شخصيتون ۽ خاڪا

ماڻھو شھر ڀنڀور جا

رباني صاحب جي ھيءَ تخليق ڏيھي ۽ پرڏيھي ادبي ثقافتي، سماجي ۽ سياسي شخصيتن جي زندگي جي مختلف رُخن تي روشني وجهي ٿي. پاڻ هن ڪتاب ۾ انھن شخصيتن جي مکيہ پھلوئن جا عڪس پنھنجي لکڻيءَ وسيلي پسيا آهن. ھن ڪتاب ۾ ڪل 26 خاڪا آهن، جن ۾ سائين جي ايم سيد، پير علي محمد راشدي، پير حسام الدين راشدي، مخدوم سجاد حسين قريشي، ڊاڪٽر ائنيمري شمل، ايلسا قاضي، سوڀو گيان چنداڻي، شيخ اياز، جمال ابڙو، ڊاڪٽر جي ايم مھڪري، شيخ حفيظ، نورالدين سرڪي، تنوير عباسي، حميد سنڌي، جمال رند، استاد اظھار حسين، ارنسيٽ ٽرمپ، ڊئوڊ چيئرمين، ليڊي ڊايانا، ڀڳت ڪنور رام، حسين شاھ راشدي، پروين شاڪر، ڊاڪٽر نجم الاسلام، محمد حسن ڀٽو، اعجاز قريشي ۽ غلام علي (پريس ورڪرز يونين جو صدر) شامل آهن

  • 4.5/5.0
  • 35
  • 4
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book ماڻھو شھر ڀنڀور جا

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ليکڪ غلام رباني آگري پاران مختلف شخصيتن جي خاڪن تي لکيل ڪتاب ”ماڻھو شھر ڀنڀور جا“  پيش آھي. 
رباني صاحب جي ھيءَ تخليق ڏيھي ۽ پرڏيھي ادبي ثقافتي، سماجي ۽ سياسي شخصيتن جي زندگي جي مختلف رُخن تي روشني وجهي ٿي. پاڻ هن ڪتاب ۾ انھن شخصيتن جي مکيہ پھلوئن جا عڪس پنھنجي لکڻيءَ وسيلي پسيا آهن. ھن ڪتاب ۾ ڪل 26 خاڪا آهن، جن ۾ سائين جي ايم سيد، پير علي محمد راشدي، پير حسام الدين راشدي، مخدوم سجاد حسين قريشي، ڊاڪٽر ائنيمري شمل، ايلسا قاضي، سوڀو گيان چنداڻي، شيخ اياز، جمال ابڙو، ڊاڪٽر جي ايم مھڪري، شيخ حفيظ، نورالدين سرڪي، تنوير عباسي، حميد سنڌي، جمال رند، استاد اظھار حسين، ارنسيٽ ٽرمپ، ڊئوڊ چيئرمين، ليڊي ڊايانا، ڀڳت ڪنور رام، حسين شاھ راشدي، پروين شاڪر، ڊاڪٽر نجم الاسلام، محمد حسن ڀٽو، اعجاز قريشي ۽ غلام علي (پريس ورڪرز يونين جو صدر) شامل آهن
ھي ڪتاب 2012ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان حاضر آھي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھن

ڇپائيندڙ پاران

ڪتاب ’ماڻهو شهر ڀنڀور جا‘ سنڌي ادب جي نامور نثرنگار سائين غلام رباني آگرو جن جي آخري تصنيف آهي، جيڪا پڻ سندن اڳين تصنيفن جيان تحرير جي دلڪشي ۽ اسلوب سبب ڏاڍي دلپذير آهي ۽ لکڻ جو اِهو انداز اتساهيندڙ ادب جو هڪ اهم حصو آهي. پاڻ زندگيءَ جي مختلف مرحلن ۾ تجربي ۽ تلخيءَ جي وِهه کي ماکيءَ ۾ بدلائي عجب جهڙو ڪم ڪيو آهي.
رباني صاحب جي اِها تخليق ڏيهي ۽ پرڏيهي ادبي ثقافتي، سماجي ۽ سياسي شخصيتن جي زندگي جي مختلف رُخن تي روشني وجهي ٿي. پاڻ هن ڪتاب ۾ انهن شخصيتن جي مکيه پهلوئن جا عڪس پنهنجي لکڻيءَ وسيلي پسيا آهن. سنڌي ادبي بورڊ جي اِها شروع کان ئي ڪوشش رهي آهي ته، ادبي تاريخ تي مشتمل اعليٰ درجي جا معياري ڪتاب اداري طرفان شايع ڪرايا وڃن، ته جيئن ادبي تاريخ پڻ محفوظ ٿي سگهي.
سائين رباني صاحب منهنجو محسن آهي ۽ مون سندن زير سايه رهي گهڻو ڪجهه پرايو. اهو سندن ئي شفقت ۽ محبت جو اثر آهي جو اڄ آءٌ هن مقام تي پهتو آهيان. اِها منهنجي خوش قسمتي آهي، جو سائين جن جي هيءَ عظيم تخليق آءٌ بورڊ طرفان پنهنجي ايامڪاريءَ ۾ شايع ڪري رهيو آهيان. آئون بورڊ جي مانواري چيئرمين جناب مخدوم جميل الزمان صاحب جو تهدل سان شڪر گذار آهيان، جنهن پنهنجي مفيد مشورن سان منهنجي رهنمائي ڪري اشاعتي مرحلي کي آسان ڪيو.
اميد آهي ته، اسان جو هيءُ پيار ڀريو پورهيو ادب سان دلچسپي رکندڙن وٽ مانُ لهندو.


الهڏتو وگهيو
سيڪريٽري
1 ربيع الثاني 1433هه
24- فيبروري 2012ع

انتساب

سنڌ جي مسڪين ماڻهن ڏانهن،
جن جي اکين جا ڳوڙها اگهڻ وارو ڪير به ڪونهي.

شيخ اياز جو هي شعر سندن حال جو ترجمان آهي:

بُک ۾ ڦُٽي باکَ ۽ ڏُک ۾ گذريو ڏينهن !

شڪر ادائي

مون کي هن ڪتاب جي اشاعت جو اُتساههُ عزيزم حڪيم اعجاز حسين چانڊيي ڏياريو، جنهن لاءِ سندس مرهونِ منت آهيان. هونئن، ٻين به گهڻن ئي دوستن جو شڪر گذار آهيان، جن منهنجي مدد ڪئي. برادرم الطاف آگري ڪن شخصيتن لاءِ گهربل مواد هٿ ڪري ڏنو. تصويرون گهڻي قدر عزيزم عادل راشديءَ عنايت ڪيون. ڪن شعرن جي صحت لاءِ ڀاءُ نصير مرزا مدد ڪئي. ڪتاب جا پروف مون ڏٺا. البت ڪمپوزنگ جو سمورو ڪم نويدالرحمان چنا ۽ ڪرم الاهي چنا وڏيءَ محبت سان سرانجام ڏنو. مان مڙني احبابن جو تهدل شڪر گذار آهيان.
هن ڪتاب ۾ جن به شخصيتن جو احوال ڏنل آهي، سي، سڀ معزز ۽ محترم آهن، پر انهيءَ احوال کي سندن سوانحي خاڪا سمجهڻ شايد صحيح ڪونه ٿيندو، ڇو ته مون ڪنهن به شخصيت جي ڄَمَ جي تاريخ ۽ هنڌُ، سندس تعليم، شادي ۽ اولاد جا تفصيل وغيره ڪونه ڏنا آهن، جيڪا ڳالهه سوانحي خاڪن جي هڪ عام خصوصيت هوندي آهي.
مون انهن مان ڪن سان گهڻو ته ڪن سا ٿورو وقت گڏ گذاريو. ليڊي ڊايانا جو احوال سو رڳو ڪتابن ۾ پڙهيم، يا وري ٽي.ويءَ تي ڏٺم. گويا، مڙني محترم ۽ معزز شخصيتن بابت هي منهنجا پنهنجا ذاتي تاثرات آهن، جيڪي نهايت ادب ۽ احترام سان، پڙهندڙن جي اڳيان پيش ڪريان ٿو.

تعارف

سنڌ ۾ ڪتابن لکڻ جي روايت پراڻي آهي. چون ٿا ته سوين هزارين سالَ اڳي سنڌو نديءَ جي ڪنارن تي ”رگ وِيد“ جوڙيو ويو هو، جيڪو هاڻي دنيا جي اوائلي ڪتابن ۾ شمار ٿئي ٿو. ائين پڻ چون ٿا ته جڏهن سنڌ آزاد ملڪ هو، تڏهن ٻُــڌ ڌرم جي راجا جي وزير حڪمرانيءَ جي اصولن بابت ڪتاب لکيو هو، هاڻي اڻلڀ آهي. پر، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي حيدرآباد جي ڇپايل ”سنڌ جي تاريخ“ ۾ انهيءَ جو ذڪرآهي.
عربن جي سنڌ جي فتح کان پوءِ، حضور پيغمبر صلي الله عليه وسلم جن جي حياتيءَ جو مستند احوال لکندڙ اولين سيرت نگارن ۾ ’ابو معشر سنڌيءَ‘ جو نالو نمايان آهي. جرمن مستشرق جوزف هوروتوس پنهنجي ڪتابَ ”سيرت نبوي کي اولين ڪتابين اور ان ڪي مؤلفين“ ۾ لکيو آهي ته ”مغازي“ نالي سان عربيءَ ۾ سيرت جو ڪتابُ لکيو هئائين، جيڪو هاڻي دنيا ۾ اڻلڀ آهي. تمام وڏو عالم هو. بغداد ۾ وفات ڪيائين ته سندس جنازي نماز خليفي هارون رشيد پڙهائي. بغداد ۾ ئي دفن ٿيو.
دنيا ۾ پيغمبر صلي الله عليه وسلم جن جي خطن جو پهريون پهريون مجموعو ديبل جي هڪ نومسلم عالم مرتب ڪيو، جيڪو هاڻي شايع ٿي ويو آهي ساڳيءَ ريت منصوري ۽ ديبل جي سنڌي فقيهن ڪيئي بي بها ڪتاب لکيا، جن جو تفصيل ثقافت اسلاميه لاهور جي شايع ٿيل ڪتاب ”فقهائي هند“ ۾ ڏنل آهي.
هندستان ۾ شاهه ولي الله دهلويءَ کان به ٻه سؤ ورهيه اڳ، مخدوم نوح هالائيءَ رحمته الله عليه قرآن مجيد جو فارسي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو. جيڪو ڪيئي صديون سندس خاندان ۾ محفوظ هو. سنه 1960ع واري ڏهاڪي ۾، سائين مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ صاحب سنڌي ادبي بورڊ کي اشاعت لاءِ ڏنو، فارسي ترجمي جي ايڊيٽنگ مولانا غلام مصطفيٰ قاسميءَ ڪئي ۽ ان جي ڇپائيءَ لاءِ غلام رباني آگري وڏي محنت ڪئي. قدرت ٻنهي ڄڻن کي هن تاريخي مصحف مبارڪ جي اشاعت جو شرف عطا ڪيو.
سڄي هندستان ۾ سڀ کان اول ”سنڌ جي تاريخ“ لکي وئي، جنهن جو نسخو اُچ شريف جي هڪ عالم، علي ڪوفيءَ هٿ ڪيو ۽ عربيءَ مان اتاري فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيو. شمس العلماء دائودپوٽي فارسي ترجمو ايڊٽ ڪيو. شمس العلماء ميرزا قليچ بيگ وري ان جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو. سنڌي ترجمو مخدوم امير احمد ۽ اردو ترجمو اختر رضويءَ ڪيو. جن کي ڊاڪٽر بلوچ صاحب ايڊٽ ڪيو. پويان ٻئي ترجما سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيا. غلام رباني آگري اردو ترجمي جي ٻئي ڇاپي جو شاهڪار مقدمو لکيو. هن ”جهڙا گـــُل گلاب جا“ نالي سنڌ جي هاڻوڪن مشاهيرن تي ٻن جلدن ۾ ڪتاب پڻ لکيو. اهي ٻئي جلد سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيا. ان کان پوءِ آگري صاحب ٽيون ڪتاب ”سنڌ جا بر، بحر ۽ پهاڙ“ نالي سان لکيو، جيڪو پير سائين محمد راشد روضي ڌڻي رحمةالله عليه، غوث بهاؤالحق ملتانيءَ ۽ قلندر لعل شهباز جو تذڪرو آهي ٽئي ڪتاب ماڻهن کي ايڏا وڻيا، جو بورڊ هاڻي وري نئين سر ڇپايا آهن.
هونئن، رباني صاحب جو پهريون پهريون ڪتاب ”آبِ حيات ۽ ٻيا افسانا“ هو، جيڪو مون، سنه 1959ع ۾، ”زندگي پبليڪيشن“ طرفان شايع ڪيو هو، اسان ٻئي تڏهن نوجوان هئاسين. سنڌي ادبي سنگت جا سرگرم ڪارڪن هئاسين ۽ ”سنڌ دوست اديبن“ جي صفِ اول ۾ هئاسين. اسان سڀ سُڃا سِرَ هئاسين. هڙ ۾ ڪجهه ڪونه هو پر، اسان جا حوصلا بلند هئا. قدرت اسان کي پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ڪيو. سنڌي ٻوليءَ کي اصلوڪو درجو مليو ۽ ون يونٽ به چَٽُ ٿي ويو.
ادبي لڳ لاڳاپي کان علاوه اسان ٻنهي جي محبت جي هڪ ذاتي نسبت اها به آهي ته رباني صاحب ڪنڊياري جو ويٺل آهي ۽ مان نوشهري فيروز جو. جيڪو پنهنجي تاريخي مدرسي هاءِ اسڪول لاءِ سڄي سنڌ ۾ مشهور آهي. اسان ٻنهي انهيءَ ئي هاءِ اسڪول ۾ تعليم ورتي. رباني صاحب مون سان پنهنجي ذاتي لڳ لاڳاپي جو ذڪرُ، وڏيءَ محبت سان، پنهنجي هن ڪتاب ۾ مون تي لکيل خاڪي ۾ ڪيو آهي.
مان مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان ته سندس افسانن جو پهريون پهريون مجموعو مون ئي ڇپايو. پر، اڳتي هلي، سندس ڪي افسانا حشو ڪيولراماڻيءَ ”هندستان ٽائيمس“ نالي انگريزي اخبار ۾، ڊاڪٽر شمل جرمن زبان ۾، چومنگ (چيني اديبن جي تنظيم جي نائب صدر)، چين جي ”شرجئي ويڻشو“ (دنيا جو بهترين ادب) نالي رسالي ۾ شايع ڪيا. سندس شروعاتي افسانن جو مرڪزي موضوع ”اقتصادي ۽ سماجي انصاف“ هو ۽ هاڻوڪي ويجهي دور ۾ لکيل ڪن افسانن جو موضوع ماڻهوءَ جون محبتون ۽ حسرتون آهن.
هو ملڪ جي مڃيل ادبي شخصيت آهي. پهريون پهريون سنڌي اديب آهي، جيڪو ٻاهرين ملڪن: چين، هندستان، بنگلاديش ۽ ايران ۾ پاڪستاني اديبن جا وفد پنهنجي اڳواڻي ۾ ادبي ۽ ثقافتي دوري تي وٺي ويو. بنگلاديش جي صدر کيس ”سونهري قلم“ (GOLDEN PEN) تحفي طور ڏنو ۽ ”سرڪاري مهمان“ (OFFICIAL GUEST) قرار ڏئي، ملڪ جي مکيه بندرگاهه، چاٽگام ۽ دنيا جي مشهور سامونڊي بِيچِ (BEACH) ڪاڪسز بازار جو سئر ڪرايو.
هن چين جو ٻه دفعا دورو ڪيو. پهريون ڀيرو وفد جي ميمبر طور ۽ ٻيو ڀيرو وفد جي اڳواڻ جي حيثيت ۾. چيني اديبن چيني زبان ۾ مٿس مضمون لکيا، جن جا ترجما انگريزي ۽ اردوءَ ۾ اعليٰ پيماني تي ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيا. دنيا جي مشهور چيني اخبار “PEOPLE’S DAILY” سندس مفصل انٽرويو شايع ڪيو. وائيس آف آمريڪا پڻ ادب ۽ ثقافت تي سندس انٽرويو نشر ڪيا. پاڪستان جي هڪڙي صدر کيس ادبي خدمتن جي اعتراف ۾ تمغو ڏنو ۽ ٻئي صدر وري سندس تعليمي ذهانت جي اعتراف ۾ شيلڊ ڏني. ڪجهه عرصو اڳ، آغا خان فائونڊيشن پڻ سندس علمي ۽ ادبي خدمتن جي اعتراف ۾ کيس شيلڊ ڏني.
هو سنڌي ادبي بورڊ ۽ ايڪيڊمي آف ليٽرس جو چيئرمين، سنڌ يونيورسٽيءَ جو پرو- وائيس چانسلر ۽ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر رهي چڪو آهي. حڪومت پاڪستان کيس ملڪ جي ڪن مکيه علمي ۽ ادبي ادارن جي بورڊ آف گورنرز تي ميبر نامزد ڪيو ۽ نيشنل بئنڪ جي قومي انعامن واريءَ ڪميٽيءَ جو جج پڻ نامزد رهيا.
رباني صاحب جو هي ڪتاب سندس اڳين ادبي ڪاوشن جو ئي تسلسل آهي. مون کي اميد آهي ته انشاءَ الله سنڌي ادب ۾ هن ڪتاب جي پڌري ٿيڻ سان قابل قدر اضافو ٿيندو.

حميد سنڌي

پيش لفظ

سائين غلام رباني آگري جو نالو مون پهريون دفعو سنه اڻويهه سؤ سٺ واري ڏهاڪي ۾ ٻڌو هو. تنهن وقت افساني نگار جي حيثيت ۾ سندس نالو عروج تي هو.
هڪ دفعي رئيس ڪريم بخش خان نظاماڻيءَ جي دعوت تي ڊاڪٽر علي نواز بلوچ ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي همراه ويس. رات رهياسين. راڳ رنگ جي محفل هئي. سگهڙن جي ڪچهري جو اهتمام به هو. غالباً ٻيڙو فقير ڪنڀر به ساڻ هو. انهيءَ ڪچهريءَ ۾ رئيس ڪريم بخش خان نظاماڻيءَ جي واتان رباني صاحب جي بي انتها تعريف ٻڌم. رباني صاحب تنهن وقت سنڌي ادبي بورڊ ۾ هو يا وري سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پرو - وائيس چانسيلر هو. پوريءَ طرح ياد نه آهي. پر، رئيس مرحوم جي واتان رباني صاحب جي ايڏي تعريف ٻڌي، ان وقت ئي دل ۾ خواهش پيدا ٿي، ته ساڻس ملاقات ڪجي ۽ علمي ادبي رهاڻ ڪري حِظ حاصل ڪجي. اها سال ستهتر ڇاهتر جي ڳالهه آهي. ان بعد سالن جا سال گذري ويا، پر، خواهش، خواهش ئي رهجي وئي! رباني صاحب جو ديدار نه ٿي سگهيو، ڇو ته ڪجهه عرصي کان پوءِ هو اسلام آباد هليو ويو ۽ سڄا سارا پندرنهن ويهه سال اتي هو.
1992ع ۾ برادرم مرحوم علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ ”جهڙا گل گلاب جا“ ڪتاب عنايت ڪيو. ڪتاب ڇا هو، هڪ ادبي شاهڪار هو! مان ته ڪتاب پڙهي رباني صاحب تي عاشق ٿي پيس. سندس ملاقات ۽ هٿن چمڻ لاءِ دل ۾ بيحد و حساب آرزو ٿي. پر، اسلام آباد واري دُوري وچ ۾ ديوار بڻيل هئي.
هڪ دفعي منهنجو فرزند، نورچشم حڪيم اعجاز حسين حيدرآباد ڪنهن ڪم سان ويو. هو به مون وانگي رباني صاحب جو پروانو هو. سو، ڪو وسيلو ڪري، رباني صاحب سان وڃي مليو ۽ منهنجو ڪتاب ”سنڌ جو اتر ڪاڇو“ کيس پيش ڪيائين. اعجاز چيو ته، ”بابا! سائين رباني صاحب ائين مليو، ڄڻ ته سالن جو واقف هجي! پاڻ اخلاق جو اهڙو ئي مجسمو آهي، جهڙو پنهنجي ڪتاب ”جهڙا گل گلاب جا“ جو مقدمو لکيو اٿس.“ اُنهيءَ ڪتاب جي مقدمي ۾ رباني صاحب ”اخلاق“ جي اهميت متعلق گفتگو ڪئي آهي ۽ هن ڪتاب جي مقدمي ۾ وري ”ماڻهوءَ جي مزاج“ کي موضوع بنايو اٿس. هي ٻئي مقدما اهم آهن.
رباني صاحب سان ملاقات جو ڏاڍو شوق هو. نيٺ عزيزم اعجاز حسين جي دعوت تي، اسان جي ڳوٺ ”ماڏي“ آيو. ائين ساڻس ملاقات جو رستو پيدا ٿيو، جا اسان لاءِ فخر جي ڳالهه آهي. هن صديءَ جي هڪ منفرد ممتاز اديب جي زيارت به نصيب ٿي ۽ ساڻس دوستانه تعلق به ٿيو. سندس لکڻين ۾ ته مشڪ ۽ عنبر جي خوشبو آهي، پر سندس ڪچهريءَ ۽ علمي گفتن ۾ به گلاب جي گلن جي سرهاڻ آهي. سڀ کان وڏي ڳالهه ته اسان ٻنهي کي سنڌ جي قديم تاريخي آثارن ڏسڻ جو ڏاڍو شوق هو، ان ڪري مان کيس ميان نصير جي ابدي آرامگاهه تي وٺي ويس.
اڳتي هلي خبر پيم، ته آگرو صاحب سنڌ جي هاڪاري حڪيم حاجي محمد آگري جو پوٽو آهي، جنهن جو نالو مون بابا سائين حڪيم عبدالمجيد خان کان ٻڌو هو ته وڏو حاذق حڪيم هو. سندس طبي حڪايتون اڄ به ساهتيءَ جي عوام ۾ رطب اللسان آهن. سندس حڪمت جا ڪي معجزا مون کي مرحوم حافظ محمد بخش خاصخيليءَ به ٻڌايا هئا. هن کان اهو پڻ ٻڌم ته تمام ديندار شخص هو. يارنهن حج ڪيا هئائين. پهريان ست حج ڳوٺ کان مڪي شريف تائين پيادل ڪيائين. پوءِ آگبوٽ رائج ٿيا ته چار حج انهن جي وسيلي ڪيائين. سندن خاندان ۾ علم ۽ دين سان محبت جي روايت تمام قديم آهي. مير علي شير قانع ٺٽويءَ پنهنجي مشهور تاريخ ”تحفة الڪرام“ ۾ مخدوم عبدالله آگري جو ذڪر سڄيءَ سنڌ جي چونڊ مشاهيرن ۾ ڪيو آهي.
حافظ محمد بخش خاصخيلي (مرحوم) ڪنهن زماني ۾ رباني صاحب جي والد ۽ ساهتيءَ جي مڃيل استاد، جناب عبداللطيف آگري صاحب سان گڏ پيغمبري پيشي جا فرائض به سرانجام ڏنا هئا. حافظ مرحوم استاد عبداللطيف مرحوم جون سڪ سان ڳالهيون ڪندو هو.
رباني صاحب جو هي ڪتاب ”ماڻهو شهر ڀنڀور جا“ سندس ڪتابن ”جهڙا گل گلاب جا“ ۽ ”سنڌ جا بر، بحر ۽ پهاڙ“ جو ئي تسلسل آهي ۽ هن شعر جي مصداق آهي ته؛

یہ وہ گل ہے کہ گلستاں کو بھی جس پر ناز ہے،
اس کے ہر اک برگ میں دلگیر پنہاں راز ہے۔

مشهور ڪتاب ”ديوانِ ظهير فريابي“ لاءِ هڪڙي شاعر سهڻي ۽ دلچسپ ڳالهه ڪئي آهي ته؛

دیوان ظہیر فریابی
در مکہ بجز دز دستیابی

يعني ديوان ظهير فريابي اهڙو ڪتاب آهي، جو هن کي مڪي مان به چورائي سگهجي ٿو. سائين غلام رباني آگري صاحب جو هيءُ ڪتاب به هڪ اهڙو ئي شاهڪار آهي، جنهن لاءِ جيترو لکجي، اوترو گهٽ آهي. سندس قلم جي ڪمال کي سلام پيش ڪرڻ لاءِ هيءُ شعر ياد آيو آهي:

حافظ چہ طرف شاخ نباتیست کلک تو
کش میوہ دلپزیر تر از شہد و شکرست

اي حافظ! تنهنجو قلم ڪهڙي نه مٺڙي درخت جي لام مان آهي، جنهن جو ميوو ماکيءَ ۽ شڪر کان به وڌيڪ دلپسند آهي.


حڪيم خليفو عبدالحميد چانديو
شفاخانه حڪيم عبدالمجيد

ماڏو، ضلعو دادو، سنڌ.
5- ڊسمبر 2007ع

مقدمو

وَاَمَّا بـِنـِعٌمَةِ ربـّـِڪَ فَحَدِّث
(۽ پنهنجي رب جي نعمت جو بيان ڪر.)
- قرآن شريف

جهانن جي خالق ۽ مالڪ جڏهن مٽيءَ جي مُٺ ۾ ساهه وڌو هو، تڏهن منجهس ڪيئي گيت، سنگيت ۽ نغما ڀري ڇڏيا هئائين. سو، زندگيءَ جو ساز هر دم وڄندو رهي ٿو ۽ منجهانئس نت نوان نوان نغما نڪرندا رهن ٿا.
آدمي، آدم جو تسلسل آهي. مالڪ مون تي مهر ڪئي، جو عدم مان وجود ۾ آندائين، انسان جو جامو عطا ڪيائين ۽ دل جي ڳالهه بيان ڪرڻ جي نعمت سان نوازيائين.
يونان جي ڏاهي، ارسطوءَ کي انسانذات جو ”معلم اول“ ۽ مسلمان مفڪر، ابن سينا کي ”معلم ثاني“ ڪوٺيندا آهن. ارسطوءَ انسان کي ”حيوان ناطق“ ڪوٺيو، جنهن جو مطلب آهي ته انسان هڪ اهڙو ساهوارو آهي، جيڪو ڳالهائي ٿو- يعني پنهنجي دل جي ڳالهه بيان ڪري سگهي ٿو. يوناني ٻوليءَ ۾ LOGON جو مطلب ”ڳالهه“ آهي. ارسطوءَ چيو ته ”انسان (ZOON/ LOGON/ECHON) ڳالهائيندڙ ساهوارو آهي.“
پر، ارسطوءَ کان اها ڳالهه ڳجهي ڪانه هوندي، ته ٻيا ساهوارا به پنهنجن هم - جنس ساهوارن سان هم - ڪلام ٿين ٿا. مثلاً، سامونڊي ماهرن جو چوڻ آهي ته ”مڇيون هڪٻئي کي پنهنجو پيغام ڏيڻ لاءِ اشارا ڏينديون آهن.“ اسر جي مهل ڪڪڙن جا دَس ته هر هنڌ مشهور آهن. ننڍپڻ ۾ اسان پاڻ اسڪولن ۾ پڙهندا هئاسين ته:

COCKS CROW IN THE MORN, TO TELL US TO RISE,
HE WHO LIES LATE, SHALL NEVER BE WISE.

ڪڪڙ صبح سان بانگون ڏين ٿا ته اسان ننڊ مان اٿون،
جيڪو دير تائين سمهندو، سو، سياڻو ڪونه ٿيندو.

سنڌي ادبي بورڊ ڄامشوري واري سرڪاري گهر ۾ مون محسوس ڪيو ته اونهاري جي مند ۾، رات جو چئين ساڍي چئين وڳي ڌاران، ڪو تـِِڏو، رکي رکي، سريلي ساز وانگر آواز ڪڍندو هو. ڪلاڪ کن کان پوءِ پاسي وارن وڻن ٽڻن مان به ساڳيا آواز ٻڌڻ ۾ ايندا هئا، ته چُپ ٿي ويندو هو. پر، جيڪڏهن ڪونه ايندا هئا ته پاڻ وري ساڳيا سڏڙا ڪندو هو.
وڏيءَ فجر جو وري هڪ ڪانءُ هوا ۾ هيڏي هوڏي لامارا ڏيندو هو، ۽ ”ڪان، ڪان“ ڪري ٻين ڪانوَن کي جاڳائيندو هو. آخر ۾ جهرڪيون جاڳنديون هيون ۽ وڻن ٽڻن ۾ ڏاڍي وڻندڙ آواز ۾ ”چُون، چُون“ ڪنديون هيون.
جڏهن آسمان ۾ اوڀر طرف ڳاڙهاڻ ظاهر ٿيندي هئي، تڏهن مان بورچيخاني منجهان رات جي بچيل ڀاڄيءَ ۽ مانيءَ جا ٽڪرا ڪنهن ٿانوَ ۾ گڏ ڪري، گهر جي صحن ۾ آڻي رکندو هئس. اهو ڏسي، وڻ تي ويٺل ڪانءُ، ڏاڍي زور سان ”ڪان، ڪان“ ڪندو هو. سندس آواز ٻڌي، امالڪ چئني طرفن کان ڪانوَن جا ولر اچي مانيءَ تي مڙندا هئا.
اهو لقاءُ ڏسي سمجهيم، ته ڪانوَ جو ”ڪان، ڪان“ ڪرڻ ٻين ڪانوَن سان ڳالهائڻ جو سندس نمونو آهي. البت، ائين آهي ته کيس ٻين ڪانوَن کي جاڳائڻو هجي، يا مانيءَ لاءِ سڏڻو هجي، پاڻ رڳو ”ڪان، ڪان“ ڪندو آهي.
سنه 1984ع ۾، مرڪزي ۽ صوبائي سرڪار مون کي سنڌي ادبي بورڊ ڄامشوري مان اسلام آباد ”ايڪيڊمي آف ليٽرس“ ۾ موڪليو. اهو ادارو سنڌي سليمي اکرن ۾ ”پاڪستان ادبي بورڊ“ آهي. مون کي پهريائين ڊئريڪٽر جنرل جو ڪم سونپيائون ۽ پوءِ ترقي ڏيئي چيئرمن ڪيائون. پر، شروع ۾ منهنجو چيئرمن اردو زبان جو مشهور اديب ۽ پاڪستان نيويءَ جو رٽايرڊ، ريئر سرجن ايڊمرل شفيق الرحمان هو. جهڙو نالو هئس، اهڙو ئي شفيق انسان هو. مون اهڙو ايماندار سرڪاري عملدار پنهنجي سڄيءَ عمر ۾ ڪونه ڏٺو. آفيس مان پينسل يا اڇو پنو به گهر ڪونه کڻي ويو. ميٽنگ ۾ سرڪاري ماني ڪونه کائيندو هو. پنهنجي گهران آڻيندو هو.
اسان روزانو سندس ڪمري ۾ ماني کائي، ڪچهري ڪندا هئاسين. زندگيءَ جي وسيع تجربي جي ڪري شفيق الرحمان جنهن به ڳالهه تي راءِ ڏيندو هو، سا منڊيءَ تي ٽـِڪ هوندي هئي.
هڪ دفعي چيائين ته، ”اوهان ٽن چئن ڏينهن کان پوءِ گهر اچو، ته اوهان جو پاليل ڪتو، خوشيءَ مان ڀئونڪڻ لڳندو، پر غريب کي خوشيءَ جو اظهار ڪرڻو هجي يا ڏک جو، بس رڳو ڀئونڪندو رهندو.“
انهيءَ ڳالهه جو مطلب به اهو ٿيو ته ڪانوَ جو ”ڪان، ڪان“ ڪرڻ، ۽ ڪتي جو ڀئونڪڻ يا مڇين جا ٻين مڇين کي اشارا ڪرڻ ۽ جهرڪين جو ”چُون چُون“ ڪرڻ، انهن ساهوارن جي ڳالهائڻ جا نمونا آهن، منجهن به ڳالهائڻ جي صلاحيت آهي، پر، اها ايتري ڊيولپ ٿيل ڪانهي. سو ارسطوءَ جي مشاهدي ۾ واقعي وڏو وزن آهي ته:
انسان ٻين ساهوارن کان وڌيڪ شان ۽ شرف وارو انهيءَ ڪري به آهي جو کيس پنهنجيءَ دل جي ڳالهه ڪرڻ جي وڏي صلاحيت آهي.
انسانذات جي تهذيب جي تاريخ جو پهريون پهريون اهم ڪارنامو اُهو آهي ته ٻوليءَ جو هنر ايجاد ٿيو، يعني انسان ڳالهائڻ سکيو. سڀ انسان ڳالهائين ٿا، پر، سڀ هڪجهڙا هوشيار ڪونهن. هڪڙا ٻين کان وڌيڪ قابل آهن. مثلاً، عيسويءَ ويهينءَ صديءَ جي پهرئين اڌ ۾، هندستان ۾ نواب بهادر يار جنگ نالي هڪ مشهور ليڊر هوندو هو، جو وڏن وڏن جلسن ۾ تقرير ڪندي، هزارين ماڻهن کي اتي جو اتي کِلائي ۽ رئاري سگهندو هو.
تقرير ڪرڻ به ته ڳالهائڻ جو هڪ نمونو آهي. تقرير جي ماهرن وانگر، عالم، اديب ۽ شاعر پڻ ڳالهه ڪرڻ جا بادشاهه ٿين ٿا. سنڌي زبان ۾ اهڙو چٽو مثال شاهه سائينءَ جو آهي. چون ٿا ته ننڍپڻ ۾ جڏهن شعر چوڻ شروع ڪيائين، ته سندس والد شاهه حبيب چيس ته، ”ابا، بُلي شاهه شعر جي اهڙي ڪا زمين ڇڏي ئي ڪانهي، جنهن ۾ هَــرُ نه هلايو هجيس.“
شاهه سائينءَ ادب سان چيس ته، ”بابا سائين، جي ائين آهي ته پوءِ مان جر ۾ جاٽون ڏيندس، جن جو ڪو انت ئي ڪونه هوندو.“
شاهه سائينءَ کي هيءُ جهان ڇڏئي صديون گذري ويون آهن. ان کان پوءِ به سنڌ ڪيئي شاعر پيدا ڪيا آهن. پر، سندس ڪلام اڄ به بي مثال بيٺو آهي. ان ڪري ائين ئي چئبو ته سنڌ ۾ هر دؤر ڀٽائيءَ جو دؤر آهي.
اردو زبان ۾ وري مرزا اسد الله خان غالب به وڏو نالو آهي، پر، ڪي ماڻهو مير تقي مير کي پسند ڪن ٿا. مرزا غالب پاڻ به چيو آهي ته؛

کہتے ہیں اگلے زمانے میں کوئی میر بھی تھا

هڪ دفعي تنوير اسلام آباد ۾ مون وٽ مهمان هو. تن ڏينهن ۾ سندس مطالعي جو موضوع منصور حلاج هو. مون کيس ”مير“ جو هڪ شعر ٻڌايو، جو کيس ڏاڍو وڻيو:

موسم آیا تو نخلِ دار میں میر
سرِ منصور ہی کا بار آیا

ڪراچيءَ ۾، اين.جي.وي. هاءِ اسڪول جي پاسي ۾، ”سعيد منزل“ نالي ٻي به هڪ ننڍي، پر، سهڻي عمارت آهي، جا ڊاڪٽر سعيد ٺهرائي هئي. مون مرحوم ڪونه ڏٺو. پر، سندس پٽ، ڊاڪٽر خورشيد سان سٺي ڏيٺ ويٺ هئم. سنڌي ادبي بورڊ جي آفيس تڏهن اين.جي.وي. هاءِ اسڪول واريءَ بلڊنگ ۾ هوندي هئي. سو، ٻئي ٽئي ڏينهن ساڻس ڪچهري ٿيندي هئي. سندس ميز ۽ ڪرسيءَ جي پاسي ۾، ٽپائيءَ تي، هڪ خوبصورت پينٽنگ رکيل هوندي هئي، جنهن کي چتائي ڏسبو، ته منجهس هڪ شخص سوٽ ڪوٽ ۾ نظر ايندو، جو آرام- ڪرسيءَ تي آهليو پيو آهي ۽ پنهنجن خيالن ۾ گم آهي. تصوير جي هيٺان مرزا غالب جو هيءُ شعر لکيو پيو آهي؛

ہستی کے مت فریب میں آجائیو اسد،
عالم تمام حلقۂ دامِ خیال ہے۔

غالب ڪيڏي نه وڏي ڳالهه ڪئي آهي! بلاشڪ، هستيءَ جي بي ثباتيءَ کان انڪار ڪونهي. ماڻهوءَ جي حياتي ڄڻ ته پاڻيءَ جو ڪو بوڙيو آهي. اجهو هاڻي هو، پر، هوا لڳي ته هينئر ڪونهي. هن حقيقت جو اظهار، اردو زبان جي رابعه نالي هڪ گمنام شاعره، سهڻن لفظن ۾ ڪيو آهي، سندس تخلص ”پنهان“ هو. چيو اٿس ته؛

یہ ہونا بھی بقدر یک نفس ہے
ہماری ابتدا کیا انتہا کیا۔

تاهم، اها ڳالهه مڃڻي پوندي، ته ”هستي“ ڪيڏي به ”بي بقا“ ڇو نه هجي، پر، ان جي حقيقت ۽ اهميت کان به انڪار ڪونهي، ٻيءَ صورت ۾، هيءَ ڌرتي ۽ آسمان، سج، چنڊ ۽ تارا، رات ۽ ڏينهن، ڪڪـر ۽ مـِينهن، وڻ ٽڻ ۽ ساوا ٻوٽا، قسم قسم جا گل، انهن جا رنگ َ، سمورا ساز ۽ آواز بي معنيٰ نالا ٿي ويندا.
انگريزي زبان ۾ چوڻي آهي ته ALL IS MATTER يعني سڀ ڪجهه مادو آهي. پر، ٻي به هڪ چوڻي آهي ته: ALL IS MIND يعني سڀڪجهه ”سوچ“ آهي.
قديم هندستان ۾ شنڪر آچاريه نالي هڪ وڏو ڏاهو شخص ٿي گذريو آهي. ايڏو ته عظيم انسان هو، جو علامه اقبال سندس نالو گوتم ٻڌ سان گڏ کنيو آهي. ائين به چون ٿا ته جيئن عالمِ اسلام، ابن عربيءَ جهڙو اعليٰ ۽ افضل ذهن پيدا ڪيو، تيئن هندستان جي سرزمين وري شنڪر آچاريه جهڙو ڏاهو پيدا ڪيو. انگريزن جي زماني ۾ سنڌي درسي ڪتابن ۾ مٿس مضمون هوندو هو، جنهن ۾ سندس شڪل ۽ احوال ڏنل هوندو هو. هو به چوندو هو ته ”سڀ ڪجهه ماڻهوءَ جي سوچ يا خيال آهي، جنهن ماڻهوءَ کي سوچ جي صلاحيت ڪانهي، تنهن کي ڪنهن به ڳالهه جو شعور ڪونهي.“
هڪڙي دفعي واٽ وٺيون پئي ويو، ته پري کان مست هاٿي ايندي ڏٺائين. ماڻهن چيو ته، ”ڏسون ته هاڻي هاٿيءَ کان پاڻ بچائي ٿو يا نه؟“

شنڪر آچاريه ڪنڊ پاسي سان لڪي، جان بچائي. جڏهن ماڻهن سوال ڪيس، ته کين چيائين ته، ”منهنجو واٽ وٺي اچڻ، پٺيان هاٿيءَ جو اچڻ ۽ منهنجو لڪي جان بچائڻ - اهو سڀڪجهه اوهان جي سوچ ئي ته آهي.“
انسان جو شعوري ”گفتو“ يا ”عمل“ سندس سوچ يا خيال جي تابع آهي، انهي جو مطلب اهو ٿيو ته انسان کي ڳالهائڻ جي جيڪا نعمت مليل آهي، سا به دراصل سندس سوچ ۽ خيال جي اظهار لاءِ آهي.
هونئن ته خيال جي اظهار جا ڪيترائي طريقا آهن. مثلاً مصور به تصوير ٺاهي، پنهنجن خيالن جو اظهار ڪري سگهي ٿو. سنگتراش به ائين ڪري ٿو. پر، هر شخص پنهنجن خيالن جو اظهار گهڻي قدر ڳالهائڻ وسيلي ڪري ٿو. ڪابه ڳالهه بيان ڪرڻ تمام وڏي نعمت آهي، جيڪا قدرت انسان کي عطا ڪئي آهي. قرآن ڪريم جو ارشاد آهي ته:

ٻاجهاري رحمان
قرآن سيکاريو
انسان کي خلقيو
کيس بيان ڪرڻ سيکاريو

ماڻهو ڳالهه نثر ۾ بيان ڪري يا نظم ۾، ٻنهي صورتن ۾ ڳالهائڻ لاءِ سندس بنيادي ضرورت ”لفظ“ آهي. لفظ ۾ معنيٰ آهي ۽ معنيٰ ۾ پيغام آهي، ان ڪري لفظ جي ”حرمت“ يعني ”سخن جي سچائي“ سڀ کان اهم ڳالهه آهي.
هڪ اصحابي هوندو هو، جو حضور صلي الله عليه وسلم جن جون حديثون لکندو رهندو هو، ٻين ڪن اصحابين چيس ته، ”ادا، حضور صلي الله عليه وسلم جن ڪنهن مهل خوش ويٺا آهن، ته ڪنهن مهل وري ڪنهن ٻيءَ ڳالهه جي خيال ۾ آهن. اوهان ان ڳالهه جو به ته ڪجهه لحاظ رکو. سوچي سمجهي حديثون قلمبند ڪريو.“ ان کان پوءِ اهو اصحابي احتياط ڪرڻ لڳو. پر، ڪنهن ڏينهن مهل موقعو ڏسي، حضور صلي الله عليه وسلم جن جي ڌيان تي اها ڳالهه آندائين. پاڻ سڳورن فرمايو ته؛
”تون اڳي وانگر لکندو رهه. هن زبان مان حق جي ڪلمي کان سواءِ ٻي ڪا به ڳالهه ڪانه نڪرندي.“
حضور صلي الله عليه وسلم جن جو اهو ارشاد، سخن جي سچائيءَ جو معراج آهي، جيڪو اهو ئي شخص ماڻي سگهي ٿو، جو سندن نقشِ قدم تي هلي ۽ پاڻ ۾ اخلاق جي ايڏي ته بلندي پيدا ڪري، جو سندس قول ۽ فعل ۾ ڪو به فرق نه رهي. پر، عام انسانن ۾ بشري ڪمزوريون آهن. سو، ڀُل چُڪ ۾ کانئن خطا ٿي وڃي ٿي. ڪي شخص ته وري ڄاڻي واڻي ڪنهن نه ڪنهن مطلب خاطر حق تي پردو وجهن ٿا. ڪوڙ ڳالهائن ٿا. ڪي ته سڀ ڪجهه ڄاڻندي به اونڌا ابتا ڪم ڪن ٿا. کين ڪوبه حياءُ ڪونهي، اُهي نود آهن. ڏسڻ ۾ ماڻهن جهڙا ماڻهو، پر اندر ۾ ابليس آهن. يعني ”اصفل الصافلين“ آهن.
تلسيءَ، رامائڻ ۾ لکيو آهي ته جڏهن رانوڻ سيتا کي ڪٽيا ۾ اڪيلو ڏسي، کيس ڊوهه سان کڻي ڀڳو، ته رام ۽ لڇمڻ سندس پٺيان پيا. هلندي هلندي کين بن ۾ رات ٿي وئي. اڀ ڪارن ڪڪرن سان اڳئي ڀريو بيٺو هو، ستت، گجگوڙ ٿي، کنوڻ چمڪي ۽ وڏڦڙو وسڻ لڳو. مرون هاسي ۾ هڏڪارون ڏيڻ لڳا. چوڌاري خوف ۽ هراس ڇانئجي ويو. لڇمڻ ننڍو هو، سو ڊڄڻ لڳو. رام ڳالهه سمجهي ويو. سو، ٻيهر آسمان ۾ کنوڻ چمڪي، ته ننڍي ڀاءُ لڇمڻ کي پرڀائڻ لاءِ چيائين ته؛
”لڇمڻ، هن ڪاريءَ رات ۾ کنوڻ ائين ئي چمڪي ٿي، جيئن ڪميڻي ماڻهوءَ جي روح ۾ ڪڏهن ڪڏهن اشرافت چمڪي.“
رام جو رايو ائين آهي جيئن ڪوزي ۾ سمنڊ سمايل هجي. مطلب وري به اهوئي آهي، ته سمورا ماڻهو ”اشرف المخلوقات“ ڪونهن. اهو شان ۽ شرف ڪنهن ڪنهن کي نصيب ٿئي ٿو.
پر، اها حقيقت رڳو ماڻهن جي معاملي ۾ ڪانهي، قدرت جو عام نظام ائين ئي آهي. جهنگن ۾ وڻ آهن. جيڪي پاڻ ڦٽن ٿا ۽ پاڻ ئي وڌن ٿا. سنهن سڌن ۽ ڪوڪن جهڙن تکن سيلهه ڪنڊن وارن ٻٻرن جا ته ٻيلا آهن. ٿوهر ۽ اڪ جهڙن زهريلن ٻوٽن جي به ڪمي ڪانهي. ابت - ڪنڊڙي، ڪنڊيون ۽ ڪانڊيرا به عام جام آهن.
پر، جهنگ جهــر ۾ ڪاٿي به ڪيلو ۽ ڪينو نظر ڪونه ايندو. انب، انگور، ڊاک، ڪشمش، ناسپاتي،نارنگي، صوف، گدرا، گرما، سردا ۽ ڏاڙهون ڳولڻ سان به ڪونه ملندا. اهي توڙي ٻيا ميوا وڏيءَ محنت سان پوکڻا پوندا ۽ ان کان به وڏيءَ محنت سان تاتي وڏا ڪرڻا پوندا.
ڪنهن زماني ۾ لاڙڪاڻي ضلعي ۾ گهوگهاري جا چانور ڏاڍا مشهور هوندا هئا- ”سڳداسي“ سڏبا هئا. هڪ گهر ۾ رڌبا هئا، ته اوڙي پاڙي ۾ سرهاڻ پکڙجي ويندي هئي. هاڻي به باسپتي چانور سٺا آهن، پر، منجهن اها ڳالهه ڪانهي. ڪنهن شخص سان ڳالهه ڪيم ته چيائين ته، ”سڳداسي چانور لهن ٿا ٿورا، ٻيو ته کين ڪيڙو لڳي ٿو ۽ آسپاس پوکيل ردي جنسن جو به مٿن اثر پوي ٿو. سو، هاڻي ماڻهن جو لاڙو اهڙين جنسن ڏانهن ٿيو آهي، جن جي پوکڻ مان کين مالي فائدو ٿئي ٿو. سو، سڳداسي چانور ڪو ٿورڙو پوکجي ٿو.“
لاڙڪاڻو ساريال علائقو آهي. اسان جو نوابشاهه ضلعو (هاڻي نوشهروفيروز) وري ڪڻڪ، ٻاجهر ۽ جوئر جو علائقو آهي. ٽئي اَنَ - پوکون آهن. پر، ڪمند ۽ ڪپهه ۾ جو مالي فائدو گهڻو آهي، ان ڪري جوئر ۽ ٻاجهر جو ته نالو ئي نڪري ويو آهي. سياري ۾ ڪڻڪ سو اڃا پوکجي ٿي.
اڳي اسان وٽ ڪڻڪ جون ٻه مکيه ديسي جنسون هونديون هيون: هڪ ڪَهڻي ۽ ٻي ٺوڙهي. ڪهڻيءَ جي ماني ڏاڍي نرم، پر، ٺوڙهيءَ جي مانيءَ ۾ اهو ساءُ ڪونه هو. تڏهن به ٺوڙهي زور وٺي وئي، ڇو ته انهيءَ جي پوک مان حقدار ۽ هاريءَ ٻنهي کي مالي فائدو گهڻو ٿيندو هو. آهستي آهستي ڪهڻي ته غائب ٿي وئي، پر، ٺوڙهيءَ جو به نالو نشان ڪونه رهيو. پوءِ ته ڪيئي نيون ولائتي جنسون آيون، جن جا نالائي عجيب آهن: مثلاً سوناريڪا.
ڳوٺ ۾ هڪڙي هاريءَ سان ڳالهه ڪڍيم. وڏيءَ ڄمار وارو شخص هو. چيائين ته، ”ڪهڻيءَ ۽ ٺوڙهيءَ کان به اڳي ڪڻڪ جي هڪ ديسي جنس هوندي هئي، جنهن کي ”ڪونج“ ڪوٺيندا هئا. ڪونج جي ماني صبح جو پچائي رک، ته سانجهيءَ تائين جهڙي پٽ پٽيهــر. مجال آهي جو سندس سواد ۾ ڪو فرق اچي!“ ٿڌو ساهه ڀري چيائين ته، ”ڪڻڪ جو اهو ٻــِج بهشتي ميوو هو.“

پڇيومانس ته، ”پوءِ اهڙي سٺي جنس ڇو ختم ٿي وئي؟“
چيائين ته، ”لهندي هئي ٿوري. ٻيون رواجي جنسون جام لهنديون هيون، سو، خلق انهن ڏي ڪاهي پئي. ڪونج آهستي آهستي ائين ختم ٿي ويئي، جو نالي ڪاڻ به ڪانه بچي. هاڻي ته ماڻهن کان اهو نالو ئي وسري ويو آهي.“-
مون سندس ڳالهه مان ائين محسوس ڪيو ته قدرت جو قانون هيءُ آهي ته:
خوبيءَ واري جنس هميشه محدود ٿيندي. مقدار يا تعداد (QUANTITY) ۾ واڌارو ڪبو، ته خوبي (QUALITY) خود بخود گهٽجي ويندي.
هيءُ معاملو هونئن ته علم اقتصاديات ۽ معاشيات جو ڪو ماهر ئي مؤثر لفظن ۾ سمجهائي سگهندو پر، اهلِ دل انسان ته ائين ئي چوندو ته:
دنيا ۾ مٺن ميوَن ۽ سٺن ماڻهن جي هميشه ڪمي هوندي.
هيءَ ڌرتي ماڻهوءَ جو هڪڙو ئي گهرڙو آهي، جنهن ۾ حياتيءَ جا چار پهر گذاري، عدم جي راهه وٺي ٿو. جيڪڏهن گهرڙو اڇو اجرو ۽ صاف سٿرو آهي، ته ڏاڍو سٺو. پر، جي منجهس وک وک تي ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا هوندا، ته مٺا ميوا ته ڇڏيو، ڪاٿي ساهه پٽڻ لاءِ ٿڌي ڇانوَ به ڪانه ملندي. سٺا ۽ مٺا ماڻهو ته ٿيا خوابَ، سي، ته سڄيءَ حياتيءَ ۾ ملن الائي ڪونه ملن. انهيءَ آس جي دلپذير تصوير هڪ بيت ۾ ڏٺم، جيڪو مون ”جهڙا گل گلاب جا“ ڪتاب جي مقدمي جي آخر ۾ اڳي ئي ڏنو آهي. ڀايان ٿو ته شاهه سائينءَ جو آهي، فرمايو اٿس:

آگم ڪيو اچن، سڄڻ سانوڻ مينهن جيان،
پاسي تن وسن، جي سڀ ڄماندر سـِڪيا.

هونئن، هن ڌرتيءَ تي ماڻهن جي ڪمي ڪانهي. مٿس پنجن اربن کان به وڌيڪ ماڻهو رهن ٿا، پر انهن ۾ سٺا ۽ سچا ڪي ٿورڙا آهن. اڪثر ڪوڙا آهن، ڳالهه هڪڙي ڪندا ۽ پيــر ان جي ابتڙ کڻندا. شايد ماءُ جي پيٽان ئي ابتا ڄاوا هئا. سندن سڃاڻپ اها آهي ته وڇونءَ وانگر هر ڪنهن کي ڏنگ هڻندا. هر هنڌ فتنو فساد ڪندا. دنيا کي دوزخ بنائي ڇڏيندا. ڀٽائيءَ بي سبب ته ڪونه چيو هوندو ته:

ڀينر هن ڀنڀور ۾، دوزخ جو دونهون

سڀ ساهوارا هن ڌرتيءَ جي مٿان ڪونه ٿا رهن. هڪڙا ان جي مٿان هوا ۾ ته ٻيا وري هيٺ سمنڊ جي تري ۾ رهن ٿا، پر، ڌرتي سڀني کي ساڻ کنيو ورهين ۽ ايامن کان وٺي سج جي چوڌاري ڦرندي رهي ٿي. چون ٿا ته ڌرتيءَ جهڙا ٻيا به آسماني گولا آهن، جيڪي به ساڳيءَ طرح سدائين سج جو طواف ڪندا رهن ٿا. انهن تي به ڪي ساهوارا آهن يا نه، سا خبر ڪانهي. ائين به چون ٿا ته اسان جي سج وانگر ٻيا به ڪيترائي سج آهن، جيڪي به پنهنجون پنهنجون دنيائون ساڻ کنيون، هل هلان ۾ آهن، هاڻي، ايڏي وڏي جهان ۾ ”ماڻهو“ ته تڏهن ئي ”اشرف المخلوقات“ تسليم ٿيندو، جڏهن خدا جي خلقيل ٻيءَ سموريءَ مخلوق کان اعليٰ ۽ افضل هوندو. انهيءَ ڳالهه جو دارو مدار سندس مزاج تي آهي.
هڪڙو پکيئڙو هو، جيڪو پري کان اڏامندو ٿي آيو. ڏاڍو ڪو اڃايل هو. پاڻيءَ جي تلاءَ تي اچي ويٺو. هيٺ نوڙي، چهنب سان پاڻيءَ جو ڦڙو ڦڙو کڻي پيئندو رهيو، پر، هر ڀيري، شڪر ادائيءَ لاءِ، آسمان ڏي نماڻين اکين سان نهاريندو رهيو.
سو چڻ جي ڳالهه آهي ته انهيءَ پکيئڙي جهڙي شناس گهڻن ماڻهن ۾ آهي؟
ماڻهوءَ جو مزاج معلوم ڪرڻ لاءِ مغربي دنيا ۾ هابس، لاڪ ۽ روسو مڃيل ماهر آهن. اسلامي دنيا ۾ ابنِ خلدون به تمام وڏو درجو رکي ٿو. انهن مان هڪڙي ڄڻي ماڻهوءَ کي وحشي جانورن وانگر هڪ جانور قرار ڏنو. ٻئي ان کي ملائڪن وانگر معصوم ڪوٺيو. ٽئين ان کي جهنگلي جانورن ۽ ملائڪن جي وچ تي رکيو، پر مون کي ذاتي طرح البرٽ آئنسٽائين جي ڳالهه وڌيڪ وزندار لڳي. هو عيسويءَ ويهينءَ صديءَ جو وڏي ۾ وڏو سائنسدان هو ”تقدير جي جبر“ واري نظريي جو قائل هو. ماڻهوءَ جي مزاج تي تبصرو ڪندي لکيائين ته:
”ماڻهوءَ جو قول ۽ فعل سندس اندروني ۽ بيروني مجبورين تي منحصر آهي.“
هنن مڙني مفڪرن، ماڻهوءَ جي مزاج بابت پنهنجا نتيجا پنهنجي ذاتي مشاهدي مان ئي ڪڍيا. سو، اسان به پنهنجي مشاهدي موجب ڏسون، ته ”شهر ڀنڀور“ جا ماڻهو ڪيئن آهن؟
پاڪستان ٺهيو ته اردو، ملڪ جي قومي ٻولي ٿي. منجهس ٻه وڏا شاعر ساماڻا: هڪ جوش مليح آبادي ۽ ٻيو فيض احمد فيض. جوش هندستان مان هجرت ڪري آيو هو، جتي رابندرناٿ ٽئگور، جگر مراد آبادي، مخدوم محي الدين ۽ مجاز لکنويءَ جهڙن شاعرن سان ۽ هت پاڪستان ۾ وري پير ذهين شاهه تاجيءَ، فيض احمد فيض ۽ پير حسام الدين راشديءَ جهڙن عظيم عالمن سان قربت ۽ محبت هئس.
هندستان جي حڪومت سندس (جوش مليح آبادي) ادبي خدمتن جي تسليميءَ طور کيس ملڪ جو وڏي ۾ وڏو قومي ايوارڊ به ڏنو هو، پر، ڪراچيءَ جي ڪنهن ڪمشنر جي ڳالهين تي لڳي، پنهنجيءَ مرضيءَ سان هندستان مان هليو آيو. اهو ڪمشنر ڪو ٺڳُ هو. سو، چيائينس ته، ”جوش صاحب اوهان کي واعدو ڪيل رعايتون ۽ مراعاتون ڪنهن سبب ڪري ملي نٿيون سگهن.“
اهو ٻڌي، جوش جون ته ٻه به ويون، ڇهه به ويون. سندس آخري ايام، اسلام آباد ۾ ڏاڍي ڏک ۾ گذريا. ”يادون ڪي بارات“ نالي آتم ڪهاڻي لکيائين. منجهس هڪ هنڌ پنهنجي ننڍپڻ جي پياري دوست، مانيءَ جي باري ۾ لکيو اٿس، ته مٿس ڏکيا ڏينهن آيا ۽ معاشي طرح ڏاڍو بدحال ٿي ويو. مان ساڻس سڪ سان ملڻ ويس. مون کي ڏسي، اکين ۾ پاڻي اچي ويس. چيائين ته هندستان- سرڪار جي ”ساهتيه ايڪيڊميءَ (ACADEMY OF LETTERS) کان کيس علمي ۽ ادبي خدمتن جي عيوض ڪا پينشن منظور ڪرائي ڏيان. مون کيس تسلي ڏني ۽ سڌو وزيرِ تعليم، ابوالڪلام آزاد وٽ هليو ويس. هن چيو ته، ”مان ته انهيءَ شخص کي شاعر ئي ڪونه ٿو مڃان.“
اهو ٻڌي ڏاڍو مايوس ٿيس. پر، سوچي سوچي وزيراعظم جواهر لعل نهروءَ وٽ هليو ويس. سندس سيڪريٽريءَ چيو ته، ”وزيراعظم هن وقت سخت مصروف آهي. ملي ڪونه سگهندو.“
مون کيس چيو ته، ”تون منهنجي اچڻ جو اطلاع ته ڪر.“
موٽي آيو ۽ چيائين ته، ”جوش صاحب! وزيراعظم اوهان کي فوراً اندر سڏيو آهي.“ مان ڪمري ۾ گهڙيس، ته پنڊت جواهر لعل نهرو، بيٺڙ، هڪ اُچي ڊيسڪ تي ڪجهه لکي رهيو هو. مون کيس مانيءَ سان متعارف ڪرايو ۽ سندس ادبي پينشن لاءِ عرض ڪيو. مانيءَ کي ته ڪونه سڃاڻندو هو. پر، منهنجي ڪري، اتي جو اتي سندس درخواست تي سندس ادبي پينشن جو آرڊر ڪيائين. جوش ڏاڍي ڏک مان لکيو آهي ته:
”مانيءَ کي پينشن ملي، ته پوءِ مون سان ملڻ ڇڏي ڏنائين.“
جنهن ماڻهوءَ زندگيءَ ۾ جيترو ڊگهو سفر ڪيو هوندو، تنهن جو مشاهدو به اتروئي اهم هوندو. مليح آباد هڪ ڳوٺ آهي. جوش ڳوٺان نڪتو. آهستي آهستي، سفر ڪندو، هندستان جي گاديءَ، دهليءَ پهتو. اتي ڏاڪي به ڏاڪي، مٿي چڙهيو ۽ وزيراعظم هائوس تائين وڃي پهتو. جواهر لعل نهرو ۽ ابوالڪلام آزاد ٻئي سندس عزت ڪندا هئا. سو، ماڻهوءَ جي مزاج کي سمجهڻ لاءِ سندس مشاهدو اهم آهي. سندس لفظ ڪيڏا نه اهم آهن ته ”مانيءَ جو مسئلو حل ٿيو ته مون کي وساري ڇڏيائين!“
پر، جوش وانگر خود اسان مان به ڪن شخصن کي ٿورا يا گهڻا اهڙا مشاهدا ٿيا هوندا. مثال طور، مون پنهنجي هڪ ملازم کي اسلام آباد ۾ رهڻ لاءِ سرڪاري گهر وٺي ڏنو. اتي جوءِ ملڻ سولي، پر جاءِ ملڻ ڏکي. سو، مون کي ڏاڍي منٿ ميڙ ڪئي هئائين. گهر وٺي ڏنومانس ته خوش ٿيو. پر، ڪجهه عرصي کان پوءِ وري آيو ۽ چيائين ته پنهنجو پلاٽ ورتو اٿم. قرض وٺي ڏيو، ته پنهنجي جاءِ جوڙايان. قرض وٺي ڏنومانس. هڪ ڏينهن اچي ٻڌايائين، ته جاءِ جوڙائي اٿم، هاڻي ايڪيڊميءَ لاءِ منهنجي جاءِ مون کان مسواڙ تي وٺو، ته قرض لهي. ائين به ڪيم ته چيائين ته هاڻي اها ئي جاءِ ايڪيڊميءَ جي آفيسر جي حيثيت ۾ مون کي ئي رهائش لاءِ ڏيو. اهو به ڪيم. اوچتو هڪ ڏينهن شام جو منهنجي گهر ۾ پنهنجي ماءُ، زال ۽ ٻارڙن کي وٺي اچي پهتو ۽ قرآن شريف کڻي آيو ته هاڻي نوڪريءَ ۾ وڏو گريڊ به وٺائي ڏيو. اها ڳالهه ڏاڍي ڏکي هئي. پر، منهنجي اکين اڳيان قرآن ڪريم هو. ڪوشش ڪري، وڏو گريڊ به وٺائي ڏنومانس.
هڪ ڏينهن چيومانس ته، ”هاڻي ته اوهان جا سڀ ڪم پورا ٿي ويا؟“
چيائين ته، ”هن سال اوهان مون لاءِ ڇا ڪيو آهي؟“
اهڙي قسم جا ماڻهو رڳو اسلام آباد ۾ ڪونهن. هر هنڌ آهن. اسلام آباد وانگر، حيدرآباد ۾ به ڪنهن ملازم تي مهرباني ڪيم. کيس وڏي نوڪري وٺي ڏنم ۽ پوءِ کيس ٻيا فائدا به وٺي ڏنم. پر، آخر ۾ احساس ٿيم، ته منجهس ۽ اسلام آباد واري شخص جي مزاج ۾ ڪو فرق ڪونهي. اهو به ڏٺم ته ٻنهي ۾ هڪ ڳالهه ساڳي هئي. ”ٻئي ميسڻا هئا“ ۽ کين ڏسي، مون کي شيخ سعديءَ جو مشاهدو ياد ايندو هو. ”گلستان“ ۾ لکيو اٿس ته هڪ ڏينهن ڏٺم ته وڻ جي هيٺان جهرڪ ۽ ڳيرو گڏ پيا ٿا چُڳن. اهو لقاءُ ڏسي حيرت لڳم، ويجهو وڃي ڏٺم ته ٻئي منڊا هئا.
مان سمجهان ٿو ته جيئن ساهوارن ۽ جاندارن ۾ بڻ بڻياد کي وڏي اهميت آهي. اصـِيلَ ۽ کارَ جو فرق آهي، تيئن ماڻهن ۾ به آهي. هڪڙا پنهنجي نسلي اثر ۽ پرورش ڪري يا وري ماحول ۽ سنگت ساٿ جي اثر ڪري، بي ڀروسي ۽ دوکيباز ٿين ٿا. ٻيا وري ڀروسي جوڳا سچا، سورهيه ۽ بهادر ٿين ٿا.
خليفي محترم عبدالحميد چانڊئي سال سوا اڳ، هڪ اهم ڪتاب لکيو آهي: ”سنڌ جو اتر ڪاڇو“ منجهس هڪ دلچسپ مثال پڙهيم. حڪيم صاحب لکيو آهي ته، ”مون پنهنجي دواخاني ۾ دواسازيءَ جي ڪم لاءِ پنهنجي پراڻي ڪارڪن عبيدالله ڪنڀر جي چوڻ تي سندس جاءِ تي هڪ ماڻهو رکيو، جنهن مون وٽ ٻه ٽي سال ڪم ڪيو، مون غريب ماڻهو سمجهي مٿس گهڻيون مهربانيون ڪيون. ارادو هو ته کيس علم طب به پڙهائجي. پر، اوچتو سندس پرَ نڪري آيا. مون کي ڇڏي اسان جي ”ماڏي“ شهر ۾ ئي پنهنجو دواخانو کوليائين ۽ ”حڪيم“ ڪوٺائڻ لڳو. همراهه اهڙو ته منهن مٽيو، جو ڄڻ واقف ئي ڪونه هو. سندس دواخانو شهر ۾ هلي ڪونه سگهيو. سو، وري ٻئي شهر ۾ وڃي دواخانو کوليائين.
مون ان بعد ٻيو ماڻهو پنهنجي شفاخاني ۾ رکيو. هن يار وري فرمائش ڪئي ته، طب سيکاريو. مون کيس فارسي ڪتاب پڙهايو. اهو سندس سمجهه کان زور هو. سو، اردو ڪتاب شروع ڪرايومانس. کيس ڪو خيال آيو، ته دوائون ٺاهڻ ته اڳيئي، سکيون اٿم. باقي طب آهي ڪتابن ۾. سو ماٺڙي ڪري، طب وارو اردو ڪتاب ۽ ٻيا ٻه ٽي سنڌي ڪتاب کڻي ڀڄي ويو! ماڻهن جا اهي افعال ڏسي، منهنجو ته مٿانئن اعتماد ئي کڄي ويو.
حڪيم صاحب لکيو آهي ته، اها ماجرا رڳو ساڻس ڪانه ٿي. ساڳيو اهڙو واقعو حڪيم محمد علي امرتسريءَ سان به ٿيو هو. وٽس هڪ شخص آيو، جنهن چيو ته، ”مان پاڻ وڏو طبيب آهيان، پر، ڊگري ڪانهيم. ارادو اٿم ته اوهان وٽ علم جي تحصيل ڪري، سَنَدَ وٺان. مون سندس ڳالهه وڏيءَ همدرديءَ سان ٻڌي ۽ کيس طب جا ڪتاب پڙهائڻ شروع ڪيم. هڪ ڏينهن ڪنهن نسخي ڏسڻ لاءِ پنهنجو بياض ڪڍيم. هن شخص سمجهيو ته سڄو راز آهي انهيءَ بياض ۾. ڪنهن ڏينهن مان ٻاهر ويس ته پٺيان صندوق کُلي پئي هئي. هو بياض کڻي ڀڳو. ويندي ويندي منهنجي شفاخاني جو بورڊ به غور سان پڙهندو ويو، جنهن تي لکيل هو ته؛
حڪيم محمد علي
سنديافته طبيه ڪاليج دهلي
شاگرد مسيح الملک
حڪيم محمد اجمل خان مرحوم

هن ڀانيو ته اهو ”مرحوم“ لفظ به وڏي ڪا سَنَدَ آهي. سو، پنهنجو دواخانو کولي، ان جي مٿان ڏهاڪو کن فوٽ موڪري بورڊ تي، پنهنجو نالو هيئن لکيائين؛

حڪيم غلام رسول مرحوم
خانداني حڪيم
هت هر مرض جو علاج ڪيو وڃي ٿو.

حڪيم غلام رسول، جنهن ڳوٺ ۾ وڃي دواخانو کوليو، اتان جي زميندار کي هڪڙو ئي پٽ هو، جو ڏاڍو بيمار هو. غلام رسول ڳوٺ ۾ وڃڻ شرط سندس علاج ۾ هٿ وڌو ۽ هڪدم پنهنجي هٿ شفا ڏيکارڻ لاءِ، کيس جمال گهوٽي جو جلاب ڏنائين- غريب ٿڏي تي مري ويو. زميندار اهو سور ڪيئن پي ويو، سو ته معلوم ڪونهي، پر غلام رسول اهڙو ٻيو ڪو ڪـِيس ڪري، تنهن کان اڳئي کيس ڏاڍي مار ڏئي، ڳوٺ مان ڀڄائي ڇڏيائين
حڪيم محمد علي امرتسريءَ ان کان پوءِ ماڻهن کي علم طب پڙهائڻ کان توبهه ڪئي.
خليفي صاحب جي فرزند اعجاز حسين چانڊئي ماڻهوءَ جي مزاج متعلق پنهنجو ذاتي تجربو بيان ڪندي مون کي ٻڌايو ته مان هڪڙي وڏيري کي ادب جي ڪري، چاچا ڪوٺيندو هئس. هڪ دفعي چاچو هڪ عملدار کي مون وٽ علاج لاءِ وٺي آيو. چيائين ته، ”صاحب، منهنجو دوست آهي، کانئس ڏوڪڙ پئسو وٺڻو ناهي.“
مون چيو ته، ”چاچا، حاضر، جيئن اوهان جو حڪم.“

مهينو کن ته اهو عملدار ۽ چاچو مون وٽ گڏ ايندا رهيا، پوءِ چاچو ڪونه ايندو هو. عملدار اڪيلو دوا وٺي ويندو هو. ٻن ٽن مهينن کان پوءِ آيو چيائين ته،”هاڻي، منهنجي بدلي ٿيڻ جو امڪان آهي، سو، اڳو پوءِ آخرين دوائون ڏئي ڇڏيو.“
مون چيومانس ته، ”دوا اڃا ڪجهه وقت هلندي، پر اوهان فڪر نه ڪريو، ته دوا مفت ۾ ملي ٿي، سا، الائي فائدو ڪندي الائي ڪونه؟“
منهنجا اهي اکر ٻڌي صاحب موصوف کان ڄڻ ته ڇرڪ نڪري ويو. ڪا دير ته چپ هو. پوءِ دٻيل زبان سان چيائين ته، ”اوهان جو چاچو، وڏيرو صاحب ته مون کان هن مهل تائين دوا جي لاءِ چاليهه هزار روپيا وٺي چڪو آهي.“
حڪيم اعجاز حسين چيو ته، ”اهو ٻڌي مان حيران ٿي ويس. ڏاڍو ڏک ٿيم. دل ۾ چيم ته ماڻهو ڏاڍا اٽڪلي آهن. ظاهر ۾ اوهان کي پيا ڪوٺيندا: ”منهنجا مٺڙا“ - ”منهنجا منڙا“ پر، اندر ۾ هوندن اٽڪلن جا انبار. اٽڪلون به اهڙيون، جو ڄڻ ته ڪي ڇُريون آهن، جيڪي هاڻي هاڻي سيراڻ تان لٿيون آهن، جن سان ڪنهن کي به ڪُهي ڪباب ڪرڻ ۾ دير ئي ڪانه لڳندي.“
حڪيم اعجاز حسين جو اهو چوڻ ته ماڻهو مطلب ڪاڻ پنهنجن کي به ڪُهي ڪبابُ ڪري ٿو، ڏاڍي ڏکوئيندڙ آهي. چون ٿا ته انهيءَ جي شروعات ڏاڏي آدم جي پٽن ئي ڪئي هئي: قابيل، ڪنهن مطلب ڪاڻ، پنهنجي ڀاءُ هابيل کي ڪهي ڪباب ڪري ڇڏيو. اڳتي هلي، حضرت يعقوب جي پٽن به انهيءَ روايت کي تازو ڪيو. پنهنجي ننڍڙي ڀاءُ حضرت يوسف کي ڪنهن سُڃي ۽ سُڪل کوهه ۾ ڦٽي ڪري آيا ته مري کپي ويندو. هنن ته سوچي سمجهي پڪو ڪم ڪيو، پر، هن جا به ڪي بخت ڀلا هئا، سو، بچي ويو.
ليڪن اهي ٿيا هزارين ورهيه پراڻا، پيغمبر زادن جا قصا، ڀلن جو اولاد هئا. سندن باري ۾ سوچي سمجهي ڳالهائڻ گهرجي، متان ڀُل چُڪ ۾ به ڪا بي ادبي ٿي وڃي. سو عقل جي ڳالهه اها آهي ته زمان توڙي مڪان جي لحاظ کان اورتي اچون ۽ پنهنجي ئي آسپاس ڪي مثال وٺون.
سنڌ جي تاريخ ۾، هونئن ته گهڻائي مثال موجود آهن. پر، سڀني کان دلچسپ مثال، سنڌ جي راڻيءَ سونهن پريءَ (ديويءَ) جو آهي. چون ٿا ته جهڙو نالو هئس، تهڙي چوڏهينءَ جو چنڊ هئي. ٻُڌ ڌرم جي راجا جي مهاراڻي هئي. سنڌ، تن ڏينهن ۾ آزاد ملڪ هو، جنهن جو جهنڊو ديبل کان ملتان تائين جهولندو هو. راجا ته ٿيو راجا. پر، راڻيءَ جي رعب تاب جي به ڪهڙي ڳالهه ڪجي. ويتر سندس سونهن جا تجلا اهڙا ته ڪي تکا هئا، جو خبر ناهي جو پکين کي به سندس محلات جي مٿان اڏامڻ جي همٿ ڪانه ٿيندي هئي.
هڪڙي ڏينهن محلات ۾ راجا سان گڏ ويٺي هئي ته ڪو منشي دروازي تي آيو. کيس راجا کان ڪاغذ صحيح ڪرائڻا هئا. راجا راڻيءَ کي پاسيرو ٿيڻ لاءِ چيو، پر، هن لنوائي ڇڏيو. منشي ڪاغذ کڻي راجا وٽ آيو، ته شڪل شباهت ۽ ڳالهائڻ ٻولائڻ ۾ راڻيءَ کي وڻي ويو. سو، مهل ۽ موقعي تي ڏانهس مرڪي نهاريائين. پر، منشيءَ جي ڪهڙي مجال، جو راجا جي محل ۾ ميري اک کڻي سگهي. هونئن به پڙهيل پنڊت هو. چچ نالو هئس. سمورا ويد ۽ شاستر پڙهي پڄايا هئائين. سو، پاڻ پري رکڻ جي ڪوشش ڪيائين، ليڪن، سونهن پريءَ جي هڪڙيءَ ئي مرڪ ننڊ ڦٽائي ڇڏيس. ستت ويد ۽ شاستر به وسرندا ويس. تان جو مهل ۽ موقعو ڏسي، پاڻ به راڻيءَ ڏانهن اڃايل اکين سان نهارڻ لڳو.
سونهن پري کيس مڪمل طرح مطيع ڪرڻ کان پوءِ، پنهنجن پيارن هٿن سان پنهنجي ”پتي – ديوتا“ يعني سنڌ جي راجا کي زهر جي هلڪي هلڪي ستي ڏيڻ شروع ڪئي. راجا گهڻو جٽاءُ ئي ڪونه ڪيو. سگهو وڃي بستري تي ڪريو.
اهو ڪم ڪاميابيءَ سان ڪري، راڻيءَ درٻار ۾ اعلان ڪيو، ته راجا پنهنجيءَ بيماريءَ جي ڪري، چچ کي پنهنجو ”نائب“ مقرر ڪيو آهي، سو، سرڪاري ڪمن بابت، راجا جي پاران حڪم احڪام جاري ڪندو.
راجا ته پنهنجي هوش ۾ ئي ڪونه هو. ڏينهون ڏينهن ويو ڳرندو. جڏهن سرڳواسي ٿيڻ جي منزل تي پهتو، تڏهن راڻيءَ ويجها مٽ مائٽ سندس درشن لاءِ گهرايا. کين محلات ۾ مختلف جاين تي ويهاري، هڪڙن کي ٻين جي خلاف ڀڙڪايائين، ته فلاڻي معاملي ۾ هنن اوهان سان هيئن ڏاڍائي ڪئي هئي. کانئن پلوَ وٺڻ جو مهل موقعو هي اٿوَ. هنن کي ته اهڙو وجهه کپندو هو. پاڻ ۾ ائين اٽڪيا، جو هڪٻئي کي ڪهي ڪباب ڪرڻ ۾ دير ئي ڪانه ڪيائون.
راڻيءَ، عقلمنديءَ سان ائين سڄو ميدان صاف ڪري، راجا جي سرڳواسي ٿيڻ جو اعلان ڪيو. جڏهن ڪريا ڪرم جون رسمون پوريون ٿيون ۽ ساعت سڻائي ڏٺائين، تڏهن درٻار ڪوٺائي چيائين ته، ”راجا جي وصيعت موجب، چچ هاڻي شاهي ڇٽ پائي، سنڌ تي حڪومت ڪندو.“
درٻارين، راجا جي آگيا موجب چچ سان وفاداريءَ جو اعلان ڪيو ته راڻيءَ چچ سان شادي ڪئي. اڳي به راڻي هئي، هاڻي به راڻي ٿي. پر، جوان مڙس مليس.
چچ هندو هو، سو، راڻيءَ جي ڪارنامي ڪري، ٻُڌ ڌرم وارن جي حڪومت ختم ٿي وئي. سنڌ جي تاريخ ئي بدلجي وئي.
چچ ويدن ۽ شاسترن مان ڪجهه پرايو هو يا نه، پر، سهڻيءَ راڻيءَ جي صحبت ۾ رچي ريٽو راس ٿيو. سگهو برهمڻ آباد تي ڪاهه ڪيائين. اتان جو راجا اگهم لشڪر وٺي، سندس سامهون ٿيو. پر، مقابلي جي طاقت نه ڏسي، قلعي ۾، دروازا بند ڪري ويٺو. چچ به شهر جي چوڌاري نانگ وانگر ڪڙو چاڙهي ويهي رهيو. جت باهه ٻري، اتي سيڪ اچي. راجا اگهم ويو ڳڻتيءَ ۾ ڳرندو. نيٺ سرڳواسي ٿي ويو. ٻه چار مهينا گذريا، ته شهر واسي به اچي پريشان ٿيا، تن چچ سان صلح صفائيءَ جي ڳالهه چوري. هن هائو ڪئي. ڪامياب ۽ ڪامران ٿي، قلعي ۾ گهڙيو. ٿڌي سيني سان فيصلو ڪيائين ته راجا اگهم جي سهڻيءَ راڻيءَ سان شادي ڪريان ۽ پوءِ سندس پٽ سربندَ کي ئي راڄڌانيءَ جي پڳ ٻڌايان.
سربند ڳالهه ٻڌي چيس ته، ”اسان جي شاهي خاندان ۾ ڪيئي ننڍيون نيٽيون زالون آهن، جيڪي هڪٻئي کان سونهن ۾ سرس آهن.“
پر، چچ راڻيءَ سان همبستر ٿيڻ تي هري ويو هو. سو، هاڻي به سيج پلنگ تي راڻي کپندي هئس. سربند جي ڳالهه ڪانه مڃيائين. هوڏانهن، سربند جي ماءُ جي ڪن تي ڳالهه پئي ته هڪدم ”هائو“ ڪيائين ۽ هار سينگار ڪري، پنهنجي مڙس جي قاتل سان لائون لڌائين ۽ پهرينءَ رات ئي ساڻس اهڙي ته ريجهي وئي، جو کيس پنهنجي اڳئين مڙس جي وفادار سرڪش قبيلن جا نالا ٻڌائي، چيائينس ته هنن هنن کي ڪهي ڪباب ڪر، ته پوءِ توکي ڳڻتي ڳارو ڪونهي: مان به تنهنجي ۽ برهمڻ آباد به تنهنجي.
چچ ائين ئي ڪيو. برهمڻ آباد ۾ سڀ ڪم سولا ڪري پنهنجا پير پختا ڪيائين. سڀ انديشا لاهي، سيج پلنگ تي سربند جي ماءُ جي ڀاڪرُ ۾ سڀُ ٿَڪَ ڀڳائين. ائين پنهنجيءَ حڪومت جي پيڙهه پڪي ڪري، ان جون واڳون پنهنجي ويڳي پٽ سربند ۽ پنهنجيءَ راڻيءَ کي سونپي، پاڻ اروڙ ڏانهن واپس وريو، جتي وري راڻي سونهن پري سندس انتظار ۾ آسمان جا تارا ڳڻي رهي هئي.
مٿيان ٻئي مثال سنڌ جي اولين تاريخ ”چچ نامي“ ۾ موجود آهن. انساني مزاج جا آئينه دار آهن. سنڌ وانگر هند جي تاريخ ۾ به اهڙا بيشمار مثال موجود آهن، جن مان ماڻهوءَ جي مزاج جو پتو پوي ٿو. پر، سڀني کان مشهور مثال راڻيءَ نورجهان جو آهي، جنهن پڻ پنهنجي مڙس جي قاتل سان شادي ڪئي هئي.
نورجهان جي مڙس، علي قلي بيگ ۽ جهانگير جو پاڻ ۾ ڪو به تڪرار ڪونه هو. اڪبر بادشاهه علي قلي بيگ کي مهرالنساء سان پرڻائي بنگال جي پاسي پنهنجو نواب ڪري موڪليو. کيس مهرالنساء مان هڪ نياڻي به هئي. زال مڙس جو پاڻ ۾ ڏاڍو پيار هو. پر، اڪبر بادشاهه وفات ڪئي ۽ پٽس جهانگير بادشاهه ٿيو، ته علي قلي بيگ کي نياپو موڪليائين ته، ”پنهنجيءَ زال کي طلاق ڏي، ته شادي ڪريانس، جو ننڍپڻ ۾ ڏاڍي وڻندي هئم.“
علي قلي بيگ اهو ٻڌي هڪ غيرتمند مرد وانگر مياڻ مان تلوار ڪڍي پر، پاڻ اڪيلو هو ۽ قاصد وٽ شاهي لشڪر هو. تلوارن سان ٻوٽيون ٻوٽيون ڪري ڇڏيائونس. الزام رکيائونس ته بغاوت ڪري رهيو هو. بغاوت اها ڪيائين ته بادشاهه کي پنهنجي شوق پوري ڪرڻ ڪاڻ، پنهنجي زال پيش ڪانه ڪيائين.
مهرالنسا پنهنجي مڙس جي قتل جي پاڻ ئي اکين ڏٺي شاهد هئي. سو، جڏهن شاهي محلات ۾ پهتي، ته حالي ته صدمي جي ڪري، ڪي ڏينهن بيحال هئي. محل جي ڪنهن ڪنڊ ۾ پاسيري ٿي ويئي، پر هڪ ڏينهن آرس ڀڳائين. عروسي لباس پاتائين. جڏهن شاهي سيج پلنگ تي جهانگير سان ڀاڪر پاتو هوندائين، تڏهن علي قلي بيگ ته ياد آيو هوندس. شايد، دل ۾ ائين ئي چيو هوندائين ته:

آسماں ڈوبے ہوئے تاروں کا ماتم کب تلک

مٿيان مثال، عورت ذات جي مزاج جا آهن. انهن مان ڀائنجي ٿو، ته رڳو مرد جي ڳالهه ڪانهي. جيڪڏهن عورت به اهڙيءَ پوزيشن ۾ آهي، جو پنهنجي اثر جو فائدو وٺي سگهي، ته پوءِ پنهنجو مطلب حاصل ڪرڻ ڪاڻ، کيس ڪابه لڄ ليهه ڪانهي. اڳي به ائين هو، هاڻي به ائين آهي.
تاهم، تاريخي حقيقت اها آهي ته جيئن ته دنيا ۾ اڪثر ملڪن ۾ مرد جي برتريءَ (MALE DOMINATION) وارو معاشرو آهي، ان ڪري عورت کي ”ثانوي حيثيت“ حاصل آهي. کيس مرد جيترا حق حقوق حاصل ڪونه آهن. ٻڌيءَ ڇوڙيءَ جو سڄو اختيار مرد وٽ آهي. هر هنڌ، مرد ئي وڏيرو، رئيس يا سردار آهي. سنڌ جي اتر، وچولي ۽ لاڙ ۾ اهڙو ڪو ننڍو وڏو ڳوٺ يا شهر مشڪل ملندو، جنهن ۾ چڱمڙسيءَ جي پڳ، مرد جي بدران ڪنهن عورت جي مٿي تي هجي.
پاڪستان، بنگلاديش، هندستان ۽ سري لنڪا (اڳوڻي برٽش انديا جي) چئني ملڪن ۾ عورت پنهنجي پارٽين ۾ پڳ ٻڌي، وزيراعظم يا صدر جي عهدي تائين ته پهتي آهي پر، اڄ تائين، ڪنهن به عورت کي فوج جي سربراهه جو عهدو ڪونه مليو آهي.
نالي ۾ ته هر جمهوري ملڪ ۾ اصولي طرح طاقت جو سرچشمو عوام آهي پر، جيڪڏهن مائوءَ جو چوڻ صحيح آهي ته، ”طاقت بندوق جي ناليءَ مان نڪرندي آهي.“ ته پوءِ اصل طاقت جو سرچشمو فوج آهي. ليڪن تاريخ ۾ اهڙو ڪو مثال ئي ڪونه ٿو سُجهي، جو ڪنهن به ملڪ جي عورتن زالن جو لشڪر وٺي، ٻئي ملڪ جي عورتن سان جنگ ڪئي هجي. دنيا ۾ جنگيون هميشه مردن جوٽيون آهن. خون خرابُ مردن ڪيو آهي. ڪٿي به زور زبردستيءَ ۽ ظلم سان ڏاڍاين هيڻن کي پيڙيو آهي، ته اهي ”ڏاڍا“ مرد ئي هئا: عورتون ڪونه هيون.
تاريخ جي ورقن ۾ اهڙن خونخوار مردن ۾ سڀ کان مشهور مثال چنگيز خان جو آهي جيڪو پاڻ کُليو کلايو چوندو هو ته، ”مان ماڻهن تي خدا جو قهر آهيان.“ اڄ کان ست سؤ ورهيه اڳ مشرق ۾، چين پاسي، گوبيءَ جي رڻ پٽ ۾ ساماڻو. لُــچُ لوفر هو. پاڻ جهڙن ٻين بدمعاش جو ٽولو ٺاهيائين، ويو زور وٺندو، نيٺ گوبيءَ جي سڄي رڻ پٽ تي قبضو ڪري ويو. پوءِ چين تي حملو ڪيائين ۽ ان کي فتح ڪيائين. ڪجهه عرصي کان پوءِ اولهه طرف اک کنيائين ۽ خوارزم شاهه جي سلطنت تي حملو ڪيائين. انهيءَ کي به فتح ڪيائين. انهيءَ جنگ ۾ اسي لک قيدي ترار سان قتل ڪرايائين. سندس سپاهي جيڪو شهر فتح ڪندا هئا، ان جي سمورن، مردن، زالن ۽ ٻارن کي ترارن سان رڍن ۽ ٻڪرين وانگر زمين تي ليٽائي، ڪهي ڇڏيندا هئا. ڍُڪين زالن جا پيٽ چيري، ٻار کي ٻاهر ڪڍي، ترار سان، اڌو اڌ ڪندا هئا. رڳو سهڻيون زالون ڇڏيندا هئا، جيڪي ورهائي کڻندا هئا. سڀ ماڻهو ماري پوءِ ڍور، ڍڳا ۽ ڪتا ٻلا ڪهندا هئا. اهو ڪم ڪري، شهر کي باهه ڏئي، خاڪ جو ڍير ڪري ڇڏيندا هئا. ويجهو اوڏو ڪنهن واهه جو وهڪرو ڦيرائي، خاڪ جي ڍير مٿان وهائيندا هئا، ته شهر جا نشان به مٽجي ويندا هئا.
خوارزم شاهه جي سلطنت کي تباهه ڪرڻ کان پوءِ سندس اولاد هڪ طرف روس ۽ ٻيا ڪيئي ملڪ فتح ڪيا، ته ٻئي طرف پاڻ سنڌو نديءَ جي ڪناري تي اچي پهتو، پر، اوچتو پنهنجي وطن ۾ بغاوت جي ڪا خبر مليس، سو، اوڏانهن موٽيو. ائين سنڌ ۽ هند سندس باهه کان بچي ويون! البت، واپس ويندي، پشاور کي جهڙپ ڏيندو ويو. سندس لشڪر جتان لنگهندو هو، ان جو پتو هيئن پوندو هو ته آسمان ۾ ڳجهون لامارا ڏيندي نظر اينديون هيون، جو زمين تي هِت هُت انساني لاشا هوندا هئا، ڪاٿي ماڻهن جون ٽنگون ٻانهون ته ڪاٿي منڍيون پيون هونديون هيون.
چنگيز خان کان پوءِ سندس پوٽو هلاڪو خان ساماڻو. اول اسماعيلين جي قلعي ”الموت“ کي تهس نهس ڪيائين. ان کان پوءِ بغداد تي ڪاهه ڪيائين. ”اسلامي خلافت“ کي ختم ڪيائين. مسلمانن جي خليفي کي مارايائين. پوءِ عام ماڻهن جي ”ڪوس“ جو حڪم ڏنائين. بغداد وارو دجلو درياهه پاڻيءَ جي بدران ماڻهن جي رت سان وهڻ لڳو. ايران جي هاڪاري شاعر شيخ سعديءَ هيءُ دردناڪ مرثيو انهيءَ موقعي تي چيو هو؛

آسمان راحق بود گر خون ببارد بر زمين
بر زوال ملک معتصم اميرالمومنين
اے محمدصہ گر قيامت می بر آري بر زخاک
سربر آورويں قيامت درميان خلق بين

آسمان کي حق آهي ته زمين تي رت جو مينهن وسائي معتصم امير المؤمنين جي ملڪ جي زوال تي. محمدصه، جي قيامت جي ڏينهن اٿندين، ته اٿ ۽ خدا جي خلق تي هيءَ قيامت ڏس!
هلاڪو خان کان پوءِ تيمور لنگ ساماڻو. جنهن جي ظلم جي داستانن جو به ڇيهه ئي ڪونهي. سندس خاص شوق اهو هوندو هو ته ماڻهو مارائي سندن منڍين جا منارا ٺهرائيندو هو.
ايران ۾ وري نادر شاهه ساماڻو. ڦرمار ڪري، اول جاگيردار ۽ سنڌين وانگر پوءِ پاٿاريدار بڻيو. آخر ۾ سردار بڻيو. ويو زور وٺندو، تان ته وڃي ملڪ جو بادشاهه ٿيو. ايران مان لشڪر وٺي، هندستان تي ڪاهه ڪيائين، دهليءَ ۾ عام ماڻهن جو ايڏو ته ڪوس ڪرايائين، جو شهر جي جاين جي نيسارن مان برسات جي پاڻيءَ وانگر ٽي ڏينهن انساني رت جا ڦوهارا وهندا رهيا.
افغانستان مان شاهه بيگ ارغون سنڌ تي ڪاهه ڪري آيو. ڄام نظام الدين جهڙو بهادر بادشاهه فوت ٿي چڪو هو. سندس نڪمو پٽ ڄام فيروز ڀڄي ويو. شاهه بيگ ارغون ٺٽي ۾ داخل ٿيو ته ايڏو ته خون خرابو ڪرايائين، جو شهر ۾ اوندهه انڌوڪار ٿي ويو. ڏينهن جا ڏينهن، قاضي قاضن جهڙا عالم وائڙن وانگر پنهنجن مٽن ۽ مائٽن کي ڳوليندا رهيا.
اهي سمورا مثال انساني تاريخ جا حقيقي ورق آهن، جن مان ماڻهوءَ جي مزاج جو پتو پوي ٿو. رڳو اسان وٽ ائين ڪونه هو. نام نهاد متمدن مغربي ملڪن ۾ به هني بال، هٽلر ۽ مسولنيءَ جو شغل ۽ شوق رڳو جنگ ڪرڻ ۽ ماڻهو مارائڻ هو. سڪندر بادشاهه سنڌ ۾ ارڙنهن هزار ماڻهو مارايا.
اها سوين هزارين ورهيه اڳ جي ڳالهه آهي. پر، هن دؤر ۾ به اهڙن قاتلن جي ڪمي ڪانهي، جيڪي پاڻ ست سمنڊ پار مغربي ملڪن ۾ ويٺا آهن، پر پنهنجي مطلب ڪاڻ مشرقي ملڪن ۾ ماڻهو پيا مارائن ۽ چون ٿا ته، ”اسان هي ڪم امن خاطر ڪريون ٿا.“
هاڻي ته ايٽم بم ايجاد ڪيو اٿن. جنهن کي آمريڪا استعمال به ڪيو آهي. پهريون بم 1945ع ڌاري ٻيءَ مهاڀاري لڙائيءَ ۾ جپان جي شهر هيروشيما کي هنيائين، ته ڏيڍ لک ماڻهو ٿڏي تي مري ويا. ٻيو بم ناگاساڪي شهر تي هنيائين ته ٽيهٺ هزار اٺ سؤ چوراسي انسان مري ويا ۽ سٺ هزار زخمي ٿيا.
هڪ طرف ماڻهوءَ جا اهي افعال آهن، ٻئي طرف، ماڻهو ئي ڌرتيءَ تي هڪڙو اهڙو ساهوارو آهي، جو عقل جا پر پائي، ڀڙڪي ڏئي اڏاڻو، ته چنڊ تي وڃي لٿو. زمين تان بيهي چنڊ ڏي نهارجي، ته اها ڳالهه اعتبار ۾ ئي نٿي اچي، ليڪن ماڻهو نه رڳو چنڊ تي چهل قدمي ڪري آيو، پر، اتان ننڍا وڏا پٿر به ميڙي آيو آهي، جي هيرن جواهرن کان وڌيڪ قيمتي آهن. چون ٿا ته مٿن تحقيق ڪرڻ سان چنڊ جي سڄيءَ عمر ۽ ننڍپڻ کان وٺي هاڻوڪيءَ ڄمار تائين سندس سفر جو سڄو احوال معلوم ٿيندو. هڪڙو پٿر اسان جي ملڪ کي به مليو آهي. ڪراچيءَ جي قومي ميوزيم ۾ رکيل آهي.
مون ڏٺو آهي. اسڪولي شاگردن جي سليٽ جيتريءَ ڪاٺ جي هڪ تختيءَ ۾ ڪڪڙ جي آني جيترو هڪ شفاف شيشو کتل آهي، جنهن ۾ اندر قابو آهي. سنگ مرمر يا سنگ سياهه وانگر لَسو ۽ سخت ڪونهي، ڀُرڪڻو لڳي ٿو. رنگ اهڙو اٿس جهڙو ڪاريءَ ۽ واڱڻائيءَ رنگ جي مس ملائڻ سان ٺهي. آسمان ۾ چنڊ کي ڏسڻ سان منجهس ڪارا نشان نظر ايندا آهن، جيڪي چون ٿا ته جبلن ۽ سڪل ماٿرين جا آهن. هيءُ پٿر به شايد ڪنهن اهڙي هنڌ جو آهي.
چوڏهينءَ جو چنڊ جڏهن آسمان ۾ چمڪي ٿو، ته ماڻهوءَ جي روح کي ڪيڏو نه قرار اچي ٿو، پر، پاڻيءَ تي وري ان جي ابتڙ اثر ٿئي ٿو. سمنڊ جو نظارو ڏسڻ وٽان هوندو آهي. پاڻيءَ ۾ ايڏي ته بيقراري ٿيندي آهي، جو ڇوليون هڪٻئي جي مٿان پيون سٽبيون آهن.
چوڏهينءَ جو چنڊ، آسمان مان اثر وجهي هيٺ ڌرتيءَ تي سڄي دنيا جي سمنڊن ۾ بي قراري ۽ اٿل پٿل آڻي ٿو ته، پوءِ ائين سمجهڻ لاءِ واجبي سبب آهي ته هن جهانَ ۾ هڪڙو وجودُ ٻئي وجود سان ڪنهن نه ڪنهن حساب ۾ ڳنڍيل آهي. ماڻهوءَ جو حال ته هيڻو آهي. هوا نه هجي، ته ساهه به کڻي نه سگهي. ٻين لفظن ۾ ائين چئبو ته هن جهان جو ڪارخانو ماڻهوءَ جي مرضيءَ موجب ڪونه ٿو هلي. تڏهن ته مير تقي مير چيو آهي:

لے سانس بھی آہستہ کہ نازک ہے بہت کام
آفاق کی اس کارگه شیشہ گری میں

ماڻهوءَ جي ايندڙ منزل ”مريخ“ آهي، جتي پاڻي ملڻ جو امڪان آهي، ڇو ته نه رڳو انساني زندگيءَ بلڪ سموريءَ حياتيءَ جو دارومدار پاڻيءَ تي آهي. ماءُ جي پيٽ ۾ به جڏهن پيءُ جو پاڻي پوي ٿو، تڏهن ٻارڙو پيدا ٿئي ٿو، پوءِ آهستي آهستي سندس نقش نگار ٺهن ٿا. ڄمڻ کان اڳ ئي قدرت ماڻس جي اُرهه ۾ کير جا چشما پيدا ڪري ٿي. جڏهن ٿڃ ڌائي، مٺيءَ مرڪ سان ماءُ ڏي نهاري ٿو، ته معصوميت جو ڪيڏو نه شاهڪار لڳي ٿو. ڪنهن شاعر اها منظر نگاري هنن لفظن ۾ ڪئي آهي؛

دھن عیسٰ پہ ہو جیسی دودہ مریم کی لکیر

اهو ئي معصومڙو، جڏهن جوان ٿئي ٿو ته کيس ننڍپڻ کان وٺي جيڪي تلخ ۽ شيرين واقعا پيش اچن ٿا، تن جي آڌار تي هو پنهنجا رويا ٺاهي ٿو. ڪَسُ ڪَسَر کائي، هر ڪنهن سان گڏجي رهڻ تي هري وڃي ٿو، يا وري نفرت ڪري ٿو ۽ ڪرڻ سکي ٿو ۽ منتقم مزاج ٿئي ٿو.
منتقم مزاجي مايوسيءَ جو ٻيو روپ آهي. مايوسيءَ ۾ مبتلا ماڻهو ڪنهن به مهل ڪوبه خُلمُ ڪري سگهي ٿو. منتقم مزاج ماڻهو سدائين پاڻ به عذاب ۾ ته ٻيا به سُورن ۾. شريف شخص منتقم مزاج ماڻهوءَ کان پري رهڻ چاهيندو آهي. ڪَسُ ڪَسَر کائڻ وارو ماڻهو هر دلعزيز ٿيندو آهي ۽ معاشري ۾ کيس مقبوليت ملندي. قرآن شريف جو به ارشاد آهي ته، ”احسان جو بدلو احسان آهي.“
پر، ماڻهوءَ جي من ۾ خودغرضي ايڏي ته ڪا اونهي آهي، جو، هو احسان فراموش به ٿئي ٿو. ڳالهه ڪندا آهن ته هڪ نيڪ شخص کي ڪنهن ماڻهوءَ اچي چيو ته، ”فلاڻي توهان کي گهٽ وڌ پئي ڳالهايو.“
هن حيران ٿي چيس ته، ”خبر ناهي ته ڇا جي ڪري؟ مون ته مٿس ڪو احسان ڪيو ئي ڪونهي.“
عبدالحميد ”عدم“ اردوءَ جو وڏو شاعر هو. سندس دل تي به اهڙي ڪا واردات ٿي هئي، جو چيو هئائين ته:

وہ جو تیرے فقیر ہوتے ہیں آدمی بی نظیر ہوتے ہیں
تیری محفل میں بیٹھنے والے کتنے روشن ضمیر ہوتے ہیں
ای عدم احتیاط لوگوں سے، لوگ منکر نکیر ہوتے ہیں۔

ماڻهوءَ جي مطلب پرستيءَ، خودغرضيءَ ۽ احسانِ فراموشيءَ کي ڏسي، ڏاهن شخصن انساني معاشري کي جانورن جي عجائب گهر (ZOO) سان ڀيٽيو آهي، جنهن ۾ رڇ، بگهڙ، باندر، چراخ ۽ چيتا، ممون، ممڙا، ڏائڻيون ۽ ڏائڻ، ويس بدلائي، ماڻهن واري پوشاڪ پائي، گهمندا، ڦرندا وتن ٿا.
هونئن به هر شخص، مرد توڙي عورت جي چهري تي الائي ته ڪيترا نقاب پيل آهن. سو، ماڻهوءَ جو اصلي چهرو ڏسڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. تنهن ڪري عجائب گهر (ZOO) ۾ جيڪو شخص وڏا وڏا ڀاڪر پائي ملي ٿو، تنهن مان سڀ کان گهڻو ڊپ ٿئي ٿو، ته متان شيوا جيءَ وانگر هٿ ۾ ”واگهه - نُک“ لڪل هجيس.
انسان کي هن دنيا ۾، جياپي جي لاءِ ڏاڍي جدوجهد ڪرڻي پوي ٿي. انگريزيءَ ۾ ان کي ڪوٺن ٿا؛ “SURVIVAL OF THE FITTEST” علامه اقبال، ان جي روح جو اردو شعر ۾ ترجمو هيئن ڪيو آهي؛

ہے جرمِ ضعیفی کی سزا مرگِ مفاجات

شاهه سائينءَ وري اها ڳالهه هنن لفظن ۾ بيان ڪئي آهي؛

جيئڻ ڪاڻ جيڏيون، وڏا وس ڪيام

جانورن جي عجائب گهر ۾ ماڻهوءَ کي پنهنجي کَلَ بچائڻ لاءِ هر وقت عقل ڪم آڻڻو پوي ٿو. پر، رڳو عقل جي آڌار تي تــَڳـــَڻ ُ به ڏاڍو ڏکيو آهي.
سائنس جو سڄو علم عقل تي ٻڌل آهي، آلبرٽ آئنسٽائين جي هڪ ويجهي دوست ۽ هاڪاري سائنسدانَ، مئڪس پلئنڪ جو هڪ مضمون آهي: The Universe in the light of modern physics هو ان مضمون ۾ لکي ٿو ته:
”ماڻهوءَ جو عقل قدرت جي قانون تي ڪنهن به طرح اثر انداز ڪونه ٿو ٿئي، ان ڪري اسان مجبور آهيون، ته هڪ اهڙي ”حقيقي جهان“ جو تصور ڪريون، جيڪو، انساني عقل کان مٿي آهي.“
سندس اصل انگريزي اکر هي آهن؛

In physics, however as in every other science, common sense alone is not supreme. There must also be a place for reason. Further, the mere absence of logical contradiction does not necessarily imply that every thing is reasonable. Now reason tells us that if we turn our back upon a so – called object and cease to attend to it, the object still continues to exist.

Reason tells us further that both the individual man and mankind as a whole, together with the entire world, which we apprehend through our sense, is no more than a tiny fragment in the vastness of nature, whose laws are in no way affected by human brain.

It is considerations of this kind, and not any logical argument, that compel us to assume the existence of another “world of realty” behind the “world of senses”, a world which has existence independent of man.

German essays on science in the 20th century centinum, New York, U.S.A. 1996, edited by wolf gang schirmacher.

هيءَ ڳالهه ڳؤري آهي. اڳتي کڻندا سون، ته پاڻ وڃي ڪنهن ٻيءَ بادشاهيءَ ۾ نڪرنداسون، تنهن ڪري موٽي اچون پنهنجي موضوع تي يعني ”انسان جو مزاج “.
ڪنهن هاريءَ ڳالهه ڪئي ته، ”اڄ ٽاڪ منجهند جو هڪ واٽهڙو واٽ وٺيو پئي ويو، پر اوچتو منهنجيءَ جهوپڙيءَ ڏي مڙيو ۽ اچي پاڻي گهريائين. مون مٽ ڏانهن اشارو ڪيس. ڏاڍو ڪو اڃايل هو. نئون نڪورو مٽ به ٿڌي پاڻيءَ سان ڀريل هو. سو، هڪٻئي پٺيان ٻه گلاس ڀري پيتائين. پوءِ خوش ٿي، مون کان موڪلائي، پنهنجي واٽ وٺي روانو ٿيو.“
هاڻي منهنجو ائين سمجهڻ صحيح ڪونه ٿيندو، ته هاري انهيءَ واٽهڙوءَ کان ڪڏهن نه ڪڏهن ٿڌي پاڻيءَ جي انهن ٻن گلاسن جو اجورو ضرور وٺندو! سڀ ماڻهو سنگدل ڪونهن. ڪي انهيءَ هاريءَ وانگر رحمدل به آهن. ان ڪري اسان کي ماڻهوءَ جي مزاج بابت راءِ قائم ڪرڻ ۾ اها ڳالهه مڃڻي پوندي ته؛
دنيا ۾ مٺا ميوا ۽ مٺا ماڻهو آهن، اهي ٿورڙا آهن، پر آهن. هيءَ دنيا سندن ئي سونهن ۽ سرهاڻ سان قائم آهي.
مون به اهڙا ڪي ماڻهو ڏٺا. سندن تذڪرو لکيم، جنهن جو نالو رکيم: ”جهڙا گل گلاب جا“. مخدوم طالب الموليٰ سائينءَ جي خواهش موجب بورڊ کي ڇپڻ لاءِ ڏنم. مان تڏهن اسلام آباد ۾ هئس. ڪتاب ماڻهن کي ڏاڍو وڻيو. مون کي سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن مان الائي ڪيترا قرب جا خط آيا.
ڪجهه عرصي کان پوءِ ٻيو ڪتاب لکيم: ”سنڌ جا بر، بحر، ۽ پهاڙ“. پير سائين روضي ڌڻيءَ، غوث بهاءُالحق ملتانيءَ ۽ قلندر لال شهباز جو تذڪرو آهي. اهو به ماڻهن کي ڏاڍو وڻيو. تازو، ٻيو ڇاپو به نڪتو اٿس.
ڪجهه عرصو اڳ، عمرڪوٽ مان هڪ يار، چنڱاڻي صاحب قرب جا پير ڀري آيو. ”جهڙا گل گلاب جا“ ڪتاب جي تعريف ڪيائين. موٽي ويو، ته ڪي مضمون ۽ خط (فوٽو اسٽيٽ ڪاپيون) موڪليائين، جن مان هڪڙي خط ۾ لکيل هو ته، ”روزانو جيسين انهيءَ ڪتاب جا ڪجهه صفحا پڙهي نه سمهان تيسين ننڊ ئي نه اچي.“
اهڙو ئي ٻيو قربائتو خط ٿر مان پلي صاحب لکيو. چيائين ته: ”ادا، صديق سالڪ تي تنهنجو مضمون پڙهي مان ته روئي ويٺس.“ دراصل، پلي صاحب پاڻ وڏو مٺو ماڻهو آهي. مون سان فقط هڪ دفعو مليو آهي، ان کي به گهڻا گهڻا سال ٿيا. پر، سندس قرب وسريو ڪونهي.
سانگهڙ ۾ سورهيه بادشاهه جي ورسيءَ جي تقريب هئي. مون کي به سڪ سان سڏيائون. مکڻ ماکيءَ جهڙا مٺا محب ماڻهو هئا. ايڏيون عزتون ڪيائون، جو اڄ به دل تي نقش آهن. جڏهن کانئن اجازت گهريسون، ته ڪي مهربان ٻاهر ڪار تائين ڇڏڻ آيا. هڪڙي ميزبان موڪلائڻ مهل مون کي چيو ته: ”اوهان ”جهڙا گل گلاب جا“ ڪتاب لکي سنڌ تي احسان ڪيو آهي.“ سندس اهي اکر ٻڌي منهنجيءَ دل تي جيڪا ٿي گذري، سا فقط ڀٽائيءَ جي ٻوليءَ ۾ ئي بيان ٿي سگهي ٿي:
سسئيءَ کي سيد چوي، وڌو قرب ڪهي.
ڪيترائي قربدار وري وري پڇندا رهيا آهن، ته ٽيون جلد ڪڏهن ٿو اچي؟ مڙني ۾ سرفهرست منهنجو ننڍو ڀاءُ حڪيم اعجاز حسين چانڊيو آهي. کيس عرض ڪيم ته، ”ادا سائين ڪوبه جواب ڏيڻ بدران هاڻي ٽيون جلد ٺاهي پيش ڪندس.“
محترمه زبيده ميتلو سنڌي ادب جي خواتين لکندڙن ۾ وڏو نالو آهي، مون سان گهڻي زماني کان سٺي دعا سلام اٿس. ”جهڙا گل گلاب جا“ ڪتاب جا ٻئي جلد پڙهي، قربائتو خط لکيائين. تحسين به ڏنائين، ۽ ميار به ڏنائين حجت سان لکيائين ته، ”ٽئين جلد ۾ ڪن خواتين جو تذڪرو ضرور هجي.“ مون هن ڪتاب ۾ سندس ڳالهه جي ڪجهه ته پوئواري ڪئي آهي.
انگلستان مان ڪنهن دوست ڪتاب پڙهي ڏاڍو قربائتو خط موڪليو ته، ”اوهان کي ڪتاب جي مقدمي ۾ ماڻهوءَ جي مزاج بابت ڳالهه چٽي ڪرڻ کپندي هئي.“- سندس مطلب هو ته، ”ماڻهوءَ جي مزاج جو اونداهو رخ به آهي، جنهن کي اوهان نظر انداز ڪيو آهي ۽ ماڻهوءَ کي رڳو گلابن ۽ رابيلن سان ڀيٽيو آهي. سڀ ماڻهو اهڙا سرها ڪاٿي آهن؟“
بلاشڪ، اها راءِ صحيح آهي، مون اڳيئن ڪتاب جي مقدمي ۾، هابس، لاڪ ۽ روسو جي حوالن سان ماڻهوءَ جي مزاج جي اونداهي رخ بابت اشارا ڏنا هئا. پر، هن ڪتاب جي مقدمي ۾ ته ڪن مشاهيرن جا رايا، ڪي تاريخي مثال ۽ ذاتي مشاهدا چٽيءَ طرح ڏٺا اٿم.
ماڻهوءَ جي مزاج متعلق منهنجي پنهنجي راءِ اها آهي ته، اهو تهدار آهي. جيئن بصر جي هڪ کل لاهه ته ٻي ظاهر ٿئي ٿي، تيئن ماڻهوءَ جي مزاج تي به تَهن مٿان تَهه آهن. هڪڙو لاهه ته ٻيو ظاهر ٿئي ٿو. هڪ حقيقت ته اها آهي. ٻي هيءَ به آهي ته جيئن ٻيلي ۾ رڳو وڻ ئي وڻ هجن، پر پوءِ به انهن جون شڪليون، جدا جدا نمونن جون آهن، تئين هن دنيا جي ماڻهن جون شڪليون ۽ سندن مزاج به جدا جدا نوع جا آهن.
ماڻهوءَ جو مزاج سيمابي آهي، يعني پاري وانگر آهي. اتي جو اتي بدلجي ٿو. ان جو بنيادي سبب سندس ذاتي مطلب ۽ مفاد آهي. هڪڙو مثال عرض ڪريان ٿو، جنهن ۾ انهيءَ حقيقت جو عڪس نظر ايندو. ڪراچيءَ ۾ ڪاليج ۾ پڙهندو هئس، ته ملڪ ۾ پهريون ”مارشل لا“ لڳو، جو سڪندر مرزا هنيو، جنهن کي ٻاهر ڪڍي، پوءِ ايوب خان پاڻ ملڪ تي قبضو ڪيو. خيرپور جو شهداد سيال نالي هڪ پيارو دوست ڪراچيءَ ۾ گڏ پڙهندو هو. ڳالهه ڪيائين، ته مارشل لا لڳڻ سان ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ سڪندر مرزا جا وڏا وڏا پوسٽر بزارن ۾ ڀتين تي لڳي ويا، ته خلق ۾ هراس پيدا ٿئي.
سيال چيو ته مان تن ڏينهن ۾ خيرپور ۾ هئس. هڪ ڏينهن، ڪو موالي ۽ ملنگ، شهر جي ڪنهن گهٽيءَ ۾ ڀــِتِ وٽ اچي بيٺو ۽ سڪندر مرزا جي پوسٽر کي چتائي ڏسڻ لڳو. ڪنڌ ورائي مون کي چيائين ته، ”ابا، اسان ڏا نيا بادشاهه اي هي؟“
سيال چيو ته، چيومانس ته، ”هائو چاچا، اي هي.“
تڏهن هٿ مٿي کڻي چوڻ لڳو ته،”هائو ڙي جوان، تيڏي حشمت! چور چڪار بند. ملڪ وچ امن. دڪانان تي هر شيءِ حاضر. ملهه واجبي. مين تيتون صدقي وڃان، تيڏي دائي تون صدقي ٿيوان.“
سيال چيس ته، ”چاچا، ٻيا به هڪ حڪم ڏتاهس.“
ملنگ ڪنڌ ورائي پڇيو ته، ”ابا، او ڪهڙا هي؟“
سيال چيس ته، ”چاچا، حڪم ڏتاهس، ته ڀنگ پيوڻ والان تي پنج هزار رپيا ڏنڊ. ول جيڪو ڀنگ نان گڏ آفيم به کاوي، اونهان تي ڏهه هزار ڏنڊ.“
اهو ٻڌي مواليءَ ڇرڪ ڀريو! وري سڪندر مرزا جي پوسٽر ۾ جوهه وجهي ڏسڻ لڳو. گهڙي رکي، سيال ڏي نهاري چوڻ لڳو ته، ”ابا، شڪل هي ظالمان والي هس.“
ائين چئي پٽون ۽ پاراتا ڏيڻ لڳس: ”اڙي ڪيون ظلم تي چڙهياهين. تيڪون قلندر دي مار پوي! تيڏي بادشاهي چٽ ٿيوي.“
ائين چپن ۾ ڀُڻ ڀُڻ ڪندو اڳتي هليو. جڏهن گهٽيءَ جي موڙ وٽان مڙيو ته ڪنڌ ورائي، سڪندر مرزا کي بجو ڏنائينس ۽ پٽيائينس ته، ”شاهه مراد دي مار پويس.“
هڪ دفعي قبلا علامه آءِ آءِ قاضيءَ فرمايو ته: ”ڪا به ٻولي فقط تڏهن ئي زنده رهي سگهندي، جڏهن منجهس حيات - آفرين خيال پيش ٿيندا.“
سندن ڳالهه جو مرڪزي نُڪتو وري به وڃي ”حيات-آفرين-خيال“ بيٺو. دل ۾ چيم ته خيال ته ضرور ڪنهن نه ڪنهن موضوع متعلق هوندا. انهيءَ تي ياد آيم. ته ڏاهن جو چوڻ آهي ته، ”هن دنيا ۾ انسان جي اڀياس واسطي سڀ کان اهم موضوع خود انسانُ آهي.“
سوين سال اڳ چين ۾ هي ٻه اکر ٻڌ ڌرم جي هڪ قديم مندر مٿان لکيل هئا: ”پاڻ سڃاڻ“.(KNOW THY SELF)
ڪن جو چوڻ آهي ته اهي اکر ڊيلفيءَ ۾ اپولو جي مندر جي مٿان لکيل هئا. ڪن جو چوڻ آهي ته اهي اکر يوناني فيلسوفَ فيثا غورث جا آهن. ڪن وري ان کي سياڻي سقراط جو گفتو ڪوٺيو آهي.
اسلامي روايت ۾ به هڪ گفتو مشهور آهي ته، ”جنهن پاڻ سڃاتو، تنهن پنهنجو ربّ سڃاتو“. انهيءَ جو مطلب ته ”خودشناسي“ ۽ ”خدا شناسيءَ“ جو پاڻ ۾ گهرو رشتو آهي. سو، انسان جي مطالعي واسطي سڀ کان اهم موضوع واقعي خود ”انسان“ آهي.
مون هن ڪتاب جو موضوع ”ماڻهوءَ جي مزاج“ کي بنايو ۽ اها ڳالهه ذهن ۾ رکي ته ماڻهوءَ جي مطالعي جو موضوع سڀ کان اهم ”خود انسان“ آهي. منجهس ڪن اهڙن ماڻهن جو ذڪر ڪرڻ مناسب سمجهو جن مون کي ته متاثر ڪيو پر، بيشمار ماڻهن کي ڪيو.
مون کي ان ڳالهه جو پورو پورو احساس آهي. ته ماڻهوءَ جي هٿ وس رڳو ڪوشش ڪرڻ آهي. سو مون دل جي سچائيءَ سان ڪوشش ڪئي آهي. نتيجو ته مالڪ جي اختيار ۾ آهي. بلهي شاهه اها ڳالهه بهتر لفظن ۾ چئي آهي:

مالهِي دا کم پاني دينا
بهر بهر مشکا‎ں لاوے
مالک دا کم، گل پھل دینا
لاوے یا نہ لاوے

غلام رباني آگرو
حيدرآباد سنڌ
2- فيبروري 2009

سائين جِي. ايم. سيد

سائين جي ايم. سيد عيسويءَ ويهينءَ صديءَ جي وڏن اڳواڻن ۾ به وڏو نالو آهي. سنڌ سندس سڃاڻپ هئي، جنهن سان محبت کيس وڏڙن کان ورثي ۾ ملي هئي. سيد حيدر شاهه سنائي سندس وڏو ڏاڏو هو، جو سمن جي بادشاهيءَ ۾ هاڪاري درويش ۽ قومپرست اڳواڻ، مخدوم بلال جو خليفو هو.
چون ٿا ته سمن جي بادشاهيءَ جو زمانو 1351ع کان1520ع تائين آهي. ڄام نظام الدين سمون مڙني ۾ نامور بادشاهه هو. کيس ڄام نندو به ڪوٺيندا هئا. لڳ ڀڳ پنجاهه ورهيه حڪومت ڪيائين. ’ڄام‘ سمن بادشاهن جو لقب هو. ائين به چون ٿا ته سنڌ ۾ مسلمانن جي حڪومت جي سموري زماني ۾، اڄ ڏينهن تائين، اهڙو عادل ۽ بهادر بادشاهه وري ڪونه ٿيو.
نامور تاريخ نويس پير حسام الدين راشدي چوندو هو ته ڄام نظام الدين سمون صبح سان گهوڙن جي طنبيلي ۾ ويندو هو. سندن پٺيءَ تي هٿڙا گهمائي، چوندو هو ته، ”ڀٽارا، الله اهو ڏينهن نه آڻي، جو مان ڪنهن تي ظلم ڪرڻ لاءِ اوهان تي سواري ڪريان.“
ڄام نظام الدين سمي کي هاڻي ”سنڌ جي قومي سورمن“ ۾، (National Heroes) سرفهرست ڳڻيو وڃي ٿو. دولهه دريا خان سندس وزير هو. مخدوم بلال سندس ويجهڙو مٽ مائٽ هو ۽ وڏو درويش هو. سندس بزرگيءَ جون تاريخي روايتون ۽ داستان مشهور آهن.
سائين جي.ايم. سيد، سمن ۽ سومرن جي بادشاهيءَ کي ”سنڌ جي تاريخ جو سونهري دور“ ڪوٺيندو هو.
پير حسام الدين راشدي وري چوندو هو ته سمن ۽ سومرن جي بادشاهي ختم ٿي ۽ سنڌ تي ڌارين حاڪمن يعني ارغونن جو قبضو ٿيو، ته ”خرابيءَ جو دور“ شروع ٿيو.
ارغونن جو سنڌ تي قبضو تڏهن ٿيو، جڏهن ڄام نظام الدين سمي هي جهان ڇڏيو. هنن پهريون پهريون غير انساني ڪم اهو ڪيو جو مخدوم بلاول تي ڪوڙيون تهمتون مڙهي، کيس گهاڻي ۾ پيڙائي مارايو.
سائين جي. ايم. سيد جو وڏو ڏاڏو سيد حيدر شاهه سنائي ارغونن جي انهيءَ قهري ڪارنامي کان واقف هو. پر، پنهنجي مرشد مخدوم بلاول وانگر سنڌ سان سچو رهيو. ان کي ڌارين جي غلبي کان بچائڻ لاءِ، محمد جونپوريءَ جي ٻيڙين تي سن وٽ حملو ڪرايائين ۽ کيس سنڌ مان نڪرڻ تي مجبور ڪيائين. هو پاڻ کي ”امام مهدي“ ڪوٺائيندو هو.
ماڻهوءَ جي ذهني سانچي ٺاهڻ ۾ ٻه ڳالهيون اهم آهن: هڪ خاندان جو نسلي ۽ نفسياتي اثر، ٻيو آسپاس جو ماحول. سائينءَ جي.ايم. سيد جي ذهن تي به ننڍپڻ ۾ ئي انهن ڳالهين جو اثر پيو. سن جو شهرُ درياهه جي ڪپ تي آهي ۽ شهر جي اولهه طرف ويهارو ميل پري، کير ٿر جبَل آهي، جيڪو عمر ۾، هماليه جبل کان به جهونو آهي. سائين وڏو ٿيو، ته سندس مزاج ۾ پهاڙ جي سختي ۽ پاڻيءَ واري نرمي ٻئي نظر آيون.
هڪ ٻه مثال ڏيان ٿو: ”ون يونٽ“ واري زماني ۾، حيدرآباد جي نواب مظفر کي، غير سنڌين ۽ سائينءَ کي سنڌين جي حمايت ڪري جيل ۾ وڌائون. هڪٻئي جا مخالف هئا پر، جيل ۾ مليا، ته پاڻ ۾ دعا سلام ٿين. سائين جيل مان نڪتو، ته سن ۾ نظربند ٿيو. پر، نواب مظفر آزاد ٿيو، ته نظربند ڪونه ٿيو. جڏهن جيل ۾ هو، تڏهن سائينءَ سان ڪا ايڏي سڪ ٿي وئي هئس، جو آزاد ٿيو ته حيدرآباد مان موٽر کڻي نڪرندو هو. سڌو سائينءَ وٽ سن پهچندو هو. ٻه چار ڏينهن وٽس ٽڪي سڪ پوري ڪري ايندو هو.
اهو ٿيو سائينءَ جي طبيعت ۾ نرميءَ جو مثال. هاڻي سندس طبيعت ۾ سختيءَ جو به هڪ مثال ڏيان ٿو.
هندستان سان 1971ع واريءَ جنگ وقت، پاڪستان تي يحيٰ خان وارو فوجي ٽولو قابض هو، جنهن بنگالين کي هيسائڻ لاءِ مٿن ”فوجي ايڪشن“ (Army Action) ڪيو. اهو ڪم جنرل ٽڪا خان جي ذمي ڪيائون. فوجي ايڪشن ۾، بيشمار بنگالي ماري ڇڏيائون. سندن ڏوهه رڳو اهو هو، ته آدمشماريءَ جي انگن اکرن مطابق حق حقوق گهري رهيا هئا. بعد ۾ انهيءَ قهري ڪارنامي کي لڪائڻ لاءِ”حمود الرحمان ڪميشن“ وهاريائون، جنهن جي رپورٽ تي ڪوبه عمل ڪونه ٿيو.
لنڊن جي روزنامه ”ٽيلي گراف“ جي نامه نگار خاتون مس ڪليئر هڪ دفعي ٽڪا خان سان آرمي ايڪشن بابت انٽرويو ڪيو ۽ چيوَ ته، ”اوهان آرمي ايڪشن ۾ ٽي لک ماڻهو ماريا.“ ٽڪا خان سندس ڳالهه کي رد ڏيندي چيو ته، ”اسان رڳو ٽيهه هزار ماريا“ روزنامه ٽيليگراف اها خبر ڇاپي ڇڏي، پر، B.B.C بي.بي.سي. پنهنجي اردو ۽ هندي خبرن ۾ چيو ته، ”آرمي ايڪشن ۾ ٽيهه لک بنگالي ماريا ويا.“ بي. بي. سي. اهو انگ، هر سال 1998ع تائين وري وري بيان ڪندي رهي. حڪومت پاڪستان جي ڪنهن به ايجنسيءَ ان جي ترديد ڪانه ڪئي. حوالي لاءِ ڏسو:

Pre- Indepence Indian Muslim Mind- set by Ghulam Kibrria, 2001, city press Karachi.

هڪ دفعي مقبول سومري سان اوڀر پاڪستان جون ڳالهيون نڪتيون. هو منهنجو دوست آهي. 1954ع ڌاران ڪراچيءَ ۾ مون سان گڏ ميٺارام هاسٽل ۾ رهندو هو. صحافيءَ جي حيثيت سان ڪئريئر شروع ڪيائين. پر، اڳتي هلي، صحافت ڇڏي، بئنڪنگ ۾ ويو ۽ حبيب بئنڪ جو سڄي ملڪ جو صدر ٿيو. چيائين ته، ”يار، هاڻي اسان ڪشمير جي ڳالهه ته ڪريون ٿا. پر، اوڀر پاڪستان ياد به ڪونهي، ڄڻ ته ڪروڙين بنگالي اسان جا نڪي ته مسلمان ڀائر هئا ۽ نه وري پاڪستان جي جدوجهد ۾ اسان سان شامل هئا!“
ٻئي دفعي وري ”اسلام آباد ڪلب“ جي ڪنهن دعوت ۾ اڳوڻي اوڀر پاڪستان ۽ هاڻوڪي ”بنگلاديش“ جو سفير مليو. مان اوڀر پاڪستان واري ڳالهه ياد ڪري، ساڻس سڪ سان مليس. کانئس پڇيم، ”اوهان اڃا به ٻن قومن واري نظريي کي مڃو ٿا؟“
جواب ڏنائين ته، ”مڃون ها، ته پوءِ اوهان سان گڏ هجون ها.“
تڏهن مون چيو ته، ”بنگلاديش معنيٰ بنگالين جو ديس؟“
چيائين ته، ”هائو.“
مون چيو ته، ”پوءِ اولهه بنگال جا هندو ته اوهان سان گڏ ڪونهن؟ اُهي به ته بنگالي آهن. مسلم بنگال اڄ به هندو بنگال کان جدا بيٺو آهي. ائين ڇو آهي؟ آخر، ٻن قومن واري نظريي جو مطلب ڪهڙو آهي؟“
بنگلاديش جي سفير وٽ انهيءَ ڳالهه جو ڪو به جواب ڪونه هو. منهنجي منهن ۾ تڪيندو رهيو.
فوجي ايڪشن ٿيو ته بنگالين تي. پر، اولهه پاڪستان ۾ به هراس ڇانئجي ويو. فوجي ٽولي سائينءَ کي سندس ڳوٺ سن ۾ نظربند ڪيو. هڪ ڏينهن پير حسام الدين راشدي مون کي ساڻ وٺي، ڪراچيءَ ۾ ”حيدر منزل“ تي سندس حال احوال وٺڻ هليو. نوڪرن چيو ته، ”امير حيدر شاهه سن مان آيو ته آهي، پر، ٻاهر نڪري ويو آهي.“
اسان پوئتي موٽياسون. ٽريفڪ ڪانه هئي. بجلي بتين هوندي به رستن تي اوندهه هئي. اوچتو سامهون امير حيدر شاهه سامهون آيو اسان تي نظر پيس، ته تڪڙو تڪڙو سڪ سان اچي مليو. پير صاحب پڇيس ته، ”امير، سيد جي خبر ڪر؟“
امير حيدر شاهه چيو ته، ”چاچا، بابو خوش آهي. ڊپ ڊاءُ ڪونهيس. چوي ٿو، ته جنهن کي به هيءُ ڪنڌ ڪپڻو هجي، سو هـِتِ اچي هتان هيئن ڪپي وڃي. هيءُ ڪنڌ هيٺ ڪونه جهڪندو!“
سائين حسام الدين شاهه ٿڌو ساهه ڀريو ۽ چيائينس ته، ”منهنجا سلام ڏجانس.“ ڪار ۾ ويٺاسون، ته سچل سائينءَ جو هي شعر پير صاحب جي چپن تي آيو.
”عاشقن کي سُور سختيون، مُحبَ مهمانيون مُڪيون.“
سائين پيدائشي طور سيد به هو ۽ زميندار به. اهي ٻئي ڳالهيون پڻ سڄي عمر سندس سوچ ۽ سياست تي اثرانداز رهيون.
سنڌ جا سيد ٻن شاخن ۾ ورهايل آهن: هڪڙا ’مٽياروي‘ ۽ ٻيا ’لڪياروي‘. اهي پاڻ کي لڪياري به ڪوٺائيندا آهن، سائين مٽيارين واريءَ شاخ مان هو. پوين ڏينهن ۾ جڏهن سن ۾ مسلسل نظربند هو، تڏهن ڪتابَ لکندو رهندو هو. گهڻائي لکيائين. ڪي ڇپيا ته ڪي اڃا به اڻ ڇپيل آهن. هڪڙو ڪتاب ”مٽياري سيدن جي شجري بابت لکي رهيو هو. نامور تاريخ نويس، پير حسام الدين راشديءَ سان صلاح مشورو ڪندو رهندو هو. پاڻ ۾ حُجائتا هئا. سو، ڪڏهن ته معلومات ڏيندو هوس، ته ڪڏهن پِٽائيندو هئس ته، ”سيد، اسان جي وڏڙن ۾ ڪي نالا اهڙا ملن ٿا، جيڪي عربي ته ڪونهن! مون کي شڪ آهي، ته اسان ٻاهران ڪونه آيا آهيون. هتان جا ئي اصلوڪا رهاڪو آهيون.“
سائين حسام الدين شاهه جي اها کل ڀوڳ واري ڳالهه الائي ته ڪيئن وڃي پنجاب پهتي! تڏهن لائلپور مان هلڪڙيون اخبارون نڪرنديون هيون، جن جو ڪم ئي هوندو هو مسالي واريون چهريون خبرون ڇپڻ. هڪڙيءَ هفتيوار اخبار اها خبر وڏيءَ شدمد سان شايع ڪئي ته ”نامور تاريخ نويس، پير حسام الدين راشدي سنڌ جي سيدن بابت هيئن ٿو چوي!“
سائين ٻن ٽن مهينن کان پوءِ علاج لاءِ سن مان ڪراچيءَ ايندو هو، ته شام جو ”حيدر منزل“ تي وٽس وڏي مجلس ٿيندي هئي. رئيس غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي سائينءَ جو دوست هو. کل ڀوڳ جو شوقين هو. هڪڙي ڏينهن اها اخبار کڻي آيو ۽ اسان سڀني کي وڏي واڪي کلي پڙهي ٻڌايائين.
پاڪستان کان اڳ اسان جي ڳوٺ آڳرن ۾، (پاسي واري ننڍي شهر محبت ديري مان) ريجهومل نالي هڪ هندو گهورڙيو، صبح مرداني سان بيهه وڪڻڻ ايندو هو. سندس هوڪو ڏاڍو مزيدار هوندو هو. سُرَ سان چوندو هو ته ”بيهه، مرچائي ڪوسو.“
اسان سڀئي ته رئيس ڀرڳڙيءَ جي واتان اخبار واري خبر ٻڌي، کلڻ لڳاسين. پر، پير سائين حسام الدين شاهه راشديءَ اخبار جي ايڊيٽر کي ريجهو مل جي سُرَ تارَ ۾، ڪوسيون ڪوسيون گاريون ڏنيون.
سائين جي.ايم. سيد جوانيءَ ۾ پير رکيو، ته سنڌ جي هندن ۽ مسلمانن، ٻنهي ڌرين جي برک شخصيتن سان قرب ۽ محبت جو رستو ٿيس. علامه آءِ.آءِ. قاضيءَ جو ته معتقد ٿي ويو! کيس وڏي پٽ امير حيدر شاهه جو اتاليق ڪيائين ۽ ننڍي پٽ تي امداد نالو رکيائين. علامه صاحب جو نالو امداد علي هو. عظيم انسان هو. عيسوي ويهينءَ صديءَ جي سنڌ ايڏا وڏا انسان ورلي پيدا ڪيا.
سنڌ جي هندن ۾ سائينءَ جو گهڻن سان گهاٽو رستو هوندو هو، پر گهڻي ۾ گهڻو ڄيٺمل پرسرام سان هئس، جيڪو راتين جون راتيون وٽس سن ۾، دريا شاهه جي ڪپ تي، سندس بنگلي ۾ اچي رهندو هو.
سانوڻيءَ ۾ درياهه شاهه اؤج ۾ ايندو هو، ته بنگلي جي ٿلهي تي بيهي نهارڻ سان پري پري تائين رڳو پاڻي ئي پاڻي نظر ايندو هو. پرئين پار، ٻيلي جي وڻراهه هلڪيءَ سبز لڪير وانگر، نظر ايندي هئي. سائين ڳالهه ڪندو هو، ته، ”ڄيٺمل صبح جو سوير، موڙو کڻي، ٿلهي تي اچي ويهندو هو ۽ سج اڀرڻ جو منظر ڏسندو هو. ٿڌي ٿڌي هير پئي لڳندي هئي. درياهه شاهه ڌيرج سان وهندو رهندو هو. جيٺمل پرسرام شاهه سائينءَ جو هيءُ بيت وري وري جهونگاريندو رهندو هو:

ناسيندي نگاهه پهرين ڪج پرينءَ ڏي.

علامه صاحب توڙي ڄيٺمل ٻئي صوفي مسلڪ جا ماڻهو هئا. سائين به صوفين جي آستانن جو پانڌيئڙو هو. اڳتي هلي، جمشيد نسروانجيءَ جي سنگت ۾، ايني بسنت جي ٿياسافيءَ کان به متاثر ٿيو. جمشيد پارسي هوندو هو، انهن ٽنهي شخصن يعني علامه صاحب، ڄيٺمل ۽ جمشيد نسروانجيءَ جو سائين جي ذهني نشوونما ۾ وڏو اثر هو.
پر، مون مٿي ٻڌايو آهي ته سائين سيد به هو ۽ زميندار پڻ. سنڌ جا وڏيرا شوقين ۽ گهڻي قدر هندو سيٺين جا قرضي هوندا هئا، ڇو ته پنهنجن اجاين سجاين خرچن لاءِ، کانئن گڏيل وياج تي قرض وٺندا هئا.
وڏيرن جي فضول خرچيءَ جو هڪ قصو مشهور آهي. اڃا پاڪستان ڪونه ٺهيو هو، ته جيوڻيءَ نالي هڪ ڳائڻيءَ ڏاڍو نالو ڪڍيو. چون ٿا تهGipsy Girl هئي. ٿلهي ۽ ڪاري هئي. هڪڙي وڏيري کيس پنج سؤ روپيه ڏيئي، ساڻس هڪ رات جو سودو ڪيو. ڪنهن ٿُڪَ بُجو ڪيس، ته ڪنهن ڪاريءَ مينهن سان کڻي ”منهن ڪارو“ ڪرين هان. تڏهن وڏيري چيس ته ”ميان، ماڻهو ائين چوندا ته وڏيرو وڏي ڳالهه آهي! جيوڻيءَ سان رات گڏ گذاري اٿس.“
گڏيل وياج ڳاٽي ٽوڙ ٿئي ٿو. جيڪو هڪ دفعو انهيءَ ۾ ڦاٿو، تنهن جو مٿو ويو. اڪثر وڏيرا قرضدار ٿيندا ويا. جڏهن قرض لاهي ڪونه سگهندا هئا، ته هندو سيٺيون ڊڪريون ڪرائي، سندن زمينون نيلام ڪرائيندا هئا يا وري کانئن ڀڳڙن مٺ تي خريد ڪندا هئا. اهڙيءَ ريت، ڪيترا وڏيرا ڪنگال ٿي ويا. ٻئي طرف، هندو سيٺيون ويا ٿُلها ٿيندا.
سنڌ جي اهڙن وڏيرن ۾ ڪي سيد سڳورا به هوندا هئا، جيڪي خانداني يا ذاتي لڳ لاڳاپي ڪري سائينءَ کي ويجهو هوندا. سو، کيس سندن حال تي قياس ايندو هو. ڀلا جي انهن مان ڪي کيس پنهنجو وڏو سمجهي، پري کان پنڌ ڪري، وٽس مدد لاءِ هلي ايندا هوندا، ته سائينءَ جي ننڊ ڦٽي پوندي هئي!
خدا ٿو ڄاڻي ته اصل سبب اِهو هئو، يا ڪو ٻيو، جو ”سڀ ۾ پرين پسڻ وارو“ ۽ ”صوفين جي آستانن جو پانڌيئڙو“ سائين جي. ايم. سيد به، رفتي رفتي، هندڪيءَ ۽ مسلمانڪيءَ ”فرقيوارانه سياست“ ڏي مائل ٿيو. پنهنجي ڪتاب ”جنب گذاريم جن سين“ جي ٻئي جلد ۾، ان باري ۾ هيئن لکيو اٿس:
”آءٌ ان وقت رد عمل جي گهوڙي تي سوار هئس. پنهنجين اڳوڻين صوفيانه روايتن کي وساري، مسلم ليگ جي فرقي وارانه سياست جو شڪار ٿي ويس.“
سائينءَ گهڻين ڳالهين ۾ وري وري ”رد عمل“ محاوري جو استعمال ڪيو آهي. ان کي انگريزيءَ ۾ REACTION چئبو. پر، سائين کي ٻڌائڻ کپندو هو ته ”رد عمل ڇاجو؟“
حقيقت جيئن به هجي، سائينءَ جي مسلم ليگ ڏي مائل ٿيڻ جو هڪ سبب ته اهو ٿيو. ٻيو سبب هيءُ به هوندو، ته سنڌ ان زماني ۾ گڏيل هندستان جو هڪ صوبو هئي، جنهن جون سياسي، مذهبي ۽ سماجي تحريڪون ان تي اثرانداز ٿينديون هيون. مثال طور خلافت تحريڪ. ليڪن ويهينءَ صديءَ جي پهرئين اڌ ۾، هندوستان ۾ ڪانگريس زور هئي. منجهس هندو ۽ مسلمان ٻئي هئا. ليڪن، اڳواڻي هندن جي هٿن ۾ هئي. ٻي مکيه پارٽي مسلم ليگ هئي، جيڪا رڳو مسلمانن جي هئي پر، سنڌ ۾ تمام آهستي آهستي اڀري رهي هئي.
مسلم ليگ جو بنياد وجهندڙ، اصل شخص سر سلطان محمد آغا خان هو، انگريز سندس سرپرستي ڪندا هئا، پر هن پنهنجي انهيءَ اثر کي گڏيل هندوستان ۾ پنهنجن هم- مذهب مسلمانن جي ڀلي لاءِ ڪم آندو. انهيءَ دور جي سياسي حالتن کي خيال ۾ رکي، هن هندن ۽ مسلمانن لاءِ (SEPARATE ELECTORATE) ”جدا چونڊن“ جو اصول سن 1906ع ڌاران قبول ڪرايو، جيڪو اڳتي هلي، هندستان کي ورهائڻ ۽ پاڪستان ٺاهڻ جو بنياد بنيو.
انگريزن 1857ع واري بلوي مان اهو سبق سکيو هو، ته هاڻي هندوستان تي حڪومت رڳو هندن ۽ مسلمانن کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ سان ڪري سگهنداسون، ان ڪري، هو هندن ۽ مسلمانن ۾ هڪٻئي لاءِ نفرت جو ٻج ڇٽيندا ويا. ٻج ساوا سلا ڪڍيا ۽ ٻوٽا وڌي وڻ ٿيا. آخر اهڙو ڏينهن به آيو جو هندو ۽ مسلمان هڪٻئي جي رت جا پياسا ٿي ويا. انگريزن جي سياست جو ڪمال اهو هئو ته پاڻ ته 1947ع ۾، هندستان ڇڏي ويا. پر، هندن ۽ مسلمانن کي اهڙو ته ويڙهائي ويا، جو اڃا تائين هڪٻئي جي ڏاڙهيءَ پٽ ۾ لڳا پيا آهن. ملڪ جي ورهاڱي کان پوءِ به هندستان ۽ پاڪستان ۾ ٽي چار جنگيون ته لڳي چڪيون آهن.
پر، سنڌ ۾ مسلم ليگ جي آهستي آهستي اڀرڻ جو هڪ مکيه سبب اهو به هو، ته سنڌ صوفين جي سرزمين هئي، جن هندن ۽ مسلمانن کي سٺن پاڙيسرين، بلڪه ڀائرن وانگر گڏ رهڻ ۽ پاڻ ۾ پيار ڪرڻ جو درس ڏنو هو. قلندر شهباز اٺن پهرن ۾ رڳو هڪ دفعو مٺي ماني کائيندو هو، جنهن جي پچائڻ جو شرف به سيوهاڻي هندن جي هڪ خاندان کي حاصل هوندو هو.
سنڌ ۾ الائي ته ڪيترن هندن جا مرشد مسلمان هوندا هئا! ٻنهي ڌرين جا لڳ لاڳاپا تمام سٺا هوندا هئا. پر، اها به حقيقت هئي، ته سنڌ جا اڪثر پڙهيل ڪڙهيل هندو گهڻو ڪري ڪانگريس جي پاسي هوندا هئا. اهو ڏسي، ڪن مسلمان سياستدانن سنڌ ۾ مسلم ليگ کي زور وٺائڻ لاءِ، ڄاڻي ٻجهي، سکر ۽ لاڙڪاڻي جي پاسي هندو-مسلم فساد ڪرايا. ڪنور جهڙا سنت ڪُهايا ۽ الله بخش سومري جهڙا اعليٰ انسان مارايا.
مسجد منزل گاهه وارو فساد ته سنڌ جي ڌرتيءَ تي زلزلو هو. انهن فسادن جو نتيجو اهو نڪتو ته هندن ۽ مسلمانن ۾ نفرت وڌي وئي ۽ مسلم ليگ زور ورتو. انهيءَ فساد جي مفصل احوال لاءِ آزاد قاضيءَ جو ڪتاب پڙهڻ گهرجي، (جيڪو ساگر پبليشنگ هائوس جو ڇپايل آهي.) ليڪن، مون کي ايترو پڪيءَ طرح معلوم آهي ته:

مسجد منزل گاهه واري فساد جو هڪ مکيه
ڪارڻ سنڌ جي وزيراعليٰ شهيد الله بخش
سومري جي وزارت هئي، جيڪو قومپرست
هو. کيس ڪانگريس جي حمايت هئي، ان ڪري
مسلم ليگين جي ساڻس پوت ڪانه هئي. هنن
سندس وزارت ڪيرائڻ لاءِ مسجد منزل گاهه
واري فساد جي سازش ڪئي.

شهيد الله بخش سومري جي وڏي فرزند رحيم بخش سومري جي مون سان محبت هئي، تنهن وفات کان سال ٻه اڳ، مون کي ٻڌايو ته، ”سائين جي.ايم.سيد سن ۾ نظربند هو، پر سرڪار کان موڪل وٺي، شڪارپور آيو. مون وٽ ٻه ٽي راتيون ٽڪيو. پراڻي زماني جون ڳالهيون ٻڌايائين. بابا جي تربت تي هليو. دعا گهريائين ۽ چيائين ته:
”الله بخش تون صحيح هئين. اسان غلط هئاسون. مان توکان پنهنجيءَ غلطيءَ ۽ گناهه جي معافي وٺڻ آيو آهيان.“
سنڌ جي هندن ۽ مسلمانن ۾ اڻبڻت جون ٽيون سبب هيءُ هو ته انگريزن سنه 1843ع ۾ سنڌ فتح ڪري، ان کي بمبئي پرڳڻي سان ملائي، ”ون يونٽ“ ڪري ڇڏيو هو. بمبئيءَ ۾ هندن جي اڪثريت هئي. سنڌ ۾ وري مسلمانن جي هئي پر، سنڌ جا هندو بمبئيءَ جي هندن سان ملي، بامبي پريزيڊنسيءَ ۾ ميجارٽي (Majority) ٺاهي ويندا هئا، سو، سنڌ جا مسلمان سدائين ٽوٽي ۾ هوندا هئا. انهيءَ ڪري سنڌ جي مسلمانن بمبئيءَ کان جدا ٿيڻ جي تحريڪ هلائي.
عجيب ڳالهه آهي ته تحريڪ جي شروعات هڪ سنڌي هندوءَ، سيٺ هرچند راءِ ڪئي! سندس خاندان سنڌ ۾ وڏيءَ حيثيت وارو هو. پر، سائين جي.ايم.سيد لکيو آهي ته، ”جڏهن هندن ۽ مسلمانن جا انهيءَ سوال تي اختلاف وڌي ويا ته خود سيٺ هرچند راءِ به پنهنجي موقف تان ڦري ويو. هندن جو پاسو وڃي ورتائين.“
بهرحال، جڏهن سنڌ ۾ تحريڪ زور ورتو، ته انگريز سرڪار مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ٻنهي ڌرين جي عيوضين جون لنڊن ۾ ميٽنگون ڪوٺايون، جيڪي Round Table Conferences ”گول ميز ڪانفرنسون“ نالي سان مشهور آهن. هندن جو بنيادي موقف اهو هو ته سنڌ جدا صوبو ٿيندي ته مالي طرح ٽوٽ ۾ هوندي. هلي ڪونه سگهندي. هندن جي ماهر، ايس.پي ڇٻلاڻيءَ اها ڳالهه ثابت ڪرڻ لاءِ انگ اکر گڏ ڪري، پنهنجو ڪيس ٺاهيو.
مسلمانن جا عيوضي گهڻا ئي هئا، جن ۾ سائين جي.ايم.سيد، شيخ عبدالمجيد سنڌي، خانبهادر محمد ايوب کهڙي، پير علي محمد راشديءَ ۽ سيد ميران محمد شاهه جا نالا گهڻا مشهور آهن. سر شاهنواز ڀٽي به پاڻ ملهايو. ليڪن، حقيقت اها آهي ته سڄيءَ سنڌ جا مسلمان انهيءَ تحريڪ ۾ تمام سرگرم هئا.
هندن ڪيس هارايو. مسلمانن کٽيو، سنڌ آزاد ٿي. مسلمانن جي عيد ٿي وئي. پر، هندو مسلم نفرت وڌي وئي. انگريزن کي ته اها ئي ڳالهه کپندي هئي. دورانديش هئا. ظاهري طرح، ته هنن هندن ۽ مسلمانن جي عيوضين جون ڳالهيون ٻڌي، سنڌ کي بمبئيءَ کان جدا ڪرڻ جو انصافي انصاف فيصلو ڪيائون، پر پنهنجن سياسي سببن ۽ مفادن کي خيال ۾ رکي، اهو فيصلو دراصل هو اڳي ئي ڪري چڪا هئا. ”گول ميز ڪانفرنسون“ رڳو ڏيکاءَ خاطر هيون. سنڌ کي بمبئيءَ کان جدا ڪرڻ ۾ وري به پس پرده مکيه رول سر سلطان محمد آغا خان ادا ڪيو. هُو وڏو سياسي دماغ هو ۽ سنڌ ۾ وڏو عرصو گذاريو هئائون. کيس سنڌ سان محبت هئي. سندس خاندان به سنڌ کي ڪونه وساريو آهي.
سر سلطان محمد آغا خان جي ويجهن ساٿين ۾ سرفهرست چوڌري سر ظفرالله آهي ۽ سيد امجد آهن. ٻنهي ڄڻن بمبئيءَ کان سنڌ جي جدائيءَ واريءَ تحريڪ ۾ وڏو رول ادا ڪيو. پاڪستان ٺهيو ته سر ظفرالله ان جو پهريون پهريون وزير خارجه مقرر ٿيو. انگريزن ۽ آمريڪين جو پيارو ماڻهو هو هِت، انهيءَ ڳالهه جو هڪڙو ثبوت پيش ڪريان ٿو.
انگريزن جي حڪومت ۾ هڪ آءِ. سي.ايس. عملدارُ، مسرت حسين زبيري، انگلنڊ ۾، سر سيموئيل هور، سيڪريٽري آف اسٽيٽ فار انڊيا سان مليو. هن پڇيس ته، ”توکي ڪاٿي مقرري ملي آهي؟“
نوجوان آفيسر زبيريءَ چيس ته، ”پنجاب ۾“
سر سيموئيل چيس ته، ”ڏاڍو خوشنصيب آهين!“
زبيري صاحب چيس ته، ”سو وري ڪيئن؟“
سر سيموئيل چيس ته، ”سر ظفرالله انهيءَ ئي صوبي جو آهي. توکي به اتي ئي مقرري ملي آهي. منهنجي ساڻس خط و ڪتابت آهي. هو رائونڊ ٽيبل ڪانفرنس جي سلسلي ۾ هِتِ آيل هو.“
زبيري صاحب چيس ته، ”ائين ته کانئس به وڌيڪ مشهور ۽ آزمودگار ماڻهو ٻيا به هئا. مثال طور، سرتيج بهادر ساپروُ، مسٽر جناح ۽ سرسري نواس شاستري.“
مسٽر زبيريءَ “VOYAGE THROUGH HISTORY” نالي پنهنجين يادگيرين جي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته سر سيموئل منهنجي ڳالهه ڪٽي چيو ته، ”اها ڳالهه ٿو ڪرين، ته پوءِ خود آغا خان به هو، پر سر ظفرالله جهڙو اثر ڪنهن به ڪونه وڌو.“
سر آغا خان جو ٻيو نمبر ساٿي، سيد امجد علي شاهه، لاهور جي ريلوائي ٺيڪيدار ۽ برک شخصيت، سر مراتب علي شاهه جو وڏو فرزند هو. هاڻي گذاري ويو آهي. سر مراتب علي شاهه جو خاندان ملڪ جي ٻاويهن امير ترين خاندانن ۾ شمار ٿئي ٿو. سيد امجد علي شاهه پاڪستان جي شروعاتي سالن ۾ صنعت ۽ خزاني جو وزير ٿيو. سندس ننڍو ڀاءُ سيد واجد علي شاهه قائداعظم ۽ لياقت عليءَ ٻنهي کي ويجهو هوندو هو ۽ سياست ۾ سرگرم هوندو هو. منهنجي ساڻس ميل ملاقات آهي. هاڻي ڇهانوي سالن جي عمر جو آهي. سياست کان پاسيرو آهي. البت، عام ڀلائيءَ جا خيراتي ڪم ڪندو آهي. لاهور ۾ گلاب ديوي اسپتال ۽ ڪراچيءَ ۾ لياقت نيشنل اسپتال جي بورڊ آف گورنرز جو چيئرمين آهي. ”آل پاڪستان هلال احمرس ۽ اولمپڪس“ جو صدر به آهي.
هو ملڪ جي مشهور علمي ۽ ادبي اداري ”ثقافت اسلاميه لاهور“ جي بورڊ آف گورنرس جو چيئرمين به آهي. سائين حسام الدين شاهه ”اداره ثقافت اسلاميه“ جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر هوندو هو. انهيءَ اداري جي علمي ڪم جي ڏاڍي تعريف ڪندو هو. پير صاحب جي وفات کان پوءِ، سيد واجد علي شاهه مون کي اداري جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر ڪيو. محمد ميان سومري، گورنر سنڌ، مون کي سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين ڪيو ته سيد واجد علي شاهه مون کي خط لکيو جيڪو مهراڻ رسالي جي سنه ٻه هزار ٻه جي پرچي نمبر 3 ۽ 4 ۾ ڇپيل آهي:

لاهور
3- سيپٽمبر 2002ع

پيارا آگرا صاحب،

مون کي اوهان جو تاريخ 12- آگسٽ وارو خط مليو، جنهن ۾ اوهان کي سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مقرر ڪرڻ واري خوشخبري ڏنل آهي. منهنجون دلي مبارڪون!
مون کي خاطري آهي، ته اوهان پنهنجي دل ۽ دماغ جي صلاحيتن سان بورڊ کي ڀرپور ترقي ڏياري، بلندين تي پهچائيندا.
”مهراڻ“ جو پرچو مليو اٿم، جنهن ۾ پڙهڻ جو ”دلچسپ مواد“ آهي.

قربن سان،

سيد واجد علي

گذريل سال، تاريخ 11 سيپٽمبر واريءَ ميٽنگ ۾ سيد واجد علي شاهه صدارت لاءِ اچي ڪونه سگهيو. سندس فرزند سيد شاهد عليءَ ٻڌايو ته ”بابا جي صحت ڏاڍي ڪمزور ٿي وئي آهي. گهر کان ٻاهر نڪري ڪونه ٿو. ان ڪري ميٽنگ ۾ اچڻ کان معذور آهي.“ اها ڳالهه ٻڌي، سڀني ميمبرن کي ڏاڍو ڏک ٿيو.
سر مراتب علي شاهه جو ننڍو پُٽ سيد بابر علي شاهه وري معين قريشي وزيراعظم جي زماني ۾ وزير خزانه ٿيو. کيس به ڪتابن جو شوق آهي. پاڪستان ۽ هندوستان جي مسلم ثقافت ۽ مشاهيرن بابت تمام معياري ڪتاب ڇپايا اٿس. مون کي سڄو سيٽ تحفي طور ڏنائين ۽ چيائين ته ”سنڌ جي مشاهيرن جو تذڪرو ٺاهي ڏي، ته مان پئڪيجز طرفان ڇپايان.“
پئڪيجز ملڪ جي وڏي ۾ وڏي پريس آهي. پاڻ ان جو مالڪ آهي. پنهنجي وڏي ڀاءُ، سيد واجد علي شاهه وانگر ”عام ڀلائي“ جا گهڻئي ٻيا بيشمار ادارا پڻ قائم ڪيا اٿس، جيڪي گهڻو ڪري صحت، علم ۽ تعليم جا آهن.
سنڌ جي وڏن خاندانن ۽ سکين ستابن ماڻهن: وڏيرن، ميرن ۽ پيرن جا شوق ۽ شغل وري ٻيا آهن. هو قلم ۽ ڪتاب کان پاڻُ پري رکندا آهن. اسڪول ۽ اسپتال ڪونه ٺهرائيندا آهن. البت، پنهنجي ”قوتِ باهه“ وڌائڻ لاءِ سون ۽ چانديءَ جي ڪشتن تي پاڻيءَ وانگر پئسا وهائيندا آهن.
سُريتيون ويهاريندا آهن. ڪڪڙ ويڙهائيندا آهن. سوئر ۽ رڇ تي ڪتا بڇائيندا آهن. انهيءَ کي سنڌ جو ڪلچر سمجهندا آهن.
سيد بابر عليءَ جي ڌيءُ سيده حنا خانيوال ۾ پنهنجي پريس کولي آهي. منهنجي ساڻس دعا سلام ٿي، ته هن مون کي پنهنجي وڏي چاچي، سيد امجد علي شاهه سان ملايو، جيڪو تڏهن پنجاسي ورهين جو هو. مون کي ”سنڌ جي جدائيءَ واري تحريڪ ۽ گول ميز ڪانفرنس“ جو ”پس پرده احوال“ ٻڌايائين. مون اهو احوال ”سنڌ جي جدائيءَ جي تحريڪ“ جي عنوان سان، مهراڻ رسالي ۾ هڪ مضمون ۾ ڇپائي ڇڏيو.
سيد امجد عليءَ شاهه مون کي صاف صاف لفظن ۾ ٻڌايو ته، ”سنڌ کي بمبئيءَ کان جدا ڪرائڻ ۾ اصل رول وري به سر سلطان محمد آغا خان ادا ڪيو، جيڪو انهن ڏينهن ۾، لنڊن ۾ بادشاهه جي بڪنگهام محلات ۾ رهندو هو.“
سنڌ ۾ بمبئيءَ کان جدا ٿيڻ واري تحريڪ بلڪل ائين ئي ”حقيقي عوامي تحريڪ“ هئي، جيئن لاهور کان جدا ٿيڻ لاءِ ”ون يونٽ واري تحريڪ“.
سائين جي. ايم. سيد“ سنڌ جي جدائي“ واريءَ تحريڪ ۾ وڏو رول ادا ڪيو. ان تحريڪ بابت هڪ ننڍو، پر ڏاڍو اهم ڪتاب ڇپايو اٿس، جنهن ۾ سنڌ ۾ انهيءَ تحريڪ جو اثر ۽ سڄو اندروني احوال ڏنل آهي. ڪتابڙو، دراصل، سندس آتم ڪهاڻيءَ جو هڪ باب آهي، جيڪا متعدد جلدن ۾ لکي اٿس.
بهرحال، سنڌ بمبئيءَ کان جدا ٿي ۽ آزاد صوبو ٿي، ته عام چونڊون ٿيون. مسلمانن پنهنجا عيوضي چونڊيا. هندن پنهنجا چونڊيا. ان کان پوءِ ته هندن ۽ مسلمانن جي ”سياسي طور“ گڏجي سياسي ڪم ڪرڻ جو امڪان ختم ٿي ويو.
هاڻي، جيڪڏهن سائين جي. ايم. سيد انهيءَ سبب ڪري به مسلم ليگ ڏي مائل ٿيو، ته ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي. پاڻ سنڌ ۾ هندو- مسلم نفاق وڌائڻ ۽ مسلم ليگ جي زور وٺڻ بابت پنهنجي ڪتاب ”جنب گذاريم جن سين“ ۾ هيئن لکيو اٿس:
هندو مسلم نفاق کي زور وٺائڻ لاءِ اتر سنڌ جي ڪن مسلم ليگي ڪارڪنن هڪ نئون مسئلو قبر مان کوٽي ڪڍيو. سکر شهر ۾ مغل دور ۾ ٺهيل ڪي عمارتون موجود هيون، جن مان ڪن ۾ انگريزن آفيسون قائم ڪيون هيون. انهن ۾ هڪ ڦٽل عمارت منزلگاهه واري مسجد هئي. ان لاءِ سکر جي مسلمانن سوال اٿاريو، ته اها مسجد آهي، تنهنڪري مسلمانن جي حوالي ڪئي وڃي. شهر کان ٿوري پاسيري هئي ۽ ان جي ڀر ۾ ايتري آبادي به ڪانه هئي، جو نماز لاءِ ڪارآمد ٿي سگهي.
مسلم ليگين کي پتو هو، ته الله بخش سومري جي وزارت جو دارومدار هندو ميمرن جي ووٽن تي هو. مسجد منزلگاهه جي تحريڪ هلائڻ وارن جو مکيه مطلب به الله بخش سومري جي وزارت ڪيرائڻ هو.
”مسجد منزلگاهه“ انڪري ڪوٺيندا هئس، جو اڳي واپار درياهه رستي هلندو هو. ٻيڙيون ملتان مان واپاري مال کڻي هلنديون هيون، ته سکر اچي منزل ڪنديون هيون. سو، انهيءَ زماني جي مغل سرڪار مسلمان واپارين جي سهوليت لاءِ اها مسجد ٺهرائي هئي.
پاڪستان ٺهڻ کان اڳ، سکر شهر جي وڏن وڏن هندو سيٺين جون جوان ۽ خوبصورت زالون رنگبرنگي ريشمي ساڙهيون پائي، هار سينگار ڪري، عطر عنبير مکي، هندن جي دستور موجب، سنجها ويل پاٺ پوڄا لاءِ ٻيڙين ۾ چڙهي، انهيءَ هنڌ تان ساڌ ٻيلي واري مندر ۾ وينديون هيون، جتي اها قديم مسجد زبون حالت ۾ ٻيٺي هئي.
نوجوان مسلمان مرد به ڄاڻي واڻي روزانو شام جو انهيءَ هنڌ تي اچي ڳاهٽ ٿيندا هئا ۽ هندو زالن کي ڏسي، عشقيه ڪلام چوندا هئا. اها صورتحال هندن ۽ مسلمانن لاءِ ڇڪتاڻ جو سبب ٿي پئي.
هاڻي، جيڪڏهن الله بخش سومري اها مسجد مسلمانن کي ٿي ڏني، ته هندو ميمبر مٿس ناراض پئي ٿيا، جي نٿي ڏني، ته مسلم ليگين کي اسلام جي نالي تي، مسلمانن کي ڀڙڪائڻ جو موقعو پئي مليو. آخر ائين ئي ٿيو.
مسلم ليگين سنڌ جي مسلمانن کي ڀڙڪايو. سائينءَ پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته، ”آغا غلام نبي پٺاڻ شڪارپور مان سوَن ماڻهن جو جٿو وٺي آيو، جن سکر ۾ ستياگره ڪئي. هزارين ماڻهو جيلن ۾ ويا. اهي جيلن مان ڇٽا، ته سکر ۾ هندن ۽ مسلمانن جو فسادُ ٿيو، جنهن ۾ سوين انسان ڪُسي ويا. هاڻي انهيءَ کي مسجد منزلگاه وارو فساد ڪوٺن ٿا.“
آغا غلام نبي پٺاڻ، سائينءَ جو خاص ماڻهو هو. پڇاڙيءَ تائين ساڻس قرب جو رستو هئس. مون سان گڏجي وٽس سن به هلندو هو. حقيقت ائين ئي هوندي، جيئن سائينءَ سندس باري ۾ لکيو آهي، ليڪن، تازو، سنڌي ادبي بورڊ سائينءَ ڏانهن علامه آءِ. آءِ.قاضيءَ جي خطن جو ڪتاب ”ساهڙ جا سينگار“ نالي سان ڇاپيو آهي، جنهن ۾ ايڪيتاليهه نمبر خط جي هيٺان، سائينءَ هيءُ نوٽ هنيو آهي:
”مان مسلم ليگ ۾ داخل ٿيس، ته مسجد منزلگاهه لاءِ ستياگرهه شروع ڪئيسون. علامه آءِ.آءِ.قاضي، پڻ جمشيد نسروانجي ۽ دادا ڄيٺمل وانگر، ستيا گرهه تحريڪ ۾ منهنجي شريڪ ٿيڻ جي خلاف هو. ڇو ته خوف هئس، ته انهيءَ تحريڪ مان هندو مسلم ڇڪتاڻ پيدا ٿيندي.
ليڪن، مان ان وقت انڌ جي گهوڙي تي سوار هئس. سو، ڪنهن جي به ڪابه ڪانه ٻڌم.“
سنڌ ۾ هندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ مسجد منزلگاهه واري فسادَ کان اڳ ايڏو نفاق ڪونه هو. خود هندُ ۾ به، شروعاتي دور ۾ ته جناح صاحب ڪانگريس ۾ هوندو هو. سنڌ ۾ مسلم ليگ جو بنياد دراصل، رئيس غلام محمد ڀرڳڙيءَ وڌو، جيڪو وڏو سنڌ دوست ۽ قومپرست هو. اسان جو نوجوان سياسي اڳواڻُ، نواب يوسف ٽالپر سندس خاندان سان تعلق رکي ٿو.
انهيءَ زماني ۾ مسلم ليگ ۽ ڪانگريس جا جلسا به گڏ ٿيندا هئا. ڪيترا مسلمان اڳواڻ ڪانگريس ۾ هئا، پر، ان جي منافقت ڪري، آخر الڳ ٿيا. حاجي سر عبدالله هارون پهريون پهريون سنڌي اڳواڻ هو، جنهن ڪانگريسي هندن جي قول ۽ فعل ۾ فرق ڏسي، ڪراچيءَ ۾ 1938ع ۾ سنڌ مسلم ليگ جو اجلاس گهرايو، جنهن جي صدارت جناح صاحب ڪئي سائين جي. ايم سيد انهيءَ اجلاس ۾ اهم رول ادا ڪيو. سندس ساٿيءَ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ منجهس هڪ ٺهراءُ پيش ڪيو، جو اڳتي هلي، لاهور واري “Pakistan Resolution” ”پاڪستان ٺهراءُ“ جو بنياد بنيو، جيڪو 23 مارچ تي هڪ وڏي جلسي ۾ پاس ٿيو هو. هاڻي، انهيءَ جلسي واريءَ جاءِ تي ”مينار پاڪستان“ ٺاهيو اٿن.
سيد ذوالقرنين زيديءَ نالي، تعليم کاتي جي هڪ پروفيسر ۽ اديب، قائداعظم جي رفيقن سان انٽرويو ڪيا هئا. انهن جو هاڻي ڪتاب ڇپيو آهي. زيدي صاحب ”سيد حسين امام“ جي انٽرويو ۾ لکيو آهي ته:
جي. ايم. سيد سنڌ ۾ مسلم ليگ کي ائين ئي مٿي کنيو ۽ عروج تي آندو، جيئن شهيد حسين سهرورديءَ بنگال ۾ ڪيو هو.
ذوالقرنين زيديءَ سائينءَ جي باري ۾ مٿيون بيان سيد حسين امام واري انٽرويو جي هڪ فوٽ نوٽ ۾ ڏنو آهي. زيدي صاحب ڪنهن زماني ۾ نوابشاهه جي ڪاليج ۾ به استاد هو.
سائين جي. ايم. سيد جا انهيءَ زماني ۾ ويجهڙا ساٿي ڪير هئا، تنهن جي مون کي ڪابه خبر ڪانهي. پر، ايترو سو معلوم اٿم ته سندس حلقي ۾ سيد ميران محمد شاهه ۽ پير علي محمد راشدي ٻه مکيه ماڻهو هئا. ٻئي سيد هئا ۽ سياست ۾ سرگرم هئا. راشدي صاحب ته مسلم ليگ کي سنڌ ۾ زور وٺائڻ لاءِ ڪيئي ڪارناما ڪيا. چون ٿا ته مسجد منزلگاهه واري فساد ڪرائڻ ۾ به بنيادي طرح سندس ئي ذهن ڪارفرما هو. وڏي آفت هو. سائينءَ کي تمام ويجهو هوندو هو. هونئن ته راشدي صاحب، حاجي سر عبدالله هارون کي به ويجهو هو، جيڪو سنڌ ۾ مسلم ليگ جو مکيه اڳواڻ هو. پر، اهو ڦڏي جڏي کان پري هوندو هو.
سائين جي. ايم. سيد جي حلقي جو ٽيون مکيه ماڻهو شيخ عبدالمجيد سنڌي هو، پنهنجي دلي شوق ۽ لاڙي سان مسلمان ٿيو هو. تمام جوشيلو جوان هو. سندس سرپرست، هاڪارو قومپرست اڳواڻ آنربل غلام محمد ڀرڳڙي هو.
لعل بن يوسف ”آتم ڪهاڻيءَ“ ۾ لکيو آهي ته پهرين پهرين سنڌي اخبار رئيس غلام محمد ڀرڳڙيءَ شايع ڪئي هئي.
شيخ صاحب سنڌ ۾ وڏي شهرت انهيءَ ڪري حاصل ڪئي، جو سر شاهنواز خان ڀٽي کي، عام چونڊن ۾، سندس گهر لاڙڪاڻي ۾ وڃي مَلههَ ماريائين. سڄيءَ سنڌ ۾ ڌڌڪو ٿي ويو. ليڪن، انهيءَ کان علاوه، شيخ صاحب سنڌ جي بمبئي کان جدائيءَ واريءَ تحريڪ ۾ به تمام اهم رول ادا ڪيو هو. سنڌ آزاد ٿي، ته روزانه ”الوحيد“ جو ”آزاد نمبر“ ڪڍيائين، جو هاڻي تاريخي دستاويز آهي. سنڌي زبان جي ڪابه اخبار وري اهڙو شاندار ڪارنامو سرانجام ڏئي ڪونه سگهي آهي.
سائينءَ جي قريبي ساٿين ۾ محمد علي شاهه جو نالو به هميشه وڏي احترام سان ورتو ويندو. پاڪستان ٺهڻ واري زماني ۾ سنڌ جو وزير هو. ڊڀري جي معزز شخصيت، سائين الله آندي شاهه جو وڏو فرزند هو، جنهن مسلمانن جي ٻارن لاءِ نوشهري فيروز واري مشهور مدرسي هاءِ اسڪول ۽ ان جي هاسٽل ٺهرائي هئي. مون به انهيءَ ئي اسڪول ۾ مئٽرڪ تائين تعليم ورتي هئي. محمد عثمان کيڙو، غلام نبي ڏاهري ۽ سندس ننڍو ڀاءُ نور نبي، علي نواز ٻوهيو، عبدالفتاح وستڙو، ڊاڪٽر عبدالڪريم عباسي، غلام حيدر مبيجو ۽ منهنجا ٻيا ڪيترا پيارا يار مون سان گڏ پڙهندا هئا ۽ هاسٽل ۾ به گڏ رهندا هئا، جنهن جي عمارت پهرين تاريخ جي چنڊ وانگر اڌ گول جي شڪل ۾ ٺهيل هئي، مٿس مٿان ننڍي سفيد پٿر تي سنه 1905ع جو ڪتبو لڳل هوندو هو.
سائين الله آندو شاهه، پنهنجي دور جي وڏي شخصيت هو. وائسراءِ جي صلاحڪار ڪائونسل جو ميمبر هو. سندس پوٽو سيد ظفر علي شاهه هاڻي قومي اسيمبليءَ جو ميمبر آهي. اڳي ان جو ڊپٽي اسپيڪر رهي چڪو آهي. سياستدان آهي. پر، ڊپلوميسي يا ٺڳي ڪونه ڪندو آهي. سنئين سڌي ڳالهه ڪندو آهي. وڏو زميندار آهي، پر، لچ ۽ لوفر کي پاڻ کان پري رکندو آهي. پنهنجيءَ سنڌ- دوستيءَ ڪري مشهور آهي. وڏيرن واريون گنديون عادتون ڪونه اٿس. مٺو ماڻهو آهي. مون سان محبت اٿس. پنهنجي والد سائين محمد علي شاهه وانگر، سائين جي.ايم.سيد جو عقيدتمند آهي.
ڳالهه پئي هلي، ته سائين جي.ايم.سيد ڪهڙن سببن ڪري، مسلم ليگ ۾ شريڪ ٿيو هوندو؟ بهرحال، جڏهن شريڪ ٿيو ته پهنجيءَ لياقت، صلاحيت ۽ دوستن جي مدد سان انهيءَ ۾ ايڏو ته غلبو حاصل ڪيائين جو سنڌ صوبي جي ليگ جو صدر ٿيو.
سائين ڪڏهن ڪڏهن اسان سان انهيءَ زماني جون ڳالهيون ڪندو هو. ڪراچيءَ ۾ 1938ع واريءَ آل انڊيا مسلم ليگ جي اجلاس جي موقعي تي ڪراچيءَ ۾ ڪوٺايل ڪانفرنس جو ذڪر ته وڏيءَ دلچسپيءَ سان ڪندو هو، چوندو هو ته،”اسان جناح صاحب جو لارين، موٽرن، ٽانگن، اُٺَ گاڏين، گهوڙي سوار ڪارڪنن ۽ هزارين پيادل ماڻهن سان اهڙو ته شاندار جلوس ڪڍيو، جهڙو ڪراچيءَ نه اڳي ڏٺو هو ۽ نه هاڻي ڏسندي. ماڻهن جو جوش خروش ڏسڻ وٽان هو. هڪڙو هوائي جهاز، سمورو وقت، جلوس جي مٿان گل ڇٽي رهيو هو.“
هت هيءَ اهم ڳالهه نوٽ ڪرڻ کپي ته 1936ع ۾ سنڌ آزاد ٿي. ٻه سال پوءِ 1938ع ۾، ڪراچيءَ ۾ آل انڊيا مسلم ليگ وارو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اهو ٺهراءُ پاس ٿيو، جيڪو ٻه سال پوءِ لاهور واري پاڪستان ٺهراءَ PAKISTAN RESOLUTION جو بنياد بنيو. وري انهيءَ کان ٽي سال پوءِ، سائين جي.ايم.سيدَ ”الاتوهار“ ڪري، سنڌ اسيمبليءَ ۾ ٽين مارچ 1943ع تي پاڪستان ٺاهڻ جو ٺهراءُ پاس ڪرايو. جو هيءُ آهي:

This house recommends to Government to convey to His Majesty’s Government, through His Excellency the Viceroy, the sentiments and wishes of this province, who have religion, philosophy, social customs, literature, traditions, political and economic theories of their own, quite different from those of the Hindus.
They are justly entitled to the right as a single “Separate Nation”, to have “National States” of their own, carved out in the zones, where they are in majority, in the subcontinent of India.
Therefore, they emphatically declare that no constitution shall be acceptable to them, that will place the Muslims under the central Government dominated by another nation, in order to play their part freely on their own distinct lines, in the order of things to come. It is necessary that they have national independent status of their own.
Hence, any attempt to subject the Muslims of India under one central Govt. is bound to result in civil war, with grave and unhappy consequences.

مون کي ائين سمجهڻ لاءِ ڪافي سبب آهن ته اهو ”پاڪستان - ٺهراءُ“ سائينءَ کي پير علي محمد راشديءَ لکي ڏنو هو. راشدي صاحب ”پڪو مسلم ليگي“ هو. هندن جو دلي دشمن هو. عمر جي پوئين حصي ۾ سندس سوچ ۾ ڦيرو آيو. ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ ڪتاب ۾ اڳوڻي دور جو تجزيو ڪندي، اعتراف ڪيو اٿس ته، ”اسان جي دور ۾ صحيح سياسي سوچ مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي ئي هئي پر، اسان کيس سڃاڻي ڪونه سگهياسون.“
سندس اهي لفظ مسلم ليگ واري سندس اڳوڻي مَسلَڪ جي نفي ڪن ٿا.
عبيدالله سنڌي هميشه مسلم ليگ کان پري رهيو. تازو، مٿس ”ڊان“ اخبار ۾ “Dream of A Sindhi” ”سنڌيءَ جو خواب“ عنوان هيٺ هڪ مضمون ڇپيو آهي، جنهن ۾ سندس ”سياسي تخيل“ بابت حيرت انگيز ڳالهيون ڪيل آهن، جن مان معلوم ٿئي ٿو ته هو بين الاقوامي ليول جو عظيم انقلابي اڳواڻ هو. ليڪن، هند ۽ سنڌ جي مسلمانن سندس قدر ڪونه ڪيو.
بهرحال، سائين جي.ايم.سيد سڄي هندستان ۾ پهريون پهريون مسلم ليگي اڳواڻ، هو، جنهن سنڌ جي چونڊيل صوبائي اسيمبليءَ ۾ پاڪستان - ٺهراءُ پاس ڪرايو. هن تاريخي حقيقت مان انهيءَ زماني ۾ سندس سياسي طاقت جو اندازو ڪري سگهجي ٿو!
زمانو، بهرحال، هڪ حال تي قائم ڪونه آهي. سائين پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ئي مسلم ليگ جي هاءِ ڪمانڊ وٽ معتوب ٿيو. ان ڪري بي يارو مددگار ٿي ويو هو. ”حيدر منزل“ تي هڪ دفعي پير حسام الدين شاهه راشديءَ دوستن جي وڏيءَ محفل ۾ کيس چيو ته، ”سيد، توئي سنڌ جي هندن کي دڙڪا ڏنا هئا، ته اسان توهان جو سنڌ مان ٿڏو پٽي، سک جو ساهه کڻنداسون.“
سائينءَ پير صاحب کي ڪو به جواب ڏئي ڪونه سگهيو.
14 آگسٽ 1947ع تي، پاڪستان ٺهيو. سنڌ جي هندن جو ٿڏو پٽجي ويو. هو پنهنجا اباڻا گهر ڇڏي، اکين ۾ ڳوڙها کڻي، هندستان روانا ٿيا. هڪڙو نظارو مون کي اڃا ياد آهي.
سنه 1953ع ۾ مان ڪراچيءَ ۾ پڙهندو هئس. سنڌي ادبي سنگت ٺهي هئي، جنهن جو سرگرم ڪارڪن هئس. پر، منجهس مکيه ماڻهو ٻه هئا: نورالدين سرڪي ۽ دادا موتيرام، جنهن ”رتن جوت“ نالي هڪ يادگار ڪتاب لکيو هو. منجهس سيٺ هرچند راءِ جي خاندان جو احوال آهي. دادا موتيرام پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ هڪدم هندوستان ڪونه ويو. ڪجهه سالن کان پوءِ لڏپلاڻ جي تياري ڪيائين. اول بمبئيءَ ويو. پوءِ شولاپور ۾ گهر ڪري وڃي ويٺو. هاڻي گذاري ويو آهي. سندس روانگيءَ کان اڳ مان ڪراچيءَ ۾ کانئس موڪلائڻ ويس. سندس گهر ڪچهري ڪئيسون. مون کيس چيو ته، ”اوهان کان موڪلائڻ ۽ يادگار تصويرون ڪڍڻ لاءِ ڪئميرا کڻي آيو آهيان.“
اسان سندس گهر مان نڪتاسين، سمنڊ جي ويجهو نيٽيءَ جيٽيءَ وٽ تصويرون ڪڍي، گهر موٽي آياسين. دادا موتيرام مون کان وڏي عمر وارو شخص هو. پر، جڏهن مون کان ڀاڪر پائي موڪلايائين، ته اوڇنگارون ڏئي رُنو.
سنڌ جا هندو، اهڙيءَ طرح، هزارن ورهين کان به وڏو عرصو سنڌ ۾ رهڻ کان پوءِ، پاڙون پٽيل وڻن وانگر هيءَ ڌرتي ڇڏي ويا.
تاريخ جو وهڪرو هر هنڌ ۽ هميشه ڏاڍو پيچيده رهيو آهي. سنڌو درياهه جي ورن وڪڙن سان ان کي تشبيهه ڏئي سگهجي ٿي، جنهن جو صحيح اندازو، فوڪر فرينڊشپ هوائي جهاز جي سفر ۾ دريءَ واري سيٽ تي ويهي سکر ايئرپورٽ جي ويجهو جهازن جي هيٺ لهڻ مهل، درياءَ جي ورن وڪڙن کي جاچڻ سان ٿيندو آهي. مون گهڻا دفعا ڏٺو آهي. ڏاڍو دلچسپ آهي. انهيءَ منظر ۾، سنڌو نديءَ جي ورن وڪڙن سان گڏ خود سنڌ جي تاريخ جو نقشو پڻ ذهن ۾ ايندو آهي.
انگريزيءَ ۾ Rise and fall of nations عنوان تي اهم ڪتاب لکيل آهن، جن ۾ ڄاڻايل آهي ته قومن جي عروج ۽ زوال جا ڪيئي ڪارڻ ٿين ٿا. عام طرح ميدانن جا رهاڪو صلح ۽ سانت وارا سڏبا آهن ۽ پهاڙن جا رهاڪو، ويڙهاڪ ۽ جنگجو. پر، سنڌ ۾ هندن جي حڪومت جو بنياد وجهندڙ، چچ ته ڪنهن به جنگجو قبيلي مان ڪونه هو، پنڊت سيلائج جو پٽ هو. قلم، ڪاغذ، پستڪ ۽ پوٿين سان واسطو هئس. تير ۽ ترار کان پري هو. شڪل شباهت ۾ سو ٺاهوڪو هو. سنڌ جي ٻڌ ڌرم جي تڏهوڪي راجا جي راڻي سونهن پري (يا ديوي) مٿس مست ٿي پئي. اول مڙس کي زهر ڏئي ماريائين. پوءِ پنهنجي يار چچ کي تخت ۽ تاج وٺي ڏنائين. آخر ۾ ساڻس شادي ڪيائين.
چچ جون فوجون اتر ۾ پنجاب فتح ڪري وڃي ڪشمير وٽ پهتيون. جنهن کي هن سنڌ جي سلطنت جي اترئين سرحد قرار ڏنو. اولهه ۾ بلوچستان جي چڱي علائقي کي فتح ڪيائين. پير علي محمد راشديءَ جي لکيل انگريزي ڪتابڙي ”Story of sufferings of Sindh“ ”سنڌ جي سورن جي ڪهاڻي“ ۾ سلطنت سنڌ جي سرحدن جو احوال ڏنل آهي. بلوچي اڪيڊميءَ جي ڇپايل تاريخ ۾ به ٿورو گهڻو آهي. بهرحال، سلطنت سنڌ جو وڏو دٻدٻو هو. عربي تاريخن ۾ ”السنڌ والهند“ لفظ بي سبب ڪونه آيا آهن.
اسلام جي اڪابرن ۾ امام محمد باقر پڻ قرآن ڪريم جي ڪن آيتن جي معنيٰ سمجهائڻ لاءِ ”سنڌ ۽ هند“ لفظ استعمال ڪيا آهن. حوالي لاءِ ڏسو ڪتاب ”EARLY SHI’I THOUGHT: THE TEACHINGS OF IMAM MUHAMMAD AL - BAQIR: BY ARZINA LAL WANI-LONDON“ ”سيرت ابن هشام“ ۾ لکيل آهي ته يمن جو هڪ سردار ايران جي ڪسريٰ وٽ دانهن کڻي ويو. تن ڏينهن ۾ ايران ”سپر پاور“ هو. شهنشاهه کي ڪسريٰ ڪوٺيندا هئا. يمن جي سردار ادب سان چيس ته، ”سائين منهنجي ملڪ تي غير ملڪي قبضو ڪري ويا آهن. اسان جي واهر ڪريو!“
ڪسريٰ پڇيس ته، ”ڪهڙا غير ملڪي؟ سنڌي يا حبشي؟“
يمن جي سردار چيس ته ”سائين، حبشي.“
اهي ڳالهيون تاريخي لحاظ کان اهم آهن. پر، انهن کان به اهم ڳالهه هِيءَ آهي ته سنڌ جڏهن اسلام جي روشنيءَ کان منور ٿي ته پوءِ ڇا جي ڪري سنڌين فتوحات ڪونه ڪيون؟ عرب مسلمان ٿيا ته جاڏي ڪاڏي فتوحات ڪندا ويا. پر، سنڌي مسلمان ٿيا، ته پنهنجو دفاع به ڪري ڪونه سگهيا! ڪڏهن کين ڪو ڪٽيندو رهيو، ته ڪڏهن ڪو. ست سئو سال اڳ، ملتان جو حاڪم قباچه سڄيءَ سنڌ تي حڪومت ڪندو هو. انگريزن جي حڪومت ۾ ته سنڌ بامبي پريزيڊنسيءَ ۾ مدغم ٿي وئي. جدا صوبي واري حيثيت به ڪانه رهيس!
هن ڏکوئيندڙ حقيقت جو آخر ڪهڙو سبب آهي ته اڳوڻي ”سلطنت سنڌ“ آهستي آهستي سڪڙبي اچي ڏهرڪيءَ جي ڀرسان، ريتيءَ وٽ بيٺي ۽ بيٺل پاڻيءَ جي دٻي وانگر، هڪڙو صوبو ٿي وئي؟... افسوس آهي ته سنڌ جي اڳواڻن ۽ هاڻوڪن تاريخ نويسن هن اهم سوال تي نه سوچيو آهي ۽ نه وري جواب ڏنو آهي.
هاڻي ته سنڌ جو جيڪو رعب تاب آهي، سو، هر ڪنهن جي اکين اڳيان آهي!
بهرحال، 1947ع ۾، سنڌ جا هندو رهاڪو پنهنجو وطن ڇڏي ويا. قدرت ڪنهن به قوم سان بي انصافي ڪانه ڪندي آهي. شايد، انهيءَ تاريخي حقيقت جو اصل سبب اهو هو، ته هندن مان قومي ڪردار ختم ٿي ويو هو. منهنجي دوست، سيٺ منگهن مل جو چوڻ آهي ته، ”رات ڏينهن پئسي ڪمائڻ جي لوڀ ۽ لالچ ۾ هئا. ائين کڻي چئجي، ته پئسي جا پٽ ٿي ويا هئا.“
تازو، ”روشني پبليڪيشن“ ”سنڌ ورڪين“ تي هڪ اهم ڪتاب شايع ڪيو آهي. سنڌ ورڪي سيٺيون پرديس ۾ پئسو ته جام ڪمائيندا هئا، پر، رڳو پيا پئسو ڪمائيندا هئا. ٻيو ٿيو ڀلو. ورهين جا ورهيه گهرن کان پري رهندا هئا، ته بشري ڪمزورين ڪري ڪيترن هنڌن تي، مثلاً سنڪيانگ جي پاسي، رَنون ويهاريندا هئا، جن مان کين حرامي ٻار به ٿيندا هئا. سنڌ ۾ شڪارپور جهڙن شهرن ۾ سندن پنهنجون پرين جهڙيون سهڻيون زالون زالاڻيءَ ضرورت جي پورائيءَ لاءِ نرا کنيون وتنديون هيون.
سنڌي ادبي بورڊ لطف الله گجراتيءَ جو هڪ ننڍو پر ڏاڍو اهم ڪتاب ڇپيو آهي، جيڪو انگريزن جي حڪومت ۾ سنڌ ۾ آيو هو. ترجمو قادر بخش نظاماڻيءَ ڪيو آهي. منجهس شڪارپور جي هندو حسينائن جي شغل ۽ شوق جا احوال ڏنا اٿس. اهو به لکيو اٿس ته هڪ هندو عورت ايڏي ته سهڻي هئي، جو افغانستان جو بادشاهه ڀڄائي ويس.
1857ع کان وٺي 1947ع تائين، پورن 100 سالن جو عرصو هندن توڙي مسلمانن لاءِ سياسي جدوجهد جو تمام اهم زمانو آهي. ٻنهي ڌرين جي جدوجهد آخرڪار جنهن نقطي تي وڃي منتج ٿي، اهو پير علي محمد راشديءَ مختصر ليڪن معنيٰ خيز لفظن ۾ بيان ڪيو آهي. لکيو اٿس ته:
هند کي سؤراج ۽ سنڌ کي پاڪستان نصيب ٿيو.
سنڌ جي تاريخ جي هن نئين باب ٺاهڻ ۾ جيڪي نهايت نمايان آهن، تن مڙني ۾ سائين جي.ايم.سيد جو نالو مٿي آهي. پر، پاڪستان ٺهيو، ته سندس بخت پاسو ورايو. مٿي عرض ڪيو اٿم ته مسلم ليگ جي هاءِ ڪمانڊ يعني پاڪستان جي باني، قائداعظم محمد علي جناح سان اختلاف ٿيس. چون ٿا ته مکيه سبب هي هو ته سائينءَ عام چونڊن ۾ مسلم ليگ جي ٽڪيٽن لاءِ جن اميدوارن جا نالا ڏنا هئا، تن مان ڪن کي مليون، ته ڪن کي ڪونه مليون. اهي سڀ وڏيرا هئا ۽ وڏي ڳالهه ته ڪي سيد سڳورا به هئا. ان باري ۾ سيد ذوالقرنين زيديءَ پنهنجي ڪتاب ۾ خانبهادر کهڙي جي انٽرويوءَ ۾ هيئن لکيو آهي ته:
کهڙي صاحب جناب جي.ايم.سيد بابت انٽرويوءَ ۾ چيو ته هن 1945ع ۾ جناح صاحب کي ڇڏي ڏنو هو. سبب اهو هو، ته سيد صاحب چونڊن ۾ پنهنجيءَ پسند جي ماڻهن کي ليگ جون ٽڪيٽون ڏياريڻ ٿي گهريون. جناح صاحب چيو ته ائين مناسب ڪونهي. سو ٻنهي ۾ اختلاف ٿي پيو.
جيڪڏهن کهڙي صاحب جي راءِ صحيح آهي ته پوءِ ائين چئبو، ته سائينءَ ليگ جي صدارت قربان ڪئي، پر، سيدن ۽ وڏيرن سان ياري نڀائي.
سائينءَ جي خاص معتمد، پير علي محمد راشديءَ جو چوڻ اهو آهي ته سيد صاحب جو تن ڏينهن ۾ سڄيءَ سنڌ جي ٻين سياستدانن کان جناح صاحب سان گهرو لڳ لاڳاپو هو، انهيءَ ڪري ئي سنڌ صوبائي مسلم ليگ جو صدر هو. في الحال خاموشي اختيار ڪري ها ۽ جناح صاحب سان اختلاف نه ڪري ها. پوءِ مهل ۽ موقعو ڏسي جناح صاحب کان ڪي وڌيڪ اهم ڳالهيون مڃائي ها، جن مان سنڌ کي وڏو فائدو پهچي ها.
پر، پاڻ وري ردعمل جي چڪر ۾ آيو! جناح صاحب جي سامهون ٿيو. جناح صاحب جي طاقت توڙي مزاج جي کيس خبر هئي. هن ڪاوڙ ۾ مسلم ليگ مان ڪڍي ڇڏيس. راشدي صاحب ائين به لکيو آهي ته، ”سيد جي مسلم ليگ مان پاڙ پٽڻ ۾ سر غلام حسين به وڏو رول ادا ڪيو.“
بهرحال، ٽڪيٽون ورهائڻ بعد چونڊون ٿيون. مسلم ليگ جي ٽڪيٽ تي، جناح صاحب جي مرضيءَ موجب، قاضي محمد اڪبر سائينءَ جي مقابلي ۾ بيٺو ۽ في الحال کٽيائين، پر، سائينءَ عدالت ۾ اپيل وڌي، ته قاضي محمد اڪبر جي پَتِ وائکي ٿي پئي. هن ڪوڙن ووٽن ڪري نه رڳو هارايو، پر، سندس عزيز پير الاهي بخش مرحوم جي وزارت به هلي وئي.
سائين ڪامياب ٿيو. هونئن، سنڌ ۾ پير الاهي بخش تعليم جي وزير جي حيثيت ۾ ڏاڍو سٺو ڪم ڪيو هو. سندس نالو اڃا پيو ڳائجي. سنڌ کي تعليم کاتي جو اهڙو وزير وري ڪونه مليو. سنڌ ۾ بالغن جي تعليم به پير صاحب شروع ڪئي هئي. ماڻهو ان ڪري اڃا سندس نيڪي ڪندا آهن.
ليڪن، اليڪشن ۾ سائينءَ جي اها ڪاميابي، سنڌ جي بدليل سياسي صورتحال جي منظرنامي ۾، ”بي وقعت“ هئي. سن واريءَ هڪڙيءَ سيٽ جي ڪهڙي اهميت هئي؟ پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ ته اقتدار انهن وٽ هو، جيڪي مسلم ليگ جا ڪرتا ڌرتا هئا. سو، سائينءَ جي سياسي اوج ۽ اقبال جو سج لهڻ لڳو، ليڪن، افسوس آهي ته سائين پوءِ به بدليل سياسي صورتحال تي غور ڪونه ڪيو. اڳي وانگر، ردعمل جي چڪر ۾ رهيو. مسلم ليگ جي مخالفت ڪيائين. پاڻ کي هيڪاري هيڻو ڪيائين، ڇو ته مسلم ليگ جي مخالفت معنيٰ جناح صاحب جي مخالفت! مسلم ليگ ۾ ته قائداعظم جو فرمان ”قولِ فيصل“ جي حيثيت رکندو هو.
سائين وري وري چوندو رهيو آهي ته مون ”ردعمل“ جي چڪر ۾ ائين ڪيو. دراصل، کيس صاف چوڻ کپندو هو ته، ’مون ضد ۾ اچي هيئن ڪيو.‘ مٿس ڪا به ميار ڪانه اچي ها، ڇو ته ضد سندس مزاج جو ”اهم انگ“ هو.
ڪو به ماڻهو پنهنجو مزاج يا فطرت بدلائي نٿو سگهي. هندستان جي هاڪاري عالم، مفڪر ۽ سياسي اڳواڻ ابوالڪلام آزاد هڪ هنڌ لکيو آهي ته، ”عمر هاڻي انهيءَ منزل تي پهچي چڪي آهي، جو ان کي ٽوڙي ته سگهجي ٿو، پر موڙي نٿو سگهجي.“
هن پس منظر ۾، پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سائينءَ جون سياسي سرگرميون هڪ مخالف اڳواڻ واريون وڃي بچيون، پر، شڪر جو پيرزادي عبدالستار جي ايامڪاريءَ ۾ ڏاهپ کان ڪم ورتائين، ساڻس تعاون ڪري، سنڌ جي ڀلائيءَ لاءِ ڪافي سٺا ڪم ڪري ورتائين.
جڏهن سنڌ ”ون يونٽ“ ۾ مدغم ٿي، ته مخالفت ڌر ۾ هوندي به ٿورڙن اسيمبلي ميمبرن جي ٽيڪ تي اولهه پاڪستان جي اسيمبليءَ کان ”ون يونٽ“ ٽوڙائڻ جو ٺهراءُ پاس ڪرايائين. اهو ڏسي حڪمران ٽولو ڊڄي ويو، ته، ”مار! هي ته ڪو خطرناڪ ماڻهو آهي!“
جنرل ايوب خان مارشل لا هڻي، ”ون يونٽ“ کي بچائي ورتو. پر، اسيمبليون چٽ ٿي ويون. جمهوريت جي پاڙ پٽجي وئي. آمريت جو در کلي ويو. تاريخ جو هڪ ورق وري ويو.
سائين اول قيد ٿي ويو. پوءِ ”سن“ ۾ نظربند ٿيو. آزاد ٿيو ته ”بنديخاني جا ڏينهن“ نالي مضمون لکيائين، جيڪو ”مهراڻ“ ۾ ڇپيل آهي. دلچسپ آهي. پڙهڻ وٽان آهي.
پوءِ سرڪار جي نظر ۾ معتوب رهيو. ڪڏهن ڪڏهن دل جي علاج لاءِ، سو، ٿورن ڏينهن لاءِ ڪراچيءَ اچڻ جي موڪل ملندي هئس. ليڪن، ورهين جا ورهيه نظربند رهيو. هڪ دفعي ڪراچيءَ آيو، ته مان ۽ حسام الدين شاهه وٽس ويٺا هئاسون. ڳالهيون ٻوليون ڪندي چيائين ته، ”سن ۾ هفتو کن اڳ لئبرريءَ ۾ ڪو ڪتاب پڙهڻ لاءِ کنيم، ته منجهانئس ’پاڪستان ٺهراءُ‘ جو اهو مسودو نڪري آيو، جيڪو سنڌ اسيمبليءَ ۾ پاس ڪرايو هئم.“
حسام الدين شاهه چيس ته، ”سيد، اهو پڙهي، تو ڪيئن محسوس ڪيو؟“
سائينءَ ڏک ۾ چيس، ته قاضي قاضن ياد آيو:

سي ئي سيلهه ٿيام، پڙهيام جي پاران،
اکر اڳيان اڀري، واڳون ٿي وريام.

مون کي اڄ به ياد آهي ته سائين شعر پڙهي ڪا دير چپ ٿي ويو. نماڻين اکين سان آسمان ۾ گهوريندو رهيو. ماحول ڏاڍو ڏکوئيندڙ ٿي ويو. سائين حسام الدين شاهه جون اکيون آليون ٿي ويون. صورتحال ڏاڍي ڳؤري ٿي وئي. اسان سائينءَ کان ادب سان موڪلائي، ڪار ۾ ويٺاسون، ته حسام الدين شاهه ٿڌو ساهه ڀريو. پاڻ به ڏاڍي ڏک سان قاضي قاضن جي مصرع جهونگارڻ لڳو:

اکر اڳيان اڀري، واڳون ٿي وريام.

سائينءَ ٽيهارو ورهيه قيد ۽ نظربنديءَ ۾ گذاريا. پاڪستان ۾ ڪنهن به سياستدان ايڏو عرصو اسيريءَ ۾ ڪونه گذاريو. ملڪ جي ڪنهن به مرڪزي يا صوبائي حڪومت سندس اڳوڻين خدمت کي ڏسي، ساڻس مهر ۽ محبت جو سلوڪ ڪري، کيس پنهنجي پاسي ڪرڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي. ٻيو ته ٺهيو، شهيد ذوالفقار علي خان ڀٽو، سائينءَ جي فرزند، امير حيدر شاهه سان گهرو گهاٽو هوندو هو. ٻئي ڄڻا ايوب خان جي ايامڪاريءَ ۾ قومي اسيمبليءَ جا ميمبر هوندا هئا. ڀٽو صاحب وٽس ڪراچيءَ گهر ايندو هو، سائينءَ کي ”چاچا“ ڪوٺيندو هو. پر، جڏهن پاور ۾ آيو ته سياسي مصلحتن ڪري هن به ٻين وانگر، چاچي کي نظربند رکيو. البت، قاضي فيض محمد کي آزاد ڪيو. توڙي جو هو بنگلاديش ٺهڻ کان پوءِ اندرا گانڌيءَ جي مدد سان ڍاڪا ۾ شيخ مجيب الرحمان سان ملي آيو هو ۽ واپسيءَ تي لنڊن رستي، ڪراچيءَ آيو هو. اول گرفتار ٿيو هو ۽ ڪجهه عرصو پوءِ پنهنجي ڳوٺ هالاڻيءَ ۾ نظربند ٿيو هو.
هالاڻي اسان جي ڳوٺ کان ڇهه ميل پري آهي. مان ساڻس گهر وڃي مليس. پنهنجي سفر ۽ مجيب سان ملاقات جا حال احوال ذري پرزي ڏنائين. قاضي صاحب نهايت مخلص ماڻهو هو.
قيد، بند ۽ مسلسل نظربندي وڏو ذهني عذاب آهي. سنڌ گريجوئيٽس جي اڳواڻ، سليمان شيخ مون سان ڳالهه ڪئي ته هڪ دفعي اسان سائينءَ سان سن کان ڪراچيءَ پئي آياسين. پوليس به گڏ هئي. کيس دل جي علاج لاءِ ڪراچيءَ وڃڻ جي موڪل ملي هئي. سخت گرمي هئي. سن کان پهاڙي پوٺو لتاڙي، حيدرآباد ٽپي، ڪراچيءَ واري رستي تي چڙهياسين، ته کيس اڃ لڳي. سليمان شيخ چيو ته بس اسٽاپ تي گاڏيون جهلي، ڪوڪا ڪولا جي بوتل لاءِ ڊوڙياسين جو صاف پاڻي پيڻ لاءِ ساڻ ڪونه هو. ڪوڪاڪولا ڪانه ملي. سائين ڪراچيءَ تائين اڃارو هليو. سخت گرميءَ ۽ دل جي دوري ڪري پگهر ۾ شل ٿي ويو. بلڪ، ماندو ٿي ويو. ڏاڍي ڏکوئيندڙ صورتحال هئي. جڏهن ڪراچيءَ حيدر منزل تي پهتاسين، تڏهن مس مس وڃي کيس ٿڌي پاڻيءَ جو گلاس نصيب ٿيو.
جنرل ايوب خان مارشل لا ذريعي پاور ۾ آيو هو. پر، جڏهن ڏهه سال لاڳيتي حڪومت ڪيائين، ته ماڻهن کي ڪَڪ ڪري وڌائين. حالتون خراب ٿيون، ته ملٽريءَ ۾ جنرل يحييٰ خان به سندس خلاف سازش ڪئي. سو، جنرل ايوب پاڻ ئي کيس اقتدار سونپي، پاسيرو ٿي ويو.
جنرل يحييٰ اقتدار ۾ آيو ته سندس عام شهرت ٿي ته شراب ۽ عورت جو شوقين آهي. ايوب خان جي پٽ گوهر ايوب پنهنجي تازو ڇپيل يادگيرين جي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته هڪ ”فوجي انٽرويو ٽيم“ جي ميمبر کيس چيو ته، ”عام تاثر آهي، ته اوهان جي عورتن سان گهڻي رغبت آهي؟“
جنرل يحييٰ خان جواب ڏنس ته، ”جيڪڏهن مڙس پاڻ ئي پنهنجون زالون آڻي، مون کي پيش ڪن، ته منهنجو ان ۾ ڪهڙو قصور؟“
سنه 1958ع وارو مارشل لا عام طرح، جنرل ايوب خان جي نالي سان مشهور آهي. پر، درحقيقت، سڪندر مرزا هنيو هو، جيڪو هڪ اعليٰ عملدار جي عهدي تان ترقي ڪري، وڃي صدر ٿيو هو. ملڪ ۾، مارشل لا هڻي جيڪا وزارت ٺاهيائين، تنهن ۾ سنڌ مان ذوالفقار علي ڀٽي کي وزير ڪيائين. هو تڏهن بلڪل نوجوان هو. انگلنڊ مان تازو تازو بئريسٽر ٿي آيو هو. سنڌ ۾ اڃا مشهور ڪونه ٿيو هو. پر، منجهس سنڌ سان محبت هئي، چون ٿا ته کيس وزارت ۾ کڻڻ جو هڪ مکيه سبب سندس والد بزرگوار، سر شاهنواز ڀٽي جو سياسي اثر هو ۽ ٻيو سبب بيگم نصرت ڀٽو هئي، جيڪا به سڪندر مرزا جي بيگم ناهيد مرزا وانگر اصل نسل ۾ ايراني هئي ۽ سندس ساهيڙي هئي.
ناهيد مرزا ڪوٽيا ۾ هڪ ايراني سفارتڪار جي بيگم هئي. سونهن توڙي سمجهه ۾ تمام تيز هئي. سندس مداحن، پرستارن ۽ عاشقن جي لائين لمبي هئس. انهن ۾ هڪڙو شخص ملڪ جي ٻاويهن امير خاندانن مان هو. مان به کيس سڃاڻان. ٻيو شخص سڪندر مرزا هو. هوءَ ٻنهي کي خوش رکندي هئي پر، آخرڪار مڙس کان طلاق وٺي، سڪندر مرزا سان شادي ڪيائين.
قدرت الله شهاب، گورنر جنرل غلام محمد جي دؤر کان وٺي، ”ايوان اقتدار“ جي ”غلام گردشن“ ۾ گهڻو ايندو ويندو هو. سرڪاري ڪامورو هو. پنهنجين يادگيرين جي ڪتاب ”شهاب نامه“ ۾ لکيو اٿس، ته ايوان صدر جي ڪنهن دعوت ۾ مردن ۽ خواتين جي مجموعي ۾ سڪندر مرزا ڪنهن خوبصورت خاتون سان رازدارانه گفتگو ڪري رهيو هو، ته اوچتو ناهيد مرزا سامهون آئي. سڪندر مرزا ته هيڏي هوڏي کسڪي ويو. ناهيد مرزا انهيءَ خاتونءَ کي اچي سنڱن تي کنيو، جنهن چيس ته، ”هو ته رڳو منهنجي ساڙهيءَ جي تعريف ڪري رهيو هو.“
ناهيد مرزا چهڙ ڏئي چيس ته، ”هائو مون کي به ساڙهيءَ جي ساراهه ڪري ڦاسايو هئائين.“
سڪندر مرزا وڏو گُرگُ هو. ملڪ ۾ مسلم ليگ جو ڪم اهڙو لاٿائين، جو وري اڳي وسري ڪانه سگهي. ”ريپبليڪن پارٽي“ ٺاهيائين ۽ پنهنجا پير پختا ڪَرڻ لاءِ پاڪستان ۾ آمريڪين جو اثر وڌايائين. ملڪ کي سندن سياسي معاهدي ”بغداد پئڪيٽ“ ۾ ڦاسايائين سو ملڪ انگريزن کان آزاد ٿيو، ته وري آمريڪين جي ڪوڙڪيءَ ۾ قابو ٿي ويو، ايتريقدر جو بعضي ته ملڪ هلائڻ لاءِ وزيراعظم به آمريڪا مان امپورٽ ٿيڻ لڳا.
ملڪ مان اصولي سياست ته ڪڏهوڪو ختم ٿي وئي هئي. سڪندر مرزا نام نهاد سياستدانن مشتاق احمد گرماڻيءَ، چوڌري محمد عليءَ ۽ غلام محمد جهڙن جغادرين جو به ڪم لاٿائين ون يونٽ ٺاهيو هڪڙن هو. پر، ان کي استعمال سڪندر مرزا ڪيو. هڪڙو بيان ڪڍيائين ته ”ون يونٽ اسٽيم رولر آهي، جيڪو به ان جي مخالفت ڪندو، سو، واريءَ جا ذرڙا ذرڙا ٿي ويندو.“ اهو بيان ڪڍي، قائداعظم جي ساٿيءَ، قلات جي خان، احمد يار خان کي سڏائي چيائين ته، ”تون ون يونٽ جي خلاف بغاوت جو اعلان ڪر، ته مان توکي تنهنجي رياست موٽائي ڏيان.“
هن ائين ڪيو، ته قلات تي فوجون چاڙهي موڪليائين، جن احمد يار خان کي قيد ڪيو. سڪندر مرزا انهيءَ ئي واقعي کي بهانو بنائي، استعمال ڪيو ۽ ملڪ ۾ مارشل لا هنيو. سندس ارادا ته اڃا به وڏا هئا. پر، قسمت ساٿ ڪونه ڏنس. جنرل ايوب خان جي خلاف به ڪا سازش ڪيائين. سو، پڪڙجي پيو. هن رات جي اونداهيءَ ۾ کيس ۽ ناهيد مرزا کي جلاوطن ڪري، ڪوٽيا مان هوائي جهاز ۾ چاڙهي لنڊن موڪليو. پاڻ ڏنڊو کڻي ملڪ جو والي ٿي ويٺو. سُتت پاڻ کي پروموشن ڏئي، اول فيلڊ مارشل ٿيو ۽ پوءِ صدر ٿيو. سياست جو يونيفارم پائڻ لاءِ، مسلم ليگ ٺاهيائين. پر، ان کي ته سڪندر مرزا چٽ ڪري ويو هو. سا، ايوب خان جي زور لائڻ کانپوءِ به ساڳئي اڳوڻي حال ۾ ڪانه آئي. ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي: ڪائونسل ليگ ۽ ڪنويشن ليگ. ايوب خان ڪنويشن ليگ جو سرپرست ٿيو. ملڪ ۾، سرڪاري مسلم ليگ ٺاهڻ جو رواج ائين پيو.
هونئن ته جناح صاحب پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ پاڻ ئي انهيءَ راءِ جو هو ته مسلم ليگ جو مقصد پاڪستان ٺاهڻ هو. هن اهو حاصل ڪيو. هاڻي، مسلم ليگ جي ضرورت ڪانهي. ٻيون سياسي پارٽيون ٺهن، جيڪي ملڪ جي مسئلن ۽ معاملن کي نبيرن. پر، گهڻائي اڳوڻا مسلم ليگي اڳواڻَ ساڻس شامل راءِ ڪونه هئا. لياقت علي خان مڙني ۾ اڳڀرو هو، ڇاڪاڻ ته وزيراعظم جي حيثيت ۾ سرڪاري مسلم ليگ جي اڳواڻ ٿيڻ جو اميدوار هو، سو، مسلم ليگ ختم ڪانه ٿي. پر، اڳيون زور به ڪونه ورتائين، جيڪي ان کي ”سرڪاري ليگ“ طور قائم رکڻ جي حق ۾ هئا، تن جو خيال هو ته جيئن هندستان ۾ آزاديءَ کان پوءِ به ”ڪانگريس“ هڪ سياسي جماعت آهي، بلڪل ائين ئي مسلم ليگ جو وجود به پاڪستان لاءِ لازم ملزوم آهي.
سائين جي. ايم. سيد، مسلم ليگ مان خارج ٿيو، ته اول ان جي مخالفت ڪيائين. اڳتي هلي، ٻين قومپرست اڳواڻن: مولانا عبدالحميد ڀاشاني (بنگال) ميان افتخار الدين (پنجاب) عبدالصمد اچڪزئي (بلوچستان) عبدالغفار (سرحد) ۽ پنهنجي سنڌي ساٿين سان گڏجي، نيشنل عوامي پارٽيءَ ٺاهڻ ۾ بهرو ورتائين. پارٽي ٺهي ۽ ڪجهه عرصو ڪم به ڪيائين. پر، ملڪ جي ٻنهي حصن ۾، پاڪستان کان اڳ واريءَ مسلم ليگ يا ڪانگريس جهڙي حيثيت اختيار ڪري ڪانه سگهي. اوڀر پاڪستان جي الڳ ٿيڻ کان پوءِ ته اها اسان وٽ فقط سرحد ۽ بلوچستان تائين رهجي وئي، جا ”نعپ“ جي نالي سان اڃا مشهور آهي. عبدالغفار خان جي اولاد جي اثر هيٺ آهي.
ائين انهيءَ نتيجي تي وڃي پهتو، ته ”ڪابه آل پاڪستان جماعت“ سنڌ توڙي ٻين ننڍن صوبن جي حفاظت ڪري ڪانه سگهندي، ڇو ته پنجاب سموري ملڪ تي ڇائنجي ويو آهي. لٺ بانٺو سندس هٿ ۾ آهي. اسان جي ڪابه حيثيت ۽ وقعت ڪانهي. مثال ڏيئي چوندو هو ته ”سنڌ جا حق پائمال ڪرڻ وارو صوبو پنجاب آهي. پيپلس پارٽي جي اڳواڻي سنڌين وٽ آهي پر، اها پنجاب کي ڪڏهن به ناراض ڪونه ڪندي، ڇو ته اقتدار جي طلبگار آهي، جيڪو پنجاب جي مدد کان سواءِ ڪونه ملندس.“
سائينءَ ۽ ٻين مسلم ليگي اڳواڻن وڏين اميدن سان پاڪستان ٺاهيو هو. لاهور واري جلسي ۾ ”پاڪستان ٺهراءُ“ سر فضل حق پيش ڪيو هو، جيڪو بنگالي هو. سنڌ اسيمبليءَ ۾ ”پاڪستان ٺهراءُ“ سائينءَ پاس ڪرايو هو. ٻئي غير پنجابي هئا. ليڪن، پاڪستان ٺهيو، ته پنجاب جا جغادري سياستدان مشتاق گرماڻيءَ، ممتاز دولتانه ۽ غلام محمد, مُلڪ جي سفيد سياه جا مالڪ ٿي ويا. بنگالين کي سندن اڪثريت کان محروم ڪرڻ ۽ ننڍن صوبن سنڌ ۽ بلوچستان جي زمينن ۽ قدرتي وسيلن جي ڦرلٽ ڪرڻ لاءِ ”ون يونٽ“ ٺاهيائون. ممتاز دولتانه انهيءَ جو هڪ ”خفيه دستاويز“ لکيو، جيڪو ان زماني ۾ ڏاڍو مشهور ٿيو هو.
هن پسمنظر ۾ اڳتي هلي، اها صورتحال ٿي ته جيڪو سنڌ، سرحد ۽ بلوچستان جو نالو کڻندو هو، سو، ”متعصب“ ۽ ملڪ جو غدار ڪوٺيو ويندو هو.
هڪ ڏينهن مان شام جو ”حيدر منزل“ تي سائينءَ سان ملڻ ويس. ڏاڍو اداس ويٺو هو. ٻڌايائين ته، ”اڄ راشدي صاحب سان ملڻ ويو هئس. پر، ڪونه مليو.“ سندس اها ڳالهه ٻڌي مون کي حيرت لڳي!
راشدي صاحب جوانيءَ جو وڏو عرصو سائينءَ سان سنگت ۾ گذاريو هو. انهيءَ زماني ۾ ٻئي ڄڻا ڪهڙين ڪهڙين سياسي سرگرمين ۾ مشغول هوندا هئا، تنهن جو اندازو سندس خطن جي انهيءَ ڪتاب سان ٿئي ٿو، جيڪو سائين، سن ۾ پنهنجيءَ نظربنديءَ واري زماني ۾ ڇپايو هو. اول ڪتاب جون ڪجهه قلمي ڪاپيون ٺهرائي مکيه علمي ۽ ادبي مرڪزن ۽ پنهنجن خاص خاص احبابن کي موڪليون هئائين، ڇو ته تن ڏينهن ۾ فوٽو اسٽئٽ ڪاپين جو رواج ڪونه هو.
راشدي صاحب پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ هميشه انهن سان گڏ رهيو جيڪي پاور ۾ هوندا هئا. جڏهن سائين معتوب ٿيو ته هو کيس ڇڏي ويو هو. ايتريقدر جو ون يونٽ ٺاهڻ جي قهري ڪارنامي ۾ شريڪ ٿيو هو. پر، خبر ناهي ته پوءِ به ڪهڙي سبب ڪري سائينءَ کي منجهس وڏيون اميدون هيون؟ تڏهن ته ساڻس ملڻ ويو هو؟ اها ڳالهه اهم آهي سو، ان جي وضاحت لاءِ هيٺ ڪجهه احوال عرض ڪريان ٿو.
سائين 1960ع واريءَ نظربنديءَ جي دوران رڳو ڪتاب لکندو رهندو هو، ڇو ته سنڌي وڏيرا ۽ سياستدان کيس مسلم ليگ جي مخالفت ڪرڻ کان پوءِ ڪڏهوڪو اڪيلو ڇڏي ويا هئا. فقط سنڌي ترقي پسند اديبَ (جيڪي مُٺ جيترا ماڻهو هئا) ساڻس رابطي ۾ هوندا هئا. سائين اسان جو امامُ هو. سائينءَ پاڻ به ”جنب گذاريم جن سين“ ڪتاب ۾ هڪ هنڌ لکيو آهي ته، ”مون کي ملڪ ۽ قوم جي مستقبل لاءِ وري به ترقي پسند اديبن ۽ عوام ۾ اميدون آهن.“
چوٿين مارچ واري واقعي کان پوءِ اول سنڌ يونيورسٽيءَ ۽ پوءِ سڄيءَ سنڌ جا نوجوان شاگرد پڻ سائينءَ جي جهنڊي هيٺ جمع ٿي ويا. سندن نعرو ”جيئي سنڌ“ هوندو هو. اهو نعرو ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ هنيو هو. پر، قافلي جو سپهه سالار ته سائين جي ايم سيد هو.
سنڌي اديبن، شاعرن ۽ شاگرن سالن جا سال سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ جلسا جلوس ڪيا. نيٺ، سنڌ ۾ ته ون يونٽ جي خلاف باهه پکڙجي وئي. سنڌي ٻوليءَ واريءَ تحريڪ ان تي پيٽرول هارڻ وارو ڪم ڪيو. هڪڙو ڏينهن اهڙو به آيو، جو سڄيءَ سنڌ ۾ ”سن جو سائين، جيئي سدائين“ نعرو شهرن توڙي ڳوٺن ۾ عام ٿي ويو.
اهو ڏسي، ملڪ تي حڪمران يحييٰ خان جي فوجي ٽولي جا ڍَڍَرَ ڍرا ٿي ويا. بنگالي اڳي ئي باهه ٿيا ويٺا هئا. ماڻهوءَ کي هميشه پنهنجا ڪُڌا ڪرتوت اڳيان ايندا آهن. سو، فوجي ٽولي سمجهي ورتو ته هاڻي ”ون يونٽ“ ڊاهڻ ۽ ”عام چونڊون ڪرائڻ“ کان سواءِ ٻيو ڪوبه رستو ڪونهي.
يحييٰ خان جي فوجي ٽولي کي اهي ٻئي ڪم مجبوراً ڪرڻا پيا.
عام چونڊن جو اعلان ٿيو، ته ملڪ جي مڙني مکيه سياسي جماعتن جي اڳواڻن کي ريڊيي تي قوم کي خطاب ڪرڻ ۽ پنهنجو پنهنجو پروگرام ۽ منشور پيش ڪرڻ جي دعوت ڏنائون.
سائين جي. ايم. سيد ملڪ جي ڪنهن به سياسي جماعت جو اڳواڻ ڪونه هو. پر، سنڌ ۾ ون يونٽ جو مخالف ناميارو ليڊر هو. ان ڪري يحييٰ خان جي فوجي ٽولي کيس به ملڪ جي ٻين وڏن ليڊرن وارو مانُ مرتبو ڏنو. سائينءَ به قومي پارٽين جي اڳواڻن وانگر قوم کي ريڊئي تان خطاب ڪيو.
انهيءَ پسمنظر ۾ حيدرآباد شهر ۾ هالن جي مخدوم صاحب جي سول لائينس واري بنگلي نمبر 3 ۾ وڏو ۽ اهم جلسو ٿيو، جنهن ۾، سنڌي وڏيرن ۽ سياستدانن، پنهنجي طرفان، توڙي پنهنجن ابن ڏاڏن طرفان، ون يونٽ جي فائدي ۾ ووٽ ڏيڻ ڪري، سنڌ جي عوام کان معافي گهري! جلسي جي صدارت سائينءَ ڪئي. سڄيءَ سنڌ جا وڏيرا ۽ سياستدان سندس پيرن ۾ پيا هئا. هو پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ هڪ دفعو وري سنڌ جو بي تاج بادشاهه ٿي ويو! اسان تڏهوڪا نوجوان ترقي پسند اديب، شاعر ۽ سمورا نوجوان شاگرد اڳواڻ به وڏيءَ لئه ۾ آياسين.
سنڌي محب وطن اديب ۽ ناميارا شاگرد نوجوان اڳواڻ انهن ڏينهن ۾ مون سان ڏاڍا گهرا گهاٽا هوندا هئا. رات ڏينهن اسان جون ميل ملاقاتون ٿينديون هيون.
مخدوم صاحب جي بنگلي تي جلسي واريءَ رات ته اڪثر دوست ۽ ساٿي گاڏي کاتي ۾ منهنجي ئي ”امين منزل“ واري گهر اچي سمهيا هئا. ڪنهن کي کٽ ملي، ته ڪو پٽ تي ليٽيو. ڪنهن کي رلهي ملي، ته ڪنهن چادر کنئي. ڪنهن کي ڪمبل نصيب ٿيو. مان دير دير سان گهر موٽيس. ڏٺم ته منهنجي سمهڻ لاءِ هنڌ بسترو ڪونه هو. سڀئي ٿڪل ۽ ستل هئا.
صبح سان گهر جي ٻاهران سائي رنگ جي موٽر اچي بيٺي. منجهس پير الاهي بخش آيو هو. کيس سفيد سلوار قميص ۽ ڳاڙهي ترڪي ٽوپي پاتل هئي. مون کيس چيو ته اسان تڙ تڪڙ ۾ تيار ٿي سائينءَ وٽ اچون ٿا.
جلسي ٿيڻ کي گهڻو عرصو ڪونه گذريو هو ته ٻڌڻ ۾ آيو، راشدي صاحب اچي سائينءَ کي پاسو ڏنو آهي! اول ته ڪنهن کي به انهيءَ ڳالهه تي اعتبار ڪونه آيو، ڇو ته سائين کليو کلايو چوندو هو ته، ”ون يونٽ ٺاهڻ جو ڏوهه کهڙي کي ته بخش ڪري سگهجي ٿو پر راشديءَ کي ڪونه ڪبو.“
جڏهن راشدي صاحب سان سائينءَ جي ٺاههَ جي ڳالهه گهڻي مشهور ٿي، ته حيدرآباد ۾ رئيس غلام مصطفيٰ خان ڀرڳڙيءَ جي رهائشگاهه تي تاريخي ميٽنگ ٿي. هڪ طرف سائين هو ۽ ٻئي طرف سندس عقيدتمند سمورا مکيه سنڌي ترقي پسند اديب، شاعر ۽ سنڌي ناميارا نوجوان شاگرد اڳواڻ هئا. مان به ساڻن گڏ ميٽنگ ۾ موجود هئس. نوجوانن کي ”ون يونٽ“ جي معمارن کهڙي صاحب ۽ راشدي صاحب تي باهيون هيون، سو انهن بابت ته ڪابه ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ڪونه هئا.
پر، سائينءَ کين صاف صاف چيو ته:

(1) مون کي ڇڏيو ته مان پنهنجيءَ سياسي مصلحت موجب کهڙي ۽ راشديءَ کي پاڻ سان گڏ کڻان.
(2) جيڪڏهن اها ڳالهه اوهان کي پسند ڪانهي، ته مون کي ڇڏي وڃو.

ڪنهن زماني ۾ ريشمان نالي هڪ ڳائڻي (Gipsy Girl) هڪ ڪلام ڳائيندي هئي، جنهن جي هڪ مصرعه هوندي هئي ته:

میں تو گلیاں دے ککھاں نال رل گئی

سائينءَ جو سُڪو جواب ٻڌي، سڀ سنڌي قوم پرست اديب، شاعر ۽ نوجوان شاگرد اڳواڻ به گهٽين جي ڪکن وانگر رلي ويا. ڪڻو ڪڻو ٿي ويا. سڀني جو سالن جو پورهيو خاڪ ۾ ملي ويو! سائينءَ جي مخالفت ته ڪير به ڪري ڪونه سگهيو، پر اسان جو محاذ ٽٽي ويو.
سائينءَ سان جويي صاحب ۽ منهنجي نيازمنديءَ ۾ پوءِ به ڪو فرق ڪونه آيو. پر، مون سنڌ جي آسمان تي گهرا گهاٽا ڪارا ڪڪر ڏٺا.
سائين تمام آرام ۽ اطمينان سان پنهنجي رٿيل پروگرام موجب، قومي اسيمبليءَ واريءَ سيٽ تي بيٺو ۽ هيٺ صوبائي سيٽ تي راشدي صاحب کي بيهاريائين ڀٽي صاحب پيغام موڪليس ته، ”اوهان جي مقابلي ۾ پنهنجو ماڻهو ڪونه بيهاريندس، پر اوهان راشدي صاحب مان هٿ ڪڍو.“ سائينءَ اها ڳالهه به قبول ڪانه ڪئي.
هڪ ڏينهن، مان سائينءَ وٽ ويٺو هئس، ته راشدي صاحب ڪنهن ڳوٺ ۾ اليڪشن جي ورڪ ڪري، رات جو جيپ ۾ آيو ۽ سائينءَ کي پري کان وڏي واڪي پٻو ٻَڌائين: “G.M. WE ARE WINNING!”
جڏهن چونڊن جو نتيجو نڪتو ته سائينءَ ۽ راشدي صاحب ٻنهي هارايو.
ڀٽي صاحب کٽيو ۽ اڳي پوءِ پاور ۾ آيو. راشدي صاحب اهو ڏسي، ماٺڙي ڪري، سائينءَ کي اڪيلو ڇڏي، وڃي ڀٽي صاحب جي ويجهو ويٺو، جنهن وزارت اطلاعات ۽ نشريات ۾ پنهنجو صلاحڪار مقرر ڪيس. سائين جي.ايم.سيد سن ۾ نظر بند ٿيو.
تاريخ جو هڪ ورق وري ويو.
سائين جي.ايم.سيد هونئن ته جڏهن کان وٺي جناح صاحب سان سامهون ٿيو هو، تڏهن کان ئي سرڪاري عتاب هيٺ آيو هو. پر، جيڪڏهن حالتن جو OBJECTIVE ANALYSIS معروضي جائزو وٺبو ته نظر ايندو ته جناح صاحب سان ”اختلاف“ ته ٻين به گهڻن ڪيو هو، جن ۾ سندس ڪن مکيه ساٿين جا نالا به کڻن ٿا. ذوالقرنين زيديءَ لکيو آهي ته هو خود لياقت علي خان مان ايڏو ته مايوس ٿي چڪو هو، جو چيائين ته ”وزيراعظم ٿيڻ جي لائق ڪونه هو.“ زيدي صاحب وڌيڪ لکيو آهي ته خود لياقت علي خان به چيو ته، ”بڙي ميان، مون کي وزيراعظم جي عهدي تان هٽائي، بنگال جو گورنر ڪري موڪلي رهيو هو.“
پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ جناح صاحب ۽ لياقت عليءَ جا اختلاف عام مشهور ٿي چڪا هئا.
جناح صاحب وفات ڪئي ته لياقت علي پاور ۾ آيو. سندس حڪم موجب ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تان محترمه فاطمه جناح جي تقرير اڌ مان ڪاٽي وئي. چون ٿا ته جناح صاحب ۽ لياقت عليءَ جي اختلافن جو حقيقي سبب محترمه فاطمه جناح ۽ بيگم رعنا لياقت عليءَ جا اختلاف هئا.
جڏهن مرڪزي حڪومت ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڪٽڻ ۽ الڳ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو، تڏهن سنڌ جي چونڊيل چيف منسٽر خانبهادر کهڙي ان جي مخالفت ڪئي هئي ۽ مرڪزي حڪومت جي سامهون ٿيو هو، ته کيس به ڊسمس ڪيو ويو هو.
سو، قائداعظم سان اختلاف ته ٻين به گهڻن ڄڻن ڪيو هو. پر، اهي سائينءَ وانگر هميشه لاءِ معتوب ڪونه ٿيا هئا. انهيءَ جو اصل سبب اهو هو ته پاڻ سمورو وقت سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪندو هو.
”جنب گذاريم جن سين“ ڪتاب جي ٻئي جلد ۾ محمد امين کوسي جي احوال ۾ لکيو اٿس ته:

(1) جڏهن ڪراچيءَ کي سنڌ کان جدا ڪيو ويو ته مون کي سن ۾ نظر بند ڪيو ويو.
(2) ون يونٽ ٺاهڻ وقت اول قيد ڪيائون، پوءِ سن ۾ نظربند ڪيائون.
(3) ايوب خان واري مارشلا وقت مون کي وري نظربند ڪيائون.
(4) مون سمگلنگ ڪانه ڪئي هئي. عهدا ڪونه گهريا هئم، پرمٽون وٺي ملڪيت ڪانه وڌائي هئم. وطن سان غداري ڪانه ڪئي هئم.
(5) سنڌ ۾ مسلم ليگ کي زور وٺايو هئم ۽ سنڌ اسيمبليءَ ۾ پاڪستان جو ٺهراءُ پاس ڪرايو هئم.
(6) منهنجو ٻيو ڪوبه قصور سواءِ هِنَ جي ڪونه هو ته، ”مان سدائين سنڌ جي حقن جو آواز اٿاريندو هئس.“

انگريزن جي بادشاهيءَ ۾ لارڊ ويول هندستان جو وائسراءِ هو. سائينءَ انٽرويو گهريس. منظور ڪيائين. مون ان جو احوال پڙهيو آهي.

WAVELL THE VICEROY’S JOURNAL ۾ لکيل آهي ته، ”انٽرويو مونولاگ هو“ يعني هڪ طرفي گفتگو هئي.

سائين جي.ايم. سيد سمورو وقت سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪندو رهيو. هندستان جو وائسراءِ خاموشيءَ سان ٻُڌندو رهيو. هاڻي جيڪو شخص هندستان جي وائسراءِ سان ائين ڳالهائي ٿي سگهيو، سو ٻين سان به ائين ئي ڳالهائيندو.
پر هت اهم ڳالهه اها آهي ته سائين انهيءَ سنڌ جي ڳالهه ڪري رهيو هو، جنهن تي وڏيرا ڇانيل هئا. منجهن دم خم ته هئو ئي ڪونه. اڳڙين جا گڏا هئا. سي، ڏکيءَ مهل، سندس پٺڀرائي لاءِ اڳتي ڪونه آيا. پويان پير ڪري ويا. سائين بي يار و مددگار رهجي ويو.
سائينءَ کان اها ڳالهه مخفي ڪانه هوندي، ته سنڌي سٻاجهڙن جي اها پراڻي روش آهي، ته ڏکيءَ ويل پنهنجي ساٿيءَ جي مدد ڪونه ڪندا آهن. هيڪاري کيس نقصان رسائيندا آهن. ڀلا ٻيو نه ته کانئس پاسو ضرور ڪندا آهن. پر، اهو سڀ ڪجهه ڄاڻندي به پاڻ سنڌ جي وڏيرن ۽ خاص ڪري سيدن سڳورن لاءِ سُورَ سهندو رهيو! هنن اشرافن ته ڪڏهوڪو اهو رستو ئي ڇڏي ڏنو هو، جتان ٻارنهن ڪوهن تي به سَنَ شهر ڏي ڪو گس پيچرو ويندو هو. اهو ڏسي، دل تي جيڪا واردات گذري هوندس، تنهن جو ڪجهه اظهار پنهنجي ڪتاب ”جنب گذاريم جن سين“ ۾، هنن لفظن ۾ ڪيو اٿس:
مون پنهنجي ايامِ سياست ۾، ناپخته دماغيءَ ڪري ڪيئي غلطيون ڪيون هونديون. سو، جڏهن پوئتي نظر ڪريان ٿو ته سِرُ ندامت کان هيٺ ٿيو وڃي، پر ان ساري معاملي ۾ مون کي جي ڪابه ڳالهه آٿت ڏيندي رهي آهي، اها هيءَ آهي ته مان هميشه خود مطلبيءَ، قوم فروشيءَ، بزدليءَ ۽ وڪامي وڃڻ کان پري رهيو آهيان.
اجتماعي خطائون گهڻيون ٿيون هونديون، پر اهڙيون خطائون ته دين جي بزرگن ۽ سياستدانن کان به ٿيون آهن. ڏک هن ڳالهه جو اٿم ته پراوا ته ٺهيو، ليڪن پنهنجن به جيڪو ورتاءُ ڪيو، تنهن جو مستحق ڪونه هئس.
ڪنهن به سنڌي اخبار کي جرئت ڪانه ٿي، ته منهنجيءَ ڊگهيءَ نظربنديءَ جي سڄي عرصي ۾ پنهنجي ڪنهن مضمون ۾ منهنجو نالو کڻي.
سنڌ جي ڪنهن به شخص کي خيال ڪونه آيو ته ڪنهن به سياسي جلسي ۾، منهنجيءَ نظربنديءَ تي احتجاجي ٺهراءُ پاس ڪرائي.
ڪيترا ڏسڻا وائسڻا دوست مون سان ملاقات ڪرڻ ڪونه آيا، بيماريءَ ۾ طبيعت پڇڻ ڪونه آيا، قضين تي عذر خواهيءَ لاءِ ڪونه آيا. ڊپ ٿين ته متان ملڪ جا حاڪم مٿن ناراض ٿين.
ڪهڙا قصا بيان ڪري ڪهڙا ڪريان؟ هڪ عزيز عملدار، (اهو به سنڌ جو سيد سڳورو هو) جنهن کي مون، ڊپٽي ڪليڪٽر ڪرايو هو، سو ساڍن ستن سالن جي عرصي ۾، (منهنجي ڳوٺ جي ويجهو رهڻ جي باوجود) بيماريءَ ۾ به پڇڻ ڪونه آيو.
ٻئي سنڌي روينيو عملدار، اسان تي غيرواجبي ڍل مڙهي ڇڏي. کيس معقول سبب ڏئي اپيل ڪئيسون، ته رد ڪري ڇڏيائين. ڪمشنر کي اپيل ڪئيسون، پر جيستائين ان جو فيصلو ٿئي، تنهن کان اڳ مختيارڪار کي گهرائي چيائين ته، ”ضبطي ڪئي وڃي.“
هڪ دفعي علاج لاءِ ڊاڪٽر جي اجازت سان ڪراچيءَ ويس. اڃا بيماريءَ جي حالت ۾ هئس، ته ان ساڳئي سنڌي عملدار ڳوٺ موٽڻ لاءِ مجبور ڪيو، ته پاڻ پنجابي حاڪمن وٽ سرخرو ٿئي.
هڪ سنڌي ڊاڪٽر منهنجيءَ بيمار والده کي ڏسڻ لاءِ سن آيو، ته هزار روپيا في گهريائين، پر هڪ غير سنڌي ڊاڪٽر ڪيئي دفعا بنا اُجوري جي سن آيو ۽ والده جو علاج ڪري ويو.
هِڪُ پيرُ سائين مون سان محبت جو اظهار ڪندو هو، پر، بيماريءَ ۾ مون وٽ لڙي ڪونه آيو، ته متان سي.آءِ. ڊي. مٿس رپورٽ ڪري.

جنين لاءِ مياس، سي ڪانڌي ڪين ٿيا.

سائينءَ ”سنڌي سٻاجهڙن“ جا پرڪار پڌرا ڪيا آهن، مان به سندس ڳالهه کي اڳتي وڌائڻ لاءِ هڪڙو مثال ڏيان ٿو ته سائينءَ زندگيءَ ۾ ڪيڏو ڏکُ ڏٺو.
سنڌ يونيورسٽي اهم ادارو آهي، سو گهڻن ئي سببن ڪري سرڪار مٿس نظر رکندي آهي. هاڻي ته ڄامشورو به ضلعو ٿيو آهي. پر، اڳي دادو ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس.پي مسلسل يونيورسٽيءَ جو چڪر لڳائيندا هئا. سنه 1976ع ۾ اياز وائيس چانسيلر هو ۽ مان پرو- وائس چانسلر. اياز پنهنجيءَ پڪائيءَ لاءِ مشهور هو. جڏهن سکر ۾ وڪالت ڪندو هو، تڏهن مقبول صديقي، حنيف، رشيد ڀٽي ۽ سندس ٻيا دوست کيس ”شائلاڪ“ ڪوٺي چيڙائيندا هئا.
دادوءَ جو ڊپٽي ڪمشنر يا ايس.پي ۽ ايس.ڊي.ايم، جڏهن يونيورسٽيءَ جي چڪر تي ايندا هئا، تڏهن کين اياز وٽ چاءِ جي ڪوپ جي به اميد ڪانه هوندي هئي، سو، سندن ٿاڪ منهنجي آفيس هوندي هئي، جتي سدائين سندن خاطر تواضع ٿيندي رهندي هئي.
هڪڙو ايس.ڊي.ايم. ته مون سان ڏاڍو گهرو گهاٽو ٿي ويو. مون سان گڏجي اڪثر اياز وٽ به سرڪاري ڪم سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ هلندو هو. هڪ دفعي اياز وٽ وياسين ته هو صوف کائي رهيو هو. ايس.ڊي.ايم سان ڪم ڪار جي ڳالهه ٻولهه ڪيائين. پاڻ سڄو وقت صوف کائيندو رهيو. پر، کيس چاءِ جي ڪوپ جي سکڻي صلاح به ڪونه ڪيائين. سو پوءِ جڏهن به اهو ايس.ڊي.ايم ملندو هو، ته کِلي پڇندو هو: ”صوفن واري ماڻهوءَ جي خبر ڪر؟“
بهرحال، اهو ايس.ڊي.ايم. به اڳي پوءِ بدلي ٿي ويو. هڪ دفعو سڪرنڊ ۾ سندس آفيس ۾ ساڻس ملاقات ٿي، جو مان حيدرآباد مان ڪنڊياري جي ڀرسان پنهنجي ڳوٺ وڃي رهيو هئس. پوءِ ڪيئي ورهيه وري ڪونه ملياسين. جڏهن اسلام آباد ۾ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر هئس، ته هڪ ڏينهن آفيس ۾ اچي مليو. اسان جي آفيس جي پاسي ۾ ”گريٽ وال“ نالي هڪ سٺي چيني هوٽل هوندي هئي، کيس ان ۾ لنچ کارايم. ماني کائيندي، ”سنڌ يونيورسٽي“ ۽ ان سان گڏ ”جيئي سنڌ تحريڪ“ جو ذڪر نڪتو. ايس.ڊي.ايم ٻڌايو ته، ”مان ايس.ڊي.ايم جي عهدي تان پروموٽ ٿي، دادوءَ جو ڊپٽي ڪمشنر ٿيس. سائين جي.ايم.سيد اهو ئي سن ۾ نظربند هو. ٻارهين ٻارهين مهيني پنهنجيءَ سالگرهه جي موقعي تي وڏو جلسو ڪندو هو، جنهن ۾ جيئي سنڌ سان وابسته نوجوان اديب ۽ شاگرد اڳواڻ سياسي تقريرون ڪندا هئا. سرڪار تي ڇوهه ڇنڊيندا هئا. اها ڳالهه سرڪار کي ڏکي لڳندي هئي.
چيائين ته هڪ ڀيري سائينءَ جي سالگره کان ڪجهه ڏينهن اڳي چيف منسٽر هائوس ڪراچيءَ مان فون آئي، ته وزيراعليٰ سنڌ اوهان سان ڳالهائيندو. مان کڙو تڙو ٿي ويٺس. اوچتو وزير اعليٰ جو ڪڙڪو ڪن تي پيو: ”سن ۾ سالگره جون سڀ رپورٽون منهنجي اڳيان آهن. سڀاڻي وري سالگره جو جلسو ٿيندو ۽ اهي ئي ساڳيون تقريرون ٿينديون. پوءِ تو انهيءَ بڪواس کي بند ڪرڻ لاءِ ڇا ڪيو آهي؟“
”سائين مان ڇا ٿو ڪري سگهان؟“
”مان ڇا ٿو ڪري سگهان!“ چيف منسٽر ميز تي مڪ هڻي واڪو ڪيو: ”هينئر دادوءَ مان نڪر. سڌو سن وڃ. پوڙهي کي گرفتار ڪري دادوءَ وٺي وڃ.“ وزير اعليٰ صاحب غصي ۾ اهو حڪم ڏئي، زور سان فون بند ڪري ڇڏي.
ايس.ڊي.ايم. چيو ته مان ته حڪم ٻڌي، وائڙو ٿي ويس! پر، بيماريءَ جو بهانو ڪري، اوڏيءَ مهل درخواست ڏئي، موڪل تي هليو ويس.
اها ڳالهه ٻڌي، منهنجا به هٿ پير ٺري ويا.
مون واري دوست چيو ته، ”توکي خبر آهي ته سائين سنڌ جي سيدن سڳورن تان قربان پيو ويندو هو؟“
مون چيو ته، ”هائو“
کِلي چيائين ته، ”اهو وزيراعليٰ به سنڌ جو هڪ سيد سڳورو هو.“
ٻيو اهڙو مثال ياد ٿو اچيم، پر اهو سائينءَ جي هڪ غير سنڌي عقيدتمند جو آهي. ليڪن، ماڻهوءَ جو مزاج معلوم ڪرڻ لاءِ توجهه جوڳو آهي.
هڪ دفعي سائينءَ جي اصرار تي پير حسام الدين شاهه راشديءَ رني ڪوٽ ڏسڻ جو پروگرام ٺاهيو. پاڻ دل جو بيمار هو، سو جناح اسپتال جي ايڊمنسٽريٽر، ڪرنل ڊاڪٽر خواجه عبدالرشيد سان دوستي رکي هئائين، محمد حسين پنهور، جويي صاحب ۽ مون کي به گڏ وٺي هليو. سن ۾ سائينءَ جي درياهه واري بنگلي تي ٻه ٽي ڏينهن وڃي ٽڪياسين.
سائين وڏو مهمان نواز هو. اسان جون ڪي خذمتون ڪيائين! سن ۾ نوڪرياڻيءَ کي مانيءَ جي خاص ٽريننگ ڏياري هئائين. سا، روزانو نوان نوان طعام تيار ڪندي هئي، ٻوڙ، پلاءَ ۽ چاشني ته هر ڪو ڄاڻي. هوءَ ته الائي ڪيترن طعامن جي ڪاريگر هئي! ڪڪڙيون روسٽ ڪرڻ ۽ انهن جي پيٽ ۾ چانور ۽ خشڪ ميوا ڀرڻ ۾ خاص مهارت هئس. قسمَ قِسم جا ڪوفتا، ڪباب ۽ مڇيءَ جا نمونا ٺاهيندي هئي. منجهند جو هڪڙا ته رات جو ٻيا. آئيس ڪريم ٺاهڻ تي ته خاص ملڪو هُئس. پستن جي هڪ خاص پڊنگ ٺاهي، نارنگيءَ ۾ وجهندي هئي، ٻاهران ائين لڳندو هو، ته نوڪرَ مانيءَ کان پوءِ ٻئي ميوي سان گڏ، نارنگين جي ڊِشِ پڻ ڀري کڻي آيا آهن. نارنگي ڪپ ته اندران پڊنگ نڪرندي هئي. ايڏي ته لذيذ هوندي هئي، جو مون کان ان جو ذائقو اڃا ڪونه وسريو آهي.
اسان صبح جو نيرن ڪري جيپن ۾ سن کان رني ڪوٽ وياسين پوءِ اتان ميريءَ تائين اُُٺن تي وياسين، ڇو ته تڏهن ميريءَ تائين جيپن جو رستو ڪونه هو. سائينءَ وڏي خيال سان اسان جي گهمڻ گهتڻ جو اڳواٽ سڄو بندوبست ڪيو هو. رني ڪوٽ ڏسي، سن موٽياسين، رات جي ماني کائي سائينءَ جي درياهه واري بنگلي جي ٿلهي تي موڙا وجهي، ڪچهري ڪرڻ ويٺاسين. تارن ڀرئي آسمان هيٺان ٿڌيءَ هير ۾ ڪچهري ڪندي ڏاڍو مزو آيو. مکيه موضوع ”رني ڪوٽ“ هو. اسان سڀني پهريون ڀيرو ڏٺو هو.
مون کي ان کان پوءِ گهڻئي دفعا رني ڪوٽ ڏسڻ جو موقعو مليو. آخرين دفعو ته سال ٻه اڳ، جرمن سفير، پنهنجيءَ مسز ۽ ڪراچيءَ ۾ پنهنجي قانصل جنرل جرمن خوبصورت خاتونءَ کي ساڻ وٺي اچي حيدرآباد ۾ مون وٽ ڪڙڪيو ته، ”اسان کي رني ڪوٽ ڏيکار.“
”مان نہ مان میں تیرا مہمان!"مان ڦاسي ويس، ڄڻ ته رني ڪوٽ آڳرا قوم جي ماڻهن ٺهرايو هو ۽ هاڻي مان ئي ان جو والي وارث آهيان.
جرمن سفارتخاني سان منهنجو پري جو لڳ لاڳاپو هو، جيڪو پندرنهن سال اڳ، ڊاڪٽر شمل جي ڪري ٿيو هو. تڏهن اسلام آباد ۾ رهندو هئس. بهرحال منهن ڏيڻو پيو. هٿ پير هنيم. دوست ۽ مهربان ڪم آيا. سڪيورٽيءَ جو سڄو انتظام ته پوليس جي ذمي هو جنهن جي مٿان ملٽري انٽيليجنس جي نظر هئي. غير ملڪي مهمان رني ڪوٽ ڏسي خوش ٿي ويا. الله سائينءَ منهنجي عزت ۽ آبرو رکي.
رني ڪوٽ ڏسڻ کان پوءِ سن ۾ سائينءَ جي بنگلي تي رات جو گهڻي گفتگو ڪرنل رشيد ۽ سائينءَ جي وچ ۾ ٿيندي هئي. ٻئي ڄڻا وري اهو سوال اٿاريندا هئا، ته رني ڪوٽ ڪڏهن ۽ ڪنهن ٺهرايو هوندو؟ چوندا هئا ته اڳئين زماني ۾ جڏهن آمد رفت جي سهولت ڪانه هئي ۽ ٽرڪون ڪرينون ۽ بار ڍوئڻ جون ٻيون وڏيون گاڏيون ڪونه هيون، تڏهن پنجن هزارن مزورن گڏجي ڪم ڪيو هوندو، ته مس مس وڃي ”ديوارِ چين“ جهڙو هيءُ هيبتناڪ قلعو ٺهيو هوندو. سنڌ تي جن گهراڻن حڪومت ڪئي، تن ۾ ايتري طاقت ته ڪنهن وٽ به ڪانه هئي! سو، ٻنهي ڄڻن جو متفقه رايو ٻيٺو ته رني ڪوٽ ايران جي ”هخامنشي حڪمرانن“ يا وري ان کان به اڳ ڪنهن ٻيءَ طاقتور حڪومت ٺهرايو هوندو.
ميرن سان منسوب روايت بابت سندن متفق رايو اهو هو ته، ”ميريءَ جي مرامت ڪرائي هئائون، جا اڃا به پري کان پڌري بيٺي آهي. منجهس شڪار لاءِ وڃي ٽڪندا هئا.“
محمد حسين پنوهر کِلي چيو ته، ”ميرن پنهنجي تختگاهه لاءِ به حيدرآباد ۾ غلام شاهه ڪلهوڙي واري ٺهرايل قلعي ۾ اک وڌي. منجهس به ڪو قابلِ ذڪر محل ماڙي ٺهرائي ڪونه سگهيا. عام خاص ماڻهن سان ملڻ واسطي ڪو ”ديوانِ عام“ ۽ ”ديوانِ خاص“ ٺهرائڻ ته سندن سوچڻ کان مٿڀري ڳالهه هئي! بلوچستان مان آيا هئا. جبل ۽ جهنگ جا ماڻهو هئا، جتي محل ماڙيون ڪونه هونديون هيون. لانڍين ۾ گذر بسر ڪندا هئا. اهي ڳالهيون هر ڪنهن کي معلوم آهن.“
سن واريون اهي تاريخي ڪچهريون مون کي زندگيءَ ڀر ياد رهنديون. سٺي سنگت، سٺو کاڌو، سٺيون ڳالهيون، علم ۽ عقل جا نُڪتا، چرچا گهٻا، کل ڀوڳ، نقل نظير، سنڌ جون ڳالهيون ۽ سنڌ جون روايتون، سنڌ جي ثقافتي ورثي جا داستان ۽ انهن جا راوي وري سائين جي.ايم.سيد ۽ پير حسام الدين راشديءَ جهڙا اعليٰ انسانَ... زندگيءَ ۾ موسم بهار جا اهڙا ڏينهن ٿورڙا نصيب ٿيا.
ڪراچيءَ موٽياسين، ته ڪرنل خواجه عبدالرشيد ريسرچ ڪري، اقبال ايڪيڊميءَ جي تحقيقي رسالي ۾ ”رني ڪوٽ“ تي انگريزيءَ ۾ مضمون ڇپايو، جو بعد ۾ هنڌين ماڳين ان جي شهرت جو باعث بنيو. تيسين رني ڪوٽ ڪنهن کي ياد به ڪونه هو.
وقت بادشاهه آهي. صبح جو جيڪو سج اڀري ٿو، اهو الائي ته ڪيڏي اُٿل پُٿل آڻي ٿو. سنڌ به انهيءَ قدرتي قانون جي تابع آهي. سائين جي.ايم.سيد، پير حسام الدين راشدي ۽ محمد حسين پنوهر هاڻي هي جهان ڇڏي ويا آهن. سو، منهنجيون هي ڳالهيون به ماضيءَ جا داستان آهن. پر، انهن ۾ ”عبرت جا سامان“ به آهن. سو هيئن، ته سنڌ جي محب وطنَ، محترم احمد علي قريشيءَ سنه 2003ع ۾، سائين جي.ايم.سيد جي ياد ۾ سئو سوا سو، صفحن جو انگريزيءَ ۾ هڪ سٻنڌڙو ڪتاب ڇپايو آهي. جنهن ۾ سائينءَ جي هنن عقيدتمندن جا مضمون وڌا اٿس: (1) سيد غلام مصطفيٰ شاهه (2) ڊاڪٽر جي.ايم.مهڪري (3) محمد حسين پنوهر (4) محمد ابراهيم جويو، (5)يوسف هارون، (6) مظهر يوسف (7) قمرالزمان شاهه ۽ (8) غلام رباني آگرو.
پنوهر صاحب پنهنجي مضمون ۾، سائينءَ جي دعوت تي سن وڃڻ ۽ رني ڪوٽ ڏسڻ جو ذڪر ڪيو آهي. لکيو اٿس ته:
مان محمد ابراهيم جويي، حسام الدين شاهه راشديءَ، غلام رباني آگري ۽ ڪرنل خواجه عبدالرشيد سان گڏ سن ويس. ڪرنل خواجه عبدالرشيد رني ڪوٽ بابت پنهنجي مضمون ۾ جيڪي ڪجهه لکيو آهي، اهو گهڻي قدر اهو ئي آهي، جيڪو اسان سان گڏ سائينءَ کان سن ۾ رهائش دوران ٻڌو هئائين.
سائين ڪجهه عرصي کان پوءِ دل جي تڪليف ڪري، سرڪاري اجازت سان ڪراچيءَ آيو. گهڻي عرصي کان انهيءَ بيماري جي علاج لاءِ، ڊاڪٽر سان ملڻ لاءِ ڪراچيءَ ايندو رهندو هو.
پنوهر صاحب لکيو آهي ته ڪرنل خواجه عبدالرشيد اڃا جناح اسپتال جو ايڊمنسٽريٽر هو. ڪراچيءَ ۾ سائينءَ جي آمد جو ٻڌي، خوش ٿيو ۽ سندس مانَ ۾ دعوت ڪيائين. ڪراچيءَ ۾ مون کي ۽ پير حسام الدين راشديءَ کي به سڏيائين. اسان سندس دعوت ۾ شريڪ ٿياسين. هو چڱو وقتُ، سائينءَ جي ساراهه ڪندو رهيو. پر، جڏهن سائينءَ پنهنجيءَ دل جي بيماريءَ جو ذڪر ڪيو ۽ جناح اسپتال ۾ علاج لاءِ کيس چيو، ته هن انڪار ڪيو ۽ چيو ته، ”مان اسپتال ۾ ملڪ جي دشمن جو علاج ڪري نٿو سگهان!“
پنوهر صاحب وڌيڪ لکيو آهي ته، ”خواجه صاحب جي ڳالهه ٻڌي، پير سائين حسام الدين شاهه جي دل کي ڌڌڪو آيو.“
ائين ئي هوندو. ڪتاب ۾ ڳالهه پڙهي، مان به وائڙو ٿي ويس! ليڪن پنوهر صاحب ائين به لکيو آهي ته، ”مان ڀايان ٿو ته خواجه صاحب تي سندس اعليَ عملدارن جو دٻاءُ هوندو، تڏهن هن ائين چيو هوندو.“
مان به ائين ئي سمجهان ٿو. هونئن ڀلا، خواجه صاحب پنهنجي ئي دعوت ۾ سائينءَ کي ائين ڪيئن ٿي چئي سگهيو ته، ”تون ته ملڪ جو دشمن آهين، سو، تنهنجو جناح اسپتال ۾ علاج ڪونه ڪندس!“
هن ان مهل ائين چيو هوندو، ته مان جاچ جوچ ڪيان، ته اسپيشل وارڊ يا پرائيويٽ وارڊ ۾ ڪي ڪمرا خالي آهن وغيره وغيره. پوءِ ٻئي ڏينهن پنهنجي ڪنهن بالادست کي اها ڳالهه ٻڌائي، کانئس منظوري گهري هوندائين، جنهن چيو هوندس ته، ”تون پاڪستان جي مخالف سياستدان کي پاڻ وٽ علاج لاءِ ڪيئن داخل ڪندين؟ سرڪار ان ڳالهه جو الائي ڪهڙو اثر وٺندي!“
اهو ٻڌي، هو ڊڄي ويو هوندو ۽ پاڻ ڇڏائڻ لاءِ پير حسام الدين يا ٻئي ڪنهن سان پنوهر صاحب جي بيان ڪيل ڳالهه، ڪنهن رمز سان ڪئي هوندائين جنهن کي بهرحال صدمو رسيو هوندو.
هي ٿيون خواجه صاحب جي ڳالهه جون تاويلون. اصل ڳالهه ته اها آهي ته هن سائينءَ سان پير ڪونه ڀريو!
خواجه رشيد ته ٿيو هڪ معمولي ملازم. پر، سائين جڏهن ايڏو عليل ٿيو، جو سندس حياتيءَ جي جدول سالن ۽ مهينن تان لهي، اچي ڏينهن تي بيٺي، تڏهن ملڪ جي سرڪار کيس ساڳيءَ جناح اسپتال ۾ داخل ڪيو. ليڪن، مٿانئس پوليس جو پهرو پوءِ به ڪونه هٽايو! نه وري ٻاهرئين ملڪ ۾ علاج لاءِ وڃڻ جي اجازت ڏني. سنڌ تي سنڌين جي حڪومت هئي. سائينءَ ڪسمپرسيءَ ۾ دم ڏنو.
هاڻي، لاهور واري ”پاڪستان ٺهراءَ“ جا ته رات ڏينهن دهل پيا ٿا وڄن. پر، سنڌ اسيمبليءَ ۾ سائين جي.ايم.سيد جي پاس ڪرايل ٺهراءَ جو ڪير نالو ئي ڪونه ٿو کڻي، ڄڻ ته اهو ٺهراءُ يو.پي يا سي.پيءَ جي پاسي ڪنهن اسيمبليءَ پاس ڪيو هو. اهو دردناڪ منظر ڏسي، گرهوڙي فقير ياد اچي ٿو:
ماءُ ڏٺي مون ماٺ مڙهين ۾، جوڳي جيڪس ويا جبروت.
اڄ سنڌ تي جيڪي ڪارا ڪڪر آيا آهن، تن ۾ اميد جو ڪِرڻو (Silver lining over the dark cloud) وري به اهو ئي پيغام آهي، جو سائينءَ سنڌ جي نوجوان نسل کي ڏنو آهي. ڀٽائيءَ جي ڀلارن اکرن ۾ هيئن آهي ته:
جيئن ڳنڍيون منجهه ڳنڍير، تيئن مون مَنُ ماروئڙن سين.
سائينءَ کي سنڌ جي ڌرتيءَ، سنڌ جي تاريخ، ادب ۽ قدرتي نظارن سان عشق هو. رني ڪوٽ سان محبت به ان ڪري هئس. عزيزم اعجاز چانڊيي ٻڌايو ته ”گورخ“ به سائين جي.ايم.سيد جي دريافت آهي. ان جو صحيح نالو ”گورغ“ آهي، يعني ”بوندن جي وسڪاري وارو هنڌ.“
عزيزم منظور پنوهر، قائد عوام يونيورسٽيءَ ۾ اسٽوڊنٽس افيئرس جو ڊئريڪٽر آهي. هن مون کي ٻڌايو ته سائين پاڪستان کان گهڻو گهڻو اڳ، راشدي صاحب سان گڏ، خچرن تي چڙهي، گورغ ڏسي آيو هو. ٻڌايائين ته ”اونهاري ۾ به ايڏو سيءُ هو، جو اسان سوڙيون پائي ڪچهري ڪئي.“
سائينءَ سڀ ڳالهيون سوچي، سنڌ جي تاريخ ۽ ادب جي تحفظ لاءِ ”سنڌي ادبي بورڊ“ ٺاهيو ۽ شاهه سائينءَ جي ڪلام ۽ پيغام تي ذاتي طرح، تحقيق لاءِ ”ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز“ ٺاهيو. ٻيا به ڪيئي اهڙا شاندار ڪم ڪيائين. جن جا تفصيل هت ڏئي ڪونه ٿو سگهان.
سن ۾ پنهنجي گهر هڪ سٺي لئبرري ٺاهيائين، جنهن ۾ هڪ دفعي اسان کي اهم ڪتابن سان گڏ، جناح صاحب ۽ ابوالڪلام آزاد جا خط ۽ تارون به ڏيکاريائين.
جيڪڏهن جناح صاحب جا سائينءَ ڏانهن اهي تاريخي خط ڇپبا، ته رتبو اسان جو وڌندو ۽ دوست دشمن کي خبر پوندي، ته اسان جو سائين بلڪ سڄيءَ سنڌ جو سائين، ڪيڏي پايي جو ليڊر هو، پر افسوس آهي ته اهي تاريخي خط هاڻي سڙي، ڳري، ڀُري ويندا، پر ڪڏهن ڪونه ڇپبا! اسان سائين جا ڪيڏا نه احمق عقيدتمند آهيون!
سائينءَ زندگيءَ جو پويون پهر سن ۾ ڪتابن لکندي گذاريو. جڏهن اهي سڀ ڪتاب سليقي سان ڇپبا، تڏهن ئي وڃي اسان جي ايندڙ نسلن کي سائينءَ جي عظمت جو اندازو ٿيندو. سائينءَ جو پوٽو، سيد جلال محمود شاهه لائق انسان ۽ وڏو دانشور آهي. مون کي ساڻس دلي محبت آهي. هڪ دفعي ڪراچيءَ جي جلسي ۾ مون سندس هڪ لاجواب تحقيقي مقالو کانئس ٻڌو آهي. کهڙي صاحب جي لائيف تي لکيل ڪتاب جي تقريب هئي. سائينءَ جي ڪتابن جي اشاعت جي ڪم ۾ هٿ وڌو اٿس. خدا کيس ڪامياب ڪندو.
سائينءَ جا هن وقت تائين جيڪي به ڪتاب ڇپيا آهن، تن ۾ ”جنب گذاريم جن سين“ مڙني ۾ اهم آهي. سنڌي ادبي بورڊ ڇپايو آهي.
مون کي فخر آهي ته انهيءَ ڪتاب تيار ڪرڻ ۽ ڇپائڻ ۾ شروع کان آخر تائين، جويو صاحب ۽ مان ٻئي ڄڻا سائينءَ جا ٻانهن ٻيلي هئاسين. علامه آءِ.آءِ.قاضي صاحب ۽ بيگم طاهره آغا جون تصويرون ۽ حياتيءَ جو احوال ته مون ئي کانئن وٺي، سائينءَ کي موڪليو هو. علامه صاحب مون کي جيڪو پنهنجو احوال لکايو هو، تنهن ۾ ٻه ٽي پئراگراف روڪايا هئائين.
”جنب گذاريم جن سين“ ڪتابُ درحقيقت سنڌ جي زميندارن، پيرن فقيرن، صوفين ۽ سجاده نشينن، عالمن ۽ اديبن، سماجي ڪارڪنن ۽ سياسي اڳواڻن جو تذڪرو آهي. سائين جي.ايم.سيد جي سنڌ اها ئي هئي. پاڻ ان جي تصوير انتهائي ايمانداريءَ ۽ سچائيءَ سان چٽي اٿس. انهيءَ ئي سنڌ جي سياست ۽ خذمت ۾ زندگي گذاريائين.
سنڌ جي وڏن خاندانن ۽ مخلص ماڻهن ۾ حاجي سر عبدالله هارون پاڪستان ٺاهڻ ۾ وڏو رول ادا ڪيو. سندس وڏو فرزند، يوسف هارون، پاڪستان ٺهڻ واري زماني ۾ سنڌ جو چيف منسٽر هو. اڳتي هلي، تڏهوڪي اولهه پاڪستان يعني هاڻوڪي پاڪستان جو گورنر ٿيو هو. مٿس غداريءَ جو الزام ته لڳي نٿو سگهي. سائينءَ جي رحلت تي ”ڊان“ اخبار ۾ پنهنجي تعزيتي مضمون ۾ سائينءَ کي خراج عقيدت پيش ڪندي، لکيو اٿس ته:
”سنڌ جي ڌرتيءَ ۽ ماڻهن جي ڀلائيءَ لاءِ جدوجهد ڪيائين. پنهنجن اصولن تي قائم رهيو. ڪابه لالچ کيس خريد ڪري ڪانه سگهي. دنيا جي ڪا به طاقت کيس پنهنجي موقف تان هٽائي ڪانه سگهي. آخرين دم تائين سنڌ جو ساٿ ڏنائين.
يوسف هارون کي ڪنهن جي به تعريف ڪرڻ جي ضرورت ڪانهي. ملڪ جي امير ترين ۽ حڪمران خاندانن ۾ شمار ٿئي ٿو. هن سائينءَ سان سچائيءَ جا جيڪي لفظ لکيا آهن، سي سندس دل جو آئينو آهن.
1960ع واري ڏهاڪي ۾ سائين سَن ۾ نظربند هو، ته مهيني ماسي سندس ڪونه ڪو ماڻهو ذاتي ڪمن ڪارن سان خط پٽ کڻي مون وٽ ئي ايندو هو، توڙي جو حفيظ قريشيءَ جهڙو سائينءَ جو سچو عقيدتمند به حيدرآباد ۾ موجود هوندو هو. سرڪار نامدار جويي صاحب کي اول جيڪب آباد ۽ پوءِ ڪوهاٽ جي پاسي جلاوطن ڪيو هو.
مان سائينءَ جا ڪم ڪاريون دل و جان سان سرانجام ڏيندو هئس، پر، هڪ دفعي مان پاڻ ڪنهن ڪم ۾ پريشان ٿيس. ”سنڌي سٻاجهڙا“ رڳو هاڻي نه پر هميشه پنهنجن محسنن لاءِ مسئلا پيدا ڪندا آهن. مولانا قاسميءَ مون سان ڳالهه ڪئي، ته عربن جي حڪومت ۾ ٻه سنڌي عالم مديني ۾ رهندا هئا. هڪڙي حاڪمن وٽ چغليون هڻي ٻئي کي آزار ۾ آندو.
بهرحال، مون پنهنجي مسئلي متعلق سائينءَ کي خط لکي موڪليو. فوراً جواب موڪليائين. نيري رنگ جي سنهي پيڊ پيپر تي لکيل هو. جنهن جي آخر ۾، حافظ شيرازيءَ جو هڪ شعر لکيو هئائين ته:
”غم نه ڪر، زمانو سدائين هڪ حال تي قائم ڪونهي.“
رڳو همدردي ڪانه ڪيائين، پنهنجيءَ نياڻيءَ، سيده درشهوار کي بيگم دائودپوٽا وٽ موڪليائين، جنهن سنڌي ادبي بورڊ جي صدر، کهڙي صاحب سان ملاقات ڪري، منهنجي مشڪلات دور ڪرائي.
گهڻا گهڻا سال پوءِ مان اسلام آباد ۾ هئس، ته سيده درشهوار(مرحومه) مون وٽ تشريف فرما ٿي. مانيءَ گرهه وڌائين ۽ ٻڌايائين ته پاڻ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ’شاهه لطيف چيئر‘ تي آهي ۽ انهي ئي ڪم جي سلسلي ۾ اسلام آباد آئي آهي. مون واسطيدار ڪاموري سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ وس آهر سندس مدد ڪئي. سيده نهايت نيڪ خاتون هئي. دعا آهي ته الله پاڪ کيس جنت ۾ جايون ڏي!
قدرت جا مون تي وڏا ڪرم آهن. منهنجا گهڻا ئي محسن آهن. انهن مڙني ۾ ڪير به سائينءَ کان وڌيڪ ڪونه هو. سائين دلير شخص هو. سندس سخن لوهه تي ليڪو هو. مون جوانيءَ جو وڏو عرصو سندس شفقت جي ڇانوَ هيٺ گذاريو. سندس اثر هيٺ، پنهنجي جواني بلڪ سڄي زندگي سنڌ جي ڀلائيءَ واسطي وقف ڪري ڇڏيم. اڀري سڀري حال آهَرَ هميشه ۽ هر هنڌ سنڌ لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيس.
سائين سان سن توڙي ڪراچيءَ ۾، سنگت سان توڙي اڪيلائيءَ ۾، ڪيئي ڪچهريون ڪيم. انهن جون يادگيريون ۽ عڪسَ دل تي ائين ئي اڪريل اٿم، جيئن تاج محل جي ديوارن تي سنگمرمر جا گُل.
جڏهن به سائينءَ جي سڪ لڳندي هئم، ته ڪنهن نه ڪنهن يار سان، ڪار ۾ چڙهي، سن هليو ويندو هئس. ڪڏهن ته بس ۾ اڪيلو به هليو ويندو هئس. هڪ دفعي سن ويس. سائينءَ کي اطلاع مليو ته گهر ۾ مانيءَ جو چئي، هڪدم بنگلي تي هليو آيو. ٽي چار ڪلاڪ ڪچهري ڪئيسون. پوءِ منجهند جو ماني آئي. کائي ته وياسين. پر گرميءَ جي مهل هئي. سن ۾ بجلي ڪانه هئي. اهڙو پگهر آيو، جو سائين ته ململ جي چولي ۾ به وهنجي ويو.
وقت ڪيڏو نه تيزيءَ سان گذري ٿو. اڄ ڪنڌ ورائي پوئتي نهاريان ٿو، ته ائين ڀايان ٿو، ته ڄڻ اهو ڪالهوڪو ڏينهن آهي.
جڏهن سائينءَ هي جهان ڇڏيو، ته سندس خاڪي جسم تدفين کان اڳ، سَن شهر جي ٻاهران شيشي جي تابوت ۾ آڻي، ماڻهن جي ديدار لاءِ رکيائون. مون کي ٻاهران ئي ٻاهران شاهه محمد شاهه ملي ويو. ماڻهن جي هجوم ۾ حفاظت خاطر ٻانهن کان جهلي، وٺي هليو ۽ شيشي جي تابوت جي ڀرسان بيهاريائين! غمزده ماڻهن جا الائي ته ڪيڏا هشام هئا. منهنجي اکين جا ڳوڙها ته خبر ٻڌڻ کان پوءِ الائي ته ڪيڏيءَ مهل سُڪي ويا هئا. اداس اداس نظرن سان سائينءَ جي چهري جو طواف ڪندو رهيس.
غالباً، 1980ع واري ڏهاڪي ۾، حڪومت مون کي پاڪستان جي اديبن جي وفد جو اڳواڻ ڪري، چين جي ادبي ۽ ثقافتي دؤري تي موڪليو. دؤري پوري ٿيڻ کان پوءِ، چيني ميزبان اسان جي وفد کي ملڪ جي گاديءَ بيجنگ ۾، چيئرمن مائوجي ”يادگار هال“ ”Memory Hall“ ۾ وٺي هليا. هال جي ٻاهران بيشمار ماڻهو، هڪ وڏيءَ ڊگهيءَ قطار ۾ پنهنجي واري جي انتظار ۾ بيٺا هئا، پر، غير ملڪي مهمانن هئڻ ڪري، اسان کي ٻين کان اول اندر موڪليائون. هال جي وچ ۾، شيشي جو تابوت رکيو هو ۽ انهن ۾ چيئرمن مائوءَ جو خاڪي جسم خلق جي ديدار لاءِ رکيو هو.
مون کي پنهنجي عظيم انسانن جو آخرين ديدار ائين ئي نصيب ٿيو. ٻئي جبل جيڏا انسان هئا. تاريخ ساز هئا. زندگي پنهنجن اصولن موجب ئي گذاريائون. ايندڙ نسلن لاءِ مثال ڇڏيائون.
مون جڏهن شيشي جي تابوت ۾ سندن خاڪي جسم ڏٺو، ته ائين محسوس ڪيم ته ”هو ابدي آرام ۾ هئا.“
هاڻي جڏهن به اهي ٻئي نظارا ياد ايندا اٿم، ته سنڌ جي شاعر جا شيرين شعر چپن تي ايندا آهن:

مون ڇا ڇا مڙس مٿير ڏٺا،
مون ويندي تن جا پير ڏٺا،
جي ڪيئي سج اُڀاري ويا،
جي ڪيئي سج سمائي ويا.

---

مون ڌرتي تنهن جا ڌِڱ ڏٺا،
مون تن جا لويل لڱ ڏٺا،
جن وڙهندي وڙهندي جان ڏني،
سي وارو ويرَ وڄائي ويا.


_____________
* ڀٽي صاحب جي وزير ٿيڻ جو پس منظر ايوب خان جي پٽ گوهر ايوب جي تازو شايع ٿيل ڪتاب ۾ ڏنل آهي. ڪتاب هاڻي اردوءَ ۾ به ڇپيو آهي. دلچسپ آهي.
* انهيءَ سازش جو ڪجهه احوال به گوهر ايوب جي ڪتاب ۾ موجود آهي.
* يوسف هارون جو اهو تعزيتي مضمون به محترم علي احمد قريشيءَ جي انگريزي ڪتاب ۾ شامل آهي.

پير علي محمد راشدي

پير علي محمد راشدي ويهينءَ صديءَ ۾ سنڌ جي هڪ منفرد ۽ مشهور شخصيت هو. سڄي عمر قلم، ڪتاب، اخبار ۽ صحافت سان گڏ گذاريائين. هڪ دفعي مون کي چيائين ته، ”ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته ”زندگيءَ ۾ گهڻا مَڻَ مَسُ استعمال ڪئي هوندم؟“
سڄي عمر اخبار نويسيءَ سان ڪنهن نه ڪنهن طرح دل جي تار ڳنڍيل رکيائين. هڪ دفعي مون کانئس سوال ڪيو ته، ”اوهان اخبار نويسيءَ ۾ ڪنهن کان متاثر ٿيا؟“
جواب ڏنائين ته، ”ابوالڪلام آزاد کان.“
پر، اصل دل سياست سان هئس. سياست سولو ڪم ڪونهي. راشدي صاحب جي شخصيت کي سمجهڻ به سولو ڪونهي. اياز هڪ لافاني شعر ۾ اهڙيءَ پيچيده شخصيت جي تصوير هيئن ڪڍي آهي:

مان ئي بڙڇي، مان ئي گهاءُ، مان ئي وار وجود تي
مان ئي هان پڇتاءُ، مان ئي پيار پرينءَ جو

1952ع ۾، مان ۽ تنوير عباسي حيدرآباد جي ڦليليءَ واري ڪاليج ۾ پڙهندا هئاسين. تنوير جو ڪو دوست هو، جنهن کي ”عاربي“ ڪوٺيندو هو. ڪاليج ۾ پڙهندو هو، پر غريبي حال سببان نوڪري به ڪندو هو. چوندو هو ته، ”آفيس ۾ ڪڏهن ڪڏهن واندڪائي ملندي اٿم، ته پير علي محمد راشديءَ جو پرسنل فائيل ويهي پڙهندو آهيان، جيڪو چڱي موچاري جاسوسي ناول کان وڌيڪ دلچسپ هوندو آهي.
مون کي سندس ڳالهه ٻڌي ياد آيو ٿه انگريزن جي حڪومت ۾ رچرڊ برٽن نالي هڪ اعليٰ عملدار سنڌ ۾ آيو هو. وڏي آفت هو. ڪيئي ڪارناما ڪيائين. قدرت کيس غير معمولي ذهن ڏنو هو. اهڙن عملدارن کي (BUILDERS OF THE BRITISH EMPIRE) ”برطانوي سلطنت جا معمار“ ڪوٺيندا هئا.
پير علي محمد راشدي رچرڊ برٽن جي جوڙَ جو مَلههُ هو.
مون سندس نالو انگريزن جي بادشاهيءَ ۾ ٻڌو هو. تڏهن ٻار هئس. ڪنڊياري تعلقي ۾، ڀئونرن جي سنڌي اسڪول ۾ سنڌي چوٿون درجو پڙهندو هئس. والد صاحب کي ڪتابن پڙهڻ جو شوق هوندو هو. سو، مان به اسڪول مان ايندو هئس ته سندس ڪتابن مان ڪونه ڪو کڻي پڙهندو هئس. هڪ دفعي هڪڙو ڪتاب آندائين، جنهن تي ستت، بندش پئجي وئي ڇو ته منجهس پنجاب پرڳڻي تي ٽوڪ ٽهول هئي. مثال طور، ڪتاب جي هڪ باب جو عنوان هو: ”آئي ٽانڊي ڪاڻ، بورچياڻي ٿي ويٺي“.
ڪتاب جو نالو هو: ”فرياد سنڌ.“ ۽ ان جو لکندڙ پير علي محمد راشدي هو.
سنه 1954ع ۾، حيدرآباد جي ڦليلي ڪاليج ۾ سال ٻه تعليم وٺي، مان ڪراچيءَ هليو ويس. تيسين راشدي صاحب جي شخصيت جا منهنجي ذهن تي گهڻئي پاڇا پيا هئا. اسان جي پاسي هالاڻيءَ جي شهر ۾ اسماعيل نالي تپدار هو. تنهن ڳالهه ڪئي، ته ڪنڊياري ۾ مختيارڪار جي آفيس ۾ ويٺا هئاسين، ته وڏي پڳڙ سان هڪ ڳوٺاڻو ڄٽ آيو ۽ لڳو هِـِن هُن کي منٿون ڪرڻ ته، ”مون کان مٺائيءَ جا ڏهه ويهه رپيا وٺو، پر، ڀلائي ڪري هيءُ ڪم ڪري ڏيو.“
تپيدارن ڇڙٻون ڏئي ڀڄائي ڪڍيس، ته وڃي آفيس جي ڪمپائونڊ وال تي ويٺو. پوءِ خبر پئي، ته اهو ڳوٺاڻو ڄٽ ڪونه هو، پر،سنڌ سرڪار جو روينيو وزير هو. جيڪو پنهنجي موٽر ڪار آفيس کان ٿورو پرڀرو بيهاري، لڪي، ويس مٽائي، رشوتي ڪامورن جو شڪار ڪرڻ آيو هو. وزير صاحب جو نالو هو پير علي محمد راشدي.
ڪراچيءَ ويس. ته اتي سڀ کان اول مون کي ڊئريڪٽر انڊسٽريز جي آفيس ۾ ڪلارڪي ملي ۽ پوءِ سنڌ سيڪريٽريٽ جي فنانس کاتي ۾. مون وانگر ٻيا به گهڻئي سنڌي شاگرد تڏهن ائين ڪندا هئا. ته نوڪري به ڪندا هئا ۽ پڙهندا به هئا. رهندا هئا ميٺارام هاسٽل ۾ يا وري جناح ڪورٽس ۾. مثال طور: مان ميٺارام هاسٽل ۾ رهندو هئس ته سائين سيد غوث علي شاهه جناح ڪورٽس ۾. سنڌي شاگردن جي تڏهن به سياست ۾ دلچسپي هوندي هئي. اولهه پاڪستان جي سڀني صوبن کي ختم ڪري، يڪو هڪ صوبو ”ون يونٽ “ ٺاهڻ جون رات ڏينهن ڳالهيون ٻڌڻ ۾ آهيون. سنڌ جو وڏو وزير پيرزادو عبدالستار صاحب هو. ون يونٽ جي خلاف هو. انهيءَ آفت کي منهن ڏيڻ لاءِ ٻارنهن وزير کنيا هئائين، ته گهڻا اسيمبلي ميمبر حمايتي هجن. پر، ون يونٽ جو طوفان ڏاڍو ڪو زوردار هو. ايڏي طاقتور وزارت به هڪ ڏينهن وڏي وڻ وانگر اوچتو اچي پٽ تي پئي! ٻه ماڻهو سنڌ جي سفيد ۽ سياهه جا مالڪ ٿي ويا: هڪ خانبهادر کهڙو ۽ ٻيو پير علي محمد راشدي.
کهڙو صاحب ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ محتاط هوندو هو. پر، راشدي صاحب جي زبان اگهاڙي ترار هئي، جنهن جا هڪ ٻه مثال ڏيان ٿو: راشدي صاحب وزارت جو قسم کڻي، ڪار تي جهنڊو هڻي، وڏيءَ ڪروفر سان پنهنجيءَ آفيس وٽ موٽر ڪار مان اچي لٿو. مٿي ۾ ميراڻي ٽوپي ۽ ڪلهن تي ٺٽي واري لونگي پيل هئس. چيلهه تي هَٿَ رکي، ٻارنهن ئي وزيرن جي خالي آفيسن ڏانهن نهاري چيائين ته: ”مار، هيءُ سڄو چڪلو کڄي ويو!“
سنڌ سرڪار جي پريس کاتي ۾، منهنجو هڪ دوست هو، نوڪري ڪندو هو. راشدي صاحب مٿس ڪم رکيو هو ته سنڌي اخبارن ۾ ون يونٽ جي باري ۾ جيڪي بيان ۽ مضمون ڇپجن، سي گڏ ڪري مون کي ڏي، ته توکي ڪو سٺو عهدو ڏيندس.
هو يارُ خوش ٿيو ۽ مواد گڏ ڪندو رهيو. تان ته چڱو عرصو گذري ويو. اوچتو هڪ ڏينهن ٻڌائين ته راشدي صاحب ته صوبائي وزارت ڇڏي، مرڪز ۾ ٿو وڃي. سو، تـڙ تڪڙ ۾ فائيل ڪڇ ۾ کڻي، سڌو سندس بنگلي تي پهتو. راشدي صاحب ان مهل پنهنجو سامان ٽرڪن ۾ رکائي رهيو هو. هن يار کيس فائيل پيش ڪيو ۽ ياد ڏياريو ته، ”اوهان سٺي عهدي ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو.“
راشدي صاحب چيس ته، ”بابا، بروقت ڪم پورو ڪري تون ڪونه آئين، هاڻي مان ڪهڙا ڪُچا پٽيان؟“
سنه 1956ع، حيدرآباد جي هومسٽيڊ هال ۾ ريڊيو اسٽيشن جو افتتاح ٿيو. مان مهمانن جي ٽينءَ صف ۾ ويٺل هئس. پهرينءَ صف ۾ تقريب جو مکيه مهمان وڏيءَ لئه سان ويٺو هو. اطلاعات ۽ نشريات جو وفاقي وزير عزت مآب پير علي محمد راشدي.
مون کيس پهريون دفعو ڏٺو. رنگ جو ڪجهه سانورو، قد جو بندرو، عمر پنجاهه سٺ ورهين جي وچ ۾، خاڪي رنگ جي سلوار قميص ۽ خاڪي پٽڪو. ڪلهن تي اهائي ٺٽي واري لونگي. پن جي ٻيڙي پِي رهيو هو، جيڪا گهڙيءَ گهڙيءَ وسامي ٿي وئي ۽ ريڊئي پاڪستان جو هاڪارو ڊائريڪٽر جنرل، مسٽر بخاري، پنهنجي وزير باتدبير کي خوش ڪرڻ لاءِ، پٻن تي هلندو، ادب ۽ نياز سان سندس اڳيان اچي، ماچيس جي تيلي ٻاري ٿي بيٺو.
بخاري صاحب جو ريڊيو اسٽيشن تي وڏو رعب ۽ دٻدٻو هو. ڪامورا سندس ڊپ ۾ ڪَنن جي پاپڙين ۾ هَٿَ وجهندا هئا، پر راشدي صاحب جي اڳيان سندس پنهنجا هوش حواس به خطا هئا.
راشدي صاحب سان منهنجي پهرين ملاقات 1958ع ڌاري ٿي. مان آڪٽوبر 1957ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ۾ اسسٽنٽ سيڪريٽري مقرر ٿيس. سندس ننڍو ڀاءُ پير حسام الدين راشدي عالم هو ۽ بورڊ جو ناليوارو ميمبر. منهنجي ساڻس گهري گهاٽي ٿي وئي. پير علي محمد راشدي تن ڏينهن ۾ مرڪزي حڪومت جي وزارت ڇڏي، فلپائينس ۾ پاڪستان جو سفير مقرر ٿيو هو. اوچتو ڀاڻس سائين حسام الدين شاهه کي دل جو دورو پيو. سو، ڪراچيءَ آيو ته ڀاءُ کي علاج لاءِ ولايت وٺي وڃان.
مان حسام الدين شاهه جي طبيعت معلوم ڪرڻ لاءِ سندس گهر ويس، ته راشدي صاحب لئبرريءَ ۾ ويٺو هو. ٻنهي ڀائرن جا مهانڊا ڏاڍا ملندڙ هئا. مان ڀلجي پيس، سو، حسبِ دستور ساڻس سڪ سان ڀاڪر پائي مليس. هو پڻ منجهي پيو، ته هيءُ اوپرو شخص مون کي ايڏو حُجائتو ڇو ٿو پوي!
ستت مون کي پنهنجيءَ ڀل جو احساس ٿيو. ٻه چار سال پوءِ کيس وڌيڪ ويجهو ٿيس، ته پنهنجيءَ ڀُل جو پختو يقين ٿيو. پير علي محمد راشدي پنهنجي ننڍي ڀاءُ پير حسام الدين راشديءَ کان سراسر مختلف ماڻهو هو. ڪنهن زماني ۾ پاڻ ”مشرق و مغرب“ جي عنوان سان ”جنگ“ اخبار ۾ ڪالم لکندو هو. منهنجي خيال موجب، ٻنهي ڀائرن جي مزاج ۾ به ”مشرق ۽ مغرب“ جيڏو مفاصلو هو. پنهنجيءَ راءِ جي تصديق لاءِ هڪ دفعي پنهنجي دوست رحيم بخش سومري کان سوال ڪيم، جو ٻنهي ڀائرن سان سندس تمام پراڻا دوستانه لڳ لاڳاپا هئس. چيائين ته:
”سائين حسام الدين شاهه وڏيءَ ڳڻ ڳوت وارو مڙس هو. هروڀرو ڪنهن سان ڪونه ڦٽائيندو هو. پر، راشدي صاحب ڏاڍو ڏکيو ماڻهو هو. بدلجندي دير ڪونه ڪندو هو، سوچي سمجهي کيس ويجهو وڃبو هو.“
راشدي صاحب سان منهنجي پهرين ڪچهري تڏهن ٿي، جڏهن پاڻ فلپائينس مان چين ۾ سفير ٿي ويو هو. ڪراچيءَ آيل هو ۽ سائين حسام الدين شاهه جي جمشيد روڊ واري گهر تي ٽڪيل هو. سانجهيءَ جي مهل هئي. لئبرريءَ جي اڳيان ٻاهر ٿلهي تي رکيل آرام ڪرسين مان هڪڙيءَ تي ويٺو هو. سيم سان ڀريل سنڌي جُتي، بوسڪيءَ جو پهرياڻ ۽ هرک جي سلوار پاتل هئس. پائيپ ڇڪي رهيو هو.
اها ڪچهري عمر ڀر ياد رهندي. ڪيئي قصا ٻڌايائين. رات جي ماني گڏ کارايائين ڏاڍو قرب ڏنائين. تن ڏينهن ۾ هندستان مان ”ڪونج“ نالي هڪ سنڌي رسالي جي ايڊيٽر مون کان سنڌ جي اديبن وٽان ”ڪُونج“ تي مواد وٺي موڪلڻ جي مدد گهري هئي. راشدي صاحب کي موڊ ۾ ڏسي، مون کانئس ”ڪونج“ تي مضمون گهريو. چيائين ته، ”صبح جو اچجانءِ.“ ڀانيم ته مڙئي آسرو ڏنائين. پر، ٻئي ڏينهن صبح جو وٽس ويس، ته مضمون اڳيئي تيار هو. رات جو الائي ڪيڏيءَ مهل سمهيو هو ۽ ڪيڏيءَ مهل اٿي، قلم هٿ ۾ کنيو هئائين!
پر، ڪو مضمون لکيو هئائين! جيئن ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو ”مقدمه لطيفي“، الله بچائي سمي جو ”سَير ڪوهستان“ ۽ محمد اسماعيل عرساڻيءَ جو ”بدنصيب ٿري“، سدائين سنڌي ادب جا ’لافاني يادگار‘ رهندا، تيئن راشدي صاحب جو اهو مضمون به هر دور ۾ سنڌي نثر جو شاهڪار تسليم ڪيو ويندو. ”مهراڻ“ رسالي ۾ ڇپيل آهي.
سائين جي.ايم. سيد چوندو هو ته، ”قدرت راشدي صاحب کي دل ۽ دماغ جي وڏي ڏات ڏني هئي. هڪ مثال ڏنائين ته جناح صاحب ڪراچي آيو هو. مون کي چيائين ته، ”سيد، فلاڻي سياسي مسئلي تي بيان ٺاهي اچ ته اخبارن کي جاري ڪريان.“
تن ڏينهن ۾، سائين جي.ايم. سيد، سنڌ مسلم ليگ جو صدر هو ۽ راشدي صاحب آفيس سيڪريٽري. ڪراچيءَ ۾ سائينءَ جي بنگلي ”حيدر منزل“ ۾ رهندو هو. پاڪستان اڃا گهڻو پري هو.
سائينءَ مون کي ٻڌايو ته، ”مون جسٽس طيبجيءَ کي جناح صاحب جي بيان جو ڊرافٽ ٺاهي ڏيڻ لاءِ چيو، ڇو ته جناح صاحب انگريزي زبان جي معاملي ۾ گهڻو محتاط هوندو هو ۽ طيبجيءَ جي انگريزيءَ جي هاڪ هوندي هئي. جسٽس طيبجيءَ ڏينهن ٻن جي وڏيءَ محنت کان پوءِ ڊرافٽ تيار ڪري ڏنو. مان صبح جو سوير اٿيس، ته راشدي صاحب به ننڊ مان جاڳيو. اکيون مليندو آيو ۽ چيائين ته، ”سيد، اڄ صبح سان ٽاڪوڙا وڌا اٿئي. ايڏو سوير ڪاڏي ٿو وڃين؟“
مون ڳالهه ٻڌايس. چيائين ته اهو بيان ته ڏيکار. ايتري ۾ نوڪر سندس چانهه جو ڪوپ آڻي ڏنو. ڍُڪ ڀريائين ۽ پن جي ٻيڙي دکايائين. طيبجيءَ وارو مضمون پڙهيائين ۽ ٽائيپ رائيٽر ۾ ڪاغذ وڌائين. مان ڪجهه دير کان پوءِ بنگلي مان ٻاهر نڪتس، ته پاڻ به تڪڙو تڪڙو پٺيان آيو ته، ”مان به جناح صاحب وٽ هلندس.“
جڏهن جناح صاحب وٽ پهتاسين، ته مون طيبجيءَ جو لکيل بيان سندس اڳيان رکيو. جناح صاحب بيان هيڪر پڙهي، ٻيهر پڙهيو ته راشدي صاحب به کيسي مان پنهنجو ٽائيپ ڪيل پنو ڪڍي چيس ته، ”صاحب! مان به اوهان جي بيان جو ڊرافٽ ٺاهي آيو آهيان.“
جناح صاحب اول ته ڏانهس حيرت ۾ نهاريو. هو ايڏي حجت پسند ڪانه ڪندو هو، پر کانئس ڪاغذ وٺي پڙهيائين. ته سوچ ۾ پئجي ويو. ڪجهه دير کان پوءِ، طيبجيءَ جو ڊرافٽ مون کي موٽائي ڏنائين ۽ راشدي صاحب واري بيان تي صحيح وجهي، چيائين ته، ”شاهه صاحب! هيءُ بيان جاري ڪري ڇڏيو.“
مون مٿي سندس ڪتاب ”فرياد سنڌ“ جو ذڪر ڪيو آهي. راشدي صاحب انهيءَ ۾ هڪ هنڌ لکيو آهي ته، ”هڪ ڏينهن سنڌ پنجاب جي ڪالوني ٿي ويندي.“ سائين جي.ايم. سيد ڏي لکيل خطن ۾ پنهنجي اها ئي ڳالهه دليل دلائل سان کولي بيان ڪئي اٿس. تڏهن سندس ڳالهه تي ڪنهن به غور ڪونه ڪيو. هاڻي اها ئي ڳالهه ٿي آهي. ته پنجاب مان به جيڪا بلا نازل ٿئي ٿي مثال طور ڪارخانن جو زهريلو پاڻي، سو، پري پنڌ تان پڇندو اچي ٿو ته سنڌ ڏي واٽ ڪٿان ويندي؟ منڇر ڍنڍ ڪٿان ويجهو ٿيندي؟
انوري فارسي زبان جو شاعر هو. سندس هڪ شعر آهي ته، ”آسمان مان جيڪا بلا نازل ٿئي ٿي، اها پڇندي اچي ٿي ته انوريءَ جو گهر ڪاٿي آهي؟“
راشدي صاحب کي سياسي معاملن جو وڏو فهم ۽ ادراڪ هوندو هو. سو، جناح صاحب پنهنجي بيان جي سياسي مقصدن جي خاطري ڪري پوءِ ئي سندس لکيل بيان تي صحيح وڌي هوندي.
سائين جي.ايم. سيد ۽ راشدي صاحب وڏو زمانو نهايت گهرائپ ۽ گهاٽائپ ۾ گڏ گذاريو. انهيءَ عرصي دؤران ٻئي ڄڻا هڪٻئي سان جام- جهٽ هئا. رات ڏينهن جن سياسي سرگرمين ۾ مشغول هوندا هئا، تن جي باري ۾ هڪٻئي کي خط پٽ لکندا رهندا هئا. اهو سلسلو راشدي صاحب جي فلپائينس ۾ سفير مقرر ٿيڻ کان پوءِ به جاري رهيو.
مون مٿي عرض ڪيو آهي ته سندس زبان اگهاڙي تلوار هوندي هئي. هو، سائينءَ ڏانهن پنهنجن خطن ۾ به حرڪت بازيءَ کان ڪونه مڙندو هو.
جڏهن سائين جي.ايم.سيد پنهنجي ڳوٺ سَنَ ۾ نظربند هو، ته، هن ڳڻ ڳوت ڪري، سندس انهن پراڻن خطن جا قلمي نسخا ٺهرايا ۽ ادبي ادارن ۽ خاص خاص احبابن کي موڪليا. هڪ نسخو مون کي به عنايت ڪيائين. مون بروقت منڍ کان آخر تائين پڙهيو. انهن خطن مان اهو ئي تاثر ٿي مليو ته ان دور جو راشدي صاحب وڏو ”سنڌ دوست“ هو. گهڻن سالن کان پوءِ خطن جو اهو ئي قلمي نسخو سائين.جي.ايم. سيد، ڪتابي صورت ۾ ڇپايو. پر، ڇپيل ڪتاب ۾ قلمي نسخي جا ڪي حصا ڪونه هئا. مثل طور، ڄيٺي سپاهيملاڻيءَ جو ذڪر غائب هو. هُوءَ سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر هئي. اول الله بخش سومري کي ويجهي هئي. سندس شهادت کان پوءِ سائين جي.ايم.سيد سان دعا سلام ٿيس. ورهاڱي کان پوءِ هندستان لڏي وئي. سائين سندس ڳالهيون ڏاڍيءَ سڪ سان ڪندو هو.
راشدي صاحب پنهنجيءَ حرڪتي طبيعت موجب، 6 جون 1958ع تي، سائينءَ کي فلپائينس مان هڪ خط لکيو هو ته، ”ڪالهه ڪراچيءَ جي هڪ اخبار جو پراڻو پرچو اچي مليو، جنهن ۾ لکيل هو ته:
”نصيب دشمنان“ اوهان کي دل جي تڪليف ٿي پئي آهي. هاڻي سر دست، سوال آهي اوهان جي علاج جو. سو، ان باري ۾ هيٺيون صدري نسخو جيڪو سو فيصدي سوديشي ۽ سنڌي ٻوٽين جو مرڪب آهي، استعمال فرمائي ڏسندا، ته شايد فائديمند ٿئي.

هو الشافي

....... ٻوٽي جا گل، 6 ماسا، .... گاهه جا پراڻا پن 2 ماسا ..... ڇوڏن جو ٻورو ، 4 ماسا .... عرقِ گلاب 3 ماسا.

انهن کي ڪُٽي، ڇاڻي، عرق ”عشق مجاز“ سان پي ڇڏيندا، ته دردِ دل دفعي ٿي ويندو.

راشدي صاحب هانگ ڪانگ مان به سائينءَ کي خط لکندو هو. 28 فبروريءَ 1958ع تي اتان لکيل هڪڙي خط ۾ به ڇيڙخاني ڪئي اٿس. شروعات هنن جملن سان ڪئي اٿس:

ديش ڀڳت، سنڌ پوشڻ، ڀاءُ سئد، سدا ڀاشنه.

هت اوهان جي پراڻن مودين يعني شريمتيءَ ڄيٺي سپاهيملاڻيءَ جي آڪهه جا ڪارونڀار ڪٽڪ ڏسي پنهنجي اڳوڻي پوتر سڀيتا ۽ شد سنڌي ڀاشا سان محبت وارا سڙي ويل سلا وري من اندر مورجي پيا آهن. تنهن ڪري پيارا هن چٺيءَ جو مهڙ ”نمشتي“ سان ڪيان ٿو.
خط ڊگهو آهي راشدي صاحب انهيءَ جي پڇاڙي هنن لفظن سان ڪئي آهي.
”سو، ڀائو اهي آهن حال. هينئر جهاج جو ٽائيم آهي. منيلا وڃي رهيو آهيان. چٺي پوري ڪريان ٿو. رامي رام.

اوهان جو شيواڌاري
آئو، للو، ممو، ههو،
ددو، ررو، ڇڇو، ددو.

راشدي صاحب عَجَب انسان هو! ڇا بهمڻ جي ڳوٺڙي ۾ سندس ننڍپڻ جا ڏينهن، ڇا سکر ۾ سندس اخبار نويسي ۽ ڏک ڏاکڙا. هڪ هنڌ لکيو اٿس ته، ”سمهڻ لاءِ کٽ ڪانه هوندي هئي. ماني کائڻ لاءِ پئسو ڪونه هوندو هو. ساڌ ٻيلي جي مندرن مان هندن جا خيراتي ڇولا پرساد وٺي گذر ڪندا هئاسين.“ انهيءَ حال ۾، ”هفتيوار سنڌي اخبار“ جي ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيو. حياتيءَ جي سمنڊ ۾، ٽلڪندو ٽلڪندو، زماني جون ٿڦڙون کائيندو، وڃي ڪراچيءَ جي روزانه انگريزي اخبار ”سنڌ آبزرور“ جو ايڊيٽر ٿيو.
چون ٿا ته اسڪول ۾ انگريزيءَ جا چار درجا به ڪونه پڙهيا هئائين. البت، پنهنجي ڳوٺ بهمڻ جي ڀرسان، نصرت ريلوائي اسٽيشن جي بابوءَ کان انگريزيءَ جا ڪي سبق ورتا هئائين ۽ کانئس ٽائيپ ڪرڻ به سکيو هو. شرارتي انهيءَ عمر ۾ ئي هو. هڪ ڏينهن ريلوائي بابو گهر ويو، ته پاڻ سندس غير موجودگيءَ جو فائدو وٺي، ٽڪيٽون ٺاهيائين ۽ انهن کي استعمال ڪري، سڄي هندستان گهمي آيو.
پر، وڏو ٿيو ته، الائي ڪيئن انگريزيءَ تي ايڏو عبور حاصل ڪيائين جو ”ڊان“ جي ايڊيٽر الطاف حسين سان چوٽون کاڌائين، کيس شڪست ڏنائين ۽ سڄي ملڪ جي اخبار نويسن جي انجمن جو صدر ٿيو. ٻاهرين ملڪن ۾ صحافين جا وفد وٺي ويو. ”هندستان - پاڪستان جائنٽ پريس ڪميشن“ جو چيئرمن چونڊيو ويو. آخرڪار، حڪومتِ پاڪستان جو وزير اطلاعات ۽ نشريات وڃي ٿيو.
جڏهن انگريزي روزنامه سنڌ آبزرور(SINDH OBSERVER) جو ايڊيٽر هو، تڏهن منهنجو دوست غلام قادر لاکير وٽس سب ايڊيٽر هوندو هو. ڳالهه ڪندو هو ته شڪار جو شوقين هوندو هو. سانجهيءَ مهل، جيپ ۾ موٽندو هو. ڌڌڙ ۾ لٽيو پيو هوندو هو. آفيس ۾ ايندو هو. لمليٽ گهرائي ٻيڙي دکائيندو هو ايڊيٽوريل لکي هليو ويندو هو. ان جو پروف به ڪونه پڙهندو هو.
راشدي صاحب جو انگريزي ٻوليءَ تي ايڏو عبور، سندس غير معمولي ذهانت جي باوجود، سوچڻ وٽان آهي! اچرج جهڙي ڳالهه آهي.
چيني ماڻهو چوندا آهن ته، ”دنيا جي سڀ کان قديم ۽ وڏي ۾ وڏي درسگاهه ’تجربو‘ آهي.“ راشدي صاحب بلاشبه، وڏو تجربيڪار هو. ننڍيءَ ڄمار ۾ ”الراشد“ اخبار ڪڍيائين. پوءِ سکر ۾ خانبهادر کهڙي جي اخبار ”زميندار“ ۾ ڪم ڪيائين. ”صبح سنڌ“ اخبار ڪڍيائين. اهي سڀ اخبارون هيون ته سنڌيءَ زبان ۾، پر صحافت ۾ ته تجربو ٿيس. خانبهادر کهڙي جي سکر واريءَ اخبار ۾ آغا نظر علي ايڊيٽر سان گڏجي جيڪو عرصو ڪم ڪيائين، تنهن جو ذڪر پنهنجي ڪتاب ”اهي ڏينهن، اهي شينهن“ ۾ ڏاڍيءَ دلچسپيءَ سان ڪيو اٿس ۽ انهن ڏينهن ۾، سکر شهر ۾، هندڪي ۽ مسلمانڪي سياست جي ڇڪتاڻ جو به چٽن لفظن ۾ ذڪر ڪيو اٿس، جو، سندس ذاتي تجربي ۽ مشاهدي تي مبني آهي.
هاڻي به ننڍن ننڍن شهرن ۾، هفتيوار سنڌي اخبارن جا ايڊيٽر ڏاڍا ڏاها هوندا آهن. عام ماڻهن سان لهه وچڙ ۾ اچڻ ڪري، ماڻهوءَ جي مزاج جا ماهر ٿي ويندا آهن.
راشدي صاحب سنڌي اخبارن جي تجربي پرائڻ کان پوءِ ”Muslim Voice“ ۽ روزانه ”Sind Observor“ جو ايڊيٽر ٿيو. ٻئي انگريزي اخبارون هيون، ان ڪري ذهن ۾ سوال اٿي ٿو، ته هن بهمڻ جي ڀر مان ”نصرت ريلوائي اسٽيشن جي بابوءَ کان رڳو ڪجهه انگريزي سبق وٺڻ جي آڌار تي ايڏو عبور حاصل ڪري ورتو، جو روزانه انگريزي اخبارون ايڊٽ ڪيائين؟ ائين ته ڪونهي ته ڪنهن اسڪول ۾ به باضابطه انگريزي پڙهيو هو؟“
تازو، مون کي ان سلسلي ۾ ڪجهه ”معتبر معلومات“ ملي آهي، جنهن مان انهيءَ شڪ کي وڏي تقويت ملي ٿي، ان ڪري انهيءَ ڳالهه جو البت تفصيل سان ذڪر ڪريان ٿو.
انگريزن جي حڪومت ۾ ”ضلعو“ مکيه انتظامي يونٽ هوندو هو. ضلعي جي وڏي عملدار کي ”ڪليڪٽر“ ڪوٺيندا هئا. سو، ان ڪري جو سندس مکيه ڪم زمين جي ڍل وصول ڪرڻ هوندو هو. ڍل سان قانوني معاملا به واسطو رکن ٿا، ان ڪري ڪليڪٽر کي ”ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ“ (D.M.) جا اختيار به حاصل هوندا هئا. نه فقط ايترو پر، کيس ضلعي ۾ ٻين سڀني کاتن جي عملدارن تي به سبقت حاصل هوندي هئي. هونئن ته تعليم کاتي جو ضلعي عملدار پنهنجا فل اختيار استعمال ڪندو هو. صحت کاتي، ٻيلي کاتي ۽ انجنيري کاتن جا ضلعي عملدار به ائين ڪندا هئا. پر، ڪليڪٽرُ، سندن کاتن ۾ به دخل ڏيڻ جو اختيار رکندو هو.
سڀ ڪليڪٽر I.C.S يعني انڊين سول سروس جا عملدار هوندا هئا. ڪي انگريز هوندا هئا، پر ڪي ڏيهي ماڻهو به هوندا هئا. البت، انهيءَ عهدي لاءِ جيڪو به ڏيهي ماڻهو رکندا هئا، تنهن جي رڳو ڊگري ڪانه ڏسندا هئا. سندس خانداني درجي ۽ حيثيت جو به خيال رکندا هئا. اڪثر ڪري، وڏن خاندانن جا ماڻهو انهيءَ عهدي لاءِ چونڊيندا هئا. انگريزُ ذاتي لياقت سان گڏ، ماڻهوءَ جو بڻ بنياد به ڏسندو هو.
ڪليڪٽرَ، پنهنجي ضلعي جا حاڪم هوندا هئا. چرندڙ پرندڙ ماڻهوءَ تي نگاهه رکندا هئا. هر ڪليڪٽر اهڙن شخصن بابت پنهنجا تاثرات قلمبند ڪندو هو، ليڪن، ٽائيپ ڪونه ڪرائيندو هو. پين سان لکندو هو، ته ٻئي ڪنهن کي به خبر نه پوي. ڪليڪٽر اهي تاثرات جنهن ڪتاب ۾ لکندا هئا، تنهن کي عام طرح Blue Book ڪوٺيندا هئا. هر ڪليڪٽر جڏهن هڪڙي ضلعي مان بدلي ٿي، ٻئي ۾ ويندو هو، تڏهن ”بِلُو بُڪُ“ هڪ خفيه دستاويز وانگر، ٻئي ڪليڪٽر کي هٿ ۾ ڏئي ويندو هو، ته کيس جن ماڻهن سان ضلعي ۾ واسطو پوندو، تن جي باري ۾ مستند معلومات مليس.
انگريزن جي وڃڻ کان پوءِ جتي ٻيو انتظام ڍلو ٿي ويو، اتي ضلعن جا گزيٽيئر ۽ ”بلُو بُڪَ“ به رلي ويا. اڳتي هلي، بلُو بُڪَ لکڻ جو رواج ئي ختم ٿي ويو. ملڪ ملير ٿي ويو.
تازو، مون کي لاڙڪاڻي ضلعي جي بلُو بُڪَ جي فوٽو اسٽئٽ ڪاپي مومن بُلي نالي دوست کان ملي آهي، جو ماهوار انگريزي رسالي ”The Reporter“ جو ايڊيٽر آهي.
”بلو بڪ“ جا پنا جو اٿلايم، ته هڪڙي صفحي جي مٿان راشدي صاحب جو نالو نظر آيو. لاڙڪاڻي ضلعي ۾ جيڪي ڪليڪٽر هڪٻئي کان پوءِ مقرر ٿيا هئا، تن مٿس پنهنجا تاثرات درج ڪيا آهن. ليڪن، مان انهن منجهان فقط هڪڙي ڪليڪٽر جو نوٽ هت ڏيان ٿو، جنهن پنهنجيءَ صحيح هيٺان تاريخ ڪانه وڌي آهي، پر، کانئس پوءِ جيڪو لاڙڪاڻي ۾ ڪليڪٽر آيو آهي، تنهن پنهنجيءَ صحيح جي هيٺان، پهرين مارچ 1931ع تاريخ وڌي آهي. راشدي صاحب تي جنهن ڪليڪٽر نوٽ لکيو آهي، تنهن جو نالو حامد علي آهي، هيئن لکيو اٿس:

Ali Muhammad Shah Rashdi of Bahman

Has passed Cambridge junior examination from Deiradun. Traveled a good deal in India, Iraq etc. Intellegent, cunning, un-scrupulous, Treacherous and unreliable, as a friend. Chief Editor of Rashdi organ “Al-Rashid”, which is a bio-monthly, written in a very ornate style.

Mr. Rashdi has many irons in the fire.

Sd:/- Hamid Ali

هن ڳالهه مان معلوم ٿئي ٿو ته راشدي صاحب ”ديران دون“ ۾ جونئر ڪئمبرج تائين تعليم ورتي هئي. هاڻي ڏسجي ته انگريزن جي ڏينهن ۾ ديرادون ڇاجي ڪري مشهور هو؟
اهو شهر نه تمام وڏو هو ۽ نه وري ننڍڙو هو. ڪلڪتي جي پاسي هو. هندستان جي نوابن ۽ راجائن جا ناراض ڪٽنبَ پنهنجي شاهي خاندان سان اختلافن ڪري لڏي ويندا هئا ۽ منجهس رهائش اختيار ڪندا هئا.
راشدي جو ڏاڏو پير شاهه وڏو داناءُ ۽ دور انديش شخص هو، سکيو ستابو هو. راشدي صاحب توڙي سائين حسام الدين شاهه هميشه سندس ڳالهيون سڪ سان ڪندا هئا. جناح صاحب کي سندس والد بزرگوار هڪ انگريز دوست جي مشوري تي ئي اعليٰ تعليم لاءِ انگلنڊ موڪليو هو. ممڪن آهي ته مرحوم پير شاهه به پنهنجي وڏي پوٽي پير علي محمد راشديءَ کي به ڪنهن انگريز ڪليڪٽر جي صلاح تي يا پاڙيسري ڀٽن زميندارن جي ڪنهن بزرگ جي مشوري تي انگريزي تعليم لاءِ ديرادون تعليم لاءِ موڪليو هجي.
جيڪڏهن راشدي صاحب ديرا دون ۾ تعليم ورتي، ته انگريزي محاوري تي سٺي دسترس حاصل ٿي هوندس، ڇو ته هڪ ته انگريزن جي حڪومت ۾ تعليم جو وڏو معيار هو. ٻيو ته راجائن ۽ نوابن جا ٻارَ، جنهن شهر ۾ (جونئر ڪئمبرج) تائين تعليم پرائيندا هوندا، انهيءَ جي اسڪولن ۾ جيڪي انگريز مرد يا زالون پڙهائينديون هونديون، سي به وڏيون ماهر هونديون، انهيءَ پسمنظر ۾ معاملي کي ڏسبو ته چئبو ته راشدي صاحب ننڍپڻ ۾، اعليٰ درجي واري ڪنهن اسڪول ۾ تعليم پرائي ۽ انگريزيءَ ۾ سندس پيڙهه پڪي ٿي.
هاڻي جڏهن صفا سڃ ٿي وئي آهي ۽ سنڌ ۾ ته تعليم جو ڪم ئي لهي ويو آهي. تڏهن به ڪانوينٽ اسڪول ۾ پڙهيل ۽ او- ليول يا – A Level پاس ڪيل شاگردَ انگريزيءَ ۾ وڏي مهارت رکن ٿا. اهڙن ٽن ڄڻن کي مان سڃاڻان. ٽئي عورتون آهن. پهرين هڪڙي پروفيسر رفيعه محمد علي، جيڪا اڄڪلهه سنڌ يونيورسٽيءَ جي پرو-وائيس چانسيلر آهي. انگريزي زبان جي وڏي ماهر آهي. ٻي مسز شيرين خان، جنهن منهنجي چوڻ تي سنڌي لوڪ ڪهاڻين جو انگريزي ترجمو ڪيو هو. سا به انگريزي زبان تي وڏو ملڪو رکي ٿي، ايتريقدر جو ڪراچيءَ ۾ آمريڪي ڪلچرل سينٽر وارا جڏهن ثقافتي پروگرام ڪرائيندا هئا، ته شيرين خان کي پروگرام هلائڻ لاءِ عرض ڪندا هئا. مسز شيرين خان جو ڪٽنب افغانستان جي شاهي خاندان مان هو ۽ ڪن اختلافن ڪري، ديرادون ويو هو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ هجرت ڪري ڪراچيءَ آيو.
ٽين خاتون خود راشدي صاحب جي بيگم، ممتاز راشدي هئي، جا ڊاڪا ۾ ڪانوينٽ اسڪولن ۾ تعليم پرائي، انگريزيءَ جي ماهر ٿي هئي. غالباً ڪجهه عرصو پئرس جي پاڪستاني سفارتخاني ۾ پريس اتاشي به هئي. راشدي صاحب سان شاديءَ کان پوءِ ”ڊان“ ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪالم لکندي هئي. ڪجهه عرصو اڳ گذاري وئي. کيس انگريزي زبان تي وڏو ملڪو هو.
راشدي صاحب اول فلپائنس ۽ چين ۾ سفير ٿيو. سندس سياسي فهم ۽ ادراڪ ۾ ته ڪو شڪ ئي ڪونهي. ظاهر آهي ته ڌارين ملڪن جي سفارتخانن ۾ کيس رڳو انگريزي ڪم ايندي هوندي. ڀٽو صاحب وزير خارجه ٿيو، ته راشدي جي نوڪري سندس سٺي ڪم کان پوءِ به (وزير خارجه سان اڻبڻت ڪري) لوڏن ۾ آئي. نيٺ نوڪريءَ تان لٿو. ڪجهه عرصو هانگ ڪانگ ۾ رهيو. اتان ”جنگ“ اخبار لاءِ ”مڪتوبات مشرق بعيد“ عنوان سان ڪالم لکندو هو. جن ۾ اڪثر ڪري صدر ايوب خان جي حڪومت تي نڪته چيني ڪندو هو.
هڪ دفعي، قاضي محمد اڪبر صاحب، راشدي صاحب جي وڏي فرزند حسين شاهه ۽ مون کي شاديءَ جي دعوت تي سڏيو. دعوت پنهنجي گهر ۾ ڪيائين. ڀٽو صاحب، ايوب خان جو وزيرِ خارجه هو، سو دعوت ۾ مکيه مهمان هو ۽ اتفاق سان اسان جي اڳيان واريءَ صف ۾ اچي ويٺو. هال ۾ چاليهارو کن معزز ماڻهو هئا. ڀٽي صاحب ڪنهن مهل ڪنڌ ورائي پوئتي اسان ڏي نهاريو. حُسين شاهه تي نظر پيس ته چيائينس ته، ”تنهنجو والد اسان جي حڪومت جي خلاف مضمون لکي ٿو.“
ائين چئي، جويي صاحب ڏي نهاري چيائين ته، ”سنڌ جي تاريخ جو برطانوي دور راشدي صاحب کي لکڻ لاءِ ڏيو ۽ انهيءَ جو معاوضو غير ملڪي سڪي ۾ پنجاهه هزار ڏيوس.“
ڀٽو صاحب ٻه ٽي گلاس ته اڳيئي چاڙهي آيو هو. ٻه ٽي اسان جي اڳيان به خالي ڪيائين. اسان کي اهو حڪم ڏئي، حسين شاهه کي ميار ڏنائين ته، ”ڏس ته مان توهان لاءِ ڇا ٿو ڪريان ۽ توهان جو والد صاحب اسان جي پاڙ ڪيئن پيو پٽي؟“
راشدي صاحب اڃا چين ۾ سفير هو، ته ڪنهن سبب سان ڏينهن ٻن لاءِ ڪراچي آيو هو. سائين ميران محمد شاهه، مون سان گڏ ساڻس ڪچهري ڪرڻ هليو. ٻنهي کِل ڀوڳ پئي ڪيا، ته ڪنهن مهل، راشدي صاحب ڪڙڪو ڪري چيو ته، ”ميران محمد شاهه! هماليه جبل جي مٿان ٺڪا ٺڪيءَ لاءِ بهمڻ ۾ ڄاول ٻارڙي کي داد نٿو ڏئين!“
انهن ڏينهن ۾ چين ۽ هندستان جون هماليه جبل جي مٿان سرحدي جهڳڙي ڪري، چڪريون لڳيون هيون. راشدي صاحب جو اشارو انهن ڏانهن هو. چين جي وزيرِ خارجه سان سندس مسلسل ملاقاتون ٿينديون هيون، جن جو مقصد اهو هو ته، ”پاڪستان انهيءَ موقعي مان ڪشمير ۾ ڪهڙو فائدو وٺڻ گهري ٿو؟“
مسز ممتاز راشديءَ مون کي ٻڌايو ته راشدي صاحب اوچتو بيمار ٿي پيو هو، سو ڪڏهن ڪڏهن کيس پيغام ڏيڻ وٺڻ لاءِ چين جي وزيرِ دفاع وٽ موڪليندو هو. نڪيتا خرسچوف کي ڪشمير واريءَ ڳالهه جي کڻڪ پئجي وئي، تنهن راشدي صاحب کي دعوت موڪلي ته، ”روسي رڇن جي شڪار لاءِ ماسڪو اچو.“
مسز ممتاز راشديءَ چيو ته راشدي صاحب ايوب خان کي خرسچوف وارو اطلاع ڏنو، ته هُو ڊڄي ويو. ڳالهه ٻڌڻ شرط پير پوئتي ڪيائين ۽ چين جي وزيرِ خارجه جي ڏنل اشارن مان ڪوبه فائدو ڪونه ورتائين.
بعد ۾ راشدي صاحب جي فرزند عزيزم عادل راشديءَ به ساڳي اهڙي ڳالهه ڪئي.
راشدي صاحب جڏهن فلپائين ۾ سفير هو ته، سنڌيءَ ۾ سنڌ جي يادگيرين جو هڪ ڪتاب لکيو هئائين. سائين حسام الدين شاهه اسان کي ان جو مسودو ڇپڻ لاءِ آڻي ڏنو. ڪتاب جو نالو هو: ”اهي ڏينهن، اهي شينهن.“ چين ۾ ئي ٻيو ڪتاب لکيو هئائين: ”چين جي ڊائري“. ٽيون ڪتاب وري انگريزيءَ ۾ لکيو هئائين، جيڪو آڪسفورڊ پريس، جي ڪراچي برانچ شايع ڪيو آهي.
”چين جي ڊائري“ سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ڇپائي آهي. جيڪڏهن راشدي صاحب منجهس چين ۾ ان دؤر جي سياسي حالتن جو تذڪرو ۽ تجزيو ڪري ها، ته اهو ڪتاب اڄ جيڪر وڏو ڪارائتو ٿئي ها، ڇو ته چين دنيا جو اهم سوشلسٽ ملڪ آهي، پر ڪتاب ۾ گهڻو ڪري، هتان هُتان جون هلڪڙيون ڳالهيون لکيائين، جن مان ڪي، نموني طور، هي آهن:
انقلاب کان اڳ چين جي مهاراڻي ڊوگر پنهنجيءَ چمڙيءَ کي تازو رکڻ لاءِ روزانو صبح سان، کير وارين زالن جي ٿڃ جي پيالي پيئندي هئي، جنهن ۾ موتين جو خاڪو ملايو ويندو هو. ٿڃ جي پڪي پختي بندوبست لاءِ صحتمند عورتون هر وقت محلات ۾ موجود هونديون هيون.
اڄ شام جو منهنجي سفارتخاني جو مسٽر ”هو“ آيو. ڪجهه دير تائين ناس جي دٻلين جي لسٽ ٺاهيسون. اسان اڄ تائين 126 ناس جون دٻليون گڏ ڪيون آهن.
مسٽر ”هو“ ٻڌايو ته انقلاب کان اڳ چين جو شانگهائي شهر عياشيءَ جو اڏو هوندو هو. شهر جي آدمشماري اڌ لک هئي، تن ۾ رنڊين جو تعداد پنجن هزارن کان مٿي هو.
فرانس جي بادشاهه لوئي پندرهين تي جنهن ماڻهوءَ حملو ڪيو هو، تنهن کي جڏهن قتل ٿي ڪيائون ته قتل گاهه جي چوڌاري، گهرن جي بالڪنين مان امير مردن ۽ عورتن تماشي خاطر قتل جو نظارو پئي ڏٺو.
راشدي صاحب جي شڪار واري انگريزي ڪتابَ توڙي ”چين جي ڊائري“ جو ڪوبه قدر ڪونه ٿيو. پڙهندڙن ٻنهي ڪتابن کي نظرانداز ڪيو. البت، راشدي صاحب پرديس ۾ سنڌ کي سڪ سان ساري، ”اهي ڏينهن، اهي شينهن“ نالي جيڪو ڪتاب لکيو هو، ان جو وڏو قدر ٿيو.
ڪتاب جي نالي بابت راشدي صاحب پاڻ مون کي هڪ نقل ٻڌايو ته ڪنهن زماني ۾ پير سائين روضي ڌڻيءَ جو مدن نالي هڪ هندو مريد هوندو هو، جو رات جو جهنگ ۾ عبادت ڪرڻ ويندو هو. هيڪر، خليفن پير صاحب کي عرض ڪيو ته سائين، جهنگ ۾ شينهن آهي. متان ڪنهن مهل مدن ور چڙهي وڃيس! پير صاحب مدن فقير سان احوال ڪيو، جنهن هٿ ٻڌي مرشد کي ادب سان عرض ڪيو ته:

جنهن جي رات، تنهنجو ڏينهن،
جنهن جو مدن، تنهنجو شينهن!

مون اهو بيت ڪتاب جي اندرئين ٽائيٽل تي ڇاپي ڇڏيو.
ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ جي تلڪ چاڙهيءَ واريءَ پراڻيءَ پريس ڇپيو. مون پهرين چوويهن صفحن جا پروف راشدي صاحب کي مرحوم حافظ مبارڪ علي شاهه جي گاڏي کاتي واري گهر ”موتي محل“ ۾ ڏيکاريا هئا. کيس منجهن هڪ به غلطي نظر ڪانه آئي. پروفن پڙهڻ جو ڪم مان به ڪندو هوس پر، يار محمد ابن حيات پنوهر به مٿن نظرثاني ڪندو هو. سرورق جي ڪور ڊزائين ع.ق. شيخ ٺاهي هئي.
ڪتاب شايع ٿيو ته ان جي هنڌين ماڳين تعريف ٿي! مرحوم شير محمد نظاماڻي ٽنڊي قيصر جوويٺل هو. سنڌيءَ توڙي فارسيءَ جو عالم هو. ڪتاب جي تعريف ۾ اهڙا اکر چيائين جي مان لکي نٿو سگهان.
هڪ ڏينهن بورڊ ۾ ويٺو هوس، ته ڪنهن ڪراڙي شخص ڪراچيءَ مان فون ڪئي. ٿلهي ۽ گهگهي آواز ۾ چيائين ته، ”بابا، راشدي صاحب جيڪو ڪتاب لکيو آهي: ”جيڏا ڏينهن، تيڏا شينهن“ ان جي ڪا ڪاپي ته موڪليو.“ اهو بزرگ پيپلس پارٽيءَ جي حڪومت ۾ وزير دفاع، شعبان ميراڻيءَ جي خاندان مان هو.
سنڌي ادبي بورڊ سوين ڪتاب ڇپايا آهن. پر، ڪوبه ڪتاب اهڙيءَ تيزيءَ سان ڪونه وڪاڻو، جهڙو ”اهي ڏينهن، اهي شينهن!“ اها رڪارڊ جي ڳالهه آهي.
راشدي صاحب جهڙو جهان ديدو شخص، سڄيءَ عمر جي تجربي جي باوجود شايد انهيءَ سبب ڪري، ائين سمجهي ويٺو، ته پاڻ قلم جي زور سان سنڌ جي ماڻهن جي من ۾ جادو جاڳائي ڇڏيو اٿس. سو هاڻي جيڪي به لکندو ويندو، سنڌ جا ماڻهو انهيءَ کي اکيون ٻوٽي، قبول ڪندا ويندا- اها سندس ڀل هئي.
انهن ڏينهن ۾ ون يونٽ جي خلاف مهم زورن تي هئي. نوجوان اديبن ۽ شاگردن جا ٽولا حيدرآباد جي قلعي ۾ هوشو شيديءَ جي قبر تي گل وجهڻ ويندا هئا. راشدي صاحب حيدرآباد جي هڪ اخبار ۾ ڪالم لکڻ شروع ڪيا ته، ”هوشو شيديءَ جي قبر قلعي ۾ ڪانهي. مياڻيءَ جي قبرستان واري پاسي آهي. اوڏانهن ڳولجي.“
سنڌي اديب ۽ شاگرد سندس اصل مقصد سمجهي ويا، ته هو کين ٿيڙ ڏيڻ گهري ٿو. تن اچي کيس تنقيدي مضمونن ۾ ورايو. خاص ڪري، ڊاڪٽر الانا تمام اهم مضمون لکيا. راشدي صاحب خاموش ٿي ويو.
مون راشدي صاحب تي جيڪي تنقيدي مضمون ۽ تحريرون پڙهيون آهن، تن سڀني ۾ دلچسپ تحرير ناز سنائيءَ جي هئي، جنهن ۾ ڪنهن ٿلهي متاري ماستر جو مثال ڏنو هئائين، جيڪو کڏو ٽپڻ لاءِ، ٻين سان شرط پڄائڻ واسطي پري کان ڪو وظيفو پڙهندو، ڊوڙندو ٿي آيو، پر، کڏي وٽ پهتو، ته ٽپي ڏيڻ سان امالڪَ منجهس وڃي ڪِريو!
الطاف گوهر نالي اردو زبان جي هڪ جغادري اديب پڻ ”ايوب خان“ نالي پنهنجي ڪتاب ۾ پڻ راشدي صاحب تي تنقيد ڪئي آهي. الطاف گوهر جي ڀُٽي صاحب سان سٺي دعا سلام هئي. سندس وڏو مداح هو. پر، ڀٽو صاحب پاور ۾ آيو، ته جيل ۾ وڌائينس.
الطاف گوهر لکيو آهي ته راشدي صاحب فلپائينس ۾ سفير ٿيو ته ”آمريڪي سندس دشمن هئا.“ ممڪن آهي ته ائين هجي. پر، اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي، ته آمريڪا جي مخالفت کان پوءِ راشدي صاحب چين ۾ پاڪستان جو سفير ڪيئن ٿيو؟
انهيءَ ڳالهه کان به اهم ڳالهه هيءَ آهي ته اسان اهڙي همت ڪڏهن ڪئي، جو آمريڪين کي ناراض ڪريون؟ پنهنجي فلپائينس جي سفير کي ترقي ڏئي، چين جو سفير مقرر ڪريون! چين تڏهن به فلپائينس کان وڌيڪ اهم ملڪ هو. هاڻي به آهي. شروع کان آمريڪا جي پوت به ڪانه اٿس.
بهرحال، راشدي صاحب اڳي پوءِ وري ”اهي ڏينهن، اهي شينهن“ ڪتاب ڏي موٽ کاڌي. ان جو ٻيو ۽ ٽيون جلد لکيائين. پر، انهي دؤران هڪ اهڙو ڪم ڪيائين، جو منهنجي ساڻس جيڪا ذاتي سڪ هئي، تنهن تي به پاڻي ڦيري ڇڏيائين. هڪ ڏينهن مان ڪراچيءَ ۾ وٽس ويس ته چيائين: ”ٻئي جلد بابت راءِ ڏي.“
مون ان جا ڪي ٿورڙا ٽڪر پڙهيا هئا، پر ڪونه وڻيا ها، جو انهن ۾ ”آمد“ نه پر ”آورد“ وارو معاملو هو. سو، مون کيس چيو ته، ”رات ڪتاب پڙهي، صبح جو اوهان کي راءِ ڏيندس.“
ٻئي ڏينهن صبح جو مون کيس چيو ته، ”خانبهادر کهڙي واري مضمون ۾ اوهان لکيو آهي ته جنرل ايوب، يورپ ۾ هو ته کيس خيال آيو ته ملڪ جي مسئلن حل ڪرڻ ۽ خاص ڪري بنگالين جي وات بند ڪرڻ جو مؤثر طريقو هيءُ آهي ته اولهه پاڪستان جا صوبا ختم ڪري، اتي به هڪ صوبو ڪجي، يعني ”ون يونٽ“ ٺاهي، اولهه ۽ اوڀر پاڪستان جي ٻن صوبن کي PARITY (برابريءَ) جي بنياد تي هلائجي.“
چيو ته، ”اوهان پڙهندڙن کي گويا اهو تاثر ڏيڻ گهرو ٿا ته ”ون يونٽ“ ٺاهڻ ۾ کهڙي صاحب يا توهان جو ڏوهه ڪونه هو، اهوته فوج جي تڏهوڪي ڪمانڊر ان چيف جو فيصلو هو. ليڪن، اوهان اها ڳالهه وساري ويٺا آهيو، ته هن وقت به ملڪ ۾ فوج جي حڪومت آهي. متان جنرل ضياء اوهان جي ڳالهه جو ڪو منفي اثر وٺي.“
راشدي صاحب منهنجي راءِ ٻڌي، حالي ته وٺجي ويو! پوءِ رازداريءَ ۾ چيائين ته: ”هاڻي هيئن ڪر، جو ڪتاب مان کهڙي وارو مضمون ڪڍي ڇڏ. مان ٻيو مواد موڪليان ٿو. اهو وجهي، وچ وارا سمورا خالي صفحا پورا ڪري ڇڏ. هاڻي کهڙي صاحب وارو مضمون ٽئين جلد ۾ وجهنداسين. تيسين جنرل ضياء جي فوجي حڪومت ئي ڪانه رهندي. بس، حيدرآباد پهچي، مواد لاءِ ماڻهو موڪل.“
مان حيدرآباد موٽي آيس. راشدي صاحب ڏي ماڻهو موڪليم. موٽي آيو، ٻڌايائين ته: ”سائين خانبهادر کهڙو ته ڏاڍو ڪو عجيب ماڻهو آهي!“
مون چيو ته، ”ڇا ٿيو؟“
چيائين ته، ”راشدي صاحب سان مليس. جنهن چيو ته: ”بابا، ڇا ڪريان! خانبهادر کهڙو ڪالهه لاڙڪاڻي مان پراڻن ڪاغذن سان ڀريل ڪاٺ جون ڪيئي پيتيون کڻائي آيو آهي، ته هي سمورا احوال منهنجي مضمون ۾ وجهه، سو لاچار آهيان. سڀ ڪاغذ پڙهي، کهڙي صاحب وارو مضمون نئين سر لکڻو پوندم. تيسين اوهان سندس مضمون هن جلد مان ڪڍي ڇڏيو ۽ انهيءَ جي جاءِ تي نئون مواد وجهو. اهو مواد مون وٽان کڻي وڃ. کهڙي صاحب وارو مضمون ڪتاب جي ٽئين جلد ۾ وجهنداسين.“
مون کيس چيو ته، ”ادا، ڪتاب جو لکندڙ راشدي صاحب آهي، جيڪا سندس مرضي. اسان ڇا ٿا ڪري سگهون؟“
اسان راشدي جو موڪليل موادُ ڪمپوز ڪرڻ شروع ڪيو. ٻيءَ ڪنهن به ڳالهه جي اُونَ ڪانه ڪئي. اسان کي ته دل ۾ ڪو به غير گمان هو ئي ڪونه. هوڏانهن، راشدي صاحب ڪو کهڙي صاحب کي سبز باغ ڏيکاريا هئا ته، خانبهادر! مون توهان تي اهڙو ته شاندار مضمون لکيو آهي، جو توهان جي دامن تان ون يونٽ جو داغ ڌوئي پوئي، تاريخ جي صفحن ۾ اوهان کي اڇو اجرو ڪري بيهاريو اٿم.
”سو، کهڙو صاحب ٻئي جلد جي اشاعت جو سخت انتظار ڪري رهيو هو. ٻيو جلد شايع ٿيو، ته سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جو چيئرمن سائين شاهه محمد شاهه (مرحوم) ڪنهن ڪم سان ڪراچيءَ ويل هو. پاڻ جڏهن سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري هوندو هو، ته کهڙو صاحب بورڊ جو صدر هو. سو، تڏهن کان وٺي، ڪڏهن ڪڏهن کهڙي صاحب سان ملندو رهندو هو. شاهه صاحب مون کي فون ڪئي ته، ”سائين، ڪالهه کهڙي صاحب سان مليس. ڪا ڳالهه ڪيائين. پنهنجن جي هنيل آهي، پر اُلڪي جي ڳالهه ڪانهي. الله ڪندو ته سڀ خير ٿيندو. مون معاملو درست ڪري ڇڏيو آهي.“
مون کي ڳالهه سمجهه ۾ ئي ڪانه آئي. ٻئي ڏينهن شاهه صاحب حيدرآباد موٽي آيو ۽ ڳالهه ڪيائين ته، ”خانبهادر کهڙي وٽ ويو هوس. ڳالهين مٿي ڳالهيون نڪتيون. بورڊ جو ذڪر نڪتو ته پڇيائين ته، ”شاهه صاحب، سنڌي ادبي بورڊ ۾ ڪو مهاجر آفيسر آيو آهي ڇا؟“
مون چيو ته: ”سائين سيڪريٽري ته غلام رباني آگرو آهي. جيڪو پڪو سنڌي (SOLID SINDHI) آهي. اوهان واري بورڊ ئي کيس مقرر ڪيو هو. ڳالهه ڪهڙي آهي؟“
خانبهادر کهڙي چيو ته، ”راشدي پنهنجي ڪتاب جي ٻئي جلد ۾ مون تي ڏاڍو ڪو شاندار مضمون لکيو هو، پر ڪالهه آيو، سو ڳالهه ڪيائين ته، خانبهادر! ”بورڊ ۾ ڪو اهڙو ڪٽر سيڪريٽري آيو آهي. جنهن جي اوهان سان اڻبڻت آهي جو اوهان وارو مضمون ڪتاب مان ڪڍي اڇلائي ڇڏيو اٿس!“ هاڻي اوهان ڪنهن وڏي ماڻهوءَ کي چئي سندس ڪَنَ مَهٽ ڪرائي ڇڏيو!“
شاهه صاحب جي واتان اها ڳالهه ٻڌي مان ته وائڙو ٿي ويس!
مون کي اڄ به ياد آهي ته منهنجو اهو ڏينهن ائين گذريو، جيئن ڪو ماڻهو پنڪين ۾ هجي. ڪا ڳالهه نه وڻي، جيئن جيئن وقت گذرندو ويو، تيئن تيئن ڏک ۾ ٻڏندو ويس. دل ۾ چيم ته، ”راشدي صاحب ۽ سندس ڀاءُ سائين حسام الدين شاهه جي زندگي ڀر خدمت ڪئي اٿم، ان ڳالهه جي کيس ذرِي پُرزِي خبر آهي. پنهنجي ڪتاب جي ٻئي جلد مان کهڙي صاحب جو مضمون پاڻ ڪڍائي، هاڻي وري الزام اسان تي هڻي رهيو آهي!
ڪيئي ڳالهيون ياد آيون.
جڏهن مان حيدرآباد جي سول لائينس جي بنگلي نمبر: 3 ۾ بورڊ جي آفيس ۾ رهندو هوس ته راشدي صاحب ڪراچيءَ کان دادوءَ ايندي ويندي ڏپهرو مون وٽ ڪندو هو ۽ ڏينهن ٺاري اڳتي ويندو هو. ڪڏهن پنهنجي فيمليءَ ۽ نوڪرن چاڪرن سان گڏ ايندو هو. ٻه ٽي ڪتا پڻ ساڻ هوندا هئس. بورڊ جون آفيسون حيدرآباد شهر مان کڄي ڄامشوري ۾ آيون،ته اتي به اها رسم ۽ ريت قائم رکيائين. مان، وس آهر سندس خدمت ڪندو هئس. هڪ دفعي مان ڪراچيءَ ويل هئس. پاڻ اوچتو آيو. منهنجي ننڍي ڀاءُ شبير فون تي اطلاع ڏنو، مون کيس هدايت ڪئي ته راشدي صاحب جي خدمت ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏجي.
شبير لنچ جو ته خاطر خواهه انتظام ڪيو، پر، موڪلائڻ مهل کيس بامبي بيڪريءَ جا درجن ڪيڪ پيش ڪيائين. اهو ڏسي راشدي صاحب چيس ته، ”بابا، تو ته ڪِيسُ ڪيو آهي. ايڏو خرچ!“
اهي ڳالهيون ياد آيون، ته هيڪاري ڏک ٿيو، بهرحال مسئلو ته به اکين اڳيان موجود هو. سوچ ويچار ڪري، رات جو خط لکيم، جيڪو منهنجو هڪ اعتماد وارو ماڻهو کڻي ڪراچيءَ روانو ٿيو. صبح جو موٽيو، احوال ڪيائين ته،”سائين حسام الدين شاهه جي جاءِ تي خط ڏنم. ڪجهه دير کان پوءِ مسز ممتاز راشدي صاحبه کي لارينس روڊ واري بنگلي تان گهرايائون. آئي ته مون کي سڃاتائين ۽ کيڪاريائين. اندر وئي دير دير سان ٻاهر نڪتي. پر، ڳڻتيءَ ۾ ورتل هئي. سو، مان ڀانيان ٿو ته سائين حسام الدين شاهه اوهان جو خط کيس ڏيکاريو هو.“
مسز ممتاز راشدي مون کي ڀائيندي هئي. هڪڙو ٿورو ته اهڙو ڪيائين، جو عمر ڀر ياد رهندو. ڪنهن زماني ۾ بُڪيءَ (KIDNEY) جي بيماريءَ ۾ مبتلا هئس. ڪراچيءَ ۾ سڏيائين ۽ منهنجو علاج وڏي توجهه سان ڪرايائين. اڳتي هلي، اهڙا ٻيا به ڀلائيءَ جا پير کنيائين. مثلاً مون کي مجيب پٽ ڄائو ته سنڌ جي دستور موجب، ٻارڙي لاءِ ڪپڙن جو وڳو وٺي، تحفي طور، اسلام آباد مان، هوائي جهاز رستي حيدرآباد موڪليائين. جڏهن مان اسلام آباد ايڪيڊميءَ ۾ مقرر ٿيس ته پاڻ اتي به ڀيرو ڀريندي هئي. منهنجي ننڍيءَ ڀيڻ سان دل هئس. گهر ۾ اچڻ سان کيس چاءِ ڪبابن جي فرمائش ڪندي هئي.
دراصل ڳالهه آهي ماڻهوءَ جي اخلاق جي! ماڻهو اخلاق جي وسيلي ئي ٻئي انسان کي پنهنجو مطيع ڪري سگهي ٿو. مون سان جيڪي پير ڀريائين، سي منهنجن ويجهن دوستن کان به ڪونه پڳا. پاڻ ڪڏهن ڪڏهن هلڪو سلڪو ڪم چوندي هئي، جو ڪري ڇڏيندو هوس. مثلاً ڪڏهن سوسيءَ جي زالاڻن وڳن، ڪڏهن ڀرت ڀريل سنڌي زالاڻن رَون، ته ڪڏهن ڪن ٻين شين لاءِ فرمائش ڪندي هئي.
سو، سمجهيم ته سائين حسام الدين شاهه کيس منهنجو خط پڙهايو هوندو ته ضرور کيس ڳڻتي ٿي هوندي.
منهنجو شڪ صحيح نڪتو. ٻئي ڏينهن ڪراچيءَ مان صبح سان سندس فون آئي: ”رباني صاحب، تون ڪراچي اچين، ته سڌو اسان وٽ اچجانءِ.“
پاڻ ڳالهائي بس ڪيائين ته راشدي صاحب جو ڪڙڪو ٻڌم: ”بابا، اهو شاهه محمد شاهه ڪير آهي؟ وتي ٿو غلط فهميون ڦهلائيندو!“
مون راشدي صاحب کي ڪوبه جواب ڏيڻ بدران خاموش رهڻ مناسب سمجهيو. البت، خانبهادر کهڙي وٽ وڃڻ جو پروگرام پڪو رٿيم.
ڪراچيءَ ويس، ته سڌو خانبهادر کهڙي وٽ هليو ويس. قرب ۽ شفقت سان مليو. شربت پياريائين. بورڊ جا حال احوال ورتائين. مون سندس مضمون جو ذڪر ڪيو، ته ڳالهه لنوائي ويو. لئمبرڪ جي ڪتابن جو ذڪر ڪڍيائين. جڏهن ساڻس ٻيهر مضمون جو ذڪر ڪيم ۽ کيس ٻڌايم ته راشدي صاحب ته هيئن چئي پاڻ اسان کان ٻئي جلد مان اوهان تي لکيل پنهنجو مضمون ڪڍايو آهي، ته مُرڪڻ لڳو.
مون کيس اهو ته ڪونه ٻڌايو ته اوهان جي ڌيءُ حميده، بورڊ ۾ منهنجي گهر اوهان جو مضمون وٺڻ آئي هئي، جو چيائين ته انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪرڻو اٿم. مون کيس چيو ته سڀاڻي پريس مان گهرائي اوهان کي موڪلي ڏيندس. هوءَ هلي وئي ته مون راشدي صاحب کي فون ڪري حميده کي مضمون ڏيڻ لاءِ موڪل گهري. کهڙو صاحب سندس دوست هو. پر، حميده کي ڪِنُو اکر ڪڍي، مون کي چيائين ته متان کيس منهنجو مضمون ڏنو اٿئي!
ڪجهه دير رکي، تمام آرام ۽ اطمينان سان مون کي چيائين ته، ”بابا، مان راشدي صاحب جون سوين اٽڪلون سڃاڻان! تون ڪابه ڳڻتي نه ڪر. رڳو هيترو ٻڌاءِ، ته ٽئين جلد ۾ مون وارو مضمون ايندو؟“
مون چيو ته: ”سائين اجازت ڏيو، ته مان اڄ ئي ٻئي جلد کي ڦاڙائي، ان ۾ اوهان وارو مضمون وجهان.“
کِلي ڏنائين. چيائين ته، ”نه، اهڙوڪم نه ڪجانءِ، بس، جڏهن ٽيون جلد ڇپجي، ته ان ۾ وجهي ڇڏجانءِ.“
مون ائين ئي ڪيو. پر، کهڙي صاحب جي قرب ۽ اخلاق مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو. مان سندس بنگلي تان سڌو راشدي صاحب جي بنگلي تي ويس. اڪيلو ئي اڪيلو ويٺو هو.
”ڇا پيئندين؟“
”ڪجهه ڪونه“
”ماني کائيندين؟“
”نه“، مون کيس تِکائيءَ سان چيو، ”مان آيو آهيان، هاڻي ڦاهي تي چاڙهيو!“
”بابا، ڪير ڪونه ٿو ڪنهن کي ڦاهي تي چاڙهي! ٻڌاءِ ته ڇا پيئندين؟ سيون - اپ پيئندين يا چاءِ؟“
مان اٿي هليو آيس. وقت هر زخم جو علاج آهي. زمانو گذري ويو- زخم ڇٽي ويو، پر، راشدي صاحب جو ڏنل داغ هميشه لاءِ رهجي ويو.
ڪتاب جو ٽيون جلد ڇپجڻ شروع ٿيو، ته مون ان مان هٿ ڪڍي ڇڏيو. بورڊ جي پريس ۾ هڪ اشراف ماڻهو هو. راشدي صاحب سڌو سنئون ساڻس لڳ لاڳاپو رکيو. کيس آسرو ڏنو هئائين ته، ”ڪتاب سٺو ڇپيو، ته توکي سونو قلم انعام ۾ ڏيندس.“
جڏهن ڪتاب ڇپجي پورو ٿيو ته مون کي چيائين ته، ”اوهان اها چٻ ڪٿان ڳولي پريس ۾ ويهاري آهي؟“
ٽئين جلد جي پروفن ۾ هڪ دفعي ڪجهه دير پئي. الله بخش پٽيوالو راشدي صاحب وٽ ڪراچيءَ ويو ۽ کيس پروف ڏئي، وٽانئس شربت جو گلاس پي، موٽي آيو ۽ چيائين ته پروف سائينءَ کي هٿ ۾ ڏئي آيس. راشدي صاحب پروفن ۾ دير لاءِ مون کي ته ميار ڪانه ڏني! پر دل جي باهه ڪڍڻ لاءِ چٺي لکيائين ته:
”اوهان جو پٽيوالو آيو. دروازي جي ٻاهران پروف بنگلي ۾ اندر اُڇلائي هليو ويو. اوهان مولانا قاسميءَ کي سمجهايو ته پنهنجيءَ سونهاريءَ جو خير گهري، ته آئنده پروفن ۾ دير نه وجهي.“
اها چٺي شايد اڃا عزيزم الطاف آگري وٽ پئي آهي. پڙهي، مون کي ڏک ٿيو. سائين قاسمي صاحب بورڊ جو چيئرمين هو. پر، دين جو عالم به هو. رحيم بخش سومري جو قول ياد آيو ته، ”راشدي صاحب ڏکيو ماڻهو آهي. سوچي سمجهي کيس ويجهو وڃبو آهي.“
”اهي ڏينهن، اهي شينهن“ جي ٽن جلدن جي ڇپائيءَ دؤران راشدي صاحب جي سڀاءَ جا جيڪي ٻيا تجربا ٿيا، سي هاڻي وسري ويا اٿم، پر هڪڙو اڃا ياد اٿم.
پهرئين جلد ۾ پاڻ سڀ کان اول سر شاهنواز ڀٽي تي ويهن ٻاويهن صفحن جو مضمون لکيو هئائين، پر، اڳتي هلي، مرحوم ذوالفقار علي ڀٽي سان سندس اختلاف وڌي ويا، سو، مون کي ڪراچيءَ مان فون ڪيائين، ته ”ڪتاب مان سر ڀٽي وارو مضمون ڪڍي ڇڏ.“ سندس اصل اکر هي هئا: ”اهو مضمون ڇاپي، مان کيس لافاني IMMORTAL ڇو ڪيان!“
مون سندس چوڻ موجب مضمون ڪڍي ڇڏيو. ڪتاب ڇپجي ويو. چڱو وقت گذري ويو. ڀٽو صاحب پاور ۾ آيو ۽ چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ٿيو. هڪ ڏينهن راشدي صاحب ڪراچيءَ مان صبح سان سوير فون ڪئي، ”بابا، سر ڀٽي وارو مضمون ڪاٿي؟“
”سائين، مون وٽ آهي.“
”مهرباني ڪري محفوظ رکجانءِ. ڪنهن کي ڏيکارجانءِ نه.“
انهيءَ ڏينهن، سندس ڳالهائڻ ۾ مکڻ ۽ ماکيءَ وارو ميٺاڄ هو. وچ تي الله جو ڏينهن ئي هڪڙو گذريو. ٻئي ڏينهن، ٽاڪ منجهند مهل، آفيس جي عمارت هيٺان ”پان“ ”پان“ ٿي. ماڻهو ڏاڪڻ تي چڙهي مٿي آيو ته، راشدي صاحب اوهان کي هيٺ سڏي رهيو آهي. سائيرڙي رنگ جي وڏي ڪار بيٺي هئي. راشدي صاحب اڳيان ڊرائيور جي پاسي ۾ سيٽ تي ويٺو هو ۽ سائين حسام الدين شاهه پٺينءَ سيٽ تي ويٺو هو.
”بابا، سر ڀٽي وارو مضمون؟“
”مون وٽ آهي.“
”کڻي اچ.“
مون مضمون جي فوٽو ڪاپي ڪرائڻ ۽ سانڍڻ به بداخلاقي سمجهي. مان اهي ٺڳيون ڪونه ڄاڻان پر، مضمون پڙهيو هئم. ان جو شروعاتي حصو اڃان ياد اٿم.
بهرحال، مٿي آفيس ۾ ويس. ڪٻٽ مان، مضمون ڪڍي آڻي ڏنومانس. ڪاري رنگ جي صدري پاتل هئس. مضمون وڏي احتياط سان ويڙهي، ان جي اندرئين کيسي ۾ وڌائين ته سائين حسام الدين شاهه مون کي چيو ته، ”ڪار ۾ ويهه.“
ڪار هلي، راڻي باغ جي ڀرسان حنيف صديقيءَ جي گهر وٽ بيٺي. اندر وياسين. حنيف صديقيءَ کي ڪو اڳي ئي اطلاع ڪيو هئائون. ماني ٺهرايون ويٺو هو. سندس فرزند شفيع اسان جون پولورائڊ ڪئميرا سان تصويرون ڪڍيون. راشدي صاحب ڪئميرا جي تعريف ڪئي. حنيف صديقيءَ اتي جو اتي ڪئميرا کڻي کيس نذر ڪئي.
گذريل زمانن جون ڳالهيون نڪتيون. حنيف سڪ سان ساڻس ننڍپڻ جا داستان بيان ڪندو رهيو ۽ کيس ڪڏهن ”علي محمد“ ته ڪڏهن ”علي محمد شاهه“ ڪوٺيندو رهيو. ننڍپڻ جا اهي قصا ڪندي، دل ڀرجي آيس، اکين مان ڳوڙها وهي آيس.
حنيف صديقي ٻنهي ڀائرن جو ننڍپڻ جو ساٿي هو. ساڻن پڇاڙيءَ تائين سڪ قائم رهيس. پراڻا يار ڏاڍا پيارا ٿيندا آهن. حنيف کي ڪتابن پڙهڻ جو شوق هو. سائين حسام الدين شاهه چوندو هو ته، ”اسان ٻنهي ڀائرن کي انهيءَ دڳ سان لائڻ وارو ماڻهو حنيف صديقي هو.“
حنيف صديقيءَ جي گهر مان نڪتاسين، ته راشدي صاحب چيو ته، ”رباني، جي ڪراچيءَ گڏيو هلين، ته ڪچهري ڪندا هلون.“
مون چيو: ”سائين، هلو.“
ڪراچيءَ روانا ٿياسين. رستي تي دلچسپ ڳالهيون ڪيائين. مکيه موضوع زال ذات هئي. سنڌي مسلمان ۽ هندو زالن جي نفسيات تي تبصرو ڪيائين، مسلمان زالن کي ”دوزخ جا اُلا“ ۽ هندو زالن کي ”بهشت جون حورون“ ڪوٺيائين. مثال ڏنائين ته واڻيو سڄو ڏينهن هٽ هلائي، گهر پهتو، ته جوڻس کٽ تي ويهاري، پيرن مان جوتو لاهي، نيم گرم پاڻيءَ جي بالٽيءَ ۾ پير رکندس، ته گهڻيءَ وهڪ ڪري جيڪو ٿَڪُ ٿيو هوندس، اهو لهيس. پوءِ پيرن کي انگوڇي سان اُگهي، هوريان هوريان زور ڏيندس، ته قرار اچيس. واڻيو چيلهه ڊگهي ڪندو ته پاڻ ڊوڙ پائي، گرم گرم ڦلڪا ڪڍي وٺندي ۽ اچي پيار مان چونديس ته، ”گوبند جا پيءُ ڦلڪو ته کاءُ.“ واڻيو اٿندو، ته اڳيان ٻيو انگوڇو وڇائي، هڪڙي ڪٽوري ۾ ٻوڙ ته ٻئي ۾ ڀاڄي، ته ٽئين ۾ دال اڳيان رکندس. ان سان گڏ ڪا سٺي شيءِ، مثال طور صوفن جو مربو يا انبڙين جو اچار، پاپڙ، ۽ ٿڌو پاڻي! واڻيو فرحتي گرهه وجهي کٽ تي ليٽندو، ته وري پيرن کي زور ڏيندس ته اک لڳيس.
هوڏانهن مسلمان هاري ڪاڙهي تتي ۾ ٻنيءَ ۾ هر ڪاهي، گهر موٽندو. پگهر پيو ڳڙندس گهر اندر وک وجهندو ته جوڻس کيس ڏسي انهيءَ ئي ٻار کي ٽڪڻ تي چنبو هڻندي، جنهن جو مٿو تازو پاڪيءَ سان ڪوڙيل هوندو. ڇورو ٻرڙاٽ ڪندو، ته پاڻ به واڪو ڪندي: ”مئا، دال نه کائيندين، ته پلاءُ کائيندين؟ وڃي پڻهين کي چئه.“
ويچارو مسلمان ٿڌو ساهه ڀري ويهي رهندو.
وقت گذرندي دير ڪانه ٿي لڳي. ڪجهه سالن کان پوءِ، مان سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پرو- وائيس چانسيلر مقرر ٿيس. حنيف صديقي هيءُ جهان ڇڏي ويو. هڪ ڏينهن پٽس شفيع پنهنجيءَ ڀيڻ جي ڪنهن معاملي ۾ مدد وٺڻ لاءِ آفيس ۾ ملڻ آيو. مون قرب سان چيس ته، ”راشدي صاحب اڄ ڪلهه صدرِ پاڪستان، ڀُٽي صاحب جو صلاحڪار آهي. ساڻس به صلاح ڪريون.“
چيائين ته، ”چاچا، منهنجي ڀيڻ اسلام آباد ويئي هئي. پورا پندرنهن ڏينهن سندس ئي گهر ۾ ٽڪيل هئي. پر راشدي صاحب ڪونه مليس.“
جڏهن اهو سڄو احوال ٻڌايائين، ته مان ڏک ۾ ويڙهجي ويس. حنيف صديقيءَ جي گهر ۾ دعوت جو منظر ۽ سندس سڪ ڀريا سڏڙا ياد آيا: ”علي محمد شاهه، او علي محمد شاهه!“
سنه 1976ع کان سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ملازمت دوران ڪي دلچسپ مشاهدا ٿيا. سو، مون ڊائري لکڻ شروع ڪئي. ان مان هڪ ورق هت نقل ڪريان ٿو:
ڪالهه صبح جو غلام نبي ميمڻ اڳوڻو وزير قانون، مغربي پاڪستان سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پنهنجي پٽ جي داخلا لاءِ مون سان ملڻ آيو. ان سلسلي ۾ ٻه چار دفعا اڳ پڻ آيو آهي. معاملي ۾ ڪو اٽڪاءُ آهي. هر دفعي ساڻس سٺي ڪچهري ٿيندي آهي. هن ڀيري منهنجيءَ مدد سان سندس ڪم ٿي ويو. خوش ٿيو. ڪچهري ڪندي ٻڌايائين ته ايوب خان جي دؤر ۾ جڏهن پاڻ ون يونٽ واري دور ۾ نواب ڪالا باغ جي حڪومت ۾ وزير قانون هو، تڏهن راشدي صاحب سان اهو طئه ٿيو هو، ته هو ايوب خان جي حمايت ۾ اخبارن ۾ آرٽيڪل لکندو ۽ موٽ ۾ کيس پندرنهن سؤ رپيا ماهيانو معاوضو، رهائش لاءِ گلبرگ ۾ بنگلو ۽ اچڻ وڃڻ لاءِ ڪار ملندي. هن چيو ته انهي خرچ پکي جو سڄو بار ڪراچيءَ جي سيٺ دائود تي رکيو ويو هو، جنهن جا نواب ڪالا باغ سان گهرا مراسم هئا.
غلام نبي ميمڻ صاحب ٻڌايو ته راشدي صاحب جا مضمون ڪڏهن ڪنهن جي نالي سان ته ڪڏهن ڪنهن جي نالي سان ڇپبا هئا. هڪ مضمون سندس (غلام نبيءَ ميمڻ) جي نالي ۾ به ڇپيو هو، جنهن ۾ فاطمه جناح جي مخالفت ڪيل هئي، جا صدر محمد ايوب خان سان چونڊن ۾ بيٺي هئي. ان ۾ صدر ايوب خان پنهنجي هٿ سان هي اکر وڌايا هئا ته ”محترمه فاطمه جناح کان پڇيو وڃي ته هن پاڻ قائداعظم يادگار (مقبري) جوڙائڻ لاءِ ڪل ڪيتري امداد ڏني آهي؟“
غلام نبي ميمڻ چيو ته، مضمون جي اشاعت بعد اردو پريس ۾ ان جي مخالفت ٿي، سو، صدر ايوب چيو ته، ”راشدي صاحب جا مضمون مون لاءِ چڱي ڳالهه نه آهن، انهن کي بند ڪيو وڃي.“
ميمڻ صاحب جي مٿين ڳالهه ٻڌي مون کي ياد آيو، ته تن ڏينهن ۾ مان سنڌي ادبي بورڊ جي سالياني گرانٽ جاري ڪرائڻ لاءِ لاهور ويو هوس. راشدي صاحب فلئٽيز هوٽل ۾ ٽڪيل هو. سائين حسام الدين شاهه جي چوڻ تي مان ساڻس ملڻ ويس. پاڻ ڪمري ۾ ڪونه هو. ڪو ٽائيپسٽ انگريزي مضمون ٽائيپ ڪري رهيو هو. راشدي صاحب ڪي علمي ۽ ادبي ڪتاب وٺي آيو هو. مان اهي ڏسڻ لڳس، ته ايتري ۾ پاڻ به اچي ويو. چڙ مان چيائين ته: “WHAT ARE YOU DOING HERE”
اُهي اکر ٻڌي مان هڪو ٻڪو ٿي ويس! کيس چيم ته، ”لاهور سرڪاري ڪم سان آيو هئس. واپس پئي ويس. پر، سائين حسام الدين شاهه جي چوڻ موجب، اوهان سان ملڻ هيڏي آيس.“
اهو ٻڌي، اول ته ٽائيپ ٿيل ڪاغذ ڏسندو رهيو. پر، پنهنجي چڪ محسوس ڪري، منهنجي دل پرڀائڻ لاءِ ڏاڍي قرب سان چيائين ته، ”ڪيئن ڪتاب وڻيئي؟“
مون ٿڌائيءَ سان چيو ته، ”سٺا آهن.“ ائين چئي اٿي هليو آيس. پر، ڪيترا ڏينهن ارمان رهيو، ته وٽس ويس ڇو؟
ٿورن ڏينهن بعد غلام نبي ميمڻ جي نالي ۾ ”پاڪستان ٽائيمس“ ۾ هڪ آرٽيڪل شايع ٿي، جنهن ۾ صدر ايوب خان جي حمايت ۽ فاطمه جناح جي مخالفت هئي. مون کي ميمڻ صاحب جي ڳالهه ٻڌي خيال آيو، ته لاشڪ ته اها ئي آرٽيڪل فلئٽيز هوٽل ۾ ٽائيپ ٿي رهي هئي. راشدي صاحب کي انديشو ٿيو ته متان مون ڏسي ورتي هجي!
بهرحال، اهي آرٽيڪلس پنهنجيءَ جاءِ تي رهيون. راشدي صاحب، غلام نبي ميمڻ ۽ نواب ڪالاباغ سان گڏ سازش ڪري، ايوب خان جا ڪَنَ ڀريا. نواب ڪالا باغ، ڀٽي صاحب جو سخت دشمن هو، ڀٽي صاحب جا ٻيا به جبرا دشمن هوندا. ليڪن، راشدي صاحب پڻ پنهنجون اٽڪلون هلايون. آخر، هڪ ڏينهن اهڙو به آيو، جو ايوب خان، ڀُٽي صاحب کي وزارت خارجه تان لاهي ڇڏيو.
راشدي صاحب انگريزن جي ڏينهن ۾ ته ان کان به وڌيڪ تمام خوفناڪ ڪم ڪيو هو. آخر، ماڻهو جو سندس نالو ٻڌي ڇرڪندا هئا، تنهن جا ڪي ته سبب هئا. رحيم بخش سومري جي ڳالهه ۾ واقعي وڏو وزن هو ته بدلجندي دير ڪونه ڪندو هو.
پاڻ غير معمولي ماڻهو هو ۽ کيس غير معمولي ماڻهو ئي وڻندا هئا، مثلاً سيد جمن شاهه حُقائي، حافظ مبارڪ علي شاهه (نابينا)، نانگو شاهه ۽ ٻيا. مون ٽئي ڏٺا.هر هڪ پنهنجيءَ جاءِ تي وڏي ’رپ‘ هو.
راشدي صاحب هڪ ڏينهن ڪراچيءَ مان فون ڪئي ته منهنجي دادوءَ واري فارم لاءِ نانگي شاهه کان کجين جي چڪين جي پڇا ڪري، فوراً جواب ڏي.
مان نانگي شاهه جي پڇا ڪري، ڦليليءَ جي پاسي ۾، سندس اوتاري تي پهتس. وڏيءَ عمر ۽ وڏيءَ ڏاڙهيءَ وارو هڪ شخص مليو. وڻڪار ۽ ٿڌڪار ڪاڻ وڏا وڏا وڻ رکي، جهنگل ۾ منگل ڪري ڇڏيو هئائين. پر، بندي جي من ۾ هڪڙي ته صاحب جي من ۾ ٻي. سڀ وڻ ڪلر جي ڪري، سُڪي ٺوٺ ٿي ويا. سائين نانگو شاهه سُڪا ٿُڙ ڏسي ٿڌا ساهه ڀريندو رهيو. سندس چپن تي اهو جملو هو، جيڪو فاطمه جناح جي اليڪشن ۾ هارائڻ تي، راشدي صاحب جي چپن تي آيو هو،
”ڪلــر ٻاريئي ڪانه، ڪيئي جٺِ جوئر سان.“
نانگو شاهه، راشدي صاحب جو ٻُڌي، مون سان وڏي قرب سان مليو. خوش خير عافيت ڪري، کنڊ ڀڳڙا، ريوڙيون ۽ ڌوڌ پتي چانهه آڻي اڳيان رکيائين. دلچسپ ڪچهري ڪيائين ۽ ٻڌايائين ته سڄو هندستان ۽ برما پيادل گهمي آيو آهيان، پيرن، فقيرن جون وڏيون وڏيون درگاهون ڀيٽيون اٿم.
نانگو ان ڪري ڪوٺيندا هئس، جو هميشه گوڏ ۾ هوندو هو. مٿو، پير ۽ بت اگهاڙو. هيڪر بخار ٿيس، کانئس پڇڻ ويس. چيائين ته جڏهن به بخار ٿيندو اٿم، ته وهندڙ پاڻيءَ جي ڪسيءَ ۾ وڃي ٻه چار ڪلاڪ ليٽي پوندو آهيان. چاق ٿي موٽندو آهيان.
راشدي صاحب جي وڏي تعظيم ڪندو هو. بلڪ، کيس ڪراچيءَ ۾ هزارين رپيا نقد نذر نياز به پيش ڪري ايندو هو. راشدي صاحب حيدرآباد وٽس ايندو هو، ته کيس پنهنجن هٿن سان ٻوڙ ماني پچائي کارائيندو هو.
پر، جڏهن سائين حسام الدين شاهه حيدرآباد آيو ۽ چيومانس ته، ”نانگي شاه سان ملڻ هلون؟“ ته ٺهه پهه جواب ڏنائين ته، ”مان ساڻس ڪونه ملندس. ڀانيان ٿو ته ڪو سمگلر آهي.“
راشدي صاحب هاڻي هن جهان ۾ ڪونه آهي. ماڻهو جڏهن هيءُ جهان ڇڏي وڃي ٿو، تڏهن سندس باري ۾ ڪير به ڪابه ڳالهه ڪري سگهي ٿو. سچ ۽ ڪوڙ جي تصديق ڪرڻ ڏاڍي ڏکي ڳالهه آهي. مولوي محمد صديق نالي سنڌي ادبي بورڊ ۾ منهنجو رفيق هوندو هو. ”تاريخ“ جي لفظ سان چڙ هوندي هيس. چوندو هو ته، ”ماڻهو ويٺا منهن تي ڪوڙ هڻن. توهان ان ڳالهه تي ڳنڍ ٻڌيون ويٺا آهيو ته هيترا سؤ سال ٿيا، جو فلاڻي شخص هيءَ ڳالهه لکي آهي.“
مولوي صاحب جي ڳالهه ۾ ڪيترو وزن هو، سا سوچڻ جي ڳالهه آهي. پر، سچ کي سڃاڻڻ سچ پچ ڏاڍي ڏکي ڳالهه آهي. مجاز ۽ حقيقت جون سرحدون انڊلٺ جي رنگن کان به وڌيڪ پاڻ ۾ مليل آهن. ڏاها چوندا آهن ته حقيقت جي چهري تي ستر هزار پردا نور جا ۽ ستر هزار ظلمت جا پيل آهن. هڪ هٽاءِ ته سوين سامهون اچن ٿا.
حقيقت الائي ڪيئن آهي، پر ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي. ته سنڌ، پير علي محمد راشديءَ جهڙا ذهين ۽ شاطر ماڻهو ڪي ٿورڙا پيدا ڪيا. پيراڻو، پر غريباڻو ٻار هو. سنڌي ادبي بورڊ جي ڇپايل ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ جي سنڌي ادبي بورڊ واري ڇاپي جي پهرئين جلد جي پٺئين پاسي تي ڪتي سان گڏ ڇپيل تصوير ان حقيقت جو عڪس آهي.
هو سنڌ جي هڪ ننڍي ڳوٺ ۾ انهيءَ ئي مٽيءَ ۽ پاڻي تي پليو هو، جتي اڄ به اُس ڪانو، ڪتي، اڪ، ڪنڊيءَ ۽ ڪانڊيري جو منظر عام آهي. اهو منظر ڏسي ڏسي، ماڻهوءَ جو هيانءُ ئي ماندو ٿي ويندو آهي. عام محاوري موجب، تعليم نصيب ڪانه ٿيس. جيسين ڏاڏو حيات هيس، تيسين ڳوٺ ۽ ڪوٽ جي اجهي ۽ اوٽ مزو ڏنس. پوءِ ”اپڻي گهوٽ ته نشا ٿيوي“ جي اصول تي عمل ڪيائين. ڳوٺ ڇڏي شهر جي واٽ ورتائين. سفر جي راهه پاڻ گهڙيائين.
مون اڳ ۾ به چيو آهي ته سندس زبان اگهاڙي ترار وانگر هوندي هئي. همسفرن جو جيڪو مشاهدو ماڻيائين، ان جي آڌار تي عام ماڻهن کي ٽن حصن ۾ ورهايائين: هڪڙا ”چاڪر“ ٻيا ”چوڪر“ ۽ ٽيان ”چل ڪُسته زن.“
پر، سنڌ جي صدين کان لتاڙيل ڳوٺن جي مسڪينن ماڻهن سان محبت هئس. جڏهن روينيو وزير هو، تڏهن هڪڙي ڪتابڙي ڇپائي ورهايائين، ته سنڌ ۾ هيترا لک ايڪڙ زرعي زمين آهي، جنهن تي مُٺ جيترن ماڻهن جو قبضو آهي! هوڏانهن لکين هاري آهن، جن وٽ هڪ جريب به ڪونهي. سندن گذران جو ترجمان ڀٽائيءَ جو قول آهي:
”آڻين ۽ چاڙهين، ڏٿ ڏهاڙي سومرا.“
اها چوپڙي ان ڪري ڇپائي هئائين، جو سنڌ مان جاگيرداريَ نظام جي پاڙ پٽڻ جا سانباها ڪري رهيو هو. چوپڙيءَ جي مٿان هڪ بکايل ٻڪريءَ جي تصوير هئي، جا ڪنهن وڻ مان سائو پَنُ پٽڻ لاءِ کُر کڻي بيٺي هئي. بکايل ۽ ڏکايل سنڌ جي اها لاجواب علامتي تصوير اڄ به منهنجي اکين اڳيان آهي.
راشدي صاحب، وڏيري کي سنڌي ماڻهو جووڏي ۾ وڏو دشمن سمجهندو هو. چوندو هو ته جيسين سنڌ ۾ وڏيرا آهن، تيسين مسڪين ماڻهو سک جو ساهه ڪونه کڻندا.
پنهنجي ڪتاب ”اهي ڏينهن، اهي شينهن“ ۾ وڏيرن، پيرن ۽ ميرن کي ننديو اٿس. سائين جي.ايم. سيد ڏانهن لکيل خطن ۾ به اها ئي ڳالهه ڪئي اٿس. هڪ خط ۾ کين ”مِرون“ ڪوٺيو اٿس! سائينءَ کي لکيو اٿس ته انهن مِرن لاءِ پاڻ کي پريشان نه ڪريو. ڇڏيون ته پٽڪا ٻڌيون، لاهور جي گهٽين ۾ پيا ڌڪا کائين. (اهو خط ون يونٽ ٺهڻ کان پوءِ واري زماني جو لکيل آهي)
سائين حسام الدين شاهه هڪ دفعي مون کي چيو هو ته، ”سوشلسٽ خيالن جا نوجوان اڄ جيڪي ڳالهيون ڪن ٿا اهي علي محمد شاهه مون سان ٽيهه ورهيه اڳ ڪندو هو!“
راشدي صاحب ايوانِ اقتدار ۾ پير پائڻ کان ڪئين ورهيه اڳ “STORY OF THE SUFFERINGS OF SINDH” ”سنڌ جي سورن جي ڪهاڻي“ نالي سان انگريزيءَ ۾ به هڪڙو ڪتابڙو لکيو هو، جو خانبهادر کهڙي جي نالي ۾ شايع ٿيو هو. کيس مسڪين سنڌين سان محبت هئي، انهيءَ ڪري، وڏيرن جي پاڙ پٽڻ ۽ سنڌ جي بي رحم جاگيردارنه معاشري کي بدلائڻ جو عزم ڪري اُٿيو هو. پر، کين ڪجهه ڪونه ڪري سگهيو، ڇو ته انگريزَ، ڀوتارن کي جاگيرون ۽ وڏيون زمينداريون ڏئي، سندن پير پختا ڪري ويا.
ڀٽي صاحب به سوشلزم جون ڳالهيون ته گهڻيون ڪيون، پر عملي طرح ڪجهه به ڪري ڪونه سگهيو. سندس حڪومت ۾ ته سنڌ جا وڏيرا هيڪاري زور وٺي ويا.
انگريزن کان آزادي ملي، ته هندستان ۾ جاگيرداري ۽ زمينداري ختم ٿي وئي.
تازو، B.B.C. تي سنڌ جي اتر جي پاسي بدامنيءَ بابت، انٽرويو هليو. ماڻهن کُليو کُلايو چيو ته، ”اسان جي پاسي خون خرابي ۽ ڦرلٽ جا مکيه ڪارڻ ٻه آهن: هڪ سردارُ ۽ ٻيو پوليس عملدارُ.“
هندستان ۾ زميندار ختم ٿيا، ته جمهوريت زور وٺي وئي، پاڪستان ۾ ائين ڪونه ٿيو ته وڏيرو وڏو قَدُ ڪري ويو ۽ جمهوريت ختم ٿي وئي.
آمريڪا جي هڪ اهم اخبار به اعتراف ڪيو آهي ته، ”پاڪستان ۾ ٽي چار طاقتور ڌريون آهن، جن ۾ هڪ وڏا وڏيرا، سردار ۽ خان آهن.“
سو راشدي صاحب، سنڌ جي عام ماڻهوءَ سان محبت ۽ وڏيري سان نفرت هوندي به ڪجهه ڪري ڪونه سگهيو ته مٿس ميار ڪانهي.
راشدي صاحب جي ذاتي زندگي سنڌي ڪلچر جي قالب ۾ پلٽيل هئي. پڪي راڳ (CLASSICAL MUSIC) جو عاشق هو. جڏهن وفاقي وزير اطلاعات ۽ نشريات هو، ته گوَيَن جي سرپرستي ڪندو هو. منيلا ۾ سفير هوندو هو ته، ٻه سنڌي ڪافيون ڳائي، رڪارڊ ڪرائي، سائين حسام الدين شاهه کي ڪراچيءَ موڪليون هئائين. مون ٻڌيون. سندس آواز ۾ ڏاڍو سوز هو. هڪڙي ڪافي جا هي اکر ياد اٿم:

سمجهه سياڻا، سوڍل يار سياڻا،
او سوڍل يار سياڻا!

تازو ڪراچيءَ ۾ راشدي صاحب جي ننڍي فرزند عادل شاهه راشديءَ سان گڏ پنهنجي مشترڪه دوست جلال لانگاهه وٽ ٻيون سندس ڪافيون به ٻڌم. پاڻ جڏهن مينلا ۾ سفير هو، ته بي.بي.سي. کي سنڌي راڳ تي ڪو اڌ ڪلاڪ جو انٽرويو ڏنو هئائين. ڪافيءَ جو پسمنظر ٻڌايو هئائين، ته هيئن ڪيٽيءَ ۾ چوڌاري ساوڪ هئي. پاڻيءَ جي ڇنڀ جي ڀرسان چادرون وڇائي ويٺا هئاسون. چوڌاري لوا هئا، جن واڱڻائي رنگ جو ٻور جهليو هو. نظارو ڏاڍو سهڻو هو. ڏاڏي جي هڪ دوست اسان جي دعوت ڪئي هئي ۽ مانيءَ کان پوءِ هيءَ ڪافي سنڌي سازن تي ٻڌائي هئي. ان کان پوءِ اها ڪافي پاڻ ڳائي هئائين.
لنڊن ۾ انگلستان جي راڻيءَ سان ملاقات مقرر ٿيس. اعليٰ درجي جي انگريزي لباس هوندي به هوائي جهاز رستي، سنڌ مان پراڻي طرز جي زريءَ سان ڀريل ميراڻي ٽوپي گهرايائين، جا ملاقات مهل بڪنگهام پئليس ۾ پائي ويو. هُو ذاتي زندگيءَ ۾ تاڃي پيٽي سنڌي هو.
قدرت سندس ساهُه سنڌ جي ڌرتيءَ سان سنهيءَ سئيءَ سان سبي ڇڏيو هو. سيم سان ڀريل جتيون، ميراڻيون ٽوپيون، ململ جا پٽڪا ۽ ٺٽي جون لونگيون شؤق سان پائيندو هو. ڪـِريون - اي (CRAVEN-A) سگريٽ بدران پن جون ٻيڙيون ڇڪيندو هو. انگريزي طرز تي ڪانٽن ۽ ڇرين بدران، سنڌي نموني، هٿن سان ماني کائيندو هو.
متيرن جو آچار، سرنهن جو ساڳ، ڪڪڙ جو پلاءُ، تتر جو ٻوڙ ۽ پڪل تلور کي بهشت جون نعمتون ڀائيندو هو. شراب ڪباب کي سڄي عمر ويجهو ڪونه ويو، نه وري رنڊين جو راڳ ٻڌائين، پر سنڌ سان ايڏي عشق هوندي به ”ون يونٽ“ جهڙي ڪُڌي ڪم ۾ هٿ وڌائين، ته پنهنجو دامن هميشه لاءِ داغدار ڪري ڇڏيائين. اهو داغ سڄي عمر ڌوئي ڪونه سگهيو. اهو ئي سبب آهي، جو پاڻ به پوءِ کهڙي صاحب وانگر سنڌ جي سياست ۾ وري اُپڙي ڪونه سگهيو.
سائين جي.ايم. سيد ڏانهن پنهنجي خطن ۾ ون يونٽ ٺاهڻ لاءِ جيڪو دليل ڏنو اٿس، اهو تمام ڪمزور آهي. حفيظ قريشيءَ صحيح چيو هو ته، ”رڳو فردَ مظلوم ڪونه ٿيندا آهن، قومون به مظلوم ٿينديون آهن. راشدي صاحب جون وڏيرن تي باهيون هيون. پر، ون يونٽ ٺاهي، هن رڳو وڏيرن کي لاهور جا ڌڪا ڪونه کارايا. سڄيءَ سنڌي قوم کي مظلوم ڪري ڇڏيو!“
سائين جي.ايم سيد مون سان ڳالهه ڪئي ته پيرزادي صاحب، خانصاحب ڪيهر، راشدي صاحب ۽ قاضي محمد اڪبر کي پنهنجيءَ وزارت مان ڪنهن سياسي سبب ڪري ڪڍي ڇڏيو. راشدي صاحب جي ”انا“ مجروح ٿي هن انهيءَ بيعزتيءَ جو انتقام وٺڻ لاءِ سٽون سٽڻ شروع ڪيون. موقعي جو انتظار ڪندو رهيو. جڏهن کڻڪ پيس ته ڪي پنجابي سياستدان بنگالين کي منهن ڏيڻ لاءِ ملڪ ۾ ٻنهي پاسي ٻه صوبا ٺاهي، سڄو قصو برابريءَ (PARITY) جي بنياد تي هلائڻ گهرن ٿا ته راشدي صاحب وڃي ساڻن شامل ٿيو.
سنڌ صوبي کي اولهه پاڪستان جي يڪي صوبي ۾ مدغم ڪرڻ لاءِ پنجابين کي ٻيو مؤثر مددگار خانبهادر کهڙو نظر آيو، هن ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جي مخالفت ڪئي هئي. لياقت عليءَ وارن چونڊيل سنڌي وزير اعليٰ هوندي به کيس ڊسمس ڪيو ۽ ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪيو. کهڙي صاحب سنڌ لاءِ ايڏي قرباني ڏني. پر، سنڌي وڏيرن ان جو قدر ڪونه ڪيو. وڏيرو هميشه سرڪار پرست ٿيندو آهي. کهڙو صاحب دلي طرح مجروح ٿيو ويٺو هو. موقعي جي انتظار ۾ هو. جڏهن پنجابي سياستدانن خاطري ڏنس ته اسان سنڌين کي ون يونٽ ۾ سڀ حق ڏينداسين تڏهن هو ون يونٽ ٺاهڻ لاءِ آماده ٿي ويو. ائين ون يونٽ جي معمارن کي پنهنجي مرضي جا گهربل ماڻهو ملي ويا ۽ کهڙي صاحب ۽ راشدي صاحب کي به پنهنجن وڏيرن کان انتقام وٺڻ جو موقعو ملي ويو. سنڌ ۾ پيرزادي صاحب جي وزارت ختم ٿي وئي. راشدي صاحب، خانبهادر کهڙي سان گڏ پاور ۾ آيو.
سائين جي.ايم. سيد انهيءَ ڳالهه تي تبصرو ڪندي چيو ته، ”کهڙي کي ون يونٽ جو گناهه بخشي سگهجي ٿو، ليڪن راشديءَ کي نه.“
ون يونٽ جي مخالفت ڪري، سائين جي.ايم.سيد سالن جا سال نظربند هو. جڏهن ون يونٽ ٽُٽو، ته لئه ۾ آيو. سنڌ جي نوجوانن ئي ورهين جا ورهيه محنتون ڪري، کيس سنڌ جو هيرو ڪيو هو. وڏيرا ۽ سيد سڳورا ته ڪڏهو ڪو ڇڏي ويا هئس. پر، حيرت آهي ته جڏهن راشدي صاحب پاسو ڏنس، ته نوجوان اديب، شاعر ۽ شاگرد اڳواڻ وسري ويس. بلڪه، ون يونٽ ٺاهڻ ۾ راشدي صاحب جو ڏوهه به وسري ويس. جيئن راشدي صاحب چيس، تيئن ڪيائين.
سائينءَ کي ائين آسانيءَ سان نوجوانن کان ڦيرائي وڃڻ واقعي راشدي صاحب جو ڪمال هو!
راشدي صاحب جي ”انا“ ۽ ”ارڏائيءَ“ جا ڪيئي داستان ٻڌا اٿم. ڪي خود کانئس، ڪي سائين جي. ايم. سيد کان، ڪي سائين حسام الدين شاهه کان، ڪي حاجي مولابخش سومري کان، ڪي رحيم بخش سومري کان ۽ ڪي سندس فرزند حُسين شاهه کان. پر، انهن ۾ هڪڙو به ڪتاب ۾ لکڻ جهڙو ڪونهي! ڏاڍا ڏکوئيندڙ آهن. راشدي صاحب وڏي آفت هو. صحيح معنيٰ ۾ ”ٻرندڙ جبل“ (Volcano) هو.
راشدي صاحب آسمان مان ”من وسلويٰ“ جي نازل ٿيڻ جي اُميد ڪانه رکندو هو. چوندو هو ته ”جَوَ پوکبا ته ڪڻڪ ڪانه لڻبي.“ پاڻ پنهنجيءَ پتيءَ جو ڪم وڏي محنت سان سرانجام ڏيئي، نتيجي لاءِ قسمت جي فيصلي جو انتظار ڪندو هو. هميشه چوندو هو ته، ”ڳوٽ ڀڄندي آهي عقل سان.“
سندس ڪتاب ”اهي ڏينهن، اهي شينهن“ ۾، شاهڪار آهي. ڪتاب جي منڍ ۾ وڏيرڪي زندگيءَ جي جيڪا تصوير ڪڍي اٿس، انهيءَ تي، ٽي.وي. لاءِ شاندار فلم ٺهي سگهي ٿي. پر ايڏي صلاحيت هوندي به، هن سائين جي.ايم.سيد وانگر ڪوبه ادبي ادارو يا ’ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز‘ جهڙو ادارو قائم ڪونه ڪيو، توڙي جو پڪي راڳ جو شوقين به هو. سنڌ سندس پايي جو صحافي نه اڳي پيدا ڪيو هو ۽ نه وري کانئس پوءِ ڪيو آهي، پر پاڻ سنڌي زبان ۾ ڪا روزاني اخبار به جاري ڪري ڪونه سگهيو. ورندو سنڌ جي اڪيليءَ قومي اخبار ”الوحيد“ کي به ”ون يونٽ“ ٺاهڻ لاءِ بند ڪيائين، جا ان جي مخالفت ڪري رهي هئي. ”اهي ڏينهن اُهي شينهن“ ڪتاب ۾، قيصر خان بوزدار جي قصي ۾ ”اخلاقي قدرن ۽ قدرتي انصاف“ جي موضوع تي دلچسپ گفتگو ڪئي اٿس. ان ۾ سندس پنهنجي سڀاءَ جو اولڙو به نظر اچي ٿو.
شيڪسپيئر جي نقادن جو هڪ دلپسند موضوع اهو آهي ته انگريزي زبان جو هي هاڪارو شاعر قدرتي انصاف جو قائل هو يا نه؟
راشدي صاحب پڻ ساڳيو سوال اٿاريو آهي ۽ پنهنجو مشاهدو ٻڌايو آهي ته: ”ظاهر ته اهو ئي نظر اچي ٿو ته چور ڇٽو وڃي ٿو ۽ ڀاڳيو ٻڌو وڃي ٿو.“
سنڌي زبان ۾ ورلي ڪي ”اهلِ قلم“ هوندا، جن جي نگاهه راشدي وانگر انساني سوچ جي بنيادي مرڪزن تائين پهتي هوندي. زندگيءَ جا بنيادي مسئلا ڇيڙيندو ته هو، پر اونهو ڪونه ويندو هو. سرسري طور سماپت ڪري ڇڏيندو هو.
راشدي صاحب دنياداريءَ جي معاملن کي ”آئيڊيلسٽ“ (IDEALIST) انداز سان ڏسڻ، بدران ”پريڪٽيڪل“ (PRACTICAL) نقطه نگاهه کان پرکيندو هو. منهنجو خيال آهي ته:
”تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهڻ“ بدران، ”ڇن جو ڇانورڙو پسند ڪندو هو.“
هيڪر ڪراچيءَ مان مون کي پيغام موڪليائين ته، ”مانيءَ جو بندوبست ڪر، هوٽل ۾ ڏينهن ٺاري، دادوءَ هليا وينداسين.“ مون ڳوري ماني ڪرائي. آيو ته کائي ڍؤ ڪري، سمهي پيو. گرميءَ جي مند هئي. وري شام جو ملياسين، ته دادوءَ وڃڻ جو ارادو بدلايائين ۽ مون کان پڇيائين ته، ”ڪاڏي گهمڻ هلون؟“
مون سوچي چيو ته، ”علامه قاضي صاحب وٽ هلون.“ فورا جواب ڏنائين ته، ”انهيءَ وٽ پنهنجو وقت ڪير وڃائيندو؟“
پر، جڏهن علامه صاحب وفات ڪئي، ته مٿس ”جنگ“ اخبار ۾ جيڪو مضمون لکيائين، اهو جويي صاحب سنڌيءَ ۾ ”عبرت“ اخبار ۾ ترجمو ڪري ڇپايو ۽ نوٽ هنيو ته، ”هن مضمون مون کي بار بار روئاريو.“
مائٽن سندس نالو علي محمد رکيو هو. پاڻ پنهنجي اولاد جا جيڪي نالا رکيائين، سي سندس مذهبي لاڙي ۽ حُسنِ ذوق جا آئينه دار آهن، مثلاً حَسن، حُسين، حُسنا، محسن، عادل، عنادل ۽ ٻيا.
راشدي صاحب اخلاقي قدرن جي شڪست کي مڃڻ ۽ آئيڊيلسٽ نه هجڻ جي باوجود روحانيت جو قائل هو. مون کيس ڪڏهن به نماز يا تسبيح پڙهندي ته ڪونه ڏٺو، پر هڪ دفعي جڏهن ساڻس روحانيت بابت بحث ڪيم، ته پڇيائين: ”تون ايٽم بم جي قوت کي مڃين ٿو؟“
مون چيو ”هائو.“
پاڻ چيائين ته، ”چڱو، مان توکي ايٽم بم جو نسخو آڻي ڏيان ۽ مسالو به موجود ڪري ڏيان، ته ايٽم بم ٺاهي سگهندين؟“
”نه“ مون کيس صاف جواب ڏنو.
چيائين ته، ”روحانيت جو مثال به ائين آهي. اها ڳالهه تنهنجي ۽ منهنجي سمجهه کان مٿي آهي، پر حقيقت آهي.“
ٻئي دفعي مون سندس گهر ۾ کانئس نماز پڙهڻ لاءِ مصلو گهريو. نماز پڙهي بس ڪيم، ته مون کي چيائين ته: ”توکي هڪ وظيفو ڏسيان، اهو پڙهي ڇڏيندو ڪر.“ قرآن ڪريم جا ڪي الفاظ هئا.
قرآن ته سڄو ئي نور آهي، پر مان نماز جو قائل آهيان، سو سندس صلاح تي عمل ڪونه ڪيم. پر، ائين سمجهيم ته پاڻ شايد پنهنجي ليکي اهو وظيفو پڙهندو آهي.
ليڪن، انهن خيالن ۽ عقيدن جي باوجود، تاريخي واقعن جو نتيجو ڪڍڻ ۾ بيباڪ هوندو هو. هڪ دفعي مولانا قاسميءَ ۽ مون سان ڪچهري ڪندي، چين جي سوشلسٽ اڳواڻن جي وفات کان پوءِ سندس ڏاڍي تعريف ڪيائين.
مون ساڻس اختلاف ڪندي چيو ته، ”مائوءَ جي گهر واريءَ جو ڪهڙو حشر ڪيائون؟“
اهو ٻڌي، ٺهه ٺهه چيائين ته، ”تو وارا پاڻ ۾ ڪونه وڙهيا هئا؟“
هڪ دفعي سندس ڀاءُ سائين حسام الدين شاهه مون کي چيو ته، ”علي محمد شاهه جهڙن ماڻهن جي سوچ ڌرتيءَ ۾ زلزلا آڻيندي آهي“.
ٻئي دفعي، سندس گهرواريءَ، مسز ممتاز راشديءَ مون کي چيو ته:

MY HUSBAND IS A COLD-BLOODED POLITICIAN

راشدي صاحب هڪ دفعي پاڻ مون کي چيو ته، ”سنڌ جا ماڻهو ان ڏينهن کان ڊڄن، جڏهن دشمن، منجهن ڦوٽ وجهڻ لاءِ، ٻروچ ۽ سماٽ جو سوال اٿاريندو.“
ٻئي دفعي مون کي صلاح ڏنائين ته، ”ماڻهن تي سوچي ڀروسو ڪجانءِ، غلام فريد چيو آهي ته:
”بيوفا ڀــِرا ڪنون، ڪُتا يار ڪريجي.“
اهي ڳالهيون ورلي ڪندو هو. گهٽ ڳالهائيندو هو. سدائين سوچيندو رهندو هو. پائيپ ڇڪيندو رهندو هو.
هڪ دفعي ٻڌايائين ته جڏهن اطلاعات جي وفاقي وزارت ڇڏي هئم، تڏهن استعفيٰ لکي، ڪاري صاحب وٽ کڻي ويو هوس. جڏهن ساڻس مليس، ته پنو پادر مان ڪڍي، سندس سامهون ميز تي رکيم.
پاڻ موج ۾ هوندو هو ته سندس ڪچهري ڏاڍو مزو ڏيندي هئي. هڪ دفعي مان ۽ محترم اسدالله شاهه حسيني، سرڪاري ڪم سان اسلام آباد هئاسين. پاڻ به اتي هو. اسان کي رات جي مانيءَ جي دعوت ڏنائين. ماني کائڻ کان پوءِ ڪچهري شروع ٿي. الائي ڪهڙو ريچڪ آيس، سو اچي ٿو غريب اسدالله سان چرچا گُهٻا شروع ڪري. جيترو مون کي قرب ڏنائين، اوترو ئي اسدالله شاهه کي پٽايائين. پر، سندس چرچو گهٻو نهايت شگفته ۽ شائسته هو.
ڀٽي صاحب جي حڪومت ۾ جڏهن پاڻ اسلام آباد ۾ مشير هو، تڏهن ڪنهن شخص مون سان ڳالهه ڪئي ته، ”راشدي صاحب دلي طرح خوش ڪونه آهي.“
ستت، منهنجو سرڪاري ڪم سان اسلام آباد وڃڻ ٿيو. سندس ئي گهر ۾ رات جو ماني کاڌيسون. اڪيلا ٿياسون ته ڪنڌ ورائي، مون ڏي نهاري، غمگين لهجي ۾ چيائن ته: ”رباني، جلاوطنيءَ جا هي ڏينهن به گذري ويندا.“
اسلام آباد ۾ مولانا ڪوثر نيازي منهنجي پاڙي ۾ رهندو هو. گهرو گهاٽو ٿي ويو. اطلاعات جووزير هو. راشدي صاحب سندس ئي وزارت ۾ ڀٽي صاحب جي مشير جي منصب تي هو. هڪ دفعي مون ۾ ڪم پيس. مون سندس ڪم بروقت ڪيو، چاءِ گهرائي ۽ کانئس راشدي صاحب بابت راءِ ورتي. چيائين ته:
”راشدي صاحب جيڏين اعليٰ صلاحيتن جو مالڪ هو، ايڏيون سازگار حالتون کيس ڪونه مليون.“
صوبي سرحد جي هاڪاري اڳواڻ، خان عبدالغفار خان جي وڏي پٽ غني خان پنهنجي ڳوٺ ”ناڙي“ ۾ منهنجي دعوت ڪئي. شاندار ماني کارايائين ۽ اڌ رات تائين اهڙي ئي يادگار ڪچهري ڪيائين. ڪنهن ڳالهه تي گفتگو ڪندي چيائين ته:
”ويهينءَ صديءَ جي سنڌ چار غير معمولي ذهين شخص پيدا ڪيا: هڪ لله بخش سومرو، ٻيو جي.ايم. سيد، ٽيون پير علي محمد راشدي ۽ چوٿون ذوالفقار علي ڀٽو.“
ملتان جو مخدوم، سجاد حسين قريشي صاحب پنجاب جو گورنر هو. مون سان محبت هئس. هڪ دفعي مان وٽس گورنر هائوس لاهور ۾ ٽڪيل هئس. راشدي صاحب جي ڳالهه نڪتي، مخدوم صاحب چيو ته:
”پير علي محمد راشدي، نيپولين بوناپارٽ جي ليول جو ماڻهو هو. پر، سندس پُٺ مضبوط ڪانه هئي. ننڍي صوبي جو ماڻهو ٿي پيو.“
مون ساڻس زندگيءَ جو جيڪو عرصو گذاريو، ان ۾ اهو مشاهدو ڪيم ته راشدي صاحب زمين تي وک سوچي سمجهي وجهندو هو. ڪنهن به معاملي تي جيڪا راءِ ڏيندو هو، سا، پڪي پختي هوندي هئي. اهڙي ئي پڪي پختي جهڙا رُڪ مان ٺهيل ريلوائي پٽا. جنهن ڳالهه ۾ پڪو ارادو ڪري، هٿ وجهندو هو، ان کي توڙ تي پهچائيندو هو.
هڪ دفعي منهنجي اڳيان ڪنهن شخص فون تي چيس: ”دمادم مست قلندر“، اهو ڀٽي صاحب جو مشهور نعرو هوندو هو.
راشدي صاحب ٿڏي تي جواب ڏنس: ”پٽيس پاڙ، قلندر.“
ڀٽي صاحب کيس سفارت تان لهرايو هو. راشدي صاحب، نواب ڪالا باغ سان ملي، ڀٽي صاحب لاءِ کڏون کوٽيون. نيٺ کيس وزارتِ خارجه تان لهرايو. ساڻس سنئون سڌو پلئه ڪيائين. پر، ايڏي دشمنيءَ کان پوءِ به جڏهن ڀٽو صاحب پاور ۾ آيو ۽ ملڪ جو صدر ٿيو، ته راشدي صاحب کي پنهنجو مشير مقرر ڪيائين ۽ نهايت نازڪ معاملن ۾ ساڻس صلاح ڪندو هو، جن مان ڪن جي مون کي به خبر آهي.
مون کيس پويون دفعو تڏهن ڏٺو، جڏهن اسپتال مان غالباً اڌ رنگي جي بيماريءَ مان صحتياب ٿي نڪتو هو. مان سندس وڏي پٽ، حُسين شاهه سان ملڻ ويو هئس. جو منهنجو دوست هو. راشدي صاحب به پنهنجو گهر ڇڏي، وٽس ئي ٽڪيل هو. ”علي رضا هائوس“ بنگلي جو نالو هو. آڳر جو هڪ حصو ڇٻر هئي ۽ ٻئي تي سيمنٽ جو پلاستر هو.
سياري جي مند هئي. راشدي صاحب تڙڪي تي، ڪرسي وجهي ويٺو هو. مون کي ڏسي، ڪنڌ مٿي کنيائين. سڃاتائين ۽ کيڪاري، هيڻي آواز ۾ چيائين ته، ”ويهه.“
پاسي ۾ ٻه ٽي خالي ڪرسيون پيون هيون، مان هڪڙيءَ کي ڇڪي ويٺس. بيماريءَ ڪري، ڳري، بت ۾ هلڪو بلڪ ضعيف ٿي ويو هو. پوين ڏينهن ۾، پراڻن دوستن مان فقط علي قطب شاهه سندس سٺو ساٿ ڏنو هو. پر، انهيءَ مهل ته ساڻس ڳالهائڻ ٻولهائڻ لاءِ ڪو به وٽس نظر ڪونه آيو. اڪيلو ئي اڪيلو اداس ويٺو هو. مون کي اهي ڏينهن ياد آيا جڏهن ڇا ته سندس رعب تاب هوندو هو. هڪ ڀيري ساڻس ڪا ڳالهه نڪتي هئي، ته چيائين: ”ڪم ڪيئن نه ڪندو؟“
مون چيو ته، ”سائين افسوس آهي ته اوهان وٽ پاور ڪونهي.“
اهو ٻڌي، چيائين ته، ”پر، ماڻهن ۾ ڏَرُ ته آهي؟“
اها ڳالهه سورنهن آنا صحيح هئي. ماڻهن ۾ سندس ڏاڍو ڏر هوندو هو. پر، هاڻي ته اهو وقت به وهندڙ پاڻيءَ وانگر وهي ويو هو. هونئن به وهندڙ پاڻيءَ ۽ لهندڙ پاڇن تي ڪهڙو ڀروسو؟
انهيءَ ڏينهن مون کيس سراسر اداس ۽ مايوس ڏٺو. سمورو وقت هڪ اڪيلي انسان وانگر، سيمنٽ جي سخت ۽ بي مهر ڪاري فرش ڏانهن تڪي رهيو هو.
زندگي جڏهن نامهربان ٿئي ٿي، تڏهن ماڻهوءَ کي ان جو عَڪس سيمنٽ جي سُڪل پلاستر ۾ به آئيني وانگر چٽو نظر اچي ٿو.
مون کي سندس مرجهايل چهرو ڏسي، ”اهي ڏينهن، اهي شينهن“ ڪتاب جي پيش لفظ ۾ سندس اکر ياد آيا ته، ”منهنجي حياتي ائين پئي گذري آهي، جيئن واچوڙي جي وچ ۾ ڪک. نه واچوڙو ڇڏيس، نه ڪک قرار وٺي.“ ان کان پوءِ ڀٽائيءَ جي هڪ سٽ ڏني اٿس. سڄو شعر هيئن آهي:

هلايو ته هلي هلان، بيهاريو ته بَس،
واڳ ڌڻي تنهنجي وس، آءٌ ڪا پاڻ وهيڻي؟

مان چڱيءَ چڱيءَ دير تائين وٽس ويٺو رهيس. هو پنهنجن خيالن ۾ گم هو. الائي ته ڪاٿي هو؟ سو، مانِ آهستي آهستي اٿيس، ته متان سندس خيال ۾ خلل پوي. پٻن تي هلندو هلندو گيٽ مان ٻاهر نڪتس.
صبح جي مهل هئي. چوڌاري چپ چاپ هئي. رات جو رستي تي وڻن جا سڪل پن ڪريا هئا، جن جي مٿان هلڻ ڪري، منجهانئن عجب آواز ٿي نڪتو. اوري پري ڪير به ڪونه هو. سامهون واري بنگلي جي اڳيان هڪڙو سو، پنجابي چوڪيدار حُقو ڇڪي رهيو هو ۽ سلطان باهوءَ جي مشهور ڪافي ڏاڍي ڏک ۾ ڳائي رهيو هو:

تـاڙي مار، اڏار، نـه باهـو، اسان آپ اڏڻ هاري هون.
اسان آپ اڏڻ هاري هون.
اسان آپ اڏڻ هاري هون.

پير حسام الدين راشدي

پير حسام الدين شاهه راشدي عيسوي ويهينءَ صديءَ ۾ سنڌ جو اهو مشهور تاريخ نويس هو، جنهن سنڌين کي ارغونن، ترخانن ۽ مغل حاڪمن جي ظلمن کان واقف ڪيو. ڌارين کان نفرت ڪرڻ ۽ پنهنجن سان پيار ڪرڻ جو درس ڏنو. سندس پورهيو سجايو ٿيو. ڪيترائي سنڌي نامور اديبَ، شاعر ۽ دانشور پيدا ٿيا، جن وطن سان محبت جي واٽ ورتي. نياز همايونيءَ هڪ دفعي مون کي ٻڌايو ته، هن پير صاحب کان ئي متاثر ٿي، هي لافاني لفظ لکيا هئا:

حـق موجود، سدا موجـود
سنڌ موجود، سدا موجود

شيخ اياز پڻ پنهنجي هڪ ڪتاب جو انتساب پير صاحب جي نالي ڪيو ۽ لکيو هو ته، ”سندس روح مان مون کي اروڙ جي مٽيءَ جي خوشبو ٿي اچي.“ جڏهن مينهن وسندو آهي ته مٽيءَ مان عجب خوشبو نڪرندي آهي. ايازُ ڪيترائي دفعا مون سان گڏجي پير صاحب وٽ حاضري ڏيڻ هليو هو.
الله سائينءَ، پير صاحب کي گهڻين ئي خوبين سان نوازيو هو، پر هڪ عالم ۽ محقق جي حيثيت ۾ سنڌ جي تاريخ جو احوال گڏ ڪرڻ ۽ ڇپائڻ سندس دلپسند شغل هو. محنتي ۽ ايماندار شخص هو. پنهنجي ڪم ۾ وڏي محنت ڪندو هو. ڪا به ”غير مستند ڳالهه“ لکڻ کان پاڻ بچائيندو هو... ”مستند معلومات“ سونَ جي ذرڙن وانگر گڏ ڪري، پڙهندڙن جي اڳيان پيش ڪندو هو. سندس همعصر گهڻن عالمن ۾ اها خوبي ڪانه هئي. ڪي ته ڄاڻي واڻي سنڌ جي تاريخ کي مسخ ڪندا هئا. مثال طور سنڌ جي اڳوڻيءَ عظمت واريءَ تهذيب جي نشانن، ڪاهوءَ جي دڙي، ۽ لوهم جي دڙي وغيره کي ته سندن نالن سان سڏيندا هئا، پر ”موهن جي دڙي“ کي تعصب جي ڪري ”مئن جو دڙو“ ڪوٺيندا هئا! ڄڻ ته ڪاهوءَ جو دڙو ۽ لوهم جو دڙو جيئرن جاڳندن ماڻهن جا شهر آهن. تعصب ماڻهوءَ جي اکين تي پٽي ٻڌي ڇڏيندو آهي. هو انڌو ٿي ويندو آهي، پر جيڪي تعصب کان آجا هوندا آهن، سي سچ لکندا آهن. مثال طور ”موهن جو دڙو“ ڪوٺيندا هئا.
ڪنڊياري تعلقي ۾، اسان جي ڳوٺ جي ڀر سان بهليمن جو دڙو هوندو هو، جو ڪنهن زماني ۾ بهليم قوم جا ماڻهو اتي رهندا هئا. بهليم قوم اڃا سنڌ ۾ گهڻن هنڌن تي آباد آهي ۽ نهايت مهذب آهي. ممتاز محقق، حڪيم خليفي عبدالمجيد خان چانڊيي پنهنجي تازي لکيل لاجواب ڪتاب ”سوانح حيات غيبي خان چانڊئي“ ۾ ته ڪيترائي اهڙا پراڻا ڦٽل شهر ڏسيا آهن، جيڪي پنهنجن پراڻن نالن سان سڏجن ٿا، جيئن هاڪڙي جو دڙو، سماگر جو دڙو ۽ شاهه نندل جو دڙو وغيره.
پير صاحب ۾ به تعصب ڪونه هو ته پاڻ موهن جي دڙي کي انهيءَ ئي نالي سان ڪوٺيندو هو ۽ فخر سان چوندو هو ته:
”موهن جو دڙو سنڌ جي اڳوڻيءَ عظمت جو روشن نشان آهي!“
مان زندگيءَ جو وڏو عرصو پير صاحب سان گڏ گذاريو. ڪتاب لکڻ جو سندس طريقو اهو هو ته اول پنهنجي پراجيڪٽ جو نقشو ٺاهيندو هو. پوءِ بسم الله ڪندو هو. گويا، تحقيقي ڪم سائنٽيفڪ نموني ۾ ڪندو هو. جيڪي لکندو هو، تنهن تي بار بار نظرثاني ڪندو هو. جيڪي غلطيون نظر اينديون هئس، تن جي درستيءَ ۽ مسودي جي صاف ڪاپي اتارڻ جو ڪم، فارسي ڪتابن جي صورت ۾، مولوي اعجاز الحق قدوسيءَ يا حبيب الله راشديءَ کي ڏيندو هو. ٻئي ڄڻا سنڌي ادبي بورڊ ۾ نقل نويس هئا. ٽيون نقل نويسُ مولوي محمد صديق ”ماعر“ هوندو هو، جيڪو سنڌي هو ۽ عربي نسخن جي نقل نويسيءَ جو ماهر هو. سندس سنڌي، توڻي فارسي ۽ عربي اکرَ موتيءَ جا داڻا هوندا هئا. جڏهن جويي صاحب کيس بورڊ مان فارغ ڪري ڇڏيو، ته ڊاڪٽر الانا فوراً کيس سنڌالاجيءَ ۾ روزگار سان لاتو، غريب ڏکين ڏينهن ڏسڻ کان بچي ويو.
پير صاحب نقل نويسيءَ جي، ڪم ۾ چڪ اصل برداشت ڪونه ڪندو هو. هڪڙو مثال مون کي ياد آهي. هڪ دفعي مولوي اعجازالحق قدوسيءَ سندس ڏنل مواد جا ويهه پنجويهه صفحا اتاريا مون کان پڇيائين ته، ”ڪاڏي ٿا وڃو؟“
مون چيو ته، ”پير صاحب وٽ، ڪو ڪم چيو هئائين.“
چيائين ته، ”مان به هلان ٿو، جو هي اتاريل ڪاغذ کيس ڏيڻا اٿم ۽ نوان ڪاغذ کانئس وٺڻا اٿم.“
اسان ٻئي ڄڻا ڪراچيءَ ۾ بندر روڊ تي بورڊ جي آفيس مان سرڪاري جيپ ۾ چڙهي پير صاحب جي رهائشگاهه ”بيت الضيا“ جمشيد روڊ ڪراچي روانا ٿياسين. ڀانيان ٿو يارهين، ساڍي يارهين بجي صبح جو ٽائيم هوندو. اُتي پهتاسين ته نوڪر پير صاحب وٽ وٺي هليو. پاڻ پنهنجيءَ لئبرريءَ ۾ ڪو ڪتاب ويٺي لکيائين. اسان سندس ميز جي سامهون ڪرسين تي وڃي ويٺاسون. هن اسان کي ڏٺو پر خاموشيءَ سان لکندو رهيو. جڏهن سڄو صفحو لکي پورو ڪيائين، ته ڪنڌ مٿي کڻي، اسان ڏانهن نهاريائين ۽ مولوي صاحب کان پڇيائين ته، ”جيڪي ڪاغذ ڏنا هئم، سي نقل ٿي ويا؟“
مولوي صاحب جي وات ۾ پان هو. سو، جواب ڏيڻ بدران ساڻ آندل ڪاغذ سندس اڳيان رکيائين. پير صاحب اهي ڪاغذ پڙهڻ شروع ڪيا. پهرئين ئي صفحي ۾ ڪا چُڪَ نظر آيس، سو، اول ته مولوي صاحب ڏانهن ڪاوڙ ۾ نهاريائين... پوءِ، پينَ کڻي چُڪ درست ڪيائين. ٻيو صفحو ورايائين، ته ان ۾ به ڪا هڪ اڌ چُڪ نظر آيس، نرڙ ۾ گُهنج وجهي، اها به درست ڪيائين. ٽين چُڪ نظر آيس، ته غصي ۾ باهه ٿي ويو. ڪاغذ ڦاڙي، چار ٽڪر ڪري، ردي ٽوڪريءَ ۾ اڇلايائين ۽ مولوي صاحب کي چيائين ته: ”چلي جائو.“
مولوي صاحب ڪرسيءَ تان اٿيو، ته مان به اٿيس. ٻئي ڄڻا موٽي بورڊ جي آفيس ۾ پهتاسون. رستو ڊگهو هو. پر، مولوي صاحب ويچاري کان ٻيو پان کائڻ به وسري ويو.
هونئن، پير صاحب کي مولوي صاحب سان ڏاڍي محبت هوندي هئي. پاڻ مولوي صاحب کان سواءِ منجهند جي ماني ڪونه کائيندو هو. مولوي صاحب پاڻ وقت تي نه پهتو، ته پير صاحب روزانو کيس موٽر موڪلي، بورڊ جي آفيس مان پنهنجي گهر گهرائي وٺندو هو.
جويي صاحب پنهنجي هڪ مضمون ۾ پير صاحب کي ”محنت ڪش محقق“ ڪوٺيو آهي. پير صاحب جي باري ۾ صحيح راءِ اها ئي آهي. مان ان ڳالهه جو اکين ڏٺو شاهد آهيان. خاص ڪري، ٽن ڪتابن ”مقالات الشعراء“ ۽ ”تذڪره شعراءِ ڪشمير“ توڙي ”تحفته الڪرام“ (فارسي) جي ايڊٽنگ تي وڏي محنت ڪئي هئائين! اهي ٽئي ڪتاب سندس علمي عظمت جا يادگار آهن. ’مقالات الشعراء‘ جو ڌڪ ته پچائي ويو، پر ”تذڪره شعراءِ ڪشمير“ تي رات ڏينهن جيڪا هڻ هڻان ڪيائين، تنهن جي نتيجي طور کيس دل جو دورو پيو.
”تاريخ مظهر شاهجهاني“ به اوڏيءَ ئي محبت سان ايڊٽ ڪيائين. انهن ڏينهن ۾، اٿي ويٺيءَ، اها ڳالهه سندس زبان تي هوندي هئي ته، ”مغلن جي حڪومت ۾ سنڌ تي ڏاڍو ظلم هو.“ هڪ ڏينهن مون کي چيائين ته ”ڪتاب ۾ راڻيءَ نورجهان جو شجرو ڏيئي، ڏيکارڻ گهران ٿو ته سندس مٽ مائٽ، سڄي هندستان ۾ اهم سرڪاري عهدن تي قابض ٿي ويا هئا. سندس پنهنجا اکر هي هئا: ”نورجهان جو خاندان سڄي مغل هندستان ۾ ڪينسر وانگر پکڙجي ويو هو.“
جڏهن نورجهان جو شجرو ٺاهڻ شروع ڪيائين ته پڻس جو جدا ٺاهيائين ۽ ماڻس جو جدا. ٻئي شجرا هاڻي سندس ايڊٽ ڪيل ڪتاب ”مظهر شاهجهاني“ ۾ موجود آهن. انهن شجرن لاءِ الائي ته ڪٿان ڪٿان معلومات گڏ ڪيائين ۽ آخر ۾ انهن کي انهيءَ نقطي تي وڃي پهچايائين، جتي ملڪه نورجهان جو جسماني پيڪر، هن دنيا ۾ تشريف آوريءَ لاءِ، اڃا سندس وڏڙن جي رت ۾، ابتدائي جزن جي صورت ۾ به ظهور پذير ڪونه ٿيو هو.
پير صاحب ڪتابن وانگر، انهن جا مقدما به وڏيءَ محنت ۽ ايمانداريءَ سان لکندو هو. ”سير العارفين“ جو مقدمو سندس محنت ۽ اورچائيءَ جو هڪ سهڻو مثال آهي. اهڙو ئي ٻيو مثال مير علي شير قانع جي سوانح حيات وارو مضمون آهي، جو ”تحفته الڪرام“ جي اردو ايڊيشن ۾ ڇپيل آهي. سنڌ جي هاڻوڪن موجوده محبِ وطن اديبن کي انهن تي تبصرا لکڻ گهرجن، ته اسان جو نئون نسل پنهنجي تاريخي ورثي کان واقف ٿئي.
اسان کي نئين نسل کي سمجهائڻ گهرجي ته ”مخلص انسان آسمان مان نازل ڪونه ٿيندا آهن. هن ڌرتيءَ تي ئي جنم وٺندا آهن.“ پير صاحب جي وفات کان پوءِ موجوده دور جو سچو پچو عالم ۽ محقق قريشي حامد علي خانائي آهي، پر سندس قدر ڪونه ٿيو آهي. سائين قاسمي صاحب کي ان ڳالهه جو پورو پورو احساس هو. قريشي صاحب جي ڪم جي ڏاڍي تعريف ڪندو هو.
پير صاحب جي لکيل مقدمن ۾ اڃا به هڪ مکيه مثال ”حديقته الاولياء“ جو آهي. جنهن ۾ سيوهڻ جي مشائخن جي باري ۾ معلومات ڏني اٿس. انهيءَ مقدمي ۾، هن اهڙن تذڪرن جي فهرست مختصر جائزي سميت ڏني آهي، جيڪي سنڌ ۾ تصوف جي تاريخ لکڻ لاءِ بنيادي ماخذ (BASIC SOURCES) جي حيثيت رکن ٿا.
سنڌ ۾ سومرا خاندان ۽ ڀٽا خاندان قلندر شهباز جا عقيدتمند آهن. انهيءَ پسمنظر ۾، هڪ دفعي رحيم بخش سومري، پير صاحب جي وفات کان پوءِ مون کي چيو هو ته:
”جڏهن سنڌ جا مڙئي موجوده وطن فروش محقق ۽ بي ضمير عالمَ مري ويندا، تڏهن پير صاحب جا ڪتاب ’سونهاريءَ سنڌ جي تعميرِ نو‘ لاءِ نئين نسل کي ڪم ايندا. سنڌ جا اهلِ دل انسان سندس ابدي آرامگاهه تي ريشم ۽ ڪيمخواب جا پَڙَ چاڙهيندا ۽ سنڌي مائرون پنهنجن ٻچن تي دودي سومري وانگر، ”حسام الدين“ نالو سڪ ۽ عقيدت سان رکنديون.“
پير صاحب زندگيءَ ۾ ڏکيا ڏينهن به ڏٺا. کيس 1958ع ۾ دل جو پهريون دورو پيو. پوءِ ته ٻه ٽي دفعا پيو هو، هڪ دفعو لاهور ۾ پيو هو، جتي پاڻ علامه اقبال قومي ڪانگريس ۾ شريڪ ٿيڻ ويو هو. هڪ مهاجر عالم مون سان ڳالهه ڪئي، ته اسان شام وارو اجلاس پورو ڪري اٿياسين. پرل ڪانٽيننٽل هوٽل ۾ ٽڪيل هئاسين. ڪانگريس جا ڪي نمائندا مغرب جي نماز لاءِ وضُو ڪرڻ ”سئمنگ پول“ تي وڃي ويٺا ۽ ڪي وري هوٽل ڏي هليا. پير صاحب پنهنجي کِل ڀوڳ واري مزاج موجب، ڪو گفتو ڪڍيو، جو ٻڌي، هڪ ترڪ نمائندي تلاءَ تي وضو ڪندي ڏانهس غصي مان گهُوري، چيو ته ”خيال ڪر! هو سريع الحساب اٿئي!“
پير صاحب گهٻرائجي ويو. هوٽل ۾ وياسين. هو پنهنجي ڪمري ۾ ويو ۽ مان پرڀرو پنهنجي ڪمري ۾ وڃي داخل ٿيس، ته فون جي گهنٽي وڄي رهي هئي. رسيوَر کنيم، ته پير صاحب هو، چيائين ته، ”جلد اچ“. موٽي سندس ڪمري ۾ ويس ته پگهر ۾ شل هو. کيس دل جو سخت دورو پيو هو.
غالباً اهو 1977ع جي موسم سرما جو واقعو آهي. مان تڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پرو - وائيس چانسيلر هئس. خبر ٻڌم، ته هڪدم هوائي جهاز رستي لاهور پهتس. صبح جا يارهن، ساڍا يارهن ٿيا هوندا، سخت سيارو هو. پير صاحب جي طبيعت ڪجهه سڌري هئي، سو کيس ”انتهائي نظرداريءَ“ جي وارڊ مان ڪڍي، پرائيويٽ روم ۾ منتقل ڪيو هئائون، پر ڪمرو تمام ٿڌو هو. سنگ مرمر جو فرش هڪ ته پراڻو ٻيو ته ڏاڍو ٿڌو هو. پير صاحب پنهنجي ڀائٽئي، ڊاڪٽر شمن شاهه راشديءَ سان گڏ، بجليءَ جي هيٽر جي اڳيان ويٺو هو. مان ساڻس مليس ۽ ڪرسي کڻي گڏ ويٺس. ماحول ڏاڍو افسرده هو. ڪا دير ٽئي ڄڻا خاموش رهياسين. آهستي آهستي ڳالهه ٻولهه شروع ٿي، ته سڄو ڏينهن ڳالهين ۾ گذري ويو. شام جو مان کانئس موڪلائي حيدرآباد موٽيس. ٻيو ڪوبه سنڌي اديب يا سنڌ مان ڪنهن علمي، تعليمي ۽ ادبي اداري جو نمائندو، پنهنجي عظيم سنڌي تاريخ نويس کان پڇڻ ڪونه آيو. اها ڳالهه ان ڪري اهم آهي جو پير صاحب اول ۽ آخر هڪ سنڌي اديب، عالم ۽ محقق هو. سندس اٿي ويٺي عالمن ۽ اهلِ قلم ماڻهن سان هوندي هئي. سياسي ڳالهين ۾ وڏي دلچسپي هئس ۽ سنڌي سياستدانن ۾ سائين جي.ايم. سيد ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي سان دل هئس. هڪ دفعي سائين جي.ايم.سيد کي چيائين ته، ”مان اوهان جي سياسي ڪمن ۾ شريڪ ته برابر ڪونه ٿو ٿيان، پر، انهن جو اکين ڏٺو شاهد ته آهيان.“
حقيقت به اها ئي آهي. سياست سندس وڏو ڀاءُ، پير علي محمد راشدي ڪندو هو. پر، جڏهن سائين جي.ايم. سيد ڪراچي ايندو هو، ته پاڻ سائين حسام الدين شاهه”حيدر منزل“ تي روزانو وٽس ايندو هو. ٻيا ڏهه ٻارنهن ڄڻا به ايندا هئا. رات جو يارهين ٻارهين ڌاران محفل برخواست ٿيندي هئي. 1958ع واريءَ مارشل لا کان پوءِ سائين نظربند ٿيو ته ڇهه ست مهينا لاڳيتو پنهنجي ڳوٺ سن ۾ هوندو هو. دل جو مريض هو، سو، مسلسل درخواستن کان پوءِ ڪراچيءَ ۾ ڊاڪٽرن کي ملڻ لاءِ مس مس موڪل ملندي هئس. انهن ڏينهن ۾ پير صاحب ڪڏهن ڪڏهن سن هلندو هو ۽ وٽس ڏينهن ٻه ٽڪندو هو. سائين مهمانداريءَ ۾ حد ڪري ڇڏيندو هو. جيڏو سخي ۽ سچو انسان هو، اوڏو وڏو ميزبان هو. سنڌي ڪلچر جي شاندار روايتن جو پاسبان هو.
سائينءَ جي چوَڻ تي هڪ دفعي ”رني ڪوٽ“ ڏسڻ وياسين. ان ڀيري جناح اسپتال جو ڪرنل خواجه عبدالرشيد به اسان سان گڏ هو، جنهن ان تي پهريون پهريون اهم تحقيقي مضمون لکيو، جو انگريزيءَ ۾ اقبال ايڪيڊميءَ جي رسالي ۾ ڇپيو. انهيءَ مضمون جي ڇپجڻ کان پوءِ ئي وڃي خبر پئي، ته رني ڪوٽ ڪيڏو نه قديم آهي! هونئن، ماڻهو ڌُڪا هڻندا رهندا هئا، ته رني ڪوٽ اڳوڻو نيرون ڪوٽ آهي. ڪي عقل جا اڪابر چوندا هئا ته، ”ميرن ٺهرايو هو.“
محمد حسين پنوهر هڪ دفعي سٺي ڳالهه ڪئي. چيائين ته ميرن ٻيا ڪهڙا تعميراتي ڪارناما سرانجام ڏنا؟ هنن ته فقط ”ميريءَ“ جي ننڍڙي قلعي جي مرامت ڪرائي هئي، جو شڪار جا شوقين هئا. اتي وڃي ٽڪندا هئا.
پير صاحب، سائين جي.ايم. سيد وانگر، ذوالفقار علي ڀٽي جي سهري، احمد خان ڀٽي کي به ڪو ڏاڍو ويجهو هو. سائين جي.ايم. سيد مون کي کلي چوندو هو ته، ”حسام الدين شاهه، لٽي ڪپڙي، کائڻ پيئڻ، ٻيو ته ٺهيو، شام جو ڪراچيءَ جي صدر بزار ۾ هواخواريءَ جون عادتون سڀ احمد خان ڀٽي کان پرايون اٿئي.“ مون پير صاحب سان اها ڳالهه ڪئي ته پاڻ به کِلِي ڏنائين. احمد خان ڀٽو مون ڪونه ڏٺو، پر، چون ٿا ته اعليٰ درجي جا سُوٽ سبائيندو هو. لٽي ڪپڙي جو ٻيو اهڙو شوقين مير علي احمد خان ٽالپر هو. پر، ذوالفقار علي ڀٽو مڙني کان وڌيڪ هو.
احمد خان ڀٽي جي قرب ڪري، پير صاحب ذوالفقار علي ڀٽي کي به ويجهو هو. ڀٽو صاحب جڏهن پاور ۾ آيو، ته وڏي ڀاڻس، پير علي محمد راشديءَ سان سخت سياسي اختلافن هوندي به، سائين حسام الدين شاهه سان دوستي نڀائيندو آيو. جڏهن پير صاحب جي گهر واري، بيبي زليخا گذاري وئي، ته ڀٽي صاحب جي وڏي گهر واري، يعني احمد خان ڀٽي جي نياڻي امير بيگم، پير صاحب کي سندس ڪراچيءَ واري گهر تعزيت ڏيڻ آئي هئي. انهيءَ موقعي تي پير صاحب مون کي شام جي چاءِ تي حلوو کارايو ۽ ٻڌايو ته ڪرڙ جي ڪوئلن مان ٺهيل آهي. امير بيگم تحفي طور کڻي آئي آهي.
مون چاليهه سال اڳ، پنهنجي ڳوٺ آڳرن کان منو ڪوهه پري، ڀئونرن جي پرائمري اسڪول ۾ گڏ پڙهندڙ هڪ شاگرد کان ٻڌو هو، ته لاڙڪاڻي جي پاسي ڪرڙ جي ڪوئلن مان حلوو ٺهندو آهي، پر، اعتبار ڪونه آيو هو. سو، سندس ڳالهه ڪانه مڃيم. هن چيو ته، ”تون منهنجيءَ ڳالهه تي اعتبار نٿو ڪرين؟“
مون چيو ته اعتبار جهڙي ڳالهه ئي ڪانهي، پر هاڻي جو کائي ڏٺم ته، اعتبار ڪرڻو پيو.
ڀٽي صاحب پير صاحب کي ٽوياٽا ڪار جي پرمٽ به موڪلي هئي. هونئن به ڀٽو صاحب سندس خاص خيال رکندو هو. کيس چاچا ڪوٺيندو هو. ڪنهن شخص شرارت ڪري سنڌي ادبي بورڊ جي ميمبرن مان پير صاحب جو نالو ڪاٽايو. سنڌي سٻاجهڙا سڀ کان اول انهن جا پير ڪڍندا آهن، جيڪي سنڌ جي خدمت ڪندا آهن. پير صاحب ته بورڊ جو معمار هو ڀٽي صاحب کي انهيءَ شرارت جي خبر پئي، ته فوراً سندس نالو بورڊ جي ميمبرن ۾ شامل ڪرايائين.
پير صاحب جي سنڌ جي سياستدانن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ سان به ڏاڍي محبت هوندي هئي. ساڻس حُجائتو به هو، پر سندس وڏو ادب ڪندو هو. هاڻي ٻئي ڄڻا مڪليءَ ۾ مخدوم محمد هاشم جي پيرانديءَ ۾ ابدي آرام ۾ آهن. پير صاحب وفات کان اڳ مڪليءَ جا درجن کن دورا ڪيا هئا ۽ آخر ۾ شيخ صاحب جي پاسي ۾ پنهنجي ابدي آرامگاهه پسند ڪيائين. شيخ صاحب وڏي شخصيت هو، پر سنڌ سندس قدر ڪونه ڪيو. سندس آخري ايام سک ۾ ڪونه گذريا. فقط سندس پنهنجن پرگهور لڌس.
پير صاحب، رئيس غلام مصطفيٰ ڀرڳڙيءَ ۽ سائين ميران محمد شاهه سان به ڏاڍو حُجائتو هو. سندن ميل ملاقات ۽ ڪچهري اڪثر ڪري، سائين جي.ايم. سيد جي ڪراچيءَ واري بنگلي تي ٿيندي هئي.
هڪ دفعي سائين جي.ايم. سيد وٽان اٿيا ته سندس ئي ڪار ۾ سائين ميران محمد شاهه ۽ پير صاحب بحث مباحثو ڪندي پاڻ ۾ اٽڪي پيا. مان به موٽر ۾ موجود هئس. جڏهن سال ٻه گذريو ته اٽڪل سان ٻنهي جو پرچاءُ ڪرايم. سائين ميران محمد شاهه، منهنجي مشوري تي حيدرآباد ۾ پنهنجي گهر پير صاحب جي شاندار دعوت ڪئي، جنهن ۾ ڪراچيءَ جو ايراني سفارتڪار ۽ عالم، آقا ماهيار نوابي پڻ شريڪ ٿيو.
زندگيءَ جي پوئين زماني ۾ پير صاحب جي دوستي تاجپور جي نواب نور احمد خان لغاريءَ سان ٿي، ته پوءِ پير صاحب ڪو عرصو ڊاڪٽرس ڪالونيءَ ۾ سندس رهائشگاهه تي ٽِڪندو هو. پير صاحب جي ئي چوڻ تي، شاهه ايران جي وزيرِ ثقافت، نواب صاحب ۽ مون کي ايران گهمڻ جي دعوت موڪلي هئي. اسان ايران ۾ عالمن ۽ محققن تي پير صاحب جو وڏو اثر ڏٺو.
سنڌ جي بزرگن عالمن ۽ اديبن ۾ پير صاحب جي پهرين پهرين ميل ملاقات شايد مولوي دين محمد وفائيءَ سان ٿي هئي. انهيءَ ئي نسبت سان سندس وفات کان پوءِ، پٽس، علي نواز وفائيءَ سان به رستو هيس. پر، مولوي دين محمد کان به اڳ سندس ادبي ناتو حنيف صديقيءَ سان ٿيو هو، جو ٻنهي ڀائرن جو ننڍپڻ جو ڏاڍو پيارو دوست هو. مولوي دين محمد وفائيءَ ”تذڪره مشاهيرِ سنڌ“ لکيو آهي، جو سندس وفات کان پوءِ پير صاحب ايڊٽ ڪيو ۽ اسان سنڌي ادبي بورڊ ۾ ڇپيو. ڪتاب تي پير صاحب جو لکيل ”پيش لفظ“ پڙهڻ وٽان آهي.
اڳوڻي زماني جي ٻين اهڙن بزرگن ۾ پير صاحب جا محمد امين کوسي ۽ ڪراچيءَ جي جِي الانا سان گهرا گهاٽا لاڳاپا هئا. جنهن جي انگريزيءَ جي ڏاڍي ساراهه ڪندو هو. محمد امين کوسي سان ته گهڻو حُجائتو هوندو هو. ٻنهي جو لڳ لاڳاپو به تمام پراڻو هو. محمد امين خان پنهنجن دوستن کي خطاب ڏيندو هو. پير صاحب کي ”دانائي راز“ جو خطاب ڏنائين.
پير صاحب سنڌ جي هاڪاري عالم شمس العلماءِ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي ۽ علامه آءِ آءِ قاضيءَ جو ادب ڪندو هو. علامه آءِ.آءِ.قاضي سان ته جُهڪي ملندو هو، ۽ کيس ”سائين“ يا ”قبلا سائين“ ڪوٺيندو هو. هڪ ڀيري ايران مان موٽيو ته اخبارن ۾ خبر آئي ته اتي ”نيوران محلات“ ۾ شاهه ايران سان طويل ملاقات ڪيائين. حيدرآباد آيو، ته ٻئي ڄڻا گڏجي علامه آءِ آءِ قاضي صاحب سان ملڻ وياسين. رات جو علامه صاحب مون کي فون ڪئي ته، ”ابا، حسام الدين هاڻي ملي ٿو بادشاهن سان، سو سندس روش ۾ مڙئي ڪجهه فرق آيو آهي.“
مون پير صاحب سان ڳالهه ڪئي. کِلي چيائين ته: ”يار! مون کي به ڪالهه ملڻ مهل اهو احساس ٿيو. علامه صاحب سان سدائين جُهڪي، نياز نوڙت، سان ڀاڪر پائي ملندو آهيان. پر، هن ڀيري سهو ٿي وئي آهي، ان جو ڏوراپو مليو آهي. مون کي ان ڳالهه جو احساس آهي. علامه صاحب اسان جو وڏو آهي. اها شڪايت ستت دور ڪندس.“
پير صاحب جي سائين غلام مصطفيٰ شاهه سان به تمام گھري گهاٽي دوستي هوندي هئي. ايوب خان واريءَ مارشل لا کان پوءِ جڏهن سنڌي ٻوليءَ کي ڌڪ هڻڻ لاءِ هڪ غلط قاعدو ٺهيو، تڏهن سنڌ ۾ ان جي خلاف وڏي تحريڪ هلي. نيٺ، سنڌي ٻوليءَ جو اصلوڪو درجو بحال ٿيو، ان تحريڪ ۾ سڄيءَ سنڌ ۾ بيشمار سڄڻن عام خاص ماڻهن، غير معمولي محنت ڪئي. مخدوم سائين طالب الموليٰ، سائين غلام مصطفيٰ شاهه ۽ پير صاحب راولپنڊيءَ ويا. ڀٽي صاحب سان اڳي ئي سندن لڳ لاڳاپو هو. ساڻس حالي احوالي ٿيا، ڀٽي صاحب ڪئبنيٽ ميٽنگ ۾ پاڻ ملهايو. خدا کيس ڪامياب ڪيو. سنڌي ٻوليءَ جي اصلوڪي پوزيشن بحال ٿي وئي. هونئن بنيادي طرح، اها سنڌي عالمن، اديبن، دانشورن ۽ سڄي عوام جي ڪاميابي هئي، سو، سنڌ ۾ هر هنڌ شادمانا ٿي ويا.
هت اها ڳالهه سمجهڻ کپي، ته اها ڪاميابي هڪ خاص سياسي پسمنظر ۾ نصيب ٿي. حاڪمن سڄي ملڪ تي اردو قومي ٻولي مسلط ڪئي هئي. بنگالين ۾ بي آرامي پيدا ٿي، جو اتي اردو ڳالهائيندڙ اٽي ۾ لوڻ برابر هئا. بنگالي شاگردن پنهنجي مادري زبان بنگاليءَ جي حق ۾ مظاهرا ڪيا. حڪومت ساڻن ڳالهه ٻولهه ڪرڻ بدران مٿن گولين جا وسڪارا ڪيا. سوين شهيد ٿي ويا. ڍاڪا ۾ شهيدن جا منارا ٺهي ويا. اوڀر پاڪستان ۾ ”احساسِ محرومي“ وڌيو. بنگالين پنهنجا سياسي ۽ معاشي حق گهريا، جن کان کين محروم ڪرڻ ۽ اولهه پاڪستان جي ننڍن صوبن ۾ ڦرلٽ ڪرڻ لاءِ ”ون يونٽ“ ٺاهيو ويو. ”سازشي سياستدانن“ سوچيو ته ملڪ جي اوڀر ۽ اولهه ۾ ٻنهي صوبن کي پئرٽيءَ برابريءَ جي اصول تي هلائبو ته بنگالين کي اڪثريت کان محروم ڪبو ۽ اولهه پاڪستان ۾ ننڍن صوبن جي ڦرلٽ ۾ به آساني ٿيندي. بنگالين اڳتي هلي ڇهن پائنٽن جو مطالبو ڪيو. اهو ڪونه مڃيو ويو، ته سڌو سنئون ”بنگلاديش“ جو نعرو هنيائون. آخرڪار، ملڪ ٻه ٽُڪر ٿي ويو. بنگلاديش ٺهي ويو. جنرل ايوب حڪومت سنڌي ٻوليءَ کي چٿڻ جي ڪوشش ڪري ها ته هت به حالتون وڌيڪ خراب ٿين ها.
سن 1961ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ مان سڀ سنڌي سياستدان ڪڍيائون. سنڌ جو اهم علمي ۽ ادبي ادارو حيدرآباد جي هڪ غير سنڌي ڪمشنر کي هلائڻ لاءِ ڏنائون، سندس حڪم تي، سنه 1962-63ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جون، آفيسون حيدرآباد کڄي ويون. پير صاحب جي ڪوشش سان ڪمشنر چيئرمنيءَ تان هٽايو ويو. ڀٽي صاحب، پير صاحب جي صلاح سان هالن جي مخدوم صاحب کي بورڊ جو چيئرمن ڪرايو. سو بورڊ جي ڪارڪنن پنهنجي چيئرمن مخدوم صاحب جي بنگلي، نمبر 3، سول لائينس ۾ اچي خيما کوڙيا. پير صاحب انهن ڏينهن ۾ مهيني ماسي ايراني عالمن کي اتي وٺي ايندو هو. اسان سندن دعوتون ڪندا هئاسون. آقاي فروزانفر، آقاي عبدالحسين زرين ڪوب سان منهنجي ميل ملاقات ٿي. وڏا محقق ۽ وڏا عالم هئا.
مون هڪ دفعي پير صاحب ۽ ايراني عالم، ڊاڪٽر علي اڪبر جعفريءَ کان رسول اڪرمصه جن جي سيرت نگار، ڊاڪٽر حميدالله جي تعريف ٻڌي، پر سندس ديدار سائين غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جي وسيلي حيدرآباد ۾ نصيب ٿيو. البته، اسلام آباد ۾ ساڻس ڪجهه ملاقاتون ٿيون. پاڻ پئرس ۾ رهندو هو، ساڻس خط و ڪتابت ٿي. مون کي آخري خط به پئرس مان لکيائين. پوءِ آپريشن ٿيس، ته ڌيڻس آمريڪا کڻائي ويس ۽ لکيائين ته هاڻي دعا جو وقت آهي. حڪيم سعيد مون کي ٻڌايو ته کيس به پويون خط اهڙو ئي لکيو هئائين.
جيڪڏهن ڪو شخص مون کان سوال پڇي ته پير صاحب سان تنهنجو ورهين جا ورهيه هيڏو ويجهو رستو هو، ٻڌاءِ ته سنڌ جي عالمن ۽ اديبن ۾، سڀ کان گهڻو مانُ ڪهڙي شخص جو ڪندو هو؟ ته مان بنا هٻڪ جي جويي صاحب جو نالو کڻندس. جويي صاحب سان سندس ڪچهريءَ جا موضوع مختلف هوندا هئا. سندس ڪچهرين جويي صاحب جي ذهن تي ڪهڙو اثر ڇڏيو سو ته مون کانئس ڪڏهن به ڪونه پڇيو آهي، پر پير صاحب هڪ ڀيري پنهنجا تاثرات بيان ڪندي، مون کي چيو ته، ”اسان کي سنڌ دوستيءَ جا سبق جويي صاحب ڏنا.“
هونئن، سندس ذاتي دوستن ۾ ٽي نالا سرِفهرست آهن: هڪ آغا بدرالدين دراني، ٻيو رحيم بخش سومرو ۽ ٽيون ممتاز حسن. انهن ۾ ڊاڪٽر ائنيمري شمل کي شامل ڪونه ڪبو، ڇو ته هوءَ پير صاحب جي ايڏي ته وڌيڪ ويجهي هئي، جو ائين کڻي چئجي ته سندس فيملي ميمبر هئي.
1958ع ۾، پير صاحب دل جي دؤري کان پوءِ، پنهنجن پيرن تي بيهڻ جهڙو ٿيو، ته پنهنجي وڏي ڀاءُ، پير علي محمد راشديءَ وٽ، علاج لاءِ منيلا هليو ويو، جو اتي پاڪستان جو سفير هو. منيلا ۾ ڪو آمريڪي ڊاڪٽر سندس علاج ڪندو هو. اتان پير صاحب مون کي ڊگها ڊگها خط لکندوهو- - ڏهن ويهن صفحن جا.
مان ڀايان ٿو ته پرديس ۾ ماڻهوءَ کي جڏهن وطن جي سڪ لڳي ٿي، تڏهن کيس ڪو اهڙو ماڻهو کپي، جنهن سان ويهي دل جون ڳالهيون ڪري. سندس انهن خطن جو اصل سبب اهو ئي هو. افسوس آهي ته مان اهي خط سانڍي ڪونه سگهيس. ٽن چئن سالن کان پوءِ ضايع ٿي ويا. منجهن ڏاڍا دلچسپ حوال هئا. پر، بنيادي ڳالهه اها هئي ته، پير صاحب مون کي انهن جي اشاعت کان روڪيو هو، ليڪن مون کي انهن خطن لکڻ جو شرف ان ڪري بخشيائين جو ائين ئي سمجهيائين ته:

تم پاس ہوتے ہو، گویا دوسرا نہیں ہوتا۔

منيلا وڃڻ کان اڳ پاڻ ماهيانه مقرر معاوضي تي بورڊ لاءِ ڪم ڪندڙ معزز عالم هو. ٻيو عالم شمس العلماءِ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو هو. ان زماني ۾ بورڊ هر هڪ کي هزار هزار رپيا ماهيانو ”اعزازيه“ ڏيندو هو. موجوده دؤر ۾، اهو گهٽ ۾ گهٽ ڏهن هزارن جي برابر ٿيندو. ٻئي ڄڻا، پنهنجي ليکي، پنهنجي گهر ۽ پنهنجيءَ مرضيءَ سان ڪم ڪندا رهندا هئا. علامه آءِ آءِ قاضيءَ جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ مان استعيفا ڏني ته بورڊ کيس به پنهنجو اسڪالر مقرر ڪيو. کيس ماهيانو اعزازيه ٻه هزار رپيا ملندو هو، جيڪو هاڻوڪي زماني ۾ شايد ويهارو هزار ٿيندو. بورڊ جو صدر کهڙو صاحب ۽ نائب صدر سائين جي. ايم. سيد هو. ميمبرن ۾ تڏهن ڪوبه اهڙو جاهل ته هوندو ڪونه هو، جو ائين چوڻ جي جرئت ڪري ته ايڏيءَ پگهار وارن عالمن يا عهديدارن کي مقرر ڪرڻ لاءِ بورڊ جي آئين ۾ ڪا شق ته رکيل ئي ڪانهي. حقيقت، بورڊ جي آئين ۾ وضاحت سان لکيل آهي، ته بورڊ ڪي به ملازم مقرر ڪري سگهي ٿو. پير صاحب پاڻ چوندو هو ته، ”ميران محمد شاهه سچ ٿو چوي ته اسان به هڪ طرح بورڊ جا ملازم آهيون.“
بورڊ جا ميمبر ان زماني ۾ وڏا عالم ۽ معتبر ماڻهو هوندا هئا. گوگڙو، گجر ۽ بصر وانگر ڪونه هوندا هئا. اسان ملازم انهن پگهاردار اسڪالرن جو وڏو احترام ڪندا هئاسين. اهو سونهري زمانو هوندو هو. علم ۽ تجربي جو قدر هوندو هو. هاڻي، صورتِحال ان جي ابتڙ آهي. سنڌ ۾ مثالي ڪلچر جون شاندار روايتون هاڻي ختم ٿي رهيون آهن. ”ادب“ جي جاءِ ”بي ادبي“ ورتي آهي: ورهين جي ساٿين ۽ دوستن سان ٺڳي ڪرڻ ۾ دير ئي ڪانه ٿي لڳي! پير صاحب جو وڏو ڀاءُ پير علي محمد راشدي چوندو هو ته:

بيوفا ڀرا ڪنون، ڪتا يار ڪريجي.

پير صاحب حيدرآباد ايندو هو، ته رٽز هوٽل ۾ اچي ٽڪندو هو. اديبن جو وٽس ميڙو مچندو هو. اهڙن اديبن ۽ سگهڙن ۾ جويو صاحب، ٻيڙو فقير، تنوير عباسي، جمال رند، نياز همايوني ۽ شيخ علي محمد ته مقرر ايندا هئا. پر، سائين غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب، مولانا گرامي، حميد سنڌي، اسدلله شاهه حسيني به ڀيرو ڀريندا هئا. ٻيا به ڪيئي يار ايندا هئا، جن جا نالا وسري ويا اٿم، پر اهو ياد اٿم ته سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسيلر ڊاڪٽر رضي الدين صديقي پڻ وٽس حاضري ڏيڻ ايندو هو.
پير صاحب جي پوين سالن ۾ شيخ علي محمد سان محبت ٿي وئي، جو روزانه ”عبرت“ جو ايڊيٽر هو ۽ بورڊ جو ميمبر پڻ. اسان جي ڪچهريءَ جو اختتام رات جي مانيءَ تي ٿيندو هو. جيڪا هميشه شيخ علي محمد ڪراچي هوٽل تي، يا وري لجپت روڊ تي، واڻئي واريءَ هوٽل ۾ کارائيندو هو. هڪڙي دفعي شيخ صاحب، پير صاحب سان ڪوريءَ جي ”جهوپڙا هوٽل“ جي مانيءَ جي تعريف ڪئي. اسان پير صاحب سان گڏ ڊنبلو ڪري وياسين ڪوريءَ جي هوٽل تي ماني کائڻ. ماني واقعي سٺي هئي، پر موٽڻ مهل جنهن گهٽيءَ مان لنگهياسين، تنهن مان ڪٿان باجن جا آواز پيا اچن، ته ڪٿان طبلن جي ٿاپ. جڏهن اهو آلاپ ڪن تي پيو ته، ”سن وي بلوري اک واليا“ تڏهن وڃي خبر پئي ته مار! اسان ته ڪنهن ”ڪاڪ محل“ مان لنگهي رهيا آهيون!
شيخ علي محمد هر دفعي پير صاحب جي لاءِ هڪ ويلو گهر ماني ڪرائيندو هو ۽ ڏاڍي اهتمام سان بندوبست ڪندو هو. ٻه ٽي ڄڻا سڏيندو هو. مون کي ۽ جويي صاحب کي خاص طرح ياد ڪندو هو. جڏهن مان اسلام آباد ويس، ته مون وٽ اتي به شيخ صاحب ايندو هو. سينيٽر ٿيو هو. پير صاحب ۽ مير علي احمد خان ٽالپر سان سندس وضعداري پڇاڙيءَ تائين قائم رهي. بلڪ، شيخ صاحب ۽ سائين شاهه محمد شاهه جي ڪري ئي مير علي احمد خان ٽالپر جي مون سان به محبت ٿي وئي. اسلام آباد ۾ وزير دفاع هو، ته اتان خط لکندو هو. حيدرآباد گهمڻ ايندو هو ته آسپاس جي ڳوٺن ۾ دعوتن تي وٺي هلندو هو. نهايت نفيس ذوق وارو هو. فيض احمد فيض سان محبت هئس. سنڌي عالمن ۾ پير صاحب جي وڏي عزت ڪندو هو. ساڻس ملڻ ايندو هو ۽ سندس لئبرريءَ ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪچهري ڪندو هو، سندن ڪچهريءَ جو موضوع ’سنڌ جي تاريخ‘ هوندو هو.
پير صاحب جي مڙني دوستن ۽ احبابن ۾ رحيم بخش سومرو ساڻس سڀني کان وڌيڪ حُجائتو هوندو هو. هڪ ڏينهن نيرن ڪري موٽر ڪاهي سڌو وٽس ويو ته، ”هل ته هلي صدر مان چڪر ڏئي اچون.“
پير صاحب ڪو لکڻ پڙهڻ جي موڊ ۾ هو، سو جواب ڏنائينس ته، ”هت گهر ۾ ئي کڻي ٿا چاءِ يا ڪافي پيون. مان واندو ڪونه آهيان. ٺٽي جي عالم مير علي شير قانع جو اهم قلمي ڪتاب ايڊٽ ڪري رهيو آهيان.“
رحيم بخش چيس ته، ”ميان، ڪو شرم ڪر! خدا جا بندا، پراوا نسخا چورائي، پنهنجي نالي پيو ڇپائين ۽ چوين ٿو ته اهم ڪم پيو ٿو ڪريان.“
اهو ٻڌي، پير صاحب کِلي ڏنو. ٻئي ڄڻا صدر روانا ٿيا.
ڪراچيءَ ۾، ڪو زمانو رحيم بخش روزانو شام جو اچي مون کي موٽر ۾ کڻندو هو. پوءِ ٻئي ڄڻا وڃي پير صاحب کي گهران کڻندا هئاسين. اتان ڪڏهن هيڏي ته ڪڏهن هوڏي هليا ويندا هئاسين. اڪثر، ’هِل پارڪ‘ تي ويندا هئاسين. اتي ڪلاڪ ٻه گهمي ڦري، رات جو نوين ڏهين ڌاران، محمد علي سوسائٽيءَ واري چونڪ تي، چڪن تڪا ۽ نانَ کائيندا هئاسين. آخر ۾ ”اسپينزر“ جي آئس ڪريم کائي، واپس موٽندا هئاسين.
ڪڏهن ڪڏهن رحيم بخش اسان کي ڪار ۾ شام جي مهل، پراڻيءَ ڪلفٽن تي هواخوريءَ ۽ پسار ڪرڻ لاءِ وٺي ويندو هو. ڪيئي ڳالهيون نڪرنديون هيون. گهڻا قصا انگريزن واري اڳوڻي زماني جا هوندا هئا. اهي ڏينهن ڏاڍا پيارا هئا. وري نه ايندا. اهي ماڻهو ئي موڪلائي ويا.
هڪ ڏينهن رحيم بخش مون سان ڳالهه ڪئي، ته اڄ صبح جو تمام سوير، پير صاحب منهنجي گهر آيو. نوڪر چاڪر سڀ سمهيا پيا هئا. مان سندس واڪن تي اکيون مليندو، ننڊ مان اٿيس.
چيائين ته، ”وڏو نالائق آهين، اڃا سمهيو پيو آهين! جلدي ڪر، چاءِ ٺهراءِ.“
مون ڊرائنگ روم کوليو ۽ چاءِ ٺهرائي. چيائين ته: ”پڇ ته سهي، ته صبح جو ايڏو سوير ڇو آيو آهيان؟“
مون چيو ته، ”ڀلا، ڏيو حال احوال؟“
چيائين ته، ”فلاڻي وزير جي بيوه تنهنجو چوڻ مڃيندي؟“
مون چيس ته، ”مڃيندي.“
تڏهن چيائين ته، ”چوينس ته مون سان شادي ڪري.“
مون چيس ته، ”حاضر، چوانس ٿو.“
مون چاءِ جو ڍُڪُ پي، پَتي جي ٻيڙي دکائي.
چيائين ته: ”سوچين ڇا ٿو؟“
چيو مانس ته، ”سوچيان ٿو ته اوهان جو ساڻس شادي ڪندا، ته هن عمر ۾، ساڻس ”شريعت وارو ڪم“ ڪري سگهندا؟“
اهو ٻڌي، ڪاوڙجي باهه ٿي ويو. واڪو ڪري چيائين ته، ”وڏو ڪو نالائق آهين! اها ڪا ڳالهه ٿو ڪرين؟“
مان خاموش رهيس. پاڻ به خاموش رهيو. جڏهن ٿڌو ٿيو ته چيائين ته، ”رحيم، تون جائي ٿو چوين. بس، منهنجيءَ ڳالهه کي وساري ڇڏ.“
پير صاحب جا مرحوم گل حسن ’احسن‘ ڪربلائيءَ سان به پراڻا لڳ لاڳاپا هئا. هو مرحوم تڏهن ريڊئي پاڪستان تي نوڪري ڪندو هو ۽ پير صاحب سان اڪثر ملڻ ايندو هو. ٽنڊي آغا جا اهي مرزا صاحبان سنڌ جي مير صاحبن کي ڏاڍا ويجها هوندا هئا ۽ وٽن سندن گهڻا حال احوال هوندا هئا. مرزا گل حسن ڪربلائي، پير صاحب کي ميرن جي ڪتبخانن جا قلمي ڪتاب به ڏيکاريندو هو.
مير صاحبن ۾ پير صاحب جو ڊاڪٽر نور محمد خان ٽالپر سان وڏو لڳ لاڳاپو هوندو هو، جو يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر هو ۽ آخرين ٽالپر تاجدار جو اولاد هو. پير صاحب سندس تمام وڏي عزت ڪندو هو. کيس هميشه ”مير سائين“ ڪوٺيندو هو.
هڪ دفعي مسز ممتاز راشديءَ جي چوڻ تي مان وٽس ٻه آمريڪي عورتون وٺي ويس، جن کي سنڌ جي ميرن جي بيگمن جي لباسن ۽ زيورن ڏسڻ جو شوق هو ۽ خاص ان واسطي ڪراچيءَ مان ڪار ۾ آيون هيون. مير نور محمد ٽالپر اسان کي لطيف آباد واري تاريخي بنگلي ۾ چاءِ پياري. قيمتي قلمي نسخا ڏيکاريائين. هڪ لڪڻ ڏيکاريائين، جنهن جي مٺئي ۾ ننڍي دوربين لڳل هئي. هڪ مردانه صدري ڏيکاريائين، جنهن تي سونَ جي تار سان ڀرت جو ڪم ٿيل هو. سچن موتين جو هڪ قيمتي هارُ ڏيکاريائين ۽ چيائين ته، اسان زالاڻا زيوَر ۽ لباس ڪونه ڏيکاريندا آهيون. البت، بندوقون ۽ تراريون ڏيکاريائين جن تي فارسي شعر اُڪريل هئا. سڀ سامان تاريخي هئا. انگريزن جي آمد کان اڳ حڪمران ميرن جا هئا.
پير صاحب جي سنڌ جي نوجوان اديبن ۽ دانشورن ۾ غلام محمدلاکي ۽ تنوير عباسيءَ سان وڏي محبت هئي. پوئين زماني ۾ سچل جي ميلي ۾ هر سال ادبي ڪانفرنس جي صدارت لاءِ سڏيندا هئس. پاڻ سڀ سرڪاري انتظام ڇڏي، تنوير جي گهر وٽس وڃي ٽِڪندو هو. هڪ ٻه ڄڻو ٻيو به ساڻ هوندو هئس.
جوش مليح آبادي ۽ جگر مراد آبادي ان دؤر ۾ هندستان جا وڏا شاعر هئا، جوش، سڪندر مرزا ۽ اي.ٽي نقويءَ جي زماني ۾ پاڪستان لڏي آيو. پر، جگر ڪونه آيو. جوش جو نالو گهڻو وڄيل هو. هونئن به اردو زبان جا ڳالهائيندڙ پنهنجن عالمن ۽ اديبن ۽ شاعرن جو وڏو قدر ڪندا آهن. سنڌي سٻاجهڙن وارو ساڙ ڪونه ڪندا آهن.
جوش ٻئي ٽئين ڏينهن پير صاحب سان گڏجي ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي آفيس ۾ ايندو هو. مخصوص نشست ٿيندي هئي. وڏيءَ ”گهن گرج“ سان ڪلام ٻڌائيندو هو. سندس شعر پڙهڻ جو انداز انوکو هوندو هو. اهڙو مون ٻئي ڪنهن به شاعر ۾ ڪونه ڏٺو. هڪ دفعي منجهند جو پير صاحب جي گهر آيو. هن چيس ته، ”جوش صاحب، غلط وقت تي آيا آهيو، هيءَ منهنجي ماني کائي آرام ڪرڻ جي مهل آهي.“
اهو ٻڌي، جوش چيس ته، ”پير صاحب، ڳالهه ئي اهڙي هئي.“
پير صاحب چيس ته، ”ڪهڙي ڳالهه؟“
چيائنيس ته، ”اڄ پنجين بجي منهنجي نياڻيءَ جو نڪاح آهي.“
پير صاحب چيس ته، ”اڳي ڳالهه ڪيو ها. پر، حاضر ايندس“
جوش چيس ته، ”اوهان کي ئي ته ان ڳالهه جو سڄو بندوبست ڪرڻو آهي، انهيءَ ڪري هن وقت آيو آهيان.“
پير صاحب چيو ته مان ڳالهه ٻڌي وائڙو ٿي ويس. فوراً ممتاز حسن کي فون ڪيم، سو نيشنل بئنڪ مان ڀڳو. تڏهن بئنڪ جو M.D هوندو هو. ٻه چار ٻيا دوست به وٺيون آيو. وٺ وٺان ٿي وئي. تنبو تولان لڳا. کجور ۽ نَقُلَ ورهائڻ جو بندوبست ٿيو ۽ نڪاح خوان کي سڏ ٿيو، تڏهن وڃي جوش جي نياڻيءَ جو پنجين بجي شام جو نڪاح ٿيو.
جوش جا پويان ڏينهن اسلام آباد ۾ گذريا. اتي ئي وفات ڪيائين. مون پير صاحب سان سندس محبت ڪري سندس تربت سنگمرمر سان ٺهرائي ۽ مرحوم قاضي عبدالمجيد جي چوڻ تي سندس خاندان کي ان زماني ۾ هزارين رپيا مالي مدد ڏنم.
قاضي محمد اڪبر ۽ قاضي عبدالمجيد عابد ٻنهي جي مون سان محبت هئي. حيدرآباد جون مڃيل معزز سنڌي شخصيتون هيون. مير برادران ۽ قاضي برادران جي زندگيءَ ۾ حيدرآباد ۾ سنڌين جو ڪنڌ مٿي هوندو هو. پاڻ جهان ڇڏي ويا، ته اوندهه ٿي ويئي، حيدرآباد ۾ سنڌي يتيم ٿي ويا.
پشاور ۾ مولانا عبدالقادر، ڊئريڪٽر پشتو ايڪيڊمي جي تربت به ائين ٺهرايم ۽ سندس گهر واريءَ جي مدد ڪيم. سبب فقط اهو هو ته اهو عالم ۽ محقق به پير صاحب جو دوست هو.
ڪراچيءَ جي اديبن ۾ پير صاحب کي گهڻي محبت ڊاڪٽر رياض الاسلام، محمود الحسن صديقيءَ ۽ مشفق خواجه سان هئي. انهن ٽنهي جو وڏو احترام ڪندو هو. ٽئي ڄڻا به سندس پرستار هئا. مئي جيئري ساڻس نڀايائون. پير صاحب مشفق خواجه کي پاڪستان جو ”حقيقي محقق“ مڃيندو هو. سندس تمام وڏي عزت ڪندو هو.
پير صاحب جي وفات کان پوءِ اردوءَ جي هڪ اديب تاريخ نويس هڪ ڪتاب لکيو، جنهن ۾ پير صاحب تي تهمت مڙهيائين ته، ”پئسا ڏئي، مسڪين مهاجر اديبن کان ڪتاب لکائيندو هو ۽ پنهنجي نالي ڇپائي پاڪستان ۽ ايران جي سرڪار کان فائدا وٺندو هو.“
ڪنهن به سنڌي اديب شاعر کي ته کيس رد ڏيڻ جي توفيق ڪانه ٿي. ڪي ته خوش ٿيا هوندا. ”سنڌي سٻاجهڙا“ جو ٿيا. ليڪن، مشفق خواجه پاڻ ملهايو ”تڪبير“ رسالي ۾ شاندار مضمون لکي، انهيءَ اردو دانشور کي بڇڙو ڪيائين. سنڌي محاوري موجب ”لاک لاٿائينس.“
ڪراچيءَ جي اردو اديبن ۾ قاضي احمد ميان جهوناڳڙهي، شاهد احمد دهلوي، جميل جالبي، حڪيم سعيد، شان الحق حقي، ڪرنل خواجه عبدالرشيد، ابوالليث صديقي، حميد ڪاشميري ۽ ايوب قادري سندس خاص دوستن جي حلقي ۾ شامل هئا. عيش ٽونڪيءَ سان چرچا ته گهٻا ڪندو هو.
حُسين شاهه به هڪ دفعي جمشيد روڊ واريءَ جاءِ تي عيش ٽونڪيءَ، حبيب الله رشديءَ ۽ مولانا عبدالواحد سنڌيءَ جو وڏو دنگل ڪرايو هو. رشديءَ الزام هنيو هو ته، ”مولانا عبدالواحد سنڌيءَ تي چاندي چڙهيل آهي.“
پير صاحب جون آثار قديمه کاتي ۾ محمد ادريس صديقيءَ سان ته ٻٽيهه دليون هيون. پر، ڊاڪٽر رفيق مغل، مرزا محمود بيگ ۽ ايم.اي غفور به ڏاڍا ويجها هئس. غفور بنگلاديش ٺهڻ کان پوءِ اوڏانهن هليو ويو ۽ آثار قديمه کاتي جو ڊئريڪٽر مقرر ٿيو. مون کي بنگلاديش جي دوري ۾ ”ڍاڪا شريٽن هوٽل“ ۾ اچي مليو. سمورو وقت پير صاحب جون ڳالهيون ڪيون سين.
لاهور جي اردو اديبن ۽ دانشورن مان مولانا غلام رسول مهر، عبدالله چغتائي، مولوي شفيع، سيد عبدالله، ڊاڪٽر وحيد قريشي، اي.ڊي. اظهر ۽ حنيف رامي سان مراسم هئس. سڀ پنهنجيءَ پنهنجيءَ جاءِ تي اعليٰ انسان هئا.
غلام قادر ڊکڻ، اياز ۽ حسين شاهه جو دوست هو. چوندو هو ته اياز راشدي وڏو آرٽسٽ به آهي ۽ عالمن ۽ فنڪارن جو قدردان به آهي. ان ڪري عبدالله چغتائي جڏهن پير صاحب سان ملڻ لاءِ لاهور کان ڪراچيءَ ايندو آهي ته اياز موٽر ڪاهي کيس ايئرپورٽ تان وٺي ايندو آهي ۽ پنهنجي ڪمري ۾ ٽِڪائيندو آهي. اياز چغتائي صاحب جي اچڻ شرط سندس لمبي اوورڪوٽ جي کيسن ۾ جيڪو سامان هوندو هو، مثال طور باٽا جو سپاٽو، چانديءَ جي ڏند کوٽڻي، ڪاٺ جي اڳٺ وجهڻي، ٽٿ برش پيسٽ ۽ ڪنجين جو ڇُڳو وغيره سڀ سليقي سان ٺاهي پنهنجي ڪمري ۾ رکندو هو.
عبدالله چغتائي ’تاج محل‘ واري مغليه اڏاوتي فن جو ماهر ۽ ڄاڻو هو. جنهن تي مستند ڪتاب لکيو هئائين. سندس ڀاءُ عبدالرحمان چغتائي ملڪ جو مڃيل آرٽسٽ هو.
پير صاحب ۽ حنيف رامي، مرڪزي اردو بورڊ لاهور ۾ نوڪري ڪندا هئا. پنهنجون پهريون پهريون موٽر ڪارون فوڪسي ڪمپنيءَ کان اوڌر تي قسطن ۾ ورتيون هئائون.
ڀٽي صاحب، ايوب خان جي خلاف تحريڪ هلائي ته حنيف نوڪري ڇڏي سياست ۾ ويو. اول پنجاب جو وزير خزانه ۽ پوءِ چيف منسٽر ٿيو، پر پير صاحب جي ڪري مون سان به محبت ٿيس. مان کيس هڪ دفعي ڀٽائيءَ جي روضي تي وٺي ويو هوس. لاهور ويس ته پنهنجي بيگم وٺي آيو. ٻنهي ڄڻن مون کي ”شيزان ڪانٽينينٽل“ ۾ دعوت کارائي. حنيف رامي لاهور ۾ منهنجن ڪن پنجابي دوستن جا ڪم ڪيا. کيس دوستيءَ جي شناس هئي.
مولانا غلام رسول مهر وڏو عالم ۽ صحافي هو. تحريڪ پاڪستان ۾ پير علي محمد شاهه راشديءَ جو ساٿي هو. پير صاحب جي ڪري مون سان محبت ٿي ويس. مون کان عمر ۾ وڏو هو. وٽس ويندو هئس. عاليشان چاءِ پياريندو هو ۽ حلوو کارائيندو هو. ابوالڪلام جو معتقد هو. سندس علمي عظمت جون ڳالهيون ٻڌائيندو هو.
لاهور جي شيخ غلام علي سنز وارن جي به پير صاحب سان وڏي محبت هئي. آچر ڏينهن، مولانا مهر کي ساڻ وٺي، سڀ لاهوري دروازي وٽ ”نعمت ڪده“ هوٽل ۾ دعوت کائڻ هلندا هئا. هڪ دفعي مون کي به وٺي هليا. ابوالڪلام آزاد ۽ علامه اقبال جا دلچسپ قصا ڪهاڻيون ٻڌايائون. پير علي محمد راشديءَ کي ڏاڍيءَ سڪ سان ياد ڪيائون.
پير صاحب پشاور جي اديبن مان، پشتو ايڪيڊميءَ جي ڊئريڪٽر، مولانا عبدالقادر سان گھرو گهاٽو هو ۽ ولي خان جي وڏي ڀاءُ غني خان جو مداح هو، جو پشتو جو وڏو شاعر هو. پشتو زبان جا ننڍا وڏا شاعر مٿس مفتون هوندا هئا. راجا ماڻهو هو. مون کي پنهنجي ڳوٺ ’ناڙيءَ‘ دعوت تي سڏيائين. شاندار ڊنر کارايائين ۽ اڌ رات تائين ڪچهري ڪيائين. پنهنجيءَ زندگيءَ جو احوال ۽ عشقن جو داستان، ائين ٻڌايائين، جو ڄڻ ته منهنجو ورهين جو يار هو. نظريي جي لحاظ کان ”انسان - دوست“ هو. ان ڪري جيل به ڪاٽيا هئائين.
مون پشاور ۾ سندس مانَ ۾ ٻه جلسا ڪيا: هڪ پشتو مشاعرو ڪرايم، جنهن جو کيس مکيه مهمان ڪيم. ٻئي دفعي، ساڻس پشاور ۾ ”شام“ ملهايم. انهيءَ جلسي ۾، صوبي سرحد جا سردار ۽ خان، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا ميمبر، اعليٰ عملدار ۽ معزز شهري سڏيم. جلسو خيبر پرل ڪانٽيننٽل هوٽل ۾ ڪيم. ويهڻ جي جاءِ ڪانه بچي. صدارت جي لاءِ سرحد جي گورنر، امير گلستان جنجوعه کي سڏيم. هن پنهنجيءَ تقرير ۾، غني خان کي زبردست خراجِ تحسين پيش ڪئي، پر جڏهن غني خان تقرير ڪئي ته جنجوعه جو شڪريو ته ادا ڪونه ڪيائين، بلڪ کيس ٽوڪ هنيائين ته ”يارَ، پٺاڻ ۽ جنجوعه ڪڏهن کان پاڻ ۾ مٽ مائٽ ٿيا، جو تون منهنجي ايڏي تعريف ٿو ڪرين!“
غني خان هڪ دفعي فيمليءَ سميت اسلام آباد آيو. پنهنجيءَ نُنهُن نگينه ۽ سندس ٻارڙن کي هندستان وٺي ٿي ويو، جو کين سندن نانيءَ (ٽاٽا ڪمپنيءَ جي هڪ پارسي خاتون) جي ملڪيت ورثي ۾ ملي هئي. ٽِڪيا جنرل اعظم جي ڀاءُ وٽ، پر، رات جي ماني منهنجي گهر کاڌائون. ڪچهريءَ ۾ سنڌ جو ذڪر نڪتو ته، غني خان مون کي سڪ سان چيو:
”پير صاحب نهايت شريف انسان هو.“
غني خان جي جلسي وانگر، ڪوئٽيا ۾ جسٽس مريءَ، ڪراچيءَ ۾ ڊاڪٽر بلوچ ۽ پنجاب ۾ پروفيسر شريف ڪنجاهيءَ جي مانَ ۾ به جلسا ڪرايم. انهن جلسن ڪرائڻ ۾ منهنجو مکيه مقصد پاڪستان جي علائقائي ٻولين جي اهميت جو شعور پيدا ڪرڻ هو، جو ايڪيڊميءَ ۾ منهنجي مقرريءَ کان اڳي رڳي ’اردو نوازي‘ ٿيندي هئي.
ملتان جي دوستن ۾ پير صاحب جي مداحن ۾ سرفهرست ٻه نالا ايندا: هڪ مخدوم ملتان سجاد حسين قريشي صاحب ۽ ٻيو ممتاز حسن خزانه آفسير. اتي به پير صاحب حيدرآباد وانگر نوجوان اديبن ۾ پنهنجا پرستار پيدا ڪيا، جن ۾ ٽي نالا ته اهم آهن: هڪ (مرحوم) خان رضواني، ٻيو غضنفر مهدي ۽ ٽيون مظهر عارف، جو بعد ۾ ايوان صدر ۾، ڪنهن عهدي تي مقرر ٿي آيو. ٽئي مون سان گھرا گهاٽا هئا.
ملتان جي مخدوم صاحب سجاد حسين قريشيءَ جي ته پير صاحب ۽ مون سان ڏاڍي محبت ٿي وئي. راتين جون راتيون سندس گهر ۾ ڪچهري ڪندي گذري وينديون هيون. مخدوم صاحب جا سنڌ جي وڏن وڏن خاندانن سان لڳ لاڳاپا هئا ۽ سنڌي عوام سان محبت هئس. ٿر ۾ مريد هئس. انهن جي ڏکن ۽ سورن جو ذڪر ڪري چوندو هو ته، ”مسڪينن جو هڪ ئي ته مکيه مسئلو آهي: پيئڻ جو پاڻي.“ هڪ دفعي مون سان ڏاڍي ڏک سان ڳالهه ڪيائين ته، ”نوجوان نينگرين جي سڄي عمر پاڻيءَ جي تــڙ تان گهر تائين پاڻيءَ جا دلا آڻڻ ۽ نِيَڻ ۾، واريءَ تي هلندي هلندي، گذري وڃي ٿي.“
ڪراچيءَ جي احبابن ۾ پير صاحب جو هڪ پشاوري پٺاڻ وڏو دوست هوندو هو، کيس آغا صاحب ڪوٺيندا هئا. ڪنهن وڏي ريلوائي ٺيڪيدار جو فرزند هو: کيس ڇهه ڀائر هئا. هڪ ولي خان جي ڀيڻ سان شادي ڪئي. ٻيو ترڪيءَ ويو ۽ مصطفيٰ ڪمال پاشا ۽ انور پاشا کي ويجهو ٿيو، پر ٻنهي جي جهيڙي ۾ ترڪيءَ ۾ شهيد ٿيو. ٽيون ڀاءُ آغا صاحب هو. چين جي شهر شانگهائيءَ ۾ وڏيءَ هوٽل جو مالڪ هو. اتي سوشلزم آيو، ته برما لڏي آيو ۽ ٽيڪ ووڊ جو ڪروڙن رپين جو واپار ڪندو هو. اتي حالتون ناسازگار ٿيس، ته ڪراچيءَ هليو آيو. انگريزن جي زماني ۾ ٻيو نمبر پراڻي ٺهيل هوٽل نارٿ ويسٽرن ورتائين. هوٽل ۾ يورپي ۽ مشرقي طرز جي کاڌي جا هال هوندا هئا ۽ وڏا رهائش جا ڪمرا هوندا هئا، جن تي ”بوگن ويلا“ جون خوبصورت وليون چڙهيل هونديون هيون. ڀرسان ”پرل ڪانٽيننٽل“ هوندي هئي، جتان نوجوان انگريز ٽائيپ ۽ ٻين ملڪن جون خوبصورت ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا، ريشمي قميصن ۽ جينس ۾ ايندا هئا. ڪڏهن پاڪستاني ته ڪڏهن يوروپي هالن ۾ ماني کائيندا هئا. ڏاڍو چهچٽو لڳو پيو هوندو هو.
آغا صاحب کي ٻه پٽ هئا ۽ هڪڙي ڌيءُ هئي، نالو هئس مهرالنسا. چوڏهينءَ جو چنڊ هئي. هوٽل ۾ اچ وڃ ڪري، آغا صاحب جي پير صاحب سان دوستي ٿي وئي. پوءِ مون سان به محبت ٿي ويس. مهرو به اسان ٻنهي سان گھري گهاٽي ٿي وئي. هڪ ڏينهن شام جو لڪندي، لڪندي، منهنجي ڪمري ۾ آئي ۽ لڄ سان مرڪي چيائين ته، ”تو ۾ ڪم اٿم.“
مون چيو ته، ”حڪم ڪر؟“
کِلي چيائين ته، ”منهنجي شادي ڪراءِ.“
مون چيو، ”حاضر.“
چيائين ته، ”پير صاحب جي هڪ عزيزه به انهيءَ ڇوڪري ۾ دلچسپي رکي ٿي ڇوته ڇوڪرو سنڌي آهي. سندس پيءُ سيشنس جج آهي.“
مون پير صاحب سان ڳالهه ڪئي. چيائين ته، ”حاضر. مهروءَ جي شادي ڪرايون ٿا.“ اسان جي ڪوشش سان مهروءَ جي شادي ٿي وئي. هوءَ هاڻي آمريڪا ۾ آهي. هڪڙو پٽ ڄائو اٿس. مون سان هڪ دفعي ڪراچيءَ ۾ ملي آهي.
اسلام آباد جي اديبن ۾ پير صاحب جا ٻه وڏا مداح هئا: هڪ ممتاز مفتي، جيڪو ”علي پور ڪا ايلي“، ”هند- ياترا“ ۽ ٻين ڪتابن جو مصنف هو. قدرت الله شهاب جي حلقي جو ماڻهو هو. مون سان سڪ هئس. پير صاحب جو ته وڏو مداح هو. بيمار ٿيو ته مون ايڪيڊميءَ مان سندس مالي مدد ڪئي.
پير صاحب جو ٻيو مداح ممتاز عالم ۽ آثار قديمه جو ماهر، ڊاڪٽر احمد حسن داني هو. پير صاحب وصيعت ڪئي هئي ته سندس وفات کان پوءِ، سندس لکڻ واري ڪرسي ڊاڪٽر دانيءَ کي ڏني وڃي. اسلام آباد ۾ ڊاڪٽر داني منهنجو به گهاٽو يار ٿي ويو. اسان جون هفتي ڏهين ڏينهن محفلون ٿينديون هيون. ”قراقرم“ بين الاقوامي سيمينار ۾ گڏ هئاسين. اسي اسڪالر هئا: چاليهه مرد ۽ چاليهه زالون هيون، ليڪن، فقط زالون سڀ يوروپي هيون. سيمينار پورو ٿيو ته سڀ گڏجي شاهراهه ريشم ڏئي، خنجراب (چين جي سرحدي چونڪي) تائين گهمڻ وياسين. خواتين ۾ جرمن سفير جي ڌيءُ ۽ سندس هڪ سهيلي به شامل هيون. ٻئي جوان ۽ نهايت خوبصورت هيون. کين قميص جي مٿان گرم سئيٽر ۽ جينس پاتل هيون. مون ته ٻه ڪوٽ پاتا هئا، جن ۾ هڪ اوورڪوٽ به هو. سو، مون کي سمورو وقت چيڙائينديون رهيون. سيمينار کان سال ٻه پوءِ جرمن سفير جي ڌيءُ جي سهيلي يورپ مان آئي ۽ مون سان اچي ملي. چيائين ته پاڪستان ۾ رهائش دوران ’هُنزا‘ رياست جي تاريخ تي ريسرچ ڪندي هئس. ان جو ڪتاب ڇپايو اٿم. مون کي ڪتاب جي ڪاپي تحفي طور ڏنائين. جرمن زبان ۾ هو. پر تلخيص انگريزيءَ ۾ هئس. چيائين ته جرمن سفير جي چوڻ تي توسان ملڻ آئي آهيان ته مون کي ريسرچ مڪمل ڪرڻ لاءِ وزيراعظم کان اجازت وٺي ڏي ته ’هُنزا‘ وڃان. مون سائين غلام مصطفيٰ شاهه سان ڳالهه ڪئي جو تعليم جو وزير هو. پر، سندس ڪم ڪرائي ڪونه سگهيو.
راولپنڊيءَ ۾ پير صاحب جو گھرو گهاٽو رستو برگيڊئير افنديءَ سان هوندو هو، جنهن جي والده افغانستان جي بادشاهه ظاهر شاهه جي پڦاٽ هئي. منجهس شاهي خاندان وارو وقار هو. هڪ دفعي مان ۽ پير صاحب سندن گهر ۾ پندرنهن ڏينهن ٽڪياسين- هر ويلي تي، ڊنر ٽيبل تي نئين ڪراڪري ۽ نوان نوان طعام! بيگم صاحبه گلاب ۽ موتئي جي گلن جي شوقين هئي. سندس پُٽَ برگيڊيئر افنديءَ جي اهليه سر سڪندر حيات وزيراعليٰ پنجاب جي ڀائٽي آهي. افندي هاڻي منهنجو ڀائن جهڙو يار ٿي ويو آهي. سال ٻه ٿيا ته سرڪار کيس ڪنهن خفيه ڪم سان چين موڪليو. مون کان مدد گهريائين. مون چين ۾ هڪ دوست کي خط لکيو، جو اتي کيس ڏاڍو ڪم آيو. افندي موٽيو، ته ڏاڍا ٿورا مڃيائين. اسان جي هاڻي به پاڻ ۾ خط و ڪتابت آهي.
هندستاني اديبن ۾ پير صاحب جا هونئن ته گهڻن سان لڳ لاڳاپا هئا، پر ٻه ڄڻا مون کي خاص طرح سان ياد اچن ٿا: هڪ مالڪ رام ۽ ٻيو سيد صباح الدين عبدالرحمان. ٻئي جبل جيڏا عالم هئا. ليڪن، پير صاحب جا عقيدتمند هئا. مالڪ رام هو ته هندو، پر عربيءَ ۽ فارسيءَ جو گوهر هو. ايتريقدر جو مولانا ابوالڪلام آزاد جهڙي دنيا ڀر جي مڃيل مذهبي عالم جا ڪتابَ، مثلاً ”غبارِ خاطر“، ”تذڪره“ ۽ ٻيا ايڊٽ ڪيائين. هو انهن ڏينهن ۾ ساهتيه ايڪيڊمي دهليءَ ۾ اردو شعبي جو سربراهه هو. اڳ ۾ مصر ۾ هندستان سرڪار جو سفارتڪار هو. هاڻي وفات ڪري ويو آهي.
مالڪ رام پاڻ به ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف هو. سندس هڪ ڪتاب ”وه صورتين الاهي“ ته تمام مشهور آهي. مون هندستان مان گهرائي پڙهيو آهي. لاجواب ڪتاب آهي. هن پنهنجن همعصر اديبن تي ٻيو به سٺو ڪتاب اردوءَ ۾ لکيو آهي، جو هاڻي مون کي لنڊن مان هڪ علم دوست موڪليو آهي. اڄڪلهه اهو پڙهي رهيو آهيان. اهو علم دوست شخص به سنڌ جي عالمن ۾ فقط پير صاحب جي ئي علم ۽ تحقيق جو مداح آهي.
مالڪ رام پنهنجين نياڻين جا نالا اسلامي رکيا. نشست برخواست عالمن واري هئس. هندو هوندو هو تڏهن به روز قرآن ڪريم جي تلاوت ڪندو هو. نيٺ مسلمان ٿي ويو هو. جڏهن مصر ۾ سفارتڪار هو ته پير صاحب سان خط و ڪتابت ڪندو هو. ٻنهي جي پاڻ ۾ وڏي محبت هئي. سندس ڪيئي علمي خط پير صاحب وٽ محفوظ آهن. اديءَ شميم کي وڌيڪ خبر آهي.
سيد صباح الدين عبدالرحمان، هندستان جو هاڪارو عالم هو. علامه شبلي نعمانيءَ جي قائم ڪيل اداري ”دارالمصنفين“ جو صدر هو. ماهوار ”معارف“ رسالو به ايڊٽ ڪندو هو، جيڪو عيد هجي ته ڇا، محرم هجي ته ڇا، دهليءَ ۾ دنگو فساد هجي ته ڇا، امن امان هجي ته ڇا، هر حالت ۾ مقرر تاريخ تي شايع ٿيندو هو. اصول پرست انسان هو. هر قسم جي تعصب کان پاڪ صاف هو. صحيح معنيٰ ۾ محقق ۽ عالم هو. ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف هو. پير صاحب سان ڏاڍي گھري دوستي هئس. منهنجي ساڻس ملاقات به پير صاحب وٽ ٿي. جڏهن پير صاحب وفات ڪري ويو، ته مٿس هڪ مفصل مضمون لکيائين، جيڪو ڪتابي صورت ۾ ڇپيل آهي. مون سان محبت ٿي ويس. ڪراچيءَ آيو ته مان کيس حيدرآباد وٺي آيس، جتي پير صاحب جي ياد ۾ شاندار ليڪچر ڏنائين. ڊاڪٽر فرمان فتح پوري به گڏ هو. موٽ تي ٺٽي وارو رستو ڏئي وياسين. سنڌ جي تاريخي شاهجهاني مسجد وٽ تصويرون ڪڍايونسين.
يوروپي عالمن ۽ اديبن ۾، سرفهرست، پروفيسر ڊاڪٽر ائنيمري شمل جو نالو ايندو ۽ نهايت ادب ۽ احترام سان کنيو ويندو. ڊاڪٽر شمل لاءِ اهو چوڻ ڏکيو آهي ته هوءَ جرمن هئي يا سنڌي؟ ليڪن، سنڌ ۽ سنڌيءَ ۾ دلچسپي پير صاحب جي ڪري ئي ورتائين.
- پر، ٻين يورپي عالمن سان پير صاحب جا لڳ لاڳاپا فقط خيرسگاليءَ تائين محدود هئا. مثال طور لنڊن ۾ سائمن ڊگبي يا آمريڪا ۾ ٿئڪسٽن ويلر. ٻئي ”سنڌ سيمينار“ (1975ع) ۾ آيا هئا. ڊگبيءَ مون کي پنهنجو هڪ ڪتاب تحفي طور ڏنو هو، جنهن جو موضوع هو: ”مغل هندستان ۾ گهوڙي جي اهميت.“ ڊگبي برٽش ميوزيم ۾ اعليٰ عهدي تي فائز هو.
پير صاحب جا گهڻي ۾ گهڻا دوست ايران ۾ هئا. انهن ۾ آقاي سعيد نفيسي ته خير تمام وڏي شخصيت هو. مون ڪونه ڏٺو پر، پاڻ علي اڪبر جعفريءَ، منوچهر ستوده، خدابنده لو، جعفر محجوب، ايرج افشار ۽ لطف لله هنرفر سان به تمام گھرو گهاٽو هو. پروفيسر فروزان فر ۽ ڊاڪٽر عبدالحسين زرين ڪوب سان به گھرا گهاٽا تعلقات هئس، ماهيار نوابي، يوسف ڪيوان شڪوهي، رشيد فرزانه پور، آغا ضيائي ۽ محمد حسين تسبيحي ته کيس گهڻو ويجها هئا. مون سان به ڏاڍا گھرا گهاٽا ٿيا.
اسلام آباد ۾ بدلي ٿي ويس ته ايراني سفارتخاني جا اعليٰ عملدار انهيءَ ئي نسبت سان مون کي دعوتن ۾ سڏيندا هئا. سهڻا قيمتي ايراني قالين تحفي طور ڏيندا هئا. علمي ڪتابن تي منهنجا رايا ڇاپيندا هئا. هڪ اهڙو سهڻو ڪتاب ”ميراثِ جاودان“ نالي سان پاڪستان تي ڇاپيائون. بلاشڪ، ان ڳالهه ۾ منهنجون ساڻن محبتون به شامل هيون، پر، ”صبح جي اها ٿڌي هير“ اصل ۾ ته پير صاحب جي پار کان ئي آئي هئي!
شاهه ايران جي وڏيءَ ڀيڻ شمس جو خاوند، آغا پهل بود، پير صاحب جو عقيدتمند هو. پير صاحب کانئس حيدرآباد وارو ”خانهءِ فرهنگ“ قائم ڪرايو هو، پير صاحب جي وفات کان پوءِ، ڊئريڪٽر آغا رشيد، فرزانه پور ۽ آغا ڪيوان شڪوهي ۽ آغا ضيائي مڙني معاملن متعلق فقط مون سان مشورو ڪندا هئا. وڏا يار ويس هئا.
افغانستان جي عالمن ۾ مون کي پير صاحب جو هڪ ئي دوست سُجهي ٿو: آقاي عبدالحئي حبيبي، جنهن سنڌي ادبي بورڊ لاءِ ”تاريخ تازه نواءِ معارڪ“ ايڊٽ ڪيو آهي. سڪندر مرزا واري زماني ۾، افغستان مان خودبخود جلاوطني اختيار ڪري، پاڪستان هليو آيو. هت حڪومتِ پاڪستان جو ”سروش“ رسالو ڪڍندو هو. مون سان گڏ، ”پاڪستان پبلڪيشن“ ۾ ڪم ڪندو هو، سو دوست ٿي وياسين. پير صاحب جي وفات کان پوءِ مون پير صاحب جو ئي ايڊٽ ڪيل تاريخ ”تحفته الڪرام“ (فارسي) تحفي طور کيس ڪابل موڪليو هو. پنهنجي حڪومت سان ٺاهه ٿيس، ته موٽي افغانستان ويو. ان کان پوءِ افغانستان ۾ ڪيئي انقلاب آيا آهن. خبر ناهي ته ڪاٿي آهي. زنده آهي يا وفات ڪري ويو. تاريخ جو وڏو عالم هو.
افغانستان ۾ حبيبيءَ کان علاوه پير صاحب جا ٻيا ڪهڙا اديب دوست هئا، تن جي مون کي خبر ڪانهي. پر، اتان جي شاهي خاندان جون ٻه خواتين، پير صاحب جي دعوتن ۾ اينديون هيون. سندن خاندان، ڪابل مان لڏي ديرادون هليو ويو هو. فارسي ڳالهائيندو هو. اهو انگريزن جو زمانو هو. پاڪستان پوءِ ٺهيو، سندن خاندان ڪراچيءَ لڏي آيو. ٻئي خواتين نهايت مهذب، اعليٰ تعليم يافته ۽ تمام خوبصورت هيون. وڏيءَ جو نالو شيرين خان ۽ ننڍيءَ جو ثريا خان هو. شيرين خان سان منهنجي دعا سلام گھري گهاٽي ٿي وئي. انگريزي زبان جي ماهر هئي. منهنجي چوڻ تي چونڊ سنڌي لوڪ ڪهاڻين جي ڪتاب جو انگريزي ترجمو ڪيائين، جو ايڪيڊمي آف ليٽرس ۽ سنڌي ادبي بورڊ گڏجي ڇاپيو. ڪتاب جو پيش لفظ جويي صاحب لکيو، جو بورڊ جي چيئرمن جي حيثيت ۾ سائين مخدوم صاحب صحيح ڪيو. مخدوم صاحب وڏيءَ ڳڻ ڳوت وارو اعليٰ شخص هو. سو پيش لفظ لکڻ جو ڪم سوچي سمجهي جويي صاحب کي سونپيائين. ڇو ته ڪنهن به عالم تي اعتبار ڪونه هئس.
پير صاحب جي قريبي حلقي ۾ ٻي اهڙي غير ملڪي اعليٰ تعليم يافته خاتون گلشن خاڪي هئي. آمريڪا جي ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ ”تقابل اديان“ پڙهائيندي هئي. مون سان حُجائتي هئي، سو ساڻس چرچا گهٻا ڪندو هوس ۽ جلد شادي ڪرڻ جو مفيد مشورو ڏيندو هئس. کِلي مُڪون هڻندي هئي. ويچاري هاڻي سخت بيمار آهي، ولايت ۾ آهي.
هن دنيا ۾ انسان مقرر مدي لاءِ اچي ٿو. پر، ان کي ”دائمي حقيقت“ سمجهي، منجهس پنهنجي ننڍي دنيا ٺاهڻ لاءِ هيڏي هوڏي ڊوڙي ٿو. هيءَ دنيا رڃ آهي. انهيءَ ڪري، رڃ کي هنديءَ ۾ ”مرگهه ترشنا“ ڪوٺيندا آهن “OLD MAN AND THE SEA” هيمنگوي جي هڪ ناول جو نالو آهي. سندس چوڻ آهي ته انسان، هن جهان ۾ ائين ئي بيوس، حيران ۽ سرگردان آهي، جيئن ٻڍڙو ماڻهو سمنڊ ۾! سندس ڏينهڙا پڄي اچن ٿا، تڏهن انهن مان ڪيتريون اهي ڳالهيون جن جي پٺيان سڄي عمر ڊوڙندو رهيو، سي، کيس سراسر بي معنيٰ لڳنديون آهن. مون سان ڪنهن دوست ڳالهه ڪئي ته پير صاحب جو وڏو ڀاءُ، پير علي محمد راشدي، جڏهن ڀٽي صاحب جي ايامڪاريءَ ۾ وزارتِ اطلاعات ۽ نشريات ۾ مشير مقرر ٿيو، ته کيس دستور موجب اسلام آباد ۾ سرڪاري گهر الاٽ ٿيو. واسطيدار ڪامورو وٽس ويو ۽ ادب سان کانئس پڇيائين ته، ”سائين، اوهان جي سرڪاري گهر ۾ ڪهڙو فرنيچر رکجي؟“
جواب ڏنائينس ته، ”اهڙو هجي، جو جڏهن هي گهر ڇڏڻو پوي، ته ڪا به حسرت نه ٿئي.“
سائين حسام الدين شاهه جڏهن هي جهان ڇڏيو تڏهن الائي ڪهڙيون حسرتون دل ۾ کڻي ويو. بظاهر، هن لڳ ڀڳ منو سؤ ورهين جي ڄمار ماڻي. ننڍپڻ ۾ ڪا خاص تعليم ڪانه ملي هئس، ليڪن، پنهنجيءَ ڪوشش سان سنڌيءَ، اردوءَ ۽ فارسيءَ تي عبور حاصل ڪيائين. انگريزي به سِکيو. اُٺ ڪتابن جا پڙهيائين ۽ اُٺ ڪتابن جا لکيائين. حڪومتِ پاڪستان کيس ستاره امتياز ڏنو. ايران جي بادشاهه کيس ملڪ جو اعليٰ علمي اعزاز ”نشانِ سپاس“، درجه اول ڏنو. ايڏي عزت پير صاحب کان نه اڳي نه پوءِ، ٻئي ڪنهن به سنڌي عالم جي ڪيائين.
ايڪيڊمي آف ليٽرس اسلام آباد ۾ چيني اديبن جا وفد ايندا هئا ته مان کين مڪليءَ ۾ پير صاحب جي مزار تي وٺي ويندو هئس. هو سمورن اعزازن سان سندس مزار تي گلن جون چادرون چاڙهيندا هئا ۽ علمي ڪارناما ٻڌي، حيرت ۾ پوندا هئا. ڊاڪٽر شمل ته جڏهن به پاڪستان ايندي هئي ته هميشه پاڻ مرادو مون سان گڏ، مڪليءَ تي هلندي هئي ۽ پير صاحب جي مزار تي حاضري ڏيندي هئي.
پير صاحب پنهنجي علمي قد و قامت جي وسيلي روس، آمريڪا، يورپ، افغانستان، ايران، ۽ ٻين ملڪن ۾ پنهنجا پرستار پيدا ڪيا. بين الاقوامي ڪانفرنسن ۽ سيمينارن جي صدارت ڪيائين. پنهنجو نانءُ نيڪي پيدا ڪيائين ۽ دنيا ۾ سنڌ جو منهن به مٿي ڪيائين! پر، سنڌ جي بي رحم معاشري ۾ جيڪڏهن حُسين شاهه سندس ياد ۾ ڪا تقريب رکي، ته واهه، نه ته ٻارهين مهيني ڪوبه ادارو، پنهنجي ليکي سندس تربت تي رڳو هڪڙو گل رکڻ وارو به ڪونهي!
هاڻي ته حُسين شاهه به هي جهان ڇڏي ويو! سڄي خاندان جون علمي روايتون لڏي ويون.
اسان وٽ عالمن ۽ اديبن جو قدر ڪونهي. رچرڊ پرٽن جي راءِ آهي ته ”سنڌي ماڻهن ۾ حسد ۽ ساڙ آهي.“ انهيءَ ماجرا جو سبب سمجهڻ لاءِ منهنجي دوست، محمد حسن ڀُٽي هڪ دلچسپ ڳالهه ٻڌائي. چيائين، ”گهڻا سال ٿيا ته در محمد ناريجي، علامه قاضي صاحب کان سوال ڪيو هو ته،”قبلا، ائين ڇو آهي؟“
علامه صاحب جن فرمايو، ”عالمن جو قدر ادارا ڪندا آهن جڏهن ادارن ۾ ننڍا ماڻهو وڏين ڪرسين تي ويهندا آهن، ته علم ۽ عالمن جي بي قدري ٿيندي آهي.“
مون سنڌي ادبي بورڊ ۾ انهيءَ حقيقت جو مشاهدو ڪيو، پر سنڌ جي مشاهيرن ۽ قومي سورمن جي ناقدري جو وڏيءَ ليول تي مشاهدو ڪرڻو هجي، ته روپاماڙيءَ ۾ دودي سومري ۽ مڪليءَ ۾ دولهه دريا خان جي ابدي آرامگاهن جو حال وڃي ڏسجي. فردوسي ياد ايندو:

چغد نوبت مي زند بر گنبذِ افراسياب

منهنجي والد صاحب هي جهان ڇڏيو ته ڊاڪٽر شمل جرمنيءَ مان خط ۾ لکيو ته؛
”رباني، ماڻهوءَ جي مٿي تان سندس والدين جو سايو هٽي ٿو ته هو پاڻ کي انهيءَ پکيئڙي جي مثال ڀانئين ٿو، جنهن کي پڃري مان ڪڍي، فضا ۾ کُليل هوا ۾ اڇلائي ڇڏجي، جتي ڪيئي خونخوار پکي هيڏي هوڏي لامارا ڏيندا رهن ٿا.“
مون به والد صاحب جي وفات کان پوءِ ائين ئي محسوس ڪيو. زندگيءَ جا سوين مسئلا ڪَر کڻي بيٺا، پر پير صاحب منهنجي مٿي تي ٻاجهه ڀريو هٿ ائين رکيو، جو مون محسوس ڪيوته بابا سائينءَ جي رحلت جي باوجود مان ڇورو ڇنو ڪونه ٿيو آهيان. اوکيءَ سوکيءَ ۾ منهنجي سار سنڀال لڌائين، غم ۽ خوشيءَ ۾ ساٿ ڏنائين. سخي ۽ سچو انسان هو. منهنجو مربي ۽ محسن هو. هڪ دفعي خان عبدالغفار خان جي عزيز، يونس جو ڪتاب پڙهي رهيو هئس. جيڪو سڄي عمر جواهر لعل نهروءَ وٽ رهيو، سندس وفات کان پوءِ اندرا گانڌيءَ وٽ عمر گذاريائين. ڪتاب انگريزيءَ ۾ آهي. نالو اٿس

“PERSONS, PASSIONS AND POLITICS”

ڪتاب ۾ هڪ هنڌ لکيو اٿس ته:
”مان جڏهن به ڪنهن معاملي ۾ پريشان ٿيندو هئس، ته سڌو جواهر لعل نهروءَ وٽ هليو ويندو هئس. هو هندستان جو وزيراعظم هو. پر، مون لاءِ پيءُ وانگر هو. ڳالهه ٻڌي، منهنجي مشڪل دور ڪندو هو ۽ پوءِ ٿڌو ساهه ڀري چوندو هو ته، ”يونس، تون ڪنهن مشڪل ۾ ڦاسين ٿو، ته سڌو مون وٽ اچين ٿو. مان تنهنجا مسئلا ڪجهه حل ڪريان ٿو ۽ ڪن ۾ مشورو ڏيان ٿو. پر، اڄ جڏهن مهاتما گانڌي هن جهان ۾ ڪونه آهي، ته مان ڏکئي وقت ۾ ڪنهن وٽ وڃان؟“
مون يونس جو ڪتاب اتي بند ڪيو ۽ نارٿ ويسٽرن هوٽل مان ٽيڪسيءَ ۾ چڙهي سڌو پير صاحب جي رهائشگاهه تي پهتس. ساڻس اها ڳالهه ڪيم. چيومانس ته، ”مان به ته اوهان کي ائين ئي تنگ ڪريان ٿو“.
هو ڪو ڪتاب ايڊٽ ڪري رهيو هو. ٿڌو ساهه ڀري اُٿيو. موٽر ۾ ويٺاسون، صدر ۾ اچي چڪر ڏنوسون. آئيس ڪريم کاڌيسون. موٽي سندس گهر آياسين، منجهند جي ماني کاڌيسون. پاڻ وڃي آرامي ٿيو ۽ مان موٽي هوٽل تي آيس. پر، شام جو وري ٻئي گڏ هئاسين.
اڄ اهڙا اعليٰ انسان ڪاٿي آهن؟ هاڻي ڏک سک ۾ منهنجون اڃايل اکڙيون کيس ئي ڳولينديون آهن. واجهائي، واجهائي، نيٺ ٿڪجي، مايوس ٿي، مون وٽ موٽي اينديون آهن.
پير صاحب، ”حديقته الاولياء“ جي مقدمي ۾، پنهنجي ڪنهن مرحوم پياري دوست جي ياد ۾، عربي زبان جي شاعر لبيد جا ڪي دلآويز شعرَ ڏنا آهن. هاڻي پير صاحب کي ياد ڪري، اهي ئي شعرَ منهنجي چپن تي ترِي ايندا آهن:

اهي وسئُون، جتي پَلُ پَهَر، آجهاپ ڪندا هئاسين،
۽ رهاڻيون ڪندي وقتَ گذارياسين، سي ويرانا ٿي ويون!
ماڳن ۽ محفلن مان ساٿ ڌڻي سرواڻ هليو ويو.
رجام وارين ٽڪرين جي ڀِڪَ ۾، اڄ انهن جا نشان به ڪونه رهيا.
مهينا ۽ سال گذري ويا.
بهار جون بوندون بار بار پيون.
ڪيترائي ڀيرا اُترَ پارَ جا ڪارا ڪُمَ ۽ ڪَڪَرَ،
اُنهن ويرانن تي وڏڦُڙا وَسائي ويا.

مخدوم صاحب سجاد حُسين قريشي

مخدوم سجاد حسين قريشي، ملتان جي غوثَ، بهاؤالحق جي درگاهه جو سجاده نشين هو. هڪ دفعي مون کانئس پڇيو ته، ”سنڌ ۾ غوث کي بهاؤالحق ڪوٺين ٿا ۽ پنجاب ۾ بهاؤالدين... سو ڇو؟“ چيائين ته، ”ٻئي لقب آهن، سندن اصل نالو ته ’ذڪريا‘ هو.“
سنڌ ۾ غوث جا معتقد ۽ مريد ٿر جي پاسي اڃا چڱي وڏي تعداد ۾ آهن، پر ڪنهن زماني ۾ ته اُتر، وچولي ۽ لاڙ ۾ اهڙو ڪو هنڌ مشڪل هوندو، جتي نه هجن. هڪڙي ڀيري مخدوم صاحب خود پير حسام الدين راشديءَ ۽ مون سان انهيءَ ڳالهه جي تصديق ڪئي هئي. اسان غوث جي عرس جي موقعي تي ادبي ڪانفرنس ۾ ويا هئاسين. بعد ۾ سائين قاسمي صاحب ۽ ڊاڪٽر الانا صاحب پڻ ويا هئا.
ملتان ۾ ممتاز حسن نالي هڪ خزانه آفيسر هوندو هو، جو مون کان سنڌي ادبي بورڊ جا تاريخ تي ڇپايل ڪتاب گهرائيندو هو، سو هن ڪري، جو ماضيءَ ۾ سنڌ ۽ ملتان جا لاڳاپا تمام گھرا ۽ گهاٽا هئا. ملتان هاڻي پنجاب جو حصو آهي، پر، ڪنهن زماني ۾ سنڌ جو حصو هوندو هو. اهو ئي سبب هو جو محمد بن قاسم ان کي فتح ڪيو هو. ملتان ۽ اُچ شريف سنڌ جي اترئينءَ سرحد جا ٻه اهم شهر هئا.
قلندر شهباز کي وصال ڪئي تقريباً ست سؤ سال گذريا آهن. هو جڏهن به هت آيو هو ته اول ملتان هليو ويو هو ۽ اُتي غوث بهاؤالحق وٽ وڃي رهيو هو. سيوهڻ پوءِ آيو هو، تڏهن به ملتان، سيوهڻ وانگر سنڌ جو شهر هو.
غوث پاڪ، قلندر شهباز، بابا فريد ۽ اُچ شريف جو بخاري بزرگ، دين اسلام جي تبليغ لاءِ پري پري هليا ويندا هئا. اهي ڳالهيون به اسان سان مخدوم صاحب ڪيون هيون. ائين به چيائين ته اتر ۾ بعضي ته بخارا، اولهه ۾ بلوچستان جي دور دراز شهرن ۽ اوڀر ۾ برما تائين به هليا ويندا هئا. ڏکڻ ۾ ته عربي سمنڊ هو.
ملتان ۾ انهيءَ زماني ۾ قباچه جي حڪومت هئي. سنڌ سندس هٿ هيٺ هئي، جنهن تي ست راڻا، سندس نائبن جي حيثيت ۾، مختلف پرڳڻن تي راڄ ڪندا هئا. برهمڻ آباد واري پرڳڻي تي راڻو جسودن (يا جسوڌن) آڳرو راڄ ڪندو هو. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ پنهنجي لافاني ڪلام ۾ کيس ڳايو آهي:

جسوڌن جهڙو جوانُ، ڪونه ڏسان ڏيهه ۾!

مون سان اها ڳالهه پهريائين مير محمد بخش ٽالپر (ميرپورخاص واري) ڪئي هئي ۽ ثابتيءَ طور سنڌ مسلم ادبي سوسائٽيءَ جي ڇپايل ”سنڌ جي تاريخ“ ڏيکاري هئائين. بعد ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي لوڪ ادب سلسلي ۾ ڇپيل هڪ ڪتاب ۾ تفصيلُ پڙهيم.
غوث بهاؤالحق ملتانيءَ جي پوٽي رڪنِ عالم جي احوال ۾ وري اها دلچسپ ڳالهه پڙهيم ته پاڻ مشهور سياح ابن بطوطا کي ٻڌايو هئائين ته، ”اسان اصل نسل ۾ سنڌي آهيون.“
رڪنِ عالم پنهنجي ڏاڏي غوث بهاؤالحق وانگر وڏي شخصيت هو. هن وانگر پاڻ به سڄي هندستان جو ”شيخ الاسلام“ (Chief Justice) مقرر ٿيو هو. بادشاهه دهليءَ ۾ نظام الدين اولياءَ جي شهرت ۽ طاقت کي ڌڪ هڻڻ لاءِ کيس دعوت ڏئي گهرايو هو. هو وڏي مذهبي عالم هئڻ سان گڏ وڏو سياسي ذهن به هو. سو، بادشاهه جي دعوت تي دهليءَ ته ويو، پر نظام الدين اولياءَ سان دوستي ڪري ملتان موٽيو.
ملتان جو اُنهيءَ زماني ۾ وڏو اوج ۽ اقبال هو. لاهور جي ڪا حيثيت ئي ڪانه هئي. اهو ئي سبب آهي جو داتا گنج بخش علي هجويريءَ، ٽينءَ صدي هجريءَ ۾ لاهور لاءِ لکيو هو ته:

”يکي از مضافات ملتان است“
(لاهور ملتان جي پسگردائيءَ وارين وسندين مان هڪ آهي.)

اهي ته ٿيون اڳوڻي زماني جون ڳالهيون، پر جمعو جمعو اٺ ڏينهن اڳ، انگريزن جي بادشاهيءَ ۾ به ملتاني هندو واپاري جڏهن بمبئيءَ ويندا هئا ته اُتي ”سنڌي“ سڏبا هئا. بلڪ، برطانوي دور جي گزيٽيئرن ۾ ائين به لکيل آهي ته بمبئيءَ جا واپاري، سنڌي هندو واپارين ۽ ملتان جي هندو واپارين ۾ فرق ڪونه ڪندا هئا. ٻنهي کي ”سنڌي“ سڏيندا هئا. ممتاز حسن خزانه آفيسر ملتان انهيءَ ئي سبب ڪري، مون کان سنڌي ادبي بورڊ جا تاريخ تي ڇپيل ڪتاب گهرائيندو هو. انهن جي مطالعي کان پوءِ پير سائين حسام الدين شاهه جو معتقد ٿي ويو. مون پير صاحب سان سندس غائبانه تعارف ڪرايو. ان کان پوءِ ممتاز، پير صاحب کي سڌو خط پَٽَ لکيا ۽ سندس رضامنديءَ سان مخدوم صاحب سان ڳالهه ٻولهه ڪڍيائين، جنهن غوث جي عرس جي موقعي تي پير صاحب کي ”ادبي ڪانفرنس“ ۾ ”چيف گيسٽ“ طور دعوت ڏئي، ملتان سڏيو.
پير صاحب ملتان مان موٽيو ته مخدوم صاحب جي شخصيت کان ايڏو ته متاثر ٿي آيو، مون کي حيدرآباد مان ڪراچيءَ سڏيائين ۽ سفر جا ذري پرزي جا حال احوال ڏنائين. مخدوم صاحب جي ايڏي ته تعريف ڪيائين، جو مان به غائبانه سندس عقيدتمند ٿي ويس.
ٻئي سال پير صاحب وري ادبي ڪانفرنس ۾ ملتان ويو ته مون کي ساڻ وٺي ويو ۽ مخدوم صاحب سان متعارف ڪرايائين. مون پرپٺ پير صاحب کان سندس جيڪا تعريف ٻڌي هئي، اها سؤ فيصدي صحيح هئي. مون کي سندس حضور ۾ باريابيءَ جو شرف ائين نصيب ٿيو. پر، بعد ۾ ته ورهين جا ورهيه سندس قرب جي ڇانوَ ۾ گذريا. هاڻي جڏهن هن جهان ۾ ڪونه آهي ته سندس ڳالهيون ياد اينديون اٿم.
اهو چٽيءَ طرح ياد اٿم ته ممتاز حسن خزانه آفيسر ملتان شروعات وارين ٻن ٽن ڪانفرنسن جي موقعي تي پهرن جا پهر ڪچهريون ڪرڻ ايندو هو. ڏاڍو قرب ڏنائين، پر ان کان پوءِ هو وري نظر ڪونه آيو ۽ نه وري خط پَٽ لکيائين، پر هڪ لاجواب تحفو ڏنائين. هڪ بيت ٻڌايائين، جو ملتان ۽ ٺٽي جي قديم لاڳاپن جي نشاني آهي:

جڏهن ٺٽي ٿي ٺاهه ڪيو ۽ اَڏيو ٿي ملتانُ،
تڏهن سؤ سهيلين ساڻُ، مون مٽي ڍوئي ڪوٽ جي.

ملتان تمام قديم شهر آهي. مخدوم صاحب ان جي تارخ بيان ڪندو هو، ته پرهلاد ڀڳت جي مندر جو خاص طرح ذڪر ڪندو هو، جو اڃا به غوث جي درگاهه سان لڳو لڳ بيٺو آهي. مخدوم صاحب چوندو هو ته، ”هيءُ شايد اهو ساڳيو مندر آهي، جنهن ۾ محمد بن قاسم بُت ڀڳو هو ۽ بيشمار هيرا، جواهر، سون ۽ چانديءَ جا انبار هٿ ڪيا هئا.“ مون کي ذهن تي اهو به هلڪو دَئو آهي، ته مخدوم صاحب اسان کي ايئن به چيو هو ته پرهلاد جو مندر ”سورج ديوتا“ جو مندر هو. ائين به ٻڌايو هئائين ته هندن ۽ مسلمانن ۾ ايڏي ته رواداري هئي، جو غوث جي درگاهه جي تعمير ٿيڻ کان پوءِ به هندو نهايت آرام ۽ اطمينان سان مندر ۾ پاٺ پوڄا ڪندا هئا ۽ مسلمان پنهنجون رسمون ادا ڪندا هئا.
سنڌ ۾ قرمطين منصوري ۽ ملتان کي پنهنجي هٿ هيٺ آندو، پر محمود غزنويءَ ٻنهي شهرن تي حملو ڪيو ۽ قرمطين کي تهس نهس ڪري ڇڏيو. ليڪن حيرت جي ڳالهه آهي ته ايڏي وڏي واقعي بابت مخدوم صاحب اسان سان ڪڏهن به ڪا ڳالهه ڪانه ڪئي.
هونئن مخدوم صاحب هر موضوع تي ڳالهه ٻولهه ڪندو هو، اهو نه پڇجي ته ڪهڙن ڪهڙن موضوعن متعلق ڳالهائيندو هو، اهو پڇجي ته اهڙو ڪهڙو موضوع هوندو هو، جنهن تي ڪونه ڳالهائيندو هو. پاڻ صحيح معنيٰ ۾ معلومات جي کاڻ هو. مذهبي ۽ تاريخي موضوع ته سندس مطالعي جا هوندا هئا، پر ”رولس رائيس“ ڪارن جي ساخت بابت به مڪمل اعتماد سان معلومات ڏيندو هو۔ هڪ دفعي سنڌ جي خاندانن سان پنهنجن لاڳاپن جو ذڪر ڪيائين ۽ ٻڌايائين ته اليڪشن جي معاملن ۾ هڪٻئي جي اميدوارن کي مدد ڏيڻ ۾ سندن لاڳاپو هالن جي مخدوم خاندان سان هو.
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ صاحب جئين مخدوم نوح جي گاديءَ جي حرمت ۽ پنهنجيءَ شخصيت جي اهميت وڏي شانَ سان برقرار رکي، مخدوم سجاد حسين قريشي صاحب وري غوث جي درگاهه جو تقدس ۽ پنهنجيءَ شخصيت جو وقار، وڏي شانَ مانَ سان برقرار رکيو. مان انهيءَ حقيقت جو اکين ڏٺو شاهد آهيان. هاڻي وري قسمت ٻنهي خاندانن کي ويجهو آندو آهي، ٻئي پيپلس پارٽيءَ ۾ شامل آهن.
مون کي اهو به پڪيءَ طرح معلوم آهي ته مخدوم صاحب جي گهڻي ۾ گهڻي قرب ۽ محبت ڪنڊياريءَ واري غلام حيدر وساڻ مرحوم سان هوندي هئي.
ماڻهن ۾ اهو ئي شخص مقبول بلڪ هردلعزيز ٿئي ٿو، جنهن جو اخلاق اعليٰ آهي. مخدوم صاحب اعليٰ اخلاق جو مثال هو. ننڍي وڏي سان هڪجهڙو هوندو هو. منجهس پيرن ۽ شيخن مشائخن وارو مخرج ڪونه هوندو هو. سنڌ ۾ ڪن پيرن جي خاندانن متعلق موجوده دؤر ۾ ڪيئي خرافات ٻڌبيون آهن. رڇ ۽ سوئر تي ڪتا بَڇائڻ ته سندن خاص شوق ۽ شعل آهن، پر ڪن هنڌن تي پيرن جي خاندانن جي نئين نسل ته شراب نوشيءَ ۽ بدڪاريءَ ۾ به نالو ڪڍيو آهي. اڃا به ٻين وري سنڌ ۾ اتر جي پاسي ملڪيت جي تڪرار ڪري هڪٻئي کي مسجدن ۾ به بندوقون هنيون آهن. اهي سڀ ڳالهيون اخبارن ۾ به آيون آهن ۽ زبان زد عام خاص آهن. اهڙن پيرن ۽ درگاهن سان ماڻهن جي جيڪا دلي محبت ۽ عقيدت هوندي، سا به هر ڪنهن کي ساري پئي آهي! منجهن جيڪا ڪاني ڪرامت آهي، سا به خلق رات ڏينهن ويٺي ٿي ڏسي!
هڪ طرف اسان وٽ صورتحال اها آهي، ٻئي طرف مخدوم صاحب جا ٻئي پٽ وڏو شاهه محمود قريشي توڙي ننڍو ڀاڻس اسان ڏٺا ۽ سندن ڳالهيون ٻڌيون. مخدوم صاحب سندن تربيت ائين ڪئي، جو پاڻ پنهنجي زمينن ۾ وڃي ٽريڪٽر هلائيندا هئا. خانداني تربيت جا ماڻهوءَ جي ذهن تي وڏي هوندي گھرا اثر ٿين ٿا. جيڪو لاڏلو ۽ دادلو ٿي پلبو، سو وڏي هوندي به ڪونه سُڌرندو.
مخدوم صاحب جي اهليه مرحومه جنرل شير عليءَ جي خاندان مان هئي. سندس رحلت کان پوءِ مخدوم صاحب ٻي شادي ڪانه ڪئي. اسان وٽ ورلي ڪو اهڙو هوندو، جنهن ايڏي اخلاق جو مظاهرو ڪيو هوندو. هونئن اسلامي شريعت ۾ ته چئن شادين جي به اجازت آهي.
انگريزن جي زماني ۾، سر رڊلي سنڌ ۾ ڪليڪٽر ۽ روينيو ڪمشنر ٿي رهيو هو. سنه 1976ع ۾ مان سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پرو وائيس چانسيلر هئس ته سنڌ گهمڻ آيو. ٻڍو ٿي ويو هو، پر اڃا اٿڻ ويهڻ ۾ کڙو تڙو هو. زال کي به ساڻ وٺي آيو هو، اها به ٻڍي ٿي وئي هئي، پر، وڏي ڳالهه ته ٻنهي اکين کان ويهي وئي هئي. صفا ويچاري انڌي هئي. سنڌيءَ ۾ عام پهاڪو آهي ته، ”انڌي جهڙي پيڪين تهڙي ساهرين!“ پر، رڊلي جي اخلاق کي آفرين ڏجي، جو انڌيءَ زال کي به سنڌ گهمڻ لاءِ ساڻ وٺي آيو. کيس اُٿاريندو وهاريندو به پاڻ هو. مون سان آفيس ۾ ملڻ آيا. ڏٺم ته ڪيڪ پيسٽري ڪٽي، ٽڪرا ڪري، پليٽ ۾ وجهي ڪانٽو هٿ ۾ ڏنائينس ته کائڻ ۾ ڪا ڏکيائي نه ٿئيس. اهو لقاءُ ڏسي مون دل ۾ چيو ته، ”جيڪڏهن انگريزن اڌ دنيا تي حڪومت ڪئي ته هُو واقعي ان جي لائق به هئا.“
منهنجي نياڻي پنهنجي مڙس سان گڏ انگلينڊ، ڪمپيوٽر سائنس ۾ پي ايڇ ڊي ڪرڻ وئي آهي. تازو مهيني کن لاءِ آئي هئي. پڇيومانس ته، ”هِتان جي ماڻهن ۽ ملڪ“ جي اُتان جي ماڻهن ۽ ملڪ ۾ ڪهڙو مکيه فرق آهي؟ اول ته تڪڙ ۾ جواب ڏنائين ته، ”هِتان جي دنيا ٻي آهي، اُتان جي ٻي آهي، ٻه جدا جهان آهن.“ گهڙي رکي چيائين ته، ”مکيه فرق، مون کي ته هي نظر آيو ته ”انگريز ڪوڙ ڪونه ٿا ڳالهائن. ڪوڙ ڳالهائڻ سندن سمجهه کان مٿڀري ڳالهه آهي. ڇا به ٿي پوي، سچ ڳالهائيندا. ان ڳالهه جي پرواهه ڪونه ڪندا ته سچ ڳالهائڻ ڪري، مون کي فائدو ٿيندو يا نقصان؟“
قبلا علامه آءِ.آءِ.قاضي به ساڳي ڳالهه ڪندو هو. پر، چوندو هو ته، ”انگريز جڏهن سئيز واهه ٽپي هن طرف اچي ٿو ته پنهنجا سڀ اخلاقي قدر ڇڏي اچي ٿو.“
مخدوم سجاد حسين قريشي انگلينڊ مان اعليٰ تعليم پرائي آيو هو يا نه، اُنهيءَ ڳالهه جي مان نه ترديد ڪري سگهان ٿو نه تصديق. پر، ايترو اعتماد سان چئي سگهان ٿو ته هو انگريزي ايتريءَ ئي روانيءَ سان ڳالهائيندو هو، جيتري اُردو. سرائڪي ته سندس مادري زبان هئي، پر سنڌيءَ ۾ به ڳالهائي ويندو هو. سنڌي سمجهندو ته رپئي مان سؤ پئسا هو. هڪ دفعي ڪو ٿر جي پاسي ويو هو. مان ساڻس ملتان ۾ مليس ته، ڏاڍي ڏک مان چيائين ته، ”رباني، ٿر ۾ وڏي ۾ وڏو مسئلو پيئڻ جو پاڻي آهي. ويچارين جوان نينگرين جي ڄمار پيئڻ جي پاڻي آڻڻ ۾ گذري وڃي ٿي. فجر جو گهڙا کڻي وڃن. پهر ڏينهن گذري، ته موٽي اچن. شام جو وري کڻي وڃن. سانجهيءَ ڌاران موٽن.“
ملتان ۾، پهرينءَ ادبي ڪانفرنس جي موقعي تي عام دستور موجب، مون کي به لفافو ڏنائين، پر مون نه ورتو. ٻانهون ٻڌيون مانس. تڏهن سرائڪيءَ ۾ چيائين ته، ”ڀلا، پاکر کڻي اچان.“
”پاکر“ ٺيٺ سنڌي لفظ آهي. مخدوم صاحب کي سنڌي ڪلچر تي وڏو درڪ هو.
غوث جي عرس ۾ اسي سيڪڙو ماڻهو سنڌ مان ايندا هئا. انهن ۾ عام ماڻهو به هوندا هئا، ته بيٺل سکيا ستابا به هوندا هئا. غريب ماڻهن جي سنڌ مان ملتان ڏي اچ وڃ جي سهولت لاءِ سرڪار کي خاص ريل گاڏيون هلائڻيون پونديون هيون. مخدوم صاحب ٻڌايو ته اُنهن زائرين کان علاوه، غوث جي مريدن جو هڪ ٽيون به وڏو تعداد آهي، جيڪو سنڌ جي مختلف ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن مان پيادل ملتان ايندو ويندو آهي. اُهي ”پانڌي“ سڏبا آهن. گهران ڪڻڪ جي ٿُلهي اَٽي جا مٺا روٽَ پچرائي، سفر جي ثمر طور ساڻ کڻندا آهن. سندن سفر جون راهون ۽ رستا مقرر هوندا آهن، جن تي منزلون هڻندا، ساهي پٽيندا، نيٺ ملتان پهچندا آهن. مخدوم صاحب اُنهن پانڌين جي غوث پاڪ سان عشق ۽ عقيدت جو ڏاڍيءَ سڪ سان ذڪر ڪندو هو. مون ننڍپڻ ۾ اهي پانڌي ڏٺا. ڏهن ٻارنهن ورهين جو ٻار هئس. نوشهري ضلعي جي ڪنڊياري تعلقي ۾ اسان جي ڳوٺ آڳرن کان ميل پنڌ جي مفاصلي تي محبت ديري جتوئيءَ جو ننڍو شهر آهي. منجهس انگريزي تعليم لاءِ مڊل اسڪول هوندو هو، جيڪو هندن پنهنجي هڙان خرچ ڪري ٺهرايو هو. اها پاڪستان ٺهڻ کان سال کن اڳ جي ڳالهه آهي. مان به روزانو پنهنجي ڳوٺ مان ٻين ٻارن سان گڏ انهيءَ اسڪول ۾ پڙهڻ ويندو هئس. غالباً انگريزي ٻئي درجي ۾ هئس. تڏهن سنڌي چار درجا پاس ڪرڻ کان پوءِ انگريزيءَ جي پهرئين درجي ۾ داخلا ملندي هئي، پر ٻار جي پيڙهه پڪي ڪرڻ لاءِ سنڌي چئن درجن کان هڪ سال اڳ ”ٻاراڻو درجو“ به پڙهائيندا هئا. انگريز ويا ته اهي قاعدا قانون ختم ٿي ويا. پاڪستان جي شروعاتي سالن ۾ وري به تعليم جو ڀرم قائم هو، پر ويجهيءَ ڇڪ ۾ سنڌ ۾ تعليم جو رڳو نالو وڃي بچيو.
هڪڙي ڏينهن ٻين شاگردن سان گڏ، اسڪول پوري ٿيڻ کان پوءِ، واپس ڳوٺ پئي ويس ته شور ٻڌڻ ۾ آيو. ڪنڌ ورائي پوئتي جو ڏسون ته ڊنب ماڻهن جو آهي، جيڪي پيرين پيادو پيا اچن. پر، نڪي ته وک وک ۾ ۽ نڪي وري ڊوڙ پيا اچن. ڇوها ڇوها پيا اچن ۽ رکي رکي نعرو پيا هڻن: ”دمبهو“. سندن نعري جو آواز ڏاڍو سُريلو هو. ٿوريءَ دير کان پوءِ، ماڻهن جو اهو ڊنب اسان کي اچي سڻائو ٿيو. اسان ٻار دَڳَ سان پاسو وٺي بيٺاسون. ڊنب ۾ سڀ غريب ماڻهو هئا ۽ پيرين اگهاڙين هئا. ڪلهن تي هر ڪنهن کي هڪ ننڍڙي ڳنڍ ٻڌل هئي. جڏهن اُهو ڊنب اڳتي لنگهي ويو، تڏهن ڪنهن ڳالهه ڪئي ته ”غوث جا پانڌي“ آهن، عرس تي ملتان وڃي رهيا آهن.
انهيءَ کان مهينو ماسو اڳ مان اسڪول مان گهر موٽيس، ته ٻيپهريءَ جي مهل پاڙي اوڙي جي زالن جو ڊنب پنهنجي گهر جي ويرانڊي ۾ ڏٺم. سڀ پاسي وارن غريباڻن گهرن جون هارين جون زالون هيون، ٺڪر جي اُکريءَ جي چوڌاري مُهريون کنيون بيٺيون هيون، جن سان منجهس ڪجهه ڪُٽي رهيون هيون. پوءِ خبر پيم ته غوث جا روٽ پچائڻ لاءِ اُکريءَ ۾ ٿُلهي اَٽي يا ڪڻڪ جي سَنهي ڏاري ۾، ڳُڙ، سونف ۽ ٻيون شيون وجهي ڪُٽي رهيون هيون. جڏهن ڪُٽي بس ڪيائون ته تَئي تي ٿُلها روٽ پچايائون. مون به روٽ جو ٽڪرو کائي ڏٺو، ڏاڍو سوادي هو.
ملتان ۾ مخدوم صاحب جي رهائشگاهه ”دولت گيٽ“ وٽ هوندي هئي. هڪ وڏي سنڌي سليمي نموني جي ٻه ماڙ جاءِ هوندي هئي. ٻاهران سادي هئي، پر اندر ڄڻ ته محلات هئي! منجهس بيشمار ڪمرا هئا، جي محلات جي ڪمرن وانگر سينگاريل هئا. ملتان ۾ ”شيشا ڪاري“ جو ڪم ٿيندو آهي. ننڍا ننڍا شيشا، ڪنهن مسالي ۾ ملائي، ڀتين تي پلستر ڪن ٿا. ڀِت لسي به ٿئي ٿي ۽ منجهس لڳل شيشا ڏاڍا سهڻا به لڳن ٿا. مخدوم صاحب جي رهائشگاهه جو هيٺيون طبقو مهمان خانو هوندو هو، جنهن ۾ وڏي خوبصورت ڊرائنگ ۽ ڊائننگ هال سان گڏ بيڊروم هوندا هئا. مهمان خاني جي سڀني ڪمرن ۾ غاليچا وڇايل هوندا هئا، جن جي مٿان نهايت نفيس ۽ قيمتي فرنيچر پيل هوندو هو. رهائشگاهه جي مٿئين طبقي ۾ سندس فيملي رهندي هئي.
مخدوم صاحب جي مهمان خاني ۾ سندس سُکيا ستابا معتعقد ۽ مريد به ڪونه رهندا هئا، ورلي ڪي شخص هوندا، جن کي اهو شرف حاصل ٿيندو هوندو. ليڪن، مخدوم صاحب، پير صاحب ۽ مون کي انهيءَ مهمان خاني جي بيڊ روم ۾ ٽڪائيندو هو. اسان واري بيڊ روم ۾ ٻه پلنگ ۽ هڪ صوفا سيٽ رکيل هوندو هو. فرش جي مٿان غاليچي تي پيلي ۽ ڳاڙهي رنگ جا وڏا سهڻا گل هوندا هئا. سڀ بيڊ روم هوادار ۽ روشن هوندا هئا. اسان جي پاسي ۾ جيڪو بيڊ روم هو، تنهن ۾ وري بلو رنگ جو غاليچو وڇايل هو، ڪمري جي وچ ۾ بلو رنگ جو ڊبل پلنگ ۽ صوفا سيٽ رکيل هو، جنهن تي به بلو رنگ جي ”شيشا ڪاري“ جو ڪم ٿيل هو. ڪمري جي چئني ڀتين تي به بلو رنگ جي ”شيشا ڪاري“ جو ڪم ٿيل هو.
اسان واري بيڊ روم جي اڳيان، ”ڪاريڊور“ جي نموني تي، هڪ قسم جو ڪمرو هو، جنهن ۾ سامهون اندر اچڻ جو دروازو هو ۽ پاسن کان صوفا سيٽ رکيل هئا. مخدوم صاحب ڏينهن جو اُتي عام خاص ماڻهن سان ڪچهري ڪندو هو. ڪاريڊور واري ڪمري جي هڪ پاسي ڊرائنگ روم هوندو هو، جنهن ۾ مخدوم صاحب فقط خاص خاص ماڻهن سان ڪچهري ڪندو هو، پاڻ غاليچي تي فرشي نشست ڪندو هو. سامعين سندس چوڌاري طول وهاڻن تي ٽيڪ ڏئي وهندا هئا. هونئن ٻنهي ڪمرن ۾ قيمتي ۽ نفيس فرنيچر پيل هوندو هو. ڊرائنگ روم جي ڪاريڊور واري ڪمري جي سامهون واري پاسي سان ڊائننگ روم هوندي هئي، جنهن ۾ ويهارو کن ماڻهن جي ضرورت جيتري ڊگهي ڊائننگ ٽيبل پيل هوندي هئي. اُتي ئي مخدوم صاحب اسان سان گڏ روزانو ماني کائيندو هو. بعد ۾ هڪ دفعي مون انهيءَ ڊائننگ روم ۾ مخدوم صاحب جي هڪ خاص دعوت ۾ لنچ کاڌي، جنهن جو مکيه مهمان صدر جنرل ضياء الحق هو. ڪن مهمانن ڪرسين تي ويٺي ماني ٿي کاڌي ته ڪن وري انگريزي اسٽائيل تي بيٺڙ ٿي کاڌي. مخدوم صاحب انهيءَ دعوت ۾ پاڻ ڪبابن جو ڊش کڻي هر ڪنهن کي ڏيندو، جڏهن مون وٽ آيو ته مون کيس چيو ته، ”سائين، اوهان پاڻ ته ماني کائو ئي ڪونه ٿا.“ مرڪي انگريزيءَ ۾ جواب ڏنائين ته، ”هن عمر ۾ (ساٺيڪو سال) مان اهڙي ڳوري ماني کاوان ته پنهنجي قبر ڏندن سان کوٽيندس.“
عرس جي موقعي تي رهائشگاهه جو سڄو آڳر (جو شاميانن سان ڍڪيل هوندو هو) ۽ ويرانڊو، ٻئي ماڻهن سان ڀريل هوندا هئا. اُنهن جي آمهون سامهون روڊ جي ٻئي پاسي ٺهيل ٻئي نمبر مهمان خاني ۾ ٽڪيل ماڻهو رکي رکي ”غوث جا دمبها“ هڻندا رهندا هئا.
هڪ دفعي مخدوم صاحب اسان کي سمجهايو ته اهو نعرو ”دمبهو“ ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. پر اصل ۾ چون ٿا ته ”مدد ڪر يا غوث بهاول الحق“ سُرَ ۾ اکر اهڙا ته گڏي چون ٿا، جو اسان کي ”دمبهو“ ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. چيائين ته غوث جا پانڌي، عرس جي موقعي تي، سنڌ جي ڳوٺن ۽ ننڍن شهرن مان غوث جا اهي ”دمبها“ هڻندا، ملتان پهچندا آهن. مون کي سندس ڳالهه ٻڌي، ٽيهارو کن سال اڳ محبت ديري جتوئي جي اسڪول مان ڳوٺ موٽندي، ماڻهن جو اهو ڊنب ياد آيو، جيڪو غوث جا ”دمبها“ هڻندو رستي سان ڇوهو ڇوهو پئي ويو.
مخدوم صاحب سان پير صاحب ۽ منهنجي محبت جي رسم و راهه جيئن پوءِ تيئن وڌندي رهي. ادبي ڪانفرنس ۾ مخدوم صاحب جا خاص مهمان اسان ۽ ڪي ٻه چار ٻيا هوندا هئا. پر، اهي اسان وانگر مخدوم صاحب سان گڏ ماني ڪونه کائيندا هئا. مرشد جي ڪري سندس ادب ڪندا هئا، مخدوم صاحب روزانو پاڻ سڄو ڏينهن عرس تي آيل مريدن جي انبوهن ۾ مشغول هوندو هو. تقريباً سومهاڻيءَ مهل آجو پاجو ٿي، اسان جي بيڊ روم ۾ ايندو هو. انگريزي محاوري ۾ ائين چئجي ته صحيح معنيٰ ۾ Relax ٿي ايندو هو. اول ماني کائيندا هئاسون، پوءِ بيڊ روم ۾ ڪچهري ڪندا هئاسون.
هڪ دفعي اسان سان اندر اوريائين، چيائين ته ملتان زرخيز علائقو آهي. هتان جي ڪپهه (Cotton) دنيا ڀرِ مشهور مصر واريءَ ڪپهه (Egyptian Cotton) جهڙي عمدي آهي. پر، اسان نڌڻڪا آهيون. نه سنڌي پنهنجو سمجهن ٿا نه پنجابي پنهنجو ڪن ٿا. پنجابين ته ملتان جي سڄي علائقي کي هاڻي Colonize ڪري ڇڏيو آهي. اسان ملتاني سرائڪي ڳالهائيندڙ ڪاٿي جا ڪونه رهيا آهيون. اقليت ۾ آهيون.
محترمه بينظير ڀُٽي اها رمز سمجهي ورتي. جڏهن وقت آيو ته مخدوم شاهه محمود قريشيءَ جي مٿي تي هٿ رکيائين.
مخدوم صاحب جي ڪچهري هڪ رنگ جي ڪانه هوندي هئي. دنيا جهان جون ڳالهيون نڪرنديون هيون. هڪ دفعي تصوف جي سلسلن ۽ پيرن فقيرن جو ذڪر نڪتو. مخدوم صاحب چيو ته، ”رباني، پيرن فقيرن جو لهه لحاظ فقط هت هندستان ۽ پاڪستان ۾ آهي. ايران ۽ وچ اوڀر ۾ تمام سخت دل ماڻهو آهن. نياز نوڙت مان ڪونه ڄاڻن. تصوف جيڪو رواداريءَ جو سبق ۽ ميٺ محبت جو درس ڏنو، انهيءَ جا اثر رڳو اسان وٽ نظر ايندا.“ سنڌ جي پيرن فقيرن تي تبصرو ڪندي چيائين ته، ”وٽن وڏو ”پروٽوڪال“ (Protocal) آهي. اسان برهمڻ ڪلاس جا ماڻهو آهيون. پر، خدا جي ته سڄي خلق قابل احترام آهي. ايڏو مخرج ڇالاءِ؟ ڇو ٻيا انسان ڪونهن؟“
ائين ڳالهيون ڪندي ٽپ ڏئي اُٿيو. منهنجي واچ ڪا هيٺ صوفا سيٽ وٽ ڪِري پئي هئي، سا کڻي مون کي ڏنائين. مان سندس اعليٰ اخلاق ڏسي حيران ٿي ويس. هو زبان سان مون کي چئي ٿي سگهيو ته، ”پٽ تان پنهنجي واچ کڻي وٺ.“
ٻئي دفعي، وري ما ڻهوءَ جي مزاج تي شاندار تبصرو ڪيائين ۽ سلطان باهوءَ جو مشهور ڪلام وڏيءَ لئه سان ڳائي ٻڌايائين:

دل درياهه، سمندر ڏونگهي
ڪون دليان دا ڄاڻي؟ هُو...!

مخدوم صاحب جون پير صاحب ۽ مون سان ڪچهريون رات جو نائين ڏهين شروع ٿينديون هيون ته ٻي ٽين وڳي رات تائين جاري رهنديون هيون. ٻن ٽن ڪلاڪن کان پوءِ چاءِ جي گرم گرم ڪوپ جي ضرورت محسوس ٿيندي هئي. مخدوم صاحب ڏاڪڻ تي چڙهي، مٿي گهر ويندو هو ۽ پاڻ چاءِ ٺاهي کڻي ايندو هو. ڪنهن به نوڪر يا گهر ڀاتيءَ کي تڪليف ڪونه ڏيندو هو. سندس ٺاهيل چاءِ ۾ عجب لطف هوندو هو. هڪ دفعي ان جو سبب ۽ نسخو ٻڌايائين. چاءِ جي ٻن چئن سٺن برانڊن جي سُڪل پَتي مڪس ڪندو هو. انگلينڊ جي مشهور ”ٽيٽلي ٽي- ليمن فليور“ به منجهس ملائيندو هو. چاءِ جو تازو پاڻي بجليءَ جي ٿرماس ۾ گرم ڪندو هو. مقرر مداءَ ۽ مقدار ۾ منجهس پتي ۽ کير وجهندو هو. اهڙي ته چاءِ ٺاهيندو هو، جو ڍُڪ ڀرڻ سان لطف اچي ويندو هو. چاءِ ٺاهڻ جو سنڌ ۾ اهڙو ذوق پير تراب علي شاهه کي به هوندو هو. سائين قاسمي صاحب ٻڌايو ته هو وري منجهس مُشڪ جو چمچو گهمائيندو هو.
مخدوم صاحب جي ڪچهريءَ جي خاص وصف اها هئي ته جنهن موضوع تي ڳالهائيندو هو، تنهن تي معلومات جا درياهه وهائي ڇڏيندو هو.
جڏهن مان پهريون دفعو ملتان ويس ته حيدرآباد جي گاڏي کاتي واريءَ ”امين منزل“ ۾ رهندو هئس. منجهس قلعي مان مٽيءَ وارو پاڻي ايندو هو. مون کي گڙدي جا ايڏا ته سخت سور پيا جو اصل ڪهڪائجي ويس. پير صاحب مخدوم صاحب سان اها ڳالهه ڪئي. هن گڙدي جي سور جا مختلف سبب بيان ڪندي اهڙو ته معلوماتي ليڪچر ڏنو، جو چڱو ڀلو ڊاڪٽر به ڏئي ڪونه سگهندو.
مخدوم صاحب ڪچهرين ۾ ڪڏهن ڪڏهن کل ڀوڳ جون ڳالهيون به ڪندو هو. ايڏي شگفته مزاجي مون زندگيءَ ۾ ورلي ڏٺي. پاڻ وجيهه شڪل صورت وارو ۽ نهايت وڻندڙ هوندو هو. پر، جڏهن کل ڀوڳ ڪندي مرڪندو هو، تڏهن ته گلاب جو گل لڳندو هو. ڊاڪٽر شمل جي به اها ئي راءِ هئي. مخدوم صاحب جڏهن کل ڀوڳ واريون ڳالهيون ٻڌائيندو هو، ته هوءَ کلي کلي ساڻي ٿي پوندي هئي. پنجاب جو گورنر هو، تڏهن به ملتان وانگر ڊاڪٽر شمل ۽ مون وٽس راتين جون راتيون گورنر هائوس ۾ گڏ گذاريون. ڊاڪٽر شمل جو لڳ لاڳاپو به سالن کان هئس. پر، جڏهن هُوءَ مون سان پهريون دفعو گورنر هائوس ۾ هلي، ساڻس ملي، تڏهن مخدوم صاحب سندس اعزاز ۾ شاندار لنچ ڏني، جنهن ۾ پنجاب جا قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا ميمبر ۽ لاهور جا معزز شهري سڏيائين. چاليهارو کن معزز مهمان هئا. سروس لنچ هئي. لنچ کان پوءِ مهمان موڪلائي ويا ته مخدوم صاحب، ڊاڪٽر شمل ۽ مان هڪ وڏي هال ۾ ڪچهري ڪرڻ لڳاسين. لاهور جو گورنر هائوس به پشاور جي گورنر هائوس وانگر ڀڀڪيدار آهي ۽ شاندار عمارت آهي. مخدوم صاحب ان جي تعمير جي تاريخ بيان ڪئي ۽ هڪ دلچسپ ڳالهه ٻڌائي. چيائين ته، ”جنهن هنڌ اسان هينئر ڪچهري ڪري رهيا آهيون، اُتي هيٺ هڪ ڪمرو آهي، جنهن ۾ هڪ قبر آهي!“ اها ڳالهه ٻڌي اسان ته وائڙا ٿي وياسون! پاڻ نوڪر کي سڏ ڪيائين ۽ ”ڏاڪڻ وارو خفيه ڪمرو“ کولڻ لاءِ چيائين. نوڪر ڪجهه دير کان پوءِ موٽي آيو ۽ چيائين ته، ”سائين هلو.“ اڳيان مخدوم صاحب، پٺيان ڊاڪٽر شمل ۽ مان. ٽئي گورنر هائوس جي پٺئين پاسي کان وڃي هڪ ڪمري جي دروازي اندر داخل ٿياسين، جنهن ۾ هيٺ وڃڻ لاءِ سنگمرمر جي هڪ ڊگهي ڏاڪڻ هئي. ڏاڪا لهڻ ۾ سولا هئا. اسان هيٺ وڃي هڪ وڏي هال ۾ داخل ٿياسون، ايترو ئي وڏو، ويڪرو ۽ ڪشادو هو، جيتري ۾ مٿي ڪچهري ڪري رهيا هئاسون.
لاهور ۾ جنهن شخص جهانگير بادشاهه جو مقبرو ۽ انهيءَ جي وچ ۾ هڪ هال ۾ سنگمرمر سان ٺهيل سندس مزار ڏٺي هوندي، اهو ئي تهخاني واري هال جي وچ ۾ ٺهيل مزار جو صحيح اندازو لڳائي سگهندو. تهخانو نڪي ته اونداهو هو ۽ نه وري اسان کي منجهس ڪا مونجهه ٿي. منجهس مزار کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونه هو. سو، ڏاڍو پراسرار ٿي لڳو.
واپس موٽي وري اچي مٿي هال ۾ ويٺاسون. مخدوم صاحب چيو ته ”مزار جي ڪا به حقيقت معلوم ڪانه آهي. طرزِ تعمير جي لحاظ کان ڪمرو ۽ مزار مغل دور جا ٺهيل آهن. غالباً ان زماني جو لاهور ۾ مغلن جو گورنر يا امير اُتي دفن ٿيل آهي. انگريزن پنهنجيءَ بادشاهيءَ ۾ جڏهن گورنر هائوس ٺهرايو ته منجهس اهو ڪمرو ۽ مزار به ڄاڻي ٻجهي شامل ڪري ڇڏيائون. علامتي انداز ۾، ”سڄي مغل هندستان جي تهذيب ۽ تاريخ“ کي ”اوراقِ پارينه“ قرار ڏنائون، ۽ تهخاني ۾ بند ڪيائون.“
مخدوم صاحب اهو به ٻڌايو ته، ”هيءُ هال، جتي پاڻ هينئر ڪچهري ڪري رهيا آهيون، سو گورنر هائوس جي نقشي موجب، انگريز گورنرن جي ايامڪاريءَ ۾ ”بال روم ڊانس هال“ طور استعمال ٿيندو هو. انگريز خوبصورت منڊمون ۽ گورا صاحب اُتي عيش عشرت ڪندا هئا، شراب پيئندا هئا، پنهنجن منڊمن ۽ محبوبائن سان گڏ ڊانس ڪندا هئا. هال ۾ هر طرف مردن جون مستيون ۽ حسينائن جا ٽهڪا هوندا هئا. سندن انهيءَ شوق ۽ شغل جي ڪري، تهخاني واريءَ مزار ۾ ابدي آرام ۾ ستل مغل گورنر يا اميرَ جي روح کي راحت پهچندي هئي يا اذيت، سو ڪيئن چئجي!“
لاهور جي گورنر هائوس ۾ مخدوم صاحب جي رهائش سان منهنجي ٻي به هڪ يادگيري وابسته آهي. مان جنهن ڪمري ۾ ٽڪيل هئس، ان ۾ چوڌاري سينگار جا الاهي سامان رکيل هئا. سڀني کي غور سان ڏٺم، ڏاڍا سهڻا هئا. پر، هڪڙي شيءِ خاص طرح ڏاڍي وڻيم. ميز تي هڪ سُٻنڌڙي سِپَ رکيل هئي، جنهن تي شاهه ڀٽائيءَ جو روضو اُڪريل هو. دل ۾ چيم ته سنڌ جي ڪلچر کاتي وارا، هن قسم جون سوکڙيون ٺهرائي، ميلي ۾ ادبي ڪانفرنس جي موقعي تي، سٺن مضمون نگارن ۽ مقررن توڙي تقريب جي مکيه مهمان کي، ڪيمخواب جي ننڍين دٻين ۾ وجهي ڏين، ته سٺو. پر، اها ڳالهه کين خيال ۾ ڪيئن اچي؟ لاهور جي انارڪلي بزار ۾ اها سِپَ کڻي ويس. تصويرون فريم ڪندڙ دڪاندارن ۽ صرافن جي گهڻن ئي دڪانن تي ڏيکاريم، پر ڪنهن به اهڙو نفيس ڪم ٺاهي ڏيڻ لاءِ ”هائو“ ڪانه ڪئي. سو، اسلام آباد آيس ته بئگ ۾ وجهي کڻي آيس. ارادو هو ته ڪراچيءَ ۾ ڪلچر کاتي وارن کي نموني طور ڏيکاريندس، پر موقعو ڪونه مليو.
ستت، مهيني ماسي کان پوءِ اسلام آباد مان وري لاهور اچڻ ٿيو ۽ گورنر هائوس ۾ وڃي رهيس. صبح جو ناشتي کان پوءِ گورنر هائوس جو هڪ عملدار آيو ۽ ادب سان چيائين ته، ”سائين، گذريل ڀيري اوهان جي سامان ۾ هڪ آرٽ جو پيس گڏجي ويو آهيو، سو ته مهرباني ڪري واپس ڪندا.“ مون سندن سنڀال ۽ دانائيءَ تي داد ڏنو. پر، دل ۾ پڇتايم ته ساڻس ڳالهه ڪري کڻي وڃان ها ته سٺو. هاڻي، هو الائي ڇا سمجهندو؟ ٻئي دفعي امانت کيس واپس ڏنم ۽ ان سان گڏ پنهنجي طرفان چانديءَ جي فريم ۾ شاهه سائينءَ جي روضي جي هڪ تصوير به لاهي گورنر هائوس لاءِ تحفي طور ڏنم.
مخدوم صاحب هڪ ڀيري گورنر هائوس ۾ ڪچهري ڪندي چيو ته، ”رباني، مان هت هڪ ننڍو سوٽ ڪيس کڻي آيو آهيان، ته جڏهن وڃڻو پوي ته ڪا به حسرت نه ٿئي.“
مون چيو ته، ”سائين، اوهان جي اها ئي ڳالهه سنڌي زبان جي هڪ چوڻيءَ ۾ ٻڌي اٿم:
”مَڏِي ميرَ سهراب جي، ٻه ڏندڻَ، ٽين تَڏِي!“
مخدوم صاحب لاهور جو گورنر ٿيو، تنهن کان اڳ ملڪ جي سينيٽ جو ڊپٽي چيئرمن هو. سندس ٻنهي مقررين جو سبب جنرل ضياء هو، جو ملتان ۾ ڪو عرصو ڪور ڪمانڊر هوندو هو ۽ مخدوم صاحب سان تمام سٺي سلام دعا هئس. پر، منهنجو ذاتي رايو اهو آهي ته مخدوم صاحب کي جنرل ضياء جي قرب جي باوجود اهي عهدا قبول ڪرڻ نه کپندا هئا، ڇو ته هڪ ته پاڻ سياسي ذهن ڪونه هو. ٻيو ته قسمت هونئن ئي سندس وڏو شانُ ڪيو هو. ها! سندس والد بزرگوار مخدوم مُريد حسين واقعي وڏو سياستدان هو، پنهنجيءَ انهيءَ راءِ لاءِ سبب عرض ڪريان ٿو:
اسلام آباد ۾، هڪ ڏينهن مسٽر الاهي بخش سومري فن ڪئي ته، ”ڪراچي ايئرپورٽ تي رحيم بخش تنهنجو انتظار ڪري رهيو آهي.“
مون کيس چيو ته، ”ايندڙ فلائيٽ ۾ وڃان ٿو.“ الاهي بخش سومرو صاحب تڏهن مرڪزي وزير هو ۽ رحيم بخش سنڌ ۾ صوبائي وزير. بهرحال، ٽڪيٽ گهرائي وڃي جهاز ۾ ويٺس. ڪراچي ايئرپورٽ تي رحيم بخش سومرو واقعي منهنجو منتظر هو. اتي ئي ”اسڪاءِ روم ريسٽارنٽ“ ۾ وٺي هليو. سئنڊوچز ۽ ڪافي گهرائيسون. کائي پِي سندس ڪار ۾ ويهي روانا ٿياسون. شام جي مهل هئي. آسمان ۾ شفق جي لالاڻ هئي، موسم ڏاڍي سٺي هئي.
جنرل رحيم الدين بلوچستان جي گورنريءَ مان فارغ ٿيو هو ته سنڌ جو گورنر ٿيو هو. سندس بيگم ثاقبه جي مون سان گهڻي ڏيٺ ويٺ هئي. پاڪستان جي وزيرِ تعليم ڊاڪٽر محمود حسين جي ڌيءَ ۽ ڪنهن زماني ۾ هندستان جي صدر ڊاڪٽر ذاڪر حسين جي ڀائٽي آهي، جو علامه آءِ.آءِ.قاضي جو معتقد هوندو هو. سو جنرل رحيم الدين سان به منهنجي ڪجهه دعا سلام هئي. جڏهن اڌ رستي تي آياسين ته رحيم بخش کان پڇيم ته، ”ڪاڏي ٿا هلون؟“ چيائين ته، ”هالين.“
ٻن ٽن ڪلاڪن ۾ هالين اچي پهتاسون. مخدوم صاحب کي اڳي ئي اطلاع مليل هو، سو منتظر هو، ڪمري ۾ خلاصا ٿي ويٺاسون ته نوڪر ميرپورخاص وارو ڦوٽي جو حلوو، پڪوڙا ۽ گرم گرم چاءِ کڻي آيو.
رحيم بخش مخدوم صاحب کي چيو ته، ”سائين، ربانيءَ کي ”ضامن“ ڪري وٺي رهيو آهيان، جو معلوم اٿم ته اوهان جي ساڻس گهڻي آهي.“
مخدوم صاحب فرمايو ته، ”ڀلا حال احوال ڏيو.“
رحيم بخش چيو ته، ”جنرل ضياء جو عرض آهي ته اوهان پنجاب جي گورنري قبول ڪريو.“
مخدوم صاحب خاموش ٿي ويو. ڪجهه دير کان پوءِ چيائينس ته، ”مان بيمار ماڻهو آهيان.“
رحيم بخش چيو ته، ”سائين، اوهان کي رڳو جهنڊي کي سال ۾ هڪ ٻه دفعو سلامي ڏيڻي پوندي.“
مخدوم صاحب چيو ته، ”مان اڻ پڙهيل ماڻهو آهيان. انگريزي ڪونه ڄاڻان.“
رحيم بخش چيس ته، ”ڪم ڪار سڄو منشي ڪندا اوهان کي رڳو صحيح ڪرڻي پوندي.“
تڏهن مخدوم صاحب چيس ته، ”پرائي صوبي ۾ گورنري ڪري مان پنهنجي صوبي ۽ ماڻهن جي ڪهڙي خدمت ڪري سگهندس؟“
رحيم بخش چيو ته، ”جنرل ضياء جي مرضي آهي ته ملڪ جي مفاد خاطر سنڌ جو معتبر ماڻهو پنجاب جو گورنر ڪجي ۽ پنجاب جو سنڌ ۾ ڪجي. سو، جنرل رحيم الدين جا آرڊر ته اڳي ئي جاري ٿي چڪا آهن ۽ هن سنڌ جي چارج به ورتي آهي.“
مخدوم صاحب چيس ته، ”چڱو، اوهان هن فون نمبر تي لنڊن فون ڪريو. ڏاڏا سائينءَ سان ڳالهايو. جيڪو سندس رايو، اهو منهنجو فيصلو.“
مون کي انهيءَ قصي جي اڳي ڪابه خبر نه هئي. هاڻي جو ڳالهه ٻڌم ته دل ۾ چيم ته پنجاب ۾ ته ملتان جو مخدوم صاحب اڳي ئي گورنر آهي. کيس جنرل ضياء ئي مقرر ڪيو آهي. سندس دوست به آهي. پوءِ کيس هٽائي هالن جي مخدوم صاحب جي مقرري ڇو ٿو ڪري؟ انهيءَ ڳالهه تي سوچيم ته ياد آيم ته علامه آءِ.آءِ.قاضي سياست جي نالي کان به نفرت ڪندو هو.
بهرحال اسان مخدوم صاحب کان موڪلائي ڀاڻوٺ ۾ شاهه محمد شاهه وٽ وڃي رات جي ماني کاڌي. رحيم بخش جو غوث بخش بزنجي جي ڪري ساڻس به لڳ لاڳاپو هوندو هو ۽ اڳواٽ کيس اطلاع ڪيو هئائون. مون سان سائين جي.ايم. سيد جي ڪري شاهه محمد شاهه جي ته هونئن ئي هميشه محبت رهي آهي.
هالن جي مخدوم صاحب انهيءَ ڳالهه ٻولهه کان پوءِ پنجاب جي گورنري ڪانه ورتي. ملتان جو مخدوم صاحب به ڪو گهڻو عرصو پنجاب جو گورنر ڪونه رهيو. مون کي سندس آخري ديدار به ملتان ۾ نصيب ٿيو.
نثار ميمڻ منهنجو ننڍپڻ جو دوست آهي. معين قريشيءَ جي حڪومت ۾ وزير هو. وزيراعظم ساڻس ”سنڌ ۾ احساس محرومي“ جي ڳالهه ڪڍي نثار چيس ته، ”اها ڳالهه ته نوشته ديوار آهي.“ انهيءَ زماني ۾ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن ۾ سنڌ جو ميمبر هئو ئي ڪونه. نثار، وزيراعظم کي چيو ته، ”رڳو سياسي مقصد خاطر مقرريون نه ڪجن. ڪي ته ماڻهن جي لياقت کي به ڏسي ڪجن.“ معين قريشيءَ ساڻس اتفاق ڪيو ۽ مون کي فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر مقرر ڪيائين. ڪميشن ۾ اڳي سڀ سول عملدار (رٽايرمينٽ) کان پوءِ ميمبر مقرر ٿيندا هئا. جنرل ضياء ٽي رٽايرڊ فوجي جنرل به وڌايا هئا: جنرل پي.ڊي.خان، ليفٽيننٽ جنرل اختر ناز ۽ ميجر جنرل قيوم. انهن ۾ پي.ڊي.خان سان ته منهنجي دوستي ٿي وئي، پر ميجر جنرل قيوم جي نياڻيءَ جو ڪو ڪم هو. سندس مدد ڪيم، ته اهو به گھرو گهاٽو ٿي ويو.
جنرل قيوم ۽ مان ڪميشن جي ڪنهن انٽرويو لاءِ لاهور وياسين. انٽرويو مان واندا ٿي ايئرپورٽ تي آياسين ته ساڻس ڳالهه ڪيم ته ڪيئي سال اڳي مان هڪ دفعي لاهور ايئرپورٽ تي لٿس. لاهور ۾ مخدوم صاحب جي بنگلي تي فون ڪيم. هو اتي ئي هو. سڌو ايئرپورٽ تي هليو آيو ۽ مون کي وٺي ”پرل ڪانٽينينٽل“ هوٽل تي هليو. ڊنر کارايائين ۽ هِتان هُتان جا حال احوال ڏنائين. اها ڳالهه ميجر جنرل قيوم سان ڪيم ته پاڻ ٻڌايائين ته مخدوم صاحب گورنريءَ تان فارغ ٿي ملتان ويو ته ڪجهه عرصي کان پوءِ کيس دل جو دورو پيو ۽ هاڻي فالج ٿيو آهي. مان اهو ٻڌي هڪدم سندس مزاج پرسيءَ لاءِ ميجر جنرل قيوم سان گڏ ملتان هليو ويس. مخدوم صاحب کي اطلاع مليو، ته ٻئي ڏينهن اسان کي لنچ تي سڏيائين. لنچ کائي سندس ڊرائنگ روم ۾ ڪچهري ڪئيسون ته پير صاحب جي صحبت ۾ ساڻس گڏ گذريل ڏينهن ياد آيا. سندس ڪچهري اڳي وانگر دل بهار هئي. پر افسوس آهي ته ان جا رابيل ۽ گلاب ڪومائجي ويا هئا.
مخدوم صاحب سان ان کان پوءِ ميل ملاقات جي سعادت مون کي وري نصيب ڪانه ٿي. پر جڏهن ”سنڌ جا بر، بحر ۽ پهاڙ“ ڪتاب لکيم ته ساڻس رابطو ڪيم ۽ ڇپائيءَ کان اڳ ڪتاب جي ڊمي ڪاپي ملاحظي لاءِ موڪليم، جو منجهس پير سائين محمد راشد روضي ڌڻيءَ ۽ قلندر شهباز سان گڏ غوث بهاؤالحق جو تذڪرو آهي. ستت نياپو موڪليائين ته ”ڪتاب ٺيڪ آهي، ڇپائي ڇڏيو.“ مون ڪتاب ڇپائي ڇڏيو. کيس ڪاپي پهتي، ته پڙهيائين يا ڪنهن سنڌي مريد کان وري وري پڙهائي، ٻڌائين ۽ ڏاڍو ڪو خوش ٿيو. مون کي پنهنجي هڪ معتقد هٿان مٺائيءَ جو دٻو، شيخ شهاب الدين سهرورديءَ جو ڪو ڪتاب ۽ تسبيح تحفي طور موڪليائين.
اهو مون سان سندس آخرين رابطو هو.
مون کي مخدوم صاحب جي رحلت جي خبر ڪانه پئي. ملتان ۾ ڪنهن ياد ڪونه ڪيو. مان به رب جي رضا تي راضي رهيس.
مهراڻ جي ايڊيٽر نفيس احمد شيخ ڪجهه عرصي کان پوءِ مخدوم صاحب تي مضمون لکي ڏيڻ لاءِ چيو ۽ سندس هڪ خوبصورت رنگين تصوير به موڪليائين. مان ڪا دير ته تصوير ڏسندو رهيس. گذريل ڏينهن ياد آيا. اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا. پر، مضمون لکڻ جي همت ڪانه ٿي. ناشاد سان معذرت ڪيم. ڳالهه کي ورهيه وري ويا. هاڻي، وري فون ڪيائين ته مخدوم صاحب جي هڪ خاص تصوير هٿ ڪئي اٿم. اها موڪليان ٿو، مضمون لاءِ ته اڳي به بار رکيو هئم. مون تصوير ڏٺي. ياد آيو ته عرس جي موقعي تي هڪ خاص تقريب ٿيندي هئي. مخدوم صاحب ان ۾ صبح جو اهو لباس پائي ايندو هو. سندس مريدن ۽ معتقدن جو وڏو هجوم هوندو هو. تقريب جو اهو سڄو منظر اکين اڳيان اٿم. منجهس جيڪو روح پرور نظارو ڏٺو هئم، انهيءَ جو احوال توڙي مخدوم صاحب کان ٻُڌل ڪيئي تاريخي واقعا هن مضمون ۾ بيان ڪري ڪونه سگهيو آهيان: مثال طور فيلڊ مارشل ايوب خان جي مخدوم صاحب سان ملتان ۾ ملاقات ۽ ڪمشنر ملتان جون مخدوم صاحب کي آزيون نيازيون ته متان سندس بسترو گول ڪرائي ڇڏي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي نڪيتا خروشچوف سان ڪريملن ۾ تاريخي ملاقات ۽ قومي اسيمبليءَ جي هڪ بنگالي اسپيڪر جو مخدوم صاحب سان گڏ وچ اوڀر وارن ملڪن جو دورو، جنهن جي احوال ٻڌائڻ لاءِ ڊاڪٽر شمل، مخدوم صاحب کي وري وري منٿون ڪندي هئي ۽ جڏهن هُو پنهنجي مخصوص مزاحيه انداز ۾ اهو دلچسپ داستان ٻڌائيندو هو، ته ٻڌي، کلي کلي، ساڻي ٿي پوندي هئي.
تازو، اقبال اڪيڊميءَ ڊاڪٽر شمل جي جرمن زبان ۾ لکيل سوانح حيات جو انگريزي ترجمو شايع ڪيو آهي. منجهس سنڌ مان پير صاحب ۽ پنجاب مان مخدوم صاحب جون تصويرون ڏنيون اٿس.
مخدوم صاحب حيدرآباد آيو ته ٽي دفعا مون کي ياد ڪيائين. مان اهو احوال به هن مضمون ۾ لکي ڪونه سگهيو آهيان. پهريون دفعو سنڌي ادبي بورڊ جي گاڏي کاتي واري آفيس ۾ ايترو ته سوير آيو هو، جو اڃا ٻهاري به ڪانه آئي هئي. ٻيو دفعو ڪوٽڙي ريلوائي اسٽيشن تي ملڻ لاءِ پيغام موڪليائين. پاڻ گاڏيءَ ۾ ويٺو هو، ٻاهران ماڻهن جا هشام هئا ۽ ”غوث جا دمبها“ لڳي رهيا هئا. مان وڏيءَ مشڪل سان وٽس پهتس، پر مليو ته ڏاڍو خوش ٿيو. ٽيون دفعو، بورڊ جي ڄام شوري واري بنگلي ۾ آيو. مون وٽ ناشتو ڪيائين. مون چاليهارو کن مهمانَ سندس اعزاز ۾ سڏيا هئا. جيئن ئي سندس ڪار بنگلي جي گيٽ تي پهتي، ته مان تڪڙو تڪڙو وڃي ساڻس ادب سان مليس. ڇڪي، سڪ سان ڀاڪر پاتائين. سندس قرب ڏسي بي اختيار ڀٽائي ياد آيو:

گندُ جنين جي گوڏ ۾، پاٻوڙا پوشاڪَ،
اُنين جي اوطاقَ، راجا ريجهي آئيو.

مخدوم صاحب جن هاڻي هن دنيا ۾ ڪونه آهن. مون پنهنجين مڙني ڪوتاهين جي باوجود، دل جي سموري سچائيءَ سان، سندن ياد ۾ هي حرف لکيا آهن. شايد اڃا به انهيءَ فرض ادائيءَ ۾ ڪوتاهي ٿئي ها، پر، ناشاد قرب ڪري يادگيري ڏياري. مخدوم صاحب جن سان سندس غائبانه سڪ ڏسي مون کي مٿس ڏاڍو پيار آيو ۽ مير تقي مير جي مشهور مصرع چپن تي آئي:

"افسوس تم کو میر سے صحبت نہیں رہی۔"

ڊاڪٽر ائنيمري شمل

ٽن جرمن عالمن، مردن ۽ عورتن جا سنڌ تي احسان آهن: ارنيسٽ ٽرمپ، ايلسا قاضي ۽ ڊاڪٽر ائنيمري شمل. ٽنهي سنڌ جي علم ۽ ادب تي اهڙو شاندار ڪم ڪيو، جو هميشه ياد رهندو.
ڊاڪٽر شمل سان منهنجي ملاقات 1958ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ٿي. هوءَ سيد عبدالواحد جي دعوت تي آئي هئي، جيڪو ٻيلي کاتي جو رٽايرڊ عملدار هو ۽ اقبال ايڪيڊميءَ جو ميمبر هو. ڊاڪٽر شمل سان جرمنيءَ ۾ مليو هو ۽ ڪراچيءَ اچڻ جي دعوت ڏني هئائينس. پير سائين حسام الدين شاهه راشديءَ ۽ جسٽس جاويد اقبال سان به سندس ملاقات انهيءَ ئي سال ائين ڪراچيءَ ۾ ٿي هئي. تڏهن اقبال ايڪيڊمي ڪراچيءَ ۾ هئي. ٻئي ڄڻا انهيءَ جا سرگرم ميمبر هئا.
ڊاڪٽر شمل 1938ع ڌاران علامه اقبال جو فارسي ڪلام پڙهيو هو. سو، تڏهن کان وٺي، سندس شخصيت ۽ پيغام ۾ دلچسپي هئس، بعد ۾ پاڻ هڪ ترڪ سان شادي ڪري مسلمان ٿي هئي. اسلامي نالو جميله پسند ڪيائين. پر، اڳتي هلي زال مڙس طلاق ڏئي الڳ ٿيا. ترڪ مڙس جي ڪري، مولانا روميءَ کان آشنا ٿي وئي هئي. پر، وقت گذرڻ سان ساڻس ڏاڍي عقيدت ٿي ويئي هئس. کيس هميشه ”اسان جو مولانا“ ڪوٺيندي هئي. اهو ته هر ڪو ڄاڻي ٿو ته علامه اقبال ۽ شاهه ڀٽائي به روميءَ جا عقيدتمند هئا. سو ڊاڪٽر شمل جي اڳتي هلي منجهن پڻ دلچسپي پيدا ٿي.
مغربي ماڻهو هر سال پنهنجي ڄم جو جشن ملهائيندا آهن. اسان وٽ به ڪي سکيا ستابا ماڻهو اهي شاهاڻا شؤنق ڪندا آهن، پر سنڌ جي ڏتڙيل ماڻهن جو حال ته هر ڪنهن کي ساريو پيو آهي:

”بک ۾ ڦٽي باک ۽ ڏک ۾ گذريو ڏينهن.“

ڊاڪٽر شمل، پنهنجيءَ هڪڙيءَ سالگره جو جشن ڪراچيءَ ۾ ملهايو. مون کي پير سائين حسام الدين شاهه راشدي انهيءَ تقريب ۾ وٺي هليو. ڇهين ستين بجي شام جي مهل هئي. سالگره جي جشن ۾ جيڪي مهمان سڏيل هئا، سي، دستور موجب، سوکڙيون پاکڙيون وٺي آيا هئا. مان هالن جي جنڊيءَ جي رنگين فريم سان هڪ خوبصورت آئينو وٺي ويو هئس. ٻيا وري ٻيون سوکڙيون پاکڙيون وٺي آيا هئا. ايترو ياد اٿم ته سنڌ جو نيڪ مرد، مير غلام علي خان ٽالپر، چانديءَ جو ٽي - سيٽ (TEA-SET) وٺي آيو هو. کيس بلُو رنگ جو ڌاري دار فل سوٽ پاتل هو، ڪن ڪن ماڻهن جي منهن تي اشرافت ۽ عظمت جو عڪس نظر ايندو آهي. مير صاحب اهڙو ئي شخص هو. ٻيا به ڪافي معتبر ماڻهو آيا هئا.
پير سائين حسام الدين شاهه راشديءَ مون کي ڊاڪٽر شمل سان متعارف ڪرايو ته چوڻ لڳي ته، ”ڪراچي شهر جا پراڻا پاڙا ۽ بازارون ڏسڻ جو شوق اٿم.“ تن ڏينهن ۾ بورڊ جيپ ورتي هئي، سو، جيڪڏهن هوءَ گهڻو اشتياق ڏيکاري ها، ته مان کيس کاري در ۽ مٺي در وارو علائقو، کڏي مدرسي وارو پاسو ۽ ڪياماڙي وغيره آسانيءَ سان ڏيکاري سگهان ها. ليڪن، ٻيهر نڪي ته هن ڳالهه ڪڍي ۽ نه وري مون ذڪر چوريو. پر، قدرت جي ڪارخاني ۾ عجب راز ۽ اسرار آهن. ڪي ڪي لفظ ۽ خواهشون ”پيشنگويون“ ٿينديون آهن. اسان ٻنهي مان ڪنهن کي خواب خيال به ڪونه هو، ته اڳتي هلي مان ئي کيس نه رڳو ڪراچي پر سڄو پاڪستان گهمائيندس، پر هـِتِ اڳتي وڌڻ کان اڳ اها ڳالهه چٽي ڪرڻ گهران ٿو ته ڊاڪٽر شمل، سنڌ، سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب ۾ جيڪا به دلچسپي ورتي، سا سموري پير صاحب جي دوستيءَ جي ڪري. هو کيس سنڌ گهمائڻ لاءِ سڀ کان اول ڳڙهي ياسين وٺي ويو، جتي سندس دوست، آغا بدرالدين خان درانيءَ، ڊاڪٽر شمل جون ڏاڍيون خاطرداريون ڪيون ۽ موڪلائڻ مهل کيس زنانن زيورن جو سونو سيٽ تحفي طور ڏنائين. سنڌ جي ڏاهن چيو آهي ته:

کـِلاوڻُ، پــِلاوڻُ، عجبُ دلبري.

ڊاڪٽر شمل جي اڳتي هلي، سنڌي ٻوليءَ ۾ دلچسپي وڌي، ته ان ۾ خط لکڻ لڳي. هڪ ٻه خط مون کي به لکيائين. هونئن نه ته انگريزيءَ ۾ لکندي هئي. مون سندس هڪ سنڌي خط ٻارن جي”گل ڦل“ رسالي ۾ ڇاپيو، جو مان ”اعزازي طرح“ ايڊٽ ڪندو هئس. هونئن، سنڌي ادبي بورڊ ۾ 1959ع کان منهنجو اصل ڪم اسسٽنٽ سيڪريٽري جي عهدي جو هو. ستت، سنڌيءَ ۾ هڪ مضمون به موڪليائين، جو پڻ ”گل ڦل“ رسالي ۾ ڇاپيم. پاڻ اڳتي هلي، منهنجي افساني ”پن ٻوڙين پاتال ۾“، جمال ابڙي جي افساني ”ڪار مُنهون“ ۽ محمد حُسين ڪروڙپتيءَ جو ڪو افسانو جرمن زبان ۾ ترجمو ڪري، ”پاڪستاني افسانن جي انتخاب“ ۾ ڇپايائين. اسان ٽنهي کي جرمنيءَ ۾ واٽرمئن جون ٺاهيل، ڪاري رنگ جون ٽي قيمتي خوبصورت انڊپينون ۽ ڪتاب جون ٽي ڪاپيون موڪليائين. گهڻو پوءِ جرمنيءَ ۽ هندستان جي ڪن ناشرن گڏجي ”هندستاني ادبيات“ تي متعدد جلدَ انگريزيءَ ۾ ڇاپڻ جو پروجيڪٽ ٺاهيو، جنهن ۾ سنڌي ادب وارو جلد ڊاڪٽر شمل لکيو. ان ۾ پڻ سنڌي ادب واري جلد ۾، جديد لکندڙن ۾ منهنجو ۽ شيخ اياز جو ذڪر ڪيو اٿس. بعد ۾ جڏهن عمر جي آخري حصي ۾ پنهنجي سوانح عمري لکيائين ته ان ۾ به منهنجو ذڪر ڪيائين. اقبال ايڪيڊميءَ اُن جو جرمن مان انگريزيءَ ۾ ترجمو شايع ڪرايو. مون کي ان ڪتاب جي ڪاپي ڪراچيءَ ۾ گوئٽي انسٽيٽيوٽ جي جرمن ڊائريڪٽر، مسز زمان ڏني. ادب واري جلد ۾ جديد لکندڙن ۾، منهنجو ۽ شيخ اياز جو ذڪر ڪيو اٿس. بعد ۾ جڏهن عمر جي آخري حصي ۾ پنهنجي سوانح عمري لکيائين ته ان ۾ به، منهنجو ذڪر ڪيائين، اقبال ايڪيڊميءَ ان جو جرمني مان انگريزي ۾ ترجمو شايع ڪيو آهي.
ڊاڪٽر شمل، شاهه سائينءَ ۽ اردو شاعر خواجه مير درد، (ٻنهي تي گڏ) انگريزيءَ ۾ هڪ معياري ڪتاب پڻ لکيو. اهو ڪتاب مون کي پاڻ ڏنو هئائين، هڪ دوست پڙهڻ ڪاڻ کڻي ويو، پر، موٽائي ڪونه ڏنائين. سائين غلام مصطفيٰ شاهه سان ڳالهه ڪيم، تنهن ان دوست کان ته ورتو، پر، مون کي موٽي ڪونه مليو. هاڻي سائينءَ مرحوم جي ڪراچيءَ واريءَ لئبرريءَ ۾ موجود آهي. ڪتاب جو نالو آهي: PAIN AND GRACE. ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز کي ڪتاب جي شاهه سائين واري حصي جو سنڌي ترجمو شايع ڪرڻ کپندو هو. ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جي نيڪي ٿئي ها پر، اهڙن ڪمن ڪرڻ لاءِ عقل، محبت ۽ محنت کپي.
عمر جي پوين ڏينهن ۾ پاڻ شاهه سائينءَ جي چونڊ ڪلام جو جرمن زبان ۾ ترجمو ڪري رهي هئي ۽ هڪ حصو شايع به ڪيو هئائين، اهو ڪتاب به جرمنيءَ ۾ ڇپيو. مون کي ٻه ڪاپيون ڏنيون هئائين. هڪ ڪاپي اڃا مون وٽ آهي. انهيءَ ڪتاب جي ڪم کي مڪمل ڪرڻ ۾ به ”ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز“ جو ساڻس ڪوبه تعاون ڪونه هو. ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز کي ان جرمن ترجمي جي خبر به ڪانه هوندي، البت ڊاڪٽر شمل، علامه اقبال تي جيڪو به ڪم ڪيو، اهو اقبال ايڪيڊميءَ وڏي توجهه ۽ محنت سان شايع ڪيو.
ڊاڪٽر شمل، پاڪستان جي علاقائي ٻولين ۽ ادب تي انگريزيءَ ۾ هڪ تمام سٺو ڪتاب لکيو آهي. مون کي ڪاپي ڏني هئائين، جا محفوظ اٿم. پر، سندس خط محفوظ ڪري ڪونه سگهيس. مون وٽ سندس بيشمار خط هئا. ڊاڪٽر شمل سنڌ تي ليڪچر ڏنا هئا ۽ ڪجهه مضمون لکيا هئا. مون کيس صلاح ڏني ته اهي گڏ ڪري، ڪتاب ڇاپجي. صلاح وڻيس. ڪتاب ٺاهي ڏنائين Pearls from the Indus نالي سان. مون سنڌي ادبي بورڊ مان ڇاپيو. کيس رايلٽيءَ جي ادائگيءَ لاءِ ڪجهه ”نذراني جي“ پيشڪش ڪيم ته ڏک ۾ چيائين: ”رباني، آئنده اهڙي ڳالهه نه ڪجانءِ.“
ڊاڪٽر شمل، هڪڙي سال پاڪستان آئي، ته پير صاحب کيس مڪليءَ وٺي ويو. اتي ٻيا ڪي دوست به سڏيل هئا، جن مان مرڪزي فنانس سيڪريٽري، ممتاز حسن، سيد عبدالواحد ۽ آرڪيالاجيڪل کاتي جي عملدار ولي الله جا نالا مون کي ياد آهن. مڪليءَ ۾ آثار قديمه کاتي جي ريسٽ هائوس ۾ منجهند جي ماني کائي ڪچهري ڪرڻ ويٺاسين، ته ڳالهيون ڪندي ڪنهن چيو ته، ”اقبال وڏو شاعر هو ۽ ڪنهن چيو ته شاهه ڀٽائي!!“ وڏي بحث مباحثي کان پوءِ، ولي الله کان راءِ ورتائون، جو آرڪيالاجيءَ جو ته ماهر هو، پر، وڏو عالم به هو. چيائين ته: ”ٻنهي جي ڀيٽ اجائي آهي. هڪڙي وسندي ڇڏي، وڃي سُڃَ وسائي. کيس سڏيندا ئي هئا: شاهه عبداللطيف تارڪ. عام روايت موجب پڙهيل لکيل ڪونه هو. پر، وڏو شاعر، مفڪر ۽ اهل الله هو.“
”ٻيو شخص (علامه اقبال) جديد دؤر جو پڙهيل ڪڙهيل اعليٰ تعليم يافته شخص هو. اردوءَ سان گڏ فارسيءَ جو شاعر هو. ولايت مان پڙهي آيو هو. سياسي معاملن ۾ دلچسپي رکندو هو.“
”هاڻي، اوهان پاڻ ٻڌايو ته ٻنهي جي پاڻ ۾ ڪهڙي ڀيٽ؟“
ولي الله جي اها راءِ ٻڌي، پير صاحب پنهنجيءَ ڪرسيءَ تان اٿيو ۽ وڃي کيس نرڙ تي چمي ڏنائين. پير صاحب جي انهيءَ عمل جي ڪري ماحول اهڙو ته ڳنڀير ٿي ويو، جو سيد عبدالواحد ساڙ ۾ سهي ڪونه سگهيو. سو هڪ ڏاڍو بڇڙو ڪم ڪيائين. ڊاڪٽر شمل، جنهن ڏينهن جرمنيءَ وڃي رهي هئي، تنهن ڏينهن ايئرپورٽ تي وڃڻ مهل پيتي کڻڻ وئي. ڏسي ته چاقوءَ سان ڦاٽي پيئي آهي ۽ سونن زيورن جو جيڪو سيٽ پاڻ ڪراچيءَ مان خريد ڪيو هئائين، سو غائب آهي! انهيءَ سيٽ جا پئسا کيس اقبال ايڪيڊميءَ علامه جي هڪ ڪتاب جي ترجمي جي رايلٽيءَ طور ڏنا هئا. سيد عبدالواحد کي ساڙ رڳو ان ڪري هو، جو هُوءَ (ڊاڪٽر شمل)، علامه اقبال سان گڏ هميشه شاهه ڀٽائيءَ جو تذڪرو به ڪندي رهندي هئي.
ڊاڪٽر شمل، پير صاحب سان گڏ ڪار ۾ ويٺي. ڪراچيءَ ايئرپورٽ ويندي، رستي تي سڄي ڳالهه ڪري ٻڌايائينس. جڏهن کيس جهاز ۾ اماڻي، مان ۽ پير صاحب موٽياسين، ته پير صاحب وري مون سان سڄي ڳالهه ڪئي، پر منع ڪيائين ته ٻئي ڪنهن سان نه ڪجانءِ.
سيد عبدالواحد ٻيو بڇڙو ڪم اِهو ڪيو، ته ون يونٽ جي گورنر نواب ڪالاباغ کي چؤ چواءُ ڪرائي، سنڌ ۾ ڊاڪٽر شمل جي اچڻ تي بندش وجهايائين. انهن ڏينهن ۾ ملڪ ۾ ون يونٽ جو ڏاڍو ڏهڪاءُ هو. ماڻهو سنڌ جو نالو کڻڻ کان ئي ڪيٻائيندا هئا. ٽپال کاتي سرڪيولر جاري ڪيو هو، ته خطن جي ائڊريس ۾ سنڌ لفظ لکڻ به ڏوهه آهي. اياز بي سبب ته ڪونه چيو هو:
سنڌڙي تنهنجو نانءُ وتو، ڪاريهر تي پير پيو.
پير صاحب لاهور ۾ هو. مون کي فون ڪيائين ته: ”ڊاڪٽر شمل جي خاطرداريءَ لاءِ اوهان ۽ حُسين شاهه پاڻ ۾ صلاح ڪري، ٻه چار دوست گڏجي، ڪراچي ايئرپورٽ تي وڃي ساڻس ملو، جو هُوءَ ته سرڪاري بندش جي ڪري، ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪري ڪانه سگهندي.“
اسان ڪي سنڌي ڳائڻا ۽ وڄائڻا ساڻ کنيا ۽ گـــُلاب جي گلن جا کارا ورتا. حُسين شاهه، اياز راشدي، مان، علي نواز وفائي، غلام قادر ڊکڻ ۽ ٻيا دوست ٻن چئن موٽرن ۾ ايئرپورٽ روانا ٿياسين. رستي تي وفائيءَ جي موٽر خراب ٿي پئي. غلام قادر ڊکڻ چيو ته، ”اياز راشدي ساڻس گڏ ويٺو هو، سو، سندس ڪار خراب ٿي ته امالڪ ٽپو ڏئي هيٺ لٿو ۽ اچي اسان سان گڏ ويٺو. وفائيءَ، اياز راشديءَ جي مشوري تي ئي خاص انهيءَ موقعي لاءِ ”سنڌي ڪلچر جي نمائش ڪرڻ لاءِ“ ٺــٽي جي لونگيءَ مان صدري سبائي پاتي هئي. اياز اڪيلو ڇڏي آيس ته ڏاڍو ڏک ٿيس. سو، ڪاوڙ مان صدري لاهي رستي تي اڇلايائين! سنڌي سٻاجهڙن کي پرپٺ ست سريون ٻڌايائين. پر، ڪو به واهه وسيلو نه ڏسي، واٽهڙن کي چار پئسا ڏئي، ڪار کي ڌڪا ڏياري، چالوڪيائين ۽ شوڪارا ڀريندو پوئتي موٽي ويو.“
غلام قادر ڊکڻ جي اها ڳالهه ٻڌي، اسان کي به ڏک ته ڏاڍو ٿيو، پر، اياز راشدي انهيءَ معاملي ۾ خاموش رهيو. البت، حُسين شاهه ايترو چيو ته هي رَوَش اياز جي بي وفائيءَ ڪري هئي. بهرحال ڊاڪٽر شمل جي جهاز لهڻ جو ٽائيم ٿي ويو هو. سو، ماٺ ميٺ ۾ اسان سڀ سڌو ايئرپورٽ هليا وياسين.
ڊاڪٽر شمل جهاز مان نڪتي. تڏهن سو هاڻوڪو ايئرپورٽ ڪونه ٺهيو هو. پراڻي ايئرپورٽ جي گنبذ واريءَ اڳوڻيءَ عمارت ۾ آئي، ته غاليچي تي اسان جا وهاريل فنڪار شروع ٿي ويا. مٿس گل ڇٽيا ويا ۽ ڪلهن تي پَٽ جون لونگيون پئجي ويون. سازن جي ڌڌڪي تي، سنڌي راڳ جي محفل شروع ٿي وئي. ڏاڍي خوش ٿي. جڏهن اسان کان موڪلايائين ته سندس چهرو خوشيءَ ۾ ٻهڪي رهيو هو. ڊاڪٽر شمل ان کان پوءِ مهل موقعي سان ڪراچيءَ ايندي رهي. خدا ڪيو، جو اڳتي هلي، مٿانئس بندش به لهي ويئي.
1977ع ۾ ڪراچيءَ آئي، ته مان سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پرو - وائيس چانسيلر هئس. کيس ڪار ۾ ڪراچيءَ مان ڄامشوري وٺي آيس ۽ آرٽس فئڪلٽيءَ واري آڊيٽوريم ۾ ليڪچر ڏياريم. ڊاڪٽر شمل ”وڏو نالو“ سڄو هال استادن ۽ شاگردن سان ڀرجي ويو. سندس ليڪچر تاڙين جي گونج ۾ پورو ٿيو. يونيوسٽيءَ مان کيس گهر وٺي آيس. منجهند جي ماني کارائي، شام جو ڪار ۾ ڪچهري ڪندا وري واپس ڪراچيءَ وياسين.
هڪ دفعي پير صاحب سان گڏ سيوهڻ گهمڻ ويئي. موٽ تي بورڊ جي آفيس ۾، ڄامشوري ۾ مون وٽ لٿا. چاءِ پيتائون. چوڻ لڳي ته، ”رباني، رستي تي اهڙي ته اڃ لڳم، جو نڙيءَ ۾ اصل ڪنڊا پئي چُڀيم.“
اهو ٻڌي پير صاحب کِلي ڏنو. چيائين ته، ”اڃ ته مون کي به ڏاڍي لڳي هئي، پر، سن ۾ موٽر ڪانه روڪيم ۽ رستي تي تڏهن اهڙي ڪا هوٽل هئي ڪانه، جتي لمليٽ پي سگهون.“
اڳتي هلي، مون کي سندس شڪايت دور ڪرڻ جو موقعو مليو. سو، هيئن ته پير صاحب جي هـِن جهان ڇڏي وڃڻ کان پوءِ هڪ دفعي وري پاڻ مون کي سيوهڻ وٺي هلڻ جي فرمائش ڪيائين. مرحوم عبدلله ميمڻ، تڏهوڪي ڪمشنر حيدرآباد کي چئي، سيوهڻ جي قلعي وارو ريسٽ هائوس رزرو ڪرايم. ڊاڪٽر شمل، حُسين شاهه وٽ ٽڪيل هئي. جنهن جي بيگم، اديءَ شميم، پامفريٽ مڇي تري ۽ مائيءَ ڀانَ نرم گرم اوڦراٽا پچايا. مان ڀانيان ٿو ته هُوءَ سنڌ جا روايتي- ست- پڙا اوڦراٽا به پچائي ڄاڻي. لنچ باڪس کڻي، اسان ڪراچي- ڪئنٽ اسٽيشن تان بولان ميل ۾ اچي چڙهياسين. مون ايئرڪنڊيشنڊ ڪوپي رزرو ڪرايو هو. منجهس آرام سان ماني کاڌيسين. ڏاڍو ساءُ هئس. ڊاڪٽر شمل ڇري ڪانٽو کڻي، هر گهڙيءَ، انگريزيءَ ۾ چوي ته:
”هيڏي اچ منهنجي مڇڙي، ته توکي کاوان.“
سج لهي ٻڏي رهيو هو ته اسان به وڃي سيوهڻ لٿاسين. پوليس جو هڪ اعليٰ عملدار پنهنجي اٽالي سان گڏ اسان جي استقبال لاءِ اڳي ئي اسٽيشن تي موجود هو. ريسٽ هائوس ۾ وٺي هليو. هٿ منهن ڌوئي، پهريائين روضي تي حاضري ڏنيسون، رب پاڪ کان دعا گهريسون. مون ڊاڪٽر شمل سان ڪمپني ڪرڻ لاءِ مسز مهتاب راشديءَ کي به چيو هو.
ريسٽ هائوس تي آياسين. سيوهڻ جي ايس.ڊي.ايم. مسٽر عبدالجبار عباسيءَ جهڙي سٺي ڊنر کارائي، اهڙي ئي يادگار ڪچهري ڪئي. هڪڙي سنڌي سٻاجهڙي جو قصو ٻڌايائين، ته هيئن سيوهڻ ۾ آيو. ريسٽ هائوس ۾ ٽڪيو. وڏي سرڪاري عهدي تي هو. عاليشان ماني ڪرايم. ڊنر ٽيبل تي سمورو وقت مون کي UNIVERSAL SOUL بابت ليڪچر ڏيندو رهيو ۽ فلسفي ۽ روحانيت جا سبق ڏيندي رکي رکي چوندو رهيو ته اها برياني ۽ ٻه ٽي ڪباب کڻي ڏي.“ ڊاڪٽر شمل اهو ٻڌي اچي کِل ۾ ڇٽڪي.
صبح جو سوير، اسان وري روضي تي وياسين، جو اتي ان مهل اُٺن تي نغارا وڄائيندا ايندا آهن. ڊاڪٽر شمل کي اِهو منظر ڏسڻ جو خاص شوق هو. ان جون تصويرون ورتائين. ٻئي ڏينهن سيوهڻ مان وري به بولان ميل رستي واپس ڪراچيءَ پهتاسين.
ڊاڪٽر شمل هڪڙي سال ڪراچيءَ آئي، ته مون کيس چيو ته، ”هٽلر جو ڪتاب“ ”مين ڪيف“ (منهنجي جدوجهد) الائي ڪٿان ملندو؟“
پڇيائين ته، ”ڇو؟“
مون چيو ته، ”ادبي بورڊ جو ڇپائيءَ لاءِ منظور ٿيل آهي. پروفيسر غلام مصطفيٰ شاهه کي ترجمي لاءِ مليل آهي، پر سندس دلچسپي ڪانهي. مون کي چيو اٿس ته ”تون وڃي ترجمو ڪر.“ منهنجي ان ترجمي ۾ دلچسپي ان ڪري آهي، جو ٻي مهاڀاري لڙائي تاريخ جو تمام وڏو واقعو آهي. هٽلر جي ڪتاب مان معلوم ٿيندو، ته هن پنهنجي نقطهءِ نگاهه جي وضاحت لاءِ منجهس ڪهڙيون ڪهڙيون ڳالهيون ڪيون آهن.“
ڊاڪٽر شمل چيو ته، “IT IS A BAD BOOK”
مون اندازو لڳايو ته هُوءَ ان مهاڀاري لڙائيءَ جي زماني ۾ 23 يا 24 سالن جي هوندي، سو ڪتاب جي ڳالهه ڇڏي، کيس چيم ته، ”ڊاڪٽر صاحبه، اوهان کي چٽي سانڀر هوندي ته ٻيءَ مهاڀاريءَ لڙائيءَ جي زماني ۾ جرمنيءَ ۾ اندروني حالتون ڪيئن هيون؟“
هن ڪو جواب ئي ڪونه ڏنو. مان ٻيهر کانئس سوال ڪرڻ وارو هئس، پر، اکيون کڻي جو ڏسان ته چهري تي ڏک جا ڪارا ڪڪر ڇائنجي ويا اٿس. اکيون ڀرجي آيون اٿس، ۽ آرام ڪرسيءَ تي ڪنڌ پوئتي ڪري، ٿڌا ٿڌا ساهه پئي ڀري! مون کي ٻيهر سوال ڪرڻ جي همٿ ته ڪانه ٿي. دل ۾ پڇتايم، ته ’مون ساڻس اها ڳالهه ڇو ڪئي!‘
ياد آيم ته ڪنهن ڪتاب ۾ پڙهيو هئم ته هٽلر جي فوج ۾، آفيسرن جو هڪ بارودي گروپ عورتن جي ڪاليجن ۾، ڪلاس ۾ ويٺل نوجوان شاگردياڻين ۽ سندن استاد عورتن کي خطاب ڪري چوندو هو ته، ”جنگ ۾ وڙهڻ لاءِ جرمنيءَ کي صحتمند پٽن جي ضرورت آهي. انهيءَ ڪري، جن محب وطن خواتين کي حامله ٿيڻ لاءِ مردن جي ضرورت آهي، تن جي گهرج پوري ڪرڻ لاءِ هي نوجوان فوجي مرد اوهان وٽ هلي آيا آهن.“
اسلام آباد ۾ سندس جرمن دوست، ڪئرن سان ملاقات ٿي مون سان گھري گهاٽي هئي. ٻڌايائين ته، ”جنگ جي زماني ۾ جرمنيءَ جون حالتون ڏاڍيون خراب هيون. اسان اُن زماني ۾ اهڙا ڏک ڏٺا، جي بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهن. خدا شال دشمن کي به اهڙا ڏينهن نه ڏيکاري!“ چيائين ته، ”ويلن جا ويلا بُک ۾ گذرندا هئا.اٺين اٺين ڏينهن ڊبل روٽي ملندي هئي. امڙ چاڪو ڏيندي هئي، ته وڻن تان ڪچڙا ڇوڏا لاهي اچو. اهي ديڳڙيءَ ۾ ڪاڙهي، اسان کي سوپ جا پيالا ڀري پيڻ لاءِ ڏيندي هئي، جو کائڻ پيڻ لاءِ ٻيو ڪجهه ڪونه هوندو هو.“
ڊاڪٽر شمل جي پير صاحب سان دعا سلام ٿي، ته اها رڳوسنڌ جي تاريخ، تصوف، تذڪري ۽ ادب تائين محدود ڪانه رهي، پر انساني مزاج جي فطري تقاضائن موجب، هڪٻئي جي خانگي زندگيءَ ۾ به دلچسپي وٺڻ شروع ڪيائون. آمريڪا ۾ ڊاڪٽر شمل جا ٻه ٽي پيارا شاگرد هئا. انهن ۾ علي آساڻي نالي هڪ لائق نوجوان هو، جيڪو مون سان ڪراچيءَ ۾ مليو هو. پر، ٻي هڪ پياري شاگردياڻي هئس، جنهن لاءِ سندس خيال هو ته پير صاحب جي خاندان ۾ فلاڻي نوجوان سان سندس شادي ٿئي، ته سٺو. نالو هئس گلشن خاڪي. ڊاڪٽر شمل جي مرضيءَ موجب پير صاحب سان ڳالهه ڪيم، پر هو پنهنجي خاندان جي جنهن نوجوان سان انهيءَ ڇوڪريءَ جي شاديءَ جو خواهشمند هو، تنهن سان وري اها ڇوڪري شادي ڪرڻ تي راضي ڪانه هئي. سو، ڳالهه اتي ئي رهجي وئي. سال ٻه ٿيا، ته پير صاحب جي ڀائٽئي شمن شاهه راشديءَ ڳالهه ڪئي ته گلشن سخت بيمار آهي. غالباً ڪينسر اٿس. گلشن، شمن کي ئي پيار ڪندي هئي ۽ ساڻس ئي شادي ڪرڻ تي راضي هئي.
جڏهن پير صاحب پاڻ ڪئنسر جي بيماريءَ ۾ مبتلا ٿيو ته مون کي اطلاع مليو ته، ”ڪراچيءَ اچ. سڀاڻي آپريشن آهي.“ ڪراچيءَ پهتس ته خبر پيم ته ڊاڪٽر شمل به جرمنيءَ مان پهچي وئي آهي. ۽ پيار علي الانا وٽ ٽڪيل آهي. ساڻس مليس ته پريشان هئي. چيائين ته، ”خدا ڪري جو MALIGNANT نه هجي! پر، جڏهن رپورٽ آئي ته ڊاڪٽر شمل جو انديشو صحيح ثابت ٿيو. پير صاحب کي گلي THYROID جو ڪينسر هو.
پير صاحب اسپتال مان نڪرڻ کان پوءِ، هڪ ڏينهن مون کي شام جو نارٿ ويسٽرن هوٽل ۾ وٺي هليو ۽ رازداريءَ ۾ ٻڌايائين ته ويهارو ورهيه اڳ ڄنگهه ۾ ڳوڙهي ٿي هئم، جا ڊاڪٽرن جي چوڻ تي بروقت ڪڍائي هئم. اهڙيءَ طرح ڪينسر ڏانهن اشارو ڏنائين. بهرحال، سندس ٿرائيڊ جا ڪيئي آپريشن ٿيا. هڪڙي ڀيري، هو اسپتال مان موٽيو هو، جو مان حيدرآباد مان وٽس پهتس. ادب سان رڳو ايترو چيومانس ته، ”سائين، طبيعت ڪيئن آهي؟“
اکين مان ڳوڙها وهي آيس. چيائين ته: ”ڀاءُ، ڊاڪٽرن جو ڇُرو آهي ۽ منهنجو گلو آهي.“
جڏهن پير صاحب ڪئنسر ۾ بلڪل وٺجي ويو، تڏهن ڪراچيءَ ۾ روس جي سفارتخاني جي “FRIENDSHIP HOUSE” ادبي ۽ ثقافتي مرڪز جو نائب صدر هوندو هو. صدر فيض احمد فيض هوندو هو. روس وارن پير صاحب کي علاج لاءِ ماسڪو موڪليو. اتي ڊاڪٽرن سڄي جي سڄي “THYROID” مشينن وسيلي ڪڍي ڇڏي.
حُسين شاهه راشدي به پنهنجي چاچي پير صاحب سان، گڏ ماسڪو ويو هو. مون سان اتان جي”برفيءَ“ جي تعريف ڪندو هو. چيائين ته چاچا اسپتال ۾ آرامي ٿيندو هو ته مان هيٺ هوٽل ۾ اچي برفي کائيندو هئس. ڏاڍي سستي ۽ سٺي هوندي هئي.“ ائين چئي مٿان چيائين ته، ”متان اها ڳالهه ڪنهن روسي ڪامريڊ سان ڪرين!“
مون چيو ته، ”ڇو؟“
چيائين ته، ”اصل ڪونه مڃيندا ۽ مون کي گاريون ڏيندا.“
ٻارنهن مهينن کان پوءِ ايران ۾ ڪا بين الاقوامي ڪانفرنس ٿي، جنهن جي هڪ اجلاس جو صدر پير صاحب ٿيو. پاڪستان موٽي آيو ته خوشيءَ مان چيائين ته، ”رباني، گذريل سال جنهن تاريخ تي ماسڪو جي اسپتال ۾ غم ۽ گوندر ۾ ليٽيو پيو هئس. هن سال، ساڳيءَ ئي تاريخ تي تهران ۾ بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ وڏي ٺٺ سان صدارتي ڪرسيءَ تي ويٺو هئس.“
- پر، انسان لاءِ هن دنيا ۾ خوشيءَ جون گهڙيون گهٽ آهن ۽ ڏک جا ڏينهن ڊگها آهن. ڪنهن ڏاهي چيو آهي ته:

“FOR MEN LIKE US THERE IS NO SEASON
BUT THE SEASON OF SORROW”

سال ٻن کان پوءِ ڊاڪٽرن، پير صاحب کي چيو ته، ”ڪئنسر وري منهن ڪڍيو آهي، ۽ اها جسم جي ٻين حصن ۾ به پکڙجي چڪي آهي.“
اِهو ٻڌي مان به پريشان ٿيس. ڪراچيءَ ويس ۽ کيس عرض ڪيم ته ”علاج لاءِ لنڊن وڃو.“
چيائين ته، ”پئسا ڪٿان آڻيان؟“
مون چيو ته، ”ٻنيءَ جو ٻارو وڪڻو.“
چيائين ته، ”ڪير وٺندو؟“
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ خبر پيم ته ڊاڪٽر شمل کيس لکيو آهي ته، ”جرمنيءَ هليا اچو، ته مان اوهان جو علاج ڪرايان.“ اهو ٻڌي، وري ڪراچيءَ موٽيس ۽ پير صاحب کي چيم ته، ”جلد جرمنيءَ وڃو.“
پير صاحب اهلِ دل انسان هو. دلنواز دوست هو، سچو، سخي ۽ ڏاهو شخص هو، منهنجي ڳالهه ٻڌي، چُپ ٿي ويو. پوءِ ڏاڍي ڏک مان مون ڏي نهاري چيائين ته، ”رباني، عقل ڪر. مان اهڙو بداخلاق آهيان، جو هاڻي رن- زال وٽ وڃان، ته منهنجو علاج ڪرائي!“
قدرت کي ائين منظور هو، جو هڪ ڏينهن پير سائين هي جهان ڇڏي ويو. مون لاءِ ته آسمان تي غم جا ڪارا ڪڪر چڙهي ويا. منهنجا ڪيئي مهربان ۽ محسن، هڪ هڪ ٿي هن جهان مان اڳي ئي موڪلائي ويا هئا. نواب نور احمد خان لغاري جهان ڇڏي ويو هو. امداد جوڻيجو ۽ ڊاڪٽر مجتبيٰ جوڻيجو موڪلائي ويا هئا. علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي رحلت جو داغ ته دل تان لهڻ جوئي ڪونه هو:

داغ تنهنجو دائما، ماري معذورين.

عين انهيءَ وقت، قسمت منهنجو داڻو پاڻي اسلام آباد لکيو هو، سو، اتان سرڪاري سڏ ٿيو. اهو به سنڌي ادبي بورڊ جهڙو ادارو هو. ائين کڻي چئجي ته ”پاڪستان ادبي بورڊ“ هو. هڪ ڏينهن آفيس ۾ صدر پاڪستان جو فرمان آيو ته:
حڪومت پاڪستان، جرمنيءَ جي مستشرقه ڊاڪٽر ائنيمري شمل کي ملڪ جو ”سرڪاري مهمان“ قرار ڏنو آهي. هُوءَ يورپ ۾ پاڪستان جي ڄڻ ته سفير آهي. سو، جڏهن به پاڪستان اچي، تڏهن سندس خاص خيال رکجي ۽ کيس پاڪستان جا مختلف علائقا گهمڻ لاءِ سڀ سهوليتون ڏجن.
وزارت تعليم، صدر جو اهو فرمان، ايڪيڊمي آف ليٽرس ڏي موڪليو، جنهن جو ڊئريڪٽر جنرل ته مان هئس، پر، چيئرمن هو ملڪ جو مشهور اردو مزاحيه نويس ۽ پاڪستان نيويءَ جو رٽايرڊ ريئر سرجن ايڊمرل شفيق الرحمان. پٽيوالو ڊوڙندو آيو ته، ’چيئرمن سڏي رهيو آهي. جلد اچو.‘
وٽس ويس ته فرمان منهنجي اڳيان رکي، پريشانيءَ مان چيائين ته، ”يار، هن ڪراڙيءَ مان ڪيئن ڦاٿاسين؟“
مون کيس تسلي ڏني ته توهان ڳڻتي نه ڪريو، مان پاڻهي کيس منهن ڏيندس. اهو ٻڌي اهڙو ته خوش ٿيو، جو کِلي چوڻ لڳو ته، ”ماڻهو سرڪاري نوڪري تڏهن ڪري، جڏهن آفيس ۾ آگري جهڙا ساٿي هجن.“
مون پنهنجي آفيس ۾ اچي سرڪاري فرمان اکر اکر ڪري پڙهيو. ٻن صفحن ۾ هو ۽ شروع ۽ آخر ۾ مٿس ”خفيه“ (CONFIDENTIAL) جا ٺپا لڳل هئس. منجهس نهايت نازڪ ڳالهيون لکيل هيون. جن جو مقصد ڊاڪٽر شمل کي پاڪستان ڏانهن مائل ڪرڻ هو. ڇو ته اسان جو پاڙيسري ملڪ به اهڙي ڪوشش ڪري رهيو هو. اتان جي وزيراعظم، ڊاڪٽر شمل کي پنهنجي پاسي ڪرڻ لاءِ هڪ بي بها سونو تحفو به ڏنو هو، جو هن دهليءَ مان موٽندي، مون کي ڪراچيءَ ۾ ڏيکاريو هو. مون کيس مشورو ڏنو ته، ”هت ڪنهن سان به ڳالهه نه ڪجو.“ هن ائين ئي ڪيو.
مون صدر پاڪستان جو فرمان پڙهي، ڊاڪٽر شمل کي خط لکي موڪليو ته فارسيءَ ۾ چوندا آهن ته، ”اوهان جو ٻيو حڪم ڪهڙو آهي؟“
خوش ٿي لکيائين ته، ”رباني، سيف الملوڪ واري ڍنڍ ڏسڻ جو سالن کان شوق اٿم، جيڪا چون ٿا ته ايڏي ته خوبصورت آهي، جو چنڊ جي چوڏهينءَ رات اتي پريون ناچ ڪرڻ اينديون آهن.“
مون ڪوشش ڪئي. خدا ڪامياب ڪيو ۽ سيف الملوڪ ڍنڍ تي وڃڻ لاءِ آرميءَ کان ڪرايي تي هيلي ڪاپٽر ملي ويو. ڊپٽي ڪمشنر کي ساڻ کنيم. هڪ ڏينهن، سڌو وڃي ڍنڍ جي ڪناري تي لٿاسين. سيارو هو. ڍنڍ اڌ برف هئي ۽ اڌ پاڻي! پر اهو به اهڙو شفاف جو ليئو پاءِ، ته منجهس آسمان جا ڪڪر پيا ڏسجن!
سيف الملوڪ ڍنڍ ڄڻ ته بيضوي شڪل جو هڪ وڏو پيالو آهي، جيڪو قدرت، ٽڪرن مان ٽاڪي ٺاهيو آهي. ڍنڍ جي سونهن ڏسي، اعتبار آيو، ته برابر چوڏهينءَ جي رات، پريون ’ڪوهه قاف‘ مان اڏامي، اتي رقص ڪرڻ اينديون هونديون!
ڊاڪٽر شمل دروبينيءَ سان، هيڏي هوڏي واجهائڻ لڳي. مون کلي چيس ته، ”ڊاڪٽر صاحبه پريون رڳو رات جو اينديون آهن.“
پاڻ کِلي چيائين ته، ”پر، مون واري دوربين رڳو ڏينهن جو ڪم ڪندي آهي.“
ڍنڍ ڏسي، فوٽا ڪڍي وڃي جيپن ۾ ويٺاسين. ڀرسان سرڪاري ريسٽ هائوس ۾ وڃي لٿاسين، جو درياءَ جي ڪناري تي ڄڻ ته هڪ ننڍڙو بهشت آهي. چون ٿا ته ست بهشت ٻيا به آهن، پر اهي الائي ڪاٿي آهن؟
ڪمشنر لنچ جو وڏي خيال سان انتظام ڪيو هو. ٻيو ته ٺهيو، پر، اُترين علائقن جي مشهور مڇي ”ٽرائوٽ“ به کاڌي جي ٽيبل تي رکائي هئائين، جيڪا تمام مهانگي آهي ۽ فقط اميرن لاءِ آهي. صحيح معنيٰ ۾ DELICACY آهي. کائڻ کان سواءِ ان جي ذائقي جو صحيح اندازو ڪونه ٿيندو. پر، جبلن جي وچ ۾، سو به وري درياءَ جي ڪناري تي ريسٽ هائوس جو نظارو اهڙو ته وڻندڙ هو، جو مون کان ته ماني ئي وسري وئي! وس پڄي ها، ته منجهس ۾ ٻه چار ڏينهن ٽڪي پوان ها. بهشت جو ٽڪرو هو.
ٻئي سال سڪردوءَ وياسين. ڊاڪٽر شمل جي جرمن دوست ڪئرن مٽمئن ۽ مجيب به گڏ هئا. مشهور معروف هوٽل شنگريلا ۾ وڃي ٽڪياسين. تمام سٺي پر تمام مهانگي آهي. درحقيقت، شادي ڪيل ننڍن نيٽن جوڙن جي لاءِ آهي، جن جي هر رات چوڏهينءَ جي رات هوندي آهي. هوٽل جي اڳيان هڪ خوبصورت تلاءُ ٺهيل هو، جنهن ۾ ڪنول جا گل ٽڙيا بيٺا هئا. منظر اهڙو ته سهڻو هو، جو مان شام جو ڪلاڪ ٻه اتي ڪرسي رکي ويهي رهيس. رات جو جڏهن بستري ۾ ليٽيس، ته گذريل زمانا ياد آيا ۽ دل جي آسمان تي ڪنول جو هڪ سفيد گُل اُڀري آيو. ڀٽائي ياد آيو:

اڱڻ تازي، ٻاهر ڪُنڍِيون، پَکا پَٽِ سُونهنِ،
سُرهي سيج، پاسي پرين، مَرُ پيا مينهن پَوَن،
اسان ۽ پـِرين، شل هئَن برابر ڏينهڙا.

ٻئي سال وري ٻيهر اسان سڪردو وياسين. تاريخي هنڌ آهي، جو اتان سنڌو درياءُ پاڪستان ۾ داخل ٿئي ٿو. اسان کي آرميءَ جون گاڏيون ايئرپورٽ تي وٺڻ آيون، سي ميل ٻه ميل درياءَ جي پيٽ مان هليون. درياءُ سياري جي ڪري سُڪو پيو هو. آرميءَ وارن شام جو اسان جي دعوت ڪئي. ۽ صبح جو وري ”ست پارا“ ڍنڍ تي وٺي ويا ۽ منجهس ٻيڙيءَ ۾ سير ڪيوسون. ڀُلجان نٿو، ته آرميءَ وارا سڪردوءَ ۾ ئي اسان کي پولو راند ۾ به مکيه مهمان ڪري وٺي ويا. پولو دلچسپ راند آهي، ليڪن، ”ڪرڪيٽ“ اسان جو قومي ڪلچر آهي. تاريخ جي محققن کي تحقيق ڪرڻ گهرجي ته قائداعظم ۽ علامه اقبال ڪرڪيٽ ۾ ڪيترو ڪمال ڪيو هو؟ يا کين ڪا دلچسپي ئي ڪانه هئي. ان کي فقط راند سمجهندا هئا.
هڪڙي سال ڪاغان ۽ ٻئي سال سوات وياسين. ٻئي علائقا هڪٻئي کان وڌيڪ سرسبز ۽ سهڻا آهن ۽ منجهن ايڏي ساوڪ ۽ سبزي هئي، جو اکين تي به اعتبار نه اچي. قدرتي نظارن جي سونهن جي انتها هئي. ڪاغان ۽ سوات جا اهي سفر ڪڏهن ڪونه وسرندا. خاص طرح واليءِ سوات جي محل ۾ چاءِ- پارٽي. ڊاڪٽر شمل ٻاهر نڪتي، ته پنهنجو تاثر بيان ڪندي مون کي چيائين ته، ”هر هنڌ، مقامي ثقافتي روايتن ۾ اسلامي اثرات جي آميزش آهي. اها خوشيءَ جي ڳالهه آهي، ليڪن، سوات ۽ ڪاغان، سئٽزرلئنڊ جي سهڻن کان سهڻن علائقن جون سڪون ٿا لاهين.“
هُنزا ۾ اسان ڳوٺاڻي زندگيءَ جو منظر ڏسڻ لاءِ هڪ رات تنبن ۾ گذاري. صبح جو سوير مان مسجد ڏي نماز پڙهڻ هليو ويس، ته ڊاڪٽر شمل ۽ ڪئرن پنڌ ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪتيون ۽ ڳوٺ جي غريب دڪاندار کان پڇيائون ته، ”اوهان وٽ صبح جي بانگ ڪهڙي وقت ايندي آهي؟“
هن معصوم شخص کين جواب ڏنو ته، ”ڪڏهن ٻڌڻ ۾ ايندي آهي ته ڪڏهن ڪانه، ڇو ته بانگ ڏيڻ واري کي ئي ننڊ وٺي ويندي آهي.“
ڪاغان، سوات ۽ هنزا گهمڻ کان پوءِ، ڊاڪٽر شمل چيو ته، ”رباني، ڪو بندوبست ڪر، ته ايندڙ سال چترال هلون.“
مان پاڻ به چترال ڪڏهن ڪونه ويو هئس، جيتوڻيڪ اتان جا اديب هر ڀيري دعوتون ڏئي ويندا هئا. چترال جو مکيه مسئلو اهو آهي ته اُتي رهڻ لاءِ سٺي هوٽل ڪانهي، پر مون ڊاڪٽر شمل کي خاطري ڏني ۽ سوچ ويچار ڪري، آرميءَ جي ريسٽ هائوس ۾ رهائش جو بندوسبت ڪيم. اهو ٻڌي، جرمن سفير ۽ سندس بيگم چيو ته، ”اسان به تو سان گڏ هلنداسين.“ ڊاڪٽر شمل وٽن ٽڪيل هئي ۽ مون سان به سندن سٺي ڏيٺ ويٺ هئي. اسان سڀئي گڏجي چترال وياسين. مجاهدن کي خچرن تي هٿيار کڻي افغانستان ۾ روسين سان وڙهڻ لاءِ ويندي ڏٺوسون. مجاهد ماڻهن جهڙا ماڻهو هئا. عام ماڻهوءَ ۽ مجاهد ۾ مون کي ته ڪوبه فرق نظر ڪونه آيو. شايد مجاهد جو اصل بارودُ، بندوق بدران سندس مٿي ۾ ڀريل هوندو آهي.
مون موقعي جو فائدو وٺي سيد احمد شهيد جي مزار تي حاضري ڏني. ڪوبه ماڻهو ڪونه هو. سراسر سڃ هئي. مزار شريف محمد هاشم ٺٽويءَ جي مزار وانگر خالص شرعي نموني تي ٺهيل هئي. ان موقعي تي وري عزيز مون سان گڏ هو.
چترال ۾ ڪافر قلاش سياهه پوش عورتن جو رقص به ڏٺوسون. غريبن تي عياش ڪامورن جو ڏاڍو ظلم هو. نه ته کين عزت ڀريو روزگار ڪمائڻ جو موقعو هو ۽ نه وري سندن خواتين جي عزت ۽ عصمت سلامت هئي: سندن سونهن هنن لاءِ عذاب ٿي پئي هئي. هڪڙيءَ جوانڙيءَ ته ڊاڪٽر شمل سان پنهنجا ڏک بيان ڪندي روئي ڏنو ۽ چيو ته، ”هڪ ته سرڪاري عياش ڪامورن جو عذاب آهي. انهيءَ عذاب جي مٿان وري ملڪ جي هڪ اسلامي جماعت ته اسان جو جيئڻ هيڪاري حرام ڪري ڇڏيو آهي.“ اهو ٻڌي ڊاڪٽر شمل ڏاڍي اداس ٿي وئي!
چترال جي مند ۽ موسم، مجيد لاهوريءَ جي محاوري موجب، ”محبوب جي مزاج ۽ سنڌ جي سياست وانگر بي ڀروسي آهي.“ سو، جڏهن موٽڻ جي تياري ڪئيسون ته روزانو خوشخبري ملندي هئي ته اڄ پشاور کان جهاز ايندو. پر، ٽي ڏينهن لاڳيتو موسم جي اوچتو مٽجڻ ڪري ڪونه آيو. جڏهن انتظار ڪري ڏاڍا ڪڪ ٿياسين، ته مون پنهنجي ميزبان ميجر کي چيو ته ”اسان کي لواري ٽاپ رستي ڪاغان پهچايو.“
هنن بندوسبت ڪيو ته سفر جو آغاز ٿيو. اسان کي جدا جدا جيپ ۾ وهاريائون. منهنجيءَ جيپ ۾ عزيز مون سان گڏ ويٺو. رستو ته هئو ئي ڪونه، پر، آرميءَ وارا نقشن جي مدد سان، پٿرن جي مٿان هلندا رهيا. الائي ته ڪٿان ۽ ڪاڏي هليا ۽ ڪيترا ڪوهه هليا. نه وڻ نه ٽڻ. نه ساوڪ نه ڪا ويجهو اوڏو وسندي. رڳو پٿر ئي پٿر گول ۽ لسا. شايد ڪنهن سڪل نئن يا نديءَ جي پيٽ ۾ سفر ڪري رهيا هئاسين. جنهن جا پٿر برساتن لسا ڪري ڇڏيا هئا. بهرحال الائي ته ڪيترن ڪلاڪن کان پوءِ، اچي لواري ٽاپ وٽ پهتاسين.
فوجي گاڏيون جبل وٽ هلي بيٺيون. چيائون ته جبل چوڏهن هزار فٽ بلند آهي. منجهند جي مهل هئي. آسمان نظر ڪونه ٿي آيو، ڇو ته سخت مينهن وسي رهيو هو. اسان جي ميزبانن جيپن جي مٿان ڇٽيءَ وانگر پلاسٽڪ جو پردو جهلي، وسندي مينهن ۾ به، اسان کي گرما گرم لنچ کارائي. ڊاڪٽر شمل کِلي چيو ته، ”هيءَ لنچ سڀني کي هميشه ياد رهندي.“
ماني کائي جبل تي چڙهائيءَ جو سفر شروع ڪيوسون. سڄي شام سفر ۾ گذري وئي. رات ٿي وئي. ڏهن ٻارنهن هزارن فوٽن جي بلنديءَ تي پهتاسين ته برسات ۽ برف جي ڪري، گاڏيون ترڪڻ لڳيون. مون ته اهڙو خوفناڪ سفر سڄيءَ زندگيءَ ۾ ڪونه ڪيو آهي، مَس مَــس لواري ٽاپ جي چوٽيءَ تي پهتاسين، ته لڱن ۾ ساهه پيو. اوچتو جرمن سفير فرمائش ڪئي ته ”هن سفر جي يادگار تصوير ڪڍايون.“ سندس بيگم به ڳالهه جي تائيد ڪئي. سيءُ اهڙو هو، جو جيپن ۾ ويٺي به ٿڌيءَ هوا ڄڻ ته ڇرين سان بُت پئي چيريو. اڌ رات جي مهل هئي. لاچار، ڏڪندا ڏڪندا هيٺ لٿاسين ۽ تصوير ڪڍائيسين.
جبل جي چوٽيءَ تي پهچڻ کان پوءِ هيٺ لهڻ جو سفر شروع ٿيو. وري ڪيئي ڪلاڪ لڳي ويا. خدا ڪيو، جو خير سان وڏي اسر مهل اچي ڪاغان جي ريسٽ هائوس ۾ منزل انداز ٿياسين. فوج جي انتظام ڪري، سيءَ کان بچڻ لاءِ باهه جا بُنڊ اڳي ئي پئي ٻريا. هر قسم جا کاڌا ۽ پيتا تيار رکيا هئا. کائي پي بسترن ۾ ليٽياسين، ته منجهند جو اٿياسين. سفر جو ٿَڪ لهي ويو. ناشتوڪيوسون ته اسان جون پنهنجون موٽرون به پهچي ويون، جن ۾ چڙهي اچي اسلام آباد پهتاسون.
چترال ڏسڻ کان پوءِ ورندي سال چولستان ڏسڻ وياسين. مون ان جي ايم.ڊي. آفتاب شاهه کي بندوسبت لاءِ چئي ڇڏيو هو. انهيءَ سفر ۾ مجيبُ مون سان گڏ هو. چولستان جي سوليءَ سنڌيءَ ۾ سمجهاڻي هيءَ آهي ته سنڌ واري ٿر جي هڪ ٽڪنڊي چوٽي، پنجاب ۾ داخل ٿئي ٿي، جنهن کي ”چولستان“ ڪوٺن ٿا. منجهس واريءَ جون ننڍڙيون ننڍڙيون ڀٽون آهن. سنڌ واري ٿر ۾ ڀٽون وڏيون آهن.
چولستان ۾ لال سنهارا قومي پارڪ به ٺاهيو اٿن، جنهن ۾ سَون جي تعداد ۾ هرڻ ڇڏيا اٿن. منجهس ننڍڙو ZOO به ٺاهيو اٿن. ان ۾ گهڻا ئي جانور ڏٺاسون. هڪ جانور ٻلي کان وڏو ۽ ڪتي کان ڪجهه ننڍو هو. پڃري ۾ قرار ڪونه ٿي آيس. مستن وانگر هيڏي هوڏي پئي ڦريو. چيائون ته، ”ڏاڍو خطرناڪ آهي. اسان لڳ جي مند ۾، ٻه ڀيرا، هڪ هڪ مادي سندس پڃري ۾ وڌي. اول ته ساڻس دل کولي محبت ۽ لڳُ ڪيائين. اهو مزو وٺي، رات جو کين ننڊ ۾ ڏسي، کائي ڇڏيائين. صبح جو پڃري ۾ ويچارين جا رڳا هڏا پيا هئا.“
چولستان جا ڪي نظارا خاص ڪري، تاريخي پراڻا قلعا ۽ سانجهيءَ مهل، چشمن تي سَون هزارن اُٺن جو اچي گڏ ٿيڻ ۽ پاڻي پيئڻ - ڏاڍا دلفريب آهن. آفتاب شاهه اتي ئي شام جي چاءِ جو بندوسبت ڪيو هو. هڪ چشمي جي ڀرسان واريءَ جي ڀٽ تي غاليچا وڇارايا هئائين ۽ انهن تي ريشمي طول وهاڻا رکايا هئائين. کائڻ پيئڻ لاءِ تازو ۽ سڪل ميوو، ڪيڪ ۽ بسڪيٽ ٿڌي پاڻيءَ جون بوتلون ۽ گرم گرم چاءِ جا ٿرماس رکايا هئائين. اسان حالي ته غاليچن تي آهلي پياسين. ساهي پٽي، آرام سان چاءِ پيتيسون پري پري، هرڻن ڇالَ پئي ڏنا. آسمان ۾ شفق جي لالاڻ هئي. ڏاڍو وڻندڙ نظارو هو.
آفتاب باذوق شخص هو. ڊاڪٽر شمل مون کي ڪن ۾ آهستي چيو ته، ”توکي خبر آهي ته سعديءَ تنهنجن اهڙن دوستن لاءِ ڇا چيو آهي؟“
مون چيو ته، ”نه“
تڏهن چيائين ته:
”همه آفتاب بينم، همه آفتاب گويم.“
آفتاب شاهه شاعر به هو. سو، چاءِ پيتيسون ته چولستان جي وارياسن پٽن مان ڪڍي اچي سنڌودرياءَ جي ڪناري تي پنجند ريسٽ هائوس ۾ ٽڪايائين. شاندار ڊنر سان گڏ ”انڊس واٽر“ جو بندوبست به ڪيو هئائين. ”انڊس واٽر،“ محاورو ڊاڪٽر شمل ايجاد ڪيو هو. ڪيف ۽ سرور ۾ ڊنر کائي پي، ڏاڍي سٺي ننڊ ڪئيسون.
پنجند وٽ پنجاب جا پنج ئي درياءَ گڏجن ٿا، اڳتي سنڌو درياءُ اسان ڏي اچي ٿو، جو اڳوڻي زماني ۾ تمام وڏو هوندو هو. ساوڻ جي مند ۾، ايڏو ته منجهس پاڻي هوندو هو، جو درياهه جو ٻيو ڪنارو ڏسڻ ۾ ڪونه ايندو هو. آفتاب شاهه درياهه ۾ صبح جو سوير اسان جي سير جو بندوبست به ڪيو هو. ٿڌڙي هير پئي لڳي. ٻيڙيءَ جي هلڪن هلڪن لوڏن ۾ ڏاڍو مزو آيو. انهيءَ وقت مون کي هڪ فارسي شعر ياد آيو:
”هيءَ دنيا بهشت ٿي سگهي ٿي، بشرطيڪ منجهس انصاف هجي. ڪنهن ڏاهي چيو آهي ته بهشت اهڙو هنڌ آهي، جتي ڪنهن جو به ڪنهن ۾ ڪو به ڪم ڪونه پوندو:

”کسي را کسي کارِ نه باشد.“

ڊاڪٽر شمل ۽ مون ورهين جا ورهيه اهي سير ۽ سفر گڏ ڪيا. هر هڪ سفر تي پورو ”سفرنامو“ لکي سگهجي ٿو. انهن سفرن دوران هوءَ ڪنهن به ڊائريءَ يا ڪتاب ۾ نوٽس ڪانه وٺندي هئي. شايد فقط ذهني تاثر قائم ڪندي هئي. هاڻي ڪتاب انگريزيءَ ۾ ڇپيو آهي. جنهن ۾ انهن سفرن کي ياد ڪري هڪ هنڌ لکيو اٿس ته:

Ghulam Rabbani Agro slowly rose on the ladder to a higher position and was a loyal companion to me on many tours and travels. I shared many a amusing event with him.

ڪتاب ۾، پير صاحب ۽ سندس ڀاءُ راشدي صاحب کي ته گهڻو ياد ڪيو اٿس، پر حيرت آهي ته سيد عبدالواحد کي به ياد ڪيو اٿس، جنهن کيس گهڻو ڏکايو هو. اهڙيءَ طرح اها به دلچسپ ڳالهه آهي ته، ”جنرل ضياءَ کيس اسٽيٽ گيسٽ“ قرار ڏنو، تنهن جو نالو به ڪونه کنيو اٿس، پر، ڀُٽي صاحب کيس چاءِ جو ڪوپ پياريو، تنهن کي ياد ڪيو اٿس. سائين جي.ايم.سيد کي به ياد ڪيو اٿس. ڪتاب ۾ ڪي تصويرون به وڌيون اٿس. پر، انهن ۾ سنڌ جي اديبن مان پير صاحب جي ۽ ليڊرن ۾ سائين جي.ايم.سيد ۽ ڀٽي صاحب جي ڏني اٿس. سنڌ ۾ کٽ تي رلهيءَ تي ويهي تصوير ڪڍائي اٿس ۽ ٻي اُُٺ تي سوار ٿي. ڪتاب جو نالو آهي: ORIENT AND OCCIDENT. انگريزي ترجمو ڪئرن مٽمئن ڪيو آهي جا اسان ٻنهي جي دوست آهي. ڪتاب اقبال ايڪيڊميءَ ڇاپيو آهي. منجهس علامه اقبال جو ذڪر ته گهڻو ڪيو اٿس، پر، سنڌ کي ياد ڪيو اٿس ۽ لکيو اٿس ته:
مون کي پنهنجيءَ سنڌ (MY SINDH) سان عشق آهي. مون ان جا گهڻا ڳوٺ ڏٺا آهن ۽ سنڌ جي اوليائن ۽ درويشن جي روضن تي حاضري ڏني آهي. سنڌي ڳائڻن ۽ موسيقارن سان منهنجي دل ٿي وئي آهي. مون چوڏهينءَ جي رات ٻيڙين ۾ سندن ڪلام ٻڌا آهن.“
ڊاڪٽر شمل، مشرق ۽ مغرب ۾ گهڻائي سفر ڪيا. هُوءَ سئيڊن، ترڪي، امريڪا، ڪوويت، بحرين، شام، اردن، مصر، سوڊان، تيونس، موراڪو، يمن، سعودي عرب، ايران، افغانستان، وچ اشيا، پاڪستان، هندستان، انڊونيشيا، روس، پئرس ۽ لنڊن وئي، بادشاهن، وزيراعظمن، عالمن ۽ اديبن سان ملاقاتون ڪيائين، پر جڏهن زندگيءَ جون يادگيريون لکڻ ويٺي ته کيس ”پنهنجي سنڌ“ ۽ سنڌي ڪلام ياد آيا، ڇو ته جيئن پاڻ ئي لکيو اٿس، کيس پنهنجيءَ سنڌ سان عشق هو.
هڪ سال ڊاڪٽر شمل مون کي فرمائش ڪئي ته هنگلاج هلون. هنگلاج جو سفر ڏاڍو ڏکيو آهي. سو، سندس فرمائش پوري ڪرڻ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪرڻي پيم. وري به آرميءَ کان ڪرايي تي هيلي ڪاپٽر ورتم. اسلام آباد مان هوائي جهاز ۾ چڙهياسين. ڪوئٽيا وڃي لٿاسين. اتان سبيءَ وياسين. اتان جي ڪمشنر اسان جي دعوت ڪئي هئي. مون سان گڏ قراقرم جي سيمينار ۾ همسفر هو ۽ ڊاڪٽر شمل جو ته گهڻو واقف هو.
سبيءَ ۾ مند ۽ موسم اڃا ٺيڪ هئي. فيبروريءَ جون ٿڌڙيون ٿڌڙيون راتيون هيون. گرمي شروع ڪانه ٿي هئي. ريسٽ هائوس جي باورچيءَ چيو ته، ”سائين، سبيءَ ۾ فيبروري پورو ٿيو، ته گرميءَ منهن ڪڍيو. بس، ڏسندي ڏسندي، اهڙي حالت ٿي ويندي، جو يارهين بجي صبح جو مکيه بازار ۾ بيهي گولي هلايو، ته ڪنهن کي به ڪانه لڳندي، ڇو ته ڪو ماڻهو هوندو ئي ڪونه.“
مون چيو ته، ”يار، پوءِ ته صبح سويري هن وڻندڙ موسم ۾ اسان کي ڪا گرم گرم چاءِ پيار.“
هن ريسٽ هائوس جي سبزه زار تي آرام ڪرسيون آڻي رکيون ۽ ڊاڪٽر شمل، ڪئرن ۽ مون لاءِ چاءِ ٺاهي کڻي آيو. ڪئرن ڪٽليءَ مان ڪوپن ۾ چاءِ اوتي رهي هئي، ته مان مٿي وڻن ڏي نهاري رهيو هوس.
ڪئرن چيو ته، ”چاءِ پيءُ. وڻن ڏي ڇا ٿو ڏسين؟“
مون چيو ته، ”اسان کان اڳ هـِتِ هڪ ٻيو مهمان ڪرسي وجهي ويٺو هو ۽ وڻن کي تڪي رهيو هو. آلي قميص ۽ آلي شلوار پاتل هئس. سو، ته ٺهيو، پر مٿي جي قراقلي ٽوپي به آلي هئس. مون کي ڏسي چوڻ لڳو ته، هنن وڻن ۾ چار پنج هزار ڪانوَ ويهن ٿا. مان ڪرسي وجهي، چاءِ جو ڪوپ پيئڻ ويٺس، ته هنن حرامزادن مٿان پنهنجا پڇ مٿي ڪيا. سڄو ڪوپ ڀرجي ويو ۽ لٽا ڪپڙا ڪِنُ ٿي ويا. هاڻي، پاڻ ڌوئي پائي آيو آهيان.“
ڊاڪٽر شمل اهو ٻڌي اهڙي کِلي، جو چاءِ پيئندي اڙي پئي! جرمنيءَ مان به خط ۾ لکندي هئي ته، ”پنجن هزارن ڪانوَن وارو اهو شخص توکي وري گڏيو؟“
سبيءَ مان نڪري، موٽرن ۾ هيلي ڪاپٽر جي پيڊ تي اچي رهيا هئاسون ته ڳالهه ڪيائين ته، ”رباني، گذريل سال لنڊن ۾ هئس، ته سيد عبدالواحد جي ننهن ملڻ آئي. سس جا سلام ڏنائين ۽ خط سان گڏ هڪ پارسل ڏئي ويئي. جڏهن موڪلائي ويئي ته کولي ڏٺم. اندران زيورن جو سيٽ نڪتو. سڄو سونو هو.“
مون حيران ٿي چيو ته، ”اهو ساڳيو جو هن مرحوم ڪراچيءَ ۾ اوهان جي پيتي ڦاڙي چورايو هو؟“
چيائين ته، ”نه، پر، اهڙو ئي سونَ جو ٺهيل ۽ قيمتي هو. چٺيءَ ۾ سندس گهرواريءَ لکيو هو ته منهنجي مرحوم مڙس کي معاف ڪري ڇڏيو. غلطيون انسانن کان ٿينديون آهن.“
مون کيس چيو ته، ”ڊاڪٽر صاحب، اندرا اوهان کي جيڪو سونو تحفو ڏنو هو، سو به لاجواب هو.“
چيائين ته، ”ڪهڙو تحفو؟ مون کي ته اندرا گانڌيءَ ڪوبه تحفو ڪونه ڏنو هو.“
مون کي سندس جواب ٻڌي حيرت لڳي، جو جڏهن مون کي اهو تحفو ڏيکاريو هئائين، ته مون ئي کيس منع ڪئي هئي ته پاڪستان ۾ ڪنهن سان به اها ڳالهه نه ڪجو. پاڻ ته اندرا جون اهڙيون نازڪ ڳالهيون ڪيون هئائين جي ڪتاب ۾ لکڻ جهڙيون ڪونهن. دل ۾ چيم ته، ”انسان جو مزاج الائي ڪيئن آهي؟“
اسان ڪار مان لهي، هيلي ڪاپٽر ۾ سوار ٿياسين. بلوچستان وارا جبل ٽپي، وڃي لس ٻيلي لٿاسين. انهن جبلن جي چوٽين تي ننڍا ننڍا ميدان آهن، جن ۾ ماڻهن جا گهر آهن. مون کي حيرت لڳي ته اهي ماڻهو اتان هيٺ ڪيئن لهن ٿا ۽ مٿي چڙهڻ ۾ ته کين سڄو ڏينهن لڳي ويندو. اوليءَ سوليءَ کي منهن ڪيئن ڏين ٿا؟
لس ٻيلي جو ڊپٽي ڪمشنر علي رضا وڏو مهمان نواز هو. خاص ڳالهه اها ته لوڪ ناچ ڏيکاريائين، جهڙا شايد آفريڪا جي ڪن قبيلن ۾ اڃا هجن. سنڌ ۾ اسان لوڪ ناچ ۽ لوڪ گيت جو نالو ٻڌو آهي. لس ٻيلي ۾ سنڌي ٻولي عام جام هئي. بلڪ، هئي ئي سنڌي ٻولي. رات جو ماني کائي واندا ٿياسين، ته ڊاڪٽر شمل ڪَنَ ۾ سرٻاٽ ڪيو ته، ”رباني، هت سنڌي هندو گهڻا آهن. ٽڪاڻي ۾ هلي سنڌي راڳ ٻڌون.“
مون چيو ته، ”ڊاڪٽر صاحبه توکي اهي خبرون ملائڪ ٻڌائن ٿا ڇا؟“
بهرحال، علي رضا ڊپٽي ڪمشنر سان ڳالهه ڪيم. فوراً فوج جو هڪ اعليٰ عملدار ساڻ کنيائين. سڌو وڃي ٽڪاڻي پهتاسون. هندن پاپڙ پاڻي ۽ ميوو آندو. ڊاڪٽر شمل جي فرمائش تي صوفي شاعرن جا ڪلام ٻڌايائون. دريا خان جو هي شعر اڃا ياد اٿم:

بهشت دلاسو، دوزخ دڙڪو، ڊاهه ويا سڀ ڊهي ڊهي،
شاهه حُسُنَ تنهنجي شوق ۾، لاڳاپا ويا لهي لهي!

رات جو دير دير سان ريسٽ هائوس تي موٽياسين، ته فوجي عملدار ڪَنَ ۾ اچي چيو ته، ”سائين اوهان جي وڏي مهرباني.“
مون حيران ٿي چيس ته، ”ڪهڙي؟“
چيائين ته، ”اوهان اهو قرب نه ڪريو ها، ته اسان کي هندن جي ٽڪاڻي ۾ اندر وڃڻ جو موقعو ڪيئن ملي ها.“
صبح جو هيلي ڪاپٽر ۾ چڙهي، اچي هنگور نديءَ جي منهن وٽ SEA SCOUTS جي هيلي پيڊ تي لٿاسين. ريسٽ هائوس ۾ چاءِ پي، جيپن ۾ سوار ٿياسين ۽ هنگور نديءَ جو پيٽ ڏيئي اُتي پهتاسين، جتي اُٺ اسان لاءِ تيار بيٺا هئا.
هيلي ڪاپٽر مان لهي، اُٺ تي چڙهڻ ۾، سڀني کي ڏاڍي کِل آئي. اُٺ آهستي آهستي هلندا هلندا، اچي آساپوريءَ وٽ پهتا. هنگلاج جا زيارتي اُتي پنهنجي دل جي ڪا نه ڪا آس ڪندا آهن. ڊاڪٽر شمل، ڪئرن ۽ مون ناريل اڇلايو ۽ رسم موجب آس ڪئي، پر ڪنهن جي به آس پوري ڪانه ٿي. هنگلاج جي زيارتين جي هڪ رسم هئي جا اسان به ادا ڪئي.
ڊپٽي ڪمشنر علي رضا، هنگلاج جي بريفنگ ڏيڻ لاءِ هڪ پنڊت وهاريو هو، جنهن سڄي روايت ٻڌائي ۽ اهو به چيو ته سري رامچندر، گرو گورک ناٿ، گرو نانڪ ۽ شاهه ڀٽائي هت آيا هئا.
مون کي جنهن ڳالهه ڏاڍو متاثر ڪيو، سا اها هئي ته هنگلاج ۾ ايڏو ته سڪون هو، جو ڪنهن پکيءَ جو آواز به ٻڌڻ ۾ ڪونه ٿي آيو. سانت ئي سانت هئي. غار جي اڳيان شفاف پاڻيءَ جو تلاءُ هو. هنگلاج جي غار ۽ ان جي اردگرد سانت ۽ سڪون، روح جي راحت گيان لاءِ آئيڊيل (IDEAL) هنڌ هو. مستقبل ۾ ڪو ان جي ٻيڙي ٻوڙي، ته اها جدا ڳالهه آهي.
هنگلاج برصغير جو هڪ قديم مذهبي زيارتگاهه آهي. چون ٿا ته حضرت ابراهيم عليه السلام واري زماني جو آهي. منهنجو خيال آهي ته مٿس اهو نالو هنگور نديءَ تان پيو آهي. لسانيات جي ماهرن جو رايو آهي ته ڪي اچار بدلجن ٿا. اسان وٽ ان جو هڪ مثال ”ڪراچي“ آهي. جڏهن ڳوٺڙو هئي ته منجهس مهاڻن ۽ ڪولاچي قبيلي جي ماڻهن جا گهر گهڻا هئا. سو، ڪولاچي ڪوٺيندا هئس. ڪولاچي قبيلو اڃا سنڌ ۾ عام جام آهي. ٿر جي پاسي مرحوم خان محمد پنهور اسان کي ٽنڊو ڪولاچيءَ ۾ جلسي تي وٺي ويو هو. اسان جي پنهنجي ڳوٺ کان ميل ٻه پري ڪولاچين جو ڳوٺ آهي. خود ڪراچيءَ ۾ بوٽ بيسن وٽ ”مائي ڪولاچي روڊ“ آهي.
لام بدلجي ”ر“ ٿيو ته ڪولاچي بدلجي ڪراچي ٿي. هنگور به ائين ئي هنگلاج ٿيو هوندو. مان چين ويس ته چيني مون کي ”غلام ربانيءَ“ بدران ”غلام لباني“ ڪوٺيندا هئا. منهنجو پٽ عزيز آگرو چين پڙهڻ ويو ته سندس چيني دوست کيس ”آگلو“ ڪوٺيندا هئا. آگرو ڪونه ڪوٺي سگهندا هئا. اها ماجرا اسان جو ڊاڪٽر الانا سولائيءَ سان سمجهائي سگهندو.
هندستان جي قديم تاريخ ۾ مهاتما گوتم ٻڌ جو سڄو فلسفو انهيءَ ڳالهه تي ٻڌل آهي ته ماڻهوءَ کي نرواڻ يا ڇوٽڪارو (PEACE OF MIND) تڏهن نصيب ٿيندو، جڏهن ”خواهش“ ختم ڪندو، پر هنگلاج ۾ ته قصو ئي ابتڙ نظر آيو. ”آسا پوري“ ڪيڏو نه معنيٰ خيز نالو آهي! ۽ گوتم ٻڌ جي فلسفي جي صاف ترديد آهي ته ڪابه خواهش ۽ آس نه ڪبي ته دنيا جي سورن مان ڇوٽڪارو ملندو.
شاهه سائين سامين سان گڏجي هنگلاج ويو هو. ڪنهن شخص ٽوڪ ڪري چيو ته:

ڪوڙا سامي، ڪوڙا سامين پنڌ،
هوت آهي هر هنڌ، هو هليا هنگلاج ڏي.

شاهه سائينءَ جڏهن اهو بيت ٻڌو ته فرمايائين ته:

سچا سامي، سچا سامين پنڌ،
هوت آهي هر هنڌ، هنن ڏٺو هنگلاج ۾.

هنگلاج ڏسي، وري اچي هيلي ڪاپٽر ۾ سوار ٿياسين ۽ ڪراچي ۾ ايئرفورس جي اڏي تي اچي لٿاسين. رات ڪراچيءَ جي پرل ڪانٽينينٽل هوٽل ۾ ٽڪياسون يا شيريٽن ۾، اهو ياد ڪونهي.
هڪڙي ڀيري ڊاڪٽر شمل اسلام آباد ۾ آيل هئي. جنرل رحيم الدين جي اهليه، بيگم ثاقبه صاحبه مون کي چيو ته، ”صبح جو يارهين ڌاران مون وٽ چاءِ پيو، ته ڏاڍو سٺو.“ جنرل رحيم الدين سال ٻه اڳي بلوچستان جو گورنر هوندو هو. سندس بيگم صاحبه سان منهنجي دعا سلام هئي. هوءَ اسلام آباد ۾ مون کي سوکڙيون پاکڙيون موڪليندي رهندي هئي: ڪڏهن ميوو ۽ مٺايون ته ڪڏهن گلدستا. پاڪستان جي پهرئين پهرئين وزير تعليم، مرحوم ڊاڪٽر محمود حسين جي ڌيءُ ۽ هندستان جي اڳوڻي صدر ڊاڪٽر ذاڪر حسين جي ڀائٽي آهي.
بيگم صاحبه سان ”هائو“ ڪيم. ڊاڪٽر شمل اشارو ڏنو ته رات جو ڪوبه پروگرام نه رکجو. مان واندي ڪانه آهيان. مون ائين ئي ڪيو. ٻئي ڏينهن صبح جو ناشتو ڪري، ڪا انگريزي اخبار پڙهيم، ته منجهس خبر ڇپيل هئي ته، ”ڊاڪٽر شمل ڪالهه رات جرمن سفارتخاني ۾ حڪومت جي مخالف ڌر جي اڳواڻ بينظير ڀٽي کي مانيءَ تي سڏيو هو.“
بيگم ثاقبه جي گهر چاءِ لاءِ ويندي، ڊاڪٽر شمل ڪار ۾ اها اخبار ڏٺي. مون کي چيائين ته ”توکان ڪير پڇي، ته چئجانس ته هارورڊ ۾ مون سان ميل ملاقات هيس.“
بيگم ثاقبه وٽ چاءِ پي، اسان اسلام آباد ايئرپورٽ تي وياسين ۽ لاهور روانا ٿياسين. ملتان جو مخدوم، سجاد حسين قريشي گورنر پنجاب هو. ٻئي ڄڻا گھرا گهاٽا هئاسين. مخدوم صاحب لنچ تي قومي ۽ صوبائي اسيمبليءَ جا ميمبر، اعليٰ عملدار ۽ لاهور جا معزز شهري سڏيا هئا. چاليهارو کن مهمان هئا. سروس لنچ هئي. وڏو ٺَٺ ڪيو هئائين. ماني کائي اُٿياسين. مهمان موڪلائي ويا، ته مخدوم صاحب سان ڪچهري ڪئيسون. باغ و بهار شخصيت جو مالڪ هو. ماڻهوءَ تي جادو ڪري ڇڏيندو هو. انگريزي، اردو، سنڌي ۽ سرائڪي ڳالهائيندو هو. کل ڀوڳ ته سندس گفتگو ۾ گلاب جي گلن وانگر ٽڙندا هئا. مون زندگيءَ ۾ اهڙو ٻيو سخن سنج ماڻهو فقط هڪ ڏٺو. دادو ضلعي ۾، ماڏي ۾ خليفو حڪيم عبدالحميد خان چانڊيو. پر، افسوس آهي ته مخدوم صاحب جڏهن پنجاب جو گورنر ٿيو، ته مٿس مون هلڪو اثر ڏٺو. صحيح معنيٰ ۾ وڏو انسان هو. کيس پاور جو اثر وٺڻ نه کپندو هو. اقتدار اچڻي وڃڻي شيءِ آهي ۽ ڏاڍي بڇڙي بلا آهي. ماڻهوءَ جو مٿو خراب ٿي وڃي ٿو. جڏهن پاور ڇڏائجي ويس ته احساسِ محرومي ٿيس ۽ مخالف دشمنيءَ تي لهي آيس ۽ فالج جو عارضو ٿي پيس.
مان اهو ٻُڌي وٽس حاضري ڏيڻ ويس. فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر ۽ منهنجو ساٿي ميجر جنرل عبدالقيوم به گڏ هو. مخدوم صاحب وٽ ماني کاڌيسون ۽ مجلس ڪئيسون. سندس ڪچهري اڳي وانگر دل بهار هئي. پر افسوس ته ان جا گلاب ۽ رابيل ڪومائجي ويا هئا.
لاهور ۾ ڊاڪٽر شمل ۽ مان مخدوم صاحب سان گڏ، گورنر هائوس ۾ صبح جو ناشتو ڪري، اسلام آباد واپسيءَ لاءِ تيار ٿي رهيا هئاسين، ته مخدوم صاحب اڪيلو منهنجي ڪمري ۾ هليو آيو ۽ خوش خير عافيت ڪري، چيائين ته، ”رباني، پنهنجا ڪي حال احوال ڏيون وٺون.“
مون انگريزي اخبار کڻي سندس اڳيان رکي. جرمن سفارتخاني واري خبر پڙهي حالي ته چپ ٿي ويو. ڪجهه دير سوچڻ کان پوءِ، رازداريءَ ۾ مون کي صلاح ڏنائين ته، ”رباني، پنهنجو ڇا وڃي؟“
هڪ دفعي ڊاڪٽر شمل الائي ته ڪهڙيءَ سوچ ۾ هئي. مون کي چيائين ته، ”رباني، تون منهنجن پرن تي سوار آهين.“
اهو ٻڌي، مان ته حيران ٿي ويس! ڏاڍو ڏک ٿيم ۽ ڪئرن سان ڳالهه ڪيم. هُوءَ به ڏکوئجي وئي ۽ چيائين ته هر انسان ۾ خوبيون ۽ ڪمزوريون آهن. ڪڏهن ڪڏهن مون کي به ائين ڏکويو اٿس! پوءِ ٻه ٽي مثال ٻڌايائين.
ملڪ ۾ محترمه بينظير صاحبه جي حڪومت آئي، ته وزيرِ تعليم سائين غلام مصطفيٰ شاهه هو. مون کيس چيو ته، ”هن سال، اوهان وزير تعليم جي حيثيت ۾، اسان جي اديبن جي اڳواڻ طور، چين جو چڪر ڏئي اچو. مون چيني سفارتخاني سان ڳالهائي، سڄو بندوسبت ڪري ڇڏيو آهي.“
شاهه صاحب خوش ٿيو ۽ هائو ڪيائين پر، جڏهن وزير اعظم سان ڳالهه ڪيائين ته هن چيس ته، ”مخالف ڌر وارن جا ارادا نيڪ ناهن. سو، مان سمجهان ٿي ته اسان جي پارٽيءَ جو ڪوبه اهم ماڻهو ملڪ کان ٻاهر نه وڃي.“ شاهه صاحب مون کي فون تي اها ڳالهه ڪري چيو ته، ”هاڻي، تون ئي وڃي اديبن کي چين گهمائي اچ.“ مان ته اڳي ئي چين مان ٿي آيو هئس. پر، هاڻي وري وڃڻو پيو. هفتو کن ٽڪي، پنهنجي هڪ دوست اديب کي وفد جو ”ڊپٽي ليڊر“ مقرر ڪري، پاڻ پاڪستان موٽي آيس. پر، مان اڃا پهتو ڪونه هئس، ته ڊاڪٽر شمل اڳي ئي پهچي ويئي هئي. ايڪيڊميءَ جو هڪ اعليٰ عملدار ڪئبينيٽ ڊويزن مان ڪار وٺي، اسلام آباد ايئرپورٽ تي سندس استقبال لاءِ موجود هو. هُوءَ ڪار ۾ ويٺي، پر، اهو ڏسي مايوس ٿي ته سندس گاڏيءَ جي اڳيان ۽ پٺيان هلندڙ ساين ڳاڙهين بتين وارا موبائيل ۽ سفيد يونيفارم ۾ ملبوس پائلٽ ته آهن ئي ڪونه. ايڪيڊميءَ جي آفيسر جو اُن ۾ ڪو ڏوهه ڪونه هو. اهو سڄو بندوبست ته مان پاڻ ڊاڪٽر شمل سان، پير صاحب مرحوم جي دوستيءَ ڪري، شخصي لڳ لاڳاپا استعمال ڪري، ڪندو هئس. پوليس موبائيل ۽ پائلٽ کان سواءِ ٽيهه پوليس وارا گاڏين ۾ سندس اڳيان پويان هلندا هئا، ڄڻ ته ڪو ”اسٽيٽ گيسٽ“ وڃي رهيو آهي. کيس هميشه اعليٰ درجي واريءَ بلئڪ مرسڊيز ۾ ويهاريندو هئس. هوائي سفر سولو ڪونه هوندو هو ته فرسٽ ڪلاس جي ٽڪيٽ وٺندو هئس. فوج کان هيلي ڪاپٽر ڪرايي تي وٺندو هئس. ”ايوانِ صدر“ مان ”سرڪاري مهمان“ جا فرمان ته ٻين جا به نڪرندا رهندا هئا، پر انهن کي ڪير ٿو ليکي؟ هڪ دفعي حيدرآباد دکن مان ٻه اهڙا ”سرڪاري مهمان“ ٿي آيا. مون کين هوٽل ۾ ٽڪائي ڇڏيو. ماني سو سٺي ملندي هئن ٻيو ٿيو خير.
- پر، ڊاڪٽر شمل کي غير ملڪي سربراهه وارو پروٽوڪول ڏياريندو هئس. اها ڪا سولي ڳالهه ڪانه هئي، پر کيس ڪڏهن ڪونه ٻڌايم، ته مون کي سندس دورن لاءِ ڪيڏا ڪشالا ڪڍڻا پون ٿا! دل ۾ چيم ته مان سڀ سُور پير صاحب جي صدقي سهان ٿو. تون چوين ٿي ته، ”مان تنهنجن پرن تي سوار آهيان!“ هاڻي ڏسنداسون ته ڪير ڪنهن جي پرن تي سوار آهي؟“
حُسين شاهه جي بيگم، ادي شميم ڏاڍي سياڻي آهي، تنهن هڪ دفعي کِلي چيو ته، ”ادا، تو ڊاڪٽر شمل کي ايترو ته مٿي چاڙهي ڇڏيو آهي، جو هيءَ مائي هاڻي سولائيءَ سان هيٺ ڪانه ايندي.“
بهرحال، ايڪيڊميءَ جو اعليٰ عملدار اسلام آباد ايئرپورٽ تان ڊاڪٽر شمل کي آفيس ۾ وٺي ويو، جتي سندس مانَ ۾ ڏهه ويهه اعليٰ اديب چاءِ تي سڏيا هئائين. ڊاڪٽر شمل اسلام آباد ۾ ڏينهن ٻه رهي، لاهور ويئي. اتان جو ايڪيڊميءَ جو آفيسر وري کيس خوش ڪرڻ لاءِ جانورن جي باغ ۾ وٺي ويو ۽ ”نيل گانءِ“ ڏيکاريائين. هن غريب جو عقل ئي ايترو هو. ڊاڪٽر شمل ڪَڪ ٿي ڪراچيءَ ويئي. مان چين مان موٽي پاڪستان پهتس، ته پاڻ موٽي جرمنيءَ پهچي چڪي هئي.
ٻئي سال پاڪستان ڪانه آئي. ڪئرن نياپو ڏنو ته چوي ٿي ته، ”رباني مون کي پاڪستان جي دوري لاءِ پاڻ دعوت موڪلي.“
ڪئرن مون سان حُجائتي هئي. چيومانس ته، ”ڊاڪٽر شمل، صدر پاڪستان جي دعوت تي هت ايندي رهي آهي. صدر پاڪستان جي فرمان مٿان ايڪيڊميءَ جو ڪوبه عملدار پنهنجو فرمان جاري ڪيئن ڪندو؟ جيئن هميشه ايندي آهي، تيئن هن سال به هلي اچي. مان منهن ڏيندس، پر شڪر جو هاڻ کيس احساس ٿيو آهي ته سندن دورن ۽ سفرن ۾ ڪير ڪنهن جي پَرَن تي سوار هو؟“
حُسين شاهه راشدي انهيءَ سڄيءَ حقيقت کان واقف هو ته مان سائين حسام الدين شاهه جي ڪري ئي ڊاڪٽر شمل سان اهي پير ڀري رهيو آهيان. سو، ”سنڌ ٽي.وي“ تي هڪ انٽرويو ۾ وفات کان اڳ منهنجي خدمتن جي تعريف ڪيائين ۽ چيائين ته، ”ربانيءَ، چاچا جي قرب ۽ دوستيءَ جو حق ادا ڪيو.“
بهرحال، ڪئرن ڏک مان چيو ته، ”رباني، تنهنجي ڳالهه صحيح آهي. پر، شمل منجهيل آهي.“ پوءِ رازداريءَ ۾ ٻڌايائين ته، ”محترمه بينظير ڀٽو، وزيراعظم ٿي، ته اسلام آباد ۾ ڪنهن ادبي جلسي ۾ صدارت ڪرڻ وئي. ڊاڪٽر شمل به اُنهيءَ جلسي ۾ پهرينءَ صف ۾، مون سان گڏ، سندس سامهون ويٺي هئي. جلسي هلندي، اوچتو ڪرسيءَ تان اٿي، اسٽيج جا ٻه ٽي ڏاڪا تڪڙي تڪڙي چڙهي، وزيراعظم وٽ پهتي. کيس هڪ ڪتاب تحفتاً پيش ڪيائين ۽ واپس اچي، پنهنجيءَ ڪرسيءَ تي ويٺي. مون کي ڪَنَ ۾ سُرٻاٽ ڪيائين ته، ”ٽي.وي. ڪئميرا ته منهنجو ڦوٽو ڪڍيو هوندو.“
ڪئرن چيو، مان ته سندس ڳالهه ٻڌي وائڙي ٿي ويس ۽ دل ۾ چيم ته ”انهيءَ خسيس ڳالهه جي توکي ڪهڙي ضرورت هئي!“
مون ڪئرن کي چيو ته، ”مان ڪاٿي هئس؟“
ڪئرن چيو ته، ”تون اڃا چين ۾ هئين.“
ڪئرن چيو ته، ”محترمه بينظير صاحبه ساڻس ملي. کانئس ڪتاب ورتائين. شڪريو ادا ڪيائين، پر کيس چاءِ جي ڪوپ جي به صلاح ڪانه ڪيائين. سو، شمل سڀ ڪجهه سمجهي ٿي. مان ڀانيان ٿي، ته هاڻي تنهنجيءَ سرڪاري دعوت ۽ بندوبست کان سواءِ هُوءَ پاڻ مرادو پاڪستان جي سرڪاري دوري تي ڪانه ايندي.“
ڪئرن جو خيال صحيح نڪتو، ڊاڪٽر شمل پاڪستان جي سرڪاري دوري تي وري ڪانه آئي.
ڊاڪٽر شمل سنڌ جو آخرين ديدار وري به مون سان گڏ ڪيو. سو، هيئن ته مسٽر آخوند، سيڪريٽري ڪلچر سنڌ، هڪ دفعي چيو ته، ”ٻڌو اٿم ته ڊاڪٽر شمل اقبال ايڪيڊميءَ جي دعوت تي لاهور اچي رهي آهي. حيدرآباد ۾ پاڻ وٽ به ليڪچر ڏئي ته سٺو.“
مون ساڻس واعدو ته ڪونه ڪيو پر ايترو چيو ته، ”ڪوشش ڪري ڏسان ٿو.“
ڊاڪٽر شمل کي ڪئرن جي وسيلي جرمنيءَ ۾ نياپو موڪليم. جواب موڪليائين ته، ”رباني کي چئو، ته منهنجو پروگرام ته اڳ ئي فائينل ٿيل آهي، پر تنهنجو پيغام اکين تي. هاڻي هيئن ڪنديس، ته پروگرام کان ڏينهن ٻه اڳي ڪراچيءَ ايندس، پوءِ گڏجي حيدرآباد هلنداسين.“
ستت، جرمنيءَ مان ڪراچيءَ پهتي. پنهنجو نئون ڪتاب به مون لاءِ تحفي طور کنيون آئي. صبح جو سوير، نواب يوسف ٽالپر پنهنجي ذاتي ڪار مون کي موڪلي ڏني. مون اڳي ئي ساڻس ڳالهه ڪري ڇڏي هئي. اهو به بار رکيو هو مانس ته، ”حيدرآباد مان موٽ تي لنچ اوهان وٽ کائينداسون.“
گوئٽي انسٽيٽيوٽ جي سربراهه مسز زمان کي به ڊاڪٽر شمل جي ڪمپني ڪرڻ لاءِ چئي ڇڏيو هئم، جا به جرمن خاتون هئي. ڪنهن پاڪستانيءَ سان شادي ڪري هتي آئي هئي. منهنجي گهرواري ۽ ٻارڙا به ڊاڪٽر شمل سان ڪمپني ڪرڻ لاءِ ڪراچيءَ پهتا.
صبح جو اسان سڀ ٺٽي واري رستي کان حيدرآباد روانا ٿياسين. ڊاڪٽر شمل ۽ مسز زمان حيدرآباد جي سفر ۾ ٻه ڳالهيون دلچسپ ڪيون. پهرين ڳالهه هيءَ ته سامهون ويندڙ ٽرڪن کي اهي ڪاريون اڳڙيون ٻڌل ڇو آهن، جيڪي پري کان جهنڊين وانگر، هوا ۾ ڦڙڪنديون نطر اچن ٿيون!
مون چيو ته، ”سچي ڳالهه اها آهي ته مون کي به خبر ڪانهي، پر ڀانيان ٿو ته اهو ڪاريءَ نظر کي ٽارڻ لاءِ هڪ سوڻ آهي.“ ٻئي مون سان متفق ٿيون. ٻي ڳالهه اهڙي ڪيائون، جيڪا مغرب ۽ مشرق جي سوچ ۾ فرق جي نشاني آهي.
مون چيو ته، ”اسان وٽ ازدواجي زندگي برقرار آهي، جيڪا خوشيءَ جي ڳالهه آهي. ليڪن، مغربي معاشرو اندران ئي اندران ڀڄي ڀري، ريزه ريزه ٿي رهيو آهي. SINGLE PARENTS SYSTEM شروع ٿي چڪو آهي.“
ڊاڪٽر شمل ۽ مسز زمان ٻنهي چيو ته، ”اوهان وٽ به سڀ مرد ۽ زالون هڪٻئي مان خوش ڪونهن. ڪيتريون ئي زالون ۽ مڙس هر ۾ جوٽيل ڏاندن جي جوڙي وانگر مجبور آهن. اوهان جو فيملي سسٽم ائين برقرار آهي ته عورت کي پنهنجا حق حقوق حاصل ڪونهن. جڏهن زال مڙس رضا خوشيءَ سان گڏ گذاري نٿا سگهن، ته پوءِ لاچار زندگي گڏجي گذارڻ مان فائدو؟“
منهنجو خيال هو ته مغرب ۾ طلاق جيڪا وبائي صورت اختيار ڪئي آهي، ۽ ٻارڙا SINGLE PARENTS SYSTEM جي جنهن ڏکوئيندڙ صورتحال ۾ پلجي وڏا ٿين ٿا ۽ وڏي هوندي خودغرضيءَ ۾ مبتلا ٿين ٿا، تنهن ضرور مغربي معاشري کي احساس ڏياريو هوندو، ته طلاق جو شوق کين مهانگو پيو. آسٽريليا ۾ صورتحال هيءَ آهي ته پنجاسي سيڪڙو عورتون طلاق يافته آهن، پر ڊاڪٽر شمل ۽ مسز زمان ٻنهي ان جي ابتڙ راءِ ڏني.
ڊاڪٽر شمل ٽين ڳالهه اهڙي ڪئي، جنهن جو مون وٽ ڪوبه جواب ڪونه هو. پڇيائين ته علامه اقبال پنجاب جي عظيم صوفي شاعرن جو ڪلام ته پڙهيو هوندو. مون چيو ته مان به ائين ئي سمجهان ٿو.
تڏهن وري پڇيائين ته پوءِ پنهنجي ڪلام ۾ پشتو شاعر خوشحال خان خٽڪ کي ته تعريف جوڳن لفظن ۾ ياد ڪيو اٿس. پر، ڪنهن به پنجابي صوفي شاعر جو نالو ڪونه کنيو اٿس؟ سو، ڇو؟“
حقيقت اها ئي آهي. بابا فريد، بلي شاهه، وارث شاهه يا شاهه حُسين جي عظمت کان ڪوبه انڪار ڪونهي. خيرپور ۾ سچل سيمينار ٿيو، جنهن لاءِ مون خيرپور يونيورسٽيءَ کي ايڪيڊميءَ مان ٻه لک رپيا ادبي امداد ڏني. سيمينار جي خاتمي تي، ”سوالن ۽ جوابن“ وارو اجلاس ٿيو. مون پنجاب مان آيل وفد جي اڳواڻ شفقت تنوير مرزا کان ساڳيو سوال ڪيو. مُنجهي پيو. اسٽيج تي آيو. ائين چئي جان ڇڏايائين ته، ”انهيءَ سوال جو جواب ته آگري صاحب کي اسان کي سمجهائڻ کپي. هُو وري الٽو اسان کان پڇي رهيو آهي.“
ٻئي موقعي تي مون ساڳيو سوال جسٽس جاويد اقبال کان ڪيو. هن چيو ته، ”علامه اقبال شوڪتِ اسلام جو قائل هو.“
بهرحال، اسان ائين ڳالهيون ڪندا، ڪينجهر ڍنڍ وٽ اچي پهتاسين. ڪلچر کاتي VIP ريسٽ هائوس بدران، هڪ HUT ۾ بندوبست ڪيو هو. جنهن ۾ پلنگ ٻن پاون ۽ ٻن پٿرن تي بيٺل هو ڇو ته ٻه پاوا ڀڳل هئس. ٽي.وي. ڪيس موجود هو. ليڪن، منجهس ٽي.وي. غائب هئي. HUT جو حال بيوس جي شعر جو عڪس هو: الا، جُهري مَ شال، غريبن جي جهوپڙي!
صبر کان سواءِ ٻيو رستو ڪونه هو. هٿ منهن ڌوئي، مانيءَ جا ٻه گرهه جهڙا تهڙا وجهي ڪينجهر ۾ مائيءَ نوريءَ جي تربت، مڪليءَ ۾ پير صاحب جي مزار تي حاضري ڏئي، حيدرآباد هليا آياسين.
مون حيدرآباد ۾ ڊاڪٽر شمل ۽ مسز زمان جي ٽڪڻ لاءِ ”انڊس هوٽل“ ۾ وي.آئي.پي. ڪمرا ورتا. مهانگا پر سٺا هئا. معزز مهمانن جي رهڻ لائق هئا.
ڊاڪٽر شمل صبح سان اوچتو چيو ته، ”رباني، شاهه سائينءَ جي مزار تي حاضري ڏئي اچون.“ سو، ڀٽ شاهه هليا وياسين. شاهه سائينءَ جي مزار مبارڪ تي حاضري ڏيئي، ريسٽ هائوس ۾ اچي لنچ کاڌيسون. اتي مسٽر حميد آخوند، تڏهوڪو سيڪريٽري ڪلچر پاڻ به اچي ڊاڪٽر شمل سان مليو. اڃا اٿيو، ته ڊاڪٽر شمل اوچتو مون کي هالا هلڻ لاءِ ڪَنَ ۾ سرٻاٽ ڪيو.
مان منجهي پيس. ڊاڪٽر شمل کان ڪلاڪ کن جي اجازت ورتم. فون تي وٺ وٺان ڪري، هالن ۾ پنهنجي دوست منگهن مل جي مائٽن کي ڄاڻ ڪيم، جن سڄو بندوسبت ڪري ڇڏيو. ڊاڪٽر شمل هالين پهتي، ته گلن جي هارن ۽ دهلن دمامن سان سندس استقبال ٿيو. شاهي بزار گهميائين، ته کيس ڏسڻ لاءِ ماڻهن جا هجوم گڏ ٿي ويا. دڪانن تي چڙهي، ته منهنجن دوستن سندس اڳيان سنڌي سوکڙين جا ڍير ڪري ڇڏيا.
حيدرآباد ۾ ڊاڪٽر شمل جي دوري جا مکيه پروگرام ٻه هئا: هڪ ليڪچر ۽ ٻيو ڪل سنڌ خواتين مشاعري جي صدارت. ٻنهي جو انتظام، سنڌي ادبي بورڊ ۽ ڪلچر کاتي گڏ ڪيو هو.
حيدرآباد ۾ ڊاڪٽر شمل جو دورو پورو ٿيو، ته اسان ڪراچيءَ موٽياسين. سڌو وڃي نواب يوسف ٽالپر جي بنگلي تي لٿاسين. سندس بيگم صاحبه ڪجهه سال اڳ ڊاڪٽر شمل سان متعارف ٿيل هئي، سو، هيئن جو جرمنيءَ جو صدر، پاڪستان جي دوري تي آيو هو، ته حڪومت پاڪستان، جرمن صدر جي اهليه جي LADY IN WAITING جا فرائض بيگم يوسف ٽالپر کي سونپيا هئا. ڊاڪٽر شمل به ان موقعي تي پنهنجي صدر جي وفد ۾ شامل هئي.
اسان يوسف ٽالپر صاحب جي بنگلي تي پهتاسين. هن ۽ سندس بيگم مرحبا ڪئي ۽ خوش خير عافيت ڪري، ميز تي ماني رکائي. جهڙي شاندار لنچ کارايائون، اهڙي ئي يادگار ڪچهري ڪيائون. موڪلائڻ مهل نواب يوسف ٽالپر، ڊاڪٽر شمل سان پنهنجي بيگم صاحبه جي هڪ تصوير AUTOGRAPH ڪرائڻ لاءِ ڏني، جا مون ڊاڪٽر شمل کان، هوٽل تي ڪرائي، کين بر وقت گهر موڪلي ڏني.
ڊاڪٽر شمل اتان سڌو شيرٽن هوٽل تي هلڻ لاءِ چيو. مسز زمان موڪلائي، پنهنجي گهر رواني ٿي. مان ڊاڪٽر شمل کي سندس ڪمري ۾ پهچائي صبح جو پروگرام پڇيو. چيائين ته، ”اقبال ايڪيڊميءَ جي جلسي لاءِ صبح جو سوير پهرينءَ فلائيٽ ۾ لاهور وڃڻو اٿم. سو، تون ڀلي حيدرآباد وڃ.“
ڊاڪٽر شمل سان اها منهنجي آخري ملاقات هئي ۽ سنڌ جو اهو سندس آخرين ديدار هو.
ڊاڪٽر شمل ڪراچيءَ مان لاهور وئي. اتان اقبال ايڪيڊميءَ جو جلسو ڪري جرمنيءَ وئي. پر، قدرت خدا جي جو پنهنجي گهر ۾ پهتي، ته پير ترڪي ويس. ڍاڪ جو هڏو ڀڄي پيس، هوش ۾ آئي ۽ چاق ٿي ته ايران سرڪار جي دعوت تي تهران هلي وئي.
يورپ ۾ ملعون سلمان راشدي ساڻس اٽڪيو، ته اسلام جي ايتري ثنا خواني ڇو ٿي ڪرين! پر، ڊاڪٽر شمل ماري مڃايس. سو، ايراني حڪومت ڏاڍي خوش ٿي. تهران پهتي ته تمام وڏي عزت ڪيائونس. موٽي جرمنيءَ پهتي ته دوستن کي خوشيءَ جا خط لکيائين. پر، ستت وري غلسخاني ۾ پير ترڪي ويس. ٻيو آپريشن ٿيس. پر، ڪامياب ڪونه ٿيو. بيهوشيءَ ۾ ئي دم ڏنائين.
چَون ٿا ته سڪرات ۾ هئي ته فقط هڪ لفظ سندس چپن تي آيو: ”امان.“ سندس ماءُ ڪي سال ٿيا جو فوت ٿي وئي هئي. ڪئرن کان اها ڳالهه ٻڌي، دل ۾ چيم ته مرڻ مهل به ڪير ياد اچي ٿو؟ ماءُ ڪيڏي نه عظيم هستي آهي!
هاڻي، جڏهن ڊاڪٽر شمل هن جهان ۾ موجود ڪانه آهي، تڏهن سندس ڳالهيون ياد اينديون اٿم. سڀ کان اول هيءَ ته سندس وطن جرمني هئو، پر پاڪستان گويا سندس ٻيو وطن هو ۽ سنڌ ٻيو گهر. هونئن، ملڪ جي چئن ئي صوبن جي ننڍن وڏن شهرن ۾ سندس بيشمار مداح موجود هئا. سنڌ جي ماڻهن سان بي پناهه محبت هئس. ڀٽائيءَ جي ٻوليءَ ۾ چئبو ته:

”سنهيءَ سئيءَ سبيو، مون مارن سين ساهه.“

هڪ ڀيري لاهور ۾ گورنر هائوس مان ايئرپورٽ وڃي رهيا هئاسون. چيائين ته، ”رباني، جهاز ۾ اڃا ڪجهه ٽائيم آهي. پاڻ جيڪر ميان مير جي درگاهه تي حاضري ڏئي اچون. پنهنجو سنڌي آهي.“ سندس اها ڳالهه ياد ايندي اٿم، ته سوچيندو آهيان ته سنڌ جي گهڻن ماڻهن کي اهو احساس آهي ته ”ميان مير، اسان جو پنهنجو سنڌي آهي.“
ميان مير، ٽن مغل بادشاهن جهانگير، شاهجهان ۽ دارا جو مرشد هو. دارا سندس حياتيءَ جو احوال فارسيءَ ۾ لکيو آهي، جو اردوءَ ۾ ترجمو ٿي ڇپيو آهي. مير محمد نالو هئس. سادگي پسند هو. گهڻو وقت عبادت ۽ رياضت ۾ گذاريندو هو. سيوهڻ ۾ رهندو هو. قلندر لعل شهباز جو عقيدتمند هو. سنڌ مان علم جي تحصيل لاءِ ملتان ۽ لاهور ويو، اتي ئي ٽڪي پيو ۽ وفات ڪيائين. دارا سندس مقبري جي تعمير شروع ڪرائي، جيڪا اورنگزيب مڪمل ڪرائي. انگريزن جي حڪومت ۾ ”لاهور جي ڪئنٽ ريلوائي اسٽيشن“ ۽ ”جمخاني“ کي ميان مير جي نالي تي سڏيندا هئا. مان لاهور ويندو آهيان ته ڪڏهن ڪڏهن لاهور ۾ سندس مزار تي حاضري ڏيندو آهيان.
هڪ دفعي مون ڊاڪٽر شمل کان پڇيو ته سنڌ ۾ ”تصوف“ جيڪا غير معمولي ڪاميابي حاصل ڪئي، اهڙو مثال اوهان ٻئي ڪنهن هنڌ به ڏٺو؟ مثلاً، سنڌ ۾ ڪي هندو مريد پنهنجي مسلمان مرشد کان وظيفا وٺي، انهن جو ذڪر ڪندا، ڪي ته وفات کان پوءِ پاڻ کي مرشد جي قدمن ۾ پورائيندا آهن. سچل جي پيرانديءَ ۾ نماڻي فقير جي تربت آهي، جيڪا هندو عورت هئي ۽ سچل سائينءَ جي مريد هئي.“
جواب ڏنائين ته، ”ڪٿي به نه.“
ڊاڪٽر شمل عقيدي جي لحاظ کان عيسائي هئي يا مسلمان؟ ان باري ۾ منهنجو خيال آهي ته صوفي مزاج جي هئي. تصوف هر مذهب ۾ موجود آهي، پر هوءَ اسلامي تصوف ڏانهن مائل هئي. مولانا روميءَ، شاهه ڀٽائيءَ ۽ علامه اقبال سان وڏي دل هئس. روميءَ تي ته گهڻا ڪتاب لکيا اٿس. هميشه کيس ”اسان جو مولانا“ ڪوٺيندي هئي.
ڊاڪٽر شمل جي ڪوشش اها هئي ته عيسائي ۽ اسلامي تهذيبن جي وچ ۾ پل ٺاهيان، ته جيئن ٻنهي مذهبن جا پوئلڳ هڪٻئي جي ويجهو اچن. ان معاملي ۾ به پاڻ روميءَ جي پيروڪار هئي، جنهن جي روضي تي هڪ قول درج ٿيل آهي ته، ”تون عيسائي آهين يا مسلمان، منهنجا دروازا تو لاءِ کُليل آهن.“
ڊاڪٽر شمل به ”احترام آدميت“ کي اوليت ڏيندي هئي. رب پاڪ کي ”رب العالمين“ ئي سمجهندي هئي.
هڪ دفعي چيائين ته، ”رباني، هر انسان وانگر مان به ڪڏهن ڪڏهن اوکيءَ ۾ هوندي آهيان، ته تسبيح تي، رب پاڪ جي ”اسماءُ الحسنيٰ“ جو ذڪر ڪندي آهيان. ڀلا، توکي خبر آهي ته تسبيح کي انگريزيءَ ۾ ڇا چوندا آهن؟
مون چيو ته، ”نه“.
چيائين ته: “ROSARY”.
پاڪستان جي عالمن ۽ اديبن سان محبت هئس. ليڪن، پير سائين حسام الدين راشديءَ سان ٻٽيهه دليون هئس. پير صاحب اسان کي ٻڌايو ته ارڙنهن ٻوليون ڄاڻندي هئي. جرمن ته سندس مادري زبان هئي، پر انگريزي تمام آسانيءَ ۽ روانيءَ سان ڳالهائيندي هئي ۽ ڪجهه فرينچ پڻ. هڪ حد تائين عربي به ڳالهائي ويندي هئي. عربي پڙهڻ تي مڪمل عبور هئس. ترڪي سٺي ڄاڻندي هئي. فارسي تي به وڏو عبور حاصل هئس. اردو ۽ سنڌي لکي پڙهي ويندي هئي ۽ ڪي ڪي جملا به ڳالهائي ويندي هئي.
سنڌ سان محبت پير صاحب جي ڪري ٿيس. پير صاحب سان ايڏي ته دل هئس جو هڪ ڀيري خواهش ظاهر ڪئي هئائين ته، ”مُئي پڄاڻان مون کي پير صاحب جي پاسي ۾ دفن ڪجي.“ پر، قسمت سندس اها خواهش پوري ڪانه ڪئي. جرمنيءَ ۾ ئي بيهوشيءَ جي حالت ۾ دم ڏنائين.
ڊاڪٽر شمل ڪراچيءَ ۾، گهڻو ڪري، پير صاحب جي گهر ٽِڪندي هئي ۽ ڪڏهن پيار علي الانا جي گهر. لاهور ۾ جسٽس جاويد اقبال جي گهر ۽ اسلام آباد ۾ جرمن سفير وٽ رهندي هئي. ڪوشش ڪري، سٺيءَ کان سٺيءَ هوٽل ۾ به ٽڪڻ کان پاسو ڪندي هئي. پر، جي هوٽل ۾ ٽڪڻو پوندو هئس، ته ڪمري ۾ داخل ٿيڻ شرط اول ايئرڪنڊيشنر بند ڪندي هئي، جو کيس ڀانءِ ڪونه پوندو هو.
صدر ۽ وزيراعظم پاڪستان جي سرڪاري دعوتن ۾ يورپي لباس پائيندي هئي. مثال طور، محمد خان جوڻيجي، وزيراعظم پاڪستان جي ڊنر ۾ مون سان گڏ هلي هئي. نيوي بلو رنگ جي اسڪرٽ ۽ جئڪيٽ پاتو هئائين، هونئن، پاڪستان ۾ عام طرح شلوار قميص پائيندي هئي. اسلام آباد ۾ مسز ثريا فرمان شاهه، مسز قيصرا علوي ۽ حيدرآباد ۾، ڊاڪٽر نسرين جوڻيجو کيس شلوار قميص سبي ڏينديون هيون.
حڪومت پاڪستان کيس سنه 1966ع ۾”ستاره قائداعظم“ ڏنو ۽ سنه 1997ع ۾ ”بين الاقوامي اقبال ايوارڊ“ ۽ سون جو تمغو ڏنو.
اسي ورهين جي ٿي، ته جرمنيءَ جي بون شهر ۾، (GOLDEN-BOOk) ۾ سندس نالو درج ڪيائون، جيڪو اتان جو غير معمولي اعزاز آهي.
هڪ ڀيري سبيءَ ۾ هئاسين ته ڪنڌ مٿي کڻي، تارن ڀرئي آسمان ڏي نهاري، ٿڌو ساهه ڀريائين.
مون چيو ته، ”ڊاڪٽر صاحبه، خير؟“
ڏک مان چيائين ته، ”رباني، منهنجا سڀ پيارا دوست هاڻي آسمان تي آهن!“
ڊاڪٽر شمل جنوري 2003ع تي هي جهان ڇڏيو. (سندس ڄم جي تاريخ 7- اپريل سنه 1922 آهي.) سندس مان ۾، آڪٽوبر 2003ع تي لنڊن ۾ اقبال ايڪيڊميءَ جي تعاون سان هڪ بين الاقوامي سيمينار ٿيو، جنهن ۾ سندس عقيدتمندن ۾ اردن جو هز رايل هاءِ نيس، پرنس حسن بن طلال، جرمن عالم هبهم، مسز پاڪيزه بيگ- وچ ايشيا جي هڪ عالم خاتون، ازبيڪستان جو پروفيسر رضا سلطانوف، ڊئوڊ ميٿيوز ۽ بين الاقوامي شهرت جا ٻيا ڪيترائي عالم شريڪ ٿيا ۽ کيس زبردست خراج عقيدت پيش ڪيائون. انهيءَ بين الاقوامي سيمينار ۾ پروفيسر برزائين واگمار نالي، اسڪول آف آفريڪن ۽ ايشين اسٽيڊيز يورنيوسٽي آف لنڊن جي مشهور محقق، اسلاميات جي ماهر، مصنف ۽ مترجم ڊاڪٽر شمل جي علمي خدمتن تي جيڪو مقالو پڙهيو، تنهن ۾ سندس تصنيفات جو ذڪر ڪندي چيائين ته:
”هوءَ پاڪستان سان علامه اقبال جي تصنيف ”جاويد نامه“ جي جرمن ۽ ترڪي ترجمن ڪري متعارف ٿي. اها سنه 1938ع جي ڳالهه آهي.
سنه 1958ع ۾ هوءَ پهريون دفعو پاڪستان وئي ته سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب ۾ دلچسپي ورتائين، جنهن جو مکيه سبب، سنڌي محقق پير حسام الدين راشديءَ سان سندس دوستي هئي.
ڊاڪٽر شمل هندستان ۾ مغل دور جي ٻن وڏن صوفي شاعرن يعني سنڌ جي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ (ولادت 1689ع ۽ وفات 1752ع) ۽ دهليءَ جي خواجه مير درد (ولادت 1721ع ۽ وفات 1785) تي انگريزيءَ ۾ هڪ ڪتاب PAIN AND GRACE جي نالي سان لکيو. جنهن جو انتساب پير حسام الدين راشديءَ ڏانهن ڪيائين.“
ڊاڪٽر واگمار پنهنجي مقالي ۾ ”مڪلي ٽڪريءَ“ تي ڊاڪٽر شمل جي ڏنل ”پير حسام الدين راشدي ليڪچر“ جو پڻ ذڪر ڪيو، جيڪو يوروپي زبانن ۾ پنهنجيءَ نوعيت جو پهريون پهريون علمي اڀياس هو.
اهڙيءَ ريت، ڊاڪٽر واگمار منهنجيءَ تجويز تي سنڌي ادبي بورڊ طرفان سنڌ تي ڇپيل ڊاڪٽر شمل جي ڪتاب PEARLS FROM THE INDUS جو پڻ ذڪر ڪيو.
ڊاڪٽر شمل جي وفات تي، سنڌ ۾ ٻه تعزيتي جلسا ٿيا ۽ ٻئي حيدرآباد ۾ ٿيا: هڪ سنڌ يونيورسٽيءَ طرفان انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جي آڊيٽوريم ۾ ۽ ٻيو سنڌ ميوزيم ۾، جنهن ۾ گل محمد عمراڻي صاحب وڏو بهرو ورتو، ڀٽ شاهه سينٽر ڪوبه جلسو ڪونه ڪيو، توڙي جو ڊاڪٽر شمل، شاهه سائينءَ تي تحقيقي ڪم ڪيو هو.
ٽيون تعزيتي جلسو پنجاب ۾ اقبال ايڪيڊميءَ لاهور ۾ ڪيو. مون کي ”خاص مهمان“ طور سڏيائون. صدارت جسٽس جاويد اقبال ڪئي. سندس بيگم جسٽس ناصره صاحبه به موجود هئي، تنهن مون کي چيو ته: ”مڪليءَ تي جتي کيس دفن ٿيڻ جي خواهش هئي، اتي سندس ياد ۾ جيڪڏهن ڪو خوبصورت ڪتبو لڳل هجي، ته ڏاڍو سٺو.“
تعزيتي جلسي کان پوءِ جسٽس جاويد اقبال جي گهر ۾ رات جو ميٽنگ ٿي ۽ مڪليءَ ۾ ڪتبي هڻڻ لاءِ تاريخ مقرر ٿي. ڊاڪٽر شمل جي فقط خاص خاص قريبي احبابن کي اطلاع ڏنائون. مرڪزي وزيرِ ثقافت کي سڄي انتظام لاءِ چيائون. لاهور مان جسٽس ناصره ۽ مسٽر سهيل عمر هوائي جهاز رستي آيا ۽ ڊاڪٽر شمل جي ٻين ڪن عقيدتمند دانشورن کي به وٺي آيا. حيدرآباد مان جويو صاحب، اعجاز قريشي، رياض آگرو، محمد علي ڏيپلائي ۽ ڪراچيءَ مان آغا نور محمد پٺاڻ، محبوب صادق ۽ حضور بخش آزاد جتوئي ٺٽي آيا. لنڊن مان حيدرآباد دکن جي نواب جو عزيز شهزادو محسن علي خان آيو. جرمن سفارتخاني جي نمائندگي هڪ اعليٰ عملدار ڪئي. آثار قديمه جا عملدار ۽ ٻيا ڪافي دوست آيا. ائين ڊاڪٽر شمل جا چڱا عقيدتمند مڪليءَ تي گڏ ٿي ويا.
مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي مزار جي برڪت ڀرئي احاطي ۾ سندس ياد ۾ تقريرون ٿيون. آثار قديمه کاتي سنگ مرمر جو سٺو ڪتبو ٺهرايو هو، جنهن جي نقاب ڪشائي ٿي ۽ مٿس گل پاشي ٿي. اسان مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ، پير سائين حسام الدين راشديءَ ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي مزارن تي به حاضري ڏني.
مڪليءَ ۾ اهو ڪتبو ڊاڪٽر شمل جي سنڌ سان محبت جو هڪ سهڻو تاريخي يادگار آهي. اقبال ايڪيڊميءَ انهيءَ نيڪ ڪم جو آغاز ڪيو ۽ ان کي مڪمل ڪيو. ان سان گڏ ٻيو به سٺو ڪم ڪيائين. سو هيءُ ته ڊاڪٽر شمل جي لکيل سمورن ڪتابن جي ببليوگرافي شايع ڪيائين. گويا، وري به اصل ڳالهه وڃي ٿي، ماڻهوءَ جي مزاج ۽ اخلاق جي، ته ڪير ڪنهن سان مُئي جيئري نڀائي ٿو!
ڊاڪٽر شمل هاڻي پنهنجي آبائي وطن جرمنيءَ جي بون شهر ۾ هڪ قبرستان جي سناٽي ۾ ابدي آرام ۾ آهي. هر غم ۽ هر خوشيءَ کان بي نياز! آسمان ۾ چوڏهينءَ جو چنڊ چمڪي ته ڇا ۽ جي اڻٽيهينءَ جي اوندهه هجي ته ڇا! ڪڪر ڪارونڀار ڪري اچن ۽ وڏ ڦڙا وسن ته ڇا ۽ جيڪڏهن مينهن موٽي وڃن ته ڇا!

ڌُريان ئي ڌارَ، جي قضا ڪپي اڌ ڪيا،
تن سُڪن ڪهڙي سارَ، ته اُٺا مينهن ملير ۾.

هـِتِ ”بقا“ فقط ”فنا“ کي آهي، ڇو ته هر ”وجود“ اڳي پوءِ ”عدم“ ۾ بدلجي وڃي ٿو، ڄڻ ته ڪڏهن هوئي ڪونه. قرآن ڪريم جو ارشاد آهي:
جيڪي به (زمين تي) آهي سو فنا ٿيڻ وارو آهي ۽ رڳو تنهنجي پالڻهار جو منهن قائم رهندو، جيڪو جلال ۽ ڪرم وارو آهي.
هن جهان جو معمو ته نه اڳي ڪنهن کي سمجهه ۾ آيو هو، ۽ نه وري هاڻي ڪنهن کي ڪا ڪل آهي. سراسر راز ۽ اسرار آهي. گذريل ويهينءَ صديءَ ۾، ڊاڪٽر شمل جي ئي هڪ جرمن هم وطن سائنسدان، آلبرٽ آئنسٽائين جي دنيا تي ڌاڪ هئي. پنهنجين يادگيرين جي ڪتاب ۾ هڪ هنڌ لکيو اٿس ته: ”هن جهان ۾ هر انسان فقط هڪ مختصر مسافريءَ لاءِ اچي ٿو. پر ڇو اچي ٿو ۽ ڇالاءِ اچي ٿو، تنهن جي ڪابه خبر ڪانهي؟“
اڪثر مسافر زندگيءَ جو بار، پنهنجن ڪلهن تي کڻي، دنيا جي صحرا ۾، هلندي هلندي گمناميءَ ۾ گم ٿي وڃن ٿا، پر ڪي پنهنجيءَ مختصر مسافريءَ کي به معنيٰ ڏين ٿا: مغربي محاوري موجب ”وقت جي واريءَ تي پنهنجن قدمن جا نشان ڇڏي وڃن ٿا.“ ڊاڪٽر شمل انهن ئي عظيم انسانن جي قبيلي مان هئي. هن زندگيءَ جي رهگذر تي، هلندي هلندي، قدم قدم تي پنهنجا يادگار ڇڏيا. يورپ جي تجلا ڏيندڙ شهرن مان هزارين ميل سفر ڪري اسان وٽ آئي ۽ هتان جي ٿَرن ۽ بَرن سان دل لاتائين، سنڌ جي ٻولي سکي، سنڌ جي شاعر، شاهه سائينءَ ۽ سنڌي علم ۽ ادب تي ڪتاب لکيائين. سونهاريءَ سنڌ کي مشرق ۽ مغرب ۾ اُجاري سوين چراغ ٻاري ڇڏيائين.
ڊاڪٽر شمل هاڻي هن جهان ۾ ڪانه آهي. پر، مبارڪ آهن اهي اکيون، جن کيس ڏٺو ۽ وڏا ڀاڳ تن جا، جن سندس گفتگو ۽ گفتار ٻڌي، ليڪن، سنڌ جي ايندڙ نسلن لاءِ هوءَ، مصر جي اهرامن وانگر، هيمشه پراسرار عظمت جو هڪ لافاني يادگار ٿي رهندي.

ايلسا قاضي

28 مئي 1967ع تي سنڌ جي مايه ناز مفڪر ۽ هر دلعزيز شخصيت علامه آءِ. آءِ. قاضي (مدظله) جي رفيقه حيات محترمه ايلسا قاضيءَ حيدرآباد ۾ پنهنجي رهائشگاهه بنگلي نمبر 37، سول لائين ۾ وفات ڪئي، مرحومه گهڻن ڏينهن کان عليل هئي، ملڪ جا بهترين ڊاڪٽر سندس علاج ۾ مصروف هئا، پر جڏهن حياتيءَ جا ڏينهڙا پڄي اچن ٿا، تڏهن ڪنهن به ويڄ جو دارون ڪارگر نٿو ٿئي، تنهن ڪري آچر جي رات، آڌيءَ ڌاري هن پنهنجي لائق ۽ فائق رفيق حيات علامه قاضي صاحب ۽ مڙني عقيدتمندن کان جي احترام ڪري کيس ’مدر‘ (امڙ) ڪوٺيندا هئا، هن جهان مان موڪلاڻيون ڪيون.

ولادت ۽ ننڍپڻ:
’مدر‘ جو پورو نالو هو ايلسا گرٽروڊ لائش (Elsa Gertrude Loesch)، هوءَ جرمن نسل جي هئي، سندس ولادت جرمنيءَ جي روڊل اسٽاٽ (Rudel Stadt) نالي هڪ ننڍي شهر ۾ 13 آڪٽوبر 1884ع تي ٿي. سندس والد محترم اعليٰ پايي جو موسيقار هو. هن جي مرضي هئي ته پنهنجيءَ نياڻيءَ کي به موسيقيءَ جي سکيا ڏئي. پر ’مدر‘جو ذهني لاڙو مصوريءَ ڏانهن هو، سو هن موسيقيءَ کان وڌيڪ تصويرڪشيءَ ۾ دلچسپي ورتي. ننڍڙيءَ ڄمار ۾، هن سڀ کان اول پنهنجي ئي هڪ تصوير آئيني ۾ عڪس ڏسي، تيار ڪئي. ستت پوءِ شعر ۾ دلچسپي ورتائين ۽ جرمن زبان ۾ ننڍڙا ننڍڙا نظم ٺاهڻ لڳي. (موسيقيءَ سان هن جو شغف بهرحال ننڍپڻ کان وٺي پيرسنيءَ تائين قائم رهيو. درحقيقت، آخري عمر ۾، هن جو چاهه موسيقيءَ ۾ گهڻو وڌي ويو هو.) جيئن جيئن تصويرڪشيءَ ۽ نظمن ٺاهڻ ۾ سندس مشق وڌندي ويئي، تيئن تيئن سندس نالو مشهور ٿيندو ويو.

علامه صاحب سان ملاقات ۽ شادي:
19 صديءَ جي آخر ۾، هنن جو خاندان جرمنيءَ مان لڏي انگلنڊ آيو. هو لنڊن جي پسگردائيءَ ۾ ڊلوچ (Dulwich) ۾ گهر ڪري اچي ويٺا. اتي ئي علامه صاحب جي پنهنجي آئينده-رفيقه حيات سان پهرين ملاقات ٿي. علامه صاحب جن تن ڏينهن ۾ لنڊن ۾ بئريسٽريءَ لاءِ ويل هئا. سندن رهائشگاهه پڻ ڊلوچ ۾ هئي. هڪ ڏينهن جيئن پاڻ بَس ۾ سوار ٿيڻ لاءِ بس اسٽاپ تي آيا، ته کين سامهون هڪ نوجوان ڇوڪري نظر آئي. انگلنڊ ۽ ٻين مغربي ملڪن ۾ ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا عام جام پيا هڪٻئي سان ملن ڳالهائن؛ تنهن ڪري بس اسٽاپ تي هڪ ڇوڪريءَ سان ملڻ سندن لاءِ هڪ رواجي ڳالهه هئي، پر قبله علامه صاحب جن جو چوڻ آهي ته، ” جيئن ئي اسان ٻنهي هڪٻئي کي ڏٺو ته الائجي ڇو مون کي انهيءَ گهڙيءَ ئي دل ۾ ويهي ويو ته اسان ٻنهي کي زندگي گڏ گذارڻي آهي.“ اڳتي هلي ٿيو به ائين. ان ملاقات کان پوءِ سندن ٻي ملاقات ڊلوچ جي ريلوائي اسٽِشن تي ٿي، جنهن کان پوءِ هنن جي هڪٻئي سان ڏيٺ ويٺ گَهرَي ٿي ۽ آخر ڪار هنن شادي ڪئي.

انگريزي زبان ۾ تصنيف تاليف:
شاديءَ کان پوءِ علامه صاحب پنهنجي رفيقهءِ حيات کي مشورو ڏنو ته جيئن ته اڳتي هلي کين سنڌ ۾ رهڻو آهي، جتي جرمن نه پر انگريزي زبان مروج آهي، ان ڪري هُوءَ جرمن بدران انگريزيءَ ۾ تصنيف تاليف ڪري. قبله علامه صاحب جو چوڻ آهي ته، ”انهن ڏينهن ۾ ايلسا کي انگريزي زبان ايتري به ڪانه ايندي هئي، جو ان ۾ آسانيءَ سان گفتگو ڪري سگهي، پر ذهين ۽ شوق واري ماڻهوءَ اڳيان ڪابه ڳالهه مشڪل نه آهي. سو هن ستت ئي انگريزيءَ تي ايترو عبور حاصل ڪيو، جو ان ۾ شعر چوڻ لڳي.“- سنه 1910ع ۾، لائيپزگ جي هڪ مشهور ناشر ’مدر‘ جا پنج ڪتاب: هڪ ناٽڪ جو، ٻه شعر جا، هڪ نثر ۾ رومانس ۽ هڪ سوانح جو ڪتاب شايع ڪيا. اهي سڀئي ڪتاب سندس اوائلي جرمن تحريرن جا هئا.

سنڌ ۾ اچڻ:
سنه 1911ع ۾ علامه صاحب ۽ ’مدر‘ سنڌ ۾ آيا. علامه صاحب جن جي والد بزرگوار رئيس مرحوم قاضي امام علي صاحب پنهنجي پياري پٽ ۽ نُنهن جي رهائش لاءِ حيدرآباد جي لائينس علائقي ۾ 3 نمبر بنگلو اڳي ئي خريد ڪري ڇڏيو هو. چنانچه، هو ٻيئي ان ۾ ئي اچي رهيا.
حيدرآباد ۾ سڪونت اختيار ڪرڻ بعد ’مدر‘ پهريون دفعو پنهنجو انگريزي شعر اشاعت لاءِ اخبارن ڏانهن موڪلڻ شروع ڪيو، جو ان زماني جي مکيه اخبارن ۽ رسالن ’ڊيلي گزيٽ‘، ’ايسٽ ائنڊ ويسٽ‘، ڊي. جي. سنڌ ڪاليج مخزن ۽ ’ڊيلي آبزرور‘ ۾ شايع ٿيڻ لڳو. ’ڊيلي گزيٽ‘ جي ايڊيٽر ته ’مدر‘ جي شعر لاءِ پنهنجيءَ اخبار ۾ هڪ خاص جاءِ مقرر ڪري ڇڏي. ’ايسٽ ائنڊ ويسٽ‘ ۾ ’مدر‘ جو پردي بابت هڪ مضمون پڻ شايع ٿيو.
1914ع ۾ جڏهن پهرين مهاڀاري لڙائي لڳي ته علامه صاحب ۽ ’مدر‘ انگلنڊ هليا ويا ۽ 1914ع کان 1920ع تائين اتي رهيا. انهيءَ عرصي ۾ ’مدر‘ انگريزيءَ ۾ ايترو شعر لکي ويئي، جو ان جو هڪ قابل اشاعت مجموعو تيار ٿي ويو. بعد ۾ اهو حيدرآباد جي اسٽئنڊرڊ پرنٽنگ ورڪس جي مسٽر آر. ايڇ. آڏواڻيءَ سهڻي نموني ۾ ڇپي پڌرو ڪيو.
ڪتاب جو نالو: ”AEOLIAN NOTES OF AN OVER-STRUNG LYRE “
رکيو ويو. اهو ’مدر‘ جو انگريزيءَ ۾ پهريون ڪتاب هو. ڪتاب جي منڍ ۾ هيءُ نظم ڏنل آهي:

LOVE AND FEAR
The Crimson Secret of the rose,
Did make my heart with passion bleed;
The hoary mystery of the moon,
Did pale my heart with fear indeed.
And since I kissed the rose at morn,
And felt at night moon`s eerie ray-
I love and fear, and fear and love
Until their Secrets they may say.

۽ ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾ هيءَ دعا آهي:

PRAYER.
Thou spirit of the infinite;
Thou great, eternal, beauteous Light;
To Thee I call; I thee implore.
O give me ‘Love’ to love ‘Thee’ more.
To love all things that ‘Thou’ hast made;
The modest violet in the shade;
The brilliant tulip in the sun,
The shaggy thistle loved by none.
The lorn, the wretched and the old;
The stone, with heart so hard and cold.
The rose`s softness and her thorn;
Life`s sweetness, and life`s bitter scorn.
O grant me ‘Love’; aye, Love so great
That wooing turn to ‘Love’ all ‘Hate’:
That ever serves; that ever kneels;
And thus enthralled ‘Thy’ presence feels.

ڪراچي، حيدرآباد، ٽنڊي محمد خان ۽ خيرپور ۾ رهائش:
1921ع ۾، علامه صاحب ۽ ’مدر‘ موٽي سنڌ ۾ آيا. علامه صاحب کي سندس عزيزن ۽ احبابن مشورو ڏنو ته ذريعه معاش لاءِ ڪانه ڪا مشغولي اختيار ڪريو. علامه صاحب جن کي ڪنهن به پورهئي ڪرڻ کان عار ڪونه هو، پر وڪالت ڪرڻ تي سندن دل اصل ڪانه هئي. ساڳئي وقت ڪنهن به ملازمت لاءِ ’درخواست ڏيڻ‘ واسطي پاڻ تيار نه هئا. سندن دوست عزيز ۽ احباب اهو ڏسي هميشه سندن لاءِ دلپسند مشغوليون پيدا ڪندا هئا. چنانچه، علامه صاحب جن ڪجھه وقت ٽنڊي محمد خان ۾ سب جج رهيا، ان کان پوءِ خيرپور ۾ اول ڊسٽرڪٽ جج ۽ بعد ۾ ميرعلي نواز خان جي اصرار تي رياست جي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل ۾ هوم ميمبر جي عهدي تي رهيا، ۽ ڪجهه وقت حيدرآباد ۾ پبلڪ پراسيڪيوٽر جي عهدي تي رهيا. انهيءَ عرصي ۾ ڪيترائي دفعا انگلنڊ آيا ويا ۽ سالن جا سال اتي رهيا. اهو سمورو عرصو بهرحال ’مدر‘ ۽ پاڻ هر هنڌ_ٽنڊي محمد خان ۾، خيرپور ۾، حيدرآباد ۾، ڪراچيءَ ۾ ۽ لنڊن ۾ گڏ گذاريائون. ’مدر‘ جا ڪيترا اهڙا نظم آهن، جن ۾ هن انهن شهرن جا نالا آندا آهن ۽ انهن جو ذڪر ڪيو آهي.__انهيءَ وقت تائين ’مدر‘ انگريزي زبان جي هڪ مستند شاعره ۽ اديبه تسليم ٿي چڪي هئي. ملڪ جي ڪا اهڙي مکيه اخبار ڪانه هوندي هئي، جا کانئس تحرير نه گهرندي هئي. ڪلڪتي جي مشهور اخبار ’اسٽيٽسمن‘ هيڪر سندس هڪ نظم ’مسلم آئوٽ لڪ‘ تان کڻي شايع ڪيو ۽ ادارتي نوٽ ڏنو ته ”هن نظم جي اشاعت لاءِ اسان هڪ ننڍيءَ اخبار جو شڪريو مڃڻ ضروري نٿا سمجھون.“ اڪثر اخبارن جا ايڊيٽر ’مدر‘ کي پنهنجي ادارتي نوٽن ۾ ”اسان جي شاعر“ ڪري لکندا هئا.
1937ع ۾ علامه صاحب ۽ ’مدر‘ انگلنڊ مان موٽي آيا، ته ڪن خاندانن کين گذارش ڪئي ته اسان جي ٻارن کي تربيت ڏيو. چنانچه، هنن ڪراچيءَ ۾ ’پسٽنجي هائوس‘۾ سڪونت اختيار ڪئي، جتي سنڌ جي گهڻن ئي خاندانن جا ٻار وٽن رهندا هئا. انهن ٻارن جي ايڏي ته پيار سان پرورش ڪيائون، جو هنن کي پنهنجي والدين جي جدائيءَ جو احساس به نه رهيو ۽ ورهيه پوءِ جڏهن اهي ٻار جوان ٿيا ۽ خود شاديون ڪري ٻارن وارا ٿيا، ته علامه صاحب ۽ ’مدر‘ کي اڳي وانگر پنهنجي ابي امان مثل سمجهندا رهيا.
1947ع ۾ جڏهن هندستان جو ورهاڱو ٿيو ۽ پاڪستان قائم ٿيو، ته علامه صاحب ۽ ’مدر‘ انگلنڊ هليا ويا ۽ اتي وڃي رهيا. سنه 1951ع ۾ انگلنڊ مان موٽيا ۽ حضرت علامه صاحب جن سنڌ يونيورسٽيءَ جا وائيس چانسلر مقرر ٿيا. سنڌ يونيورسٽيءَ کي حيدرآباد منتقل ڪيو ويو ۽ علامه صاحب جن ان کي هڪ ”مثالي يونيورسٽي“ بڻائڻ جي ڪم ۾ لڳي ويا. سول لائن جي 37 نمبر بنگلي ۾ سڪونت اختيار ڪيائون، جتي ’مدر‘ تادم حيات رهي.

مکيه شايع ٿيل ڪتاب:
سنڌ ۾ اچڻ بعد ’مدر‘ جيئن جرمن زبان ڇڏي انگريزي زبان ۾ لکڻ شروع ڪيو ته پوءِ هميشه ان ۾ ئي لکندي رهي. سندس لکيل ڪتابن، مضمونن، افسانن ۽ شعرن جو تعداد تمام وڏو آهي. هن جي شايع ٿيل ڪتابن ۾ مکيه هي آهن:

جرمن

1. Das Idol-a drama in verse.
2. Steigende und fallende Saleen_a romance in prose.
3. Erhards Leben und Ideal (in verse)
4. Lyrische und andere Gedichte.
5. Neue Gedichte.

انگريزي

1. Old English Garden Symphony – a novel dealing with English life before and through the two world wars.
2. Temptation – a drama of Sindh Life.
3. Civilization Through the Ages – dealing chiefly with History of Muslims in Europe.
4. Terrestrial and celestial echoes – dealing with local subjects as well.
5. Risalo of Shah Abdul Latif – Selections.

سنڌ جي هاڪاري شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي منتخب ڪلام جو منظوم انگريزي ترجمو سندس آخري شايع ٿيل ڪتاب آهي، جنهن جو مهاڳ جناب اي. ڪي. بروهيءَ لکيو آهي. اهو ڪم ’مدر‘ ۽ علامه صاحب، سنڌي ادبي بورڊ جي استدعا تي گڏجي هٿ ۾ کنيو هو. ان ڪتاب جي اشاعت بعد سنڌي ادبي بورڊ ’مدر‘ ۽ قبله علامه صاحب جي سمورن اڻ ڇپيل ۽ ڇپيل پر اڻلڀ ڪتابن کي شايع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، انهيءَ فيصلي موجب سردست ٻه ڪتاب پريس ۾ موڪليا ويا.

تصويرون:
تصنيفن وانگر ’مدر‘ جي ٺاهيل تصويرن جو تعداد پڻ تمام وڏو آهي. گهڻيون تصويرون ته ’مدر‘ پنهنجيءَ حياتيءَ ۾ ئي پنهنجي لاڳاپي وارن ملڪي ۽ غير ملڪي خاندانن کي تحفي طور ڏيئي ڇڏيون هيون، پر اڃا ڪي وڏيون (آدم قد) ۽ ڪي ننڍيون تصويرون بچيل آهن، جن سان سندن حيدرآباد واري رهائشگاهه بنگلي نمبر 37 سول لائينس جي ڊرائنگ روم سينگاريل آهي. انهيءَ ئي ڪمري ۾ ’مدر‘ جو پيانو به رکيل آهي، جنهن تي هوءَ موسيقيءَ جي مشق ڪندي رهندي هئي.

سڀاءُ ۽ سيرت:
اڪثر ڪري ذهين ماڻهو ڪنهن هڪڙي ئي فن ۾ ڪمال حاصل ڪندا آهن، پر ’مدر‘ کي فنونِ لطيفه جي مڙني مکيه شعبن، شعر، نثرنگاريءَ، مصوريءَ ۽ موسيقيءَ ۾ ڪمال حاصل هو. اها قدرت جي ڏات آهي، جا ورلي ڪنهن خوشنصيب کي عطا ٿئي ٿي.

اين سعادت بزور بازو نيست
اهڙو همه صفت فنڪار پنهنجي صلاحيت ۽ حاصلات تي جيترو فخر ڪري اوترو کيس جڳائي، پر ’مدر‘ جو سڀاءُ نرالو هو. هوءَ سراپا قرب ۽ نياز هئي ۽ ٻار وانگر معصوم هئي. غريبن ۽ هيڻن لاءِ هن جي دل سدائين پيار سان ڀرپور هئي. اخبار ۾ ڪا ڏک جهڙي ڳالهه پڙهندي هئي، ته ڏينهن جا ڏينهن ڪومايل رهندي هئي. پنهنجي بنگلي جي صحن ۾ بيٺل وڻن هيٺ پکين لاءِ پاڻ چوڳو ۽ پاڻي رکندي هئي. هڪ برسات جي مند ۾، صحن جي ڪنهن ڪنڊ ۾ ڪو جهنگلي ٻوٽو نڪتو، جنهن گل ڪيا. نوڪر، پنهنجي منهن، صفائيءَ جي خيال کان ٻوٽو پاڙان پٽي ڇڏيو.’مدر‘ کي ان ڳالهه ايڏو ته رنج رسايو، جو هن جي طبيعت ڪيترا ڏينهن ناساز رهي.
مون کي ’مدر‘ ۽ قبله علامه صاحب سان ميل ملاقات جو شرف سنڌي ادبي بورڊ طرفان سندن ڪتابن جي اشاعت جي سلسلي ۾ حاصل ٿيو، پر هيڪر ماڻهوءَ وٽن پير پاتو، ته هميشه لاءِ سندن قرب جي ڏوريءَ ۾ ٻڌجي ويو. ۽ پوءِ سندن خدمت ۾ حاضري ’روح جي راحت‘ ٿي. جي مون کان ڪڏهن وٿي پئجي ويئي، ته قبله علامه صاحب جن پاڻ فون تي ياد ڪندا. مدر ته ناراض ٿي ويندي هئي. هنن جي انهيءَ ئي قرب هر ڪنهن کي سندن گرويدو ڪري ڇڏيو هو.

تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا، زندان هزارين مان نه رڳو!

’مدر‘ جي علالت وارن ڏينهن ۾ ماڻهن جو اچڻ وڃڻ بند هو. چنانچه، مان به زيارت کان محروم رهيس. اوچتو 28- تاريخ ’مدر‘ جي وصال جي خبر پئي. اکيون اشڪبار ٿي ويون. شام جو مان ۽ گرامي صاحب بنگلي تي حاضر ٿياسون. ٻه ٽي عقيدتمند اڳيئي موجود هئا. ڊرائنگ روم ۾ قبله علامه صاحب جن پنهنجي مقرر صوفي تي ويٺل هئا. سندن ڀرسان ’مدر‘ جي ويهڻ وارو صوفو خالي ۽ اداس هو مون ان صوفي ڏي چتائي نهاريو، اکين اڳيان هڪ صورت آئي: ساڳيو مانوس دائمي مرڪ وارو چهرو، ساڳيا سونَ چانديءَ جهڙا اڇا ڀورا وار، سنهڙو فراڪ، پاسي ۾ پکو. آهستي آهستي صورت خلا ۾ تحليل ٿي ويئي. مون ٿڌو ساهه ڀريو. ڊرائنگ روم ۾ خاموشي ڇانيل هئي. قبله علامه صاحب ڪنڌ مٿي کنيو ۽ مون ڏي نهاريو چيو، ”ابا، رباني، ’ماءُ‘ کي وري نه ڏسندين!“ انهن اکرن ۾ ڪيڏو درد ۽ سوز سمايل هئو ۽ ان منهنجي دل تي ڪهڙو اثر ڪيو، سو مون کان ڪڏهن ڪونه وسرندو. مان خاموش رهيس. قبله علامه صاحب گهڙي رکي چيو، ”پوين ڏينهن ۾ هُوءَ هر ڪنهن کي ايئن چنبڙندي هئي، جو ڄڻ ته ان کان هميشه لاءِ جدا ٿيڻ واري آهي- ڪيئن رباني؟“ منهنجي اکين مان لڙڪ وهي آيا. ڊرائنگ روم ۾ وري خاموشي ڇانئجي ويئي. ڪجهه دير بعد اسان موڪلائڻ لاءِ اٿياسين ته هڪ ڄڻي قبله علامه صاحب کي چيو، ”سائين، اڄ پهرين رات آهي، جو اوهان اڪيلا هوندا. جيڪڏهن اجازت هجي ته اسان مان ڪو هت ٽڪي پئي.“ پاڻ جواب ۾ فرمايائون، ”ابا، اوهين ته ڪي ٻار آهيو. مان جڏهن ماڻهن سان هوندو آهيان ته اڪيلو هوندو آهيان ۽ جڏهن اڪيلو هوندو آهيان ته ماڻهن سان هوندو آهيان.“ اهي اکر حقيقت جا ترجمان هئا. قبله علامه صاحب ۽ ’مدر‘ تقريباً سٺ سال گڏ گذاريا ۽ اهڙيءَ مثالي محبت واري نموني گذاريا، جو موت جو مفاصلو سندن وچ ۾ وِيرِي وجهي ئي نه سگهندو.
هونئن به موت ڪڏهن به اعليٰ انسانن کي ماري نه سگهيو آهي. اهي پنهنجن ڪارنامن ۽ نيڪناميءَ سان هميشه ياد رهندا. ’مدر‘ ته اعليٰ انسانن ۾ به ممتاز مقام تي هئي. سندس خوبين، خصلتن ۽ نيڪ ڪارنامن جي هڪ سهڻي تصوير سنڌ يونيورسٽيءَ جي شعبه اردوءَ جي صدر ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان پنهنجي هڪ قطعه ۾ چٽي آهي، جنهن مان هن جي وفات جي تاريخ پڻ نڪري ٿي:

قطع تاريخ

آه آن مخدومهءِ ما ’ايلسا‘،
حب،حق هم داشت، حب، مصطفيٰ،
ماهري بوده به هر فنِ لطيف،
در نظافت بي مثال و بي مثيل،
همدم و دمسازِ ”علامه“ چو بود،
رافت و شفقت به هر کس داشته،
”مِثلُهاَلَم يُخلَق“ است از روئي امر،
1387 =1 + 1386 هه
(18- صفر)

شد به آن دنيا ز دنيائي سقيم،
بود قائم بر صراط، مستقيم،
عالمي بوده به هر علم نعيم،
در لطافت بي همال و بي سهيم،
واقفي بوده ز اسرار عليم،
بود بر خورد و کلان هردم رحيم،
ايلسا قاضي به جنت، شد مقيم.

1967ع
(28 – مئي)

سوڀو گيانچنداڻي

سنڌي زبان جو هڪ پراڻو پهاڪو آهي ته: ”لاڙڪاڻو، ساهه سيباڻو“.
لاڙڪاڻي ۽ شڪارپور واري پَٽَ تي قدرت جو واقعي وڏو ڪرم آهي. پنج هزار ورهيه اڳ به منجهس اتي ”موهن جي دڙي“ جهڙو عاليشان شهر هو، جنهن تي دنيا اڄ به اچرج ۾ آهي. اهڙا شهر جـِنَ ڪونه ٺاهيندا آهن. انسان اڏيندا آهن. سنڌ جي انهن عظيم انسانن کي جيترو ساراهجي، اوترو گهٽ آهي. پر ويجهڙائيءَ واري زماني ۾ به لاڙڪاڻي ۽ شڪارپور واري پٽَ جان محمد جوڻيجي، پير تراب علي شاهه ۽ شهيد الله بخش سومري جهڙا اعليٰ انسان پيدا ڪيا.
الله بخش سومري، انگريزن جي مرضيءَ جي خلاف مولانا عبيدالله سنڌيءَ جهڙي انقلابي اڳواڻ کي ڇٽيهن سالن جي جلاوطنيءَ کان پوءِ به رڳو پنهنجي دليريءَ سان واپس سنڌ ۾ آندو، توڙي جو انگريز حاڪم ان ڳالهه جي خلاف هئا.
هڪ دفعي مون رحيم بخش سومري کان پڇيو ته، ”اوهان جو والد صاحب مولانا عبيدالله جي استقبال لاءِ پاڻ ڪراچي جي بندرگاهه تي ويو هو؟“ چيائين ته، ”هائو، ڇو ته کيس انٽيليجنس وارن جي رپورٽ ملي هئي ته انگريز گورنر کيس ڪراچيءَ ۾ لهڻ سان ئي ٻيهر گرفتاريءَ جي سازش سٽي آهي. سو، بابا کي چيو ويو ته وزير اعليٰ جي موجودگيءَ ۾ اها سازش ڪامياب ڪانه ٿي سگهندي.“
مون مولانا تي بعد ۾ جيڪو لٽريچر پڙهيو آهي، تنهن مان معلوم ٿيو ته جڏهن مرحوم الله بخش سومري اهو احوال مولانا سنڌيءَ سان ڪيو ته هن کيس چيو ته، ”مان پاڻ ئي انهيءَ ڳالهه جو پهه ڪريان ٿو.“ ڪجهه ڏينهن رکي مولانا انگريز گورنر سان پاڻ وڃي ملاقات ڪئي ۽ کيس خاطري ڏنائين ته، ”منهنجي موجودگي اوهان لاءِ ڪوبه مسئلو پيدا ڪانه ڪندي.“ انگريز گورنر ڪجهه عرصو انهيءَ ڳالهه جي خاطري ڪئي. تڏهن اطمينان ٿيو.
دهليءَ ۾ انگريزن جي خلاف هندستان جي هندن ۽ مسلمانن جي ”اتحاد ڪانفرنس“ جي صدارت ڪئي ۽ سندن ڏنل لقب، ورائي کين منهن ۾ هنيائين. انگريزن وزيراعليٰ جي عهدي تان برطرف ڪيس، ته ان کي ليکيائين به ڪونه. پنهنجو ڪنڌ مٿي رکيائين. آخر، شهادت جو درجو پاتائين.
محمد ايوب کهڙو به لاڙڪاڻي واري پَٽَ جي پيداوار هو. سنڌ جو چيف منسٽر هو ته پاڪستان ٺهيو. هندستان مان مهاجر لڏي آيا. ڪراچيءَ ۾ هندن جي ملڪيتن تي قبضو ڪرڻ لاءِ فساد ڪيائون. کهڙي صاحب ڪن ڪلاڪن اندر ڪراچيءَ ۾ امن امان قائم ڪري ورتو. اهو ڏسي سازشين ماڳهن ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڪٽي ڌار ڪرڻ جي سـِٽ سٽي، ته کهڙو صاحب انهيءَ سازش جي خلاف به سخت مؤقف ورتو ۽ چيائين ته، ”ڪراچي شهر اسان سنڌين پنهنجي خون پسيني سان تعمير ڪيو آهي.“
لياقت عليءَ جي مرڪزي حڪومت جمهوريت جي نڙيءَ تي ننهن ڏيئي، کيس ڊسمس ڪيو ۽ قانون ٺاهيو ته ڪوبه سنڌي، پنجابي پٺاڻ يا بلوچ يا ٻيو ڪوبه پاڪستان جو اصلوڪو رهاڪو سنڌ جي ڪنهن به شهر ۾ ڪنهن به هندوءَ جي ڏهن هزارن کان مٿي واري جاءِ خريد ڪري ڪونه سگهندو. پر، ڪوبه مهاجر، اچي ٻه شاهد پيش ڪري ته کيس لکنو ۾ باغ هئا، جن جي قيمت هڪ ڪروڙ کان مٿي هئي ، ته هندوءَ جو اهو محل انهيءَ مهاجر کي الاٽ ٿيندو ائين سنڌ جا شهر راتو رات مهاجرن کي ملي ويا. ڪيترن ڪوڙن ڪليمن جا گهڻائي ڦاٽ ڦاٽا پر، ڪوبه داد فرياد ڪونه ٿيو. چون ٿا ته نيٺ ڪن پنجابي سياستدانن لياقت علي کي هٽائي پاور هٿ ڪرڻ جي سازش ڪئي. کيس راولپنديءَ ۾ جلسي ۾ گولي هڻي ماريو ويو. اقتدار مهاجرن جي هٿن مان نڪري، پنجابين ڏي ويو. جن 1955ع ۾ ننڍن صوبن ۾ پنهنجي ڦر لٽ لاءِ ون يونٽ ٺاهيو.
پيرزادي عبدالستار سنڌ جي مفاد لاءِ ون يونٽ جي مخالفت ڪئي ته پاڪستان جي مرڪزي حڪومت کيس به ڊسمس ڪيو. پيرزادي صاحب وڏ وزارت وڃائي ليڪن پيش ڪونه پيو. هو به ساڳئي پَٽَ جو هو. سکر جو رهاڪو هو. سکر، شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي وارا شهر ساڳئي پٽ ۾ آهن.
لاڙڪاڻي جي پَٽ پير علي محمد راشدي ۽ پير حسام الدين راشدي جهڙا ذهين اهل قلم پيدا ڪيا. ويجهي دور ۾ ذوالفقار علي ڀٽو پيدا ڪيو، جنهن جي ته اڄ به سڄيءَ دنيا ۾ ڌاڪ آهي.
لاڙڪاڻي ۽ شڪارپور واري پَٽ جا مڙئي مشاهيرَ بيٺل طبقي مان هئا. پر، سندن ئي قد قامت جو ٻيو هڪ شخص به لاڙڪاڻي واري تَرَ پيدا ڪيو، جنهن وچولي درجي جي هڪ هندو خاندان ۾ جنم ورتو. وڏو ٿيو، ته عمر جو ڪجهه عرصو بنگال ۾ ٽئگور جي ”شانتي نڪيتن“ ۾ تعليم ورتائين. ڪڏهن ڪڏهن اتان جون ڳالهيون ڪندو هو ته وڻن هيٺ ڪلاس ٿيندا هئا. ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گڏ پڙهندا هئا. وڏا وڏا پروفيسر پڙهائيندا هئا. هڪ دفعي ساليانو جلسو ٿيو. ٽئگور آيو. پر، ٻڍو ٿي ويو هو. جلسي هلندي، اهڙو ڪو ڪلام ٻڌائين، جو اچي روئڻ ۾ پيو. سندس وڏو ادب ۽ احترام هوندو هو. چوطرف سناٽو ٿي ويو ۽ جلسو ختم ٿي ويو.
سنڌ ورهاڱي کان پوءِ گهڻي قدر هندن کان خالي ٿي وئي، پر، سوڀو گيانچنداڻي پاڪستان ۾ رهيو ۽ سوشلزم جي سياست ڪندو رهيو. هاڻي ڪو شخص هندو هجي ۽ سياست ۾ به سرگرم رهي، ته چئبو ته شينهن جو جگر اٿس.
هڪ دفعي ڪنهن سنڌي تنظيم جي دعوت تي آمريڪا ويو. اتي سندس هڪڙو ميزبان کيس ريهي ريبي، ڪنهن اهڙيءَ ڌر سان ملائڻ لاءِ وٺي ويو، جيڪي سقراط ۽ بقراط جي قبيلي مان هئا. گفتگوءَ ۾ کيس حرفت بازيءَ سان گهڻئي لَمَ ڏنائون ته، ”اوهان سنڌي پاڪستان ۾ ڏاڍي عذاب ۾ آهيو. اوهان کي ڇا گهرجي؟“
هي يار سڄي ڳالهه کي سمجهي ويو. سو، کين چيائين ته، ”سنڌي برابر مظلوم آهن. پر، کين جيڪي ڪجهه گهرجي، سو پنهنجي ملڪ پاڪستان اندر گهرجي. سنڌي غيرن جي غلامي قبول ڪونه ڪندا.“
سوڀوگيانچنداڻي ڏوڪري تعلقي جي ٻنڊيءَ نالي ڳوٺ جو ويٺل آهي مون اهو ڳوٺ ڏٺو آهي. موهن جي دڙي کان گهڻو پري ڪونهي. سوڀي جي ضمير جي ۾ گويا پنجن هزارن سالن جي سنڌي تهذيب جي سرهاڻ آهي. هاڻي لاڙڪاڻي لڏي آيو آهي. سندس وڏو ڀاءُ ڪيول، خاندان جو ٻني ٻارو سنڀاليندو هو ۽ پنهنجي گهر سان گڏ، سوڀي جي گهر جي به سار سنڀال لهندو هو، ڇو ته سوڀي عمر جو وڏو عرصو سياست ڪئي ۽ اڪثر جيلن ۾ گذاريو.
1958ع ۾ ايوب خان واري زماني کان ڪجهه عرصو اڳ، منهنجي ساڻس ملاقات ٿي. ڪڏهن ۽ ڪاٿي ٿي، اهو ياد ڪونه اٿم. ڪو گهڻو عرصو ڪونه گذريو، ته گھرا گهاٽا ٿي وياسين. ڪو عرصو هو ڪراچيءَ جي ”سوامي نارائڻ مندر“ جي فلئٽ ۾ رهندو هو. پاڻ ته ستت گرفتار ٿي ويو. پر، سندس ٻار ٻچا پوءِ به ساڳئي فلئٽ ۾ رهندا هئا.
مان ڪراچيءَ ۾ ايس. ايم. ڪاليج ۾ پڙهندو هئس ۽ گذر سفر لاءِ نوڪري به ڪندو هئس. شهر جي گهميل آبهوا مون کي سنڌن جو سور ڪري وڌو، اهڙو جو هلڻ چلڻ کان چڪتو ٿي ويس ۽ بستري داخل ٿي ويس. سوڀي جي دوست ڊاڪٽر خورشيد (جيڪو ڪراچيءَ جي مشهور معروف ڊاڪٽر سعيد جو پٽ هو) جي علاج سان اٿڻ، وهڻ ۽ رڙهي، آفيس وڃڻ جهڙو ٿيس. پر، ڊاڪٽر منع ڪئي ته، ”گوشت کي هٿ نه لائجانءِ. فقط پاڻيءَ ۾ اُٻاريل ڀاڄيون کائجانءِ.“
ميٺارام هاسٽل ۾ رهندو هئس. کاڌي جي سمورن ڪلبن ۾ رڳو ڇيلي ۽ ڪڪڙ جا طعام تيار ٿيندا هئا. سڀ شاگرد انهن تي هري ويا هئا. انهيءَ صورتحال ۾ سوچيم ته ڪاڏي وڃان؟ سوڀي جي گهرواريءَ ليلان سان احوال ڪيم. خاطري ڏنائين ته، ”مان بندوبست ڪريان ٿي.“ پئسا مان ڏيندو هوس. ليلان اُٻاريل ڀاڄيون ٺاهي مهينن جا مهينا منهنجي پٽيوالي هٿ بورڊ جي آفيس ۾ موڪليندي هئي.
سوڀو خوشقسمت آهي جو وڏيءَ ڄمار ۽ گهڻن ئي سورن سهڻ کان پوءِ به سندس صحت هڪ حد تائين ٺيڪ آهي. ان جو هڪ سبب ته اهو آهي ته هو ذهني طرح دلير آهي. مون اڳي ئي چيو آهي ته کيس شينهن جو جگر آهي.
پير سائين حسام الدين شاهه راشدي NERVES جي اهميت ٻڌائڻ لاءِ اڪثر چوندو هو ته، ”ماڻهو رڳو آهي رڳون.“ سندس مطلب هو ته بهادري هڪ ”ذهني لاڙي“ جو نالو آهي. بَدن ذهن جي هٿ هيٺ آهي. ماڻهو ”ذهني طرح“ جنهن ڳالهه جو جيترو اثر وٺندو، اوترو اثر سندس بدن تي پوندو.
ڪنهن جنگ ۾ ترڪن جي فوج دشمن جي چنبي ۾ اچي وئي. سندن اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال پاشا کي اطلاع مليو. هو ان مهل بُڪيءَ جي سور ڪري، ڦٿڪي رهيو هو. پر خبر ٻڌي، فوجي يونيفارم پاتائين ۽ گهوڙي تي سوار ٿي، جنگ جي ميدان تي پهتو. ترڪ فوج کيس ڏٺو، ته منجهس بجليءَ جي لَهَر ڊوڙي وئي. دشمن تي ايڏيءَ دليريءَ سان حملو ڪيائين، جو هارايل جنگ کٽي ورتائين.
بهادر ماڻهو پاڻ ته شينهن آهي، پر ٻين لاءِ به وڏي ٽيڪ آهي.
سوڀي جي سٺيءَ صحت جو ٻيو سبب هي آهي ته سندس رهڻيءَ ڪهڻيءَ جو طور طريقو مقرر نيمن تي ٻڌل آهي يعني انگريزي محاوري ۾ سندس زندگي ORGANIZED آهي. کيس ڪا به اڻ وڻندڙ عادت ڪانهي. شراب ڪونه پئي. سگريٽ ڪونه ڇڪي. پان ڪونه کائي. البت، سياسي سببن ڪري، جيلن ۾ وڃڻ ڪري، سندس پيٽ سدائين ٺيڪ ڪونه رهيو آهي، چوندا آهن ته جيلن ۾ (پوءِ اهي سياسي قيدي ڇو نه هجن) پٿرين مليل دال کارائيندا آهن. جيل جو ماحول اهڙو آهي، جو خدا جي پناهه! اخبارن ۾ اڪثر خبرون اينديون رهنديون آهن. سائين جي.ايم. سيد جو ’مهراڻ‘ رسالي ۾ مضمون ”بنديخاني جا ڏينهن“ ان سلسلي ۾ پڙهڻ وٽان آهي.
سوڀي جا سنگتي سڀ بااخلاق آهن. چوندا آهن ته ماڻهو سڃاپندو آهي پنهنجي سنگت مان يا ڪتابن مان، جيڪي شوق سان پڙهندو هجي.سوڀي جي سنگت مان فقط هڪ شخص جو هڪ مثال ڏيان ٿو.
سوڀي جو هڪ يار هوندو هو، نالو هئس حسن ناصر. حيدرآباد دکن مان هجرت ڪري آيو هو. هڪ وڏي خاندان جو ٻار هو. پر، سوڀي وانگر سوشلسٽ خيالن جو هو. ايوب خان جي مارشل لا ۾ سوڀي سان گڏ گرفتار ڪيائونس. سبب ڪوبه ڪونه هو. بس، ”انڌير نگري، چرٻٽ راجا.“ سوشلسٽ جو ٿيا، سو پڪ ئي پڪ فسادي هوندا. بس، انهيءَ الزام هيٺ ٻنهي کي لاهور واري قلعي جي بدنام جيل ۾ وڃي واڙيائون، جنهن جي تهخاني ۾ خاص خاص قيدي رکندا هئا. سوڀي ٻڌايو ته، ”تهخانو ايترو ته ٿڌو هوندو هو، جو سانوڻيءَ ۾ به ڏڪندا رهندا هئاسين. شام جي ٽائيم تي قيد جي ڪوٺيءَ مان ڪڍي ڪجهه دير پنڌ ڪرائيندا هئا، ته هڪ هنڌ ويهي ويهي اتي ئي سُڪي ٺوٺ ٿي، مري کپي نه وڃن. حسن ناصر کي اتر کان ڏکڻ پنڌ ڪرائيندا هئا، ته مون کي وري اوڀر کان اولهه. پر، اسان وکون اهڙي حساب سان کڻندا هئاسين، جو هڪٻئي کي ڪراس ڪرڻ جو موقعو ملي. اهو موقعو وڏي غنيمت هوندو هو. پاڻ ۾ هڪ ٻه ڀڻڪو ڪري وٺندا هئاسين.
”اٺين اٺين ڏينهن هڪ فرعون مزاج شخص اسان کي پاڻ وٽ جدا جدا گهرائيندو هو ۽ سخت لهجي ۾ پڇا ڳاڇا ڪندو هو. غصو ته ڏاڍو ايندو هو. پر، ڪجي ته ڪجي ڇا؟ نيٺ، مان سندس ذهن کي سمجهي ويس. سو، کيس مناسب جواب ڏيندو هئس.
سوڀي ٻڌايو ته مون کان هڪ دفعي پڇيائين ته، تون روسي سفارتخاني جي عملدار سان ڪار ۾ هئين ۽ مئڪلوڊ روڊ تي لٿين؟ مون سمجهيو ته ايتري ته خبر کيس آهي سو، ٻڌايومانس ته، ”روزانيءَ ”نئين سنڌ“ اخبار جو ايڊيٽر هئس. اخبار لاءِ پنو کپندو هو پر پئسو ڪونه هو. سو، ڇپائيءَ جو ڪم وڃي گهريومانس. ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ منهنجي حيثيت ڪري منهنجو لحاظ رکيائين ۽ ڇپائيءَ جو جاب ورڪ ڏنائين مان سندن سفارتخاني کان ساڻس ڪار ۾ آيس ۽ روزاني ”نئين سنڌ“ جي آفيس وٽ مئڪلوڊ روڊ تي لٿس.“
حسن ناصر انهيءَ فوجي عملدار کي ماڻهو ئي ڪونه سمجهندو هو. سو، سدائين سندس اڳيان خاموش رهندو هو. تنهن ڪري اهو فرعون مزاج شخص به حسن ناصر تي سدائين ڪاوڙيل هوندو هو. آخرڪار، غريب کي عذاب ڏيئي ماري ڇڏيائين.
غالباً سنه 1954ع ڌاري ڪراچيءَ ۾ ٿورو عرصو منهنجي به حسن ناصر سان مختصر ملاقات ٿي هو حيدرآباد دکن جي نظام يا مير لائق عليءَ جي سکئي ستابي خاندان مان هو، ڪپڙي لٽي جو شوقين، وجيهه ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ ڏاڍو مهذبُ هو، مون کان عمر ۾ ٿورو وڏو هو. جڏهن ٻڌم ته هيئن بيگناهه ماريو ويو، تڏهن ڏاڍو ڏک ٿيم. فيض احمد فيض ياد آيم:

ہم جو تاریک راہوں میں مارے گئے!

حسن ناصر ”ترقي پسند اديبن جي تحريڪ“ جي پيداوار هو، سجاد ظهير جي مرضي هئي ته ترقي پسند اديبن جي انجمن جي ڪا شاخ حيدرآباد دکن ۾ به ٺهي. مسز سروجني نائيڊو سڄي هندستان ۾ ممتاز شخصيت هئي. آل انڊيا ڪانگريس ورڪنگ ڪاميٽيءَ جي ميمبر هئي. حيدرآباد دکن جي حڪمران طبقي سان سٺا تعلقات هئس. انگريزي زبان جي مشهور اديبا ۽ شاعره پڻ هئي. مخدوم محي الدين حيدرآباد دکن جو سڀني کان ممتاز ترقي پسند اردو شاعر هو. سروجني نائڊو کانئس متاثر هئي. هن ۽ سيد سبط حسن جي ڪوششن سان مسز نائيڊو حيدرآباد جي انجمن ترقي پسند مصنفين جي سرپرست ٿيڻ قبول ڪيو هئائين، حيدرآباد ۾ انجمن ترقي پسند مصنفين قائم ٿي، جنهن اڳتي هلي سبزه زار، گل ڦل ۽ وڻ ٽڻ وجود ۾ آندا جن گل گؤنچ ۽ ڏار ڪڍيا. حسن ناصر انهيءَ ئي چمن جو “گل سر سبد“ هو.
هو هندستان ۾ ڪيترو عرصو رهيو ۽ هـِتِ (پاڪستان) ڪيترو، سو ٻڌائڻ غير ضروري آهي، پر، وڏن وڏن سوشلسٽ اڳواڻن مثال طور ڊاڪٽر اڌيڪاريءَ سان به گھرو گهاٽو هو. هت آيو ته محمودالحق عثمانيءَ، غوث بخش بزنجي ۽ سائين جي.ايم. سيد جيڪا نيشنل عوامي پارٽي ٺاهي هئي. انهيءَ جو سيڪريٽري ٿيو. سائين جي.ايم.سيد وٽ ئي اسان جي ميل ملاقات ٿي.
سنه 1952ع ۾، حسن ناصر لاهور ۾ سينٽرل جيل ۾ هو، سو، سندس پيٽ به سوڀي وانگر خراب ٿي پيو هو. ليڪن، هو لاپرواهه هو. ڊاڪٽرن کيس ڳاڙهي مرچ کائڻ کان منع ڪئي، پر ڪونه مڙندو هو. خوبصورت نوجوان هو. صحت جي پرواهه نه ڪرڻ ڪري، جوانيءَ ۾ ئي اجڙي ويو. سوڀو جڏهن روزاني ”نئين سنڌ“ جو ايڊيٽر هو. تڏهن هُو به پيٽ جي خرابيءَ ڪري ڳاڙها مرچ ڪونه کائيندو هو. بلڪه هميشه لاءِ ڇڏي ڏنائين.
حسن ناصر جي موت جي خبر سڀ کان اڳ، نومبر 1960ع ۾، ميجر اسحاق کي پئي. ميجر اسحاق اهو ساڳيو شخص هو، جنهن فيض جي ”زندان نامي“ جو مقدمو لکيو آهي. راولپنديءَ واري ڪيس ۾ سيد سجاد ظهير، ميجر جنرل اڪبر خان ۽ فيض سان گڏ ملوث هو. ٻڌايائين ته قلعي وارن حسن ناصر کي ايڏو ته بيدرديءَ سان ماريو، جو اتي ئي سندس دم پرواز ڪري ويو.
ميجر اسحاق ئي وڃي هاءِ ڪورٽ جو در کڙڪايو، جنهن حسن ناصر کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. تڏهن لاچار سرڪاري وڪيل کي مڃڻو پيو ته هو زنده ڪونهي. ڪورٽ حڪم ڏنو ته لاش سندس ماءُ کي ڏنو وڃي. هوءَ هندستان مان لاش وٺڻ لاءِ آئي هئي. چيائين ته قبر کوٽيائون، جنهن ۾ هڪ ننڍي قد جو ماڻهو پوريل هو. پر، پوءِ به مون سندس پير کولي ڏٺا، اتي حسن ناصر کي هڪ نشان هوندو هو. پر، قبر مان ڪڍيل بندري ماڻهو کي ڪوبه نشان ڪونه هو. مون لاش وٺڻ کان انڪار ڪيو.
حسن ناصر مٺو ماڻهو هو. سوڀي جو ته يار هو.
سوڀي سالن جي سنگت ۾ مون کي ڪڏهن به سوشلزم تي ليڪچر ڪونه ڏنو. البت، ڪڏهن ڪڏهن لانڍيءَ جي پاسي ليبر يونين جي ميٽنگن ۾ وٺي ويندو هو. پاڻ ليڊر هو. سو، يونين جا سڀ مسلمان ميمبر سندس وڏو ادب ڪندا هئا. وڏي قدڪاٺ وارا، محنتي مزدور هوندا هئا. مون ڪوبه ڪمزور ۽ ڳريل مزدور ڪونه ڏٺو. سڀ مذهبي طرح مسلمان هئا ۽ سوڀو نالي ۾ هندو هو. پر، سندس اڳيان پنهنجا پنهنجا مسئلا نهايت ادب سان پيش ڪندا هئا. سوڀو کين ”لائين“ ڏيندو هو، ته هيءُ طور طريقو اختيار ڪريو. کين هميشه عقل واري ڳالهه ڏسيندو هو. اجائي گوڙ ۽ وڳوڙ کان جهليندو هو. مون ڏٺو ته انهن ميڙن ۽ ميٽنگن ۾ سوڀي جي روش وڏي پروقار هوندي هئي. پاڻ پيدائشي ليڊر (BORN LEADER) هو. منجهس آڪڙ يا وڏائيءَ جي بوءِ به ڪانه هئي.
جڏهن پاڻ روزانه ”نئين سنڌ“ اخبار جو ايڊيٽر هو ته مان صبح جو سيڪريٽريٽ ۾ ڪلارڪي ۽ شام جو اخبار ۾ سب ايڊيٽر جو ڪم ڪندو هئس. غريب ماڻهو ڀلا ايمانداريءَ سان گذارو ڪيئن ڪري. هڪ دفعي خبر ناهي ته سوڀي ڪهڙي ڳالهه ڪئي. مون کيس جواب ڏنو ته “YES, BOSS”. سوڀو اهي اکر ٻڌي ايڏو ته ڏکوئجي ويو، جو مون کي معافي وٺي، کيس پرچائڻو پيو. هو مون کي ”ماتحت“ ڪونه سمجهندو هو. دوست، ساٿي ۽ سڄڻ سمجهندو هو. عزت، قرب ۽ سچائيءَ وارا پير کڻندو هو. منافقي ۽ سچائي پري کان پڌريون آهن. سوڀو سنئون سڌو، سچو، ۽ ڀروسي جوڳو ساٿي آهي.
هن دنيا ۾ بقاءَ واري ۽ پائدار حقيقت فقط هڪ آهي: اها هيءَ ته ته ”هن جهان جو ڪارخانو سدائين بدلبو رهي ٿو.“ اسان جي ننڍڙيءَ دنيا ۾ انگريزن جي زماني ۾ سنڌ جي ڌرتي ۽ آسمان اهو ئي هو، جيڪو هاڻي آهي. پر، حاڪم ۽ رعيت جي ريتِ نيتِ نرالي هئي. عام ماڻهو انهيءَ نظام ۾ خوش آهي، جنهن ۾ قاعدي ۽ قانون موجب ڪم هلي ٿو. مشهور مسلمان مفڪر شاهه ولي الله دهلويءَ چيو آهي ته، ”ماڻهو ڪفر سان ڀريل معاشري ۾ ته رهي سگهي ٿو. پر، ظلم سان ڀريل سماج ۾ بغاوت ڪندو.“
انگريزن جي ڏينهن ۾ امن امان هوندو هو. هاڻي ڏوهه عام آهي. ڳوٺن ۾ مسلمان عورتن کي ”ڪارو ڪاريءَ“ جي الزام هيٺ ڪهڻ ته ڄٽ ڄاموٽ جو فئشن ٿي پيو آهي. سنڌ ۾ هندو به رهندا هئا، ته مسلمان به رهندا هئا. پوءِ ائين ڇو آهي، ته هندن ۾ ”ڪاري ڪاريءَ“ جي رسم ڪانه هئي. هندو زالن ۽ مردن کي جنسي خواهشون ڪونه هونديون آهن ڇا؟ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ته اسان وٽ ”اجتماعي زوري زنا“ (GANG RAPE) جو به فئشن پيو آهي. پنجاب ۾ منهنجو دوست آهي. اڄڪلهه لاهور ۾ آهي. ڳالهه ڪيائين ته لاهور شهر ۾ ڏينهن ڏٺي، جو گهرن ۾ گهڙڻ چوري ڪرڻ ۽ چوريءَ جو سامان کڻي وڃڻ کان اڳ ۽ گهر جي نوجوان مالڪياڻيءَ سان زوري زنا ڪرڻ عام رواج ٿي ويو آهي.
”ڊان“ اخبار جي 23 مارچ واري پرچي ۾ خبر پڙهيم ته لاهور جي فلاڻي محلي ۾ ٽي ڄڻا گهر ۾ گهڙي ويا. گهرجو مالڪ دڪان هلائڻ ويو هو. ٽن لکن جي ڦر ڪيائون ۽ وڃڻ مهل، واري واري، سان ٽنهي ڄڻن دڪاندار جي گهر واريءَ سان زنا ڪئي. ان جو مطلب اهو ڪونهي ته هندستان ۾ اهو ڏوهه ڪونهي. خدا جي پناهه! دهليءَ جي شهر ان معاملي ۾ ايڏي ته شهرت حاصل ڪئي آهي جو ان کي ڏکڻ ايشيا ۾ ”زنا جو شهر“ (Rape City) جو درجو حاصل آهي. هونئن، هندستان جي ٻين ڪن وڏن شهرن ۾ به زوريءَ زنا جا ڏوهه ستر سيڪڙو وڌي ويا آهن.
انگريزن جي زماني ۾، سنڌ ۾، پڪو رستو رڳو هڪڙو هوندو هو، جيڪو ڪراچيءَ مان لاهور ويندو هو. ٻيا رستا جيڪي ننڍن ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن کي ڳنڍيندا هئا، سي ڪچا هوندا هئا. مٿن مٽي ۽ سَرَ يا ڪک وجهندا هئا. جيڪي ڳري ويندا هئا، ته رستو اچ وڃ لاءِ ڄڻ ته پڪو ٿي ويندو هو. رستي جي ٻنهي پاسن سان ڇانوَ وارا وڏا وڻ هوندا هئا، جن جي سنڀال لاءِ مالهي مقرر ٿيل هوندا هئا. مٿن بيلدار ڇڻڪار ڪندا رهندا هئا. اسان جي تر ۾ انهن ”ڪئنال پاٿ“ جي ڪنارن سان سـِنجهيءَ، يا ٽالهيءَ يا شيشم جا وڏا وڻ هوندا هئا. تمام قيمتي هوندا هئا. هاڻي انهن رستن تان ماڳهن وڻ ئي غائب آهن.
ڪنڊياري تعلقي ۾ ڀئونرن وٽان سڄو ٻيلو ڪپجي ويو آهي، هاڻي قاعدي قانون کي ڪير ليکي به ڪونه ٿو. تعليم تِرين ڀر اچي پئي آهي. هاڻي ته سنڌ لاءِ جاٿي ڪاٿي مشهور ٿي ويو آهي ته تعليم کاتي جهڙي رشوت ڪاٿي به ڪانهي. هونئن به هر هنڌ رشوت جو زور آهي. اشراف جو ڪنڌ هيٺ آهي لُچ لوفر جو مٿي آهي. چونڊن ۾ وڏيرا ئي بيهن ٿا، ڪي کٽن ٿا ته ڪي هارائن ٿا. مسڪين ماڻهو انهن مڙني ڳالهين کان بي نياز آهن. پنهنجن ئي سورن ۾ پورا آهن. اسان کي انگريزن کان آزادي ڇا ملي، ڄڻ ته ڇڙواڳي ملي. ملڪ جو وڏيرو طبقو مادر پدر آزاد ٿي ويو.
ويهين صديءَ جي شروع ۾ وڏيرڪي زندگي ڪيئن هئي، تنهن جي تصوير پير علي محمد راشديءَ ”اهي ڏينهن، اهي شينهن“ ڪتاب جي پهرئين جلد جي منڍ ۾ سُٺي چِٽي آهي. ليڪن، انگريز ويا ته اها تصوير اڃا به بگڙي وئي. ائين وڃي بيٺي، جيئن نوابشاهه جي نور عباسيءَ پنهنجي هڪ شعر ۾ چِٽي آهي:

ڀينگ ٿي وئي آهي دلبر،
ٻيو مڙيو ئي خير آ.

سوشلزم انهيءَ ئي انڌير ۾ اڀرندو آهي. چين دنيا جو وڏي ۾ وڏو سوشلسٽ ملڪ آهي ۽ هاڻي ته دنيا ۾ ان جو ڌڌڪو آهي. خود آمريڪا به ان کان ڊنل آهي.
چيني سفارتخاني ۾ يانگ ينگلن، محڪمه ثقافت جو سربراهه هو ۽ منهنجو دوست هو. مون کي ٻڌايائين ته ٿٻيٽ ۾ چيني تسلط کان اڳ وڏيرن ۽ ٻڌ مذهب جي پيرن جو زور هو، پر هاڻي اتي پير يا وڏيري نالي ڪو جانور ٻيو ته ٺهيو، پر جانورن جي باغ ۾ پڃري ۾ رکڻ لاءِ به ڪونه ملندو.
سنه 1962ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڪراچيءَ مان حيدرآباد آيو، ته سوڀي کان جدائي ٿي. منهنجون ساڻس مجلسون وري تڏهن ٿيون، جڏهن سنه 1963ع ۾ سندري ۽ اتم سنڌ گهمڻ آيا. سندن ميزبانيءَ ۾ مان ۽ حميد سنڌي اڳيان هئاسين. هو سکر ۾ اياز جي پراڻي گهر ۾ ٽڪيا. سوڀو لاڙڪاڻي مان آيو. هڪ ڏينهن مجلس ۾ مهاڀارت ۾ ڪرشن جي ڪردار تي ليڪچر ڏنائين. سندس سڀ ويس لاهي، کيس اگهاڙو ڪري بيهاريائين. چيائين ته مهاڀارت جي جنگ هندستان کي صديون پوئتي ڌڪي ڇڏيو ۽ انهيءَ تباهيءَ لاءِ جوابدار ڪرشن هو.
اهو ڪهڙو هندو هوندو جيڪو سوڀي وانگر تاريخ جي واقعن جو ايڏيءَ دليريءَ ۽ سچائيءَ سان (OBJECTIVE ANALYSIS) معروضي انداز ۾ تجزيو ڪندو! عام هندو ته ڪرشن کي ڀڳوان ڪوٺيندا آهن. خود مولانا حسرت موهاني کيس پهتل سمجهندو هو. اردوءَ وارا حسرت موهانيءَ کي پنهنجو ڪعبو قبلو سمجهندا آهن. پاڪستان ٺهيو ته ڪراچيءَ آيو. پر، کيس ڪنهن ليکيو به ڪونه سو، پوئين پيرين هندستان هليو ويو. اتي ئي وفات ڪيائين. هاڻي، اردوءَ وارا ڪراچيءَ ۾ مٿس سيمينار پيا ڪن ۽ لک پيا لٽائن.
ٽي چار سال ٿيا، ته سوڀو حيدرآباد آيو. مون وٽ هفتو کن ٽڪيو. مون کيس البت، لانجهو ڏٺو. سو، دوستن کي اشارو ڏنم ته سندس دل وٺڻ لاءِ دعوتون ڪريو. ٻه چار ڏهاڙا ائين کل خوشيءَ ۾ گذريا. هڪ ڏينهن نيرن ڪري، مون کيس آماده ڪيو ته ”پنهنجون يادگيريون رڪارڊ ڪراءِ.“ منهنجو ارادو مٿس مفصل مضمون لکڻ جو هو. تقريباً، اڌ ڪلاڪ کن ڳالهائيندو رهيو. پوءِ چيائين ته ”هاڻي، ٿڪجي پيو آهيان. وڌيڪ ڳالهائي نٿو سگهان.“ ان کان پوءِ اسان چاءِ پيتي ۽ هِتان هُتان جي هلڪي سلڪي ڳالهه ٻولهه ڪئي. بعد ۾ هو وڃي بورڊ جي ريسٽ هائوس ۾ آرامي ٿيو، ته مون ٽيپ رڪارڊر هلايو. سندس ڳالهيون توجهه سان ٻڌڻ ۽ لکڻ لاءِ قلم ڪاغذ هٿ ۾ کنيم. پتو پيو، ته ايترو ته آهستي ڳالهايو اٿس، جو ڪو اکر ئي سمجهه ۾ ڪونه ٿو اچي!
سال ٻه اڳ مان پنهنجيءَ نياڻيءَ کي موهن جو دڙو ڏيکارڻ وٺي ويس. رات ماڏي ۾ اعجاز چانڊئي وارن وٽ ٽڪياسين. مکڻ ماکيءَ جهڙا مٺا ماڻهو آهن. صبح جو اعجاز پنهنجين ٻن ڀينرن کي منهنجي نياڻيءَ سان گڏ وٺي موهن جي دڙي هليو. عينيءَ سان سندس خاوند حيدر نظاماڻي به گڏ هو. اعجاز ۽ مان کين موهن جي دڙي جي ريسٽ هائوس وٽ لاهي لاڙڪاڻي وياسين جو مون کي سوڀي سان ملڻ جو شوق هو. شهر پهچي فون ڪئي مانس. جواب ۾ چيائين ته، ”ڇو آيو آهين؟“ مون پنهنجيءَ سڄيءَ عمر ۾ ڪنهن به دوست کان آجيان جي اهڙي کيڪار ڪانه ٻڌي آهي. بهرحال، سندس گهر پهتاسين، منجهند جي مهل هئي. پاڻ ان مهل غسل ڪري آيو هو ۽ ڪپڙا بدلائي رهيو هو. تازو، شايد هندستان جي سير تي ويو هو. اتان جا احوال ڏنائين ۽ سيد مشاهد حسين جي چوڻ تي سرڪار کيس ادبي انعام ڏنو هو، اهو پڻ ٻڌايائين. چاءِ جو ڪوپ پياريائين. مون سندس گهر جي ننڍي ٻارڙي کي سؤ رپيا خرچي ڏني. سوڀي مهاڀارت جو سنڌي ترجمو منهنجي گهُرَ تي تحفي طور ڏنو. اعجاز چانڊيو ذهين شخص آهي، سو مون کي صلاح ڏنائين ته سوڀو صاحب ٿڪل آهي. منجهند جي مهل آهي، آرام ڪندو. اسان سوڀي کان موڪلائي، شهر ۾ هڪ عمديءَ هوٽل تان ماني خريد ڪئي. موهن جي دڙي جي ريسٽ هائوس ۾ آياسين. اسان جا ٻار دڙو ڏسي، گهمي ڦري ريسٽ هائوس ۾ آيا هئا. گڏجي ماني کاڌيسون ۽ پوئتي موٽياسون. اعجاز وارن کان ميهڙ وٽ موڪلائي حيدرآباد روانا ٿياسين.
سوڀي هڪ پورو پرآشوب دؤر ڏٺو آهي. هندستان جي ورهاڱي ۽ پاڪستان جي ٺهڻ ۽ الائي ته ٻين ڪيترن اهم واقعن جو اکين ڏٺو شاهد آهي ڪي ڪتابڙا لکيا اٿس. ليڪن، هو ته معلومات جي کاڻ آهي. گذريل چڱي زماني جي سڄي تاريخ سندس سيني ۾ بند آهي.
جڏهن اسان ٻئي ’نئين سنڌ‘ اخبار ۾ هئاسين، تڏهن هڪ دلچسپ واقعو ٻڌايو هئائين، ته سرڪار ڪو انڌو اونڌو قاعدو ڪڍيو. مون نوجوانن کي احتجاج لاءِ تيار ڪيو. مقرر تاريخ تي هڪ هنڌ گڏ ٿياسين. سنگتين کي سمجهايو هئم، ته اڳيان مان ٿيندس. نعرو هڻندس پر، پوليس مون ۾ هٿ وجهي ته اوهان به پٺيان ڪاهي پئجو ته پوليس کي من مستي ڦٻي نه وڃي!
هنن يارن ”هائو“ ڪئي. اسان گڏ ٿياسين، ته پوليس، جون لاريون به اچي پهتيون. پوليس وارا لٺيون کڻي هيٺ لٿا. هوڏانهن انسپيڪٽر اڳتي وڌيو ته هيڏانهن مان. جڏهن آمهون سامهون ٿياسون ته مون پوليس جي ڏاڍائيءَ خلاف نعرو هنيو. پٺيان جو سنگتين جو کڙڪو ڪونه ٻڌم، ته کين آڀارڻ لاءِ، پوئتي نهاريم. اڃا جو ڏسان، ته ڪاريءَ وارا ڪک! سڀ ڀڄي ويا. مون کي اڪيلو ڏسي، انسپيڪٽر ٻانهن کان وٺي، پوليس جي لاريءَ ۾ وهاريو ۽ چيو ته، ”شور کرتا ہے، دماغ خراب ہے.“
حافظ شيرازيءَ جو هڪ شعر آهي ته:

موجیم کہ آسودگیٔ ما عدم ما است
ما زندہ ازانیم کہ آرام نہ گیریم۔

اسان سمنڊ جي موج وانگر متحرڪ آهيون، قرار آيو ته ختم ٿي وينداسون. اسان زنده ان ڪري آهيون، جو آرام ڪرڻ ڪونه ڄاڻون.
پر، انسانُ بلڪ هر جاندارُ سڄي زندگي وقت جي ڇانوَ ۾ گذاري ٿو. مقرر وقت تي ڄمي ٿو ۽ مقرر وقت تي هيءَ دنيا ڇڏي ٿو. وقت ئي هن دنيا ۾ سندس زندگيءَ جي راهه گهڙي ٿو. وَقِتَ جون پنهنجون تقاضائون (DEMANDS) آهن. وڏي عمر ۾ رڳا وار اڇا ڪونه ٿا ٿين. کائڻ پيڻ ۽ اٿڻ وهڻ ۾ به کيس احتياط ڪرڻو پوي ٿو. سوڀو به انهيءَ قدرتي قانون جي تابع آهي. چڱي عرصي کان گوشه نشين آهي. هڪ ته عمر وڏي ٻيو ته پوئتي نگاهه ڪري ٿو ته رُڳو ڪاريءَ وارا ڪک آهن.
چوندا آهن ته ننڍيءَ عمر ۾ ڪنهن جي ماءُ نه مري. پيريءَ ۾ زال نه مري. پر، موت ڏاڍو بيرحم آهي. سوڀي کان گهر واريءَ ليلان سان گڏ، وڏو جوان پُٽُ ڪنعيو کسي ورتائين.سوڀو سڀ سورَ سهي ويو. ذهين ۽ حساس ماڻهو آهي. سو انهن ڳالهين جو مٿس وڏو اثر پيو هوندو.
سوڀي سڄي زندگي سوشلزم جي تعليمَ ڏني ۽ ان کي انسانذات جي سورن ختم ڪرڻ جو سچو نسخو قرار ڏنو. سوشلزم ئي سندس دين ايمان هو. جنهن جو ڪعبو ماسڪو ۾ هو، پر، اڄ اهو ڪعبو قبلو ڊهي ڍير ٿي پيو آهي. روسُ سوشلزم تان هٿ کڻي ويو آهي. سرمايي داريءَ جي واٽ ورتي اٿس. تازه ترين اطلاع هي آهن ته سڄيءَ دنيا جي سرمايي دار ملڪن ۾ روس ٻيو نمبر ملڪ آهي، هتي گهڻا ارب پتي سرمايي دار آهن. دنيا ۾ گهڻي ۾ گهڻا ارب پتي سرمايدار آمريڪا ۾ آهن. انگلنڊ به ٽئين نمبر تي آهي، يعني روس ان کان به اڳتي وڌي ويو آهي.
چين ۾ سوشلزم کي اهڙو پترو ۽ لچڪدار ڪيو اٿس جو پتو ڪونه ٿو پوي ته کير ۾ پاڻي آهي يا پاڻيءَ ۾ کير آهي.
سوڀي انهيءَ صورتحال کي ڪيئن قبول ڪيو آهي ۽ سندس رد عمل ڪهڙو آهي، انهيءَ باري ۾ مون کي ڪجهه به معلوم ڪونهي.
تازو، اخبارن ۾ سندس بيان آيو ته، ”مان ڪميونسٽ آهيان ۽ سڄي عمر ڪميونسٽ رهندس.“
ڪميونزم جي تعليم موجب ”عَمَلُ“ ڪميونسٽن جي عقيدي جو بنيادي اصول آهي. عمل کان پري رهڻ ڪفر آهي، پر سوڀو ته عملي سياسي زندگيءَ کان سالن جا سال پري ٿي ويو آهي. گوشه نشينيءَ جي زندگي گذاري رهيو آهي. اهم ملڪي مسئلن تي به بيان ڪونه ٿو ڏئي، سراسر خاموش آهي.

شيخ اياز

مون کي ياد ڪجو جڏهن مان دور هجان،

سدائين دور، ڪنهن خاموش دنيا ۾.

ڪرسٽينا روزريٽي

هن دنيا ۾، هر مهذب انسانُ، پنهنجي ضمير اڳيان جوابدار آهي. ضمير جو آواز الهامي ڪونه آهي. اهو انسان جي پنهنجي اندر جو آواز آهي ۽ سندس ئي اختيار ۾ آهي: ته ان کي ٻڌي، يا لنوائي ڇڏي.

جڏهن انسانُ هيءَ دنيا ڇڏي ٿو، تڏهن سندس سڀ اختيار ختم ٿي وڃن ٿا. هو ڪنهن اهڙي هنڌ پهچي ٿو، جنهن جي اسان کي ڪا به ڪل ڪانهي. پر، مذهبي عقيدو اهو ئي آهي، ته مُئي کان پوءِ انسان پنهنجي خالق اڳيان جوابدار آهي ۽ هن دنيا ۾ پنهنجي قول ۽ فعل جو حساب ڏئي ٿو. ڀٽائيءَ جو چيو آهي ته:

هميرن حسابُ، ڪُهُه ڄاڻان ڪهڙو ٿيو؟

شيخ اياز جڏهن اڃا زندگيءَ جي انهيءَ مرحلي ۾ هو، جو سندس مٿي جا اڇا وار، سندس ڪارن وارن کان گهڻا گهٽ هئا، تڏهن هو انهيءَ نظريي جي نفي ڪندو هو. سنڌيءَ ۾ پهاڪو آهي ته ”مئي کان پوءِ سج اڀري ته ڇا، لهي ته ڇا.“ اياز چوندو هو، ته اها ڳالهه اهم ڪانهي. اصل ڳالهه هيءَ آهي ته مئي کان پوءِ چنڊ اڀري ته ڇا، لهي ته ڇا. انهيءَ ذهني ڪيفيت جو اظهارهيئن ڪيو اٿس:

اڳتي سڀ ڪافر جو ڪوڙ

جيڪي آهه هتي آ هاڻ

ٻيو سڀ پاڇي جو پيڇو

جاني آءُ جواني ماڻ

پر، جڏهن پاڻ جواني ماڻي پوئتي موٽيو، ته کيس موت جو احساس ٿيو، جنهن جو اظهار ڪندو هو. ”الوداعي گيت“ ڪتاب جي مهاڳ ۾ هڪ هنڌ لکيو اٿس:

”مان پنهنجن دوستن ابراهيم جويي، جمال ابڙي، غلام ربانيءَ ۽ رشيد ڀٽيءَ سان گڏ سنڌ گهميو آهيان. ڪئين سال اڳ اسان ٺٽي جي ويجهو هڪ ٽڪريءَ تي ڪنهن ريسٽ هائوس ۾ لٿل هياسين (جنهن جو نالو ياد نٿو اچي) ۽ يوناني فلسفين وانگر ڍَوَ تي کائي پي، چهل قدميءَ لاءِ نڪتا هياسين. رات ڀٽائيءَ جي ڪنهن بيت وانگر ٿي لڳي: آسمان ۾ چنڊ هڪ ازلي مسافر جي ڳٺڙيءَ وانگر وڌي رهيو هو. اوچتو منهنجي پيرن اڳيان هڪ لُنڊي نڪري وئي.

غلام ربانيءَ کان رڙ نڪري وئي ۽ هن پٿر ۾ هٿ وڌو، ته مون هن کي جهليو: ههڙيءَ رات ۾ ڪنهن کي ماري رات جي جادو بتيءَ کي ٽڙڪائي وجهڻ برابر آهي. مرڻو آهي ته هيءَ نه ته ٻي ڪا لنڊي ماريندي، ڇوته هن ٽڪريءَ تي نانگ بي شمار آهن. غلام ربانيءَ پٿر ڦٽي ڪري ڇڏيو. اسان بنگلي ۾ موٽي وياسين.

ڪراچيءَ ۾ به مون کي پڪ هئي، ته موت هن ڀيري به منهنجي پيرن اڳيان ائين ئي نڪري ويندو، جيئن اڳي لُنڊي نانگ نڪري ويو هو.“

پر، ائين ڪونه ٿيو. لُنڊيءَ ڪراچيءَ ۾ اياز کي ڏنگي وڌو. وفات کان ٻه ٽي گهمرا اڳ ته چڱيءَ چڱيءَ دير تائين مون سان رڳو موت جي موضوع تي گفتگو ڪئي هئائين ۽ چيو هئائين ته، ”مون موت کي چئي ڇڏيو آهي، ته مون کي اڃا تمام گهڻو ڪم ڪرڻو آهي: “NO ADMISSION” اياز جي اها آرزو انساني فطرت جي تقاضا موجب هئي. پَرَ، موت جنهن جاءِ ۾ گهڙندو آهي، اتي NO ADMISSION جي تختي ڪونه پڙهندو آهي.

اياز دل جي بيماريءَ ڪري وفات ڪئي. ان کان اڳي کيس پيٽ جي به ڪجهه تڪليف ٿي پئي هئي. جويي صاحب مون کي ٻڌايو ته، ”جيئن ڪنهن ماڻهوءَ کي کاڌو ڪونه جيوري، بار ٿي پويس، تيئن شڪايت ڪندو هو.“ هڪ دفعي انهن ئي ڏينهن ۾ مان اسلام آباد منجهان ڪنهن ڪم سانگي ڪراچيءَ آيس. جمال ابڙي سان گڏ اياز سان ڪچهري ڪرڻ ويس. اٿياسين، ته فيصلو ٿيو، ته رات جي ماني جمال وٽ کائينداسين. اياز چيو ته شام جو اول ڏندن جي ڊاڪٽر وٽ ويندس، سو، توهان سان گڏ رڳو سوپ پي سگهندس. پر، فون تي معذرت ڪيائين، ته اچي ڪونه ٿو سگهان.

مضمون ان مڪمل آھي

جمال ابڙو

جمال ابڙو سنڌي افساني جو امام هو.
کانئس وڏو افسانه نگار، نه مون کي اڳ سُجهي نه پوءِ. اهو منهنجو ذاتي رايو آهي. هر ڪنهن کي پنهنجي راءِ رکڻ جو حق آهي. هونئن، ان ۾ ته ڪو شڪ ئي ڪونهي، ته سنڌي زبان وڏا وڏا افسانه نگار پيدا ڪيا آهن ۽ اها به حقيقت آهي ته هر گل کي پنهنجي پنهنجي خوشبوءِ آهي.
جديد افساني جو رواج انگريزن جي دؤر ۾ پيو. بلڪ ويهينءَ صديءَ ۾ پيو. شروع ۾ ڪن يورپي ٻولين جا افسانا، ناول ۽ ناٽڪ سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿي ڇپيا. مون پاڻ ننڍپڻ ۾ روسي، فرانسسي ۽ انگريزي ناولن جا ڪي ترجما پڙهيا هئا.
سنڌي زبان جي اولين افسانه نگارن ۾ عثمان علي انصاري جو نالو به کنيو ويندو آهي. ولايت مان انگريزي ادبيات ۾ ڊگري وٺي آيو هو. شيڪسپيئر جا ڪي ناٽڪ به سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا هئائين، جن مان هڪڙي جو نالو هو”گمراهه دوست“ مون پڙهيو هو. پاڻ ڪي اصلوڪا افسانا به لکيائين. جن ۾ ”ململ جو چولو“ مشهور آهي ۽ ”مهراڻ“ رسالي ۾ ڇپيل آهي.
انصاري صاحب تعليم کاتي ۾ ڊئريڪٽر هو ۽ پوءِ ڪجهه عرصو سنڌي ادبي بورڊ جو اعزازي سيڪريٽري پڻ رهيو. مان نائب سيڪريٽري هئس. هڪ دفعي بورڊ جي آفيس ۾ چاءِ پيئندي، مون کانئس سوال ڪيو ته ”اوهان جي خيال موجب سنڌي زبان جو اولين افسانه نويس ڪنهن کي ڪوٺي سگهجي ٿو؟“
چيائين ته، ”سوچڻ ڏي.“
ڪجهه دير رکي چيائين ته، ”منهنجي خيال موجب مرزا نادر بيگ.“
نصير مرزا هاڻي وڏيءَ محبت ۽ محنت سان مرزا نادر بيگ جا افسانه ڇپائي ڇڏيا آهن. ليڪن، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ سائينداد سولنگي به اوائلي سنڌي افسانه نگارن ۾ اهم نالا آهن. سائينداد سولنگي جو افسانو ”انڌي ۽ جنڊ“ مشهور آهي. مون ڪونه پڙهيو آهي، پر هڪ دفعو سولنگي صاحب سان ملاقات ٿي هو سراسر مذهبي ماڻهو ٿي ويو هو.
شيخ اياز جو ”سفيد وحشي ۽ ٻيا افسانا“ به اوائلي دؤر جا اصلوڪا افسانا شمار ٿيندا. اوائلي دؤر جي سنڌي فڪشن جو صحيح معنيٰ ۾ لافاني شاهڪار آهي نارائڻ داس ڀمڀاڻيءَ جو لکيل ناول ”مالهڻ.“
هندستان جي ورهاڱي وقت جيڪو سٺي ۾ سٺو ناٽڪ لکيو ويو سو آهي محمد اسماعيل عرساڻي جو ”بدنصيب ٿري“. سنڌي ادب جو لازوال شاهڪار آهي.
هن پسمنظر ۾ جمال ابڙو وڏو نالو آهي. سندس افسانن سنڌ ۾ مقبوليت ماڻي ۽ انهن جا ٻين ملڪن ۾ به ترجما ٿيا مثال طور جرمنيءَ ۽ روس ۾. جمال پاڻ به ترجما ڪيا. گورڪيءَ جي آتم ڪهاڻيءَ جو ترجمو ڪيائين، جنهن جي پهرين قسط ”مهراڻ“ ۾ ڇپي. مون سنڌيءَ ۾ ان کان بهتر نثري ترجمو ٻيو ڪونه ڏنو آهي.
خدا پاڪ جي سهڻن نالن ۾ هڪ نالو ”المصور“ آهي. جيڪي فنڪار تصويرون ٺاهيندا آهن، تن کي به انهيءَ قدرتي ڏات جي ڪري ”مصور“ يعني تصويرون ٺاهيندڙ ڪوٺيندا آهن. آرٽسٽ، برش سان تصويرون ٺاهيندو آهي، ته اديب ۽ شاعر وري قلم سان. افساني نويسيءَ ۾ مکيه فن ڪردار جي شخصيت کي اڀارڻ آهي. جمال کي انهيءَ فن ۾ ڪمال حاصل هو بادشاهه هو. هن جي افسانن جا ڪردار اهڙا ته سهڻا چٽيل آهن، جو ڄڻ ته جيئرا جاڳندا انسان آهن.
پر، اديب هجي يا شاعر، بنيادي طرح، سندس تحرير جو مرڪزي نڪتو آهي. سندس ”پيغام“. ڏسڻو اهو آهي ته هو پنهنجي قلم ذريعي پڙهندڙ کي پيغام ڪهڙو ٿو ڏئي؟ جمال جو پيغام آهي ”معاشري ۾ سماجي ۽ اقتصادي انصاف قائم ڪرڻ.“
اسان جي ٽهيءَ وارا لکندڙ گهڻو ڪري ويهينءَ صديءَ جي ٻئي يا اڪثر ٽئين ڏهاڪي جي پيداوار هئا. پاڪستان ٺهڻ سان اڳيون وايو منڊل بدلجي ويو، سنڌ تي به اثر پيو. سنڌي هندو ليکڪ لڏي ويا. اجتماعي زندگيءَ سان گڏ انفرادي زندگي به متاثر ٿي. اياز ۽ جمال آرٽسٽ ته وڏا هئا، پر پنهنجين پنهنجين حالتن ۽ مجبورين جي تابع به هئا. اياز ته صاف لکيو آهي ته، ”آزاديءَ بعد منهنجا هندو ساٿي اديب هندستان هليا ويا، ته مون چڱو عرصو لکڻ ئي ڇڏي ڏنو.“
آزاديءَ کان پوءِ صحيح معنيٰ ۾ پهريون اهم ادبي رسالو ماهنامو ”نئين زندگي“ ليکبو، پر انهيءَ جي به شروعاتي پرچن کي ڏسبو، ته منجهس ادبي تحريرون نالي ماتر نظر اينديون. گهڻو ڪري مرڪزي ۽ صوبائي وزيرن جون تقريرون ۽ تصويرون ڏسڻ ۾ اينديون. سرڪاري رسالو هو. ليٿو ۾ ڇپبو هو. ايڊيٽر مولانا عبدالواحد سنڌي هو، ذات جو انڍڙ هو. ننڍپڻ ۾ سنڌ مان لڏي دهليءَ ويو هو. غريب جو ٻار هو، سو ڊاڪٽر ذاڪر حسين سندس مٿي تي ٻاجهه ڀريو هٿ رکيو. ڊاڪٽر صاحب اول جامعه مليه دهليءَ جو وائيس چانسيلر هو. پوءِ هندستان جو صدر ٿيو. سندس پاڇي هيٺ مولانا عبدالواحد سنڌيءَ جو جامعه مليه ۾ وقت سٺو گذريو. اتي ئي شادي ڪيائين. اولاد ٿيس. سندس وڏو فرزند آصف جيلاني هاڻي B.B.C تي اردو نشريات ۾ سٺي عهدي تي آهي. اڳي هت ڪراچيءَ ۾ ”امروز“ اخبار ۾ ڪم ڪندو هو. جتي مون سان گاهي ماهي ملاقات ٿيندي هئس.
مولانا عبدالواحد سنڌي هندستان مان ٻين مهاجر ڀائرن سان گڏ لڏي سنڌ ۾ آيو هو. سندن ئي مدد سان کيس حڪومت پاڪستان جي وزارت اطلاعات ۽ نشريات جي شعبي پاڪستان پبليڪيشن ۾ ”نئين زندگي“ رسالي جي ايڊيٽري ملي. مرڪزي حڪومت رسالي تي ”نئين زندگي“ نالو آزاديءَ جي نسبت سان رکيو ته هاڻي انگريز ويا، اسان آزاد آهيون نئين زندگي شروع ٿي آهي. انهيءَ لحاظ کان، رسالي ۾ شروعات ۾ رڳو، وزيرن جون تصويرون ۽ تقريرون ڇپيون هيون، مولانا عبدالواحد سنڌي صاحب آهستي آهستي رسالي ۾ ادبي رنگ آندو. هڪ ڏينهن اهڙو به آيو جو ”نئين زندگي“ نج سنڌي ”ادبي رسالو“ ٿي ويو ۽ ان جي اشاعت ان زماني ۾ به ڇهن هزارن کي وڃي پهتي. همعصر اردو رسالي ”ماه نو“ جو علائقو سڄو پاڪستان هو ۽ ”نئين زندگي“ رسالي جو علائقو فقط سنڌ هئي، جنهن جون سرحدون ڪراچي ۽ ريتيءَ تائين محدود هيون. پر، مولانا عبدالواحد سنڌيءَ جي ”نئين زندگي“ رسالي سان عشق ۽ عقيدت ۾ انهن ڳالهين جي اهميت گهٽ هئي. هو انهيءَ اصول جو هو ته رسالو وقت تي نڪري ته اشاعت ازخود وڌندي. ائين ئي ٿيو.
مون کي پاڻ ميٺارام هاسٽل ڪراچيءَ مان ٻانهن ۾ هٿ وجهي ساڻ وٺي ويو. وزارت نشريات ۽ اطلاعات جي اعليٰ عملدار کان منهنجو آرڊر ڪرايائين. مهينو مس گذريو هوندو جو رسالي جي ايڊيٽريءَ جو ڪم مون کي سونپيائين ڄڻ ته مان سندس معاون ڪونه هئس، پر پاڻ هو. مون اهڙا بهشتي انسان به ڏٺا. ٻه سال گڏجي دل ۽ جان سان ڪم ڪيوسون. دوستي اهڙي ته پڪي ٿي وئي، جو پوءِ پنهنجي خانگي زندگيءَ جي نهايت نازڪ معاملن ۾ مون سان مشورو ڪندو هو. مثال طور سندس نياڻين جون شاديون. توڙي جو مان کانئس ويهه ورهيه ننڍو هئس.
”نئين زندگي“ کان اڳ يا ساڳئي دؤر ۾ سنڌ ۾ ادبي ۽ نيم ادبي ماهوار رسالا ٻيا به نڪرندا هئا: مثال طور، ”تقاضا“، ”ڳوٺ سڌار“، ”روح ادب“، ”فردوس“ ۽ ”ادا“ وغيره پر انهن گهڻو جٽاءُ ڪونه ڪيو. مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ صاحب جهڙيءَ عظيم شخصيت جي سرپرستيءَ ۾ ”شاعر“ رسالو شايع ٿيو. مولانا غلام محمد گرامي ايڊيٽر مقرر ٿيو، پر اهو به گهڻو عرصو ڪونه هليو. گرامي صاحب موٽي بورڊ ۾ آيو. ’مهراڻ‘ رسالي جو ايڊيٽر ٿيو. ”نئين زندگي“ رسالو مسلسل هلندو رهيو. جڏهن ون يونٽ ڊهي ويو ته، سرڪار نامدار، سنڌي پڙهندڙن تان بار هلڪو ڪرڻ لاءِ ’نئين زندگي‘ رسالو بند ڪري ڇڏيو.
اها ڳالهه سبق آموز آهي ۽ سوچڻ جهڙي آهي
جمال ابڙي ۽ شيخ اياز جهڙا عظيم آرٽسٽ مٿي ذڪر ڪيل ادبي ۽ نيم ادبي رسالن ۾ گهٽ لکندا هئا، پر ”نئين زندگي“ ۾ لکندا هئا. انهيءَ ڳالهه جو ان وقت هڪ سبب ته ”نئين زندگي“ رسالي ۾ منهنجي موجودگي ۽ ساڻن دوستي هئي، پر ٻيو ۽ مکيه سبب هو ”سنڌي ادبي سنگت“ جو قائم ٿيڻ. البت، ”مهراڻ“ نڪتو ته ان ۾ لکڻ هر ڪنهن لاءِ فخر جي ڳالهه هئي.
”سنڌي ادبي سنگت“ يا ”سنڌي ساهت سنگت“ آزاديءَ کان اڳ هڪ ادبي تنظيم هوندي هئي، جنهن ۾ نوجوان هندو ۽ مسلمان اديب ٻئي شامل هوندا هئا. اياز ۽ جمال به موتين جي انهيءَ لڙهيءَ جا داڻا هئا.
هڪ طرف ادبي سنگت ٺهي ۽ زور ورتائين، ته ٻئي طرف سنڌي ادبي بورڊ 1955ع ۾ وڏي آب تاب سان ”مهراڻ“ رسالو ڪڍيو. جويو صاحب ايڊيٽر ٿيو. سنڌ ۾، هر هنڌ، جديد سنڌي افساني ۽ شعر شاعريءَ جون شمعون روشن ٿي ويون.
جمال ۽ اياز سان منهنجي گھرائپ ٿي، ته ستت تڪڙيون تڪڙيون ميل ملاقاتون ٿيون. هڪ دفعي مان ۽ رشيد ڀٽي رڳو جمال سان ملڻ لاءِ ڪراچيءَ مان شڪارپور وياسين. جتي هو جج هو. سياري جو زمانو هو. وٽس رات ٽڪياسين. ٻئي دفعي مان وٽس ٽنڊي الهيار ويس.
جڏهن جمال حيدرآباد ۾ جج هو، ته لطيف آباد ۾ پنهنجي ڀيڻ جي گهر ۾ رهندو هو، جنهن جي پاسي ۾ سندس ننڍي ڀاءُ ڪمال جو بنگلو هو. سندس وڏو ڀاءُ شمس لاڙڪاڻي ۾ رهندو هو. جمال جي ڪري منهنجي سندس ٻنهي ڀائرن سان نيازمندي ٿي. جمال جي هڪڙيءَ نياڻيءَ کي ننڍي هوندي مٿي تي وار گهٽ هوندا هئا. سو، اسڪول ۾ ڇوڪريون چيڙائينديون هئس. الله ڪيو، جو نياڻيءَ کي وار اچي ويا. پر، جمال اهي سڀ ڳالهيون کلي ڪندو هو. وڏي حوصلي وارو شخص هو. سندس همت ۽ حوصلي جو اندازو ان ڳالهه مان ڪجي ته جڏهن کيس دل جو دورو پيو ۽ سمجهيائين ته هاڻي زندگيءَ جو سج لهڻ وارو آهي، تڏهن گهر واريءَ کي مرڪي چيائين ته، ”سائين، هاڻي خدا حافظ!“
مون سان ڳالهه ڪيائين ته، ”ادا، بس ان کان پوءِ ايترو ياد اٿم، ته اها دعا پڙهيم، جيڪا بابي رحلت وقت پڙهي هئي. پوءِ ڪا خبر ڪانه پيم. جڏهن هوش حواس ۾ آيس، ته ڏٺم ته اڃا جهان آب و گل ۾ موجود آهيان.“
جمال ۽ مان ٻئي والدين جي اثر ڪري سموريءَ ترقي پسنديءَ جي باوجود هميشه ذهني طور مذهبي رهياسين. جمال ته ٻه ٽي عمرا ۽ حج به ڪري آيو. اسان جو ان ڳالهه ۾ اصل يقين ڪونه هو ته:
اڳتي سڀ ڪافر جو ڪوڙ، جاني آءُ، جواني ماڻ.
چاچو علي خان ابڙو، جيڪو جمال جو والد صاحب هو، سو غالباً سنڌ جو پهريون گريجوئيٽ هو ۽ تعليم کاتي ۾ اعليٰ عملدار هو. قرآن مجيد جي سنڌي ترجمي سان گڏ سنڌي زبان ۾ به ڪيترا ڪتاب لکيائين، جي تڏهوڪي سنڌ مسلم ادبي سوسائٽيءَ شايع ڪيا. قرآن مجيد جي سنڌي ترجمي جو ته نئون ڇاپو به نڪتو آهي.
ڊاڪٽر ڪريم عباسي، جمال جي دل جي بيماريءَ جو علاج ڪندو هو. منهنجو ننڍپڻ جو يار هو. جمال کي چيائين ته رات جي مانيءَ وقت دوا طور تون ٿورڙي وسڪي وٺندين ته تولاءِ سٺي آهي. جمال دوا ته پابنديءَ سان وٺندو هو، پر انهيءَ نسخي تي به عمل ڪندو هو. جڏهن مان وٽس هوندو هئس ته ٻه گلاس ٺاهيندو هو. مون انهيءَ پاڻيءَ کي اڳ ڪڏهن به هٿ ڪونه لاتو هو، پر جمال گلاس ۾ هڪ دڪو به وڌيڪ ڪونه وجهندو هو. دوا وانگر استعمال ڪندو هو.
جمال ۽ مان سڀئي ڳالهيون ڪندا هئاسين. عمر جي ٿوري گهڻي فرق جو حجاب به ڪونه هوندو هو. سندس مزاج ۾ رڳي سنجيدگي ڪانه هوندي هئي. کل ڀوڳ ۾ به بي نظير هو.
ڳالهه ڪيائين ته ڪو جوابدار ڪورٽ ۾ آيو. آرام سان چيومانس ته، ”مٿي جوابدارن جي پڃري ۾ ٿي بيهه!“
گهڙيءَ کان پوءِ جو ڏسان ته پڃري ۾ گهڙي، ان جي ڪاٺ جي ڪٽهڙي تي لانگ ورائي، اڃا مٿي پيو چڙهي! حيران ٿي چيومانس ته، ”اڙي، اهو ڇا ٿو ڪرين؟“
چيائين ته، ”سائين، اوهان جو چيو ته مٿي چڙهي بيهه!“
چيائين ته، “ڪورٽ ۾ ويٺو هئس. پر، اهو ٻڌي ايڏي ته کل آيم، جو چيمبر ۾ هليو ويس.“
ڪورٽن جا تجربا ٻڌائيندي چيائين ته، ”شڪارپور جي پاسي هڪ ڪيس آيو. ڪنهن هاريءَ جي زال شڪي حالتن ۾ مئي. ڪيس هليو. پتو پيو ته پاڻ ڪنهن رن سان کريل هو. سانجهيءَ جو منهن اونداهيءَ ۾ گهر ۾ آيو ۽ کٽ تي ليٽي زال کي چيائين ته، ”اندر پاري مان ٻيڙيون ۽ باڪس کڻي آڻي ڏي.“
هوءَ ويچاري اوندهه ۾ اندر وئي ۽ هٿوراڙيون ڏئي، پارو ڳولي لڌائين. ڍڪڻ لاهي اندر ٻيڙين لاءِ هٿ وڌائين. هاريءَ پاري ۾ ڪو نانگ وجهي ڍڪڻ ڏئي ڇڏيو هو، تنهن امالڪ ڏنگ هنيس. مائي اتي ئي مري وئي. روڄ راڙو ٿيو ته نيٺ ڳالهه ڦاٽي ته هيئن زال کي مارڻ لاءِ اها ترڪيب سوچي هئائين.“
ٻيو قصو ٻڌايائين ته، ”هڪڙا هاري پوڙهي پيءُ جي چوڻ تي کيس پاڻ ماري، فرياد کڻي آيا ته فلاڻن ماريو آهي.“ اصل ۾ دشمن کان پلاند وٺڻ لاءِ اهو ڊرامو رٿيو هئائون، پر ظاهر ٿي پيا.“ اهڙا ڪيئي قصا ٻڌايائين.
ظاهر آهي ته ماڻهن جي منافقين جو سندس ذهن تي به اثر پيو هوندو. ازحد حساس طبيعت جو ته اڳي ئي هو. نتيجو اهو نڪتو، ته سندس ساڄي هٿ لکڻ ڇڏي ڏنو. ماڻهن جو مزاج منافقي ڏسي، فتوائن لکڻ کان معذور ٿي ويو.
مون سان ڳالهه ڪيائين ته، پاڻيءَ سان ڀريل بالٽي کڻي ٿو وڃان، پر قلم ۾ هٿ وجهان ٿو، ته اڳتي رڙهي ئي نٿو! گهڻئي ڏس پنڌ ڪيائين. نيٺ فتوائن لکڻ لاءِ ٽائيپ رائيٽر استعمال ڪرڻ لڳو پوءِ هوريان هوريان کاٻي هٿ سان لکڻ جي پرئڪٽس ڪيائين. ائين قلم، ڪتابَ ۽ ڪاغذ سان حياتيءَ جي آخر تائين ياري نڀايائين. ليڪن سندس حوصلي کي شابس هجي جو پنهنجيءَ آتم ڪهاڻيءَ جو احوال ايڏي ته باريڪ بينيءَ ۽ جذيات سان ويهي لکيو اٿس، جو ڪير ڪونه مڃيندو ته هن شخص کي ڪڏهن به لکڻ ۾ ڪا هٻڪ ٿي هوندي.
وفات کان مهينو ماسو اڳ حيدرآباد آيو هو. سرڪيٽ هائوس جي ائنيڪسيءَ ۾ فيمليءَ سميت ٽڪيو هو. فون ڪيائين. شام جو اٺين ڌاران وٽس ويس. نائين بجي کيس شاديءَ جي دعوت ۾ وڃڻو هو. سٺي ڪچهري ڪئيسون. پڇيومانس ته لکڻ ٿئي ٿو، چيائين ته، ”هائو، ڪجهه نه ڪجهه لکندو رهان ٿو.“
جمال، جوانيءَ ۾ خاڪسار تحريڪ کان متاثر هو، ان جون ڳالهيون ڪندو هو. ٻيون گهڻيون ڳالهيون ڪندو هو سنڌ جي مير صاحبن جون، جن مان گهڻن سان گھري گهاٽي دوستي هئس.
جڏهن ايوب خان جي حڪومت ۾ شيخ اياز ڏکين ڏينهن ۾ آيو ته مون کيس ڀٽيءَ سميت ڪراچيءَ ۾ پنهنجي دوست نثار ميمڻ جي ڪڪري گرائونڊ واريءَ هوٽل ۾ لڪايو. ٻه ٽي ڏينهن ساڻن گڏ هئس. پوءِ موڪل پوري ٿي ته لاچار حيدرآباد هليو آيس. هو ٻه ڏينهن ٻيا به ٽڪيا پوءِ حيدرآباد آيا. منجهند جي ماني ٻنهي ڄڻن فاران هوٽل تي اچي کاڌي. اتان مون کي فون ڪيائون ته تو وٽ اچون ٿا. عين ان مهل ”عبرت“ اخبار مان فون آئي ته ايوب سرڪار يارهن ڄڻن جي گرفتاريءَ جا وارنٽ ڪڍيا آهن. جن ۾ سنڌ مان اياز ۽ مير رسول بخش به شامل آهن. ايتري ۾ اياز ۽ ڀٽي فاران هوٽل مان مون وٽ پهچي ويا. ڀانيان ٿو ته ديوان پرمانند (جيڪو ڪوئيٽا ۾ انڪم ٽيڪس جي وڪالت ڪندو هو ۽ اياز جو پراڻو دوست هو) به ساڻن گڏ هو. مون کين عبرت جي آفيس مان آيل خبر ٻڌائي. صلاح ڪري ڪنهن دوست کي موڪليوسون، ته تصديق ڪري اچي. هن موٽي اچي چيو ته خبر اکر به اکر درست آهي. ايتري ۾ ڪو اوپرو ماڻهو آيو. مون اياز کي چيو ته، ”هتان هلون، هيءَ جاءِ ويهڻ لاءِ موزون ڪانهي.“ ڪار ۾ ويٺاسون. حيدر چؤنڪ کان لنگهياسون ته مير رسول بخش کي گرفتار ڪري وٺي پئي ويا. گاڏيون اسان جي اڳيان لنگهيون. مير صاحب کي ڳچيءَ ۾ گلن جا هار پيا هئا.
مان يارن کي سڌو جمال رند وٽ وٺي هليس، جو پبلڪ اسڪول لطيف آباد ۾ رهندو هو. سو، پاسيري هنڌ تي هو. جمال رند کي سڄي ڳالهه ٻڌائيسون، پر ان کي ليکيائين به ڪونه! وڏيءَ گرمجوشيءَ ۾ ۽ خنده پيشانيءَ سان استقبال ڪيائين. گهر ۾ ٻارڙن کي هڪڙيءَ ڪوٺيءَ ۾ موڪلي، اسان کي ڊرائنگ روم ۾ وهاريائين. چاءِ پاڻيءَ کان پوءِ اياز لاءِ شام جي مهل گهربل سامان جو بندوبست ڪيائين. اياز پنهنجي ڊرائيور کي موڪليو ته هـِت هت هوٽل تي چاءِ پي ڪن ڏئي، ته سندس گرفتاريءَ بابت ماڻهو ريڊئي جي خبر تي ڇا ٿا چون؟
ڊرائيور ويو ته ڪلاڪ ٻه ڪلاڪ گم. اسين ڏاڍا پريشان ٿياسين!
اياز شڪي طبيعت جو ماڻهو هو. سو ڊرائيور موٽيو، ته مٿس گارين جو وسڪارو لاتائين. چيائين ته، ”هي حرامي پوليس کي پاڻ ڄاڻ ڪرڻ ويو هوندو، ته فلاڻي جي گهر ۾ لڪو ويٺو آهي.“
جمال رند جو گهر ايڏو وڏو ڪونه هو، جو سندس ٻار منجهس سمهن، ته اياز جهڙو معزز مهمان، ديوان پرمانند ۽ ڊرائيور به اتي ٽڪن، سو خيال ڪيوسون ته ”ڪاڏي وڃون؟“ اوچتو خيال آيو ته ”جمال ابڙو“.
اياز کي ان ڳالهه ۾ به شڪ پيو ته جمال رند مون کي گهر ۾ رات ٽڪڻ نه ٿو ڏئي، ان ڪري جمال ابڙي وٽ ٿو موڪلي. ڪنهن ڪتاب ۾ ائين لکيو به اٿس. اهو پڙهي جمال رند کي ڏاڍو ڏک ٿيو. اڄ اياز ۽ جمال رند هن جهان ۾ ڪونهن. مان ڏاڍي ڏک سان هي حرف لکان ٿو.
جمال ابڙي جو گهر گدوءَ جي پاسي ۾ هو يا G.O.R ۾ هو. نيٺ ڳولهي لڌوسون. اياز ۽ مان اها رات جمال جي گهر ۾ ٽڪياسين. پلنگن تي ايڏيون ته سهڻيون رلهيون وڇايل هيون، جو مون کي اڃان تائين ياد آهن. جمال کان پڇيم ته چيائين ته، ”ميرپور بٺوري جي پاسي جون آهن.“
جمال تمام سٺو مهمان نواز هو. وٽس گهڻائي دفعا ٽڪيا هونداسين، پر تاريخي پسمنظر ۾ اها رات به يادگار آهي.
جمال جڊيشريءَ مان سنڌ صوبائي اسيمبليءَ جو سيڪريٽري ٿيو. تيسين منهنجي وٽس اچ وڃ رهي. پوءِ سندس نوڪريءَ جي نوعيت اهڙي ٿي وئي، جو اسان جي ميل ملاقات دير دير سان ٿيڻ لڳي. جڏهن سندس فرزند بدر کي پوليس قابو ڪيو، تڏهن فوراً وٽس ويس. سڄو احوال ٻڌايائين. سندس آفيس ۾ ئي ڪچهري ڪئيسون.
اسان جون ميل ملاقاتون وري تڏهن شروع ٿيون، جڏهن اياز سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسيلر ٿيو ۽ مون کي پرو وائيس چانسيلر ڪرايائين. جمال ۽ نثار ميمڻ کي سئنڊيڪيٽ ۽ سليڪشن بورڊ جو ميمبر ڪرايائين. جمال سان اهي ڏينهن به ڏاڍا سٺا گذريا.
1984ع ۾ مان اسلام آباد هليو ويس، ته جمال سان ميل ملاقات وري گهٽجي وئي، جمال به اسلام آباد ۾ فيڊرل سروس ٽربيونل جو ميمبر مقرر ٿيو هو. پر، مون کي ياد ڪونهي ته اسان ڇو ڪونه گڏياسون.
جڏهن جمال رٽاير ڪري ڪراچيءَ ۾ ڊفينس ۾ گهر وٺي رهڻ لڳو، ته مان گاهي ماهي، سندس حاضري ڏئي ايندو هئس، يا وري اسان جي ملاقات اياز جي ڪلفٽن واري فلئٽ تي ٿيندي هئي. ان زماني ۾ به جمال جي دل سخت زخمي هوندي هئي. پر هو ان جي گهڻي دانهن ڪونه ڪندو هو.
انهيءَ زماني ۾ هڪ دفعي عبدالله ميمڻ واٽر ۽ پاور جو وزير ٿي اسلام آباد آيو. مون سان به گھري گهاٽي ياري هئس، پر جمال جو چوڻ هو ته سندس گهاٽو يار هو. مون جمال کي چيو ته، ”تون مون سان گڏجي اسلام آباد هل ته توکي دل جي ڪنهن ماهر کي ڏيکاريان ۽ عبدالله ۾ منهنجو ڪم آهي، اهو به چئونس.“
جمال هليو ۽ منهنجي غريباڻي گهر ٽڪيو. شام جو عبدالله جي آفيس ۾ وياسون. اڌ ڪلاڪ P.A جي آفيس ۾ انتظار ڪرايائين. پوءِ به اندر ڪمري ۾ ڪونه سڏايائين. اوچتو پاڻ P.A جي ڪمري ۾ گهڙي آيو ۽ چيائين ته، ”صبح جو ڪنهن غير ملڪي گروپ اڳيان هن موضوع تي ”پيشڪش“ ڪرڻي اٿم، سو واندو ڪونه آهيان. پر ڪم ٻڌايو؟“
اسان يس ته، ”ڪيڏيءَ مهل ڪم مان واندا ٿيندا؟“
چيائين ته، ”رات اٺين ڌاران.“
اسان چيس ته، ”اسان جي گهر هليا اچو. اتي ماني گرهه به وجهون ۽ ڪچهري به ڪريون.“
نهڪر ڪونه ڪيائين. ائين به ڪونه چيائين ته، ”جمال آيو آهي اسلام آباد، سو مانيءَ گرهه ته اوهان ٻنهي کي مون کي ئي کارائڻ کپي.“
چيائين ته، ”چڱو.“
اسين موٽي گهر آياسين ته جمال چيو ته، ”عبدالله مڙئي سرڪي ڀريندو آهي.“
دل ۾ چيم ته آفيس ۾ ته اسان کي چاءِ جي ڪوپ جي سکڻي صلاح به ڪانه ڪيائين. بهرحال، مان مانيءَ جو انتظام ڪري، عبدالله جي سرڪيءَ جو بندوبست ڪرڻ ويس.
عبدلله اٺين وڳي گهر آيو. آرام سان ٿي ويٺو. آفيس جو ڪم لاهي آيو هو. سرڪي ڀريائين. مانيءَ جو گرهه به مڪمل اطمينان سان وڌائين. ڪم جي باري ۾ اسان کان خبر چار وٺي، واسطيدار ماڻهوءَ کي چٺي به چڱي لکي موڪليائين. پر انهيءَ جي پوئواري اصل ڪانه ڪيائين. جمال، ڊاڪٽر کي پاڻ ڏيکاري ڪراچيءَ موٽي ويو.
بعد ۾ مون رمز سان عبدالله ميمڻ کي ڪڏهن گل موڪليا ۽ ڪڏهن ڪيڪ، ته من اسان جي عرض جي ڪا يادگيري پويس. پر مڙئي خير. ٻيو ته ٺهيو مون کي ياد آهي ته جمال کان اهو به ڪونه پڇيو هئائين ته، ”ڪڏهن ڪراچيءَ موٽڻ جو ارادو آهي؟“
راولپنڊيءَ ۾ آرمڊ فورسز جي دل جي بيمارين جي اسپتال جي سربراهه، جنرل ڪيانيءَ مون سان ”دل جي هڪ ماهر“ جي تعريف ڪئي هئي. مان جمال کي وٽس وٺي ويو هئس. ڊاڪٽر جو مون ۾ ڪم هو جمال کي چڱيءَ طرح تپاسيائين. کانئس سوال به ڪيائين، پر کيس دم دلاسو ڏيئي، مون سان پاسيرو احوال ڪيائين ۽ چٽن لفظن ۾ چيائين ته، ”تنهنجو دوست دل جو نازڪ مريض آهي. خيال رکجو.“
جمال ڪراچيءَ موٽي ويو. مان اسلام آباد مان ڪراچيءَ ايندو هئس، ته جمال سان ميل ملاقات ٿيندي رهندي هئي، يا وري ٻئي ڄڻا اياز وٽ ملندا هئاسين، پر هر دفعي مون لاءِ مسئلو اهو هوندو هو ته ڪچهري ساڻس ڪهڙي موضوع تي ڪريان؟ ڦري گهري سندس دل جي حالت اکين اڳيان ايندي هئي. اسلام آباد ۾ ڊاڪٽر ڪرنل اشفاق جا چيل اکر ياد پوندا هئا. سو، ساڻس هتان هتان کل ڀوڳ جون ڳالهيون ڪندو هئس يا وري مذهبي ڳالهيون ڪندو هئس.
هڪ دفعي اياز وٽ عبدالله ميمڻ جي تعريف ڪيائين ۽ تصديق لاءِ مون کان پڇيائين ته، ”رباني ڪيئن ٿو ڀانئين سندس قرب.“
مون صاف صاف چئي ڏنو ته، ”جمال ڇا ڪيائين؟ تون ته ڪراچيءَ مان مون سان هليو هئين. ٻه ڪلاڪ آفيس ۾ وهاري مليو. ڪم ته ڪونه ڪيائين پر، چاءِ جي صلاح به ڪانه ڪيائين.“ جمال چپ ٿي ويو حقيقت اها هئي.
جمال جو اولاد سندس فرمان ۾ هو. اها وڏي ٽيڪ آهي. ماڻهو اڪيلو ۽ تنها ڪونه ٿو ٿئي. غمگين ڪونه ٿو ٿئي. يار دوست ڇڏي وڃن ٿا ته اياز وانگر اڪيلو ۽ اٻاڻڪو ڪونه ٿو ٿئي.
جمال اولاد جي پيار جي ڇانوَ ۾، هڪ پکيئڙي وانگر آخري عمر ۾ داڻو پاڻي چڳندو رهيو، سندس پويان ڏينهن ڏاڍي آرام ۽ اطمينان سان گذريا. هڪ رات، سومهاڻيءَ جي مهل، اوچتو ڪنن ۾ ازلي ٻانگ ٻڌائين:

اوڏڻ اوري آءُ، توکي لاکي ڪوٺيو،
لهي تو مٿاءُ، سندو مٽيءَ مامرو.

”لبئڪ“ چيائين ۽ هميشه لاءِ اکڙيون ٻوٽي ڇڏيائين.

ڊاڪٽر جِي. ايم. مهڪري

ڊاڪٽر صاحب جڏهن به ڪنهن سان ملندو هو ته پنهنجو تعارف ”جي.ايم. مهڪري“ لفظن سان ڪرائيندو هو. مضمونن ۾ به پنهنجو نالو ائين ئي لکندو هو. هونئن، سندس سڄو نالو غلام محي الدين هو۽ ذات جو مهڪري هو. ڏکڻ هندستان ۾ ميسور جي پاسي جو ويٺل هو.
هندستان جي ورهاڱي کان پوءِ ٻين مهاجرن وانگر ڪراچيءَ ۾ لڏي آيو هو. پر، ان کان اڳي به شايد 1941ع ڌاران ڪراچيءَ آيو هو. اڪائونٽس ۽ آڊٽ کاتي ۾ نوڪري ڪندو هو. پير علي محمد راشديءَ ۽ حشو ڪيولراماڻيءَ جون مون سان ڳالهيون ڪندو هو. محمد امين کوسي کي به سڃاڻندو هو، جو به ڪنهن زماني ۾ حشو ڪيولراماڻي ۽ سوڀي گيانچنداڻيءَ وانگر سوشلسٽ خيالن جو ماڻهو هو. آخري عمر ۾ سخت مذهبي ٿي ويو هو. آزاد خيال ماڻهن سان گھري گهاٽي لهه وچڙ رکندو هو.
بهرحال، انهن مڙني سببن ڪري، ڊاڪٽر مهڪريءَ جي سنڌ سان محبت هئي.
مون سان سندس ملاقات ڪڏهن ٿي ۽ ڪٿي ٿي، سو ياد ڪونهيم، پر، جلد ئي پاڻ ۾ ڏاڍا گهرا گهاٽا ٿي وياسين. مان سنڌي ادبي بورڊ ۾ سيڪريٽري هئس، ته ڄامشوري ۾ بورڊ جون جايون، ٺهيون هيون، سائين غلام مصطفيٰ شاهه وائيس چانسلر سنڌ يونيورسٽي، سائين ميران محمد شاهه ۽ آغا عبدالنبي ”بلڊنگ ڪاميٽي“ ۾ چيئرمين ۽ ميمبر هئا. ليڪن انهن جاين ٺهڻ کان اڳ ۾ گاڏي کاتي جي ”امين منزل“ ۾ بورڊ جي آفيس هوندي هئي. مون کي چٽي يادگيري آهي ته اُتي ڊاڪٽر مهڪري ڪڏهن به مون وٽ مهمان ٿي ڪونه آيو هو. پر، مان ڄامشوري ۾ آيس، ته مهيني ماسي اچي نڪرندو هو. پاڻ نه پهتو، ته مان کيس ڪراچيءَ مان وٺي ايندو هوس.
بورڊ عالمن، اديبن لاءِ هڪ ننڍڙو مهمان خانو (GUEST BED UNIT) ٺهرايو هو. جنهن مان ٻه ٽي ماڻهو گهڻو مستفيد ٿيا: سائين شاهه محمد شاهه ۽ ڊيوڊ چيزمئن (DAVID CHEESEMAN). انهيءَ مهمان خاني کي نوازڻ وارو ٽيون ماڻهو ڊاڪٽر مهڪري هو.
منهنجو مهمان هوندو هو ته مون وٽ ئي ماني کائيندو هو. پر مهمانن وانگر ڪونه کائيندو هو. گهر جي ڀاتيءَ وانگر کائيندو هو. حجاب ڪونه ڪندو هو. ڪڏهن گوشت ته ڪڏهن دال ڀاڄي. جيڪي گهر ۾ هوندو هو، سو، بسم الله. البت کٽاڻ جو ڏاڍو شوقين هو. ميسور جي پاسي کٽاڻ گهڻي کائيندا آهن.
هاڻي جو اچڻ وڃڻ لاءِ سهوليت آهي ته حيدرآباد کان ڪراچي پري پنڌ ڪونهي، پر ڪڏهن هفتو ته ڪڏهن ڏهه ڏينهن مون وٽ ٽڪيو پيو هوندو هو. گهر واريءَ کي تسلي ڏيڻ لاءِ فون ڪري ڇڏيندو هو ته، ”تاجَ، مان رباني صاحب وٽ آهيان. ڪابه ڳڻتي نه ڪجانءِ.“ ڀلا جي کيس مون وٽ ڏهن ڏينهن کان به وڌيڪ عرصو ٿي ويو، ته پوءِ سندس گهر واري فون ڪندي هئي ته، ”هاڻي موڪليوس.“
ڊاڪٽر مهڪري ڪراچيءَ ۾ پنهنجو غريباڻو گهرڙو ٺاهيو هو. پر، نوڪريءَ ۾ آيو ته پنهنجي سڄي عمر هڪ سرڪاري گهرڙي ۾ گذاريائين. رٽايرمينٽ کان پوءِ ڪا معمولي پينشن ملندي هئس. سندس گهر واري به ڪنهن آفيس ۾ نوڪري ڪندي هئي. ڏکيو سکيو سندن وقت مڙئي پيو گذرندو هو.
مون کي گهڻو گهڻو پوءِ پتو پيو ته ڪراچيءَ ۾ سندس ٻه سڳا ڀائر به رهندا هئا، جن سان پوت ڪانه هئس، ڇو ته مهڪريءَ هٿ پير هڻي جيڪو پنهنجو غريباڻو گهر ٺهرايو هو، انهيءَ ۾ سڪ سان ڀائرن کي به وٺي آڻي گڏ رهايائين، پر، هنن ئي اڳتي هلي، ساڻس جهيڙو ڪيو ۽ گهر تي قبضو ڪيو. نيٺ، گهر وڪامي ويو. ڊاڪٽر مهڪري شريف ماڻهو هو، سور پي ويو. شريف ماڻهوءَ کي ئي پيڻو پوي ٿو.
اسان ٻنهي جي سنگت جو بنياد ”سوچ جي آزادي“ هئي. منهنجو هڪ مائٽ ڪنهن اسلامي جماعت سان وابسته هو. اٿيءَ ويٺيءَ ٿوريءَ گهڻيءَ ڳالهه ۾ عباسين ۽ اموين جي زماني جو ڪو مثال ڏيندو هو. اورتي پير ئي ڪونه رکندو هو. هڪ ڀيري، مون وٽ مهينو ماسو مهمان هو. انهن ئي ڏينهن ۾ ڊاڪٽر مهڪري به مون وٽ ٽڪيل هو. منهنجا ٻارڙا ڳوٺ ويل هئا. گهر خالي هو. هو ٻئي ڄڻا پاڻ ۾ گھرا گهاٽا ٿي ويا. پر، مون وارو مائٽ سوچ جي لحاظ کان اتر قطب تي، ته ڊاڪٽر مهڪري ڏکڻ قطب تي! ٻنهي جو پاڻ ۾ ڪنهن به ڳالهه ۾ اتفاق ڪيئن ٿئي؟ بحث ڪري ڪري، جڏهن ٻئي ڄڻا ساڻا ٿين، ته اڌ رات ڌاران وڃي کٽن تي ڪرن.
صبح جو آءٌ ننڊ مان اٿان، ته چاءِ ٺاهي پاڻ به پيان ۽ هنن ٻنهي کي به ڪوپ ڪوپ ڏيان. پر، اڃا پهرين سرڪي مس ڀرن، ته ڄڻ ڪڪڙن کي ويڙهه لاءِ ڦوهارو مليو. بحث وري شروع. هڪ ڏينهن صبح سويري سويري اهڙي هڪ بحث مباحثي ۾ مون واري مائٽ پنهنجي تاريخي معلومات موجب حجاج بن يوسف جو سندس ڪارنامن جو فخر سان ذڪر ڪيو ته، هي هي ملڪ فتح ڪيائين!
ڊاڪٽر مهڪريءَ چڙ مان چيس ته، ”ماڻهو موٽر ۽ ٽيليفون ٺاهن هوائي جهاز جوڙن، ريل گاڏي ٺاهن، ڪمپيوٽر ڪڍن، چنڊ تي لهن. پر، اسان هزار سالن کان وٺي حجاج بن يوسف جهڙي شخص ۾ هٿ وجهي، چنبڙيا پيا هجون!“
مون وارو مائٽ اهو طعنو سهي نه سگهيو. ڊاڪٽر مهڪريءَ سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ ڇڏي ڏنائين. ٻه چار ڏهاڙا ته گهر ۾ ڏاڍي ٻوسٽ رهي، پر پوءِ مون ڊاڪٽر مهڪري ۽ پاڻ واري مائٽ کي پرچائي ڇڏيو. ٻنهي ڄڻن پوءِ بحث ڇڏي ڏنو. رڳو مند ۽ موسم جون ڳالهيون ڪندا هئا. يا ان ڳالهه تي گفتگو ڪندا هئا ته ”سنڌڙي“ انب کائڻ ۾ وڌيڪ لذيذ آهي يا پنجاب جو ”انور - رٽول؟“
ڊاڪٽر مهڪري مڪمل ۽ ڀرپور آزاديءَ واريءَ سوچ جو قائل هو. منافقيءَ ۽ جهالت جي خلاف ”جهاد“! سندس مذهب هو. چوندو هو ته ”مُلو“ ڪو شخص نه آهي. اهو هڪ ذهنيت جو نالو آهي. مون کيس ٻڌايو ته سنڌ جي ڏاهن چيو آهي ته ”ملو، مجاور، ڪانوَ، ٽئي اکر هڪڙو.“ تنهن تي پاڻ چيائين ته، ”لا مذهب ملو“ ته وري مذهبي ملي کان به بڇڙو آهي. ڪُتـِي جڏهن گــُلر ڏيندي آهي ته انهن جون اکيون بند هونديون آهن. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ کلنديون اٿن، پر ”لا مذهب مُلو“ عقل جو اهڙو ته انڌو هوندو آهي، جو سندس اکيون سڄي عمر ڪونه کلنديون آهن.“ ڪميونزم جو ته سخت دشمن هو. چيائين ته روس ۾ ڪميونزم جو جنازو کڻي قبرستان ۾ دفن ڪري آيا. چين ۾ سوشلزم جي ٻوسٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ در دروازا کولي ڇڏيائون ۽ ان کي “OPEN DOOR POLICY” نالو ڏنائون. پر، اسان جي ملڪ ۾ ڪامريڊ يعني لا مذهب ملا اڃا انهن ڍڳن وانگر پيا ڳــَهن، جيڪي نار ۾ جوٽيل هوندا آهن. اکين تي کوپا چڙهيل هوندا اٿن، ته ڏسي نه سگهن! ڳچيءَ ۾ جيڪا ٽلي ٻڌل هوندي اٿن ان جي آواز تي پيا هلن.“
چيائين ته، “عقل جا اهڙا انڌا ملا شايد اڃا يورپ ۾ گهڻا آهن.“ تازو هڪ رسالي ۾ ڪارٽون ڏٺم، ته روس ۾ وڏي ۾ وڏو بجلي گهر ڊهي ڍير ٿي پيو هو. اتان جيڪا بجليءَ جي تار پري پري ٿي ويئي، سا ڪن ٿنڀن تي اڃا ٽنگي پئي هئي. هڪڙو شخص، تمام پري پنڌ تي، ٽيليفون ڪن تي رکي، رڙيون ڪري رهيو هو: ”ڪامريڊ، هتي بجلي ڪانه ٿي پهچي، قصو ڪيئن آهي؟ نسوري اوندهه لڳي پئي آهي. هلو.... ڪامريڊ.... هلو.... منهنجو آواز ٻڌو ٿا؟... جواب ڇو نٿا ڏيو؟ ڪامريڊ، ڪهڙن خيالن ۾ آهيو؟“
مون کيس ٻڌايو ته جلال الدين روميءَ ”مُلي جي ذهينت“ جو انهيءَ کان به وڌيڪ مؤثر ڪارٽون ڪڍيو آهي. پنهنجي ڪتاب ”فيهه ما فيهه“ ۾ لکيو اٿس ته، ”هڪ ڏينهن ڏٺم ته بزار ۾ جاءِ جي دري کلي. هڪڙو انڌو شخص، منهن ٻاهر ڪڍي، اهو ڏسڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو، ته ڪير ڪاڏي وڃي رهيو آهي؟“
ڊاڪٽر مهڪري پاڻ به پنهنجين تحريرن، تقريرن ۽ مضمونن ۾ اهڙا ئي ڪارٽون ڪڍندو هو. ڪراچيءَ ۾ شام واريءَ هڪ روزاني انگريزي اخبار ۾ ڪالم لکندو هو. هڪ دفعي منجهس ڪو ڪالم لکيائين، جيڪو ڏسي، اخبار جو مالڪ ڊڄي ويو، ته متان سرڪار ڪاوڙجي. شام جو ڊاڪٽر مهڪري جيئن ئي سندس آفيس ۾ گهڙيو ته مٿس چڙهي ويو. ست سريون ٻڌايائينس. ڊاڪٽر مهڪريءَ اخباري ڪالم ئي لکڻ بند ڪري ڇڏيا. اهو ڏکوئيندڙ داستان مون کي پاڻ ئي ٻڌايو هئائين.
سندس اهي اخباري ڪالم ڪتابي صورت ۾ ڇپيا. پر، مٿن پيش لفظ اهڙو لکيل هو، جو ڊاڪٽر مهڪري خاموش ٿي ويو. البت، هڪ ڏينهن حسين شاهه راشديءَ سان ڳالهه ڪيائين. هن چيس ته بچاء لاءِ پبلشر تي ڪيس وجهو، ته سرڪاري الزام اوهان تي ڪونه ايندو. ڊاڪٽر مهڪري ڊڄي ويو ۽ حسين شاهه کان منٿون ميڙون ڪري ڪيس ٺهرايائين. پر، پوءِ خبر ڪانهي ته ڇا ٿيو؟
ڊاڪٽر مهڪريءَ کي مزاح جو نهايت نفيس ذوق هو. جڏهن موج ۾ ايندو هو، ته اهڙو کلندو هو، اهڙو کلندو هو، جو باغن ۾ گل ٽڙي پوندا هئا. سائين غلام مصطفيٰ قاسمي هڪ ڀيري اسان کي پراڻن هالن ۾ پنهنجي دوست قاضي غلام محمد قريشيءَ وٽ وٺي هليو. قاضي صاحب پنهنجي ٻنيءَ ٻاري وارو هو. قدرت مٿس مهربان هئي. علم جي دولت سان نوازيائينس. باغ بستان ڏنائينس ۽ اولاد صالح عطا ڪيائينس. وٽس ڏاڍي سهڻي لئبرري هئي. سنڌ جي مهمان نوازيءَ جون روايتون ويهين صديءَ ۾ ڄام ڪانڀو خان زنده رکيون. پر اسان جي زماني ۾ نواب نور احمد لغاري سندس نقشِ قدم تي هليو. پر، سنڌ ۾ سکيا ستابا ته ٻيا به گهڻا هئا. پر وٽن رُڳي بک هئي. بقول حفيظ قريشي: ”اسان وٽ ڪي ڪينهي.“
هر سال، هڪ ڀيرو سائين قاسمي صاحب سان گڏ، اسان پنج ست ڄڻا- جن ۾ ڊاڪٽر مهڪري ۽ مظهر يوسف اڪثر ڪري هوندا هئا- قاضي صاحب وٽ ويندا هئاسون. سانجهڙيءَ ڌاران هالين پراڻين پهچندا هئاسون. اهي مجلسون اڪثر ڪري سرءُ يا سياري جي مند ۾ ٿينديون هيون. قاضي صاحب سان اهي مجلسون رات جي مانيءَ کان پوءِ ٿينديون هيون.
رات جي ماني جنهن ميز تي لڳندي هئي، سا ننڍي هوندي هئي. سو، ان تي پليٽ رکڻ جي گنجائش ڪانه هوندي هئي، ڇو ته سڄي طرح طرح جي طعامن سان ڀريل هوندي هئي. مختلف قسم جا ٻوڙ پلاءَ، ڪباب، چاپون، ڪوفتا، ٽانڊن تي پڪل ٻوٽيون، جيرا، بڪيون، ڀاڄيون، زردو، مٺي ۽ خالص ماهئي کير جون چونئريون. الائي ته ڇا ڇا هوندو هو. پر، ان سموري کاڌي جو سواد ۽ لذت هڪ طرف ۽ قاضي غلام محمد صاحب جي مٺي مرڪ ٻئي طرف! الله سائينءَ سونهاريءَ سنڌ ۾ ڪيڏا نه مٺا ماڻهو پيدا ڪيا.
قاضي غلام محمد صاحب جي ڊاڪٽر مهڪريءَ سان ڏاڍي دل ٿي ويئي. توڙي جو ٻنهي جي خيالن ۽ عقيدن ۾ زمين آسمان جو ضد هو. پر، ٻنهي ۾ هڪ ڳالهه ساڳي هئي- ”ذهن ۽ فڪر جي آزادي.“
ڊاڪٽر مهڪريءَ جي پنهنجي وطن ميسور سان ڏاڍي محبت هئي. اونهاري جي چوماسي ۾، جڏهن حيدرآباد ۽ ڄامشوري جي آسمان تي ڪڪر وسڻ جا ويس ڪري ايندا هئا ۽ مان ڊاڪٽر مهڪريءَ کي چوندو هوس ته، ”اڄ ڪهڙي نه پياري موسم آهي!“ تڏهن ٿڌو ساهه ڀري چوندو هو ته، ”هائو، ميسور جي موسم آهي.“ ڪڏهن چوندو هو ته، ”هائو بئنگلور جي موسم آهي.“
ميسور ۽ بئنگلور جي موسم وانگر اتان جي ميون جو به گهڻو ذڪر ڪندو هو. قاضي غلام محمد صاحب وٽ هڪ سٺو باغ هوندو هو. هڪ دفعي اسان کي ان جو سير ڪرايائين. قاضي صاحب پنهنجي باغ جي ميون جو ذڪر ڪيو ته، ”هي ميوو سٺو ٿئي ٿو، پر منجهس اها لذت ڪانهي، هيءُ ميوو تمام مٺو ٿئي ٿو.“
تڏهن ڊاڪٽر مهڪري پڇيس ته، ”اوهان وٽ دُريانُ به ٿئي ٿو؟“
قاضي صاحب حيران ٿي چيس ته، ”اسان ته ان جو نالو ئي ڪونه ٻڌو آهي!“
ڊاڪٽر مهڪريءَ انهيءَ تي دُريان جون خوبيون بيان ڪيون. اسان سڀ متوجهه ٿياسين. ڊاڪٽر مهڪري چوڻ لڳو ته دُريان جي سڀ کان اول هيءَ خوبي آهي ته ”مردانا طاقت“ لاءِ اڪسير آهي. سٺ ورهين جو مرد کائيندو ته سورنهن ورهين جي ڇوڪريءَ سان شادي ڪندو ۽ کيس تمام خوش رکندو. دريان کائڻ ۾ وري اهڙو آهي جو ڄڻ ته اوهان انب جي وڻ مان لٿل تازي ماکي لاهي وات ۾ وڌي.
اهو ٻڌي قاضي صاحب جو دُريان لاءِ اشتياق وڌي ويو ۽ چيائينس ته، ”ڊاڪٽر صاحب، ڪيئن به ڪري دريان جو ٻج وٺي ڏيو.“
تڏهن ڊاڪٽر مهڪريءَ آهستي چيو ته، ”البت دريان ۾ هڪ عيب آهي، سو هيءُ ته انهيءَ جي بَدبوءِ ڏاڍي بڇڙي آهي. اوهان کائڻ لاءِ ڪپيندا، ته سڄو گهر ڍونڍ ٿي ويندو. سو، هوائي جهازن وارا دُريان کڻڻ کان انڪار ڪندا آهن. ٻيو ته دُريان ڪپي کائبو ته ڦاڪ وات ۾ وجهڻ مهل، نڪ کي جهلي بند ڪرڻو پوندو. ليڪن، جڏهن به اوڳرائي ايندي ته ائين ڀانئبو، ته پيٽ ۾ ڪو مئل ڪُئو پيو آهي.“
قاضي صاحب اهو ٻڌي، موڪلائڻ مهل ڊاڪٽر مهڪريءَ کي نرڙ ۾ گهنج وجهي ڪن ۾ سرٻاٽ ڪيو ته، ”دريان جو ٻج نه موڪلجو.“
مان ڊاڪٽر مهڪريءَ کي، موقعي ملڻ تي، سنڌ گهمائڻ وٺي ويندو هوس. کيس سنڌ سان هونئن به ڏاڍي محبت هوندي هئي.
هڪ دفعي کيس خيرپور ۾ سچل سيمينار تي وٺي ويس ۽ ٻئي دفعي سکر بئراج جي جشن ۾ ٽئين دفعي وري شڪارپور جي جشن ۾ وياسين. اتي جلسي جو صدر مان هئس. سو، جلسي ۾ کانئس تقرير به ڪرايم. موٽ تي لاڙڪاڻي مان لنگهياسين ۽ اتان ڪينيڊي مارڪيٽ مان ماهوٽن جي مشهور زيتونن جو کارو ورتوسون. رستي تي زيتون کائيندا، اچي سيوهڻ پهتاسين ۽ سڪندر بادشاهه واري پراڻي قلعي جي مٿان ريسٽ هائوس ۾ رات رهڻ جو فيصلو ڪيوسون.
اسان جو اهو يادگار سفر هو. نماشام جو ريسٽ هائوس ۾ پهتاسين. ڊرائيور جو نالو ياد ڪونهيم پر ڀانيان ٿو ته محمد بخش مڱريو هو. هٿ منهن ڌوتو سون، ته ريسٽ هائوس جو ڪيپر ٻاهر اڱڻ ۾ ڪرسيون ۽ ميز رکي ويو. اسان سولا ٿي ويٺا سون، ته گرم گرم پڪوڙا ۽ چاءِ کڻي آيو.
ريسٽ هائوس جو مٿي قلعي تي آهي ته نگاهه پري پري پوي ٿي. آسمان ۾ مينديءَ رتا ڪڪر ست سرمائي ويس ڍڪڻ لڳا ۽ سيوهڻ جون بتيون روشن ٿيون ته قلندر لعل شهباز جي روضي جو گنبذ تجلا ڏيڻ لڳو. سامهون درياه جو پريون پار نظرڪونه ٿي آيو.
ڊاڪٽر مهڪري چاءِ پي اٿيو. آهستي آهستي هلندو قلعي ۾ سيمنٽ جي ٿلهي تي وڃي بيٺو. مان ڪرسيءَ تي ئي ويٺو رهيس. چڱيءَ چڱيءَ دير کان پوءِ موٽيو، ته سندس اکيون آليون هيون.
مان حيران ٿي ويس. چيو مانس ته، ”ڊاڪٽر صاحب، خير ته آهي؟“
چيائين ته، ”ڪهڙي خبر ته هڪ ڏينهن سڪندر اعظم هن قلعي ۾ هيئن، هن هنڌ بيهي، سامهون نهاريو هوندو. هو دنيا جو فاتح هو. مان فقير آهيان.“
ڊاڪٽر مهڪريءَ کي اولاد ڪونه ٿيو، سو کيس ٻارن سان ڏاڍي محبت هئي. منهنجي نياڻي قرة العين تڏهن پنڌ به ڪانه ڪندي هئي. مان کيس هنج ۾ کڻي ريسٽ هائوس ۾ ڊاڪٽر مهڪريءَ سان ڪچهري ڪرڻ ويندو هوس. ڊاڪٽر صاحب عينيءَ کي پنهنجي پاسي ۾ ويهاريندو هو، جا سندس عينڪ، پين، ڪنجين ۽ کيسي ۾ پيل سڪن سان راند ڪندي رهندي هئي.
منهنجي ننڍي پٽ مجيب سان ته ڏاڍي دل هئس. کيس ”ترڪ“ ڪوٺيندو هو. ڪڏهن ”بهادر“ سڏيندو هوس. جڏهن مان اسلام آباد بدلي ٿي ويس، ته مجيب لاءِ هڪ تاريخي دوربين تحفي طور موڪليائين ۽ پنهنجيءَ ڪئميرا سان ڪڍيل سندس تصوير پنهنجي ڪنهن مضمون ۾ ”ڊان“ اخبار ۾ ڇپايائين.
منهنجو وڏو پٽ عزيز ٽئين درجي انگريزيءَ جي ڪچي امتحان ۾ فيل ٿيو. اسڪول مان موٽيو ته ڊوڙندو آيو ۽ مون سان اها ڳالهه ڪيائين. مون سندس ڳڻتي لاهڻ ۽ خود اعتمادي بحال ڪرڻ لاءِ کيس ڀاڪر ۾ کڻي، چمي ڏني ۽ چيو ته، ”ڪا ڳالهه ناهي، تون پڪي امتحان ۾ پاس ٿيندين.“
اهو ڏسي ڊاڪٽر مهڪريءَ اکين ۾ پاڻي اچي ويو. مون کي ڏک مان چيائين ته، ”منهنجي پيءُ مون کي ڪڏهن به ائين پيار ڪونه ڪيو.“
هڪ دفعي اسلام آباد ۾ سندس سڪ لڳم. ڪنهن ادبي سيمينار جو پروگرام هو. کيس ۽ مظهر يوسف کي جهاز جون ٽڪيٽون موڪليم. ٻه ٽي ڏينهن ٽڪيا، ڏاڍيون رهاڻيون ڪيونسون.
ڊاڪٽر مهڪريءَ جو دنيا جهان ۾ هڪ ئي دوست هو- مظهر يوسف! ٻيءَ مهاڀاريءَ لڙائيءَ واري زماني ۾ پهريون دفعو شملي ۾ مليا هئا. شملو جو اونهاري جي مند ۾ هندستان وائسراءِ جي گاديءَ جو هنڌ هوندو هو. سياري ۾ گاديءَ جو هنڌ دهلي هوندي هئي. مظهر يوسف چيو ته انهيءَ ملاقات ۾ دوست ٿي وياسون. وري دهليءَ ۾ ملياسون. هندستان پاڪستان ٿيو، ته ڪراچيءَ ۾ گڏياسون. ان کان پوءِ، قسمت ٻنهي جو ساهه سنهيءَ سئيءَ سان سـِبي ڇڏيو. سنڌ جي سمورن دوستن سان ڊاڪٽر مهڪريءَ جي ملاقات مظهر يوسف جي معرفت ٿي.
مظهر يوسف چوندو هو ته ڊاڪٽر مهڪريءَ کي هندو ديومالا تي وڏو ملڪو هوندو هو. هڪڙي دفعي، شيخ اياز، ڊاڪٽر مهڪري، مظهر يوسف ۽ ٻيا ڪي دوست مياڻيءَ واري ريسٽ هائوس ۾ وياسين. سڄو ڏينهن اتي رهياسين. ڊاڪٽر مهڪري ڳالهائيندو رهيو. اسان ٻڌندا رهياسين. هن رامائڻ ۽ مهاڀارت مان ڪي ٽڪرا بيان ڪيا ۽ جن ۾ علم ۽ اعليٰ اخلاق جي تعليم ڏنل هئي.
هونئن، ته ڊاڪٽر مهڪري سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي تعليم جي تلقين بلڪ تبليغ ڪندو هو. پر، ساڳئي وقت، غير سائنسي علمن جو به ڪوڏيو هوندو هو. E.S.P ۾ به ڏاڍي دلچسپي رکندو هو. COFEE CUP READING ۾ سندس يقين هو.
هڪ دفعي حيدآباد ۾ هڪ صوفي بزرگ وٽ مون سان گڏجي هليو. ٻنهي جي گفتگوءَ جو مرڪزي موضوع ”ڪشف“ هو. ٻئي دفعي مون سان گڏجي ميين اسحاق جي زيارت لاءِ ملاڪاتيار هليو. کليل ذهن، کليل دل ۽ کليل دماغ وارو شخص هو. کيس ڪنهن به ”ازم“ سان وابسته ڪرڻ ساڻس وڏي ۾ وڏو ظلم ٿيندو. صحيح معنيٰ ۾ ”صوفي لا ڪوفي“ هو.
مان اسلام آباد مان جڏهن ڪراچيءَ ويندو هوس ته مظهر يوسف مانيءَ تي سڏيندو هو. ڊاڪٽر مهڪري به اچي شريڪ ٿيندو هو. پوئينءَ ملاقات ۾ چيائين ته هن کان پوءِ شايد پاڻ وري ملي نه سگهون.
مون چيو، ”ڇو؟“
چيائين ته، ”مان هن جهان ۾ ئي ڪونه هوندس.“
مون چيو، ”ڊاڪٽر صاحب ائين نه چئو.“
سال کن پوءِ ڪراچيءَ ويس ته مظهر يوسف ڳالهه ڪئي ته ڊاڪٽر مهڪري چاق ڪونهي. هڪ ته سنڌن جو سور، ٻيو ته سڄو وقت بستري تي ليٽيو پيو آهي. سو، ڪا ڳالهه مزو ئي ڪانه ٿي ڏئيس. مون چيو ته، ”ٻئي دفعي گڏجي وٽس هلنداسون.“ مان موٽي اسلام آباد هليو ويس. اهو ٻيو دفعو ڪڏهن به ڪونه آيو.
هڪ ڏينهن شام جو فون جي گهنٽي وڳي ته ڪراچيءَ مان ڪال آهي. فون تي آيس ته مظهر يوسف هو. ڀريل گلي سان چيائين ته، ”ڊاڪٽر مهڪري اڄ هي جهان ڇڏي ويو.“
مون کيس ڇا چيو ۽ هن ڇا چيو، سو هاڻي ياد ڪونهيم. پر ايترو ياد اٿم، ته جڏهن مظهر يوسف سان ڳالهائي، موٽي پنهنجي ڪمري ۾ آيس، ته دريءَ وٽ بيهي، اسلام آباد مان اداس نگاهن سان سنڌ ڏي ڏٺم.
ڊاڪٽر مهڪري سيوهڻ واري قلعي ۾ سيمنٽ جي ٿلهي تي سڪندر بادشاهه سان گڏ بيٺو هو. هڪ دنيا جو فاتح هو ۽ ٻيو فقير هو. ٻئي ڄڻا ڪن سفيد پرن وارن پُراسرار پکين کي ڏسي رهيا هئا، جي اڏامندا اڏامندا، ”درياءَ جي پرئين پار؟“ آسمان جي نيراڻ ۾ گم ٿيندا پئي ويا:

سامي کڻي سنک، وڄائي واٽ ٿيا

شيخ حفيظ

ڪالهوڪو ڏينهن آهي، جو نوشهري فيروز مان مئٽرڪ جو امتحان ڏئي، حيدرآباد ۾ اچي، ڦليليءَ واري ڪاليج ۾ داخلا ورتي اٿم. ڪاليج جي داخلا ته سولي، پر، ان جي هاسٽل جي داخلا ڏاڍي ڏکي. ڄڻ ته ٽڪر ٽاڪي، شيرين سان ملڻو هو. فرهاد ٽڪر ٽاڪيندي مري ويو. مان لڪ لنگهي پار پيس ۽ ڦليلي ڪاليج جي پراڻيءَ هاسٽل جي ڇهين نمبر ڪمري ۾ وڃي واڻ جي کٽ رکيم. پنج ڄڻا اڳ ئي پنهنجون کٽون وجهيون ويٺا هئا. پهرينءَ رات ننڊ مزي جي ڪانه آئي. کٽ ته نئين هئي، پر، آس پاس اورين کٽن مان منگهڻ اچي پهتا. بت ۾ کرڙو پئجي ويو. سڄي رات ننڊ ڪانه آئي.
صبح جو اڃا اوٻاسيون پئي ڏنم، ته هاسٽل جي وارڊن جو ماڻهو آيو. تڙ تڪڙ ۾، منهن تي ڇنڊو هڻي، سندس آفيس ۾ پهتس. ڳاڙهين اکين، جهنڊولن وارن ۽ بڇڙن افعالن واري هڪ نوجوان تي نظر پيم. وارڊن چيو ته، ”هن کي وٺي وڃ ۽ سمهڻ لاءِ هنڌ بسترو ڏئينس.“
هاسٽل منهنجي اوطاق ڪانه هئي ۽ نه وري ان جو نگران هئس. اهو ڪم اسان جي هڪڙي پروفيسر جي بلي هو. پر هن بار مون تي رکيو. نوجوان کي ڪمري ۾ وٺي آيس. کيس پنهنجي کٽ ۽ هنڌ ڏنم. پاڻ ڪاليج هليو ويس. ڪاليج جا پيرڊ ختم ٿيا، ته ڪينٽين تي منجهند جي ماني کائي، اتان ئي پرٻاهرو شهر هليو ويس. رات جو اٺين نائين بجي موٽيس، ته اهو بدافعالو نوجوان به ننڊ مان جاڳيو هو. هٿ منهن ڌوئي، منهنجي بستري ۾ سولو ٿي ويٺو هو. ڪو ڪتاب ويٺي پڙهيائين. ڄڻ ته کيس منهنجو ئي انتظار هو. سو، جيئن ئي ڪمري ۾ داخل ٿيس، ته پاڻ اٿيو. وارن کي ڦڻي به ڪانه ڏنائين. بوٽ پائي، ڪهيون ڇڪي ٻڌائين ۽ پوءِ سگريٽ دکائي چيائين ته، ”مان هلان ٿو. ڪو پڇڻ اچي ته چئجوس ته صبح جو ڏهين بجي ايندو.“
رات جو يارهين بجي ڌاران هڪ فوجي سفيد يونيفارم ۾ آيو. غالباً، نيويءَ ۾ هو. چيائين ته، ”حفيظ شيخ آهي؟“
مون چيو ته، ”صبح جو ڏهين بجي ايندو.“
اهو ٻڌي چيائين ته، ”اچي ته چئجوس ته ڪيپٽن قدوس آيو هو.“ (بعد ۾ خبر پئي ته سندس ڀيڻويو هو.)
مون چيو ته، ”اوهان کي خبر ڪانهي، ته هينئر ڪاٿي هوندو؟“
چيائين ته، ”ويچاري جو ڪو گهر گهاٽ ئي ڪونهي!“
غريبن ۽ مظلومن سان مون کي محبت آهي. پوءِ اهي ڪير به هجن. ڪٿان جا به هجن. سو وڌيڪ تعارف جو ڪو ضرور ئي ڪونه هو. حفيظ ۽ مان گھرا گهاٽا يار ٿي وياسين. سندس ڳالهين مان سمجهيم ته يار ڪجهه اٽڪلي به آهي. ڳالهه ڪيائين ته مون کي خبر هئي ته هاسٽل ۾ داخلا سولي ڪانهي. سو، لاڳيتيون ٻه راتيون ننڊ ڪانه ڪيم. ٽئين ڏينهن، ڄاڻي ٻجهي، صبح سان ڳاڙهين اکين ۽ بڇڙن افعالن سان، پرنسيپال جي آفيس ۾ هليو ويس ۽ چيومانس ته اوهان جي ڪاليج جو شاگرد آهيان. ٻن راتين کان سمهيو ڪانه آهيان. دل ڪچي ٿي رهي آهي. ڀانيان ٿو ته الٽي اچي رهي آهي. مهرباني ڪري ڪجهه دير آرام لاءِ ڪو بندوبست ڪري ڏيو.“
پرنسيپال منهنجي منهن ۾ نهاريو. منهنجون ڳاڙهيون اکيون ڏٺائين ته هڪدم گهنٽي وڄايائين. هاسٽل جي وارڊن کي گهرائي چيائين ته، ”هن شاگرد جي آرام ۽ رهائش جو هڪدم بندوبست ڪريو.“ (وارڊن وري اهو بار مون تي رکيو هو).
پرنسپال ڊاڪٽر ائڊرين ڊيوآرٽ هو. عيسائي هو. اصل ۾ گوا جو باشندو هو. ملائڪن کي جو آدم کي سجدي ڪرڻ جو حڪم مليو هو، سو ان ڪري جو جهان جي خالق ۽ مالڪ کي معلوم هو ته آدم جي اولاد ۾، ائڊرين ڊيوآرٽ جهڙا سدورا پٽ پيدا ٿيندا. هو ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ ڄمي ها، ته هاڻي سينٽ ائڊرين ڊيوآرٽ سڏجي ها. سڄي عمر سنڌ جي تعليم کاتي ۾ گذاريائين. اسان جا انگريزيءَ جا ڪلاس وٺندو هو. جيڪو پهرين پهرين سبق ڏنائين، سو مون کي اڃا تائين ياد آهي. ان جو پهريون جملو هو ته ”انسانذات هن مهل تائين جيڪو به تهذيبي سفر ڪيو آهي، ان جو پهريون قدم ”سهپَ“ (TOLERENCE) هو.“
ڊاڪٽر ڊيوآرٽ رڳوڪاليج ڪونه هلايو. سنڌ تي عاليشان ڪتاب به لکيائين. پر، سرنديءَ وارا سنڌي سٻاجهڙا پاڻ کي قلم ۽ ڪتاب کان پري رکندا آهن. انگريزن جي ڏينهن ۾ منجهن جان تان لحاظ هو. ان دؤر جو ٽنڊي باگي واري مدرسي جو مير صاحب، ڊڀري وارو سائين الهه آندو شاهه، جنهن نوشهري مدرسي هاءِ اسڪول جو بنياد وڌو يا حسن علي آفندي صاحب، جنهن سنڌ مدرسو ٺاهيو ۽ مرحوم نور محمد وڪيل جنهن حيدرآباد وارو هاءِ اسڪول قائم ڪيو، سي سڀ وڏا نالا آهن. پر، هاڻي سنڌ جي تاريخ جا اڳواڻ آهن.
حفيظ منهنجي همٿائڻ تي ڏهين رپين واري واڻ جي کٽ وٺي آيو ۽ پاسي ۾ اچي وڌائين. وٽس بجليءَ جو هيٽر هو، جنهن تي چانهه جي ڪٽلي چاڙهيندو هو. پوءِ رات جو اسان جي ڪچهري ٻين ٽين بجي تائين هلندي هئي. ائين وقت گذرندو رهيو. سڄو سال حفيظ ۽ مان گڏ رلندا رهياسين. سائنس پڙهڻ جو شوق نه کيس هو، نڪو مون کي. حفيظ کي اقبال جا الاهي شعر ياد هئا، سي مون کي ٻڌائيندو هو ۽ اهو به ٻڌايائين ته سندس ننڍپڻ ڪيئن گذريو.
سندس پيءُ گمبٽ جي پاسي وٽنري ڊاڪٽر هو. سندس والده غير سنڌي هئي. حفيظ اڃا ٻار هو، ته گهران ڀڄي ويو. ڇو ڀڄي ويو، سو مون کي ڪونه ٻڌايائين. البت، ايترو ڏسيائين، ته پيٽ گذر لاءِ اول بوٽ پالش ڪيم، پوءِ ٻيا ڌنڌا ڪيم ۽ آخر ۾ کيسا ڪترڻ سکيس. هڪ دفعي بمبئيءَ ۾ ڪنهن دڪان جي اڳيان بيٺو هوس، ته ڪنهن جيب ڪتري پٺيان اچي کيسي کي ڪينچي هنئي. ڪڇيم پڇيم ڪونه، جيئن بيٺو هئس، تيئن آرام سان بيٺو رهيس. تمام آهستي پنهنجو هٿ جيب ڪتري جي هٿ تي رکي چيم ته، ”استادن سان!“
جيب ڪترو ڦري اڳيان آيو ۽ پيرين پئي، معافي ورتائين. پاسي واريءَ هوٽل تي وٺي هليو. ڏاڍي سٺي دعوت کارايائين.
اهو ٻيءَ مهاڀاري لڙائيءَ جو زمانو هو. حفيظ چيو ته، ”موقعو مليو، ته ملٽريءَ ۾ ڀرتي ٿيس. ناگپور جي پاسي موڪليائون. ڪجهه عرصو رهيس، پوءِ جان ڇڏائي آيس. مزو ڪونه آيو.“
پاڪستان ٺهڻ کان ستت اڳ پاڻ حيدرآباد آيو. اول گاڏي کاتي ۾ سائڪلن جي پنچرن ڳنڍڻ جو دڪان کوليائين. پوءِ انڊس گلاس فئڪٽريءَ واري علائقي ۾ کٽمٺڙن ۽ ريزڪي سامان جو دڪان کوليائين. اتي هڪ خاتون سان عشق ڪيائين، جا پوءِ سندس هڪ دوست سان پرڻي. هڪ دفعي، حفيظ مون کي ڏيکاري. ڏاڍي سهڻي هئي!
انهيءَ زماني جا سندس ٽي گهاٽا دوست هئا، جي ٽئي مون سان ملايائين. هڪ يونيورسٽيءَ ۾ استاد ٿيو. ٻيو محمد اسماعيل، جو زميندار هو ۽ ٽيون ولي محمد، جو مذهبي ماڻهو هو. اشراف انسان هو. ٽنهي جو ساڻس ذاتي تعلق هو. هڪ دفعي حفيظ ۽ مان ولي محمد جي ڳوٺ وياسين. حيدرآباد شهر کان چڱو پري هو. اسر سان پنڌ پياسين. نيرن وٽس وڃي ڪئيسون. مکڻ، ماکيءَ، ڪڻڪ جي اوڦراٽن ۽ گرم گرم چاءِ ڏاڍو مزو ڏنو.
حفيظ کي ٻه ڀائر هئا. حميد سڀني ۾ وڏو هو ۽ الڳ رهندو هو. سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ نوڪري ڪندو هو. سدائين انگريزي ڳالهائيندو هو. فليٽ هئٽ پائيندو هو ۽ چروٽ ڇڪيندو هو. ٻنهي ننڍن ڀائرن سان ڪونه ڳالهائيندو هو. ٻئي ڀاڻس جو نالو بشير هو، حفيظ کان به ننڍو هو. مير غلام علي خان ٽالپر جو پي.اي. ٿيو، جنهن کيس ٽيڪسٽائيل انجنيئرنگ ۾ ڊپلوما لاءِ انگلستان موڪليو. اتان ڊپلوما جي بدران اها اسڪيم کڻي موٽيو، ته سنڌ جي هارين کي سڌارڻ لاءِ کين مشيني هر وٺي ڏجن. اسڪيم هلي ڪانه سگهي، سو انگلستان موٽي ويو. پوءِ ڪاڏي ويو، تنهن جي اڄ تائين ڪا خبر ڪانهي.
حفيظ کي ڀينر به هيون. هڪ پنهون خان سان پرڻيل هئي، جو سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ سپرنٽنڊنٽ هو. نهايت شاندار ماڻهو هو. ٻي ڪيپٽن قدوس سان پرڻي. ٽين شايد عالماڻين ۾ پرڻي.
حفيظ هڪ دفعي اوچتو منهنجي ڳوٺ اچي نڪتو. ڳوٺاڻي زندگي ڏکيري آهي، مون کي چيائين ته، ”اڄ مون کي خبر پئي آهي ته تون ڏسڻ وائسڻ ۾ ته ڏاڍو نرم ۽ نازڪ آهين. ليڪن، ڏک سک تي هريل آهين.“
حفيظ سال کن حيدرآباد جي ڪاليج ۾ مون سان گڏ پڙهيو. پوءِ ڪراچيءَ هليو ويو. خط لکيائين ته تون به ڪراچيءَ هليو اچ. مان ڪراچي پهتس. پاڻ ميٺارام هاسٽل ۾ رهندو هو. پاڻ به خيرپور رياست جو هو سو خيرپوري شاگردن کان سندن ٻن ٽن ڪمرن جون چاٻيون وٺي ڇڏيون هئائين، جو ڪاليجن ۾ وئڪيشن هئي. هو ڳوٺ هليا ويا هئا. هڪڙي ڪمري جي چاٻي مون کي ڏنائين ۽ درخواستن جو ٿهو ٽائيپ ڪرائي ڏنائين. پوءِ سمجهايائين ته، ”صبح جو نيرن ڪري، نڪر. سنڌ سيڪريٽريٽ جي هڪ هڪ آفيس ۾ وڃ ۽ فقير وانگر سئن هڻي، پڇ ته ڪا ڪلارڪيءَ جي جاءِ خالي آهي؟ ڪٿي نه ڪٿي ملي ويندئي.“
پاڻ به ائين ئي ڪلارڪي هٿ ڪئي هئائين.
مون سندس نسخو آزمايو. هڪ ڏينهن ڊئريڪٽر انڊسٽريز سنڌ جي آفيس ۾ ويس. آفيس سپرنٽنڊنٽ ته الائي ڪير هو. پر، وڏو بااخلاق شخص هو. وچوليءَ عمر جو هو. ان زماني ۾ سنڌي ماڻهن ۾ اڃا لحاظ هو ۽ رشوت جو مرض ايڏو ڪونه پکڙيو هو. صبح جو اچڻ لاءِ چيائين. ٻئي ڏينهن مون کي ڪلارڪيءَ جو آرڊر هٿ ۾ ڏنائين. عيد ٿي وئي! حفيظ سان ڳالهه ڪيم. ڏاڍو خوش ٿيو. پر، ائين به چيائين ته، ”هفتي کن ۾ خيرپوري شاگرد موٽندا. پنهنجا پنهنجا ڪمرا والاريندا. تنهنجا ٽپڙ کڻي ٻاهر اڇلائيندا.“
اهو ٻڌي، مان ته ڏاڍو پريشان ٿيس. پر، حفيظ تي ڪوبه اثر ڪونه ٿيو. ميٺارام هاسٽل ۾ مان ڪل ٻه مهينا رهيو هئس. انهيءَ عرصي ۾ نبي بخش دائودپوٽي سان سنگت ٿي وئي هئي، تنهن چيو ته، ”مون سان اچي رهه.“ اول ساڻس ۽ پوءِ مقبول سومري سان گڏ وڃي رهيس، جو ٽيهين نمبر ڪمري ۾ اڪيلو رهندو هو. ان ڪمري ۾ رهائش جي يادگيرين جو مضمون لکيو اٿم، جيڪو ”مهراڻ“ ۾ ڇپيو آهي. گهڻن کي وڻيو آهي.
حفيظ به هاسٽل ۾ رهندو هو. پر، سندس گهڻو تڻو وقت 29 نمبر ڪمري ۾ گذرندو هو، جتي ڊاڪٽر هاشمي رهندو هو. ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو سيڪريٽري جنرل هو. جيڪا ليفٽيسٽ خيالن جي شاگردن جي جماعت هئي. 1953ع وارا فساد انهن ڪرايا هئا جن ۾ نواب مشتاق احمد گرماڻي، وزيرِ داخلا حڪومت پاڪستان جي ڪار ساڙي وئي هئي. دائودپوٽو انهيءَ ڏينهن شام جو مون کي اُنهيءَ هنڌ وٺي ويو هو. سڙيل ڪار پوليس کڻائي وئي. پر، هر هنڌ هٿياربند پوليس بيٺي هئي. سخت خوف ۽ هراس هو.
هڪڙي ڏينهن هاسٽل ۾ حفيظ وٽ ويس، ته ڪجهه ويٺي لکيائين. مون چيس ته، ”ڇا ٿو لکين؟“
جواب ڏنائين ته، ”افسانو.“
جڏهن حيدرآباد ۾ هو ته هڪ دفعي سندس موجودگيءَ ۾ سندس هڪ نوٽ بڪ کڻي پڙهڻ ويٺس، جنهن ۾ ڪي افسانا لکيا هئائين. سڀ رومانوي طرز جا هئا. اها ڳالهه ياد هئم. سو، پڇيومانس ته، ”ڇا جي لاءِ؟“
چيائين ته، ”ڪراچيءَ جي سنڌي ادبي سنگت افسانن جي چٽاڀيٽي ڪرائي آهي، انهيءَ لاءِ لکي رهيو آهيان.“
مون چيو ته، ”مان به لکان؟“
چيائين ته، ”ڀلي لک.“
مون افسانو لکي کيس ڏنو. سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ جو سيڪريٽري هو عبدالغفور انصاري ۽ جج هئا بيگم زينت عبدالله چنا، پير حسام الدين راشدي ۽ عثمان علي انصاري. تڏهن منهنجو منجهانئن ڪير به واقف ڪونه هو.
ڏهن ڏينهن کان پوءِ عبدالغفور انصاري مليو ۽ ٻڌايائين ته ٽنهي ججن پهرين ستن افسانن ۾ تنهنجو افسانو شامل ڪيوآهي. اهو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيس. رزلٽ نڪتي ته منهنجي ئي افساني کي پهريون نمبر مليو. حالانڪ جمال ابڙي جهڙو وڏو افسانه نگار به چٽاڀيٽيءَ ۾ شريڪ ٿيو هو.
انهيءَ کان پوءِ مان سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ جي هفتيوار گڏجاڻين ۾ باقائدگيءَ سان وڃڻ لڳس، جنهن جا ٻيا مکيه ميمبر هئا: نورالدين سرڪي، اياز قادري ۽ دادا موتي رام. حفيظ مٿن هميشه تنقيد ڪندو هو ۽ کين سنڌي ادبي سنگت جي ”ٽمورتي“ ڪوٺيندو هو.
ٻين سينئر ميمبرن ۾ احسان بدوي شامل هو، جيڪو ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ باقاعدي ايندو هو. عبدالغفور انصاريءَ جي دلچسپي جيئن پوءِ تيئن گهٽبي ويئي. سوڀو لاڙڪاڻي رهندو هو، سو قسمتي ايندو هو. جويو صاحب ڀيرو ڀريندو رهندو هو. هرڪو سندس لحاظ ڪندو هو. حفيظ، رشيد ڀٽي، رشيد آخوند، جمال رند، خواجه سليم، حسين عادل کتري، اياز قادري ۽ ٻيا ڪيترائي سرگرم ڪارڪن هئا.
اياز قادري ڪجهه عرصي کان پوءِ سنگت جو سيڪريٽري ٿيو، ته گڏجاڻيون سنڌ مدرسي بدران سندس جاءِ 6- ڌني رام بلڊنگ تي ٿيڻ لڳيون. انهن گڏجاڻين ۾ ادبي ڳالهيون ته خير خوبيءَ سان ٿي وينديون هيون. پر، انتظامي ۽ ڪاروباري ڪاميٽيءَ جي گڏجاڻين ۾ حفيظ شيخ هر آئٽم تي اختلاف ۽ واڪ آئوٽ ڪندو هو. خواجه سليم سندس ساٿ ڏيندو هو. منهنجي راءِ موجب سليم جون ساڻس ٻٽيهه دليون هيون. حفيظ تي مضمون لکڻ جو حق کيس ئي جڳائي ٿو.
خواجه سليم ۽ جمال رند سان حفيظ جا دوستانه لاڳاپا خيرپور رياست جي پسمنظر ۾ هئا. خواجه سليم خيرپور جو ويٺل هو. پر، جمال رند اتان جي رڳو ناز هاءِ اسڪول ۾ پڙهيو هو.
حفيظ 1963-1962ع ۾ سنڌ جا وڻ ڇڏي، لاهور هليو ويو. اتي اي.پي.پي. ۾ نوڪري مليس. پر، انهيءَ کان اڳ هت سنڌ ۾ خانبهادر کهڙي جو پرنسپل ڪلارڪ مقرر ٿيو. پگهار طئي ڪرڻ کان اڳ کهڙي صاحب کي فقط هڪ شرط وڌو هئائين ته، ”نيرن تي ڪڪڙ جا ٻه آنا کائيندس. هڪ ملندو ته نوڪري ڇڏي ويندس.“
کهڙي صاحب شرط ٻڌي، کلي ڏنو. سندس شرط قبول ڪيائين ۽ بورچيءَ کي ان مهل ئي اهڙو آُرڊر ڏنائين. اها ڳالهه اسان کي خانبهادر کهڙي جي اخبار ”نواءِ سنڌ“ جي ايڊيٽر، مولوي عبدالغفور سيتائيءَ ٻڌائي. مولوي سيتائيءَ کي حفيظ سان ڪچهري ڪرڻ ۾ ڏاڍو مزو ايندو هو. ساڻس چرچا گهٻا ڪندو هو. سندس نيوز ايڊيٽر غلام قادر لاکير کي رونشو لڳندو هو. سو غلام قادر ۽ مقبول سومرو هيڪاري محفل کي مچائيندا هئا. مقبول سومرو لاکير سان گڏ ”نواءِ سنڌ“ ۾ سب ايڊيٽر هوندو هو. پوءِ بئنڪ جي نوڪري ڪيائين ۽ آخرڪار ترقي ڪري حبيب بئنڪ ۾ سڄي پاڪستان جو صدر ٿيو. سونَ جهڙو سچو ماڻهو آهي.
حفيظ اڃا سنڌ بلڪ ڪراچيءَ ۾ هو ته ”ون يونٽ“ ٺهيو. حفيظ ان تي هڪڙو طنزيه افسانو لکيو، جنهن جو عنوان هو، ”اچو ته گهر گڏيون.“ تمام سٺو افسانو لکيو هئائين. سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري درجو ڏيارڻ جي تحريڪ ۾ تمام سرگرم رهيو. ڀتين تي، سنڌي ٻوليءَ جي حمايت ۾ لوهي پليٽن سان نعرا ڇاپڻ ۾ ڪمال ڪري ڇڏيائين. مون کي هاڻي چٽي يادگيري ڪانهي، پر انهيءَ ڪم ۾ مرغوب بخاري ۽ منصور عباسي سندس ٻانهن ٻيلي هئا. ٻئي عجب انسان هئا. جيڪر مٿن دل کولي مضمون لکجي، هاڻي هو ٻئي هي جهان ڇڏي ويا آهن.
حفيظ جي يارن ۾ هڪڙو ٻيو نوجوان به هو، قادر صديقي، جيڪو جويي صاحب جي دوست جمال صديقيءَ جو ننڍو ڀاءُ هو. پر، ستت حفيظ سان چرچا گهٻا ڪرڻ لڳو، سو سندن ياري ٿڌي ٿي ويئي. البت، قادر صديقيءَ جي مون سان گھري گهاٽي سنگت ٿي ويئي. اڳتي هلي، سنڌ سرڪار جو سيڪريٽري قانون ٿيو. اسان جون ڇٽيون پاٽيون ملاقاتون ٿينديون رهيون. پوءِ مان اسلام آباد هليو ويس. جويي صاحب ٻڌايو ته تنهنجو يار هي جهان ڇڏي ويو آهي. ڏاڍو ڏک ٿيو. قادر سان ملي ۽ سندس ڳالهيون ٻڌي ڪيٽس (Keats) جو هاڻي انگريزي ڪلاسيڪي لٽريچر ۾ وڏو نالو آهي.
حفيظ اي.پي.پي. جي نوڪريءَ جي سلسلي ۾، لاهور مان سکر بدلي ٿي آيو. سن ۽ سال ياد ڪونهي. ان کان اڳ شيخ اياز کي ادبي ناتي ڪري ڏاڍا پيار ڀريا خط لکندو هو. کيس ”مبن يار“، ڪوٺيندو هو. مبن مان سندس مطلب مبارڪ هو، جو شيخ اياز جو اصلي نالو هو. پر، سکر آيو، ته ٻنهي جي دوستي دشمنيءَ ۾ تبديل ٿي وئي. حفيظ سندس خلاف طنزيه افسانو لکيو ۽ اياز وري مٿس هجو جا شعر لکيا.
حفيظ پوئين نوڪري پاپوليشن پلاننگ ۽ ٻين ڪن کاتن ۾ به ڪئي. ڪجهه عرصو رحيم يار خان ۾ به رهيو. هڪڙي مائي انهيءَ کاتي ۾ ملازم هئي، تنهن سان (يا سندس همشيره) سان شادي ڪيائين. پوءِ سکر بدلي ڪرايائين. بئراج جي پاسي ۾، ٻه ٽي جريب زمين جا مائٽاڻي ورثي ۾ ملي هئس. اتي جهوپڙي اڏايائين ۽ منجهس رهڻ لڳو. صبح جو سرڪاري گاڏي کيس آفيس کڻي ويندي هئي ۽ شام جو موٽائي کڻي ايندي هئي. ٻڪرين جو هڪ ڌڻ رکيائين، جو ڪنهن صلاح ڏسن ته ٻڪري ڦر گهڻا ٿي ڏئي. ماڻهو ڌڻ ڌاري، ته جيڪر الاهي پيسا ڪمائي. اهي پيسا ته ڪمايائين الائي ڪونه، پر ڪنڊ پاسي سان پنهنجو وقت پئي گذاريائين. دنيا کي پاڻ وساري ڇڏيائين ۽ دنيا به کيس وساري ڇڏيو. وقت گذرڻ سان سندس سڀ اصول ۽ آئيڊيل بدلجي ويا. سنڌي ادبي سنگت، سنڌي لٽريچر، سنڌي ٻوليءَ ۽ خود سنڌ تان ئي دل کڄي وئي هئس. پوراليءَ طبيعت جو هو.
هڪ ڏينهن مان حيدرآباد ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي آفيس ۾ ويٺو هئس، ته حفيظ جي مائٽن جي گهران فون آئي، ته ”فوري پهچ“. مان رڪشا تي چڙهيس ۽ سڌو لطيف آباد ۾ ٻڌايل ايڊريس تي پهتس. ٻڌايائون ته حفيظ گذاري ويو آهي. سندس لاش سکر مان کڻائي آيا آهن. جڏهن گهر ۾ گهڙيس، ته کٽ تي اڇيءَ چادر سان ڍڪيل هڪ لاش نظر آيو، جنهن جي ڀرسان ڪي عورتون روئي رهيون هيون. سندس مائٽن گويا مون تي ذميواري وڌي ته، ”تون ئي سندس دوست هئين. هاڻي تون ئي معاملي کي منهن ڏي.“
مون حفيظ جا ٻيا ڪي ساٿي ۽ دوست گڏ ڪيا، جن ۾ نياز همايوني به شامل هو. اميدن ڀرئي قبرستان ۾ هڪ هنڌ پاڻ وڃي قبر کوٽيسون. ڪچيون سرون هٿ ڪري، حفيظ جو لاش سندس مائٽن جي گهران کڻي آياسون، جنهن کي پنهنجن هٿن سان لحد ۾ لاهي، دفن ڪري، ڪچيءَ قبر جي بناوت به پاڻ ڪئيسون.
هاڻي انهيءَ ڳالهه کي ورهيه وري ويا آهن. حفيظ جي قبر جو ڪو نشان به بچيو آهي الائي نه! هڪ ڀيري مان اڪيلو ئي اڪيلو اميدن ڀرئي قبرستان ۾ ويس. پر، قبر هٿ ڪانه آئي. جڏهن قبرستان مان موٽيس ته هڪ ڳالهه ياد آئي، جا ننڍپڻ ۾، ڳوٺن ۾ ٻڌي هيم، ته جڏهن سڪندر بادشاهه مري ويو، ته ماڻس پنڊيءَ ۾ ڪڻڪ جون ٻه مانيون ۽ لوٽي ۾ کير کڻي قبرستان ۾ ويئي. ڳوڙهن ڀريل اکين سان واڪو ڪيائين،”او ابا سڪندر؟“
قبرستان مان جواب آيس ته، ”مائي، تون ڪهڙي سڪندر کي سڏين ٿي؟ هت ته سوين سڪندر پوريا پيا آهن.“
سڪندر کي هڪ چٽو پٽو مقصد اکين اڳيان هو، ته کيس زندگيءَ مان ڇا گهرجي؟ هن روءِ زمين جو بادشاهه ٿيڻ پئي گهريو. سو، ڪيئي ملڪ فتح ڪيائين. پر، دنيا جو ڪاروبار سڪندر بادشاهه ۽ ملڪ پاڪستان جو ڪاروبار سڪندر مرزا کان سواءِ هلندو رهي ٿو. شايد ان ڪري ئي سياڻي سعديءَ چيو آهي ته،
”خليفا ايندا ويندا، دجلو درياهه وهندو رهندو.“
حفيظ غريب کي ته سڪندر جهڙو سوداءُ مٿي ۾ ڪونه هو. شايد ”ماڻهوءَ جو مقدر“ سندس حالتون ٺاهي ٿو. نه ته ڀلا سڪندر مرزا سرڪاري ملازم مان ملڪ جو صدر ڪيئن ٿئي ها؟
حفيظ غريب جو ٻار هو ۽ سڄي عمر غريبن وانگر گذاريائين. ڪنهن زماني ۾ پنهنجي افسانن جو ڪتاب ڇپائڻ جو شوق هئس، پر پوءِ ته سنڌي ادب ۾ ئي دلچسپي ڪانه رهيس. لاهور ويو ته ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن به ويس.
لاهور ۾ اي.پي.پي. ۾ ملازم هو، ته مان هڪ دفعي اتي به وٽس ويس. پر، سنڌ ۾ ڪنهن به ادبي دوست ۽ سنگتيءَ جو ڪونه پڇيئاين. مون کي بيڊن روڊ تي ”امرتسر لنچ هوم“ ۾ منجهند جي ماني کارايائين ۽ چيائين ته ”الحمراآرٽس ڪائونسل ۾ شام جو بيوٽي پئريڊ ڏسڻ هلنداسون، جا شاهه ايران جي راڻيءَ ملڪه فرح ديبا جي اعزاز ۾ ٿي رهي آهي. لاهور جون چونڊ حسينائون اينديون. اسان به دل پشوري ڪنداسين.“
شام جو گڏجي اهو پروگرام ڏٺوسون. هڪ خاتون فوڪر فرينڊ شپ هوائي جهاز جيتريءَ ڊگهيءَ ڪار مان سبز رنگ جي ساڙهيءَ ۾ لٿي. چؤطرف ڄڻ ته خوشبوءِ جون هٻڪارون ٿي ويون. زندگيءَ ۾ گهڻيون ئي حسين زالون ڏٺيوسين، پر، اها خاتون به پنهنجو مٽ پاڻ هئي.

وہ آئے اور پھر چراغوں میں روشنی نہ رہی

علم ۽ فن کي اظهار جي ضرورت آهي. پر، سونهن ۽ سرهاڻ پنهنجو اثر پاڻ ڪنديون آهن.
حفيظ جڏهن ڪراچيءَ ۾ مون سان گڏ ميٺارام هاسٽل ۾ رهندو هو ته چوندو هو ته، ”هڪ گهر ٺهرائيندس. جو ڦيٿن تي بيٺل هوندو. ان تي چڙهي سڄي دنيا گهمندس.“
مون چيو ته، ”گهڻو کائيندو؟“
چيائين ته، ”اسي لک روپيا.“
پوين ڏينهن ۾ ته اهي خواب لهڻ به ڇڏي ڏنائين. هڪ دفعي مون کي چيائين ته، ”توکي خبر آهي ته ويڙهه ۾ ڪير سوڀارو ٿيندو آهي.“
مون چيو ته، ”نه.“
چيائين ته، ”اهو جيڪو گهڻي مار کائي سگهي.“
حفيظ زماني جي مار کائي ايڏو ته ٿڪجي پيو، جو گوشه نشين ٿي ويو. هڪ ڏينهن مون کي چيو هئائين ته،”هم خيال دوست گڏ ٿيون ۽ مٺڻ ڪوٽ کان هلي لاٽ پئون. درياءَ جي سِير تي ترندا، سڄي سنڌ پار ڪري، هلي سمنڊ تي پهچون.“
اڄ مان پوئتي نگاهه ڪريان ٿو ته، ائين ڀايان ٿو ته جڏهن زماني کيس ماري ڪُٽي نستو ڪري وڌو، تڏهن هو وقت جي ڌار تي رڳو لڙهندو رهيو. تان جو سندس لڱن مان ساهه نڪري ويو. بي روح جسم لاهور، رحيم يار خان ۽ سکر کان لڙهندو، حيدرآباد ۽ لطيف آباد تائين پهتو هو.
حفيظ، منهن مهانڊي جو ايڏو وجيهه ڪونه هو. پر، جڏهن فوٽو ڪڍرائيندو هو ته ڏاڍو پيارو لڳندو هو. سو، شايد ان ڪري جو سندس اندر ۾ جيڪو انسان هو، سو سهڻو هو. هر اهو انسان جنهن جي من ۾ ٻيائي ڪانه هوندي آهي، تنهن جو اندر چوڏهينءَ جي چنڊ کان به سهڻو هوندو آهي. حفيظ ڪنهن جو مَدو ڪونه هو. منافق ڪونه هو، جيڪي اندر ۾ سو ٻاهر. پوءِ به دنيا ۾ وک وک تي بيوفائي، دغابازي، مطلب پرستي ۽ منافقي ڏٺائين، ته اکڙيون ٻوٽي ڇڏيائين. جڏهن هي جهان ڇڏيائين، ته پنجاهه ورهين جو به ڪونه هو.
سنڌ جي شهزادي شاعر، مير عبدالحسين سانگيءَ اهڙن ئي انسانن لاءِ هڪ غزل چيو آهي، جنهن جا ڪي شعر هي آهن:

اڃا هاڻ هتي ها يار پرين،
دلبند سڄڻ دلدار پرين،

غـمخوار مٺا منٺار پرين،
جي پيچ پيارل پائي ويا.

جن هر ڪنهن ساڻ رهائي ڪئي،
تن پنهنجي پاڻ رهائي ڪئي،

جن سهڻن ساڻ سچائي ڪئي،
سي ڪنهن سان ڪين وڃائي ويا.

حفيظ کي هي جهان ڇڏئي ڪيئي سال گذري ويا آهن. اڄ هو ڪنهن کي ياد به ڪونهي. پر، نصير مرزا، حفيظ جهڙو اشراف انسان آهي. سڀني سان سان نڀائيندو آهي. ”بامسلمان الله الله، بابرهمڻ رام رام.“ هن هڪ ته سنڌي زبان جي مبينه اولين افسانه نگار مرزا نادر بيگ جا افسانا گڏ ڪري، ڪتاب ڇپايو. ٻيو ته حفيظ کي ياد ڪيائين. سندس افسانا ۽ مٿس سندس همعصرن اديبن کان مضمون لکائي، سهڻو ڪتاب شايع ڪيائين. ڪتاب جو نالو آهي: ”اڇو پکي واءَ ۾.“
هي ڪتاب ڇپائي نصير مرزا هڪ عظيم ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي. هڪ طرف حفيظ شيخ جي مٽن مائٽن ۽ دوستن جون دليون ٺاريون اٿس ته ٻئي طرف سنڌ جي علمي ۽ ادبي حلقن ۾ پنهنجي غيرمعمولي ڪاميابيءَ وسيلي اها حقيقت هڪ دفعو وري ثابت ڪئي اٿس: “Room at the top is always vacant.”
سنڌي ڪلچر ۾ دوستيءَ جو مفهوم اهو آهي ته ماڻهو پنهنجي يارن سان مُئي جيئري نڀائي. حفيظ انهيءَ معنيٰ ۽ مفهوم ۾ منهنجو دوست هو. سندس هڪ تربت ته اُها آهي جنهن ۾ مون، نياز همايونيءَ ۽ هڪ ٻن ٻين دوستن سان گڏجي کيس ڳوڙهن ڀريل اکين سان پوريو هو ۽ ڪچين سرُن جي گاري سان لنباوت ڪري، جوڙي راس ڪئي هئي. سندس ٻي تربت اُها آهي جيڪا منهنجي دل ۾ موجود آهي. ’صائب‘ جي لفظن ۾ اُن جو بيان سهڻو لڳي ٿو:

بعد از وفات تربت ما، در زمين مجوي،
در سينهاي مردم عارف مزار ماست،

(وفات کان پوءِ منهنجي تربت زمين ۾ نه ڳولهه،
منهنجي مزار اهلِ دل انسان جي سينن ۾ آهي.)

تاهم مون کي انهيءَ حقيقت جو اعتراف آهي ته سنڌ جي بيقدر معاشري ۾ حفيظ غريب پنهنجي سموريءَ سچائيءَ ۽ سڄي زندگيءَ جي جدوجهد کان پوءِ به اهڙو ڪو اعليٰ مقام هٿ ڪري ڪونه سگهيو هو، جو کيس موضوع سُخن بنائي ۽ سندس مُئي کان پوءِ ماڻهو سندس گمنام مزار تي ڪو تاج محل تعمير ڪري سگهي. پر نصير مرزا ڪري ڏيکاريو! جيڪڏهن نصير مرزا ڪتابن ڇاپڻ جو ڪاروبار ڪندو هجي هان ته مون کي ان ڳالهه تي عجب اصل ڪونه ٿئي ها، ته هن ايڏو سهڻو ڪتاب ڪيئن ڇاپيو. ڪتاب جي ڇپائي جُز بندي ۽ جُلد بندي ۽ سرِورق جي وڻندڙ تناسب کي ڏسي مون کي سمجهه ۾ آيو ته دنيا جي ڏاهن خوبصورتيءَ (Beauty) جي بنيادي وصف ’تناسب‘ (Symmtery) کي ڇو قرار ڏنو آهي. پر هر شئي جو ’وجود‘ سندس ’جوهر‘ مان ئي پرکبو آهي، ڇوته سهڻا ٽُوهه ته پَٽن ۾ به پيا آهن، تڏهن ته سچل سائينءَ فرمايو هو:

صورت ۾ جاءِ دم جي،
دم ري نه صورت ڪم جي،
دم ۾ جا لذت غم جي،
وه واهه ڳالهه خاصي.

نصير انهيءَ اصول کان واقف آهي سو هن وڏي قابل ڪاريگر وانگر سونَ جي مُورتيءَ مٿان ورهين جي مٽيءَ جا تهن مٿان تهه هٽائي اُن کي صاف ڪري سينگاري پنهنجي مسيحائيءَ سان منجهس جوت جاڳائي، دنيا جي طلسم ۾ ائين آڻي رکيو آهي، جو ڀانئجي ٿو ته شيخ حفيظ ٻيو جنم ورتو آهي.
هن اڇي اُجري ڪتاب جي اشاعت جي اُميد ان ڪري به ڪانه هئي، جو سنڌي معاشري جون حالتون ڏينهون ڏينهن ابتر ٿي رهيون آهن. جڏهن ڪنهن به قوم، قبيلي يا فرد تي حد کان وڌيڪ ظلم ٿيندو آهي، تڏهن سندس ’حِسَ‘ ختم ٿي ويندي آهي. استحصالي طبقا وڏي ڪاميابيءَ سان سنڌين کي ريڊ انڊين ۾ تبديل ڪري رهيا آهن، پر سندن اصل ڪمال اهو آهي ته هنن سنڌين جي ميس ماري ڇڏي آهي. هاڻي آرام ۽ فرحت سان اهو نظارو ڏسي رهيا آهن ته خود سنڌي سنڌين جي ڏاڙهي ڪيئن پٽي رهيا آهن! اهڙي اونداهي ماحول ۾ جيڪڏهن سنڌ جو ڪوبه محقق، اديب يا دانشور، وڏو وس ڪري ڪا روشن شمع ڪري ته بلاشبه اهو عظيم ڪارنامو چئبو. نصير مرزا کي قدرت اها ڏات ڏني آهي. کيس اهو ڏانءُ به آهي، ته اهل دل انسان ڳولهي، پنهنجي يارن ۽ احبابن جو حلقو وڌائيندو وڃي. پسمانده ۽ مظلوم قومن جا عظيم فرزند پنهنجي قافلن کي ائين ئي اڳتي نيندا آهن. عشق جي راهه تي هلندي کين ضرور ڪي مشڪلاتون درپيش اينديون هونديون، پر زهر پياڪ عاشق انهن جي پرواهه ڪونه ڪندا آهن:

ڪس ڪو شڪوه هي، گر شوق ڪي سلسلي
هجر ڪي قتل گاهون سي، سب جاملي

قتل گاهون سي چُن ڪر هماري عَلم
اور نڪلينگي عشاق ڪي قافلي

جن ڪي راه طلب سي هماري قدم
مختصر ڪر چلي درد ڪي قافلي.

پر اصل ڳالهه اها آهي ته اڇو پکي واءَ ۾ پرڙا هڻي هڻي ٿڪجي پيو هو. سو، آرام ۽ اوٽ لاءِ ڪنهن وڻ تي وڃي ويٺو هو. هاڻي ته نڪي انهيءَ پکيءَ جو پتو آهي، نه وري وڻ جو ڪو نالو نشان آهي. هيءَ دنيا انهيءَ دردناڪ ماجرا جو ڏاڍو ڊگهو داستان آهي.

نورالدين سرڪي

سنڌ جي تاريخي شهر شڪارپور ۾ ڄائو. روزانه ”ڊان“ ڪراچيءَ ۾ ڇپيل خبر موجب سندس عمر اسي ورهيه ٿي. انهيءَ حساب سان سن 1927ع ۾ ڄائو هو. اسڪولي تعليم شڪارپور ۾ ورتائين. ڪاليجي تعليم لاءِ ڪراچيءَ آيو، جتي گذر سفر لاءِ نوڪري به ڪندو هو ۽ تعليم به جاري رکيائين. ”ايم.اي“ سان گڏ ”لا“ جي ڊگري به ورتائين، پر وڪالت ڳچ عرصو پوءِ شروع ڪيائين. سالن جا سال اسلاميه ڪاليج ۾ ليڪچرار طور پڙهائيندو رهيو.
ماڻهوءَ جي نفسيات ٺاهڻ ۾ نسلي اثر وڌيڪ اهم آهي يا ماحول جو اثر، اهو متنازعه مسئلو آهي. اسان جي اڳوڻن عالمن ۾ ابن خلدون، هاڻوڪي دؤر جي مشرقي عالمن ۾ ابوالڪلام آزاد ۽ مغربي عالمن ۾ آلبرٽ آئنسٽائن انهيءَ راءِ جا هئا، ته ”ماڻهو جيڪي ڪجهه آهي، سو پنهنجي ماحول موجب آهي.“ جيڪڏهن انهيءَ ڳالهه کي ڪسوٽي قرار ڏبو ته پوءِ نورالدين سرڪيءَ جي شخصيت کي شڪارپور شهر جي پسمنظر ۾ به ڏسڻو پوندو.
شڪارپور جي شهر کي سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت ۾ خاص اهميت حاصل آهي. ڪنهن زماني ۾ مکيه تجارتي مرڪز هو. روس مان واپاري قافلا بخارا ۽ تاشقند مان ٿيندا، افغانستان ٽپي اچي شڪارپور ۾ منزل انداز ٿيندا هئا. ايران ۽ عراق مان واپاري قافلا بولان لَڪُ ٽپي ايندا هئا. هندستان جا واپاري قافلا اوڀر مان ايندا هئا. اسان وٽ اتر ۾ ملتان ۽ ڏکڻ ۾ حيدرآباد مکيه مارڪيٽ هئا. ملتان جو مالُ درياهه مان ٻيڙين رستي ايندو هو ۽ حيدرآباد جو خشڪيءَ جي قافلن وسيلي. خشڪيءَ وارن قافلن ۾ اُٺن تي مال کڻي ايندا هئا. انهن قافلن جي هڪ سٺي تصوير سکر ايئرپورٽ جي عمارت ۾ ڏسي سگهجي ٿي. پاسي ۾ بار بردار ٻيڙين جي تصوير به ٺاهي اٿن، جيڪي واپاري وکر کڻي، درياهه رستي اچي رهيون آهن. ٺيٺ واپاري ٻوليءَ ۾ چئبو ته ”شهر جو وڏو چلتو هو.“ ايڏي اهم تجارتي مرڪز هئڻ ڪري، شڪارپور گهڻين ئي ثقافتن جو سنگم ٿي پيو.
شڪارپور اهو اؤج ۽ اقبال پوريون ٻه صديون ماڻيو. انگريزن جي حڪومت شروع ٿيڻ کان پوءِ به شڪارپور جي وڏي لئه هئي. برطانوي دؤر ۾ ڇپيل گزيٽيئرن ۾ لکيل آهي ته، ”سٺي ۾ سٺيون ۽ مهانگيون لعلون يا برما ۾ ملنديون هيون يا وري شڪارپور ۾.“
انگريزَ، اسان ماڻهن کان گهڻو وڌيڪ سياڻا هئا. مُٺ جيترن گورن پنهنجي عقل ۽ لٺ باٺي سان هندستان جي ڪروڙين ماڻهن کي سَٽي ڪُٽي مٿن صديون حڪومت ڪئي.
سنڌ جي فاتح سر چارلس نيپئر جي عقابي اکين کان نڪي ته شڪارپور مخفي هئي ۽ نه وري حيدرآباد. ليڪن، هن سوچي سمجهي، پنهنجيءَ حڪومت جي گاديءَ لاءِ مهاڻن جي هڪ ڳوٺڙي جو انتخاب ڪيو، سو هن ڪري جو سمنڊ جي ڪناري تي هو ۽ وڏو سامونڊي بندر ٿيڻ لاءِ موزون هو. ڪولاچي سنڌ جي هڪ ذات آهي. سندن ڳوٺڙا ميرپورخاص کان ڪجهه مفاصلي تي آهن، مثلاً ٽنڊو ڪولاچي، تعلقي ڪنڊياري، نوشهري فيروز ضلعي ۾، اسان جي ڳوٺ آڳرن کان ميل کن تي به ڪولاچين جو ڳوٺ آهي.
لسانيات جو ڪو ماهر، مثلاً اسان جو ڊاڪٽر الانا ٻڌائي سگهندو، ته ائين ڇو آهي ته صوتي اثرات جي سبب ڪري، يا ٻئي ڪنهن ڪارڻ ڪري، ”لام“ جو اُچار بدلجي ”ر“ جي شڪل وٺي ٿو. ڪولاچيءَ مان ڪراچي ڇو ٿيو؟ ”بوٽ بيسن“ وٽ اڄ به ”مائي ڪولاچي روڊ“ جو بورڊُ، انهيءَ حقيقت جي ثابتي آهي ته ڪراچيءَ جو اصلوڪو نالو ”ڪولاچي“ آهي.
ساڳيءَ طرح ”ر“ جو اُچار بدلجي ”لامَ“ جي صورت وٺي ٿو، سو ڇو؟
مان حڪومت پاڪستان طرفان اديبن جي اڳواڻ جي حيثيت ۾ چين جي سرڪاري دوري تي ويس. چيني ميزبانن منهنجي انهيءَ منصب ڪري، وڏيءَ عزت ۽ احترام سان هر هنڌ مون کي سر، غلام لباني ڪوٺيو. سرڪاري تقريبن ۾، توڙي غير رسمي دعوتن ۾، نانچنگ، بيجنگ، شانگهائيءَ سوچو ۽ ڪئنٽن جي چيني اديبن سان تعارف ڪرائيندي، مون کي سر، ”غلام لباني“ ڪوٺيائون. يعني هر هنڌ ”ر“ جي جاءِ تي ”لام“ جو اُچار ڪڍيائون.
ماهوٽا به سنڌ جي هڪ ذات آهي. اسان جي ڳوٺ کان مني ڪوهه جي پنڌ تي ماهوٽا ويٺا آهن. ڪراچيءَ ۾ سنڌ جي ثقافت جو هڪ وڏو مرڪز قائم ڪيو اٿن. ليڪن، پنهنجيءَ اڻ ڄاڻائيءَ ڪري انهيءَ جاءِ کي ”موهاٽا پئليس“ ڪوٺن ٿا.
علامه قاضي صاحب انهيءَ ڳالهه تي احتجاج ڪندو هو، ته سنڌي ٻوليءَ جي صورت ۽ گرامر نه بگاڙيو. مثال ڏنائين ته ائين ڪونه چئبو ته، ”مان مورو کان ٿو اچان.“ چئبو ته ”موري مان ٿو اچان.“
سرچارلس نيپئر ڪراچيءَ کي سنڌ جي گادي ڪيو ته شڪارپور جي اهميت ازخود گهٽجي وئي. بلڪل ختم ته ڪانه ٿي، پر شڪارپور کان سکر ئي زور وٺي ويو. هونئن، تاريخي لحاظ کان حقيقت اها آهي ته جڏهن بکر جو قلعو اؤج تي هو، تڏهن کان سکر به ساهه پئي کنيو. ڪراچيءَ لاءِ سر چارلس نيپئر جيڪا اڳڪٿي ڪري ويو، سا حرف بحرف صحيح ثابت ٿي، ته ”تون مشرق جي راڻي ٿيندينءَ.“ هاڻي مهاڻن جي اُنهيءَ ڳوٺڙي جي آدمشماري لڳ ڀڳ هڪ ڪرور پنجاهه لک ٿي وئي آهي.
هر وڏي شهر ۾ ڪيئي شهر ٿين ٿا. گلستانِ جوهر، فيصل ڪالوني، ناظم آباد، ڊفينس سوسائٽي، سنڌ مسلم سوسائٽي، لالو کيت، نئون آباد، چاڪيواڙو، لياري ۽ ٻيون الائي ته ڪيتريون قديم ۽ جديد بستيون ڪراچيءَ ۾، ”شهر در شهر“ جا مثال آهن. ليڪن، انهيءَ جغرافيائي تقسيم کان سواءِ، هر شهر ۾ ٻي به هڪ اهم تقسيم ٿئي ٿي، جا ان کي ٻن حصن ۾ ورهائي ٿي: هڪڙا امير ٻيا غريب، هڪڙا سُڃا ٻيا ساوا. هوند وارن جو جهانُ. اڻ هوندَ وارن کان جدا ٿئي ٿو.
سرڪي، شڪارپور ۾ پيدا ٿيو، پليو ۽ جوان ٿيو. انهيءَ ئي شهر ۾ پاڪستان کان سؤ سال اڳُ، سنڌ ورڪي سيٺين جي گهرن ۾ سنگمرمر جا صحنَ ۽ ڪمرن ۾ بخارا جا قالين هوندا هئا، پر، سرڪي غريباڻي گهر ۾ پيدا ٿيو. سندس ماما ڊکڻ هوندا هئا. سرڪيءَ کي سندس امڙ پورهيا ڪري پاليو. غريبيءَ جو داغ دل تي دائما رهي ٿو. ماڻهو وڏو ٿئي ٿو، پوءِ به ننڊ ۾ ڇِرڪَ ڀري ٿو. پر، انهيءَ هوندي به سرڪي ”ميٺارام هاسٽل“ ۾ اسان سان جڏهن ننڍپڻ جون ڳالهيون ڪندو هو، تڏهن سندس اکين ۾ شڪارپور جي اڳوڻي اؤج ۽ اقبال جو عڪس نظر ايندو هو ۽ شهر جي گهٽين ۾ ننڍپڻ جي ڏينهن جي اڪير ليئا پائيندي هئي. چوندو هو ته ”لکي در“ تي روز شام جو ميلو متل هوندو هو. راڌي جون چاپون ۽ سِکَ جي قلفي ڪنهن کان وسرندي؟ ڪيئن سنڌ واهه تي پڪنڪ ڪرڻ ويندا هئاسين! ننڍيءَ ۽ وڏي عمر وارا مرد ۽ زالون، هندو توڙي مسلمان، پنهنجن گهرن مان کاڌا پچائي کڻي ايندا هئا. انبن ۽ کجور جا کارا آڻيندا هئا. سنڌ واهه جي ڪپن تي گهاٽن وڻن جي هيٺان، ڪاٿي هڪڙا تاس جي پتن کي ٺاپي پيا ڏيندا هئا، ته ٻيا يڪتاري جي تارَ ۽ ڇير جي ڇمڪي تي بيدل ۽ بيڪس جا ڪلام پيا ڳائيندا هئا. نوجوان ڳائڻا هڪڙو ڪلام ته وڏيءَ سڪ سان ڳائيندا هئا:

شڪارپور جون ڇوڪريون، او شڪارپور جون ڇوڪريون!
کنڊُ، پتاشا، ماکيون مصريون کائن کارائِنِ!

ايران جي تاريخي شهر اصفهان ۾ هڪ عاليشان ڍَڪ بزار آهي. مٿان خوبصورت نموني ۾ ڪاٺ سان ڍڪيل آهي. انهيءَ وانگر، شڪارپور ۾ به ڪجهه ننڍي ”ڍڪ بزار“ آهي. مون ٻئي ڏٺيون آهن. پاڪستان کان اڳي، شڪارپور جي ڍَڪَ بزار ۾ رات جو دير دير تائين ماڻهن جي پيهه هوندي هئي. انگريزن جي زماني ۾ شهر ۾ بجلي ڪانه هئي. گولا ٻرندا هئا. بزار جي دڪانن تي جيڪا پيهه پوڪرداس جي دڪان تي هوندي هئي، سا ڏسڻ وٽان هئي. پوڪرداس هو ته برابر ڪتابن جو هڪ واپاري، پر سنڌي ادب ۽ ثقافت جي اهم انسٽيٽيوشن هو.
سرڪي ٿڌو ساهه ڀري چوندو هو ته شڪارپور جون اُهي سڀ رؤنقون سنڌي هندو پاڻ سان گڏ کڻي هليا ويا.
سرڪيءَ سان منهنجي ملاقات سنه 1954ع ۾ ٿي. مان به هن وانگر ڪراچيءَ ويس. اتي پڙهندو به هئس ۽ گذر سفر لاءِ نوڪري به ڪندو هئس. اول سنڌي اخبارن ”الوحيد“، ”نئين سنڌ“ ۽ ”نوائي سنڌ“ ۾ صحافي ٿيس. پوءِ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ نوڪري مليم. وڏن سورن سان ميٺارام هاسٽل ۾ رهائش لاءِ ڪمرو مليم. ڪمرو نمبر ٽيهه فرسٽ فلور تي هو. سرڪي گرائونڊ فلور تي رهندو هو. سرڪيءَ جي ڪمري ۾ شاگردن جا ميڙا متل هوندا هئا. قسم قسم جا پکي اچي گڏ ٿيندا هئا: طوطا، ڳيرا، ڪبوتر، ڪاٺ ڪٽا، ڪانوَ، من موسڙا، چيها، جهِرڪَ، ٻٽير ۽ تتر وغيره. پر، محفل جو مور نورالدين سرڪي هوندو هو. انسانن جي انهيءَ قبيلي مان هو، جيڪي زندگيءَ ۾ رڳو دوست ٺاهيندا هئا. سندس دوستن جي انهيءَ هجوم ۾، جيڪڏهن مان سرفهرست هئس، ته ٻئي نمبر تي نالو شمس سومري جو ايندو. شمس کي طوطو ڪوٺيندا هئا. هو شڪارپور جي ڀرسان چَڪَ شهر جو ويٺل هو، جتي ابو شوڪت حمزي نالي وڏو ڪو مجاهد ”خلافت تحريڪ“ ۾ ساماڻو هو. پير علي محمد راشديءَ پنهنجي ڪتاب ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ ۾ سندس ذڪر ڪيو آهي. شمس ڊاڪٽري پڙهندو هو. سندس دلپسند موضوع عورت ذات ۽ جنسيات هوندا هئا. سيڪس تي سڄيءَ دنيا ۾ مڃيل ماهرَ ۽ عالمَ هيولاڪ ايليس کي مرشد جو مان ڏيندو هو.
سرڪيءَ جي ڪمري ۾ هڪ وڏي وال- پينٽنگ Wall-Painting هوندي هئي، جنهن لاءِ سندس چوڻ هو ته اهو شاهڪارُ ڪنهن هندو شاگرد جو يادگارُ آهي، جو پاڪستان کان اڳ انهيءَ ڪمري ۾ رهندو هو. پينٽنگ هڪ عورت جي هئي، جا پريءَ جهڙي سهڻي هئي. رنگين ۽ نفيس لباس ۾، پاسيري ويٺل هئي ۽ ڪو ساز وڄائي رهي هئي. سندس زلف پريشان هئا ۽ اکيون اهڙيون خماري، جو ڏسڻ سان مير تقي مير جو شعر چپن تي پئي آيو:

میر ان نیم باز آنکھوں میں
ساری مستی شراب کی سی ہے۔

سرڪيءَ جي محفل ۾ گفتگو جا موضوع مختلف هوندا هئا. انهن ۾ ادب، صحافت ۽ سياست وڏي بحث مباحثي جو باعث بڻبا هئا. پر، جڏهن شمس سومرو ايندو هو ته موضوع بدلجي ويندو هو. شمس ”عورت جي عظمت“ ۽ ”جنسيات“ تي عالمانه انداز ۾ ڳالهائيندو هو. سڀ دوستَ سندس گفتگو وڏي چاهه سان ٻڌندا هئا. شمس جڏهن ڳالهائي بس ڪندو هو، ته اُڃايل اکڙين سان پينٽنگ واريءَ حسينه ڏانهن نهاري، ڏاڍي سوز سان هڪ ڪلام ڳائيندو هو:

مشتاقن جي مارڻ لئه،
ناز سکيو آهين نوان نوان.

ميٺارام هاسٽل ۾ کاڌي لاءِ شاگردن جون ڪيئي ڪلبون هونديون هيون. سرڪي، شمس ۽ مان ولي محمد واريءَ ڪلب جا ميمبر هوندا هئاسين. جو وڏو بورچي هوندو هو. طرح طرح جا طعام تيار ڪندو هو. آچر ڏينهن شام جو سڀ ڪلبون بند هونديون هيون. بورچي موڪل ڪندا هئا. سرڪي، شمس ۽ مان صدر ۾ ”ڪيفي جارج“ تي ويندا هئاسين. هميشه آمليٽ ۽ ڊبل روٽي کائيندا هئاسين. بل سدائين سرڪي ڀريندو هو. اتان اٿي ”زيلنس“ ڪافي هائوس ۾ ويندا هئاسين، جنهن جي ڪافي مشهور هوندي هئي. ڪنهن زماني ۾ ”انڊيا ڪافي هائوس“ ڪوٺيندا هئس. جغادري اردو اديبن جو مرڪز هوندو هو. سرڪيءَ جي نامور نقادَ ممتاز حسنَ سان دوستي هوندي هئي، هونئن حبيب جالب سان به دعا سلام هئس. هڪ دفعي سرڪيءَ واري اسلاميه ڪاليج ۾ فيض احمد فيض آيو. سرڪي مون کي به ساڻ وٺي هليو. مخصوص ماڻهن جي نشست هئي. اول حبيب جالب فيض جو ڪلام "اب یہاں کوئی نھیں، کوئی نھیں آئیگا" ايڏي ته دلسوز ترنم سان ٻڌايو، جو محفل ۾ موجود گهڻن ئي ماڻهن جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا. ان کان پوءِ فيض پنهنجو ڪلام ٻڌايو. مون فيض احمد فيضُ پهريون دفعو ائين ڏٺو ۽ ٻڌو.
سرڪي leftist خيال جو هو. شڪارپور ڇڏي ڪراچيءَ اچڻ کان پوءِ سندس سرگرميون ڪهڙيون هيون. تن جو ذڪر ڪڏهن ڪونه ڪيائين، پر، ايترو ٻڌائيندو هو ته ڪجهه عرصو Under Ground هليو ويو هو، جو ٻڌو هئائين، ته سندس گرفتاريءَ جا آرڊر ٿيا هئا. لاڙ جي پاسي، هڪ ننڍي ڳوٺ ۾ ٻه ٽي مهينا لڪل هو. جڏهن حالتون سازگار ٿيون ته موٽي ڪراچيءَ آيو.
”صداقت“ سنڌي هفتيوار اخبار سان وابسته ٿيو، جا سرمايه داريءَ جي سخت مخالفت ڪندي هئي. ان جون گهڻيون ڳالهيون ڪندو هو. مون کي پڪ ڪونهي ته هو پارٽيءَ جو باقاعده ميمبر هو يا نه، ليڪن ”صداقت“ اخبار کان پوءِ هن ”سنڌي ادبي سنگت“ ٺاهڻ لاءِ تحرڪ ورتو ۽ ان ۾ ڪامياب ٿيو.
”سنڌي ادبي سنگت“ جو خيال کيس ڪيئن آيو، اها سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي. مون کي ائين سُجهي ٿو ته هو Leftist خيالن جو ته هو. پاڪستان کان اڳ ڪا ”سنڌي ساهت سنگت“ هوندي هئي. شيخ اياز، شيخ عبدالرزاق راز، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي ۽ ٻيا ترقي پسند اديب ۽ شاعر ان جا سرگرم ڪارڪن هوندا هئا. انهيءَ جو مطلب اهو ٿيو ته سجاد ظهير 1936ع ۾ جڏهن هندستان ۾ ترقي پسند ادب جي تحريڪ جو بنياد وڌو، ته ان جو اثر سنڌ تي به پيو. ”سنڌي ساهت سنگت“ غالباً ائين ٺهي. سرڪيءَ انهيءَ سان ڪجهه قدر وابسته هو. هن پسمنظر ۾ Leftist هئڻ ۽ ”صداقت“ اخبار سان وابسته رهڻ کان پوءِ کيس ”سنڌي ادبي سنگت“ ٺاهڻ جو خيال آيو هوندو.
مون شيخ عبدالرزاق راز کان سنڌي ساهت سنگت واري دور جو احوال لکائي، 1956ع ۾، ماهنامي ”نئين زندگيءَ“ ۾ ڇپايو هو. رسالي جو ايڊيٽر مولانا عبدالواحد سنڌي هو. مان سندس معاون هئس. شيخ عبدالرزاق راز، مقبول صديقيءَ، تنوير عباسيءَ ۽ رشيد ڀٽيءَ سان گھرو گهاٽو هئس. شيخ اياز سان سنگت جو آغاز ٿيو هو، پر، گھرا گهاٽا ڪونه ٿيا هئاسون. سرڪي به انهن سڀني جو دوست هو. بلڪ، پاڻ ئي سڀ کان اول مون کي شيخ اياز سان ملايو هئائين.
سرڪيءَ اهو ڪڏهن به ڪونه ٻڌايو ته سنڌي ادبي سنگت ٺاهڻ جو خيال کيس ڪيئن آيو؟ اهو ته پڌرو پيو آهي ته اها ترقي پسند ۽ روشن خيال نوجوان اديبن ۽ شاعرن جي تنظيم آهي، جن جي اڪثريت Nationalist & Socialist آهي، سنڌ جي ڌرتيءَ ۽ ماڻهن سان محبت اُن جي سوچ جو بنيادي انگ آهي.
بهرحال، سنڌي ادبي سنگت ڏاڍي مؤثر تنظيم ثابت ٿي ۽ سنڌي ادب ۾ نوان لاڙا آندائين. سرڪيءَ جڏهن ڪراچيءَ ۾ ان جي ابتدا ڪئي، ته کيس تمام سٺي موٽ ملي. سندس ساٿين ۾ عبدالغفور انصاري، احسان بدوي، دادا موتيرام رامواڻي، اياز قادري، پوهو مل، رشيد ڀٽي، جمال رند، شيخ حفيظ، خواجه سليم، رشيد آخوند هن وقت ياد پون ٿا. هونئن، بيشمار دوست ۽ ساٿي هئا ۽ سڀ سرگرم هئا. اسان جون هفتيوار ادبي گڏجاڻيون ٿينديون هيون، جن ۾ شعر، افسانا ۽ مضمون پڙهندا هئاسين، جن تي حاضرين محفل تنقيد ڪندا هئا ۽ انهن جي خوبين ۽ خامين کي اجاگر ڪندا هئا. جويو صاحب ۽ سوڀو گيانچنداڻي به ڪڏهن ڪڏهن ڀيرو ڀريندا هئا. سڀ سندن احترام ڪندا هئاسين. سنڌي ادبي سنگت جو روح روان، بهرحال، نورالدين سرڪي ئي هوندو هو. سالن جا سال، ”اهو ادبي محاذ“، اسان جي سرگرمين ۾ اوليت جو درجو رکندو هو.
ليڪن، جڏهن سرڪيءَ ازدواجي زندگيءَ ۾ پير پاتو ۽ وڪالت شروع ڪيائين ته پاڻ ئي سنڌي ادبي سنگت کان پاسيرو ٿي ويو. بلڪه، ائين کڻي چئجي ته دوستن جي سڄي لڏي کان پرڀرو ٿي ويو. خانگي زندگيءَ کي اوليت ڏنائين. اجتماعي زندگيءَ کي سراسر نظرانداز ڪيائين. مثال طور سنڌ مدرسي ۾ ”سنڌي ٻوليءَ جو ڏينهن“ ڀڀڪيدار نموني ۾ ملهايو ويو. سرڪي ايڏي وڏي اجتماع ۾ به ڪونه آيو. ٺوڙهي ڦاٽڪ تي سنڌي شاگردن کي دردناڪ حادثو پيش آيو. حسين شاهه راشدي، حفيظ لاکي ۽ ڪراچيءَ جي ٻين وڪيلن سنڌي شاگردن جو ساٿ ڏنو، پر سرڪي سندن ويجهو ڪونه آيو. پير حسام الدين راشديءَ ۽ شيخ اياز جي وفات تي سندن تڏي تي ڪونه آيو. ٻيو ته ٺهيو، سائين جي.ايم.سيد جي رحلت تي ئي، تڏي تي غائب هو. توڙي جو اسان سڀ سن پهچي وياسين. وٽس موٽر به هئي ۽ ڪراچيءَ کان سن ايڏو پري به ڪونه هو. سندس اها روش ڏکوئيندڙ هئي. مون ڪنهن مضمون ۾ سڪ سان سندس ذڪر ڪيو ۽ اڳوڻين سرگرمين جو ذڪر ڪندي لکيو ته:

“Not for Bread Alone”

سرڪي ڪٿي اهو مضمون پڙهيو هوندو يا ڪنهن ساڻس ڳالهه ڪئي هوندي، جا سندس دل ۾ رهي.
بورڊ 1962ع ڌاري جڏهن حيدرآباد ۾ کڄي آيو ۽ سول لائينس جي بنگلي نمبر 3 ۾ ان جي آفيس هئي، ته سرڪي ڪنهن ذاتي ڪم سان حيدرآباد آيو ۽ مون وٽ رات رهيو. اسان جي پوئين ملاقات سال ڏيڍ اڳ ٿي هئي. مون کي ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ سان ملڻ جي ضرورت ٿي پئي، جو وڪالت جي پيشي سان وابسته هجي ۽ قانوني راءِ ڏئي. حسين شاهه راشديءَ سان وڃي مليس. چڱي دلچسپي ورتائين. ساڻس ملي، وري وڃي سرڪيءَ سان مليس. وٽس پراڻي زماني جي بلوچ ڪامريڊ عبدالله خان جمال دينيءَ جو ڀائيٽو يا ڀاڻيجو ويٺو هو. ساڻس ڪوٽيا ۾ وئڪيشن جا ڏينهن فرحت سان گذارڻ جو پروگرام ٺاهي رهيو هو. مون سان قرب سان مليو. حالي احوالي ٿياسون. پاڻ ته منهنجي مسئلي ۾ هٿ ڪونه وڌائين، پر ڪنهن دوست کي فون ڪيائين، ۽ مون کي چيائين ته ”وڃي ملينس.“ پر، مان ان شخص سان ڪونه مليس. مون کان پنهنجي ڪنهن به اڳوڻي دوست جو ڪونه پڇيائين. البت، پاڻ شمس سومري جو سو تمام مختصر ذڪر ڪيائين، پر، ان ۾ به خبر ناهي ته ڇو مٿس ڪو کل ڀوڳُ ڪيائين! مون کي سندس انهيءَ روش ڏاڍو ڏکويو. ان ڪري به جو شمس هي جهان ڪڏهوڪو ڇڏي ويو هو. موڪلائڻ مهلَ، کل ڀوڳُ جي نموني ۾ مشڪي وري مون کي به چيائين ته:

” Not for bread alone“

مون کيس ڪا به ورندي ڪانه ڏني، پر، سندس بدليل طرزِ زندگيءَ بابت به پنهنجي راءِ ڪانه بدلايم. مون کي پنهنجيءَ راءِ تي محڪم رهڻ لاءِ سبب به هو. ڏاهن جو چوڻ آهي ته، ”جسماني آسودگي بلاشبه تمام وڏي ڳالهه آهي. پر، انسان لاءِ حقيقي خوشيءَ جي ڳالهه ذهني تسڪين آهي.“
سرڪيءَ پنهنجن آئيڊيلس کي جسماني آسودگيءَ خاطر قربان ڪيو. تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهڻ بدران، ڇَنَ جي ڇانوري کي پسند ڪيو.
سالن کان هاڻي منهنجو اهو نيم ٿي ويو آهي، ته ننڊ مان اٿي، ڏندڻ ڪري، هٿ منهن ڌوئي، ٽيپ رڪارڊر تي قاري عبيدالرحمان جي آواز ۾ قرآن شريف جي تلاوت ٻڌندو آهيان ۽ چاءِ پيئندو آهيان. ايتري ۾ هاڪر ”ڊان“ اخبار ڏئي ويندو آهي. اخبار کوليم ته اندرئين صفحي تي خبر پڙهيم: ”نورالدين سرڪي رات گذاري ويو.“ اخبار هٿن مان ڇڏائجي ويم ۽ ڪجهه دير لاءِ هٿ پير ٺري ويم. اهو سڄو ڏينهن ڏاڍو اُداس گذريو. سانجهيءَ جو غم غلط ڪرڻ لاءِ جويي صاحب وٽ هليو ويس. ڪافي دير روح رهاڻ ڪئيسون ۽ نورالدين سرڪيءَ جون ڳالهيون ڪيوسون. غالباً ٻئي ڏينهن ساڳيءَ ”ڊان“ اخبار ۾ شمشير الحيدريءَ جو بيان آيو. ممڪن آهي ته ٻين ڪن اديبن شاعرن ۽ سنڌي ادبي سنگت جا بيان به آيا هجن، پر مون ڪونه ڏٺا.
هفتي ڏيڍ کان پوءِ اتفاق سان وري ساڳي ”ڊان“ جي پرچي تي نظر پئي. سرڪيءَ جي رحلت جي خبر ورائي پڙهيم. سرڪي آسودو ٿيو، ته ڊفينس ۾ گهر ورتائين يا ٺهرايائين ۽ هاءِ ڪورٽ سان لاڳيتو وڪالت جي آفيس ٺاهيائين. ڪيترن ئي ملڪن جا چڪر ڏنائين. هندستان ۾ سينيئر سنڌي اديبن سان به ملي آيو. ننڍڙو ڪتابڙو به ڇپايائين. ولايت به ويو. تازو آمريڪا مان موٽيو هو، پر، انهن مڙني ڳالهين جو ”ڊان“ واريءَ خبر ۾ ذڪر ته ڇا، معمولي اشارو به ڪونه هو. فقط ايترو لکيل هو ته، ”هن سنڌي ادبي سنگت جو بنياد وڌو هو.“ نورالدين سرڪيءَ جي اسي سالن جي ڄمار ۾، ”ڊان“ جي رپورٽر کي ڪَمَ جي ڳالهه اها ئي نظر آئي، ٻيو ٿيو ڀلو.
مون اخبار رکي، دل ۾ چيو ته ڳالهه ته وري به آئيڊيل جي بيٺي. سوين سال اڳ ڀلارو ڀٽائي ڪيڏي نه وڏي ڳالهه ڪري ويو هو:

”دلبر! هن دنيا ۾ وڃي رهندو واسُ“

تنوير عباسي

تنوير عباسيءَ جو سنڌي ادب ۾ وڏو درجو آهي. سندس صحيح تعارف اهو آهي ته سنڌ دوست شاعر هو.
خيرپور رياست ۾ صوڀي ديري جو ويٺل هو. پر، پنهنجي والد چاچي گل حسن جي ڪراچيءَ ۾ ملازمت ڪري، اتي ”اين.جي.وي. هاءِ اسڪول“ ۾ تعليم ورتائين ۽ مئٽرڪ پاس ڪيائين. سندس ٻن هم ڪلاسين جا نالا مون کي سجهن ٿا: هڪ ٺارو شاهه جي ڀرسان ڳوٺ اڇي مسجد جو ويٺل رحمت الله قاضي، جنهن کي ”ڦاڙهو“ ڪوٺي چيڙائيندو هو ۽ ٻيو امين ببري، جيڪو ڪراچيءَ ۾ ڄائو نپنو. پر، وڏو ٿيو ته بئنڪ ۾ نوڪريءَ ڪري، ڪراچيءَ مان بدلي ٿي حيدرآباد آيو ۽ تنوير سان گڏ رهندو هو. امين ايڏو ته سادو هو، جو نياز همايوني کيس چوندو هو ته ”سنڌ جي ڳوٺن ۾ به، بنگال وانگر، وڻن تي اهڙا طوطا هوندا آهن، جيڪي ماڻهن وانگر ڳالهائيندا آهن. پر، ماسٽر چندر جو هيءُ ڪلام ته ڏاڍي سُرَ سان ڳائيندا آهن:

”منهنجو هاڻي سهڻن کي آهي سلام.“

اهو ٻڌي امين جو حيرت ۾ وات ڦاٽي ويندو هو. تنوير جو ٽيون دوست، رشيد آخوند هو، جو اڳتي هلي ايس.ايم. ڪاليج ڪراچيءَ ۾ منهنجو به دوست ٿيو. وڏي سنڌي نقاد جون سڀ خوبيون هئس. پر، وڪيل ٿيو، ته سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب وساري ڇڏيائين. هو تنوير کي ”نور“ ڪوٺيندو هو، ڇو ته تنوير جو اصل نالو نور نبي هو.
تنوير، ننڍپڻ ۾ پنهنجي نانيءَ جي ڀاءُ (مرحوم) امام الدين ”ضامن“ کي شعر شاعري ڪندي ٻڌو هو، جنهن جا پاڇا سندس ذهن تي پيا هئا. سو، پاڻ به وڏو ٿيو، ته شعر شاعري ڪرڻ لڳو. ”مغموم“ تخلص هئس. لفظ ”مغموم“ ننڍپڻ ۾ سندس ذهني مزاج جي عڪاسي ڪري ٿو. ”تنوير“ تخلص گهڻو پوءِ اختيار ڪيائين.
مون سان ميل ملاقات 52-1951ع ۾ ٿيس، جڏهن مئٽرڪ پاس ڪري حيدرآباد آيو ۽ ڦليليءَ جي ڪَڙَ تي، ڊي.جي. ڪاليج ۾ اسان ٻنهي داخلا ورتي. هم ڪلاسي ٿياسين، ته هڪٻئي جي ويجها آياسين. عبدالله شاهه به اسان جو هم ڪلاسي هو. گھرو گهاٽو دوست هو. وڏو ٿيو ته وڪالت سان گڏ سياست ڪيائين. سنڌ جو چيف منسٽر ٿيو، پر ڪرسيءَ جو اثر ٿيس، سو، اڳي وانگر گھرا گهاٽا دوست ڪونه رهياسين. وزارت تان لٿو، ته ولايت ڀڄي ويو. موٽيو ته سخت بيمار هو. ڏک ٿيو غريب ڪو ٿورڙو عرصو زنده رهيو.
تنوير انهن ڏينهن ۾ ئي شعر شاعريءَ جي شوق ۾، حيدرآباد جي ”بزمِ خليل“ ۾ ويندو هو، جتي منظور نقويءَ، سرور علي سرور ۽ مظفر حسين جوش سان دوستي ٿيس، جن سان پوءِ مون کي به ملايائين. جڏهن پاڻ ۾ گھرا گهاٽا ٿياسين ته هيڪر، مون کي به ”بزمِ خليل“ ۾ وٺي ويو، ڇو ته مان به پڙهندو ته سائنس هئس، پر شوق لٽريچر ۾ هئم.”بزمِ خليل“ ۾ جيڪو شعر پڙهيائون، تنهن ۾ مون کي ته مزو ڪونه آيو. سمورا ڪلامَ پوءِ اهي گيت هئا، غزل هئا، توڙي نظمَ هئا، ڄڻ ته ڪمند جون چوسيل ڳريون هيون. البت، شعر شاعريءَ کان پوءِ جليبيون ۽ پڪوڙا کارايائون. اهي سٺا هئا.
اسان جي ڪلاسيڪي شاعرن کان پوءِ موجوده دور ۾، سنڌي شعر شاعريءَ جو حق ڪنهن به ادا ڪيو آهي ته اهو شيخ اياز ۽ سندس هم خيال ۽ هم سخن شاعرن ادا ڪيو آهي. تنوير ستت ئي بزمِ خليل کي خدا حافظ چئي، سنڌ دوستيءَ جي واٽ ورتي. سندس ٻه مکيه همسفر شيخ اياز ۽ رشيد ڀٽي هئا.
تنوير ننڍپڻ ۾ ئي هڪ دفعي مون کي خيرپور رياست ۾ پنهنجي ڳوٺ صوڀي ديري به وٺي ويو. اتي سندس نانو، مرحوم عيسيٰ مون سان اچي مليو ۽ پڇيائين ته: ”ذات جو آڳرو آهين؟“
مون چيو ته، ”هائو“
چيائين ته، ”منهنجو مائٽ آهين. توهان جي ڳوٺ ۾ وڏيري محمد خان جي خاندان ۾ منهنجون ٻه ماسيون پرڻيل هونديون هيون.“
ڳوٺ ويس، ته وڏيري چاچي الاهي بخش خان سان ڳالهه ڪيم. کلي ڏنائين. چيائين ته ڳالهه صحيح آهي، پر اهو وڏيرو محمد خان اسان جي والد مرحوم جو به ڏاڏو هو. اهو به چيائين ته انهن ٻن ماين مان هڪڙي مائي وڏي پڙهيل هئي. انهيءَ زماني ۾ اسان جي ڳوٺ ۾ ڇوڪرين کي سنڌي ۽ فارسي پڙهائيندي هئي. سندس نالو هاڻي تنهنجيءَ گهر واريءَ تي رکيل آهي. جا به ساڳئي وڏي وڏيري محمد خان جي خاندان مان آهي.
تنوير سان حيدرآباد ۾ مليس ۽ ساڻس ڳالهه ڪيم ته کلي چيائين: ”حق تي چوندا آهن ته دنيا ڪيڏي نه ننڍي آهي!“
اسان تنوير جي صدر واري گهر ۾ رات جي ماني کائي، ڪاليج جا نصابي ڪتاب پڙهي ٿَڪُ ڀڃڻ ۽ چاءِ پيئڻ واسطي ”ڪراچي هوٽل“ ۾ ويندا هئاسين. هوٽل جي اندرئين هال ۾ هتِ هُتِ ميزون رکيل هونديون هيون، جيڪي ٺهيل ته ڪاٺ جون هونديون هيون، پر مٿن ٽاپ (TOP) سنگ مرمر جا رکيل هوندا هئا. آزاد بڪ ڊيپوءَ جو مالڪ پير محمد، ڏنل شاهه، سرائي اميد علي، عبرت اخبار جو ايڊيٽر شيخ علي محمد ۽ ”مهراڻ“ رسالي جو ايڊيٽر مولانا غلام محمد گرامي هڪڙيءَ ميز تي چونڪڙي لايو ويٺا هوندا هئا. سندن سنگتي ايوب ڪشميري، مڇيءَ وانگر وڇون تري کائيندو هو، ڪڏهن ڪڏهن خود سيٺ ممن صاحب، ڪراچي هوٽل جو مالڪ به دخل تان اُٿي، اچي سندن مجلس ۾ شريڪ ٿيندو هو.
ڪراچي هوٽل هاڻي بند ٿي وئي آهي، پر، انهيءَ زماني يعني 1953ع ۾ حيدرآباد جي سڀ کان سٺي هوٽل هوندي هئي.
مٿيان سڀ سنگتي تڏهن چاليهارو ورهين جي پيٽي ۾ هوندا هئا. سندن ڪچهريءَ جا موضوع مختلف هوندا هئا. جڏهن محفل رنگ تي ايندي هئي، ته ڪڏهن ڪڏهن تنوير ۽ مان به آهستي آهستي، ڪرسيون ريڙهي، وڃي سندن ويجهو وهندا هئاسين. شروع ۾ خاموشيءَ سان سندن ڳالهيون ٻڌندا رهندا هئاسين. جڏهن ساڻن گهائل مائل ٿي وياسين، ته هڪ دفعي مون مهل ۽ موقعو ڏسي، کانئن سوال ڪيو ته: ”انسان جي زندگيءَ جو مقصد ڇاهي؟“
هنن کي ارڙهن اڻويهن ورهين جي نوجوان مان اهڙي ڏکئي سوال جي توقع ڪانه هئي. سو، حالي ته محفل ۾ سناٽو ٿي ويو. گهڙيءَ کن کان پوءِ، مولانا گراميءَ کنگهي، نڙي صاف ڪئي ۽ گفتگو شروع ڪئي، پر، لفظ گهڻا، معنيٰ ۽ مطلب ٿورو. ان ۾ سندس ڏوهه ڪونه هو. سوال ئي اهڙو اڻائو هو. گرامي صاحب جي گفتگوءَ ۾ عقل جي ڳالهه ڪل هيءُ هئي ته: ”زندگي هڪ اهڙو ڪتاب آهي، جنهن جا اڳيان ۽ پويان ورق ڦاٽل آهن.“
پر، اها به سندس سوچ ڪانه هئي. اهو فارسي زبان جو هڪ مشهور شعر آهي، جيڪو ابوالڪلام آزاد، ڊاڪٽر راڌا ڪرشنن هندستان جي اڳوڻي صدر، جي ڪتاب جي ”پيش لفظ“ جي آغاز ۾ لکيو آهي. ڪتاب انگريزيءَ ۾ آهي. پورو نالو اٿس:

A HISTORY OF EASTERN AND WESTERN PHILOSOPHY

حيدرآباد جي ڦليلي ڪاليج ۾، مان تنوير وانگر شيخ حفيظ سان به گھرو گهاٽو ٿيس. انٽر سائنس ۾ هئس، ته حفيظ جي صلاح تي ڪراچيءَ هليو ويس. اتي ادبي دلچسپيءَ جي ڪري، سنڌ مسلم آرٽس ڪاليج ۾ داخلا ورتم، پر تنوير ڦليلي ڪاليج مان انٽر سائنس جو امتحان پاس ڪري، لياقت ميڊيڪل ڪاليج حيدرآباد ۾ داخلا ورتي. هفتي ٻن ۾ ڪراچيءَ رڳو مون سان ملڻ ايندو هو يا وري مان وٽس حيدرآباد هليو ويندو هئس.
تنوير ذهين شاگرد هو. پڙهڻ ۾ مون کان وڌيڪ هوشيار هو. ٻيو ته محنت ڪندو هو. لياقت ميڊيڪل ڪاليج ۾ ٻه ڪم ڪيائين: هڪ ته M.B.B.S جي ڊگري ورتائين ۽ ٻيو ته عشق ڪيائين. انگريز اهڙي عشقيه معاملي کي AFFAIR ڪوٺيندا آهن. سندن عشق شايد 'معاملي' تائين مختصر ۽ محدود هوندو آهي. ليڪن مشرقي روايت موجب، عشق ان کان مٿڀرو آهي. ناصر علي شاهه دهلويءَ، عشق جي ڪيفيت هيئن بيان ڪئي آهي:

بنام خداوند ناز آفرين،
جگر هاي عاشق گداز آفرين.

تنوير جي پهرين شادي مائٽن ننڍپڻ ۾ ڪرائي هئي. انهيءَ اهليه، اديءَ نور بيبيءَ مان هڪ نياڻي به ٿيس، روبي. ليڪن تمام ننڍيءَ عمر ۾ بلڪ بي سمجهائيءَ واري ڄمار ۾ ٻارن جون شاديون نه ڪرائڻ کپن. اها ڳالهه پنهنجي جاءِ تي، پر روبي تمام پياري هئي. معصومڙي، سهڻي ۽ ڏاڍي ڏاهي هئي.
ڪاليج ۾ عشق ۾ ڪاميابيءَ ۽ شاديءَ کان پوءِ، اديءَ قمر مان ٻه نياڻيون، پارس ۽ مارئي ۽ هڪ پٽڙو ٿيس. نالو رکيائينس سرمد، جيڪو امريڪا مان اعليٰ تعليم وٺي موٽيو آهي ۽ پنجاب ۾ ڪنهن اداري ۾ آهي.
تنوير ڊاڪٽريءَ جو امتحان پاس ڪري حيدرآباد ۾ پريڪٽس شروع ڪئي. رهندو ٽنڊي آغا ۾ هو. 1962ع ۾، سنڌي ادبي بورڊ جون آفيسون سرڪار جي حڪم هيٺ حيدرآباد کڄي آيون، سو، مون لاءِ به پنهنجي گهر جي پاسي ۾، ڪرائي تي ڪمرو ورتائين. چڱو عرصو، ماني به سندس گهران ايندي هئي. ادي نور بيبي رڌ- پچاءَ جي ڪاريگر هئي. صحيح معنيٰ ۾ سگهڙ زال هئي.
اديءَ قمر سان سندس نڪاح جي تقريب بسنت هال حيدرآباد ۾ ٿي. مخدوم امير احمد صاحب نڪاح پڙهايو. تنوير، نڪاح نامي ۾، منهنجو نالو شاهد طور لکايو. ادا عبدالنبي گهر جي وڏي جي حيثيت ۾ تقريب ۾ شريڪ ٿيو.
تنوير جي وفات کان پوءِ مون شوڪت جماڻيءَ جي مدد سان سندس ياد ۾ تعزيتي اجلاس به بسنت هال ۾ ڪوٺايو ۽ ان جي صدارت به ادا عبدالنبيءَ ڪئي. قدرت جي ڪارخاني ۾ عجب اسرار آهن!
ڊاڪٽر ٿيڻ کان پوءِ تنوير مستقل پريڪٽس ۽ رهائش لاءِ سوچي سمجهي خيرپور ميرس جو انتخاب ڪيو. اديءَ قمر سان گڏجي، ”سنڌ - اسپتال“ نالي هڪ خانگي شفاخانو کوليائين، جاءِ جي اڏاوت، پنهنجي حال آهر، وڏي ذوق شوق سان ڪرايائين ۽ مٿس ”سرمد جو گهر“ نالو رکيائين. جاءِ جي اولي تي ”سنڌي اجرڪ“ جي ڊزائين تي سيمنٽ جي ڄاري ٺهرايائين. سندس ضمير جو خمير سنڌ جي مٽيءَ ۽ پاڻيءَ مان ڳوهيل هو.
ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته تنوير ۽ قمر ڪيڏي ذوق ۽ شوق سان جاءِ جوڙائي هئي ۽ ڪيڏي آرام سان ان کي ڇڏي ويا. قليچ بيگ چيو آهي:

هي محل ماڙيون ۽ بنگلا،
خواب آهي يا خيال!

سنڌ اسپتال جي پٺئين پاسي، ڇٻر جو ٻارو ۽ ان جي پاسن سان گلڙا رکايائين. اسپتال جي عمارت مير واهه جي ڪَڙَ تي ٺهرايائين، جتي وڏا ساوا وڻ، وهندڙ پاڻيءَ جي مٿان ڇانوَ ڪري بيٺا آهن. ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته حافظ شيرازيءَ جي سنت ادا ڪيائين:

ڪنار آب رڪناباد، گلگشت مصليٰ را

مون ايران ۾ حافظ جي مزار تي حاضري ڏني آهي ۽ ”رڪناباد“ ڏٺي آهي. ميرواهه ته وڏو ويڪرو وهندڙ واهه آهي. ”رڪناباد“ ان جي اڳيان هڪ وهندڙ ڪَسي آهي.
تازو هاڻي هڪ دفعي خيرپور وڃڻ ٿيو. ڏٺم ته تنوير جي ٺهرايل ”سنڌ اسپتال“ واري عمارت اڃا به بيٺي آهي. ميرواهه به وهندو رهي ٿو. گويا، مڪان موجود آهي. پر، مڪين منجهس موجود ڪونهن، دل ۾ چيم ته انسان جون مسرتون ۽ حسرتون ڪيڏيون نه عارضي آهن!
تنوير، خيرپور کي مستقل پريڪٽس ۽ رهائش لاءِ شعوري طرح ان ڪري منتخب ڪيو هو، جو سندس آبائي شهر سوڀوديرو اتان گهڻو پري ڪونهي. سنڌ جي روايت موجب، اهو ئي شهر سندس ذهن کي ويجهو هو، جتي سندس وڏڙا آسوده خاڪ هئا. پر، جيئن اڳ عرض ڪيو اٿم ته قدرت جي هن ڪارخاني ۾ عجب اسرار آهن. حيرت جي ڳالهه آهي ته وفات کان پوءِ سندس مٽيءَ پنوڙو وڃي اسلام آباد ۾ ٺهيو!
خيرپور ۾ ميڊيڪل پرئڪٽس ڪيائين ته گذر سفر لاءِ وٽس ڪجهه پئسو ٿيو. انهيءَ تي ئي قناعت ڪيائين. اعليٰ تعليم لاءِ ولايت ڪونه ويو. اهو عقل جو ڪم ڪيائين، يا چڪ ڪيائين؟ ڪيئن چئجي! ماڻهوءَ جي قسمت الائي ڇا آهي؟
هڪ دفعي، مان اسلام آباد مان وٽس، خيرپور ويس، ته سچل جو سجاده نشين، صوفي قبول محمد مون کي دعوت ڏئي، درازين وٺي ويو. قرب ڀري ڪچهري ڪيائين ۽ پنهنجي لئبرري ڏيکاريائين. موڪلائڻ مهل، فرانس جي معروف دانشور، مارسينو جو منصور حلاج تي لکيل مشهور ڪتاب ۽ هڪ خوبصورت نيڪ- ٽاءِ تحفي طور ڏنائين.
درازن مان خيرپور موٽي آيس، ته تنوير چيو ته، ”نيڪ ٽاءِ ڏاڍي سهڻي آهي، اٽليءَ جي ٺهيل آهي، پر، اها تون رک، مارسينو جو ڪتاب مون کي ڏي.“ منصور حلاج تڏهن سندس مطالعي جو موضوع هو. ٻين به گهڻن جي مطالعي جو موضوع رهيو آهي. عالم اسلام کان علاوه مغرب ۾ به مٿس ڪيئي ڪتاب لکيا ويا آهن. پر، تازو هڪ اهم ڪتاب پڙهيو اٿم، جنهن جي مصنف جو منصور حلاج بابت لکيل احوال مروجه روايتن جي خلاف آهي. ڪتاب جو نالو: ”الفخري“ آهي. تاليف محمد علي ابن علي ابن طبابا جي آهي.
تنوير، گهر ۾ سٻنڌڙي لئبرري ٺاهي هئي جنهن ۾ تصوف، تاريخ، تذڪري، ادب، شعر ۽ فلسفي تي ڪتاب جمع ڪيا هئائين. ڪنهن موقعي تي، مون کي ٽئگور جو ڪتاب ”گيتانجلي“ ڏيکاريائين ۽ ان جي پڙهڻ جو شوق ڏياريائين. سندس اهو احسان عمر ڀر ياد رهندو. مون ورهين کان پوءِ بنگله ديش جي ”ڍاڪا شريٽن هوٽل“ ۾ گيتا نجليءَ جون ٻه ڪاپيون ڪتابن جي دڪان تان خريد ڪيون. رات جو بستري ۾ ليٽي ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيم ته اَسُرَ جو پورو ڪيم. تيسين بستري جو وهاڻو منهنجن اکين جي ڳوڙهن سان آلو ٿي ويو هو.
ٽئگور وڏو شاعر آهي... تمام وڏو شاعر آهي! کيس پنهنجي عظمت جو احساس هو. ڪنهن ڪتاب ۾ سندس هڪ قول پڙهيم ته، ”مون کي ته شيڪسپيئر به ٻارُ لڳي ٿو.“
خيرپور ۾، سانجهيءَ جو جڏهن آسمان مان شفق جا ڪڪر غائب ٿيندا هئا ۽ تارا چمڪڻ لڳندا هئا، تڏهن مئي جو جام ۽ ٽئگور جو ڪلام، تنوير جي ڪيفَ ۽ سرور جو سامان هوندو هو. سندس ذهني عياشي اها ئي هئي. انتها درجي جو اشراف انسان هو. سندس شخصيت ۾ محبت جي ماکي هئي. نفيس ۽ نرم مزاج هو. وير ته ڪونه وٺندو هو. پر ميار به ڪونه ڏيندو هو. گلا غيبت ڪونه ٻڌندو هو، پر، ڀلا جي ڪو شخص کڻي سندس اڳيان اهڙي ڪا ڳالهه ڪندو به هو، ته چوندو هئس: ”وتائي فقير جو پراين ڳالهين ۾ ڪهڙو ڪم؟“
پنهنجي اهڙي اعليٰ اخلاق، قرب ۽ اخلاص سان، بيشمار دوست ۽ مداح پيدا ڪيائين، جن ۾ پير حسام الدين راشديءَ جهڙا هاڪارا عالم به شامل هئا: سچل جي ميلي تي، راتين جون راتيون وٽس وڃي ٽڪندا هئا، رشيد ڀٽي، شوڪت جمالي ۽ مان سندس گهر جا ڀاتي هئاسون.
سٺو دوست خدا جي نعمت آهي. سندس دوستن ۾ هونءَ ته گهڻا ئي آبدار موتي آهن، پر شوڪت جماڻي کيس ٻين کان وڌيڪ ويجهو هو. تنوير ئي مون کي اهڙو تاثر ڏنو هو. شوڪت جماڻيءَ جي خصوصيت سندس ”غيرمعمولي ذهانت“ آهي. هو بزنيس بدران سياست ۾ پير پائي ها، ته اڄ ملڪ جي ليڊرن ۾ مٿاهون مقام حاصل ڪري ها. وزارت ته هن لاءِ خسيس ڳالهه آهي.
مون کيس تڏهن وڌيڪ ويجهو ڏٺو، جڏهن حيدرآباد ۾ ”لساني جهڳڙن“ جي ڪري، ڪرفيو لڳو هو. لطيف آباد ۾ گهر ورتو هئائين. شام جو ڪلاڪ ٻن لاءِ ڪرفيو لهندو هو، ته ڪار کڻي، باز وانگر اڏامندو مون وٽ گاڏي کاتي ۾ ايندو هو. پنهنجي گهر وانگر، منهنجي گهر لاءِ به سايون ڀاڄيون، بصر، پٽاٽا ۽ ٽماٽا وٺيون ايندو هو. چاءِ جو ڪوپ به ڪونه پئندو هو. خير خيريت جو حال احوال ڏيندو وٺندو هو. ڪرفيو شروع ٿيڻ کان ويهه پنجويهه منٽ اڳ اٿندو هو ۽ وري باز وانگر اڏامندو پنهنجي گهر پهچندو هو.
اڄڪلهه ڪراچيءَ ۾ رهندو آهي. ڪجهه عرصو، اڳ، منهنجي گهر واري بيمار ٿي پيئي. سندس علاج لياقت نيشنل اسپتال ڪراچيءَ ۾ ٿيندو هو. سو، اچڻ وڃڻ جو مسئلو هوندو هو، پر شوڪت مون کي ڪراچيءَ مان پنهنجي ايئرڪنڊيشنڊ ڪار موڪليندو هو. سو، مون کي ڪابه ڏکيائي ڪانه ٿي. منهنجي گهر واري صحتمند ٿي، ته اسان جي اعزاز ۾ پنهنجي گهر وڏي شوق سان ڊنر ڪيائين. ڀاڄائيءَ ناهيد، کاڌي جي ميز تي طرح طرح جا طعام رکايا. ديسي به، ولائتي به، پر، جڏهن اسان ماني کائي، ڍءُ ڪيو ۽ کاڌي جي ميز تان اٿڻ وارا هئاسين، ته شوڪت جي اندر ۾ ”ستل سنڌي“ ڪر موڙي جاڳيو. سو، بورچيءَ کي چيائين ته، ”هاڻي اسان کي بُسري پچائي ڏي.“
سنڌ ۾ بُسري سياري ۾ نيرن تي کائيندا آهن. ان مهل رات جا ٻه اڍائي پئي وڳا. مون گهر واريءَ جي صحت جي ڪمزوريءَ ڪري کانئن موڪل ورتي.
تنوير، جڏهن اسلام آباد ۾ بيمار ٿيو، ته شوڪت ئي سڀ کان اول مون کي اهو اطلاع ڏنو. پوءِ جيئن ڪنهن VIP جي باري ۾ ڪلاڪ ڪلاڪ کان پوءِ بليٽن جاري ٿيندي آهي، تيئن مون کي مسلسل سندس طبيعت بابت واقف ڪندو رهيو. پوئين فون ڏاڍي ڏکاري لهجي ۾ ڪيائين:
”سانجهيءَ جو اسلام آباد ۾ اسپتال جي ڀرسان مسجد وٽ جنازي نماز ٿيندي. جهاز جون ٻه ٽڪيٽون وٺي ڇڏيون اٿم. سگهو ڪراچي پهچ. مان ايئرپورٽ تي تنهنجي انتظار ۾ اُڀين پيرين بيٺو هوندس.“
وڌيڪ ڳالهائي ڪونه سگهيو. سندس گلو ڀرجي آيو. اسلام آباد ۾ اسان ٻنهي کان سواءِ سنڌ مان تنوير جو ٽيون دوست ڪير ڪونه آيو. هاڻي، سندس ياد ۾ جيڪي جلسا ٿين ٿا، تن ۾ انهن کي صدارت لاءِ سڏين ٿا، جن تنوير کي زندگيءَ ۾ ڏاڍا ڏک ڏنا.
اسلام آباد ۾ جنازي نماز کان پوءِ جڏهن تنوير جو منهن ڏيکاريائون، ته شوڪت اوڇنگارون ڏئي رنو. مون ۾ همت ڪانه هئي جو تنوير جو منهن ڏسي سگهان. ڏک ۾ پري بيٺو رهيس. دوستن ۾ قرب جو ايڏو جذبو ته ڪو غيرمعمولي ماڻهو جاڳائي سگهي ٿو. تنوير جيڏو وڏو شاعر هو، انهيءَ کان گهڻو، تمام گهڻو وڏو انسان هو.
تنوير جو شوڪت کان به اڳ پيارو دوست رشيد ڀٽي هو، جيڪو پوءِ شوڪت جو به پيارو دوست ٿي ويو. ٻنهي ڄڻن ۾ تنوير جي دوستيءَ جو اولين شرف ڀٽيءَ کي آهي. هونئن ڪيئي دوست هئس. شعوري طرح هر ماڻهوءَ کي ”موتي جو داڻو“ سمجهندو هو. پر، حقيقت ائين ئي آهي جيئن شاهه سائينءَ بيان ڪئي آهي:

”ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بوءِ بهار جي.“

هرڪو ماڻهوءَ موتيءَ جو داڻو ڪونهي. وفات کان اڳ تنوير کي به ان ڳالهه جو احساس ٿيو. حيدرآباد ايندو هو ته مون وٽ ئي مهمان هوندو هو. هڪ دفعي رات جي ماني کائي، گلاس پيئندي، ڪچهري ڪندي، ڪن ويجهن دوستن جي شڪايت ڪيائين ته هنن سنڌي ادبي بورڊ ۾ سندس هڪ ڪتاب جي ڇپائيءَ ۾ ڄاڻي واڻي، ورهين جا ورهيه رنڊڪون وڌيون. تڏهن مان بورڊ ۾ ڪونه هئس. اسلام آباد ”پاڪستان ايڪيڊمي آف ليٽرس“ ۾ هئس. ائين ڳالهيون ڪندي، دوستن ۽ عام ماڻهن متعلق هڪ ”عجيب تاثر“ ڏنائين. دوستن جو ذڪر ڪري، ڏاڍي ڏک سان چوڻ لڳو ته، ”هو دوستيءَ جي لائق نه هئا. مون وٽ خيرپور ۾ راتين جون راتيون اچي ٽڪندا هئا. مان سندن الائي ته ڪيتريون خدمتون ڪندو هئس.“
پوين ڏينهن ۾ ته خيرپور ۾ رهندي، پنهنجي هڪ تمام پراڻي ادبي دوست سان سخت اڻبڻت ٿيس. ان حقيقت جي گهڻو ڪري، سندس سمورن دوستن کي خبر آهي. انهيءَ دوست جي همنام هڪڙي اڻ-پڙهيل، ليڪن سنڌ سرڪار جي هڪ ڪاموري سان ته سخت نفرت هئس.
پر، ڪي دوست پڇاڙيءَ تائين ساڻس سچا رهيا. انهن مڙني ۾ رشيد ڀٽيءَ جو نالو نمايان آهي. تنوير ۽ ڀٽيءَ جي سنگت ساٿ ۾ مون کي هڪ به اهڙو واقعو ڪونه ٿو سُجهي، جو هڪٻئي کان رنج ٿيا هجن. جيئن وقت گذرندو ويو، تيئن سندن سنگت ۾ صندل جي سرهاڻ وانگر واڌارو ٿيندو ويو. تنوير ڪيترا دفعا، مون سان پرپٺ، ڀٽيءَ جي اخلاق جي ڏاڍي نيڪي ڪئي. ڀٽي سکر رهندو هو ۽ تنوير خيرپور. پر، ملندا روزانو هئا. ڀٽي جاگيراڻي محلي ۾ رهندو هو. ڳالهه ڪيائين ته هڪ ڏينهن ڪورٽ ٿي ويس، ته هڪ مائيءَ چڙ سان اچي چيو ته، ”ادا ڀٽي اهو ڪير آهي، جو روزانو اڃا شام مس ٿئي ٿي، ته اڇا لٽا پائي، موٽر کنيو، ”پان“ ”پان“ ڪندو، پمپ وڄائيندو، سڌو تو وٽ ٿو اچي؟“
”پان“ ”پان“ تي ياد آيم ته هڪ دفعي مان ۽ تنوير نو لکي واهه جي ڪپ سان صوڀي ديري کان منهنجي ڳوٺ پئي وياسين ته ڪئنال پاٿ تي مينهون ويٺيون هيون. رستو بند هو. ميهار ڇوڪري ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر، اُٿن ئي ڪونه. جڏهن وسَ ڪري ٿڪجي پيو ته ڪار ڏي اشارو ڪري، تنوير کي چيائين ته، ”دانهن ڪرائينس.“

تنوير مس مس ڳوٽ ڀڳي ته چوي ٿو ته، ” هارن ڏي.“

تنوير ۽ ڀَٽيءَ ۾ گهڻيون ڳالهيون هڪ جهڙيون هيون. ٻئي ”سنڌ دوست“ هئا. غريبن جا همدرد هئا. ٻئي خيالن ۾ PROGRESSIVE هئا. ڀَٽي تنوير کان وڌيڪ LEFTIST هو. ٻنهي کي مُلن واريءَ مذهبي تنگ نظريءَ توڙي ڪامريڊن واري پاڻ کي ”عقلِ ڪُل“ سمجهڻ واريءَ ذهنيت کان بڇان ايندي هئي. هونئن ٻئي ڄڻا، هر ڪنهن جي عزت ڪرڻ وارا، انتهائي اشراف، يارويس، مهمان نواز ۽ دل جا کليل هئا. اندر ۾ هڪڙي ته ٻاهر ۾ ٻي يعني سنڌ جي مثالي عالمن جي منافقيءَ واري پاليسيءَ کي عملي طرح ننديندا هئا. ڀٽي دشمن کي معاف ڪرڻ وارو نه هو، تنوير دشمن کي به درگذر ڪرڻ وارو هو. سندس زندگيءَ ۾ ”لحاظ“ (GRACE) کي سڀ کان وڏي اهميت هئي.
مان ورهين جا ورهيه علامه آءِ.آءِ قاضيءَ جي قدمن ۾ ويٺو آهيان. هن ئي مون کي اهو سبق ڏنو هو ته انساني تهذيب ۽ تمدن جو روح هڪڙي لفظ ۾ سمايل آهي. اهو آهي: لحاظ (GRACE). الله سائينءَ، تنوير کي انهيءَ نعمت سان نوازيو هو.
هندستاني اديبه، سندريءَ به مون کي اهو تاثر ڏنو هو. هوءَ غالباً سنه 1964ع ۾، اتم سان گڏ سنڌ گهمڻ آئي هئي. ٻئي سنڌ جو دؤرو پورو ڪري، لاهور وڃي رهيا هئا. سکر ۽ خيرپور جي اديبن جو چڱو هجوم، کين روهڙي ريلوي اسٽيشن تي خداحافظ چوڻ هليو. منجهن اياز، تنوير، ڀٽي ۽ ٻيا شامل هئا. پليٽ فارم تي بيٺا هئاسين، گاڏي آئي ته سندري اوچتو مون کي ٻانهن کان جهلي، پاسيرو وٺي وئي ۽ چيائين ته:

”رباني، ڪي ماڻهو ننڍا آرٽسٽ پر وڏا انسان هوندا آهن.
۽ ڪي ماڻهو وڏا آرٽسٽ، ليڪن ننڍا انسان هوندا آهن.“

تنوير جي ”لحاظ“ ۽ اياز جي ”ڪلام“ کيس ڏاڍو متاثر ڪيو هو. پر اياز جي شخصيت کان اوترو ئي مايوس ٿي. خود اياز کي به ان ڳالهه جو احساس هو. مون کي پاڻ ئي ڪي رازدارانه ڳالهيون ٻڌايون هئائين، جي مان هت لکي نٿو سگهان. ليڪن، پاڻ ئي پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو اٿس، ته ”هندستان ۾ فلاڻيءَ دعوت ۾ هيٺ لٿاسين، ڏٺم ته سندري منهنجو انتظار ڪرڻ کان سواءِ ئي گهر هلي وئي هئي.“
ڇو هلي وئي؟ گهر ۾ پاپڙ پچائڻ هلي وئي. يا اياز جي بي لحاظيءَ ڪري، سندس روح کٽو ٿي ويو هو؟ ايازَ پاڻ ئي مون کي ان جا سبب ٻڌايا هئا ۽ مڃيائين ته، ”ڏوهه سندس هو.“
اياز جي وفات تي اتم پنهنجي رسالي ”نئين دنيا“ جو ”خاص نمبر“ ڪڍيو، جنهن ۾ مهڙ تي اياز جي تصوير ڏنل آهي ۽ پٺ تي سندري ۽ اتم سان گڏ رشيد ڀٽي، مغل ستار ۽ منهنجي تصوير آهي. اندر رسالي ۾ هند سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن جا مضمون ڏنل آهن، پر رسالي ۾ ڪاٿي به سندريءَ جو ڪو مضمون ته ڇا، رڳو ٻه سٽون به تاثر طور ڏنل ڪونهن. ان ڳالهه جو ڪو ته سبب هوندو؟ سندري معمولي لکندڙ ته ڪانهي. سنڌي زبان جي اعليٰ اديبه آهي. غالب چيو آهي ته:

بے رخی بے سبب نہیں غالب۔

ڀٽيءَ ۽ شوڪت وانگر، تنوير جو مون سان به وڏو قرب هو. هڪ اڌ مثال ڏيان ٿو. هڪ دفعي، حيدرآباد ۾ بُڪيءَ جي سور جي سخت تڪيلف ٿيم. حيدرآباد ۾ سٺا ڊاڪٽر هئا ۽ منهنجا يار هئا، پر فون تنوير کي خيرپور ڪيم. ان مهل، رات جا ٽي وڄي رهيا هئا. چيائين ته صبح سان تو وٽ پهچي ويندس.
بعد ۾ خيرپور ۾ سندس اسپتال جي نرس ٻڌايم ته، ”ابا، تنهنجي فون آيس، ته اکين مان ننڊ اڏامي ويس. چوڻ لڳو ته، ”ماسي دعا ڪر، منهنجو ڀاءُ چاق ڪونهي، وڏيءَ فجر جو توڏي آيو.“ حيدرآباد آيو ته ڏينهن جو ته ڪاڏي ڪونه ويندو هو، پر رات جو به آڌيءَ تائين بعضي اسر تائين جيسين مون کي ننڊ اچي، تيسين پاسي ۾ ڪرسي وجهي ويٺو هوندو هو. مان چاق ٿيس، ته هفتو ڏهه ڏينهن کن پوءِ به مون وٽ هو. حيدرآباد ۾ بيشمار دوست هئس، پر ڪنهن ڏي ڪونه ويو.
اسلام آباد ۾ به مون کي اهڙو ڪو صحت جو مسئلو ٿيو، ته اتي به پهتو. چاق ٿيس، ته بيماريءَ جي ڪري، ڪجهه ڏينهن ضعيف هئس، سو، روز شام جو هٿ کان وٺي مون کي پنڌ ڪرائيندو هو.
قدرت جي ڪارخاني ۾ عجب اسرار آهي. ڪهڙي خبر ته مان پندرنهن سالن کان پوءِ اسلام آباد مان سنڌ ۾ موٽي ايندس، ته پاڻ سنڌ ڇڏي، اتي ئي ويندو ۽ هميشه لاءِ قبر جي لحد ۾ ليٽي پوندو!
سندس پٽڙو سرمد آمريڪا مان موٽيو، ته قائداعظم يونيورسٽيءَ ۾ سٺي نوڪري مليس. خيرپور ۾، ٻيا به ڪي ڊاڪٽر آيا هئا. چار مريض انهن وٽ به ويندا هوندا. سو، تنوير جي آمدنيءَ تي اثر پيو. سندس گهر جي آمدنيءَ جو مکيه ذريعو وڃي اديءَ قمر جي ڊاڪٽري پريڪٽس بيٺي!
اسلام آباد سندس لڏي وڃڻ جو ظاهري سبب سرمد جي قائداعظم يونيورسٽيءَ ۾ مقرري ٿي. تنوير سوچيو ته پٽڙي سان گڏ ساڳئي گهر ۾ رهبو. پاڻ ۽ ادي قمر خانگي اسپتالون کوليندا، ته چار مريض وٽن به ايندا رهندا. خير جو وقت پيو گذرندو. هو اها ڳالهه صفا وساري ويٺو ته کيس ڪجهه سال اڳ دل جو دورو پيو هو ۽ ڦڦڙن تي به سگريٽ نوشيءَ جو خراب اثر پيو هو. لنڊن مان علاج ڪرائي آيو هو. اسلام آباد جو سيارو تمام سخت ٿئي ٿو. کيس ڀانءِ ڪونه پوندو.
ڪيترو عرصو اسلام آباد ۾ رهيو، سو ياد ڪونه آهي، پر سال کن کان وڌيڪ ڪونه هوندو. مان اوچتو ڪنهن دوست جي سڏ تي ٻن ڏينهن لاءِ اتي ويس. منهنجو دوست منسٽري آف ايڊيوڪيشن ۾ جائنٽ سيڪريٽري هو. ٽئين ڏينهن واندو ٿيس ته تنوير کي موٽر موڪليم، ڇو ته پهرئين ڏينهن اطلاع ڪيانس ها، ته ان مهل ئي گهر وٺي وڃي ها. دوست جو ڪم رهجي وڃي ها. آيو ته پنهنجي دوست سان متعارف ڪرايومانس. ٻئي شاعر هئا. ٻنهي جي شعر شاعريءَ ۽ ڪيف و سرور جي محفل اڌ رات تائين هلي. زور ڀريائين ته، ”گهر هل“.
مون چيو ته، ”اڌ رات ٿي وئي آهي. سخت سيءُ آهي. صبح جو ايندس.“
صبح جو منهنجي دوست جو ڊرائيور نئون هو، جنهن کي تنوير جي گهر جي خبر ڪانه هئي. مون کي سڌو آڻي هوائي اڏي تي لاٿائين. لاچار حيدرآباد هليو آيس. وچ تي ڏهاڙو ئي هڪڙو گذريو، جو مائٽ شوڪت اطلاع ڏنو، ته تنوير اسپتال ۾ آهي ۽ سخت بيمار آهي. مان توکي ڪلاڪ ڪلاڪ کان پوءِ فون ڪندو رهندس. اديءَ قمر بعد ۾ ٻڌايو ته تنوير منجهند جو گهر جي پاسي نانوائيءَ وٽان نان خريد ڪرڻ ويو. موٽيو، ته ٿڪاوٽ جي دانهن ڪيائين. ڌيڻس چيو ته، ”الشفا“ اسپتال پاسي ۾ آهي. اتي هلون. ڊاڪٽرن تنوير کي تپاسي، اديءَ قمر کي تشويشناڪ رپورٽ ڏني. هُوءَ گهٻرائجي وئي ۽ اسلام آباد جي PAKSITAN INSTITUTEE OF MEDICAL SCIENCES اسپتال ۾ کڻائي ويس. دل ته اڳي ئي زخمي هئس. پر، ڦڦڙن تي به سگريٽ نوشيءَ جو تمام خراب اثر پيو هئس. اسپتال ۾ ڏينهن ٻه ٺيڪ هو. پوءِ هيڻي حال ٿيو ۽ جان انهيءَ جي حوالي ڪيائين، جو ”جان آفرين“ آهي. هاڻي انهيءَ ئي قبرستان ۾ ابدي آرام ۾ آهي، جتي منهنجو ٻيو پيارو يار صديق سالڪ ستل آهي. آسپاس، جوش مليح آبادي ۽ پروين شاڪر جون تربتون آهن.

خاک میں کیا صورتیں ہونگیں کہ پنہاں ہوگئیں

تنوير مکڻ ماکيءَ جهڙو مٺو ماڻهو هو. الله سائينءَ جو نوازيل ٻانهو هو. سنگت ساٿ ۾ حقيقي خوشي ۽ لطف محسوس ڪندو هو. سندس اصول هو. ”همه ياران بهشت“.
اسلام آباد ۾ پاڪستان ايڪيڊمي آف ليٽرس ۾ هئس ته هڪ نه ٻئي سال ملڪ جي اديبن جو وفد چين جي دؤري تي ويندو هو. هڪ ڏينهن تنوير مون وٽ آفيس ۾ موجود هو. مون کي چيائين ته، ”ڇڏ انهيءَ فائيل کي. اٿ ته ڪنهن دوست سان ملي اچون.“
مون چيو ته، ”بس، پنج منٽ ترس. اديبن جو وفد چين وڃي رهيو آهي. ان باري ۾ ڪا صلاح سباب به ڏي. سنڌي اديبن شاعرن مان تنهنجو لکان؟“
جواب ۾ چيائين ته، ”تون هلندين؟“
مون چيو ته، ”مان ٻه دفعا چين گهمي آيو آهيان. تون ڏسي اچ. چين ڏسڻ وٽان آهي.“
چيائين ته، ” شرط آهي، ته تون به هلندين، ته مان به هلندس. اڪيلو وڃي ڇا ڪندس؟“ مون کيس گهڻو ئي سمجهايو ته من ”هائو“ ڪري. پر، سندس ”نه“ کي نوَ ڪوٽ هئا.
تنوير جي ڀيٽ ۾ لاهور جو هڪ جغادري اردو اديب ۽ شاعر ۽ ناٽڪ نويسُ، جنهن جو نالو ٻڌي هتِ اسان جا گهڻا سنڌي اديب ۽ شاعر سندس دهشت ۾ بيهوش ٿي ويندا آهن. سو، ڀَٽَ فقير وانگر منهنجي درَ تي صبح شام سئن هڻي بيٺو هجي، ته ”مون کي چين موڪل.“ مون چيو ته وفد تشڪيل ڏئي ڇڏيو اٿم. ليڪن جِنُ ڇڏي، ڀوت ڇڏي، پر جغادري اردو اديب نه ڇڏي. لاچار چيني سفير کي چيم، جنهن سندس نالو اضافي اديبَ طور وفد ۾ شامل ڪيو.
ون يونٽ جي خلاف مهم هلائڻ مذاق ڪانه هئي. شينهن جو جگر کپندو هو. پر، انهيءَ مهم ۾ توڙي سنڌي ٻوليءَ جي بحاليءَ واريءَ تحريڪ ۾ تنوير جو رول سونهري اکرن ۾ لکڻ لائق آهي. هڪ دفعي تنوير مون وٽ مهمان هو. ان دؤر جون ڳالهيون نڪتيون. چيائين ته، ”تون اهو سڄو داستان لک، ته اسان ڪيڏي جدوجهد ڪئي.“ پر، تنوير وانگر مون کي به احساس هو ته، سنڌ جي تاريخ ”ابتو پاسو“ ورائي چڪي آهي. بيشمار ٻگهه پکي، نقلي پَرَ پائي، هنج بنجي ويا آهن. ڪاري ۽ ڪميڻي ڪنڌ مٿي کنيو آهي. ماٺ ڀلي آهي. سو، وقت جو انتظار ڪجي. ڀٽائيءَ بي سبب ته ڪونه چيو هو:

اَڇو پاڻي لڙ ٿئو، ڪالوڙيو ڪنگن،
ايندي لڄ مرن، تنهن سر مٿي هنجڙا.

ون يونٽ واري ئي زماني ۾ خبر ناهي ته ڪنهن چيو ته اسان رات ڏينهن ”سنڌ سنڌ“ پيا ڪيون. پر سنڌ گهمي ڏسون ته سهي. ائين سنڌ گهمڻ جو پروگرام ٺهيو. اونهاري ۾ سول ڪورٽن کي وئڪيشن ملندي آهي. اياز ۽ ڀَٽي وڪالت ڪندا هئا. سي سکر مان ايندا هئا. تنوير خيرپور مان. جويو صاحب ۽ مان حيدرآباد مان. جمال ابڙو جتي به هوندو هو، اتان ايندو هو. سڀ ڄڻ ته هڪ ئي ڪٽنب جا ڀاتي هوندا هئاسين. هڪ نئون ساٿي به پاڻمرادو اچي اسان سان شريڪ ٿيو. ارباب نور محمد پليجو. اسان کي جاتيءَ جي پاسي گهمائڻ وٺي ويو. رستي تي مومل جي پيءُ، راجا نند جي ”ڪوٽ“ جا قديم آثار ڏٺاسين. سخت گرمي هئي. واپسيءَ تي ٺٽي وٽان درياهه ٽپي، ڪينجهر جي ڪنڌيءَ تي اچي منزل انداز ٿياسين. اتي هڪ HUT ۾ رات رهياسين، جيڪا نواب ڪالا باغ گورنر اولهه پاڪستان واسطي سينگاريل هئي. پر، هو ڪينجهر تي اچڻ بدران سڌو ڪراچيءَ هليو ويو هو. ٿڌي ٿڌي هير پئي لڳي. ڪينجهر جي ڪپ تي گذاريل اها رات عمر ڀر ياد رهندي.
ٻئي سال ”کارو ڇاڻ“ ڏٺوسون. اتي ئي سنڌو درياهه سمنڊ ۾ پوي ٿو. پر، سمنڊ ۾ ڪرڻ کان اڳ هٿ جي تريءَ مان نڪتل آڱرين وانگر، شاخن ۾ ورهائجي وڃي ٿو. هر شاخ جو الڳ الڳ نالو آهي. کاري ڇاڻ ۾ رات رهي، ٻيڙيءَ رستي، حجامڙي درياهه جي شاخ ڏئي، ڪيٽي بندر روانا ٿياسين. ڪيٽي بندر ۾، سيٺ نور محمد جي اوطاق تي رات ٽڪياسين. اوطاق سادي سودي هئي. ڪاٺ مان ٺهيل هئي. چانئٺ ٽي فوٽ اوچي هئس. لانگ ورائي اندر گهڙندا هئاسين. ٻڌايائون ته سامونڊي پوسل وارو علائقو آهي. آهستي آهستي ڪاٺ جون ڀتيون زمين ۾ هيٺ ٿينديون وينديون. ڪجهه سالن کان پوءِ چائٺ نظر به ڪانه ايندي.
سيٺ نور محمد وارن ٻڌايو ته ڪيئي سال ٿيا جو اوهان جي آرين پارين هڪڙو پڙهيل ڪڙهيل ماڻهو هن اوطاق ۾ رهي ويو آهي، پر اهو سياسي ڪم سان آيو هو، نالو هئس: پير علي محمد راشدي.
ڪيٽي بندر ۾ درياهه مان پيئڻ جو ڇُڙيو پاڻي ٻيڙين تي ايندو هو. مٽيءَ جهڙو ميرو، اوطاق ۾ به اهو ئي ڦٽڪي هڻي استعمال ڪندا هئا. پر، ڪيٽي بندر وٽ سمنڊ جي بيچ جو نظارو ڏاڍو سهڻو هو. تنوير ۽ مان سانجهيءَ جو سمنڊ جي ڪناري تي وياسين. مون بنگلاديش ۾ ڪاڪس بزار واري دنيا جي مشهور بيچ به ڏٺي آهي، پر، ڪيٽي بندر واري بيچ (BEACH) پڻ سهڻي آهي.
سانجهيءَ جو اولهه طرف سڄو آسمان شفق جي ڪڪرن سان ڍڪيل هو، سج سونيءَ ٿالهيءَ وانگر، آهستي آهستي سمنڊ جي ڇولين کي ڇُهي رهيو هو. رات ۽ ڏينهن جي ميلاپ جو عجيب منظر هو. قدرت جو هڪ شاهڪار هو. تنوير ۽ مان دير دير تائين اهو منظر ڏسندا رهياسين!
ٻئي سال تنوير اسان کي دادو ضلعو گهمائڻ وٺي هليو. سندس وڏو ڀاءُ ادا عبدالنبي، اُتي انجنيئر هو. اسان جي سير سفر جو سڄو بندوسبت پرفڪيٽ رکيو هئائين. انهيءَ سفر ۾ اسان پهريون پهريون دلچسپ نظارو بوبڪن ۾ ڏٺو، جتي ڀنگ پوکيندا آهن. رستي جي پاسن سان بيشمار طوطا وڻن جي هيٺيان ڪريا پيا هئا. ڀايونسون ته مُئل آهن. چيائون ته، ”نشي ۾ آهن. جاڳندا، ته اڏامي وڻن تي ويهندا. بُک لڳندن ته هيٺ لهي ايندا ۽ ڀنگ چُڳندا. پوءِ وري وڻن تي وڃي ويهندا. نشو جو چڙهندن، ته ٻٽڪو ڏئي اچي پٽ تي ڪرندا. ڪلاڪن جا ڪلاڪ ائين ئي پيا هوندا. جيئن هينئر ڏسو ٿا. پڪا موالي ٿي ويا آهن.“
تنوير کِلي چيو ته، ”پوءِ ته پڪا سنڌي آهن.“ سندس ڳالهه ٻڌي مون سنڌ تي نگاهه وڌي: ڏٺم ته واقعي منهنجيءَ مٺيءَ سنڌ جا مٺا ماڻهو، بوبڪن جي طوطن وانگر صدين کان وٺي، ڪنهن نشي ۾ ٻُٽيا پيا هئا. ڪي ميرن ته ڪي پيرن ۽ ڀوتارن جي اوطاقن ۾، بوبڪن جي طوطن وانگر بُکُن ۽ بيمارين ۾ سٽيا پيا هئا. سندن ڌڻي سائين ڪير به ڪونه هو.
انهيءَ سفر ۾، اسان نئينگ وياسين. اتي سائين صالح شاهه پنهنجيءَ اوطاق تي قربائتي ڪچهري ڪئي. نئينگ جي خصوصيت هڪ قدرتي چشمو آهي. اسان سڀ ان ۾ وهتاسين. تنوير جي ننڍي ڀاءُ الطاف اسان جي تصوير ڪڍي. نئينگ جي باغات، وڻڪار، سونهن ۽ ساوڪ انهيءَ چشمي جي ڪري ئي آهي. الائي ته ڪيتري زماني کان اهو علائقو انهيءَ چشمي جي ڪري آباد آهي. ايتريقدر جو آثار قديمه به آهن. اسان انهن ۾ رڳو لاکي لکمير جي ماڙي ڏسي سگهياسين. ٻيو سندس نياڻيءَ جو ديدار ڪيوسون، جيڪا ايامن کان پنڊ پاهڻ آهي، ڇو ته منع جي باوجود ڪنڌ ورائي پوئتي ڏٺو هئائين.
سنڌ جي ڳوٺن ۾ هاري ناري ڳالهيون کڻندا آهن. چوندا آهن ته پوءِ سبز پريءَ چيس ته، ”ڪنڌ پوئتي ورائي ڏسندين ته پنڊ پاهڻ تي ويندين.“ سنڌي ڏاهن جو مطلب آهي ته پوئتي نهارڻ بدران، اڳتي مستقبل تي نگاهه رکڻ کپي.
منڇر جو ديدار به انهيءَ ئي سفر ۾ ٿيو. چون ٿا ته سنڌ ۾ انساني تهذيبي سفر جو آغاز جن آڳاٽن هنڌن ماڳن تي ٿيو هو، تن ۾ منڇر اهم آهي. منڇر جي ڪناري تي اسان شاهه حسن واري بنگلي ۾ منزل انداز ٿياسين. تڏهن منڇر پنهنجي عروج تي هئي. هاڻي پنجاب جي ڪارخانن جي زهريلي پاڻيءَ سان ڀريل آهي اتان اهو زهريلو پاڻي سنڌ جي ماڻهن جي پيٽ ۾ وجهن ٿا. ڊاڪٽر دانهون ڪري ٿڪجي پيا آهن. ٻڌڻ وارو ڪير ڪونهي! سنڌ ۾ وڏيرن جي حڪومت آهي. اهي ته غسل لاءِ به منرل واٽر استعمال ڪندا آهن.
نئين گاجَ واري بنگلي تي به ڪي ڪلاڪ لٿاسين، جتي ون يونٽ جي گورنر، نواب ڪالاباغ جي حڪومت ۾ بلوچستان تي هميشه وانگر ڏاڍو ظلم ٿيو هو. سو، مينگل قبيلي جا ماڻهو انهيءَ بنگلي تائين ڪاهي آيا هئا ۽ ڦر ڪري ويا هئا.
تنوير جي ڀاءُ ادا عبدالنبيءَ، انهيءَ بنگلي ۾ اسان جي ضيافت جو خاص اهتمام ڪيو هو: قسم قسم جا طعام ۽ سڄا پهاڙي ڇيلا پچرايا هئائين. پهاڙ تي ڪيترن ئي قسمن جون جهنگلي ٻوٽيون ٿين ٿيون. حيدرآباد ۾ منهنجو بورچي هڪ دفعي گوشت وٺي آيو. ان جي ٻوڙ ۾ ڪو سواد هو. ٿاڻي بولا خان مان ڪو ڇيلو مارڪيٽ ۾ وڪامڻ آيو هو. ان جو گوشت هو. نئين گاج جي پڪل ڇيلن ۾ ساڳيو سواد هو. چيائون ته اهو ان ڪري آهي. جو ڇيلن ڪي خوشبودار جهنگلي ٻوٽيون کاڌيون آهن.
تازو مان خليفي حڪيم عبدالحميد چانڊئي ۽ سندس فرزند حڪيم اعجاز چانڊيي ۽ سندن ٻين احبابن سان گڏ وري ساڳئي بنگلي تي ويس. ڏپهرو ڪيوسون. نئين گاج جو پاڻي سڄو سال وهي ٿو. پر، گهڻي ڀاڱي ضايع ٿئي ٿو. عقل کان ڪم وٺجي ته جيڪر سڄو ڪاڇو سرسبز ٿي وڃي. انگريز سرڪار سکر بئراج ٺاهيو ته سنڌ سڌري پئي. سو، سکر بئراج کي ”سنڌ - سڌار“ به ڪوٺيندا هئا. انگريز هليو ويو. هاڻي سنڌ جي سڌارڻ جو ته ڪنهن کي به اونو ڪونهي. سنڌ جا مالڪ وڏيرا آهن ۽ سڀ رڳو پنهنجو ڀڀُ ڀرڻ وارا آهن
نئين گاج ڏسڻ کان پوءِ، ڪاڇي ۾ هڪ عجيب قبرستان ڏٺوسون. اسان باتصوير ڪتاب ۽ رسالا ته گهڻا ڏٺا هئا، پر زندگيءَ ۾ ”باتصوير قبرستان“ اڳي ڪڏهن ڪونه ڏٺو هو. سنڌ ۾ اهڙا قبرستان ٻين هنڌن تي به ٻڌجن ٿا، پر، سنڌي سٻاجهڙن کي انهن ۾ ڪابه دلچسپي ڪانهي. سنڌ جي ڪنهن به مثالي عالم انهن تي مضمون ڪونه لکيو آهي. البت، ڊاڪٽر شمل سئزرلينڊ مان شايع ٿيندڙ رسالي ”فڪر و فن“ ۾ انهيءَ قبرستان تي هڪ سٺو مضمون لکيو آهي.
ڪاڇي واري قبرستان ۾ قبرن تي، گلن ٻوٽن جي رنگين چٽسالي هئي. اسلامي روايت ۾ قبرن تي ته ڇا، هونئن به ساهواري جي تصوير ڪڍڻ جي منع ٿيل آهي. پر، قبن ۾ اندر ته عجيب نظارا چٽيل هئا. ڪاٿي اُٺ، گهوڙا، هاٿي ۽ ماڻهن جا انبوهه شڪار تي پئي ويا. ڪاٿي رقاصائن جي راڳ ۽ ناچ جي شاندار محفل پئي هلي. سڀ رنگين نظارا هئا ۽ ڏاڍا سهڻا هئا.
انهيءَ ئي سير سفر ۾ اسان لڪيءَ جا چشما ڏٺا ۽ انهن ۾ غسل ڪيو. سيوهڻ ۾ قلندر شهباز ۽ باغبان ۾ مخدوم بلال جي روضن جي چانئٺ چميسون. آخر ۾ سن اچي سائين جي.ايم.سيد جي حاضري ڏنيسون. وٽس رات رهياسون. کيس پيرين پئي، روح کي فرحت آئي. ڀٽائي ياد آيوِ:

پسندي ڄام پنهونءَ کي، اچي اکين آرام.

تنوير جي شعر ۽ شاعريءَ جا گهڻا ڪتاب هاڻي ڇپجي ويا آهن. نصير مرزا مون کي ٻڌايو ته شاهه سائينءَ تي تنوير جي تحقيق تمام وڏو وزن رکي ٿي. پر، مڃتا وري ڪن مثالي عالمن کي ملي آهي. مون ئي شاهه سائينءَ تي تنوير جي تحقيق جو اهو ڪتاب سائين غلام مصطفيٰ شاهه جي شاهه لطيف ڪائونسل کان ڇپايو هو. تنوير کي خوش خير محمد فقير ۽ سچل سائينءَ جي نانڪ فقير تي تحقيق جو ڪم پڻ بورڊ کان منظور ڪرائي ڏنو هئم. تنوير خوش ٿيو. واقعي وڏو تحقيقي ڪم ڪيائين. پر، مثالي عالم اهڙن ماڻهن کي اڀرڻ ڪونه ڏيندا. هو کين ڇوڪرو ۽ شيخ اياز جهڙن عظيم شاعرن کي ”ڀوڳائي مڙس“ ڪوٺيندا هئا. کين مرڻ کان پوءِ به ڪونه بخشيو اٿن. تفصيل نصير مرزا کي معلوم آهي.
تنوير جي پنهنجي ڪلام جو پهريون پهريون ڪتاب ”رڳون ٿيون رباب“ نالي سان شايع ٿيو هو. ڪلام جو سڄو مسودو منهنجي حوالي ڪري، چيو هئائين ته،”ڪلام جو انتخاب تون ڪر.“ اها 1950ع واري ڏهاڪي جي ڳالهه آهي. پيش لفظ ۾ لکيو اٿس ته:

”ڪلام جي چونڊ جو سڄو بار، ربانيءَ تي آهي،
جنهن جي راءِ منهنجي لاءِ ڳريءَ قيمت واري آهي.“

پيش لفظ ۾، اڳتي هلي، شعر شاعريءَ جي مقصد ۽ هن جهان ۾ انسان جي وجود بابت لکيو اٿس ته:
”هن جڳ ۾ انسان متعلق هڪ تعبير هيءُ به آهي ته ڄڻ کيس بيهوش ڪري ڪنهن ڪاڪ محل ۾ پهچايو ويو هجي ۽ هوش ۾ اچڻ سان سندس دل تان سموريون گذريل يادگيريون ميٽجي ويون هجن ۽ هو وائڙو ٿي هيڏي هوڏي واجهائي، هن ڪائنات جي مانڊاڻ کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو هجي. واقعن، تجربن ۽ مشاهدن جڏهن انسان جي ذهن تي ڪي اڻ مٽجندڙ عڪس وڌا، تڏهن هن چاهيو ته اهي عڪس هو ٻين جي ذهنن ۾ پلٽائي ۽ ائين شاعري وجود ۾ آئي.“
مستقبل جو محقق، تنوير جي زندگيءَ تي نگاهه وجهندو، ته کيس اها ڳالهه نوشته ديوار وانگر نظر ايندي، ته ”مانجهاندي جي ماڳ“ ۾، تنوير پنهنجيءَ حياتي اجري گذاري، آخر اوڏانهن ويو، جيڏانهن هر ڪنهن کي هلڻو آهي. پنهنجو دامن داغدار ڪونه ڪيائين. گلاب جي گل وانگر سڄي عمر سرهو رهيو. قدرت مٿس مهربان رهي کيس هر نعمت نصيب ڪيائين. والدين جو فرمانبردار پٽ هو ۽ پنهنجي اولاد جو شفيق پيءُ هو. مٽن مائٽن ۽ يارن دوستن سان آخر تائين نڀايائين. سنڌ جي ڌرتيءَ ۽ ماڻهن سان پيار ڪيائين. سدائين پاڻ چوندو هئو:

جيئن ڳنڍيون منجهه ڳنڍير
تيئن مون من ماروئڙن سين!

مون سان سندس دوستيءَ جو عرصو پنجاهه سالن کان به مٿي هو. ڪيئي ويرا اچن ٿا. ماڻهو ڪن دوستن سان عارضي طرح يا هميشه جيئري ئي ڇڄي به ٿو. پير علي محمد راشديءَ هڪ خط ۾ سائين جي.ايم. سيد کي لکيو آهي ته، ”دلين کي درياهه جون سيرون به ڌار ڪري ڪونه سگهنديون.“ قدرت تنوير ۽ منهنجي دلين جي تارَ به ائين ڳنڍي ڇڏي هئي.
تنوير سنهيءَ کل وارو ماڻهو هو. جڏهن هر شخص کي ”موتيءَ جو داڻو“ سمجهڻ ۽ ڪوٺڻ کان پوءِ به، سنڌ ۾ وک وک تي بي وفائي ۽ حسد ڏٺائين، ته ڀريءَ محفل مان ماٺ ميٺ ۾ اٿي هليو ويو. الائي ڪاڏي ويو؟ ڏاڍو ڪو پري هليو ويو! انگريزي محاوري ۾ ان کي چئبو آهي ته

HE – WENT – THAT – FAR - AWAY

مان ته ڏاڍو اڪيلو ٿي پيو آهيان. کيس ڳولي ڳولي ٿڪجي پيو آهيان. ڪڏهن ڪڏهن دل ۾ چوندو آهيان ته، ”من، هڪ دفعو کيس ڏسان. خواب ۾ ئي ڏسان!“ راڻيپور جي سائين صالح شاهه هيءَ ڪافي الائي ته ڪهڙيءَ ذهني ڪيفيت ۾ چئي هئي:

مٺامارو، الله آڻئي، دلين جا داغ وڃ ڌوئي!

_______
سڄو ۽ صحيح شعر شايد هيئن آهي.

ڇا ڪندو ڪو اهل تي يا نسل تي پنهنجي غرور،
هي بزرگيون باغ بنگلا، خواب آهي يا خيال؟

حميد سنڌي

عبدالحميد ميمڻ جو ذڪر ڪبو، ته ماڻهو منجهي پوندو، پر حميد سنڌي ڪنهن به تعارف جو محتاج ڪونهي. پاڻ کي ”سنڌي“ ڇو سڏايائين، ان بابت، مان ته ايترو چئي سگهان ٿو ته کانئس گهڻو گهڻو اڳ ٻين ڪيترن اڪابرن به پاڻ کي ”سنڌي“ ڪوٺايو هو، جن جي لسٽ چڱي ڊگهي آهي. ليڪن، مڙني ۾، مشهور نالو عبيدالله سنڌي آهي. پير علي محمد راشديءَ پنهنجي ڪتاب ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ ۾ کيس پنهنجي دؤر جي سنڌي مشاهيرن ۾ اوليت جو درجو ڏنو آهي ۽ اعتراف ڪيو آهي ته، ”اسان جي دؤر ۾ سندس سوچ ئي سڀني ۾ صحيح هئي.“
عبيدالله سنڌي اصل ۾ پنجابي هو ۽ سک ڌرم جو هو. ٻاراڻيءَ عمر ۾ اسلام ڏانهن مائل ٿيو ۽ سنڌ آيو. ڀرچونڊيءَ ۽ امروٽ جي بزرگن سندس مٿي تي شفقت جو هٿ رکيو. کيس پنهنجي اولاد وانگر پاليو. مٿس عبيدالله نالو رکيو. اڳتي هلي، پير جهنڊي جي بزرگن کيس پنهنجي جيءَ ۾ جايون ڏنيون. سو، انهيءَ پسمنظر ۾، پاڻ کي شعوري طرح ”سنڌي“ ڪوٺايائين.
هونئن، عام طرح سان ڪنهن به ماڻهوءَ کي پرديس ۾ ”سنڌي“ سڏيندا آهن، ڇوته سنڌ سان سندس نسبت هوندي آهي: مثال طور ابومعشر سنڌي. سندس خاندان سنڌ جي ڪهڙي شهر مان ڪهڙي زماني ۾ عربستان ويو، سو، ته معلوم ڪونهي، پر عرب دنيا ۾ ايڏو ته نالو پيدا ڪيائين، جو وفات ڪيائين، ته اسلامي دنيا جي هاڪاري خليفي هارون رشيد خود سندس جنازي نماز پڙهائي.
ابو معشر سنڌي بغداد ۾ دفن ٿيو. ٻين اسلامي علومن ۾ ته اڪابر هو. پر، حضور پيغمبر صلي الله عليه و آله وسلم جن جي اولين سيرت نگارن ۾ به سندس نالو اهم آهي. ”مغازي“ جي نالي سان سيرت رسولصه لکي هئائين، جا هاڻي ناياب آهي. جرمن عالم، جوزف هورو وتس پنهنجي ڪتاب ۾ اهڙو ذڪر ڪيو آهي، جنهن جو اردو ترجمو، نثار فاروقي، ”سيرت نبوي کی اولين کتابیں اور ان کے مؤلفين“ نالي سان دهليءَ مان شايع ڪيو آهي.
مون هڪ دفعي هڪ ڊچ عالم کان پڇيو ته، ”اسان به ڪو وڏو ماڻهو پيدا ڪيو آهي؟ يا هر هنڌ لپي هيٺان واري آهي.“
هو حيدرآباد آيو هو. دهليءَ ۾ قرآن ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿي، واپس موٽيو هو. مون سان ۽ قاسمي صاحب سان مليو هو. چيائين ته، ”اوهان شاهه ولي الله دهلوي پيدا ڪيو آهي، جيڪو واقعي وڏو ماڻهو هو.“
اها ته هر ڪنهن کي خبر آهي. پر، ٿورن کي هيءَ خبر هوندي ته شاهه ولي الله ننڍپڻ ۾ جڏهن قرآن ڪريم حفظ ڪيو هو، تڏهن سندس استاد هڪ ”سنڌي“ هو. محمد فاضل نالو هئس. ايڏو ته وڏو عالم هو، جو شاهه عبدالرحيم دهليءَ ۾ پنهنجي پٽ کي قرآن پڙهائڻ لاءِ کيس ئي منتخب ڪيو. جڏهن شاهه ولي الله پاڻ وڏو ٿيو ۽ درس تدريس شروع ڪيائين، ته سنڌ جي سائين، شاه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو پڳ مٽ يار، مخدوم معين ٺٽوي وٽس علم پرائڻ لاءِ اٺن ۽ گهوڙن تي سفر جا ڏک ڏاکڙا برداشت ڪري دهليءَ ويو ۽ ورهين جا ورهيه سندس قدمن ۾ ويهي ابن عربيءَ جو فلسفو سمجهيائين. مون ’مهراڻ‘ 2003ع ۽ 2004ع جي رسالن ۾ مخدوم معين ڏي شاهه ولي الله جا لکيل خط ۽ مخدوم معين جو هڪ دستاويز شايع ڪيا آهن.
پاڪستان ٿيو، ته هندستان مان جيڪي شخص مهاجر ٿي سنڌ ۾ آيا، تن ۾، مولانا عبدالواحد ”سنڌي“ به شامل هو. عمر جو وڏو حصو جاميه مليه، دهليءَ جي تڏهوڪي وائيس چانسيلر ڊاڪٽر ذاڪر حسين جي سرپرستيءَ هيٺ گذاريائين، جو پوءِ هندستان جو صدر ٿيو. مولانا عبدالواحد پاڪستان ۾ هجرت ڪري آيو، ته دهليءَ جي سندس مهاجر دوستن پاڪستان ٺهڻ جي نسبت سان کيس ”نئين زندگي“ رسالي جو ايڊيٽر مقرر ڪرايو. عمر ۾ مون کان ويهه ورهيه کن وڏو هو. پر، اهڙي محبت ٿي ويس، جو مون کي پاڻ ئي نئين زندگيءَ ۾ مقرر ڪرايائين ۽ رسالو منهنجي حوالي ڪيائين. مون کان وڌيڪ دوست ڪير به ڪونه هئس. نياڻين جي شادي ۾ به مون سان ئي صلاح ڪيائين.
نئين زندگيءَ ۽ ڪن ٻين رسالن ۾ منهنجون جيڪي شروعاتي تحريرون ڇپيون، تن ۾ مان به پاڻ کي ”سنڌي“ لکندو هئس. ليڪن، ڪجهه سالن کان پوءِ فقط سنئون سڌو پنهنجو نالو لکندو هئس.
اسان جي ٽهيءَ ۾ سنڌ جي محب وطن اديبن ۾ حميد نالو ڪڍيو ۽ شعوري طرح پاڻ کي ”سنڌي“ ڪوٺايو. هونئن، عمر ۾ مون کان ۽ رشيد ڀٽيءَ توڙي تنوير کان ڪجهه سال ننڍو هو، پر گڏ وهندا هئاسين، ته اهو فرق محسوس ڪونه ٿيندو هو. چرچا گُهٻا ۽ هـِتان هتان جون ڳالهيون ٻوليون ڪندا هئاسين. هر معاملي ۾ حجائتا هوندا هئاسين. حميد سنڌيءَ کان به اڳ سنڌ ۾، شيخ عبدالمجيد ”سنڌي“ مشهور هوندو هو. پر، هو بزرگ سياستدان هو ۽ حميد سنڌي نوجوان اديب.
حميد سنڌيءَ جي والد بزرگوار ڊپٽي ڪمشنر جي عهدي تان رٽاير ڪيو. پر، حميد سنڌيءَ پنهنجي زندگي پاڻ ٺاهي. جڏهن سندس عمر ۾ اڃا چوڏهينءَ جي چنڊ جي چانڊاڻ هئي، تڏهن ئي زندگيءَ جي غم جو ”دو-آتشو“ جام پيڻو پيس. مون کي پاڻ ئي پنهنجي جوانيءَ جي ”غمِ روزگار“ ۽ ”غمِ جانان“ جو سربستو احوال مختلف موقعن تي ٻڌايائين، پر انهن ڏکن ڏاکڙن هوندي به هڪڙو ڪم ڪيائين، جو اسان مان ڪير به ڪري ڪونه سگهيو. ماهوار ”روح رهاڻ“ رسالو ڪڍيائين. اها معمولي ڳالهه ڪانه هئي. هونئن ته سنڌي زبان ۾ خانگي طرح ماهوار رسالا ٻين به ڪڍيا هئا ۽ حميد کان اڳ ڪڍيا هئا، پر سندن قبلو ڪونه هو. هر قسم جو ويس ڍڪيندا هئا. سندن ڀيٽ ۾، حميد سنڌيءَ هڪ اهڙو رسالو ڪڍيو، جنهن جو خاص مقصد هو: ”سنڌ جي حقن جي حفاظت.“
جنرل ايوب خان ۽ سندس ٽولي ون يونٽ واري زماني ۾، مارشل لا کي لٺ باٺي وانگر استعمال ڪري، ڪوٽڙي بئراج توڙي سکر بئراج ۾ سنڌ جي زمينن جي ڦرلٽ ڪئي. سنڌ جا مير، پير ۽ وڏيرا ته سدائين چڙهندڙ سج جا پوڄاري هوندا آهن. اهي سندس به ٻڌا ٻانها هئا. کيس سنڌ ۾ شڪار ڪرائيندا هئا ۽ لک لٽائيندا هئا. تن ڏينهن ۾ ايوب خان جي هڪ هڪ شڪار تي گهٽ ۾ گهٽ اڌ لک رپيا خرچ ايندو هو. مون کي هڪڙو شخص سُجهي، جنهن شڪار جي خرچن کي منهن ڏيڻ لاءِ حيدرآباد ۾ پنهنجو بنگلو اڍائن لکن رپين ۾ وڪيو. ٻيو وڏيرو هو، جنهن ڪا تمام ڀلي مينهن، ايوب خان کي تحفي طور راولپنڊيءَ موڪلي. سوچ ويچار ڪري، مينهن جي سڱن ۾ سون جو قيمتي هار وجهي موڪليائين.
سنڌ جي محب وطن اديبن سنڌي وڏيرن جي انهيءَ ڪريل ذهنيت کي ڀرپور انداز ۾ ننديو ۽ سندن ڇوڏا لاٿا. پر، مٿن ڪو به اثر ڪونه ٿيو، جو هو نود هئا. جمال ابڙي پنهنجي ڪتاب ”ٿوهر ۾ ڳاڙها گل“ ۾ انهيءَ دور جو ذڪر ڪندي لکيو آهي ته:
”مان 1965ع کان وٺي 1969ع تائين حيدرآباد ۾ ڀريا چار سال رهيس. سنڌ ۽ سنڌين لاءِ تمام نازڪ ۽ هنگامي دؤر هو. هڪ ته جنرل ايوب جي مارشل لا، مٿان وري ون يونٽ جو ڳٽ، هندوستان سان لڙائي، تاشقند ٺاهه، ڀٽي جي وزارت تان استعيفا ۽ ٽپال جي لفافي تي ايڊريس وجهڻ مهل لفظ ”سنڌ“ جي استعمال تي بندش. حيدر بخش جتوئيءَ جو جيئي سنڌ جو نعرو ۽ سائين جي.ايم. سيد جو سنڌو ديش جو اعلان، بزم صوفياءِ سنڌ جي تحريڪ، ”روح رهاڻ“ رسالو ۽ حميد سنڌي وارن جي باهڙي دکائڻ ۽ ڪانفرنسون ڪوٺائڻ. ڀٽي صاحب ۽ شيخ اياز جو قيد ٿيڻ. ڪمشنر مسرور جون ڏاڍايون ۽ فرعونيت. شاگردن جو چوٿين مارچ وارو هنگامو... ڏاڍو پُرآشوب دؤر هو.

جمال ابڙي اڳتي هلي لکيو آهي:
اياز سان ملڻ جا گهڻا موقعا به حميد سنڌيءَ پيدا ڪيا. کيس جس هجي، جو ”ميمڻ هوندي به نفعي نقصان کان بي نياز ٿي“ باهه سان کيڏندو رهيو. اهڙي ڏکئي دؤر ۾ به هڙان وڙان خرچ ڪري ڪانفرسون ڪوٺائيندو هو.
سنڌ جي هڪ هڪ ضلعي مان ماڻهو اچي گڏ ٿيندا هئا. مير مجلس شيخ اياز هوندو هو. اهڙو هڪ شاندار جلسو 31- مئي 1967ع ۾ بسنت هال ۾ ڪوٺايائين جنهن ۾ اياز پنهنجو مشهور نظم پڙهيو:
هيءَ سئن نه ڏيندي چين، اٿي ڏس ڪوئي آيو آ پيارا، هي شايد ساڳيو رمتو آ، اڳ جيئن اڃايو آ پيارا.

ماڻهو جهڙوڪر منڊجي ويا. سڄو نظم پڙهي، آخري بند پڙهيائين ته:

هيءَ پنهنجي ڪرڻي ڀرڻي آ، پر سنڌ اياز نه مرڻي آ،
آخر ته رات گذرڻي آ، تو ڇو گهٻرايو آ پيارا.

هال ۾ تاڙين جا ڦهڪا ٿي ويا. ماڻهو جوش ۾ اٿي بيٺا ۽ جيئي سنڌ جا نعرا لڳا.“

جمال پُرآشوب دؤر جو جيڪو نقشو ڪڍيو آهي، انهيءَ دؤر ۾ ايوب سرڪار اڃان به طاقت جي انڌ ۾ هئي، سو هڪ ٻيو به بڇڙو ڪم ڪيائين. سندس تعليمي سيڪريٽريءَ شريف خان سنڌي ٻوليءَ جي نڙيءَ تي ننهن ڏنو. ايوب خان کان اعلان ڪرايائين ته اڳتي هلي وقت گذرڻ سان هڪ نئين ٻولي ازخود ٺهي ويندي، جيڪا ”هندستاني“ وانگر ”پاڪستاني“ ڪوٺبي. سنڌي، پنجابي، پشتو ۽ بلوچي ازخود ختم ٿي وينديون. سندس اصل مقصد هو ته سنڌيءَ کي چٿيان ۽ اردوءَ کي زور وٺايان پاڪستاني ۽ هندستاني ٻولين جا بهانا پئي ورتائين.
گويا، اهو بيان بنگالين کي بيوقوف بنائڻ ۽ اولهه پاڪستان جي علاقائي ٻولين کي ختم ڪرڻ لاءِ چيائين. بنگالي شاگردن مظاهرا ڪيا. پوليس مٿن گوليبازي ڪئي. شهيدن جا منارا ٺهيا. نفرت زور ورتو. اوڀر پاڪستان جي جدائيءَ جو ٻج پيو.
سنڌ ۾ به ايوب خان جي انهيءَ بيان باهه تي پيٽرول وارو ڪم ڪيو. غصي ۾ مڇريل سنڌي عالم، اديب ۽ شاگرد باهه ٿي اٿيا. ايڏي ته زوردار تحريڪ هلايائون، جو آخرڪار فيلڊ مارشل جي حڪومت سندن آڏو اچي گوڏا کوڙيا.
انهيءَ تحريڪ توڙي ”روح رهاڻ“ جا ساليانا جلسا حيدرآباد جي بسنت هال ۾ ٿيندا هئا، جن جو روح روان حميد سنڌي هوندو هو ۽ سمورا سنڌ دوست اديب سندس مددگار هوندا هئا. مکيه مهمان، شيخ اياز هوندو هو، جنهن پنهنجيءَ آتم ڪهاڻيءَ ۾ انهن جلسن جو ذڪر هيئن ڪيو آهي:
”حميد سنڌيءَ جي رسالي ”روح رهاڻ“ ئي ون يونٽ خلاف، صحيح معنيٰ ۾، باهه ڀڙڪائي هئي. هن بسنت هال حيدرآباد ۾ ٿيل جلسن جا احوال، منهنجون تقريرون ۽ ٿر بابت منهنجا ٽي ڳٽڪا، ”هي گيت اڃايل مورن جا“ ۽ ”جل جل، مشعل جل جل“ ۽ ”رُت آئي ڳاڙهن ٻيرن جي“ شايع ڪري، سنڌي قوميت جو کلم کلا پرچار ڪري، حڪومت جون وايون بتال ڪري ڇڏيون هيون.“
ون يونٽ واري دور، ”روح رهاڻ“ رسالي ۽ بسنت هال ۾ ساليانن جلسن بابت خود حميد سنڌيءَ جا پنهنجا تاثرات هي آهن:
”ون يونٽ جو پاور پلانٽ الائي ته ڪيترا يونٽ ساڙي چڪو هو. ايوب خان جي مارشل لا ۾ ٽپال جي لفافي تي ايڊريس ۾ ”سنڌ“ نه لکڻ جو حڪم، سنڌ جي زبان بندي، عام بيروزگاري ۽ سرڪار جي ٻين اهڙن ڪڌن ڪمن، ماڻهن ۾ سخت احساس محرومي پيدا ڪيو هو.
سنڌ جي محب وطن اديبن ۽ شاعرن پاڻ ملهايو ۽ سنڌ جو ساٿ ڏنو. هنن اهڙو ادب تخليق ڪرڻ شروع ڪيو، جيڪو سنڌ ۾ سجاڳيءَ جو سبب بڻجي. ان سلسلي ۾، سنڌي ادبي بورڊ جي رسالي ”مهراڻ“ سجاڳيءَ جي شمع جو ڪم ڪيو. مهراڻ جي شروع ڪرڻ ۽ هلائڻ ۾ هونئن ته ڪيترن ئي سنڌ جي سڄڻن جو هٿ هو، پر، سائين جي.ايم.سيد، ميران محمد شاهه، محمد ابراهيم جويي، غلام رباني آگري، مولانا گراميءَ، شمشيرالحيدريءَ ۽ امداد حسينيءَ جا نالا هن وقت ياد اچن ٿا.
ٻيو اهم رسالو ماهوار ”نئين زندگي“ هو. مولانا عبدالواحد سنڌي انهيءَ جو ايڊيٽر هو. هن سرڪاري ملازم هوندي به رسالي جي وسيلي، سنڌ ۾ سماجي، سياسي ۽ اقتصادي بيچينيءَ جو کليل اظهار ڪيو. وڏو مجاهد ماڻهو هو.
محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو رسالو ”انسان“ ماڻهن ۾ عام سجاڳيءَ ۽ بيگم زينت چنا جو ماهوار ”مارئي“، عورتن ۾ سجاڳي آڻڻ جو واحد ذريعو هو، جنهن جي وسيلي ڪيتريون ئي سنڌي لکندڙ خواتين مثال طور، ثميره زرين، ڊاڪٽر درشهوار سيد ۽ ٻيون اڳتي آيون. انهن سمورن مردن ۽ خواتين لکندڙن جي سوچ هئي، ”سنڌ ۾ ذهن ۽ فڪر جي آزادي.“ اهڙو اقتصادي نظام جو سنڌ جي عام ماڻهن کي حق ملن ۽ انصاف پلئه پوي.
اها ڳالهه من ۾ رکي، ڪي دوست مون وٽ آيا ۽ هڪ آزاد ماهوار رسالي ”روح رهاڻ“ ڪڍڻ لاءِ چيائون. رسالو ڪڍڻ تمام وڏو ڪم هو. هر ڪنهن مدد جو واعدو ڪيو، پر، 1960ع کان 1969ع تائين پورن نوَن سالن جي عرصي ۾، هڪ رُپئي جي به مدد ڪانه ملي.
سنه 1960ع ۾ ”روح رهاڻ“ رسالو ائين نڪتو، پر، ٽي چار پرچا نڪرڻ سان ئي منهنجي مالي حالت سقيم ٿي وئي. مون وليج ايڊ کاتي ۾ نوڪري ڪري پرچي کي بچايو. سڄو سال هليو. پر، اسان جو ڊڪلئريشن رد ڪيو ويو. سرڪار چيو ته وري نئون ڊڪلئريشن فائيل ڪيو.
هفتيوار انسان، ماهوار مارئي ۽ ماهوار روح رهاڻ جون نوَن ڊڪليئريشن لاءِ درخواستون ڪيئي ورهيه بي دريافتون پيون هيون. جڏهن اسان واسطيدار آفيسن ۾ ڪامورن جا هٿ سڻڀا ڪرايا، تڏهن مس مس وڃي ”روح رهاڻ“ کي ٻن سالن بعد مارچ 1963ع ۾ ڊڪليئريشن مليو. پر، رسالي لاءِ پئسا ڪونه هئا. مٿان منهنجو ايم.اي. جو امتحان هو. غياث جوڻيجو ۽ مان گڏ پڙهندا هئاسين. هن سؤ رپيا ڏنا، جيڪي مون کي اڃا ياد آهن.
”روح رهاڻ“ لڏندي لمندي پئي هلي. منهنجيون نوڪريون ۽ پورهيا به جاري هئا، 1965ع کان پوءِ ”روح رهاڻ“ پنهنجي خاص مقصد سان ظاهر ٿي بيٺي. هاڻي ”روح رهاڻ“ سنڌيت جي هڪ تحريڪ هئي، جا سڄيءَ سنڌ ۾ ڦهلجي وئي. ”جشنِ روح رهاڻ“ رڳو هڪ ساليانو ميڙ ڪونه هو. پر، سنڌ جي نئين فڪر کي فروغ ڏيارڻ جو ذريعو هو. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان سوين ليکڪ ساليانن جلسن ۾ اچي مڙندا هئا. شيخ اياز هي نظم اهڙي هڪ جلسي ۾ پڙهيو هو:

ماروئڙن کان منهڙو ڦيريان؟
ڏاهپ ٻي ڪا ڏس ميان.

اياز جا ٽي شعري مجموعا، ”جل جل مشعل جل“، ”هي گيت اڃايل مورن جا“ ۽ ”رُت آئي ڳاڙهن ٻيرن جي.“ ماهوار ”روح رهاڻ“ ۾ ڪيترائي ڀيرا وري وري ڇپيا.
”روح رهاڻ“ جو ڪم ڪنهن به اڪيلي ڄڻي جي وس کان مٿي هو. موليٰ گهڻا مددگار پيدا ڪيا. ڪنهن جا نالا کڻي، ڪنهن جا کڻان؟ پر، سائين عبدلله چنا، بيگم زينت چنا ۽ منهنجي گهر جي ڀاتين وڏي سرپرستي ڪئي. هم قلم ساٿين ۾ اشفاق قاضيءَ، ناصر مورائيءَ، غلام رباني آگري، غلام محمد گراميءَ، تنوير عباسيءَ، امداد حسينيءَ، خواجه سليم، نياز همايونيءَ ۽ خاص طرح انڊس پرنٽرز جي مالڪ مطيع الرحمان جا نالا منهنجي دل تي اڄ به نقش آهن. ٻيا به ڪيئي محسن هئا.
پير حسام الدين راشديءَ هڪ موقعي تي چيو ته، ”حميد سنڌيءَ جا ايڊيٽوريل دشمن جي دل تي داغ آهن.“ پير صاحب ڏاهو شخص هو. سندس ڳالهه هڪ ڏينهن صحيح ثابت ٿي. سرڪار کي آخرڪار ”روح رهاڻ“ تي بندش وجهڻي پئي.
حميد سنڌيءَ ”روح رهاڻ“ رسالو ڪڍيو ۽ ”زندگي پبلڪيشنس“ قائم ڪيائين، جنهن سنڌي ڪتاب شايع ڪيا. پنجاهه ۽ سٺ وارن ٻنهي ڏهاڪن ۾ سنڌي افسانه نگار اڀريا. جمال ابڙو، شيخ حفيظ، رشيد آخوند، ابن حيات پنهور، اياز قادري، رشيد ڀٽي، خواجه سليم، جمال رند، ثريا ياسمين، جميله نرگس، ثميره زرين، رشيده حجاب ۽ ٻيا ڪيئي نمايان نالا هئا. حميد سنڌيءَ اول جمال ابڙي جو ڪتاب ”پشو پاشا“ ڇاپيو ۽ پوءِ منهنجو ڪتاب ”آب حيات ۽ ٻيا افسانا“ شايع ڪيائين. حميد ۽ منهنجيءَ دوستيءَ جو آغاز ائين ٿيو.
اياز قادريءَ جي افسانن جو ڪتاب ”بلو دادا“ غالباً ٻئي ڪنهن ناشر ڇاپيو. خواتين لکندڙن ۾ ثميره زرين جي افسانن جو ڪتاب ”هي گيت اڃايل مورن جا“ پڻ ٻئي ڪنهن ناشر ڇاپيو. البت، حميد پنهنجو ڪتاب ”اداس واديون“ ۽ ناصر مورائيءَ جي افسانن جو ڪتاب ”راتيون جاڳن جي“ ڇاپيو. سندس ڇاپيل سڀ ڪتاب سندس چوڻ موجب ”هٿئون هٿ کپي ويا.“ حميد سنڌيءَ جا ڇپايل اهي افسانوي مجموعا هاڻي سنڌي ادب ۾ هڪ خاص دور جا تاريخي يادگار آهن. پر، انهن تاريخي يادگارن جي حفاظت شمشيرالحيدريءَ ڪئي، جنهن ماهنامي ”نئين زندگيءَ“ ۾ ڇپيل جملي سنڌي افسانن جو هڪ نهايت سهڻو انتخاب شايع ڪيو. ان زماني ۾ سنڌي افسانو عروج تي هو. ڳوٺاڻي زندگيءَ جي تصوير عبدالقادر جوڻيجي ۽ شهري زندگيءَ جي تصوير غلام نبي مغل پنهنجن افسانن ۾ اهڙي ته ڏانوَ سان ڪڍي، جو پڙهندڙن کي آسمان ۾ انڊلٺ جا سمورا رنگ نظر اچي ويا. پوءِ ته سنڌيءَ ۾ ڪيئي اعليٰ پايي جا افسانه نگار پيدا ٿيا، جن جي افسانن جا مجموعا هاڻي سنڌي افسانه نويسيءَ جا سنگ ميل آهن.
سماجي ۽ سياسي جماعتن ۽ تحريڪن ۾ ڪيئي دوست ۽ ساٿي اچي گڏ ٿين ٿا. پر، جڏهن اهو دؤر گذري وڃي ٿو، ته هو هڪٻئي کان اهڙو ته وڇڙي وڃن ٿا، جو ڄڻ ته ڪڏهن گڏ ٿيا ئي ڪونه هئا. مثال طور، ”ون يونٽ“ واري زماني ۾ ميرپور بٺوري جو عبدالفتاح اسان جو ڏاڍو ويجهو ساٿي هو. هاڻي سالن کان سندس نالو ئي ڪونه ٿو ٻڌجي. اسان ٻئي ڄڻا سائين جي.ايم. سيد جي ”بزمِ صوفياءِ سنڌ“ جو سڄو لٽريچر وڏيءَ محنت ۽ محبت سان شايع ڪندا هئاسين. مان سرڪاري نوڪري ڪري، هر هنڌ ڪتابڙين مان پنهنجو نالو ڪڍي ڇڏيندو هئس. عبدالفتاح اهو ڏسي ڏاڍو کلندو هو. کيس ڪوبه ڊپ ڊاءُ ڪونه ٿيندو هو. وڏو مجاهد ۽ مخلص انسان هو.
حميد سنڌي نوشهري فيروز جو ويٺل آهي ۽ مون به نوشهري جي هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ ڪئي. اها حميد سنڌيءَ ۽ منهنجي دوستيءَ جي ٻي نسبت آهي. حميد نوشهري جو ويٺل آهي ۽ مان ڪنڊياري جو.
پاڪستان نئون نئون ٺهيو ته روڊن تي بس ۽ ويگن سروس عام ڪونه هئي. ٻئي ڄڻا، عيد جهڙن موقعن تي، ريل ۾ سفر ڪري، ڀريا روڊ اسٽيشن تي وڃي لهندا هئاسين. اڳتي نوشهري ۽ ڪندياري وڃڻ هڪ مسئلو هوندو هو. ٽئڪسين ۾ ايڏي ته رش هوندي هئي، جو انهن ڏي پير پائڻ جي همت ڪانه ٿيندي هئي. حميد سان سندس بيگم ۽ مون سان منهنجي گهر واري گڏ هونديون هيون. حميد هر ڀيري پنهنجي والد صاحب کي تڪليف ڏيندو هو. چاچو (مرحوم) دادوءَ ۾ ڊپٽي ڪمشنر هوندو هو. جيپ موڪليندو هو. اول حميد ۽ سندس گهر واري نوشهري لهندا هئا. پوءِ اها ئي جيپ مون کي ۽ منهنجيءَ گهرواريءَ کي اسان جي ڳوٺ لاهي ايندي هئي.
حميد سنڌيءَ ڪنڊياري جي ڀرسان هالاڻيءَ جي هڪ معزز ميمڻ خاندان مان شادي ڪئي. هالاڻي اسان کان ڇهه ميل پري آهي ۽ ڪنڊيارو به هالاڻيءَ کان اوتري ئي پنڌ تي آهي. بيگم حميد جا ڪي بزرگ، درياءَ جي پرئين پاسي لڏي وڃي دادوءَ ۾ سڪونت پذير ٿيا هئا. واپار ڪندا هئا. سيٺيون سڏبا هئا. مون سيٺ شمس الدين ۽ سيٺ يعقوب جا نالا ننڍپڻ ۾ ٻڌا. منهنجن وڏن جا سيٺ شمس الدين ۽ سيٺ يعقوب سان لاڳاپا هوندا هئا، ان جو مکيه سبب اهو هو جو اهي ميمڻ بزرگ اسان جي وڏي ڏاڏي مخدوم محمد دائود آگري جا نهايت عقيدتمند هوندا هئا، جنهن جي ابدي آرامگاهه، هالاڻي شهر جي ٻاهران نيشنل هاءِ وي جي ڪپ تي آهي.
مخدوم محمد دائود عظيم انسان هو. پير صاحب پاڳارن جي متبرڪ خاندان جي مؤسس اعليٰ، پير سائين روضي ڌڻي، سيد محمد راشد رحمته الله عليه ڪوٽڙي ڪبير جي مدرسي ۾ هم درس هو. اهو مدرسو ان زماني ۾ سنڌ جي وڏي درسگاهه هو. انهيءَ سبب سان ٻنهي ڄڻن جي سڄي عمر پاڻ ۾ محبت رهي.
هڪ دفعي منهنجي والد مرحوم جو ڊاڪٽر دائودپوٽي ۾ ڪو ڪم پيو، جو تڏهن سڄيءَ سنڌ جو ڊي.پي.آءِ. هو. انگريزن جو زمانو هو. منهنجو چاچو ٻيڙيءَ ۾ چڙهي درياهه پار ڪري دادوءَ ويو. سيٺ محمد يعقوب يا سيٺ شمس الدين سان حالي احوالي ٿيو. هن هڪدم ڊاڪٽر صاحب مرحوم جي والد صاحب کي پاڻ وٽ سڏايو، جنهن پنهنجي فرزند سان احوال ڪيو. ڊاڪٽر دائودپوٽي صاحب فوراً ڪم ڪيو.
سنڌ جي مشهور تاريخ نويس، مير علي شير قانع پنهنجيءَ تاريخ ”تحفة الڪرام“ ۾، مخدوم محمد دائود آگري جي والد مخدوم عبدالله آگري کي پنهنجي دؤر جي سنڌ جي چونڊ مشاهيرن ۾ شمار ڪيو آهي. تڏهن ريل گاڏيون ڪونه هيون. تار ۽ ٽيليفون ڪانه هئي. ٽپال جو ئي انتظام ڪونه هو. پوءِ به مخدوم عبدالله آگري جي دينداريءَ جي شهرت سنڌ جي هاڪاري تاريخ نويس مير علي شير قانع تائين ٺٽي ۾ پهتي! هاڻوڪي دؤر جي ڪنهن محقق، وري ٻي هڪ اهم روايت بيان ڪئي آهي ته، ”شاهه ڀٽائي کهڙن ڏانهن ويندي، مخدوم عبدلله آگري وٽ رات رهندو هو.“
نثار احمد آگري ٻڌايو ته شاهه ڀٽائي چمڙي جو هڪ ٿيلهو مخدوم عبدالله آگري کي ڏئي ويندو هو، جنهن ۾ سندس شعر ڪاغذن تي لکيل هوندا هئا، ته ڏسي پڪ ڪري ڏيو، ته ڪنهن به شعر ۾ شريعت جي خلاف ڪا ڳالهه ته ڪانهي. واپسيءَ تي وري اهو ٿيلهو ساڻ کڻي ويندو هو. غالباً، شاهه ڀٽائي ٻين ڪن عالمن کي به ساڳئي مقصد سان پنهنجو ڪلام ڏسڻ واسطي ڏيندو هوندو. ٿورا سال ٿيا، جو ڪنهن سوال ڪيو، ته ڪيئن خبر پوي ته هي ڪلام شاه سائينءَ جو آهي؟ ڪنهن عالم اتي جو اتي ٺهه پهه جواب ڏنو ته، ”جيڪو شعر شريعت مطابق نه هجي، سو شاهه سائينءَ جو ڪونهي.“
نثار احمد آگري اهو به ٻڌايو ته، ”جڏهن شاهه ڀٽائيءَ هي جهان ڇڏيو، ته ان وقت جي دستور موجب، سندس قريبي حلقي ۾ مخدوم عبدالله آگري کي به اطلاع ڪيائون. هن هڪدم پنهنجن طالبن جو تعزيتي اجلاس ڪوٺايو ۽ دعا گهرڻ کان پوءِ فرمايو ته، ”سنڌ هڪ الله واري کان خالي ٿي وئي.“
هن پسمنظر ۾، هالاڻيءَ جا سادات ۽ ميمڻ خاندان جا برک ماڻهو مخدوم محمد دائود آگري سان دلي صدق رکندا آهن. دادوءَ مان بيگم حميد سنڌيءَ جا مٽ مائٽ مون کي اسلام آباد ۾ خط پٽ لکي، تاڪيد ڪندا رهندا هئا، ته ”مخدوم محمد دائود آگري جو احوال لکي ڇپايو.“ دادوءَ وارن انهن بزرگن جي اولاد مان محمد يوسف سان منهنجي سڪ رهي آهي. پاڻ اسلام آباد ۾ رهندو هو. ڪجهه وقت جرمنيءَ ۾ ڪنهن اعليٰ عهدي تي ويل هو. بيگم حميد سنڌيءَ جو ويجهو مائٽ آهي.
حميد سنڌي هڪ اديب جي حيثيت ۾ قومي خيالن جو ماڻهو ۽ سنڌ جي روشن مستقبل جو آرزومند آهي. مٽيءَ جي خوشبو ۽ ڌرتيءَ جي ڪشش ته پيرن ۽ پيغمبرن کي به متاثر ڪيو آهي. سو، حميد جو پاڻ کي ”سنڌي“ ڪوٺائڻ سمجهه ۾ اچي ٿو.
هونئن، حميد جو ذات پات، رنگ نسل ۽ مذهب جي ڪري، ڪنهن سان به ڪو به متڀيد ڪونهي. 1963ع ۾ اياز ۽ رشيد ڀٽي هندستان گهمي آيا، ته سال پوءِ اتم ۽ سندري سنڌ گهمڻ آيا. هندستان ۽ پاڪستان جا تعلقات تڏهن خوشگوار ڪونه هئا. هڪ خاص مذهبي جماعت سان وابسته سنڌي اديب، هتان جي سنڌ دوست اديبن تي هندستان جي ايجنٽيءَ جو الزام هڻندا هئا ۽ سدائين مٿن چغلخورن وانگر درخواست ڪندا هئا. هنن هڪ دفعو شيخ اياز کي حيدرآباد ۾ هڪ جلسي جي صدارت ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ شهر نيڪالي پڻ ڏياري هئي. پنهنجين اهڙين سنڌ دشمن حرڪتن ۾ کين شرم حياءُ ته ڪونه ٿيندو هو، بلڪ انهن حرڪتن کي ئي عين ”اسلام“ سمجهند اهئا.
ٻئي طرف، ان زماني ۾، سرڪاري آفيسن ۾ سنڌ دشمن ته سٿيا پيا هوندا هئا، تن کي هر ڳالهه ۾ صوبائي تعصب جي بوءِ ايندي هئي. سو، اياز ۽ رشيد ڀٽيءَ، ٻنهي ڄڻن کي، ”هند - ياترا“ جي ڪري، ڪجهه عرصو جيل وڃڻو پيو. هن پسمنظر ۾، سنه 1964ع، جڏهن اتم ۽ سندري سنڌ گهمڻ آيا ته سندن آڌرڀاءُ سڄيءَ سنڌ ۾ وري به فقط سنڌ دوست اديبن ڪيو. حميد سنڌي انهن ۾ سرفهرست هو. اسان جا هاڻوڪا ”سٻاجهڙا سنڌي اديب“ تڏهن ايڏو ته ڊڄندا هئا، جو سؤ ڪوهن جي مفاصلي تي به نظر ڪونه ايندا هئا. سندري ۽ اتم حيدرآباد آيا، ته سڄو انتظام حميد سنڌيءَ، مون ۽ جمال رند ڪيو. حيدرآباد ۾ حميد سندن رهائش جو انتظام بيگم زينت چنا جي گهر ۾ ڪيو. ڪراچيءَ ۾ حسين شاهه راشدي ڪيو ۽ سکر ۾ اياز، ڀٽي ۽ تنوير ڪيو. ڪراچيءَ ۾ سائين جي.ايم. سيد ۽ پير حسام الدين راشديءَ، حيدرآباد ۾ سائين مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ۽ سچل ڪاليج جي روح روان محترم شيخ صاحب ۽ محبوب علي چنا سندن دعوتون ڪيون. سکر ۾ مغل عبدالستار ۽ ٻين سنڌ دوستن ڪيون. پر، ڪوبه سرڪار پرست سنڌي عالم سندن ويجهو ڪونه آيو.
حميد جڏهن ٽنڊي ڄام زرعي يونيوسٽيءَ ۾ وائيس چانسيلر ٿيو ته مان اسلام آباد ۾ هئس. فون تي کيس واجبي ڪم ڪار جي تڪليف ڏيندو هئس. اوڏيءَ مهل ئي ڪري ڇڏيندو هو. اتان خيرپور وائيس چانسيلر ٿي ويو، ته اتي به منهنجي چوڻ تي ڪيئي قرب ڪيائين. خيرپور ايندو هئس، ته ڳوٺ وڃڻ لاءِ موٽرون ته ڏيندو هو، پر، خيرپور، روهڙيءَ ۽ شڪارپور جون مشهور مٺايون ۽ تازي لٿل کجور به تحفي طور موڪليندو هو. سندس ننڍو ڀاءُ شمس اوڏيءَ ئي سڪ سان ملندو هو.
هڪ دفعي حميد ۽ مان شمس سان سکر ملڻ وياسين. شمس، شام جي چاءِ لاءِ ٻيو ته سڀ اهتمام ڪيو، ليڪن پنجهتر ميلن جي مفاصلي تان، خاص نموني سان پڪل ڪڪڙ به گهرايائين ۽ کائڻ پيڻ جي ٻئي مال ۽ مٺاين سان گڏ اسان جي اڳيان چاءِ جي ميز تي رکيائين.
ٻئي دفعي حيدرآباد ۾ مان حميد سان ملڻ ويس، جو عيد جو موقعو هو. پاڻ ۽ سندس بيگم نوشهري مان عيد ڪري آيا هئا. حميد گهر ڪونه هو. پر، سندس بيگم هئي. دستور موجب نوڪرياڻيءَ بسڪوٽ، پاپڙ ۽ پاڻي آڻي، منهنجي اڳيان رکيو. مون ٿڌو ساهه ڀري چيو ته، ”نوشهري ۽ هالاڻيءَ جي ميمڻن مون سان ڪانه نڀائي. عيد جي موقعي تي به کير پڙا ڪونه مليا. اهو ئي واڻڪو رڳو پاپڙ پاڻي مليو.“
بيگم حميد اهو ٻڌي اچي ٽهڪن ۾ پئي. نوڪرياڻيءَ کي دٻ ڪڍيائين، هُوءَ تڪڙي تڪڙي، نوشهري فيروز جا ”کير پڙا“ کڻي آئي.
حميد سان اها ڳالهه ڪيم، ته چيائين ته نوشهري فيروز جي کيرپڙن وانگر اتان جو ”ملڪ روز“ به مشهور هوندو هو. پر، هاڻي اهي ماڻهو ڪونه رهيا. ملڪ ۾”مٺائي“۽ ”ملڪ روز“ ته ٺهيو، محبت ۽ سچائي به ڪانه رهي.
حميد اهل ِ دل انسان آهي. سورنهن آنا سچ چيائين. برابر سڀ ماڻهو هڪجهڙا ڪونهن. پر، سندس فرزند ارشد سونَ جهڙو سچو ماڻهو آهي.
1947ع ۾، اسان جي تعليم واري زماني ۾ نوشهري فيروز ۾ پير نول گهوٽ جو ڏاڍو نالو هو. چون ٿا ته سنڌ ۾ تمام وڏو حڪيم هو. انهيءَ کان اڳ واري زماني ۾ وري شاهه نصير جو نالو هو. هاڪارو شاعر هو، جنهن جي ڪلام جون هي ٻه سٽون عاشقن جي دلين تي نقش آهن:

ڪن کي دين مليو، ڪن کي دنيا،
عشق اصل کنئون انعام ڏئي وئين، يار اسان کي،
يار اسان کي، دوست اسان کي.

زمانو سدائين هڪ حال تي ڪونهي. حميد سنڌيءَ ۽ سندس بيگم صاحبه جي صحت، سکئي ستابي گهر، آرام ۽ آسائش جي باوجود صحيح ڪانه ٿي رهي. پر، زماني کي منهن ڏيڻ ۽ پراون بلڪ انهن کان وڌيڪ پنهنجن جا زخم کائڻ جي باوجود، مون ڪڏهن به سندن قرب ۽ محبت، اخلاص ۽ اخلاق ۾ ڪمي ڪانه ڏٺي. بيگم حميد جيتريءَ وڏيءَ همت ۽ حوصلي واري آهي، اوتري ئي ذهين ۽ شگفته مزاج آهي. پر، شابس آهي حميد کي جو ناساز طبيعت هوندي به هن زماني ۾ هر ڪنهن سان پير کڻي ٿو. تازو، دل جي بيماريءَ جو آپريشن ڪرايو اٿس. پر، مجال آهي جو ملول هجي. هر وقت سرهو ۽ سهڻو.
ايران جي هاڪاري شاعر حافظ شيرازيءَ کي ”لسان الغيب“ ڪوٺيندا آهن. ايرانين ايڏو بلند رتبو پنهنجي ٻئي ڪنهن به شاعر کي ڪونه ڏنو آهي. حافظ جو هڪ شعر آهي ته:

خلل پذير بود هر بناکه مي بيني
بجز بنائي محبت که خالي است

يعني هن جهان ۾ جيڪا به شيءِ ڏسين ٿو، تنهن ۾ نيٺ خلل پوي ٿو، سواءِ محبت جي، جو اها خلل کان خالي آهي.

مسلمان جي گهر ۾ ٻار ڄمندو آهي، ته سڀ کان اول سندس ڪن ۾ ٻانگ چوندا آهن. حميد ڄائو هو، ته مائٽن سندس ڪن ۾، ٻانگ ڏيڻ سان گڏ، حافظ جو اهو شعر به پڙهيو هو، جيڪو سڄي عمر کانئس ڪونه وسريو آهي.

جمال رند

جمال رند سان پهرين ملاقات ڪراچيءَ ۾ سنڌ مدرسي جي هاسٽل ۾ ٿي. ٻئي ڄڻا سنڌي ادبي سنگت جا ڪارڪن هئاسين، جنهن جي جمعي جمعي جي ڏينهن، مدرسي جي هاسٽل ۾ احسان بدويءَ وٽ هفتيوار ”گڏجاڻي“ (MEETING) ٿيندي هئي. انهيءَ زماني ۾ سڄيءَ سنڌ ۾ ڪراچيءَ واري ادبي سنگت ئي سرگرم هئي، جنهن جو ”روح روان“ نورالدين سرڪي هو. حيدرآباد ۾ به ادبي سنگت ڪنهن حال ۾ هئي پر، ڪڏهن اهو پڪيءَ طرح ياد ڪونهي. ان جو روح روان وري مقبول ڀٽي هوندو هو. محب وطن ماڻهو هو ۽ هفتيوار يا پندرنهن روزه ”وطن“ اخبار ڪڍندو هو. انهن ٻن کان سواءِ ٻيو ڪاٿي به ادبي سنگت ڪانه ٻُڌبي هئي. پر اڳتي هلي، سنڌ جي ڇٽيهن شهرن ۾ ادبي سنگت جون شاخون ٺهيون. ايترو به ياد اٿم ته هالن جو معصوم هالائي وڏو سرگرم ڪارڪن هوندو هو. ”سنڌ سنگت“ جو ٺهڻ ته جمعو جمعو اٺ ڏينهن اڳ جي ڳالهه آهي.
سنڌ مدرسي جي هاسٽل ۾ ادبي سنگت جي هفتيوار گڏجاڻين ڪوٺائڻ جو سبب رڳو منجهس مرحوم احسان بدويءَ جي رهائش هئي. سڀ گڏجاڻيون سندس ئي ڪمري ۾ ٿينديون هيون. مرحوم احسان سنڌ مسلم ڪاليج ۾ پڙهائيندو هو ۽ ان جي مدرسي واريءَ هاسٽل جو نگران به هوندو هو. سنڌ مسلم ڪاليج جو پرنسيپال پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاهه هوندو هو. جنهن جو مٿس راز هوندو هو. احسان مرحوم کي سنڌي ادب ۾ دلچسپي پنهنجي والد لطف الله بدويءَ کان ورثي ۾ ملي هئي. مرحوم احسانُ هونئن ئي قربائتو شخص هو، پر، منهنجين ادبي صلاحيتن کي ڏسي، مون کي ”سنڌ مسلم ڪاليج مئگزين“ جي سنڌي سيڪشن جو ايڊيٽر مقرر ڪيائين. سو، هڪٻئي کي وڌيڪ ويجها ٿياسين.
جمال رند وانگر منهنجو ٻيو پيارو دوست رشيد ڀٽي به سنڌ مدرسي جي هاسٽل ۾ رهندو هو ۽ ادبي سنگت جو ACTIVE ميمبر هو. اها سنه 1954ع جي ڳالهه آهي. مان وري نورالدين سرڪيءَ وانگر ميٺارام هاسٽل جي ٽيهين نمبر ڪمري ۾ مقبول سومري سان گڏ رهندو هوس. هاسٽل جي انهيءَ ڪمري تي هڪ مضمون به لکيو اٿم. ناشاد ”مهراڻ“ ۾ ڇاپيو آهي.
احسان بدوي ۽ نورالدين سرڪي اسان کان عمر ۾ ڪجهه وڏا هئا ۽ سنڌي ادبي سنگت جا سينئر ميمبر پڻ هئا. ٻئي ڄڻا شڪارپور جا ويٺل هئا. احسان بدوي خاموش طبيعت هو، پر سرڪي رلڻو ملڻو ۽ مجلسي مزاج جو هو. اسان جي سڄي گروپ ۾ هردلعزيز هو. ميٺارام هاسٽل ۾ سندس ڪمري ۾ سڄو ڏينهن دوستن جو ميڙو متل هوندو هو. ڪي سائنس پڙهندا هئا، ته ڪي آرٽس، پر سڀ سندس گرويده هئا. زندگيءَ جي گرميءَ ۽ سرديءَ جي باوجود مون کيس هميشه خوش مزاج ڏٺو. سٺي دوست جون سڀ خوبيون هئس. پر، جڏهن ”ازدواجي زندگيءَ“ ۾ پير پاتائين ۽ معاشي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ درس تدريس ڇڏي، وڪالت جو ڌنڌو اختيار ڪيائين، تڏهن سنڌي معاشري ۾ وچولي طبقي جي معيار مطابق آسودو ته ٿيو، پر، سمورن دوستن کان توڙي پبلڪ لائيف مان صفا ڪٽجي ويو. ميٺارام هاسٽل ته شاديءَ کان پوءِ ڇڏي ويو هو. اڳي ادب، سياست ۽ صحافت ۾ دلچسپي هئس. پوءِ اهي سڀ شوق ۽ شغل ختم ڪري ڇڏيائين. فارسيءَ ۾ چوندا آهن ته، لوڻ جي کاڻ ۾ جيڪو گهڙيو، سو پاڻ به لوڻ ٿي ويندو.“ سرڪيءَ جو به اهو ئي حال ٿيو. جيڪڏهن اڳي وانگر پبلڪ لائيف ۾ پنهنجي دلچسپي قائم رکي ها، ته سنڌ جو وڏو ليڊر ٿئي ها. قدرت کيس قيادت جي سمورين لياقتن سان نوازيو هو. کيس ماڻهن کي پاڻ سان گڏ رکڻ جو وڏو ڏانءُ هو.
شهرن ۾ خوبصورت گلن ۽ سرسبز ٻوٽن جون نرسريون (NURSERIES) هونديون آهن. سنڌي ادبي سنگت ڪراچي به نئينءَ ٽهيءَ جي اديبن ۽ شاعرن جي نرسري هئي. اڳتي هلي، جڏهن ”سنڌ سنگت“ ٺهي ته سنڌي اديبن ۽ شاعرن جو مؤثر آواز ۽ ترجمان ٿي پئي. روشن خيالي، ان جي اظهار جي آزادي ۽ سماج ۾ اقتصادي انصاف لاءِ جدوجهد ان جا بنيادي اصول هئا، ان ڪري سنڌ جي رجعت پسند دقيانوسي اديبن، عالمن ۽ شاعرن لاءِ ڪُکِ جو ڪانُ هئي.
اسان ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ افسانا ۽ شعر پڙهندا هئاسين، جن جي سامعين کليءَ دل سان ڇنڊڇاڻ ڪندا هئا. هڪ دفعي ڪراچي ادبي سنگت سڄي سنڌ ۾ افسانن جي چٽاڀيٽي ڪرائي. غالباًً 1954ع جي ڳالهه آهي. حفيظ ۽ مان به اُن ۾ شريڪ ٿياسين. انهيءَ چٽا ڀيٽي ۾ جملي پنجاهه ٻيا افسانا نويس به شريڪ ٿيا. جن ۾ جمال ابڙو به پڻ شريڪ هو. ٽي جج هئا، هڪ بيگم زينت چنا، ٻيو عثمان علي انصاري ۽ ٽيون پير حسام الدين راشدي. هنن منهنجي افساني کي پهريون نمبر ڏنو، پر سنگت وٽ پئسا ڪونه هئا، سو مون کي اعلان ڪيل انعام ڪونه مليو. البت، حوصله افزائي وڏي ٿي. اهو به ياد اٿم ته انهيءَ ئي زماني ۾ رشيد ڀٽيءَ ”بُڻ“ افسانو لکيو هو، جيڪو ”مهراڻ“ ۾ ڇپيو. وڏي معيار جو افسانو آهي. جمال رند لکڻ ۾ سست هو، پر ”مانيءَ ڳڀو“ نالي شاندار افسانو لکيائين، جنهن کي وڏي مڃتا ملي. جمال رند عمر ۾ مون کان سال ٻه ننڍو ۽ رشيد ڀٽيءَ کان سال ٻه وڏو هو.
1958ع واري ايوب خان جي مارشل لا کان پوءِ، ايس.ايم. ڪاليج جي شاگردن کي هاسٽل خالي ڪرڻ لاءِ چيائون، ڇو ته ميٺارام هاسٽل ڊي. جي. سائنس ڪاليج جي شاگردن لاءِ هوندي هئي. رشيد ڀٽي اڳيئي ڪن گهريلو سببن ڪري، ڪراچي ڇڏي. سکر هليو ويو هو. سنڌ مدرسي جي هاسٽل ۾ جمال رند اڪيلو ٿي ويو. 1958ع واري مارشلا کان پوءِ سراج گانڌي گارڊن جي ڀرسان ڪرائي تي فلئٽ ورتو. مان، جويو صاحب ۽ جمال رند به ساڻس گڏ وڃي رهياسين. ستت سراج جي بدلي ٿي وئي. جويو صاحب هڪ ڇوڪرو، پنهنجي ڳوٺان وٺي آيو. سو، روزانو گوبيءَ جي ڀاڄي چاڙهيندو هو، جا مون کي توڙي جمال کي اصل ڪانه وڻندي هئي. سو، اسان ڪو بهانو بنائي، جويي صاحب کي چوندا هئاسين ته، ”اوهان ماني کائو. اسان پوءِ ٿا کائون.“ جويو صاحب ماني کائي ليٽندو هو، ته جمال هيٺ وڃي، ايراني ريسٽارنٽ تان ”چڪن اسٽو“ جون ٻه پليٽون وٺي، انهن ۾ مکڻ جون ٻه ٽڪيون وجهائي، بيري کان کڻائي ايندو هو. ”شو مارڪيٽ“ واري انهيءَ فلئٽ ۾ سالن جا سال مون ۽ جمال ائين ”چڪن اسٽو“ جا مزا ورتا. بعد ۾ سالن کان پوءِ حيدرآباد ۾ به گڏجي ماني کائڻ ويندا هئاسين، ته جمال رند هوٽل ۾ پري کان چوندو هو ته، ”چڪن اسٽوُ- ٻه پليٽون!“
”مست جتي به ويندا آهن، اتي ميخانا ساڻ کڻي ويندا آهن.“ سو، جمال پڻ حيدرآباد پهچڻ شرط دونهيون دکايون. غالب جو هيءُ شعر سندس دل جي ڦرهيءَ تي لکيل هو:

ايڪ هنگامي په موقوف هي گهر کي رونق

جمال سونَ جهڙو سچو ماڻهو هو. سخن ڏنائين ته پاڙيندو، پوءِ ڀلي مٿس ڪَرَٽَ ڇو نه وهي وڃن! يارن جو يار ۽ دشمنن لاءِ ڪُک جو ڪانُ هو. سنڌ جو محب وطن تاريخ نويس سندس نالو سنڌ دوست اديبن جي ”پهرينءَ صف“ ۾ لکندو. ليڪن اهو به ممڪن آهي ته بي قدري سنڌ کيس صفا وساري ڇڏي. سنڌ اهڙا ڪيئي ڪِيسَ ڪيا آهن.
جمال، اجايون سجايون ڳالهيون ڪرڻ بدران پڪو پختو ڪم ڪندو هو. ڪم ڪهڙو به ڏکيو ڇو نه هجي، پاڻ ان کي سرانجام ڏيڻ لاءِ وڏو وس ڪندو. ڪراچيءَ واري زماني ۾ کيس سڀني کان ويجهو دوست خواجه سليم هو، جيڪو پاڻ به سٺو لکندڙ ۽ ادب جو پارکو آهي. نهايت قربائتو شخص آهي. منهنجو به پيارو يار آهي. پر، شيخ حفيظ کي اسان سڀني کان وڌيڪ ويجهو هوندو هو. نيت جو نيڪ، هر ڪنهن جو خير گهرندڙ، ڳالهائڻ ٿورڙو، ڪم گهڻو، نهايت سچو انسان- اها خواجه سليم جي سڃاڻپ آهي. افسوس آهي جو دوستن سان سچائيءَ ۽ پنهنجين مڙني خوبين ۽ نيڪين جي باوجود زندگي مٿس نامهربان رهي آهي.
جلسن ۾ جمال رند هڪڙي لولي سُرَ سان ڳائيندو هو، جنهن جي هڪ سٽ هيئن هوندي هئي:

اسان ناڙي نه ڄلسون، ناڙي ڏاڍيان دا ڏيهه هي!

حقيقت اها آهي ته سنڌ ڏاڍن جو ڏيهه آهي. هتي سٺي ماڻهوءَ کان سٺي ڪڪڙ ۽ ڪتي جو قدر وڌيڪ آهي!
جمال رند سنڌي ادبي سنگت ۾ اسان سڀني کان ACTIVE هو. سنڌ جي حقن جي حفاظت لاءِ هڪ طرف اسان سان گڏ هلندو هو، ته ٻئي طرف وري سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌ دوست استادن خاص ڪري محمد عمر ميمڻ ۽ محمد حسن ڀُٽي سان ڏاڍو گھرو گهاٽو هو. شاگرد اڳواڻن ۾ يوسف لغاريءَ ۽ يوسف ٽالپر سان سنگت هئس.
يوسف ٽالپر مرڪزي وزير ٿيو. گهڻن گهڻن سالن کان پوءِ، اسان جي ”ايوانِِ صدر“ ۾ ملاقات ٿي. ٿيو هيئن ته اياز کي ادبي خدمتن جي اعتراف ۾ تمغو مليو هو. اياز اسلام آباد آيو ته چارئي پهر مون سان گڏ هوندو هو. رات جو البت، نبي بخش کوسي جي جاءِ تي وڃي سمهندو هو. ماني ته ٽئي ويلا مون وٽ ئي کائيندو هو. مقرر ڏينهن تي چيائين ته، ”گڏجي هل ته تمغو وٺي اچون.“ تمغن واري تقريب ”ايوان ِ صدر“ جي ڪرسٽل هال ۾ وڏي ٺٺ سان ٿيندي آهي. تقريب پوري ٿيڻ کان پوءِ سڀ مهمان ٽريس (TERRACE) تي، صدر ۽ وزيراعظم سان گڏ چاءِ پيندا آهن. وڏي وقار وارن مردن ۽ خوبصورت خواتين جو وڏو هجوم هوندو آهي.
اياز ۽ مون خوشبوءِ جي هٻڪارن ۾ چاءِ پئي پيتي، ته يوسف ٽالپر آيو ۽ سڪ سان اچي ڀاڪر پائي مليو. مٿس وزارت جي واءَ جو نالي ماتر به اثر ڪونه ٿيو هو.
اياز ڏينهن ٻه اسلام آباد ۾ ٽڪي، ڪراچيءَ موٽي ويو، پر يوسف ٽالپر سان اسلام آباد ۾ منهنجي ميل ملاقات ٿيندي رهي. ڪڏهن سندس گهر ته ڪڏهن سندس وزارت واريءَ آفيس ۾. وڏو عهدو وسڪيءَ کان وڌيڪ نشو ڏيندو آهي. منهنجن ڪن دوستن کي چئن ڏينهن لاءِ ٿورا گهڻا چڱيرڙا عهدا مليا، ته هوش مان نڪري ويا. ڪن وٽ چار پئسا ٿيا، ته منجهانئن ماڳهن ماڻهپو ئي موڪلائي ويو. جڏهن شاگرد اڳواڻ هوندا هئا تڏهن ڪن جون ته مجلسون ۽ محفلون مون سان ئي هونديون هيون. نوجوان شاگرد اڳواڻن کي جنهن ڳالهه سنڌي اديبن جي ويجهو آندو هو، سو هو سنڌ کي ”ون يونٽ“ مان آزاد ڪرائڻ! ڪم ڏاڍو ڏکيو هو. پر، الله سائينءَ اسان سڀني کي سوڀ ڏني. ون يونٽ چٽ ٿي ويو.
ڪنهن زماني ۾ ته ون يونٽ جو هوائي جهاز وانگر آسمان ۾ غوغاءُ هو. سڪندر مرزا ون يونٽ کي ”اسٽيم رولر“ ڪوٺيو. روڊ تي پٿر وڇائي مٿان اسٽيم رولر گهمائيندا آهن، ته پٿر ريزه ريزه ٿي ويندا آهن. سڪندر مرزا جو مطلب هو ته جيڪي به ون يونٽ جي مخالفت ڪندا، سي واريءَ جا داڻا ٿي ويندا. پر اسان سنڌ جي محبت ۾ سرشار هئاسين ڀٽائيءَ جو بيت اسان جي دلين جو ترجمان هو:

”جي تون پهڻ پٻ، ته لڱ به منهنجا لوهه جا“

”ون يونٽ“ پنجاب جي ڪن بدنام سياستدانن ٺاهيو هو، جن ۾ غلام محمد منڊو، ممتاز دولتانه ۽ مشتاق گرماڻي ٻين کان وڌيڪ اڳڀرو هئا. مودودي لاهور ۾ رهندو هو سو، کيس به ”ون يونٽ“ مان ”اسلامي وحدت“ جي خوشبو آئي. ليڪن،”ون يونٽ“ ته سنڌ ۽ بلوچستان جي حقن تي سنئون سڌو ڌاڙو هو. سو، حيدر بخش جتوئيءَ ”جيئي سنڌ“ جو نعرو هنيو! مودوديءَ کي ڳالهه ڪانه وڻي، سو کيس اُتر ڏنائين ته، ”جيئي سنڌ“ جي معنيٰ آهي ”مري پاڪستان.“
پر، خدا جي ڪرم سان اڄ به سنڌ ۽ پاڪستان ٻئي قائم آهن. البت، ”ون يونٽ“ جو مثال هاڻي انهيءَ ناجائز ٻار وارو آهي، جنهن جو پيءُ سڏائڻ لاءِ ڪير به تيار ڪونهي.
سنڌي ليڊرن مان سائين جي.ايم. سيد ون يونٽ جي ولادت کان اڳ ئي ڪاٺ ۾ پيو هو، ته متان ڪا حرڪت ڪري ۽ ون يونٽ جو ڪچو ٻار ڪيرائي وجهي! سيد ته ٿيو سوگهو، پر ٻيو به هڪ سنڌي ليڊر ساماڻو... ذوالفقار علي ڀٽو، جنهن به ”ون يونٽ“ جي خلاف پنهنجن هم عمر ساٿين سان گڏجي دليريءَ سان فرنٽ ٺاهيو ۽ پهريون پهريون انگريزي ڪتابڙو ڇپايو:

“PEOPLE AND PRESS OF SINDH,
OPPOSE ONE UNIT TO ONE MAN.”

پر، اڳتي هلي ڀٽو صاحب مرڪز ۾ وزير ٿيو ته، ”ون يونٽ“ جي خلاف ڳالهائڻ ڇڏي ڏنائين. دلي طرح ته هو ون يونٽ جي سخت خلاف هو. پر مرڪزي وزير هو ۽ حڪومت ون يونٽ جي حق ۾ هئي.
جڏهن ”ون يونٽ“ جي خلاف نفرت ڀڙڪي ڀڙڪي ڀڀڙ ٿي پئي ته مودوديءَ به ون يونٽ جي خلاف وات مان ٻڙڪ ڪڍي اهو ڏسي، ڀٽي صاحب کي به ون يونٽ جي مخالفت ڪندي دير ئي ڪانه لڳي. هي سڀ تاريخي حقيقتون آهن، جن جي تصديق ڪري سگهجي ٿي.
”ون يونٽ“ ختم ٿيڻ کان ڪي سال اڳ، هڪ ڏينهن جمال رند مون وٽ آيو ته يونيورسٽيءَ جا استادَ، عمر ميمڻ وارا چون ٿا ته، ”سائين جي.ايم. سيد سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تون اسان سان گڏجي سن هل.“ کين خبر هئي ته منهنجي سائينءَ سان گهڻي نيازمندي آهي. سومهاڻيءَ جي مهل هئي. جو ڏهه ٻارنهن ڄڻا حيدرآباد مان ويگن ۾ چڙهياسين ۽ وڃي ڪلاڪ ٻن ۾ سن پهتاسين. سائينءَ کي اطلاع ٿيو. مانيءَ جو بندوبست ڪري، بنگلي تي آيو. دير تائين ڳالهيون ٻوليون ٿيون. فيصلو ٿيو سڀ گڏجي جدوجهد ڪن، ڇو ته سڄيءَ سنڌ جو ڇوٽڪارو ”ون يونٽ جي خاتمي“ ۾ آهي. اڌ رات تائين ڳالهيون ڪري، مانيءَ گرهه وجهي، اسان وڏي اسر مهل، سائينءَ کان موڪلايو ۽ حيدرآباد روانا ٿياسين. مان ويگن جي دريءَ جي ڀرواريءَ سيٽ تي ويٺس. ويگن پراڻي هئي، سا سن کان لوڏا لما کائيندي رڙهندي رهي. هاڻوڪو شاندار روڊ تڏهن اڃا ڪونه ٺهيو هو. رات جو پويون پهر ٿي ويو. ٿڌڙي هير پئي لڳي ڪنهن مهل اوچتو منهنجي نگاهه اوڀر طرف رات جي اونداهيءَ ۾ چنڊ تي پئي جيڪو آسمان ۾ ڇڪيل ڪمان وانگر چمڪي رهيو هو. دل کي ڇهندڙ اهو منظر ڄڻ ته قدرتي نويد هئي ته، ”اوهان جون دعائون قبول! ون يونٽ چٽ ٿي ويندو.“
تاريخي طرح ون يونٽ يحيٰ خان جي ايامڪاريءَ ۾ ختم ٿيو. هڪ ٻيو به سٺو ڪم ٿيو جو پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آزاد چونڊون ٿيون. اوڀر پاڪستان ۾ عوامي ليگ کٽيو ۽ اولهه پاڪستان ۾ پيپلس پارٽيءَ.
ليڪن، اڪثريت ۾ بنگالي چونڊجي آيا. سندن ليڊر شيخ مجيب هو. پر، يحييٰ خان جي بدنام ٽولي کي کين اقتدار ڏيڻو ڪونه هو. سو، شيخ مجيب کي پاور ڏيڻ بدران قيد ڪيائون.
پاڪستان ايڪيڊمي آف ليٽرس ۾ ايڊمرل شفيق الرحمان منهنجو چيئرمين هوندو هو. چوندو هو ته، ”يحييٰ خان ڏاڍو سٺو جنرل هوندو هو، پر پاور مليس، ته خراب ٿي پيو.“
مون اڳ ۾ ئي عرض ڪيو آهي ته پاور جو نشو وسڪيءَ کان وڌيڪ هوندو آهي. هونئن ته ڪوبه ماڻهو بشري ڪمزورين کان آجو ڪونهي. يحييٰ خان به پاور ملڻ کان اڳ سٺو شخص هوندو. ليڪن، اوڀر پاڪستان ۾ بنگالين کي هيسائڻ لاءِ مٿن فوجي ائڪشن ڪرايائين ۽ جماعت اسلاميءَ کي پاور جي آڇ ڪيائين. جنهن ”هائو“ ڪئي، جماعت اسلامي چونڊن ۾ ٻئي نمبر تي ووٽ کنيا هُئا، پر بنگالي ڇتا ٿيا ويٺا هئا. سو، جماعت کي پاور به ڪونه مليو ۽ بدنامي به ڏاڍي ٿي.
ڀٽو صاحب ان وقت اوڀر پاڪستان ويو هو. اتان جڏهن اولهه پاڪستان ۾ پهتو ته بيان ڏنائين ته، ”ملڪ بچي ويو“. ملڪ بچي ڪونه ويو. ٻه ٽڪر ٿي ويو. اهو دردناڪ داستان ڊگهو آهي. هت تفصيل ۾ وڃڻ نامناسب آهي.
يحيٰ خان جون ذاتي ڪمزوريون ٻه هيون. هڪ اعليٰ درجي جي وسڪي ۽ ٻي خوبصورت ليڪن بَدن ۾ ڀريل عورت. وسڪيءَ جي ڪهڙي برانڊ کيس پسند هئي سو ته معلوم ڪونهي. پر، عورتن جي باري ۾ هر ڪنهن کي معلوم آهي ته اداڪاره راڻيءَ ۽ ملڪه ترنم نورجهان تي مست هو. سو، ڪنهن محفل ۾ پري کان اهڙي ڪا عورت نظر ايندي هئي، ته جمال رند واڪو ڪندو هو ته، ”وارو ڪريو، جنرل يحييٰ خان کي اطلاع ڪيو!“
جمال رند ون يونٽ جي خلاف تحريڪ ۾ پمفليٽن جي پٺارڪ ساڻ کڻندو هو. ڪو سنگتي ساٿي ساڻ ڪري ريل ۾ چڙهندو هو. رستي تي جنهن جنهن شهر ۾ دوست هوندا هئس، اتي پمفليٽون ورهائيندو هو لاڙڪاڻي ۽ سکر کان ڦرندو، حيدرآباد اچي بوڇڻ ڇنڊيندو هو.
مون کي ياد آهي ته هڪ دفعي حيدرآباد جي ڪابه پريس اهڙي قسم جون پمفليٽون ڇپڻ لاءِ تيار ڪانه هئي. مرحوم عمر ميمڻ ڪو ڪيمياگر ڳولهي لڌو، جنهن نسخو ڏنس، ته هڪ چوڪنڊياري ٽين جي ٽن چئن انچن واري اڀڪپري پليٽ کڻو. ان کي رجيل ميڻ سان ڀريو. جڏهن ميڻ ٺري وڃي، ته ڪاغذ تي مواد لکو، ان تي چنبڙايو ۽ جلدي لاهي وٺو. ڪاغذ تي اکر ٺهي پوندا. پوءِ ان تي پنا رکي ڪڍندا وڃو. الاهي ڪاپيون ٺهي وينديون. اسان ائين ڪيو. ڪجهه ڪاميابي ٿي. محمد حسن ڀٽي، جمال رند ۽ مون اِهي پنا رات جي اونداهيءَ ۾ گاڏي کاتي حيدرآباد ۾ ڀتين تي هنيا. پري کان ڪو پوليس وارو ايندو ڏسندا هئاسين، ته ڪجهه دير لاءِ پاسيرا ٿي ويندا هئاسين.
مان فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر هئس ته پرائيم منسٽر صاحبه پوليس ۾ سڌارن لاءِ ڪاميٽي ٺاهي. چئن ئي صوبن جا انسپيڪٽر جنرل پوليس، ايف. آءِ. اي جو ڊائريڪٽر، وزارت داخلا جو سيڪريٽري ۽ ايسٽبلشمينٽ سيڪريٽري ان جا ميمبر هئا. پبلڪ سروس ڪميشن مان مون کي ميمبر ڪيائون. ميٽنگ ۾ ويٺو هئس، ته گاڏي کاتي ۾ ڀتين تي پنا چنبرائڻ ۽ پوليس وارو ڏسي، کانئس لِڪڻ وارا ڏينهن ياد آيا!
”ون يونٽ“ جي ڊهڻ سان سنڌ آزاد ٿي، جنهن ۾ سنڌي اديبن ۽ شاگردن مڙسان مڙسيءَ پاڻ ملهايو. پر، پوءِ به ساڻن اها ئي جٺ ٿي، جيڪا بامبي پريزيڊنسيءَ مان سنڌ کي آزادي ملڻ تي شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جهڙي محب وطن ليڊر سان ٿي هئي. شيخ صاحب جو اسان وانگر اهو جوانيءَ جو زمانو هو. هن بمبئي پريزيڊنسيءَ خلاف باهيون ٻاريون هيون ۽ تحريڪون هلايون هيون. پاڻ سُڃو سِرُ هو، پر سر شاهنواز ڀٽي کي سندس گهر، لاڙڪاڻي ۾ وڃي چونڊن ۾ شڪست ڏنائين. دهلي ڪانفرنس ۾ سنڌ جي آزادي لاءِ آواز اٿاريائين ۽ ”الوحيد“ اخبار کي اگهاڙيءَ ترار وانگر سنڌ جي آزاديءَ لاءِ استعمال ڪيائين. ”سنڌ آزاد نمبر“ ڪڍيائين.
پر، سنڌ آزاد ٿي ته سنڌ جا بي ضمير ڀوتار، وڏيرا ۽ زميندار انگريزن جا خطاب يافته خانصاحب ۽ خانبهادر آزاد سنڌ تي ڇانئجي ويا. شيخ صاحب اڪيلو رهجي ويو! مون حيدرآباد جي رستن تي کيس اڪيلو ئي اڪيلو پنڌ هلندي ڏٺو. سندس ساٿي رڳو سندس لڪڻ هو.
هاڻي به بلڪل ائين ٿيو. ون يونٽ کي ٽوڙائڻ لاءِ جن نوجوانن پاڻ پتوڙيو، ڏک ڏٺا، رات ڏينهن جدوجهد ڪئي، تن کي ته ڪنهن ليکيو به ڪونه. سنڌ جا مالڪ اهي ئي وڏيرا ٿي ويا، جن ووٽ ڏئي ون يونٽ ٺاهيو هو، ۽ سنڌ کي عذاب ۾ وڌو هو. مون سائين جي. ايم. سيد واري مضمون ۾ ان ڳالهه جو ذڪيو ڪيو آهي. پر، هي سنڌ جي تاريخ جو اهڙو ته اهم باب آهي جو وري وري ان جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي.
1960ع واري ڏهاڪي جي شروعاتي سالن ۾ مان سائينءَ وٽ، مهيني ماسي، سن ۾ ملڻ ويندو هئس. پاڻ نظربند هو. هڪ دفعي چيائين ته، ”اسان تيسين ڪجهه به ڪونه هئاسون. جيسين اوهان ڪونه سڃاتو هو.“ سندس مطلب هو ته سنڌ جي نوجوانن کيس سڃاتو، پنهنجو رهبر ڪيو، سندس پيغام کي ڦهلايو ۽ انهيءَ کي زور وٺايو. وڏيرا ته کيس ڪڏهوڪو ڇڏي ويا هئا.
حقيقت به اها هئي ته سائينءَ جي سڄيءَ سنڌ ۾ مڃتا سندس عشق ۾ ورتل نوجوانن جي مچايل مچ سببان هئي، سو 1959ع ۾ حيدرآباد ۾ سائينءَ ”ائنٽي ون يونٽ ڪنوينشن“ جي صدارت ڪئي، ته وڏيرا سندس لئه ڏسي وائڙا ٿي ويا. انهن انهيءَ ڪنوينشن ۾ پنهنجن ابن ڏاڏن طرفان به ون يونٽ جي فائدي ۾ ووٽ ڏيڻ جي معافي ورتي. خانبهادر کهڙي ۽ پير علي محمد راشديءَ به سائين جي.ايم سيد جي اها لئه ڏسي اچي سندس پاسو ورتو. سنڌ جا نوجوان اهو ڏسي ڏاڍا بگڙيا. چيائون ته، ”اهي ٻئي ڄڻا ته ون يونٽ جا معمار آهن. سائين انهن سان ڇو ٿو ڳالهائي؟“
پر، حيرت آهي ته سائينءَ نوجوانن جي احتجاج کي ليکيو به ڪونه. ماڳهن، کين رکو جواب ڏنائين، ”يا ته ماٺ ڪري منهنجيءَ مرضيءَ موجب هلو يا مون کي ڇڏي وڃو.“
نوجوان سندس ڳالهه ٻڌي، وائڙا ٿي ويا! هنن لاءِ ڪوبه رستو ئي نه بچيو. ڪڻو ڪڻو ٿي ويا. ون يونٽ جي ڊهڻ کان پوءِ سندن حشر به اهو ئي ٿيو. جيڪو عبدالمجيد سنڌيءَ جو بمبئيءَ کان سنڌ آزاد ٿيڻ بعد ٿيو هو.
هيڏانهن سائينءَ هيئن ڪيو ۽ هوڏانهن ڀٽو صاحب ميدان ۾ لٿو. کيس سائينءَ جي پيرن هيٺان سنڌ ڪڍڻ ۾ دير ئي ڪانه لڳي! هن وڏيرن ۽ زميندارن کي کنگهيو به ڪونه. سندس نعرو هو: ”منهنجا نوجوانو، منهنجا شاگرد ساٿيو، منهنجا مزدور ساٿيو ۽ هاري ڀائرو.“
”جيئي سنڌ“ جو نعرو بدلجي ”جيئي ڀٽو“ ٿي ويو. تاريخ جو هڪ ورق وري ويو. سائين وڏيرن جي ڪري نوجوانن کي ڇڏيو هو. وڏيرا کيس ڇڏي ڀُٽي صاحب جي پٺيان هليا ويا. سائين اڪيلو رهجي ويو.
ون يونٽ جي ڊهڻ ۽ يحييٰ خان وارين آزاد چونڊن جو سنڌ ۾ بلڪ پوري ملڪ ۾ فائدو فقط ذوالفقار علي ڀٽي ورتو. هو ويهينءَ صديءَ جي سنڌ جو سڀني کان وڌيڪ ذهين سياستدان ثابت ٿيو.
ايوب خان وزارت مان ڪڍيس، ته دلشڪستو ڪونه ٿيو. پنهنجي سڄي کاٻي نهاريائين. سنگتين ساٿين ۽ ايوب خان جي مخالفن سان صلاح مشورو ڪري، پنهنجي آل پاڪستان پارٽي ٺاهيائين. جڏهن پنجاب مان جلسا ڪري سنڌ ۾ داخل ٿيو، ته اعلان ڪيائين ته، ”وساڻ کي ڪسان بنائي ڇڏيندس.“ خانبهادر وساڻ کي اليڪشن ۾ اڳي ڪنهن به شڪست ڪانه ڏني هئي، پر وساڻ صاحب ته درڪنار، ڀٽي صاحب وڏا وڏا سياسي وڻ پاڙئون پٽي، پري اڇلائي ڇڏيا.
سنڌ جي ڌرتيءَ تي ڄڻ ته زلزلو اچي ويو.
هڪ دفعي ڀٽو صاحب حيدرآباد جي سرڪٽ هائوس ۾ لٿل هو. اسان تڏهوڪن نوجوان اديبن ۽ يونيورسٽيءَ جي استادن جو سڄو گروپ سائينجيز هوٽل واري ٽڪنڊي پارڪ ۾ ويٺو هو. سانجهيءَ جي مهل هئي. چاءِ پي رهيا هئاسين، ته اوچتو آسمان ۾ ڪڙڪو ٿيو. ٽي ديوَ قامٽ هيلي ڪاپٽر اُڏاڻا. چيائون ته، ”ڀٽو صاحب مير صاحبن جي دعوت تي ٽنڊي محمد خان وڃي رهيو آهي.“
هيلي ڪاپٽر گجگوڙ ڪندا اڏامندا اوڀر طرف ويا. جمال رند حسرت سان چيو: ”سياست ائين ڪجي... واهه ڀٽا واهه!“
جمال رند انهيءَ کان پوءِ سائين جي.ايم.سيد کي ويجهو ڪونه ويو. سندس سياسي رفاقت فقط يوسف ٽالپر سان رهي. جڏهن يوسف ٽالپر مرڪزي وزير ٿيو، تڏهن هن جمال رند کي پيپلس پارٽيءَ جي اخبار روزانه ”بختور“ جو ايڊيٽر ڪيو.
روزانه اخبار سنڌيءَ ۾ هجي يا اردوءَ ۾، ملڪي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ مؤثر آواز ۽ عوام جو ترجمان ٿي سگهي ٿي، پر، مکيه ڳالهه اها آهي ته مالڪن جي دلچسپي ڪهڙيءَ ڳالهه ۾ آهي؟ منجهس ڪو حق جو ڪلمو چوَڻ جي نيت به آهي؟ يا رڳو عورتن جي نيم عريان تصويرن کي شايع ڪري، وڪري وڌائڻ جو شوق آهي. جمال رند اخبار جي ايڊيٽريءَ مان مايوس هو. ڏاڍي ڏک مان چوندو هو ته محترمه جي اخبار ۾ دلچسپي ڪانهي. جمال روزنامه ”بختور“ ڪڏهن ڇڏي، سو ته مون کي معلوم ڪونهي، پر، ايتري خبر اٿم ته ان کان چڱو اڳ کيس هڪ ٻيو تلخ تجربو پڻ ٿيو هو.
ڀٽي صاحب شيخ اياز کي سياسي مقصد لاءِ استعمال ڪندي سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسيلر مقرر ڪيو. اياز جا خاص دوست اسين ٻه ٽي ڄڻا هئاسين. يونيورسٽيءَ ۾ سندس مقرريءَ تي خوش ڪونه هئاسين، پر ساڻس ياري هئي ۽ سندس شاعريءَ جا مداح هئاسين. سندس مضمون ۾ هڪ هنڌ ذڪر ڪيو اٿم، ته اياز سخت بيمار ٿيو هو ۽ واتان رت اچڻ ڪري جناح اسپتال ۾ داخل ٿيو هو تڏهن سندس تيمارداري سندس فيملي ڪانه ڪندي هئي. اها ذميواري ٽن ڄڻن جي هئي: هڪ محمد ابراهيم جويو، ٻيو مان ۽ ٽيون جمال رند. چوٿون ڄڻو ڪير به ڪونه هو. حال ڀائي ڪو ڪو ٿيندو آهي.
هڪ رات اياز تمام سيريس هو ۽ گهڙيءَ گهڙيءَ وات مان رت پئي آيس. مون اها سڄي رات ننڊ ڪانه ڪئي. مٿانئس ويٺو رهيس. گهڙيءَ گهڙيءَ ڊاڪٽرن ۽ نرسن کي وٺي ٿي آيس. اياز، پنهنجي ڪتاب ۾ پاڻ ئي ذڪر حرف بحرف ڪيو اٿس. جمال به انهيءَ ئي محبت ۽ سڪ سان اسپتال ۾ سندس خدمت چاڪري ڪئي. سنڌ ۾ هن وقت جيڪي جغادري اديب سڏجن ٿا، تن مان ڪير به کيس ويجهو ڪونه آيو. بهرحال اياز چاق ٿيو، ته اسپتال ڇڏي گهر ويو.
اياز يونيورسٽيءَ ۾ وائيس چانسيلر ٿيو، ته ڀٽي صاحب کي چئي مون کي پرو- وائيس چانسيلر ڪرايائين، چيائينس ته، ”مون کيSECOND IN COMMAND منهنجو دوست ڏيو.“ اهڙيءَ ريت جمال رند کي به سٺو عهدو ڏنائين. مطلب هئس، ته ”ٽيم ورڪ ٿي ڪم ڪجي.“ جوئي صاحب کي وڏو عهدو ڏنائين پر هن پاڻ ڇڏي ڏنو. نثار ميمڻ، سراج ۽ جمال ابڙي کي سئنڊيڪيٽ جو ميمبر ڪرايائين. ڪن استادن کي اياز جي مقرري پسند ڪانه هئي، سو سندس خلاف چرپر ڪيائون. اياز ويو، سو ڀٽي صاحب کي وڃي ڳالهه ڪيائين. ڀٽي صاحب وزير اعليٰ سنڌ جتوئيءَ کي چيو ته، ”کين نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏ.“ هن ائين ئي ڪيو. انهن ۾ هڪ ڄڻو جمال رند جو گهاٽو دوست هو. اڳتي هلي، اياز، جمال تي الزام هنيو، ته هو درپرده انهيءَ شخص جي معرفت سندس خلاف سازش ۾ شامل هو. سو، کيس سڏي چيائين ته، ”تو مون کي پٺيءَ ۾ ڇرو هنيو آهي. اشرافت سان استعيفا ڏئي هليو وڃ.“ حقيقت اها هئي، ته جمال سراسر معصوم هو ۽ اياز جو ورهين جو يار هو. سُورُ پي ويو. ڪڇيائين پڇيائين ڪونه. اياز کي استعيفا ڏيئي گهر هليو ويو.
جڏهن ڳالهه ٺري ۽ مهينو ٻه گذري ويا، ته مون اياز کي سندس غلطيءَ جو احساس ڏياريو. اول ته کيس جمال جي معصوم هجڻ تي اعتبار ئي ڪونه اچي، پر آخرڪار غلطي قبول ڪيائين. جمال جو ڪو عزيز فوت ٿي ويو هو. مان فاتحه ڏيڻ جي بهاني سان اياز کي وٺي جمال جي جاءِ تي ويس. پر، غلام فريد جي ٻوليءَ ۾:

رٺي يار ڏاڍي اوکي منيندي.

جمال ملڻ کان انڪار ڪيو. اياز سخت پشيمان ٿيو. پر، ڪري ڪجهه ڪونه سگهيو. ڏاڍو اٻاڻڪو ۽ اداس ٿي پوئتي موٽيو. گهڻو پوءِ مون کي خبر پئي ته جمال کي ڪو شڪ هو ته اياز مون سان ڳالهه ڪري پوءِ سندس نوڪري ختم ڪئي هئي. جڏهن خبر پيس ته رڳو وقت جو ٿورو گهڻو فرق هو. اياز پنهنجي خودغرضيءَ جو جيڪو نسخو مٿس آزمايو هو، سو مون تي به استعمال ڪيائين، تڏهن پنهنجو زخم ته وسري ويس، پر کيس مون سان همدردي ٿي وئي.
هڪ ڏينهن ٿڌو ساهه کڻي چيائين ته، ”جيڏو وڏو شاعر آهي، اوڏو ننڍو ماڻهو آهي. هڪ ڏينهن ماڻهن کان هي سڀ ڳالهيون وسري وينديون. هو سندس ڪلام تي ڪنڌ ڌوڻي چوندا ته سائين، سنڌ واهه جو ماڻهو پيدا ڪيو هو.“
جمال رند، اياز کان ڏکويل ته ڏاڍو هو. پر، سندس باري ۾ بغض سانڍڻ وارو ڪونه هو. جڏهن اياز وفات ڪئي، تڏهن وري به اسان ٽيئي ڄڻا- يعني جويو صاحب، مان ۽ جمال رند. ڪراچيءَ حميد آخوند سان، ڪراڙ ڍنڍ جي ڪپ تي اياز جي مزار تي ڪا ڇٽي، ڪو ڇاپرو ٺهرائڻ لاءِ ملڻ وياسين. آخوند سيڪريٽري ڪلچر هو. جمال رند ڪراچيءَ ويندي، ”اياز يادگار ڪميٽي“ ٺاهڻ جي تجويز ڏني، پر، حميد آخوند فائونڊيشن ٺاهڻ جو مشورو ڏنو. اياز فائونديشن ته ٺاهيوسون، پر پئسا ڪٿان اچن؟ اسين سڀ سُڃا سِر! هزار هزار رويپا به الائي ڪيئن فائونڊيشن جي رجسٽريشن لاءِ ڀرياسين!
مدد علي سنڌيءَ، شاهه محمد شاهه ۽ سندس دوست راڄپر جي ڪوشش سان ڀٽ شاهه ۾ اياز جي ياد ۾ جلسو ڪيو. چيف منسٽر جلسي ۾ آيو. مهتاب راشديءَ ساڻس اڳواٽ ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي، سو، چيف منسٽر جلسي ۾ فائونڊيشن لاءِ ڏهن لکن جي مدد جو اعلان ڪيو. مهتاب مرڪي ڪنڌ ورائي، اسان ڏي داد طلب نگاهن سان نهاريو، اسان پوئينءَ قطار ۾ ويٺا هئاسين. سندس شڪريو ادا ڪيوسين. پنڊال ۾ وڏڦڙي مينهن وانگر تاڙين جا وسڪارا ٿي ويا، پر اڳتي هلي فائونڊيشن کي مليا ڏهه رپيا به ڪونه!
جويي صاحب مسز مهتاب راشديءَ کي گهڻئي دفعا چيو، ته تڏهوڪي چيف منسٽر لياقت جتوئيءَ کي يادگيري ڏياري، جو پاڻ ئي اها امداد کانئس منظور ڪرائي هئائين، پر وريو ڪجهه به ڪونه.
لياقت جتوئي سڀني جو مٿو ڪُوڙي ويو.
اياز جي دوستن ۾ سڀ سڃا ڪونه هئا. ڪي آسودا به هئا، پر، جيتريقدر مون کي معلوم آهي ته اياز جي مقبري ٺهرائڻ لاءِ فقط نثار ميمڻ، جويي صاحب کي ڏهاڪو هزار رپيا امداد ڏني. اها ڳالهه مون سان نثار پاڻ ڪئي هئي. ٻيو ٿيو ڀلو.
فائونڊيشن ڀڳڙن جي مُٺ تي ڪونه هلندا آهن. انهي کي هلائڻ لاءِ پئسا کپن اهي اسان وٽ ڪونه هئا. تنهن هوندي به فائونڊيشن اياز جا ٻه چار ڪتاب ڪڍيا ۽ جلسا ڪيا. مون هٿ پير هڻي، جنرل معين الدين حيدر، گورنر سنڌ سان ملاقات ڪئي ۽کانئس پنجاهه هزار رپيا وٺي فائونڊيشن کي ڏنم. جنهن مان اياز جي ”آتم ڪهاڻي“ جو آخرين جلد ڇپجي ويو.
فائونڊيشن ٺهيو هو ته جويي صاحب اياز جا چونڊ دوست چونڊي ويهارو کن ڄڻا ميمبر ڪيا هئا. پر، آهستي آهستي سڀ پوئتي ٿيندا ويا. نيٺ، رڳو ٽي چار ڄڻا وڃي بچياسون. اهو ڏسي مون جويي صاحب کي مشورو ڏنو ته ٽي چار نوجوان کڻون، ته ڪجهه ڪم اڳتي هلي، پر هن ائين ڪونه ڪيو. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته مس مس هڪ اهڙي ڄڻي جو نالو کنيائين، جنهن نڪي ته اياز ڏٺو هو ۽ نه وري کيس سڃاڻندو هو. بلڪه، فائونڊيشن ۾ سندس ڪا دلچسپي ئي ڪانه هئي. نتيجو اهو نڪتو ته فائونڊيشن ۾ اهي ئي ٽي چار ڄڻا رهياسين.
اڳتي هلي فائونڊيشن جو هڪ ٻه جلسو ٿيو، جنهن جو مورڳو مون کي به اطلاع ڪونه مليو، توڙي جو فائونڊيشن جو سيڪريٽري جنرل مان ئي هئس. ائين جمال رند وانگر منهنجو روح به فائونڊيشن مان کٽو ٿي ويو. نيٺ، فائونڊيشن جا ٽپڙ پورا ٿي ويا.
سالن کان پوءِ، سنڌ يونيورسٽيءَ شيخ اياز ڪانفرنس ڪوٺائي، جنهن ۾ اياز جو فقط نالو استعمال ٿيو.
فائونڊيشن جي خاتمي کان اڳ، جمال رند جي هڪ ڳالهه ياد ٿي اچي ته سال کن لاڳيتو دانهون ڪيائين ته لوهه هينئر تتل آهي، پبلڪ کي اياز فائونديشن جي مدد لاءِ اپيل ڪجي، ته ڪم هلائڻ لاءِ چار پئسا ملندا ۽ انهن مان ڪونه ڪو چڱو ڪم ٿي ويندو. پر، الائي ڇو جويو صاحب ان ڳالهه جي سخت خلاف هو. سو، ڳالهه ٿڌي ٿي وئي. بلڪه مري ٺري وئي. ان کي ڪيئي سال گذري ويا. هڪ دفعي جويي صاحب جمال ۽ مون کي چيو ته، ”هاڻي پبلڪ کي چندي لاءِ اپيل ڪريو.“
اسان ته وائڙا ٿي وياسين ”مَري پَرُ سال ۽ پٽجي هن سال“ واري ڳالهه ٿي! پر جوئي صاحب جمال کي چيو ته دير نه ڪريو. اپيل جاري ڪريو، سندس زور ڪري لاچار ڪئيسون. پائي به ڪانه ملي.
اهو به شڪر جو اياز جي عزت آبروءَ واري تربت ٺهي ويئي، جنهن ۾ وڏو ڪنٽريبيوشن حميد سنڌيءَ جو آهي. سندس ننڍي ڀاءُ شمس وڏيءَ سڪ سان قبر تي ڪاشيءَ جي جڙاوت ڪرائي، پر، سنڌ جي ڪنهن به سماجي تنظيم، سياسي جماعت يا ادبي اداري يا سنڌ جي ڪنهن به يونيورسٽيءَ، ڪا به دلچسپي ڪانه ورتي. مدد علي سنڌي چيف منسٽر هائوس ۾ ملازم هو. ڪا پنهنجي ڪوشش ڪيائين، پر اسان سان صلاح سباب ئي ڪانه ڪيائين.
اياز هن دؤر ۾ سنڌ جو وڏي ۾ وڏو شاعر هو، پر مئي پڄاڻان اهو ٿيو! سندس تازو ڄم جو ڏينهن هو، سو هڪڙيءَ اخبار ٽوڪ ڪري لکيو ته نڪي ته ڪلچر کاتي سندس قبر تي ڪو گل رکيو ۽ نه وري سندس اولاد مان ڪو تربت تي حاضري ڏيڻ ويو.
ماڻهن جا اهي پرڪار ڏسي، جمال رند جي پوين ڏينهن ۾ سياست، صحافت ۽ ادب ۾ نالي ماتر دلچسپي وڃي بچي. مذهبي ماڻهو هو. پر، ان جي نمائش ڪونه ڪندو هو. سندس مامو مرحوم غلام عباس اهل تشيعت هو، جنهن جو مٿس وڏو اثر هو. هن ئي پاليو پڙهايو هئس. جمال صبح جي نماز پابنديءَ سان پڙهندو هو. مون تي ٽوڪ ڪندو هو ته، ”تون سست آهين. رڳو سانجهيءَ جي نماز پڙهين ٿو.“ جڏهن خبر پيس ته هاڻي ڪڏهن ڪڏهن فجر ۽ جمعي جي نماز به پڙهان ٿو، ته ڏاڍو خوش ٿيو.
مان سانگهڙ ضلعي ۾ ٻه دفعا سندس ڳوٺ ويس نالو رکيو هئائينس: ”سهڻي ڌرتي“ سندس ڳوٺ جي ٻاهران سندس اوطاق هئي. اتي ڪچهري ڪئيسون. اوطاق جي ٻاهران وڏو جهنڊو لڳل هو. ٻئي دفعي يا ٽئين دفعي سندس ڀاڻيجي الطاف رند جي دعوت تي وياسين. ايڪڙن ۾ شاميانو هڻايو هئائون. غالباً شاديءَ جي ڪا تقريب هئي. موٽرون ۽ پجيرا گاڏيون بيٺيون هيون. جمال جو ڀاڻيجو وڏو آسودو ماڻهو هو، پر جڏهن ننڍو هو ته جمال رند پبلڪ اسڪول ۾ استاد هو. وٽس رهندو هو. سو، مون سان جمال جي پٽ قائم وانگر گھرو گهاٽو هو.
جمال زندگيءَ جي پوئين پهر ۾، پنهنجي ڌنڌي، روزگار تي توجهه ڏنو. حيدرآباد ۾ پنهنجي جاءِ جوڙايائين. ٻني ٻاري ڏي نگاهه ڪيائين. پبلڪ اسڪول ته ڪڏهوڪو ڇڏي ڏنو هئائين. اول ونڊسر هوٽل وٽ ۽ پوءِ قاسم آباد ۾، پنهنجو خانگي اسڪول کوليائين. اهو جهڙو تهڙو هلي رهيو هو ته بيماريون وٺي ويس. شگر جو گهڻي زماني کان مريض هو، پوءِ دل جو عارضو به ٿيس. علاج ڪندو رهيو. پوين ڏينهن ۾ اڪثر ناچاق هوندو هو. اسان ٻنهي جي ميل ملاقات ۾ ڪڏهن به ناغو ڪونه آيو. سو، سدائين ٻڌائيندو هوته ”رات به بخار آيو هو. اڄ به طبيعت خراب آهي.“
مون ڏاڍيون منٿون ڪيس ته اهي ڳالهيون سڀ ڳڻتيءَ جون ڳالهيون آهن. تون هڪ ڀيرو ڪنهن سٺي ڊاڪٽر کي ڪراچيءَ ۾ پاڻ ڏيکار. مون کي جواب ڪونه ڏنائين. پوين ڏينهن ۾ فقط مان، جمال ۽ حسن ڀٽو وڃي پاڻ ۾ گڏ رهياسين.
قدرت ته پنهنجو حساب ڪتاب پورو رکي ٿي. انگريزيءَ ۾ چوڻي آهي ته، ”زندگيءَ جي گهڙيال کي چاٻي رڳو هڪ دفعو ايندي آهي. انهيءَ جا ڪانٽا هلي هلي، آخر ڪٿي ته بيهندا.“ نيٺ اهو ڏينهن آيو. مان ڪراچيءَ ۾ هئس ۽ ڪنهن صاحب سان ذاتي مجبوريءَ ڪري ملڻ ٿي ويس. اڃا گاڏي سندس گهر جي دروازي وٽ مس پهتي، ته حيدرآباد مان منهنجي گهران فون آئي ته، ”جمال رند اڄ هيءُ جهان ڇڏي ويو!“ غم ۾ ٻڏي ويس. اکين جا ڳوڙها لڪائي، صاحب موصوف سان مختصر ڳالهه ڪري، موٽي پنهنجي ريسٽ هائوس ۾ آيس ۽ سڄو ڏينهن ڏک ۾ گذاريم. ڪمري مان ڪاڏي ڪونه نڪتس. جمال جي فاتحه پنهنجي پاڻ کي ڏنم.

استاد اظهار حسين

نوشهري فيروز جو مدرسو هاءِ اسڪول، ڊڀري جي سخي مرد، سيدالله آندي شاهه ٺهرايو هو. انهيءَ کان اڳي سنڌ ۾ مسلمان شاگردن لاءِ فقط حسن علي آفنديءَ جو ڪراچيءَ ۾ ٺهرايل ”سنڌ مدرسو“ هوندو هو. هونئن ته سنڌ ۾ هاءِ اسڪول گهڻا هئا. پر، هندن جي تسلط هيٺ هئا، جن ۾ مسلمان شاگردن کي داخلا ملڻ ڏاڍي ڏکي ڳالهه هئي.
نوشهري مدرسي کي ٺهئي هاڻي سو سال ٿي ويا آهن. سو، سائين الله آندي شاهه جي پوٽي، سيد ظفر علي شاهه، ڪجهه عرصو اڳ، انهيءَ جو ”سو ساله جشن“ ملهايو. جنهن جي صدارت ملڪ جي تڏهوڪي صدر فاروق لغاريءَ ڪئي. ڊاڪٽر دائودپوٽي سميت مدرسي جي پيدا ڪيل ڏهاڪو کن ذهين شاگردن کي شيلڊون ڏنائون: جنهن ۾ منهنجو نالو به شامل ڪيائون ۽ ”شليڊ“ مون کي اسلام آباد ڏياري موڪليائون. مان انهن ڏينهن ۾ اتي پاڪستان ايڪيڊمي آف ليٽرس ۾ چيئرمين هئس.
جڏهن نوشهري مدرسي ۾ پڙهندو هئس تڏهن اظهار حسين ڪاظمي منهنجو استاد هو. هندستان جي يو.پي. پرڳڻي ۾ ڪنهن ڳوٺ جو ويٺل هو. اتي ئي بي.اي. ۽ ايم.اي. ڪيائين. 1947ع ۾، پاڪستان ٺهيو، ته ٻين مهاجرن وانگر هجرت ڪري آيو ۽ نوشهري فيروز ۾ ماستر مقرر ٿيو. قد جو ڊگهڙو. بت ۾ پورو پنو. رنگ جو ڪجهه سانورو. پر، منهن مهانڊي وارو ۽ ڳالهائڻ ٻولائڻ ۾ چست چالاڪ. چهري تي اڪثر مرڪ هوندي هئس. محبتي ماڻهو هو. غريبن سان همدردي هئس. لٽي ڪپڙي ۾ سادو، پر، پڙهائڻ ۾ هوشيار هو. قلم ۽ ڪتاب سان دل هئس.
1947ع ۾، هندو استادن جي هندستان لڏي وڃڻ ڪري ساهتي پرڳڻي جا اڪثر انگريزي هاءِ اسڪول، مثال طور، هالاڻيءَ، ڪنڊياري ۽ ڀرين وارو بند ٿي ويا. سو، انهن اسڪولن مان گهڻا ئي شاگرد اچي نوشهري مدرسي هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيا. مان به انهن ۾ هڪڙو هئس. نوشهري مدرسي ۾ وڏي سهوليت اها هئي، ته اسڪول سان گڏ، رهائش لاءِ سٺي هاسٽل به هئي. پهرين تاريخ جي چنڊ جي شڪل ۾ ٺهيل هئي.
جڏهن مون نوشهري مدرسي هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتي تڏهن هيڊ ماستر، ڪي. ٽي. نندا هو، جو سک هو. پر، اهو به ستت هندستان هليو ويو. فقط سنڌي مسلمان ماستر رهيا ۽ هندستان مان ٽي مهاجر استاد اسڪول ۾ آيا: استاد اظهار ڪاظمي آخر ۾ آيو.
اظهار حسين ڪاظمي به ٻين مهاجرن وانگر اڪثر ڪري، ڪڙتو، پاجامو ۽ مٿان ڪاري شيرواني پائي اسڪول ۾ ايندو هو. سندس مادري زبان اردو هئي. پر، انگريزي تمام سٺي ڄاڻندو هو. اسان کي اردو انگريزيءَ کان وڌيڪ سولائيءَ سان سمجهه ۾ ايندي هئي، سو، اردوءَ ۾ پڙهائيندو هو، سنڌ ۾ اردو اڃا عام ڪانه ٿي هئي ۽ نڪي وري ڪڙتي پاجامي ۽ شيروانيءَ جو لباس رائج ٿيو هو. اڃا به ڪونه ٿيو آهي. پر، شاگرد سندس لباس نظرانداز ڪري، استاد اظهار حسين ڪاظميءَ جي شخصي اخلاق قرب ۽ اخلاص ڪري، شاگرد رفته رفته ساڻس مانوس ٿيندا ويا. کين ذهني طرح هوشيار ڪرڻ لاءِ، نصابي ڪمن کان علاوه، ڊبيٽنگ - سوسائٽي ٺاهي، جنهن جي بحث مباحثن ۾ ڏاڍو مزو ايندو هو. سو، اسڪول ۾ سندس مقبوليت روز بروز وڌندي وئي. هو اسان کي ڪلاسن ۾ ته ڪڏهن به ڪنهن غير نصابي موضوع تي ڪوبه ننڍو وڏو سبق ڪونه ڏيندو هو. پر، ڊبيٽنگ سوسائٽيءَ ۾ بحث مباحثي جا موضوع مختلف هوندا هئا. سو، عام شاگرد نصابي ڪتابن کان علاوه علمي معاملن ۽ زندگيءَ جي ٻين ڳالهين ڏانهن به متوجهه ٿيا. اهو سڀ استاد اظهار ڪاظميءَ جي محنت جو نتيجو هو.
نوشهري مدرسي جي هاسٽل ۾ رهندڙ شاگردن لاءِ مفت کاڌي جو انتظام هوندو هو ۽ نماز لاءِ مسجد هوندي هئي، جنهن ۾ حاضريءَ جو رجسٽر رکيل هوندو هو. جيڪو شاگرد نماز ڪونه پڙهندو هئا، سي، معتوب ٿيندا هئا. هاءِ اسڪول جي مٿين ڪلاسن ۾ ته عربي ۽ فارسي به پڙهائي ويندي هئي. عربيءَ جو استاد مولانا جان محمد ڀٽو هوندو هو، جو به استاد اظهار ڪاظميءَ وانگر شاگردن ۾ ڏاڍو مقبول هوندو هو. سخن جو سچو ۽ دلير شخص هو. اڳتي هلي ٻڌڻ ۾ آيو ته مولانا جان محمد ڀٽو، جماعت اسلاميءَ جو ڪارڪن هو. هڪ ڏينهن اوچتو ماٺ ميٺ ۾ سرڪاري ملازمت ڇڏي هليو ويو. جماعت اسلاميءَ جي قائم ڪيل منصوري واريءَ درسگاهه ۾ وڃي منتظم ٿيو.
استاد اظهار حسين ڪاظميءِ لاءِ وري عام رايو اهو ٻڌڻ ۾ ايندو هو ته مذهبي معاملن ۾ ماڳهن آزاد آهي. شهر جي وٽنري ڊاڪٽر سان دوستي اٿس، جيڪو به پنهنجن آزاد ۽ سوشلسٽ خيالن ڪري، نوشهري فيروز جهڙي ننڍڙي شهر ۾ مشهور هوندو هو. روزانو شام جو ٻئي ڄڻا ميل ٻه ميل شهر کان ٻاهر پنڌ ڪرڻ ويندا هئا.
استاد مولانا جان محمد ڀٽو ۽ اظهار حسين ڪاظمي، ٻئي ڄڻا، مون کي ذهين شاگرد هئڻ ڪري ڀانئيندا هئا. مولانا ڀٽو جماعت اسلاميءَ جا ننڍا ننڍا سنڌي ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڏيندو هو. گهڻا گهڻا سال پوءِ 1976ع ۾، مان سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پرووائس چانسيلر ٿيس، ته جماعت اسلاميءَ سان وابسته ڪن شاگردن ڪو مسئلو اٿاريو. مون مولانا جان محمد ڀٽي کي منصوري ۾ ماڻهو موڪليو، پاڻ ڄامشوري آيو ۽ شاگردن کي اهڙي هدايت ڪري ويو جو، هنن وري ڪڏهن به ڪو مسئلو ڪونه اٿاريو. مولانا ڀٽو صاحب منهنجن مائٽن ۽ دوستن جي دعوت تي ٻه چار دفعا منهنجي ڳوٺ به آيو هو. وڏو لائق انسان هو.
اظهار ڪاظمي صاحب، مولانا ڀٽي وانگر مون کي ڪتاب ته ڪونه ڏيندو هو. پر، چوندو هو ته ”ترقي پسند اديبن“ ۽ شاعرن جا ڪتاب پڙهڻ کپن، مثلاً فيض جو اردو ڪتاب ”نقش فريادي“ ۽ ملڪ راج آنند جو انگريزي ڪتاب ”ڪولهي“ تمام سٺا آهن. اهڙيءَ ريت، اظهار صاحب منهنجي دل ۾ ترقي پسند ادب ڏانهن رغبت پيدا ڪئي ۽ پروڙ پيم ته، ”ترقي پسند ادب جو پيغام، سماجي ۽ اقتصادي انصاف لاءِ جدوجهد آهي.“
اظهار صاحب کي ٻن ٽن سالن کان پوءِ لاهور ۾ ريڊيو اسٽيشن تي نوڪري ملي. اها خبر ٻڌي، شاگردن سندس مانَ ۾ الوداعي پارٽي ڪئي. انهيءَ ۾ ڏاڍيون دل ڀڄائيندڙ تقريرون ڪيائون. نه رڳو ايترو پر شاگردن جو وڏو ڊنبُ، نوشهري فيروز جي ريلوائي اسٽيشن تان ساڻس گڏجي ريل گاڏيءَ ۾ چڙهيو ۽ پڊعيدن جنڪشن اسٽيشن تي کيس ڇڏڻ هليو. گاڏي آئي، ته ننڍڙا شاگرد، سنڌ جي روايت موجب، کيس پيرين پئي مليا. منجهانئن ڪن جي اکين ۾ ڏک جا ڳوڙها هئا. معصومن جي اها محبت ڏسي، استاد اظهار صاحب جون اکيون به ڀرجي آيون.
ستت مون کي اسڪول ۾ لاهور مان ٽپال رستي سندس خط اچي مليو. انگريزيءَ ۾ لکيل هو. ڏاڍي خوشي ٿي. پنجاهه ورهيه گذري ويا آهن، پر سندس خط جو پهريون جملو مون کي اڃا ياد آهي ته، ”لاهور پهتس، ته تمام سخت برسات وسي رهي هئي.“
مون پنهنجيءَ جڏيءَ سڏيءَ انگريزيءَ ۾ کيس خط جو جواب لکيو. ائين اسان جي خط و ڪتابت شروع ٿي. هو مون کي سٺا ڪپڙا پائڻ جي شوق ڪرڻ کان جهليندو هو. اعليٰ اخلاقي قدرن جي تعليم ڏيندو هو. خاص طرح غريبن سان همدردي ۽ محبت جو درس ڏيندو هو.
اسان جي اها خط و ڪتاب ورهين جا ورهيه هلي. جيڪڏهن پٿر جي مٿان به پاڻيءَ جو ڦڙو ڦڙو ڪرندو رهندو ته نيٺ پنهنجو اثر ڇڏيندو. انهيءَ ذهني تربيت سببان ”اعليٰ اخلاقي قَدُرَ“ منهنجو آدرش بنجي ويا. وڏيرن ۽ رشوتي ڪامورن لاءِ ڏينهون ڏينهن نفرت وڌندي وئي. پئسو مون لاءِ ”بي معنيٰ“ ٿي ويو. سڀ ڪجهه ”اخلاقي قدر“ هئا. سرڪاري نوڪريءَ مان سٺ سالن جي عمر ۾ رٽاير ڪيم ته رهڻ لاءِ (ڳوٺ جي ڪچيءَ جاءِ کان سواءِ) ڪنهن به شهر ۾ مٿي ڇانوَ ڪانه هيم ڇو ته پگهار پيٽ ۾ پوري ٿي ويندي هئي. ٻارن کي به سرڪاري اسڪول ۾ پڙهايم. بيڪن هائوس ۽ گرائمر اسڪول جو سوچي به ڪونه سگهيس. ڪنهن به شهر ۾ جاءِ ڪيئن ۽ ڪٿان ٺهرايان؟ سمجهه ۾ ڪونه ايندو هو ته مون جهڙا ٻيا سرڪاري ملازم عاليشان جايون ڪيئن ٿا جوڙائن؟ غلام مصطفيٰ شاهه ڪنهن سرڪاري سهوليت پلاٽ وغيره جي الاٽمينٽ لاءِ مرحومه شهيد بينظير ڀُٽي صاحبه سان ڳالهه ڪڍي هئي ته کيس جواب ۾ چيائين ته، ”سڄي عمر ڇا ۾ وڃائي اٿس؟“ جواب ٻڌي چپ ٿي ويس.
مان اڃا نوشهري ۾ مئٽرڪ جي ڪلاس ۾ پڙهي رهيو هئس ته هڪ دفعي استاد اظهار صاحب کي سرڪاري طرح لاهور مان ڪراچيءَ اچڻ جو موقعو مليو. واپسيءَ تي سڌو لاهور موٽڻ بدران پڊعيدن اسٽيشن تي لٿو، جتان نوشهري ۾ آيو ۽ پنهنجي دوست وٽنري ڊاڪٽر وٽ رهيو. مون لاءِ تحفي طور، چارلس ڊڪنس جو ٻارن لاءِ هڪ ڪتاب وٺي آيو. ساڻس ملي ڏاڍي خوشي ٿي.
اظهار صاحب ڪجهه عرصي کان پوءِ لاهور مان راولپنڊيءَ بدلي ٿي ويو. اتي ريڊيو جي ڊرامن ۾ حصو وٺڻ لڳو، جن ۾ عورتون ۽ مرد ٻئي شريڪ ٿيندا هئا. ائين هڪ ڇوڪريءَ سان سندس دعا سلام ٿي، جنهن سان آخرڪار شادي ڪيائين. سندس پنهنجا والدين لاهور ۾ هوندا هئا، جيڪي ٻڍا ٿي ويا هئا. هڪڙي ڀيڻ هئس، جنهن جي شادي ڪرائي ڇڏي هئائين. اهي سڀ ڳالهيون پاڻ ئي مون کي خطن ۾ لکيون هئائين.
مان نوشهري فيروز مان مئٽرڪ پاس ڪري، اول حيدرآباد ۽ پوءِ ڪراچيءَ ويس. سنڌي ادبي سنگت ۽ سنڌي اديبن سان لڳ لاڳاپو ٿيم. تڏهن ادبي سنگت فقط ڪراچيءَ ۾ ئي هئي. شروع شروع ۾ افسانا لکيم، جن جو مرڪزي موضوع ”اقتصادي انصاف“ هو. حميد سنڌيءَ انهن افسانن جو مجموعو ”آب حيات“ شايع ڪيو، جنهن جو انتساب اظهار صاحب کي ئي ڪيم. خوش ٿيو. نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيائين.
پر، حيدرآباد جي ڪاليج ۾ پڙهندي، آهستي آهستي احساس ٿيم، ته اسان جي ورهين کان هلندڙ خط و ڪتابت آهستي آهستي ڇٽي پاٽي ٿيندي ٿي وئي. جڏهن مون وٽان پنج ست خط ويندا هئا، تڏهن استاد صاحب وٽان جواب ۾ هڪڙو خط ايندو هو. هڪڙي خط ۾ لکيائين، ته ”هاڻي تون پاڻ عاقل ۽ بالغ آهين. توکي ڪنهن به درس تدريس جي ضرورت ڪانهي.“
تاهم، مان اڳي وانگر کيس پابنديءَ سان خط لکندو هئس، جن ۾ اڳي وانگر کيس هر ڳالهه لکندو هئس. ساڻس جيڪا عقيدت هئم. ان ۾ رتيءَ برابر به فرق نه آيو.
هڪ دفعي، قسمت سانگي مون کي ڪنهن سرڪاري ڪم سان لاهور وڃڻ جو پهريون ڀيرو موقعو مليو. سن ۽ سال ياد ڪونهي. شايد 1959ع هو يا 1960ع هو. لاهور ڏسڻ جي ته خوشي هئم. پر، اظهار صاحب سان ملاقات جو شوق حد حساب کان ٻاهر هئم. لاهور پهتس. هوٽل ۾ ٽڪيس ۽ سرڪاري ڪم ڪار لاٿم. فارغ ٿيس ته اظهار صاحب کي سندس فون نمبر تي راولپنڊيءَ ڪال ڪيم. تڏهن سڌي فون ڪانه ٿيندي هئي. ڪال بڪ ڪرائڻي پوندي هئي. بيچينيءَ سان سندس جواب جو انتظار ڪندو رهيس. اڌ رات گذري وئي. پر فون جي گهنٽي ڪانه وڳي. سو، ڏاڍو مايوس ٿيس. پر، وري صبح سان کيس فون ڪيم ته لڳي وئي. مون کيس چيو ته، ”گذريل رات گهر ۾ اوهان کي منهنجو پيغام ڪونه مليو هو؟“ چيائين ته، ”مليو هو. پر، ڪنهن مجبوريءَ ڪري، موٽ ۾ فون ڪري ڪونه سگهيس.“ مون کيس چيو ته، ”اوهان سان ملڻ لاءِ ”اڄ تيزرو گاڏيءَ ۾ راولپنڊي اچي رهيو آهيان.“
ريل گاڏي شام جو پنڊيءَ پهتي. مان بئگ کڻي هڪ ننڍڙيءَ هوٽل ۾ هليو ويس. اتان کيس فون ڪيم. پاڻ اڌ ڪلاڪ کن ۾ ڪار ڪاهي آيو. هوٽل مان بئگ کنئيسون. سڌو سندس گهر وياسين. گهر واريءَ سان متعارف ڪرايائين. مون کي گهر ۾ ڏاڍي آرام سان رکيائون. کاڌي پيتي، هنڌ بستري جو خاص خيال ڪيائون. رات ڳالهه ٻولهه ۾ گذري وئي. صبح جو مون کي ريل گاڏيءَ ۾ واپس ڪراچيءَ موٽڻو هو. گڏجي سندس آفيس آياسين. اتي پنج پندرنهن منٽ ويٺاسين، ته مون کيس چيو ته، ”هاڻي ريل گاڏيءَ جو ٽائيم ٿيو آهي.“ آفيس مان ٻاهر آياسين. روڊ تان ڪا ٽئڪسي اچي لنگهي. ۽ اشاري ڏيڻ تي بيٺي. استاد اظهار صاحب، بيٺي بيٺي، ٻانهن ڊگهي ڪري، هٿ ڏئي، مون کان موڪلايو. اسٽيشن تائين ڇڏڻ ڪونه آيو.
راولپنڊيءَ مان ريل رستي ڪراچيءَ جو سفر ڪافي ڊگهو آهي. پر، گذري ويو. زندگيءَ جو سفر به ائين ئي آهي. زندگيءَ جي سفر ۾، ڪي خوشيءَ جون گهڙيون اهڙيون به اينديون آهن، جن جي ياد ورهين کان پوءِ به ذهن تان ڪانه لهندي آهي. ساڳيءَ طرح غم جون به ڪي گهڙيون اهڙيون ٿينديون آهن، جن جي ياد پڻ دل تي دائمي داغ هوندي آهي.
جڏهن استاد اظهار حسين مون کان ريڊيو اسٽيشن جي ٻاهران، بيٺي بيٺي، ٻانهن ڊگهي ڪري، هٿ ڏئي موڪلايو، ته منهنجيءَ دل کي ڌڌڪو آيو. ان مهل ته غم پي ويس. پر، ريل گاڏيءَ ۾، راولپنڊيءَ کان ڪراچيءَ تائين، سندس روش تي سوچيندو آيس. ڪيترائي سوال ذهن ۾ اڀرڻ لڳا. مثال طور هي سوال ته وري وري اٿڻ لڳو ته پنڊيءَ ۾ کيس گهر ۾ منهنجو فون جو اطلاع مليو، پر، پوءِ به هن صبح جو به مون کي جوابي فون ڇو ڪانه ڪئي. ٻيو ته پنڊي ريڊيو اسٽيشن جي آفيس جي ٻاهران هن مون کان موڪلايو، ته مون سندس چهري تي ڪنهن به قسم جي افسوس جو اظهار ڪونه ڏٺو!
سوچي سوچي ائين محسوس ڪيم، ته جيڪو شخص اسان کي نوشهري فيروز ۾ پڙهائيندو هو ۽ لاهور بدلي ٿيڻ کان پوءِ سالن جا سال مون کي شفقت ڀريا خط لکندو هو. سو، راولپنڊيءَ واري شخص کان مختلف ماڻهو هو.
انهيءَ جو مطلب ته ماحول ۽ وقت مٽجي وڃڻ سان ماڻهو به مٽجي وڃي ٿو. اها سوچ ڏاڍي ڏکوئيندڙ هئي. نتيجو اهو نڪتو، ته اسان جي خط و ڪتابت ختم ٿي وئي. ورهين جا ورق وري ويا. هن جا اخلاق، سچائيءَ ۽ سڀني سان محبت وارا سبق ياد اچڻ لڳا. پر، پنڊيءَ واري سندس روش انهن جي نفي هئي.
وري هڪ دفعي منهنجو پنڊيءَ وڃڻ ٿيو. نيشنل سينٽر وارن مون کي سنڌي ادب تي ليڪچر واسطي سڏيو. تڏهن مان سنڌي ادبي بورڊ ۾ سيڪريٽري مقرر ٿيو هئس. اهڙو ڪو تڪڙو پروگرام هئن، جو جهاز جي ٽڪيٽ موڪليائون، ته متان اچڻ ۾ دير ڪري. ان زماني ۾ ”فلئش مئن“ پنڊيءَ جي سٺي ۾ سٺي هوٽل هوندي هئي. انٽر ڪانٽيننٽل اڃا ڪانه ٺهي هئي. ڀٽو صاحب ۽ ٻيا سرڪاري مهمان به اتي ٽڪائيندا هئا. مون کي به ان ۾ ”پريذيڊنٽ سوٽ“ ۾ ”معزز مهمان“ ڪري رهايائون. اظهار صاحب کي فون ڪيم. ٻڌي خوش ٿيو. آيو ۽ ليڪچر لاءِ مفيد مشورا ڏنائين. فارغ ٿيس، ته بئگ ڪار ۾ وجهي، گهر هليو. ڏينهن اڌ وٽس ٽڪيس. حيدرآباد موٽيس، ته پهرئين ئي ڏينهن قاضي محمد اڪبر صاحب ”عبرت“ جي زيرِ تعمير عمارت اڳيان مليو ۽ ليڪچر جي مبارڪ ڏنائين. ”عبرت“ اخبار ۾ ان جي سٺي خبر ڇپائي هئائين. مون سندس شڪريو ادا ڪيو.
هاڻي ياد ڪونه اٿم، پر، ستت منهنجو وري ڪنهن ڪم سانگي پنڊيءَ وڃڻ ٿيو. موٽ تي رڳو اظهار صاحب سان ملڻ لاءِ لاهور لٿس، ڇاڪاڻ ته سال کن ٿيو هو، جو پاڻ به پنڊيءَ مان وري لاهور بدلي ٿي ويو هو. لاهور ۾ مال روڊ تي ”انڊس هوٽل“ ۾ ٽڪيس. اتي آيو. هوٽل ۾ ڪچهري ڪئيسون. چيائين ته، ”صبح جو توکي ايئرپورٽ تي ڇڏي ويندس، پر هينئر ماني کائڻ لاءِ گهر هلون ٿا.“ ”انڊس هوٽل“ جي ماني عمدي هئي، پر، سندس خواهش موجب، ڪار ۾ ويٺاسون. مون رستي تي کيس ٻڌايو ته، ”ڪن مهينن کان گڙدي جي تڪيلف ۾ مبتلا آهيان، جنهن جو سور ايڏو ته سخت ٿئي ٿو، جو اصل ڪهڪائجي ويو آهيان. سو، کاڌي پيتي ۾ سخت پرهيز ڪريان ٿو.“
اظهار صاحب جو گهر چڱو پرڀرو هو. هو منهنجي ڳالهه ته ٻڌندو رهيو. پر، هلندي هلندي، هڪ هنڌ ڪار بيهاري، رستي جي فٽ پاٿ تان هڪڙي ڪبابيءَ کان درجن کن ڪباب ورتائين. ڍڳي جي گوشت جا هوندا. سندس گهر پهتاسون. منجهند جو رکيل ساڳ ۽ سڪل ماني کڻي آيو. مان مسڪين ماڻهو آهيان. جائي جواري جيڪا آئي، سا بسم لله. فٽ پاٿ تان جيڪي ڪباب ورتا هئائين، تن کي ته مون رڳو سندس دل رکڻ لاءِ نالي ماتر هٿ لاتو. پوءِ به اڌ رات جو اچي ٿو هوٽل ۾ گڙدي جو سور پوي! نه اوهي، نه واهي. نه دوا نه درمل. بس، الله ڏئي ۽ بندو سهي. سڄي رات ڦٿڪندو رهيس. اظهار صاحب صبح جو آيو. ساڻس ڳالهه ڪيم. فقط خاموشيءَ سان ٻڌندو رهيو. ٻيو ته ٺهيو همدرديءَ جو اکر به ڪونه چيائين. البت ايئرپورٽ تي سو ڇڏي ويو.
1976ع ۾ مان سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پرو - وائيس چانسيلر مقرر ٿيس، ته ايران سرڪار مون کي پير سائين حسام الدين راشديءَ جي مشوري موجب پنهنجي ملڪ جي ثقافتي دوري جي دعوت ڏني، جنهن ۾ تهران، اصفهان، شيراز ۽ مشهد گهمڻ جو پروگرام شامل هو. انهيءَ سفر ۾، ٻيو همسفر منهنجو دلنواز دوست ۽ محسن نواب نور احمد خان لغاري هو. پاڻ اڪثر ڪري سعودي عرب ايندو ويندو هو. پر، منهنجو اهو پهريون پهريون غير ملڪي دورو هو. نواب صاحب مشورو ڏنو ته اسلام آباد وڃي، ايراني سفارتخاني مان ويزا پاسپورٽ ٽڪيٽ وغيره جو سڄو ڪم ڪار لاهي اچو، ته ”الاتوهار“ ڪيون ۽ هلي ايران گهمي اچون.
مان اسلام آباد ويس. ڪنهن هوٽل ۾ ٽڪيس. پر، اظهار صاحب کي فون ڪيم. پاڻ به، اسلام آباد بدلي ٿي آيو هو. ڪار ڪاهي آيو ۽ مون کي هوٽل مان گهر وٺي هليو. ڏينهن ٻه وٽس ٽڪيس. ڪم پورو ٿيو، ته حيدرآباد موٽڻ جي تياري ڪيم. جهاز جو ٽائيم ٿيو، ته بئگ کنيم. سندس گهر مان نڪرڻ کان اڳ سندس هر هڪ نياڻيءَ ۽ پٽ کي پنج پنج سؤ رپيا خرچي ڏنم. مون وٽ پئسا گهڻا ڪونه ٿيا هئا. پر، ائين ڄاڻي ٻجهي ڪيم، ته هو ائين نه سمجهن، ته منهنجي ڏينهن اڌ رهائش مٿن ڪا بار هئي. زماني جا رنگ ڏسي مان به هاڻي ڪجهه ڪجهه دنياداري سکيو هئس.
سال ٻن کان پوءِ، وري اسلام آباد وڃڻ ٿيو. منهنجو ڪو تمام ضروي ڪم هو. ايم.اين.اي. هاسٽل ۾ ٽڪيس. اظهار صاحب کي فون ڪيم، آيو. ذهن تي سندس انگريزيءَ جو اڃا به اثر هو. سو، چيومانس ته، ”ڪنهن ضروي ڪم سان حڪومت پاڪستان جي ڪنهن اعليٰ عملدار کي صبح جو هيءُ نوٽ ڏيڻو اٿم. خيال سان لکيو اٿم. پر، اوهان صبح جو اچي، رڳو مٿس نظر وجهي وڃو.“
صبح ٿيو. مان ناشتو ڪري، سندس انتظار ڪرڻ لڳس. نو، ڏهه، يارنهن، ٻارنهن ٿي ويا. اظهار صاحب اڳي نه اوري. فون به ڪانه ڪيائين، ته هيءَ مجبوري ٿي پئي اٿم، سو، اچي ڪونه ٿو سگهان لاچار، ڪاغذ کڻي وڃي واسطيدار آفيسر کي ڏئي، ڏکويل دل سان حيدرآباد موٽيس. سندس روش تي ڏاڍو غم ٿيو. پر، غم پي ويس. پيڻو پوي ٿو! پر دل تي دائمي داغ ڇڏي ٿو.
الائي ته ڪيترن ورهين جي وٿيءَ کان پوءِ اسان جي وري ملاقات ٿي. سو هيئن، ته قسمت منهنجو داڻو پاڻي ڪو اسلام آباد لکيو هو. سرڪار مون کي ايڪيڊمي آف ليٽرس ۾ وڏي عهدي تي مقرر ڪيو. اسلام آباد وڃڻو پيو. ڪجهه ڏينهن ترسي، کيس فون ڪيم. ملياسين، حالي احوالي ٿياسين. چيائين ته، ”اسلام آباد جو مکيه مسئلو آهي رهائش جي جاءِ. سو، ڳڻتي ڪانهي، جو سرڪار توکي تمام سٺو گهر ڏنو آهي. ]اهو قرب الاهي بخش خان سومري ڪيو هو، جو اتي وزير هو.[ باقي رهيو ان لاءِ ٿورو گهڻو فرنيچر وٺڻ، سو، تنهنجي ڀاڀي شاهده توکي خريد ڪرڻ ۽ گهر سيٽ ڪرڻ ۾ مدد ڪندي.“
ڀاڀي شاهده فون ڪانه ڪئي ۽ نه وري استاد اظهار صاحب يادگيري ڪئي. مون به انهيءَ خسيس ڪم لاءِ سندن ٿورو کڻڻ بدران پنهنجي همت پاڻ ڪئي. مسئلو ايڏو ڪو مشڪل به ڪونه هو. هونئن به منهنجون ساڻس وابسته توقعات ڪڏهوڪو ختم ٿي ويون هيون.
هڪ ڏينهن آفيس ۾ ويٺو هوس، ته اوچتو اظهار صاحب آيو ۽ ريڊيو پاڪستان واري پنهنجيءَ آفيس ۾ وٺي هليو، رازداريءَ ۾ ٻڌايائين ته، ”هتان جان ڇڏائي اٿم ۽ آمريڪا وڃي رهيو آهيان، جو ريڊئي وارا مون کي باغيانه خيالن جو ماڻهو سمجهن ٿا.“ ان کان پوءِ چيائين ته، ”P.N.C.A فلاڻيءَ تاريخ منهنجي الوداعي دعوت ڪندا. تون ضرور اچجانءِ. مون تقرير ڪندڙن ۾ تنهنجو نالو ڏنو آهي.“ بعد ۾ P.N.C.A جي ڊئريڪٽر به مون کي فون ڪئي ۽ يادگيري ڏياري.
مان مقرر تاريخ تي ڄاڻي ٻُجهي لاهور هليو ويس ۽ اتي ٻه ٽي ڏينهن ٽڪي پيس. هڪ ڏينهن ”چيئرنگ ڪراس“ وٽان لنگهڻ ٿيو. ٽئڪسي واري ”چيئرنگ ڪراس“ نالو کنيو، ته مون کيس چيو ته، ”اتي ترس.“
ٽئڪسيءَ واري چيو ته، ”شايد، ڪنهن کي ڳولي رهيا آهيو؟“
مون ”هائو“ ڪئي ۽ کيس چيم ته، ”ورهين جي ڳالهه آهي، سو، چٽي يادگيري ڪانهي. پر، هت ڪا پوسٽ آفيس آهي ڇا؟ اها ڏسڻي اٿم.“
هن کي پوسٽ آفيس جي خبر ڪانه هئي. مان اداس اداس نظرن سان هيڏي هوڏي ڏسڻ لڳس. ڳالهه فقط ايتري هئي، ته گهڻا گهڻا سال اڳي، جڏهن مان اڃا ٻار هئس ۽ نوشهري مدرسي اسڪول ۾ پڙهندو هئس، ته هڪ ڏينهن استاد اظهار صاحب جو خط اچي مليو هو، جنهن جي مٿان ”چيئرنگ ڪراس“ پوسٽ آفيس جي مهر لڳل هئي. سندس خط جا شروعاتي جملا هيءُ هئا:

“WITH TEARS IN MY EYES, I HAVE JUST READ YOUR LETTER. THROUGH WHAT LAND OF SORROW HAVE YOU BEEN WALKING, MY BOY?”

لاهور مان موٽي اسلام آباد پهتس، ته استاد اظهار حسين آمريڪا روانو ٿي چڪو هو. ٻن ٽن سالن کان پوءِ پاڪستان آيو. سندس ڪنهن عزيز جو قضيو ٿيو هو. مون کي فون ڪيائين. ملياسين. سندس گهر فقط اسان ٻئي ڄڻا ڪمري ۾ اڪيلا ۽ خاموش ويٺا رهياسين. موتيءَ فوتيءَ جو ماحول گنڀير ٿئي ٿو. ماڻهو انهن سان ئي گهڙي گڏ گذارڻ چاهيندو آهي، جيڪي دل کي ويجها هوندا آهن. سيارو هو. جڏهن اڌ رات لڙي وئي، تڏهن پاڻ ئي مون کي چيائين ته، ”تون هاڻي هل، مان سڀاڻي تو وٽ گهر ايندس.“
ٻئي ڏينهن گهر آيو. گڏجي ماني کاڌيسون. جيڪا مون سندس مان ۾ خاص اهتمام سان ٺهرائي هئي. ڳالهين ڪندي ٻڌايائين ته، ”ڪڏهن ڪڏهن VIOCE OF AMERICA وارا سڏيندا آهن. سو، توکان ”انٽرويو“ وٺي ٿو وڃان. اتان نشر ٿيو، ته توکي ڪئسيٽ موڪليندس. ڪئسيٽ موڪليائين ۽ خط لکيائين ته انٽرويو فلاڻيءَ تاريخ نشر ٿيو هو.
منهنجي ڪاغذ جي گلن ۾ ڪابه دلچسپي ڪانهي. سو، ڪئسيٽ کي الائي ته ڪاڏي اڇلائي ڇڏيم.
سال ٻن کان پوءِ سندس گهر واري ڀاڀي شاهده پنهنجيءَ نياڻيءَ جي شاديءَ جي سلسلي ۾ اسلام آباد آئي. مون سان ملي. مون سندس مانَ ۾ پنهنجي گهر پروقار دعوت ڪئي. کيس ۽ سندس نياڻيءَ کي نقد پئسا ۽ قيمتي ريشمي وڳا ڏنم.
ڀاڀيءَ مون کي آمريڪا ۾ اظهار صاحب جي رهائش بابت ڳالهيون ٻڌايون، جيڪي اکر اکر ڪري توجهه سان ٻڌم. دل ڀرجي آئي. اڳيان زمانا ياد آيا، جڏهن مان ننڍو ٻار هئس ۽ استاد اظهار صاحب مون کي چيچ کان جهلي، پنڌ ڪرڻ سيکاريندو هو.
هڪ دفعي استاد اظهار صاحب وري ”انٽرويو“ وٺڻ لاءِ آمريڪا مان فون ڪئي. مان تن ڏينهن ۾ تازو تازو چين جو ادبي دورو ڪري موٽي آيو هئس. سو، کيس اتان جي زندگيءَ، معاشري ۽ اديبن بابت پنهنجا تاثرات ڏنم. پر، انٽرويو ۾ ته ڪابه دلچسپي ڪانه هئم. سو، کانئس اهو به ڪونه پڇيم ته، ”ڪڏهن نشر ٿيندو؟“
اظهار صاحب سان ميل ملاقات کي هاڻي ويهن ورهين کان وڌيڪ عرصو گذري ويو آهي. پر، کيس وساري ڪونه سگهيو آهيان.مون کي سندس ڪوبه احوال معلوم ڪونهي. پر، سندس آواز ٻڌڻ جي ڏاڍي سڪ اٿم. شايد پاڻ ڪن مسئلن ۾ مبتلا آهي. پر، مسئلا ڪنهن کي ڪونهن؟ هر ڪو سورن ۾ ورتل آهي. هڪٻئي سان حال ڀائي ٿيڻ سان ئي هيانءُ هلڪو ٿيندو آهي.
جيڪڏهن اصول اهو ئي آهي ته هر شخص کي پنهنجو صليب پاڻ پنهنجن ڪلهن تي کڻڻو آهي، ته پوءِ ته دنيا ۽ دوزخ ۾ ڪوبه فرق ڪونهي. پر، ڀايان ٿو ته حقيقت ائين ڪانهي. ماڻهوءَ جي ٻئي ماڻهوءَ ۾ اميد ٿئي ٿي. مهر ۽ محبت ۾ عجب خوشبو آهي، بلڪ، اها ئي زندگيءَ جو روح آهي. هونئن ڀلا، ماڻهوءَ ۽ ڇيڻوءَ ۾ ڪهڙو فرق آهي؟

ارنيسٽ ٽرمپ

شاهه عبداللطيف ڀٽائي، اسان جي سونهاريءَ سنڌ جي ادب ۽ تهذيب جو نقطئه عروج (The Crowning Point) آهي.
سنڌ جي جنهن تهذيب جو اڄ عام طرح سان تصور ڪيو وڃي ٿو، تنهن جو زمانو ۽ احوال، عربن جي فتح ۽ طلوع ِِ اسلام سان شروع ٿئي ٿو. انهيءَ جو عرصو لڳ ڀڳ چوڏنهن سؤ سال آهي. شاهه سائين انهيءَ ئي اسلامي تهذيب جو سدابهار گلابي گل آهي. ليڪن اسلامي تهذيب جي شروعات کان اڳ واري زماني ۾ به سنڌ وڏا وڏا شاعر پيدا ڪيا هوندا. انهن جا ته اڄ نالا به معلوم ڪونهن.
شاهه سائين سنڌ جي ادبي آسمان تي سج وانگر اڀريو. آسمان ۾ ڏينهن جو به تارا هوندا آهن، پر، سج جي تيز روشنيءَ ۾ نظر ڪونه ايندا آهن. شاهه سائينءَ جي شاعرانه ڏات جي ڏيا به ايڏي ئي زوردار هئي، جو سنڌ جي آسمان مان ادبي تارا ڄڻ ته گم ٿي ويا. ڪن ٿورن جو احوال ۽ ڪلام معلوم آهي.
هو سنڌ جي اتر، ڏکڻ، اوڀر ۽ اولهه ۾، هر وسنديءَ، ڳوٺ ۽ شهر جي مٿان رحمت جي ڪڪر وانگر ڇانو ڪري بيٺو. اهڙو ڪو هنڌ ماڳ ئي ڪونه رهيو، جتي سندس برڪت ڀريو پيغام ڪونه پهتو. تڏهن ٽي. وي ڪانه هئي. ريڊيو ڪونه هو. رسالا ۽ اخبارون ڪونه هيون. پر، سنڌ جي ماڻهن سندس لافاني ڪلام عشق ۽ عقيدت سان ائين ئي برزبان ياد ڪيو، جيئن ڪلام الله کي حفظ ڪندا آهن. مون کي 1960ع واري ڏهاڪي ۾ هڪ نوجوان مليو. عمر ويهه پنجويهه ورهيه هوندس. ذات جو عباسي هو. موري جي پاسي، ڪچي جو ويٺل هو. کيس شاهه جو رسالو برزبان ياد هو.
شاهه جو ڪلام هڪ ته سندس عقيدتمندن ائين ياد ڪيو، ٻيو ته ان کي عام ڪرڻ ۾ سنڌ جي عوامي ڳائڻن ۽ فنڪارن وڏو رول ادا ڪيو. ليڪن، سندس ڪلام صحيح ۽ مقدس نموني ۾ ماڻهن تائين پهچائڻ ۾ سڀ کان قابلِ تعريف ڪردار سندس فقراءَ جو آهي، جي درگاهه ۾ رات جو سومهاڻيءَ مهل مخصوص سياهه لباس پائي مخصوص ساز تي سندس ڪلام ڳائيندا آهن. ايڏو ته دلپذير هوندو آهي، جو ٻڌندڙن جون اکيون آليون ٿي وينديون آهن، جنهن هڪ دفعو اهو نظارو ڏٺو هوندو، تنهن جي دل تي سو هميشه نقش رهندو. اهڙو دلگداز منظر مون ته پنهنجيءَ سڄيءَ عمر ۾ ٻيءَ ڪنهن به درگاهه تي ڪونه ڏٺو آهي. اسان وٽ درگاهن جو تقدس وري به ڪنهن حد تائين قائم آهي. پر، ايران ۾ شيخ سعديءَ جي ابدي آرامگاه تي ماڻهن جي نازيبا روش ڏسي مون کي اکين ۾ پاڻي اچي ويو. حافظ ۽ فردوسيءَ جي مزارن تي وري به صورتحال بهتر هئي. دهليءَ ۾ غالب جي مزار تي صفا سُڃ هئي!
شاهه سائين پنهنجي حياتيءَ ۾ ئي LEGEND ٿي ويو هو. شهيد عبدالرحيم گرهوڙي سندس همعصر هو. شريعت جو صاحب، پرهيزگار، نيڪو ڪار، درويش، عالم، اديب ۽ تمام وڏو شاعر هو. مولانا قاسمي صاحب مون کي ٻڌايو ته شاهه سائينءَ سان ايڏي ته سڪ هئس، جو فرمايو اٿس ته:

ڀلو آهي ڀٽ ڌڻي، ساروئي سبحان،
جوڙي جنهن قرآن، سنڌيءَ ۾ صحي ڪيو.

سنڌ هڪ مهذب ملڪ آهي، جنهن جي قديم تهذيب چين، مصر ۽ عراق جي تهذيبن جيتري پراڻي ۽ شاهوڪار آهي. پر، عام طرح سان اها موهن جي دڙي جي زماني کان شمار ڪئي وڃي ٿي، يعني اڄ کان تقريباً پنج هزار ورهيه اڳ. پر سوال آهي ته خود موهن جي دڙي واريءَ تهذيب کي اُسرڻ ۽ نِسرڻ ۾ گهڻيون صديون لڳيون هونديون؟ هينئر ته اسان آمريءَ ۽ مهر ڳڙهه جا نالا کڻون ٿا، پر، انهيءَ دور جو وري ڪو ٻيو پراڻو اهم دڙو کوٽيندا ته صورتحال بدلجي ويندي.
درياهه شاهه جي هڪ طرف جڏهن موهن جي دڙي جهڙو عاليشان شهر هوندو،، ته ٻئي طرف صفا سُڃ ته ڪانه هوندي! هاڻي، آثار قديمه جي ماهرن پاڪستان ۾ موهن جي دڙي جا اڍائي سو همعصر پراڻا ماڳ ڳولي لڌا آهن، جيڪي ثابت ڪن ٿا، ته سنڌ ان زماني ۾ به ڪيڏي آباد ۽ مهذب هئي.
موهن جي دڙي جو هيٺيون حصو شهر جي پاسي سان وهندڙ سنڌو درياهه جي اثر، گپ ۽ چڪ جي ڪري، ماهر کوٽي ڪونه سگهيا آهن. تنهن ڪري، ڪاڪي ڀيرو مل ”قديم سنڌ“ ڪتاب ۾ چيو آهي ته، ”سنڌ جي تهذيب ٻيو نه ته به ڏهاڪو هزار سال ته قديم آهي.“
ايڏيءَ قديم تهذيب ڪيترا نه وڏا معمار ۽ فنڪار پيدا ڪيا هوندا. پر اسان کي انهن جي ڪابه خبر ڪانهي. روئڻ ۽ ڳائڻ هر ماڻهوءَ کي ايندو آهي. ماڻهو به خوشيءَ جي موقعن تي ڳائيندا وڄائيندا ۽ ڏک جي موقعي تي غم جو اظهار ڪندا آهن. سنڌ جي قديم تهذيب جا خوشيءَ ۽ غم جا اهي گيت شاعرن جوڙيا هوندا، جن ۾ ڪي رگ ويد جي رشين جهڙا عظيم انسان هوندا. پر، انهن مڙني مشاهيرن جي به اسان کي خبر ڪانهي.
هن ڳالهه جو مطلب اهو هرگز ڪونهي، ته اسان اکيون ٻوٽي تصور ڪريون ته ان زماني ۾ به شاهه سائينءَ جهڙو بلند پايه شاعر پيدا ٿيو هوندو. شاهه سائينءَ سان اسان جو عشق آهي. عشق سان ڪوبه دليل ڪونه لڳندو آهي. علامه آءِ.آءِ. قاضيءَ جي گهرواريءَ مڌر ايلسا قاضيءَ جو هڪ شعر آهي ته:

”قدرت هر قوم کي هادي ۽ رهبر موڪليو،
جڏهن سنڌ جو وارو آيو ته لطيف جي چيچ جهليائين.“

پر، حقيقت اها آهي ته موهن جي دڙي جي زماني کان وٺي سنڌ ۾ ٻڌ ڌرم ۽ هندو ڌرم جي حڪومتن تائين سمورو زمانو اونداهيءَ ۾ آهي. ”موهن جي دڙي“ تي البت ڪي معياري ڪتاب موجود آهن. مثلاً

1. THE SKY-GRAMENT: A STUDY OF HARRAPPAN (MOHAN-JO-DARO) RELIGION BY ASKO PARPOLA, HELSINKI-1985.
2. FORGOTTEN CITIES ON THE INDUS

Early civilization in Pakistan from the 8th century to the 2nd Millennium BC edited by Michael Jansen, Maire Mulloy and Gunter Urban (Germany).

ٻيا به ڪيئي ڪتاب هوندا. ليڪن، انهن ڪتابن ۾ گهڻو تڻو احوال موهن جي دڙي جي تهذيب ۽ تمدن جو آهي. موهن جي دڙي کان اڳ يا پوءِ واري زماني جو پيرائتو احوال موجود ڪونهي ته سنڌ ۾ ڪهڙيون قومون ۽ قبيلا هئا ۽ هنن ڪيترو عرصو، سنڌ تي حڪومت ڪئي.
سنڌي ادبي بورڊ سنڌ جي ستن جلدن واريءَ تاريخ جي اسڪيم ٺاهي. موهن جي دڙي زماني کان وٺي انگريزن جي فتح تائين. پهرين ٻن جلدن لکڻ جو ڪم ايڇ. ٽي. لئمبرڪ کي سونپيو ويو، (جو هن سنڌ تي اڳي ئي ڪي ڪتاب لکيا هئا). سندس پهرئين جلد جو نالو ”سنڌ هڪ عام جائزو“ آهي ۽ ٻئي جلد جو نالو آهي: ”سنڌ - مسلمانن جي فتح کان اڳ“
لئمبرڪ سنڌ جي تاريخ جي شروعات ڪري ٿو مهاڀارت واريءَ جنگ جي زماني کان، جيڪا، غالباً، حضرت عيسيٰ کان هڪ هزار ۽ پندرنهن سؤ ورهيه اڳ (1000-1500B.C) جي وچ واري عرصي ۾ لڳي هئي. انگريزن جي زماني ۾ لکيل گزيٽيئرن موجب، مهاڀارت جي جنگ وقت ته سيوهڻ شهر جوڀن تي هو!
سيوهڻ اڃا به ساهه پساهه کڻي رهيو آهي. شهر جي کوٽائي ڪانه ٿي آهي ته ڪيترو قديم آهي. پر، مهاڀارت ۾ ڄاڻايل آهي ته سنڌ ۾ وسندڙ ڳوٺ ۽ نگر هئا، جن ۾ سندر محل ۽ ماڙيون هيون.
ڪجهه سال ٿيا ته سيوهڻ جي قلعي ۾ آثار قديمه جي ڪا يوروپي ماهر ڪجهه عرصو ٽڪي هئي. چون ٿا ته سندس دريافت اها آهي ته سيوهڻ ۾ زلزلو آيو هو. جنهن ڪري شهر تباهه ٿي ويو.
لئمبرڪ مهاڀارت جي جنگ ۾ سنڌ جي راجا جئدرٿ جو ذڪر ڪيو آهي. مهاڀارت جي جنگ ۾ ٻه ڌريون آمهون سامهون هيون: هڪ طرف ڪورو ۽ ٻئي طرف پانڊو. ٻئي سؤٽي سؤٽ هئا. لئمبرڪ لکي ٿو ته، ”جئدرٿ سنڌ ۾ سئو ويرا جو راجا هو. مهاڀارت جي جنگ ۾ اهم رول ادا ڪيائين پانڊون جي زال درو پديءَ کي سندس سويمبر جي وقت ڏسي ورتو هئائين (۽ مٿس عاشق ٿي پيو هو). سو، جنهن وقت پانڊو شڪار ڪرڻ لاءِ پري نڪري ويا ته هو دروپديءَ کي ڌتاري، ڀڄائي ويو. پر، رستي تي پانڊون کيس پهچي پيا ۽ هن شرط تي جان بخشي ڪيائونس ته هو پنهنجو پاڻ کي بڇڙو ڪندو ۽ توبهه تائب ٿيندو.
ڀائنجي ٿو ته بيوقوف هو. دروپديءَ کي پنج مڙس اڳئي هئا، سا ڇهون ڇو ڪري ها؟
جڏهن مهاڀارت جي لڙائي لڳي ته جئدرٿ ناڪام عشق جي ساڙ ۾، لشڪر وٺي وڃي، ڪورون جي پاسي وڙهيو. ارجن پنجن ئي پانڊون ڀائرن ۾ وڏو هو، تنهن کيس ٻاڻ هڻي ماريو.
”مهاڀارت“ هڪ ڊگهو داستان آهي، جو ”ڪوتا“ (Epic) وانگر آهي. چون ٿا ته مهاڀارت، جو راج گوپال آچاريه جو ايڊٽ ڪيل ڇاپو غالباً سڀني کان سٺو آهي، هو آزاد هندستان جو گورنر جنرل ٿيو هو. منجهس قديم زماني جي ڪيترن ئي ڪوين جو ذڪر آهي. هونئن مهاڀارت ”وياس“ جو ٺاهيل آهي، جيڪو ويدن جو گرنٿ ڪار به هو. مون کي مهاڀارت جي سنڌي ترجمي جي ڪاپي سوڀي گيانچنداڻيءَ ڏني، ترجمو معياري ڪونهي.
سنڌ ۾ برهمڻ خاندان جي حڪومت ته جمعو جمعو اٺ ڏينهن اڳ شروع ٿي هئي. جنهن جو پايو وجهندڙ هڪ برهمڻ هو. چچ نالو هئس، نوجوان هو، شڪل جو موچارو ۽ سڀاءَ ۾ سٺو هو. ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ لکڻ پڙهڻ ۾ هوشيار هو. اکر سهڻا هئس ۽ چارئي ويد ياد هئس. وزير کي وڻي ويو. هن کيس سيڪريٽري ڪري رکيو. پر اڳتي هلي، سنڌ جي ٻڌ ڌرم جي راجا جي زال، سونهن ديوي، مٿس عاشق ٿي پئي. چچ، جئدرٿ کان وڌيڪ ڏاهو نڪتو. عشق جي ڏاڪڻ تي ائين عقلمنديءَ سان چڙهيو، جو مومل به ماڻيائين ۽ سنڌ جو راجا به ٿيو.
سنڌ جي تاريخ جي پهرئين ڪتاب”چچ نامو“ تي نالو راجا چچ تان پيو. پر، منجهس بنيادي طرح احوال رڳو عربن جي فتح جو آهي، ته سنڌ جا هيترا ۽ هي شهر هيئن فتح ڪيائون. چچ نامو اصل عربيءَ ۾ هو، پوءِ علي ڪوفيءَ فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيو، جنهن تان وري انگريزيءَ، سنڌيءَ ۽ اردوءَ ۾ ترجمو ٿيو. سنڌي ترجمي جو ڪم مخدوم امير احمد صاحب ڪيو. اردو ترجمو اختر رضويءَ ڪيو. پر انهن کان اڳ به انگريزي ترجمو مرزا قليچ بيگ ڪيو هو.
ڪتاب ۾ سنڌ جي راجا ڏاهر ۽ عرب فاتح، محمد بن قاسم جا خط به آهن. ان وقت سنڌ جي سرڪاري ٻولي ڪهڙي هئي، سا ته خبر ڪانهي. ليڪن، موهن جي دڙي مان لڌل مهرن جي آڌار تي، اسان چئي سگهون ٿا، ته سنڌ ۾ لکت پڙهت جو رواج هو. موهن جي دڙي جي ٻولي اڃا تائين ڪانه پڙهي وئي آهي. آسڪو پارپولا “CORPUS OF INDUS SEALS” نالي ڪتاب ڇاپيو آهي ته مُهرن کي پڙهڻ ۾ سولائي ٿئي. پر، ان ۾ دهليءَ جي ميوزيم ۾ رکيل مُهرون شامل ڪونه آهن. ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ”جريده“ رسالو نڪري ٿو. منجهس ٻن پرچن ۾ ابو جلال ندويءَ جا مضمون ڇپيا آهن. جن ۾ انهن مهرن کي پڙهڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. خبر ناهي ته سراج ۽ ڊاڪٽر الانا کي ابو جلال ندويءَ جي تحقيق سان ڪيتريقدر اتفاق آهي؟
موهن جي دڙي جي لپيءَ ۾ لکت پڙهت ڪيترو وقت هلي؟ اها به خبر ڪانهي! انهيءَ لکت پڙهت جا ڪنهن به قسم جا دستاويز: ٺڪر تي يا ٻين ڪن پڙڇن تي يا ڪي به پنا، پستڪ، پوٿيون ۽ عام لکڻيون ڪاٿي آهن؟ اهي املهه تاريخي اوراق ڪيئن ناس ٿيا؟ ڪنهن ڪيا؟ سنڌ جي انهيءَ تهذيبي تباهيءَ جو جوابدار ڪير هو ۽ هاڻي ڇا ڪري سگهجي ٿو؟
اهي سڀ ڳالهيون اڃا تائين جواب طلب آهن. فضل برمڪيءَ جي درٻار ۾ ڪو سنڌي وفد ويو. زماني جي دستور موجب وفد ۾ سنڌ جو شاعر به شامل هو، جنهن سندس شان ۾ قصيدو پڙهيو ته:

”اسان وٽ چڱاين ۽ ڀلاين جو جڏهن به ذڪر ٿئي ٿو ته اوهان جو نالو مثال طور بيان ٿئي ٿو.“

روايت هيءُ آهي ته شاعر جا اصل لفظ هي آهن:
بره ڪنڪره، ڪراڪري مندره

سنڌ جي شاعر اهو قصيدو ڪهڙي ٻوليءَ ۾ پڙهيو؟ عربيءَ ۾؟ ته پوءِ ته اها عربي ڪانهي. سنڌيءَ ۾؟ ته پوءِ سنڌي زبان جي اها صورت اهڙي آهي، جو هڪ اکر به سمجهه ۾ ڪونه ٿو اچي. خود چچ نامو عربيءَ ۾ لکيل آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌي لفظ، اول ”معرب“ ٿي ويا هوندا ۽ پوءِ ”مسَخ“ ٿي ويا هوندا. هاڻي، دٻي ۾ ٺڪريون آهن.
چچ نامي ۾ خود راجا ڏاهر جا به ٻه لفظ آيل آهن، ته جنگ جي ميدان ۾ پنهنجي لشڪر کي چيائين ته، ”نسي من، نسي من“، يعني ”مان هت آهيان، هت آهيان.“ عام عقل جي ڳالهه آهي ته هن اهي لفظ اهڙيءَ ٻوليءَ ۾ چيا هوندا، جيڪي سندس لشڪر وارا ٻڌن ۽ سمجهن. پر، اهي اکر اڄ به سمجهه ۾ ڪونه ٿا اچن.
چچ نامي پڙهڻ سان ته ائين معلوم ٿئي ٿو، ته عربن جي فتح کان پوءِ سنڌيءَ ۾ لکڻ پڙهڻ کي ڄڻ ته ٻُنجو اچي ويو. هونئن، عربن جي فتح ۽ طلوع اسلام کان پوءِ به سنڌ ۾ صدين جون صديون تصنيف تاليف ٿيندي رهي. پر، سنڌي زبان ۾ لکيل ڪنهن به ڪتاب جو ڪو سراغ ئي ڪونه ٿو ملي.
سڄيءَ سنڌ ۾ حضور پيغمبر ﷺ جن جي خطن جو پهريون پهريون مبارڪ مجموعو ديبل جي هڪ عالم مرتب ڪيو. عربيءَ ۾ آهي. سنڌ جي ڪنهن به عالم يا اداري مجموعو هٿ ڪري سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ڇپائڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي آهي. چون ٿا ته دمشق جي ڪتبخاني ”ظاهريه“ ۾ قلمي نسخي جي صورت ۾ رکيو هو. تازو، حضور ﷺ جن جي ٻين خطن سان گڏ، ڇپجي ويو آهي.
پر، ان مان ايترو ته ثابت ٿئي ٿو ته ان زماني ۾ به سنڌ ۾ وڏا وڏا عالم موجود هئا. انهن ۾ ڪي اصل نسل ۾ سنڌي هوندا. ڪي نو مسلم سنڌي هوندا، ته ڪي عراق ۽ ايران يا ٻين مسلم ملڪن مان هجرت ڪري آيا هوندا ۽ ممڪن آهي ته ٿوري گهڻي سنڌي به ڄاڻندا هجن. اهڙو هڪ عالم ”عجائب الهند“ وارو عراقي عالم آهي، جنهن تي اسان جي محققن تهمت مڙهي هئي ته هن سڄي قرآن شريف جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري، ڪشمير جي پاسي تاڪيه رياست جي راجا کي ٻڌايو هو. اهو راجا به شايد ڊاڪٽر شمل وانگر ارڙنهن ٻوليون ڄاڻندو هو، جن ۾ سنڌي به شامل هئي! اهو ترجمو هاڻي ڪاٿي آهي؟ ڪوبه جواب ڪونهي.
عربن جي نئين ٻڌايل گاديءَ جي شهر منصوري جي قاضين، فقهه ۽ ٻين موضوعن تي، عربيءَ ۾ ڪتاب تصنيف ۽ تاليف ڪيا. انهن جو لاهور جي اداري ثقافت اسلاميه جي ڇپايل ڪتاب ”فقهائي هند“۾ تفصيل سان ذڪر آهي.
هنن ڳالهين جو مطلب اهو ٿيو ته سنڌ ۾ عربيءَ ۾ تصنيف ۽ تاليف جو ڪم ته ٿيندو رهيو، پر سنڌي ٻولي ڄڻ ته هڪ ”متروڪه“ زبان ٿي وئي. اڄ ان زماني جو ڪو به سنڌي ڪتاب ڪونهي.
ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي حڪومت ۾ به سنڌي ٻوليءَ سان ساڳي جُٺ جاري رهي. تڏهن وري عربيءَ جي جاءِ فارسيءَ ورتي. بلاشڪ، قاضي قاضن، مخدوم نوحرح، شاهه عبدالڪريمرح بلڙيءَ واري جهڙا ڪيئي اهلِ دل انسان سنڌيءَ ۾ شعر چوندا هئا (۽ سندن زبان پڪي پختي سنڌي آهي) جيڪو ان ڳالهه جو ثبوت آهي، ته هو سنڌ جي ماڻهن سان مخاطب هئا ۽ اهي سنڌي ڳالهائيندا هئا.
ليڪن پهريون پهريون قابلِ صدِ احترام، باڪمال شاعر (Committed Artist) شاهه عبداللطيف ڀٽائي پيدا ٿيو، جنهن هڪ غير تمند ”فرزندِ زمين“ (Son of the Soil) وانگر احتجاج ڪيو ۽ فرمايو ته:

جي تون فارسي سکيو ته گولو توءِ غلام،
اُڃيو تان ”آب“ گهري، بکيو تان ”طعام“،
هي عامن سندو عام، خاصن منجهان نه ٿيو.

ٺٽي شهر ۾، مير علي شير قانع جهڙا مشاهير موجود هئا، تن به جيڪا تصنيف ۽ تاليف ڪئي، سا رڳو فارسيءَ ۾. مير علي شير قانع جي فقط هڪڙي ڪتاب ”مقالات الشعراءَ“ ۾ ست سؤ شاعرن جو ذڪر آهي. اهي سنڌي شاعر پنهنجي پنهنجي علم جا درياءَ فارسيءَ ۾ وهائيندا هئا، جن تي اڄ ڪو نگاهه وجهڻ وارو به ڪونهي.
مير علي شير قانع ”تحفة الڪرام“ جهڙي اهم تاريخ لکي، ”شاهه عبداللطيف تارڪ“ جي باري ۾ صفحو ٻه مس لکي ٿو. سنڌ جي عظيم ترين شاعر جي سنڌ جي عظيم تاريخ نويس وٽ به مڃتا ۽ اهميت اها هئي!
سنه 1960ع ۽ 1970ع واري ڏهاڪي ۾ تهران جوهڪ وڏو ڪُتب فروش، اسدي هت حيدرآباد آيو. مون سندس دعوت ڪئي ۽ ادبي بورڊ جي فارسي ڪتابن جو سيٽ ايران ۾ وڪري لاءِ ڏنو. ٻن چئن سالن کان پوءِ اسدي مون کي تهران ۾ مليو. چيائين ته آغا، اهو سيٽ سامهون ڪٻٽ هيٺان ائين ئي رکيو اٿئي. ڪتابن جي زبان اهڙي ته فضول فارسي آهي. جو هت ته ڪير اهڙو ڪتاب وٺڻ وارو ئي ڪونهي. ٿڌو ساهه ڀري دل ۾ چيم ته، ”سنڌ جا عالم ڍنگرن تي اٽو هاري ويا.“
سنڌ جي ڪن اهلِ دل انسانن اوائلي ڏينهن ۾ شاهه سائينءَ جي ڪلام جا قلمي نسخا ٺهرايا. مون سان مير علي احمد خان ٽالپر ڳالهه ڪئي ته اڳي سنڌ جي وڏن خاندانن ۾ اها روايت هوندي هئي ته نياڻيءَ کي ڏاج ۾ ٻئي سموري سامان سان گڏ ٻه متبرڪ تحفا ڏيندا هئا:

(1) ڪلام الله ۽ (2) شاهه جو رسالو.

شاهه سائينءَ تي پهرئين باضابطه ڪتاب تصنيف ڪرڻ جو نيڪ ڪم غالباً انگريزن جي زماني ۾ ٿيو. مرزا قليچ بيگ جي شاهه تي انگريزي زبان ۾ لکيل ڪتاب ۾ به سانگيءَ جي ڪتاب جا حوالا آهن. سو، سانگيءَ جو ڪتاب ئي شاهه سائينءَ تي اولين ڪتاب چئبو. مير عبدالحسين خان سانگيءَ، شاهه سائينءَ تي ”لطائف لطيفي“ نالي سان ڪتاب لکيو.
پر، ان کان اڳي ڪن انگريز ڪمشنرن پنهنجن ٻارن لاءِ شاهه سائينءَ جي حياتيءَ تي مضمون لکايا هئا، البت، ڪتاب جو ذڪر ڪبو ته مڃڻو پوندو ته شاهه سائينءَ تي انگريزي زبان ۾”شاهڪار ڪتابُ“ ڊاڪٽر سورلي جو آهي، جنهن ۾ مرزا قليچ بيگ ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي تعريف ڪئي اٿس.
هن سڄي تاريخي پسمنظر تي غور ڪبو ته ذهن ۾ سوال اٿندو ته اهو ڪهڙو محقق هو، جنهن جي محنت ۽ محبت سان عظيم ترين سنڌي شاعر، شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمة لله عليه جو رسالو پهريون ڀيرو سنڌي ٽائيپ ۾ شايع ٿيو؟ قسمت اهو اعزاز ارنيسٽ ٽرمپ جي نالي لکيو هو، جيڪو هڪ جرمن باشندو هو.
ٽُرمپ بابت سنڌيءَ ۾ ڪو به مستند ڪتاب يا احوال مون ڪونه ڏٺو آهي. سنه 1960ع ڌاران سائين حسام الدين راشديءَ ۽ مرحوم ممتاز حسن مون کي ٽرمپ بابت ڊاڪٽر شمل جو هڪ انگريزي ڪتابڙو ڏنو، ته سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪر، ته ڇپايون. جيڪڏهن ترجمي لاءِ مون کي وسيلا به مهيا ڪن ها ته جيڪر مان ڪم ۾ هٿ وجهان ها، پر هنن اهڙي مدد ڪابه ڪانه ڪئي. مون ڪتابڙو هِتان هُتان پڙهي رکيو، ته الائي ڪاڏي گم ٿي ويو. مون به گهڻي ڳولا ڪانه ڪئي. تڏهن افسانا لکندو هئس ۽ اهڙن ڪتابن ۾ دلچسپي ڪانه هئي. هاڻي جڏهن دلچسپي پيدا ٿي ته هن جرمن عالم بابت هِتان هُتان احوال گڏ ڪري مضمون لکڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم.
ارنيسٽ ٽرمپ 13 - مارچ 1828ع تي ڄائو هو. سندس ڄم جو هنڌ ”السفيلڊ“ نالي هڪ ڳوٺ هو، جنهن جي رهاڪن جو گذر سفر پوکيءَ راهيءَ تي هو. اڳتي هلي، اتي باغن جو رواج پيو. باغ ايڏا ته ڪامياب ويا، جو آسپاس جا باغائي به پنهنجن ڳوٺن مان لڏي آيا ۽ ”السفيلڊ“ ۾ گهر ٺاهي ويٺا. نيٺ اهڙي ته سوڙهه ٿي وئي، جو السفيلڊ جا ڪيئي اصلوڪا رهاڪو به تنگ ٿي پيا، ڪي ڪوه قاف جي پاسي لڏي ويا، ڪي ڏکڻ آفريقا، ته ڪي آمريڪا هليا ويا.
اَرنيسٽ ٽُرمپ جي پيءُ جو نالو جارج ٽُرمپ ۽ ماڻس جو نالو ساران هو. سڄو خاندان سخت مذهبي هو. بلڪ ”السفيلڊ“ جي سڄي علائقي ۾ عيسائي مذهب جو غلبو هو.
اسان جي ملڪ ۾ ڪيترا مسلمان تبليغ جي ارادي سان پري پري هليا ويندا آهن، تيئن ”السفيلڊ“ جي تَرَ وارا ماڻهو به عيسائي مذهب جي تبليغ لاءِ پري پري نڪري ويندا هئا. منجهن پرهيزگاريءَ ۽ اخلاق جون سڀ وصفون هونديون هيون، جن جو ارنيسٽ ٽرمپ تي به ننڍيءَ عمر ۾ ئي وڏو اثر پيو.
اَرنيسٽ ٽرمپ چئن سالن جي عمر جو ٿيو، ته اسڪول ۾ داخل ٿيو. پر، سندس توجهه جو مرڪز اهي ”خانه بدوش“ (GYPSIES) ماڻهو هئا، جيڪي سندس ڳوٺ جي ٻاهران تنبو ۽ رانئٽيون هڻي رهندا هئا ۽ عجيب ٻولي ڳالهائيندا هئا. ڪجهه ڏينهن ڳوٺ جي ٻاهران ٽِڪي، لڏو پٽي، وري ٻئي هنڌ وڃي پکا هڻندا هئا.
ارنيسٽ جو شوق ڏسي پڻس کيس ٻوليون سکڻ جي اسڪول ۾ داخل ڪرايو. جتي هو لاطيني (لئٽن) ۽ يوناني (گريڪ) ٻوليون سکيو. پر، خانه بدوش ماڻهن مان پوءِ به سندس دلچسپي ختم ڪانه ٿي. سو، جڏهن به کيس ڪٿي خانه بدوش ماڻهن جي ڪنهن ٽولي سان ملڻ جو موقعو ملندو هو، ته وڏي شوق سان سندن ٻولي سکڻ جي ڪوشش ڪندو هو ۽ سندن ٻوليءَ جو هڪ جڏو سڏو گرامر به ٺاهيائين(1).
اَرنيسٽ ٽرمپ جي والدين پنهنجي پٽ کي عيسائي مبلغ بنائڻ ٿي گهريو. سندن مرضيءَ موجب هڪ اعليٰ ڪاليج ۾ داخلا ورتائين ۽ هيبرو (سرياني ٻولي) سکيو. ان کان پوءِ پروفيسر روڊولف وون روٿ کان سنسڪرت سکيو ۽ هاڪاري پروفيسر ايڇ. اوالڊ کان عربي سکيو. ڪجهه وقت کان پوءِ موقعو مليس، ته ايٿوپيا جون سامي صفت ٻوليون سکي ورتائين. هندوستاني ۽ سامي صفت ٻوليون ڄاڻڻ ڪري، کيس ”هندي اسلامي ٻولين“ (Indo-Muslim Languages) سکڻ ۾ سهوليت ٿي پئي.
ٽرمپ جو سياست ۾ به شوق هو. انهيءَ شوق ۾ هڪ دفعو جيل به ويو هو، پر، ڪنهن به وڏيءَ سزا کان بچي ويو. هو انهن نوجوانن جو ساٿي هو، جيڪي جرمنيءَ کي هڪ متحد ملڪ بنائڻ جا حامي هئا. ان زماني ۾ جرمنيءَ جي مختلف علائقن تي وڏن زميندارن ۽ سردارن جو غلبو هو، جيڪي پاڻ کي ملڪ جا حاڪم سمجهندا هئا. جاگيردارانه نظام ۾ عام ماڻهن کي آسانيءَ سان انصاف ڪونه ملندو آهي. اسان جي عام سنڌي ماڻهن وانگر، سدائين ڏتڙيل هوندا آهن.
ارنيسٽ ٽرمپ کي انهن مڙني سببن جي ڪري، ڪنهن اهڙي هنڌ وڃڻ جو شوق ٿيو، جتي کيس سياسي آزادي به ميسر هجي ۽ ٻولين سکڻ جو موقعو به ملي. سوچي، سوچي، نيٺ لنڊن هليو ويو، ڪجهه عرصو ”ايسٽ انڊيا هائوس“ ۾ نائب لئبررين جي عهدي تي ڪم ڪيائين.
”چرچ مشن سوسائٽي“ سندس ذوق شوق کان متاثر ٿي. کيس آڇ ڪيائين، ته تون هندستان وڃ ۽ اتان جي ٻولين جو اونهو اڀياس ڪر. اهڙيون ڊڪشنريون ۽ گرامر جا ڪتاب ٺاهه، جيڪي اسان جي عيسائي پادرين ۽ مبلغن کي اتان جون ٻوليون سکڻ ۽ عيسائي مذهب جي تبليغ ڪرڻ ۾ ڪم اچن.
انگريز سرڪار انهيءَ آڇ سان گڏ، کيس خاطري ڏني، ته تون جيڪي به ڪتاب تيار ڪندين، انهن جي ڇپائيءَ ۽ اشاعت جي سڄي خرچ جي ذميواري اسان تي آهي.
اَرنيسٽ ٽرمپ کي باقي ٻيو ڇا کپندو هو؟ هن خوشيءَ سان آڇ قبول ڪئي ۽ سامونڊي رستي، 1854ع جي سانوڻيءَ جي مند ۾، هندوستان روانو ٿيو. سندس هڪ خط هٿ آيو آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته هو شروع شروع ۾ پونا يونيورسٽيءَ ۾ سنسڪرت ڪاليج ۾ داخل ٿيو هو، جتي جي جاهل پنڊتن کيس سخت مايوس ڪيو. ايترو سو ٿيو، ته انهن کان ”ديوناگري“ لکڻ سکي ورتائين.
پونا يونيورسٽيءَ ۾ منهنجي هڪ دوست ڊاڪٽر روما پڙهائيندي هئي. پر، جڏهن اسان جا لڳ لاڳاپا گھرا گهاٽا هئا ۽ مسلسل خط و ڪتابت ڪندا هئاسون، تڏهن ٽرمپ ۾ منهنجي دلچسپي ڪانه هئي، نه ته جيڪر پونا يونيورسٽيءَ ۾ هُوءَ ٽرمپ جي رهائش جو ڪو احوال موڪلي ڏئي ها.
لوڪ ادب جي ماهر هئي. آمريڪا ۾ ڪنهن ڪانفرنس ۾ لوڪ ڪهاڻيءَ بابت هڪ علمي مقالو پڙهيو هئائين. جيڪڏهن اهو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ڇپايان ها ته سنڌي سٻاجهڙن کي خبر پوي ها ته لوڪ ڪهاڻي ڇاکي چئبو آهي.
ٽرمپ 4- سيپٽمبر 1854ع تي پوني مان روانو ٿيو. جرمنيءَ ۾ پنهنجي هڪ دوست کي جيڪو خط لکيائين. تنهن تي (Kurachi in Sindh) لفظ لکيل آهن.
بمبئيءَ کان ڪراچيءَ جو سامونڊي سفر چوماسي جي مند ۾ ڪيائين، جو سندس چوڻ موجب نهايت اڻ وڻندڙ هو. ڪراچيءَ جو شهر به کيس اهڙو ئي اڻ وڻندڙ لڳو. لکي ٿو ته، ”مٽيءَ جي ڪچن گهرن ۽ ڪوٺڙين جو هڪ ميڙ آهي.“ البت، ميل ٻه پرڀرو انگريزن جي ڇانوڻي آهي، جيڪا وري به ڪنهن حال ۾ آهي.
پر، پاڻ ڪراچيءَ جي شهر ۾ ئي رهيو. سندس گهر وٽ وڏو بڙ جو وڻ هو، جنهن جي هيٺان هندو فقير گڏ ٿيندا هئا. رات ڏينهن دهلن دمامن سان هل هنگامو مچائيندا هئا ۽ ڀنگ پيئندا هئا. اهي ”هنگلاج“ جا ياتري هوندا هئا، جيڪو مڪران ۾ هندن جو قديم تيرٿگاهه آهي. هنگلاج جي ڊگهي سفر ۾، ڪراچيءَ ساهي پٽي، اڳتي ويندا هئا. منجهن ڪي مسلمان به رؤنشي خاطر شريڪ ٿي ويندا هئا.
سنڌ جي فاتح سر چارلس نيپئر، مستقبل ۾ ڪراچيءَ جي وڏي شهر ٿيڻ ۽ يوروپي ۽ ايشيائي تجارت ۽ آمد و رفت جو مرڪز بنجڻ جي پيشن گوئي ڪئي هئي، پر جڏهن ارنيسٽ ٽرمپ ڪراچيءَ پهتو، ته ان بابت نيپئر جي پيشن گوئي اڃا هڪ خواب خيال هئي.
ٽرمپ لکيو آهي ته ڪراچي شهر تمام ردي هو، منجهس اڌ لک ماڻهو هئا. پر، آبهوا خراب هئي ۽ پاڻي اهڙو ته کارو هو، جو پيڻ شرط ماڻهو سوريءَ جي مرض ۾ ڦاسي ويندو هو. ازانسواءِ، گرميءَ ۽ مڇرن جو آزار هو. ماڻهو منگهي پير تي آسائش لاءِ ويندا هئا، جتي هڪ وڏو تلاءُ هو، جنهن ۾ سؤ کن مانگر مڇ هوندا هئا. کين ڏسڻ سان ٽرمپ کي ڪراهت ايندي هئي.
سنڌ ڏسي ٽرمپ کي ڪابه فرحت ڪانه آئي. لکيائين ته سخت ڪاڙهو تتو آهي. سڄو ملڪ هڪ سُڃو بُٺُ آهي، جنهن ۾ هر هنڌ، بيشمار بلائون ۽ نانگ آهن.
ڪراچي، ٽرمپ جهڙي نوجوان محنتي محقق لاءِ موزون ڪانه هئي. کيس وري وري يورپ جو علمي ماحول ۽ ڪتبخانا ياد آيا. سنڌ جو قديم علمي شهر ٺٽو سؤ سال اڳ اجڙي ويو هو. حيدرآباد جو بنياد غالباً 1768ع ۾ پيو. پر، عربي سمنڊ کان ايتري ته پري هئي، جو انگريزن جي ڏينهون ڏينهن وڌندڙ سامونڊي تجارت ۾ ڪوبه رول ادا ڪري ڪونه سگهي. چوڌاري بمبئيءَ جو ڌڌڪو هو، جيڪا برطانوي تجارت جو مرڪز هئي (سڄي سنڌ به انهيءَ جي تسلط هيٺ هئي). ڪراچي آهستي آهستي اُسري رهي هئي.
حيرت آهي ته انهن مڙني مشڪلاتن جي باوجود، ٽرمپ جلديءَ ۾ سنڌي ڪيئن سکي ويو؟ فقط هڪ سال جي عرصي اندر، سنڌي ڪتابُ ”سنڌي ريڊر“ لکي ورتائين. نه رڳو ايترو، پر، پنهنجيءَ اورچائيءَ سان انگريزن ۽ سنڌين ۾ مشهوري حاصل ڪري ورتائين ۽ سنڌيءَ تي سموري توجهه جي باوجود، هڪ منشيءَ کان فارسي به سکي ورتائين، ڇو ته هندوستان جي دانشورن جي تصنيف ۽ تاليف جي زبان اڃا به فارسي هئي. ستت، ٽرمپ جي محنت رنگ لاتو ۽ بمبئيءَ جي گورنر، ايلفنسٽن (جنهن جي نالي تي اڄ به ڪراچيءَ جي صدر ۾ مکيه بزار ”ايلفنسٽن اسٽريٽ“ سڏجي ٿي) کيس ”بمبئي شهر جي آزاديءَ جو تمغو“ عطا ڪيو.
ٽرمپ کي ڪراچيءَ جي آبهوا جو بيمار ڪري وڌو هو، سو، عيسائين جي سوسائٽيءَ کيس علاج لاءِ فلسطين موڪليو. اتي هن عربيءَ ۾ وڌيڪ مهارت حاصل ڪئي.
2 - آڪٽوبر 1856ع تي صحتياب ٿيڻ بعد ٽرمپ سئزرلئنڊ جي هڪ نوجوان خوبصورت خاتونءَ سان شادي ڪري، ڪراچيءَ موٽيو، ته سونپيل ڪم وڃي پورو ڪريان. انهيءَ زال مان هڪ پٽ ڄائس. پر، سندس گهر واري ڏاڍي ڪا نازڪ ۽ نفيس هئي، سا، ڪراچيءَ ۽ سنڌ جي آبهوا برداشت ڪري ڪانه سگهي. آقي باقي جو هندوستان ۾ بلوي جي خبر ٻڌائين، ته ٻن ٽن ڏينهن ۾ دم ڏنائين. ٽرمپ لاءِ ننڍڙي ٻار کي پالڻ به مسئلو ٿي پيو. سو، ولايت مان وري ٻي شادي ڪري آيو.
ٽرمپ پنهنجي تحقيقي اشاعتن جو سلسلو سنڌي ٻوليءَ سان شروع ڪيو، سنڌيءَ سان سندس سدائين اُنس رهيو، توڙي جو بعد ۾ هن ٻين ٻولين جو اڀياس به ڪيو ۽ انهن تي ڪتاب لکيا. هندوستاني زبانن ۾ سندس پهريون پهريون ڪتاب ”سنڌي ريڊر“ هو، جيڪو ”عيسائي تبليغي سوسائٽيءَ“ عربيءَ ۽ سنسڪرت ٻنهي ٻولين جي اکرن ۾، لنڊن مان 1858ع ۾ ڇپايو. ٽرمپ سنڌي ٻوليءَ بابت پنهنجا رايا اول ”سنڌي ريڊر“ ۽ پوءِ پنهنجي ٻئي ڪتاب ”سنڌي گرامر“ ۾ ظاهر ڪيا. سندس گرامر جي ڪاپي ته اڃا به شايد ڪٿان نه ڪٿان ملي وڃي، پر، ”سنڌي ريڊر“ جرمنيءَ ۽ يورپ جي ٻين ملڪن ۾ به اڻلڀ آهي.
سنڌي ٻوليءَ بابت سندس راءِ هئي ته، ”سنڌي ڪا سولي زبان ڪانهي. ڏاڍي ڏکي آهي بلڪ پنهنجين ٻين پراڪرت ڀينرن کان به ڏکي آهي. پر، زبانن جي ماهر PHILOLOGIST کي سندس محنت جو ڀرپور اجورو ڏئي ٿي.
ٽرمپ ڪراچيءَ مان پشاور ويو. ريل گاڏيءَ جي سهوليت رڳو ڪراچيءَ کان ڪوٽڙيءَ تائين هئي. پوءِ لاهور تائين ست سو پنجاهه ميلن جو سفر درياهه رستي ڪيائين، جيڪو ڏاڍو ڏکيو ۽ ٿڪائيندڙ هو. ايڏو ته ڪڪ ٿي پيو، جو پويان ڏيڍ سو ميل سفر ڍڳي گاڏيءَ ۾ ڪيائين. اڳتي ته سفر هيڪاري ڏکيو هو، پر، پشاور پهتو، ته ڏاڍو خوش ٿيو. پشاور ۾ کيس رونق ۽ رنگيني نظر آئي. قصه خواني بزار ته ڏاڍي وڻيس.
پشاور ۾ هن پشتو گرامر تي ڪم ڪيو ۽ ان کي مڪمل ڪيائين. ٽرمپ جي صحت هندوستان جي ڪنهن به شهر ۾ سلامت ڪانه رهي. کيس ٻيڙُ تپُ ايندو هو، جنهن سندس صحت کي لوڏي ڇڏيو. پر، انهيءَ ڪمزور صحت هوندي به هو هندوستاني ٻوليون سکيو ۽ انهن جا گرامر لکيائين. ڪمال ڪري ڇڏيائين. سنڌيءَ، پنجابيءَ، پشتو، گجراتيءَ، مرهٽيءَ، هنديءَ ۽ ٻين ٻولين جي گرامر تي تحقيقي ڪم ڪيائين. کانئس اڳ ڪئپٽن اسٽئڪ سنڌي ٻوليءَ جي ڊڪشنري ٺاهي هئي. ٽرمپ وري سنڌي گرامر ٺاهيو.
ٽرمپ، شاهه ڀٽائيءَ جي ڪلام گڏ ڪرڻ ۽ ڇپائڻ جو ڪم سنڌ جي محسن ۽ هردلعزيز ڪمشنر سربارٽل فريئر جي همٿائڻ تي هٿ ۾ کنيو. سربارٽل فريئر جو نالو تاريخ ۾ سونن اکرن ۾ لکڻ لائق آهي. پر، سنڌ ۾ سياسي طرح بااثر ماڻهو وڏيرا آهن، جيڪي انهن چڱن ڪمن کان بي نياز آهن. سوڍا بي ميار آهن.
ٽرمپ، شاهه جي رسالي ايڊٽ ڪرڻ جو ڪم هٿ ۾ کڻڻ کان اڳ سورٺ راءِ ڏياچ جي ڪهاڻيءَ تي جرمن زبان ۾ تحقيقي ڪم ڪيو هو، جيڪو هڪ طرح خود شاهه جي رسالي تي به سندس ”تعارف“ چئي سگهجي ٿو. رچرڊ برٽن جو ذڪر ڪيائين ته:
رچرڊ برٽن، مشهور سياح، جنهن سنڌي زبان جو اڀياس ڪيو هو، ۽ ”سنڌ ۽ ان جي ماٿريءَ ۾ وسندڙ قومون“ ڪتاب لکيو هو، تنهن هڪ رمارڪ ڏنو هو (جنهن تي اختلاف به ٿيو هو) ته، ”انگريزن جي فتح وقت هندوستان ۾ ڪوبه اهڙو ملڪ ڪونه هو، جنهن ۾ سنڌي زبان کان وڌيڪ اصلوڪو ادب (ساهت) هجي!
ٽرمپ جو خيال هو ته هندوستاني ٻولين تي اڳتي هلي جيڪو علمي اڀياس ٿيو آهي، ان جي روشنيءَ ۾ برٽن جو رمارڪ صحيح ثابت ٿيو ۽ بيشمار اصلوڪا ڪلام هٿ آيا آهن. هن مثال ٻڌايو ته مون پاڻ جتن جي ٻوليءَ تي تحقيقي ڪم ڪندي سوين هزارين ناياب بيت هٿ ڪيا آهن ۽ سنڌ جي ڀٽن فقيرن وٽان به قديم تاريخ بابت اهم بيت حاصل ڪيا اٿم.
ٽرمپ سنڌ جي سائينءَ، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ذڪر ڪندي لکيو آهي ته:
”شاهه جي باري ۾ مشهور آهي ته 1161 هجريءَ ۾ وفات ڪيائين. هاڪارو صوفي هو ۽ پنهنجي رياضت ۽ پرهيزگاريءَ لاءِ مشهور هو. کيس صوفياءِ ڪرام جي عظيم مشائخن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو.
چون ٿا ته ڪنهن به ملا ۽ مڪتب وٽان ظاهري تعليم ڪانه ورتائين. پر، بلاشڪ پاڻ باڪمال شخصيت هو. بيشمار ماڻهو سندس مريد هئا. ڪي ته سندس ايڏا عقيدتمند هئا، جو جڏهن شاهه صاحب جي رحلت جي خبر پين، ته صدمو سهي نه سگهيا ۽ پاڻ به هي جهان ڇڏي ويا. شاهه جي تربت تي هڪ شاندار قبو اڏيل آهي، جتي هر سال سندس وفات جي ڏينهن ميلو لڳي ٿو.
شاهه صاحب عام مشهور لوڪ داستانن کي کڻي منجهن تصوف جي تعليم ڏني آهي. مون کي حيرت لڳندي آهي ته منهنجا منشي جڏهن شاهه جا بيت نقل ڪندا آهن، ته هُو ڪن ڪن بيتن ۾ شاهه جي شاعرانه ڏات ڏسي، وجد ۾ اچي ويندا آهن.“
ٽرمپ جي حيرت جو سبب غالباً اهو هو ته پاڻ ”اسلامي علومن“ کان اڻ واقف هو. کيس عربيءَ جو گرامر ته ايندو هو، پر، قرآن ڪريم جي تعليم جي ڄاڻ ڪانه هئس ۽ نه وري حضور پيغمبر جن جي حديث ۽ سنت جي ڪا خبر هئس. اسلامي تصوف کان ئي سراسر اڻ واقف هو. هوڏانهن، شاهه سائينءَ جي ڪلام جو تاڃي پيٽو اسلامي تصوف سان اُڻيل آهي. جيڪو شخص اسلامي تصوف جي ”الف - ب“ به ڪونه ڄاڻندو هوندو، سو لازمي طرح شاهه سائينءَ جي ڪلام جي آفاقي پيغام کان آشنا ڪونه ٿيندو. جلال الدين روميءَ تڏهن ته فرمايو آهي:

تا نه گردي آشنا زين پرده رمزي نشوي
گوش نامحرم نه باشد، جاي پيغام سروش

شاهه جا شارح ۽ محقق اڄ به پنهنجي اڀياس ۾ ڊاڪٽر سورلي کي ته وڏيءَ عقيدت ۽ احترام سان ياد ڪن ٿا ۽ سندس ڪتابن مان حوالا ۽ اقتباس ڏين ٿا. سو ان ڪري جو سورلي ”اسلامي تصوف“ جو اونهو اڀياس ڪيو هو. پر، ٽرمپ جو نالو ئي ڪونه ٿا کڻن، ڇو ته هڪ اعليٰ پايي جي محقق جي حيثيت ۾ سندس ڪشڪول ۾ وري به ويدانت جي فلسفي جا داڻا ڪڻا ته ملي ويندا. پر، اسلامي تصوف نالي ماتر به نظر ڪونه ايندو. هن جو خيال هو ته اسلامي تصوف ويدانت مان نڪتو آهي. ليڪن اها سندس ڀُلَ هئي. تصوف دنيا جي سمورن مذهبن ۾ آهي ۽ ان بابت معياري ڪتاب پڻ موجود آهن. پر پوءِ به خبر ناهي ته اهڙو غلط نظريو ڪيئن قائم ڪيائين؟ هڪڙو ڪتاب مون به خريد ڪيو هو. هڪڙو سائين جي.ايم.سيد لاءِ به ورتم. نالو هئس:

CREATIVE IMMAGINATION IN THE PHILOSOPHY OF IBN-E-ARABI

ليڪن، شاهه جي محققن وٽ ٽرمپ جو نالو هميشه عزت ۽ احترام سان کنيو ويندو، ڇو ته هو ئي اهو شخص هو، جنهن شاهه جو رسالو وڏيءَ محنت ۽ مشقت سان سڀ کان اول سهڻيءَ سنڌي ٽائيپ ۾ ڇپايو، جيتوڻيڪ ان ۾ بيشمار غلطيون به ڪيائين. مثلاً ٽرمپ جي رسالي جي سُر سورٺ ۾ هڪ بيت به پنهنجي صحيح هنڌ تي نظر ڪونه ايندو.

ٽرمپ، شاهه جو رسالو جرمنيءَ جي ليپزگ شهر مان سنه ١٨٦٦ع ۾ هيٺئين عنوان سان شايع ڪرايو:

Sindhi Literature. The Divan of Shah Abdul Latif, known by the name of ‘Shah-Jo-Risalo’. 739 Pages, Printed by F.A.B. Brockhus, Leipzig, 1866.

(سنڌي ادب: شاهه عبدالطيف جو ديوان (جيڪو ”شاهه جي رسالي جي نالي سان مشهور آهي)، 739 صفحا، ڇپيندڙ: ايف. اي. بي. بروڪحس، ليپزگ، سنه 1866ع)

آخر ۾ هڪ اهم سوال هيءُ آهي ته ٽرمپ کي آخر ڪهڙو لاچار پيو هو، جو شاهه جو ڪلام گڏ ڪري، ان کي ترتيب ڏئي، ڇپائيءَ لاءِ ولائت ۾ وڃي، سنڌي ٽائيپ ٺهرائي ۽ ڪيئي ڏک ڏاکڙا سهي؟ رسالي جي ڇپائي عيسائين جي تبليغي پروگرام ۾ ته شامل ڪانه هئي.
منهنجي خيال موجب سوال جو جواب هيءُ آهي، ته ٽرمپ بااخلاق شخص هو. اخلاقي لحاظ کان اها ڳالهه هن لاءِ روحاني تقويت جو باعث هئي ته مان شاهه جهڙيءَ برگزيده شخصيت جو رسالو ڇپائي، هڪ مقدس ۽ غيرمعمولي ڪم سرانجام ڏئي رهيو آهيان. هن انهيءَ ئي جذبي هيٺ پنجاب ۾ سک ڌرم وارن جي گرنٿ صاحب تي به تحقيقي ڪم ڪيو هو، جنهن جي اڄ به وڏي تعريف ڪئي وڃي ٿي. البت، سکن کي انهيءَ ڳالهه تي سخت چڙ ايندي هئي، ته هو سندن مقدس ڪتاب، گرنٿ صاحب تي تحقيقي ڪم ڪندي، سگريٽ به ڇڪيندو رهندو هو.
سنڌ ۾ جڏهن کيس سربارٽل فريئر جهڙو محسن ۽ هردلعزيز ڪمشنر مليو، جنهن چيس ته ”شاهه جي رسالي“ جي اشاعت جو ڪم هٿ ۾ کڻ، ته مان توکي سموري مالي مدد ڏيندس، ته پوءِ ته ٽرمپ لاءِ هڪ غيرمعمولي ڪارنامو سرانجام ڏيڻ لاءِ خدا جي رحمت جا سڀ دروازا کُلي پيا. اهڙيءَ ريت، سنڌي زبان جو لافاني شاهڪار، ”شاهه سائينءَ جو رسالو“ پهريون دفعو جرمنيءَ مان ڇپجي شايع ٿيو.
ڪنهن به سنڌي محبِ وطن عالم ۽ اديب اڄ ڏينهن تائين ارنيسٽ ٽرمپ جو اهو احسانُ ڪونه وساريو آهي.

