرفان اهڙيون ڪيتريون ئي ڳالهيون پکين، جانورن ۽ جيتن مڇين ۾ رکيل آهن جن ذريعي هنن کي ڪيترين ئي ڳالهين Phenomenon جي ڄاڻ ڪجهه اڳواٽ پئجيو وڃي ٿي. ”ڪُجهه اڳواٽ“ ان ڪري جو ڪنھن به پکي يا جانور کي هڪ ڏينھن اڳ مينھن وسڻ جي خبر نٿي پوي، پر جڏهن آسمان تي ڪڪرن جو مانڊاڻ متل آهي ۽ هوا رڪجي جڏهن ڪنھن خاص طرف کان جهڪ جي صورت ۾ لڳي ٿي ته ڪيترن ئي پکين کي idea ٿيو وڃي ته مينھن لڙڻ بدران هاڻ چند گهڙين اندر وسڻ شروع ٿيندو. ڏينھن ۾ ٻه دفعا چنڊ جي چرپر جي حساب سان سمنڊ جي وير چڙهي ٿي ۽ لھي ٿي. ان جي ڄاڻ ٻين سامونڊي ساهوارن سان گڏ کيکڙن (Crabs) کي به پئجيو وڃي _ چاهي توهان هن کي ڪاٺ جي پيتيءَ ۾ بند ڪري رکو. سو هڪ حد تائين جھاز ٻڏڻ کان اڳ ڪوئن کي خبر پوندي هوندي ۽ جھاز تي سوار مسافرن ۽ جھازين کان اڳ هنن جھاز ڇڏيو هوندو (يعني ڪوئن) ۽ انهن ڳالهين جون خاطريون پراڻي وقت جي جھازين (وڻجارن، خلاصين، ناکئن، مسافرن) ضرور ڪيون هونديون ۽ ڪتابن ۾ لکيون هونديون. پر آئون سمجهان ٿو ته ڪوئا_ جن کي آئون شريف چوڻ بدران وڏا لاهه چوندس _ جو ڪوئا جھاز جي عملي لاءِ وڏو مٿي جو سورو هوندا آهن. منجهائن خوش ته ڪناري جا ماڻهو به نه آهن جو اهي کاڌي پيتي جو نقصان ڪن ٿا ۽ بيماريون پکيڙين ٿا. بھرحال ان بابت انهن ٺڳن جو احوال پوءِ ٿا ڪريون پر پھرين جھاز ٻڏڻ جي کين پھرين خبر ڪيئن ٿي پوي ان بابت سوچيون _ بلڪه آئون ته اهو چوندس ته کين (يعني ڪوئن کي) جھاز ٻڏڻ جي اڳواٽ خبر اڳ ۾ پوندي هئي پر هاڻ نٿي پوي. جھاز سان گڏ پاڻ به ٻڏيو وڃن يا بيوقوفيءَ ۾ جھاز ٻڏڻ کان اڳ سمنڊ ۾ ٽپو ڏيو وٺن ۽ پوءِ جيتوڻيڪ جھاز ٻڏڻ کان بچيو وڃي پر پاڻ سمنڊ ۾ غوطا کايو مريو وڃن.

ٻڏندڙ جھاز مان پھرين ڪوئا ڀڄن
جهاز ۾ مپجود ڪوئن کي پراڻي زماني ۾ جھاز جي ٻڏڻ جي خبر ضرور پوندي هئي. ان لاءِ منھنجو خيال هي آهي ته پراڻي زماني جا جھاز ڪاٺ جا توڙي لوهه جا (ويھين صديءَ جي پھرئين چوٿي تائين) سادي قسم جا ٺھيل هوندا هئا. جيئن ٻيڙي ٿئي، ائين جھاز هوندو هو پر وڏي سائيز جو. هيٺيون حصو سامان رکڻ لاءِ گدام طور ڪم ايندو هو، مٿي عملي جي رهائش ۽ جھاز کي هلائڻ لاءِ وڏا وڏا سڙهه کُتل هوندا هئا. انجڻ اڃان ايجاد نه ٿي هئي. ريفريجريشن سسٽم به نه هو جنھن ذريعي جھاز ۾ سوار ماڻهن جو کاڌو حفاظت سان رکجي. هر شيءِ _ کاڌو پيتو يا هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ تائين ڍوئڻ جو سامان _ چانور، ڪڻڪ کان ڪپھه، سڻي وغيره سڀ ائين پيو هوندو هو. ڪوئن جا ڍير هوندا هئا ۽ ان کاڌي پيتي تي موج مزا ڪندا هئا. جھاز هلائڻ وارا اڄ جي جھاز هلائيندڙن وانگر مقرر وقت جون ڊيُوٽيون ڪرڻ بدران ڏينھن رات لوڙيندا هئا. رڊار سسٽم به نه هو جو خبر پئجي سگهي ته سمنڊ اندر ڇا آهي فقط دوربين (telescope) وغيره هئي جنھن سان اهو ڪجهه نظر ايندو هو جيڪو سمنڊ جي مٿان هوندو هو. سمنڊ هيٺان لڪل جبل، ڀڳل جھازن ۽ ٻيٽن سان جھازن جو ترو ٽڪرائڻ سان ٽٽي پيو ٿي يا ڇولين جي سختي ۽ طوفان جي دٻاءُ ۾ جھاز جو ڪجهه حصو جيئن ئي ڀڳو ٿي يا چيراٽيو ٿي ته جھاز ۾ پاڻي گهڙي آيو ٿي ۽ اهو پاڻي پھرين جھاز جي هيٺين حصي ۾ آيو ٿي جتي سيڌو سامان، ڪارگو ۽ ڪوئا رهيا ٿي. پاڻي اچڻ سان ڪوئا مٿي ڊيڪ ڏي ڀڳا ٿي جتي هر وقت ڇولين جو شپڪو رهيو ٿي ۽ پوءِ هنن ڊپ ۾ جھاز تان ڀڄڻ جي ڪئي ٿي جو هنن لاءِ ڪو ٻيو alternative نه هو. هوڏانھن جھاز وارا ڪوئن کي جھاز ڇڏيندو ڏسي سمجهي ويندا هئا ته جھاز کي ڪجهه ٿي ويو آهي ۽ جھاز پڪ ٻڏندو ۽ انهن ڏينھن ۾ اهڙي نموني جي جھازن ۾ جڏهن پاڻي اچڻ شروع ٿيندو هو ته ڪڍڻ ناممڪن هو. يا ڀڳل جھاز جي مرمت سمنڊ تي مشڪل هئي. ڪوڪو ڪلي ٺوڪڻ تائين صحيح هو باقي تن ڏينھن ۾ جهاز جي ورڪشاپن ۾ نه ويلڊنگ پلانٽ هئا نه ليٿ ۽ ڊرل مشينون، جنھن ذريعي ڳري مرمت ڪري سگھجي ۽ پوءِ جھاز ٻڏندو ئي ٻڏندو هو. هرڪو ڪاٺيءَ ڀور ڳولڻ ۾ لڳي ويندو هو، جنھن کي چھٽي جان بچائي. انهن ڏينھن ۾ ته لائيف جئڪيٽ به نه هئي.
بھرحال انهن ڏينھن ۾ جھاز اهڙي نموني جا هئا جو جھاز ڪٿان به ٽٽندو هو ته پاڻي سڄي جھاز ۾ اچي ويندو هو ۽ تري ۾ موجود ڪوئا ڀڄندا هئا. بلڪه جھاز هلائڻ وارا انهن ڪوئن کي ئي ڏسي خبردار ٿي ويندا هئا ته جھاز کي ضرور ڪجهه ٿي ويو آهي ۽ انهن ڏينھن ۾ جھاز ٻڏڻ جو وڏو سبب جھاز ۾ پاڻي ڀرجڻ هوندو هو.
اڄ ڪلهه جا جھاز مختلف آهن. ڪنھن هنڌ تان جھاز جو ترو ٽُٽي پوڻ سان هو هرگز نٿو ٻڏي. بلڪه هڪ ٻن هنڌا ٽٽي پوڻ تي به نه ٻڏي سگهندو. فقط هڪ ننڍڙي حصي ۾ پاڻي ڀرجي سگهندو، جيڪو ايترو گهٽ ٿئي ٿو جو جھاز ترندو ئي رهي ٿو. اڄ ڪلهه جي جھازن کي ٻه ترا (double bottom) ٿين ۽ ان ”اڄ ڪلهه“ کي به اڌ صديءَ کان مٿي ٿي ويو آهي. جھاز کي ٻه ترا هجڻ مان اهو فائدوآهي جو جھاز کي هيٺان ڪا چھنبائتي شيءِ لڳي ٿي ته ٻيو مٿيون ترو پاڻيءَ کي جھاز ۾ اندر اچڻ کان روڪي ٿو. انهن ٻن ترن جي وچ ۾ جيڪا جاءِ ٿئي ٿي، ان کي “ڊبل باٽم اسپيس” سڏجي ٿو. ان Double Bottom Space کي وري ڊگهيون ۽ پاسيريون ڀتيون ڏئي ڏهه پنڌرهن حصن ۾ ورهايو وڃي ٿو، جيئن تري ۾ جتي جتي ڌڪ لڳي يا رهڙ اچي ته فقط اهو حصو پاڻيءَ سان ڀرجي، باقي جھاز سلامت رهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته شروع جي ڏينھن ۾ هڪ اهڙو جھاز ٽائيٽينڪ نالي ايڏو بدقسمت ثابت ٿيو جو برف جي ڇپ (Iceberg) هڪ يا ٻن هنڌن تي جھاز کي ٽڪر هڻڻ بدران جھاز جي سڄي پاسي کي رهڙي وئي ۽ جھاز جيڪو ٻڏڻ ۾ ڏينھن جا ڏينھن به وٺندو آهي سو هن حالت ۾ منٽن جا فيصلا ٿي ويو.
اڄ ڪلهه جھاز تمام وڏا ٿين ٿا جن ۾ ڪارگو رکڻ جا الڳ گدام آهن ته جھازين جي کاڌي پيتي جو سامان رکڻ جا ڪمرا الڳ. ڪوئا اتي ڦرندا رهن ٿا جتي کاڌي پيتي جون شيون آهن ۽ پوءِ جھاز جي ٻڏڻ وقت جيسين انهن هنڌن تي پاڻي نٿو پھچي جتي ڪوئا آهن ته اهي بي فڪر آهن. ڀلي کڻي جھاز جا سڀ ماڻهو لھي وڃن ۽ جھاز به ٻڏي وڃي.
جھاز ٻڏڻ جا ڪيترائي سبب آهن. وڏو ٽڪر لڳڻ ڪري ڀڄي پوي ۽ جھاز جي تور کان وڌيڪ پاڻي اندر گهڙي اچي، يا باهه لڳيس يا خراب موسم ۽ غلط طرح سان سامان رکڻ سان ٻه اڌ ٿي پوي.
باهه لڳڻ يا جھاز ۾ پاڻي اچڻ جي بچاءُ لاءِ گهڻو ئي ڪجهه ڪري سگهجي ٿو. جھاز هلائيندڙ عملو باهه وسائڻ ۽ جھاز مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ پوري پوري ڪوشش ڪري ٿو جنھن لاءِ اهو Trained ٿيل آهي ۽ جھاز جي عملي کي جھاز فقط تڏهن ڇڏڻ کپي جڏهن پڪ ٿي وڃي ته بچڻ جو ڪو آسرو ناهي. جھاز ڇڏڻ ۽ پاڻ بچائڻ لاءِ هر جھاز تي بندوبست آهي. سمنڊ ۾ ٻڏڻ کان بچڻ لاءِ هرهڪ لاءِ لائيف جئڪيٽ آهي جيڪا سمنڊ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 24 ڪلاڪ ڳري کان ڳري ماڻهوءَ کي ٻڏڻ کان بچائي رکي ٿي. ڪنھن کي ڀلي ترڻ نه اچي ۽ هٿ پير به نه هڻي ته به ان لائيف جئڪيٽ ذريعي ترندو رهندو_ تيسين ڪو ڌاريون جھاز يا ان ئي جھاز تان لاٿل ٻيڙي ان کي بچائي سگهي ٿي. هر جھاز جي ٻيڙي (لائيف بوٽ) ۾ هفتي کن جي خوراڪ موجود ٿئي ٿي جيئن بچائڻ وارو جھاز دير سان پھچي ته به ٻڏڻ واري جھاز جا ماڻهو ٻيڙيءَ ۾ انتطار ڪندا رهن. بھرحال جھاز ۾ موجود ڪوئا جھاز کي فقط ان وقت ڇڏين ٿا جڏهن پاڻي انهن تائين پھچي ٿو يا باهه جو سيڪ هنن کي تپائي ٿو ۽ اڳ زماني ۾ جھاز ۾ پاڻي جو اچڻ معنيٰ جھاز جو سؤ سيڪڙو ٻڏڻ پر هاڻ ائين نه آهي.

زهريلي دوائن جو ڦوهارو
هڪ جھاز تي اسان کي هڪ اهڙو حادثو پيش آيو جنھن جي نتيجي ۾ سمنڊ جو پاڻي تيزيءَ سان جھاز ۾ گهڙڻ لڳو ۽ جھاز ويو هڪ طرف جهڪندو. صبح کان پاڻي اچڻ شروع ٿيو هو سو شام تائين جھاز ڪافي هيٺ جهڪي ويو. پمپن ذريعي پاڻي ڪڍندا رهياسين پر پاڻيءَ جي اندر اچڻ جي رفتار گهڻي هئي ۽ ويو جھاز جهڪندو، ڀر واري بندرگاهه ۾ اسان صبح جو ئي اطلاع ڪري ڇڏيو هو ،جتي موجود اسان جي ڪمپنيءَ جو هڪ ٻيو جھاز اسان جي مدد لاءِ نڪري چڪو هو. اسان کلئي سمنڊ ۽ خطري ۾ هوندي به پُرسڪون هئاسين جو اسان سمجهيو ٿي ته جھاز جي ٻڏڻ تي جھاز جون ٻيڙيون Life Boats موجود هيون ۽ اسان جي مدد لاءِ جھاز به اچي رهيو هو. ان دوران اهو ٿيو جو اسان جي جھاز ۾ پاڻي ڀرجڻ ڪري ڪوئا ٻاهر نڪري آيا ۽ جان بچائڻ لاءِ پنهنجي پَرِ ۾ جھاز تان هيٺ ٽپ ڏيڻ لڳا. جھاز جي حادثي واري ٽرئجڊي ۾ اها خوشي جي ڳالهه هئي جو ڪوئن کان جھاز آزاد ٿي رهيو هو . سمنڊ ۾ ٽپ ڏيڻ مھل هو پڪ سمجهي رهيا هوندا_ جي کين ٿورو به عقل هوندو ته _ اسين يعني جھاز وارا بيوقوف آهيون، جو ان جھاز تي بيٺا آهيون جيڪو ٻڏي رهيو آهي _ کين ڪھڙي خبر ته اسان جي بچاءِ لاءِ ٻيو جھاز اچي رهيو آهي. ڪوئا اسان جي زبان سمجهن ها ته به آئون نٿو سمجهان ته ڪو جھاز جو ماڻهو کين اها خوشخبري ٻڌائڻ چاهي ها جو هرڪو سندن (ڪوئن جي) ٻڏي مرڻ ۾ خوش هو جو ڪوئا جھاز کي وڏو نقصان رسائين ٿا.
رات ڌاري ٻيو جھاز پھتو ۽ حساب لڳايو ويو ته جنھن رفتار سان جھاز ٻڏي رهيو آهي ان ۾ اڃا به ڏينھن ٻه ڏينھن کپن. بھتر ٿيندو اسان پنھنجي ئي جھاز تي رهون ۽ اسان جي مدد لاءِ آيل جھاز اسان جا جهاز کي ڇڪي بندرگاهه تائين وٺي هلي، جتي ڪجهه پنھنجي مدد سان ڪجهه ڪناري جي پمپن ۽ مشينن ذريعي پاڻي ڪڍي جھاز جي مرمت ڪئي وڃي ۽ پوءِ ائين ئي ڪيو ويو. جھاز ٻن ڏينھن اندر ٺيڪ ٺاڪ ٿي ويو ۽ اسان پنھنجي اڳتي جي سفر تي روانا ٿي وياسين. هاڻ مون کي ٻڌايو ته ڪوئن جي اڳڪٿي صحيح نڪتي يا غلط. ؟
بھرحال ڪوئن جي نڪرڻ ڪري اسان کي بي فڪر رهڻو پيو نه ته جھاز تي ڪوئن جي موجودگي جي ڪري، خاص ڪري آمريڪا جھڙي ملڪ جي بندرگاهن ۾ جيڏانھن اسان وڃي رهيا هئاسين، سڄي جھاز جي فيوميگيشن (Fumigation) ڪرائڻي پوي ها.
هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ ڪا به بيماري يا ان جا جراثيم ڍوئڻ تي تمام سخت اپاءُ ورتا ويا آهن، جيئن اها بيماري نه پکڙجي. ان ڪري هڪ ملڪ مان ٻئي ملڪ ڪو پالتو جانور ڪتو ٻلو يا پکي کڻي وڃڻ تي به سختي ڪئي وئي آهي. ان لاءِ ڊاڪٽري سرٽيفڪيٽن جي صورت ۾ ثبوت ڏيڻا پون ٿا ته هن جانور يا پکيءَ کي ڪنھن به قسم جا جراثيم يا بيماري ناهي جيڪا ٻئي ملڪ ۾ پکڙي يا وچڙندڙ ثابت ٿئي. ان ڪري هر هوائي جھاز يا پاڻيءَ جي جھاز مان لھندڙ مسافر ۽ سامان تي نظر رکي وڃي ٿي. بنا ڊاڪٽري تپاس ۽ سرٽيفڪيٽ واري جانور توڙي پکيءَ کي هوائي اڏي جي هڪ حصي ۾ ٻن ٽن ڏينھن لاءِ جانچ لاءِ رکيو وڃي ٿو ته متان هن ۾ ڪا بيماري هجي. هوائي اڏي جي ان حصي ۾ ان مدي کي Quarantine (ڪورنٽائين) سڏجي ٿو. اهڙي طرح هر بندرگاهه جو هڪ حصو ڪورنٽائن سڏبو آهي، جتي ڪڏهن ڪڏهن، ڪنھن ڪنھن جھاز کي ڪجهه عرصي لاءِ بيھاريو وڃي ٿو ۽ اتي ماڻهن جي اچ وڃ تي پابندي هوندي آهي. اهو خاص ڪري انهن جھازن سان ٿيندو آهي جيڪي ڪارگو (سامان) ۾ جانور (رڍون، ٻڪريون، ڍڳيون) يا کاڌي پيتي جو سامان (چانور، ڪڻڪ وغيره) کڻن ٿا. ڇو جو جراثيم ۽ جيوڙا کاڌي ۾ به موجود ٿين ٿا. اهو ئي سبب آهي جو ڪيترن ملڪن ۾ کليل (Un-Sealed) دٻن ۾ آندل مٺائي، آچار يا ٻين کاڌي جي شين کي ايئرپورٽ تي ضايع ڪيو وڃي ٿو ۽ مسافرن کي پاڻ سان کڻي نڪرڻ جي اجازت نه هوندي آهي.
اهي جھاز جيڪي ڪڻڪ، چانور يا ٻيو اناج کڻي پھچن ٿا انهن کي بندرگاهه ۾ گهڙڻ جي اجازت ڏيڻ کان اڳ سندن سختيءَ سان چڪاس ڪئي وڃي ٿي ته ڪي اهڙا جيت جڻيا يا جراثيم ته موجود نه آهن جن سان بيماري پئدا ٿئي _ خاص ڪري آمريڪا جي بندرگاهن ۾ ته هيڪاندي گهڻي سختي ڪئي وڃي ٿي. جهاز پھچڻ سان جھاز جي عملي جي چڪاس لاءِ اميگريشن، پورٽ پوليس ۽ ڊاڪٽر الڳ ايندا (جيڪي جھازي عملي جا سفري ڪاغذات، جھاز هلائڻ جي قابليت جا سرٽيفڪيٽ ۽ انهن جي صحت جا هيلٿ ڪارڊ جاچيندا) ته ائگريڪلچرل ڊپارٽمينٽ جا انسپيڪٽر جھاز جون ڪنڊون پاسا جانچڻ ايندا ۽ پُءِ جي ڪو سُرو يا تُٿو نظر اچي ويو ته هاءِ گهوڙا مچي ويندي ۽ جي ڪو ڪوئو نظر اچي ويو يا ڪوئن جي هجڻ جو ثبوت ملي ويو يعني انهن جي هڪ اڌ پولڙي نظر اچي وئي ته اڃا وڏي هاءِ گهوڙا مچي ويندي. جھاز کي اڇوت سمجهي بندرگاهه جي ڏوراهين ڪنڊ تي بيھاريو ويندوآهي ۽ ڪو به مزور تيسين سامان نه لاهيندو جيسين جھاز جي فيوميگيشن ڪرائي جھاز يا ان اناج ۾ موجود ڪوئن ۽ جيوڙن کي ختم نه ڪرايو وڃي.
فيوميگيشن ۾ سڄي جھاز کي زهريلي دوا سان ڦوهارو ڪيو ويندو آهي. جپان ۽ آمريڪا جھڙن ملڪن ۾ جھاز جي فيوميگيشن جو ٻڌي جھاز جي مالڪ کي ضرور تپ چڙهندو هوندو جو ان تي چڱو خاصو خرچ ٿئي ٿو. جيتوڻيڪ جھاز جو عملو فيوميگيش وارو ڏينھن ٻه مزا ماڻي ٿو جو هن کي اهي ڏينھن هڪ طرف ڊيوٽيءَ مان جان ڇٽي ٿي ۽ ٻئي طرف فائيو اسٽار يا فور اسٽار هوٽل ۾ جھاز جي مالڪ جي خرچ تي رهڻو پوي ٿو.
جھاز جي فيوميگيشن (زهريلي ڦوهاري هئڻ) وقت جھاز جون سڀ مشينون بند ڪيون وڃن ٿيون ۽ ماڻهن کي جھاز ڇڏڻ لاءِ چيو وڃي ٿو _ جن جي رهائش جو بندوبست ڪنھن هوٽل ۾ ڪيو وڃي ٿو ۽ پوءِ جھاز جا ٻاهريان در دريون ۽ Openings چڱي طرح Seal ڪيون وڃن ٿيون جيئن نه ٻاهرين تازي هوا اندر اچي سگهي ۽ نه اندر جي ڇڻڪاريل زهريلي گيس ٻاهر Leak ٿي وڃي. دوا جي زهريلي اثر مطابق جھاز کي هڪ يا ٻه ڏينھن ائين ڇڏيو ويندو اهي. پوءِ در دريون کولي جنريٽر هلائي پھرين هوا جا تيز پنکا (Blowers) هلايا ويندا آهن جيئن گئس نڪري وڃي ۽ ماڻهو اچي سگهن ۽ پوءِ جھاز کي هلائي بندرگاهه جي ان جيٽيءَ تي اچبو آهي جتي آندل اناج ۽ ٻيو ڪارگو لاهڻو هوندو آهي.

جھاز هلائڻ جو مسئلو
ڪڏهن ڪڏهن فيوميگيشن بعد جھاز هلائڻ مسئلو ٿي پوندو آهي. هڪ دفعي سياري جي سخت سرديءَ ۾ اسان جي چڱي ويڌن ٿي. ٻه ڏينھن هوٽل ۾ رهڻ بعد شام جو جڏهن برف جھڙي ٿڌي جھاز تي پھتاسين ته جھاز جون انجڻيون اسٽارٽ ئي نه ٿين. سڀ کان پھرين جنريٽر هلايو ويندو آهي جيڪو اليڪٽرسٽي پئدا ڪري ٿو، جنھن ذريعي بتيون، هيٽر، پمپ وغيره هلائجن ٿا. ان بعد جھاز جون ڊيرڪون (ڪرينون)، رسا ڇڪڻ جي ونڊلس ۽ ڪئپسٽن هلائي سگهجي ٿو. بئالر ۽ بورچيخاني جا چلها ٻاري سگهجن ٿا. پر جي جنريٽر ئي نه هلندو ته اليڪٽرسٽي ئي پئدا نه ٿيندي.
موٽر لاريءَ جي انجڻ بيٽري ذريعي اسٽارٽ ڪئي وڃي ٿي. بيٽري چارج نه هجڻ جي صورت ۾ وڪڙيل لوهي ڏنڊي (هئنڊل) سان گهمائي اسٽارٽ ڪئي وڃي ٿي. يا ڌڪي ذريعي هن جا پسٽن هيٺ مٿي ڪيا وڃن ٿا، جيئن سلينڊر ۾ گرمائش پئدا ٿئي ۽ تيل جي داخل ٿيڻ تي پچڪاريءَ کي باهه لڳي ۽ انجڻ اسٽارٽ ٿئي. جھاز جي انجڻ جيڪا جھاز جو ٻاهريون پنکو (Propeller) هلائي ٿي ۽ جنھن جي گول ڦِرڻ سان جھاز اڳيان يا پويان هلي ٿو، تمام وڏي انجڻ ٿئي ٿي ۽ ان سان گڏ اليڪٽرسٽي پئدا ڪرڻ وارا جنريٽر پڻ ڪافي وڏا ٿين ٿا. اهي انجڻيون بئٽري، هئنڊل يا هٿ سان اسٽارٽ ٿي نٿيون سگهن. هر جھاز تي اهي انجڻيون هوا جي پريشر سان هلن ٿيون. ان ڪم لاءِ ٻه هوا جا وڏا سلينڊر .(جن کي عام طرح بوتلون يا رسيور به چون) اٽڪل 30 ڪلوگرام پريشر هوا سان ڀريل هوندا آهن جنھن هوا سان جنريٽر جو پسٽن هيٺ مٿي ڪري اسٽارٽ ڪري سگهجي ٿو. بوتلن ۾ هوا جو دٻاءُ جيئن ئي گهٽ ٿيندو آهي ته ايئرڪمپريسر هلائي هوا جي دٻاءَ کي 30 کن ڪلو گرام تي ڪري ڇڏبو آهي _ بلڪه جھاز جا اهي ايئرڪمپريشر ٻين مشينن وانگر آٽو ميٽڪ هوندا آهن. هڪ مقرر ليول کان گهٽ پريشر پھچڻ تي اهي آٽومئٽيڪلي هلي ويندا آهن ۽ جڏهن 30 Kg/cm پريشر ٿيندو اهي ته پاڻهي بند ٿي ويندا آهن. (اهو 30 ڪلوگرام پريشر جي گهڻائيءَ جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته هرهڪ چورس سينٽي ميٽر تي، جيڪا ايراضي آڱر جي ڳتري جيتري ٿي، ٽيھه سير وزن (اٽڪل اڍائي مڻ) ٿئي ٿو. هوا ڀرڻ جا اهي ڪمپريسر اليڪٽرڪ موٽر ذريعي هلن ٿا. جھاز تي اٽڪل ٽي کن جنريٽر ٿين. جنريٽر يا مين انجڻ (جھاز جي پنکي هلائڻ جي انجڻ) هلائڻ بعد يڪدم ايئر ڪمپريسر هلائي کٽل هوا جو پورائو ڪيو ويندو آهي. ان ۾ سستي نه ڪبي آهي جو خبر پوي ته جنريٽر اوچتو بند ٿي ويو آهي ۽ ان کي هلائڻ لاءِ Compressed Air لڀي ڪانه ۽ پوءِ جنريٽر بند هوندو ته ڪمپريسر به نه هلندو جو ڪمپريسر اليڪٽرسٽيءَ تي هلي ٿو.
ان رات فيوميگيشن (ڦوهاري جو ڪم) ختم ٿيڻ تي جھاز جو عملو بس ۾ چڙهي هوٽل کان جھاز تي پھتو. جھاز جا در دريون کولڻ ۽ جنريٽر هلائڻ لاءِ هڪ ٻه انجنيئر (مئرين انجنيئر)، هڪ اليڪٽريڪل انجنيئر ۽ هڪ ٻه ڊيڪ آفيسر جھاز تي چڙهيا. تيسين اسين جھاز جي ٻاهران جيٽيءَ تي بيھي سيءَ ۾ ڏڪندا به رهياسين ته ڪچھري به ڪندا رهياسين.
جھاز جو جنريٽر هلائڻ ۾ ڪا قابليت ناهي. هڪ جونيئر انجنيئر به هلائي سگهي ٿو. بٽڻ کي دٻائڻ سان (يا ڪن جنريٽرن تي بٽڻ بدران هڪ ليور ٿئي ٿو) جنھن کي پاڻ ڏي ڇڪڻ سان هوا جي بوتل جو منھن کُلي وڃي ٿو ۽ ڪمپريسڊ هوا انجڻ جي پسٽنن سان ٽڪرائجي انهن کي هٺ مٿي ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿي. جنريٽر اسٽارٽ ٿيڻ بعد ان کي Load تي چاڙهيو وڃي ٿو _ يعني ان مان پئدا ٿيندڙ اليڪٽرسٽيءَ جي سپلاءِ کي سسٽم سان ڳنڍيو وڃي ٿو. هاڻ ان رات ڪوبه جنريٽر اسٽارٽ نه ٿي سگهيو. ڪنھن سبب ڪري بوتلن (Air Receivers) ۾ هوا جو مقدار ۽ دٻاءُ گهٽجي ويو هو (شايد ڊرين والو يا ڪنھن ٻئي Valve جي اڻپوري بند هجڻ ڪري ٻه ڏينھن هوا Leak ٿيندي رهي) ۽ سخت سيءُ ڪري لوهي جنريٽر برف جھڙو ٿڌو ٿيل هو. جنريٽر اسٽارٽ ڪرڻ لاءِ انجنيئر چار پنج دفعا بٽڻ دٻايو (جھاز تي ان کي ڪِڪَ Kick هڻڻ چئجي ٿو) پر هر دفعي ٿورو گهمي بيھي ٿي رهيو. ان ۾ مقرر گرمائش پئدا نه پئي ٿي جو لڳاتار هلڻ شروع ڪري ڏي. ايتري ۾ خبر پيئي ته بوتلن مان هوا سڀ ختم ٿي وئي. انجڻ روم جي اونداهيءَ ۾ ٽارچ ذريعي پريشر گيجن کي ڏٺائون ته اهي نه برابر پريشر ڏيکاري رهيون هيون. هي ائين آهي جيئن ڪار جي انجڻ اسٽارٽ نه ٿئي ۽ خبر پوي ته بيٽري ختم ٿي چڪي آهي. پوءِ اهڙي صورت ۾ هئنڊل سان انجڻ اسٽارٽ ڪري سگهجي ٿي. جھاز تي به ان قسم جي امرجنسيءَ کي منھن ڏيڻ لاءِ بندوبست هوندو آهي جنھن کي First Starting Arrangements سڏجي ٿو. يعني جھاز جڏهن نئون ٺھي ٿو ته ان طريقي سان انجڻ اسٽارٽ ڪئي وڃي ٿي ۽ اهو طريقو قائم رکيو وڃي ٿو جيئن ڪڏهن اهڙي حالت پئدا ٿي پوي ته ان کي منھن ڏئي سگهجي _ جيئن ان رات ٿي پئي.
اسان کي جنريٽر اسٽارٽ ڪرڻ لاءِ ڪمپريسڊ هوا جي ضرور هئي جيڪا اسان وٽان کپي چڪي هئي ۽ ڪمپريسڊ هوا لاءِ اسان کي اليڪٽرسٽي (يعني جنريٽر) جي هلڻ جي ضرورت هئي جيڪو هڪ هنڌ بيٺو هو. اهڙي صورت ۾ جھاز تي هڪ ننڍڙو ڊيزل ڪمپريسر رهي ٿو ان کي هٿ سان هلائي ايئر بوتل کي ڀريو ويو ۽ پوءِ ان هوا سان جنريٽر هلايو ويو. جنريٽر هلڻ بعد پھريون ڪم اهو ڪيوسين جو اليڪٽرڪ ڪمپريسر هلائي ٻئي وڏيون هوا جون بوتلون ڀريونسين، جيئن متان اوچتو جنريٽر بند ٿي وڃي ته ان کي وري هلائڻ لاءِ پريشر واري هوا ته هجي. ان سان گڏ جھاز جون بتيون ۽ هيٽنگ سسٽم هلايونسين. ان بعد هڪ هڪ ڪري سڀ اهم پمپ هلائي جھاز جي مين انجڻ کي ريڊي رکيوسين. صبح جو چئين بجي ڌاري پائلٽ آيو ۽ اسان جي جھاز کي بندرگاهه جي ڏورانھين ڪنڊ کان وٺي شھر جي ويجھو واري ڌڪي (Jetty) تي اچي بيھاريو. جھاز کي جيٽيءَ سان لڳندي ۽ ٻَڌندي صبح جا اٺ ٿي ويا. نيرن ڪري ميس مان ٻاهر نڪتاسين ته جهاز تان سامان لھرائڻ لاءِ ان بندرگاهه جا مزور ۽ اسان جي مڪاني آفيس جو آمريڪن ايجنٽ اچي چڪو هو.

ڪوئا نقصان رسائين ٿا
اهي ته ٿيون ڪجهه ٽيڪنيڪل ڳالهيون جيڪي انجنيرنگ کان واقف يا دلچسپي رکندڙ ئي سمجهي سگهيا هوندا ته جھاز جي مشيني ڪارخاني هلائڻ ۾ ڇا ڇا رنڊڪون پئدا ٿي سگهن ٿيون. هونءَ هتي پاڻ ڪوئن جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين جيڪي هڪ جھاز هلائيندڙ ۽ جھاز جي مالڪ جي مشڪلاتن ۾ ويتر واڌارو آڻين ٿا ۽ ڪير آهي (سواءِ ٻليءَ) جي جيڪو ڪوئي جي رڙ نٿو ڪري.
منھنجي خيال ۾ فصلن توڙي گهرن ۽ آفيس جي شين کي جيترو گهڻو نقصان ڪوئو رسائي ٿو اوترو ڪو ٻيو جيت جڻيو، پکي پکڻ يا مرون جانور نٿو پھچائي. ڪوئو جيترو کائي ٿو ان کان وڌيڪ شين جو زيان ڪري ٿو. توهان ڪنھن چچي، سانڊي، وڇون، نانگ کي ته سولائيءَ سان ماري سگهو ٿا پر ڪنھن ڪوئي کي ته ماري ڏيکاريو. ڪوئو مارڻ ۾ به اهڙو سولو نٿو اچي. کائڻ لاءِ ڪا زهريلي شيءِ رکو ته اها به سولائي سان نٿو کائي. ڪوئي اندر پنھنجي بچاءَ لاءِ قدرت اهڙي Mechanism ٺاهي آهي جو هن کي خبر پئجيو وڃي ته ڪھڙي شيءِ کائڻ ۾ هن جو ڀلو نه آهي. ڪوئي کي مارڻ لاءِ ڪنھن شيءِ ۾ زهر ملائي ڪوئي جي کائڻ لاءِ ڦٽي ڪيو. هرگز نه کائيندو. ٻه چار ڏينھن ته ان کاڌي جي ويجهو ويندي ويندي لنوائيندو ۽ پوءِ جڏهن ان شيءِ سان هِري مِري ويندو ته ان مان فقط هڪ ٻه ننڍڙا چڪ هڻي چکندو. جيڪڏهن اها شيءِ کيس ڀانءِ نه پئي ته ان کي وڌيڪ کائڻ بدران ان مٿان پيشاب ڪري خراب ڪري ڇڏيندو، جيئن سندس ٻين ڪامريڊن لاءِ به چتاءُ رهي ته هن شيءِ کي ڏاٺ ته ڇا مڇ به ناهي هڻڻي.
منھنجي پراڻن جھازن تي ته ڏاڍا ڪوئا هوندا هئا. چڱو جو انهن جھازن تي اناج جھڙيون شيون کڻي جپان، يورپ يا آمريڪا جي بندرگاهن ۾ نه ويندا هئاسين. ڪاٺ، لوهه ۽ مشينري جھڙيون شيون کڻي هلندا هئاسين. ڪوئن جو گذارو اسان جي راشن تي هوندو هو. پوءِ ڊگهي سفر ۾ جڏهن راشن ٿورو ٿي ويندو هو ۽ خاص ڪري کين دٻن ۽ ڳوڻين پويان لڪڻ جو وجهه نه ملندو هو ته پوءِ انجڻ روم ۾ به ڌوڪي ايندا هئا. هڪ دفعي ته ڪوئي جي ڪري انجڻ روم ۾ باهه لڳي وئي. اليڪٽرڪ جي تارن مٿان چڙهيل پلاسٽڪ کائڻ ڪري تارون شارٽ سرڪٽ ٿي پيون ۽ باهه اچي لڳي. يڪدم شروعاتي مرحلي ۾ ئي ڄاڻ ٿيڻ تي پائوڊر ايڪسٽنگشر ذريعي باهه وِسائي ورتيسين نه ته سڄي انجڻ روم ۾ باهه پکڙجي وڃي ها ۽ پوءِ جڏهن ان اوچتي باهه جي سبب جي ڳولا ڪئيسين ته نه فقط اليڪٽرڪ جون تارون ڪتريل نظر آيون پر اتي ئي تارن ڪُترڻ واري ٺڳ جو مڙهه به اتي ئي نظر آيو. پوءِ ته باقي ڪوئن مان باهه ڪڍڻ لاءِ ڏنڊا کڻي ڏاڍو ڊوڙياسين پر هڪ به نه ماري سگهياسين ۽ نه ڪوئا مارن (ڪوڙڪن) ۾ ڦاسائي سگهياسين. تڏهن ته مٿي لکي آيو آهيان ته ڪوئي کي مارڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. ڪانگ ڏاهو پکي آهي پر ان کي به توهان سولائيءِ سان کاريءَ هيٺ جهلي سگهو ٿا. بين الاقوامي قاعدي قانون موجب هوائي جھاز ۾ ڪوئي جي هڪ پولڙي ملڻ تي به ان جي اڏام ڪئنسل ڪري، سڄي جھاز جي فيوميگيشن ضروري ٿئي ٿي. ذرا تصور ڪريو ته مٿي اڏامندڙ هوائي جھاز ۾ جيڪڏهن ڪو ڪوئو هوائي جھاز جي انجڻ يا اوزارن جون تارون ٽُڪي وٺي ته فلائيٽ انجنيئر کي نه تارون ڳولڻ ۽ ڳنڍڻ جو موقعو ملندو ۽ نه ئي ”ڪيبن ڪِريو“ کي باهه وِسائڻ جي اٽڪل ايندي. ان کان اڳ ئي جھاز اچي هيٺ ڦھڪو ڪندو.
ڪوئي ۾ ويجهه هڪ طرف آهي ته بيمارين پکيڙڻ جو خدشو ٻئي طرف آهي. ٻين جانورن وانگر ڪوئي جي جنسي ميلاپ ۽ وياٽي جو وقت مقرر ناهي. هو ٻارهوئي ڄڻيندو رهي ٿو. ڪوئي لاءِ چيو وڃي ٿو ته سال ۾ ٽن کان ڇھه دفعا ٻچا ڏئي ٿو ۽ هر دفعي ۾ ڏهه کن ٻچا ڄڻي ٿو (ائين ته پندرهن سورهن تائين به ڏين ٿا) ان حساب سان ڪوئن جي هڪڙي جوڙي مان سال اندر هزارين ڪوئا ٿيو وڃن، جو سندن ٻچا به مھني ٻن بعد ڄڻڻ شروع ڪريو ڏين.
جيترين بيماري جا جراثيم ڪوئو کڻي هلي ٿو اوتريون شايد ئي ٻيو ڪو جانور کڻي هلندو هجي. ميورين ٽائفس، اسڪرب ٽائيفس Trichinosis, leptospirosis ۽ ٻيون انيڪ بيماريون ٻڌايون وڃن ٿيون. چون ٿا ته ايترا ماڻهو جنگين ۾ نه مُئا جيترا ڪوئن مان لڳل بيمارين ۾ مُئا آهن ۽ سڀ ۾ جيڪا خطرناڪ بيماري آهي جنھن جو خوف اڄ به ڇانيل رهي ٿو اها آهي پليگ. هينئر ويجهڙائي ۾ ڪوئن جي ڪري انڊيا ۾ سخت وچڙندڙ بيماري پکڙي ۽ ڪيترائي ماڻهو مري ويا. چوڏهين صديءَ ۾ ڪوئن جي ڪري يورپ ۾ ته پليگ (جنھن کي (بلئڪ ڊيٿ) سڏيو ويو) پکڙي جو هر ٽن ماڻهن مان هڪ مري ويو. ان بعد اهڙي ئي موت جي لھر مختلف صدين ۾ انڊيا، مغربي ايشيا ۽ چين ۾ آئي.
ڪوئي جي سلامتيءَ جو اهو سبب آهي جو هي جانور بيحد ”نرڄو“ آهي. هر موسم ۽ هر کاڌي تي جيئرو رهي سگهي ٿو. هر اها شيءِ کائي ٿو جيڪا انسان کائي ٿو ۽ هو تپندڙ واريءَ ۾ به رهي سگهي ٿو ته اتر قطب جي برفاني ملڪن ۾ به. هو گٽرن ۾ موجود پاڻيءَ ۾ تري سگهي ٿو ته ساڳئي وقت پائيپن ۽ تارن ذريعي مٿي چڙهي سگهي ٿو. ڪوئو رسين ذريعي جھازن تي پھچي ٿو. هي اهي رسيون آهن جن سان جھاز کي جيٽيءَ سان ٻڌو وڃي ٿو. انهن رسين ذريعي ڪوئن کي جهاز ۾ چڙهڻ کان روڪڻ لاءِ جھاز جي انهن رسين تي هڪ يا ٻه گول ٿالهيون اٽڪايون وڃن ٿيون. ڪناري تان ڪوئو انهن رسين ذريعي جھاز تي پھچڻ جي ڪوشش ڪري ٿو پر ٿالهي اڪرندي ترڪيو پوي ۽ سمنڊ ۾ وڃيو ڦھڪو ڪري.

خراب سمنڊ ۽ سي سڪنيس

سمنڊ تي سفر ڪرڻ وارن کي ڪڏهن ڪڏهن سي سڪنيس (Sea Sickness) به منجهائي ٿي. سمنڊ تي جڏهن طوفاني هوائون لڳن ٿيون يا جڏهن جھاز وڏين ويرن ۽ ڪُنن ۾ ڦاسي ٿو ته جھاز جي مختلف لوڏن ڪري، ان ۾ موجود مسافرن کي عجيب طرح جي بي چيني، ڊپريشن، مونجهه، مٿي کي ڦيري، دل ڪچي۽ الٽيون ٿين ٿيون ۽ پوءِ ان وقت ڪنھن به ڳالهه ۾ دل نٿي لڳي. اهڙي حالت ۾ هڪ مسافر ته منھن ويڙهي وڃي سمهي سگهي ٿو، پر جھاز هلائيندڙ ڪئپٽن کان ڪئڊٽ تائين ۽ چيف انجنيئر کان جونيئر انجنيئر تائين کي پنھنجا پنھنجا مقرر ڪلاڪ ڏينھن جو توڙي رات جو هر حال ۾ بيٺي پير ڊيوٽي ڏيئي پورا ڪرڻا پون ٿا ۽ جھاز جي ڊيوٽي چڱي سخت ۽ demanding ٿئي ٿي، جنھن ۾ هر وقت پنھنجو پاڻ کي جسماني توڙي ذهني طرح ٺيڪ ٺاڪ رکڻو پوي ٿو. معمولي غلطي به ڪڏهن ڪڏهن جھاز ۽ ان ۾ موجود سامان ۽ ماڻهن کي تباهه ڪري سگهي ٿي.
”سي سڪنيس“ ۾ سڀ کان گهڻو الٽيون مُنجهائين ٿيون. دل ڪچي ۽ آنڌ مانڌ ڪري ائين لڳندو آهي، ڄڻ الٽي منھن تي بيٺي آهي _ روڪڻ سان به ان جو ترسڻ ممڪن ناهي. خاص ڪري جڏهن جھاز ڪنھن لھر جي اڀام تي هڪدم مٿي کڄي وڃي ٿو يا لھر سان گڏ اڇل سان هيٺ اچي ڦھڪو ڪري ٿو ته ان وقت ماڻهو بي وس ٿيو وڃي. بخار يا ٻي بيماريءَ ۾ ته هڪ ٻه الٽيون نڪرڻ بعد آرام اچيو وڃي، پر هتي هر وقت اهو محسوس ٿيندو رهي ٿو ته اڃان به پيٽ ۾ ڪجهه آهي جيڪو نڪرڻ تي آرام ملي سگهندو. جيتوڻيڪ پيٽ ۾ جيڪي ڪجهه آهي اهو پھرين ئي الٽين ۾ نڪريو وڃي، پوءِ رڳو هڪ قسم جي feeling رهي ٿي ۽ همراهه خالي پيٽ تي پيو اٻڙاڪ ڏئي ۽ الٽي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري. پيٽ ۾ ڪجهه هجي ته نڪري زور ڏئي الٽي ڪرڻ سان فقط جسم جون قيمتي رطوبتون (Juices) ئي نڪرنديون رهن ٿيون ۽ جي همراهه پنھنجو پاڻ کي ڪنٽرول ۾ نٿو رکي يا سمنڊ ۽ جھاز جي حالت اهڙي خراب آهي جو هن جي ڪنٽرول کان ٻاهر آهي ته هن جي اٻڙاڪ ڏئي پيٽ مان ڪجهه ڪڍڻ جي ڪوشش ۾ جسم جي پاڻيٺ سان گڏ آخرڪار رت به نڪرڻ لڳي ٿو ۽ پوءِ سمنڊ صحيح ٿيڻ بعد به هو ڪمزور ۽ نستو محسوس ڪري ٿو. منھنجو ڳلو شايد (sensitive) هجڻ ڪري مون سان هميشه اها جٺ رهي ٿي ته ٻن ٽن الٽين ۾ ئي ڳلو خراب ٿيو پوي ۽ پوءِ ڪيترا ڏينھن کنگهه يا ڳلي جي خراش رهي ٿي _ خاص ڪري ٿڌن ملڪن ۾ يا سياري جي موسم ۾.

ڇا سي سڪنيس واقعي بيماري آهي؟
سي سڪنيس کي ڪي بيماري سمجهن ٿا ته ڪي نفسياتي اثر. هڪ هنڌ پڙهيو هوم ته شروع ۾ ويندي ڊاڪٽرن به نٿي مڃيو ته ڪا اها بيماري آهي. ڇو جو سي سڪنيس جو مريض جڏهن بندرگاهه ۾ جھاز پھچڻ تي ڊاڪٽر وٽ پھتو ٿي ته هن ۾ بيماريءَ جي ڪا به ”علامت“ يا ”پوءِ جا اثر“ نظر نٿي آيا. ڇو جو سمنڊ خراب ٿيڻ ۽ جھاز يا ٻيڙيءَ جي لڏڻ سان سي سڪنيس ٿئي ٿي. سمنڊ صحيح ٿيڻ سان ان ئي وقت اها ختم ٿيو وڃي ۽ ڪجهه منٽ اڳ جنھن پيڙا ۽ تڪليف ۾ ماڻهو هو اها ڄڻ هڪ خواب جي ڳالهه ٿيو پوي. ڪجهه منٽ اڳ تائين ڪنھن ڳالهه ۾ دل نٿي لڳي. نه کائڻ پيئڻ ۾ نه لکڻ پڙهڻ ۾. سمنڊ جون ويرون ۽ ڪُنَ ختم ٿيڻ تي يا طوفان جو رخ بدلجڻ تي ماڻهو يڪدم هوشن ۾ اچيو وڃي ۽ ان ئي وقت هن جي دل هر شيءِ کائڻ پيئڻ تي ۽ هر ڪم شوق سان ڪرڻ تي چاهي ٿي. زندگيءَ مان وڃايل موهه ۽ چاهنا موٽي اچي ٿي. پنھنجو پاڻ تي تعجب لڳي ٿو ته ڪجهه گهڙيون اڳ تائين مون ڇو پئي اجائي مايوسي ۽ ڊپريشن محسوس ڪئي! ۽ بندرگاهه ۾ ته نه آهن طوفان نه ڇوليون. نه جھاز جا لوڏا ۽ نه الٽيون ۽ جڏهن مريض پاڻ ئي بھتر پيو محسوس ڪري ته ڊاڪٽر ڪيئن ٿو چئي سگهي ته هي بيمار آهي. ڊاڪٽرن اهو ئي چيو ٿي ته
“There is nosuch disease like Sea Sickness”
پوءِ چون ٿا ته پھرين وڏي لڙائي کان اڳ اسپين يا پورچوگال جي بادشاهه پنھنجي ملڪ جي ڏهاڪو کن ڊاڪٽرن کي، جڏهن سمنڊ ۾ جوش هو ڪنھن ننڍڙي جھاز ۾ چاڙهي، کليل سمنڊ ۾ موڪليو ته هنن جي حالت خراب ٿي وئي ۽ پوءِ هو علاج بابت سوچڻ لڳا ۽ هاڻ Sea Sickness جو مڙيئي نالي ماتر علاج آهي. مختلف ڪمپنين جون گوريون بازار ۾ ملن ٿيون پر اهي سڀ علاج عارضي آهن. هڪ مسافر لاءِ ته کڻي صحيح آهي. اها گوري کائڻ سان هن کي محسوس ٿيندڙ گهوماٽي ۽ الٽيون بند ٿيو وڃن يا گهٽجيو وڃن ۽ هو ته گوري نه کائي به رڳو ڊگهو ٿي وڃي سمهي رهي ته به هن کي فرحت محسوس ٿيندي ۽ گهاٽي ننڊ ايندس، ڇو جو سي سڪنيس ۾ ڏاڍي گهاٽي ننڊ اچي ٿي. پر هڪ جھاز هلائڻ واري کي ته ڏينھن رات پنھنجي واچ (مقرر ڪلاڪن جي ڊيوٽي) هر صورت ۾ ڪرڻي پوي ٿي ۽ ان مقرر ڊيوٽي کان علاوه ايمرجنسي جي حالت ۾ ايڪسٽرا ڊيوٽي به ڪرڻي پوي ٿي ۽ نوي سيڪڙو ايمرجنسي ان وقت پيش اچي ٿي جڏهن سمنڊ خراب (Rough) آهي. سو جھازي (يعني جھاز تي ڪم ڪندڙ) لاءِ بھتر اهو آهي ته هو نفسياتي طرح ان بيماريءَ جو مقابلو ڪري پاڻ کي بيمار محسوس نه ڪري. الٽي ڏي ڌيان نه ڏئي ۽ پاڻ کي جھاز جي ڪمن ۾ مشغول رکي.

سي سڪنيس لاءِ ڪجهه بچاءَ
ڪجهه ڳالهيون جيڪي هن بيماريءَ کان مڪمل طرح ته نه ڪافي حد تائين بچاءُ ڏيارين ٿيون ۽ هڪ جھازيءَ کي ڏينھون ڏينھن مضبوط بنائين ٿيون. اهي هن ريت آهن:
- سڀ کان پھرين ته پيٽ کي خالي نه رکجي. جيتري قدر ٿي سگهي گهڻي کان گهڻو کائجي. جيتوڻيڪ سي سڪنيس (Sea Sickness) جي حالت ۾ هڪ گرانھه به نٿو کاڌو ٿئي. پاڻيٺ ۽ مٺين شين کي ته ڏسڻ سان دل ڪچي ٿئي ٿي. پر ان هوندي به اهي نه ته ٻيون شيون کائيندو رهجي، جن لاءِ جھاز جا سينئر آفيسر ۽ پراڻا خلاصي به هر وقت نون آيلن کي چوندا رهن ٿا. ڇو جو حالت هيڪاندي تڏهن خراب ٿئي ٿي جڏهن ڪو خالي پيٽ تي اٻڙاڪ ڏئي ڪجهه ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هونءَ به پيٽ ڀريل آهي ته گهٽ الٽي محسوس ٿئي ٿي. خالي پيٽ تي ڄڻ ته آنڊا ٿا ٻاهر نڪرن.
- جيتري قدر ٿي سگهي سمنڊ ڏي نه ڏسجي ڇو جو اڀاميل ڇولين کي ڏسي چڪر اچن ٿا ۽ الٽي ڪرڻ تي دل چوي ٿي.
- تازي هوا ۾ رهجي. ڪمري جون دريون کليل رکڻ کپن. سخت سيءَ ۾ به ٿوري دري کليل رکجي توڙي کڻي جھاز جو هيٽنگ سسٽم on هجي. انجڻ روم ۾ Blower کليل رکجن.
- ذهني ۽ جسماني طرح پاڻ کي ڪم ۾ رڌل رکڻ کپي.
- سي سڪنيس جي ڪا به گوري نه کائڻ کپي جيئن توهان کي بنا دوا جي منھن ڏيڻ جي عادت پوي، ڇو جو توهان کي ته جھاز تي زندگي گذارڻي آهي. توهان جو ته Career (نوڪري) ئي اها آهي.

سونھان سڌيون ڏين، هن ديواني درياهه جون

ڪجهه ماڻهو اهو به سوچيندا آهن ته اهڙن طوفانن ۾ يا جڏهن رکي رکي سمند خراب ٿئي ٿو ته جھاز کي بيھاري جھاز جا ماڻهو آرام ڇو نٿا ڪن؟
ڳالهه اها آهي ته خراب موسم توڙي سمنڊ ۾ جھاز جي حالت ويتر خراب تڏهن ٿيو پوي جڏهن جھاز جي انجڻ بند ٿئي ٿي. جھاز جي انجڻ بيھڻ تي جهاز ويتر ڇولين ۽ طوفان جي رحم ڪرم تي ٿيو وڃي. ان ڪري بھتر اهو آهي ته جھاز هلندو رهي ۽ جيترو جلد ٿي سگهي جھاز ان خراب سمنڊ ۽ موسم واري حصي مان نڪري وڃي يا قدرت طرفان سمنڊ ۽ موسم جلد صحيح ٿي وڃن، جيئن جھاز جو لڏڻ جهڪو ٿي وڃي. ٻي ڳالهه ته اهڙو خراب سمنڊ ڪڏهن ته چند ڪلاڪ ملي ٿو ڪڏهن ته ڏينھن ٻه به ملي ٿو. ڪڏهن ته ائين به ٿئي ٿو ته اهو سمنڊ جو حصو جيڪو هڪڙن کي خراب مليو پر ڪجهه ڪلاڪن پويان ايندڙ جھازن کي نه به ملي جو ٿي سگهي ٿو جڏهن اهي جھاز اتي پھچن ته سمنڊ ماٺو هجي ۽ اڳيان ويندڙ جھاز جن اها مصيبت ڀوڳي جڏهن وڌيڪ اڳيان وڃن ته اڳيون سمنڊ به ان وقت انهن کي خراب ملي. اهڙي طرح ساڳي سمنڊ تان ساڳي ڏينھن فقط چند ڪلاڪن جي فاصلي تي هلندڙ جھازن مان هڪ کي سڄي واٽ خراب سمنڊ ملي سگهي ٿو ۽ ٻئي کي ماٺو سمنڊ جنهن ڪري هن جو سفر بيحد مزيدار گذري.
وري ائين به نه آهي ته فلاڻا سمنڊ فلاڻن ڏينھن ۾ خراب ٿين ٿا. پئسفڪ سمنڊ لاءِ چيو وڃي ٿو ته بيحد ماٺو آهي. سندس انگريزي نالو Pacific به شايد ان ڌيرج ۽ ماٺائيءَ واري طبيعت مان پيو آهي. پر ڪڏهن ڪڏهن پئسفڪ سمنڊ جا ڪيترائي حصا ڪيترن جھازن کي خراب به ملن ٿا. پاڻ وارو عربي سمنڊ جيڪو ڪراچي ۽ پورٽ قاسم جي بندرگاهن کي ڇُھي ٿو اهو ته ايامن کان خراب سمجهيو وڃي ٿو خاص ڪري جون، جولاءِ ۽ آگسٽ جي مھنن ۾، جيڪي اسان وٽ سانوڻيءَ ۽ چوماسي جا ڏينھن ٿين. ڀوڄ، ڪڇ کا ٿورو اڳيان بمبئي کان ڪولمبو تائين ته اها چؤماسي (monsoon) جي موسم اپريل مئي کان ئي شروع ٿيو وڃي ۽ وڏا وڏا جھازي جيڪي ائٽلانٽڪ، سائوٿ چائنا سِي ۽ ڀؤنچ جھڙا سمنڊ ته خيرخوبيءَ سان اڪريو وڃن، پر هتي اچي وائڙا ٿيو وڃن ۽ پنھنجي وطن وڃيو هن ديواني درياهه، ڪُنن ۽ ڇتين ڇولين جون ڳالهيون ڪن. تڏهن ته شاهه لطيف به جھاز جي ناکئي، (ڪئپٽن، ملاح، خلاصي) کي هن پاسي جي سمنڊ کان خبردار ڪيو آهي. چي:
سامونڊي ٿو سنبھين، ساڄو جهل سکاڻ
لڳي واءُ وڏاندرو، منجهائي مھراڻ....
بھرحال هن سمنڊ جي ڪُنن ۽ لھرن (Undercurrents) جي ڪھڙي ڳالهه ڪجي جنھن لاءِ شاهه لطيف خود چيو آهي ته ”ڪپر ٿو ڪُنَ ڪري، جيئن ماٽي منجهه مَھي“ ۽ ”سونھان سُڌيون ڏين، هن ديواني درياهه جون“. پر حيرت جي ڳالهه آهي ته سمنڊ (عربي سمند) توڙي هندوستان جي ٻئي پاسي خليج بنگال واري سمنڊ ۾ (جيڪو پڻ عربي سمنڊ وانگر هميشه بگڙيل رهي ٿو ۽ طوفان ۽ Cyclone لڳندا رهن ٿا) چوماسي واري موسم ۾ به ڪجهه ڏينھن اهڙا مليو وڃن، جو سمنڊ منڇر ڍنڍ وانگر ماٺو لڳي ٿو

جھاز جا لوڏا
پر سمنڊ جي خراب هجڻ يا طوفانن لڳڻ جو هڪ اهڙي ماڻهوءَ کي نه سوچڻ گهرجي جيڪو جھاز تي چند ڏينھن جو مسافر نه آهي پر هن لاءِ گهر توڙي آفيس جھاز آهي يعني هن جي روزگار جو ذريعو سمنڊ تي جھاز هلائڻ آهي. ۽ پوءِ جھاز جي زندگيءَ کي ڪڏهن ڪڏهن آئون عام زندگيءَ سان به مشابھت ڏيندو آهيان. جيئن ڪناري جي زندگيءَ ۾ ڪڏهن گرميون آهن ته ڪڏهن سرديون ڪڏهن عيدون آهن ته ڪڏهن روزا، تيئن سمنڊ تي به ڪڏهن سٺا ڏينھن اچن ٿا ته ڪڏهن خراب به! جھاز سمنڊ تي آهي ته هڪ ڏينھن به موڪل نه آهي چاهي آچر هجي يا جمعو. عاشورو هجي يا عيد_ جھاز کي هرروز هلائڻو آهي ۽ ڪڏهن ته يڪو مھنو مھنو به هلائڻو پوي ٿو. هڪ دفعي چين کان ڪئناڊا جي هڪ بندرگاهه تائين چاليھه ڏينھن لڳي ويا. يعني بنا اسٽاپ جي ڏينھن رات هلائيندا رهياسين. هڪ دفعي ڪراچي کان ڪيوبا ڏينھن رات هلائيندا رهياسين ان وچ ۾ عيد جو ڏينھن به اچي ويو پر عيد ڏينھن به جھاز هلائڻو پيو _ جھاز هلائڻ مان جان فقط تڏهن ڇٽي ٿي جڏهن جھاز بندرگاهه ۾ اچي ٻڌجي ٿو.
هونءَ سمنڊ وارن ڏينھن جي خبر نٿي پوي ته ڪيترا ڏينھن سمنڊ سڻائو ملندو ۽ ڪنھن وقت اهو اوچتو بگڙي پوندو ۽ اهو سندس بگڙجڻ به ڪڏهن گهٽ ٿو رهي ته ڪڏهن تمام گهڻو. ڪڏهن ڪڏهن ته سمنڊ جي خراب حالت ڪري جھاز کي سنڀاليندي سنڀاليندي ويھه ويھه ٽيھه ٽيھه ڪلاڪ اوجاڳي ۾ گذريو وڃن ڇو جو اهڙي حالت ۾ جھاز کي Auto تي نٿو ڇڏي سگهجي. هي طوفاني ڏينھن ۽ راتيون سمنڊ جي اها حالت رهي ٿي جنھن لاءِ شايد شاهه لطيف چيو آهي ته “ ڪو جو قھر ڪُنن ۾، ويا ڪين ورن”. يا “سھي ڪين سمونڊ جا، ماندي دل دڙڪا.”
سي سڪنيس بابت هتي هڪ ٻي ڳالهه به ٻڌائيندو هلان ته سي سڪنيس خراب (Rough) سمنڊ ٿيڻ تي ٿئي ٿي يا موسم جي خراب ٿيڻ تي يعني طوفان يا Cyclone اچڻ تي ٿئي ٿي. پر اصل سبب سمنڊ يا موسم جو خراب ٿيڻ ناهي پر جھاز جي لڏڻ تي آهي جيڪو خراب سمنڊ يا موسم ڪري لڏي ٿو ۽ پوءِ جھاز جا لوڏا ڪڏهن وڏا ٿين ته ڪڏهن ننڍا ۽ ڪڏهن ته وري جھاز ۾ اندر ويٺي ڪو لوڏو محسوس نه ٿيندو. جھاز سامونڊي ڇول جي اڀام تي پيو هيٺ مٿي ٿيندو. سخت سي سڪنيس محسوس پئي ٿيندي پر جھاز لڏندو نظر نه ايندو. ڪڏهن ته وري جھاز ۾ ايڏا وڏا لوڏا هوندا جو ٽيھن ڊگرين تائين ساڄي کاٻي پيو ويندو پر سي سڪنيس بنھه نه ٿيندي. الٽيون ته نه اينديون آهن پر معمولي چڪر يا مٿو ڳرو به نه رهندو آهي.
سمنڊ ڪڏهن ڪڏهن اهڙو ماٺو هونددو آهي جھڙو آرسي. جھاز ان تان ڄڻ ترڪندو ويندو آهي. جھاز جي پکي (Propeller) هلڻ ڪري جيڪا گجي پيدا ٿيندي آهي جنھن کي wake سڏجي ٿو، اها ميلن تائين پئي نظر ايندي آهي. ايڏو ماٺو سمنڊ هوندو آهي! سمنڊ هوائن ۽ طوفان لڳڻ ڪري چر پر ۾ اچي ٿو يا وري سمنڊ اندر پئدا ٿيندڙ Under Currents ڪُنَ ۽ لھرون سمنڊ ۾ هلچل پئدا ڪن ٿيون، جيڪي جھاز کي لوڏين ٿيون. ۽ جھاز جو لڏڻ پينگهه، پينگهي يا چيڪلي ۽ چوڏول وانگر ناهي. لڳندڙ هوائن (طوفانن) جي رفتار، پريشر ۽ Angle مطابق ۽ سمند جي ڇول ۽ جھاز ۾ موجود سامان مطابق جھاز لڏي ٿو.
هوائون يا لھرون جھاز جي پاسن کان لڳن ٿيون ته جھاز هلندي وقت ساڄي کاٻي لڏندو وڃي ٿو. جھاز جي ساڄي کان کاٻي لڏڻ کي رولنگ سڏجي ٿو. رولنگ (Rolling) ٻن قسمن جي ٿئي ٿي. هڪ ٽينڊر (Tender) ۽ ٻي Stiff جيڪي جھاز جي لوڊنگ مطابق ٿين. هڪ هلڪو سامان تر ۾ ۽ ڳرو سامان مٿان رکڻ تي ٿئي ٿي ۽ ٻي ڳرو سامان تر ۾ ۽ هلڪو مٿي رکڻ سان. Stiff حالت ۾. ان ۾ جيتوڻيڪ لوڏا گهٽ ٿا اچن پر سي سڪنيس گهڻي ٿئي ٿي. پر جھاز کي گهڻو ٽينڊر به نٿو بڻائي سگهجي جو ڳرو سامان مٿي رکڻ سان جھاز جي ٻڏڻ جو خطرو وڌيڪ آهي. ان جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته ڪنھن ٽرڪ ۾ هيٺان بُھه رکي مٿان ٽرئڪٽر جھڙي ڳري شيءِ رکبي ته ٽرڪ جي تکي مڙڻ سان اها اونڌي ٿي ڪري پوندي.
جھاز ساڄي کاٻي لڏڻ کان علاوه اڳيان پويان به لڏي ٿو. ان ۾ جھاز جو اڳيون حصو سمنڊ اندر هليو وڃي ٿو ته پويون حصو سمنڊ کان ٻاهر نڪريو اچي. وري انھيءَ گهڙي اڳيون حصو ٻاهر نڪري ٿو ته پويون اندر هليو وڃي. جھاز جي ان لڏڻ کي پِچنگ (Pitching) سڏجي ٿو. جھاز جي پچنگ ۾ رولنگ کان وڌيڪ سي سڪنيس ٿئي ٿي _ خاص ڪري انهن کي جيڪي ان وقت جھآز جي اڳئين يا پٺئين ڇيڙي وٽ ڪم ڪن ٿا، ڇو جو جھاز جا اهي حصا وچ کان وڌيڪ اثر انداز ٿين ٿا. پچنگ ۾ بار بار جھاز جو پٺيون حصو مٿي کڄڻ تي جھاز جو پنکو (Propeller) ٻاهر نڪريو اچي جنھن ڪري انجڻ جي رفتار وڌڻ يا over load ٿيڻ تي جيڪي مسئلا ڊيُوٽي انجنيئر کي درپيش اچن ٿا ان جو اندازو هڪ مڪينيڪل انجنير به لڳائي سگهي ٿو. ٻين لفظن ۾ خراب سمنڊ ۽ موسم ۾ جھازي انجنيئر (Marine Engineer) کي کيس ٿيندڙ سي سڪنيس کي به منھن ڏيڻو پوي ٿو ته جھاز کي هلائيندڙ انجڻين کي به. ڪڏهن ڪڏهن اهڙين حالتن ۾ جھاز جي پروپيلر شافٽ (جيڪا ڪرئنڪ شئفٽ سان ڳنڍيل هوندي آهي) اها وچ مان ٽٽي پوندي آهي. اندازو لڳايو ته فٽ يا ڏيڍ فٽ ٿلهي رڪ (Steel) جي نھري شافٽ ٽٽي پوي ٿي _ ڇا ته Stresses پئدا ٿيندا هوندا. بندرگاهه ۾ هڪ هنڌ بيٺل پنج ماڙ عمارت جيڏو لوهي جھاز خراب سمنڊ ۽ خراب موسم ۾ ڇوڏي وانگر هوندو آهي.
پچنگ سان ملندڙ جلندڙ هڪ ٻي لوڏ Pounding سڏجي ٿي. پائونڊنگ ۾ جھاز جو فقط اڳيون حصو سمنڊ مان نڪري مٿي کڄيو وڃي ٿو ۽ پوءِ آهستي آهستي هيٺ اچڻ بدران هڪدم اچيو ڦھڪو ڪري. ائين لڳندو آهي ڄڻ پاڻيءَ جي لھرن تي مترڪا لڳي رهيا هجن. پائونڊنگ ۾ به پچنگ وانگر سي سڪنيس گهڻي ٿئي ٿي، خاص ڪري جھاز جي اڳئين حصي ۾ جنھن کي فاڪسل سڏجي ٿو. جنھن کي سي سڪنيس نه ٿيندي هجي ته ان کي به پائونڊنگ يا پچنگ واري حالت ۾ فاڪسل تي موڪلجيس ته خبر پئجي وڃيس. جھاز تي نوان آيل اهي جھازي جن کي جھاز جي معمولي لوڏن تي سي سڪنيس ٿئي ٿي انهن کي صحيح ڪرڻ لاءِ ٿوري دير لاءِ فاڪسل تي موڪلي ڇڏبو آهي ته جيئن کين جھاز جي اصل لوڏن جي خبر پوي ۽ پوءِ جھاز جي وچ تي يا پٺيان انجڻ روم ۾ گهرائڻ سان هو پاڻ کي فرحتي محسوس ڪندا آهن.
پائونڊنگ ۾ جھاز جي اڳئين ڍانچي کي نقصان پڻ رسي ٿو. معمولي پائونڊنگ ۾ ئي ان جو رنگ روغن اکڙيو وڃي. گهڻي پائونڊنگ ۾ ڏينھن اڌ هلڻ تي جھاز جي اڳئين حصي جا ڪيترائي پرزا، خاص ڪري Weld ڍرا ٿيو پون يا ٽٽيو پون. ڪڏهن ڪڏهن ته جھاز جي ان اڳئين حصي ۾ گهُٻ (dent) پئجيو وڃن جيڪي شپ يارڊ ۾ ئي مرمت ٿي سگهن ٿا.
مٿن لوڏن کان علاوه ٻيا به ڪيترن ئي قسمن جا لوڏا جھاز تي محسوس ٿين ٿا. انهن مان هڪ لاٽئون وارو لوڏو به ٿئي ٿو. يا ڪڏهن وري لوڏي بدران جھاز لھرن تي مٿي کڄي وري هيٺ پيو ايندو آهي ۽ ائين محسوس ٿيندو آهي جيئن ڪار ڪنھن اهڙي رستي تان هلندي آهي جيڪو مٿي ڪنھن ٽڪريءَ تي وڃي پوءِ يڪدم هيٺ هليو ايندو آهي. ان ۾ سيوڪاري کان علاوه ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ آنڊا ٿا ٻاهر نڪرن.

وقت سان گڏ سي سڪنيس گهٽجيو وڃي
بھرحال ڪن کي قدرتي گهٽ سي سڪنيس ٿئي يا وقت سان گڏ پڪا ٿيو وڃن ۽ پوءِ خراب موسم ۽ خراب سمنڊ ٿيڻ تي جھاز جا ڪھڙا به لوڏا اچن، پر هنن کي تمام معمولي سي سڪنيس ٿئي. الٽين بدران فقط چڪر ۽ گهوماٽ محسوس ٿئي. بھرحال ڪو به ائين نٿو چئي سگهي ته هن کي سي سڪنيس صفا نٿي ٿئي. مايوسي ۽ ڊپريشن ته هر هڪ کي ضرور رهي ٿي. ڪنھن به ڳالهه ۾ اها دلچسپي نٿي رهي، جيڪا هونءَ عام سٺي موسم ۾ رهي ٿي. ڪيترا دفعا ته پڪو پھه ڪرڻو پوي ٿو ته اهڙي نوڪري کان ڪناري تي ڇولا پڪوڙا وڃي وڪڻجن. پر سمند جي صحيح ٿيڻ سان سي سڪنيس به ختم ٿيو وڃي ۽ اهو به وسريو وڃي ته ڪجهه گهڙيون اڳ تائين وارو وقت ڪھڙي عذاب ۽ پيڙا ۾ گذريو. بلڪ سمنڊ صحيح آهي ته ڇا ڳالهه ڪجي! ايندڙ امتحانن جي پڙهائيءَ ۾ به دل پئي لڳي، جھاز جي ڦٽل مشين کي ٺاهڻ ۾ به مزو پيو اچي، عبرت اخبار لاءِ ڪجهه لکڻ تي به دل پئي چاهي، ڪئبن ۾ ويھي شطرنج کيڏڻ تي به مُوڊ پيو ٿئي ته جھاز جي عرشي (ڊيڪ) تي ”آرام ڪرسي“ رکي فقط سمنڊ کي ڏسڻ سان به دل گارڊن گارڊن (باغ باغ) پئي ٿئي، نه ته اهو ئي سمنڊ جڏهن بگڙيل آهي ته ان کي ڏسڻ سان خوف ۽ دل ڪچي ٿي ٿئي ۽ الٽي ٿي نڪري. ان ئي ڪري چوندا آهن ته سي سڪنيس جي حالت ۾سمنڊ ڏي نه ڏسجي. سمنڊ ڏي ڏسڻ کان منع ڪرڻ جو هڪ اهو به سبب آهي ته اندر ڪمري يا انجڻ روم ۾ معلوم نٿو ٿئي ته جھاز ڪيترو هيٺ مٿي پيو ٿئي. سمنڊ ڏي ڏسڻ سان احساس ٿئي ٿو ته ڪيڏي وڏي ڇول تي جھاز مٿي کڄيو وڃي ۽ ٻي گهڙي هيٺ اچيو ڦھڪو ڪري ۽ ان سان گڏ پيٽ ۾ ڪتڪتائي ۽ سيوڪاري ڪجهه وڌيڪ ئي ٿئي ٿي.
مون کي شروع جي ڏينھن ۾ تمام گهڻي سي سڪنيس ٿيندي هئي. خير تمام گهڻي ته شايد نه چئجي جو ڪي اهڙا به هئا جن کي مون کان به گهڻي ٿيندي هئي. پر پوءِ جلدي گهٽجي گهٽجي چئن پنجن سالن بعد نه برابر ٿي وئي. ماني ٽڪي به کائيندو رهندو هوس. بس ڪڏهن ڪڏهن ننڊ جو گهيرٽ محسوس ڪندو هوس يا بي چيني جيئن ڪنھن کي بخار ۾ محسوس ٿيندي آهي ۽ ڪو به ڪم ڪرڻ تي دل نه چوندي آهي. دل چوي يا نه چوي، مري جهري به ڊيوٽي ته ڪرڻي پوي ٿي، باقي ميوزڪ ٻڌڻ، مضمون يا خط لکڻ جھڙو ڪم نه اڄھندو هو. وڌ ۾ وڌ ان ڳالهه تان ڌيان هٽائڻ لاءِ ته سمنڊ خراب آهي يا جھاز لڏي پيو يا سي سڪنيس ڪري دل ڪچي پئي ٿئي ڪو رسالو يا ناول کڻي وهندو هوس ۽ پوري ڪوشش جي باوجود ڪڏهن ڪڏهن ان تي Concentration به نه ٿي سگهندي هئي. صفحو ٻه پڙهي ويندو هوس پر ڌيان ٻي طرف هوندو هو ۽ اهو صفحو ٻه وري پڙهڻو پوندو هو. پنھنجي انجنيئرنگ جي پڙهائي جھڙي ڳالهه ۾ ته ڌيان بلڪل نه لڳندو هو.
وقت سان گڏ سي سڪنيس جي اثر تي ڪنٽرول ضرور ڪري ويس پر تيسين ترقي ٿيندي ٿيندي سيڪنڊ انجنيئر ۽ ان بعد چيف انجنيئر ٿي ويس ۽ جھاز جي انجڻ کڻي ڪير به هلائي پر Over all جوابداري منھنجي هوندي هئي هونءَ جو مقرر ڊيوٽي ڪري ڪمري ۾ هلي اچبو هو ان بدران مون کي ڏينھن رات هر هر انجڻ روم ۾ وڃڻو پيو ٿي، خاص ڪري خراب موسم ۾، جيئن سي سڪنيس ڪري ڪو جونيئر انجنيئر سست نه ٿئي ۽ بھتر کان بھتر ڊيوٽي ڏئي سگهي.

اڃا اوڙاهه اڳاهون ٿيو
جھاز جي نوڪري شروع ڪرڻ کان اڳ Sea Sickness بابت ٻڌو ضرور هئم پر جنھن وقت جھاز تي چڙهيس ته سي سڪنيس جو خيال به نه هوم. لوهه جو ڳرو جھاز، سامان سان ٽٻ بندرگاهه ۾ جبل وانگر ائين چڪ ٿيو بيٺو هو جو هڪ انچ به هيٺ مٿي يا ساڄي کاٻي نٿي ٿيو. سي سڪنيس ته کلئي سمنڊ ۾ ۽ طوفان لڳڻ تي ٿئي ٿي ۽ مون لاءِ کليو (Open) سمنڊ معنيٰ ڪراچي کان گهٽ ۾ گٽ ٽي چار سؤ ميل کن ڏور. جھاز تي چڙهي نئين نوڪري، نئين ڊيوٽي ۽ نئين زندگي جي شروع ڪرڻ جي خوشي ۽ Excitement ۾ اهو وسري ويم ته جنھن بندرگاهه (ڪراچي) تان پنھنجي نوڪري ۽ سفر جو آغاز ڪري رهيو آهيان، ان جي ڪناري کي دنيا جو اهو سمنڊ (بحر عرب) ٿو ڇُھي جنھن لاءِ شاهه لطيف بار بار چيو آهي ته :
ڪو جو قھر ڪلاچَ ۾، گهڙي سو نئي.
(يعني ڪراچيءَ جي ڪُن ۾ اهڙو قھر پيو وسي، جو جيڪو ٿو اندر گهڙي، تنھن کي ٿو کڻي)، ۽ جتي ” اوليون اُجهَڻ لڳيون، ويا وَنجههَ وَهي.“
۽ هي ڪراچي جو سمنڊ يعني عربي سمنڊ جون جولاءِ، آگسٽ جھڙن مھنن ۾ ته هيڪاندو هٿن مان هليو ٿو وڃي ۽ جھاز جي حالت اها ٿئي ٿي جو الله ڏئي بندو سھي. پراڻي زماني جا قابل عرب جھازي (Sailors) توڙي ماضي قريب جا پورچوگالي ۽ هسپانوي پھلوان خلاصي انهن مھنن ۾ ته هن سمنڊ کان سوين ميل پري رهيا ٿي ۽ ٻين کي به هن پاسي جي خطرن کان خبردار ڪيائون ٿي. بقول شاهه لطيف جي:
ڪن ڪڙڪو ڏاڍو، اَٿو اڳيان اَڇ.
۽ هن پاسي جي سمنڊ سان دوستي يا ياري رکڻ يعني ويجهو رهڻ کان چتاءُ ڏنو ٿي:
”سڳايون ۽ سَڱَ، ڪلاچيءَ ڪير ڪري“.
۽ هن سمنڊ ۾ ٻيڙي هلائڻ جي شوق ۾ جيڪو گهڙيو ان کي واقعي مشڪلن سان منھن ڏيڻو پيو. هي اهو سمنڊ ناهي جنھن ۾ ڪو سک جو ساهه کڻي سگهي. ”ڪن ڪلاچيءَ ڪوڏ. سک نه ستا ڪڏهين.“ اها به منھنجي بدقسمتي هئي جو اسان جو جھاز جولاءِ جھڙي مھني ۾ ڪراچي ڇڏي رهيو هو جنھن ۾ سانوڻي (چؤماسي) جي مند ڦوهه جوانيءَ تي هوندي آهي ۽ ڪراچيءَ کان ڪولمبو تائين سمنڊ ۾ڄڻ باهه ٻري پئي هوندي آهي. سمنڊ ڪنھن خوفناڪ راڪاس وانگر گجگوڙون ڪرڻ ۾ پورو هوندو آهي. آدم بوءِ. آدم بوءِ. آدم ذات کي علامتي ظالم جن وانگر پنڊ پھڻ يا سرهه جا داڻا ته نه ڪري سگهندو آهي، پر جھڙن تھڙن ٻيڙن کي ته اونهي ۾ هيٺ گھلي ويندو آهي پر وڏن جھازن کي به گهمائي رکندو آهي. اسان جي جھاز به جھڙو ئي ڪراچي بندرگاهه مان منھن ڪڍيو ته کيس سمنڊ جا جوهر نظر اچي ويا. اڃا ته منھوڙي وارو بريڪ واٽر ئي مس لتاڙيو هئائين. چؤماسي (Monsoon) ۽ ان ۾ پيد اٿيندڙ طوفانن جا وچ (epicenter) ته اڃا اڳيان هئا. ”هي ڇارو ن ۽ ڇَڇَ، اڃا اوڙاهه اڳاهون ٿيو.“ (هي ته سمنڊ جا تانگهان هنڌ آهن. هي ته ڄڻ تانگهيون کاريون ۽ ڍورا ترايون آهن. اوڙاهه (اونهائي ۽ خطرا)ته اڃا اڳتي آهن.

مون سمجهيو بخار ٿي پيو آهي
جنھن جھاز تي منھنجي سفر جي شروعات ٿي هئي اهو آمريڪا ۽ ڪئناڊا جو ڊگهو سفر ڪري وطن وريو هو ۽ اسان کي آندل سامان جي لاهڻ ۽ ڪراچي مان سامان چاڙهڻ ۾ مھنو کن بيھڻو هو. مون جھاز تي ڊيوٽي لاءِ جڏهن رپورٽ ڪئي ته خبر پيئي ته جھاز جي Sail ۾ (يعني ڪراچيءَ مان لنگر کڻي پرديس روانو ٿيڻ ۾) ڪو هفتو کن مس وڃي بچيو آهي پر مون کي سامونڊي سفر تي نڪرڻ جي ايڏي Excitement هئي جو اهو هفتو پورو ٿيڻ بعد وتس پراڻن جھازين کان پڇندو ته اڃان ڇو نٿو Sail ڪري ۽ موٽ ۾ هرهڪ ائين ٿي گهوري ڏٺو ڄڻ گار ڏني هجيم ۽ ڏٺم ته هرهڪ کي سفر تي روانو ٿيڻ کان وڌيڪ بندرگاهه ۾ ترسڻ جي خواهش گهڻي هئي ۽ پوءِ سگهو ئي معلوم ٿي ويو ته اسان جھاز هلائيندڙن لاءِ سمنڊ تي ڪھڙو ڀت پيو ٺري، پنھنجو پاڻ ولوڙڻو ٿو پوي. مزو ته سڄو بندرگاهه ۾ آهي ۽ پوءِ اها پڻ ڄاڻ پيم ته جھازين جو اهو ئي خواب هوندو آهي ته سندن جھاز جڏهن بندرگاهه ۾ پھچي ته اتي مزورن جي هڙتال شروع ٿي وڃي. يعني نه مزور جھاز تان سامان لاهين ۽ نه چاڙهين. ٻين لفظن ۾ جھاز بندرگاهه ۾ ئي بيٺو هجي ۽ آرام جي زندگي پئي گذري. ساڳي وقت جھاز جو مالڪ ڪڏهن به نٿو چاهي ته جھاز ڪٿي به گهڻي دير ترسي. ڇو ته جھاز تڏهن ئي مالڪ کي ڪمائي ڏئي ٿو جڏهن اهو هلندو ئي رهي. بندرگاهه ۾ جلدي جلدي سامان لاهي ۽ چاڙهي ۽ وري روانگي اختيار ڪري.
جھاز شام جي وقت لنگر کنيو. هر جھاز تي رات جي ماني سوير ئي سج هوندي ڇھين بجي ٿيندي آهي جيئن رات جو 12 کان 4 واري واچ (ڊيُوٽي) ڪرڻ وارا ماني کائي سمهي رهن. منھنجي اها آڌي رات واري ڊيُوٽي هڪ پراڻي ٿرڊ انجنيئر سان لڳي هئي. آئون پڙدا ڇڪي جيئن ئي بستر تي ليٽيس ته ننڊ اچي وئي. جھاز ان وقت ڪراچي جي بندر گاهه کان نڪري منھوڙو لتاڙي هاڻ ٺٽي جي سامهون واري سمنڊ ڏي وڃي رهيو هو. اسان کي ڏور اوڀر جي ملڪن ڏي وڃڻو هو جنھن لاءِ پھرين بندرگاهه ڪولمبو لاءِ جھاز جو رخ ڏکڻ ڏي هو. جھاز کي سنڌ جو ڪنارو، ان بعد ڀوڄ ۽ ڪڇ جي سامهون لنگهندي بمبئي وٽان ملبار ڪنارو ڏئي اڍائي ٽن ڏينھن بعد ڪولمبو پھچڻو هو، جتان پوءِ اوڀر ڏي وڌڻو هو.
آڌي رات يعني ٻارهن وڄڻ ۾ اڃان 15 منٽ هئا ته ننڊ مان اٿارڻ لاءِ تيل واري منھنجي ڪئبن (ڪمري) جو دروازو کڙڪائي روايتي انداز ۾ رڙ ڪئي:
”ڪوارٽر صاحب!“ يعني ڊيوٽي شروع ٿيڻ ۾ فقط چوٿو ڪلاڪ وڃي بچيو آهي. منھنجي اک کلي پر اٿڻ تي دل نه پئي چيو. هونءَ آئون ٻه ٽي ڪلاڪ ننڊ سمهڻ مان خوش ٿيڻ وارو اڄ 5 ڪلاڪ سمهڻ بعد به اٿيو نه پئي ٿيو. نه چاهڻ جي باوجود اٿي کڙو ٿيس. سمنڊ جي ڦڙن سان مليل هوا اڌ کليل دريءَ مان سوساٽ ڪري ڪمري ۾ گهڙي رهي هئي. انجڻ روم ۾ وڃڻ لاءِ بئالر سوٽ پائي ٽارچ کڻي ٻاهر نڪتس. انجڻ روم جي در وٽ ئي ٿرڊ انجنيئر بيٺو هو. هو منھنجو ئي انتظار ڪري رهيو هو جيئن ٻڌائي سگهي ته هلندڙ جھاز ۾ انجڻ جي جاچ وٺڻ لاءِ ڪھڙيون مشينون چڪاس ڪجن، ڪھڙا ٽيمپريچر ۽ پريشر جانچجن، وغيره وغيره. آئون سندس ڳالهه ٻڌندو انجڻ روم جي هڪ هڪ ماڙ هيٺ لھندو ويس پر مزو نه پئي آيو. هفتو کن اڳ جيڪو جھاز هلندو ڏسڻ ۾ ڪم سکڻ جو جوش هوم اهو ڍرو ٿيل لڳو. مٿو ڳرو ڳرو لڳي رهيو هو. مون سمجهيو مون کي بخار ٿي پيو آهي.

همدرديءَ بدران ڪم ۾ مشغول رکيو
انجڻ روم جو ڏسيل ڪم پويان ڏهه پنڌرهن منٽ هلي هڪ هنڌ اچي بيھي رهيس. پيٽ ۾ آنڌ مانڌ ٿي رهي هئي، جيڪا الٽي اچڻ سان ڪجهه گهڙيون لھي وئي پر وري ساڳي آنڌ مانڌ ۽ دل ڪچي. سمجهي ويس ته بخار ٿي پيو اٿم. در اصل مون کي سي سڪنيس ٿي رهي هئي ۽ اهي سڀ Symptoms سي سڪنيس جا هئا پر مون کي ان وقت به ڌيان ۾ نه پئي آيو ته اها سي سڪنيس آهي، جنھن کي ڪيترا اهو به نٿا مڃين ته اها بيماري آهي. مون ته ڪڏهن سوچيو به نه هو ته ڪو مون کي به سي سڪنيس ٿيندي.
جھاز جي هن نوڪري کان اڳ مئرين انجنيئرنگ جي تعليم دوران اسان کي ڪيترو ئي ٻيڙين ۾ چاڙهيو ويو هو. اسان جي اڪيڊمي چٽگانگ ۾ هئي جيڪو بندرگاهه ڪرناڦلي نديءَ جي ڇوڙ وٽ آهي. بلڪه صحيح معنيٰ ۾ چٽگانگ شھر کان به ڪجهه ميل پري ”جُلديا“ نالي ٻيٽ تي هئي جتان ٻيڙيءَ ذريعي چٽگانگ اچبو هو. يا ان ٻيٽ تان خليج بنگال واري سمنڊ ۾ بيٺل جھاز تي (Ship-Visit) لاءِ وڃبو هو ۽ ٻين وانگر مون به اهو ئي سوچيو هو ته اسان ته ننڍڙين ٻيڙين ۾ پيا هلون سو به بنگال جي Cyclone (طوفانن) واري موسم ۾, سو وڏي جھاز تي ڇا ٿيندو. ۽ هاڻ عربي سمنڊ ۾ ويھه هزار ٽن وزن جي جھاز تي سي سڪنيس جي اثر ڪري ڪڪڙ ٿي پيو هوس.
”ڇا پيو ٿئي برادر؟“ ٿرڊ انجنيئر محمود جنھن جو تڪيو ڪلام ”برادر“ هو، تنھن مون کي هڪ ڪند ۾ ويڳاڻو بيٺل ڏسي پڇيو. پر سندس چپن تي مرڪ هئي. مون سمجهيو هو منھنجي اداس چھري مان سمجهي ويو هوندو ته آئون بيمار آهيان ۽ مون سان همدردي ڪرڻ لاءِ حيرت مان پڇندو.
”لڳي ٿو مون کي فلو يا بخار ٿي پيو آهي.“ مون هن کي جهيڻي آواز ۾ ٻڌايو. مون کي ان وقت به احساس نه پئي ٿيو ته مون کي رف سمنڊ جي ڪري سِي سِڪنيس جو اثر آهي. هڪ ڳالهه آهي ته خراب سمنڊ ۽ چوماسي جي هوائن جو اثر اهڙو هو جو جھاز کاٻي ساڄي (پينگهي وانگر) لڏيو نه پئي جو بيھي به نه سگهجي ۽ سمجهي وڃجي ته ٻاهر خراب موسم آهي. هوائن جو رخ ڪجهه اهڙو هو ۽ سمنڊ ۾جوش ڪجهه اهڙي نموني جو هو، جو سمنڊ جون لھرون ڇولين وانگر جھاز سان ٽڪرائجڻ بدران لھرن ۾ اڀام پيدا ٿي رهي هئي، جنھن ۾ جھاز ڇوليءَ جي اڀام سان تمام گهڻو مٿي کڄي ويو ٿي ۽ ٻي گهڙيءَ ڇوليءَ جي سسڻ سان هيٺ لھي آيو ٿي. اها ڳالهه پيٽ ۾ آنڌ مانڌ پئدا ڪري رهي هئي.
”چڱو هيئن ڪر جلدي بئالر جو گيج گلاس Blow down ڪري پوءِ پيوريفائير (تيل صاف ڪرڻ جي مشين) کولي ان جو Gravity Disc تبديل ڪر. ان بعد فيول فلٽر صاف ڪر ۽ انجڻ جي پسٽن ۽ سلينڊر جا ٽيمپريچر ۽ پريشر Maintain ڪر...“ ٿرڊ انجنيئر پنھنجي چپن ۾ وڌيڪ مُرڪ آڻيندي مون کي ڪمن جي ڊگهي لسٽ ٻڌائي.
مون دل ئي دل ۾ چيو ته هي منھنجو سينئر انجنيئر به عجيب ماڻهو آهي. هفتو کن بندرگاهه وارو ته هو ايڏو همدرد هو جو هر گهڙيءَ منھنجو خيال پئي ڪيائين ۽ هاڻي سمنڊ تي ٿوري دير آرام لاءِ چوڻ بدران وڌيڪ ڪم ۾ لڳائي ڇڏيو اٿس. ان دوران هڪ ٻه ٻي الٽي به آئي ۽ مون ڏٺو ته هو مٿئين پليٽ فارم تان مون کي الٽي ڪندي ڏسي به رهيو هو ته به مون وٽ اچي ٻه لفظ همدرديءَ جا چوڻ بدران ويتر پاڻ ڏي سڏي هڪ ٻه ٻيو ڪم ٿي ڏسيائين، جنھن ۾ مون کي هيٺ مٿي ۽ اڳيان پويان هلڻو پيو ٿي. مس مس چار ڪلاڪ پورا ٿيا ۽ چئين بجي صبح جو اٺين تائين ڊيوٽي ڪرڻ وارا انجڻ روم ۾ نازل ٿيا. چئن ڪلاڪن ۾ جيڪو اسان ڪم ڪيو هو ۽ انجڻ ۾ جيڪي خرابيون پئدا ٿيون هيون يا جيترو تيل اسان ساڙيو هو ان جو احوال Log Book ۾ لکي، صحيحون ڪري پنھنجن پنھنجن ڪمرن ڏي آياسين.
ڪلاڪ اڌ کانپوءِ نيرن ملڻي هئي پر مون کي ايڏي ته ڦيري ٿي رهي هئي ۽ ننڊ جو گهيرٽ هو جو بستر تي ليٽڻ سان بيھوش ٿي ويس. (سي سڪنيس ۾ ننڊ سٺي اچي ٿي. بلڪ ننڊ جي خيال کان دل چوندي آهي ته سمهڻ مھل سمنڊ ٿورو Choppy هجي ته سٺو جيئن سي سڪنيس جو هلڪو هلڪو اثر رهي). هلڪي خراب سمنڊ کي “چاپي” سڏجي ٿو جنھن ۾ وڏي ڇول بدران ننڍڙيون ڇوليون هونديون آهن جن جي مٿان اڇي اڇي گجي نظر ايندي آهي. بلڪ سمنڊ جي تمام گهڻي خراب ٿيڻ جي شروعات انهن اڇين ننڍڙين ڇولين سان ٿيندي آهي جنھن کي اسان اَڇَ سڏيون ٿا: ”ڪن ڪڙڪو ڏاڍو اڳيان اٿانوَ اَڇَ“. ان کي انگريزيءَ ۾ “White Horses” (سفيد گهوڙا) چئجي ٿو.

سمنڊ تي خراب ڏينھن ڪي گهڻا نٿا اچن
ٻئي ڏينھن پوڻين ٻارهين بجي انجڻ روم ۾ ڊيوٽي لاءِ اٿڻ مھل ساڳي حالت محسوس ڪيم. : ”سائين منھنجا ڇا حال آهي؟“ انجڻ روم ۾ پھچڻ سان ٿرڊ انجنيئر پڇيو. سندس چپن تي اها ئي رات واري مُرڪ نچندي رهي.
”طبيعت صحيح ناهي. شايد بخار ٿي پيو آهي. نيرن به نه ڪيم.“ مون جواب ڏنومانس. پنھنجو پاڻ کي سخت بيمار ثابت ڪرڻ لاءِ ڄاڻي واڻي نيرن جو ذڪر ڪيم.
”ڏس برادر! اهو ڪم غلط ڪري رهيو آهين.“ ٿرڊ انجنيئر منھنجي ويجهو اچي وڏي پاٻوهه مان مونکي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي. هن کي سامونڊي جھاز هلائيندي اٺ سال ٿي ويا هئا. ”توکي ڪا بيماري شيماري ناهي. موسم ۽ سمنڊ سخت خراب ٿي ويو آهي ان ڪري توکي سي سڪنيس ٿي رهي آهي ۽ سي سڪنيس ڪا بيماري ناهي. ان جو مقابلو ڪرڻ جي ڪوشش ڪر. اڄ ته تون منھنجو اسسٽنٽ ٿي ڪم ڪري رهيو آهين. سال ڏيڍ کانپوءِ توکي اڪيلي جھاز هلائڻو آهي. جيڪڏهن Sea Sick محسوس ڪندين ته سمنڊ تي ڪيئن ڪم ڪري سگهندين. هاڻ هيئن ڪر جو اهو وساري ڇڏ ته تون بيمار آهين. پنھنجو پاڻ کي ڪنھن نه ڪنھن ڪم ۾ مشغول رک ۽ بک نٿي لڳي ته به ڪجهه نه ڪجهه کائيندو رهه...“
بھرحال خراب موسم جي ڪري جھاز ڪولمبو ۾ اڍائي ڏينھن بدران ساڍن ٽن ڏينھن ۾ پھتو. ڪولمبو تائين چؤماسي جي هوائن ڪري سمنڊ جي حالت سخت خراب هئي ان سان گڏ مون تي به سي سڪنيس جو اثر قائم رهيو. پر هڪ ڳالهه مون محسوس ڪئي ته جھاز جيئن ئي ڪولمبو بندرگاهه جي ويجهو ماٺي سمنڊ ۾ گهڙيو ته سي سڪنيس جون سڀ علامتون مٿو ڳرو، ڦيري، دل ڪچي، اٻڙاڪ، ننڊ جو گهيرٽ، الٽيون، مايوسي، ڊپريشن، ڪنھن به ڳالهه ۾ مزو نه اچڻ، بک نه لڳڻ، چانھه جھڙي مٺي شيءِ کي ڏسي هيڪاندي دل ڪچي ٿيڻ _ سڀ ائين گم ٿي ويون ڄڻ اوچتو ئي اوچتو خواب مان اک کلڻ سان خواب وارو نظارو گم ٿي وڃي. ڪجهه گهڙيون اڳ تائين يڪا ٽي ڏينهن ‘سي سڪنيس’ جي ڪري جسم ۽ ذهن تي ڇا وهيو واپريو پئي، ان جي ياد به نه پئي آئي. ڄڻ ته اهي سڀ تڪليفون مون کي نه ٻئي ڪنھن کي هيون. هر شيءِ کائڻ تي دل پئي چيو ۽ سمنڊ جو نظارو ڇا سھڻو پئي لڳو. هڪ خاص inspiration ملي ٿي. هرڳالهه ۾ خوشي محسوس ٿيڻ لڳي ۽ دل ٽھڪ ڏيڻ تي چيو ٿي. ڪجهه گهڙيون اڳ تائين سمنڊ کي ڏسڻ سان الٽي ٿي آئي ۽ هاڻ سمنڊ جھڙي سھڻي ٻي ڪا شيءِ نه پئي لڳي. ڪنھن سچ چيو آهي ته دنيا ۾ ٻه اهڙيون شيون آهن جن کي ڪيترو به ڏسڻ سان دل نٿي ٿڪجي. هڪ سمنڊ ٻيو آسمان.
ڪولمبو کان چٽگانگ ويندي خليج بنگال وارو سمنڊ به خراب مليو ۽ سنگاپور بعد سائوٿ چائنا سمنڊ به اهڙو ئي ستائيندڙ مليو پر چٽگانگ بندرگاهه ۾ يا ملاڪا جي ڳچي سمنڊ ۾، جيڪو سوڙهو سامونڊي لنگهه آهي ۽ اتي سمنڊ ٻارهو ئي ماٺو رهي ٿو، ڪنھن به قسم جي تڪليف نه رهي. ويتر پاڻ کي نارمل حالتن کان به بھتر محسوس ڪيم. ڪراچي جي دونھاٽيل، گهميل ۽ گرم موسم ۾ ڪنھن آفيس ۾ ڪم ڪرڻ کان هڪ صاف فضا ۾ هلندڙ چلندڙ جھاز تي نوڪري بھتر لڳي جنھن ۾ هر وقت نون نون بندرگاهن ٻيٽن گهمڻ جو موقعو مليو ٿي ۽ پوءِ سال اندر اهو حساب لڳائي ورتم ته اهڙا سي سڪنيس ۽ خراب سمنڊ وارا ڏينھن سٺن ڏينھن سان ڀيٽيا وڃن ته تمام ٿورا ٿين ٿا. سراسري طور سمنڊ جي هڪ سؤ ڏينھن ۾ خراب ڏينھن ڪي ڏهه پنڌرهن مس ٿين ٿا سي به پنھنجو پاڻ کي عادي بنائڻ سان اهڙا تڪليف وارا نٿا لڳن.

ڪن شين مان سي سڪنيس جو احساس ٿئي ٿو
همت ۽ نفسياتي ويڙهه سان ۽ وقت گذرڻ سان آهستي آهستي سي سڪنيس جو اثر تمام گهٽ ٿي ويو ۽ پوءِ ٻين کي، خاص ڪري نون آيلن کي ان حالت مان گذرندو ڏسي رب پاڪ جا شڪر ڪندو هوس ته آئون هاڻ ان مصيبت کان آجو آهيان ۽ خوشي پڻ ٿيندي هيم ته هاڻ آئون اهڙو “مڪراني” يا “بنگالي” ٿي ويو آهيان جو خراب سمنڊ ۾ به الٽي نٿي اچي ۽ ماني ته ڇا چانھه به مزي سان پيو وڃان. بقول اسان جي هڪ ساٿي چيف انجنيئر ظھير بابر قريشي جي : ”جيڪو جھازي خراب سمنڊ ۾، جڏهن ٻين کي سي سڪنيس ٿي رهي هجي، چانھه پيئندو نظر اچي ته هو واقعي وڏو پھلوان آهي.“
بھرحال ائين ڪير به نٿو چئي سگهي ته خراب موسم ۽ سمنڊ تي هن کي سي سڪنيس بلڪل نٿي ٿئي. ڪيڏو به جهونو جھازي هجي هن کي خراب موسم ۾ ٿورو ٿورو مٿو ڳرو ۽ مايوسي ۽ ڊپريشن ضرور رهي ٿي. پر پراڻو جھازي ڪوشش ڪري اهڙي شڪل ٺاهي هلندو جنھن مان ٻئي کي شڪ نه پوي ته هن تي سي سڪنيس جو ذري جيترو به اثر آهي.
هونءِ ڪي ڪي اهڙيون شيون ٿين ٿيون جيڪي سي سڪنيس ۾ ته بنھه نٿيون وڻن پر ان بعد به انهن جو اثر دماغ تي اهڙو رهي ٿو جو ڪناري تي به ان شيءِ کي ڏسڻ سان دل ڪچي ٿئي ٿي. اسڪول جي ڏينھن ۾ مليريا جي بچاءُ لاءِ هر هفتي پئلوڊرين نالي هڪ گوري اسڪول ۾ کارائي ويندي هئي، ان جو ذائقو اهڙو هوندو هو جو ڪا دير دل ڪچي رهندي هئي. اڄ ان کي چاليھه سالن کان مٿي ٿي ويو آهي پر هينئر به ان گوريءَ جو نالو ٻڌڻ سان ان جي هڱ جهڙي اگري سواد جو احساس ٿئي ٿو. اهڙي طرح جھاز تي کاڌل شين مان هڪ بٽر ٽوسٽ آهي.
اسان جي پاڪستاني جهازن تي شام جي چانھه تي جھاز جو پئنٽري مئن ڪانه ڪا شيءِ: سمبوسا، ڇولا، نمڪو يا پڪوڙا وغيره ٺاهي موڪلي ٿو. جھاز تي ڪم ڪندڙ ڪئبن بئائز ۽ اسٽورڊن جو انچارج پئنٽري مئن ٿئي ٿو. خراب سمنڊ يا طوفاني هوائون لڳڻ تي ظاهر آهي هو ڪا شيءِ ٺاهي نٿو سگهي جو اهڙي حالتن ۾ جھاز لوڏن ۾ اچيو وڃي ۽ ان صورت ۾ هو جھاز جي ڪراڪري سنڀالي، چانھه ٺاهي يا تئيون ۽ ڪڻڇيون رکي اسان لاءِ پڪوڙا ٺاهي. ساڳي وقت آفيسرن ڏي ٺلهي چانھه موڪلڻ به هن کي خراب لڳي ٿي. ان ڪري اهڙي امرجنسي ۾ اسان جي پاڪستاني جھازن تي بٽر ٽوسٽ ٺاهيو وڃي ٿو. بٽر ٽوسٽ ڇا آهي؟ ڊبل روٽيءَ جي Slice تي مکڻ يا گيھه هڻي اوون ۾ سوڪ ڪيو وڃي ٿو. خبر ناهي ڇو سي سڪنيس ۾ ان بٽر ٽوسٽ مان ايندڙ گهريچي گيھه جي تکي خوشبوءِ ۽ هٿ لائڻ سان هٿن تي لڳندڙ گيھه کي ڏسي زبان جو مزو خراب ٿي ويندو هو. هڪ ٻه دفعا زوريءَ کائي ويس پر پوءِ ڏسڻ سان الٽي محسوس ٿيندي هئي. ٿي سگهي ٿو نفسياتي اثر هجي جيڪو ڪيترا سال جھاز تي رهڻ ڪري دماغ ۾ ويھي ويو ته خراب موسم يعني سي سڪنيس معنيٰ بٽر ٽوسٽ ۽ بٽر ٽوسٽ معنيٰ سي سڪنيس.
مون سمجهيو ته ان جو اثر فقط منھنجي دماغ تي ويھي ويو آهي پر پوءِ (ڪيترن سالن بعد) ڪناري جي نوڪريءَ ۾ هڪ دعوت ۾ پليٽ تي بٽر ٽوسٽ ڏسي منھنجي ڀر ۾ بيٺل هڪ جھازي دوست ڪئپٽن عالم شيخ رڙ ڪري چيو: ”يار هيءَ اهڙي شيءِ آهي جنھن کي ڏسڻ سان مون کي سي سڪنيس ٿي ٿئي.“ (يعني الٽي ٿي اچي). مون ساڻس تاڙي ملائيندي چيو: ”يار ڳالهه ته واهه جي ڪئي اٿئي مون کي اڄ خبر پيئي ته آئون اڪيلو نه آهيان، پر مون سان گڏ ٻيا به آهن جن کي بٽر ٽوسٽ ڏسي رف سمنڊ ٿو ياد اچي.“
”توکي خبر آهي ته جھاز تي وڃڻ کان اڳ تائين هيءِ شيءِ منھنجي فئوريٽ هوندي هئي،“ ڪئپٽن عالم کِلندي ٻڌايو،) ”ايتريقدر جو جھاز تي پھچڻ سان پئنٽري مئن ۽ چيف ڪڪ جو مٿو کائي ويس ته بٽر ٽوسٽ ڪڏهن ٺاهيندين؟ هن چيو : ”هائو سائين ڇو نه ٺاهيندس. ضرور ٺاهيندس.“ ڪراچي ڇڏڻ وقت سيارو هو. پاڻ وارو عربي سمنڊ ته ماٺو هو پر بحر احمر (ڳاڙهو سمنڊ) به پنڪين ۾ هو. جھاز ائين پئي ويو ڄڻ برف تان سليج گاڏي هلي. ڳاڙهي سمنڊ کانپوءِ سئيز ڪئنال ۾ گهڙياسين ان بعد ڀؤنچ سمنڊ (Mediterranean) جا پنج ڇھه ڏينھن به ائين سڪون سان گذري ويا ڄڻ هوا ۾ سرڻ پئي پسار ڪري. پوءِ جڏهن جبرالٽر ۽ سُوٽا جا بندرگاهه ٽپي ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ داخل ٿياسين ته حالت خراب ٿي وئي. جھاز پاڳل اٺ وانگر لڏڻ لڳو ۽ سمنڊ سڄو گجي ٿي ويو. اڳتي بي آف بسڪي وارو سمنڊ به ائين لڇندو مليو تان جو اچي ٽلبري ڊاڪس (لنڊن) ۾ لنگر ڪيرايوسين ۽ هي خر دماغ پئنٽري مئن اسان کي اهي سمورا ڏينھن روزانو چانھه سان گڏ بٽر ٽوسٽ کارائيندو رهيو. ٻن ڏينھن بعد ته انهن کي ڏسي الٽي اچڻ لڳي. بورچيءَ کي گهرائي چيم ته ”ميان بند ڪر اهي بٽر ٽوسٽ. انهن کي ڏسي منھنجي ته سي سڪنيس ٿي وڌي.“ جواب ٿو ڏئي ته ”سائين اهڙي خراب موسم ۽ سمنڊ تي ته اهي ئي ٺھي سگهن ٿا. ۽ ان پھرين سامونڊي سفر کان وٺي اڄ ڏينھن تائين حالت اها آهي جو بٽر ٽوسٽ ڏسڻ سان مون کي ڪناري تي به سي سڪنيس جو احساس ٿو ٿئي.“

سمنڊ ڪنھن وقت به خراب ٿي سگهي ٿو
هونءَ ڪيترا اهڙا به آهن جن کي پھرين سامونڊي سفر کان وٺي سي سڪنيس نٿي رهي. شاديءَ کان پوءِ منھنجي فئملي اٺ سال جھاز تي رهي پر نه زال کي ۽ نه ٻارن کي ڪڏهن سي سڪنيس ٿي. ان ڪري منھنجي اها خوش نصيبي هئي جو خراب موسم ۽ سمنڊ تي مون کي فقط جھاز کي سنڀالڻو پيو ٿي. جن آفيسرن جي زالن کي سي سڪنيس ٿيندي هئي انهن لاءِ جھاز جي ڊيوٽي بعد به ڊيوٽي رهي ٿي. ڪڏهن ڪڏهن ته سمنڊ ايڏو خراب ٿي ويندو هو ۽ اهڙيون ته طوفاني هوائون لڳنديون هيون جو جهونا جهونا جهازي به چيلهه تي هٿ ڏيئي“ آئون آئون” ڪندا رهيا ٿي. ائين لڳندو هو ڄڻ پيٽ مان آنڊا کڄي وات ۾ ٿا اچن. هڪ دفعي رومانيا جي بندرگاهه ڪانستنزا کان بلغاريا جي بندرگاهه ورنا تائين ايندي جھاز سخت طوفان ۾ ڦاسي پيو. ڪڏهن ته لنڊن کان نيويارڪ تائين هفتي ڏهن ڏينھن جي سفر ۾ سو به اتر ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ ڪجهه به محسوس نه ٿيندو آهي. وڌ ۾ وڌ مٿو ڳرو رهندو يا هلڪي ڊپريشن، پر ان رات بحر اسود (Black Sea) جي هنن چئن ڪلاڪن جي سفر ۾ (۽ اتفاق سان اهي چار ڪلاڪ انجڻ روم ۾ منھنجي ڊيوٽي هئي)، حالت خراب ٿي وئي. جھاز مڇريل سانَ وانگر ڪڏندو رهيو. سمنڊ جون ڇوليون جھاز جي به مٿان ٽپي ويون ٿي. انجڻين جو معمولي نقص يا جھاز هلائيندڙن جي معمولي ڪوتاهي يا سستي جھاز کي ٻوڙي سگهي ٿي.
رومانيا ڇڏڻ وقت جن جي ڊيوٽي نه هئي سي ته ڏهين يارهين بجي ئي وڃي سمهي پيا. رات جو ٻارهين کان صبح جو چئين تائين جنھن پيرڊ ۾ جھاز هليو، اسان جي ڊيوٽي هئي. هڪ هڪ منٽ خبر ناهي ڪيئن ٿي گذريو. اڄ ڏينھن تائين اها طوفاني رات ياد اٿم. جن جي ڊيوٽي نه هئي اهي ته گهاٽي ننڊ ۾ ستا رهيا ۽ صبح جو اٿڻ سان ڪمري جي درين مان رومانيا بدران بلغاريا ملڪ جون عمارتون ڏٺائون.
”ادا پھچي ويو جھاز بلغاريا ۾؟“ ناشتي تي هڪ همراهه اسان رات جي ڊيوٽي وارن کان پڇيو. اسان جو ته اندر ئي سڙيو پيو هو. ”ها. نه رڳو پھچي ويو آهي پر هيٺ جيٽيءَ تي لھي جھاز جي حالت ڏسو ته ڇا ٿي وئي آهي. ان مان توهان کي خبر پوندي ته اسان ڇا ڀوڳيو هوندو.“
چئن ڪلاڪن جي سفر ۾ جھاز جو رنگ روغن ته اکڙي ويو هو پر سندس اڳئين حصي ۾ ايڏا گهٻ پئجي ويا هئا ڄڻ ٻين جھازن کيس ٿونا هنيا هجن ۽ اها سڄي مرمت وڏي خرچ سان ڊراءِ ڊاڪ ۾ ڪرائي وئي. مون کي ان ڏينھن احساس ٿيو ته طوفاني هوائن ۾ ڪيڏي طاقت آهي ۽ سامونڊي لھرون ڪيڏو زبردست هئڊرالڪ پريشر پئدا ڪري سگهن ٿيون.
سي سڪنيس جو اثر سمنڊ تي لڳندڙ طوفانن ۽ سمنڊ اندر پئدا ٿيندڙ ڪُنن ۽ ڇولين (Waves) ۽ وهڪرن (Currents) ڪري ٿئي ٿو جيڪي جھاز کي مختلف طريقن سان لوڏين ٿا. پر مزي جي ڳالهه اها ته ڪڏهن ڪڏهن سمنڊ تي لڳندڙ طوفان ۽ ڇتين ڇولين جو اثر جھاز تي موجود جھازين ۽ مسافرن کي ڪجهه به نٿو ٿئي جيتوڻيڪ جھاز لڏندو به رهي ٿو. اهو ان ڪري به جو تيز هوائن ۽ سامونڊي ڇولين جو رخ به ڪڏهن ڪڏهن وڏي اهميت کي ٿو. اهي ئي ڇوليون ۽ تيز هوائون جيڪڏهن جھاز کي پاسن کان يا سامهون لڳي رهيون آهن ته جھاز تي سفر ڪندڙ ماڻهو سخت سورن ۾ اچيو وڃن پر جي هوا جو رخ ۽ سامونڊي لھرون جھاز کي پٺيان لڳي رهيون آهن ته اهو جھاز ۽ ان ۾ موجود ماڻهو وڏي سک ۾ آهن ۽ جھاز جي رفتار به وڌيو وڃي. يعني جھاز جو مالڪ جيڪو گهر ويٺو آهي اهو به خوش ٿيو وڃي، جو ٿوري تيل ۾ جھاز گهڻو پنڌ پورو ڪري رهيو آهي. سو هڪ ئي سمنڊ ۾ مخالف طرفن ڏي ويندڙ ٻن جھازن مان هڪ مزي ۾ رهي ٿو ته ٻيو مصيبت ۾!

هي سڀ قدرت جا کيل آهن
هڪ دفعي جنھن جھاز تي آئون چيف انجنيئر هوس ان کي اسين ڪراچي کان لنڊن وٺي وڃي رهيا هئاسين. عربي سمنڊ اڪري بحر احمر ۾ پھتاسين (جنھن سمنڊ جي هڪ پاسي سعودي عرب آهي ته ٻئي پاسي سوڊان ۽ مصر) ته اتي اسان کي رپورٽ ملي ته ٻن ڏينھن بعد جڏهن اسان جو جھاز سئيز ڪئنال ۾ پھچندو ته اتي اسان جي ڪمپنيءَ جو هڪ ٻيو جھاز جيڪو اسپين کان نڪتوآهي اسان کي ملندو. ان جھاز جو ڪئپٽن منھنجو ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۽ مئرين اڪيڊمي چٽگانگ جو ڪلاس ميٽ ۽ ڀيڻويو ڪئپٽن بشير وسطڙو فئملي سان هو. مختلف جھازن ۽ سمنڊن تي هجڻ ڪري، اسان کي ملئي ٻه سال کن ٿي ويا هئا. ملاقات جو هي سٺو موقعو ملي رهيو هو. پر پوءِ سوئيز ڪئنال پار ڪندي وڌيڪ معلومات ملي ته اهو جھاز ٽي ڏينھن کن ليٽ آهي يعني هاڻ ڀؤنچ سمنڊ (Mediterranean) ۾ ڪنھن هنڌ اسان جا جھاز هڪ ٻئي کي ڪراس ڪندا. اسان جي جھاز جي هن کي به خبر پئجي چڪي هئي ۽ اسان اهو ئي سوچيو ته روبرو ملڻ نه ته گهٽ ۾ گهٽ VHF (وائرليس) ذريعي هڪ ٻئي سان ڳالهائي سگهبو.
سئيز ڪئنال ٽپي جيئن ئي ڀ‍ؤنچ سمنڊ ۾ داخل ٿياسين ته سمنڊ جا آڇاڙا ۽ اڇ (White Horses) ۽ هوا جو مزاج ڏسي سمجهي وياسين ته اڳيان وڏي منزل رکي آهي. نه فقط سامهون طوفان آهي پر سمنڊ ۾ به وڏو جوش آهي. جيئن جيئن اڳيان وڌندا وياسين تيئن تيئن لھرن ۽ هوائن جو ويو زور وڌندو. اسان جو اهو جھاز سخت پراڻو هو ۽ خراب موسم ۽ لوڏن ڪري جھاز جي انجڻ جي مسئلن به ڪَرَ کڻڻ شروع ڪيا. ڪڏهن هڪڙي مشين خراب ته ڪڏهن ڪا ٻي. ٽئي ڏينھن مالٽا ٻيٽ جي ويجهو اسان جا جھاز هڪ ٻئي سان ڳالهائڻ جي رينج ۾ اچي ويا. هاڻ هيئن هو جو سمنڊ ۽ موسم سخت خراب هئا پر هنن جي جھاز جي جي پٺ کان هو يعني هنن کي Following Sea ملي رهيو هو ان ڪري هو خوش هئا ۽ اسان جي جھاز کي لھرون توڙي تيز هوائون سامهون کان لڳڻ ڪري جھاز توڙي ماڻهن جي حالت خراب هئي. ڪئپٽن بشير سان جھڙي تھڙي رسمي عليڪ سليڪ ڪري جلدي جان ڇڏائڻ چاهيم ٿي ۽ هوڏانهن هنن کي هوش نه هجي ته اسان جي جھاز ۽ ان تي سوار ماڻهن جو ڪھڙو حشر ٿي رهيو آهي. هنن جا ٻار هڪ ڏينھن کان خبرون ٻڌائڻ ۽ ٻڌڻ لاءِ آتا هئا، انهن جي ”ماما هيءَ ڳالهه، ماما هوءَ ڳالهه...“ لڳي رهي ۽ ڪراچي ۽ ڳوٺ جون خبرون پڇڻ شروع ڪيائون ته ختم ڪرڻ جي موڊ ۾ نه هئا. هيڏانھن مامي جي حالت خراب هئي. آخر بشير کي چيم ته هاڻ باقي خبرون هفتي کن بعد ڪراچي پھچي وڃي معلوم ڪجو ۽ سندس ڌيان موسم ۽ خراب سمنڊ ڏي ڇڪرائي چيم ته توهان ته موج مزي ۾ آهيو هتي اسان وٽ ته ماتم جو منظر آهي. منھنجو ۽ جھاز جي انجڻين جو اهو حال آهي جو ڳالهائڻ تي دل نٿي چوي. ان وقت هن کي به احساس ٿيو ۽ ٽھڪ ڏئي چيائين ته واقعي جنھن مرحلي مان اسان گذري رهيا آهيون ان جو اندازو هو لڳائي سگهي ٿو.
بھرحال هي قدرت جا کيل آهن جو هڪ ئي سمنڊ تي، هڪ ئي موسم ۾ ، هڪ ئي وقت، هڪ ئي ڪمپنيءَ جا هڪ ئي سائيز جا ٻه جھاز هڪ ئي رفتار (انجڻ RPM جي حساب سان) وڃي رهيا آهن پر سندن رڳو طرف مختلف (opposite) آهي، ان ڪري هڪ ۾ سوار ماڻهو وڏي آرام سان وڃي رهيا آهن ۽ ان جي رفتار (Navigational Speed) به وڌيڪ آهي. ۽ ٻئي جھاز تي ماڻهن جي الٽين جو ڦھڪو آهي ۽ سي سڪنيس ڪري هنن کي ڪا ڳالهه نٿي وڻي. مجبور ٿي هنن کي جھاز هلائڻو پوي ٿو نه ته پراڻو زمانو هجي ته جھاز کي ٻن ڏينھن لاءِ ويجهي بندرگاهه ۾ ٻڌي ڇڏجي ها يا ڪنھن ڀر واري ٻيٽ تي Shelter وٺجي ها جيسين موسم صحيح ٿئي ها.

آئون مري ويندس

هڪ دفعي ڪراچيءَ مان اسان جو جھاز صبح جو جنھن وقت نڪري رهيو هو ان وقت آئون ڊيوٽي تي هوس. چار ڪلاڪ مقرر ڊيوٽي پوري ڪري 12 بجي انجڻ روم کان مٿي ڪمري ڏي آيس ته جھاز ڪراچي جو بندرگاهه گهڻو پٺيان ڇڏي ڪافي کُلئي سمنڊ ۾ اچي چڪو هو. بحر عرب چڱو بگڙيل نظر اچي رهيو هو ۽ اسان جو ويھه هزار ٽن وزني لوهي جھاز سمنڊ جي ڇولين تي ڇوڏي وانگر اڇلجي رهيو هو. اهو پچنگ به ڪري رهيو هو ته رولنگ پڻ _ يعني اڳيان پويان جهومڻ سان گڏ، ساڄي کاٻي پڻ لوڏا کائي رهيو هو. ”بوٽ ڊيڪ“ تي بيھي سمنڊ جو نظارو ڪرڻ جو سوچيم پر مزو نه آيو.سمجهي ويس ته سي سڪنيس (Sea Sickness) جو اثر ٿي رهيو آهي. جيتوڻيڪ الٽيون اچڻ تائين معاملو نه پھتو هو، پر مٿو ڳرو لڳي رهيو هو ۽ ننڊاکڙو به محسوس ڪري رهيو هوس. اهو ئي سبب هو جو ڊيڪ تي ڪو به نظر نه آيو. هر هڪ پنھنجي جان مان بيزاري محسوس ڪري رهيو هوندو ۽ جھڙي تھري ڊيوٽي ڪري هنڌ تي وڃي ڊٺو هوندو. نه ته ڏينھن هو ۽ موسم جي سٺي هجي ها ته هرڪو ڊيڪ تي پسار ڪندو نظر اچي ها. فضا ۾ کل، ٽھڪڙا ۽ خوشبوءِ هجي ها_ پر خراب موسم ڪري هوا ۾ لوڻياٺ واري سامونڊي پاڻي جا ڦڙا هئا ۽ ککي ڌپ جيڪا اڄ ڏينھن تائين سمجهي نه سگهيو آهيان ته خراب سمنڊ ۾، جڏهن هن ۾ گهڻي اٿل پٿل اچي ٿي ۽ اهو اپنڊائيٽس جي مريض وانگر وڪڙ کائي ٿو ان وقت اها مئل مڇين جھڙي ڌپ ڇو نڪري ٿي.
يونيفارم پائي آفيسرز ميس (Saloon) ۾ لنچ کائڻ بدران انجڻ روم واري بئالر سوٽ (ڊانگريءَ) ۾ ئي ڊيوٽي ميس ۾ ماني کائڻ هليو ويس. سي سڪنيس ڪري بک ته بنھه نه پئي محسوس ٿي، پر پيٽ کي ڀريل رکڻ لاءِ ويھي رهيس. سڄو ٽيبل خالي هو فقط ڪنڊ واري ڪرسيءَ تي جھاز جو ريفريجريشن انجنيئر محمود ”ڪارو“ سوپ پي رهيو هو. ”محمود سمنڊ تي ايترا سال گذاريا آهن جو هن تي خراب سمنڊ، خراب موسم ۽ سي سڪنيس جو اثر بلڪل نٿو ٿئي، تڏهن ته هو مزي سان سُوپ پي رهيو آهي.“ مون دل ئي دل ۾ سوچيو. هھڙي خراب موسم ۾ چڱا خاصا جهونا جھازي به چانھه يا سُوپ جھڙين شين کان ڀڄن ٿا، ڇو جو پاڻي واريون شيون ڏسڻ سان دل ڪچي ٿئي ٿي۽ کائڻ سان الٽي اچي ٿي. مون ٻوڙ جي پيالي کي به پاسي تي رکيو جنھن ۾ موجود رس ۽ ٻوٽيون جھاز جي لوڏن سان گڏ پيالي جي ڪنن تائين ڄڻ بند ڀڃي لڙهي رهيون هيون. چانورن ۾ گهاٽي ٺھيل دال ملائي کائڻ شروع ڪئي بلڪ زبردستي پيٽ اندر داخل ڪئي. جيئن ٻار کي زوريءَ کارائڻ مھل چئبو آهي هي ماما جو گرانهه، هي نانا جو گرانھه ۽ هي خالا جو گرانھه. بابا کاءَ نه ته خالا رسي ويندي.... ” بابا کاءُ نه ته خالي پيٽ تي وڌيڪ سي سڪنيس محسوس ٿيندي... چڱي طرح ڊيوٽي ڪري نه سگهندين... ان ڪري هڪ ٻيو گرانھه... هڪ ٻيو گرانھه... شاباس.“ مون پنھنجو پاڻ کي ريجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ساڳي وقت سامونڊي لھرن ۽ محمود جي سڙ سڙ ڪري سُوپ پيڻ تان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي. سُوپ محمود پي رهيو هو دل منھنجي ڪچي ٿي رهي هئي. ساڳي وقت محمود تي رشڪ به اچي رهيو هو ته ان جيان طبيعت ٿي وڃي ته ٻيو ڇا کپي! سمنڊ جي نوڪريءَ جھڙي ڳالهه ئي ناهي. پنھنجو منھن پنھنجي مھاڙ . اهو ئي گهر اها ئي نوڪريءَ جي جاءِ. ڪم جي ڄاڻو ۽ محنتيءَ لاءِ، ڪچھرين کان ڀڄندڙ ۽ اڪيلائي پسند ڪرڻ واري مون جھڙي لاءِ سامونڊي زندگيءَ جھڙي ٻي زندگي ناهي... مون پنھنجو ڌيان هيڏانھن هوڏانھن هٽائي ڀريل پليٽ خالي ڪري ورتي. ٻه ٽي سامونڊي سفر ڪرڻ بعد هاڻ سمجهي ويو هوس ته اهڙي خراب موسم ۾ پيٽ کي خالي نه رکڻ کپي، ڇو جو خالي پيٽ تي ويتر الٽيون وڌيڪ اچن ٿيون ۽ منھنجو ڳلو ته وري ايڏو Sensitive آهي جو ٻه چار الٽيون يا اٻڙاڪ ڏيڻ بعد ڳلو خراب ٿيو پوي. پوءِ سمنڊ ڀلي چئن ڪلاڪن بعد صحيح ٿي وڃي پر ڳلو چار ڏينھن تنگ ڪندو رهي ٿو.
مانيءَ تي ويٺي ويٺي سمنڊ وڌيڪ خراب ٿيندو ويو. سامونڊي ڇوليون جيڪي جھاز کي اڳئين ساڄي ڪنڊ کان لڳي رهيون هيون، اهي جھاز جي رخ مٽڻ سان ماڳھين سامهون کان جھاز تي حملو ڪرڻ لڳيون ۽ جھاز گڏهه وانگر اهڙو ڪڏڻ لڳو جو ڪرسيءَ تي وھڻ مشڪل ٿي پيو. ماني کارائڻ واري اسٽيورڊ (بئري) هڪ هڪ ڪرسيءَ وٽ ويھي ان جي هيٺان لڙڪندڙ زنجير کي فرش ۾ لڳل ڪنڊي (Hook) سان سوگهو ڪيو جيئن ڪرسي هڪ هنڌ سُڪ ٿي وڃي ۽ ان سان گڏ ان تي ويٺل اسين، هيڏانھن هوڏانھن نه اڇلجي وڃون. مون چانور ختم ڪري صوف اتي کائڻ بدران هٿ ۾ کنيو ۽ پنھنجي ڪئبن ڏي روانو ٿيس.
ڪئبن (ڪمري) جو دروازو کوليم ته هر شيءِ فرش تي ٽڙيل پکڙيل نظر آئي. ڪتاب، بوٽ، گلاس، صبح جو ناشتو ڪناري جي دوستن سان گڏ ڪمري ۾ ڪيو هوم، اهي پليٽون ۽ ڪوپ ساسرون ۽ انهن ۾ بچيل چانھه چوڌاري غاليچي تي هاري پئي هئي. ڪي ٿانوَ ۽ ٽيبل لئمپ ڀڄي چڪا هئا. فرج جو دروازو جھاز جي لڏڻ سان ڪڏهن کلي رهيو هو ته ڪڏهن ڌڙام سان بند ٿي رهيو هو. در اصل مون ڪمرو چار پنج ڪلاڪ اڳ ڇڏيو هو جڏهن جھاز اڃان بندرگاهه ۾ هڪ هنڌ بيٺل هو ۽ ان ئي وقت منھنجي ڊيوٽي شروع ٿي وئي هئي ۽ ان کانپوءِ هاڻ موٽيو هوس. هونءِ سمنڊ خراب ٿيڻ تي يا جھاز جو طوفان ۾ ڦاسڻ تي اها ڊيوٽي ڪئبن بئاءِ جي هوندي آهي ته ڊيوٽي وارن آفيسرن جي ڪمرن ۾ وڃي هر شيءِ کي Secure ڪن. يعني پنھنجي پنھنجي جاءِ تي ڦاسائي انهن کي محفوُظ ۽ مضبوط ڪن. جھاز تي هر شيءِ رکڻ لاءِ کانچو ٺھيل ٿئي ٿو جيئن جھاز جي لڏڻ تي اها شيءِ ڪري نه پوي ۽ جھاز جي Sailing کان اڳ ڪئبن بئاءِ کي ڪمري جون چادرون ۽ ٽئال وغيره پڻ بدلائڻا هوندا آهن پر منھنجي ڪمري جا اهي به بدلايا نه ويا هئا. مون پئنٽري مئن کي فون ڪيو جيڪو ميس ۽ ڪمرن ۾ ڪم ڪندڙ ڇوڪرن جو انچارج ٿئي ٿو. هن ٻڌايو ته هن دفعي ڪراچي (Home Port) ۾ جھاز پھچڻ سان سڄو سئلون اسٽاف موڪل تي هليو ويو. نئون اسٽاف اڻ تجربيڪار آهي يعني انهن مان هڪ به Voyage (سامونڊي سفر) نه ڪيو آهي ۽ هر هڪ کي تمام گهڻي سي سڪنيس پئي ٿئي.”شام تائين جيڪڏهن موسم صحيح نه ٿي ته ڪمرن جي صفائيءَ جي لاءِ آئون هليو ايندس.“ پئنٽري مئن چيو.
”پئنٽري مئن! اها ڳالهه صحيح ته نه آهي.“ مون فرش تي پکڙيل پنھنجي سامان کي ڏسندي پئنٽري مئن کي چيو، ”ان جو مطلب اهو ته نه آهي ته سمنڊ هفتي تائين صحيح نه ٿيندو ته هي به هفتو يڪو ڪم تي نه ايندا. پوءِ ته اسان به جھاز جي انجڻ بند ڪري سمهي رهون.“
”سر ڇا ڪجي! آفيس وارن کي سڀ نوان ڇوڪرا موڪلڻ نه کپندا هئا، ڪجهه ته پراڻا ڏين ها... “ پئنٽري مئن پنھنجي عملي جي وڪالت ڪندو رهيو ۽ آئون ٿورو گهڻو سامان پاسيرو ڪري بستر تي ليٽي پيس سمنڊ اهڙو خراب هو جو ننڊ جا گهيرٽ ۽ چڪر مون کي به اچي رهيا هئا.
اک لڳي مون کي ڪا ٿوري دير به مس ٿي ته ڌڙام سان منھنجي ڪئبن جو دروازو کُلي ويو اوترو ئي زور سان بند ٿيو. آئون ڪمري جا ٿلها پڙدا درين تي چاڙهي اوندهه ڪري ستو هوس جيئن ڏينھن جي روشنيءَ ۾ منھنجي ننڊ ڊسٽرب نه ٿئي ۽ چڱي طرح سمهي سگهان جيئن وري رات جي ڊيوٽي چڱي طرح ڪري سگهان. دروازي جي آواز تي بتي ٻاري سامهون ڏٺو ته ڪو همراهه دروازي وٽ بيٺو هو. بيحد ڊنل نظر اچي رهيو هو. سڌو بيھڻ بدران ڀت کي ٽيڪ ڏئي بيٺو هو پر تڏهن به ائين ٿي لڳو ڄڻ منھن ڀر ڪرڻ وارو هجي.
”خير ته آهي. ڪيئن اچڻ ٿيو آهي؟“ مون هن کان پڇيو منھنجي لاءِ هي نئون چھرو هو. هن دفعي جھاز جو نه فقط سئلون اسٽاف (يعني ميس ۽ ڪمرن جو ڪم ڪندڙ ڇوڪرا) بدليا هئا پر اڌ کان وڌيڪ خلاصي ۽ تيل وارا، آڳ وارا (جن انجڻ روم ۾ ڪم ٿي ڪيو) بدلي ٿيا هئا. نئون اسٽاف جھاز جي ڪراچي ڇڏڻ وقت جھاز تي چڙهيو هو ۽ کين اڃا 24 ڪلاڪ به نه ٿيا هئا، انجڻ روم ۾ به ڪيترن جي خبر نه پئي پيئي ته هنن ۾ ڪير آڳ وارو آهي، ڪير ڊيزل مڪينڪ ۽ ڪير موٽر مئن وغيره. منھنجي ڪمري ۾ ايندڙ همراهه کي مون وري غور سان ڏٺو هو ويھن پنجويھن سالن جو نوجوان هو ۽ بيحد گهٻرايل نظر اچي رهيو هو ڄڻ هن کي ڪنھن چوريءَ ڪندي پڪڙيو هجي.
”ميان خيريت ته آهي؟ ڪو ڪم؟“ مون هن کان وري سوال ڪيو.
”سر! آئون توهان جو ڪئبن بئاءِ آهيان.“ هن پنھنجي ڄاڻ ڪرائي.
”پر تو ته نه منھنجي ڪئبن صاف ڪئي آهي، نه چادر بدلائي اٿئي ۽ نه ٽوال. ڏس رولنگ ڪري ڪيتريون شيون ڀڄي پيون آهن.“ مون چيومانس.
”سر مون کان ته هليو به نٿو ٿئي آئون سخت بيمار ٿي پيو آهيان. آئون جھاز جي نوڪري ڪري نه سگهندس. ڪنھن طرح مون کي واپس موڪليو وڃي.“ هو ڏڪي رهيو هو ۽ سندس منھن مان خوف ظاهر هو. ڪراچيءَ مان نڪرندي ئي هن کي جو خراب سمنڊ مليو هو سو هو پڪ سمجهي رهيو هوندو ته سمنڊ تي هميشه هي حال رهي ٿو. صاف لڳي رهيو هو ته هن کي سخت سي سڪنيس ٿي هئي ۽ الٽيون ۽ خالي پيٽ تي اٻڙاڪ ڏيئي هن جي پاسراٽين ۾ سور پئجي ويو هو ڇو جو هن جا ٻئي هٿ زور سان پاسراٽين ۾ کُتل هئا.
”ميان هي ڪا بس يا ٽئڪسي ناهي جنھن کي رستي تي بيھاري، توکي لاهي ڇڏجي ته واپسيءَ جي بس ۾ ڳوٺ هليو وڃ.“ مون هن کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي. ”ڏينھن ٻن جي ڳالهه آهي. ٿي سگهي ٿو ته اڄ شام تائين سمنڊ صحيح ٿي وڃي ۽ تون صحيح ٿي ويندين. همٿ کان ڪم وٺ. سي سڪنيس ڪا بيماري ناهي.“
آخري جملو چوندي مون کي پنھنجا شروع وارا ڏينھن ياد اچي ويا جڏهن سي سڪنيس ڪري منھنجي حالت خراب ٿي ويندي هئي ۽ هاڻ وري وڏو پنڊت ۽ پادري بڻجي ٻين کي نصيحت ڪرڻ لڳو هوس. سچي ڳالهه ته اها آهي ته ان وقت به جھاز جي اڳئين حصي (Fore Castle) تي لڳل ڪئپسٽن يا جھاز جي پڇ ۾ لڳل اسٽيرنگ انجڻ جي چڪاس لاءِ وڃڻو پئجي وڃي ها ته گهٽ ۾ گهٽ جيڪو ڪجه کائي ويٺو هوس سڀ ٻاهر نڪري اچي ها. بھرحال جھاز هلائيندي ان وقت تائين مون کي ڏيڍ ٻه سال ٿي ويا هئا ۽ هاڻ آئون به سمجهي ويو هوس ته هتي ڪو به پنھنجي ان قسم جي ڪمزوري جونئر کي نٿو ٻڌائي ته هن کي سي سڪنيس ٿي رهي آهي. سانوڻي جي موسم ۾ ڪراچيءَ جي ڪُنن ۾ ته پوڙهن ڪئپٽنن ۽ چيف انجنيئرن کي به ٿوري گهڻي گهوماٽ ٿئي ٿي جيڪا هنن جي ويڳاڻي شڪل مان صاف بکندي رهي ٿي پر هر هڪ اها ئي لئه رکندو رهي ٿو ته هن کي ڪجهه نٿو ٿئي هو پراڻو جھازي آهي....
هي سڀ ڳالهيون آئون پنھنجي دل م سوچيندو رهيس. نئين آيل Cabin boy کي ته ان ئي وقت موڪل ڪرايم جو ان وقت هو منھنجي ڪئبن صاف ڪرڻ بدران الٽين سان خراب ڪري ها. ويندي وقت به هو گڪو ٿي وڃي رهيو هو ۽ سندس زبان تي اها ئي تسبي هئي ته ”آئون مري ويندس. هھڙي حالت ۾ هڪ ڏينھن به جيئرو نه رهي سگهندس.“
۽ ان کانپوءِ جيئن ئي سمنڊ صحيح ٿيو ته هيءُ ”هڪ ڏينھن به جيئرو نه رهڻ“ وارو اسان جو ڪئبن بئاءِ جيڪو ان وقت ته چيلهه تي هٿ رکي گڪو ٿي هلي رهيو هو، سڀ کان گهڻا ٺينگ ٽپا ڏيندي نظر آيو ۽ هن کي جھاز جي ٽانڪيءَ جو ٻاڙو پاڻي اهڙو راس اچي ويو جو هڪ سال بعد جڏهن خلاصين ۽ هيٺين اسٽاف کي، ٻين کي وارو وٺائڻ لاءِ جھاز ڇڏڻو پيو ته سڀ کان گهڻو غمگين هي همراهه هو.

شادي بنائيگا

1968ع ۾ جڏهن جھاز تي نوڪري شروع ڪيم ته ان وقت (بنگلاديش ٺھڻ تائين) جھاز تي ڪم ڪرڻ وارن خلاصين ۾ وڏو تعداد بنگالين جو هو. ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ پٺاڻ، مڪراني ۽ ڪڇي هئا نه ته انجڻ روم، ڊيڪ يا گئلي (جھاز جي ڪِچن) ۾ ڪم ڪرڻ وارا بنگالي هئا. هو جسماني طور ڪمزور هئا، ڪم ۾ به ٿورو ڍرڙا هئا، پر تمام چئيوان هوندا هئا. ڪم ۾ لڳا رهندا هئا. ڪنھن به ڪم لاءِ چئبو هون ته ڪندائو ته سندن هڪ ئي جواب هوندو هو: ”ضرور ڪريگا“. امرجنسيءَ ۾ ته ڇا، ڪنھن وقت به سڏ ڪبو هون ته اکيون مھٽي يڪدم انجڻ روم ۾ پھچي ويندا هئا ۽ ڏکئي کان ڏکيو ڪم به مرڪندي ڪندا هئا. نڪو کين بک جي پرواهه هوندي هئي ۽ نه وري سي سڪنيس جي. جھاز بندرگاهه ۾ پھچي ويندو هو ته به هنن کي گهمڻ جو شوق نه هوندو هو. سندن سڄو ڏينھن جھاز تي گذرندو هو. ان مان اسان انجنيرن ۽ ڊيڪ آفيسرن کي اهو سڪون هوندو هو ته ڪم جي وڌڻ تي مدد لاءِ ڪو نه ڪو بنگالي جھاز تي موجود هوندو. هو پگهار جو پئسو بچائڻ کان علاوه جھاز تي مفت ملڻ واريون شيون: صابڻ، تيل، ڪپڙن ڌوئڻ جو سرف سگريٽ وغيره به بچائي گهر کڻي ويندا هئا يا ڪراچي ۾ وڪڻي پئسا ٻارن لاءِ کڻي ويندا هئا. انهن ڏينھن ۾ هر هفتي جھاز جي بانڊ اسٽور مان هر هڪ کي 555 سگريٽن جو ڪارٽن مليو ٿي، جنھن جي قيمت ڇھه رپيا هوندي هئي ۽ سيون اپ، ڪوڪا ڪولا يا بيئر جي 24 دٻن جي قيمت ٽيھه رپيا هئي. ڪيترائي بنگالي پاڻ سان هڪ سادي قسم جو تماڪ کڻي جھاز تي چڙهندا هئا، جنھن جون ٻيڙيون ٺاهي ڇڪيندا هئا. ڊيوٽي فري سگريٽ، ڪولائون يا عطر وغيره اتي جھاز تي ئي آفيسرن کي ٻيڻ قيمت تي وڪڻي ڏيندا هئا يا مختلف بندرگاهن ۾ وڪڻي ڇڏيندا هئا. انهن ڏينھن ۾ جھاز تي نوڪري ڪندڙ منھنجي ساٿين کي ياد هوندو ته جھاز تي ڪم ڪندڙ بنگالين جون ٻه خاص وندرون يا کڻي چئجي ته ذاتي پورهيا هوندا هئا. جڏهن به هو ڊيوٽيءَ کان واندا ٿيندا هئا ته پنھنجي ڪمري ۾ يا جھاز جي ڪنڊ پاسي تي ويھي پاڻ سان آندل تماڪ مان ٻيڙيون ٺاهيندا هئا يا وري مڇيون ڦاسائڻ جي ڄاري، جنھن سان هو موڪلن ۾ گهر لاءِ مڇيون ڦاسائيندا هئا، ٺاهيندا هئا.
منھنجي پھرين جھاز تي منھنجو ڪئبن بئاءِ پنجاهه سٺ سالن جو هڪ پوڙهو بنگالي هو جنھن جي سڄي زندگي سمنڊ تي گذري هئي. منھنجو ڏاڍو خيال رکندو هو. جھاز جي هڪ جونئر آفيسر مٿان ڪيتريون ئي مصيبتون سوار رهن ٿيون. هڪ طرف جھاز جا لوڏا ۽ سي سڪنيس ته ٻئي طرف جھاز جو اوپرو ماحول، گهڻي ڪم جو مونجهارو ۽ سيڪنڊ اننجنيئر جا دڙڪا. اهڙي تناظر ۾ (Scenario) ۾ ڏاڏيءَ يا ماءُ جھڙو مھربان ڪئبن بئاءِ رحمت جو فرشتو هوندو آهي. مون کي جڏهن بيزاري ۽ بوريت ٿيندي هئي ته هي ڪراڙو بنگالي بابا مون کي ويھي سمجهائيندو هو : ”شاب (صاحب) ! سڀ ٺيڪ ٿي ويندو. شروع شروع ۾ هر هڪ کي ڪم گهڻو ملي ٿو. سي سڪنيس به سڀني کي ٿئي ٿي پر پوءِ هر انسان عادي ٿيو وڃي.“ هو مون کي پراڻن انگريزن ۽ جرمن ڪئپٽنن ۽ چيف انجنيئرن جا قصا ٻڌائيندو هو، جيڪي ڪنھن زماني ۾ هن جي سامهون ڪئڊٽ ۽ جونيئر انجنيئر هئا. انهن ڏينھن ۾ جھاز به ننڍا، سوڙها ۽ خراب هئا. انهن ڏينھن ۾ جھاز تي کاڌو به اڄ جھڙو مزيدار نه هو ۽ جھاز پنھنجي ملڪ جي بندرگاهه ۾ ورلي ڪو ايندا هئا. يعني مائٽ مٽ ۽ سنگتي ساٿيءَ سان گهٽ ئي ملاقات ٿيندي هئي... وغيره وغيره.
آئون پنھنجي پيرسن بنگالي Cabin boy جون ان قسم جون ڳالهيون ٻڌي پنھنجو پاڻ کي بھتر ۽ خوش نصيب تصور ڪندو هوس ۽ سخت سي سڪنيس جي حالت ۾ به زندگي ۾ ڪشش ۽ موهه پئدا ٿيڻ لڳندو هو. هو منھنجا بوٽ پالش ڪرڻ وقت يا ڪمري ۾ لڳل پتل جي شين کي براسو پالش سان چمڪائڻ وقت، روس ۽ آمريڪا جي سياست کان وٺي خلاصين جي جهڳڙن جون ٻڌل ڳالهيون ٻڌائيندو هو. هو چوڏهن سالن جو هو ته انگريزن جي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي هڪ آگبوٽ تي بئالر جي کوري (Furnace) ۾ ڪوئلا وجهڻ جي ڪم تي مقرر ٿيو هو. اهو سال 1924ع هو ۽ هي سال 1968ع هو. گذريل سالن ۾ هن نه فقط سمنڊ تي هلندڙ جھازن ۾ وڏي ردو بدل ڏٺي، پر دنيا جي بندرگاهن جا به وڏا لاها چاڙها ڏٺا.
”اسپين، فرانس۽ پورچوگال جا بندرگاهه هاڻ ماڻهپي ۾ آيا آهن نه ته ان کان اڳ اسان لاءِ توڙي يورپين لاءِ دنيا جا بھترين بندرگاهه هوندا هئا: عدن، ڪولمبو، زنجبار ۽ ممباسا،“ هو ڳالهائيندو رهيو. ”پر شاب هڪ ڳالهه آهي عربن وٽ پئسو اچي رهيو آهي ۽ هاڻ دبئي، دوحا ۽ ڪويت جا بندرگاهه ترقي ڪندا.“
”۽ ڀلا عدن؟“ ڪڏهن ڪڏهن آئون سوال ڪندو هوس.
”عدن ويو ختم ٿي. ڪڏهوڪو. جنھن روس جو منھن ڪيو ان جو اهڙو حال ٿيو. سوڊان، جبوتي، رومانيان، بلغاريا ڀينگ ٿي ويا.“
”ڀلا پئسفڪ سمنڊ ته سڀ ۾ وڏو آهي، ان ۾ ڇوليون به وڏيون ٿيون اچن يا نه؟“ پھرين سفر ۾ مون کي پنھنجي مئرين انجنيئرنگ کان وڌيڪ سمنڊ جي لوڏن ۽ سي سڪنيس جو گهڻو فڪر هو. انجڻ جو ٿرسٽ بلاڪ ۽ پروپيلر شافٽ Vibrate نه ڪري، ڪراس هيڊ بيرنگ گرم نه ٿيڻ کپي ان جو سوچڻ کان وڌيڪ مون کي سمنڊ جو فڪر هوندو هو، جنھن جو ماٺو هجڻ منھنجي لاءِ خوشيءَ جھڙي ڳالهه هئي.
”شاب! پئسفڪ سمنڊ سڀ ۾ سٺو سمنڊ آهي. بلڪل ماٺو، تالاب جيان.“ پوڙهي بنگاليءَ جواب ڏنو هو، ”هي ائٽلانٽڪ سمنڊ ٻار ڄڻڻ واري عورت وانگر رکي رکي ڦٿڪڻ شروع ڪري ٿو.“
” ۽ پاڻ وارو عربي سمنڊ؟“ مون هن ڪراچي واري سمنڊ جو پڇيومانس، جنھن لاءِ شايد شاهه لطيف هڪ هنڌ چيو آهي ته ”ڪپر ٿو ڪن ڪري جيئن ماٽي منجهه مَھِي.“
پوڙهي بنگاليءَ نڪ کي موڙو ڏئي چيو: ”شاب اهو جهنگلي تتر وانگر آهي، جنھن کي ڦاسائي پڃري ۾ وجهبو ته هو هر وقت پڃري جي ڀتين کي ٽڪر پيو هڻندو آهي. عربي سمنڊ بگڙڻ تي ٿونا ٿو هڻي.“
هن جي اڙدو ايڏي سٺي نه هئي. اڙدو سان گڏ بنگاليءَ جا لفظ به مڪس ڪندو هو. هو نوا کليءَ جو هو ۽ هن جا ڪيترا لفظ مون چٽگانگ واري بنگالي زبان ۾ نه ٻڌا هئا، جتان مون مئرين انجنيئرنگ جي تعليم ورتي هئي. سندس اڳيان ٻه ڏند ڀڳل هجڻ ڪري ڪي ڪي لفظ missing ٿيندا هئس ۽ انهن جي بدران hissing جو آواز اهڙو نڪرندو هو ڄڻ انجڻ جو ڪو انڊيڪيٽر ڪاڪ leak پيو ڪري.
هي نيڪ دل انسان cabin boy اسان سان گڏ گهڻا ڏينھن نه رهيو. چٽگانگ پھچڻ تي هن Sign off ڪيو يا شايد ڪنھن ٻئي بندرگاهه تي اسان جي جھاز ران ڪمپنيءَ جي ٻي جھاز تي ٽرانسفر ٿي ويو. هو اسان سان گڏ ايترا ته ٿورا ڏينھن رهيو جو هن وقت ٽيٽيھه سال گذرڻ تي مون کي سندس نالو به ياد نه پيو اچي.
هنن بنگالي خلاصين جي انهن ڏينھن جي هڪ ٻي ڳالهه لکڻ وسريو پئي وڃي ته هنن کان جڏهن پئسا گڏ ڪرڻ جو پڇبو هو ته پوٽن ڏهٽن وارا به گهڻو تڻو اهو ئي جواب ڏيندا هئا ته ”صاحب ڇُٽي مين جاڪر شادي بنائي گا.“ ۽ هو واقعي جھاز تان لھڻ شرط هڪ عدد ننڍي نيٽي ڇوڪريءَ سان شادي ڪندا هئا.

مون کي جھاز تي ڪنھن آندو

هڪ ٻيو ڪئبن بئاءِ جنھن جي هن وقت مون کي شڪل به ياد آهي ته نالو ۽ سندس ڪم به (جيڪي گهڻو ڪري جڏا هوندا هئا)، اهو ‘بابو مڪراني’ هو. منھنجي ٻن ٽن سامونڊي سفرن (Voyages) بعد هو اسان واري جھاز تي ڪراچي مان Sign-on ٿيو يعني نوڪريءَ تي چڙهيو. عمر ۾ اسان کان سال ٻه وڏو هوندو. هي 1969ع جي ڳالهه آهي. آئون چوويهه کن سالن جو هوس. جھاز تي سفر ڪندي سال کن ٿيو هوم. بابو قد جو تمام بندرو پر بيحد سمارٽ هو. مختلف جھازن تي ته کڻي چار پنج سال ٿيا هجنس، پر ان کان اڳ مڇين جي هوڙهن (لانچن) تي ڪم ڪندو هو بلڪه سندس سڄي عمر سمنڊ تي گذري هئي. سندس گهر بابا ڀِٽ يا شمس پير جھڙي ٻيٽ تي هو ۽ پاڻ ٻڌايو هئائين ته هو جڏهن پنجن سالن جو هو ته ڪياماڙي واري جيٽيءَ تان سمنڊ ۾ ٽٻي هڻي سمنڊ جي تري ۾ اڇليل سِڪا ڪڍي ايندو هو. اهڙي طرح ڪياماڙيءَ تي آيل گهمڻ وارن کي ڪرتب ڏيکاري پنھنجي خرچيءَ کان وڌيڪ ڪمائي وٺندو هو. جھاز تي هو هر وقت ٽپ ٽاپ کٽيءَ ڌوتل اڇن ڪپڙن ۾ رهندو هو. اهو ته اتفاق هو جو ان جھاز تي ڪئبن بئاءِ ۽ بئرن (اسٽيورڊن) جو يونيفارم به اڇي رنگ جو هو، پر جي نه هجي ها تڏهن به بابو اڇن ڪپڙن ۾ نظر اچي ها. بابوءَ جو جيترو قد هو ان جي ابتڙ وڏي آڪڙ هئس. منھنجو ڪمرو صاف ڪرڻ لاءِ اهڙي رعب سان ايندو هو، ڄڻ هو منھنجو صاحب هجي. هونءَ به جھاز جي جونئر آفيسرن جو هرهڪ صاحب ٿئي. جھاز جو ڊيڪ ڪئڊٽ، فور ٿ آفيسر، جونيئر انجنيئر ۽ ففٿ انجنير ان جونئر ڪئٽگريءَ ۾ اچن ٿا.
بابوءَ جي ڪن ڳالهين تي مون کي ڏاڍي باهه لڳندي هئي، پر هو وٺ نه ڏيندو هو. مثال طور سگريٽن جي ٽوٽن ۽ راک سان ڀريل ائش ٽري ڏي ڏسي شڪل ٺاهي پڇندو هو:
”سر هي ڇا آهي؟“ سندس ان سوال تي منھنجو اندر سڙي ويندو هو. ظاهر آهي رات جو دير تائين منھنجا ٻيا ففٿ انجنيئر ساٿي مون وٽ ڪچھري ڪندا رهيا ۽ سگريٽ پيئندا رهيا ۽ بابوءَ جي اهڙن سوالن تي مون کي ائين لڳندو هو ڄڻ هو منھنجو باس هجي ۽ مون کان پڇي رهيو هجي ته هھڙي گندي حالت ڇو آهي ۽ پوءِ جڏهن کيس دڙڪو ڏئي چوندو هوسانس ته هو ڪير ٿيندو آهي پڇڻ وارو ته يڪدم ڳالهائڻ جو ٽون بدلائي ڌيرج سان چوندو هو:
”سر آئون ته ان ڪري ٿو پڇان جو توهان ته سگريٽ پيو ڪونه. ڪٿي توهان جي غير حاضريءَ ۾ ته ڪو نٿو اچي ۽ جي توهان جي هوندي اچي ٿو ته مون ڪيترين اخبارن ۾ پڙهيو آهي ته دونھين ۾ ‘سگريٽ نه پيئڻ’ واري جا به ڦڦڙ خراب ٿي سگهن ٿا.“
اهو ٻڌي آئون خاموش ٿي ويندو هوس. ظاهر آهي ڪھڙو جواب ڏيانس. هو مون تي رعب پيو رکي يا مون سان همدردي پيو ڪري! دل ئي دل ۾ چوندو هوس ته وڏو لاهه آهي، هي بابو مڪراني. ڪياماڙيءَ جي ٽانگن وارن وانگر بابوءَ کي انگريزي جا ڪي ٻه جملا به مس ٿي آيا. هاڻ وري مون تي لئه ٿو رکي ته اخبار ٿو پڙهي.
ڪڏهن منھنجي ڪمري ۾ ٽڙيل پکڙيل ڪاغذ ڏسي چوندو هو: ”سر آپ ڪا ڪمرا بھت گنده رهتا هي.“ اهو ٻڌي آئون سنجيدگيءَ سان سوچيندو هوس ته هن کي وات سان جواب ڏيان يا انجڻ روم مان مترڪو کڻي اچي مٿي تي هڻانس. پر هڪ ته هو پنھنجي ڊيوٽيءَ ۾ ڪنھن به قسم جي خامي نه ڇڏيندو هو، جو کيس ان جو بھانو وٺي ڇَنڊ ڪڍجي ۽ ٻيو ته هن کي جيڪي به ڪمرا (Cabins) مليل هئا، انهن مان هڪ منھنجو هئو ۽ ٻيو اسان جي چيف انجنيئر جو، (جيڪو پنھنجي فئملي (زال ۽ ٻن ٻارن ) سان گڏ جھاز تي رهيو ٿي)، جنھن جو ڪم بابوءَ اڃان به سٺو ڪيو ٿي. ويندي کين ڪپڙا استري ڪري ڏيڻ ۽ بوٽ پالش ڪرڻ جھڙا ڪم ڪري ڏنا ٿي، جيڪي ضروري نه آهي ته ڪئبن بئاءِ ڪري. هڪ ٻه دفعا بابو دير سان اچي، مون کي کيس دٻ ڪڍڻ جو سٺو بھانو مھيا ڪيو. پر جڏهن دير جو سبب پڇيومانس ته ننڊ جو بھانو يا بيماري وغيره جو ڪرڻ بدران چيف انجنيئر جي ڪئبن ۾ ڪم جي گهڻائيءَ جو ٻڌائين. ”ٻارن ڪارپيٽ تي کير هاري ڇڏيو هو اهو پئي ڌوتم“. چيف انجنيئر جي ٻارن ڊيڪ تي بال وڃائي ڇڏيو هو اهو پئي ڳوليم.“ يا ”تيل ڪمري جي ڀت تي لڳي ويو هو سو اسپرٽ سان ڀت پئي صاف ڪيم“.... هاڻ کيس ڪير چوي ته چيف انجنيئر جو فالتو ڪم نه ڪندو ڪر. ٻين لاءِ کڻي هن جهنگل (جھاز) جو راجا (شينھن) ڪئپٽن هجي پر اسان جي انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ جو ته بي تاج بادشاهه ‘چيف انجنيئر’ ئي ٿيو ۽ آئون ته ان ڊپارٽمينٽ جي ڏاڪڻ جو بنھه هيٺيون ڏاڪو، ففٿ انجنيئر ٿيس. ٻين لفظن ۾ شينھن جي منھن ۾ ڦاٿل شڪار جي ڇا مجال جو شينھن کي چوي ته تنھنجي وات ۾ ڌپ. آئون بابوءَ کي هڪ لفظ چوان ۽ هو ان بدران چار لفظ چيف انجنيئر کي وڃي ٻڌائي ۽ منھنجي ملائڪن کي به خبر نه ته منھنجي خلاف هن ڪھڙو زهر گهوٽيو آهي.
حقيقت ته اها هئي ته مون ته چاهيو ئي نٿي ته بابو يا ڪو ٻيو منھنجو ڪمرو صاف ڪري. مون لاءِ آئيڊيل Situation هميشه اها آهي ته منھنجا ڪتاب، اخبارون، پينسلون جتي ڇڏيان اتي پيون هجن. انهن کي پلنگ تان يا پٽ تان کڻي ڇنڊي ٺاهي ٽيبل تي ڪو رکي ئي نه ته سٺو. ڇو ته پوءِ مون کي ڳولڻ ۾ ڏکيائي ٿي رهي ۽ Continuity قائم رکڻ ۾ مشڪل پيش ٿو اچي. يا مٿان وجهڻ جي چادر يا بلاڪيٽ کي ڪو ڇو ويڙهي رکي. ڪناري تي گهرن ۾ ته ڪو مھمان به اچي سگهي ٿو ۽ صبح جو هنڌ ڇڏڻ بعد وري تيرهن چوڏهن ڪلاڪن بعد رات جو ڏهين يارهين سمهڻو پوي ٿو. جھاز تي ۽ خاص ڪري سمنڊ تي ڪھڙو مھمان اچي ٿو ۽ ٻي ڳالهه ته ڊيوٽي اهڙي طرح واچن (چئن چئن ڪلاڪن) ۾ ورهايل ٿئي ٿي، جو ڏينھن جو به سمهڻو ضروري ٿيو پوي ته رات جو به _ جيئن ماڻهو ڊيوٽي لاءِ تازو توانو رهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڊگهن سفرن ۾ ڪراچي کان ڪئناڊا، جارڊن کان جپان، هانگ ڪانگ کان هونو لولو جنھن ۾ ٻه ٻه ٽي ٽي هفتا لڳيو وڃن، بلڪه ڪڏهن ته مھني کان به مٿي سمنڊ تي جھاز کي لڳاتار هلائڻو پوي ٿو. پوءِ اهڙن سفرن ۾ ٻن ٽن ڏينھن بعد ننڊ جو اچڻ ڏکيو ٿيو پوي. پر تڏهن به هر هڪ بستر ۾ داخل ٿي ننڊ جي ڪوشش ڪري ٿو. مطلب اهو ته سمنڊ تي جھاز هلائڻ وقت ڊيوٽي ۽ بستري سان گهڻو واسطو رهي ٿو. رات جو 8 کان 12 تائين جھاز هلائي ڪجهه سئنڊوچ وغيره کائي هڪ ٻي تائين سمهيو رهجي. صبح جو وري ستين بجي ڌاري اٿي، نيرن ڪري اٺ وڄڻ کان ڏهه منٽ اڳ انجڻ روم ۾ پھچڻو پوي ٿو. جيئن جھاز هلائڻ جي چارج وٺي 4 کان 8 ڊيوٽي ڪندڙن کي موڪل ڪرائي سگهجي. منجهند جو 12 بجي ڊيوٽي ختم ڪري ڪمري ۾ اچبو هو ته بابو هنڌ بسترو پيو ٺاهيندو هو ۽ ٺاهي نڪرندو هو ته سندس تھه ڪيل چادر يا بلاڪيٽ کولي مٿان وجهي سمهي رهندو هوس.
دل چوندي هئي ته بابو منھنجو هنڌ نه ٺاهي ته سٺو. نه پاڻ منھنجي چادر تھه ڪري رکڻ جي تڪليف ڪري ۽ نه وري مون کي اها کولڻ جي تڪليف ڏئي. پر صفائيءَ جي معاملي ۾ بابو Crazy هو _ چاهي سندس چارج ۾ ڪمرا هجن يا سندس جسم تي پھريل وڳو _ صاف سٿرو ۽ بنا گهنج جي هوندو هو. بابوءَ جو ڪم ڪمرو صاف رکڻ هو ۽ آئون هر وقت ان تاڙ ۾ رهندو هوس ته ڪٿي ڪا غلطي ملي ته هن کي پڪڙيان، پر حق جي ڳالهه ڪبي ته هو ڪمري کي چلڪائي ويندو هو.
بھرحال منھنجو ڪئبن بئاءِ بابو مڪراني منھنجي حواسن تي اهڙو سوار ٿي ويو جو هن جي اچڻ کان اڳ ڪمري جون شيون آئون ٺيڪ ڪندو رهندو هوس ته متان بابو منھنجي خلاف ڪو اڻوڻندڙ رمارڪ ڏئي يا اهو نه سوچي ته هي سڀ ۾ ننڍو انجنيئر او ايل ڪيوز (Officer Like Qualities) کان بلڪل ڇسو آهي.
ڪڏهن ڪڏهن شام جي وقت، جڏهن سخت سيءَ ڪري ڊيڪ (عرشيءَ) تي ويٺو نه ٿيندو هو ته منھنجا ساٿي (هڪ ٻه مون جھڙا ففٿ انجنيئر، ڪئڊٽ ۽ ريڊيو آفيسر وغيره) منھنجي ڪمري ۾ اچي وهندا هئا. آئون هنن کي سگريٽ ڇڪڻ کان منع ڪندو رهندو هوس. ان جھاز جو هڪ اليڪٽريڪل انجنيئر دوست گوهر رحمان ته ڪوڪا ڪولا جي اڌ بوتل پي اڌ ڪچري جي بالٽيءَ ۾ کڻي اڇلائيندو هو ۽ آئون بابوءَ جي موڊ آف ٿيڻ جو سوچي سمنڊ پاسي کلندڙ دري کولي، ان اڌ بچايل بوتل کي ٻاهر اڇليندو هوس. هر وقت پنھنجي ڪئبن کي گهڻي خراب ٿين کان بچائيندو رهندو هوس. گوهر ته منھنجي انهن حرڪتن تي خار کائي چوندو هو: ”پانچ صاحب! آخر مصيبت ڇا آهي؟ چئين ته ڪمري مان نڪري وڃون؟“ ۽ آئون معصوم شڪل ٺاهي چوندو هوس ته ”يار بابو مائينڊ ٿو ڪري !“ ۽ ڪمري ۾ موجود سڀ دوست ٽھڪ ڏئي کلندا هئا ته يار هي بابو چڱو CSP آفيسر پئدا ٿيو آهي، جيڪو اسان تي رعب ٿو ڄمائي.
جھاز ڏور اوڀر جي ٻن ٽن بندرگاهن مان ٿيندو آمريڪا (USA) جي بندرگاهه نيو اورلينس پھتو ۽ ان کانپوءِ هيوسٽن (ٽيڪساز) ۾. هيوسٽن ۾ ٻئي ڏينھن انجڻ روم جو مليل ڪم لاهي ٻاهر آيس ته خبر ٻڌم ته بابوءَ کي مڪاني پوليس سمگلنگ جي ڏوهه ۾ جهلي وئي آهي. هو ڪجهه آمريڪي مزدورن کي چرس ۽ ڏوڏي وڪڻي رهيو هو. ٽئي چوٿين ڏينھن آمريڪا جي ڪورٽ طرفان اسان جي ڪئپٽن کي نوٽيس آيو ته هو پنھنجي خلاصي (بابوءَ) جي بچاءَ لاءِ ڪو وڪيل ڪرڻ چاهي ته ڪري سگهي ٿو. سڀني چيو ته برائيءَ جو نتيجو برائي آهي. آمريڪا جھڙي مھانگي ملڪ ۾ وڪيل جا پئسا ڪير ڀريندو ۽ بابوءَ ڏوهه ڪيو آهي ته ان جي سزا به پاڻ ڀوڳي. بھرحال آمريڪا حڪومت طرفان انساني همدردي هيٺ بابوءَ لاءِ وڪيل ڪيو ويو، جيئن ڏوهاريءَ کي اهو احساس نه ٿئي ته هن سان انصاف نه ٿيو. ڪورٽ ۾ بابوءَ جي پيشيءَ تي ترجمي لاءِ مون کي موڪليو ويو.
پنج ڇھه ڏينھن هيوسٽن جيل ۾ رهڻ ڪري مون سمجهيو بابوءَ جي حالت خراب ٿي وئي هوندي ۽ ڪافي حد تائين منجهس سڌارو به اچي ويو هوندو، پر ڪورٽ ۾ ڏٺم ته اسان وارو بابو ساڳي شان شوڪت سان داداگيرن وانگر ٻانھون اندر طرف لوڏيندو پٻن تي پئي آيو. سندس تازي چھري ۽ برل ڪريم لڳل وارن سان هو پرسڪون لڳي رهيو هو. پريشان ته ٽڪي جو به نه هو.
وڪيل پاڻ ۾ ڳالهائيندا رهيا. ان بعد جج مون کي چيو ته هن کان پڇ ته هن جھاز تي هتي جي ماڻهن کان پئسا وٺي ڪجهه وڪيو آهي؟
”منھنجي ترجمي ڪرڻ کان اڳ بابوءَ جج جي ڳالهه سمجهي، کيس مختصر جواب “Yes Sir” ڏنو.
جج چيو ته ”هن کان پڇ ته جيل خاني ۾ هن کي ڪنھن شيءِ جي ضرورت ته نه آهي؟“ جج جو اهو سوال به مون کي ترجمو ڪرڻو نه پيو جو بابوءَ منھنجي معرفت جج کي اڙدو ۾ جواب ڏيڻ بدران ٺھه پھه جج کي سنئون سڌو چيو:“I only need a pair of clean shirts”.
بابوءَ جو جواب ٻڌي ڪورٽ ۾ ويٺلن مان ڪيترن ئي کلي ڏنو. جھاز تي به جنھن ٻڌو ان کلي چيو ته چرئي بابوءَ لاءِ جيل ئي صحيح جاءِ آهي. ٻه ٽي سال سزا ضرور لڳندس.
چار پنج ڏينھن کن وڌيڪ ”هيوسٽن بندرگاهه“ ۾ رهڻ بعد، جھاز اڳتي جي سفر لاءِ جھڙو ئي لنگر کنيو ته خبر پيئي ته بابو جيل مان آزاد ٿي اچي پيو. سڀني کي ڏاڍي حيرت لڳي. خبر پيئي ته آمريڪا جي قانون مطابق حڪومت جيڪو بابوءَ لاءِ وڪيل ڪيو ان بابوءَ کي ان نقطي هيٺ سزا کان بچائي ورتو ته جيئن ته بابو هيٺ آمريڪا جي سرزمين تي نه پر جھاز تي ڏوهه جو ڪم ڪيو ان ڪري هن سان آمريڪا جو قانون لاڳو ٿي نٿو سگهي. ان ڪري هن کي آزاد ڪيو وڃي.
بابوءَ جي جيل مان جان ڇٽڻ تي جتي جھاز وارن کي خوشي ٿي، اتي بابوءَ کي بنھه نه ٿي _ بلڪه هن کي جج جي هن آخري فيصلي تي سخت ڪاوڙ لڳي. اسان ته سمجهيو پئي ته بابو شرم کان ڪنڌ هيٺ ڪري جھاز تي چڙهندو جو هو جيل مان ٿيو پيو اچي ۽ جھاز تي چڙهي سڌو پنھنجي ڪئبن ڏي ڀڄندو. پر بابو جھاز جي ڏاڪڻ (Gangway) جيڪا جيٽيءَ کان جھاز جي ڊيڪ (عرشي) تائين ٿي پھچائي، اها چڙهي منھن هيٺ ڪري ڪمري ڏي ڀڄڻ بدران اتي ئي بيھي، چيلهه تي هٿ رکي سامهون اسان بيٺلن کي ڪاوڙ ۾ چوڻ لڳو: ”جيل تان هن جھاز (جھاز کي ڪچي گار ڏئي) تي مون کي ڪير وٺي آيو آهي.“
جھاز هلڻ وارو هو. مٿي برج تي ڪئپٽن بيٺو هو. بابوءَ ان ڏي به گهوري ڏٺو. بابو مڪرانيءَ جي بگڙيل موڊ ڏسي سڀ خاموشيءَ سان ٽڙي پکڙي ويا. جڏهن جھاز جو ڊيڪ خالي ٿي ويو ته اسان جو ڍينڍو پھلوان ”بابو“ داداگيرن وانگر پٻن تي هلي پنھنجي ڪئبن ڏي روانو ٿيو.
بعد ۾ خبر پيئي ته بابوءَ لاءِ جھاز کان وڌيڪ جيل بھتر هو. بقول بابوءَ جي ”آمريڪا جي جيلن ۾ زندگيءَ جو معيار گهڻو گهڻو بلند آهي. اتي مون کي جھاز کان وڌيڪ بھتر بيڊ مليل هو. بريڪ فاسٽ ۽ مارننگ ٽي جو به بندوبست هو. روزانو اخبار به ملي ٿي ۽ ان کان علاوه روز ڇھه ڊالر خرچي ملي ٿي ۽ آچر جي ڏينھن ٻيڻي خرچي.... هي ڏسو هي ڏسو.... ايترا پئسا ته مون کي جھاز تي مھني ۾ به نٿا ملن.“ بابو سؤ ڊالرن جو نوٽ هو ا ۾ لوڏڻ لڳو. اليڪٽريڪل انجنيئر گوهر رحمان منھن کي موڙو ڏئي آهستي چيو:
”بابو اخبار ملڻ تي خوشيِءَ جو اظھار ائين پيو ڪري ڄڻ گهر ۾ به ڊان اخبار پڙهندو هجي.“ وري ان اخبار جو راز سندس هڪ ٻئي ڪئبن بئاءِ ساٿيءَ فاش ڪيو ته بابو آمريڪا جي اخبار مان ان ڪري خوش هو جو ان ۾ سؤ کان وڌيڪ صفحا آهن ۽ هو پنھنجيون ۽ ٻين قيدين جون پراڻيون اخبارون چاڪيواڙي ۾ ردي واري کي وڪڻڻ لاءِ کڻي آيو آهي.
بھرحال اسان سمجهيو ته هيڏي وڏي واقعي (خواريءَ) کانپوءِ بابوءَ ۾ ٿورو گهڻو سڌارو آيو هوندو پر بابو ڏينھو ڏينھن ويو داداگير ٿيندو. هاڻ اسان جونيئرن سان ته ڇا سينئر آفيسرن سان به آڪڙ ڪرڻ لڳو. سڀ کان وڏي ڳالهه ته هر بندرگاهه ۾ اتي جي مڪاني ماڻهن سان جهيڙو ڪرڻ ته ڄڻ هن جي خاص ڊيوٽي هئي ۽ ان جهڳڙي ۾ بابو فقط گارين جو استعمال ڪندو هو، موچڙا مخالف پارٽي هڻندي هيس. پوءِ جھاز تي ڪو بابوءَ کي چوندو هو ته ”يار توکي بنگالين (يا چينين) جوتا ٺاهوڪا هنيا“ ته جواب ڏيندو هو: ”جائوڙي!. مون کيس اهڙيون گاريون ڏنيون جو کين ڇٽيءَ جو کير ياد اچي ويو هوندو.“
هاڻ بابوءَ سان ڪير بحث ڪري ته تنھنجو مڪراني اسٽائل ۾ ڏنل اڙدوءَ جون گاريون چٽگانگ، بئنڪاڪ يا پينانگ بندرگاهه ۾ ڪھڙي بنگالي، ٿائي يا چينيءَ کي سمجهه ۾ آيون هونديون جو هو بيھوش ٿيو هوندو. بابو آمريڪا جي بندرگاهه ۾ ڪنھن سان وڙهي نه سگهيو، جو پاڻ جيل ۾ هو. ائٽلانٽڪ سمنڊ پار ڪري آفريڪا کنڊ جي پھرين بندرگاهه ڊڪار (سينيگال) پھتاسين ته اتي به پھچڻ سان اسان جي قد جي بندري بابوءَ ڪنھن حبشيءَ سان کڻي ڦڏو ڪيو. هونءَ ته ٻين ملڪن جي بندرگاهن ۾ بابو مار کائي پاڻ کي اسٽريچر يا کٽ تي کڻائي جھاز تي پھچي ويندو هو ، پر هن دفعي سينيگال جي بندرگاهه ڊڪار ۾ هن کي ڪو اهڙو ڏاڍو مڙس ڏاڏو ملي ويو جنهن هن کي اهڙي مار ڏني جو هو پنھنجا هڏ گڏ ڀڃائي جھاز تي موٽڻ بدران، اتي جي سرڪاري اسپتال جي آرٿو پيڊڪ وارڊ ۾ داخل ٿي ويو.
ڊڪار (سينيگال) ۾ اسان جو جھاز ڇھه ڏينھن کن رهيو. بابو آخري ڏينھن تائين هڏين جي وارڊ ۾ هو. سندس پلاسٽر ڪيل ٽنگون ۽ کاٻي ٻانھن سرڪڻين (Pulleys) ۽ رسين ذريعي مٿي ڇڪيل هيون. مجبوراً جھاز کي ڊڪار بندرگاهه ۾ بابو مڪرانيءَ کي پٺيان ڇڏي اڳتي جي منزل ممباسا (ڪينيا) ڏي روانو ٿيڻو پيو.

بلقيس وفائي ۽ سامونڊي حادثو

چوندا آهن ته کل ۽ خوشيءَ جھڙي خوراڪ ناهي. جيڪڏهن اها ڳالهه صحيح آهي ته پوءِ ادي بلقيس وفائيءَ کي اسان سڀني کان وڏي ڄمار ماڻڻ کپندي هئي جو اسان سندس منھن تي هميشه مرڪ ڏٺي ۽ کيس ٽھڪ ڏيندي ٻڌو. پر شايد رب جي ڪا ٻي رضا هئي. ظاهري طرح ته هن کي دل جو دورو پيو ان بعد دل جي آپريشن ٿي جيڪا پڻ شروع جي رپورٽن مطابق ڪامياب ثابت ٿي. موٽي گهر به آئي وري اسپتال. ڪجهه ڏينھن لاءِ کيس آءِ سي يو ۾ به رکيو ويو ان بعد حالت بھتر ٿيڻ تي وري اسپتال جي ڪمري ۾ آندو ويو. ڪنھن ٿي سوچيو ته هھڙي خوش طبع ۽ کلمک انسان تي ڪا بيماري اثر ڪندي. سڀني کي اها اميد هئي ته اجهو ٿي بلقيس چاق ٿي گهر ڏي موٽي ۽ ڪئپٽن عالم شيخ (سندس مڙس) جا هميشه وانگر ماني جي دعوتن جا فون اچن. پر ائين نه ٿيو. عالم جي دوستن مان هڪ دوست ۽ ڪليگ ڪئپٽن بشير وسطڙو جو فون آيو ته ”هينئر هينئر ادي بلقيس اسپتال ۾ گذاري وئي آهي. ٻارن سميت سندس گهر پھچي وڃو. شايد هينئر ئي دفن ڪن.“
ماڙيپور کان ڪلفٽن عالم جي گهر پھچڻ تي پير رکڻ جي جاءِ نه هئي. اطلاع ملڻ تي ڪئپٽن عالم جا ڪيترائي دوست ۽ جھازي ساٿي اچي گڏ ٿيا هئا. مرچنٽ نيوي جي جھازن جو شايد ئي ڪو ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر هجي جيڪو ڪراچي ۾ هجي ۽ اتي نه پھتو هجي. جھازي دنيا جي ماڻهن جو ايڏو ميڙ ڪنھن سامونڊي ڪانفرنس تي به هڪ ئي وقت گڏ نه ٿيو هوندو. مرد هڪ طرف زالون ٻئي طرف_ هر هڪ جي زبان تي ادي بلقيس جي واکاڻ هئي. اتي ڪيترا اهڙا ڪئپٽن به موجود هئا، جيڪي اڄ آفت جيڏا جھاز دنيا جي سمنڊ تي هلائين ٿا، پر اهي ڪنھن زماني ۾ ڪئپٽن عالم جي جھاز تي ڪئڊٽ (شاگرد) جي حيثيت سان چڙهيا هئا. سمنڊ تي طوفاني ڏينھن ۾ جڏهن هنن جي دل سست ٿيندي هئي يا هنن کي جھاز راني جھڙي نوڪري کان گهٻراهٽ ٿيندي هئي ۽ پنھنجي آفيسرن جي دڙڪن هيٺ هوندا هئا ته جهاز تي موجود ڪئپٽن عالم شيخ جي زال (بلقيس) سندن همٿ افزائي ڪندي هئي. چي: ”همٿ کان ڪم وٺو. آئون زال ٿي ڪري بي فڪر ٿي پئي هلان، توهان گهٻرايو ٿا! ڏکن پٺيان سک آهن. انهن طوفانن ۽ بگڙيل سمنڊ جا سڄي سفر ۾ ٻه ٽي ڏينھن ڏکيا اچن ٿا، انهن کي ڪٿ ۾ آڻڻ نه کپي.“
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته بلقيس وفائي جتي نرم دل ۽ همدرد طبيعت جي هئي اتي بيحد مضبوط دل به هئي. هن پنھنجي مڙس سان گڏ ڪيترائي ڊگها، خوفناڪ ۽ ڏکيا سامونڊي سفر ڪيا ۽ جتي ڪيترن مردن به هنجون هاريون هونديون، اتي هن ڪڏهن اڻ لَکي پريشانيءَ جو اظھار به نه ڪيو. اهڙن سفرن مان هڪ ۾ ساڻس هڪ اهڙي ٽرئجڊي ٿي پئي جو شل ڪنھن دشمن سان به نه ٿئي. سندس وڏي ٻار فيصل جو وچ سمنڊ تي هٿ ڪپجي ٽڪرا ٽڪرا ٿي پيو. ڪو به بندرگاهه ايڏو ويجهو نه هو جو جھاز کي اوڏانھن موڙي سگهجي. سمنڊ بيحد خراب هو ۽ جھاز ائين اڇلجي رهيو هو ڄڻ ڇوڏو هجي. سائوٿ آفريڪا جي بندرگاهه کان هيليڪاپٽر اچڻ جو بندوبست ٿي ويو ۽ اهڙي خراب موسم ۽ سمنڊ مان حادثي هيٺ آيل ٻار ۽ ان جي ننڍي ڀاءُ (جيڪو ڇھن مھنن جو مس هو) کي پاڻ سان کڻي اڏامندڙ هيليڪاپٽر ۾ سوار ٿيڻ دل گردي جي ڳالهه هئي، جيڪو واقعو خبر طور دنيا جي ڪيترن ئي اخبارن ۾ آيو ۽ هيليڪاپٽر هلائڻ واري کي به ان ڏکي فلائيٽ تي سندس ملڪ سائوٿ آفريڪا طرفان قومي ايوارڊ ڏنو ويو. جنھن به پاڪستاني جھازيءَ ٻڌو ان واهه واهه ڪري اهو ئي چيو ته اها واقعي مسز بلقيس عالم جي همٿ جي ڳالهه آهي. جھڙي تھڙي جي جاءِ ناهي. انگريز ته انگريز پر انهن کان به ٻه رتيون وڌيڪ پھلوان جھازي نارويجن ۽ ڊچن جي زالن به ٻڌي ٿڌا شوڪارا ٿي ڀريا. بھرحال ان حادثي جو ذڪر وري هيٺ ڪريون ٿا ان کان اڳ اسان جي پياري ساٿي ڪئپٽن عالم شيخ جي قابل عزت ۽ خوش اخلاق زال بلقيس بابت ڪجهه تعارف ڏجي:
سنڌ جو شايد ئي ڪو هجي جيڪو مولانا دين محمد وفائي کان واقف نه هجي. بلقيس عالم مولانا دين محمد وفائي جي پوٽي ۽ علينواز وفائي صاحب جي ڀائٽي ٿئي. مولانا دين محمد وفائي کي ٽي پٽ: شفي محمد، مظفر علي ۽ علي نواز وفائي ۽ هڪ ڌيءُ سبحان نالي ٿيا. بلقيس مظفر علي وفائي جي ڌيءَ ۽ حيدرآباد جي مشھور شخصيت آخوند خالد شھيد ۽ ڊاڪٽر سراج آخوند جي ڀاڻيجي ٿئي بلڪه هوءَ شروع جا ڏينھن پنھنجي پيدائش واري شھر سکر ۾ رهڻ ۽ بنيادي تعليم اتان حاصل ڪرڻ بعد حيدرآباد پنھنجن مامن وٽ اچي رهي هئي، جتان هن مئٽرڪ، انٽر ۽ پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ مان گرئجيوئيشن ڪئي. پاڻ شروع کان آخر تائين ٽيچنگ جي جاب ڪندي رهي. تعليم ختم ڪرڻ بعد پهرين روهڙيءَ ۾ ٽيچر ٿي رهي. بلقيس جا ناناڻا شايد روهڙي ۾ رهن ٿا. اڄ کان 35 سال کن اڳ 1967 يا 68ع ۾ عالم سان گڏ آئون پنھنجن دوستن سان ملڻ لاڙڪاڻي، خيرپور ۽ سکر ويو هوس ته هو مون کي روهڙي به وٺي هليو هو، جتي هن مون کي بلقيس جي والده سان ملايو هو. تن ڏينھن ۾ آمريڪا جي مشھور قميصون ٺاهيندڙ ڪمپني AERO وارن هڪ خاص ڊيزائن جون قميصون ڪڍيون هيون، جن جي ڪالرن ۾ ٻه ٻيڙا لڳل ٿيا ٿي. يعني ٽاءِ ٻڌڻ بعد ڪالر هيٺ ڪري قميص لڳل ٻيڙو ڪالر ۾ ٿيل ڪاڄ مان ڪڍي ڇڏبو هو. اسان اڃان جھازن تي نه ويا هئاسين، پر پنھنجن سينئر دوستن، جيڪي جھازن تي چڙهي چڪا هئا، انهن کي منٿون ڪندا وتندا هئاسين ته هو آمريڪا مان اسان لاءِ تحفي طور اهڙي قميص آڻين. سکر پھچي عالم ٻڌايو ته بلقيس جي ماءُ سلائيءَ ۾ قابل مڃيل آهي ۽ هوءَ پاڻ کي اهڙي قسم جي قميص ٺاهي ڏيندي. اسان سکر مان ڪپڙو وٺي ان وٽ پھتاسين. ڏسڻ ۾ هوءَ هڪ Typical ڳوٺ جي عورت لڳي ٿي. سلائي جي مشين به هٿ سان هلائڻ واري ۽ هڪ تمام پراڻي ۽ گٺل هئي جنھن تي ان جو نالو PFAFF به مٽجي چڪو هو. پر اڄ به آئون اهو دل سان قبول ٿو ڪريان ته ڇا ته هوءَ هنرمند ۽ قابل عورت هئي. سڄو ڏينھن روهڙي گهمڻ بعد جڏهن سج لٿي مھل سکر موٽياسين ته هن اسان کي قميص ڏني جنھن تي فقط ايئرو ڪمپنيءَ جي فئڪٽري جو لوگو ۽ وول ورٿ جھڙي دڪان جو پرائيس ٽيگ لڳل نه هو باقي هوبھو ان اعليٰ معيار ۽ اسٽائيل جي ٺھيل هئي. اهو ئي ناناڻن وارو سگهڙپڻو ۽ ڏاڏاڻن واري خوش طبعي بلقيس ۾ ڏٺيسين. بلقيس جي والد سان منھنجي ڪا گهڻي ملاقات نه رهي باقي سندس چاچي علي نواز وفائي وانگر بلقيس جون به خبرون ۽ چرچا ڀوڳ مشھور آهن. پر اهڙي ئي طبيعت جو سندس مڙس عالم آهي. مون هنن کي سخت غريبي ۽ تڪليف وارن ڏينھن ۾ به ڏٺو ۽ الله جي فضل سان بيحد سٺي وقت ۾ به. هو هميشه هڪجھڙا نظر آيا. مائٽن مٽن، دوستن يارن ۽ ضرورتمندن جي مدد ڪندا رهيا. هنن وٽ مون سدائين مھمان لٿل ڏٺا. بنگلو ته کڻي هاڻ پنج ڇھه سال ٿيا آهن جو ٺھرايو اٿن، پر جڏهن ننڍڙي مسواڙي فلئٽ ۾ رهيا ٿي ته اهو به مھمانن سان ڀريل هوندو هو. ٻن ڪمرن جي فلئيٽ ۾ هڪ ۾ هڪڙا مھمان ته ٻئي ۾ ٻيا. پاڻ بالڪنيءَ ۾ ۽ سندن ٻار ڊرائنگ روم ۾. عالم جا ڪي ڪي ڀاڻيجا ته چند ڏينھن بدران يڪا سال رهيا پيا هوندا هئا ۽ ڪنھن نه ڪنھن ڪاليج يا يونيورسٽيءَ ۾ تعليم پيا وٺندا هئا. آئون هميشه عالم کي شابس ڏيندو هوس. پر حقيقت ۾ ان کان وڌيڪ ڪريڊٽ سندس زال بلقيس کي هجي، ڇو جو مھمان مڙس جا مائٽ هوندا هئا تڏهن به هوءَ منھن نه گهنجائيندي هئي.
آئون هميشه عالم جي مھمانن ۽ عالم وارن سان چرچا ڪندو هوس ته يار سال جو ڪو اهڙو ڏينھن آهي جو هي ”گهر“ بنا مھمانن جي هجي! هينئر ويجهڙائيءَ ۾ (ادي بلقيس جي وفات کان مھنو کن اڳ) عالم جي گهر ويس. بيل وڄايم ته ٻن ڇوڪرن دروازو کوليو.
”ابا ڪير آهيو؟“ مون هنن کان پڇيو. نه هنن مون کي ۽ نه مون کين سڃاتو.
”اسين ڪئپٽن عالم شيخ جا مھمان آهيون.“ هنن وراڻيو.
”اهو ته آئون به ڏسان پيو، پر عالم جا ڇا ٿيو؟“
” اسين هن جا ڀاڻيجا آهيون.“ هنن جواب ڏنو.
ان تي مون کلندي چيومان: ”يار ڇڏيو چرچا؟ عالم جا ڀاڻيجا ته هاڻ اڇين ڏاڙهين سان ٿي ويا هوندا. سوال ئي نٿو پيدا ٿئي ته توهان هن جا ڀاڻيجا هجو“. ان تي کين به کل اچي وئي ۽ ٻڌايون ته هو هن جي ڀاڻيجن جو اولاد آهن.
بھرحال ادي بلقيس کي شابس هجي جو نوڪري به ڪندي هئي (روهڙي بعد خيرپور ۽ پوءِ ڪراچيءَ ۾ PECHS سوسائٽي جي ڪنھن اسڪول ۾)، پنھنجن ٻارن کي به ڏسندي هئي ته مھمانن جو به خيال رکندي هئي. پر اهو ضرور آهي ته جتي هوءَ پنھنجي مڙس جي ڀائٽن ڀاڻيجن کي پنھنجو سمجهي خيال رکندي هئي اتي هو به کيس ماءُ وانگر سمجهندا هئا. سندس وفات تي چاهي عالم جو ڀاڻيجو آفاق هجي يا ڪامران ڀٽي. ڀاڻيجي نسرين هجي يا اسد ۽ عبيد، رياض هجي يا ثناءُ الله سڀ هنجون هاري رهيا هئا ۽ هڪ هڪ سان بلقيس جون تعريفون ڪري رهيا هئا ته هوءَ سندن ڪيڏو ته خيال رکندي هئي.
بلقيس وفائي ۽ ڪئپٽن عالم شيخ جي شادي کان اڳ به سندن مائٽي هئي. مولانا دين محمد وفائي جي سڳي ڀيڻ جو عالم شيخ ڏهٽو ٿئي. ان کان علاوه عالم جي هڪ ڀيڻ (عصمت) بلقيس جي چاچي ٿئي، يعني علينواز وفائيءَ جو عالم سالو به ٿئي.
منھنجي عالم سان ملاقات ڪراچيءَ ۾ 1965ع ۾ ٿي. آئون چٽگانگ مان مئرين انجنيئرنگ جو ڪورس ڪري آيو هوس. عالم ڊي جي سائنس ڪاليج ۾ داخلا ورتي هئي. منھنجي هٿن ۾ ريڊيو (ٽرانسسٽر) هو جيڪو صحيح طرح وڄڻ بدران کڙکڙ ڪري رهيو هو. ڳالهين دوران عالم شيخ ان کي کولي اتي جو اتي ٺاهي ڏنو. ويٺل سڀ وائڙا ٿي ويا. ”يار تنھنجي عمر ڇا آهي؟“ مون پڇيومانس.
”ڇو؟“ عالم جواب بدران سوال ڪيو.
”توکي ته انجنيئر ٿيڻ کپي، سو به جھازن جو. تنھنجي عمر ويھه سال کان مٿي ناهي ته مئرين اڪيڊميءَ لاءِ اپلاءِ ڪر. اڄ ڪلهه ان جا فارم ڀرجي رهيا آهن.“ مون کيس صلاح ڏني.
”پر يار آئون غريب ماڻهو آهيان. انجنيئري پڙهڻ جا پئسا هجن ها ته هتي ئي ڪا سول يا مڪينيڪل انجنيئري نه پڙهان ها. چٽگانگ ته ٿيو هتان ڏور.“
”تون فارم ڀري هنن جو ٽيسٽ ته ڏي. جيڪڏهن مٿاهين نمبر ۾ اچي وئين ته اسڪالر به ملندءِ ۽ پوءِ رڳو هوائي جھاز جو 130 رپيا ڀاڙو ڀرڻو پوندءِ“. (انهن ڏينھن ۾ ڪراچي کان ڍاڪا ۽ پوءِ ڍاڪا کان ٻئي هوائي جھاز ذريعي چٽگانگ پھچڻ جو ڪل ڀاڙو 130 رپيا هوندو هو.)
” ۽ جيڪڏهن اڃان به جلدي نوڪري شروع ڪرڻ چاهين ٿو،“ مون عالم کي صلاح ڏني، ”ته پنجن سالن جو مئرين انجنيرنگ جو ڪورس ڪرڻ بدران ناٽيڪل برانچ کڻ، جنھن ۾ فقط ٻه سال پڙهڻ بعد جھاز تي وڃڻو پوي ٿو.“
عالم کي سندس ان وقت آيل ٻين دوستن: اڪبر منگي، زين العابدين پٺاڻ ۽ سليم عرساڻيءَ به همٿايو ۽ انهن مونکي به ٻڌايو ته عالم پڙهائيءَ ۾ به ڏاڍو هوشيار آهي. هو جن ڏکين حالتن ۾ رهي ڪراچيءَ ۾ تعليم حاصل ڪري رهيو آهي ان لاءِ کيس جس هجي.“
ڪجهه هفتن بعد موڪلن ۾ عالم مون سان ملڻ منھنجي ڳوٺ هالا آيو ۽ اچي ٻڌائين ته هو مئرين اڪيڊمي چٽگانگ لاءِ چونڊجي ويو آهي ۽ کيس اسڪالر به ملي آهي. سفر ۽ ٻي خرچ لاءِ هن جيڪو قرض کنيو آهي، اها سندس مڱيندي بلقيس ايندڙ سال نوڪري ملڻ تي لاهيندي يا هن ئي سال ٻارن کي ٽيوشن پڙهائي ماڻهن کي واپس ڪندي.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ۽ ان جو شاهد آئون به آهيان ته عالم کي هي عھدا ۽ رتبا ڏيارڻ ۾ ادي بلقيس جو به وڏو هٿ آهي. هوءَ به ڪا امير يا پئسي واري نه هئي پر نوڪري ڪري، سادگي کان ڪم وٺي پئسو بچائي عالم کي نه فقط تعليم دوران پر ان بعد به، جھاز جو ڪئپٽن ٿيڻ تائين، هلندڙ امتحانن ۾ (جيڪي تن ڏينھن ۾ فقط انگلنڊ ۽ آسٽريليا ۾ ٿيا ٿي)، هوءَ مدد ڪندي رهي. ان کان علاوه پيش ايندڙ ڪيترن ئي مسئلن کي منھن ڏيڻ لاءِ هوءَ پنھنجي مڙس جي اخلاقي مدد به ڪندي رهي. عالم بيحد محنتي، اڻورچ، نمازي ۽ ڊسيپلين جي زندگي گذارڻ وارو آهي. آئون عالم جي گڻن ۾ نمازي لکي رهيو آهيان ان مقصد کان نه لکيو اٿم ته ڪو هو بزرگ پير آهي ۽ هن کان ڦيڻو پڙهايو يا ڌاڳو وٽرايو. ۽ نه منھنجو مطلب آهي ته هو نمازي آهي ان ڪري هو نيڪ آهي ۽ هن جي هر ڳالهه صحيح آهي. نماز هر مسلمان تي فرض آهي هر هڪ کي پڙهڻ کپي ان جي جزا ۽ نه پڙهڻ جي سزا جو هر هڪ پاڻ حقدار آهي. هتي عالم لاءِ پنج وقت نمازي لکڻ مان اها مراد آهي ته هن لاءِ ڏينھن جو ماپو وڏو آهي جنھن ۾ هو گهڻو ڪم ڪري سگهي ٿو. هڪ ماڻهو جيڪو فجر نماز تي اٿي ٿو معنيٰ هن جو صبح گهڻو اڳ شروع ٿئي ٿو ۽ اهو ان ماڻهوءَ کان وڌيڪ پڙهي يا پورهيو ڪري سگهي ٿو جيڪو دير تائين ستو پيو آهي. يورپي ماڻهو ان مسلمان کان گهٻرائيندا آهن جيڪو فجر نماز تي اٿي ٿو. اهو آفيس يا يونيورسٽي (جي شاگرد آهي ته) وقت تي ايندو. مليل Assignment يا هوم ورڪ به پورو ڪري ايندو ۽ صحت ۾ به ٻين کان تندرست هوندو. فجر نماز پڙهڻ وارو سمهندو به جلد تڏهن ته فجر تي سوير اٿي سگهندو ۽ سوير سمهڻ وارو شرابي يا ٻين اجاين سجاين محفلن کان به دور رهندو.
سو هتي عالم لاءِ پنج وقت نمازي لکڻ معنيٰ هن جو ڏينھن سج اڀرڻ سان شروع ٿئي ٿو ۽ هو سخت محنت ڪري ٿو. هن نه فقط تعليم دوران محنت ڪري سٺي پوزيشن حاصل ڪئي پر جھاز هلائڻ ۾ پڻ. پاڻ انجنيئر سو نه ٿيو پر سندس ڪم اڄ به انجنيئرن وارا آهن.
کريل ريڊيا ۽ واشنگ مشينون ٺاهڻ وارو عالم، هاڻ جھازن جا رڊار سسٽم ۽ Navigational Equipment ٺيڪ ڪريو وڃي جيڪي ڪم Specialized نوعيت جا سڏيا وڃن ٿا ۽ جھاز جا انجنيئر نه پر فئڪٽرين جا آٽوميشن ۽ اليڪٽرانڪ انجنيئر صحيح ڪن ٿا. هڪ دفعي ائين به ٿيو ته جپان جھڙي ملڪ جو هڪ شپ يارڊ، جھاز جو ڪو اليڪٽرانڪ آلو (equipment) ٺيڪ ڪري نه سگهيو ۽ آخرڪار هنن Repair بدران Replacement تي زور آندو يعني اها شيءِ مرمت ڪرڻ بدران نئين فِٽ ڪرڻ لاءِ چيو، جنھن تي جھاز ران ڪمپنيءَ جو وڏو خرچ اچي رهيو هو. ڪئپٽن عالم ڪمپنيءَ جي اجازت سان اهو چئي ته خرچ ڪري نئين شيءِ ته هونءَ ئي وٺڻي پئجي رهي آهي، ڇو نه هو ان تي پنھنجا هٿ آزمائي، هو ان اوزار تي لڳو رهيو ۽ ٻن ڏينھن اندر اهڙو صحيح ڪري ڇڏيائين جو جھاز جي Scrape ٿيڻ تائين اهو اوزار صحيح ڪم ڪندو رهيو.
اليڪٽرنڪ ۽ مڪينڪس جو ڪم سکڻ لاءِ عالم ڪنھن يونيورسٽي يا پوليٽيڪنڪ ادارن مان ڊگريون يا ڊپلومائون نه ورتيون پر هو ننڍي هوندي کان وٺي ننڍا ننڍا ڪتاب پڙهندو رهيو ۽ پرئڪٽس ڪندو رهيو. مون کي ياد آهي ته صدر ۾ جڏهن اسين آئس ڪريم کائڻ لاءِ ايندا هئاسين ته عالم ريگل سئنيما جي سامهون واري فٽ پاٿي بڪ اسٽال تان ڪو اليڪٽرانڪس جو ڪتاب وٺي اچي گهر پڙهندو هو. اڄ تائين سندس اها هابي آهي. اها ٽي وي، وي سي آر، فرج، واشنگ مشين جيڪا دڪاندارن کان نه ٺھي سگهندي آهي ان لاءِ عالم کي منٿ ڪبي آهي ۽ هو اڄ به سٺ ورهن جي ويجهو ٿيڻ جي باوجود انڪار نه ڪندو آهي . اڌ نڪ تي ويجهي نظر جو چشمو چاڙهي اوزارن واري بريف ڪيس کولي شروع ٿي ويندو آهي.
آئون پنھنجن انجنيئرنگ جي شاگردن کي هميشه عالم شيخ جو مثال ڏيندوآهيان ته هن جو جيتوڻيڪ انجنيئرنگ برانچ سان تعلق ناهي پر شوق رکڻ ۽ علم حاصل ڪرڻ جي جستجو ڪري هن ۾ ڪيڏي وڏي قابليت اچي وئي آهي. ۽ جڏهن هڪ ماڻهو ڪنھن ڪم ۾ قابل ٿيو وڃي ته ان جو هر هڪ قدر ڪري ٿو ۽ هن کي عزت ڏئي ٿو.
پر مٿين ڳالهه تان ادي بلقيس جو هميشه اسان سان جهيڙو رهندو هو. جھاز هلائي جڏهن ڪراچيءَ پھچبو هو ته گهر جي ڪانه ڪا اليڪٽرڪ شيءِ خراب ملندي هئي. ۽ پوءِ عالم جي گهر جو نمبر ملائبو هو. ”ادي! ڪئپٽن عالم آهي؟ هڪ امرجنسي ٿي پئي آهي!“
”ڪنھن جي جھاز تي؟ توهان جي يا هن جي؟“ ظاهر آهي امرجنسي معنيٰ جھاز جو مسئلو _ خاص ڪري پروگرام کان اڳ لنگر کڻڻ جو، جنھن لاءِ موڪل تي لٿل ڪئپٽن گهرجي.
”نه ادي، جھاز جو مسئلو ناهي اسان جي واشنگ مشين ڪم نٿي ڪري.“
”شابس هجانوَ، ادا!“ ادي بلقيس پھرين ڪجهه ڪاوڙ مان چوندي هئي ۽ پوءِ وڏا ٽھڪ ڏئي چوندي هئي، ”چئبو ته جھازن جي ڪئپٽن جا هاڻ وڃي اهي ڪم رهيا آهن.“
۽ وري اتفاق به ڪجهه اهڙو ٿيندو هو جو ڪڏهن سندس گهر پھچي عالم شيخ جو پڇبو هو ته ادي بلقيس ٻڌائيندي هئي ته سندس ڀيڻ عصمت (علي نواز وفائيءَ) جي گهر ويو آهي يا ڪئپٽن رشيد ابڙي گهرايو اٿس.
”ادي خير مان؟“ دل ۾ اهو ئي وسوسو پئدا ٿيندو هو ته ڪو بيمار ته ناهي.
”هنن جي ٽي وي خراب ٿي پئي آهي (يا هنن جو گيزر خراب ٿي پيو آهي) اهو ٺاهڻ ويو آهي“ ادي بلقيس معصوميت مان جواب ڏيندي هئي ۽ پوءِ پاڻ ئي شڪي ٿي وڏا ٽھڪ ڏيندي هئي.
مزي جي ڳالهه اها ته عالم کي ٽيڪنيڪل ڪم سان ايڏي دلچسپي آهي، جو ڪم نه هوندو اٿس ته پنھنجي گاڏيءَ جي انجڻ پيو ٺيڪ ڪندو. ڪيترا دفعا ته ائين به ٿيو (جڏهن سوني مٺائي واري دڪان جي مٿئين فلئٽ ۾ رهندو هو) ته گهر جو بيل وڄائي عالم جو پڇڻ بدران هيٺان ئي سندس ڪار وٽان ڇڪي ٻاهر ڪڍبو هوس ته ”ٿوري دير مٿي هل ته چانھه پيون ته ڪچھري به ڪيون _ ڪار جي گيئر باڪس کي پوءِ اچي ٺاهجانءِ.“
عالم جي گڻن جي جڏهن ڳالهه نڪتي آهي ته هتي سندس هڪ ٻي خاصيت ڳڻائڻ به بي مھل نه ٿيندي. هو بيحد Organized ۽ ڏيتي ليتي ۾ صاف رهڻ چاهي ٿو. سندس ڪمرو هجي يا ٽيبل، آفيس هجي يا جھاز، هو هر شيءِ کي پنھنجي جاءِ تي ٺاهي رکڻ پسند ڪري ٿو _ جيئن ضرورت وقت اها يڪدم ملي سگهي. ڪا به شيءِ بي ترتيب نٿو ڇڏي. ڪئين سال جھاز هلائڻ بعد اسان کي جڏهن آفيس ۾ جاب مليو ته آئون کيس آفيس ۾ ڏسندو هوس ته هو ڪا به شيءِ بي ترتيب نٿو ڇڏي. فائيل پنھنجين جاين تي، جھازن جا نقشا ۽ سمنڊن جا چارٽ پنھنجي جاءِ تي، ويندي پينسل رٻڙ کان پاڻي پيئڻ جو گلاس پنھنجي مقرر جاءِ تي رکيو ٿي. ان کان علاوه سندس ڪو به فائل اڻ مڪمل نٿي رهيو. هو آفيس کانپوءِ به تيسين ويٺو هوندو جيسين سڀ فائيل Clear نه ٿين. اهو ئي حال سندس ڏيتي ليتيءَ جو هو. چانھه واري کي به روز شام جو گهرائي چوندو هو ته جيڪو مون ڏي حساب ٿئي ٿو سو هينئر ئي وٺ. ٻين وانگر پھرين تاريخ تائين ملتوي ڪري پوءِ ڪئنٽين واري سان بحث مباحثا نه ويھي ڪندو هو ته گهڻو بل هنيو اٿئي وغيره. ان جو تجربو مون کي ڪئين سال اڳ ٿي چڪو هو جڏهن اسان ٻئي مختلف جھازن تي اڃان جونئر آفيسر هئاسين. عالم جو جھاز ڪجهه چڪر سري لنڪا ۽ بنگلاديش جا ڪري هاڻ يورپ جي ملڪن: بيلجم، هالينڊ، پولينڊ ۽ جرمني وغيره واري روٽ تي هو، آئون موڪلون ڪاٽي جنھن جھاز تي چڙهيو هوس اهو ڏور اوڀر جي ملڪن ڏي وڃي رهيو هو. لنگر کڻڻ واري ڏينھن عالم مون کي سوني مٺائي واري دڪان جي ٻاهران ئي ملي ويو. خوش خير عافيت بعد هن اسان جي جھاز جي Route پڇي. ”هتان ته في الحال اڄ رات لنگر کڻي ڪولمبو (سريلنڪا) ٿا وڃون اتان پوءِ ڏسجي ته ڏور اوڀر جا ڪھڙا بندر گاهه Call ڪرڻا ٿا پون.“
”يار هڪ ڪم ته ڪجانءِ“ هن پنھنجي پرس مان ڪجهه نوٽ ڪڍي مون کي ڏيندي چيو، ”هي سري لنڪا جي ڪرنسي جا ٽي سؤ چاليھه رپيا مون وٽ بچيل آهن اسان جو ته هاڻ ڪولمبو الائي ڪڏهن وڃڻ ٿئي سو مون لاءِ بيڪار آهن. تون انهن پئسن مان مون لاءِ ڪولمبو مان مصالو وٺي اچجانءِ _ لونگ، جاوتري، جئفل وغيره.“
مون عالم کان سريلنڪا جا 340 رپيا (جيڪي تن ڏينهن ۾ پاڪستاني 170 رپين برابر هئا) وٺي پنھنجي ٻٽونءَ ۾ وڌا ۽ جاوتري ۽ جئفل جا نالا ياد رکڻ بدران ان ئي وقت سوچيم ته پنھنجي مرضي سان لونگ، ڦوٽا جيڪو مصالحو آساني سان ملندو وٺي ايندس.
اسان جو جھاز ٽن ڏينھن جي سفر بعد ڪولمبو جي بندرگاهه ۾ رات جي وقت پھتو ۽ جنھن سامان کڻڻ لاءِ اسان ڪولمبو آيا هئاسين اهو تيار نه هو ان ڪري اتي جي مڪاني آفيس جي انچارج اسان کي صبح جو ئي لڏو پٽي اڳتي جي سفر لاءِ هدايتون ڏنيون. اسان ان رات ٽنگ ڊگهي ڪرڻ لاءِ جھاز تان لھي هيڏانھن هوڏانھن چڪر هنيا. دڪان مارڪيٽون بند ٿي چڪيون هيون ڪا ايڪڙ ٻيڪڙ کاڌي جي هوٽل کليل هئي. ڊالر مٽائڻ بدران مون عالم جا ئي پئسا خرچ ڪري ڪٿي ڪوڪا ڪولا، ڪٿي ڪيڪ بسڪيٽ پاڻ ۽ ٻين ساٿين کي کارائي اچي جھاز تي ستاسين. صبح جو لنگر کڻي ملائيشيا جي بندرگاهه پينانگ جو رخ رکيوسين. ۽ پوءِ هڪ دفعو سامونڊي جھاز پنھنجي ملڪ جو بندرگاهه ڇڏي نڪري ٿو ته ڪا خبر نٿي پوي ته ڪھڙن ملڪن ۾ وڃڻو آهي، ڪيستائين وڃڻو آهي ۽ هر بندرگاهه ۾ ڪيترو وقت ترسڻو آهي. اڳئين زماني ۾ جڏهن انجڻين وارا جھاز اڃا ايجاد نه ٿيا هئا ته هر ڪم هوا جي رخ تي هلندو هو. جو رخ ڦرڻ تي واپس ورڻ جي ڪبي هئي. پر هاڻ اهو فيصلوڪرڻ جھاز وارن جي هٿ ۾ نه آهي پر جھاز جي مالڪ يا جھاز ران ڪمپني جي آفيس وارن جي هٿ ۾ آهي ته هنن کي ڪٿان ڪٿان سامان ملي ٿو ۽ ڪٿي لاهڻو آهي. جھاز جي مرمت لاءِ ڪھڙو بندرگاهه سولو ۽ سستو رهندو. جھاز جي تيل پاڻي ۽ جھاز هلائيندڙن جي کاڌي خوراڪ جي خريداريءَ لاءِ ڪھڙو بندرگاهه بھتر رهندو _ ان موجب پنھنجيون هدايتون اسان جھاز هلائيندڙن ڏي موڪليندا رهن ٿا ۽ اسان کي انهن جي حڪمن جي پوئواري ڪرڻي پوي ٿي.
مٿين سامونڊي سفر ۾ اسان ڪولمبو بعد پينانگ وياسين اتي هفتو ڏيڍ رهياسين. ان بعد ڏينھن اڌ جي سفر بعد ملائيشيا جي هڪ ٻئي بندرگاهه پورٽ ڪلانگ ۾ جھاز کي وٺي آياسين جيڪو ڪوالالمپور شھر کي تمام ويجهو آهي جيئن پورٽ قاسم ڪراچيءَ کي آهي. ان بعد سنگاور هفتو کن رهياسين ۽ پوءِ سائوٿ چائنا سمنڊ ۾ اچي اتر ڏي رخ ڪيوسين. چئن پنجن ڏينھن بعد هانگ ڪانگ پھتاسين. اتي هفتو ٻه ائين ئي بيٺا رهياسين. اسان جي جھاز ران ڪمپني (ڪراچي واري هيڊ آفيس) اسان جي سفر جو اڳتي جو فيصلو نه پئي ڪري سگهي ته اڳتي جي ڪھڙن بندگاهن مان ڪھڙو سامان کڻجي. بھرحال هانگ ڪانگ مان لنگر کڻي ڪجهه ڏينھن بعد جپان جي بندرگاهه اوساڪا پھتاسين ۽ پوءِ مھنو ڏيڍ جپان جي مختلف ننڍن وڏن بندرگاهن ۾ ئي ڦرندا رهياسين. ڪو به بندرگاهه اڌ ڏينھن کان مٿي پنڌ تي نه هو. وچ ۾ ٻه چار ڏينھن ”شمنو سيڪيءَ“ کان جھاز کي ڏکڻ ڪوريا جي بندرگاهه ”پوسان“ ۾ به وٺي وياسين. نيٺ هڪ ڏينھن انهن اتراهن بندرگاهن مان اسان کي هيٺ چين جي بندرگاهه ”دئرين“ ۾ جھاز وٺي اچڻ لاءِ چيو ويو. اتي ڪجهه ڏينھن ترسن بعد ڪئناڊا لاءِ سامان چڙهڻ جو فيصلو ٿيو. انهن ڏينھن ۾ ڪنٽينر ذريعي سامان نه چڙهندو هو. مختلف فئڪٽرين ۽ شھرن مان ٽرڪن ذريعي بندرگاهه ۾ سامان ايندو هو، جيڪو آهستي آهستي ٿي جھاز تي چڙهندو هو. اڄ جي تيز دور ۾ اهو سامان وڌ ۾ وڌ ٽن ڏينھن ۾ چڙهي وڃي پر انهن ڏينھن ۾ اسان کي دئرين ۾ ٽي هفتا ترسڻو پيو. دئرين جي مڪاني آفيس جھاز تي سامان چاڙهي پورو ڪيوته اسان کي لنگر کڻي ڪئناڊا جي اتراهين بندرگاهه ”سينٽ جان“ ڏي جھاز کي وٺي وڃڻ لاءِ چيو ويو. تن ڏينھن ۾ سئيز ڪئنال مان لنگهڻ تي بندش هڻي ڇڏي هئائون سو اسان سڄي آفريڪا کنڊ کي ڦيرو ڪندا، هندي وڏو سمنڊ، ڪيپ آف گڊ هوپ ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ لتاڙيندا پورن 49 ڏينھن بعد ڪئناڊا پھتاسين. رستي تي آفريڪا جي ٻن يا ٽن بندرگاهن ۾ پاڻي ۽ راشن لاءِ ڪجهه ڏينھن ترسياسين، جھاز جي انجڻ ۾ پئدا ٿيل ڪجهه خاميون جيڪي اسان سمنڊ تي مرمت نٿي ڪري سگهياسين سي مڪاني ورڪ شاپ وارن کي گهرائي دور ڪيونسين ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ جي هڪ ٻيٽ ڪيپ وردي آئلنڊ تي ترسي جھاز جي انجڻين لاءِ تيل ورتو سين. انهن ڏينھن ۾ اهو ٻيٽ آزاد نه هو. سڄو ڪاروبار پورچوگالين يا شايد اسپيني ماڻهن جي هٿ ۾ هو. پورچوگالي ۽ هسپانوي زبان پاڻ ۾ ايترو ملن ٿيون جيترو پنجابي ۽ سرائيڪي ۽ اسان جھڙي نئين ماڻهوءَ لاءِ اندازو لڳائڻ ڏکيو آهي ته ڪو پورچوگالي پيو ڳالهائي يا هسپانوي.
بھرحال ڪئناڊا پھتاسين. واپسي تي آمريڪا (USA) جي ٻن ٽن بندرگاهن مان ٿيندا جڏهن مس مس ڪراچيءَ پھتاسين ته جھڙوڪر اٺ مھنا ٿي ويا هئا. ڪھڙن دوستن جا جھاز ڪراچيءَ ۾ هئا يا ڪھڙا موڪل تي لٿل هئا انهن سان ملڻ ٿيندو رهيو. انهن ۾ عالم شيخ به هڪ هو، جنھن جو جھاز اسان کان ٻه هفتا کن اڳ ڪراچي پھتو هو (اسان جي غير حاضريءَ ۾ اهو جھاز هڪ دفعو اڳ به اچي چڪو هو يعني اسان هڪ سفر پورو ڪيو پر هو ٻه Voyages ڪري چڪا هئا. هو مون وٽ آيو يا شايد آئون هن سان ملڻ لاءِ ويس ته پھريون سوال ڪيائين ” مصالحا آندءِ.“
پھرين ته آئون سمجهان ئي نه پيو ته هو ڪھڙن مصالحن جي ڳالهه پيو ڪري! سامونڊي زندگيءَ ۾جتي ڪڏهن ڪڏهن سڄو ڏينھن هڪ جھڙو ئي ٿيندو آهي هڪ ئي سين (نيرو اڀ ۽ نيرو سمنڊ ۽ جھاز تي گڏ هلندڙ ساڳيا مھانڊا) نظر ايندا آهن ته ڪن ڏينھن تي سوين ماڻهو ۽ ڳالهيون درپيش اينديون آهن خاص ڪري بندرگاهن ۾. ۽ اسان جو هي سفرڪجهه گهڻو ئي ڊگهو ٿي ويو هو، جنھن جي شروعاتي ڏينھن جون ڳالهيون ڪٿي ٿيون ياد بيھن ۽ خاص ڪري عالم شيخ جي چيل مصالحن کي ته مون پھرئين ڏينھن ئي Casual انداز ۾ ورتو هو، سي هينئر ڪٿان ٿا ياد اچن.
”منھنجا مصالحا ڪٿي؟“ عالم وري پڇيو.
”خبر ناهي هي ڪھڙن مصالحن جي ڳالهه پيو ڪري“ مون دل ۾ سوچيو ۽ پوءِ نيٺ پڇيومانس ته ڪھڙا مصالحا؟
”يار ڪمال ٿو ڪرين! هي جو 340 سلوني رپيا ڏنا هئامانءِ“. عالم ياد ڏياريو ۽ مون کي ڌيان ۾ اچي ويو.
”عالم ڳالهه ٻڌ. مصالحن جي پچر ڇڏ. جھاز ڪولمبو ۾ ڪي چند ڪلاڪ مس ترسيو ۽ نه وري انڊونيشيا ويو جتان تولاءِ مصالحا آڻيان.“
اهو ٻڌي عالم بگڙي پيو. مون کلندي چيوماسن ته جڏهن جھاز اوڏانھن ويو ئي ڪونه ته پوءِ ڌوڙ مصالحا آڻيان.
”نه يار مون کي مصالحا کپن” عالم چيو.
”ڏاڍي ٻڌائي. تو ڪھڙو چلهه تي ديڳڙو چاڙهي رکيو آهي، جنھن لاءِ مون کي مصالحا آڻڻ کتا ٿي. انهن بدران ٻي ڪا شيءِ کپئي ته سڀاڻي منھنجي جھاز تان کڻي وڃجانءِ _ ڪياماڙيءَ پاسي نائين نمبر برٿ (جيٽيءَ) تي جھاز بيٺل آهي.“
”ان صورت ۾ پئسا موٽائي ڏي ته آئون ڪنھن ٻئي کي چوان، جيڪو ڪولمبو وڃڻو هجي.“ عالم چيو.
”اها به ڳالهه صحيح آهي.“ مون اهو چوندي پنھنجي ٻٽونءَ مان سلوني 340 رپين جي برابر جا آمريڪي ڊالر ڪڍيا جو اسان کي ڊالرن ۾ پگهار مليو هو.
”نه مون کي ته سلوني رپيا کپن.“ عالم ٺھه پھه چيو. اتي ادي بلقيس جيڪا ڀر ۾ بيھي اها گفتگو ٻڌي رهي هئي تنھن ٽھڪ ڏيندي عالم کي چيو:
”اِٽ اِز ٽُو مَچ. اهو ٿيو ڦڏو ڪرڻو. ادا ماٺ ڪري ويھي چانھه پيو.“
”رڳو چانھه ڇا؟ ماني به کائڻي آهي.“ : عالم رڙ ڪئي. ماني گهر ۾ تيار ٿيل نه هئي. عالم ٻاهران هوٽل تان گهرائي ۽ آئس ڪريم وغيره پڻ جنھن جو بل 400 رپين کان به مٿي آيس.
”ائين 400 رپيا چٽ ڪري ڇڏئي باقي سلوني 340 رپيا (پاڪستاني 170 رپيا) واپس وٺڻ بنا نٿو رهي سگهين.“ مون کلندي چيومانس.
پر پوءِ مون ڏٺو ته سنگاپور جي هندو سنڌي واپارين وانگر عالم به حساب ڪتاب صحيح رکڻ جو عادي آهي. نه پاڻ ڪنھن جو ٽڪو کڻندو ۽ نه چاهيندو ته ڪنھن ٻئي وٽ هن جو رهي. ڪڏهن ٽي وي ريڊيو ٺھرائبس ته ٺاهي چوندو فلاڻو پرزو مَٽڻو پيو جيڪو سٺ رپين جو آهي پر مون گهٽائي 50 ۾ ورتو آهي، سو پنجاهه رپيا ڏي. ۽ اسان جي سچي دل سان سندس ٿورا مڃيندا آهيون. ڇو جو دڪاندار وٽ پھچڻ تي ته هو ابتي کل ٿا لاهين. پھرين ته هفتو کن شيءِ رکي ڇڏيندا ۽ پوءِ پنجن خرابين جا نالا ڳڻائي هزار ڏيڍ ته آرام سان ڪڍيو وڃن. بھرحال مٿين ڳالهه ڪڍڻ سان ادي بلقيس جي اها ڳالهه پڻ نمايان ڪرڻ چاهيم ٿي ته هوءَ هميشه جهيڙا ٽاريندي رهي. چاهي گهر جا مائٽاڻا معاملا هجن يا جھاز تي نوڪري جا يا سندس مڙس عالم شيخ ۽ اسان دوستن جا__ هوءَ هميشه کِلي هر هڪ کي پرچائيندي رهندي هئي. هن عورت کي مون ڪنھن سان نه جهيڙو ڪندي ڏٺو ۽ نه وري ڪنھن جي گِلا ڪندي ٻڌو.
ڪئپٽن عالم شيخ جي بلقيس وفائيءَ سان 23 مارچ 1970ع تي شادي ٿي هئي. انهن ڏينھن ۾ عالم جھاز جو سيڪنڊ ميٽ (سيڪنڊ آفيسر) هو _ يعني ڪئپٽن کان ٻه رئنڪون هيٺ. ڪئپٽن کانپوءِ جيڪو آفيسر ٿئي ٿو اهو فرسٽ ميٽ سڏجي ٿو. يعني ڪئپٽن جي ڪم ۾ هٿ ونڊائڻ وارو پھريون ساٿي. فرسٽ ميٽ ڪن ڪن جھازن تي چيف ميٽ يا چيف آفيسر به سڏجي ٿو. سمنڊ تي رستو ڳولڻ ۽ سامان کي صحيح حساب سان رکرائڻ ۾ هن نيويگيٽر جو اهم حصو هوندو آهي. ان بعد سيڪنڊ آفيسر آهي. چيف آفيسر ۽ سيڪنڊ آفيسر تان هن وقت هڪ لطيفو ياد اچي رهيو آهي ته ڪنھن جھاز تي چيف آفيسر ۽ سيڪنڊ آفيسر جي سخت ضرورت ٿي پئي. شپنگ ڪمپنيءَ وارن اخبار ۾ اشتهار ڏنو ته ڪراچيءَ ۾ هن وقت ڪو به چيف آفيسر ۽ سيڪنڊ آفيسر موجود هجي ته فلاڻي جھاز تي هيتري پگهار تي هليو اچي. جھاز کي لنگر کڻڻ ۾ فقط ٻه ڏينھن آهن. اشتھار پڙهي جيڪي همراهه آيا انهن ۾ خبر پيئي ته ڪنھن ميونسپالٽي ۽ بئنڪ جو به چيف آفيسر ۽ سيڪنڊ آفيسر هو.
دنيا جي مختلف جھازران ڪمپنين ۾ چئن مٿين آفيسرن کي فئملي سان گڏ سندن جھاز تي Sail ڪرڻ جي اجازت هوندي آهي. اهي آهن ڪئپٽن، چيف آفيسر، چيف انجنيئر ۽ ان جو اسسٽنٽ سيڪنڊ انجنيئر. پر اسان جي پاڪستاني ڪمپنين ۾ سيڪنڊ آفيسر ۽ ٿرڊ انجنيئر، ريڊيو آفيسر ۽ ڪڏهن ڪڏهن اليڪٽريڪل انجنيئر کي به ٻارن سان گڏ جھاز تي رهڻ ۽ سفر ڪرڻ جي اجازت هوندي آهي. ان ڪري اسان شادي بعد فئملي سان گڏ Sail ڪرڻ شروع ڪيو. اها ٻي ڳالهه آهي ته عالم ۽ مون کي هڪ ئي جھاز تي گڏ Sail ڪرڻ جو موقعو نه مليو، پر هڪ ٻئي جي خبر چار پوندي رهي ٿي. پوءِ ڪڏهن اسان جا جھاز دنيا جي ڪنھن هڪ ئي بندرگاهه ۾ اچي گڏ بيھندا هئا يا ڪڏهن ائين ٿيندو هو ته هانگ ڪانگ، لورپول، هئمبرگ جھري بندرگاهه ۾ منھنجو جھاز اندر گهڙي رهيو هوندو هو ته هن جو ٻاهر پيو نڪرندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته وري ڪنھن سمنڊ ۾ هڪ ٻئي جي ڀرسان گذري ويندا هئاسين ۽ جھاز جي VHF (وائرليس سسٽم) ذريعي هڪ ٻئي سان خبرچار ڪري وٺندا هئاسين.
گهڻو ڪري زالن ۽ ٻارن کي سي سڪنيس گهٽ ٿي ٿئي ادي بلقيس ته ننڍي هوندي کان وٺي سامونڊي سفرن جي عادي ٿي چڪي هئي جڏهن هن کي اڃان پھريون ٻار به نه ٿيو هو. ان بعد کين جڏهن ٻار ٿيا تڏهن به هوSail ڪندا رهيا ۽ جھازين وانگر هنن لاءِ ”جھاز“ گهر مثل رهيو ٿي. زميني گهر تي مندن مطابق ڪڏهن سيءُ ٿيندو آهي ڪڏهن مينھن ۽ برفباري، ڪڏهن جهڪون لڳنديون آهن ته ڪڏهن گرمي ۽ چِٽَ. جھاز وارو گهر ڪڏهن طوفانن ڏي وڌندو آهي ته ڪڏهن ٿڌن برفاني ملڪن ۾ هوندو آهي. بھرحال سمنڊ تي هر انسان کي صحيح معنيٰ ۾ الله جو ئي آسرو رهي ٿو. هر جھاز تي ڊاڪٽر نٿو رهي. جي رهي ٿو ته هر قسم جي دوا جو هجڻ ضروري نه آهي ۽ فئملي سان گڏ جھاز تي رهندڙ کي ٻارن جو فڪر وڌيڪ رهي ٿو ته ڪٿي سمنڊ تي هنن کي ڪا بيماري نه ٿي پوي يا ڪو ڌڪ لڳي وڃي. ٻار جو معمولي بخار به مائٽ کي پريشان ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي. هو هر وقت نقشو ڏسڻ شروع ڪري ٿو ته جھاز سمنڊ ۾ ڪھڙي هنڌ آهي ۽ آيا ڪو بندرگاهه ويجهو آهي يا نه جيئن امرجنسيءَ ۾ جھاز کي يڪدم ان بندرگاهه ڏي موڙي سگهجي. ڪڏهن ڪڏهن ته جھاز سمنڊ جي اهڙي حصي ۾ هوندو آهي جتان ويجهي کان ويجهي ڪناري ڏي رخ رکجي تڏهن به چار پنج ڏينھن گهٽ ۾ گهٽ لڳي وڃن. اهڙي حالت بيحد دکدائڪ ٿئي ٿي جنھن ۾هرڪو چاهيندي به ڪجهه نٿو ڪري سگهي. ڪئپٽن عالم سان به هڪ سفر ۾ ان قسم جي ٽرئجڊي ٿي پئي جنھن ۾ سندس وڏي پٽ فيصل جي ساڄي هٿ جون آڱريون ۽ آڱوٺو ڪپجي ويو ۽ جنھن ۾ سندس هٿ جي نسن مان وهندڙ رت کي هڪدم بند ڪرڻ ضروري هو نه ته ٻار لاءِ موت جو خطرو هو.
هي حادثو جنھن بدنصيب جھاز تي ٿيو ان جو نالو ”ايم وي سرگوڌا“ هو جيڪو فقط سال اڳ جپان جي اوشيما نالي شپ يارڊ ۾ ٺھيو هو. جھاز جو پھريون چيف انجنيئر منھنجي اڪيڊمي جو ڪلاس ميٽ ۽ دوست اجتبيٰ حسين زيدي هو، جيڪو جھاز ٺھڻ دوران اوساڪا جپان ۾ رهيل هو. انهن ئي ڏينھن ۾ منھنجي پوسٽنگ ٽوڪيو جي I.H.I شپ يارڊ ۾ ٿي هئي. جتي ”مالاڪنڊ“ نالي هڪ ٻيو پاڪستاني جھاز ٺھي رهيو هو، جنھن تي چيف انجنيئر جي حيثيت سان مون کي Sail ڪرڻو پيو هو. اسان جي جھاز (مالاڪنڊ) جي ٺھي راس ٿيڻ ۽ جپان مان نڪرڻ بعد سگهو ئي (ٻن ٽن مھنن بعد) مٿيون جھاز سرگوڌا تيار ٿي نڪتو. ان وقت ان جھاز جو ڪئپٽن عالم شيخ نه هو. پوءِ ڪراچي پھچڻ تي اسان جي جهاز جو مٿيون عملو (ڪئپٽن، چيف انجنيئر، چيف آفيسر، سيڪنڊ انجنيئر وغيره.) ساڳيو رهيو ۽ اسان اڳتي جي سفر لاءِ آفريڪا کنڊ جو ڦيرو ڪندا آمريڪا ڏي روانا ٿياسين. ڪجهه مھنن بعد سرگوڌا جھاز ڪراچيءَ پھتو ۽ جپان، هانگ ڪانگ، ڪوريا وغيره کان آندل سامان ڪراچيءَ ۾ لاهي آفريڪا جي اولھه وارن بندرگاهن عابد جان ۽ دوئلا لاءِ 15 هزار ٽن چانور چاڙهيا. سرگوڌا کي در اصل يورپ جي بندرگاهن ۾ وڃڻو هو، پر رستي تي لاهڻ لاءِ هنن چانور پڻ چاڙهيا هئا.
سرگوڌا ۽ مالاڪنڊ جھاز پاڪستان جا پھريان آٽوميٽڪ جھاز هئا جن جي هر شيءِ آٽوميٽڪ هلي ٿي. رات جي وقت انجڻ روم کي به تالو لڳايو ويو ٿي ۽ انجڻ سڄي رات پاڻهي هلندي رهي ٿي. هڪ پمپ يا جنريٽر بند ٿيڻ يا خراب ٿيڻ تي پاڻهي آٽوميٽيڪلي ٻيو هلي ويو ٿي. هر شيءِ لاءِ الارم هو ۽ سڄو جھاز ايئر ڪنڊيشن هو ۽ اهي جھاز ان وقت بيحد ماڊرن جھاز هئا جن جي مشينن کان وٺي سمهڻ جا بسترا، رڌ پچاءَ جي ديڳڙن کان نيويگيشن جا اوزار هر شيءِ اعليٰ درجي جي ۽ جديد هئي. منجهن هر خيال کان اتم درجي جي حفاظت ۽ سيفٽي رکيل هئي. سامونڊي وڏي ڇول اچڻ ڪري جھاز جي ڊيڪ تان ڪو تِرڪي نه پوي ان لاءِ صحيح قسم جو Bulwork (ٻَنوڙو)، لڏندڙ جھاز مان هيٺ مٿي اچڻ وڃڻ لاءِ مضبوط قسم جون ڏاڪڻيون، باهه کان بچاءَ لاءِ هر قسم جا وسائڻ جا طريقا_ بھرحال اهي سڀ ڳالهيون انسان پاڻ کي مطمئن ڪرڻ لاءِ ٿو ڪري وڌيڪ جيڪي قدرت طرفان لکيل آهي اهو ئي ٿئي ٿو. ائين جي نه هجي ها ته ٽائٽينڪ جھاز جھڙو سگهارو ۽ با سلامت جھاز، جنهن لاءِ ان جي ٺاهيندڙ آرڪيٽيڪٽ انجنيرن چيو ٿي ته ڪڏهن به نه ٻڏي سگهندو _ بوتل جو ٻوچ (Cork) ٻڏي سگهي ٿو پر ٽائيٽينڪ جھاز هرگز نه. ۽ واقعي هڪ جھاز ساز (Naval Architect) انجنيئر چڱي طرح سمجهي سگهي ٿو ته جنھن جھاز ۾ ايڏيون Buoyancy tanks لڳل هجن، اهو جھاز ٽورپيڊو لڳڻ سان به ٻڏي نٿو سگهي. پر قدرت طرفان هي جھاز ٻڏڻو هو ۽ پھرين رات ئي ٻڏو هو. تڏهن ته هڪ iceberg (برف جو توڏو) جھاز جي سڄي پاسي کي ائين گهرڙي ويو، جو ماڻهو پنھنجي بچاءَ لاءِ ٻيڙيون به نه لاهي سگهيا.
سرگوڌا جھاز جي ڪراچي هجڻ دوران جھاز جو چيف انجنيئر ۽ ڪئپٽن ٻئي بدلي ٿيا. نئون ڪئپٽن اسان وارو عالم شيخ چڙهيو. گرميءَ جي موڪلن جا ڏينھن هئا ۽ جھاز تي ڪافي Boat capacity هئي، ان ڪري جھاز تي ڪيترائي آفيسر ٻارن ٻچن سان چڙهيا. عالم شيخ به پنھنجي زال بلقيس ۽ ٽن ٻارن سان چڙهيو. عالم جو وڏو ٻار ڌيءَ عنبرين ان وقت نون سالن کن جي هئي ۽ فيصل جنھن جي ڄم جي تاريخ 7 آگسٽ 1975ع آهي اهو ڇھن سالن جو هو. ان کانپوءِ فھد هو جيڪو 2 فيبروري 1981ع تي ڄائو هو ۽ 16 جنوري 1981ع تي ڪراچي ڇڏڻ وقت فقط چئن مھنن جو هو. فيصل جو حادثو ڪراچي ڇڏڻ کان پورن 28 ڏينھن بعد 14 جولاءِ تي هندي وڏي سمنڊ ۽ ڪيپ آف گڊ هوپ واري سمنڊ جي ويجهو ٿيو.
آمريڪا کنڊ جو نقشو ڏسندائو ته آفريڪا جي اوڀر پاسي مئڊاگاسڪر نالي هڪ ٻيٽ آهي. ان ٻيٽ کان وٺي ڪيپ آف گڊ هوپ (جتي هندي وڏو سمنڊ ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ اچيو ملن ٿا)، هي چئن ڏينھن کن جو سامونڊي رستو بيحد خراب رهي ٿو. سال جو ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ڏينھن. هن هنڌ، ڪو سانتيڪو گذرندو هجي نه ته هن هنڌ ٻارهو ئي سمنڊ به خراب ته موسم به خراب_ ۽ ان ڏينھن سرگوڌا جھاز جنڊ جي اهڙن ٻن پڙن ۾ اچي ويو هو، هڪ سمنڊ جون ڇوليون ۽ ڪُن ۽ ٻي طوفاني هوا ۽ لڳاتار مينھن ٽيون سخت سيءُ ۽ پاري ڪري ڌنڌ ۽ ڪوهيڙو، جنھن ڪري سامهون جو ڏيک (Visibility) نه برابر وڃي ٿيو هو. جون، جولاءِ ، آگسٽ وارا مھنا جڏهن اتر اڌگول (Northern Hemisphere) ۾ يعني پاڻ وٽ پاڪستان، هندستان، سعودي عرب، افغانستان وغيره ۾ سخت گرميون ۽ لُڪون لڳن ته خط استوائي ليڪ کان هيٺ Southern Hemisphere (ڏکڻ اڌ گول) ۾ ابتو حساب رهي _ يعني سخت سيءُ ۽ ٿڌيون هوائون لڳن.
اهڙي خراب موسم ۾ جڏهن سامهون ڪجهه نظر نه اچي ۽ ڇولين ۽ طوفاني هوائن ڪري جھاز گڏهه وانگر ڪڏندو رهي، سامهون ايندڙ جھاز ۽ سمنڊ ۾ اڀاميل جابلو ٻيٽن کان جھاز کي بچائڻ سولو ڪم ناهي. سخت سيءُ ۾ به پگهر اچيو وڃن ۽ اهو مرحلو ڪو ڪلاڪ ٻه نٿو هلي پر ڪڏهن ڪڏهن ته ڏينھن جا ڏينھن هلي ٿو ۽ عام طرح فقط هڪ جونئر يا سينئر نيويگيٽر بدران ٻه ٻه ڄڻا ۽ ان سان گڏ ڪئپٽن جو به لڳاتار بيھڻ ضروري ٿيو پوي جيئن جھاز جو سکان سڌو رهي. ان وقت ٿوري به سستي يا ڪوتاهي ٻيڙي کي پار اڪارڻ بدران ان کي تباهه ڪري سگهي ٿي.
سرگوڌا جھاز به اهڙي طوفاني موسم ۽ سامونڊي ڪُنن مان ڪيپ آف گڊ هوپ ڏي وڌي رهيو هو. جھاز جي برج (ڪنٽرول روم) ۾ ڊيوٽي نيويگيشن آفيسر کان علاوه جھاز جو ڪئپٽن عالم شيخ به موجود هو. خراب موسم ۽ سمنڊ ڪري وڏا ته وڏا پر ننڍا ٻار به پنھنجن ڪمرن ۾ پنڪيون پيا کائيندا آهن جو سڀني مٿان ٿورو گهڻو سي سڪنيس جو اثر رهي ٿو ۽ اهڙي حالت ۾ ڪنھن کان به ٻاهر نڪري واڪ ڪرڻ يا ڊوڙڻ ڊڪڻ نٿو پڄي.
اهڙي موقعي تي ڪئپٽن عام شيخ جو ڇھن سالن جو پٽ فيصل جھاز جو سئلون، سموڪ روم ۽ ايلي ويز (گهٽين) مان ٿيندو اچي جھاز جي برج تي نڪتو. ظاهر آهي هن کي ڪٿي به ڪو کيڏڻ لاءِ ٻار نظر نه آيو. ڪو به ٻار ايترو سخت جان نه هو جو فيصل وانگر هھڙي خراب موسم ۾ پاڻ کي سنڀالي سگهي.
اڄ ويھه ٻاويھه سالن بعد اهو ڇھن سالن وارو فيصل وڏي ڏاڙهي سان ڪجهه وڌيڪ ئي سنجيدو ۽ سانت وارو لڳي ٿو نه ته ننڍي هوندي، مون کي اڄ به ياد آهي ته فيصل تمام گهڻو ڦڙتيلو ۽ مستيءَ وارو ٻار هو. ماٺ ۾ ۽ هڪ هنڌ فقط تڏهن نظر ايندو هو جڏهن گهاٽي ننڊ ۾ هوندو هو نه ته هر وقت ڊوڙندي ڊڪندي نظر ايندو هو. جيتوڻيڪ جسامت ۾ تمام ڪمزور لڳندو هو پر Stamina ۽ سگهه ۾ ٿلهن متارن کان وڌيڪ چست هو.
فيصل ٻارن ۽ ماڻهن جي ڳولا ۾ هِتان هُتان ٿي اچي برج (جھاز جي ڪنٽرول روم) ۾ پھتو، جتي ٻين کي سي سڪنيس ڪري گهيرٽ محسوس ٿي رهيا هئا اتي هن تي سامونڊي موسم جو اثر نه ٿيڻ ڪري هو عام حالتون محسوس ڪري رهيو هو. برج تي ٻار کڻي نه هئا پر ماڻهو ڇيڻو ته هئا ۽ هونءَ به جھاز جو هي اهو هنڌ ٿئي ٿو جتي چوويھه ئي ڪلاڪ ڪنھن جو هجڻ ضروري آهي نه ته جهاز ڪيئن هلي ۽ ان وقت ته هڪ بدران ٻه چار ماڻهو هئا. هڪ طرف ڊيڪ ڪئڊٽ ۽ سکاني هو ته ٻئي طرف ٿرڊ ميٽ ۽ سندس پيءُ ڪئپٽن هو. هونءَ ته نارمل حالتن ۾ جڏهن سمنڊ ۽ موسم صحيح هوندي آهي ۽ سامهون جھازن جي ٽرئفڪ نه هوندي آهي ته برج (ڪنٽرول روم) ۾ موجود هڪ نيويگيشن آفيسر به هن سان خبرچار ڪرڻ يا کيڏڻ لاءِ ڪجهه وقت ڏيئي سگهيو ٿي پر هينئر حالتون نارمل نه هيون، ڪنھن کي فيصل جي اچڻ جوا حساس به نه رهيو. ڪئڊٽ ۽ سکاني برج جي پاسن (Wings) کان سامهون ڏسڻ جي ڪوشش ڪري وري اندر آيا ٿي، جو ٻاهر سخت ٿڌ ۽ طوفاني هوا هئي. برج روم ۾ بيھي شيشن تي ڌنڌ هجڻ ڪري صاف نظر نه پئي آيو، جيئن مينھوڳي ۽ گهم جي ڪري ڪار جي شيشن تي پاڻي چڙهيل هوندو آهي ۽ پوءِ وائيپر هلائڻ سان ٻاهر جو رستو نظر ايندو آهي. جهاز جي ڪنٽرول روم جي سامهون وارن شيشن تي ڪار جھڙا وائيپر ته نه ٿين پر ڪنڊ وارين ٻن درين جي شيشن تي هڪ فوٽ يا ڏيڍ فوٽ کن جو گول ڦرندڙ شيشو ٿئي جيڪو اليڪٽرڪ موٽر ذريعي پنکي وانگر تيز رفتار سان گول ڦرندو آهي ۽ ان گول ڦرندڙ شيشي مان ڪجهه نه ڪجهه سامهون جو view نظر اچي ٿو. ان گول ڦرندڙ شيشي کي Clear View Screen سڏجي ٿو.
ڪنٽرول روم ۾ آيل ننڍڙو فيصل جيرو ڪمپاس ۽ اسٽيرنگ ويل وٽان ٿيندو اچي سامهون واري ڀت وٽ بيٺو جيڪا سڄي ٿلهن شيشن وارين درين سان ڀريل ٿئي ٿي. سندس پيءُ اسٽيرنگ ويل وٽ جھاز جي پوزيشن چيڪ ڪري رهيو هو ته اهو صحيح ڊگرين تي اڳتي وڌي رهيو آهي يا نه کيس مدد ڪرڻ لاءِ ٿرڊ آفيسر هو جيڪو ذري ذري برج روم جي پاسي واري دروازي کان چارٽ روم ۾ وڃي آفريڪا جي اوڀر ڏکڻ وارو ڪنارو نقشي تي جانچي ٿي آيو ته جھاز ڪھڙي هنڌ تان لنگهي رهيو آهي ۽ انجڻ جي رفتار ۽ اسٽيرنگ ويل مطابق صحيح طرح اڳتي وڌي رهيو آهي يا deviation ٿي رهيو آهي، جيئن ان کي يڪدم دور ڪيو وڃي.
هوڏانھن فيصل ڏي ڪنھن جو به ڌيان نه پئي ويو. هو هيڏانھن هوڏانھن ٻه ٽي ڦيرا پائي درين وٽ رکيل هڪ اسٽول نما ڪرسي تي چڙهي مٿي دريءَ تي ٿي ويٺو، جتي اڪثر بائناڪيولر جھڙي شيءَ رکي وڃي ٿي. بارش ۽ ڌنڌ ڪري هن کي ڪنھن به دريءَ مان چٽو نظر نه آيو . هو پنھنجي ٻاراڻي خيال ۾، اها رب کي سڌ، ڪنھن طرح گول ڦرندڙ شيءِ (Clear View Screen) وٽ وڃي بيٺو ۽ پوءِ شايد هن ٻار جي قسمت ۾ اهو حادثو درپيش اچڻو هو _ فيصل جو هٿ هن تيز رفتار ڦرندڙ شيشي ۾ اچي ڪٽجي پيو. هونءَ اهو تيز رفتار گهمندڙ شيشو ٿلهي، هلڪي ۽ سخت شيشي (Toughened Glass) جو ٺھيل هوندو آهي ۽ ڀڄندو ناهي ۽ جي ڀڄندو به آهي ته ڪار جي شيشي وانگر پلاسٽڪ جھڙا ٽڪرا ٿي ويندو آهي. پر چون ٿا ته هي شيشو عام رواجي شيشو هو جنھن ۾ هٿ اچڻ سان جيئن ئي ڀڳو ته ان جي تکين، ڪپ جھڙين اندين معصوم ٻار جي آڱرين جا ڳترا ڳترا ڪري ڇڏيا.
هونءَ هر جھاز تي ڊاڪٽر کڻي نه هجي پر امرجنسيءَ کي منھن ڏيڻ لاءِ هر قسم جون دوائون ٿين ٿيون ۽ ڪئپٽن کان ٿرڊ آفيسر تائين لاءِ ضروري آهي ته هو پنھنجي پروفيشنل امتحان ۾ پاس ٿيڻ سان گڏ ميڊيڪل جو مقرر ٿيل ڪورس پڻ ڪن، جيئن جھاز جي بندرگاهه ۾ پھچڻ تائين هو مريض جي دوا درمل يا مرهم پٽي ڪري سگهن. پر هن صورت ۾ فيصل جون سڀ آڱريون ۽ آڱوٺو ۽ هٿ جو ڳچ حصو ڪپجڻ ڪري رت بند ٿيڻ جو نالو نه پئي ورتو. ويجهو کان ويجهو بندرگاهه ڊربن هو جيڪو سائوٿ آفريڪا ۾ آهي. سائوٿ آفريڪا سان تن ڏينھن ۾ پاڪستان جا تعلقات بنھه نه هئا پر هھڙي امرجنسيءَ ۾ سامونڊي قاعدي موجب جهاز توڙي جھاز جا ماڻهو سائوٿ آفريڪا ته ڇا پر اسرائيل ۽ انڊيا کان به مدد وٺي سگهن ٿا.
نقشي ۾ سمنڊ تي جھاز جي پوزيشن ۽ ويجهي ۾ ويجهو بندرگاهه ڊربن ڏٺو ته اهو ويجهو ويجهو تڏهن به ٻن ڏينھن جي سامونڊي پنڌ تي هو ۽ فيصل جي هٿ مان رت ايڏو تيزيءَ سان وهي رهيو هو جو هن لاءِ هر گهڙي موت ۽ زندگيءَ جو سوال هئي. ائين ناهي ته سمنڊ تي ڪو هي پھريون حادثو هو. پاڻيءَ جي جھازن تي اڪثر حادثا ٿيندا رهن ٿا. منھنجي هڪ دوست انجنيئر جي ڀؤنچ سمنڊ (Mediterranean) ۾ جھاز هلندي ٻانھن ڀڄي پئي هئي.هڪ جهاز تي سينئر انجنيئر جو سمنڊ تي آڱوٺو ڪپجي پيو هو. رسي (Chain Block) ذريعي مين انجڻ جو ڪرئڪ ٿيل پسٽن ڪڍي ٻيو وجهي رهيو هو ته چين (زنجير) ٽٽي پئي ۽ پسٽن سلينڊر مٿان رکيل هن جي هٿ جو آڱوٺو ڪپيندو سلينڊر اندر هليو ويو. پر اهي حادثا ان وقت ٿيا، جڏهن سمنڊ ماٺو هو. جهاز سمنڊ تي ائين بيٺا هئا جيئن خشڪي تي گهر ۽ طوفاني هوائون به نه هيون. ويجهي بندرگاهه تان، وائرليس ذريعي گهرايل هيليڪاپٽر، آرام سان جھاز جي ڊيڪ تي لھي، مريض کي پاڻ سان کڻي ويو ٿي.
هن صورت ۾ به سائوٿ آفريڪا وارن انساني همدردي هيٺ هڪدم هيليڪاپٽر موڪليو. جيتوڻيڪ هي جھاز ان بندرگاهه (ڊربن) کان ايترو ويجهو نه هو، موسم خراب ۽ ڌنڌ ڪري هيليڪاپٽر کي هي حادثي وارو جھاز (سرگوڌا) ڳولڻ ۾ به ڪافي تڪليف ٿي، جو هن هنڌ تان ڪيترائي جھاز لنگهن ٿا. جيڪڏهن ڏهه چورس ميل سمنڊ تي فقط هڪ جھاز تري رهيو هجي ته فقط 200 ميل ڊيگهه ۽ 200 ميل کن ويڪر واري سمنڊ ۾ يعني 40000 چورس ميلن ۾ چار هزار کن جھاز ٿيا انهن ۾ سرگوڌا جھاز ڳولڻ جو ڪم ايترو سولو ناهي. ۽ ٻي ڳالهه ته موسم ته خراب هئي جنھن ۾ هيليڪاپٽرکي اڏامڻ ۾ مسئلو ٿي رهيو هو، پر سمنڊ به خراب هو ۽ جھاز جي هڪ هنڌ نه بيھڻ بدران هيڏانھن هوڏانھن سادا کائڻ ڪري هيليڪاپٽر کي جھاز جي ڊيڪ تي لهڻ ڏکيو ٿي رهيو هو. لھڻ ته ڇا جھاز جي مٿان ٽِڪ هڻي بيھي به نٿي سگهيو. جھڙو ئي بيٺو ٿي ته هيٺان جهاز نڪري ويو ٿي ۽ هيليڪاپٽر گهڻو هيٺ به نٿي لٿو جو لڏندڙ جهاز جا لوهي کوها (Masts) وغيره هن کي نقصان پھچائي سگهيا ٿي.
بھرحال اهو هو ته هر ڳالهه جو سوچي، ڪناري جي واسطيدار کاتي، پنھنجا قابل ماڻهو هيليڪاپٽر سان گڏ موڪليا هئا ۽ هن مھم ۾ ڪامياب ٿيڻ تي کين پنھنجي ملڪ طرفان ايوارڊ مليو هو، جنھن جو احوال ڪيپ ٽائون مان نڪرندڙ اخبار South Coast Sun ٽيهين آڪٽوبر 1981ع واري پرچي ۾ هن عنوان سان آيو هو:
ايوارڊ حاصل ڪندڙن ۾ هيليڪاپٽر جو پائلٽ ‘پيٽر وول ڪاڪ’ ۽ ٻيو انجنيئر ‘ائنٽان سوٽن’ هو. اها اخبار ان حادثي بابت لکي ٿي ته:
They rescued badly injuried six years old boy from Pakistan vessel in very bad weather conditions and transported him to hospital during July.
“We certainly saved the boy’s hand, he has sliced into pieces. We managed to get him to hospital very quickly”
It called for a tricky bit of flyng.
“The difficulty was firstly, the rolling and pitching of the vessel caused by bad weather and rough sea, and secondly, the closeness of the centre cranes and there was no space to land. It was a difficult operation”.
The award they received was the “Sikorsky Helicopter Rescue Award.”
موسم ۽ سمنڊ خراب هجڻ ڪري هيليڪاپٽر وارن کي تڪليف ته ڏاڍي ٿي پر ڪلاڪ ٻن جي ڪوشش بعدپھرين فيصل کي مٿي هيليڪاپٽر ۾ ڇڪيو ويو ۽ ان بعد هن جي ماءُ کي چئن پنجن مھنن جي ننڍي ٻار فرخ سان گڏ کنيو ويو. هنن کي ڊربن جي سينٽ آگسٽن اسپتال ۾ پھچائڻ بعد هيليڪاپٽر کي وري سرگوڌا جهاز ڏي سمنڊ تي موڪليو ويو ته هٿ جون ڪٽيل آڱريون ۽ آڱوٺو کڻي اچن جيئن سرجن هٿ جي آپريشن ڪري ان جي آڱرين جا اصلي ٽڪرا ڳنڍي سگهن. هٿ جا ڪٽيل ٽڪرا هيڏانھن هوڏانھن هليا ويا هئا جن کي ميڙي چونڊي گڏ ڪيو ويو پر افسوس جو آخر تائين هٿ جو آڱوٺو نه ملي سگهيو جيڪو ٿي سگهي ٿو حادثي وقت سمنڊ ۾ ڪري پيو هجي.
فيصل جي هن حادثي جي خبر ٻئي ڏينھن سائوٿ آفريڪا ۽ اوسي پاسي جي ملڪن جي ڪيترين ئي اخبارن ۾ ڇپي. هڪ اخبار جيڪا اسان تائين به پھتي ۽ مون وٽ اڃان تائين موجود آهي، اها ڊربن شھر جي ”دي ليڊر“ اخبار آهي، جنھن ۾ فوٽو: هڪ ۾ آپريشن بعد فيصل بيھوشيءَ جي حالت ۾ ڏيکاريل آهي ۽ ٻي ۾ ان جي والده مسز بلقيس عالم پنھنجي ننڍي پٽ: ڇھن مھنن جي فھد کي ڪڇ ۾ کڻي فيصل جي پيرانديءَ کان، اسپتال ۾ ويٺي آهي. اخبار جمع جي آهي ۽ تاريخ 17 جولاٰءِ 1981ع جي آهي. خبر جو عنوان ۽ خبر ڪجهه هن ريت آهي:
Mercy Flight Drama
Copter lifts sick son from ship.
(نمائنده اخبار ”دي ليڊر“) مسز بلقيس عالم ڊربن شھر جي سينٽ آگسٽائين اسپتال مان هن اخبار جي نمائندي کي گذريل هفتي واري ڊرامي بابت ٻڌايو، جيڪو پاڪستاني جھاز سرگوڌا تي درپيش آيو، جيڪو ان وقت ڏکڻ آفريڪا جو ڪنارو وٺي لنگهي رهيو هو.
ڇھن سالن جي نينگر فيصل پنھنجي پيءُ سان گڏ، جيڪو جھاز جو ڪئپٽن آهي، جھاز جي برج تي هو ته سندس ساڄو هٿ جھاز جي هڪ مشين (شيشي جي گول ڦرندڙ روٽر) ۾ اچي ڇلهجي ويو ۽ نينگر جي بچاءُ لاءِ ڊربن مان هيليڪاپٽر گهرايو ويو. رف سمنڊ، خراب موسم (تيز هوائن ۽ اڻ بيھندڙ بارش) ۾ هيليڪاپٽر وارن کي پنھنجي Mission ڪاميابيءَ سان مڪمل ڪرڻ ۾ چار ڪلاڪ لڳي ويا.
مسز بلقيس عالم ٻڌايو ته سندس مڙس ڪئپٽن عالم شيخ، حادثي بعد جهٽ پٽ سائوٿ آفريڪا ۾ موجود جھاز جي ايجنسيءَ کي ريڊيو سگنل موڪليو ۽ ويجهي بندرگاهه مان ان ئي وقت هيليڪاپٽر کي گهرايو ويو. هيليڪاپٽر حادثي واري هن جھاز (سرگوڌا) کي ”رچرڊ“ Bay کان پنجاهه ميل کن پري واري علائقي ۾ ڳولي ورتو، جتي بيحد خراب سمنڊ ۽ واچوڙي واريون هوائون لڳي رهيون هيون. مسز بلقيس اهو به ٻڌايو ته ان ڏينھن مينھن وسڻ سان زاري ڪري ڇڏي هئي ۽ رف سمنڊ ڪري جھاز گهوماٽيون کائي رهيو هو.
”هنن رسي ذريعي ڊاڪٽر کي هيليڪاپٽر مان هيٺ لاٿو جيئن هو فيصل جي ڪپيل هٿ مان وهندڙ رت بند ڪرڻ جو اپاءُ ڪري، ڇو جو لڳاتار رت وهڻ ڪري موت جو خطرو هو. پوءِ هن کي پاڻ سان گڏ اسپتال کڻي وڃڻ بھتر سمجهيو. “ بلقيس عالم ٻڌايو.
”سڀ کان پھرين مون کي مٿي ڇڪي هيليڪاپٽر ۾ وهاريو ويو جيئن آئون فيصل سان گڏ رهي سگهان ان بعد هيليڪاپٽر جي انجنيئر کي هيٺ لاٿو ويو جيڪو منھنجي ڇھن مھنن جو ننڍڙو ٻار فھد مٿي مون وٽ کڻي آيو.“
هيليڪاپٽر کي سڌو اسپتال ۾ آڻي اسان کي لاٿو ويو. فيصل کي ان ئي وقت آپريشن ٿيٽر ۾ وٺي ويا جتي هن جي چٿيل ۽ ڪپيل هٿ تي ڪيتريون ئي سنهيون سنهيون آپريشنون ڪري هٿ جي آڱرين جا ٽڪرا ۽ نسون ڳنڍييون ويون . جسم جي مختلف حصن جون کلون ڪوري هٿ جي گرافٽنگ ڪئي وئي ۽ اهو ڪم ڪيترائي ڪلاڪ هلندو رهيو. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ڪجهه ڏينھن بعد هن جون اڃان وڌيڪ ٻه آپريشنون ٿينديون.هن وقت هو في الحال I.C.U (اعليٰ نگھداشت واري ڪمري) ۾ آهي.
بلقيس عالم ٻڌايو ته هن جي پٽ فيصل جي حالت هاڻ بھتر آهي ۽ سرجنن هن جي آڱرين جا ٽڪرا ملائي هٿ جو وڏو حصو ٺاهي ورتو آهي پر هن کي اهو ڏک ضرور آهي ته ڪپيل آڱرين جا ٽڪرا نه ملڻ ڪري فيصل جو هٿ آڱوٺي بنا رهجي ويندو.
مسز بلقيس عالم جيڪا پاڪستان جي ڏاکڻي شھر ڪراچيءَ ۾ رهي ٿي، ان جو هن ملڪ (سائوٿ آفريڪا) ۾ پھريون دفعو اچڻ ٿيو آهي ۽ هن جو ڪو به سڃاڻو يا مائٽ مٽ هن ملڪ ۾ نه آهي. بھرحال هن جي ٻار جو حال احوال ۽ ڪم ڪار پڇڻ لاءِ سندس مڙس جي جھاز ران آفيس وارا ايندا رهن ٿا.
ٽيھه ورهين جي بلقيس ٻڌايو ته مڙس سان گڏ هي سندس ڇھون سفر آهي. هن انهن سامونڊي سفرن دوران دنيا جا ڪيترائي ملڪ گهميا آهن جھڙوڪ: ڏور اوڀر، جپان، هانگ ڪانگ، سنگاپور، ڏکڻ ڪوريا، ڪينيا، تنزانيا ۽ يورپ جا ڪيترائي ملڪ.
مسز بلقيس عالم ٻڌايو ته سندس پٽ (فيصل) جي علاج خاطر لڳي ٿو ته هن کي هتي سائوٿ آفريڪا ۾ اڃان به ڇھه هفتا کن رهڻو پوي ان بعد هوائي جھاز رستي آفريڪا يا يورپ جي ان ملڪ ۾ وڃڻو پوي جتي سندس مڙس جو جھاز پھتل هجي، جيئن هوءَ پنھنجي مڙس سان ملڻ سان گڏ پنھنجي ڌيءُ عنبرين سان به ملي سگهي، جيڪا هن وقت پنھنجي پيءُ سان گڏ جھاز تي رهي ٿي.
سائوٿ آفريڪا جي اخبار “The Leader” ۾ اها خبر هن ريت هئي:

MERCY FLIGHT DRAMA
Copter lifts sick son from ship
Mrs Bilquis Alim Shaikh, in an exclusive interview with ‘The Leader’ this week recalled the drama, which started last Tuesday on board the Pakistani cargo vessel m.v. Sargodha, which was then about 100 nautical miles from Durban.
Six-year old Faisl was on the bridge with his father, who is the captain of the ship, when his right hand accidently got crushed in one of the machines, sparking off a daring four-hour helicopter rescue mission.
Mrs Bilqis Alim said that her husband, Captain Alim Shaikh, immediately radioed that ships agents in South Africa and a helicopter from the nearest port Durban was summoned.
The helicopter, located the ship –Sargodha, approximately 50ms of Richard ‘Bay in gusting gale-force winds and stormy seas on WednesdAy. Mrs. Bilquis said it was pouring with rain and the ship was pitching badly in the rough seas.
“They lowered the doctor from the helicopter to help stop Faisal’s bleeding to death and thereafter he together with the doctor, was hoisted up into the helicopter.” Said Bilquis Alim Shaikh.
It was the first to be hoisted from the ship so that I could accompany Faisal then they lowered the helicopters engineer who brought up my six month-old baby Fahad”.
(From South African Newspaper: The Leader Dtd 17 July 1981 Friday Price 10 Cents Vol .XXXX! No 27. Founder: D. Bramdaw)

ادي بلقيس ٻڌايو ته سائوٿ آفريڪا ۾ رهڻ دوران هن کي ڪڏهن به اڪيلائي محسوس نه ٿي. جيتوڻيڪ هنن جو ڪو به مائٽ مٽ يا سڃاڻو نه هو پر مڪاني اخبارن ۾ اسان جي حادثي جو پڙهي اتي رهندڙ ڪيتريون ئي انڊين نسل جون فئمليون: گجراتي، پنجابي، سک، سنڌي هندو خاص ڪري کوجا ۽ بوهرا ڪميونٽيءَ جون عورتون مون کي دلداري ڏينديون رهيون ٿي ۽ مون سان هر وقت گڏ رهيون ٿي. ”ڪيترين فئملين سان ته منھنجي ايڏي سٺي دوستي ۽ پنھنجائپ ٿي وئي جو اڄ تائين ساڻن خط و ڪتابت قائم آهي.“ ادي بلقيس ڪيترن سالن بعد مون کي ٻڌايو هو.
فيصل جي هن حادثي ۽ هھڙي خراب موسم ۾ هيليڪاپٽر جي هن ڪامياب مھم جوئيءَ جون خبرون ڊربن جي مٿين اخبار “The Leader” کان علاوه ٻين اخبارن ۾ به آيون هيون. هڪ ٻي اخبار جنھن جي ڪٽنگ پڻ هن وقت موجود آهي اها روزنامه The Daily News آهي. هيءَ اخبار پڻ سائوٿ آفريڪا جي آهي.
هيليڪاپٽر ذريعي ادي بلقيس، فيصل ۽ فھد جي رواني ٿي وڃڻ بعد سرگوڌا جھاز پنھنجي اڳتي جي سفر لاءِ وڌيو. ڪيپ آف گڊ هوپ وارو سمنڊ اڪرڻ لاءِ جھاز کي هونءَ ئي ڊربن، ايسٽ لنڊن، پورٽ اليزبيٿ ۽ ڪيپ ٽائون جھڙن بندرگاهن وٽان لنگهڻو پوي ٿو. اهي سڀ بندرگاهه سائوٿ آفريڪا ملڪ جا آهن جتي انگريزن جي حڪومت رهي آهي ۽ ان ئي ڪري هنن ڪئناڊا ۽ آسٽريليا وانگر سائوٿ آفريڪا جي ڪيترن ئي شھرن ۽ بندرگاهن جا نالا اصلي ملڪ برطانيا جي شھرن ۽ شھنشاهي خاندان جي ماڻهن جي نالن پٺيان رکيا آهن.
هن وقت مون کي اهو ياد ناهي ته ڊربن بندرگاهه جي ٻاهران لنگهندي ڪئپٽن عالم شيخ پنھنجي جھاز کي ڏينھن اڌ لاءِ بندرگاهه ۾ وٺي ويو هو يا نه. يا شايد بندرگاهه جي ٻاهران کلئي سمنڊ (Outer Anchorage) تي جھاز جو لنگر ڪيرائي پاڻ موٽر بوٽ ذريعي ڊربن بندرگاهه ۾ وڃي پنھنجي پٽ کي ڏٺو هو يا شايد ڊربن وٽان لنگهندي وائرليس ذريعي خبر چار ڪئي هئي. بھرحال اها سا پڪ آهي ته فيصل سان گڏ اڪيلي سر بلقيس رهي وڏي دليري ۽ همت سان هن جو علاج ڪرائيندي رهي ۽ ساڳئي وقت پاڻ سان رهايل پنج ڇھن مھنن جي ننڍي ٻار فھد کي به منھن ڏيندي رهي. هڪ ڌارئين ملڪ ۽ ڏورانھين ملڪ ۾ جنھن سان اسان جا سفارتي تعلقات به نه هجن، جتي رنگ جو سخت ڇيد ڇاڻ هجي، اتي جي اسپتال جي هڪ ننڍڙي ڪمري ۾ اڪيلي سر ننڍڙي ٻار (فھد) جي هر ضرورت پوري ڪرڻ ۽ وڏي پٽ فيصل (جيڪو پڻ ڇھن سالن جو ٻار ٿيو) جون آپريشنون ۽ علاج ڪرائڻ ۽ آپريشنون به اهي جن جي ڪاميابيءَ جي ڪا اميد نه هجي (۽ پوءِ سالن جي فزيو ٿيراپي بعدد مس مس آڱريون چرڻ لڳيون هيون) هڪ وڏي دل جگر جي ڳالهه آهي _ چاهي اسان جي ايشيائي معيار کان پرکيو وڃي يا يورپي انداز سان. اهو ئي سبب آهي جو هن حادثي ۽ ماءُ (بلقيس) جي همت جون خبرون ڪيترائي هفتا مڪاني ۽ ٻاهرين مختلف زبانن جي اخبارن ۾ اينديون رهيون.
فيصل جي پيءُ ڪئپٽن عالم شيخ کي هر صورت ۾ سرگوڌا جهاز کي وقت اندر آفريڪا جيعابد جان ۽ دوئلا (Douala) بندرگاهن ۾ وٺي وڃڻو هو، جتي جھاز ۾ چڙهيل چانور لاهي جھاز کي خالي ڪرڻو هو، جيئن اڳيان يورپ يا آمريڪا وڃي ان ۾ سامان چاڙهي سگهي. هربندرگاهه ۾ سامان لاهڻ توڙي چاڙهڻ لاءِ اڳواٽ جو پروگرام رٿيل ٿئي ٿو. دير سان پھچڻ تي پنھنجو وارو وڃائي سگهجي ٿو ۽ وري وارو اچڻ لاءِ وڏي دير (ڪڏهن ته هفتا به) انتطار ڪرڻو پوي ٿو. عابد جان آئوري ڪوسٽ جو ۽ دوئلا ڪئمرون جو بندرگاهه آهي. ٻئي ملڪ اولھه آفريڪا جي ڪناري وارا ملڪ آهن جن جي ڀرسان گهانا ۽ نائيجيريا جھڙا مشھور ملڪ آهن.
ڪيپ آف گڊ هوپ سمنڊ لتارڻ بعد سرگوڌا جھاز ڏکڻ ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ هفتو کن هلڻ بعد عابد جان پھتو. عابد جان ۾ هن جھاز کي ڏهاڪو کن ڏينھن ترسڻو پيو. جيئن شروع ۾ لکي آيو آهيان ته ستر واري ڏهاڪي جي آخري سالن کان سامونڊي جھاز بيحد ماڊرن ۽ آٽوميٽڪ ٿيندا ويا پر دنيا جي بندرگاهن جو حال اهو ئي ساڳيو هو. اهو سامان جيڪو اڄ جي ماڊرن بندرگاهن۾ ٻن ٽن ڏينھن اندر لھيو ۽ چڙهيو وڃي اهو اڄ کان چوٿو صدي اڳ مھنو وٺندو هو ۽ هڪ خيال کان بندرگاهه جي اها سست رفتاري اسانجھاز هلائيندڙن لاءِ خوش نصيبي هوندي هئي، جو هنن کي سمنڊ تي ڏکي ڊيوٽي ڪري بندرگاهه ۾ جھاز هلائڻ بدران آرام ۽ گهمڻ ڦرڻ جي زندگي گذارڻي پئي ٿي. بھرحال عابد جان بندرگاهه ڇڏي ڪئمرون جي بندرگاهه دوئلا ڏي روانو ٿيڻ تائين فيصل سائوٿ آفريڪا جي بندرگاهه ڊربن جي اسپتال ۾ زير علاج هو جنھن جي پڪ عابد جان ڇڏڻ وقت ڪئپٽن عالم شيخ جي موڪليل Telex (تار) مان پوي ٿي، جيڪا هن پنھنجي ڀاڻيجي سليم وفائي (علي نواز وفائي جي فرزند) کي اتان موڪلي هئي.ان جي ڪاپي هن وقت به مون وٽ آهي جيڪا هن ريت آهي.
CT 1Abidjan 54976
July – 1981. 29tlxnr – 517728
fm :captain Sargodha
to: telex 24524 Boman pk
SARGODHA – ATT .MR. SALEEM WAFAI
SLGFM ABIDJAN FOR DOUALA-EXPECT STAY 10DAYS N E.T.A. AUG 1ST. THEN SLG NEW OORLEANS. PLS ASK APPA TO INFORM ANBREEN N FAISAL SCHOOL ABT ABSENCE
BEST WISHES
ALIM SHAIKH.
انهن ڏينھن ۾اڃان اي ميل ۽ موبائل فون جھڙي ڪميونيڪيشن شروع نه ٿي هئي. هر جھاز تي هڪ ريڊيو آفيسر به هليو ٿي جنھن جو ٻئي ڪم سان گڏ مختلف جھازن ۽ ڪناري کان ايندڙ نياپا وٺڻ ۽ موڪلڻ هوندو هو جيڪو ڪم مورس ڪوڊ ذريعي ڪيو ويندو هو. ڪجهه وقت اڳ تائين اهو ئي سسٽم اسان جي پوسٽ آفيس ۽ ريلوي اسٽيشن تي رائج هو. ان ۾ لوهي چاٻيءَ کي آهستي ۽ ڏاڍي DID ۽ DA ڌڪ هڻي الفابيٽ جا اکر ٺاهيا ويا ٿي. مٿين ٽيليڪس جھاز تان موڪليل آهي. ڪجهه لفظ شارٽ فارم ۾ آهن جھڙوڪ: Sailing لاءِ فقط SLG آهي. فرام لاءِ FM ، ائنڊ لاءِ N ۽ پھچڻ جي اٽڪل تاريخ (Expected Time of Arrival) لاءِ فقط ETA لکيل آهي. ڪئپٽن عالم جا ٻه وڏا ٻار عنبرين ۽ فيصل ان وقت اسڪول ۾ پڙهي رهيا هئا. اونهاري جا ٻه اڍائي کن مھنا موڪل هجڻ ڪري هو پنھنجي ماءُ پيءُ سان گڏ سامونڊي سفر ۽ دنيا جا ملڪ گهمڻ لاءِ نڪتا هئا. اڳتي جي ڊگهي سفر جو سوچي عالم کي لڳو آهي ته متان سندس جھاز ٻارن جي اسڪول کلڻ کانپوءِ دير سان ڪراچي پھچي سو ٻارن جي وڌيڪ موڪل ڪرڻ جي بندوبست لاءِ هن پنھنجي ڀاڻيجي سليم وفائي ذريعي پنھنجي ڀيڻ (آپا عصمت) ڏي نياپو موڪليو آهي جو هن جي ننڍي ڌيءُ انيتا وفائي (سليم جي ڀيڻ) به ساڳئي اسڪول ۾ هئي.
مٿئين ٽيليڪس (تار) مان اهاپڻ ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي ته عابد جان پھچڻ تائين ڪئپٽن عالم وارن کي اها ته خبر هئي ته ان بعد دوئلا (ڪئمرون) وڃڻو آهي پر ان بعد تيستائين آمريڪا وڃڻ جو پروگرام هو جيڪو ڪئمرون وڃڻ بعد بدليو آهي، جو بعد ۾ جهاز کي نيويارڪ ڏي وڃڻ بدران لنڊن ۽ يورپ جي ٻين بندرگاهن ۾ وڃڻو پيو. ڊربن جي اسپتال ۾ ٻه مھنا کن رهڻ دوران فيصل جي هٿ جي آپريشن، آڱرين جا ٽڪرا ۽ رت جون ناليون ۽ نسون ڳنڍڻ، مٿين چمڙيءَ جي گرافٽنگ ڪرڻ ۽ پلاسٽڪ سرجري تي ڪيترن ئي ڊاڪٽرن ۽ سرجنن ڪم ڪيو. سڀ کان وڏو ڪم ڏکڻ آفريڪا جي مشھور پلاسٽڪ سرجن ڊاڪٽر جان ينگلسن (John Youngleson) جو هو ۽ هٿ جي آپريشن ۽ پلاسٽڪ سرجري ٿيڻ بعد به ڪيترائي سال فيصل جي هٿ جي فزيوٿيراپي دنيا جي مختلف شھرن ۽ ڪراچيءَ ۾ PNS شفا اسپتال ۾ ٿيندي رهي ۽ هٿ جي صحيح ٿيڻ جو سڌارو تمام آهستي آهستي جونءِ برابر ٿيندو رهيو،. بھتر هٿ لاءِ ٻه شيون تمام اهم آهن: ڪنھن شيءِ کي مٿي کڻڻ يا هڪ هنڌ جهلي بيھڻ ۽ ٻيو Sensation يعني ڇھاءُ جو احساس. ڪنھن شيءِ کي هٿ لاهڻ سان احساس ٿئي ته اها شيءِ گرم آهي يا ٿڌي، سخت آهي يا نرم، لسي آهي يا کھري وغيره. ڪنھن به شيءِ کي مضبوطيءَ سان جهلڻ لاءِ يا لکڻ وغيره لاءِ آڱوٺي جو هجڻ ضروري آهي پر افسوس جو فيصل جو هٿ شروع کان آڱوٺي بنا رهيو. باوجود ڳولا جي مينھوڳي ۽ سامونڊي وڏين ڇولين ڪري آڱوٺو نه ملي سگهيو جو هٿ ۾ Transplant ڪيو وڃي. باقي گلاس جھڙي شيءِ کي جهلڻ يا ڇُھاءُ محسوس ڪرڻ لاءِ به هن کي ڪيترائي سال لڳي ويا ۽ اهو به مڪمل طرح حاصل ٿي نه سگهيو آهي جنھن لاءِ ڊربن اسپتال جو پلاسٽڪ سرجن جان ينگلسن شروع کان آگاهه ڪندو رهيو.
ان سرجن جي هڪ خط جي ڪاپي هن وقت مون وٽ موجود آهي، جيڪو خط هن ڪئپٽن عالم شيخ جي تشويش جي جواب ۾ حادثي کان اٽڪل اڍائي سال کن پوءِ ڪئپٽن عالم شيخ کي لکيو آهي:
8 نومبر 1983ع
ڊربن-سائوٿ آفريڪا.
ڊيئر ڪئپٽن عالم شيخ
پنھنجي پٽ فيصل جي علاج بابت لکيل خط ۽ فون ڪرڻ جي مھرباني. افسوس جوآئون دير سان جواب لکي رهيو آهيان. آئون بوسٽن (USA) ۾ ”هٿ جي سرجنن“ جي سڏايل ورلڊ ڪانگريس اٽينڊ ڪرڻ ويو هوس جيڪا ٽي هفتا کن هلي. دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جا Hand Surgeons اتي آيل هئا. توکي ڪنھن ملڪ جي انهن سرجنن جو ڏس پتو کپي ته آئون توکي انهن جا نالا ۽ ائڊريسون موڪلي سگهان ٿو ۽ تون وڌيڪ تصديق خاطر انهن مان ڪنھن کي فيصل جو هٿ ڏيکاري وڌيڪ صلاح مشورو ڪري سگهين ٿو. مون کي اها خبر ناهي ته اڄ ڪلهه تون ڪھڙي جھاز تي آهين ۽ ان جي روٽ ڇا آهي. ان ڪري هوائي جھاز رستي پنھنجو ڀاڙو ڀري مون وٽ اچڻ صحيح نه رهندو. هٿ جو علاج ڪرڻ وارا سرجن دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ آهن ۽ تمام قابل ۽ تجربيڪار آهن.
بھرحال اهو معلوم ڪري مون کي ڏاڍي خوشي ٿي ته فيصل جو هٿ ڏينھون ڏينھن بھتر ٿي رهيو آهي ۽ اڍائي سالن ۾ جيڪا ٿوري ٿوري تندرستي آئي آهي اها پنھنجي اميد کان وڌيڪ آهي. فيصل وڌندڙ ٻار آهي ۽ آهستي آهستي قدرتي طور هن جو هٿ ڪجهه نه ڪجهه بھتر ٿيندو. پر هر صورت ۾ اسان کي اهو نه وسارڻ کپي ته هن جو هٿ تمام گهڻو ڪپجي ۽ چچرجي پيو هو ۽ اهو هٿ هڪ نارمل هٿ جھڙو وري ڪڏهن به نه ٿي سگهندو. تنھنجي چوڻ مطابق جيڪڏهن هن جي هٿ ۾ ٿوري گهڻي Sensation محسوس ٿي رهي آهي ته اها سٺي ڳالهه آهي ۽ هن کي شيون ڇھڻ ۾ وڏي مدد ملندي. اهو هٿ جنھن ۾ ڇُھاءُ (Touch) جو اثر ناهي اهو انسان لاءِ ڪو خاص ڪارآمد ثابت نٿو ٿئي. فيصل جي هٿ ۾ مستقبل ۾ جيتري Sensation وڌندي اوترو بھتر ڪم ڪار پنھنجي هٿ کان وٺي سگهندو. جيئن ته فيصل اڃان ننڍو آهي ان ڪري هن جي آڱرين جا سخت جوڙ اڳتي هلي نرم ۽ بھتر ٿيندا.
فيصل جي هٿ ۾ اهم مسئلو اهو آهي ته هن جي هٿ جون نسون ضايع ٿي چڪيون آهن ۽ رت جي سپلاءِ صحيح طرح نٿي پھچي. منھنجي توهان کي اها ئي سھڻي صلاح آهي ته هن جي هٿ جي هاڻ ڪا ٻي آپريشن تيستائين نه ڪرائجو جيسين هن جي رت جي سپلاءِ جي چڱي طرح ڄاڻ نه ملي ۽ اها ڄاڻ Arteriogram يا خاص X-Ray ذريعي ملي سگهي ٿي جنھن ۾ هڪ قسم جو رنگ (Dye) ٻانھن وٽان رت ۾ داخل ڪري ڏسبو آهي ته هٿ ۾ ڪٿي ڪٿي رت پھچي ٿو. ان جي صحيح معلومات توهان کي هٿ جو اهو سرجن ئي ڏئي سگهي ٿو جنھن هٿ جا Transplants ڪيا هجن. جيڪڏهن تنھنجو جھاز جپان گهڻو ويندو هجي ته اتي ڊاڪٽر هاروئي نڪاساوا سان ضرور ملجانءِ، باقي آپريشن لاءِ ڪو به ڊاڪٽر چوئي ته هن کي فيصل جي پھرين آپريشن بابت ضرور ٻڌائجانءِ ۽ اهو به ٻڌائجانءِ ته حادثو ايڏو ته سخت ٿيو آهي جو رت کڻي ويندڙ نليون arteries گهڻي حد تائين ضايع يا ڪمزور ٿيل آهن.
منھنجي صلاح مشوري جي وڌيڪ ضرورت پوي ته وٺي سگهو ٿا.
ڊاڪٽر جان ينگلس
پلاسٽڪ سرجن؛ ڊربن،
سائوٿ آفريڪا
ڪئپٽن عالم جو جھاز جپان ۽ آمريڪا طرف ئي ويندو رهيو بلڪه هن پنھنجي پٽ جي هٿ کي بھتر کان بھتر بنائڻ لاءِ هو انهن ملڪن ڏي ويندڙ جھاز هلائيندو رهيو جتي ان ڪم جي خاص ڊاڪٽرن سان ملي علاج ڪرائي سگهي. سڀني ڊاڪٽرن جي اها ئي صلاح هئي ته هو هٿ جي فزيو ٿيراپي (مالش) وغيره ڪرائيندو رهي جيڪا هو ڪيترن سالن تائين گهر ۾ توڙي اسپتال ۾ ڪرائيندو رهيو. فيصل سان ڪيترائي دفعا ڪراچي ۾ نيوي جي اسپتال PNS Shifa ملاقات ٿيندي هئي جتي هو فزيو ٿيراپي لاءِ ايندو هو.
فيصل جي مٿين حادثي کي هينئر ٻاويھون سال پيو هلي. ڇھن سالن وارو ڇوڪرو هاڻي اٺاويھن سالن جو نوجوان آهي. هو ڪجهه سال اڳ آمريڪا ۾ پڙهي رهيو هو ۽ اتي ئي نوڪري ڪرڻ چاهيائين ٿي. اتي رهي سندس مذهب ڏي وڌيڪ لاڙو ٿيو. اڄ اهو فيصل شرارتي ڇوڪري بدران وڏي ڏاڙهيءَ سان هڪ سنجيده مولوي لڳي ٿو. 11 سيپٽمبر کان اڳ سندس شادي منھنجي ۽ سندس پيءُ عالم شيخ جي هڪ دوست زين العابدين پٺاڻ جي ننڍي ڌيءُ سحر سان اتي آمريڪا ۾ ئي ٿي. نيويارڪ واري (نائن اليون واري) حادثي بعد فيصل جي اتي آمريڪا ۾ دل نه لڳي ۽ موٽي پنھنجي وطن آيو. ادي بلقيس وفات کان ڪجهه ڏينھن اڳ اسپتال ۾ ٻڌايو ته هوءَ چاهي ٿي ته سندس ٻار ڌارين جي ملڪ ۾ رهڻ بدران هتي ئي اسان جي اکين اڳيان هجن. ”اسپتال مان تندرست ٿي گهر وڃڻ تي ان بابت فيصل سان صلاح مشورو ڪنديس ته هتي ئي رهي کڻي ڪو ڪم يا ڌنڌو ڌاڙي ڪري.“
پر ادي بلقيس کي هن ڀيري اسپتال مان شايد موٽي گهر نه اچڻو هو. اڄ هوءَ اسان سان گڏ ناهي پر سندس ڳالهين، ٽھڪن ۽ يادن جا اڻ کٽ سلسلا آهن، جو هن عورت هر انسان لاءِ هميشه ڀلائي ۽ خير چاهيو ٿي. هن جي سڄي زندگي محنت، پورهئي ۽ سفر ۾ گذري.

آمريڪا ۽ مڇر

جيستائين مون کي ياد ٿو پوي ته آمريڪا (USA) ۾ اسان جو پھريون بندرگاهه هيوسٽن هو. هيوسٽن آمريڪا جي ڏاکڻي رياست ٽيڪساز (Texas) جو وڏي ۾ وڏو بندرگاهه آهي. اسان جو جھاز ڏکڻ آفريڪا جي بندرگاهه ڪيپ ٽائون مان ٿيندو، ڪيپ آف گڊ هوپ جو ڦيرو ڪندو اٺن ڏهن ڏينھن ۾ ائٽلانٽڪ سمنڊ ڪراس ڪري هيوسٽن پھتو هو. ان کان اڳ اسان جو جھاز آفريڪا کنڊ جي اوڀر واري ڪناري جي هڪ ٻن بندرگاهن: ممباسا (ڪينيا جو بندرگاهه) ۽ لاررينزو مارڪس (موزمبيق جو بندرگاهه ۽ گاديءَ وارو هنڌ جيڪو هاڻ موپوتو سڏجي ٿو) ۾ مھنو کن ترسيو هو.
آفريڪا کنڊ زهريلن جيتن جڻين کان مشھور آهي ۽ آفريڪا اچڻ کان اڳ Yellow Fever جھڙين بيمارين جون بچاءُ واريون سُيون هڻائي ايندا هئاسين. (۽ شايد اڄ تائين آفريڪا ويندڙ مسافر لاءِ زرد بخار جي سئي هڻائڻ ضروري آهي). ممباسا ۽ موپوتو جھڙن ماڊرن ۽ مشغول بندرگاهن ۾ نانگ بلائون، مرون مانگر ۽ زهريلا جيت ته نظر نه آيا پر مڇرن ڏاڍو پَٽيو. آفريڪا ۽ مڇر نه هجن ناممڪن ڳالهه آهي. بھرحال آفريڪا ڇڏي آمريڪا ڏي روانو ٿيڻ ۾ اها خوشي هئي ته مڇرن مان جان ڇٽي رهي هئي. توهان جو اهو ئي خيال هوندو پر آمريڪا پھچي اتي به مڇرن کي موجود ڏسي، اسان سڀ دنگ رهجي وياسين. اسان جو جھاز سج لٿي مھل هيوسٽن جي بندرگاهه ۾ هڪ جيٽيءَ سان اچي لڳو. هيءَ جيٽي شھر کان گهڻو پري هڪ فئڪٽريءَ جي پرائيويٽ جيٽي هئي جنھن فئڪٽريءَ مان اسان کي پاڪستان لاءِ ڪجهه سامان کڻڻو هو. F.W.E. جو ڪنٽرول روم مان ٽيليگرام ملڻ بعد جھاز جي مين انجن ۽ ان سان واسطو رکندڙ ننڍين وڏين انجڻين ۽ مشينن کي هڪ هڪ ڪري بند ڪيوسين. F.W.E. شارٽ فارم آهي ”فنشڊ وٿ انجنس“ جو. سو سڀ ميشنيون بند ڪري جھاز جي مٿين ڊيڪ (عرشي) تي بندرگاهه جو نقشو ڏسڻ لاءِ پھتاسين. هي بندرگاهه درياهه جي ڪناري تي فئڪٽريءَ جي ذاتي ملڪيت هو. ان قسم جي فئڪٽرين ۽ ڪارخانن جي هڪ ڊگهي قطار هئي ۽ هر فئڪٽريءَ کي پنھنجو پنھنجو ڌڪو (Jetty) هئي، جنھن تي آيل جھازن فئڪٽري لاءِ ڪچو سامان آندو ٿي يا تيار ٿيل سامان لوڊ ڪيو ٿي. درياهه ڪو سنڌو نديءَ جھڙو ويڪرو نه هو پر اونهو ضرور هوندو ۽ ويھارو فٽ کن اونهو ته ضرور ٿيندو جو اسان جي جھاز جو ڊرافٽ ان فئڪٽري جي جيٽي تي لڳڻ مھل 18 فوٽ کن هو. ڊرافٽ (Draft) جھاز جي اها اونهائي آهي جيڪا سمنڊ اندر آهي ۽ جھاز جي هيٺائين لوهي پليٽ (Keel) کان وٺي ان پليٽ تائين جي ماپ آهي جنھن کي سمنڊ جو سطح ڇُھي ٿو. ڊرافٽ مان جھاز تي چڙهيل مال جي وزن جي خبر پوي ٿي. گهڻي سامان چڙهڻ تي جھاز گهڻو هيٺ وڃي ٿو ۽ جھاز جو ڊرافٽ وڌي ٿو. ڪو زمانو هو ٻاهرن ملڪن کان آيل جھاز سمنڊ جهاڳي اسان جي سنڌو نديءَ ۾ اندر گهڙي ملتان تائين پھچي ويندا هئا. اهي ڪاٺ جا هلڪا ۽ گهٽ وزن وارا تانگها جھاز هئا سندن ڊرافٽ ايترو گهڻو نه هو. بئراجون ۽ ڪئنال اڃان نه ٺھيا هئا. سنڌو ندي عربي سمنڊ تائين پاڻيءَ سان ٽٻ هوندي هئي. هاڻ جھازن جو ڊرافٽ گهڻو رهي ٿو، سنڌو نديءَ ۾ سال جا ڇھه مھنا پاڻيءَ بدران ڌوڙ پئي اڏامي ۽ کوٽائيءَ جو نالو نشان ناهي. ڪراچي بندرگاهه کي اونهو رکڻ لاءِ ان جي کوٽائي (Dredging) ئي وڏي مشڪل سان ٿئي ٿي. سو اسان جي سنڌو ندي هاڻ نيويگيشن جي قابل نه رهي آهي. پر هيڏانھن آمريڪا ۾ يا ٻين ڪيترن ئي ملڪن جون ڪيتريون ئي نديون Navigation جي لائق آهن.
جھاز جي مٿاهين ڊيڪ تي بيھي نھار ڪيم ته هيوسٽن جي شھر ۽ بندرگاهه جون بتيون ڪافي پري هيون. درياهه جو پاڻي ڪارخانن مان نڪتل گند ۽ ڪيميڪل ڪري گدلو ٿيل هو ۽ وايو منڊل ۾ سخت بدبوءِ هئي. هي آمريڪا هو جنھن هاڻ صفائي سٿرائيءَ تي کڻي ڌيان ڏنو آهي نه ته ستر واري ڏهاڪي جي شروعاتي سالن تائين هتي جا درياهه گندگيءَ ۾ اڄ جي ڦليلي ۽ واڌو واهه جھڙا لڳا پيا هئا. سج لھي چڪو هو. هلڪي هلڪي اونداهه ٿي رهي هئي. چوڌاري ٻوڙهن مان مڇرن جي يلغار اسان جي جھاز ڏي ٿي رهي هئي. جهاز جون تيز ٻرندڙ مرڪري بتيون مڇرن لاءِ ڪشش پيدا ڪري رهيون هيون. پھرين ته اسان سمجهيو ته ڪي عام جيت آهن جيڪي خاص ڪري مينھوڳيءَ جي موسم ۾ پئدا ٿي پوندا آهن، پر پوءِ جڏهن غور ڪيوسين ۽ ٻه چار چڪ کاڌاسين ته خبر پيئي ته هي نڀاڳا مڇر آهن، جن سان سڄو ايشيا ۽ آفريڪا ڀريو پيو آهي. يڪدم ڪمرن جون دريون بند ڪرايونسين جيڪي جھاز جي ٻاهرين پاسي کلن ٿيون ۽ سڄي رهائش (Accommodation) جا بلوئر (پنکا) هلائڻ لاءِ هڪ جونئر انجنيئر کي چيم. ايئرڪنڊيشر هلائڻ جھڙي ته گرمي هئي ڪانه. دريون کولڻ سان حيدرآباد جھڙي هير لڳي رهي هئي جو هيوسٽن اٽڪل انهن ئي ويڪرائي ڦاڪن (Latitude) تي آهي جنھن تي سنڌ ۽ ملتان آهي. پر دريون کولڻ معنيٰ بکايل مڇرن کي دعوت ڏيڻ _ خاص ڪري سج لٿي مھل يا صبح ٿيڻ مھل ته گهر جا در ۽ دريون هرگز نه کولجن جو ان وقت مڇر تمام گهڻو چرپر ۾ رهي ٿو. سڄو ڏينھن ڪنھن ڪنڊ پاسي ۾ لڪيو پيو هوندو سج لھڻ سان ڊرنڪ (ماڻهن يا جانورن جو رت چوسڻ) لاءِ هٿ پير (يعني پرڙا) هڻڻ شروع ڪندو ۽ ٻيو وري صبح ٿيڻ مھل گهڻو پٽيندو آهي، جو هن کي اهو عقل آهي (ميڄالو کڻي نه اٿس)ته هاڻ سڄو ڏينھن روزي ۾ (يعني بک ۾) ڪاٽڻو آهي. جھاز جي ڪمرن (Cabins) جا در ۽ دريون بند ٿيڻ تي جيڪو ٻوسٽ ٿيڻ جو انديشو ٿئي ٿو اهو جھاز تي لڳل هوا جي وڏن Blowers ذريعي ختم ٿيو وڃي. بلوئر هروقت ٻاهر جي تازي هوا کي فلٽر ڪري ڪمرن ڏي موڪلين ٿا. سرديءَ ۾ انهن بلوئرن کي Exhaust Fans طور استعمال ڪري سگهجي ٿو. بلوئر کي ابتو هلائڻ سان ٻاهر جي هوا اندر ٿيڻ بدران اندر جي گئس ٻاهر نڪري ٿي جيئن ڪيترن گهرن جي رڌڻن ۽ ٽوائليٽن ۾ Exhaust Fans لڳل ٿين ٿا، جيڪي اندر جو دونھون ۽ بدبوءِ ٻاهر ڪڍن ٿا.
مڇرن جو آمريڪا ۾ هجڻ اسان لاءِ _ بلڪ سڀ کان گهڻو مون لاءِ تعجب جي ڳالهه هئي. آمريڪا ته هڪ ماڊرن ملڪ آهي. هڪ صاف سٿرو ۽ صحت جي اصولن تي هلندڙ ملڪ آهي. اڄ کان اڌ صدي اڳ اڃان اسان مئٽرڪ ته ڇا پرائمري اسڪول به پورو نه ڪيو هو ته اسان کان سال ٻه کن وڏي ڇوڪري جنھن سنڌيءَ جا ست درجا کن پورا ڪيا هئا تنھن کي نوڪري ملي وئي. اسان سڀ بيحد متاثر ٿياسين ته اسان جي هن پاڙي جي ڇوڪري جي جلد ئي پڙهائيءَ مان جان ڇٽي ۽ نوڪري به ملي وئي. هن کي جنھن کاتي ۾ نوڪري ملي هئي اهو ”مڇر مار کاتو“ سڏيو ويو ٿي. خبر پيئي ته آمريڪا جي سھڪار سان هي کاتو پاڪستان ۾ کوليو ويو آهي، جنھن هڪ خاص دوا ايجاد ڪئي آهي ۽ هاڻي تاڙيون وڄائي مڇر مارڻ بدران ان دوا (ڊي ڊي ٽي پائوڊر) جي گهٽي ۾ ڇڻڪار ڪرڻ سان مڇر مري ويندا. اسان جو پاڙيسري ڪلهي تي پمپ لڙڪائي ڦوهارو هڻندو رهيو. ٻڌوسين پئي ته هاڻ مڇرن جي کوٽ ٿي وئي آهي. چيوسين مڇر جي ختم ٿي ويا ته هن غريب جي نوڪري ختم ٿي ويندي، پر پوءِ ڪجهه سالن بعد اها خوش خبري (يا بڇڙي خبر) ٻڌيسين ته مڇرن جي ويجهه ٿي رهي آهي ۽ هنن تي D.D.T. اثر نٿو ڪري ۽ يقينن اها خوشخبري هئي ته اسان جي يار جو مستقبل روشن آهي ۽ سند س نوڪري اڃان قائم رهندي. ۽ پوءِ خبر پيئي ته هن جي پروموشن به ٿي آهي ۽ هاڻ آفيسر ٿي ويو آهي. اسان به مئٽرڪ انٽر ڪندا اڳتي وڌندا رهياسين ۽ هينئر ڪجهه سال ٿيا آهن جو ڳوٺ ويندي هن سان ملاقات نه ٿي آهي جو گهڻو ترسڻ نه ٿيو نه ته هميشه هن سان ملاقات ٿيندي هئي. الله کيس ۽ سندس کاتي کي وڏي حياتي ڏئي _ مڇرن ته هونءَ ئي اهڙو آب حيات پيتو آهي جو پيا جيئن ۽ جيئن! حضرت موسيٰ عليه السلام کي وفات ڪئي به چئن هزار سالن کان مٿي عرصو ٿي ويو آهي ۽ نمردو جنھن کي مڇر تنگ ڪيو هو اهو ته حضرت ابراهيم عليه السلام جي ڏينھن جو واقعو آهي. ۽ مڇرن جو جوڙو نوح نبيءَ جي ٻيڙيءَ ۾ به ضرور چڙهيو هوندو. ڪنھن چيو حضرت نوح عليه السلام ٻين سڀني کي ٻيڙيءَ ۾ چاڙهي ها پر ڪاش مڇرن جي ان جوڙي مان ڪنھن هڪ کي چپٽيءَ سان ماري خير جو ڪم ڪري ها. (پر پوءِ اسان جي پاڙيسريءَ کي ان ننڍي عمر ۾ نوڪري ڪيئن ملي ها ۽ اسان اڃان پڙهيو ئي پئي ته هو آفيسر ڪيئن ٿئي ها.)
بھرحال آمريڪا جي بندرگاهه هيوسٽن ۾ مڇر ڏسي مون کان رڙ نڪري وئي. هڪ پراڻي جھازيءَ چيو ”مڇر ڪٿي نه آهن؟ چين ۽ يورپ ۾ به آهن.“
”۽ پوءِ هي آمريڪا اسان ايشيا وارن کي ڇو دڙڪا ڏيندو وتي ته مليريا کي ختم ڪريو؟“ مون پڇيو.
”مليريا مڇر نه پر ان جي پيٽ ۾ رهندڙ جيوڙو (Parasite) پئدا ڪري ٿو. هنن سڌريل ملڪن مڇرن کي کڻي نه پر ان جراثيم کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. نتيجي ۾ مڇر چڪ به هڻي ٿو ته به ڪنھن کي مليريا نٿي ٿئي.“ جھازي همراهه وراڻيو.
هيوسٽن ۾ اسان جو جھاز ٻه ٽي هفتا رهيو. هيوسٽن ۾ رهندڙ ڪيترن ئي پاڪستانين سان ملاقات ٿي. هڪ ته لاهور جو entomologist هو جنھن مڇرن جھڙن جيتن تي هتي جي مڪاني يونيورسٽيءَ ۾ ريسرچ ڪئي ٿي. هن مڇرن بابت ڪيتريون ئي معلوماتي ۽ دلچسپ ڳالهيون ٻڌايون ته مڇر اهو نڀاڳو ۽ نرڄو آهي، جيڪو سنڌ ۽ آفريڪا جھڙن گرم رڻ پٽن ۾ وڌي ويجهي سگهي ٿو ته ڪئناڊا جھڙن ٿڌن ملڪن ۾ به آرام سان رهي سگهي ٿو. ڍنڍن تالابن ۾ جتي جتي برف ڳري ٿي اتي هي آنا لاهي پنھنجي ڪٽنب قبيلي کي وڌائي ٿو. ملائيشيا، انڊونيشيا ۽ ڏکڻ آمريڪا جا جهنگل ته مڇرن لاءِ جنت آهن پر هڪ ڳالهه آهي، ان وقت کڻي نه پر هاڻ جڏهن دنيا نئينءَ صديءَ ۾ داخل ٿي چڪي آهي، ملائيشيا، سنگاپور جھڙن ملڪن ۾ مليريا جو مريض نظر نٿو اچي جيتوڻيڪ اسان جو ملڪ جنھن ۾ مٿين ملڪن کان گهٽ جهنگل آهن ۽ ورلڊ هيلٿ آرگنائزيشن (WHO) وارن پھرين اسان جي ملڪن ۾ مليريا ختم ڪرڻ جي مھم شروع ڪئي، ته به اسان اتي ئي بيٺا آهيون جتان شروعات ڪئيسين. اسان جو پاڙيسري هن سال (2002ع ۾)، 60 سالن جو ٿي رٽائرڊ به ٿي ويو آهي.
اسان جي ملڪن ۾ مڇرن (بلڪ مليريا) جي ڊپ کان يورپي ماڻهو ايندي ڊڄن ٿا. انگريزن جي راڄ ۾ ڪنھن انگريز جي انگلنڊ کان انڊيا، سري لنڪا، ڪينيا يا ملايا بدلي ٿيندي هئي ته جتي هو گهڻي پگهار، پروموشن ۽ عياشيءَ جو ٻڌي خوش ٿيندو هو اتي مڇرن ۽ مليريا کان هن جو ساهه ويندو هو. انگريزن ايترا هندستاني نه ماريا جيترا مڇرن انگريز ماريا يا ڀڄايا. چڱو جو پوءِ ڪوئينن جھڙي گوري ايجاد ٿي ۽ مليريا ۾ ڪجهه ٺاپر آئي. پر اها حقيقت آهي ته ايشيا جي ڪيترن هنڌن تي ڪيتريون ئي يورپي فرمون آيون ۽ جلد ئي ڀڄي ويون ان لاءِ اسان کي مڇرن جو ٿورائتو ٿيڻ کپي.
هيتي (Haiti) ۽ لوزيانا رياست جي فرينچن کان مڇرن جان ڇڏائي. چون ٿا ته 1801ع ۾ نئپولين بوناپارٽ 33 هزار فرينچ فوج ميسيسپي رياست کي فتح ڪرڻ ۽ هئتي ۾ لڳل بلوي (انقلاب) کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ موڪلي _ جن مان 29 هزار فرينچ مڇرن جي چڪڻ ڪري هئڊي بخار (Yellow fever) ۾ وٺجي ويا ۽ وڙهي نه سگهيا. (مڇر نه فقط مليريا ۽ هئڊي بخار جا جراثيم کڻي هلن ٿا پر سليپنگ سڪنيس، اليفنٽاسز، Leishmanasis ۽ ٻين ڪيترين ئي بيمارين جا جراثيم پڻ کڻي هلن ٿا.)
اڄ به ڪو انگريز يا يورپي اسان جھڙن ملڪن ۾ اچي ٿو ته هن جي حڪومت يا ٽوئرسٽ کاتو کيس مڇرن کان بچاءُ ڪرڻ لاءِ وڏي تاڪيد ڪري ٿو. اسان کي به مڇرن جو شايد اهڙو خوف نه رهي ها پر اسان جي پراڻي ڪاليج (ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو) جي انگريز پرنسپال ڪرنل ڪومبس جي نظر ۾ اسان (شاگردن) کي مڇرن کان بچائڻ وڏي ايجنڊاهوندي هئي. مڇرن (ٻين لفظن ۾ مليريا) کان بچڻ لاءِ اسان لاءِ هن ٽي شيون ضروري ڪري ڇڏيون هيون . سج لٿي کان پوءِ جوراب پائڻ ضروري هئا (باقي جسم ته ڪپڙڻ سان ڍڪيل هوندو ئي هو، پر جورابن ذريعي پير ڍڪڻ به ضروري هئا)، ٻيو مڇرداني ۾ سمهڻ ضروري هوندو هو ۽ ٽيون هر اربع تي رات جي مانيءَ سان گڏ پئلوڊرين نالي گوري کائڻِ ضروري هوندي هئي، جنھن گوري جو هفتو کن اثر رهندو هو_ يعني تن ڏينھن جي مڇرن تي. (اڄ جا مڇر وقت سان گڏ ماڻهوءَ جو مقابلو ڪندا اچن. هيڏانھن حضرت انسان سندن مارڻ لاءِ ڪا دوا يا گوري ايجاد ڪري ٿو ۽ هوڏانھن مڇر پنھنجو پاڻ ۾ ان جي مقابلي لاءِ Resistance Power پئدا ڪن ٿا). بھرحال ڪاليج جي ڏينھن ۾ ڪنھن شاگرد کي مليريا ٿيندي هئي ته هن کي ڪاليج جي اسپتال ۾ يا حيدرآباد جي CMH (ڪمبائينڊ ملٽري اسپتال) ۾ علاج لاءِ داخل ڪيو ويندو هو. هفتي اڌ بعد صحتياب ٿي موٽڻ تي هن کي گلن جا هار ته نه پاتا ويندا هئا، پرهفتو کن سزا خاطر ايڪسٽرا ڊرل ڪرائي ويندي هئي، جو بقول انگريز پرنسپال جي ڇوڪري پئلوڊرين گوري نه کاڌي هوندي يا پير اگهاڙا ڪيا هوندائين يا سمهڻ کان اڳ مڇردانيءَ مان مڇر نه ڪڍيا هوندائين. ان ڪري کيس علاج بعد ان سُستيءَ جي سزا ملڻ کپي.
مڇرن جون ڪجهه دلچسپ ڳالهيون هڪ ٻن رسالن ۾ به پڙهيون اٿم. مڇر گهڻو ڪري گرم رت واري کي ڏنگين ٿا. يعني انسان، جانور، پکين کي. (مڇيون ٿڌي رت Cold Bllod واريون سڏجن ٿيون. جو هنن جو ٽيمپريچر پاڻيءَ جي ٽيمپريچر مطابق رهي ٿو.) مڇرن ۾ نر نه پر رڳو مادي رت چوسي ٿي. ان ڪري مليريا جھڙين بيمارين جي ذميوار فقط مادي مڇر آهي. دنيا ۾ مڇر جون 3000 کن جنسون آهن. هڪ خاص قسم جي گرمائش، گهم ۽ ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ مڇر لاءِ ڪشش پئدا ڪري ٿي. ڪنھن شيشي جي بوتل ۾ مڇر هjن ته وات مان نڪرندڙ ڪاربن ڊاءِ آڪسائڊ ان بوتل ۾ هڻو. CO2 جي خوشبوءِ سونگهي هو مست ٿي ويندا. وس پڄين ته شيشي جي بوتل کي به ڏنگ هڻي رت چوسي وٺن. مڇرن کي ڪارو رنگ وڻي ٿو. ڪارن ڪپڙن جي ڀرسان گهڻا مڇر نظر ايندا. هو ڪارن ۽ اونداهن هنڌن تي وهڻ پسند ڪن ٿا. ڪجهه ڌپن کان ڀڄن ٿا ته ڪجهه خوشبوئون پسند ڪن ٿا. خاص ڪري رت (Hemoglobin) جي ۽ پگهر (Amino Acids) جي.
مڇر هميشه هوا جي رخ خلاف ڀڄن ٿا. ڪجهه مڇر ڏينھن جو به هلن ٿا نه ته گهڻو ڪري صبح ٿيڻ مھل ۽ سج لٿي مھل Active رهن ٿا. گهر جي در درين تي ڄاري لڳل آهي ۽ ڪنھن ريت مڇر گهر ۾ اچي ويا آهن ته انهن کي مارڻ جو آسان طريقو ۽ وقت صبح ساجهر آهي. هو ان دريءَ جي ڄاريءَ تي اچي وهندا جنھن جي ٻاهران هو ا اچي رهي هجي. ڇو جو هو هوا جي مخالف رخ ڏي اڏامن ٿا.
مڇر جي رت چوسڻ جي ڏنگ (Proboseis) ۾ هڪ سئي نه پر ڇھه سيون ٿين ٿيون. چار سيون ڪارائيءَ وانگر ڪترڻ ۽ جسم ۾ سوراخ ڪرڻ لاءِ آهن. پنجين رت چوسڻ لاءِ ۽ ڇھين سئيءَ ذريعي مڇر هڪ خاص قسم جي پڪَ (Saliva) ڪڍندو رهي ٿو جيڪا Anticoagulant آهي ۽ رت کي ڪڙي ٻڌڻ کان بچائي ٿو. اها پڪَ مڇر جي پيٽ ۾ موجود مليريا، هئڊي بخار يا ڊينگي (Dengue) بخار جا جراثيم انسان جي رت ۾ داخل ڪري ٿي. مڇر چڪ هڻڻ کان اڳ هڪ خاص قسم جي پاڻيٺ ڪڍي ٿو جيڪا هڪ قسم جي Local anaesthesia آهي ۽ توهان کي سندس ڏنگ جي خبر نٿي پوي. مڇر چڪ هڻي، رت چوسي روانو ٿيو وڃي ان بعد ان سالوشن جو اثر ختم ٿئي ٿو ۽ توهان کي چڪ واري هنڌ تي سوڄ ۽ خارش محسوس ٿئي ٿي. پر جي اتفاق سان مڇر جي ان آپريشن مڪمل ڪرڻ کان اڳ توهان جي نظر پئجي وڃي ۽ توهان مڇر کي اتان ڀڄائيندائو ته هو ڄڻ چريو ٿي پوندو. ور ور ڏئي ان ساڳي هنڌ تي Land ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو جنھن کي هن چڪڻ لاءِ کيرو ڪيو هوندو.
انگريزيءَ جو لفظ Mosquito اسپيني زبان تان آهي جنھن جي اسپيني ۾ معنيٰ ”ننڍڙي مک“ آهي. هڪ انڊين رسالي ۾ ويجهڙائيءَ ۾ پڙهيو هوم ته اهو لفظ سنسڪرت جي لفظ ”ماشاڪا“ مان نڪتو آهي. بھرحال سندس نالو کڻي ڪھڙي به زبان مان نڪتو هجي پر اسان جو رت سو نه ڪڍي. ڪنھن چيو رت به ڀلي کڻي چوسي پر گهٽ ۾ گهٽ ڪنن اڳيان ڀُون ڀُون ڪري اسان جي ننڊ ته نه ڦٽائي. نه فقط عام ماڻهو پر حڪومتون به هن جانور مان بيزار آهن جن جي بجيٽ جو وڏو حصو هن جي ختم ڪرڻ لاءِ مختلف دوائن ۽ ڪيميڪلن ۾ ضايع ٿئي ٿو. ٻي وڏي لڙائيءَ کانپوءِ يڪدم ڊي ڊي ٽي (Dichoro Dihenyl Trichloroethane) ايجاد ٿي. ان بعد بي ايڇ سي (Benzehexachloride) تي ٻڪ ٽڪن جا ضايع ٿيا ۽ مڇر پھرين ڌڙا ڌڙ مرندا ويا ان بعد هو Resistant ٿي ويا ۽ دوا جو هنن تي ڪو اثر نه ٿيو ۽ هاڻ Malathion نالي مڇر مار دوا استعمال ٿي رهي آهي. پر انسان جو مڇر جي مقابلي ۾ حال ان ڪارٽون وانگر آهي جنھن ۾ هڪ همراهه مڇر مارڻ جي چڪر ۾ ڪمري ۾ فلٽ هڻندو رهي ٿو، پر مڇر مرڻ کان اڳ دوا جي زهريلي اثر کان هو پاڻ بي هوش ٿي ڪري پوي ٿو. مڇر هن جي ٻانھن تي لھي هن جو رت چوسي ٿو.

آفريڪي ملڪن جو ڏتڙيل حال

گذريل صديءَ جي آخري ڏهاڪي ۾ _ بلڪ ان جي وچ وارن سالن ڌاري آفريڪي ملڪن جي وڌندڙ Economic Growth Rate جو ٻڌي لڳو پئي ته آفريڪا هاڻ ترقيءَ جي راهه تي گامزن آهي. آفريڪا ۾ سجاڳيءَ جودورو اچي رهيو آهي. صدين جي غمن ۽ ڏاکڙن بعد “خوشحالي” اچي رهي آهي_ يا کڻي چئجي ته گهٽ ۾ گهٽ ان منھن ڏيکاريو آهي. ماڻهو African Renaissance بابت ڳالهائڻ لڳا. آفريڪا ۾ ڳيندڙ تبديليءَ جون ڳالهيون ڪرڻ لڳا _آفريڪن ته ڇا پر يورپ جا ماڻهو به. آئون انهن ڏينھن ۾ سئيڊن ۾ هوس ۽ مون سان گڏ هڪ سؤ کان مٿي دنيا جي ملڪن جا جھازي ڏاها (ايڪسپرٽ) هئا. جن ۾ ڪيترائي آفريڪي ملڪن جا ايڪانامسٽ پڻ هئا، جن ٻڌايو ٿي ته ورلڊ بئنڪ جا انگ اکر ڏيکارين ٿا ته آفريڪا جا ملڪ 6 سيڪڙو کان وڌيڪ EGR (ايڪانامڪ گروٿ ريٽ) حاصل ڪري چڪا آهن، جيڪا چڱي خاصي ترقي آهي ۽ ماڻهن جي غربت ڏهاڪن بدران چند سالن ۾ ختم ٿي سگهي ٿي.
ساڳي وقت سڄي آفريڪي کنڊ ۾ گهڻ پارٽي جمهوريت پکڙي رهي هئي. ليڊرن جو نئون فصل نموندار ٿي رهيو هو. سائوٿ آفريڪا ۾ نيلسن منڊيلا، يوگنڊا ۾ يوويري موسيويني، اٿوپيا ۾ مليز زيناوي... وغيره وغيره. ليڊرن جي هن نسل بنيادي صحت ۽ تعليم مھيا ڪري عوام جي زندگي بھتر بڻائڻ چاهي ٿي. لڳو ٿي ته هنن سمجهيو ٿي ته امن ۽ سٺي حڪومت جو هجڻ ضروري آهي. انهن ليڊر صاحبان ۾ گهڻا تڻا سوشلسٽ هئا پر هنن ”فري مارڪيٽ“ جي وڪالت ڪئي ٿي. جمهوريت ۽ راءِ آزاديءَ جو لڳو ٿي ته هن سالن کان ستايل کنڊ تي ”بول بالا“ ٿيندو ۽ ڏتڙيل عوام سک جو ساهه کڻندي.
پر اهو سڀ ڪجهه سراب هو. نوان ليڊر هڪ ٻئي سان وڙهڻ جهڙڻ ۾ لڳي ويا ۽ 6 سيڪڙو واري سھڻي ستابي Statistics ان سال جي ”سٺي مينھن“ ۽”خراب ڳڻپ“ جو نتيجو هئي. ويتر آدمشماري وڌڻ ڪري حالتون خراب ٿي ويون. ڪو به شاهوڪار نه ٿي رهيو هو.
موزمبيق ۾ ٻوڏون، اٿوپيا ۾ هڪ دفعو وري ڏڪار جو خطرو، يوگنڊا ۾ قتل عام، سيراليون ۾ هنگاما ۽ هن کنڊ جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين جهيڙا جهٽا ۽ جنگيون _ نئين صديءَ لڳي ٿو ته خوشحالي ۽ امن بدران خوف ۽ خطرا آندا آهن.آفريڪي ماڻهن جي آسن اميدن جا ڏيا ٽمڪڻ ۽ چمڪڻ بدران چُنجها ٿي رهيا آهن.
صحارا رڻ پٽ جي هيٺان وارن ملڪن جي حالت ته اڃان به خراب آهي _ سواءِ ٽن ملڪن جي، جن جي ايڪانامي تيزيءَ سان سڌري رهي آهي، اهي آهن: ڪانگو برازاويل، ائنگولا ۽ روانڊا. انهن مان پھريان ٻه اهي ملڪ آهن جن مان تيل نڪتو ۽ تيل آفريڪا جي حاڪمن کي ويتر خراب ڪيو آهي. (جيئن رشوت سرڪاري ڪاموري جي اولاد کي خراب ڪيو آهي.) روانڊا جي بھتر اڪانامي ٻاهران ايندڙ “مدد” ڪري آهي. هونءَ سندس حال افعال پورا سارا آهن. سائوٿ آفريڪا، بوٽسوانا (Botswana) ۽ ماريشش ٻيٽ کان علاوه صحارا رڻ پٽ جي هيٺان ٻيو ڪھڙو آفريڪي ملڪ آهي جنھن کي کڻي چئجيي ته بنيادي ڍانچو هجي _ جيڪو ترقيءَ لاءِ ضروري سمجهيو وڃي ٿو.
ايڊز بيماري ڪري موت جو انگ ڏينھون ڏينھن وڌي رهيو آهي. خاص ڪري شھرن جي مڊل ڪلاس نوجوانن جو، جيڪي ڏٺو وڃي ته آفريڪا ۾ سياسي ۽ ايڪانامڪ تبديلي آڻي سگهن ٿا. اخبارن ۾ آفريڪا بابت جيڪي خبرون پڙهجن ٿيون، انهن مان ظاهري طرح ته ائين ئي لڳي رهيو آهي ته آفريڪا جون ايندڙ ٽھيون وڌيڪ غريب، گهٽ تعليم يافته ۽ گهڻو منجيهل ۽ بي چين هونديون.
ننڍي هوندي کان اسان آفريڪا جي ڏتڙيل هجڻ جو پڙهندا، ٻڌندا ۽ ڏسندا اچون. اها ٻي ڳالهه آهي ته ساڳيو حال سنڌ جو به لڳي ٿو. ساڳي ويڌن سنڌ سان به آهي، پر هتي هن وقت بحث هيٺ آفريڪا آهي. اسين آفريڪا جو ڀڃ اپت ڇيد ڪرڻ چاهيون ٿا.
ڇا آفريڪا سان ڪي خاص ڳالهيون لاڳو آهن جن جي ڪري هن سڄي کنڊ جا (سواءِ ڪنھن ايڪڙ ٻيڪڙ ملڪ جي) حال هيڻا رهن ٿا. پنھنجي آفريڪي دوستن ۽ ڪليگن کان پڇ ته انهن مان ڪجهه ان جو سبب جنگيون، ڪرپشن ۽ سرداري نظام کي سمجهن ٿا ته ڪي غلامن جي وڪري وارن ڏينھن کان ڌارين قومن جي رويي کي نندين ٿا ۽ ان کان علاوه هر ڳالهه جو ڏوهه يورپي راڄ تي مڙهين ٿا، جن هنن جي ملڪ کي بيٺڪون بڻايو ۽ چڱي طرح لٽيو ڦريو. اسان ايشيا جا ماڻهو به Colonial Rule تي هر ڏوهه ٿاڦيون ٿا ۽ ڪن ڳالهين ۾ ته واقعي اسان جي خراب ايڪانامي جا ذميوار اهي آهن. هنن اسان کي ڪشمير جھڙن مسئلن ۾ الجهائي رکيو، پر آفريڪي ماڻهو ان معاملي ۾ انهن يورپين کي اسان کان وڌيڪ گاريون ڏين ٿا. ڪيترين ڳالهين ۾ سئون سڌو ڏوهه موجوده حاڪمن جو هوندو ته به هو پنھنجا ڏوهه لڪائڻ خاطر بيٺڪي راڄ جو نالو کڻندا. ان کان علاوه ملڪ تي چڙهيل قرضن ۽ ڌنڌي ڌاڙي نه هلڻ جو ڏوهه IMF ۽ ورلڊ بئنڪ تي به هڻن ٿا.
هونءَ ڏٺو وڃي ته سرداري نظام (Tribalism) ته بوزنيا ۽ آئرلئنڊ ۾ به آهي، ڊڪٽيٽر شپ ته نارٿ ڪوريا ۾ به آهي ۽ ڪرپشن دنيا جي ڪھڙي ملڪ ۾ ناهي. مطلب اهو ته اهي ڪي ڳالهيون فقط آفريڪا ۾ نه آهن. ٻين ملڪن ۾ به آهن، پر آفريڪا جي ملڪن ۾ اهي سڀ ڳالهيون هڪ ئي وقت موجود آهن. ٻين ملڪن ۾ انهن مان ڪا هڪ اڌ آهي.
آفريڪا لاءِ ڪجهه Points جيڪي ڌيان ۾ رهن ٿيون:
يورپين آفريڪا کنڊ جي ڪنارن تي پھتا ان کان اڳھين آفريڪا جا حال اهرا تھڙا هئا. آفريڪا تي قدرت به ڪا اهڙي خاص مھربان نه آهي. اهوکڻي صحيح هجي ته هي کنڊ اوائلي انسانن جو جنم ڀومي هو. سڀ کان اڳ انسان هتي پئدا ٿيو، پر ساڳي وقت اها به ڪا تعجب جھڙي ڳالهه ناهي ته انسان ذات هتان لڏي ٻين کنڊن ڏي وڃي رهڻ وڌيڪ پسند ڪيو ٿي. آفريڪا کنڊ جي ڌرتيءَ جو وڏو حصو پوک جي حساب سان ايڏو سرسبز ناهي جو ڪيترن ئي هنڌن تي Soil بيحد خراب يا سنهو آهي، جنھن تي پوک ڪي ٻه چار موسمون مس ٿي هلي. آفريڪا جو سج به ساڙي ٿو _ ماڻهو ۽ جانور کي به ته پکي ۽ پوک کي به. مينھن هميشه ايندو آهي ته ٻوڙ ٻوڙان ڪندو آهي (جيئن هينئر موزمبيق ۾ ٿيو) ٻج ۽ سلو ته زمين مان ڪڍي ڇڏيندو آهي پر گهر گهاٽ به ٻوڙي رکندوآهي يا وري بنھه نه وسندو. ڌرتي سڪي ٺوٺ ٿي ويندي. پوک ته ڇا انسان ۽ جانور لاءِ به پاڻيءَ جو ڦڙو نه بچندو آهي (جيئن اٿوپيا ۾ ٿيو آهي). آفريڪا ۾ مرون ۽ مڇر، سوئر ۽ سئو پيريون سڀ وڏي سائيز جا نظر ايندا. جن جو کاڌل مري نه ته کري ضرور وڃي ٿو. اهي بيماريون جيڪي انسان ذات لاءِ پويون ڏينھن ٿيون ٿيون (۽ جانورن ۽ فصلن لاءِ پڻ) آفريڪا ۾ هميشه قائم دائم رهن ٿيون. آفريڪا ۾ رهي جن گذارو ڪيو ٿي انهن اهڙين ڏکين حالتن ۾ ڪيو ٿي. ٽولن ٽولن ۾ يا ننڍين ننڍين بادشاهتن ۾ هو رهيا ٿي جتي سوين هزارين زبانون ڳالهايون ويون ٿي ۽ پراڻن اعتقادن ۽ رسمن رواجن ۾ چنبڙيا رهيا ٿي. ڪڏهن ڪڏهن قدرت مھربان ٿي ٿي ۽ مينھن وسڪاري ۾ سٺو فصل لٿو ٿي ته ٻئي ڏينھن جوسوچڻ ۽ مستقبل جي پلاننگ ڪرڻ بدران سڀ کائي کپائي، دعوتون ۽ جشن ڪري هٿين خالي ويھي رهيا ٿي. اڄ به آفريڪن جي اها ئي عادت هلندي اچي: قسمت تي ڀاڙڻ، پنھنجي گهر ۽ ڪميونٽي سان جڙيو رهڻ ۽ ڪجهه اچڻ تي يڪدم جشن ۽ خوشيون ڪري زندگي “enjoy” ڪرڻ آهي. پر سندن سوسائٽيون ناقابل اعتماد آهن ۽ هو آرگنائيزيشنون هلايو نٿا سگهن. آفريڪا ۾ ڪيترائي ڌنڌا ۽ بزنيس هڪ ماڻهوءَ جي هٿ ۾ رهن ٿا، جنھن جي مرڻ بعد اهو ڌنڌو ورلي ڪو صحيح سلامت رهي ٿو.
اوڻھين صدي جي اڌ ڌاري جڏهن يورپين آفريڪا اندر داخل ٿيڻ شروع ڪيو، تڏهن آفريڪا ۾ غلامن جي وڌندڙ ڊمانڊ ڪري اٿل پٿل آيل هئي. هوڏانھن اوڀر پاسي عربن به ٻيگهي مچائي ڏني هئي جن جا ڌاڙيل ٽولا وچ آفريڪا جي گهاٽن ٻيلن تائين اندر وڃي، شيدين کي غلام ڪري وڪڻڻ لاءِ جهل آيا ٿي ۽ هيڏانھن اولھه پاسي هنن جي پنھنجن آفريڪن غنڊن نه فقط ڏوهارين کي پر لکين معصوم شيدين کي ڏورانھن جنگلن مان به جهلي ڪناري وارن شھرن ۾ وڪڻڻ لاءِ وٺي آيا ٿي جتان کين آفريڪا جي ٻين حصن ۽ آمريڪا ڏي موڪليو ويو ٿي. انھيءَ ڪري ان ۾ ڪو تعجب ناهي ته يورپين هنن آفريڪن ٽروپن ذريعي آفريڪا تي بيحد سولائيءَ سان قبضو ڪري ورتو.
آفريڪا تي قبضو ڪرڻ بعد يورپين هن کنڊ مان پنھنجا فائدا حاصل ڪرڻ لاءِ هن کي فقط ڏهندا ئي رهيا. آفريڪا ۾ ڪيترائي قيمتي ڌاتو آهن. ڪيترن علائقن جي ڌرتي سرسبز آهي. ڌاريان يورپي ڪچي مال جي ڪشش ۾ آيا ٿي ۽ هنن جو سروڪار فقط مال سان هو _ ڌرتي ۽ ماڻهن سان نه هو. آفريڪا جي ملڪن کي خودمختياري يا آزادي ڏيڻ وقت يورپين ڪجهه مغربي تعليم يافته آفريڪن حوالي ملڪ ڪيو ٿي، جن پاڻ لاءِ اهي ئي عياشيون ۽ عوام لاءِ مصيبتون قائم دائم رکيون ٿي، جيڪي يورپين رکيون هيون. آفريڪا جي عوام لاءِ ملڪ جي آزاديءَ جو مطلب ان کان سواءِ ٻيو ڪجهه نٿي رهيو ته هڪ اڇو ظالم حاڪم ويو ۽ ٻيو ڪاري رنگ جو پنھنجو ئي شيدي آيو.
يورپ ۽ آمريڪا ۾ سياستدان معنيٰ عوام جو نمائندو. هو هر ڳالهه ۾ ان راءِ جوا ظھار ڪندو ته هن کي عام ماڻهن جي مسئلن جو فڪر آهي ۽ هو انهن مسئلن کي دفع ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو. آفريڪا جو سياستدان ووٽ ملڻ ۽ ميمبر يا وزير ٿيڻ بعد مسئلا آڻيندڙ ماڻهن کي دفع ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو. شوبازي ذريعي عوام کي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندو ته هن عام زندگيءَ مان جان بچائي آهي ۽ هاڻ هي اهم ۽ ”وڏو ماڻهو“ ٿي ويو آهي _ طاقتور ۽ امير ٿي ويو آهي . ڪيترائي آفريڪي سياستدان، جيڪي غربت جي زندگيءَ ۾ ننڍا ٿي وڏا ٿيا هاڻ عوام کي پنھنجي لئه ڏيکارڻ لاءِ عجيب حرڪتون ڪن ٿا. عوام جا ئي فنڊ استعمال ڪري محلن جھڙا گهر ۽ موٽر ڪارون وٺن ٿا جن تي ڪَلف لڳل جهنڊا ڦڙڪائين ٿا. ملڪ جي خزاني ۾ ڀلي هڪ ٽيڊي پائي به نه بچي، پر سندن گهر دولت سان ڀريل هجي.
پنھنجي ذاتي طاقت کي وڌائڻ لاءِ آفريڪن ليڊرن ڪيترن ئي قومي ادارن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. مثال طور: ملڪ جي هوائي ڪمپني يا پوليس کاتي جو اعليٰ عملدار اهو رکندا جيڪو پنھنجي اداري کي ٺاهڻ بدران هن کي مال آڻي ڏي. پوءِ هيٺ تائين اداري جو هڪ هڪ ڪارندو ملڪ ۽ قوم جي خدمت جو سوچڻ بدران پنھنجي آفيسر جو ذاتي نوڪر ٿيندو ۽ پوءِ صحيح توڙي ناجائز طريقن سان ڦر ڪري پنھنجو پاڻ کي ۽ پنھنجي صاحب کي عيش ڪرائيندو. نتيجي ۾ چوڌاري ڪرپشن ئي ڪرپشن پکڙيل نظر اچي ٿي. زمبابوي جو مثال وٺو. سواءِ ڪجهه بھادر ۽ نيڪ ججن جي ٻيا سڀ سرڪاري ڪامورا اهو سمجهي ان تي عمل ڪري رهيا آهن ته هنن جي وفاداري ملڪ جي صدر سان آهي ۽ نه رياست سان.
آفريڪا جي ڪيترن ملڪن ۾ رڳو نالي جي جمهوريت قائم آهي جيئن يورپ ۽ آمريڪا جي Donor ايجنسين کان خيرات پني سگهجي. ڪيترن ملڪن ۾ ته ماڳھين اليڪشن ئي نه ٿي ٿئي، جيڪڏهن ٻاهرين ملڪن جو پريشر نه پوي. عوام غريب ڇا ٿو ڪري سگهي.
آفريڪن حاڪم _ صدر توڙي وزيراعظم _ پوزيشن حاصل ڪرڻ بعد عجيب سوچ ۾ اچيو وڃي. حڪومت ملڻ بعد هن کي پاور ۽ ڪنٽرول کپي. يعني هو چاهي ٿو ته جيئن مون کي وڻي ائين ڪريان. پاڻ ۽ پنھنجن کي بنا ميرٽ عيش ڪريان. مخالف ڌر جي ماڻهن کي موچڙا هڻان ۽ ذليل ڪريان، پر ٻاهر جي دنيا خاص ڪري يورپ ۽ آمريڪا جا ملڪ جيڪي طاقتور آهن، جمھوريت اٿن ۽ جن جي خيرات تي هي گهڻيون تڻيون آفريڪي قومون هلن ٿيون، اهي چونڊيل حاڪمن کان جمھوريت جي ڊمانڊ ڪن ٿا، انساني حقن ۽ Good Government چاهين ٿا. جيڪا ڳالهه هنن آفريڪي حاڪمن کي ڏکي لڳي ٿي. آفريڪي حاڪم ته ملڪي خزاني کي پنھنجي ذاتي بئنڪ طور استعمال ڪرڻ چاهي ٿو ۽ پوليس کي هو پنھنجي پرائيويٽ آرمي سمجهي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو آفريڪي حاڪم پنھنجي ملڪ جي خذمت ڪرڻ بدران (جنھن لاءِ عوام هنن کي چوندي ٿو ۽ حاڪم پاڻ ان جو نعرو هڻي حڪومت حاصل ڪن ٿا) ان کي تباهه ۽ برباد ڪريو ڇڏي.
ٻاهرين ڏيک ۾ هر آفريڪي ملڪ هڪ ماڊرن رياست (State) آهي. کيس بارڊر آهي، جهنڊو آهي، وزير آهن، سول سروس، ڪورٽ ۽ پوليس جھڙا ادارا آهن، پر ڪيترائي ملڪ اندران کوکلا آهن. زائر (Zaire) هڪ اهڙي ملڪ جو مثال آهي جنھن جو سپريم ماسٽر موبوتو صاحب هو. (1997 ۾ موبوتو کي لاهڻ بعد زائر کي وري ساڳي نالي ڪانگو سان سڏيو وڃي ٿو.) موبوتو (Mobutu Sese Seko) جي 35 ساله حڪومت ۾ زائر ملڪ کي وزير هئا ۽ ڪابينه هئي. وزارتون هيون ۽ گورنر هئا. سرڪاري ڪامورا هئا ۽ سفير هئا. هنن سڀني هڪ مڪمل حڪومت جو ڏيک ڏنو ٿي. پر حقيقت ۾ بقول ايسٽرن ريويو رسالي جي انهن سڀني موبوتو جا ذاتي نوڪر ٿي ڪم ڪيو ٿي. ۽ انهن ذريعي موبوتو صاحب ڪانگو جي دولت چورائي ٿي. ۽ اهو ئي حال ٻين ڪيترن آفريڪي ملڪن جو آهي. اهڙو ئي ملندڙ جلندڙ حال اسان جي ملڪ جو آهي _ خاص ڪري اسان جي صوبي جو!

لوليتا فلم ۽ ناول جو ليکڪ

هن دفعي (1977 ۾) جھاز جي آمريڪا پھچڻ تي آئون جيئن ئي بالٽيمور شھر جي Seamen’s Club آيس ته هڪ پراڻي اخبار ۾ ولاديمير نبوڪوو (Vladimir Nabokov) جي وفات جي خبر تي نظر پيئي ته هو 2 جولاءِ 1977ع تي گذاري ويو. هي ئي بندرگاهه ۽ هي ئي سي مين ڪلب هو جتي اڄ کان اٺ سال کن اڳ 1969ع ۾ هن مشھور ليکڪ نبوڪوو جو هڪ انگريزي ڪتاب ADA نالي مون کي مليو هو ۽ منھنجو هڪ نئين ليکڪ سان ادبي تعارف ٿيو هو.
ڪراچي جو بندرگاهه ڇڏڻ وقت رستي تي پڙهڻ لاءِ پاڻ سان ڪجهه رسالا ۽ ڪتاب کڻي نڪتو هوس. جھاز تي ڪم ڪندڙ چئن ففٿ انجنيئرن مان آئون هڪ هوس. جھاز جا ففٿ انجنيئر جن کي جھاز جا اعليٰ عملدار جھاز جي زبان ۾ ”پانچ صاحب“ يا ڪاوڙ ۾ فقط ”پنجو“ سڏين، رئنڪ جي ڏاڪڻ تي جونئر ترين انجنيئر ٿين ۽ هر وقت سخت پورهئي ۾ مشغول رهن. مشغول ته جھاز جو چيف انجنيئر ۽ ان کانپوءِ ٻئي نمبر وارو اعليٰ انجنيئر (سيڪنڊ انجنيئر) به رهي ٿو پر اهي فقط ذهني طرح گهڻو مشغول رهن ٿا _ خاص ڪري خراب موسم ۽ خراب سمنڊ جي حالت ۾. باقي جسماني پورهيو جھاز جي هلڻ توڙي بندرگاهه ۾ بيھڻ وقت، هيٺين انجنيئرن: ٿرڊ، فورٿ ۽ ففٿ جي حصي ۾ گهڻو هوندو آهي. پر هڪ ڳالهه آهي ته جونئر فقط جسماني طرح ٿڪل رهي ٿو ۽ هن کي ڊيوٽي بعد پنھنجي ننڍڙي ۽ سھڻي ڪئبن (ڪمري) ۾ پھچڻ سان سڪون طاري ٿيو وڃي. بستر تي ليٽڻ سان ننڊ وڪوڙيو وڃي. جھاز ٻڏي يا تري ففٿ يا فورٿ انجنيئر جھڙن جونيئر انجنيرن جو آڱوٺي مٿي سور. جھاز هلڻ وقت ان جي انجڻ تيل گهڻو ڇو ٿي کائي، رفتار صحيح ڇو نه پئي اچي يا جھاز ڇو ٻڏي ويو انهن ڳالهين جو جواب جھاز جي مالڪن يا ڪورٽ سڳوريءَ کي چيف انجنيئر کي ڏيڻو هوندو آهي يا ٻئي نمبر تي سيڪنڊ انجنيئر کي. جھاز جي جونيئر انجنيئرن جو ڪم فقط ٻڏندڙ جهاز کي باءِ پاس ڪري ٻيڙيءَ (Life boat) ۾ چڙهي جان بچائڻي آهي ۽ ويجهي ملڪ جي ڪنھن هوٽل ۾ رهڻو آهي، جيسين جھاز جا مالڪ يا ڪمپني هوائي جھاز جي ٽڪيٽ مھيا ڪري، اسان کي پنھنجي وطن موڪلين يا ڪنھن ٻئي جھاز تي.
گهڻي ڪم ڪري اسان کي لکڻ پڙهڻ لاءِ وقت تمام ٿورو ملي ٿي پر اها ٻي ڳالهه آهي ته ان وقت اسان جھازين جو دلپسند مشغلو پڙهڻ ۽ برج (تاش راند) کيڏڻ کان علاوه ٻيو هو به ڪون. ائٽلانٽڪ، پئسفڪ ۽ بحرِ هند جھڙن وڏن سمنڊن تي جھاز جو ريڊيو ڪا ورلي ريڊيو اسٽيشن جهٽي سگهيو ٿي. وي سي آر ته پوءِ جي ڳالهه آهي، ڪئسٽ رڪارڊر به اڃا عام نه ٿيو هو. چرخن وارا ٽيپ رڪارڊر ريڊيو پاڪستان ڪراچي، حيدراباد ۽ ڪولمبو سلون تي مون ڏٺا هئا (۽ اڃان تائين الله جي فضل سان انهن ٽنهي ريڊيو اسٽيشنن تي اهي موجود آهن _ دنيا وڃي ڪٿان جو ڪٿان پھتي آهي). فونا (گراما فون) عام هئا ۽ (78RPM) جي ٺڪرن وارن رڪارڊن بدران 45 ۽ 33Rpm جا پلاسٽڪ وارا رڪارڊر نڪتا هئا ۽ فوني جي اسٽائلس جي لوهه واري سُئيءَ بدران ڊائمنڊ جي ٽِپ (چُھنب) واري سُئي نڪتي هئي، جنھن کي هر رڪارڊ بعد ان جي سُئي بدلائڻ نٿي پيئي. جهاز تي موجود ساڳيا ساڳيا رڪارڊ ٻڌڻ کان ڪتاب، رسالو يا اخبار پڙهڻ ۾ مزو آيو ٿي، پر آمريڪا هڪ اڳھين ڏورانھون ملڪ ٻيو انهن ڏينھن ۾ (1969 واري دور ۾) جڏهن آئون پھريون دفعو آمريڪا ويو هوس، سئيز ڪئنال بند هو ۽ ڪراچي کان ائين سڌو گهُت هڻي ڳاڙهي سمنڊ ۽ ڀؤنڇ (ميڊيٽرينين) سمنڊ مان ٿي، ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ پھچڻ بدران جھاز کي سڄي آفريڪا کنڊ جو ڦيرو ڪرائڻو پيو ٿي ۽ ڪيپ آف گڊ هوپ وٽان مڙي ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ پھچڻو پيو ٿي. ايستائين پھچڻ ۾ ٻه هفتا کن لڳي ويا ٿي ۽ اهڙو ڏهاڪو کن وڌيڪ ڏينھن ڏکڻ ۽ اتر ائٽلانٽڪ سمنڊ ٽپي نيويارڪ تائين پھچڻ ۾ لڳا ٿي.
اهڙي صورت ۾ ڪراچي مان پڙهڻ لاءِ کنيل ڏهاڪو کن ڪتاب ۽ رسالا ڪڏهن ڪو ختم ٿي وڃڻ هڪ عام ڳالهه هئي. نيويارڪ، بالٽيمور، نيوارڪ يا USA جي ڪنھن ٻئي اوڀر ڪناري واري بندرگاهه ۾ پھچڻ کان پنج ڇھه ڏينھن اڳ، جھاز ڏکڻ ۽ وچ آمريڪا جي ملڪن جو ڪنارو ڏئي هلي ٿو يعني Coasting ڪري ٿو. اهي ڏينھن جهاز تي موجود اسان وارا ريڊيا ڀر وارن ملڪن جون ريڊيو اسٽيشنون ضرور جهٽي سگهيا ٿي، پر برازيل، وينزوئلا، ڪيوبا کان پاناما، نڪراگوا، ميڪسيڪو ۽ ڪوسٽاريڪا ملڪ _ ويندي USA جي ڏاکڻين رياستن: هوسٽن ۽ لوزيانا وغيره ۾ اسپيني زبان ڳالهائي وڃي ٿي. ريڊيو جي لحاظ سان انهن ملڪن وٽان لنگهندي اسان جھڙا جھازي فقط هڪ اڌ ڏينھن دل وٽان ريڊيو ٻڌڻ جو مزو ماڻيندا آهيون، جڏهن جھاز ڏکڻ آفريڪا جي ”سري نام“ نالي ملڪ جي ڀر مان لنگهندو آهي. اتان هر وقت انگريزي ۽ هندي (اڙدو) پروگرام نشر ٿيندا آهن، جو سري نام جي اڌ کن آدمشماري ننڍي کنڊ جي ماڻهن جي آهي.
آمريڪا (USA) جي بندرگاهه بالٽيمور ۾ جھاز جي لنگر انداز ٿيڻ تي خبر پيئي ته اتي جي ‘سي مين ڪلب’ وارا جھازين لاءِ پراڻا رسالا ۽ ڪتاب گڏ ڪري رکن ٿا. بالٽيمور ڇڏڻ وقت آئون به اتان ڪتابن جي ڀري ٻڌي آيس جيئن موٽ جي سفر لاءِ پڙهڻ لاءِ ڪافي مواد هجي جيڪو آمريڪا اچڻ واري سفر کان به گهڻو وڏو ٿي ويو جو اسان کي اڃان اڳتي اتر ڏي ڪئناڊا جي ڇيڙي وارن بندرگاهن تائين وڃي پوءِ ڪراچيءَ لاءِ موٽڻو پيو هو.
واپسي سفر تي سمنڊ تي، جتي ڊيوٽي بعد ڪو ڊسٽرب ڪرڻ وارو نٿو ٿئي، اتي پنھنجي خاموش ڪئبن ۾ هڪ هڪ ڪري سڀ ڪتاب پڙهيم. انهن ۾ هڪ ڪتاب ADA نالي به هو. ليکڪ جو نالو Vladmir Nabokov مون لاءِ نئون هو، پر سندس طنز ۽ مزاح سان ڀرپور انگريزي مون کي بيحد پسند آئي. اها ٻي ڳالهه آهي ته بقول ڪنھن جي سمنڊ تي جتي سواءِ لھرن ڳڻڻ جي ٻي ڪا وندر نه هجي اتي ڪيمسٽري ۽ آلجبرا جھڙا بور ڪتاب به وڻندا آهن ۽ هي ڪتاب ADA ته هڪ ناول هو. حقيقت اها آهي ته نبوڪوو جي لکڻي تمام دلفريب ۽ ڳوڙهي سوچ ويچار واري آهي ۽ پوءِ ته مون هن ليکڪ جو ڪنھن به رسالي اخبار ۾ ڇپجندڙ مضمون نه ڇڏيو ۽ هي منھنجي انهن دلپسند ليکڪن ۾ شمار ٿي ويو، جن جا ڪتاب پئسن سان به خريد ڪري پڙهندو آهيان. جيتوڻيڪ انگريزي جا ڪتاب جپان ۽ اسڪينڊينيويا جھڙن ملڪن ۾ ته تمام گهڻا مھانگا آهن. پر يورپ ۽ خود انگلنڊ ۽ آمريڪا جھڙن ملڪن ۾ به مھانگا آهن ۽ اسان جو پگهار ان جي مقابلي ۾ ڪجهه به نه هو. ان زماني ۾ ڪتابن جي عياشي لاءِ انڊيا ۽ سري لنڪا بھترين ملڪ هئا. انهن ڪتابن جو پنو يا جُلد کڻي سادو ۽ ڪچو هوندو هو، پر ان سان ڪھڙو فرق پيو ٿي. اسان جھڙن ڪتابن جي عاشقن جو پڙهڻ سان واسطو هو ۽ نه ڊرائنگ روم جي گلاس ٽاپ واري ٽيبل هيٺان سجائي رکڻ سان. انڊيا ۽ سري لنڪا بعد پاڪستان ۽ بنگلاديش، ۽ پوءِ تائيوان ۽ سنگاپور ڪتابن جي سستائيءَ کان مشھور ٿيو.
شروع کان ڪتاب پڙهڻ وقت سٺن جملن تي نه فقط نشان هڻندو رهيو آهيان پر اهي نوٽ بڪ تي پڻ اتاريندو رهيو آهيان، جيڪو ڪم منھنجي خيال ۾ 1960ع کان شروع ڪيو هوم جڏهن مئٽرڪ ڪلاس ۾ هوس ۽ علي احمد بروهي صاحب جو دلچسپ ۽ مزاحيه ليک ”ڀڳا ڏار، اڏاڻا ڳيرا“ پڙهي ان جا دلپسند جملا نوٽبڪ تي اتارڻ شروع ڪيا هئم. 1990ع تائين لکندو رهيس ۽ ڪئين ڪاپيون عمدن جملن ۽ Quotations سان ڀري ڇڏيون هيم، جن ۾ ڪيترائي صفحا هن ليکڪ ولاديمير نبوڪوو جي ڪتابن جا پڻ هئا. هي اهو ليکڪ آهي جنھن جي هڪ ناول “لوليتا” (Lolita) تي ٺھيل فلم تمام گهڻي مشھور ٿي. ڏٺو وڃي ته کيس فلم کان وڌيڪ سندس ناول اهم بنائي ٿو. شطرنج کان علاوه پوپٽ گڏ ڪرڻ جو کيس شوق هوندو هو ۽ پوپٽن جي مختلف ۽ خوبصورت جنسن کي گڏ ڪرڻ ۽ انهن تي کوجنا ڪرڻ ڪري ڪيترن پوپٽن تي نالو سندس نالي (Nobokov) تان پيو.
نبوڪوو 23 اپريل 1899ع ۾ روس جي شھر پيٽرس برگ ۾ ڄائو، جيڪو روسي انقلاب اچڻ بعد لينن گراڊ سڏجڻ لڳو. سندس پيءَ شھر جو مشھور جج هو. ويھه سال کن پنھنجي اباڻي وطن روس ۾ رهي اسڪولي تعليم پوري ڪيائين. تعليم دوران 1915ع ڌاري سندس شاعري ڇپجڻ شروع ٿي. 1919ع ۾ جنگ دوران هن جي فئملي، الھه تلھه پٺيان روس ۾ ڇڏي انگلنڊ هلي آئي، جتي هن ڪئمبرج يونيورسٽي جي ٽرنٽي ڪاليج مان 1923ع ۾ گرئجوئيشن ڪئي جنھن جو احوال ۽ يادن جو اولڙو هن پنھنجي آٽوگرافي ۽ فڪشن جي ڪتاب Memory, Speak ۾ ڏنو آهي. ڪئمبرج يونيورسٽي جي آخري سال ۾ هن جي فئملي برلن (جرمني) شفٽ ٿي وئي جتي هن جو پيءُ هڪ روسي اخبار جو ايڊيٽر ٿي رهيو۽ پاڻ شعر ۽ شطرنج راند جا مونجهارا آسان ڪري ڇاپڻ لڳو. اتي ئي سندس پيءُ ڪنھن سياسي گڏجاڻيءَ ۾ حادثاتي طور قتل ٿي ويو. نبوڪوو کي رسيل ان غم جون جهلڪيون، جيتوڻيڪ نمايان طور نه، سندس لکڻين ۾ڪٿي ڪٿي نظر اچن ٿيون. پاڻ ويھارو کن سال جرمنيءَ ۾ رهيو. جيئن ئي نازي حڪومت طاقت ۾ آئي ته هو پئرس (فرانس) لڏي ويو جتي سندس قلمي نالي V. Sirin سان روسي زبان ۾ ڏهاڪو کن ناول ۽ ڊرامن جا ڪتاب ڇپيا 1934ع ۾ کيس دميتري، نالي پٽ ڄائو جنھن وڏو ٿي پنھنجي پيءُ جا روسي زبان ۾ لکيل ڪتاب انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيا. هينئر پٽ دميتري آمريڪا USA جو مشھور ڳائڻو (Opera Singer) آهي.
نبوڪوو جو هڪ ٻيو بھترين ناول Defense آهي جيڪو هن 1930ع ۾ روسي زبان ۾ لکيو ۽ پوءِ انگريزي ۾ ترجمو ٿيو. انهن ئي ڏينھن جا سندس ٻه ٻيا ناول: Kanve, Queen, King ۽ Laughter in the Dark روايتي پيار جي ٽڪنڊي واري فارمولي تي لکيل آهن ۽ سندن حاصل مطلب اهو ئي آهي ته عشق انڌو ٿئي ٿو (Love is blind) .
ڪيترن ناولن ۾ نبوڪوو پنھنجي لڏ پلاڻ واري زندگيءَ جو پڙاڏو ڏنو آهي. جيئن سندس هڪ ناول Glory ۾ ان جي هيرو کي اهي ئي تجربا ۽ مشڪلاتون پيش اچن ٿيون جن جو احوال ڪتاب جي ليکڪ (نبوڪوو) پنھنجي آٽو بايو گرافي Memory Speak ۾ ڏنو آهي. نبوڪوو جو ناول Invitation to a Beheading هن 1938 ۾ لکيو ۽ Bend Sinister 1947ع ۾ لکيو. سندس ماسٽر پيس ناول لوليتا “Lolita” هو جنھن مان هن ايڏو ڪمايو جو سندس قسمت بدلجي وئي. اهو هن 1959ع ۾ لکيو.
1940ع ۾ ولاديمير نبوڪوو ۽ سندس زال ويرا پنھنجي ڇھن سالن جي پٽ دميتري سان پئرس کان آمريڪا (USA) هليا آيا ۽ آمريڪن قوميت اختيار ڪئي. ان کانپوءِ جا سندس لکيل سمورا ناول انگريزيءَ ۾ آهن. وچ وچ ۾ هو پنھنجي ڪجهه روسي ناولن جو انگريزيءَ ۾ ترجمو به ڪندو رهيو. 1941ع کان 1948ع تائين هو عورتن جي مشھور ڪاليج ويلسلي ۾ ادب تي ليڪچر به ڏيندو رهيو. سندس Prin ۽ Pale Fire ناول انهن ڏينھن تي لکيل آهن. پاڻ هارورڊ يونيورسٽيءَ ۾ زولاجيءَ جو فيلو به ٿي رهيو. پاڻ پوپٽن جو ڄاڻو (Prinidopterist) پڻ هو.
آمريڪا مان The New Yorker نالي هڪ تمام مشھور ماهوار رسالو نڪري ٿو جنھن ۾ نبوڪوو جا ڪالم ۽ ڪھاڻيون باقاعدگي سان آيون ٿي ۽ ان جي بنياد تي نبوڪوو کي ڪارنيل يونيورسٽي ۾ پروفيسر شپ پڻ ملي هئي.

بوهري ملائيشيا ۾ به رهن ٿا

ملائيشيا به عجيب ملڪ آهي. منجهس ڀانت ڀانت جا ماڻهو رهن ٿا. اسان جو جھاز ملائيشيا جي ٻن بندرگاهن ۾ اڪثر اچي ٿو. هڪ پينانگ ۽ ٻيو پورٽ سويٽن ھام . ”سويٽن ھام“ ڪنھن انگريز ريزيڊنٽ يا مئجسٽريٽ جو نالو آهي، جنھن جي نالي پٺيان هن بندرگاهه جو نالو رکيو ويو. جيئن پاڻ وٽ فريئر هال، ميڪلوڊ روڊ، جئڪب آباد، ايمپريس مارڪيٽ، ڊينسو هال وغيره انهن انگريزن جي نالي آهن، جن جي سنڌ تي حڪومت رهي. اهڙي طرح هن پاسي: ملائيشيا، سنگاپور، هانگ ڪانگ پاسي پڻ انگريزن جي حڪومت هئي ۽ ڪيترن رستن، شھرن، ٻيٽن، پارڪن جا نالا انهن ڏينھن جي انگريز آفيسرن جا آهن، جيڪي ملائيشيا (تن ڏينھن جي ملايا) ۾ گورنر، ريزيڊنٽ، ڪمشنر وغيره ٿي رهيا يا برطانيا جي شاهي خاندان جي ماڻهن جي نالي آهن.
هاڻ اسان کي هن ڀيري (1980ع) ۾ ملائيشيا حڪومت طرفان سرڪيولر مليو آهي ته اسان پنهنجي سامونڊي نقشن (Navigational charts) ۾ درستي ڪريون ۽ سويٽن ھام بندرگاهه جو نالو بدلائي، مڪاني زبان جو پراڻو نالو پورٽ ڪلانگ (Kelang) لکي ڇڏيون. اهو ائين آهي جيئن انگريزن جو رکيل نالو سلون (Ceylon) بدلائي وري اصلوڪو نالو ‘سري لنڪا’ ڪيو ويو آهي.
بھرحال ملائيشيا ۾ ڀانت ڀانت جا ماڻهو رهن ٿا. ملئي، چيني، انڊين، يورپي، بنگالي، سيامي وغيره. هونءَ ته ڪنھن جو جھاز ڏينھن ٻن لاءِ پينانگ جھڙي بندرگاهه ۾ ايندو ته هو اهو ئي چوندو ته ملائيشيا ۾ فقط چيني رهن ٿا، ڇو جو جھاز تي جيڪي ورڪ شاپ وارا اچن يا جھاز تي آندل سامان يا چڙهندڙ سامان جا مالڪ اچن ٿا اهي چيني ئي آهن.
ٻاهر شھر جي اهم رستن تي دڪان ۽ هوٽلون به چينين جون نظر اچن ٿيون يا وڌ ۾ وڌ ڪجهه ننڍڙا ڪئبن نموني جا دڪان انڊين جا آهن، سي به ڪارن (تامل ڳالهائيندڙ سائوٿ انڊين) مدراسين جا. پر پوءِ بار بار اچڻ تي يا ڪنھن دفعي جھاز جي ڊگهي ترسڻ تي آهستي آهستي خبرپوي ٿي ته هتي هر قسم جا ماڻهو رهن ٿا. اسان جي ننڍي کنڊ جون ئي ڪئين قومون رهن ٿيون؛ ملباري، مارواڙي، گجراتي، سنڌي هندو، گورکا، سلوني، مارواڙي، پنجابي مسلمان، سک، پٺاڻ وغيره وغيره. ڪن جا ته يڪا پاڙا ۽ ڳوٺ آهن. پينانگ ٻيٽ جو هڪ سڄو محلو بنگالي پاڙو سڏبو آهي، جنھن ۾ رڳو بنگالي رهن ٿا، جن جا ڏاڏا پڙڏاڏا انگريزن جي ڏينھن ۾ يا ان کان به اڳ هنن پٽن (ملايا جي سر زمين) تي آيا. ڪيداح (Kedah) ڀرسان هڪ يڪو ڳوٺ پٺاڻن جو آهي، جن مان ڪيترا ٻي جنگ عظيم ۾ انگريزن جي فوج ۾ آيا. ملايا آزاد ٿيڻ بعد هي ماڻهو ملايا جا ئي شھري ٿي رهي پيا. فوج مان رٽائرڊ ٿيڻ بعد هي پٺاڻ بئنڪن ۽ هوٽلن ۾ چوڪيداري جھڙا ڪم ڪري رهيا آهن، پر سندن اولاد ڊاڪٽري، انجنيئري، وڪالت پڙهي رهيو آهي. مقابلي جا امتحان ڏئي رهيو آهي ۽ منھنجي خيال مطابق ويھين صديءَ جي آخر تائين ملائيشيا جا ڪيترائي ڊاڪٽر، سرجن، پوليس جا وڏا عملدار، وڪيل، جج ۽ انجنيئر ۽ ويندي رانديگر ملائيشيا ۾ رهائش اختيار ڪندڙ سکن ۽ پٺاڻن جو اولاد هوندا.
ملائيشيا ۾ ڪاٺياواڙي ميمڻ، آغا خاني ۽ بوهري به رهن ٿا. پينانگ ۾ ڪمپونگ ڊوڊول (Kampung Dodol) نالي هڪ ڳوٺ آهي، جنھن ۾ ٻه سؤ کن بوهري خاندان رهن ٿا. هنن جي پنھنجي Klang Dawoodi Bohra Muslim نالي ائسوسئييشن آهي. ان جو، هڪ ڏينھن، حاجي سجاد حسين نالي سيڪريٽري ملي ويو. هن ٻڌايو ته بوهرا هندي زبان جو لفظ آهي، جنھن جي معنيٰ واپاري (Merchant) آهي ۽ سندن گهڻو واسطو واپار سان آهي. خاص ڪري ڪپڙي، فرنيچر، اسٽيشنري ۽ هارڊ ويئر (ڪوڪا ڪليون، نٽ بولٽ، پانا، اسڪريو ڊرائيور) وغيره جا دڪان هنن جا آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته سندن نوجوان ٽھي، هاڻ ڊاڪٽري، انجنيري ۽ وڪالت جھڙن مختلف نوڪرين ۽ ڌنڌن ڏي به لاڙو ڏيکاري رهي آهي.
”ملائيشيا جي مختلف شھرن ۾ رهندڙ اٽڪل هزار کن بوهرا خاندانن جو واسطو هندستان جي صوبي گجرات سان آهي،“ حاجي سجاد حسين ٻڌايو، ”۽ اسين پنھنجو پاڻ ۾ گجراتي ڳالهايون، پر ٻار هتي جي زبان ملئي ۾ پڙهائي ڪن. ڇو جو اسان جو وطن هاڻ ملائيشيا آهي.“
بوهري ۽ آغا خاني جھڙن ماڻهن مان مڪاني ماڻهو _ چاهي اهي ملائيشيا ۽ سنگاپور جا هجن يا زئنزيبار ۽ تنزانيا جا، هميشه خوش رهن ٿا جو بقول انهن جي ”بوهري پنھنجي ڪم سان ڪم رکن ٿا. هو مڪاني ٻولي ۽ ڪلچر جي عزت ڪن ٿا ۽ سياست ۾ حصو نٿا وٺن.“ پاڻ وٽ ڪراچي توڙي حيدرآباد جي صدر واري علائقي ۾ رهندڙ وڏي عمر جا بوهري اڄ به سنڌي ڳالهائين ٿا. سندن اولاد سنڌي نه سکيو جو صدر حيدرآباد ۾ رهندڙ سنڌين ئي سنڌي ڳالهائڻ ڇڏي ڏني ته هنن جو ڪھڙو ڏوهه!
حاجي سجاد حسين ولد حاجي ڪرم عليءَ ٻڌايو ته ”بوهرا هميشه هڪ ٻئي جي ويجهو پنھنجي ڪميونٽي ٺاهي رهڻ پسند ڪن ٿا، جيئن ڏکئي وقت تي هڪ ٻئي جي ڪم اچي سگهن.“ ملائيشيا جي شھرن: پينانگ ۽ ڪوالالمپور کان علاوه هي ڪيداح، سيلنغور، پھانگ ۽ نگري سيمبيلان ۾ پڻ رهن ٿا. هونءَ سڄي دنيا ۾ اٽڪل ڏهه لک کن بوهري آهن، جن جو وڏو تعداد بمبئي ۾ آهي. ڪوالالمپور جي هڪ سنڌي هندو واپاريءَ ملائيشيا ۾ رهندڙ بوهرا ڪميونٽيءَ لاءِ ٻڌايو ته هو بيحد امن پسند ماڻهو آهن ۽ قانون جي ڀڃڪڙي نٿا ڪن. پنھنجي ڌنڌي ۽ عبادت ۾ مشغول رهن ٿا.
حاجي سجاد ٻڌايو ته ملائيشيا ۾ رهندڙ بوهرين هڪ فنڊ قائم ڪيو آهي، جنھن جو وڏو حصو سندن روحاني پيشوا سيدنا محمد برهان الدين صاحب ڏنو آهي. اهو فنڊ سندن ڪميونٽي جي ماڻهن جي ڀلي لاءِ آهي، جيئن هو بئنڪ تان يا ٻئي هنڌان وياج تي پئسا وٺڻ بدران هن فنڊ مان بنا وياج جي اڌار وٺي، پنھنجي ڌنڌي جو واڌارو ڪري سگهن. ان کان علاوه هو هن فنڊ مان هر سال عيد ميلاد النبي ۽ عاشوري جو ڏينھن (ڏهين محرم) وڏي پئماني تي ملهائين ٿا. هو پنھنجي مذهبي رهنما کي داءِ المطلق Dai-e-Mutlaq سڏي رهيو هو، جيڪو لڳي ٿو عربي جو لفظ هجي يا شايد ملئي زبان جو _ جنھن جو مطلب ”عاليجناب“ يا ڪجهه ان قسم جو هجي.
”ڪجهه ماڻهن کي اسان جي مذهب بابت ڪجهه غلط فھميون آهن.“ بوهرا جماعت جي سيڪريٽريءَ ٻڌايو. ”پر اسان ٻين مسلمانن وانگر مسلمان ئي آهيون ۽ اسان جو شيعا اسماعيليه طيبي فرقي سان واسطو آهي. اسان حضور صلّي الله عليه وسلّم جن کي الله جو آخري رسول مڃيون ٿا. ڪيترا ماڻهو سمجهن ٿا ته اسان حضرت علي رضه کي پيغمبر مڃيون ٿا. اهو غلط آهي. اسان توحيد ۾ يقين رکون ٿا ۽ اسان فقط اهو چئون ٿا ته نبي ڪريم صه جن جي وفات کانپوءِ خلافت تي حق حضرت عليءَ جو هو. باقي اسان قرآن توڙي حديث تي ٻين مسلمانن وانگر يقين رکون ٿا. پنج وقت نماز پڙهون ٿا. زڪوات ڏيون ٿا. رمضان ۾ روزا رکون ٿا ۽ حج لاءِ مڪي شريف وڃون ٿا.“
هن ٻڌايو ته بوهري حضرت علي رضه جي اولاد کي فاطمي امام سڏين ٿا. حضرت علي رضه ۽ سندس ٻن فرزندن حضرت امام حسن ۽ امام حسين کان وٺي امام زين العابدين تائين امامن جو سلسلو هلي ٿو. ايران جي شيعا اعتقاد موجب اهو سلسلو ٻارهن امامن تائين هلي ٿو، پر بوهرين مطابق ان سلسلي جو ايڪيھون امام طيب بن عامر آهي، جيڪو سن 1132 عيسويءَ ۾ امام ٿيو. هن امام ان وقت جي ظلمن ۽ ڏاڍاين ڪري اڪيلائي اختيارڪئي ۽ هن پنھنجي جاءِ تي جاءِ نشين (هڪ قسم جي Vice Regent ) مقرر ڪيو _ جيڪو بوهرين جي زبان ۾ Dai-e-Mutlaq سڏجي ٿو. هن ايڪيھين امام پنھنجي جيئري ئي سيدنا زوئب بن موسيٰ کي دائي المطلق مقرر ڪيو جيڪو 1138 کان 1151 تائين رهيو.
اڄ جو موجوده دائي المطلق سيدنا محمد برهان الدين صاحب آهي جيڪو لڳاتار هلندڙ هن سلسلي جو ٻاونجاهون پيشوا آهي. ”هيءَ Dais Mission يمن ۾ شروع ٿي ۽ چوويھين دائي سيدنا يوسف نجم الدين اطھر دين بن سليمان جي ڏينھن ۾ _ يعني سن 1539ع ۾ بمبئي ۾ شفٽ ٿي ۽ اڄ تائين هن جي آفيس بمبئي ۾ آهي. ڪجهه سال اڳ 78 ورهه ڄمار جو سيدنا محمد برهان دين هتي ملائيشيا آيو هو ۽ ملائيشيا جي پھرين وزيراعظم تنڪو عبدالرحمان ۽ ڪيداح رياست جي سلطان ۽ ٻين سان مليو.“ حاجي سجاد ٻڌايو.

آسٽريليا جو ”وول گولگا“(Woolgoolga) ۽ ”سِک“

هن کان اڳ هڪ مضمون ۾ لکي چڪو آهيان ته اسان جو جھاز جڏهن پھريون دفعو ملائيشيا جي بندرگاهه پينانگ ۾ چڱا ڏينھن ترسي پيو ته اسان کي بندرگاهه واري حصي کان علاوه شھر جا ڏورانھا حصا ۽ ٻھراڙي وارا علائقا پڻ ڏسڻ جو موقعو ملي ويو ۽ اهو معلوم ڪري تعجب ٿيو (۽ خوشي پڻ) ته هن ڏورانھين ديس ۾ نه فقط هتي جا اصلي باشندا ملئي ۽ چيني رهن ٿا، پر اسان جي ننڍي کنڊ جون ڪيتريون ئي قومون پڻ رهن ٿيون _ بنگالي، مدراسي، تامل، ملباري، سک، گجراتي، سنڌي هندو وغيره. پٺاڻن جا ته سڄا سڄا ڳوٺ آهن ۽ ملائيشيا جو شايد ئي ڪو ڳوٺ هجي جتي ڪو پنجابي مسلمان پنھنجن ٻارن ٻچن ۽ ڏوهٽن پوٽن سان نه رهندو هجي. پينانگ علائقي جي ئي هڪ ڳوٺ ڪمپونگ ڊوڊول جو ذڪر ڪيو هوم، جيڪو بوهرا ڪميونٽيءَ کان مشھور آهي، جن جا ڏاڏا پڙ ڏاڏا گذريل صديءَ جي پھرين اڌ ۾ انڊيا جي صوبي گجرات کان ملايا (تن ڏينھن ۾ مغربي ملائيشيا جو نالو ملايا هو) آيا هئا. سک به ملائيشيا جي ڪيترن ئي وڏن شھرن ۾ آهن جتي هو ٽڪاڻو (گوردوارو) ٺاهي ڪميونٽيءَ جي صورت ۾ رهن ٿا. ڪوالالمپور جھڙن شھرن ۾ ته هنن جا ڌرمي اسڪول به آهن جن ۾ اڄ جي نئين ٽھي پنجابي زبان ۽ سک ڌرم بابت سبق حاصل ڪن ٿا. گرمکي (پنجابي) ۾ هڪ اخبار به نڪري ٿي.
ملائيشيا ته وري به انڊيا کي ويجهو آهي ۽ اوسي پاسي جي ملڪن: سنگاپور، ٿائلينڊ، انڊونيشيا، برما وغيره جو ماحول ۽ ڪلچر ننڍي کنڊ جي ملڪن سان گهڻو ملي ٿو. هڪ ڏينھن ڪوالالمپور جي PIA آفيس ۾ ڪجهه سک ٽوئرسٽن سان ملاقات ٿي، جيڪي آسٽريليا کان آيا هئا ۽ هاڻ هو لاهور لاءِ ٽڪيٽون وٺي رهيا هئا جتي (خاص ڪري حسن ابدال ۾) هنن جون پاڪ جايون ۽ عبادت گهر آهن، جتي هر سال دنيا جا سک اچيو گڏ ٿين ٿا.
آسٽريليا ڪو ويجهو ملڪ ناهي. پاڪستان، ايران،برما، افغانستان ويندي ملائيشيا ۽ چين ۽ ٻئي پاسي يورپ جا ملڪ زمين رستي هڪ ٻئي سان ڳنڍيا پيا آهن ۽ ماڻهو قسطن ۾ ئي سھي، هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ ڪار، بس، ريل ذريعي پھچيو وڃن _ يا اڳئين زماني ۾ گهوڙن، گڏهن خچرن تي يا پيرين پنڌ پھچي ويا ٿي.
يا وري ننڍين ٻيڙين ذريعي ڪنارو ڪنارو ڏيئي، ڪراچي کان ڪولمبو يا عدن ۽ ايراني نار کان ٽانگانيڪا (تنزانيا) پھچي ويا ٿي. رستي تي موسم يا سمنڊ جي گهڻي گڙٻڙ ٿيڻ تي ڀر واري ملڪ ۾ ترسي پيا ٿي. پر آسٽريليا جو سڄو کنڊ ٻيٽ مثل آهي ۽ انڊيا پاڪستان يا ملائيشيا سنگاپور کان اتي پھچڻ لاءِ هزارين ميل کليل (Open) سمنڊ آهي _ يعني ڪنارو ڏيئي هلڻ (Coasting) جي ڪا گنجائش نه آهي. اتي پڻ اسان جي ننڍي کنڊ (برِ صغير) جا ڪيترائي ماڻهو آباد آهن ۽ نه فقط آباد آهن پر تمام سکيا ستابا آهن. هنن کي ڪو اتي پھچڻ سان تريءَ تي بھشت نه مليو، پر هنن پنھنجي لاءِ بھشت ٺاهڻ لاءِ خوب محنت ڪئي. هٿ پير هنيا. آسٽريليا جي موسم ۽ ڌرتي ڪا بحرِ روم (ڀؤنچ سمنڊ) جي ملڪن: اٽلي، فرانس، لبنان، اسپين، موراڪو جھڙي به خوبصورت نه آهي. آسٽريليا جو وڏو حصو واري ۽ بيابان آهي جبل ۽ رڻ پٽ آهي، اونهاري ۾ سخت لڪون ۽ لوساٽ آهي. سياري ۾ پاري جھڙي ٿڌ آهي ۽ نه وري انگلنڊ ۽ آمريڪا وانگر هڪيون تڪيون نوڪريون ۽ جاب رکيا هئا. جيئرو رهڻ لاءِ هنن کي جدوجھد ۽ جفاڪشي ڪرڻي پئي. آسٽريليا دنيا کان ڪٽيل ۽ ڏورانھون هجڻ ڪري ئي انگريزن پنھنجي ملڪ جي ڏوهارين لاءِ هن کي ”قيد خانو“ ٺاهيو جيئن ”نِڪو بار ۽ اَنڊامان“ ٻيٽن کي ننڍي کنڊ جي مجرمن لاءِ قيد خاني (ڪاري پاڻيءَ) جو درجو ڏنو. بھرحال اهي گذريل صدين جون ڳالهيون آهن. اڄ سزا لاءِ نه پر ساوڪ ۽ سڪون لاءِ دنيا جا ٽوئرسٽ نڪوبار پھچن ٿا ۽ نوجوان ڏوهن جي سزا ڀوڳڻ لاءِ نه پر اعليٰ تعليم ۽ تجارت لاءِ آسٽريليا وڃن ٿا.
”توهان آسٽريليا ۾ ڇا ٿا ڪريو؟“ ملائيشيا جي PIA آفيس ۾ ويٺل هنن سک نوجوانن کان مون سوال ڪيو.
”اسان سڀ هڪ شھر جا آهيون ۽ ڪيلي جي پوک (Plantantion) سان واسطو اٿئون“ هنن وراڻيو.
”۽ اهو شھر پڪ وول گُولگا هوندو.“ مون چيو ۽ هنن مان هڪ کلي چيو: ”لڳي ٿو توهان جو تعلق سفارتخاني سان آهي ۽ سڊني ۾ رهي چڪا آهيو.“
”سفارتڪارن جو تعلق فقط ٻن ٽن ملڪن سان هوندو آهي، پر منھنجو واسطو انهن مڙني ملڪن سان آهي جن کي سمنڊ جو پاڻي ڇُھي ٿو. آئون جھازي (Sailor) آهيان.“ مون ٻڌايومان.
آسٽريليا ۾ هن وقت 15 هزار کان به وڌيڪ سک رهن ٿا جن مان ٽي هزار کن سڊني بندرگاهه کان ٽيھه ميل کن جي فاصلي تي هڪ ڏاکڻي شھر وول گولگا (Woolgoolga) ۾ رهن ٿا. سمنڊ جي ڪناري وارو هي شھر ڪيلي جي پوک کان مشھور آهي. سڊني کان ”ايسٽ ڪوسٽ“ وارو هاءِ وي وٺي نڪرڻ سان ڪجهه ميلن بعد سيمينٽ جو هڪ تمام وڏو ڪيلو نظر اچي ٿو، جيڪو هن علائقي جي هن انڊسٽريءَ جي نشاندهي ڪري ٿو ۽ پوءِ ٿورو اڳيان وول گولگا شھر اچي ٿو، جنھن ۾ داخل ٿيڻ سان سفيد رنگ جو گوردوارو (سکن جو عبادت گهر) آهي جيڪو هن شھر ۾ موجود ٻن ٽڪاڻن مان هڪ آهي، هھڙن هنڌن تي ڪنھن مندر يا مسجد جي عمارت ٽوئرسٽن لاءِ حيرت جو سبب هوندي آهي ۽ توهان ان بابت پڇڻ بنا رهي نه سگهندائو.
سو آسٽريليا جي ڏکڻ اوڀر صوبي ”نيو سائوٿ ويلس“ جي هن شھر وول گولگا ۾ اڄ کان سٺ ستر سال اڳ هندوستان کان سِک آيا. هن علائقي ۾ شروع کان ڪيلي جي پوک ٿي ٿي. زمينن ۽ ڪيلي جي واپار تي آسٽريليا جي گورن جو قبضو هو. پر پوءِ هنن بھتر جاب ۽ نوڪريون ڪرڻ چاهيون ٿي. سک محنتي ۽ پئسي وارا هئا. هنن ان پوک ۽ ڌنڌي کي هلائڻ جي سگهه ساري ٿي ۽ آسٽريلوي گورن زمينون وڪڻڻ چاهيون ٿي. هن شھر جي تقريباً سڀني سکن جي ابن ڏاڏن جو تعلق هندستاني پنجاب جي جالنڌر ضلعي سان آهي (جتي جو ضياءُ صاحب پڻ هو). هو ٽولن جا ٽولا ٿي هتي پھتا.
زمينون خريد ڪري پاڻ ئي هاري ٿي ڪم ڪيائون. پوک ۾ ڪڏهن نقصان آهي ته ڪڏهن فائدو. هنن نقصان برداشت ڪيا ۽ ڪمايل نفعي کي ضايع ڪرڻ بدران وڌيڪ Investment ڪئي. اڄ هنن جو اولاد سکيو ستابو آهي. نوجوان ٽھيءَ اعليٰ تعليم حاصل ڪئي آهي ۽ اڄ ڪيترا سک هتي جا مشھور ڊاڪٽر، انجنير، پروفيسر آهن. آسٽريليا ۾ ڌارين ملڪن جي ماڻهن جي اچڻ ۽ مڪاني ماڻهن جي روزگار کي لت لڳڻ ڪري آسٽريليا جي حڪومت توڙي عوام ڌارين سان نفرت ڪري ٿو _ خاص ڪري ايشيا ۽ آفريڪا جي ماڻهن سان. پر اها حيرت جي ڳالهه آهي ته هنن کي سکن سان ڪا ڪاوڙ نه آهي بلڪه هنن کي همدردي جي نظرن سان ڏٺو وڃي ٿو، ڇو جو بقول آسٽريلوي سياستدانن جي سِکن مڪاني ماڻهن جي نوڪرين ۽ ڌنڌن تي ڌاڙا هڻڻ بدران پوک جھڙا ڪم ڪري نه رڳو هنن پنھنجي لاءِ روزگار پاڻ ڳوليو آهي، پر ٻين لاءِ نوڪريون ۽ ڌنڌا مھيا ڪيا آهن.
ڪيلي جي پوک مان وول گولگا جا سک اڄ ايڏو امير ٿي ويا آهن جو هو چاهين ٿا ته هاڻ اهو ڪم ڇڏيو وڃي، جو ان ۾ تمام گهڻي محنت ڪرڻي پوي ٿي. اڄ جي نئين ٽھي وائيٽ ڪالرڊ جاب چاهي ٿي. ”اسان هاڻ هي بزنيس ۽ زمينون وڪڻڻ چاهيون ٿا.“ ڪيلي جي هڪ سک واپاريءَ ٻڌايو ،جنھن جو ڪيلو سڊني جي بندرگاهه کان Refrigerated جھازن ذريعي ڏورانھن ڏيسن ڏي وڃي ٿو. ”پر ڪو وٺڻ لاءِ تيار ناهي.“
آسٽريليا جي ماڻهن جڏهن هي ڪم ڇڏيو ته کين اسين ملي وياسين پر هينئر ڪو اهڙو شوقين ۽ محنتي نظر نٿو اچي جيڪو اسان کان هي زمينون خريد ڪري. ان ڪري اسان هن پراڻي ڌنڌي ۽ پوک کي قائم رکندا اچون. ڪنھن کي ٻه پٽ آهن ته اهو انهن مان هڪ کي انجنيئر يا ڊاڪٽر بڻائي ٿو ته ٻئي کي زمينداريءَ ۾ لڳائي رکي ٿو _ آخر هيءَ ڪيلي جي ئي پوک آهي جنھن اسان کي ديس کان دور خوشحال رکيو آهي.“
آسٽريليا جي هن شھر وولگولگا (Woolgoolga) ۾ رهندڙ اڄ جي نئين ٽھيءَ هتي ئي جنم ورتو آهي، پر سک جتي به کڻي رهن پنھنجي زبان ۽ ڪلچر کي نٿا ڇڏين. هنن جي ٻن مندرن مان هڪ جيڪو 1968ع ۾ ٺھيو، ان ۾ اسڪول به آهي، جتي سکن جي ٻارن کي پنجابي زبان سيکاري وڃي ٿي. ان سان گڏ سک ڌرم جي تعليم پڻ ڏني وڃي ٿي. هينئر ٻڌو اٿم ته هنن انڊيا کان هڪ ميوزڪ جو پروفيسر (ڊاڪٽر راسپال سنگهه نالي) گهرايو آهي، جيئن سندن ٻار پنھنجي ديسي ميوزڪ ”طبلو ۽ ستار“ سکي سگهن.

هڪ عجيب مسافر جو سفرنامو

پنھنجي ڪنھن ڪتاب ۾ دنيا جي ٻن مشھور جهونن سياحن (گهمڻ ڦرڻ جي شوقينن _ جنھن کي انگريزيءَ ۾ Travellers کڻي چئجي) جو ذڪر ڪيو اٿم. هڪ ابن بطوطه جيڪو موراڪو جو هو ۽ پنھنجي اباڻي شھر تنج (مراقش) مان نڪتو هو ۽ ان وقت جي دنيا (آفريڪا، يورپ ۽ ايشيا) جو چڪر هڻي گهر موٽيو هو ۽ ٻيو مارڪو پولو جيڪو اٽلي (وينس) جو رهاڪو هو، چين ۽ هندستان تائين وڃي نڪتو. هيءَ تيرهين صديءِ جي ڳالهه آهي. ان وقت سڄي دنيا انهن ٽن کنڊن تائين ئي محدود هئي. آمريڪا ۽ آسٽريليا جھڙين ڏورانھين جاين جي ماڻهن کي اڃان خبر نه پئي هئي. مٿيان اهي همراهه ۽ ويندي الف ليلوي (Arabian Nights) قصن جو (شايد خيالي) ڪردار سنڌ باد اسان وٽ هند سنڌ ۾ تمام مشھور آهي. انهن سان گڏ هڪ ٻيو سياح ”فاهيان“ نالي پڻ رلڻ پنڻ کان مشھور آهي _ جيڪو اسان وٽ کڻي ايترو ڄاتل سڃاتل نه آهي پر هو پنھنجي اباڻي وطن چين ۾ تمام گهڻو مشھور آهي ۽ ابن بطوطه ۽ مارڪو پولو کان به گهڻو گهڻو اڳ هن پنجين صدي عيسويءَ ۾ چين ڇڏيو ۽ هندستان ۽ اڄ جي پاڪستان کان اچي نڪتو هو.
فاهيان چين جي صوبي شانسي ۾ پيدا ٿيو. هن جو اصل نالو ”سي هي“ هو پر پنھنجي مذهب سان لڳاءُ هجڻ ڪري هو چين ۾ فاهيانگ ۽ اسان جي ننڍي کنڊ ۾ فاهيان نالي سان مشھور آهي. فاهيان جو واسطو ٻڌ ڌرم سان هو ۽ هن جي ڄمڻ وقت چين ۾ ٻڌ ڌرم کي آئي ٽي س‍ؤ سال ٿي چڪا هئا. ان عرصي اندر ان جي پوئلڳن جو تعداد وڌي ويو هو ۽ فاهيان جي زماني ۾ ان کي ايتري ته شاهي سرپرستي حاصل ٿي جو ان جو مثال پوءِ جي دور ۾ ملڻ مشڪل آهي.
ٻڌ ڌرم کي چين ۾ آئي جيتوڻيڪ ٽي سؤ سال ٿي چڪا هئا پر چين جا رهاڪو ان جي ڪيترين ڳالهين کان اڻ ڄاڻ هئا. ان جو وڏو سبب اهو هو ته ٻڌ ڌر م جا سڀ ڪتاب سنسڪرت زبان ۾ هئا، جيڪي فقط هندوستان ۾ ئي مليا ٿي. ان ڪري چين جي ماڻهن فقط ٻڌل سڻيل ڳالهين تي ئي يقين رکيو ٿي. ان مان مذهب بابت عجيب و غريب خيال پيد اٿيڻ لڳا هئا. ان ريت چين ۾ ٻڌ ڌرم ۾ هڪ خيالي ڳالهين جو ڍير ٿي رهيو هو. هي هئا اهي حالات جن جي ڪري هن چيني سياح (گهمڻ ڦرڻ جي شوقين) فاهيان هندوستان جي سفر جو ارادو ڪيو جيئن هندوستان مان سنسڪرت جا ڪتاب حاصل ڪري پنھنجي ملڪ جي ماڻهن کي ٻڌ ڌرم بابت صحيح ڄاڻ مھيا ڪري. پر ان زماني ۾ يعني پنجين صديءَ ۾، چين کان هندوستان پھچڻ ڪو سولو ڪم نه هو. چين ۽ هندوستان هونءَ ته نقشي تي، هڪ ٻئي جا پاڙيسري هجڻ ڪري مليا پيا آهن پر وچ ۾ هماليه جبلن جو هڪ ڊگهو سلسلو وڏي رنڊڪ آهي. انهن ڏينھن ۾ نه هوائي جھاز ۽ هيليڪاپٽر هئا ۽ نه پاڻي ءَ جا وڏا ٻيڙا ۽ سامونڊي رستن جو علم. هونءَ به سمنڊ ذريعي چين هندوستان جو پاڙيسري نه پر هڪ ڏورانھون ملڪ آهي جو رستي تي ويٽنام، ڪمبوڊيا، سيام، ملايا ۽ برما جھڙا ڪئين ملڪ لتاڙڻا پيا ٿي. انهن ڏينھن ۾ چين کان هندستان فقط خشڪيءَ رستي لنگهه هو _ پر نه رستا هئا ۽ نه سفر جون سھولتون. جبل لتاڙڻا پيا ٿي. اڃون ۽ بکون ڪاٽڻيون پيون ٿي. جانورن ۽ ڦورن جي حملن کان پاڻ بچائڻو پيو ٿي. جيڪو ماڻهو سفر لاءِ گهر ڇڏيندو هو، ان کي پڪ نه هوندي هئي ته ڪو وري موٽندو. هميشه لاءِ موڪلائي گهران نڪرندو هو.

گوبي رڻ پٽ بعد پامير ۽ هندوڪش جبل
فاهيان جي سفر ۾ به هي سڀ رنڊڪون موجود هيون. سڀ کان وڏي مصيبت صحراءِ گوبي هو جنھن کي پار ڪرڻ بنا، هندوستان پھچڻ، نا ممڪن هو. هي وارياسو رڻ پٽ ڏکڻ مانچوريا کان سنڪيانگ تائين پکڙيل آهي، جنھن جي ايراضي پنج لک چورس ڪلوميٽر آهي. هي سنسان رڻ پٽ فاهيان جي زماني ۾ اڃان به گهڻو ويران هو. هاڻ ته خير چڱيون خاصيون تبديليون اچي چڪيون آهن. چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ هڪ تمام وڏو رستو ؛(شاهراهه قراقرم) به ٺھي چڪو آهي ۽ هاڻ هن گوبيءَ جي ريگستان ۾ ڪيترائي شھر آباد ٿي چڪا آهن، پر فاهيان جي ڏينھن ۾ سوين ڪلوميٽرن کان پوءِ ڪا آبادي ملي ٿي جتي مسافر تازو توانو ٿي سگهي، نه ته هر طرف واري ئي واري هئي يا ڪٿي ڪٿي جبلن جون قطارون. اتر قطب جون ٿڌيون هوائون لڳيون ٿي ته پاڻي به ڄمي برف ٿي پيو ٿي. فاهيان جي سفرنامي جو انگريزي زبان ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. هُن هِن ريگستان (گوبي) جو ذڪر ڪيو آهي ۽ لکيو آهي ته ”هن رڻ پٽ ۾ هر قسم جا خراب روح ملن ٿا. تمام تکيون هوائون لڳن ٿيون. انهن هوائن جو مقابلو ڪرڻ ڪا اهڙي تھڙي ڳالهه نه آهي. گهڻو ڪري مسافر مريو وڃن. فضا ۾ ڪو به پکي پکڻ اڏامندو نظر نٿو اچي ۽ نه زمين تي ڪو جيت يا ڪيئنون ڏسڻ ۾ اچي ٿو. جيستائين نگاهه وڃي ٿي ته ويراني ۽ ويراني ئي نظر اچي ٿي. رستو ڳولڻ ڪو سولو ڪم ناهي. ها انساني جسم جون هڏيون ضرور نظر اچن ٿيون جن مان خبر پوي ٿي ته هتان ضرور ماڻهو لنگهيا هوندا.“
فاهيان 399 ۾ سفر تي نڪتو. ان وقت چين تي شھنشاهه يوهسنگ جي حڪومت هئي. فاهيان مختلف شھرن مان ٿيندو گوبيءَ جي رڻ پٽ ۾ داخل ٿيو، پوءِ رستي جا ڏاکڙا سھندو سوين ڪلوميٽرن جو سفر طيءَ ڪرڻ بعد ختن نالي شھر ۾ پھتو. هن کي هي شھر بيابان ۾ خيابان لڳو. هي شھر درياءَ ختن جي ڪناري تي آباد آهي جيڪو درياءَ ڀر واري هڪ جبل تان شروع ٿئي ٿو ۽ ختن واري علائقي کي سيراب ڪرڻ بعد اڳيان وارياسي رڻ پٽ ۾ جذب ٿيو وڃي. هي شھر ان زماني ۾ واپار جي شاهراهه تي هڪ تمام مشھور شھر هو. چين کان مغرب جي ملڪن ڏي ويندڙ تجارتي قافلا هتي ترسي ڪجهه ڏينھن ساهه پٽيندا هئا. ان بعد پنھنجي پنھنجي منزل ڏي روانا ٿي ويندا هئا.
فاهيان هتي ڪجهه ڏينھن آرام ڪرڻ کانپوءِ ضروري سامان گڏ ڪيو ۽ اڳتي وڌيو ته وري ساڳي ريتي ۽ ساڳيا رڻ پٽ هئا. ختن کان پوءِ هو ٻين ٻن مشھور شھرن يارقند ۽ ڪاشغر ۾ به ترسيو. ان بعد وري اڳتي جو سفر جاري رکيو. آخر صحرا (رڻ پٽ) ختم ٿيو. پر ريگستان جي ختم ٿيڻ سان ئي جبلن جو سلسلو شروع ٿي ويو. رڻ پٽ جي سفر وانگر جابلو سفر به ڏکيو هو. جيڏانھن ڪيڏانھن آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ جبل هئا جن جون چوٽيون برف سان ڍڪيل هيون. ريگستان وانگر هتي رستو گم نٿي ٿي ويو پر هتي جي رستن تي هلڻ سولو ڪم نه هو. سنها پيچڙا جبل جي چوڌاري وڪڙ کائيندا مٿي هليا ويا ٿي جتي ٻئي جبل سان وڃي لڳا ٿي ۽ هي اهڙا سوڙها هئا جو انهن تان هڪ ئي وقت ٻه ٽي ماڻهو گڏ گڏ هلي نٿي سگهيا. جبلن جي چوڌاري ۽ هيٺ مٿي هلڻ ڪري هڪ ڪلوميٽر جي فاصلي لاءِ اٺ ڏهه کن ڪلوميٽر پنڌ ڪرڻو پيو ٿي. هي مشھور پامير جبلن جون قطارون هيون، جن جي هر قدم تي ڪو نه ڪو مشڪل پيش آيو ٿي. ڪٿي ڪو وڏو جبل ڀت وانگر آڏ ٿي بيٺو ٿي ته ڪٿي رات جي وسيل برف رستو روڪي ٿي ڇڏيو.
فاهيان سامهون ايندڙ ڏکين حالتن کي منھن ڏيندو اڳتي وڌندو رهيو. پامير بعد هن کي هندوڪش جبلن جون قطارون پار ڪرڻيون پيون. آخر ٽن سالن جي لڳاتار سفر بعد هو ان علائقي ۾ داخل ٿيو جنھن کي اڄ ڪلهه اسين پاڪستان سڏيون ٿا. فاهيان هن علائقي جو چڱيءَ طرح سير ڪيو. اڄ ڪلهه جو صوبو سرحد ۽ سوات اشوڪ جي زماني کان ٻڌ ڌرم جو مرڪز هو. سوات کي انهن ڏينھن ۾ ”روديانا“ چوندا هئا. هي علائقو اشوڪ کانپوءِ موريا خاندان جي هٿ هيٺ آيو. ڪشان خاندان وچ ايشيا کان آيو هو. صوبي سرحد ۽ سوات ۾ ٻڌ ڌرم جي مندرن جو تعداد تمام گهڻو هو ڇو جو هي مذهب هندوستان جي ٻين علائقن جي مقابلي ۾ هتي تمام گهڻو قبول ڪيو ويو ٿي ۽ ان قبوليت جو جائزو انهن ڪروڙين سچين ڪھاڻين مان مليو ٿي جيڪي مھاتما گوتم ٻڌ جي باري ۾ هتي مشھور هيون.
چوٿين صدي جي صوبي سرحد ۽ سوات جي علائقن جي ماڻهن جو يقين هو ته مھاتما گوتم ٻڌ هن علائقي ۾ به آيو هو. ماڻهن جي زبان تي اها ڳالهه عام هئي ته نانگ راجا هڪ عرصي تائين درياهه سوات ۾ هر سال ٻوڏون موڪليندو هو، جنھن جي ڪري هن جي ڪناري تي آباد ڳوٺ تباهه ٿي ويندا هئا ۽ غريبن کي هر سال نئين سنئينءَ پنھنجا گهر ٺاهڻا پيا ٿي. جڏهن هنن ماڻهن جي مصيبتن جو هي حال مھاتما ٻڌ کي معلوم ٿيو ته هو سوات آيو ۽ هن سوات نديءَ جي نانگ راجا کي ان ڳالهه تي راضي ڪري ورتو ته هو هر سال درياهه ۾ ٻوڏ نه موڪليندو پر ٻارهن ٻارهن سالن بعد موڪليندو. پوءِ ان معاهدي بعد سوات ندي ۾ هر سال ٻوڏ اچڻ جو سلسلو بند ٿي ويو.

ڪنال جون اکيون ڪڍيون ويون
هڪ ٻي ڪھاڻيءَ مطابق مهاتما ٻڌ پشڪل وتي (هاڻوڪي چارسده شھر ) کي ماتا جي وبا کان ڇوٽڪارو ڏياريو، جيڪا هر سال هتي آئي ٿي ۽ سوين ماڻهو مري ويا ٿي.
اتي اها ڳالهه مشھور هئي ته مھاتما ٻڌ هڪ اهڙي هنڌ آيو جتي هڪ شينھڻ جا ٻچا بک ۾ پاهه ٿي رهي هئا. هنن جي ماءُ هنن لاءِ کاڌي جي ڳولا ۾ نڪتي هئي، پر ٽي چار ڏينھن گذرڻ بعد به واپس نه آئي. شايد ڪنھن شڪاريءَ ان کي ماري ڇڏيو هو. هن جي ٻچن جو بک ۾ ساهه ٿي نڪتو ته مھاتما ٻڌ اتي پھچي ويو. هن پنھنجو رت شينھڻ جي ٻچن کي پياري هنن جي جان بچائي. ان جاءِ تي بعد ۾ هڪ اسٽوپا ٺاهيو ويو. چيو وڃي ٿو ته راولپنڊي کان ڪجهه پري مانڪياليه ۾ جيڪو اسٽوپا ”توپ مانڪياليه“ جي نالي سان مشھور آهي، ان واقعي جي يادگار طور ٺاهيو ويو هو.
هيءَ هئي مھاتما ٻڌ جي ڪھاڻين جي اها سر زمين جتي فاهيان ٽن سالن جي سفر بعد پھتو هو. هن علائقي کي ان زماني ۾ گنڌارا سڏيو ويو ٿي. ان ۾ اڄ جو صوبو سرحد، افغانستان ۽ پنجاب جو ڪجهه حصو اچي ويو ٿي. هن علائقي جي راڄڌاڻي پشاور ۾ هئي ۽ هتي جو مذهب ”ٻڌمت“ هو _ ان ڪري هن سر زمين جو انچ انچ فاهيان لاءِ متبرڪ هو. هو پشاور ۾ چڱو وقت ترسيو. پشاور کي ان زماني ۾ پرشاپور چوندا هئا. هتي فاهيان ست سؤ ٻڌ مندر ۽ خانقاھه ڏٺا. انهن خانقاهن ۾ ٻوڌي بکشو (ٻاوا) رهيا ٿي.
هي چيني مسافر فاهيان ”پشڪل وتي“ (چارسده) به ويو. هتي هن هڪ اهڙي مندر جي به زيارت ڪئي جنھن جي ڪلنگيءَ ۾ سون جا پترا لڳل هئا. پشڪل وتي کانپوءِ هو مختلف شھرن مان ٿيندو ٽئڪسلا پھتو. هن شھر کي ان زماني ۾مڪشلا سڏيندا هئا جيڪو تمام وڏو شھر هو. هتي جا گهر پٿرن کي ٽُڪي ٺاهيا ويا هئا. هتي هڪ تمام وڏو درسگاهه پڻ هو جتي سڄي ننڍي کنڊ جي شاگردن علم پرايو ٿي.
مشڪلا ڇھين صدي قبل از مسيح (ق. م) ۾ آباد ٿيو هو. فاهيان جي اچڻ تائين هي شھر ڪئين دور ڏسي چڪو هو. هن تي ڪيترين ئي قومن حڪومت ڪئي. اٽڪل ٽيھه سال کن ٽئڪسلا آزاد به رهيو پر وڏو عرصو هن جي قسمت ۾ غلامي ئي رهي. هي شھر هڪ هزار سالن تائين وڌندو ويجهندو رهيو. جڏهن فاهيان هتي آيو، ته ان وقت هي تمام گهڻو آبا ۽ خوشحال شھر هو. بعد ۾ هُنَ قوم جي هٿان اهڙو تباهه ٿيو جو وري آباد ٿي نه سگهيو.
فاهيان هتي ٻه سال رهيو. هتي هن اشوڪ جي پٽ ڪنال جي ڪھاڻي به ٻڌي جيڪا بيحد دلچسپ آهي. توهان به ٻڌو:
هندوستان جي راجا اشوڪ پيريءَ ۾ هڪ ننڍي نيٽي ڇوڪريءَ سان کڻي شادي ڪئي. ان وقت اشوڪ جو پٽ ڪنال ڦوهه جوانيءَ ۾ هو. ڪنال جي سونھن جي هاڪ ڏيھان ڏيھه هئي. چون ٿا ته هن جون اکيون بيحد سھڻيون ۽ پُرڪشش هيون.
اشوڪ جي هن جوان راڻيءَ جي ڪنال تي دل اچي وئي ۽ هوءَ هن کي پنھنجو ڪرڻ جي واهه ڳولڻ لڳي پر ڪنال هن کي پنھنجي ماءُ سمجهيو ٿي. هو هن کان بچڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. آخر هڪ ڏينھن موقعو ملڻ تي راڻيءَ ڪنال سان پنھنجي پيار جو اظھار ڪيو ۽ دل جي ڳالهه ٻڌائي، پر ڪنال پنھنجي ماٽيلي ماءُ ڏي ڪنھن به قسم جو ڌيان نه ڏنو.
ماٽيلي ماءُ پنھنجي من جي مراد پوري نه ٿيڻ کي پنھنجي بي عزتي سمجهي ۽ ڪنال کان بدلو وٺڻ جو پھه ڪيو. ان سلسلي ۾ پھرين ته هن اشوڪ کي ريجهائي ريجهائي ڪنال کي ٽئڪسلا جو گورنر مقرر ڪرائي هن کي پنھنجي اکين کان پري رکيو ۽ پوءِ هڪ ڏينھن اشوڪ جي مھر (ٺپو) چورائي هڪ اهڙو حڪم نامو تيار ڪرايو جنھن ۾ ڪنال کي گورنري تان هٽرائي هڪ ٻئي عام ماڻهوءَ کي گورنر مقرر ڪرايو ۽ نئين گورنر کي اهو حڪم به ڏنو ته هو يڪدم ڪنال جون اکيون ڪڍي ڇڏي. هي حڪم نامون جنھن ماڻهوءَ هٿان موڪليو ويو هو ان کي ئي ڪنال جي جاءِ تي گورنر مقرر ڪيو ويو هو.
هي حڪم جڏهن ڪنال وٽ پھتو ته هن يڪدم نئين گورنر لاءِ جاءِ خالي ڪئي ۽ ان سان گڏ پنھنجو پاڻ کي سزا لاءِ به پيش ڪيو. پر جڏهن ڪنال جي درٻارين کي هن ڳالهه جي خبر پيئي ته هنن کي دال ۾ ڪالا نظر آيو ۽ هنن ڪنال کي صلاح ڏني ته هو پنھنجو پاڻ کي اکيون ڪڍرائڻ لاءِ پيش نه ڪري پر ڪنال هڪ چئيوان ۽ نيڪ پٽ جي حيثيت ۾ پنھنجي پيءُ جي حڪم جي نافرماني ڪرڻ نٿي چاهي.
نئين گورنر ڪنال جون اکيون ڪڍي ورتيون. ان کانپوءِ ڪنال ٽئڪسلا کان ”پاٽلي پتر“ راوانو ٿيو جنھن کي اڄ ڪلهه پٽنا سڏين ٿا ۽ انڊيا جي صوبي بهار جي گاديءَ جو هنڌ آهي. ڪنال ٽئڪسلا کان پاٽلي پتر پيرين پنڌ ويو. هو جڏهن اشوڪ سان مليو ته پيءُ هن جي حالت ڏسي حيران ٿي ويو. جڏهن هن سربستو احوال ٻڌو ته راڻيءَ کان پڇيو ته تو ڪنالسان اهڙو سلوڪ ڇو ڪيو. راڻيءَ سڄي ڳالهه کولي ٻڌائي اشوڪ کي راڻِيءَ تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي ۽ هن ان ئي وقت راڻيءَ کي مارائي ڇڏيو.
پاٽلي پتر ۾ ڪجهه وقت ترسڻ بعد ڪنال بِھار جي هڪ شھر “گيا” ۾ بڙ جي ان وڻ جي زيارت لاءِ ويو، جنھن جي هيٺان مھاتما گوتم ٻڌ ويھي عبادت ڪئي هئي. اتي هڪ بکشوءَ جي دعا سان ڪنال جون اکيون صحيح ٿي ويون.
فاهيان اها ڪھاڻي پنھنجي سفرنامي ۾ لکي آهي. اهڙي طرح هيءَ ڪھاڻي هتان کان چين پھتي ۽ ٻڌ مت جي ڪھاڻين ۾ شامل ٿي وئي.

ٻڌ بکشو لاءِ ڪشتو اهم شيءَ آهي
سوات، پشاور ۽ ٽئسڪلا کان علاوه چيني سياح فاهيان ٻيون به ڪيتريون ئي جايون ڏٺيون. هو هڪ هڪ ڳوٺ گهميو ۽ ڪيترن ئي ڌرمي جڳھين جو سير ڪيو. جبلن جي انهن غارن ۾ ويو جن لاءِ مشھور هو ته هتي مھاتما ٻڌ يا ٻڌ مت جي ڪنھن وڏي بکشوءَ پوڄاپاٺ ڪئي هئي. هتي اهو ٻڌائڻ ضروري لڳي ٿو ته مھاتما ٻڌ هن علائقي ۾ پنھنجو پاڻ نه آيو پر هن جي پوئلڳن جو اهو يقين هو ته مھاتما ٻڌ هن علائقي ۾ پنھنجي ڌرم جي پرچار ڪرڻ لاءِ ضرور آيو هو. ان ڪري هن سان واسطو رکندڙ ڪيتريون ئي ڳالهيون مشھور ٿيون. ٻڌ ڌرم جي ٻاون (بکشوئن) جي زندگيءَ جو ساٿي هميشه پنڻ وارو ڪشتو رهيو آهي. ٻڌ بکشو ان کي هٿ ۾ جهلي گهٽي گهٽي، ڳوٺ ڳوٺ گهمندا آهن. جيڪڏهن ڪو کين کائڻ لاءِ ڪجهه ڏيندو آهي ته هو ان ڪشتي ۾ وٺندا آهن. ان کي ”بک جو پيالو“ پڻ سڏيو وڃي ٿو. هڪ ڪھاڻيءَ مطابق مھاتما ٻڌ چئن ڪشتن کي ملائي هڪ ٺاهيو هو. فاهيان هڪ خانقاه ۾ هي ڪشتو پڻ ڏٺو ۽ هن جي ڪرامت اها بيان ڪئي ته جيڪڏهن ڪو غريب ان ڪشتي ۾ چند گل به وجهندو ته اهو ڀرجي ويندو. پر جي ڪڏهن ڪو امير ماڻهو هن ۾ کڻي ڪيترو به سامان وجهي ته به نه ڀربو.
ٻڌ ڌرم ۾ ڪشتي (پنڻ جي پيالي) جو ڪيڏو خيال ڪيو وڃي ٿو. ان جو اندازو هن واقعي مان پئجي سگهي ٿو جيڪو مھاتما ٻڌ، ان جي زال ۽ پٽ جي باري ۾آهي.
ڳالهه ٿا ڪن ته مھاتا ٻڌ پنھنجي ڌرم جي پرچار ڪندي ڪندي ”ڪپل وستو“ پھچي ويو. هن جو پيءُ اڃان جيئرو هو. هو پنھنجي پيءُ سان مليو. مائٽ مٽ ۽ هن جا دوست هن جي اچڻ جي خبر ٻڌي، هن سان ملڻ آيا پر هن جي زال هن سان ملڻ نه آئي. نيٺ هو خود هن سان ملڻ ويو. زال پنھنجي پٽ کي سڏرايو ۽ مھاتما ٻڌ ڏي اشارو ڪندي چيو: ”هي تنھنجو پيءُ آهي. هن کان پنھنجو حق گهر.“
پٽ پنھنجي پيءُ کان حق گهريو. مھاتما ٻڌ خاموش رهيو. پٽ هن کان وري پنھنجو حق گهريو. گوتم ٻڌ اڃان به ماٺ ۾ هو. پٽ جڏهن ٽيون دفعو پنھنجو حَق گهريو ته هو هن کي پاڻ سان گڏ ديري تي وٺي آيو ۽ هڪ بکشو مريد کي چيو: ”هي منھنجو پٽ آهي. مون کان پنھنجو حق ٿو گهري. هڪ ڪشتو هن کي به هٿن ۾ ڏئي ڇڏيو.“ بکشوءَ انهيءَ وقت مھاتما جي حڪم تي عمل ڪيو. ان جو مطلب اهو هو ته تون به هاڻ اسان مان آهين. اسان وانگر شھر شھر، ڳوٺ ڳوٺ، گهٽي گهٽي گهم ۽ ٻُڌ مت جي تبليغ ڪر ۽ پِن ۾ جيڪو ملي ان سان پيٽ ڀر.

چيني سياح سرحد ۽ پنجاب بعد بنگال پھتو
چئن ڪشتن مان ٺھيل هڪ ڪشتي جي زيارت کانپوءِ فاهيان هيرو نالي هڪ هنڌ تي هڪ مندر ۾ هڏيءَ جي زيارت ڪئي. هڏيءَ جي مٿان چڙهيل سوني ورق تي ستن قسمن جون مورتيون هيون. علائقي جي راجا ان هڏيءَ جي حفاظت لاءِ خاص بندوبست ڪيو هو. ان مقصد لاءِ هن ان علائقي جي اٺن وڏن خاندانن مان هڪ هڪ نمائندي کي چونڊي هر هڪ کي هڪ مھر ڏني هئي. شام جو جڏهن مندر کي بند ڪيو ويو ٿي ته درواز ي تي تالو هڻي ان تي اٺئي مھرون لڳايون ويون ٿي ۽ صبح جو مندر جو دروازو کولڻ وقت هي اٺئي ماڻهو آيا ٿي ۽ پنھنجي پنھنجي مھر ڏٺي ٿي ته رات اندر ڪنھن ڊاٺي ته نه آهي ۽ پوءِ مندر ۾ وڃي ان متبرڪ هڏيءَ کي ڏٺو ٿي ته اها موجود ۽ سلامت آهي يا نه ۽ ان جو اطلاع راجا سلامت کي ڪيو ٿي.
هن چيني سياح فاهيان، پنھنجي سفر ۾ ڏٺل مھاتما ٻڌ جي هڪ چيني چوغي جو به ذڪر ڪيو آهي. هي چوغو هڪ مندر ۾ رکيل هو جيڪو هڪ اهڙي شھر ۾ هو جتي فاهيان کي اڄ جي پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ بعد چار ڏينھن پنڌ هلڻو پيو. شھر جو نالو هن نه لکيو آهي.چوغي بابت هن لکيو آهي ته جيڪڏهن وڏي عرصي تائين مينھن نه وسي ۽ ڏڪار جو ڊپ ٿي پوي ته اهڙي حالت ۾ هن چوغي کي ٻاهر کلئي ميدان تي رکڻ سان وڏ ڦڙو مينھن وسڻ شروع ٿي وڃي ۽ ڏڪار جو ڊپ لھيو وڃي.
سرحد واري علائقي ۾ پاڪ جاين جي زيارت ڪرڻ ۽ ٻوڌين جي حالت کي پنھنجين اکين سان ڏسڻ کانپوءِ، فاهيان اڄ واري پنجاب مان ٿيندو وچ هندوستان ۾ پھتو. پر هن کي اهو ڏسي تعجب لڳو ته وچ هندستان ۾ جتان مهاتما گوتم ٻڌ پنھنجي ڌرم جي تبليغ شروع ڪئي، ٻڌن جي حالت اهڙي سٺي نه هئي جھڙي سرحد ۽ اتر پنجاب واري علائقي ۾ هئي. هندوستان ۾ هاڻ هندو گپتا خاندان جي حڪومت هئي. هي خاندان موريا گهراڻي کانپوءِ حاڪم ٿيو هو. اوستائين ٻڌ ڌرم ست سؤ سالن کان وڌيڪ پراڻو ٿي چڪو هو. هندو برهمڻ هن کي ڪڏهن به سٺو نه سمجهيو هو. ان ڪري هو هميشه هن کي ميسارڻ جي ڪوششن ۾ لڳا رهيا ٿي. موريا گهراڻي جي ڏينھن ۾ جيئن ته ٻڌ مت کي راجا جي سرپرستي حاصل هئي. هو ان جي خلاف پروپئگنڊا ڪري نٿي سگهيا. گپتا گهراڻي جي شروع ٿيڻ سان برهمڻن جو حوصلو وڌيو ۽ هو وري طاقتور ٿي ويا. اهڙي طرح هندوستان ۾ ٻڌن جي اها هستي مستي ڪومائجي وئي.
فاهيان وچ هندستان جي شھر پاتلي پتر (بھار جو اڄ وارو شھر پٽنا) ۾ ٻه سال ترسيو. هن هتي سنسڪرت جي ڪيترن ئي ڪتابن جو چيني زبان ۾ ترجمو ڪيو. پوءِ بنگال جي ان علائقي ۾ ويو جيڪو ڪجهه عرصو اڳ مشرقي پاڪستان هو ۽ هاڻ بنگلاديش آهي. هن علائقي ۾ ٻڌ ڌرم مھاتما ٻڌ جي ڏينھن ۾ ئي پھچي ويو هو. ان جو سبب شايد اهو هجي جو هي علائقو ڪپل وستو جي ويجهو هو ۽ ان کان علاوه راجا اشوڪ به هن علائقي ۾ ٻڌ ڌرم پکيڙڻ لاءِ ڪيترائي بکشو موڪليا هئا، سو هتي ٻڌ ڌرم جلد ئي پکڙجي ويو. ان ڪري فاهيان لاءِ هن علائقي ۾ به ڪشش هئي. بنگال ۾ هو مدناپور جي شھر ”تمرلي پتي“ ۾ ترسيو. هتي به هن سنسڪرت ڪتابن جو چيني زبان ۾ ترجمو ڪيو. ٻڌ مت جو اڀياس ڪيو ۽ گوتم ٻڌ جي مورتين جا خاڪا ٺاهيا.
فاهيان جي سفرنامي مان خبر پوي ٿي ته ٻڌ ڌرم هن علائقي ۾ به چڱو پکڙيو. بھرحال هن فقط تمرلي پتيءَ جي ٻٽيھين ٻڌ خانقاهه جو ذڪر ڪيو آهي.

فاهيان14 سالن بعد چين موٽيو
چيني سياح فاهيان بنگال بعد سري لنڪا پھتو. هن پنھنجي سفر ۾ اهو نه ڄاڻايو آهي ته آيا هو چٽگانگ، چالنا يا ڪولڪتي جھڙي بنگالي صوبي جي بندرگاهه کان ٻيڙي يا جھاز ذريعي سري لنڪا (سلون) پھتو يا خشڪي ذريعي ڏکڻ هندستان لتاڙي، پالڪ ڳچي سمنڊ (سوڙهي سمنڊ) وٽ ٺھيل آدم برج ذريعي سري لنڪا جي ٻيٽ تي قدم رکيو. بھرحال هن ٻيٽ تي راجا اشوڪ اڃان هاڻ ٻڌ بکشو پرچار لاءِ موڪليا هئا، جن جو سردار هن جو پنھنجو ڀاءُ هو. اشوڪ هن جي هٿان گيا شھر جي بڙ جي وڻ جي هڪ ٽاري به موڪلي هئي، جيئن ٻڌن جي پاڪ وڻ جو قلم سري لنڪا ۾ به لڳايو وڃي.
سري لنڪا ٻڌ ڌرم جو هڪ مشھور مرڪز هو. ان ڪري فاهيان هتي ٻه سال رهيو. ٻڌ ڌرم تي لکيل ڌرمي ڪتاب پڙهيا. سنسڪرت جي ڪتابن جا ترجما ڪيا ۽ مھاتما ٻڌ جي مورتين جا خاڪا ٺاهيا. مھاتما ٻڌ جي زندگيءَ جي باري ۾ به ڪيتريون ئي ڪھاڻيون مشھور هيون. هڪ ڪھاڻي اها هئي ته هڪ دفعو مھاتما ٻڌ سري لنڪا آيو ۽ هتي جي سڀ کان اتاهين جبل تي اچي ڌيان گيان ۾ ويٺو. هڪ ڏينھن هن هڪ پٿر تي پير رکيو ته سندس پير جو نشان ان پٿر تي ٺھي ويو. ان نشان جي زيارت لاءِ اڄ تائين ٻڌ ڌرم جا پوئلڳ هن جبل تي وڃن ٿا. هن نشان کي هندو پنھنجي ديوتا برهما جي قدم جو نشان مڃين ٿا ۽ مسلمان ان کي حضرت آدم عه جي پير جو نشان چون ٿا. بھرحال هي قدم شريف جي نالي سان مشھور آهي چيو وڃي ٿو ته فاهيان به هن نشان جي زيارت ڪئي.
فاهيان گپتا گهراڻي جي دور حڪومت ۾ هندوستان آيو هو. هي دور هندن جي تاريخ جو هڪ سونھري دور چيو وڃي ٿو. پنھنجي رهائش دوران فاهيان ننڍي کنڊ جي هڪ هڪ ڪنڊ جو سير ڪيو. گپتا عھد حڪومت جي هندستان کي تمام ويجهڙائيءَ کان ڏٺو ۽ پوءِ ان دور بابت پنھنجي سفرنامي ۾ جيڪي ڪجهه لکيو آهي، ان مان معلوم ٿئي ٿو ته ان زماني ۾ ماڻهو خوشحال هئا. ماڻهن کي علم حاصل ڪرڻ جي جستجو هئي. شھرن ۾ ماڻهن جي آبادي گهڻي هئي ۽ وڏا وڏا شھر به تمام گهڻا هئا. ماڻهن کي پنھنجي ملڪيت تي ٽئڪس نٿي ڏيڻو پيو. اهي ماڻهو جن شاهي زمين تي پوک ڪئي ٿي انهن ئي ٽئڪس ڏنو ٿي. ملڪ ۾ موت جي سزا جو رواج نه هو. ڏوهارين کي فقط ڏنڊ ڀرڻو پيو ٿي. بغاوت ڪرڻ وارن جو ساڄو هٿ ڪپيو ويو ٿي. مال جي حفاظت ڪئي وئي ٿي ۽ ان جي ذبح ڪرڻ تي بندش پيل هئي. ماڻهن ٿوم ۽ بصر نٿي کاڌو ۽ گهرن ۾ پکي نٿي پاليا.
فاهيان جي پيش ڪيل گپتا دور جي هندستان جي تفصيلن مان معلوم ٿئي ٿو ته هندومت مڃڻ وارن جو ٻڌ مت جي باري ۾ ڇا برتاءُ هو. هن لکيو آهي ته هندن ۽ ٻڌن ۾ رکي رکي ڇڪتاڻ پئدا ٿي پوندي هئي. هڪ دفعي پاٽلي پتر جي هندوئن ۽ ٻڌن ۾ ڪنھن ڳالهه تان ناراضگي پئدا ٿي پئي. هندن ٻڌن تي حملو ڪرڻ جي سازش ڪئي پر ٻڌن کي ان جي وقت تي ڄاڻ پئجي وئي ۽ انهن مناسب بندوبست ڪري پنھنجي جان بچائي.
فاهيان جو هي سفر ٻن ڳالهين ڪري تمام اهم سمجهيو وڃي ٿو. هڪ ته هن سفر ڪري هندستان ۽ چين جي وچ ۾ اچ وڃ جو رجحان وڌيو ۽ ٻي ڳالهه ته هن سفر جي ڪري چين جي ماڻهن کي ٻڌ ڌرم جي صحيح معلومات حاصل ٿي.
فاهيان سري لنڪا ۾ ٻه سال رهڻ بعد سمنڊ رستي پنھنجي وطن چين روانو ٿيو. رستي تي هن جي ٻيڙي هڪ طوفان سان ٽڪرائجي پرزا پرزا ٿي وئي ۽ پاڻ انڊونيشيا جي ٻيٽ سماترا کان وڃي نڪتو. جتان پوءِ پنھنجي وطن پھتو. هو چين کان چوڏهن سال ٻاهر رهڻ بعد 413ع ۾ چين واپس پھتو. چيني قوم پنھنجي هن جهوني سياح تي اڄ به فخر ڪري ٿي.

وڪٽر هيوگر ۽ گرنسي ٻيٽ

انگلش چئنل (English Channel) ۾ فرانس جي سرزمين ويجهو چار پنج ٻيٽ آهن جيڪي چئنل آئلينڊ (چئنل ٻيٽ) سڏجن ٿا.
انگلش چئنل هڪ سوڙهو سامونڊي لنگهه آهي جيڪو بحرِ ائٽلانٽڪ جي ٻن سمنڊن: بي آف بسڪي ۽ اتر سمنڊ (North Sea) کي ڳنڍي ٿو. ناروي، ڊئنمارڪ توڙي بيلجم. هالنڊ ۽ جرمني ڏي ويندي اسان جو جھاز هن سوڙهي لنگهه (English channel) مان لنگهندو آهي. هن سنهي سامونڊي رستي تان جھاز هلائڻ ڪو فرحت بخش سفر (pleasure drive) نه آهي جو هڪ ته هتي ايندڙ ويندڙ جھازن جي گهڻي ٽرئفڪ رهي ٿي ۽ ٻيو سوڙهو رستو ۽ ٻنهي پاسي زمين ويجهي هجڻ ڪري اهو خوف سدائين رهي ٿو ته ڪٿي معمولي غلطي جي ڪري جھاز خشڪي تي نه چڙهي وڃي. پر اهو فائدو ضرور آهي ته اهڙن هنڌن تي نه سامونڊي طوفانن جو اثر ٿئي ٿو ۽ نه وايون بتال ڪندڙ ويرن جو ۽ اهو انگلش چئنل اڪرڻ وارو ڏينھن اڌ وڏي سڪون ۾ گذري ٿو. نه ته هن چئنل جي ٻنهي پاسن وارا سمنڊ هميشه بگڙيل ملن ٿا. خاص ڪري سياري ۾.
هي چئنل جنھن جي هڪ پاسي فرانس آهي ته ٻئي پاسي ڏکڻ انگلنڊ _ دنيا جو مشغول ترين سمنڊ آهي، جتان نه فقط وڏا جھاز لنگهن ٿا پر ننڍيون فيريون ۽ لانچون انگلنڊ کان فرانس ائين اينديون وينديون رهن ٿيون جيئن سکر کان روهڙي بسون. لاريون ۽ ڪارون ٽئڪسيون. هاڻ ته هن چئنل ۾ سمنڊ جي هيٺان سرنگهه به ٺاهي وئي آهي. جيئن هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ پاڻي ذريعي وڃڻ بدران هر هڪ پنھنجي ڪار گاڏيءَ ۾ يا ٽرين ۾ هليو وڃي.
انگلش چئنل پار ڪرڻ وقت منھن ۾ ئي مٿي ذڪر ڪيل چئنل ٻيٽ نظر اچن ٿا جيڪي انگلنڊ جي بندرگاهه پلاءِ مائوٿ جي بلڪل هيٺان آهن ۽ فرانس جي ڀرسان هجڻ ڪري، اهي فرانس جي ملڪيت آهن ۽ انهن تي فرانس جو قانون هلي ٿو. انهن چئن پنجن ننڍن ٻيٽن ۾ هڪ گرنسي (Gurensey) نالي ٻيٽ آهي جيڪو وڪٽر هيوگو جھڙي اديب ڪري دنيا ۾ مشھور ٿيو. ڪي جايون اهڙيون آهن جيڪي مشھور شخصيتن جي ڪري هميشه ياد رهنديون. جيئن ارنيسٽ هيمنگوي ڪري ڪيوبا، پال گاگئن ڪري تيھتي ٻيٽ، سمرسٽ ماهم جي ڪري سنگاپور، نئپولين بونا پاٽ جي ڪري ائٽلانٽڪ سمنڊ واروٻيٽ سينٽ هيلينا (St. Helena) ۽ هاڻ مونيڪا ليونسڪي ڪري وائيٽ هائوس.
فرينچ ليکڪ وڪٽر هيوگو (جنھن جو نالو۽ فلم ”ليس مزريبل“ تمام گهڻي مشھور ٿي) کي 1855ع ۾ فرانس جي شھنشاهه لوئيس بونا پارٽ (1808ع _ 1973ع) فرانس کان شھر نيڪالي ڏئي، هن ٻيٽ گرنسي تي موڪلي ڇڏيو هو. وڪٽر هيوگو ”لوئيس بونا پارٽ“ لاءِ چيو هو ته:
“We have had the Napolean the Great. Now we have Napolean the Small”
ان تان لوئيس نئپولين باهه ٿي ويو هو ۽ هن مشھور اديب کي ڏيھه نيڪالي ڏئي ڇڏي، جيئن اڄ به وقت جا حاڪم پاڻ تي تنقيد برداشت نه ڪرڻ تي فيض احمد فيض، شيخ اياز، حبيب جالب، طارق اشرف، رسول بخش پليجي جھڙن اديبن، شاعرن کي به جيل موڪليو ڇڏين.
“نئپولين دي گريٽ” نئپولين بونا پارٽ ڏي اشارو آهي جيڪو لوئيس بونا پارٽ جو چاچو هو جنھن سڄي زندگي جنگيون وڙهيون. ماڻهن جو سک چين چٽ ڪيو، آخر ۾ ڪو به ٻوٽو نه ٻاريو ۽ کيس انگريزن قيد ڪري سينٽ هيلينا ٻيٽ تي اماڻي ڇڏيو، جتي هو مرڻ گهڙيءَ تائين هو. سندس مختصر احوال پوءِ ٿا ڪريون. پھرين هدايت بلوچ، تاج بلوچ، نصير مرزا، قمر شھباز ۽ اسان جھڙن جي دلپسند ليکڪ وڪٽر هيوگو جي ڳالهه جنھن کي ننڍي (بيوقوف) بونا پارٽ ”گرنسي ٻيٽ“ ڏي ڏيھه نيڪالي ڏئي ڇڏي ۽ هتان انگلش چئنل مان جهاز ٽپائڻ وقت هن ٻيٽ گرنسي تي نظر پوڻ سان مون کي وڪٽر هيوگو ياد ايندو آهي.

جيل ۾ رهڻ مان فائدو:
هيوگو هن ٻيٽ (گرنسي) تي پنڌرهن سال رهيو. جيئن مارڪو پولو جيل ۾ رهڻ ڪري ادبي دنيا کي سندس سفرنامن جو ڪتاب مليو، جيڪو هن جيل جي فرصت ۾ لکيو نه ته شايد هو هڪ صفحو به نه لکي سگهي ها يا ڀٽو صاحب جھڙي مشغول ماڻهوءَ If I am assassinated (جيڪڏهن مون کي قتل ڪيو ويو) جھڙو شاهڪار ڪتاب جيل ۾ لکيو، اهڙي طرح وڪٽر هيوگو جي هن ٻيٽ تي اڪيلائي واري زندگيءَ مان آرٽ ۽ ادب جي دنيا کي فائدو رسيو. هڪ ته هن جيڪو پنھنجي رهائش لاءِ هن ٻيٽ تي Hauteville نالي گهر ٺاهيو ان کي ڏسڻ لاءِ اڄ تائين دنيا جا ماڻهو هن ننڍڙي ٻيٽ تي ايندا رهن ٿا. ان کان علاوه وڪٽر هيوگو جا ڪجهه ڪتاب آهن، جيڪي هُن هِن ٻيٽ تي رهائش دوران لکيا. جن مان Les Miserables ۽ Les Travailleuresde De La Mer تمام گهڻو مشھور ٿيا.
گرنسي ٻيٽ تي پھچڻ سان وڪٽر هيوگو هڪ وڏو گهر ورتو جنھن ۾ مرامت ذريعي ڪجهه تبديليون آنديون. گهر جي هيءَ ٺاهه جوڙ (Renovation) پنج سال هلندي رهي ۽ هن گهر Hauteville کي سينگارڻ لاءِ وڪٽر هيوگو کي آرٽ جي جيڪا شيءِ ملي ٿي اها خريد ڪندو ويو. هو ٻيٽ جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين جهوني قسم جي شين جي خريداري لاءِ هلندو رهيو. فقط هڪ سال 1858 ۾ هن لاءِ چيو وڃي ٿو ته سٺ کن ڪٻٽ ۽ Sideboards خريد ڪيا. مختلف قسم جي غاليچن، آرسين، شمعدانن ۽ تصويرن خريدڪرڻ لاءِ هو يورپ جا چڪر پڻ هڻندو رهيو. 1861 ۾ جڏهن هي گهر ٺھي راس ٿيو ته هن جي ناموس يورپ ۽ آمريڪا جي وڏن ماڻهن تائين پھچي چڪي هئي ۽ فقط ان سال هڪ هزار کن ڌاريان مسافر هن گهر (Hauteville) کي ڏسڻ لاءِ آيا.
1859 ۾ جيتوڻيڪ وڪٽر هيوگو کي فرانس حڪومت طرفان عام معافي ملي چڪي هئي پر هن گرنسي ٻيٽ ڇڏڻ نه چاهيو. ”آئون هتي جبل تي ٺھيل هن گهر ۾ ائين رهيو پيو آهيان جيئن ڪو سِي گل (سامونڊي پکي) آکيري ۾. آئون پنھنجي گهر جي دريءَ مان نه فقط انگلش چئنل جو سمنڊ ۽ چئنل ٻيٽ ڏسي سگهان ٿو پر فرانس پن جنھن مان مون کي تڙيو ويوآهي.“ وڪٽر جواب ۾ لکيو.
بھرحال وڪٽر هيوگو آخرڪار پنھنجي وطن 1870ع ۾ موٽيو جتي هن کي هڪ قومي هيرو وارو آڌرڀاءُ ڏنو ويو. فرانس ۾ اچي هن نه فقط نارمل زندگي گذاري، پر سياست ۾ به حصو ورتو ۽ 1871 ۾ قومي اسيمبلي جو ميمبر پڻ چونڊيو. سياست سان گڏ هن پنھنجي لکڻ جي وندر به قائم رکي. 1877 ۾ سندس هڪ ڪتاب Lart detre grande pere نالي ڇپيو، جنھن جي پھرين چئپٽر جو عنوان Guernsey آهي، جنھن ٻيٽ تي پاڻ زندگيءَ جا 15 سال گذاريائين ۽ جتي سندس ڏيڍ صدي اڳ جي ٺھيل گهر Hauteville House کي ڏسڻ لاءِ اڄ به روزانو سوين ماڻهو پهچن ٿا. انگلش چئنل جي گرنسي ٻيٽ تي هي گهر اڄ ڪلهه ميوزيم سڏيو وڃي ٿو ۽ عام ماڻهن لاءِ اپريل کان سيپٽمبر تائين روزانو کليل رهي ٿو.

