سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران هاورڊ موئر جي لکيل ڪتاب Savage Survivals جو سنڌي ترجمو ”وحشي جيوت جا نشان“ اوھان اڳيان حاضر آھي، جنھن جو سنڌيڪار محمد ابراھيم جويو آھي.
ھي ڪتاب جڳ مشھور سيريز Thinkers' Library جي ڪتابي سلسلي جي ڪڙي آهي. ڪتاب جو تت اهو آهي تہ انسان حيوان مان انسان ڪيئن ٿيو. ڪتاب ۾ ڪل پنج باب آهن. پهرين باب ۾ پالتو جانورن جي اصل نسل بابت اڀياس ٿيل آهي. ٻئين باب ۾ پالتو جانورن ۾ وحشي جيوت جي نشانن جو ذڪر آهي، ٽئين باب ۾ مٿينءِ قسم جي ماڻهن/قومن جو حسب نسب اچي وڃي ٿو، جنهن ۾ انگريز ڪٿان آيا، نيون قومون، جاگرافي، ماڻهو ڪيترو پوڙهو آهي، انسان ذات جو پکڙجڻ، ڌار ڌار نسل، انسان ذات جي اوسر جا دور، وحشي ماڻهن جا ڌنڌا، وحشي ماڻهن جي طبيعت، وحشي ماڻهن جي سمجھ، وحشي ماڻهن جا اخلاقي خيال وغيره اچي وڃن ٿا. چوٿين باب ۾ جبلتون، عادتون، ڪارائتيون ۽ زائد جبلتون، ڊپ جي جبلت، ويڙھ جي جبلت، شڪار جي جبلت، قبيلائي جبلت وغيره اچي وڃن ٿا. پنجين ۽ آخري باب ۾ راند جي جبلت، نقل ڪرڻ جي جبلت، سُستيءَ جي جبلت، بدلي جي جبلت، خود غرضيءَ جي جبلت، ٻيون زائد ۽ نيون جبلتون، زائد رواج وغيره اچي وڃن ٿا. ڪتاب ۾ اوهان کي ڪيترن ئي سوالن جا جواب پڻ ملي ويندا.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1976ع ۾ جڏھن تہ ٻيو ڇاپو 1994ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان حاضر آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھن