تازن معرڪن جي تاريخ
لڳ ڀڳ ڏيڍ صدي اڳ لکيل ھن تاريخي تحرير جو فارسي ڇاپو سنڌي ادبي بورڊ پاران 1959ع ۾ ڇپايو ويو. بعد ۾ حڪيم نياز ھمايوني ان جو سنڌي ترجمو ڪيو. ھي ڪتاب اڻويھين صدي جي سنڌ افغان لاڳاپن ۽ انگريزن جي سنڌ تي حاڪميءَ جي ابتدائي مرحلي بابت اھم ترين ماخذن مان ھڪ ۽ اکين ڏٺي احوال ھجڻ سان اڳ ان دور بابت بنيادي معلومات فراھم ڪندڙ دستاويز طور تمام گهڻي اھميت رکي ٿو.