سينٽ هيلينا ٻيٽ نئپولين ڪري مشھور ٿيو
جڏهن سئيز ڪئنال بند هو ته يورپ وڃڻ لاءِ اسان کي آفريڪا کنڊ جو ڦيرو ڪرڻو پيوٿي. يعني ڪراچي ڇڏڻ بعد اسان جي ملڪ جي ڪناري کي ڇھندڙ عربي سمنڊ لتاڙي پوءِ هندي وڏو سمنڊ جهاڳڻو پوندو هو. ڪيپ آف گڊ هوپ وٽ پھچي پوءِ اتر جو رخ رکڻو پوندو هو. ڪيپ آف گڊ هوپ ڏکڻ آفريڪا جي هيٺين پوڇڙ وارو سمنڊ آهي ۽ ڪيپ آف گڊ هوپ وارو سمنڊ به ست اٺ سؤ کن ميل ٿيندو ۽ اڪرڻ ۾ ٻه ڏيينھن لڳيو وڃن. ڪيپ آف گڊ هوپ وٽ هندي وڏو سمنڊ ختم ٿئي ٿو ۽ پوءِ بحرِ ائٽلانٽڪ شروع ٿئي ٿو. آفريڪا کنڊ جي ساڄي ڪناري يعني اوڀر واري ڪناري کي هندي وڏو سمنڊ ڇُهي ٿو ۽ کاٻي پاسي واري ڪناري يعني اولھه ڪناري کي ائٽلانٽڪ سمنڊ ڇھي ٿو، جيڪو مٿي انگلنڊ تائين هليو وڃي ۽ ٻي پاسي ٻنهي آمريڪائن (نارٿ آمريڪا ۽ سائوٿ آمريڪا) جا ڪنارا وڃيو ڇھي.
انگلنڊ يا يورپ وڃڻ لاءِ اسان جي جھاز کي ڪيپ آف گڊ هوپ وارو سمنڊ ٽپي اتر طرف مٿي وڃڻو پوندو آهي. آفريڪا جو ڪنارو ڏئي اتر طرف ويندي جھاز جي ساڄي پاسي نميبيا، ائنگولا، گئبان ۽ نائيجيريا، گهانا، سينيگال جھڙا ملڪ اچن ٿا ۽ جھاز جي کاٻي پاسي هزارها ميل ائٽلانٽڪ سمنڊ جو پاڻي آهي. ويجهو ويجهو برازيل ۽ ارجنٽائنا جو ڪنارو به چار هزار کن ميل پري آهي جتي پھچڻ ۾ جھاز کي هفتو سوا لڳيو وڃي جو هي اسان جا سامونڊي جھاز ڪلاڪ ۾ 15 کان 20 ناٽيڪل ميل جي رفتار سان هلن ٿا ۽ سڄي ڏينھن رات جو حساب ڪيو وڃي ته چوويھه ڪلاڪن ۾ پاڻيءَ جو جھاز سراسري طور چار سؤ کن ميل مس هلي ٿو.
ڪيپ آف گڊ هوپ لتاڙي انگلنڊ يا يورپ وڃڻ لاءِ، جھاز اتر طرف ويندو آهي. جھاز جي ساڄي پاسي آفريڪا جو ڪنارو هوندو آهي ته کاٻي پاسي اٿاهه ائٽلانٽڪ سمنڊ. ان سمنڊ ۾ ائنگولا ملڪ جي سامهون اٽڪل هزار ميل کن پري هڪ ننڍڙو ٻيٽ سينٽ هيلينا نالي آهي. آمريڪا ويندي وقت هن جي ڀر سان لنگهه ٿيندو آهي ان کان علاوه ڪيترائي پراڻا جھاز ائٽلانٽڪ سمنڊ اڪرڻ جي تياريءَ لاءِ هن ٻيٽ تي ڏينھن اڌ ترسي اڳتي جي سفر خاطر جھاز لاءِ تيل پاڻي ۽ عملي لاءِ کاڌ خوراڪ کڻندا آهن. هي ٻيٽ (سينٽ هيلينا) فرانس جي حاڪم نئپولين بونا پارٽ جي رهائش کان مشھور آهي. آخري جنگ هارائڻ وقت انگريزن کيس سزا طور جنگي قيدي (P.O.W.) طور هن ٻيٽ تي رکيو هو.
نئپولين بونا پارٽ بندري قد جو فوجي فرانس جو هيرو ٿي رهيو. هڪ فوجي جنرل جي حيثيت ۾ هن فرانس لاءِ سندس مختلف پاڙيسري ملڪن ۽ صوبائي بغاوتن کي منھن ڏيئي ماٺ ڪرائي. آخر ۾ هڪ ملڪ انگلنڊ ئي وڃي بچيو.
نئپولين انگلنڊ وارن تي سنئون سڌو حملو ڪرڻ بدران پنھنجي سامونڊي ٻيڙي ذريعي 1798 ۾ مصر تي قبضو ڪري ورتو، جنھن تي جيتوڻيڪ ظاهري طرح مڪاني مسلمانن مملوڪن جي حڪومت هئي پر هلي سڄي انگريزن جي ٿي. نئپولين اهو ئي منصوبو سوچيو ته مصر بعد انڊيا تي قبضو ڪري انگريزن جي چيلهه ڀڇان جو انهن ڏينھن ۾ انگلنڊ سڄو خرچ پکو انهن ملڪن مان ٿي ڪڍيو. انهن ڏينھن ۾ انگلنڊ جو بادشاهه جارج ٽيون هو ۽ بحري فوج جو امير البحر بيحد طاقتور شخصيت نيلسن هو جنھن کي ان مھم ۾ نئپولين ملهه ماري ويو ۽ نيلسن کي خبر به نه پيئي ۽ پوءِ جڏهن خبر پيس ته تمام گهڻي دير ٿي چڪي هئي.

ٿڪون بجا هڻندا رهيس
نئپولين 1799ع ۾ شام ملڪ مان لنگهي فلسطين ۾ آيو ۽ جافا کي به پنھنجي قبضي ۾ ڪيو. ان زماني ۾ اسرائيل نه هو ۽ جافا جنھن جا سنگتڙا ۽ گريب فروٽ دنيا ۾ مشھور آهن، فلسطين جو شھر هو. عرب ملڪن تي ديرو ڄمائڻ ۽ هنن کي پنھنجو ڪرڻ لاءِ هن اهو به ڊرامو رچايو ته هو مسلمان ٿيڻ جو سوچي رهيوآهي. بھرحال نئپولين جون اهي اٽڪلون سٽڪلون ڪم نه آيون ۽ چوڌاري ننڍين ننڍين بغاوتن اهڙا ته ڪَرَ کنيا جو سندس وايون بتال ٿي ويون ۽ موٽي فرانس پھتو.
1804ع ۾ نئپولين فوجي جنرل مان ڦري بادشاهه ٿيو ۽ پنھنجي تاجپوشي ڪرائي. اصل بادشاهه جا مائٽ سندس سختين ۽ کيڏن ڪري ٽڙي پکڙي ويا. فوج جا اهي ڪرنيل جرنيل جن مان کيس ڊپ هو، انهن کي به چٽڻي ڪرائي ڇڏيائين ۽ پاڻ زوري زبردستيءَ فرانس جو وڏڙو ٿي ويھي رهيو.
1805 ۾ نئپولين سمنڊ رستي انگلنڊ تي حملو ڪيو پر هن ڀيري نيلسن هن کي ملهه ماري ويو. اها ٽرفالگر جي لڙائي سڏجي ٿي جنھن جي ياد ۾ لنڊن جي هڪ چوراهي تي نيلسن جي مورتي (Statue) لڳل آهي.
نئپولين اها لڙائي هارائڻ بعد به ٻيون ڪيتريون ئي لڙائيون ڪيون جن ۾ ڪجهه کٽيائين ته ڪجهه هارايائين. ڪڏهن ڪو ملڪ قبضي ۾ پئي آيس ته ڪڏهن آيل ملڪ هٿن مان پئي ويس. اسپين، آسٽريا ويندي روس تائين وڃي نڪتو پر پوءِ ماسڪو مان خوار ٿي موٽڻو پيس. سندس فوج روس جي سخت سرديءَ جي دٻ جهلي نه سگهي ۽ پنھنجي ان شڪست کي Act of God چئي پاڻ کي مطمئن ڪيو. اها سن 1801 جي ڳالهه آهي. هي اهي ڏينھن آهن جڏهن سنڌ تي ڪلهوڙن جي حڪومت ختم ٿي هئي ۽ ٽالپر سنڌ جا حاڪم ٿيا ۽ شاهه لطيف جي وفات کي پورا پنجاهه سال گذري چڪا هئا ۽ انڊيا ۾ ٻه سال کن اڳ 1799ع ۾ ٽيپو سلطان شھيد ٿيو هو.
نئپولين جيڪو فرانس جھڙي ملڪ جو جرنيل ۽ شھنشاهه بڻيو در اصل ڄمڻ وقت فرانس جو شھري به نه هو. فرانس جي هيٺان ميڊيٽرينين سمنڊ ۾ ڪارسيڪا نالي ٻيٽ آهي ان تي ڄائو. اهو ٻيٽ فرانس کان الڳ هو. بعد ۾ جيئن ئي فرانس ان تي حملو ڪري پنھنجي قبضي ۾ ڪيو ته نئپولين جي پيءَ جيڪو شايد وڪيل هو، مخالفت ڪرڻ بدران فرانس حڪومت جي تعريف ڪئي نتيجي ۾ کيس لقبن سان نوازيو ويو ۽ سندس پٽ نئپولين کي ڪيتريون ئي اهڙيون سھولتون مليون جيڪي نوابن ۽ اعليٰ خاندان جي ماڻهن کي مليون ٿي. نئولين ته فرينچ زبان به پوءِ سکيو. پنھنجي صوبي ۽ ٻيٽ Corsica جي مڪاني ٻولي ڳالهائيندو رهيو. پئرس جي اسڪول ۾ جتي نوابن ۽ حاڪمن جا ٻار پڙهندا هئا اتي نئپولين کي داخلا ملي وئي پر اسڪول جا ٻار هن کي آخر تائين ڄٽ ۽ هيٺئين درجي جو سمجهي ”ٿڪون ۽ بجا“ هڻندا رهيس.نئپولين ٿڪ لعنتن ۾ وڏو ٿي نيٺ وڃي فوج جو اعليٰ عملدار ٿيو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ڄٽ جو پٽ وڏو جنرل ۽ شھنشاهه ٿي ويو. اٽليءَ جي فوج جو جنرل به پاڻ ٿيو ۽ اتي جي سھڻي ۽ طلاق يافته شھزادي جوزفين Josephine de Beauharnais سان 1796ع ۾ شادي ڪيائين. پاڻ ته هن تي يڪدم فدا ٿي ويو پر جوزفين هن ڊينڊڙي کي آخر تائين دل سان نه چاهيو ۽ نه وري ٻار ڄڻي ڏنائيسن، جنھن جو کيس وڏو فڪر هو ته ڪو والي وارث ٿئي. بعد ۾ وارث خاطر 1801 ۾ جوزفين کي طلاق ڏيئي آسٽريا جي شھزادي ميري لوئيس سان شادي ڪيائين، جنھن مان کيس 1911 ۾ پٽ ڄائو جيڪو ڄمڻ سان روم جو وليعهد تسليم ڪيو ويو.

راجا پورس ۽ سڪندر وارا ڊائلاگ
نئپولين کي جنگين ڪرڻ جو وڏو ڪُڏ هو. عوام ۽ فوج بيزار ته امن واري حالت رهي پر پاڻ چوندو هو ته جي امن کپي ته اهو به ڪو پليٽ تي رکجي نٿو اچي. ان لاءِ به جنگ جي ميدان تي وڙهڻو پوي ٿو. اڳتي هلي جنھن لڙائيءَ نئپولين جي مڪمل تباهي آندي اها واٽرلو جي جنگ هئي جيڪا 1815 ۾ لڳي. سندس مخالف ويلنگٽن هو جنھن جي هو دٻ جهلي نه سگهيو. ويلنگٽن جي ڪمانڊ ۾ انگريز ۽ ڊچ (هالنڊ جا رهاڪو) سپاهي هئا. نئپولين پنھنجي جان بچائڻ لاءِ پنھنجي لشڪر کي به پٺيان ڇڏي وٺي ڀڳو ۽ (اهي ڪم ان کان اڳ به هڪ ٻه دفعا هن ڪيا هئا. ان ڪري جنگ جي ميدان مان گوهي ڪرڻ ۾ هو ماهر هو).
جنگ هارائڻ بعد نئپولين فرانس موٽي آيو ۽ هڪ جنگي جھاز ذريعي آمريڪا ڀڄڻ چاهيو ٿي پر سندس سپاهي ئي کيس ڦري آيا. سو پنھنجي ملڪ جي جھاز مان جان ڇڏائي انگلنڊ جي هڪ جھاز ۾ پناهه ورتي. هن سمجهيو ته انگريز پنھنجي هن هارايل دشمن سان مھمان نوازي جو مظاهرو ڪندا ۽ اهو رويو اختيار ڪندا جيڪو بادشاهه بادشاهن سان ڪندا آهن, پر انگريزن راجا پورس ۽ سڪندر اعظم وارا اهي ڊائلاگ ڪڏهوڪو وساري ڇڏيا هئا. هن کي مھمان نه پر مجرم ۽ قيدي تسليم ڪيو ۽ مجرم به اهو جيڪو نه فقط انگلنڊ ۽ هالنڊ جو ڏوهاري هو پر سڄي يورپ جو ,جيڪو هر دفعي جان بچائي ڀڄي ويو ٿي. پر هاڻ ڏاهي ڪانگ وانگر ٻپيرو ڦاٿو هو.
آسٽريليا پري هو. انڊامان ٻيٽ (ڪاري پاڻي) وارو Celluar جيل اڃان چڱي طرح تيار نه ٿيو هو سو هن بندري ڪورسيڪن شيطان کي، جيڪو ڪڏهن جنرل ٿي ٿيو ته ڪڏهن شھنشاهه، ڪڏهن فرينچ عيسائي ته ڪڏهن مسلمان ٿيڻ جو ارادو ٿي ڪيائين، کي ڏکڻ ائٽلانٽڪ سمنڊ جي هڪ ويران ٻيٽ سينٽ هيلينا St. Helena تي 15 آڪٽوبر 1815 تي روانو ڪيو ويو. برطانيا جي نظرن ۾ نه هي هيرو هو، نه شھنشاهه ۽ نه وري ڪو ديوتا هو، پر هي هڪ جنگي قيدي (P.O.W.) هو.
ڏکڻ ائٽلانٽڪ سمنڊ جي هن ٻيٽ (سينٽ هيلينا)تي نئپولين صاحب کي مرڻ گهڙي ءَ تائين اڪيلو رهڻو پيو. مرڻ وقت، 5 مئي 1821 تي، سندس عمر 52 سال هئي. پاڻ اٽڪل ساڍا پنج سال سينٽ هيلينا ٻيٽ تي قيدي ٿي رهيو. سندس موت جي خبر جڏهن يورپ ۾ پھتي ته ڪنھن به ڳوڙهو نه ڳاڙيو. سڄي عمر لڙائيون ۽ فتحيابيون حاصل ڪندڙ پنھنجي وطن کان هزارين ميل ڏور دفن ڪيو ويو پر پوءِ اڳتي هلي وقت سان گڏ کيس شرف حاصل ٿيو ۽ ملڪ جا ماڻهو کيس پنھنجو هيرو تصور ڪرڻ لڳا. موت کان ويھه سال بعد سندس دفن ڪيل هڏن کي سنيٽ هيلينا ٻيٽ تان کوٽرائي پئرس ۾ دفن ڪيا ويا ۽ بقول هڪ فرينچ جي:
“Of his Conquests nothing survived, but he lives on as a hero of folk lore”.
نئپولين بونا پارٽ ‘سينٽ هيلينا’ ٻيٽ تي پنھنجي زندگيءَ جا آخري ڇھه سال گذارڻ دوران هڪ ڪم تعريف جوڳو ڪيو، جو هن پنھنجي زندگيءَ جون يادگيريون قلمبند ڪرايون. سندس يادگيرين جو فرينچ زبان ۾ لکيل مشھور ڪتاب “Memoirs” ڪيترين زبانن ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. هي اهو ڪتاب آهي جيڪو ڀٽي صاحب پنھنجي زندگي جي سفر جي آخري ڏينھن ۾ قيد خاني ۾ پڙهڻ شروع ڪيو جنھن لاءِ اخبارن ۾ آيو هو ته ڪنھن ڀٽي صاحب کان پڇيو ته اڄ ڪلهه ڪھڙو ڪتاب پڙهو پيا ته هن ضياءَ صاحب لاءِ ٽوڪ طور وراڻيو هو:
”نئپولين جو Memoirs پڙهي رهيو آهيان، ته هن پنھنجي جنرلن کي ڪيئن ڪنٽرول ۾ رکيو.“

بوتلن جو سفر

اسان جو جھاز يوگوسلاويا، رومانيا، بلغاريا ۽ ترڪيءَ جي مختلف بندرگاهن مان ڪن ۾ سامان لاهي ۽ ڪن مان سامان کڻي، هاڻ جبرالٽر جو ڪنارو ڏئي بحر روم (Mediterranean) سمنڊ مان نڪري رهيو هو. جبرالٽر جي ٻئي پاسي سُوٽا (Ceuta) جو بندرگاهه هو جيڪو جيتوڻيڪ موراڪو (مراڪش) جو حصو هجڻ کپي، پر في الحال اسپين وارن جي قبضي ۾ آهي. هوڏانھن جبرالٽر جيڪو اسپين جو حصو هجڻ کپي، هڪ ڏيڍ صديءَ کان برطانيا جي هٿ هيٺ آهي. جبرالٽر اهو مشھور جابلو بندرگاهه آهي، جنھن تي مسلمان سپھ سالار طارق بن زياد جي نالي تان ”جبل الطارق“ نالو پيو، جيڪو اڳتي هلي انگريزيءَ ۾ ”جبرالٽر“ ٿيو. جيئن قبرص Cyprus ۽ قاهره Cairo ٿي ويو.
ميڊيٽرينين سمنڊ جو، ان هنڌ تي بيحد سوڙهو منھن آهي، جنھن مان نڪرڻ سان دنيا جي هڪ وڏي، کليل۽ وَٽَ کائيندڙ ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ پھچيو وڃجي. ائين ته پئسفڪ سمنڊ ائٽلانٽڪ سمنڊ کان به وڏو آهي پر پئسفڪ سمنڊ سندس نالي موجب ماٺيڻو آهي _ منجهس ايڏي گڙٻڙ ۽ اٿل پٿل نٿي رهي جيڪا جھاز ۽ جھازين کي ڌڪا ۽ ٿيلها ڏئي بيزار ڪري. بھرحال جبرالٽر جي ان ڪناري کي ائٽلانٽڪ سمنڊ جا مشھور ڪَناري (Canary) ٻيٽ فقط هڪ ڏينھن جي پنڌ تي هئا جتي اسان کي هڪ ٻه ڏينھن ترسي ساهه پٽڻو هو ۽ اڳتي جي سفر واسطي جھاز جي انجڻين لاءِ تيل پاڻي ۽ جھازين لاءِ راشن وغيره وٺڻو هو. ڪَناري ٻيٽ اڃان تائين اسپين وارن جي هٿ ۾ آهن ۽ اهي اسپين جي سرزمين کي ائين ويجهو آهن، جيئن انڊيا جا مشھور ٻيٽ لکديپ ۽ نڪوبار انڊامان ٻيٽ هندستان جي سرزمين کي.
ڪَناري ٻيٽن کي اسپين جي حڪومت ڊيوٽي فري رکيو آهي. يعني هر شيءِ بنا ٽئڪس جي هجڻ ڪري هر شيءِ سستي ۽ فئڪٽريءَ جي اگهه تي ملي ٿي. دنيا جي اوسي پاسي جا ماڻهو ، ويندي اسپين جا به، هنن ٻيٽن تي سٺي موسم، سامونڊي ڪنارن ۽ کائڻ پيئڻ جي شين جي سستي هجڻ ڪري گهمڻ لاءِ اچن ٿا ۽ هنن ٻيٽن تي ٻارهو ئي سياحن جو چھچٽو لڳو رهي ٿو. اسان جي ڪمپنيءَ جا جھاز به يورپ ويندي يا واپس موٽندي مھل، هنن ٻيٽن جي مشھور بندرگاهه ”لاس پاماس“ ۾ اچي سفر جو سامان وٺن ٿا.
رات جا ساڍا نو کن ٿيا هوندا. آئون هيٺ انجڻ روم ۾ ٿرڊ انجنيئر سان گڏ رات واري اٺين کان ٻارهن واري ڊيوٽي ڪري رهيو هوس ته مٿان سيڪنڊ انجنيئر پنھنجي ڪئبن مان فون ڪيو:
”جھاز سڀاڻي صبح جو ڪَناري ٻيٽن جي مشھور ٻيٽ ۽ بندرگاهه لاس پاماس ۾ پھچي رهيو آهي جتان جھاز لاءِ تيل ۽ راشن پاڻي کان علاوه بانڊ اسٽور پڻ وٺڻو آهي. جھاز جو پرسر (Pursur) سامان جي لسٽ ٺاهي رهيو آهي. ڪولڊ ڊرنڪ ۾ توکي ڇا ڇا کپي؟“
” سيون اپ ۽ فانٽا جا ٻه ٻه ڪريٽ ۽ فانٽا گريپ کپي، سر جيڪا واڱڻائي رنگ جي آهي.“
مون پنھنجي ضرورت جي شيءِ پنھنجي باس سيڪنڊ انجنيئر کي لکرائي جيڪو جهاز جي چيف انجنيئر کانپوءِ ٻئي نمبر تي سينيئر انجنيئر ٿئي ٿو. چيف ۽ سيڪنڊ انجنيئر سميت هن جھاز تي اسين ڪل نَو مئرين انجنيئر هئاسين. سڀ کان جونيئر آئون ففٿ انجنيئر هوس ۽ مون جھڙا ٻيا به ٽي ففٿ انجنيئر هئا. اسان کان هڪ رئنڪ مٿي ٻه فورٿ انجنيئر هئا ۽ ان بعد هڪ ٿرڊ انجنيئر هو. دنيا جي هر جھاز تي ڏينهن توڙي رات جو، 8 کان 12 تائين، جھاز جي انجڻ ٿرڊ انجنيئر حوالي هوندي آهي ۽ آئون هن جو اسسٽنٽ طور ڪم ڪري رهيو هوس. هن جھاز جي انجڻ ڊپارٽمينٽ ۾ اسان مٿين مئرين انجنيئرن کان علاوه ڏيڍ ڊزن کن ٻيا به ماڻهو هئا جھڙوڪ اليڪٽريڪل انجنيئر، فرج انجنيئر، ٻه اليڪٽريشن، ٻه ڊيزل مڪينڪ ۽ ٻيا تيل وارا ۽ آڳ وارا هئا ۽ هڪ انهن کان ڪم وٺندڙ ”انجن سرنگ“ هو، جيڪو ڪمدار وانگر ٿئي.
سئيز ڪئنال بند هجڻ ڪري اسان جي جھاز کي سڄي آفريڪا کنڊ جو ڦيرو ڪري مٿي ممباسا وڃڻو هو، جيڪو اٽڪل ويھن ڏينھن جو سفر ٿئي ٿو، بشرطيڪ هوا ۽ سمنڊ به سڻائو ملي ته انجڻ به ساٿ ڏيندي اچي. آفريڪا جي ڪناري تي ڪيترائي ڊڪار، لئانڊا، لاگوس، عابد جان، لارينزو مارڪس جھڙا بندرگاهه آهن، پر انهن تان جھاز لاءِ تيل ۽ جھازين لاءِ راشن پاڻي _ توڙي جھاز جي مرمت لاءِ، ايڏي وڏي اميد نٿي رکي سگهجي جيڏي لاس پاماس جھڙي بندرگاهه مان. ها سائوٿ آفريڪا جا ٻه ٽي بندرگاهه: ڊربن، ڪيپ ٽائون وغيره ان ڪم لاءِ بھتر، ماڊرن سڻائا آهن پر سائوٿ آفريڪا سان اسان جي ملڪ جا سياسي تعلقات نه هجڻ ڪري، انهن سان اسان جي جھاز ران ڪمپنيءَ جي ڏيتي ليتي نه آهي. بھرحال امرجنسيءَ جي ٻي ڳالهه آهي. امرجنسيءَ ۾ تيل پاڻي يا جھاز جي مرمت جي ضرورت پئجي وڃي ته ان لاءِ سائوٿ آفريڪا ته ڇا پر اسرائيل ۾ به وڃي سگهجي ٿو. ويندي انڊين جھاز پاڪستان ۾ ۽ پاڪستان جا جھاز انڊيا جي ڪنهن به بندرگاهه ۾ مدد حاصل ڪرڻ لاءِ وڃي سگهن ٿا.
هر جھاز تي روز مرهه جي استعمال جون ڪجهه شيون اهڙيون آهن، جيڪي جھاز طرفان هر جھازي آفيسر توڙي خلاصيءَ کي مفت ملن ٿيون. جھڙوڪ: صابڻ، ڪپڙن ڌوئڻ جو پائوڊر، ٽوال چادرون وغيره. ڪجهه اهڙيون شيون آهن جيڪي جھازين جي استعمال ۽ تحفي ۾ ڏيڻ لاءِ سستي اگهه تي وڪامن ٿيون جن جي Payment سڄي سفر پوري ٿيڻ بعد هوم پورٽ (ڪراچي) ۾ پاڪستاني ناڻي ۾ ڪري سگهجي ٿي، جھڙوڪ: عطر، لوشن، سگريٽ، بليڊ، بيئر، مختلف مشروبات کان برانڊي، بسڪيٽ ۽ چاڪيلٽن تائين. انهن شين جي اسٽور کي ”بانڊ اسٽور“ سڏجي ٿو ۽ اهو بانڊ اسٽور فقط ڊيُوٽي فري بندرگاهن ۽ سمنڊ تي کليل رهي ٿو. ڊيوٽي فري بندرگاهه (جھڙوڪ: لاس پاماس، دبئي، سنگاپور، هانگ ڪانگ، عدن وغيره) ۾ ان ڪري جو انهن شين جي ٻاهر به ساڳي قيمت آهي. سمنڊ تي ڪير کڻي ڪيتري به شيءِ وٺي پر هر بندرگاهه ۾ ان بندرگاهه جي ڪسٽمس قاعدي موجب، مقرر حد کان وڌيڪ شيءِ نه هجڻ کپي. ٻي صورت ۾ هن کي وڌيڪ سامان لاءِ ٽئڪس ڏيڻو پوي ٿو. مثال طور ڪراچي، بمبئي، لنڊن، نيويارڪ وغيره ۾ هر جھازيءَ کي سگريٽن جو فقط هڪ ڪارٽن (ڏهه پاڪيٽ) رکڻ جي اجازت آهي. ان کان وڌيڪ سگريٽن جو هن کي ٽئڪس ڏيڻو پوندو آهي، جيڪو هر ملڪ ۾ مختلف ٿئي ٿو.
بانڊ اسٽور (يعني ڊيوٽي فري سامان خريد ڪرڻ لاءِ جهاز وارن کي ان بندرگاهه ۾ پھچڻ کان اڳ (سمنڊ تان ئي) بندرگاهه جي مڪاني ايجنٽ کي سنئون سڌو يا ڪراچي هيڊ آفيس جي معرفت اطلاع ڪرڻو پوندو آهي، جيئن هو اهو سامان جھاز جي پھچڻ کان اڳ خريد ڪري، بندرگاهه ۾ تيار ڪري رکي. جھاز جو جيٽيءَ سان لڳڻ تي اهو سامان جھاز جي ‘پرسر’ يا ريڊيو آفيسر حوالي ڪيو ويندو آهي.
اسان جو به، ٻئي ڏينھن جيئن ئي جھاز لاس پاماس جي بندرگاهه ۾ پھتو ته گهربل بانڊ اسٽور جھاز تي پھچايو ويو ۽ هرهڪ جي ڏنل لسٽ مطابق اهو سامان ان کي ڏنو ويو. اسان جونيئر آفيسرن (جن ۾ ففٿ انجنير، ٻه ڪئڊٽ ۽ فور ٿ آفيسر اچي وڃي ٿو ۽ اسان سڀني جون ڪئبنون هڪ ٻئي جي ڀرسان هيون) ڪولائون گهرايون هيون يعني اهي ئي ڪوڪا ڪولا، پيپسي ڪولا، سيون اپ ۽ فانٽا وغيره. يورپ ۾ اهي ٽين جي دٻن ۾ ملي رهيون هيون پر هتي ڊٻن بدران بوتلن ۾ مليون. مون وانگر جنھن ٻه ڪريٽ آرڊر ڪيا هئا تنھن کي انهن بدران ٻيڻا يعني چار ڪريٽ بوتلن جا مليا هئا. اٽڪل سؤ سؤ کن بوتلون اسان جونئرن مان هر هڪ کي مليون.
لاس پاماس (ڪَناري ٻيٽ) تي اتفاق اهڙو ٿيو جو اسان جو جھاز مقرر وقت کان ڪجهه وڌيڪ ئي ترسي پيو. ان کان علاوه جھاز جي Exhaust بئالر جي مرمت به اتي ئي ڪرائڻي پئجي وئي. انهن ڏينھن ۾ گرمي به چڱي خاصي هئي سو ايندي ويندي اسان جو مارو ڪوڪا ڪولا ۽ فانٽا وغيره تي هو سو لاس پاماس ٻيٽ ڇڏڻ کان اڳ، سڀني وٽ ڇڙيون خالي بوتلون وڃي بچيون هيون، جي ٻئي گند ڪچري سان گڏ وچ سمنڊ ۾ اڇلڻيون هيون.
جڏهن جھاز لاس پاماس مان لنگر کڻي اڳتي رڙهيو ته مون کي هڪ خيال آيو. اهڙا روشن خيال هر ماڻهوءَ کي ڪناري تي ڪموڊ جي سيٽ تي وهندي يا سمنڊ تي ڊيوٽي دوران بلوئر (جتان انجڻ روم ۾ ٿڌي هوا اچي) جي هيٺان بيھي سوچڻ تي اڪثر ايندا آهن. مون پنھنجي هڪ ففٿ انجنيئر دوست زمان، ڪئڊٽ غضنفر خان ۽ ڪئڊٽ رباني کي سڏي چيو ته ”ٽن ڏينھن کانپوءِ پاڻ اهڙي هنڌ تي پھچنداسين، جتان ڪنارو اسان جي جھاز کان سوين ميل ڏور هوندو _ سو به آفريڪا کنڊ جو، اتر آمريڪا، ڪئناڊا ۽ ڏکڻ آفريڪا جو ڪنارو ته اڃان به هزارين ميل پري هوندو. اچو ته ڪاغذن تي ڪجهه لکي پوءِ هنن خالي بوتلن ۾ وجهي اتان سمنڊ ۾ اڇلايون _ پوءِ ڏسون ته هي بوتلون ڪھڙي ملڪ ڏي تريو وڃن ٿيون. کاٻي پاسي اوڀر ۾ آفريڪا کنڊ جا ملڪ نائيجيريا، گهانا، مراڪش، ماريطانيا، ڪئمرون، ائنگولا ۽ نميبيا وغيره آهن، ساڄي پاسي اولهه ۾ ڪئناڊا، USA ۽ وچ آمريڪا ۽ سائوٿ آمريڪا جا ملڪ وينزوئلا، ارجنٽائنا ۽ برازيل وغيره آهن، سامهون هيٺ آسٽريليا آهي ۽ مٿي اتر ۾ يورپ ۽ انگلنڊ آهي.“
”ان مان ڀلا ڪھڙو فائدو جو اهو خفو ڪجي؟“ ان وقت جھاز جو هڪ ٻيو انجنيئر عاشق ميمڻ به اچي نڪتو هو، تنھن ٿڏي تي نفعي نقصان جو حساب ڪري اسان کي اهڙي ڪم کان دلشڪستو ڪيو. ”جنريٽر جي اوورهالنگ پئي هلي، ڇا اها مٿي تي مصيبت گهٽ آهي.“
”يار فائدي نقصان کي ڇڏيو. مڙيئي ٿيو وقت پاس ڪرڻو.“ مون پنھنجي ساٿي آفيسر کي چيو.
رات واري چار ڪلاڪ ڊيوٽيءَ ۾ مختلف مشينن ۽ انجڻين جي چوڌاري چڪر هڻندي هڪ خط جو مضمون سوچيندو رهيس، جيڪو انهن بوتلن ۾ وجهي سمنڊ ۾ لوڙهيو وڃي. ڊيوٽي ختم ٿيڻ تائين هي مضمون جوڙيم:
” عالمي امن ۽ سلامتيءَ خاطر“
(ڄڻ عالمي امن ۽ سلامتي واقعي خطري ۾ هجي! بھرحال اهو لکڻ ان ڪري ضروري سمجهيم، جيئن پڙهندڙ کي لڳي ته هي ڪم UNO جھڙي اداري جو ڪو مفڪر ۽ عالم پيو ڪري ۽ نه اسان جھڙو ڪو جھازي لوفر....)
”محترم/ محترمه!“
توهان خوش نصيب آهيو جو توهان کي هيءَ بوتل ملي آهي جيڪا انهن چند بوتلن مان هڪ آهي جيڪي وچ ائٽلانٽڪ سمنڊ تان اڇلايون ويون آهن (جيتوڻيڪ اهي چند يا ڏهه ٻارهن بوتلون نه پر ٻه سؤ کن اڇلايون ويون هيون، پر اهو سوچي ته بوتلن کي حاصل ڪرڻ وارو ڀلي وڌيڪ ٽپا ڏيئي خوش ٿئي...)توهان جيڪڏهن دوستي رکڻ جا خواهشمند آهيو ته هيٺين ائڊريس تي خط لکي سگهو ٿا. ڪنھن به رنگ، مذهب، قوم ۽ ملڪ جو قيد ناهي. (اها سٽ ڪئڊٽ ربانيءَ جي صلاح سان وڌائي وئي هئي. ڇو جو ربانيءَ جو اهو خيال هو، جيڪو بلڪل صحيح ٿي لڳو ته ٿي سگهي ٿو ته هوا جو رخ يا سامونڊي لھرون اهڙي طرف جون هجن جو سڀ يا جيڪي بوتلون جنھن ڪناري تي پھچن اهو آفريڪا جي ملڪ جو هجي. ۽ آفريڪا ۾ رنگ ۽ نسل جو ايڏو چڪر آهي جو ٿي سگهي ٿو ته هو اسان کي گورا يورپي سمجهي، خط نه لکن جو هنن کي خبر آهي ته هر انگريز يا يورپي ڪاري آفريڪن سان نفرت ٿو ڪري....)
توهان جي خط جو انتظار رهندو.“

خط لکي هيٺان تاريخ ۽ ڪراچي آفيس جي ائڊريس هڻي سمهي رهيس. ڪراچي آفيس جي ائڊريس ان ڪري جو قاعدي موجب جھاز کڻي ڪھڙي به بندرگاهه ۾ هجي، اسان جي هيڊ آفيس وارن کي جھازين ڏي خط پنھنجي خرچ سان ان ملڪ ڏي موڪلڻا پوندا آهن.
صبح جو منھنجو بنگالي پوڙهو نوڪر (ڪئبن بئاءِ) اٿارڻ آيو ته اٿندي ئي پڇيو مانس:
” علي! لکڻ پڙهڻ به ايندو اٿئي يا نه؟“
” ها صاحب! اچي ٿو. مئٽرڪ پاس ڪري نه سگهيس پر اخبار پڙهيو وڃان.“ هن جواب ڏنو.
جھاز تي فقط اهو هڪ علي هو جنھن جا اسين ”صاحب“ هئاسين.
”ڏاڍو سٺو. اڄ توکي نه ڪئبن ٺاهڻي آهي ۽ نه ماني کارائڻي آهي. هي رائيٽنگ پئڊ، ڪاربن پنا ۽ پين کڻ ۽ هن خط جون ڪاپيون ٺاهڻ شروع ڪر.“
منجهند جو ڊيوٽي تان آيس ته اٽڪل ڏيڍ سئو کن خطن جون ڪاپيون تيار رکيون هيون. هاڻ مسئلو اهو هو ته اهي بوتلن ۾ بند ڪيئن ڪجن، جيئن بوتلن ۾ اندر پاڻي نه وڃي ۽ بوتلون سلامت ترنديون رهن. انهن کي سندن لوهي ڍڪن سان بند ڪرڻ صحيح نه هو جو هڪ ٻن ڏينھن بعد سمنڊ جي کاري پاڻيءَ ڪري انهن ڍڪن کي ڪٽ لڳي سگهي ٿي ۽ پاڻي سيمو ڪري بوتل ۾ اندر وڃي سگهيو ٿي ۽ پوءِ بوتل وارو خط هڪ طرف پُسندو ته ٻي طرف بوتل ترڻ بدران وڃي سمنڊ جو ترو کڻندي. بوتلن کي بند ڪرڻ جو هڪ بھتر طريقو اهو هو ته انهن جا منھن پلاسٽڪ يا نئلان جي ڪپڙي سان بند ڪيا وڃن. ان لاءِ ڪئڊٽ غضنفر نئلون جو بارشي ڪوٽ کڻي آيو جيڪو کيس پراڻي چيف آفيسر جھاز ڇڏڻ وقت ڏنو هو. ان ڪوٽ مان ٽڪر ڪتري بوتل جي منھن تي رکي، سوٽي ڌاڳي سان ٻڌي ان کي بارديءَ ۾ چوويھه ڪلاڪ رکيوسين ته سمنڊ جي سخت کاري پاڻيءَ ڪري اهو ڌاڳو ڇڄي پيو ۽ پاڻي اندر هليو ويو. ڪئڊٽ ربانيءَ سان ڳالهه ڪيم ته هن چيو ته ”اهو مسئلو آئون حل ڪندس.“
جھاز تي ڪيترائي بنگالي خلاصي هئا، جن مڇيون ڦاسائڻ جي ڄاري ٺاهڻ لاءِ بيروت مان نئلان جو ڌاڳو ورتو هو. رباني ويو سو انهن کي ڪجهه پاڪيٽ سگريٽن جا ڏئي ان ڌاڳي جا ٻه کن ريل وٺي آيو. پوءِ ته بوتلن جي پئڪنگ شروع ٿي وئي. پنھنجيون ۽ پرايون ڪيتريون ئي خالي بوتلون گڏ ڪيون هيوسين انهن۾ خطن کي گول ويڙهي وجهندا وياسين. مٿان غضنفر جي Rain Coat واري ڪپڙي سان ڍڪي، نئلان جي ڌاڳي سان سندن منھن ٻڌندا وياسين. ٽئي ڏينھن، منجهند جو لنچ کانپوءِ انهن بوتلن جون ڳوڻيون ڀري ڪئبن مان ڇڪي ڇڪي مٿي بوٽ ڊيڪ تي آياسين، جتان بيھي ڳوڻين کي اونڌو ڪندا وياسين. اڇي ۽ سائي رنگ جون بوتلون ڇڻ ڇڻ ڪري سمنڊ ۾ ڪِرڻ لڳيون ۽ پاڻيءَ ۾ هلڪي ٽٻي هڻي چوڌاري ٽڙي پکڙي ترڻ لڳيون. هيٺ مين ڊيڪ ۽ پٺيان پوپ ڊيڪ تي بيٺل ڪجهه خلاصي به انهن کي پري پري تائين تيسين ڏسندا رهيا، جيسين جھاز تمام گهڻو اڳتي نڪري ويو. هو ضرور سوچي رهيا هوندا ته هونءِ ته سمنڊ ۾ اڇليل سامان ٻڏيو وڃي هي ڪيئن تري رهيون آهن.هنن کي اها خبر نه هئي ته انهن بوتلن جا منھن بند آهن. منجهن پاڻي اندر نٿو وڃي ان ڪري اهي هلڪييون هجڻ ڪري تري رهيون آهن.
ڪئڊٽ غضنفر جيڪو ان وقت جھاز جي برج (ڪنٽرول روم) تي هو ۽ جھاز جي طاقتور بائناڪيولرن سان ميل ٻن تائين ڏسندو رهيو، تنھن بعد ۾ ٻڌايو ته جھاز تان ڪرڻ مھل اهي بوتلون ڪجهه فاصلو، جھاز جي پنکي جي ‘Suction effect’ ڪري، جھاز جي پٺيان پٺيان اينديون رهيون ان بعد اوڀر کان ايندڙ وڏيون ڇوليون انهن کي اولھه ڏي ڌڪينديون رهيون.
”ان جو مطلب اهو ٿيو ته اهي بوتلون وچ آمريڪا يا ويسٽ انڊيز وارن ٻيٽن ڏي هليون وينديون“. ڪئڊٽ ربانيءَ چيو.
”اهو تڏهن ٿئي جڏهن سمنڊ ڌڪڻ وارو فئڪٽر فقط لھرون هجن. ٿي سگهي ٿو سمنڊ اندر پئدا ٿيندڙ ڪُن ۽ درياهه (Under Currents) انهن کي ٻي رخ ڏي موڙين يا اڳتي هلي کين اهڙو طوفان ملي جيڪو کين وچئين ٽي طرف ڏي موڙي وڃي.“ اسان جي ساٿي ففٿ انجنيئر زمان پنھنجي جاگرافيائي ڄاڻ جو اظھار ڪيو.
ويھن ڏينھن بعد جھاز ڪينيا جي بندرگاهه ممباسا ۾ پھتو. سڀني جو سک ڦٽي پيو. هرڪو پڇڻ لڳو: ”ادا! بوتلن واري خط جو ڪو جواب ڪٿان آيو؟“
پوءِ ڪنھن کي وات سان ته ڪنهن کي ڪنڌ جي نھڪار سان جواب ڏيندا رهياسين. ريڊيو آفيسر ڪجهه ٽوڪ مان پڇيو ته اسان به چڙ مان جواب ڏنس ته ”ميان خالي بوتلون لھرن ۽ هوا جي رحم و ڪرم تي ڇڏيون اٿئون. ساڻن راڪيٽ ڪونه ٻڌا هئاسين جو اسان جي جھاز کان اڳ بندرگاهن ۾ پھچي وڃن.“ ۽ هونءَ به اهو ضروري ته نه هو ته اهي بندرگاهن ۾ يا انهن جي ويجهو پھچن جتي ماڻهو هجن. ٿي سگهي ٿو ڪنھن ملڪ جي ڪنھن ويران سامونڊي ڪناري تي وڃي پھچن جتي ڪو بني بشر نه هجي.
مھني بعد دبئي آياسين. اتي به پھرين ڪراچيءَ کان آيل ٽپال کولي وئي پر ان ۾ ڪو به اهڙو خط نه هو، جنھن جو سڌو يا اڻ سڌو واسطو بوتلن سان هجي. هفتو ٻه دبئي ۾ رهي قطر جي بندرگاهه دوحا ۾ آياسين. اتي به ڪو خط نه آيو. پوءِ واپس ڪراچي (هوم پورٽ) ۾ آياسين جتي ٻيا ته ڪيترائي آفيشل ۽ غير آفيشل خط آيل هئا، پر بوتلن واري خط جي ورنديءَ ۾ ڪو خط نه هو. سخت بوريت ٿي پر کل ڀوڳ ۾ ڳالهه وسري وئي. هر ڪو پڇڻ لڳو: ”ادا ڪو خط پٽ؟“ ۽ وري جواب به پاڻ ٿي ڏنائون: ”ڪنھن ماڻهوءَ تائين بوتل پھچي ها ته خط به اچي ها. ڪناري تائين پھچڻ کان اڳ سڀ بوتلون ڪا وهيل مڇي هڙپ ڪري وئي هوندي..“
”يا ڪنھن اهڙي ملڪ جي ڪناري تي وڃي سَٽيون هونديون، جتي جا باشندا انگريزيءَ کان اڻ واقف هوندا...“
”يا ڪنھن اهڙي جاهل مھاڻي کي مليون هونديون، جنھن خط ڦاڙي، بوتلون چئين چئين آني وڪڻي ڇڏيون هونديون...“
هرڪو سوال سان گڏ طنزيه جواب پڻ ڏيڻ لڳو. وري ان سان گڏ صلاح مشورو به ڏيڻ لڳو _ شايد اسان کي وڌيڪ خوار ڪرڻ لاءِ.
ففٿ انجنيئر زمان پنھنجي عينڪ جا ٿلها شيشا صاف ڪندي مون کي آهستي چيو: ”اجايو ٻين سان ڳالهه ڪئيسين. ان ڪري ته آئون چوندو آهيان ته هميشه Low Profile رکجي.“
”ادا پنجوئو (يعني ففٿ انجنيرو) هاڻ هيئن ڪجو، جو آئيندي اهڙيون ڳالهيون خطن واريون بوتلون ڪنھن ڪناري وٽ ئي لوڙهي ڇڏجو، جيئن چند ڪلاڪن ۾ ڪناري تائين پھچي وڃن.“ ڪنھن صلاح ڏني ۽ زمان ۽ مون ان کي ڪاوڙ مان گهوري ڏٺو. ظاهر آهي هو اسان جي سينئرن مان هڪ هو جنھن کي ڪجهه گهٽ وڌ نٿي چئي سگهياسين.
”ان لاءِ لارينزو مارڪس، بارسلونا ۽ اٽليءَ جي هر بيچ (سامونڊي ڪنارو) بھتر ٿيندو جتي هر وقت پورچوگالي، اسپيني ۽ اطالوي ڇوڪريون بڪنين ۾ ڦرنديون رهن ٿيون...“
”يارو! ٻين ملڪن جي ڪنارن تي ڇو ٿا ڇڏيو، پنھنجي ملڪ ۾ ڇو نٿا ڇڏيو. رات جو وڃي ڪلفٽن تي رکي اچجو...“ هڪ ٻئي همراهه صلاح ڏني ۽ پوءِ وري پاڻ ئي پنھنجي تشويش جو اظھار ڪيو: ”هونءَ هڪ ڳالهه آهي. ڪلفٽن تي جيڪي اچن ٿا سي دهي بڙا ۽ چاٽ کائڻ کان واندا هجن ته بوتلن کي به کولين. انهن لاءِ انڌي جھڙي پيڪين تھڙي ساهرين.“
بھرحال اسان کي ڇتو ڪرڻ لاءِ يا شايد جھاز جي بور زندگيءَ کي ڪجهه خوشگوار بنائڻ لاءِ ان قسم جي ڳالهه ٻولهه هلندي رهي ٿي. مون کي اهو به محسوس ٿيو ته هر هڪ کي هڪ قسم جو تجسس پڻ آهي ته نيٺ اهي بوتلون ويون ڪيڏانھن! سڀ نه، ته به ڪي ته ڪنھن ملڪ جي ڪناري تي پھتيون هونديون. پر سڀ بيڪار ثابت ٿيو ۽ وقت سان گڏ آهستي آهستي اها ڳالهه اسان سڀني کان وسري وئي. رڳو مينھن پوندو هو ته غضنفر جي رين ڪوٽ جي ياد ايندي هئي ۽ افسوس ٿيندو هو ته ان کي ڇو ڦاڙي ٽڪرا ٽڪرا ڪيوسين. اهو رين ڪوٽ يورپ جي سردي وارن مينھن ۾، کانئس اڌارو وٺي اسان به استعمال پئي ڪيو.
اسان ٻي Voyage (سفر) تي نڪتاسين. ڪراچيءَ کان سڌو چٽگانگ آياسين. ان کانپوءِ چين ڏي جھاز کي وٺي وياسين، جتان پوءِ ڪولمبو موٽياسين. ڪولمبو مان مٿي ڪراچي اچڻ بدران ڏکڻ آفريڪا جو رخ رکيوسين. اتان پوءِ اتر آمريڪا (USA) ۽ ڪئناڊا جي مختلف بندرگاهن ۾ ڦرندا رهياسين. ڪنھن بندرگاهه ۾ سامان لاهڻو هو ته ڪنھن مان سامان چاڙهيندا رهياسين ۽ ڪنھن ۾ وري جھاز جي مرمت وغيره ڪرائيسين. بوتلن کي ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ اڇليندي هاڻ پورو سال گذري چڪو هو ۽ هر هڪ جي دل تان اها ڳالهه ميسارجي چڪي هئي، بلڪ ان وچ ۾ مختلف سمنڊن ۽ بندرگاهن ۾ ان کان وڌيڪ ٻيون ڪيتريون ئي دلچسپ ڳالهيون ٿي چڪيون هيون _ جن جو ڪچھرين ۾ ذڪر ڪري خوش پئي ٿياسين. ٽيڪساز رياست جي بندرگاهه هيوسٽن ۾ پھتاسين ته ڪراچي هيڊ آفيس مان هڪ ڪلارڪ جو خط آيو (جنھن جو ڪم جھازين ڏي مختلف بندرگاهن ۾ خط موڪلڻ آهي) ته منھنجي نالي ڪيترائي خط گڏ ٿي چڪا آهن، سو اهي سڀ ايڏو ڏور پوسٽ ڪرڻ مشڪل آهي. جھاز جي ڪراچي پھچڻ تي آفيس مان کڻي وڃجو.
مون کي ڏاڍي حيرت ٿي ته ايترا خط آيا ڪٿان ۽ لکيا ڪنھن! ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ٻين جي مقابلي ۾ مون وٽ گهڻا خط آيا ٿي _ انهن جونيئرن جا جيڪي اڃان جھاز راني جي تعليم حاصل ڪري رهيا هئا، مائٽن مٽن ۽ دوستن جا ۽ منھنجا مضمون عبرت اخبار وغيره ۾ پڙهڻ وارن جا. پر گهڻا گهڻا تڏهن به ڪنھن جو هڪ خط آيو ٿي ته منھنجا ٻه خط يا وڌ ۾ وڌ ٽي خط هوندا هئا ۽ هينئر اهو پڙهي مون کي ڪجهه ڪجهه چرچو لڳو ته مون لاءِ ايترا خط آيا آهن جو هڪ جھاز ران ڪمپني جھڙي امير اداري جي انهن کي پوسٽ ڪرڻ تي دل سست ٿي ٿئي.
جھاز جڏهن ڪراچيءَ پھتو ته خطن جي ڳوٿري ملي. جلدي جلدي خط پڙهڻ شروع ڪيم. ڏهه ٻارهن خط پڙهڻ سان ئي سڄي قصي جي ڄاڻ پئجي وئي. هڪ خط آسٽريليا جي بندرگاهه سڊنيءَ مان اتي جي ڪنھن مھاڻي جي پٽ جو هو. باقي خط آفريڪا کنڊ جي مختلف شھرن مان هئا.
آسٽريليا واري خط ۾ هو: ”توهان جي وچ سمنڊ ۾ ڇڏيل بوتل منھنجي پوڙهي پيءُ کي مڇين جي ڄار ۾ ملي. منھنجو پيءُ انگريزي پڙهيل ناهي، سو هن اها بوتل منھنجي حوالي ڪئي. گهڻواڳ آمريڪا وارن ڪجهه ڦوڪڻا ڇڏيا هئا ته جن کي جنھن ملڪ ۾ ملندو تن کي انعام ڏنو ويندو. سو منھنجي پيءُ به هيءُ بوتل ان قسم جي انعام سان لاڳاپيل سمجهي. بھرحال هاڻ توهان ڏي خط لکي رهيو آهيان...“
اها بوتل سڊنيءَ ۾ ڏهن مھنن بعد پھتي هئي. خط استوا وٽ ويھه ڊگريون ڊگهائي ڦاڪ (Longitude) تي اڇلايل اها بوتل ڏکڻ طرف ائٽلانٽڪ سمنڊ لتاڙي ڪيپ آف گڊ هوپ وٽ هندي وڏي سمنڊ ۾ پھچي يا ٻئي پاسي ڪيپ آف گڊ هارن لتاڙي پئسفڪ سمنڊ مان ٿيندي آسٽريليا پھچي _اها هڪ حيرت جي ڳالهه آهي ۽ هڪ جاگرافر ۽ نيويگيٽر لاءِ ته اها ڳالهه Theoretically نا ممڪن آهي. خبر نٿي پوي ته ڪھڙين سامونڊي لھرين ذريعي يا طوفاني هوائن جي اثر تي اها اتي پھتي.
ٻي بوتل آفريڪا کنڊ جو پاسو ڏيندي ڪيپ آف گڊ هوپ جي تيز وهڪري ۾ لڙهندي ڏکڻ آفريڪا جي شھر ”ايسٽ لنڊن“ جي سامونڊي ڪناري تي اچي پھتي. مسز جينيفر پنھنجي مڙس سان ان شھر ۾ هني مون ملهائي رهي هئي ۽ ان ڏينھن سمنڊ جي ڪناري تي اس جو سيڪ وٺندي سندس نظر سمنڊکان ايندڙ هن بوتل تي پيئي. پري کان ٻار ڊوڙي اچي کڻن، تنھن کان اڳ پاڻ ٽپ ڏئي اٿي کنيائين. پاڻ اتي جي هڪ مقامي اخبار جي ڪالم نويس به آهي. هن کي جو ان قسم جي Message واري بوتل ملي ته هن ان تي هڪ وڏو مضمون “Mysery of a Bottle” جي عنوان سان ڏکڻ آفريڪا جي هڪ مشھور انگريزي اخبار “دي نيشن” ۾ ڇپرايو، جنھن ۾ اهو سڄو احوال لکيائين ته کيس ڪيئن اها بوتل ملي، جنھن جو ڍڪ کولڻ تي دونھين سان گڏ جِنُ نڪرڻ بدران هڪ ننڍڙو خط مليو. ان خط جو فوٽو پڻ ان اخبار ۾ ڏنل هو (ڇا ياد ڪندو اسان وارو ڪئبن بواءِ علي به ته سندس هٿ لکڻي جڳ جھان ڏٺي) اها اخبار آفريڪا جي ٻين ڪيترن انگريزي ڳالهائيندڙ ملڪن (نائيجيريا، ڪينيا، گهانا، رهوڊيشيا، سيريا ليون وغيره) ۾ پڻ مشھور آهي.
مٿيون مضمون ڇپجڻ بعد ٻئي ڏينھن کان ڪيترن ئي ملڪن جي پڙهندڙن خط لکڻ شروع ڪيا. اهي خط ٻارهن سالن کان 60 ورهيه جي ڄمار جي ماڻهن جا هئا _ جن ۾ مرد توڙي عورتون اچي وڃن ٿيون. (لڳي ٿو ته آفريڪا جي ماڻهن کي ڪافي واندڪائي آهي.) اڌ کان وڌيڪ خط اسٽوڊنٽس جا آهن. سڀ کان گهڻا خط ڊربن، ايسٽ لنڊن، جھانسبرگ ۽ ڪيپ ٽائون وارن جا آهن. ان کانپوءِ ٻئي نمبر تي ممباسا، نئروبي، دارالسلام، لاگوس وغيره کان آهن. ڪيترائي خط پنھنجي حساب سان دلچسپ آهن ۽ ٻه ٽي ادبي نموني جا پڻ آهن. هڪ ڏهن سالن جي ٻار جو آهي، جنھن ۾ هن لکيو آهي ته : “ مون کي اها خبر ناهي ته توهان جو ملڪ ڪٿي آهي. پر اها پڪ اٿم ته تمام پري هوندو جو هي خط پوسٽ ڪرڻ تي مون کي يارهن شلنگن جون ٽڪليون هڻڻيون پونديون.“
ڪجهه خط قلمي دوستي جي ڪلبن مان پڻ آيل آهن ته هنن جون ائڊريسون اخبار ۾ ڏنيون وڃن. منھنجي ساٿي انجنيئر زمان آهستي سس پس ڪري پڇيو ته خط ۾ ڪو رومال يا ٻي ڪا شيءِ تحفي ۾ به آئي آهي يا نه؟
”ڪا شيءِ آئي ته نه آهي، پر گهانا مان ٻه ٽي خط اهڙا آيا آهن، جيڪي ٿي سگهي ٿو ڇوڪرن جا هجن، پر ظاهري طرح ڇوڪرين جي نالي سان آهن، جن ڇوٽ ۾ ئي لکيوآهي ته ”هيلو! هائو آر يو؟ آءِ لو يو. اسان لاءِ ڪو گفٽ موڪليو...“
زمان ٽھڪ ڏئي چيو: ”ٺھيو. هي ته اها ئي چوڻي ٿي ته بکيا هليا آهن سڃين وٽ ته عيد ڪڏهن ٿيندي.“
بھرحال ٻه سؤ کن اڇلايل بوتلن مان فقط ٻه کن بوتلون اهڙيون هيون جيڪي ڪن جي هٿن تائين پھتيون ۽ هونءَ ان حساب سان فقط ٻه خط اچن ها، پر انهن ۾ هڪ ليکڪ هجڻ ڪري اخبار ۾ ڄڻ ته اشتھار ڇپجي ويو. ان ڪري ٽي چار ڊزن خط ملي ويا. انهن ٻن بوتلن کان علاوه باقي ٻيون بوتلون ڪيڏانھن ويون، انهن بابت ڪجهه چئي نٿو سگهجي. ٿي سگهي ٿو ته اهي واقعي ڪنھن وڏي مڇي جي پيٽ ۾ وڃي نڪتيون هجن يا بقول ڪئڊٽ ربانيءَ جي اڃان سفر ڪري رهيون هجن. سمنڊن جا سمنڊ جهاڳي رهيون هجن. يا بقول ڪئڊٽ غضنفر جي اهي بوتلون ڪراچيءَ جھڙي ڪنھن شھر جي بوتل گلي ۾ چئين آني في داڻي جي حساب سان وڪامي چڪيون هجن.
(مٿيون مضمون جنوري 1970 ۾ لکيو ويو)

مٿين ڪھاڻيءَ جا ڪجهه ڪردار اڄ ٽيھه ٻٽيھه سالن کانپوءِ:
_ ڏهاڪو کن سال وڌيڪ جھاز هلائي، مختلف ملڪن ۾ ڪناري جي نوڪري (Shore Job) ڪري هاڻ آئون پاڪستان مئرين اڪيڊمي ۾ ٽيچنگ جاب ڪري رهيو آهيان. رٽائرڊ ٿيڻ ۾ ٻه سال کن اٿم يعني هاڻ 58 سالن جو آهيان. تڏهن 26 سالن جو هوس.
_ ففٿ انجنيئرزمان (سڄو نالو بديع الزمان) منھنجو تعليم دوران مئرين اڪيڊمي چٽگانگ ۾ ڪلاس ميٽ هو ۽ بنگلاديش ٿيڻ تائين اسان ڪيترن ئي پاڪستاني جھازن تي گڏ Sail ڪيو. 1971ع کانپوءِ هو بنگلاديش هليو ويو ۽ اتي جا جھاز هلائيندو رهيو تان جو آخر ۾ چيف انجنيئر جي عهدي تي پھتو. ان کانپوءِ ”بنگلاديش شپنگ ڪارپوريشن“ جو ٽيڪنيڪل ائڊوائيزير ٿي رهيو. هو منھنجي ئي عمر جو آهي. ڪجهه سال اڳ نوڪري ڇڏي پنھنجو بزنيس شروع ڪيو اٿس.
_ڪئڊٽ غضنفر ۽ ڪئڊٽ رباني اسان کان ٽي سال کن ننڍا آهن. غضنفر مختلف جھاز هلائيندو آخرڪار جھازن جو ڪئپٽن ٿيو ان بعد ٻاهرين ملڪن جا جھاز هلائيندو رهيو. هاڻ جھاز هلائڻ بدران مختلف ملڪن جي جھازن جي مئنيجمينٽ ڪري ٿو ۽ پنھنجي آفيس“جيوپيٽر مئرين سروس” نالي ڪراچي ۾ اٿس. پاڻ ڪئپٽن جي. يو. خان جي نالي سان مشھور آهي.
_ڪئڊٽ رباني بنگلاديش ٿيڻ بعد پنھنجي ڳوٺ ڍاڪا هليو ويو مرچنٽ نيوي ڇڏي بنگلاديش فوج جي نيوي Join ڪيائين ۽ پروموشن حاصل ڪندو هاڻ ڪموڊور (يعني برگيڊيئر) جي رئنڪ تي آهي ۽ چٽگانگ پورٽ ٽرسٽ جو چيئرمين آهي. پاڻ مئٽرڪ ۽ انٽر اسان واري ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان ڪئي هئائين. جتي هو لياقت جتوئي، ڪئپٽن رشيد ابڙو، ڊي آئي جي محسن پنھور جن جو ڪلاس ميٽ هو.
_عاشق ميمڻ هڪ ٻه Voyages (سامونڊي سفر) اسان سان گڏ ساڳي جھاز تي ڪري پوءِ موڪل تي لٿو هو. ان بعد ساڻس وري ملاقات نه ٿي آهي.

_الطاف شيخ
مئي 2002