__________
(1) انهن يوروپي خانه بدوش GYPSIES لاءِ عام مشهور آهي ته هو اصل ۾ هند سنڌ مان ويا آهن ۽ سندن ٻوليءَ ۾ انهن علائقن جي ٻولين جا اکر اڃا موجود آهن.

هندوستان جي روزنامہ Times of India ۾ ڪنهن زماني ۾ هڪ آرٽيڪل شايع ٿي هئي، جنهن ۾ جپسين جي ٻوليءَ ۾ چور، پاڻي، ڪارائي ۽ ڦڻيءَ جهڙا لفظ مثال طور ڏنل هئا. يورپي ”جپسين“ جي سردار ڏاڍي ڏک سان پنڊت جواهر لعل نهروءَ کي ڏوراپو ڏنو هو ته، ”تو جهڙي عظيم دانشور- پنهنجي ڪتاب Discovery of India ۾ اسان کي ڪيئن وساري ڇڏيو؟ ڇا اسان اوهان جا قديم غريب ڀائر ڪونه آهيون؟“

ڊئوِڊ چيزمئن

انگريزن سنڌ تي سؤ سال حڪومت ڪئي. پر، سندن نئين نسل جي پوءِ به سنڌ ۾ ڪا دلچسپي رهي يا نه؟ اها ڳالهه مون کي ڊَئوِڊِ چيزمئن سان ملاقات کان پوءِ معلوم ٿي.
انگريءَ ۾ دائود کي ڊئوڊ چوندا آهن. مون سان سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ 1976ع ڌاران مليو. ڊاڪٽر حميده کهڙو تاريخ جي پروفيسر هئي، سا هڪ ڏينهن کيس پاڻ سان مون وٽ وٺي آئي هئي. مان ان زماني ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جو پرووائيس چانسلر هئس. ڊئوڊ جو تعارف ڪرائيندي چيائين ته، ”هي نوجوان سنڌ جي تاريخ تي تحقيق ڪرڻ لاءِ انگلستان مان آيو آهي. اوهان کيس يونيورسٽيءَ جي هاسٽلن ۾ رهائش لاءِ ڪمرو ڏيو.“
مون ساڻس ”هائو“ ڪئي، پر ڊاڪٽر حميده جي ڳالهه ۾ عقلمندي ڪانه هئي. نوجوان انگريز شاگرد کي يونيورسٽيءَ جي هاسٽل ۾ اڪيلو رهائڻ سراسر حماقت هئي. ان زماني ۾ يونيورسٽيءَ جي هاسٽلن ۾ رهندڙ ڪي شاگرد هٿيار رکندا هئا ۽ ڏوهه جا ڪم ڪندا هئا. غير ملڪي انگريز شاگرد سنڌ بابت غلط اثر وٺي ها.
مون آفيس جا فائيل نيڪال ڪيا. واندو ٿيس، ته ڊئوڊ لاءِ چاءِ گهرايم ۽ ساڻس حالي احوالي ٿيس. هن ٻڌايو ته لنڊن ۾ رهندو آهيان. هِت تحقيق ڪرڻ آيو آهيان. منهنجو موضوع آهي: ”عيسويءَ اڻويهينءَ صديءَ جي پوئين اڌ ۾ سنڌ جي سياست ۽ سماج“ هيڏي اچڻ کان اڳ لنڊن ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ مسٽر الاهي بخش سومري سان مليو هئس، جو اتي سفير کان پوءِ ٻئي نمبر عهدي تي هو. هن ڄام صادق عليءَ کي پارت ڪئي. ڄام صاحب ڊاڪٽر حميده کهڙي کي چيو، جيڪا اوهان وٽ وٺي آئي.
مون ڊئوڊ کي آفيس ۾ وهاريو ۽ شيخ اياز وائيس چانسيلر سان وڃي ڳالهه ڪيم. چيائين ته، ”پاڻ وڃي معاملي کي منهن ڏي.“
مان آفيس ۾ موٽي آيس ۽ ڊئوڊ کي چيم ته، ”انگريزن 1843ع ۾ سنڌ فتح ڪئي هئي. تنهنجي تحقيق جو موضوع اڻويهينءَ جي پوئين اڌ ۾ سنڌ جي تاريخ آهي. منهنجي به ان ۾ دلچسپي آهي. سنڌ سرڪار سنڌ جي تاريخ، تمدن ۽ ادب تي تحقيق ڪرڻ لاءِ سنڌي ادبي بورڊ نالي هڪ ادارو ٺاهيو آهي. مان انهيءَ جي ڪم کان واقف آهيان. بورڊ ۾ ننڍو گيسٽ هائوس آهي. اتي تنهنجيءَ رهائش جو بندوبست ڪريان ٿو، پر، منجهس بورچيخانو ڪونهي. سو، ٽئي ويلا مقرر وقت تي منهنجي گهران تو لاءِ ماني ايندي رهندي. اڄ کان تون منهنجو مهمان آهين.“
ڊئوڊ اهو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو. گيسٽ هائوس ۾ رهندو هو. نيرن ڪري روزانو لئبررين ۾ هليو ويندو هو. اتي تاريخ تي ڪتاب پڙهي، نوٽس وٺندو هو. موٽي منجهند جي ماني کائي ڪلاڪ ٻه آرام ڪندو هو. شامَ گهڻو ڪري مون سان گڏ گذاريندو هو ۽ رات جي ماني کائي وري گيسٽ هائوس ۾ ويندو هو.
قدرت کيس جوانيءَ، سونهن ۽ سمجهه جي نعمتن سان فياضيءَ سان نوازيو هو. سنڌ ۾ پهتو، ته بَس ۾ چڙهي سڀ کان اول، ميرپور خاص، خيرپور، سکر، شڪارپور، لاڙڪاڻي ۽ دادوءَ جو اڪيلي سر چڪر ڏئي آيو. اتي ڪنهن شهر ۾ هڪڙي عملدار سندس مانَ ۾ دعوت ڪئي. ٻيا دوست به سڏيائين. ماني کائي، هٿ ڌوئندي، مهمانن مان ڪنهن شخص ٻئي کي چيو ته، ”هي انگريز ڇوڪرو ته ڪيڏو سهڻو آهي؟“
ڊئوڊ اهو ٻڌي انهيءَ مهمان کي اردوءَ ۾ چيو ته، ”هتان روڊ رستي حيدرآباد ڪيترن ڪلاڪن جو سفر ٿيندو؟“
ڊئوڊ جي واتان اردو ٻڌي، مهمان جي منهن جو پنو ئي لهي ويو. مون سان جنهن دوست اها ڳالهه ڪئي، سو انهيءَ دعوت ۾ شريڪ هو. چيائين ته، ”انگريزن جو اسان تي سؤ سال حڪومت ڪئي، سو لٺ باٺي سان گڏ، پنهنجي عقل جي زور تي به.“
ٻئي ڏينهن، مون ڊئوڊ کان پڇيو ته، ”سنڌ گهمڻ ويندين؟“
چيائين ته، ”اڳي ئي گهمي آيو آهيان.“
مون چيو ته، ”توکي ڏکيائين ته ڪانه ٿي؟“
چيائين ته، ”اردو ڄاڻندو آهيان، سو سنڌي سولائيءَ سان سمجهي ويندو آهيان.“
ستت، پي.اين.اي. سڄي ملڪ ۾ ڀٽي صاحب جي خلاف تحريڪ هلائي، جنهن جا هر هنڌ جلسا ٿيندا هئا. حيدرآباد ۾ به ٿيندا هئا، جن ۾ اردوءَ توڙي سنڌيءَ ۾ تقريرون ٿينديون هيون. ڊئوڊ کي چٽيءَ طرح سمجهه ۾ اينديون هيون. منهنجا دوست ٻڌائيندا هئا، ته ڊئوڊ صبح جو قلعي وٽ ڪنهن جلسي ۾ بيٺو هو ۽ شام جو هيرآباد واري جلسي ۾ هو. جلسن ۾ ويندو هو، ته شام جو مون وٽ چاءِ پيڻ ڪونه ايندو هو. پر، رات جو مانيءَ تي انهن جلسن جا احوال پاڻ ئي ڏيندو هو.
مون ڊگهي نظر ڪري، ڄامشوري جي صوبيدار کي پاڻ وٽ سڏيو ۽ اطلاع ڏنو ته، ”هيئن هڪ انگريز اسان وٽ تاريخ تي تحقيق ڪرڻ آيو آهي. شام جو شهر چڪر تي ويندو آهي. پرديسي آهي. اوهان سندس خيال رکو. ڪابه ڳالهه پڇڻي هجي، ته مون سان ملو.“
ڊئوڊ پنهنجيءَ تحقيق جي سلسلي ۾ جيڪي نوٽس وٺندو هو، تن جا اکر، اهڙا ته سنها هوندا هئا، جو پڙهي نه سگهجن. مون کانئس سبب پڇيو، ته چيائين ته، ”سنها اکر لکڻ تي هري ويو آهيان. هونئن، هٿ- اکر ماڻهوءَ جي ڪردار جي نشاني آهن. جيڪو ماڻهو محنتي ۽ ڪفايتي هوندو، سو، سنها اکر لکندو. جيڪو وڏا ڊانبَڙ اکر لکندو، سو ذهني انتشار ۾ مبتلا هوندو.“ ڪجهه دير رکي چيائين ته، ”هرو ڀرو ائين به ڪونهي. مون ڪن ماڻهن جي تحرير ڏٺي آهي، جن جا اکر اهڙا سهڻا جهڙا موتيءَ جا داڻا. وري جو سندن افعال ۽ ارڪان ڏس، ته ڄڻ ابليس جو اولاد آهن.“
مون ڊئوڊ کان پڇيو ته، ”اهي ڳالهيون انگلستان ۾ پنهنجي مشاهدي جي بنياد تي ڪرين ٿو، يا ڪن ٻاهرين ملڪن ۾ به ويو آهين؟“
چيائين ته، ”فرانس ويو آهيان، اُتان آلجيريا ويو هئس، جتي چڱو عرصو رهيس.“
مون چيو ته، ”فرانس ۽ آلجيريا ڇو ويو هئين؟“
چيائين ته، ”روزگار جي لاءِ ويو هئس. پر، فرانس ۾ مزو ڪونه آيو، سو آلجيريا هليو ويس. اتي ماستري ڪيم. انگريزي پڙهائيندو هيس.“
مون چيو ته، ”ڊئوڊ اڃا ته تنهنجيءَ زندگيءَ ۾ چوڏهينءَ جي چنڊ جي چانڊاڻ آهي. پر، انهيءَ هوندي به ٻڌاءِ ته تو پنهنجي آزمودي مان ڪهڙو سبق پرايو آهي؟“
چيائين ته، ”مسٽر رباني، مون هن عمر ۾ ئي ڏاڍو ڏکُ ڏٺو آهي، آلجيريا ۾ پگهار مان پورت ڪانه پوندي هئي. بک تي ويلا گذرندا هئا. پر، مان ڀانيان ٿو ته، ڪنهن به معاشري ۾ سڀ ماڻهو نڪي ته ڀلا آهن ۽ نه وري بڇڙا- چڱا ۽ برا شخص هر هنڌ موجود آهن. بلڪ مان ته هن نتيجي تي پهتو آهيان ته ماڻهوءَ جو مزاج ۽ معاشرو هر دؤر ۾ ساڳيو رهيو آهي. اڳي چنگيز خان اڳرائي ڪري، رتو ڇاڻ ڪندو هو، ۽ هاڻي مغربي ملڪن مان ڪونه ڪو سندس نقشِ قدم تي هلي ٿو. امن جي نالي ۾ ماڻهو ماري ٿو.
سو، اهو چوڻ اجايو آهي ته اڳي زمانو سونو هو. هاڻي اسان اچي ڪلجڳ ۾ ڦاٿا آهيون. اڳيون زمانو سونو هجي ها، ته پوءِ مسيح کي صليب تي ڇو چاڙهن ها؟“
مون چيو ته، ”اها ته تو وڏي ڳالهه ڪئي.“
کِلي چيائين ته، ”عيسائين جي ديول ۾ آچر ڏينهن ڪنهن پادريءَ واعظ پئي ڪيو. آخر ۾ دعا گهريائين ۽ معاشري جا عيب بيان ڪري چيائين ته، ”او مسيح، جلدي موٽي اچ ۽ اسان کي وري ڌوئي پوئي، پاڪ ڪري وڃ.“
اهو ٻڌي، پٺيان هڪڙي شخص زور سان دانهن ڪئي ته، ”مسيح، متان موٽيو آهين. هي حرامي توکي وري صليب تي چاڙهيندا.“
ڊئوڊ ۽ منهنجي سنگت ڏينهون ڏينهن گھري گهاٽي ٿيندي وئي. هو هر موضوع تي دل کولي ڪچهري ڪندو هو. هڪ ڏينهن ٻڌايائين ته، ”لنڊن ۾ هڪ بنگالي ڇوڪريءَ سان گڏ پڙهندو هئس. ساڻس محبت ٿي ويم. هاڻي شادي ڪنداسين. هفتي کن ۾ لاهور ويندس. اتان وري انڊيا ويندس، پر، ٽڪندس ڪونه. سڌو ريل رستي بنگلاديش هليو ويندس.“
مون چيو ته، ”پوءِ هتان سڌو هوائي جهاز ۾ ڇو نه ٿو وڃين؟“
چيائين ته، ”هوائي جهاز جو سفر مون کي مهانگو پوندو، پر وڃڻو ضرور اٿم. جو منهنجي بنگالي دوست چوي ٿي، ته هاڻي اتي آيو آهيان، ته اڳو پوءِ مهيني کن لاءِ مون وٽ به اچ.“
ڊئوڊ حيدرآباد مان ريل رستي لاهور ويو. مهيني کن جو چئي ويو هو. ليڪن، ٻه چار مهينا ٻيا گذري ويا. نڪي ته خط لکيائين ۽ نه وري فون ڪيائين.

هڪڙي ڏينهن شام جو بورڊ جي بنگلي جي اڳيان ڇٻر ۾ اڪيلو ئي اڪيلو پير پسار پئي ڪيم، ته پري کان ڊئوڊ کي ايندي ڏٺم. هميشه شلوار قميص پائيندو هو. انهيءَ ڏينهن به هلڪي هيڊي رنگ جي شلوار قميص پيل هئس. هڪ هٿ ۾ شاپر هئس ۽ ٻئي ۾ ننڍڙي بئگ. سڪ سان ملياسين. مون کيس چيو ته، ”تون گيسٽ هائوس ۾ هل ته مان تنهنجي وهنجڻ لاءِ گرم پاڻيءَ جي بالٽي ۽ چاءِ ٺهرائي ٿو موڪليان. ڪلاڪ کن آرام ڪري گهر اچ، ته رات جي ماني کائون ۽ حال احوال به ڏيون وٺون.“
ڊئوڊ رات جي مانيءَ تي آيو. چيائين ته ”ٻه گلاس، برف ۽ ٿڌو پاڻي گهراءِ، تو لاءِ وسڪي آندي اٿم.“
مون چيس ته، ”ڊئوڊ ورهيه ٿيا، جو مون وسڪي ڇڏي ڏني. مون کي ڪڏهن به ڪانه وڻي. دوستن جي ڪمپنيءَ ۾ لاچار ڍُڪ ڀريندو هوس، پر موقعو ڏسي، ٻاهر هاري، گلاس پاڻيءَ سان ڀري، اچي ساڻن گڏ وهندو هئس. تنهنجي ڳالهه ٻي آهي. تون پنهنجي معاشري جي رسم ۽ رواج تي هريل آهين. هاڻي، پنهنجي سفر جا حال احوال ڏي.“
ڊئوڊ چيو ته، ”هتان ويس ته لاهور ۾ هفتو کن ٽڪيس، جو لنڊن کان دوست آيل هو.“
مون چيو ته، ”ڇا ڪندو آهي؟“
چيائين ته، ”بي.بي.سي. جو نمائندو آهي، پي.اين.اي. جي تحريڪ جي ڪوريج لاءِ آيو آهي.“
مون چيو ته، ”ڪهڙي خبر ڪيائين؟“
چيائين ته، ”جنرل ضيا جي حڪومت ڀٽي صاحب کي ڦاسي ڏيڻ جو ارادو رکي ٿي. مٿس وطن سان غداريءَ جو الزام مڙهي، کانئس ڪاغذن تي زوريءَ صحيحون وٺندا.“
انهيءَ زماني اهڙو ڪو چوٻول ڪونه هو. سو، مون کيس چيو ته، ”تنهنجي دوست کي ڪا پڪي خبر آهي، يا ٻڌ سڌ تي اندازو اٿس؟“
چيائين ته، ”هن جا برطانيه جي فارين آفيس سان لڳ لاڳاپا آهن.“
ٻئي ڏينهن مون وٽ ڪراچيءَ مان ڪو دوست آيو، جنهن سان مون ڀٽي صاحب بابت ڊئوڊ جي ٻڌايل ڳالهه ڪئي. هن يارَ بنا سوچ ويچار ۽ ڳڻ ڳوت جي ڪراچيءَ وڃي هڪ اعليٰ عملدار وٽ اها ڳالهه ڦهڪائي! جنهن هڪدم اسان کي سرڪاري ليٽر لکي پڇا ڳاڇا ڪئي.
اسان کيس سنئون سڌو جواب موڪليو ته هن طرح هڪ انگريز محقق اسان وٽ سنڌ تي تحقيق ڪرڻ آيو. اسان احتياط ڪري کيس شاگردن سان گڏ هاسٽل ۾ ڪونه رهايو. سندس کاڌي جو انتظام به الڳ رکيو. مقامي پوليس عملدار کي به اطلاع ڪيو، جنهن چيو ته مون کي سندس باري ۾ ڪا به غلط رپورٽ ڪانه ملي آهي. پر، جيڪڏهن ملي، ته اوهان کي ٻڌائيندس. وٽانئس ڪابه غلط خبر ڪانه آئي.“
اسان جو جواب پڙهي، سرڪاري عملدار ته مطمئن ٿي ويو ۽ ڳالهه ختم ٿي وئي. پر، مون کي ڊئوڊ سان ملڻ جو موقعو ڪونه مليو هو، جو مهينو ماسو ڪراچيءَ هليو ويندو هو. سو ساڻس ڪابه ڳالهه ڪري ڪونه سگهيس. جڏهن اهو ليٽر آيو هو، تڏهن به پاڻ ڪراچيءَ ۾ هو. اتي ٽڪندو سدائين ڄام صادق عليءَ جي بنگلي تي هو.
مان ٻئي دفعي ڪراچي ويس، ته ڪم ڪار لاهي، رات جي ماني کائي، ڊئوڊ وٽ هليو ويس. ڄام صاحب جو بنگلو هل پارڪ وٽ هو. ڊئوڊ موجود هو. چيومانس ته، ”ويجهو اوڏو ڪا چڱي جاءِ هجي، ته آئيس ڪريم هلي کائون.“
چيائين ته، ”هل پارڪ تي شيزان ريسٽارنٽ آهي.“
اتي وڃي آئيس ڪريم کاڌيسون. بل ڏئي، ٻاهر نڪتاسون، پاڻ ئي چيائين ته، ”هل پارڪ ۾ چڪر ڏيون.“
ڳالهيون ڪندي، مون کيس چيو ته، ”ڊئوڊ تون هت ڪنهن جي مالي امداد تي ريسرچ ڪرڻ آيو آهين؟“
اهو سوال ٻڌي، هُو وائڙو ٿي ويو.
مون کي ياد آهي ته هل پارڪ ۾ هلندي هلندي، هڪ هنڌ بيهي رهيو. آسمان ۾ چوڏهينءَ جو چنڊ چمڪي رهيو هو. ڊئوڊ جي مٿي جا وار سونهري ۽ ڊگها هوندا هئا. ٻنهي هٿن سان وارن کي پوئتي ڇڪي، ڪا دير آسمان ۾ چنڊ ڏانهن نهاريندو رهيو. ڪجهه دير کان پوءِ، مون ڏي نهاري ڏکويل آواز ۾ چيائين ته، ”لنڊن ۾ هڪ سوسائٽي آهي، جا تاريخي تحقيقي پروگرامن لاءِ مالي مدد ڏيندي آهي. پر، تون اهو ڇو ٿو پڇين؟“
مون کي خبر هئي ته هن جي مون سان ڪيتري سڪ آهي. سو، ڳالهه ٺاهڻ لاءِ مون کيس چيو ته، ”ملڪ ۾ مارشل لا آهي. ڄام صادق علي ملڪ مان کسڪي ويو آهي. تون پرديسي آهين. سندس بنگلي ۾ اڪيلو ٽڪيو پيو آهين. اهو تو لاءِ مناسب آهي؟“
اهو ٻڌي ڇرڪ ڀريائين ۽ چيائين ته، ”ترس، مون کي هينئر ئي هلي Y.M.C.A جي هاسٽل ۾ لاهه.“
بنگلي ۾ ويو. پنهنجو سامان ڪپڙا، ڪتاب وغيره لوهه جي پيتيءَ ۾ وجهي، ان کي گهليندو گينداڙيندو ٻاهر آيو. ڊرائيور پيتي کڻي گاڏيءَ ۾ رکي.
مون ڊئوڊ کي Y.M.C.A جي هاسٽل ۾ وڃي لاٿو. موڪلائڻ مهل چيائين ته، ”هفتي کن ۾ حيدرآباد ايندس، ڪراچيءَ اچڻ مهل اوهان جي بورچيءَ ٽفن باڪس ۾ لنچ ڏني هئي. اهي ٿانوَ به کنيو ايندس ۽ تو کان هڪ ڪتاب ورتو هئم، اهو به کنيو ايندس. ڪچهري به ڪنداسين.“
هو واعدي موجب هڪ ڏينهن کان پوءِ حيدرآباد آيو. پر، مان ميٽنگ ۾ هئس. سو، خط ڇڏي ويو، ته توکي ٻڌايو هئم، ته فلاڻي تاريخ لنڊن وڃڻو آهيان. جيڪڏهن تون اڳي ڪراچيءَ اچين، ته ضرور ملجانءِ. ٻيءَ صورت ۾ تنهنجو ڪتاب، هاسٽل ۾ Reception وٽ ڇڏي ويندس. ٿانوَ بورچيءَ کي ڏنا اٿم.“
مان جڏهن ڪراچيءَ ويس ته هاسٽل جي آفيس وارن مون کي ڪتاب ۽ ڊئوڊ جا سلام ڏنا ۽ ٻڌايائون ته هو مقرر تاريخ تي لنڊن روانو ٿي ويو.
مهينو ٻه مهينا گذريا هوندا، ته مون کي لنڊن مان سندس خط پهتو. مختصر پر محبت ڀريو. وري ٻيو خط لکيائين ۽ ميار ڏنائين ته، ”تو جواب ڪونه موڪليو.“ مهيني ٻن کان پوءِ وري ٽيون خط لکيائين. تمام وڏو. منجهس پنهنجا سڀ احوال لکيا هئائين. اهو به ٻڌايو هئائين ته، ”سٺي نوڪري ملي اٿم. شادي به ڪئي اٿم. پر، سنڌ تي تحقيقي ڪم پورو ڪري ڪونه سگهيو هئس. ان جو ارمان اٿم. تون ڪو بندوبست ڪري سگهين، ته اچي پورو ڪريان. خط جي آخر ۾ تاڪيد ڪيو هئائين ته جواب جلد ۽ ضرور موڪلجانءِ.“
مون کي ياد آهي ته اهو خط ٽن چئن صفحن تي مشتمل ۽ ٽائيپ ٿيل هو. اڳيان خط هٿ سان لکيائين.
مون سوچيو ته ملڪ ۾ مارشل لا آهي. پر، اي.ڪي. بروهي مرڪزي وزير آهي. سنڌي آهي. شايد هو انهيءَ ناتي سان سندس ڪا مدد ڪري سگهي! پر، ڪجهه ڪونه ڪري سگهيس.
سال کن گذري ويو. پر، ڊئوڊ جي ڪابه خبر چار ڪانه ملي. يونيورسٽيءَ مان هڪ خاتون رفيعه محمد علي سرڪاري اسڪالر شپ تي اعليٰ تعليم لاءِ لنڊن پئي وئي. مون کيس ڊئوڊ جي ايڊريس هٿ ڪري موڪلڻ لاءِ چيو. لنڊن جي پاڪستاني سفارتخاني ۾ هڪ دوست تي به ڪم رکيم. پر، ٻنهي مايوس ڪيو.
سال کن کان پوءِ لنڊن مان هڪ مهاجر پروفيسر حيدرآباد آيو منهنجو واقف هو. پاڻ اچي مليو. ساڻس ڊئوڊ جو ذڪر ڪيم. چيائين ته، ”منهنجو شاگرد ٿي رهيو آهي. نهايت محنتي ۽ شريف انسان آهي. صحيح معنيٰ ۾ محقق آهي. ٻڌو اٿم ته هاڻي لنڊن آرڪائيوز ۾ کيس سٺي نوڪري ملي آهي. شادي ڪئي اٿس. خوش آهي.“
مون چيو ته، ”منهنجا سلام ڏجانس.“
وقت گذري ويو. ورهين جا ورق وري ويا. مون کان ڊئوڊ وسري ويو.
هڪ ڏينهن اسلام آباد ۾ ڪتابن جي هڪ دڪان تي سبز رنگ جي جلد سان سنڌ تي انگريزي ڪتاب نظر آيم. نظر پوڻ سان ڄڻ ته دل کي ڌڌڪو آيو. ڊئوڊ جو لکيل هو.
ڪتاب پڙهيم، ته ڊئوڊ جي چهري جو ٻيو خوبصورت روپ نظر آيو. هو ايڊورڊ برائون جهڙن اعليٰ محققن جي قبيلي مان هو، جنهن ايران جي باري ۾ LITERARY HISTORY OF PERSIA جهڙو شاهڪار ڪتاب لکيو هو. ايڊورڊ برائون جو موضوع ايران هو، جتي عالمن جو قدر آهي. ڊئوڊ جو موضوع ”سنڌ“ هئي. سنڌ جي جاگيردارانه معاشري ۾ اديبن ۽ عالمن جو قدر ڪونهي. هڪ دفعي مان هڪ وڏي سنڌي وڏيري وٽ مهمان هئس. مون سان ڏاڍو گھرو گهاٽو هو. ميز تي ماني لڳي ته مون شوڪيس ۾ رکيل سندس بندوقون پئي ڏٺيون. چيائين ته، ”اچ ته ماني کائون. بندوقن ۾ تنهنجو ڪهڙو ڪم؟ تنهنجو ڪم قلم ۽ مَسُ ڪُپڙيءَ سان.“
قلم سان محبت قرآن جي تعليم آهي. پر، سنڌ جي وڏيري کي ان ۾ دلچسپي ڪانهي. البت، رڇ ڪُتي جي بَڇ تي اٿس.
ڊئوڊ ڪتاب جي منڍ ۾ پنهنجن محسنن جي لسٽ ڏني آهي، جنهن ۾ ويهارو کن نالا هئا، منجهن مسٽر الاهي بخش سومري ۽ ڄام صادق علي ۽ ٻين جا نالا به شامل آهن. پر، پاڻ پهرئين نمبر تي ڪراچيءَ جي هوٽل ”اواري ٽاورس“ جي پارسي مالڪ جو نالو رکيو اٿس ۽ ٻئي نمبر تي منهنجو نالو. مون کي رڳو اهو اعزاز ڪونه ڏنو اٿس، پر ڪتاب ۾ اندر پڻ سنڌ جي جاگيردارانه طبقي بابت پنهنجيءَ ڳالهه جي پٺڀرائيءَ ۾ منهنجي هڪ افساني مان اقتباس ڏنا اٿس.
ڊئوڊ سنڌ جي روز بروز ڪرندڙ حالتن ۽ مفلوڪ الحال ماڻهن جي مفلسيءَ ۽ مسئلن جو سبب ”سنڌ جو جاگيردارانه نظام“ قرار ڏنو آهي.
ڪتاب ۾ انگن اکرن سان وڏي معلومات ڏني اٿس. ويهين صديءَ جي سنڌ تي اهم تاريخي دستاويز تيار ڪيو اٿس. ڪتاب پڙهي پورو ڪيم، ته ڊئوڊ ڏاڍو ياد آيو. پر، ايڊريس ڪانه هئم، سو، ڪجهه ڪري ڪونه سگهيس.
هڪ ڏينهن اسلام آباد ۾ ورهين کان پوءِ وري اهو ئي ساڳيو پاڪستاني مهاجر پروفيسر لنڊن مان آيو ۽ مليو، جنهن جو ڊئوڊ شاگرد ٿي رهيو هو. چيائين ته، ”انگلستان ۾ اڄڪلهه نئون رواج پيو آهي، ته ننڍا ننڍا پروجيڪٽ ٺاهن ٿا ۽ ذهين ۽ محنتي شاگردن کي اسڪالرشپ ڏئي ڪنهن نه ڪنهن پروجيڪٽ تي ڌارين ملڪن ۾ تحقيق لاءِ موڪلن ٿا. ڊئوڊ اهڙي ڪنهن پروجيڪٽ تي آفريڪا جي ڪنهن ملڪ ۾ ريسرچ ڪرڻ ويو آهي. وڌيڪ ڪابه خبر ڪانهي ۽ نه وري سندس ايڊريس معلوم آهي.“
گهر آيس، ته ڊئوڊ کي ياد ڪري احساس ٿيم، ته کيس سنڌ تي تحقيقي ڪم ڪرڻ جو وڏو شوق هو. انگريزن سنڌ تي سؤ سال حڪومت ڪئي هئي. شايد هن ان بابت ڪي ڪتاب پڙهيا هئا، سو، سنڌ ۾ اچڻ جو سوچيائين. ولايت مان ته ڪنهن طرح مقرر مدي لاءِ مالي مدد وٺي هت پهتو. معاملي ۾ ڪوبه مونجهارو ڪونه هو. پر، منهنجي مرحوم دوست سنڌ سرڪار جي عملدار کي خواهه مخواه ڇرڪ ڏنو ته اهو انگريز ڪا وڏي آفت آهي! لارينس آف عريبيا جي قبيلي مان آهي. خبر ناهي ته ڪهڙو خُلم ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ آيو آهي؟ اسان سرڪار کي خاطريءَ وارو جواب موڪليو. سو انهيءَ يار جو اٿاريل افواهه ته اتي ئي ختم ٿي ويو، پر هو هت ڄام صادق عليءَ جي ٽيڪ تي هو، جيڪو ملڪ ۾ مارشل لا لڳڻ بعد کسڪي لنڊن هليو ويو هو. سو، پاڻ ئي ڪم کي مختصر ڪيائين ۽ لنڊن هليو ويو. ائين سونهاري سنڌ اعليٰ پايي جي هڪ انگريز محقق جي تحقيقي ڪم جي تڪميل کان محروم رهجي وئي.
هڪ مغربي محقق جي ڪتاب ۾ ڊئوڊ جو ذڪر ڏٺم. اهو ڪتاب ”سنڌ ورڪين“ تي لکيل آهي. لکندڙ جو نالو ڪلارڊو مارڪو وٽس آهي. ڪتاب جو سنڌي ترجمو حسين بادشاهه ڪيو آهي. روشني پبليڪيشن، ڪنڊياري، جي مالڪ ان کي سهڻي نموني ۾ ڇپائي شايع ڪيو آهي.
مون کي گهڻي عرصي کان سنڌ ورڪين تي مستند معلومات هٿ ڪرڻ جو ڏاڍو شوق هو. پر، ڪٿان به ڪانه ٿي ملي. ”سنڌ ورڪي سنڌ جا اهي ئي واپاري هئا، جن کي شاهه سائينءَ جي زماني ۾ وڻجارا ڪوٺيندا هئا. پنهنجي آفاقي ڪلام ۾ هڪ هنڌ فرمايو اٿس ته:

وڻجاري جي ماءُ، وڻجارو نه پلئين،
ته پڻ آيو هاڻ، ٿو وڃڻ جون وايون ڪري.

خيرپور يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر نيلوفر شيخ ”موهن جي دڙي“ جي واپار بابت تحقيق ڪئي آهي. ايامن کان سنڌ جو واپار ڏيساورن سان هلندو هو. سنڌ جا وڻجارا الائي ته ڪاٿي ڪاٿي واپار ڪرڻ ويندا هئا.
ڪلارڊو مارڪو وٽس پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته هو نيپلز، جبرالٽر قاهره (مصر) الجزائر، يوڪوهاما، سينگاپور، منيلا، اليگزينڊريا، چين، هانگ ڪانگ، سيرالون، پورٽ سعيد، جاوا، ڪولون، تيونس، مالٽا، پاناما، شڪارپوري سنڌورڪي تاشقند ۽ بخارا ته گهڻو ايندا ويندا هئا. ڪي ته عربي، اسپئنش، لاطيني ۽ ٻيون ٻوليون به ڄاڻندا هئا.
هندستان مان هڪ سنڌ ورڪي فيملي سائگان وئي ۽ اتان لڏي اول فرانس ۽ پوءِ وري بمبئيءَ آئي. انهيءَ فيمليءَ جي ڪا پروفيسر پونا يونيورسٽيءَ ۾ پڙهائيندي هئي. مون کي اسلام آباد ۾ اوچتو هڪ ڏينهن سندس خط اچي مليو ته، ”مس مس اوهان جي ايڊريس ملي اٿم.“ ڳالهه هيءَ آهي ته اوهان سان ڪا واقفيت ته ڪانهي. پر، عرض آهي ته ڪيئن به ڪري مون کي سنڌي پهاڪن تي ڪتاب وٺي موڪليو، جو منهنجي ماءُ پيءُ جو زور آهي ته سنڌي پهاڪن تي فرينچ ۾ پي.ايڇ.ڊي ڪريان. چون ٿا ته اوهان پڪا سنڌي (SOLID SINDHI) آهيو. (خط انگريزيءَ ۾ لکيو هئائين).
مون کيس ڪجهه ڪتاب هٿ ڪري موڪليا. ائين اسان جي غائبانه دعا سلام شروع ٿي. ڪجهه گھرا گهاٽا ٿياسين ته مون کانئس پڇيو ته، ”سنڌ ورڪي ڪير آهن؟ کين ”سنڌ ورڪي“ ڇو ٿا ڪوٺن؟“
جواب ۾ پنهنجي تصوير موڪليائين ۽ لکيائين ته، ”اجهو هي آهن. عجائب گهر ۾ رکڻ جهڙي ڪا عجيب مخلوق ڪانه آهن. مان پاڻ هڪ سنڌ ورڪي فيمليءَ جي آهيان. سائگان ۾ ڄاوس. ماءُ پيءُ اتي واپار ڪندا هئا. اتان پئرس آيا. مون فرينچ ۾ تعليم ورتي ۽ ايم.اي ڪيم. ڀائرن شاديون ڪري وڃي ڪئنري ٻيٽن ۾ دڪان کوليا. اهي ٻيٽ سڄيءَ دنيا ۾ مشهور ۽ مهانگا آهن. منهنجا ماءُ پيءُ بمبئي هليا ويا. مون کي يونيورسٽيءَ ۾ نوڪري ملي.“
اسان جي دعا سلام ڏينهون ڏينهن گھري گهاٽي ٿي ۽ خطن مان ڦري، ٽيليفون تي پهتي. پوءِ ته هوءَ پنهنجي ذاتي معاملن ۾ به مون کان مشورو وٺڻ لڳي. سندس تصوير مان ٿي لڳو، ته هوءَ نوجوان ۽ خوبصورت خاتون آهي، پر چهري مان ڏاڍي غمزده ٿي لڳي.
ڪنهن ڀيري مان سرڪاري ڪم سان ڪوئيٽا ويس. اسلام آباد ۾ سندس خط آيو هو، سو کيس ڪوئيٽا جي سرينا هوٽل مان فون ڪيم ۽ ساڻس خوش عافيت ڪري چيم ته، ”وري ٻئي دفعي.“
اهو ٻڌي ڪومائجي وئي ۽ ليلائڻ لڳي ته، ”ٻيلي اهو ته مناسب ڪونهي. مون سان ڪا گهڙي ته ڳالهه ٻولهه ڪر. اڄ سڄو ڏينهن آسمان جهڙ سان ڀريو بيٺو هو. مان ڏاڍي اداس آهيان. مون کي معلوم آهي ته تون رڻ پٽ جي هڪ ڪناري تي آهين ۽ مان ٻئي تي آهيان. تون مون کي اتان مدد لاءِ هٿ ۾ هٿ ته ڏئي ڪونه ٿو سگهين. پر، اهڙي ڪا ڳالهه ته ڪر، جو منهنجو من سرهو ٿئي.
اها خاتون به مون کي سنڌ ورڪين تي ڪو مستند ڪتاب ڏسي ڪونه سگهي. البت، ڪلارڊو مارڪو وٽس جي ڪتاب ۾ گهربل معلومات مليم. لکيو اٿس ته:
”حيدرآباد سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ هو. صوبي جو انتظامي ڪاروبار عاملن جي هٿن ۾ هو. اهي ٻن آڪهين ۾ ورهايل هئا. خدا آبادي عامل ڪلهوڙن جي گاديءَ خدا آباد مان لڏي آيا هئا ۽ ٻيا غير خدا آبادي هئا، جن جو رتبو خدا آبادين کان ٿورو گهٽ هو. شهر ۾ ڀائيبند ۽ واڻيا به هئا. واپاري بينڪار کي سنڌ ۾ ٺهيل سامان جو وڪرو ڪندا هئا. انهيءَ ۾ ننڍِڙا واپاري ترقي ڪري، مٿي اڀريا.“
ارڙهينءَ صديءَ جي پوئين اڌ ۾ پنج هزار سنڌ ورڪي سڄيءَ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ واپار ڪندا هئا ۽ جام پئسو ڪمائيندا هئا. هڪ سؤ سال پوءِ به يعني هندستان جي ورهاڱي کان ڪي سال اڳي، سنڌ ۾ هڪ عام چوڻي هوندي هئي ته، ”جيڪي ويا جاوا، سي وڃي ٿيا ساوا.“
جاوا ۽ سوماترا ڏور- اوڀر ۾، انڊونيشيا جي پاسي مشهور ٻيٽ آهن.
سنڌ ورڪين جي آمدني يا پئسي ڪمائڻ جو ذريعو وياج هوندو هو. مختلف ملڪن ۾ جيڪي فرمون قائم ڪيون هئائون، تن مان ڪن جو ڪاروبار انهيءَ زماني ۾ لکن ڪروڙن ڊالرن ۽ پائونڊن ۾ هلندو هو.
ڪتاب ۾ ڪلارڊومارڪو وٽس، چيزمئن جو ذڪر ڪيو آهي ۽ ”وڻجارا“ جي عنوان هيٺ لکيو آهي ته:
”ڊئوڊ چيزمئن سنڌ ۾ وياج توڙي ڪاروبار تي تفصيل سان لکيو آهي. پر، پنهنجيءَ تحقيق جو دائرو اڻويهينءَ صديءَ تائين محدود رکيو آهي. چيزمئن جو دليل هي آهي ته واڻيا بنيادي طور واپاري هئا. ماڻهن کي قرض ڏئي کانئن زرعي پئداوار وياج جي عيوض وٺندا هئا. وياج جي اصل رقم (مُورَ) ۾ دلچسپي ڪونه رکندا هئا، ڇو ته کين وڌيڪ فائدو زرعي پئداوار مان هو. ٻيو ته هو ڦڏن، جهيڙن، ڇڪتاڻ ۽ عدالت کان پري رهندا هئا.“
ڪلارڊو مارڪو وٽس وڌيڪ لکيو آهي ته:
”ڊئوڊ چيزمئن جي هيءَ ڇنڊ ڇاڻ نيلا دري ڀٽاچاريا طرفان پنجاب جي صورتحال بابت ڪيل تحقيق سان ٺهڪندڙ آهي. ڊئوڊ اڻويهينءَ صديءَ جي سنڌ بابت جيڪا تحقيق ڪئي آهي، تنهن جو بنياد سرڪاري دستاويزن تي آهي، پر سندس خيال سرڪاري عملدارن کان الڳ آهن.“
مون کي ڊئوڊ چيزمئن ۽ ڪلارڊو مارڪو وٽس ٻنهي جا ڪتاب وڻيا. يورپي محققن جي خاص خوبي اها آهي ته جنهن به تحقيقي ڪم ۾ هٿ وجهندا آهن، ان کي ڪوشش ڪري، هر طرح مڪمل ڪري، ”شاهڪار“ بنائي ڇڏيندا آهن. اسان وٽ هينري پاٽنجر، پوسٽنس، ريورٽي، جيمس برنس، سورلي، لئمبرڪ، ڪئپٽن ايسٽ وڪ، ارنيسٽ ٽرمپ، رچرڊ برٽن، مڌر ايلسا قاضيءَ، ائنيمري شمل ۽ هاڻي ڊئوڊ چيزمئن قابلِ قدر اضافو ڪيو آهي.
ڪلارڊو مارڪو وٽس انهيءَ ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي، ته ڊئوڊ چيزمئن پنهنجو ڪتاب اڻويهينءَ صديءَ جي سنڌ تائين محدود رکيو آهي. ويهينءَ صديءَ ۾ پير ڪونه پاتو آهي، پر، منهنجو رايو آهي ته ان لاءِ ڊئوڊ تي ڪا به ميار ڪانهي.
ڊئوڊ جو ڪتاب سنڌ تي تحقيق جو تازه ترين شاهڪار آهي.

ليڊي ڊايانا

عورت ۽ مرد انساني نسل جا ھڪجهڙا فرد آھن. پر، مشرق توڙي مغرب ۾، ايامن کان وٺي ”مرد جي برتري“ (MALE CHAUVINISM) وارو معاشرو قائم آھي. چون ٿا ته ويھينءَ صديءَ عيسويءَ ۾ ڪن سوشلسٽ ملڪن ۾ عورتن کي مردن واريون ذميواريون، رعايتون ۽ اوترائي حق حقوق مليا ھئا. اھڙن ملڪن ۾ مکيه مثال چين جو ڏين ٿا، جيڪو دنيا جو وڏي ۾ وڏو ملڪ آھي. پر، اتي به چيئرمن مائوءَ اکيون ٻوٽيون، ته سندس مخالف طاقت ۾ آيا ۽ سندس زال کي قومي مجرم قرار ڏئي، ڦاسيءَ جي سزا ڏنائون. سرمايي دار ملڪن ۾ مکيه مثال انگلستان جو ڏين ٿا. انگلستان ۾ مردن توڙي عورتن ۾ لڳ ڀڳ سؤ سيڪڙو تعليم آھي. منجهن سياسي ۽ سماجي شعور جي به ڪمي ڪانهي. سو، چون ٿا ته اتي مرد ۽ عورتون ھڪجهڙا حق ماڻن ٿا. ملڪ ۾ بادشاھي نظام آھي، پر، پوءِ به دنيا جي ڪنھن به ٻئي ملڪ ۾ انگلستان جيتري جمھوريت ڪانهي. ملڪ جو تخت ۽ تاج به مرد لاءِ مخصوص ڪونهي. شاھي خاندان جو وڏو ٻار تاج پائي ٿو، پوءِ اھو مرد ھجي يا عورت. مثال طور، انگلستان ۾ ھن وقت شاھي تاج راڻيءَ ايلزبيٿ جي مٿي تي آھي. ھونئن، اصل طاقت عوام جي چونڊيل عيوضين يعني پارليامينٽ جي ميمبرن وٽ آھي.

* * *

شهزادي ڊايانا، راڻيءَ ايلزبيٿ جي ننهن هئي. راڻيءَ، ساڻس پنهنجي پٽ چارلس جي شادي ايڏيءَ ته ڌام ڌوم سان ڪرائي، جو ماڻهن کي الف ليليٰ جا رنگين داستان ياد اچي ويا. 29 جولاءِ 1971ع تي، لنڊن ۾ ڇهن لکن مردن ۽ عورتن، گهوٽ ڪنوار جو شاهي جلوس ڏٺو ته دنيا جي پنجهتر ڪروڙ ماڻهن، ٽيليويزن تي، انهيءَ شاديءَ جا هوشربا منظر ڏٺا. ڏهاڪو سالن جي عرصي اندر شهزادي چارلس کي شهزاديءَ ڊايانا مان ٻه پٽ ڄاوا: وڏي جو نالو وليم ۽ ننڍي جو هيري رکيائون. پر، پوءِ به اها شادي ناڪام ٿي ۽ راڻي ايليزبيٿ، 1991ع ۾، پاڻ ئي پنهنجي پٽ کي چيو ته، ”هاڻي کڻي شاديءَ جي قصي کي ختم ڪريو.“
شھزادي چارلس، پنهنجي ماءُ جي چوڻ تي، پنهنجي زال شهزادي کي طلاق ڏني. شهزادي ڊايانا شاهي محل ۾ ڏاڍي ڪا ڏکي هئي، سو، ٻاهر نڪتي، ته پنهنجا تاثرات بيان ڪندي چيائين ته، ”محل جو ماحول اهڙو هو، جو منهنجو ته ساهه ٿي گُهٽيو.“ راڻيءَ جي به ڪا ساڻس پوري ساري پوَت هئي. سو سندس بيان پڙهي، سڙي وئي ۽ کانئس شاهي لقب کسي ورتائين.
ڊايانا مٿس ٽوڪ ڪندي ٻيو بيان ڪڍيو ته، ”مون کي ڪنهن به شاهي لقب جي ضرورت ڪانهي. مان ماڻهن جي دلين جي راڻي آهيان.“ راڻيءَ تي طنز ڪندي چيائين ته ”شاهي خاندان“ وٽ هاڻي باقي وڃي رسمون ۽ رواج بچيا آهن.“
پنهنجي شاديءَ جو ذڪر ڪندي چيائين ته، ”اها ان ڪري ڪامياب ڪانه ٿي، جو منجهس اسين ٻه زالون ۽ هڪ مڙس هئاسين. سندس اشارو مڙس جي يارِ، ڪوميلا پارڪر، ڏانهن هو. مڙسس چارلس انهيءَ الزام کان انڪار ڪونه ڪيو. (ڊايانا جي الزامن ۾ صداقت ھئي، ڇو ته سندس موت کان پوءِ چارلس نيٺ ڪوميلا پارڪر سان شادي ڪئي).
شروع شروع ۾ ڳالهه ھيئن ڦاٽي، جو ڊايانا پنھنجي مڙس وٽ ھڪ قيمتي سوني چوڙي ڏٺي، جا مڙس پنھنجيءَ يار، ڪوميلا پارڪر لاءِ خريد ڪئي ھئي. ڊايانا انھيءَ ڳالهه تي ھنگامو ڪيو. مڙسس بڇڙو ٿيو، ڇو ته ڳالهه سچي ھئي. انھيءَ واقعي کان پوءِ زال مڙس جو وري ٻيو جهيڙو ٿيو. ان جو سبب اھو ھو ته ڪنھن ھنڌ چارلس جي ڊائريءَ مان ڪوميلا پارڪر جا ٻه فوٽو اچي پٽ تي ڪريا، جن لاءِ ھو ڊايانا کي ڪابه سمجهاڻي ڏئي ڪونه سگهيو. زال مڙس جي انهن جهيڙن تڏھن ھيڪاري زور ورتو، جڏھن عام پبلڪ جلسن ۾، چارلس جي مقبوليت ڏينهون ڏينهن ڪرندي وئي ۽ ڊايانا جي شھرت آسمان تي چڙھندي وئي. سو، نتيجو نيٺ طلاق جي صورت ۾ نڪتو.
ڊايانا شاهي محل جي پابندين کان آجي ٿي، پر ٻاهر نڪتي ته سک جو ساهه پوءِ به کڻي ڪانه سگهي. سندس مثال انهيءَ ڊنل هرڻي وارو ٿي پيو، جيڪا عجائب گهر جي پڃري مان نڪري ڪنهن جهنگل ۾ اچي ڦاسي پئي. هر وقت شڪارين جي اک ۾ هجي. سندس ساهيڙيءَ، روزا مانڪٽن، ”ڊايانا منهنجي دوست“ نالي سان هڪ مضمون لکيو آهي، جنهن جا شروعاتي اکر هي آهن:
”روزا، هي شڪار آهي شڪار! تون مون تي مضمون لکي خلق کي ٻڌاءِ ته شڪاري مون اڀاڳيءَ کي ڪيئن شڪار ڪري رهيا آهن.“
روزا لکيو آهي ته اهي (ڏکويل) لفظ منهنجي پياري دوست شهزادي ڊايانا جا هئا، جيڪا انگلستان جي ولي عهد جي ماءُ ۽ ويلس جي شهزادي هئڻ کان پوءِ به سڄي دنيا جي اکين اڳيان، هڪ ڊنل هرڻيءَ وانگر شڪارين کان لڪي رهي هئي، پر شڪارين کي جهلڻ پلڻ وارو ڪير ڪونه هو. اهي شڪاري گهڻا ئي هوندا پر، سرفهرست ست اخبارن جا مالڪ ۽ سندن فوٽو گرافر هئا.
ولايت ۾، هڪڙا فوٽوگرافر آهن، جن کي انگريزي ۾ “PAARAXI” (پاپارازي) ڪوٺيندا آهن. اهي هر هنڌ ڊايانا جون تصويرون ڪڍندا هئا. اخبارون اهي تصويرون وڏي ملهه سان خريد ڪري ڇاپينديون هيون، ڇو ته جنهن به اخبار ۾ ڊايانا جي ڪا نئين تصوير ڇپبي هئي ته اها ڏاڍي وڪامندي هئي.
پاپارازي فوٽوگرافرن جو هونئن به ڌنڌو ئي اهو آهي ته نالي واري مردن ۽ عورتن جون خاص خاص تصويرون ڪڍي، اخبارن ۽ رسالن کي وڪڻن. ماڻهو ڪڏهن ڪيئن ويٺو آهي ته ڪڏهن ڪيئن! ڪڏهن مناسب لباس ۾ آهي ته ڪڏهن بي خيالي ۾ ويٺو آهي. هاڻي جي ڪو فوٽوگرافر هميشه موقعي جي تلاش ۾ هجي ۽ گاهه بيگاهه ڪنهن عورت جون اهڙيون تصويرون ڪڍندو رهي، جيڪي زيبائتيون نه هجن، ته انهن جي ڇپجڻ سان مسئلو ٿيندو، ڀلا جي اها عورت وڏ گهراڻي هجي، جوان هجي ۽ حسين هجي ته هيڪاري وڏو مسئلو ٿيندو. پر جي اها عورت ماڳهين شهزادي هجي ۽ ڪنهن ملڪ جي ولي عهد جي ماءُ هجي ته پوءِ اهڙي تصوير انهيءَ عورت لاءِ باهه ٻاري وجهندي! پاپارازي فوٽوگرافرن به ڊايانا لاءِ باهه ٻاري وڌي.
ڊايانا جتي به ويندي هئي، پاپارازي فوٽوگرافر، نوس نوس ڪندا، کانئس اڳي ئي اتي پهچي ويندا هئا. هو ڪارن، ريل، هوائي جهاز، هيلي ڪاپٽر رستي سفر ڪندا هئا. ڊايانا ڪنهن باغ ۾ سهيلين سان گڏ گهمڻ ويندي هئي، ته باغ جي وڻن جي پنن ۾ لڪي، پنهنجون ڪئميرائون بندوقن وانگر سڌيون جهليون ويٺا هوندا هئا. ڪلبن ۽ هوٽلن ۾ ويندي هئي، ته ڀتين جي اوٽ ۾ ڇپيا ويٺا هوندا هئا.
پر حقيقت اها آهي ته ڊايانا جي اوچتي موت سڄيءَ دنيا کي اداس ڪري ڇڏيو آهي. ڪن لکيو آهي ته ماڻهن کي ان ڪري به ڊايانا سان عقيدت هئي، جو هوءَ خير خيرات جي ڪمن ۾ دل کولي حصو وٺندي هئي. ڪن لکيو ته ڊيانا کي ماڻهن جي شعور تي مسلط ڪرڻ ۾ پريس جو وڏو هٿ هو، جنهن کيس هڪ اهڙي طلسمي شهزادي بنائي ڇڏيو، جنهن جي حسن ماڻهن جو عقل چرخ ڪري ڇڏيو.
پر اڪثر مغربي مبصرن جو خيال آهي ته سڀني راين جو تجزيو ڪرڻ کان پوءِ ڊايانا جي جيڪا شخصيت اڀري ٿي، سا هيءَ آهي ته هو ايڏي ته سهڻي هئي، جو هڪڙي ئي مرڪ سان ڪنهن به ڏاڍي کان ڏاڍي مرد کي ڊاهي، ڍير ڪري ڇڏيندي هئي.
ڊايانا جون آخرين رسمون ”ويسٽ منسٽر ايبي“ ۾ ادا ڪيائون، غمزده ماڻهن جو هجوم ايڏو ته وڏو هو جو ديول کان ٽپي، هائيڊ پارڪ ۽ هارتس گارڊنس پئريڊ تائين وڃي پهتو هو. برطانيا جي اخبارن لکيو ته 1945ع واري ٻي مهاڀاري لڙائي ۾ جرمني جي شڪست ۽ انگريزن جي فتح واري جشن واري هجوم کان پوءِ هي وڏي ۾ وڏو هجوم هو. ٻنهي ۾ فرق رڳو اهو هو ته اهو خوشي جو هجوم هو ۽ هي ڏک جو.
هر طرف درياءُ جي لهرن وانگر ماڻهو ئي ماڻهو هئا. ڊايانا جي ياد ۾ گلدستا کڻي آيا هئا. انهي کان علاوه انهن لکين ڪروڙين ڏکويل انسانن جو ڳاڻاٽو ته ڏاڍو مشڪل آهي. جيڪي ڌرتيءَ جي گولي تي، ڊايانا جي جنازي ٽي. وي جي پردي تي ٽمندڙ اکين سان ڏي رهيا هئا.
هن پسمنظر ۾، انگلستان جا اخبارن وارا شاهي خاندان تي ڪاوڙجي پيا ۽ کين دڙڪو ڏنائون ته، ”پنهنجون رسمون ۽ رواج ختم ڪريو.“
ڳالهه هيئن ته ”بڪنگهام پئليس“ وارن ڊايانا جي وفات تي شاهي محلات تان جهنڊو لاهڻ کان انڪار ڪيو چيائون ته:
”تاجدار راڻي ايلزبيٿ محلات ۾ موجود آهي هي جهنڊو رڳو برطانيا جو قومي جهنڊو ”يونين جيڪ“ ته ڪونهي.
هي ته تاجدار راڻيءَ جو جهنڊو به آهي“
پر جڏهن پبلڪ ۽ پريس جو دٻاءُ وڌيو، ته شاهي محلات وارن جا حوصلا خطا ٿي ويا، نه رڳو بڪنگهام پئليس تان جهنڊو ويو، پر انگلستان جي تاجدار راڻي ايليزبيٿ سهڪندي، سهڪندي ٽي وي تي آئي ۽ ڊايانا جي ياد ۾ تقرير ڪري، سندس ساراهه ڪري، ماڻهن جي ڏکويل دلين تي ٿڌو ڇنڊو وجهڻ جي ڪوشش ڪيائين.
سيپٽمبر مهيني جو هڪ تابناڪ صبح هو. شهزادي ڊايانا جو جنازو ھڪ توب گاڏيءَ تي شاھي اعزاز سان کنيائون. توب گاڏيءَ کي گهوڙا ڇڪي رھيا ھئا. ڪنگسٽن محلات کان ويسٽ منسٽر ايبيءَ تائين مفاصلو ساڍا ٽي ميل آھي. ڊايانا جو جنازو ڪاريءَ پيتيءَ جي تابوت ۾ ھو، جيڪا ڳاڙھي ۽ سونھري شاھي جھنڊي سان ويڙھيل ھئي. تابوت جي مٿان فقط ٽي گلدستا رکيل ھئا: ھڪ سندس وڏي پٽ وليم جو، ٻيو سندس ننڍي پٽ ھيريءَ جو ۽ ٽيون ڊايانا جي پيڪن واري خاندان اسپينسر جو، جيڪي پاڻ ادب سان توب گاڏيءَ جي پويان پيادل پئي آيا. رستي جي ٻنھي پاسن کان، برطانيا جا غمزده باشندا، قطار در قطار بيٺا ھئا. توب گاڏي آھستي آھستي سندن وچ مان اڳتي ھلندي رھي. چؤطرف سناٽو ھو. انھيءَ سناٽي ۾ رڳو گهوڙن جي سنبن جو آواز ٻڌڻ ۾ ٿي آيو، يا وري، رکي رکي، ماڻهن جا سڏڪا!
ويسٽ منسٽر ايبي ديول ۾ ڊايانا جي ياد ۾ غم جا گهنڊ وڄي رھيا ھئا. ديول ۾ غم جا گهنڊ ته ڪنهن جي موت تي وڄندا آھن، ان ڪري ھيمنگوي لکيو ھو: FOR WHOM THE BELL TOLLS
جنازي جي پھچڻ کان اڳ ئي ويسٽ منسٽر ايبيءَ جي ديول ماڻهن سان ڀرجي ويئي ھئي. انهن ۾ برطانيا جي شاھي خاندان سان گڏ ٻاھران آيل مهمانن ۾، ملڪن جا صدر ۽ دنيا جا ڪيئي مشاھير موجود ھئا.
مذھبي رسمون شروع ٿيون، ته برطانيا جي وزيراعظم ليڊي ڊايانا کي خراجِ عقيدت پيش ڪئي. ھن انجيل مقدس مان ڪي ٽڪرا پڙھيا ۽ جيڪي چيائين تنهن ۾ پيغام اھو ڏنائين ته: ”پيار جهڙي دنيا ۾ ٻي طاقت ڪانهي. ماڻھن کي ڊايانا سان پيار ھو.“
ڊايانا جي ڀاءُ ارل اسپينسر نهايت مؤثر تقرير ڪئي. چيائين ته: ”ڊايانا زندگيءَ جي پوين ڏينھن ۾ انگلستان کان پري رھڻ لڳي، جو کيس پاپارازي فوٽو گرافرن ۽ اخبارن تنگ ڪري وڌو ھو.“
ھن سندس طلاق جو ذڪر ڪندي چيو ته، ”ڊايانا پنهنجي ڏک، اڪيلائيءَ ۽ اداسائيءَ ۾، غريبن سان پيار ڪيو، جيڪي سدائين ڏکن ۾ ھوندا آھن.
ڊايانا انهن اجڙيل گهرن ۾ ھمدرديءَ جا ڏيئا ٻاريا، جن ۾ مردن، پنھنجيءَ برتريءَ (MALE - CHAUVINISM) جي غرور ۾، پنھنجين عورتن کي طلاقون ڏئي، گهرن مان ڪڍي ڇڏيو ھو.
ڊايانا ڪينسر ۽ ڪوڙھه جي بيمارن وٽ ھلي ويئي. ھيرن ۽ جواھرن سان مڙھيل، پنھنجا قيمتي ڪپڙا وڪيائين ۽ سندن مدد ڪيائين. ٻيو ته ٺهيو، پر، ايڊز جي مريضن کي آٿت ڏيڻ لاءِ جڏھن کين ھٿ ۾ ھٿ ڏنائين، ته خود اسپتالن جا ڊاڪٽر به سندس جرئت ڏسي، وائڙا ٿي ويا.
ھوءَ دنيا جي ڏورانھن ڏيھن ۾ وئي، جتي ماڻھو جنگ جي تباھيءَ ڪري، زخمي ٿي، معذور ماڻھوءَ وانگر زندگي گذاري رھيا ھئا.
ھوءَ ھر قسم جي تنگ نظريءَ ۽ تعصب کان پاڪ ھئي. بوسنيا ويئي، جتي عيسائي ڪروٽن اتان جي مسلمان ڪروٽن تي ظلم ڪيو ھو.
ھن غريبن جا ڳوڙھا اگھيا، اڃايل ۽ بکايل ماڻھن کي پنھنجن ھٿن سان کاڌو کارايو.
ڊايانا پاڻ ته سڄي زندگي ڏکويل انسان وانگر گذاري، پر معصوم ٻارن کي پنھنجن ٻچن وانگر پيار ڪيو.“
ارل اسپينسر جي تقرير کان پوءِ برطانيه جي سڀ کان مشھور موسيقار، ايلٽن جان، ڊايانا جي ياد ۾ ”الوداعي گيت“ ڳايو، جنھن جو عنوان ھو: ”انگسلتان جا گلابي گُل، الوداع!“ سندس گيت جا لفظ ڏاڍا دل کي ڇھندڙ ھئا:

YOU LIVED YOUR LIFE LIKE A CANDLE IN THE WIND
تو پنھنجي زندگي ائين گذاري، جيئن طوفان ۾ ڪا شمع ٻرندي ھجي!

AND YOUR FOOT-STEPS WILL AWYAS FALL HERE,
ALONG ENGLAND’S GREENEST HILLS.
تون سدائين ھتي ئي پير رکندينءَ
انگلستان جي سڀ کان سرسبز ٽڪرين تي.

ايلٽن جان جو الوداعي گيت ٻڌي، ماڻھن جا ھيانءَ ڦـِسي پيا. کليل فضا ۽ تيز ھوا ۾ ھزارين شمعون جلي رھيون ھيون! حد نگاھه تائين، ماڻهن جي ھجوم جي ھٿن ۾ گلدستا ھئا ۽ اکين ۾ ڳوڙھا. ديول جي اندر، ڊايانا جو ننڍڙو پٽڙو ھيري، سڏڪا ڀري رھيو ھو. ايلٽن جان ڏک ڀرئي آواز ۾ ڳائي رھيو ھو:

YOUR CANDLE’S BURNT OUT,
LONG BEFORE YOUR LEGEND WILL LIVE.

تنھنجي (زندگيءَ جي) شمع ٻري وئي،
پر تنھنجون ڳالھڙيون ياد رھنديون.

YOU LIVED YOUR LIFE
LIKE A CANDLE IN THE WIND.
LIKE A CANDLE IN THE WIND.

تو پنـھنجي زندگي ائين گذاري،
جيئن طوفان ۾ ڪا شمع ٻرندي ھجي،
جيئن طوفان ۾ ڪا شمع ٻرندي ھجي!

ڊايانا جي زندگيءَ جو آخري سفر لنڊن کان ستھتر ميل پري، سندس پيڪن واري اسپينسر خاندان جي رھائشگاھه تي پورو ٿيو. اتي ھڪ ننڍڙي ڍنڍ ۾، ھڪ ننڍي ٻيٽ تي، گھاٽن وڻن جي ٿڌيءَ ڇانو ۾، کيس دفن ڪيائون. سندس قبر تي جيڪو ڪتبو ھنيائون، تنھن ۾ ايلٽن جان جي لفظن ۾ کيس ”انگلستان جو سونھري ٻار“ لکيائون.
ڊايانا جي پيڪن واري اسپينسر خاندان، سندس تدفين کان پوءِ سندس آخرين آرامگاھه تي حاضري ڏيڻ جي واسطي ماڻهن جي سھولت لاءِ ٻه سؤ ٽيليفون لائينون لڳايون ته واري واري تي نمبر وٺي اچن. حاضري ڏئي وڃن. پر، ٽيليفون لائينن جي کلڻ جو اعلان ٿيو، ته ستت ٽيليفون آپريٽرن اعلان ڪيو ته، ”پھرئين ڪلاڪ جي اندر ئي ھڪ لک ٻاونجاھه ھزار ماڻھن بڪنگ ڪرائي ورتي آھي. سو، جڏھن اھي ڊايانا جي ابدي آرامگاھه تي حاضري ڏيئي موٽندا، ته پوءِ ٻين کي وارو ملندو.“
پر، جن ماڻهن کي پھرئين ڪلاڪ ۾ وارو مليو، سي به انھيءَ ٻيٽ تي وڃي ڪونه سگهندا، جتي ڊايانا جي تربت آھي. البت، ھو پري کان انھيءَ ٻيٽ تي بيٺل سرسبز وڻن ٽڻن جي جھڳٽي جو ديدار ڪري سگھندا، جن جي ٿڌيءَ ڇانوَ ھيٺ، ڊايانا ھينئر قدرت جي ھنج ۾ ابدي آرام ۾ آھي.
اسپينسر خاندان وارن تدفين کان پوءِ ٻئي ڏينھن ئي پنھنجي ڪمپائونڊ وال جو ٻاھريون دروازو بند ڪري ڇڏيو. تاھم، روزانو بيشمار ماڻھو ڊايانا جي ياد ۾ رنگ برنگي گلدستا کڻي اچن ٿا ۽ بند ٿيل دروازي جي ڄارين ۾ چنبڙائي وڃن ٿا. ڪن گلدستن تي اھڙا ته دل کي ڇھندڙ ”الوداعي لفظ“ لکيل آھن، جن کي پڙھي ماڻھن جون اکيون ڳوڙھن سان ڀرجي وڃن ٿيون.

ڀڳت ڪنوَر رامُ

پاڪستان ٺهڻ کان اڳ، سنڌ جي ڳوٺن ۽ ننڍن شهرن ۾ ”ڀَڳَتِ“ جو عام رواج هوندو هو. ڇو ته ڀَڳَتَ سڀ هندو هوندا هئا. مون ڪنهن به مسلمان ڀَڳَتَ جو نالو ڪونه ٻڌو. پر، ڀَڳتِ ۾ راڳ روپ جو مزو وٺڻ لاءِ هندو توڙي مُسلمانَ سَڀُ شريڪ ٿيندا هئا. راڳ روپ جون مجلسون ته اڃا به اسان جي ڳوٺن ۾ ٿين ٿيون پر، اهي ڀڳتِ کان نرالي نوع جون آهن.
”ڀڳتِ“ جو خاص مقصد اهو هوندو هو ته راڳ روپ وسيلي، عام ماڻهن کي هڪ هنڌ گڏ ڪري، محبت ۽ ميٺاڄ سان نيڪ ڪمن جي نصيحت ڪئي وڃي. هاڻوڪين راڳ جي مجلسن جو مکيه مقصد رڳو وندر ورونهه آهي.
ڀڳتن جو لباسُ به نرالو هوندو هو. گيڙو رنگ پسند ڪندا هئا. ڊگها جاما ۽ پڙا پائيندا هئا. مٿي سان پڳڙي ٻڌندا هئا. ڀڳت ۾ ڪانه ڪا ڳالهه کڻندا هئا جا سر ۽ لئه سان ٻڌائيندا هئا. سندن آواز مٺو ۽ سريلو هوندو هو، ساز جو استعمال ان ۾ هيڪاري دلڪشي پيدا ڪندو هو. ڳالهه بيان ڪندي ڪلام چوندا هئا. جيڪي اڪثر مسلمان صوفي شاعرن جا هوندا هئا.
مون به ننڍپڻ ۾ هڪ ڀڳتِ ڏٺي. عمر ڏهه ٻارنهن سال هوندي. ”قومي شاهراهه“ تي ساهتيءَ پرڳڻي ۾، هالاڻي نالي ننڍو شهر آهي. جيڪو اسان جي ڳوٺ کان ڇهه ميل پري آهي. سڄيءَ سنڌ ۾ وڏي ۾ وڏو عاليشان مندر هالاڻيءَ ۾ آهي، جتي ويساکيءَ جو ميلو لڳندو آهي.
مون کي اهو مندر گهمڻ جو موقعو مليو. ٻاهران عمارت عاليشان آهي، پر، اندر منجهس ڪو گهڻو ڪجهه ڏسڻ لاءِ ڪونه آهي. البت ٺهيل سٺو آهي. غالباً منجهس گرو نانڪ جو گرنٿ هڪ سهڻي ننڍي هندوري ۾ پڙهڻ لاءِ رکيل آهي. ڪن ڀتين تي مورتون ٺهيل آهن، جي ڌرمي شخصيتن جون آهن. مندر جي ٻاهران ڪجهه هندو خاندان رهن ٿا. پر، ٿورو پرڀرو، الڳ ايراضيءَ ۾ ڪن مسلمان خاندانن جا گهر به آهن. سموري ايراضي مندر جي ملڪيت آهي.
اهو مندر هندو ڌرم جي هڪ مهاپرش ٺهرايو هو، جو ٽنڊي الهيار جي باني ميرَ صاحب سان گڏجي، غزنيءَ (افغانستان) مان سنڌ ۾ آيو هو. مير صاحب جي ساڻس ايڏي ته عقيدت هئي، جو ٽنڊي الهيار ۾ سندس رهائش ۽ عبادت لاءِ منڊلي ۽ ننڍو مندر ٺهرايائين. گهڻن سالن کان پوءِ انهيءَ سنت کي سنڌ گهمڻ جو شوق ٿيو. ٽنڊي الهيار مان پيادل نڪتو. ڪجهه چيلا (پوئلڳ) ساڻ هئس. درياهه جو اولهه وارو پاسو گهمندو، مانجهند ۽ سن وٽ وڃي پهتو. ٻيڙين جي وسيلي درياهه پار ڪيائين ته دولتپور جي ويجهو اچي لٿو. اڳتي وڌيو ڪنڊياري پهتو، پر، هالاڻيءَ ويندي، کيس وڏي جهنگ مان لنگهڻو پيو. سو، پاڻ ۽ سندس چيلا جهنگ ڪپيندا، رستو ٺاهيندا، اڳتي هليا ۽ نيٺ اچي هالاڻيءَ وٽ پهتا. پر، اهڙو ٿڪجي پيا جو اتي ئي ڪکن پنن کي صاف ڪري، ڇپر ۽ ڇانوَ لاءِ جهوپڙي اڏيائون. ستت، هر طرف هندو مهاپرش جي هاڪ پکڙجي وئي. ماڻهن جا ٽولا سندس درشن ۽ دعا لاءِ ايندا رهيا. هالاڻي وٽ ئي حياتيءَ جا باقي ڏينهن گذاريائين. سندس وفات کان پوءِ، اتي اهو عاليشان مندر ٺهيو. جنهن ۾ وقت بوقت مختلف سنت شيواداري ٿيندا رهيا. هڪڙو اسان جي پاسي، ڳوٺَ ساجن شاهه جو سنت به هو. ”ساجن شاهه“ اسان جي ڳوٺ کان فقط اڌ ميل جي پنڌ تي آهي.
ڪنڊيارو تعلقو انهيءَ زماني ۾ شايد خيرپور جي مير علي مراد جي رياست ۾ هوندو هو. مير صاحب هالاڻي آيو ۽ مندر لاءِ زمين وقفُ ڪري ڏئي ويو. سندس پوٽي، وري اها زمين لکت پڙهت ڪري، شيوادارين کي ڏني ۽ خرچ پکي لاءِ ٻيا ڪي ايڪڙ زمين به ڏني.
هيءَ ننڍڙي ڳالهه انهيءَ وڏيءَ حقيقت جي نشاني آهي، ته مير الهه يار خان ۽ مير علي مراد ٽالپر جي زماني ۾ به سنڌ ۾ هندن ۽ مسلمانن ۾، هڪٻئي جي نيڪ مردن لاءِ ڪيڏي نه محبت ۽ عزت هوندي هئي.
هالاڻيءَ ۾ هر سال، ويساکي جو ميلو اڃا به لڳندو آهي، هڪڙي سال، اسان جي ڳوٺ مان ويهن پنجويهن ورهين جي جوانن جو ٽولو ميلو ڏسڻ هليو. مڙئي منهنجا مـِٽ مائٽ هئا. مان ۽ ٻه ٽي ٻار به ساڻن گڏجي وياسين. ميلي ۾ هر طرف رنگ برنگي جهنڊين واريون بزاريون هيون. جن ۾ ماڻهن جي ڏاڍي پيهه هئي. هر طرف کاڌي پيتي جا دڪان هئا، جن ۾، کائڻ پيئڻ جو سامان ۽ مٺايون رکيون هيون. اسان به ناريل جي مٺائيءَ جو مزو ورتو.
اسان جي وڏن رات جو”ڀَڳَتِ“ ڏسڻ جو فيصلو ڪيو. اسان به ساڻن گڏ وياسون. وهڻ لاءِ ڪرسيون رکيون هيون.
”ڀَڳَت“ رات جو سومهاڻيءَ کان پوءِ شروع ٿي. ٻه ”ڀڳت“ هئا، واري واري سان ڳالهه کڻي رهيا هئا ۽ ڳالهه ڪندي، ڪلام ڳائي رهيا هئا. ڏاڍو وڻندڙ ماحول هو. سازن جي ڇمڪي ۽ ڌڪڙن جي ڌڌڪي ان ۾ هيڪاري جان وڌي. ڀڳتنِ سان تيرنهن چوڏهن سالن جو هڪڙو خوبصورت ڇوڪرو به گڏ هو، جنهن کي عورتن وانگر سبز رنگ جي ريشمي ساڙهي پاتل هئي ۽ پنين ۾ ڇير ٻڌل هئي. جڏهن ڪنهن به شخص ڪنهن ڪلام کان متاثر ٿي، پنجن ڏهن رپين جو نوٽ ٿي ڏنو، ته اهو ڇوڪرو، نچندو، ڇير ڇمڪائيندو، انهيءَ شخص کان نوٽ وٺي ٿي آيو ۽ ڀڳتن جي اڳيان ٿي رکيائين. ڇوڪري کي ”چيهو“ ٿي ڪوٺيائون. چيهي گهڻي رقم گڏ ڪئي، سا ته خدا کي خبر. پر، ڀڳتِ سڄي رات هلندي رهي. ماڻهو ڪرسين تي ويٺا رهيا. اسان جي مائٽن کي فڪر ٿيو، ته متان ٻارن کي ننڊ اچي. پر، اسان سڄي رات ڀڳتِ ڏسندي گذاري.
صبح جو نانوائيءَ جي هوٽل تي وڃي ناشتو ڪيوسون. کاڌو لذيذ هو. ڏاڍو مزو آيو. پر، ڀڳتِ ۾ وڌيڪ مزو آيو. ڀڳتن جيڪي ڪلام ڳايا، تن ۾ دريا خان ۽ شاهه سائينءَ جا هئا. ڪنهن به هندو شاعر جو ڪلام ڪونه ڳايائون. ڀڳت هندو هئا ۽ ڀڳتِ به مندر جي پاسي ۾ وڌائون. پر، نالي ڪاڻ کڻي ساميءَ جو ڪو سلوڪ ڳائن، سو به نه.
هاڻي پنجاهه ورهين کان پوءِ ان ڳالهه تي سوچيندو آهيان ته ان جو سبب ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟ سوچي سوچي انهيءَ نتيجي تي پهتو آهيان، ته ساميءَ جي سلوڪن جي ٻولي اڌ سنڌي ته اڌ هندي آهي. سو، سندس شاعري سنڌي عوام ۾ عام ڪانه ٿي سگهي. ڪتابن تائين محدود رهي. اسان جي ئي ڪن دوستن، شاهه، سچل ۽ سامي ”ٽمورتي“ ٺاهڻ لاءِ پاڪستان کان پوءِ به ڪيئي ڪتاب ڇپايا. پر، پوءِ به عام ماڻهن ۾ فقط شاهه ۽ سچل ئي مقبول آهن.
هالاڻيءَ واريءَ انهيءَ ڀڳتِ جهڙيون ڀڳتون سنڌ ۾ عام جام پونديون هيون. ڪڏهن ڪاٿي ته ڪڏهن ڪاٿي. ڀڳت به جام هئا. سنڌ جي مختلف شهرن ۾ رهندا هئا. آسپاس توڙي پري پنڌ تي به ڀڳتِ وجهڻ ويندا هئا. ڪن جو وڏو نالو هو، ته ڪن جو گهٽ هو.
ڪوئل پنهنجيءَ مٺيءَ ڪُوڪَ ڪري مشهور آهي، مورُ مڙني پکين ۾ سهڻو سڏبو آهي ڪنور رام به ڀڳت جي فن ۾ ائين ئي مشهور هو. سندس مٽ ثاني ڪونه هو. قدرت کيس سٺو سڀاءُ ۽ مٺو آواز ڏنو هو. جنهن ۾ عجب تاثير هو. ماڻهن تي جادو ڪري ڇڏيندو هو.
اتر سنڌ ۾، جروار نالي، هڪ ننڍي ڳوٺ جو ويٺل هو، مان هڪ دفعي الاهي بخش سومري صاحب سان گڏجي، زماني جي ڪنهن ڪم ڪار سان ميرپور ماٿيلي جي طرف لنڊ قوم جي سردار، نورمحمد خان سان ملڻ ويس. تڏهن الاهي بخش صاحب تجارت ۽ صنعت جو مرڪزي وزير هو.
سانوڻ جي مند هئي. منجهند جي مهل هئي، پر مينهوڳيءَ جي موسم هئي. آسمان ۾ اڇا، ڪارا ۽ ڀورا بادل پئي تريا. ٿڌي ٿڌي وڻندڙ هوا پئي لڳي. الاهي بخش صاحب موٽر هلائي رهيو هو. منجهس فقط ٻه ڄڻا هئاسون. رستو صاف ۽ سٺو هو، پر ور وڪڙ هئس، سو ڪنهن مهل ڦرندو گهرندو، هڪ ننڍي ڳوٺ مان اچي لنگهيو. الاهي بخش صاحب چيو ته، ”ڀڳت ڪنور جو ڳوٺ اهو اٿئي. نالو اٿس جروار.“
مون تي هڪ سمو طاري ٿي ويو! چؤطرف سڪايل اکين سان نهاريم. ڪچا پڪا گهر. ڪاٿي ڪاٿي لوڙها. بزار جو نالو نشان ڪونه. ٻيو ته ٺهيو چاءِ پيڻ جي ڪا ننڍي وڏي هوٽل به ڪانه. البت، هتِ هُتِ سيڌي جا دڪان نظر آيا. چون ٿا ته ڀڳت ڪنور جو به هڪ سيڌي سامان جو دڪان هوندو هو. پئسي ڏوڪڙ ۾ غريب هو، پر، دل جو امير هو.
وڏو ٿيو، ته پري پري ڀڳتِ وجهڻ ويندو هو. مشهور آهي ته لڙيءَ سومهاڻيءَ مهل ۽ بعضي اڌ رات کان پوءِ ڀڳتِ وجهندو هو. آسپاس وارن شهرن ۽ ڳوٺن مان ماڻهن جا هشام اچي مڙندا هئا. ڪنور رام به ٻين ڀڳتن وانگر، ڊگهو جامو پائيندو هو. گيڙو رنگ جو پٽڪو ٻڌندو هو. نماڻو ۽ درويش صفت انسان هو. جهڙو ٻاهر، تهڙو اندر. حَدَ درجي جو نهٺو هو. ٻئي ٻانهون ٻڌي ڳالهائيندو هو. سنڌ جي هندن ۾ جيڪڏهن ڪنهن به شخص ۾ مذهبي ڀيد ڀاءُ ڪونه هو، ته اهو ڪنور هو. ماڻهن جو منجهس ويساهه ڪونه هو، ساهه هو. ڄڻ ته سندن پيرُ هو، پر، حق جي ڳالهه اها آهي ته پاڻ مڙني جو فقير هو. سنڌ ڪنور جهڙا اعليٰ انسان ٿورڙا پيدا ڪيا.
ڪنور جڏهن ڀڳتِ وجهندو هو ته راڳ عبادت جو روپ وٺندو هو. اول رب پاڪ جو مٺو نالو وٺندو هو ”شل ڪا ٻاجهه پويئي“ جي اکرن سان ڳائڻ شروع ڪندو هو:

نالي الک جي، ٻيڙو تار منهنجو
نڌر آهيان نماڻي، تون آڌار منهنجو
نالي الک جي، ٻيڙو تار منهنجو

ڪنور گهڻو ڪري شاهه ڀٽائيءَ ۽ درياخان جا ڪلام ڳائيندو هو. ڪلام ڳائيندي، سندس پنهنجون اکڙيون به مينگهه ملهار ٿي وينديون هيون. جڏهن شاهه ڀٽائيءَ جو نالو کڻندو هو ته عقيدت جي ڪري بيحال ٿي ويندو هو. سندس اکين مان ڳوڙها مينهن وانگر وسندا هئا ۽ چپن تي آلاپ هوندا هئا:

ڪين وڻن، او ڪين وڻن،
تنهنجون ماڙيون بنگلا.
ڪين وڻن، او ڪين وڻن
سون، ڪڙيون، ڪٺمال.

آ، ڪانگا ڪر ڳالهه
مون سان تن ماروئڙن جي
ماروئڙن جي، او سانگيئڙن جي،
آ، ڪانگا ڪر ڳالهه

ڪنور ته دنيا جهان کان بيخبر، موج ۽ مستيءَ ۾ ڳائيندو رهندو هو. پر، ماڻهن جا هيانءَ ڦـِسي پوندا هئا. ڪي سڏڪا ڀريندا هئا، ته ڪي اوڇنگارون ڏئي روئندا هئا.

جيڪڏهن ڀڳتِ ”ڀڳتي تحريڪ“ جي پيداوار هئي ۽ ان جو اصل مقصد الله جي مخلوق کي محبت جي لڙهيءَ ۾ پوئڻ هو، ته پوءِ سونهاريءَ سنڌ جي هندن ۾ ڪنور کان وڌيڪ اهو حق ٻئي ڪنهن به ادا ڪونه ڪيو.
ڪنور سڄي رات ڀڳتِ وجهي، پرڀات مهل جهولي جهليندو هو. ماڻهو مٿس فدا هئا. سوين هزارين رپيا سندس جهوليءَ ۾ پوندا هئا. ليڪن ڪنور سڄي رقم مسڪينن، بيواهن، محتاجن ۽ غريبن ۾ ورهائي، بوڇڻ ڇنڊي اٿندو هو. حرام جو ڪا پائي به پنهنجي لاءِ رکي!
جيڪڏهن ڪو مسڪين سيد سڳورو وٽس لنگهي ويندو هو ۽ ساڻس حال ڀائي ٿيندو هو، ته نياڻي اٿارڻي اٿم، پر پلئه ۾ پائي به ڪانهي، ته ڪنور کيس دلجاءِ ڏيندو هو. جهوليءَ ۾ پيل رقم مان نوٽن جون مٺيون ڀري سڀ کان اول انهيءَ مسڪين سيد کي ڏيندو هو، جيڪو کيس دعائون ڪندو ويندو هو. سيدن جو سدائين وڏو ادب ۽ احترام ڪندو هو ۽ مسجدن جي اڏاوت لاءِ به پئسا ڏيندو هو. سندس مذهب انسانيت هو ۽ راڳ سندس عبادت هئي.
سنڌ جا هندو گهڻو ڪري نانڪ پنٿي آهن، يعني گرو نانڪ جا پوئلڳ آهن. ڪنور پاڻ به هڪ نانڪ پنٿي هو. گرو نانڪ صوفي هو. نه رڳو ڪاشي ۽ مٿرا جا تيرٿ ڀيٽي آيو هو، پر مڪي شريف مان به ٿي آيو هو.
لاهور ۾ جسٽس جاويد اقبال مون سان ڳالهه ڪئي، ته سيالڪوٽ ۾ گرونانڪ جي مزار آهي، جنهن جا مجاور گرو نانڪ کي مسلمان مڃيندا آهن. سيالڪوٽ جسٽس جاويد اقبال جو آبائي شهر آهي، جو علامه اقبال اتي ڄائو هو.
گرو نانڪ جو ڇويهون گادي نشين مهندر سنگهه بيدي هندستان سرڪار جو ٻارنهن ڄڻن جو ادبي وفد وٺي، پاڪستان جي سرڪاري دوري تي آيو هو. حڪومت پاڪستان مون کي وفد جو سرڪاري ميزبان مقرر ڪيو. بيديءَ هڪ دفعي ٻڌايو ته اسان سک به هڪ خدا کي مڃيندا آهيون. ٻين به گهڻين ڳالهين ۾ هندن کان وڌيڪ مسلمانن کي ويجها آهيون. مثلاً، اسان به اوهان وانگر پنج وقت عبادت ڪندا آهيون.
ڀڳتِي تحريڪ ۾ گرو نانڪ کي ته سک ڌرم جو پيشوا ليکيو وڃي ٿو پر، ميران ٻائي، ڀڳت ڪبير، خود دادو ديال به ڀڳتي تحريڪ جا آبدار مڻيا هئا.
شاهه سائينءَ ۽ ٻين عظيم صوفي شاعرن سنڌي مسلمانن جي ذهن کي متاثر ڪيو، ته هندن کي وري ڀڳتي تحريڪ ماڻهپي جو سبق ڏنو. سنڌ جا ڪيترا هندو، تعصب ڇڏي، مسلمان درويشن جا مريد ٿيا. ڪي مرشد جي سيکاريل ذڪر فڪر موجب، رب پاڪ جي ”اسماءُ الحسنيٰ“ جي تسبيح پڙهندا هئا. هندو زالون توڙي مرد مرڻ کان پوءِ ساڙيا ويندا آهن. پوربا ڪونه آهن. ليڪن، سچل سائينءَ جي قدمن ۾ سندس عقيدتمند هڪ هندو عورت جي قبر آهي.
تاجپور جو نواب نور احمد خان لغاري به منهنجو گھرو گهاٽو دوست ۽ محسن هو. اسان ٻئي ايران سرڪار جي دعوت تي تهران، شيراز، اصفهان ۽ ٻين شهرن ۾ وياسين. ايران جو دورو پورو ڪري، پنهنجي خرچ تي دبئيءَ وياسين. اتي نواب صاحب جا هندو الاهي مريد هئا. نواب صاحب پاڻ به گادي نشين هو ۽ جهوڪ شريف جي درگاهه جو پانڌيئڙو هو. دبئيءَ ۾ نواب صاحب جي مريدن پنهنجي مرشد کي ڪنهن به سٺيءَ هوٽل ۾ ٽڪائڻ بي ادبي سمجهي. پنهنجي گهر ۾ ٽڪايائون. مون پنهنجين اکين سان کين نواب صاحب جي هٿن ۽ پيرن کي چمندي ڏٺو.
ڀڳت ڪنور جنهن سونهاريءَ سنڌ ۾ اکيون کوليون، ان جو ماحول ائين هو. منجهس تعصب ڪونه هو. سندس پيءُ جو نالو ڀائي تاراچند هو ۽ ماڻس جو شريمتي تيرٿ ٻائي. ڪنور سترام داس نالي هڪ درويش جي دعا سان ڄائو. سو، ماڻس ۽ پڻس پنهنجو پٽڙو وڃي درويش جي گود ۾ وڌو. هو ڀڳت هو ۽ ڪلام چوندو هو. سندس اثر ڪنور تي پيو هوندو. ڪنور پنهنجي پيءُ جي چوڻ موجب، هاسارام نالي هڪ شخص کان ”راڳ وديا“ جي تعليم ورتي، جو ڳوٺ حيات پتافيءَ ۾ هندن جي درٻار جو شيواڌاري هو.
هندن جي مذهب ۾ راڳ عبادت آهي. هندو ڌرم جا پاڪ ڪتاب مثال طور؛ ”رگ ويد“ به گهڻي قدر، قدرت جي حمد ۽ ثنا جا گيت آهن: اسان جي عقيدي موجب پڻ نبين ۾ حضرت دائودعه جو آواز ڏاڍو مٺو هوندو هو. لحن دائودي حُسنِ يوسف وانگر مشهور آهي. هندستان جي مسلمانن ۾، چشتي سلسلي جا بزرگ راڳ ۽ سماع جا شوقين هوندا هئا.
اسان جو شاهه سائين به راڳ جو شوقين هو. چون ٿا ته هڪ ڀيري ٺٽي جي مُلنِ جو هڪ وفد وٽس ويو ۽ ادب سان عرض ڪيائين ته، ”سائين اوهان ته پاڻ هيڏا پرهيزگار بزرگ آهيو. پوءِ راڳ ۽ ساز جي وندر ورونهن ڪيئن ٿا ڪريو؟“
شاهه سائينءَ کين محبت سان جواب ڏنو ته ، ”ادا، منهنجي اندر ۾ هڪ وڻ آهي. جڏهن راڳ ٻڌان ٿو، ته ان ۾ گؤنچ ۽ گل ڦل ڦٽن ٿا، پر، جي نٿو ٻڌان، ته گل ڦل ۽ گؤنچ ڪومائجي وڃن ٿا.“
شاهه سائينءَ پنهنجي ڪلام ۾ مولانا جلال الدين روميءَ کي ساراهيو آهي. هو عالمِ اسلام جو سڀني کان هاڪارو شاعر هو. راڳ ۽ سماع جو شوقين هو، کيس انهيءَ رنگ ۾ رڱڻ وارو بزرگُ، شمس تبريزي هو. ساڻس ملاقات کان اڳ مولانا رومي شريعت جو جيد عالم هو. جڏهن ٻاهر نڪرندو هو، ته سوين ماڻهو سندس اڳيان ۽ پويان ادب سان پيادل هلندا هئا. مولانا رومي عبا ۽ قبا سان وڏي شان شوڪت سان ايندو ويندو هو. سندس وڏو رعب هو. هڪ دفعي وعظ پئي ڏنائين، ته ماڻهن جي ميڙ ۾ پراڻن ميرن ڪپڙن ۾ ويٺل هڪ فقير، کيس چيو ته، ”اوهان جيڪا ڳالهه هيئن بيان ڪئي، سا ته هونئن آهي.“
روميءَ ڏانهس نهاريو ۽ فرمايو ته، ”فقير هيءَ ڳالهه تنهنجي سمجهه کان مٿي آهي.“
اهو ٻڌي، فقير روميءَ جي بي بها قلمي ڪتابن جي ڍير ڏي نهاريو ته منجهانئن دونهان نڪرڻ لڳا. روميءَ دانهن ڪئي ته، ”فقير تو هي ڇا ڪيو؟“
فقير جواب ڏنس ته، ”اها ڳالهه وري تنهنجي سمجهه کان مٿي آهي.“
ٻي روايت هيءَ آهي ته روميءَ ڪنهن چمن ۾، وهندڙ ڪسيءَ جي ڪناري تي واعظ پئي ڏنو، ته ڪنهن فقير کانئس ڪو سوال ڪيو.
روميءَ چيس ته، ”فقير، هيءَ ڳالهه تنهنجي سمجهه کان مٿي آهي.“
فقير ڇا ڪيو، جو رومي جي پاسي ۾ رکيل قلمي ڪتابن مان هڪڙو کڻي وهندڙ ڪسيءَ ۾ اڇلايائين. روميءَ دانهن ڪئي ته، ”فقير، توهي ڇا ڪيو؟“
فقير ڪسيءَ ۾ هٿ وجهي، ڪتاب ڪڍي روميءَ جي اڳيان رکيو. مٿس پاڻيءَ جو هڪ قطرو به ڪونه هو. رومي اها ماجرا ڏسي، وائڙو ٿي ويو.
اهو ڏينهن ۽ اهو شينهن! روميءَ عبا ۽ قبا ڦٽي ڪئي. شمس تبريزيءَ جو ٻڌو ٻانهو ٿي ويو. کانئس معرفت جا سبق ورتائين. اڳتي هلي، شمس تبريزي غائب ٿي ويو. ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته جلال الدين روميءَ جي فرزند کيس لڪ چوريءَ مارائي ڇڏيو، ڇو ته روميءَ اڳوڻو عالمانه ”مخرج“ ڇڏي ڏنوهو. فقيري اختيار ڪري راڳ ۽ سماع شروع ڪيو هو.
روميءَ جي راڳ ۽ سماع جو اهو سلسلو اڄ تائين هلندو اچي ٿو. فارسيءَ ۾ ان کي ”رقصِ درويشان“ ۽ انگريزيءَ ۾ “Dancing Derveshes” ڪوٺيندا آهن. روميءَ کي شمس سان عشق ۽ عقيدت هئي. کيس سڪ سان ساري، فرمايو اٿس:

مولوی ہرگز نہ شُدِ، مولائی روم،
تا غلامِ شمس تبریزی نہ بود.

مان جڏهن ڏهن ٻارنهن ورهين جو ٻار هئس ته بابا سائينءَ سان گڏ پنهنجي ڳوٺ آڳرن کان ڇهن ستن ميلن تي ڪنڊياري جو شهر گهمڻ ويندو هئس. تعلقي جو هيڊ ڪواٽر آهي. ضلعو تڏهن نوابشاهه هو ۽ هاڻي نوشهرو فيروز آهي. ڪنڊياري ۾، چاچي محمد هاشم ميمڻ وٽ پراڻي پرائمري اسڪول ۾ ٽڪندا هئاسون. اسڪول وڏي دڙي جي مٿان ٺهيل هو. ڪچين سرن جي ٿلهين ڀتين سان اُڻويهين صديءَ جي آخر ۾ اڏيو هو. اڏاوت جو ڪتبو ڪاشيءَ جي سرن سان ڀت تي لڳل هو. سن 1880ع هو يا ڪو ٻيو. پر، منو سؤ سال گذرڻ جي باوجود اسڪول اڃا ڏاڍو بيٺو هو. اسڪول جي اتر ۾ هندن جو ٽڪاڻو هو. رات جو سومهاڻيءَ مهل ٽڪاڻي ۾ راڳ ۽ ساز شروع ٿي ويندا هئا. چوندا هئا ته ”اها هندن جي عبادت آهي.“
راڳ گهڻن ئي قومن ۾ خدا جي عبادت آهي. هن دنيا جا انسانَ، پوءِ اهي ڪهڙي به دين ڌرم جا هجن، پنهنجيءَ پر ِ ۾، رب پاڪ کي مٺي آواز ۾ ياد ڪندا رهن ٿا. بيوس ڪهڙو نه سٺو چيو آهي:

ساهه اندر جو ساهه کڄي ٿو
بيوس سائينءَ ناد وڄي ٿو
نوبت نينهن نقارا
سڀ ڪن تنهنجي ساراهه
پياراقدرت وارا

هندستان جي هاڪاري عالم، ابوالڪلام پنهنجي مشهور ڪتاب ”غبارِ خاطر“ ۾ لکيو آهي ته؛
”رگ ويد جي فڪري زمزمن جو مواد ان وقت تيار ٿيڻ لڳو هو، جڏهن اڃا تاريخ جو صبح به رات جي تاريڪيءَ مان ظاهر ڪونه ٿيو هو. مصرين انهيءَ ئي زماني ۾ خدا کي طرح طرح جي مٺن نالن سان پڪاريو هو، حتين ۽ ريڪيءَ اعلامين پنهنجي تصوري عبادتگاهن جا نقش و نگار به ڪونه ٺاهيا هئا. انساني تهذيب ۽ تمدن اڃا جوانيءَ ۾ پيرُ به ڪونه پاتو هو، ته ڪالڊيا جي ڪاريگرن مٽيءَ جي ڪچين سرن تي رب جي حمد ۽ ثنا جا اهي ترانا لکيا هئا، جيڪي اڳين قومن کان کين ورثي ۾ مليا هئا.“
ابو الفضل ڪشمير ۾ جيڪو عبادتخانو ٺهرايو هو، ان تي هي ڪتبو هنيو هئائين:

الہٰی بہ ہر خانہ کہ می نگرم جو یائے توانہ،
و بہ ہر زبان کہ می شنوم گویائے تو!

ڪنور جو راڳُ به انهيءَ رنگ ۽ روپ ۾، رب پاڪ کي سڪ جا سڏڙا هئا:

نالي الک جي ٻيڙو تار منهنجو!
ڪنور صحيح معنيٰ ۾ هڪ فقير هو.

ليڪن سندس قسمت کي ٻيو ڪجهه منظور هو.

سائين جي.ايم. سيد ”جنب گذاريم جن سين“ جي ٻئي جلد، (ڇاپو 1976ع) ۾ لکيو آهي ته؛
”سکر ۾، ڪن ناعاقبت انديش هندن ڀرچونڊي جي ڪنهن پير صاحب جي وڏي فرزند، جي بيعزتي ڪئي. پير صاحب جي مريدن فيصلو ڪيو، ته هندن جي انهيءَ حرڪت جو بدلو سندن ڪنهن پير فقير کان وٺجي. جيئن ته هندن ۾ ڀڳـــَت ڪنور رام کي هڪڙي پيرَ يا گروءَ جهڙي عزت هئي. سو، هنن کيس قتل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
هندن کي انهيءَ ڳالهه جي ڪا ٻاڦور پئجي وئي، تن اختياريءَ وارن وٽ پڪاريو، جن هڪدم ڀڳت ڪنور جي بچاءَ لاءِ سندس ڳوٺ پوليس موڪلي. ڀڳت ڪنور جي نالي سرڪاري طرح بندوقن جا ٻه ليسن نڪتا، سو، ٻه هٿيار بند راکا هميشه ساڻس گڏ ويندا هئا.“
هڪ دفعي ڪنور، دادوءَ ضلعي جي مانجهند شهر ۾ ڀڳت وجهڻ ويو. اتان، پهرين نومبر 1939ع جي شام جو پنجين بجي واريءَ گاڏيءَ ۾ دادوءَ روانو ٿيو، جتان کيس سکر وڃڻو هو ۽ پوءِ روڊ رستي پنهنجي ڳوٺ جروار پهچڻو هو. ساڻس سٺ ماڻهو گڏ هئا. ريل گاڏي دادوءَ کان هلي رڪ اسٽيشن تي پهتي، جيڪا جنڪشن اسٽيشن هوندي هئي. مون ننڍپڻ ۾ ڏٺي. تڏهن وڏي لئه هئس. ريل گاڏي چڱو وقت بيهندي هئي. ريلوائي اسٽيشن جو بابو، ڪنور جو عقيدتمند هو، تنهن کاڌي پيتي جون ڪجهه شيون نذراني طور اڳيان آڻي رکيس. پر، ڪنور اهو نذرانو پنهنجي ماڻهوءَ کي ڏنو، ته سڀني کي ورهائي ڏيو. ايتري ۾ ٻه ماڻهو گاڏيءَ ۾ چڙهيا. ٻنهي کي بندوقون هيون. ڪنور ان مهل گاڏيءَ جي در وٽ بيٺو هو. ٻنهي ڄڻن، دستور موجب، هٿ جوڙي کيس سلام ڪيو. هن به هٿ جوڙي کين سلام ڪيو. انگور جو ڇڳو ۽ ٻه کير پڙا به کائڻ ڪاڻ ڏنائيِن.
گاڏي هلڻ واري ٿي، ته ٻئي ڄڻا گاڏيءَ مان لهي ويا ۽ ڪنور وڃي بينچ تي ويٺو. گاڏي رڙهي ۽ اڃا آهستي آهستي هلي رهي هئي، ته ٻئي بندوقن وارا گاڏيءَ جي پٺيان ڦري آيا. هڪڙي ڄڻي، پري کان نشانو وٺي ڪنور کي ڪنڌ ۾ گولي هنئي. هو ڌڪ لڳڻ شرط ڪري پيو ۽ بيهوش ٿي ويو. ٻئي بندوقن وارا جهنگ ۾ ڀڄي ويا. ڪنور بندوق لڳڻ کان پوءِ به منو ڪلاڪ کن جيئرو هو. پر، گاڏيءَ ۾ علاج ممڪن ڪونه هو. باگڙجيءَ اسٽيشن تائين سندس رت وهندو رهيو. ان کان پوءِ دم ڏنائين. هندو ڌرم موجب، سندس اگني سنسار جي رسم جروار ڳوٺ ۾ ادا ڪيائون.
ڪنور سنه 1858ع ۾ ڄائو هو. ان حساب سان ايڪاسي سال عمر ماڻيائين. هن جهان ڇڏڻ کان اڳ، جو پاڻ مانجهند ۾ ڀڳتِ وجهي موٽيو هو، تنهن جو مطلب اهو ٿيو، ته صحت سٺي هئس ۽ پنهنجي زندگي جنهن ڪم لاءِ وقف ڪئي هئائين، ان تي آخري دم تائين پابند رهيو. سائين جي.ايم.سيد سندس قتل تي راءِ زني ڪندي لکيو آهي ته؛
”هن قسم جا واقعا سنڌ جي صوفياڻيءَ سرزمين تي ڪٽر پڻي جي شروعات هئا. ستت، سکر ۾ مسجد منزل گاهه وارا هندو مسلم فساد ٿيا، جن جي نتيجي ۾ عام قتل ٿيا. پروفيسر پمناڻيءَ ۽ الله بخش سومري جي شهادت جا واقعا ٿيا.“
مسجد منزل گاهه وارو فساد ۽ عام ماڻهن جو قتلام ته هڪ سازش جو نتيجو هو، جنهن ۾ ”سنڌي سياستدان“ شريڪ هئا. مون سائين جي.ايم.سيد واري مضمون ۾ اهڙو ذڪر ڪيو آهي. سندن سازش ڪامياب ٿي ۽ سنڌ ۾ هندو مسلم فساد ٿيا.
اسان جي ڳوٺ ۾ اڪرم موالي نالي هڪ شخص هوندو هو. مون ڏٺو. اڃا ٻار هئس، ته هو اڇيءَ ڏاڙهيءَ سان هو. ٿورو گهڻو ٻني ٻارو هئس، جو وڪڻي، پئسو ڀنگَ ڀڳڙي ۾ کپائي ڇڏيائين. ڳوٺ ۾ کيس ”اڪرم موالي“ ڪوٺيندا هئا. سکر ۾ مسجد منزل گاهه وارن فسادن جي خبر ٻڌي اوڏانهن ويو. موٽ تي ڳالهه ڪيائين، ته هڪڙي واڻئي تي گاسليٽ هاري، باهه ڏنائونس. مون به مٿس گاسليٽ سان ڀريل ڪُپو هاريو. باهه جو ڀڀڙ واڻئي کي وڪوڙي ويو. ٻين به گهڻن ئي عام ماڻهن اڪرم مواليءَ وانگر ڪيو هوندو. پر، اصل ڏوهي اهي ٿيا، جن سازش ڪري، سنڌ ۾ اهو ”سياسي زلزلو“ آندو. سندن اصل مقصد اهو هو ته الله بخش سومري جي وزارت ڪيرايون. سنڌي ماڻهوءَ جو ساڙ ۽ حسد مشهور آهي. انهيءَ فساد جو نتيجو اهو به نڪتو ته سنڌ ۾ مسلم ليگ زور ورتو.
سائين جي.ايم. سيد ان وقت سنڌ جو مکيه سياستدان هو. سو، کيس سڄي خبر هوندي، ته لنڪا کي باهه ڏيڻ وارا ڪير ڪير هئا؟ پر، انهن جا نالا ڪونه کنيا اٿس.
پاڪستان ٺهڻ لاءِ سنڌ اسيمبليءَ ۾ ٺهراءُ سائين جي.ايم.سيد پاس ڪرايو هو. ليڪن پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سرڪار کيس ٽيهه سال نظر بند رکيو. رحيم بخش سموري مون کي ٻڌايو ته نظر بنديءَ مان عارضي مهلت وٺي شڪارپور آيو. مون وٽ ٽڪيو. بابا جي تربت تي هليو. دعا گهري، چيائين ته، ”الله بخش تون درست هئين اسان غلط هئاسون!“ مان پنهنجي گناهه جي معافي وٺڻ آيو آهيان.“
مان جڏهن ويهن پنجويهن ورهين جو ٿيس، ته ڪراچيءَ نوڪري ڪرڻ ۽ پڙهڻ ويس. ميٺارام هاسٽل ۾ رهندو هئس، جيڪا سياسي ذهن رکندڙ شاگردن جو مرڪز هئي. ڪڏهن ڪڏهن مسجد منزل گاهه جي سکر وارن فسادن جو ذڪر نڪرندو هو. اسان کان وڏيءَ عمر ۽ پختي ذهن جا شاگرد، ڪن سنڌي سياسي اڳواڻن ڏي آڱريون کڻندا هئا. ايترو چٽيءَ طرح سان ياد اٿم، ته انهن ۾ سر حاجي عبدلله هارون، سر غلام حسين هدايت الله ۽ سر شاهنواز ڀٽي جا نالا ڪڏهن به ڪونه کنيائون، توڙي جو انهن مان ڪن جو سنڌ جي مسلم ليگ کي زور وٺائڻ ۾ وڏو رول هو.
هر ڪنهن کي اهو معلوم هو ته مسجد منزل گاهه وارا فساد مسلم ليگي ذهنيت وارن اڳواڻن الله بخش سومري جي وزارت کي ڪيرائڻ لاءِ رٿيا هئا. شهيد الله بخش سومرو، انگريزن جو ڪٽر دشمن هو. سندن پرواهه ڪونه ڪندو هو. سندس جيئري مسلم ليگ زور ڪانه وٺي ها. انگريز به سندس شهادت تي خوش ٿيا.
رحيم بخش خان سومرو، شهيد الله بخش سومري جو وڏو فرزند منهنجو چاليهن سالن جو دوست هو. سو، پاڻ ۾ گھرا گهاٽا هئاسين. ڪراچيءَ کان شڪارپور ويندي ۽ موٽندي، مون وٽ ٽڪندو هو. پراڻي دؤر جي اهم واقعن جو ذڪر ڪندو هو.
هڪ دفعي مون سان ڳالهه ڪيائين ته، ”جن بابا کي ماريو هو، تن پوءِ پڇتايو هو. هر سال انهيءَ تاريخ تي بابا جي تربت تي اچي، توبهه تائب ٿيندا هئا ۽ قرآن شريف جو ختمو ڪڍندا هئا. ختمو ڪڍي، امان کي پيرين پئي، هر ڀيري معافي وٺي، واپس ويندا هئا. ڪل چار ڄڻا هئا. هڪ مري ويو، ته ٽي ايندا هئا، ٽيون مري ويو، ته ٻه ايندا هئا. آخر ۾ هڪڙو ڄڻو بچيو. جيسين جيئرو هو. تيسين ايندو هو.
سوڀو گيانچنداڻي سنڌ ۽ هند ۾ گذريل اڌ صديءَ جي اهم واقعن ۽ سياسي لاهن چاڙهن جو معتبر شاهد آهي. هن لکيو آهي ته: ”جنهن وقت ڪنور ڀڳت شهيد ٿيو، ان وقت مان ٽئگور جي شانتينڪيتن ۾ پڙهندو هئس. اتي خبرون پهچنديون هيون ته سنڌ ۾، خاص ڪري سکر ضلعي ۾ قتلِ عام ٿي رهيو آهي. جن شهرن ۾ هندن جي گهڻائي آهي، اتي مسلمان ماريا وڃن ٿا، جتي مسلمانن جي گهڻائي آهي، اتي هندو ماريا وڃن ٿا.
سوڀي لکيو آهي ته مسلم ليگ، جو بنياد 1906ع ۾ پيو هو. جنهن جو هڪ وفد ان وقت جي هندوستان جي وائسراءِ ”لارڊ منٽو“ سان مليو ۽ زور ڏئي، اها ڳالهه ڪيائين ته، ”مسلمان هڪ جدا قوم آهن مسلمانن جا ووٽ جدا ڪيا وڃن.“
ان زماني ۾ سياسي تحريڪون ايڏيون طاقتور نه هيون، پر، ڪانگريس جي اڳواڻيءَ ۾، 1881ع کان جنهن تحريڪ جي شروعات ٿي هئي، سا، ويهين صدي جي شروعات تائين طاقتور ٿي وئي هئي.
سوڀي ان دؤر جي سياسي منظر جو ذڪر ڪندي چيو آهي ته: ”1921ع ۾ گانڌيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ ”عدم تعاون“ جي تحريڪ هلي، جيڪا اهنسا تي ٻڌل هئي. اهنسا جو مطلب آهي ته ”رتوڇاڻ نه ڪريو.“ ساڳئي وقت، ”خلافت تحريڪ“ هلي. خلافت تحريڪ ۾ هزارين مسلمان شريڪ ٿيا. مسلمان علمائن ڳوٺن اندر پرچار ڪيو ته حڪومت سان تعاون ڪرڻ ڪفر آهي. اسلام جي خلاف آهي. فوج جي اندر جيڪي مسلمان آهن سي ڪِريل آهن، منڪر آهن. انهن کي کپي ته انگريزن جي حڪمن کي مڃڻ کان انڪار ڪن. مهاتما گانڌيءَ به خلافت تحريڪ جي پٺڀرائي ڪئي. هندن ۽ مسلمانن جي انگريزن جي خلاف گڏيل تحريڪ جيتوڻيڪ هلي صرف ٽي سال، پر انگريزي سلطنت جا بنياد لڏي ويا.
انگريزن وري ان جو ٽوڙ اهو ڳوليو، جو هنن به مذهبي تحريڪون شروع ڪرايون. مثال طور هندن ۾ شڌي ۽ سنگٺن جون تحريڪون، مسلمانن ۾ انگريزن جي ڪن وظيفي خور مولوين تحريڪ شروع ڪئي. اهڙيءَ ريت ساري هندوستان ۾ ننڍا وڏا فساد ٿيا. اخبارن غلط پروپيگنڊا ڪئي. سو، هندن ۽ مسلمانن ۾ نفرت وڌندي ويئي. هندوستان جو جيڪو ماحول هو تنهن جو اثر سنڌ جي سياست تي به پيو. سنڌ اسيمبليءَ جي سٺ ميمبرن مان ستاويهه هندو ۽ ٽي خاص چيمبر آف ڪامرس يا زميندارن جا نمائندا هئا. سنڌ جي هڪ مستحڪم حڪومت بنائڻ توڙي ڊاهڻ ۾ سنڌ جي انگريز گورنر جو وڏو هٿ هوندو هو.
الله بخش سومري کي ڪانگريس جي ميمبرن جي سپورٽ هئي. هن انگريزن کان مليل لقب ساڻن نفرت ڪري واپس ڪيا هئا، سو، سندن مٿس وڏي ڪاوڙ هئي، ٻيا به ڪيئي ڪارڻ هئا. مثال طور هن انگريزن جي حڪومت ۾ سندن مرضيءَ جي خلاف مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي جلاوطني ختم ڪري کيس غالباً ڇٽيهن سالن کان پوءِ واپس سنڌ ۾ آندو. هن پسمنظر ۾ تڏهوڪيءَ سنڌ مسلم ليگ کيس ڪيرائڻ ۽ هندو-مسلم ڇڪتاڻ پيدا ڪرڻ لاءِ، رٿ ڪئي ته هندن جو ڪو معتبر ماڻهو ماريو وڃي. پُکو ڪنور جي نالي نڪتو.
سنڌ ۾ ائين فساد ٿيا. هاسارام پمناڻيءَ جو قتل هندن ۽ مسلمانن کي ويڙهائڻ جي پاليسيءَ جو منطقي نتيجو هئو، الله بخش سومري کي شهيد ڪيو ويو. ڪنور جوقتل به ان ئي سلسلي جي هڪ مکيه ڪڙي هو.
”بمبئيءَ کان سنڌ جي جدائي“ جي تحريڪ ڪري به سنڌ ۾ هندو مسلم ڇڪتاڻ گهڻي وڌي ڇو ته هندن سنڌ جي آزاديءَ جي مخالفت ڪئي.
سوڀي گيانچند چنداڻيءَ سياسي منظر بيان ڪرڻ کان پوءِ پنهنجو رايو ڏنو آهي ته، صوفين جو اثر سنڌ ۾ گهڻي وقت کان وٺي آهي ۽ اڃا گهڻو وقت رهندو. انهن صوفين ۾ اسان جا امر شاعر لطيف، سچل ۽ سامي اچي وڃن ٿا. انهن سان گڏ اسان جي ڳائڻن ۽ ڪلاڪارن به وڏو رول ادا ڪيو. جيڪي صوفيانه ڪلام ڳائيندا هئا. صوفين جو اثر ايترو ٿيو، جو هندو ۽ مسلمان گڏجي ويا. ڪيترن ئي هندن مسلمانن جون درگاهون ساڳيون ۽ مرشد ساڳيا هئا. شاهه لطيف سڀني سنڌين لاءِ اکين جو نُور هو. هندن ۽ مسلمانن کي هڪجهڙو پيارو هو. هندن ۽ مسلمان محققن سندس ڪلام تي عشق ۽ عقيدت سان ڪم ڪيو. پر، پوءِ به سڄي هندستان جي سياست جو اثر سنڌ تي پوندو رهيو. ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي ڇڪتاڻ وڌندي وئي. نيٺ هندستان ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو.
سنڌ ۾، هندو ۽ مسلمان اڄ به ڪنور کي ياد ڪن ٿا، ڇوته پنهنجي ملڪ سان محبت ۽ پنهنجن ماروئڙن ۽ سانگيئڙن سان پيار ڪرڻ سنڌ جي قديم ڪلچر جي شاندار روايت آهي.
ڪنور جو قتل 1857ع واريءَ بغاوت کان پوءِ انگريزن جي ”ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو“ واريءَ پاليسيءَ جو نتيجو هو. سنڌ ۾ ڪي مسلم ليگي اڳواڻ انهيءَ پاليسيءَ تي عمل ڪري رهيا هئا. انگريز سرڪار کين سر، خانصاحب ۽ خانبهادر جا لقب بي سبب ڪونه ڏيندي هئي.
الله بخش جي وزارت مضبوط هئي، سو، انهيءَ کي ڪيرائڻ لاءِ فساد ضروري هو. ڪن به ٻن ڌرين ۾ نفرت پئدا ڪرڻ جو مؤثر طريقو هي آهي ته کين پاڻ ۾ ويڙهائجي.

حُسين شاهه راشدي

حسين شاهه ۽ منهنجيءَ دوستيءَ جو عرصو پنجاهه سال آهي. انهيءَ عرصي ۾ ڪيئي لاها چاڙها آيا، پر، دلين کي درياهه جون سيرون به ڌار ڪري ڪونه سگهيون.
ٻئي ڄڻا سنڌ مسلم ڪاليج ڪراچيءَ ۾ پڙهندا هئاسون. عمر چوويهه پنجويهه ورهيه هوندي.
اسان جو ٽيون دوست علي محمد گمبواڻي هوندو هو، جو آمريڪن سفارتخاني ۾ ملازمت ڪندو هو ۽ پڙهندو سنڌ مسلم ڪاليج ۾ هو. اڳتي هلي، سندس سنگت ڪري، حسين شاهه به آمريڪن سفارتخاني ۾ نوڪري ورتي جتي ڪرسٽافر ۽ ورنر نالي ٻن آمريڪين سان دوستي رکيائين ۽ کين مون سان به متعارف ڪرايائين. ٻئي آمريڪي گهرا گهاٽا يار ٿي ويا. ايتريقدر جو ٻه سال پوءِ بورڊ جون آفيسون بدلي ٿي حيدرآباد آيون، ته ٻئي آمريڪي دوست پنهنجين زالن ۽ حسين شاهه سان گڏ مون وٽ هر آچر ڏينهن حيدرآباد ايندا هئا. حيدرآباد اچڻ مان سندن مکيه مقصد WEEK-END تي ڪراچيءَ جي گوڙ گهمسان مان نڪري، OUTING ڪرڻ لاءِ ٺٽي واري رستي سان ڳوٺن، باغن، پوکن ۽ ڍنڍن جو نظارو ڪرڻ ۽ حيدرآباد اچي ٻه ٽي ڪلاڪ مون سان گڏ گذارڻ هوندو هو. حيدرآباد ۾ تڏهن سٺي ۾ سٺي هوٽل ”رٽز“ هوندي هئي منجهس کاڌي جو هڪ ايئرڪنڊيشنڊ ڪمرو به هوندو هو. جنهن ۾ بيئر ملندو هو. آمريڪي دوست لنچ کان اڳ ٻه ٽي گلاس پيئندا هئا. پر، حسين شاهه ان کي هٿ به ڪونه لائيندو هو. جڏهن مان ڪراچيءَ ويندو هئس ته ڪڏهن ورنر ته ڪڏهن ڪرسٽافر ڊنر ڪرائيندا هئا. ورنر ۽ سندس زال سخي هئا. هڪ دفعي ڪراچيءَ مان منهنجي BIRTH-DAY تي، گهر ۾ وڏو نهايت وڻندڙ ”فروٽ ڪيڪ“ ٺاهي، ان کي هڪ خوبصورت باڪس ۾ وجهي کڻي آيا. مان سندن قرب کان ڏاڍو متاثر ٿيس. حجاب کان کين اهو ڪونه ٻڌايم ته مون ته پنهنجي فيملي ميمبرن سان به ڪڏهن BIRTH DAY ڪونه ملهايو هو. اسان وٽ اهو رواج ئي ڪونهي.
حسين شاهه جو والد سائين علي محمد شاهه راشدي مرڪزي وزير اطلاعات هو. سو، مون کي ائين سمجهڻ لاءِ واجبي سبب هو، ته حسين شاهه سنڌ جي ”حڪمران خاندانن“ “RULING FAMILIES” سان تعلق رکي ٿو. پر، هڪ دفعي چيائين ته، ”ادا، اسان لوئر مڊل ڪلاس جا ماڻهو آهيون“ مان اها ڳالهه ٻڌي، منجهي پيس. سو، وضاحت لاءِ ٻه ٽي ڳالهيون ٻڌايائين. چيائين ته، ”هاڻي ته خوشحال آهيون پر، پاڪستان ٺهڻ وقت جڏهن بابا ”سنڌ آبزرور“ (SIND OBSERVOR) جو ايڊيٽر هو ۽ سندس وڏو ٺٺ ٺانگر هو، تڏهن هڪ ڀيري امان موڪليو ته، ”پيءُ کان ڏهه روپيا وٺي اچ، جو گهر ۾ ٻوڙ ڀاڄيءَ لاءِ پيسو ڪونهي“. بابا وٽ آفيس وڃڻ لاءِ بس جو ڪرايو ڪونه هو سو، پيادل جمشيد روڊ کان گهڻو پري سندس آفيس ۾ ويس. ڳالهه ٻڌي، تڙ تڪڙ ۾ سڪو جواب ڏنائين، ”مون وٽ پئسا ڪونهن.“ موٽي اچي، امان کي احوال ڏنم.
حسين شاهه جي والده صابرين خاتون هئي. سائين حسام الدين مون سان ڳالهه ڪئي ته، ”منجهند جي ماني پچائي، بورچيخاني ۾، ڀر پاسي سان تڏي وڇائي، اُتي ئي آهلي پوندي آهي.“
حسين شاهه ننڍپڻ جو ڪو ٿورو عرصو والد سان گڏ گذاريو. سائين حسام الدين راشدي کي اولاد ڪونه هو. سو، حسين شاهه ۽ ڀيڻس حسنا بيبيءَ کي پٽ ۽ ڌيءُ ڪري، ناز ۽ نعمت سان پاليائين. سندن والده به حسام الدين راشديءَ جي گهر ۾ رهڻ لڳي تڏهن حسام الدين شاهه ۽ علي محمد شاهه جي والده گوهر بيبي به ساڳئي گهر ۾ رهندي هئي. ٻڍڙي عورت هئي. هڪ دفعي مون کي حيدرآباد مان سڏائي ڪو ڪم چيائين. سندن مقعطيدار کين پورو فصل ڪونه ٿي ڏنو.
حسين شاهه جو ننڍپڻ سڄو ئي ڪراچيءَ ۾ گذريو هو. ڏاڏيءَ جي واتان ڪڻڪ جي فصل جون ڳالهيون ٻڌي، جڏهن اسان ٻئي ڄڻا سندن گهران ٻاهر نڪتاسين، ته مون کان پڇيائين ته:
”ڪڻڪ جو وڻ وڏو ٿيندو آ؟“
ڪاليج ۾، حسين شاهه بي.اي. ڪري ”لا“ جو امتحان پاس ڪيو ۽ چاچي جي مشوري موجب پريڪٽس لاءِ دادوءَ هليو آيو. علي محمد راشدي اتي ڪرايي تي گهر ورتو هو، جو ديهه ڦڪن ۾ فارم هئس. حسين شاهه کي چيائين ته، ”مون واري فارم تي به نظرداري ڪجانءِ“
بورڊ جون آفيسون غالباً 1962ع ۾ حيدرآباد ۾ آيون هيون ۽ گاڏي کاتي جي، ”امين منزل“ ۾ هيون. حسين شاهه، دادوءَ ۾ رهائش دوران ڏهين پندرهين ڏينهن حيدرآباد ايندو هو. منهنجي آفيس ۾، لئبرريءَ جي وڏيءَ ميز تي هنڌ وڇائي سمهندو هو. ماني سدائين ”اورينٽ هوٽل“ ۾ کائيندو هو. مون وٽ رڳو صبح جي چاءِ پيئندو هو. اسان جا ڪجهه سال ائين گڏ گذريا. تن ڏينهن ۾ رات جو يارهين بجي هڪ ريل گاڏي ڪراچيءَ مان دادوءَ ويندي هئي، ان ۾ ويندو هو. هڪ دفعي مان کيس ڪوٽڙي اسٽيشن تي اماڻڻ ويس. سامان گارڊ جي ڪمري ۾ رکيائين، جيڪو تمام ننڍو هو. وهڻ لاءِ رڳو هڪ سوڙهي پر گدي واري بينچ هئس. بينچ جي اڳيان منجهس فرش کان ڇت تائين هڪ ٿلهو اسٽيل جي پائيپ جو اڀو ٿنڀو هو. حسين شاهه بت ۾ تڏهن به ڀريل هو. ٻڌايائين ته، ”بينچ تي پاسو ٽڪائي، ٿنڀي کي مٿان ٻنهي هٿن سان جهليندو آهيان. ريل گاڏي رڙهندي رهندي آهي. نيٺ ائين اڌ رات جو وڃي دادوءَ پهچندو آهيان.“
منجهس جفاڪشيءَ جي وڏي صلاحيت هئي. اها ڳالهه ان جو هڪ مثال آهي.
مون سنه 1969ع ۾ شادي ڪئي تن ڏينهن ۾ ون يونٽ جي خلاف سنڌ جي تحريڪ ۾ سرگرم عمل دوستن سان گهڻو وقت گڏ گذرندو هو. دوستن جي قطار اڻ کٽ هئي. ڳوٺ ۾ کين ٽڪائڻ جو خاطر خواه بندوبست ڪونه هو. سوچي سمجهي ڪنهن به دوست کي شاديءَ جو ڪونه ٻڌايم. رڳو حسين شاهه سان ڳالهه ڪيم، شاديءَ واريءَ رات مان ته وڃي آرامي ٿيس. حسين شاهه بنا ڪنهن اطلاع جي اوچتو دادوءَ مان جيپ کڻي نڪتو، رات جو اوچتو هڪ ٻي بجي، الائي ته ڪٿان ڪٿان منهنجي ڳوٺ جي پڇا ڳاڇا ڪندو، اچي نڪتو. رات جي ماني کائي، اسان جي اوطاق ۾ لت ڏيئي سمهي پيو. مون کي صبح جو ٻڌايائون. ناشتو گڏجي ڪيوسون.
سندس شادي سائين حسام الدين ڪرائي پر، ان معاملي ۾ فقط مون سان صلاحي هو. سائين علي محمد راشدي سان به ڪا ڳالهه ڪونه ڪندو هو. انهيءَ سلسلي ۾ پڊ عيدن جي پاسي به وياسين. بهرحال، بيگم چنا جي معرفت معاملو راس ٿيو، تڏهن اسان جو مشترڪه دوست حميد سنڌي به ان معاملي ۾ شريڪ ٿيو، اهڙيءَ ريت حسين شاهه ۽ حسنا بيبيءَ جون شاديون پير غلام رسول شاهه جيلانيءَ جي خاندان ۾ ٿيون.
هڪ دفعي ادي شميم جو سڪ سان ذڪر ڪندي مون کي چيائين ته، ”شميم سان منهنجي شادي ڪونه ٿئي ها ته منهنجو گهر ڪونه ٺهي ها“.
ادي شميم سنڌي محاوري موجب، صحيح معنى ۾ ”سگهڙ عورت“ آهي. گهر ته هلائي ٿي. پر، سائين مرحوم حسام الدين شاهه جا سوين ڪتاب، تاريخي خط ۽ تصويرون ايڏي ته سليقي سان محفوظ ڪيون اٿس، جو ڄڻ ته پاڻ سڄي عمر ڪتبخانن ۾ گذاري اٿس. ٻارن کي پڙهايائين ۽ بعد ۾ سندن شاديون ڪرايائين. مون کي ان ڳالهه تي خاص خوشي ٿي ته علي رضا کي نماز پڙهائڻ تي به هيرايائين.

حسين شاهه دادو ڇڏي ڪراچيءَ وڪالت ڪرڻ لڳو. سکيو ستابو ٿيو. نهايت ذهين ۽ محنتي هو. سائين حسام الدين جي وفات کان پوءِ ”الحمرا سوسائٽي“ وارو گهر وڪڻي، ڊفينس سوسائٽيءَ ۾ بنگلو ورتائين. اعلى درجي واري فرنيچر سان آراسته پيراسته ڪيائينس. گذريل دفعي بنگلي جي پورچ ۾ قيمتي ڪارون هڪٻئي پٺيان قطار ۾ بيٺل ڏٺم.
حسين شاهه پيءُ ۽ چاچي ٻنهي جي شخصيتن جو اثر ورتو. علي محمد شاهه سندس والد، سياست ۾ هو. پاڻ به سينيٽر ٿيو. سائين حسام الدين ادب ۾ هو ته پاڻ به سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين ٿيو. سائين حسام الدين شاهه مهيني ماسي سنڌي ۽ اردو اديبن جون پروقار دعوتون ڪندو هو. حسين شاهه، چاچي جي اها سنت به جياري. والد ۽ چاچي جون ورسيون وڏي اهتمام سان ملهائيندو هو. هن ڀيري سائين علي محمد شاهه جي ورسيءَ جي تقريب جو بندوبست ”جيو“ (GEO) جي آڊيٽوريم ۾ ننڍي ڀاءُ عادل شاهه راشديءَ سان گڏجي ڪيائين. منهنجو وڏو مانُ ڪيائين جو تقريب جو ”مهمان خصوصي“ ڪيائين. پوءِ رات جو گهر دعوت لاءِ وٺي هليو. جنهن ۾ فقط سندس خاندان جا مرد ۽ خواتين هئاسين. ان موقعي تي سندس لئبرري به ڏٺم. نفيس احمد ناشاد ورسيءَ جي تقريب ۾ ته شريڪ ٿيو. پر، پوئتي موٽڻو هئس. سو، حسين شاهه جي گهر دعوت ۾ هلي ڪونه سگهيو.
ستت حسين شاهه سنڌي ادبي بورڊ جي تعاون سان حيدرآباد ۾ سائين حسام الدين شاهه جي ورسيءَ جي تقريب رکي ۽ مون کي ان جو تاڪيد ڪيائين. مان ته هونئن ئي سائين حسام الدين جو عقيدتمند آهيان. حاضر ٿيس. انهيءَ تقريب ۾ به مون کي ”مهمان خصوصي“ جو اعزاز ڏنائين. اڄ ڪنڌ ورائي پوئتي ڏسان ٿو ته ڪالهوڪو ڏينهن آهي.
حسين شاهه تقريب لاءِ ڪراچيءَ مان اچي ڪونه سگهيو جو اوچتو عليل ٿي پيو. پر، ٻئي ڏينهن، فون تي جلسي جو احوال ورتائين. سندس علالت ڪري، کيس فون ڪندو رهندو هئس. ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ کڙو تڙو هو. پوئين ڀيري چيائين ته، ”سڀ ٽيسٽون صحيح آيون آهن اڄ آخرين ڪرائڻ وڃان ٿو.“
ٻن ڏينهن کان پوءِ فون ڪيم ته ٻڌايائون ته، ”علي رضا لنڊن کان آيو هو سو، اسپتال ۾ کڻائي ويو اٿس.“
اسپتال مان خبر پئي، ته ڏينهون ڏينهن حالت سڌرڻ بدران بگڙي رهي آهي. هفتي کان پوءِ امجد شاهه جيلانيءَ ڪراچيءَ مان اطلاع ڏنو ته، ”ادا حسين شاهه اڄ آچر ڏينهن صبح جو هي جهان ڇڏي، انهيءَ جهان ۾ ويو، جيڪو هتان کان بهتر آهي.“ اکيون ڀرجي آيون. ڪراچيءَ جنازي نماز لاءِ روانو ٿيس.
حسين شاهه 15 جنوري 1938ع تي ڄائو هو. ان حساب سان لڳ ڀڳ ستر ورهيه عمر ماڻيائين. اهو چڱو وڏو وقت آهي. وقت نه رڳو ماڻهوءَ جي زندگيءَ جا سڀ معاملا طئي ڪري ٿو، بلڪه سندس وجود جو ”تسلسل“ برقرار رکي ٿو. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته انسان جي تخليق جو مقصد پنهنجي نسل جو تسلسل قائم رکڻ آهي. پر، دنيا جي هاڪاري سائنسدان آئنسٽائين چيو آهي ته اسان انسان مختصر مسافريءَ لاءِ هِن گپ چِڪ جي جهان ۾ اچون ٿا. پر، اها خبر ڪانهي ته ڇو اچون ٿا؟“
ڏاهن انسانن جو چوڻ آهي ته ماڻهوءَ جي مسافري، موت سان ختم ڪانه ٿي ٿئي. اها جاري رهي ٿي. موت ته هڪ ”مرحلو“ آهي. اها سوچ اڄ ڪلهه جي ڪانهي. پنج هزار ورهيه اڳ، مصر ۾ ٺهيل هڪ بادشاهه جي اهرام (مقبري) مان هاڻي هڪ تحرير هٿ آئي آهي، جنهن ۾ لکيل آهي ته:

THOU HAS DEPARTED BY LIVING
THOU HAS NOT DEPARTED BY DYING

هزارين ورهيه اڳ ڏاهن جون ٻه سٽون به انسان جي هن دنيا جي زندگيءَ ۽ پوءِ واريءَ زندگيءَ جي تسلسل جو تصور پيش ڪن ٿيون
اها صورتحال جيڪڏهن هر انسان سان لاڳو آهي ته سائين حسين شاهه سان به لاڳو آهي. هو سنڌ جي هاڪاري راشدي خاندان جو چشم و چراغ هو، جنهن جو موسس اعلى پير سائين محمد راشد روضي ڌڻي رحمة الله عليه، ٻنهي جهانن جي سردار، حضور پيغمبر صلي الله عليه وسلم جي متبرڪ خاندان جي سدا بهار درخت جي سر سبز شاخ هو.
هاڪاري سيرت نگار، مارٽن لِنگس، حضور پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم جي سيرت تي پنهنجي تاريخي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته، ”پاڻ سڳورن جي اُمتين کي اها اميد نه پر يقين آهي، ته هو هڪ ڏينهن وري ساڻن آبِ ڪوثر جي ڪناري تي ملندو.“ ڀٽائي صاحب انهيءَ ئي پسمنظر ۾ فرمايو آهي ته:
پاڻان چوندئي پيءُ، ڀري جام جنت جو.

اسان عاصين کي به اميد آهي، ته اسان سڀ اتي پاڻ سڳورن صه جي رحمت جي سايي هيٺ گڏ هونداسين ۽ سائين حسين شاهه اسان جي وچ ۾ هوندو.
بيشڪ قدرت جي لاءِ اها ڪابه وڏي ڳالهه ڪانه آهي! جيڪو موت ۽ حياتي ڏئي ٿو، سو، هر ڳالهه تي قادر آهي.

پروين شاڪر

پروين شاڪر ويهينءَ صديءَ جي پوئين اڌ واريءَ اردو شاعريءَ ۾ وڏو نالو آهي. سندس مداحن جي قطار به تمام ڊگهي آهي: هڪڙا سندس ڪلام جا ثنا خوان هئا، ته ٻيا سندس سونهن جا پرستار. سندس ڪلام جي مداحن جو هڪ مثال هي آهي:
پاڪستان ايڪيڊمي آف ليٽرس، اسلام آباد، هر سال اردو نظم ۽ نثر جي سٺن ڪتابن تي انعام ڏيندي آهي. انعامن جو فيصلو سڄي ملڪ مان چونڊيل جج ڪندا آهن، جيڪي پاڻ به شاعر ۽ اديب هوندا آهن. سندن چونڊ ۽ مقرري ايڪيڊمي ڪندي آهي.
هڪڙي سال ججن وٽان فيصلو آيو، جنهن موجب پهريون نمبر انعام پروين شاڪر کي مليو. پر، ”انعام ڪاميٽيءَ“ اعتراض واريو ته، ”هڪڙي جج پروين کي سؤ مان سؤ مارڪون ڏنيون آهن. هن پاس خاطري ڪئي آهي. سؤ مان سؤ مارڪون ته رڳو حسابن (MATHS) ۾ ملنديون آهن.“
ايڪيڊميءَ جو چيئرمين ايڊمرل شفيق الرحمان هو ۽ مان ڊائريڪٽر جنرل هئس. ميٽنگ ۾ مسئلي تي ڏاڍو بحث ٿيو. مون کان به راءِ ورتائون. مون چيو ته، ”جيڪڏهن ايڪيڊميءَ سمورا جج سوچ ويچار ڪري مقرر ڪيا هئا، ته پوءِ هاڻي سندن فيصلي جو احترام به ڪري. ٻيو ته اهو جج وڏو اديب ۽ ايماندار شخص آهي، جنهن پروين کي گهڻي ۾ گهڻيون مارڪون ڏنيون آهن.“
ڪاميٽي مون سان يڪراءِ ٿي ۽ پروين شاڪر جي ڪتاب تي انعام جو اعلان ڪيائين. کيس اها خبر پئجي وئي. سو ڏاڍي خوش ٿي. بهرحال اهو ٿيو سندس ڪلام جي ڪمال جو مثال.
سندس سونهن جي سحر جو هڪڙو مثال هيءُ آهي ته هڪڙي سال ڍاڪا ۾ ادبي ۽ ايشيائي شاعري ميلي ۾ پاڪستان سرڪار پنهنجو وفد موڪليو. پنج ڄڻا پاڪستاني وفد جا رڪن هئا. چار صوبائي ٻولين جا ۽ پنجون اردوءَ جو. حڪومت ايڪيڊميءَ جي ڊائريڪٽر جنرل جي حيثيت ۾ مون کي ئي وفد جو اڳواڻ مقرر ڪري بنگلاديش موڪليو. ٻيا وفد چين، هندستان، ايران، ترڪيءَ ۽ اتر ڪوريا ۽ ٻين ايشيائي ملڪن مان آيا هئا.
جنرل ارشاد بنگلاديش جو صدر هو. پهرئين ڏينهن اسان کي رسيپشن ڏنائين ۽ پوئين ڏينهن تي ڊنر. ڍاڪا ۾ پاڪستاني سفارتخاني به اسان جي اعزاز ۾ لنچ ڪئي، جنهن ۾ چاليهارو کن بنگالي اديب ۽ شاعر به سڏيائون. اتي هڪ پاڪستاني سفارتڪار اچي مون کي ڪن ۾ ڀڻڪو ڪيو ته ”پروين شاڪر کي به آڻيو ها ته سٺو.“
مون چيو ته، ”وفد سرڪار تشڪيل ڏنو، سو، اسان ڇا ٿي ڪري سگهياسين؟“
اهو ٻڌي، هو ڪرسي ريڙهي، وڌيڪ ويجهو ٿيو ۽ وري سرٻاٽ ڪيائين ته، ”جيڪڏهن اسان پنهنجن پئسن مان جهاز جي ٽڪيٽ وٺي ڏيون ۽ هت سندس رهائش وغيره جو سڄو خرچ پڻ ڀريون، ته پوءِ اوهان کيس گهرائيندا؟“
اهو ٻڌي، مان سندس منهن ۾ تڪڻ لڳس! ماٺڙي ڪري اٿي هليو ويو. ڏاڍو شڪي ٿيو. پنهنجي وفد جي هڪ ساٿيءَ ضمير جعفريءَ سان ڳالهه ڪيم. کلي چيائين ته:

یکے از عاشقانِ پروین

اسلام آباد ۾ هڪ ڏينهن ڪنهن ملڪ جي پاڪستاني سفارتخاني مان خط آيو ته، ”جديد اردو شعر جا ترجما موڪليو، ته هت ڪتابن ۽ رسالن ۾ ڇپايون ۽ ملڪ جو ناماچار وڌايون.“
مون محنت ڪري، مواد گڏ ڪري موڪليو، ته وري سفارتڪار وٽان جوابي خط آيو ته، ”پروين شاڪر جو ڪلام ته ڪونه موڪليو اٿوَ؟“
پروين اسلام آباد ۾ هئي. مون وٽ ايندي رهندي هئي. سو، مون کيس فون ڪئي. ٻئي ڏينهن هُوءَ پنهنجي ڪلام جي انگريزي ترجمي جا ڪجهه صفحا کڻي آئي. پڇيائين ته، ”ڪنهن گهريا آهن؟“
مون چيو ته، ”فلاڻي ملڪ ۾ اسان جي سفارتخاني.“
چيائين ته، ”ماڻهوءَ جو نالو معلوم آهي؟“
مون فائيل گهرايو ۽ کيس نالو ٻڌايم. ڏاڍي بڇان لڳس. چڙ مان چيائين ته، ”توبهه، اهو اتي ڪيئن پهتو؟“
ٻه چار مهينا گذريا هوندا، ته ايڪيڊميءَ جي نئين چيئرمن مون کي فون ڪئي ته، ”اوهان ۽ ضمير جعفري ايڊيٽر ”ادبيات“، يارهين بجي صبح منهنجي آفيس ۾ اچو، جو فلاڻي ملڪ ۾ اسان جو سفير صاحب پاڻ وٽ اچي رهيو آهي.“
سفير صاحب آيو. ساڻس گڏ ڪيڪ پيسٽري کاڌيسون. سندس ڳالهين ٻولين مان مون کي شڪ پيو، سو، کيس چيم ته، ”اوهان ڪجهه عرصو اڳ، اسان کان ادبي مواد گهرايو هو؟“
چيائين ته، ”هائو تمام سٺو هو، پر، ڪن شاعر عورتن ۽ مردن جون تازيون تصويرون به موڪليو ها ته چڱو. اوهان وٽ آهن، ته هاڻي به ڏيو. پروين شاڪر جي ته ضرور ڏيو.“
مون ميز تان ڪاغذ جي پرچي کنئي ۽ ان تي ڪجهه لکي جعفري صاحب کي هٿ ۾ ڏني. جڏهن سفير صاحب موڪلائي ويو، ته جعفري صاحب اسان جي چيئرمن کان پڇيو ته، ”سفير صاحب اوهان سان پنهنجو تعارف پوريءَ طرح ڪرايو هو؟“
چيئرمن منجهي پيو. جعفري صاحب کي چيائين ته، ”سفير ڪير آهي؟“
جعفري صاحب مرڪي چيس ته:

یکے از عاشقانِ پروین

چون ٿا ته پروين شاڪر اڃا ڪراچيءَ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندي هئي، ته شعر شاعريءَ ۾ نالو ڪڍيائين هڪ شاگرد سان معاشقو ڪيائين، جنهن لاءِ چيو هئائين ته:

تم کو دیکها تو خدا یاد آیا

اڳتي هلي ڪنهن سبب ڪري ٻئي ڄڻا هڪٻئي کان الڳ ٿيا.
ٻارڙو پروين کي مليو، پروين C.S.S جي امتحان ۾ ويٺي ۽ ڪامياب ٿي. اول ڪراچيءَ ۾ مقرري ٿيس، پوءِ پاڻ اسلام آباد بدلي ڪرايائين. ڪوڙين ڪنين ٻڌڻ ۾ آيو، ته سي.ايس.ايس. جي امتحان ۾ عمر جو مسئلو هئس. صدر پاڪستان جي پريس سيڪريٽريءَ صديق سالڪ اها رنڊڪ دور ڪري ڏنس ۽ اسلام آباد بدليءَ ۾ به مدد ڪيائينس. سالڪ سان به اڳتي هلي. اڻبڻت ٿيس. اهو هڪ جدا داستان آهي.
هڪ ڏينهن مان پنڊي ايئرپورٽ تان ڪو سرڪاري ڪم لاهي سالڪ جي آفيس ۾ ويس. ڪافي پيتيسون. مون موڪلائڻ جي ڪئي، ته هن ويهڻ لاءِ زور ڪيو. چيائين ته، ”گڏيا ٿا هلون. مون کي، اسلام آباد ايوانِ صدر وڃڻو آهي.“ رستي تي هڪ لفافو ڏنائين ته، ”هن ۾ اخبار آهي. اها پڙهي ڏسجانءِ.“
مون گهر اچي، اها اخبار پڙهي، ته منجهس پروين شاڪر جي خلاف هڪ خبر ڇپيل هئي. ڪنهن ڪسٽم ايجنٽ مٿس الزام هنيو هو ته، ”هن مون سان شادي ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو ۽ هيترا پئسا ڦريا اٿس. هاڻي مون سان شادي نٿي ڪري.“
پروين تن ڏينهن ۾ اسلام آباد ايئرپورٽ تي ڪسٽم ۾ نوڪري ڪندي هئي. مون کي اخبار جي خبر پڙهي ڪاوڙ لڳي هئي ۽ بي آرامي ٿي هئي. ٻئي ڏينهن سالڪ مليو، ته مون کيس چڙ مان چيو، ”اها فضيلت ڪانهي، جو اسان جي معاشري ۾ ويچاري ڪا عورت اڃا ڪنڌ مٿي کڻي ٿي، ته توهان مٿس گند اڇلايو ٿا.“
سالڪ چيو ته، ”تون هن عورت کي ڪونه سڃاڻين. هوءَ سخت مطلبي ۽ خود غرض آهي.“
ضمير جعفري به ڪار ۾ گڏ هو. هن به منهنجو پاسو کنيو، سالڪ ڏاڍو ڏکوئجي ويو. ڀريل گلي سان ايترو سو چيائين ته، ”هڪ ڏينهن منهنجي ڳالهه سچي ٿيندي. اوهان ٻئي به مون سان متفق ٿيندا.“
پروين شاڪر ٻه چار سال اڳ مون سان ڪراچيءَ جي هڪ اردو مشاعري ۾ متعارف ٿي هئي. سو، هيئن ته هندستان مان ٻارهن اديبن جو هڪ وفد پاڪستان جي دوري تي آيو هو. سندن پروگرام ۾ ڪراچيءَ، لاهور ۽ اسلام آباد ۾ اردو ڪتابن جون نمائشون ڪرڻ ۽ ڀارت ۾ اردوءَ جي ترقيءَ بابت تقريرون ڪرڻ شامل هيون.
وفد ظاهر ۾ ادبي هو. پر، ان جي دوري جو اصل مقصد ”سياسي“ هو. ان ڪري سالڪ، صدر پاڪستان کي ذهن نشين ڪرايو ته معاملو نازڪ آهي. ڪامورڪيءَ ۽ ڪلارڪيءَ ذهنيت جو آفيسر يا هندستان جي لابيءَ جو ڪو ايجنٽ اسان کي ڪم ڪونه ايندو. سالڪ کي خبر هئي ته ايڪيڊميءَ جهڙن ادارن کان وٺي، ملڪ جي وزارتن ۾ به هندستاني ۽ آمريڪي ايجنٽ موجود هوندا آهن.
صدر کي چيائين ته، ”هن ڪم لاءِ اسان کي آگري جهڙو تجربيڪار ۽ ملڪ سان وفادار ماڻهو گهرجي.“ صدر ساڻس متفق ٿيو. مون کي هندستاني وفد جي سرڪاري ميزبان جو آرڊر مليو ۽ خفيه هدايتون مليون ته، ”پرڏيهي معاملن جي وزارت جي ڪا آفيسر اوهان کي بريفنگ ڏيڻ ايندي.“
ڏينهن ٻن کان پوءِ هڪ خوبصورت خاتون فارين آفيس مان آئي. مون سان اڪيلائيءَ ۾ ملي. ٻڌايائين ته، ”هندستان ۾ اردوءَ کي ڪير پڇي به ڪونه ٿو. هت پاڪستان ۾ ائين لڳي ٿو ته، اسلام ۽ مسلمانن جو رڳو نالو هو. دراصل، هي ملڪ اردوءَ کي زور وٺائڻ لاءِ ٺهيو هو. هندستان ۾ هندستاني مسلمانن جي اڪثريت ڪانگريس کي ووٽ ڏئي ٿي. جڏهن به ڪو هندستاني مسلمان هت پاڪستان ۾ اچي ٿو، ته اردو زبان جي لئه ڏسي، حيران ٿئي ٿو. واپسيءَ تي هندستان ۾ پنهنجن مٽن مائٽن توڻي يارن دوستن سان اها ڳالهه ڪري ٿو، جا، منجهن، ”احساسِ محرومي“ پيدا ڪري ٿي. ڇو ته اتي اردوءَ کي ڪير پڇي به ڪونه ٿو. نتيجي طور، ڪانگريس کي هر سال ملندڙ مسلمانن جا ووٽ هر سال گهٽبا وڃن ٿا. ڪانگريس هاءِ ڪمانڊ انهيءَ سبب ڪري هيءُ وفد اسان وٽ اردوءَ جي ترقيءَ بابت هندستان سرڪار جي ڪوششن ۽ اردوءَ ۾ ڇپايل ڪتابن جون نمائشون ڪرڻ لاءِ موڪليو آهي، ته هت به مهاجر سمجهن ته ڪانگريس سرڪار هندستان ۾ اردوءَ کي هٿي ڏيارڻ لاءِ وڏا وس ڪري رهي آهي.“
مون چيو ته، ”مون لاءِ ڪهڙو حڪم ۽ هدايت آهي؟“
رازداريءَ ۾ چيائين ته، ”هندستاني سفارتخاني جا اسان جي ملڪ ۾ پگهاردار ايجنٽ آهن. وفد جي ميمبرن کي انهن سان ملڻ نه ڏجو.“
مون چيو ته، ”اهو ڪم ڪيئن ٿيندو؟“
چيائين ته، ”اسان جي جاسوسن جي اٺ ئي پهرَ وفد تي چوڪسي هوندي، سو هندستاني سفارتخاني جا ايجنٽ وفد جون پنهنجن گهرن ۾ دعوتون ڪندا، ته ساڻن اڪيلائيءَ ۾ کين ڪا ڳالهه ڪرڻ جو موقعو ملي. پر اهڙين دعوتن جي منظوري ڏيڻ يا نه ڏيڻ جو اختيار اوهان وٽ آهي. اوهان ئي سرڪاري ميزبان آهيو. کين اهڙي موڪل اصل نه ڏجو.“
مون کيس آخرين سوال ڪيو ته، ”مون کي انهن هندستاني ايجنٽن جا نالا ٻڌائي سگهو ٿيون؟“
کلي ڏنائين. چيائين ته، ”مون کي ٻڌائڻ ۾ اعتراض ڪونهي، ڇو ته ايوانِ صدر کي اوهان تي مڪمل اعتماد آهي. اوهان کي سڀ ڪجهه ٻڌائڻ لاءِ مون کي حڪم مليو آهي. وفد جي دوري کان پوءِ صدر پاڪستان پاڻ به اوهان سان اڪيلائيءَ ۾ ملاقات ڪندو ۽ احوال وٺندو. اهو اسان جو سرڪاري دستور آهي.“
هن ان کان پوءِ مون کي ٽيهارو کن نالن جي لسٽ ڏيکاري. چيائين ته ”هي شخص پڪا هندستاني ايجنٽ آهن.“ مون کان هاڻي اهي نالا وسري ويا آهن. ڪي مري به ويا آهن. پر، ايترو چٽيءَ طرح ياد اٿم، ته انهن ۾ ڪنهن به عورت جو نالو ڪونه هو ۽ ڪو به سنڌي شخص ڪونه هو.“ ۽ اهو به ياد اٿم ته انهن ۾ هڪ اردو شاعر جو نالو سرفهرست هو، جنهن سنڌ ۾ اردو- سنڌي لساني فساد ڪرائڻ ۾ ڪراچيءَ جي هڪ اردو اخبار ۾ وڏو بهرو ورتو هو ۽ چيف منسٽر هائوس ۾ ڪوٺايل اعليٰ سطح تي هڪ ميٽنگ ۾ سرڪار کي مشورو ڏنو هو ته، ”جيئي سنڌ جا ٽي سئو ورڪر گوليون هڻي ماري ڇڏجن ته سنڌ ۾ ڪو مسئلو ئي ڪونه رهندو.“
حسين شاهه راشديءَ مون کي ٻڌايو ته هڪ مهاجر شاگرد کيس قتل ڪيو هو، جو شاعر جون عادتون گنديون هيون.
مون هندستاني وفد جو ڪراچي ايئرپورٽ تي استقبال ڪيو. منجهن ڊاڪٽر ذاڪر حسين، صدر هندستان جو ڀائٽيو به هو، جو صحيح معنيٰ ۾ وڏو اسڪالر هو. هندستان ۾ اردوءَ جي ترقيءَ جي اداري جو سربراهه خليق انجم به هو. وفد جو اڳواڻ ڪنور مهندر سنگهه بيدي هو، جيڪو گرونانڪ جو ڇويهون جانشين هو. پر ”اصل شخص“ گوپي چند نارنگ هو، جيڪو بلوچستان جو هندو آهي. هندستان ۾ سندس مقابلي جو ٻيو اردو اديب ڪونهي. مون کي مير تقي مير تي پنهنجو ڪتاب ”اسلوبيات مير“ تحفي طور ڏنائين، جيڪو سندس علم ۽ دانش جو ثبوت آهي. جهڙو سٺو لکي ٿو، اهڙي سٺي ادبي تقرير ڪري ٿو. مون کي صدر پاڪستان لاءِ ملاقات لاءِ عرض ڪيائين پر، سالڪ جهليو ته سندس نالو ئي نه کڻجانءِ. هن جا آمريڪي توڙي روسي ايجنسين سان لڳ لاڳا آهن. مون سالڪ جي چوڻ موجب، خاموشي اختيار ڪئي.
مون پهرئينءَ ئي رات سائين غوث علي شاهه چيف منسٽر سنڌ کي ”خاص مهمان“ ڪري، وفد جي اعزاز ۾ ڊنر تي سڏيو ۽ مشاعرو ڪرايم، جنهن ۾ پروين شاڪر سان پهرين پهرين ملاقات ٿيم. سهڻي ته اڳي ئي هئي. پر، مشاعري لاءِ هيڪاري ٺهي ٺُڪي آئي هئي. جيڪو ڪلام ٻڌايائين، ان تي کيس سڀني کان گهڻو داد گوپي چند نارنگ ڏنو.
ڪجهه عرصي کان پوءِ پروين ڪراچيءَ مان بدلي ٿي اسلام آباد آئي، ته شام جو آفيس مان واپس موٽندي، روزانو، مون وٽ ايڪيڊميءَ ۾ ايندي هئي. ڪڏهن چاءِ ته ڪڏهن سيون-اپ پيئندي هئي. ڪلاڪ کن ادب ۽ ڪتابن تي ڪچهري ڪري گهر ويندي هئي. هڪ دفعي لنڊن وئي، ته اتان به مون لاءِ ڪو تحفو وٺي آئي.
آمريڪي سفارتخاني ۾ ڪلچرل اتاشيءَ هيلن سان منهنجي دوستي هئي. مون هڪ دفعي هاڻوڪيءَ ميرٽ هوٽل ۾ سندس اعزاز ۾ ”سروس ڊنر“ ڪئي. پاڻ اڳي ئي منهنجي دعوت ڪئي هئائين. هيلن ڊپلومئٽ ڪئي، سو، چيائين ته، ”توتي ڇڏيو اٿم، ته دعوت ۾ ٻيو ڪنهن کي سڏين ٿو.“
مون پروين شاڪر ۽ انجم رياض الحق ڊنر ۾ سڏيون. ٻئي هڪٻئي کان وڌيڪ خوبصورت هيون ۽ نهايت ذهين ۽ باوقار خواتين هيون. ٻه مجلس شورا جا ميمبر به سڏيم: هڪ پنجاب مان ۽ ٻيو سنڌ مان. مون ڀانيوته پروين جي هيلن سان دوستي ٿي ويندي ۽ محفل ۾ به جان وجهندي. پر، حيرت ٿيم جو پروين محفل ۾ هڪ اکر به ڪونه ڪڇيو. سڄو وقت خاموش رهي، ڄڻ ته هيلن کان هيسجي وئي. گهٽ ته پاڻ به ڪانه هئي، پر هيلن وڏي رعب تاب سان آئي. جواني، حسن ۽ وڏي ملڪ جي سفارتخاني ۾ وڏو عهدو. محفل تي ائين ڇانئجي وئي جو چئجي ته:

وہ آئے اور پھر چراغوں میں روشنی نہ رہی

هڪ ڏينهن پروين حسب دستور مون وٽ آفيس ۾ آئي ته ساڻس نظرياتي لحاظ کان سوشلزم تي علمي بحث ٿيو. مون چيو ته، ”اوهان چين يا روس ڏسي اچو، ته اتي سوشلزم ڪيئن آهي؟“
هوءَ ٿورڙي دير ته خاموش رهي، پوءِ معنيٰ خيز مخصوص نموني ۾ مرڪي چيائين ته، ”آگرا صاحب! اوهان ائين ٿا چئو؟“
مون سندس مطلب سمجهي ورتو. پر وات مان اکر به ڪونه ڪڇيم. ڇو ته چوندا آهن ته، ACTOINS SPEAK LOUDER THAN WORDS.
ايڪيڊمي اديبن جا وفد چين موڪليندي هئي. ٻئي سال پاڪستاني اديبن جو وفد چين ويو، ته مون مهتاب اڪبر راشديءَ ۽ پروين شاڪر کي وفد ۾ شامل ڪيو. ايڪيڊميءَ جي نئين چيئرمن ضد ڪيو، ته ٻنهي مان هڪ کي رکو. پر، مون چيو ته ”وڃن ته ٻئي وڃن.“ منهنجي ڳالهه مٿي منظور ٿي. وفد چين گهمي واپس آيو. پروين اڪيلائيءَ ۾ ملي ته چيائين ته اوهان تمام چڱو ڪيو، جو اسان ٻنهي کي موڪليو. چين ۾ مون اوهان جي ذهانت جو دل ئي دل ۾ داد ڏنو. موڪلائڻ مهل ايڪيڊميءَ جي رسالي ”ادبيات“ لاءِ ”چيني گڏي“ عنوان سان پنهنجي نظم ڏنائين جنهن جومطلب هو ته:
”چين ۾ رهندڙ ڇوڪريءَ کي چئجو ته سندس هڪ گهر هماليه جي هن پاسي به آهي.“
سال کن گذريو، ته ثقافتي معاهدي موجب چيني وفد پاڪستان جي دوري تي آيو. مان ڪئبينيٽ ڊويزن مان موٽرون گهرائي، اسلام آباد ايئرپورٽ جي VIP لائونج تي ويس. چيني مهمان اڃا ٻاهر نڪتا ئي ڪونه هئا، ته اوچتو پروين کي ايئرپورٽ جي مکيه عمارت مان VIP لائونج ڏي ايندو ڏٺم. هوءَ اتي نوڪري ڪندي هئي. ڏاڍو خوش ٿيس، دل ۾ چيم ته، ”چڱو ٿيو. چينين جي استقبال لاءِ ٻه ڄڻا ٿي پياسين. گذريل سال هوءَ پاڻ به چين مان ٿي آئي آهي. ڳالهه ٻڌندي ته خوش ٿيندي ۽ وفد جي سامان ۾ CUSTOM CLEARNCE ۾ مدد به ڪندي.“
ويجهي آئي، ته هٿ سان اشارو ڪري، پري کان پڇيائين ته، ”اوهان هت ڪيئن؟“
مون کيس چيني وفد جي اچڻ جي ڳالهه ٻڌائي. ڇرڪ ڀري، يڪدم چيائين ته، ”منهنجي ڳالهه اصل نه ڪجون.“ ائين چئي، تڪڙي تڪڙي ڪنهن پاسي هلي وئي. مان ته سندس روش تي حيران ٿي ويس. سندس نظم ياد آيو ته:
”چيني ڇوڪريءَ کي چئجو ته سندس هڪ گهر هت پاڪستان ۾ به آهي.“
مان انهيءَ ئي وفد کي ڪراچيءَ به وٺي ويس. مسز مهتاب راشديءَ کين پنهنجي گهر وڏي سليقي سان چاءِ پياري. چينين مون سان سندس اخلاق جي تعريف ڪئي.
ٻه ٽي سال گذريا، ته پروين، پاڪستاني شاعره جي حيثيت ۾ ڍاڪا ۾ ”ايشيائي شاعريءَ جي ميلي“ ۾ وئي. علاقائي ٻولين مان ڪوبه اديب وفد ۾ شامل ڪونه ڪيائون. سڀ اردوءَ وارا شريڪ ڪيائون. مان ايڪيڊمي ڇڏي، فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ويو هئس. سرڪار جڏهن مون کي وفد جو اڳواڻ ڪري ساڳئي شاعري ميلي ۾ ڍاڪا موڪليو هو، ته مان ملڪ جي قومي ۽ علاقائي ٻولين جي ادبي ترجمن جي اسڪيم منظور ڪرائي آيو هئس. بنگلاديش جي سرڪار مون کي پنهنجو ”سرڪاري مهمان“ به قرار ڏنو هو ۽ ميلي پوري ٿيڻ کان پوءِ مون کي چاٽگام ۽ ڪاڪس بزار جو دورو ڪرايو هو. صدر بنگلاديش جنرل ارشاد مون کي GOLDEN-PEN تحفي طور ڏني هئي.
پروين شاڪر وارن جو وفد جڏهن بنگلاديش مان موٽيو ته هڪ رات هوٽل پي.سي. ڪراچيءَ ۾ ترسيو. ساڻن منهنجو ڪو واقفڪار اديب مليو، جنهن بعد ۾ مون سان ڳالهه ڪئي ته ناشتي تي گڏ ويٺا هئاسين ته ڍاڪا جون ڳالهيون نڪتيون. چيائون ته، ”بنگالين ترجمن واريءَ ڪاميٽيءَ ۾ آگري صاحب جو نالو لکيو هو، پر اسان ڪاٽائي ڇڏيو. سو، هاڻي، فقط اردو زبان جا ادبي ترجما بنگلاديش موڪلينداسين. مؤج ٿي وئي.“
مون پنهنجي دوست کي چيو ته، ”پروين به ائين چيو؟“
چيائين ته، ”ٻيو ڪو ڏڦير هو، جنهن کي اوهان ڪونه سڃاڻو. وڏو واهيات شخص آهي! رانوڻ جهڙي شڪل اٿس. ليڪن، پروين سندس پاسي ۾ ويٺي هئي. لنگور جي پاسي ۾ حور وارو مثال هو. سڀڪجهه آرام سان ويٺي ٻڌائين.“
مون کي صديق سالڪ جا اکر ياد آيا.
پروين ڪافي زمانو ايڪيڊميءَ ۾ تقريباً روزانو مون وٽ ايندي رهي هئي، ته اتي ڪو آفيسر کيس ڏسندو هو، جيڪو ڪنهن زماني ۾ ساڻس گڏ ڍاڪا ۾ پڙهندو هو. کيس فون ڪري تنگ ڪندو هو ته، ”اوهان جو ٻار خوش آهي؟ هن وقت ڇا ڪري رهيو آهي؟“
هوءَ غريب آفيس مان نڪري، پريشان ٿي، اسڪول ڀڄندي هئي. ٻارڙو ته خوش باش ويٺو هوندو هو. هڪ ڏينهن ڪڪ ٿي، آرميءَ وارن کي دانهن ڏنائين. هنن مون کي چيو. ٻئي ڏينهن پروين آئي ته ڳالهه ڪئيمانس. مون کيس چيو ته، ”توهان ٺيڪ ڪيو، پر جنهن آفيسر جو نالو کنيو آهي، سو ته شريف ماڻهو آهي.“
چيائين ته، ”مان به ائين سمجهان ٿي. پر جيڪو شخص فون ڪري ٿو، اهو پنهنجو نالو اهو ٻڌائي ٿو.“
مون چيو ته، ”اوهان سمجهو ٿا ته اسان جي آفيس مان فلاڻو شخص ٿي سگهي ٿو؟“
کلي چيائين ته، ”هائو.“
مون کي معلوم هو، ته هو غريب به ”عاشقان پروين“ جي لسٽ ۾ شامل آهي. سو، مهل موقعي سان ساڻس دوستانه نموني ۾ ڳالهه ٻولهه ڪيم. چپ ٿي ويو ۽ پروين جي شڪايت هميشه لاءِ ختم ٿي وئي.
مان ايڪيڊمي ڇڏي، فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ويس، ته آهستي آهستي پروين شاڪر سان ميل ملاقات پڻ گهٽبي وئي. هڪ دفعي سو ڪم پيس ته فوراً فون ڪيائين. C.S.S جي امتحان ۾ کنيل مارڪن جي لسٽ کپندي هئس. وٺي ڏنيمانس. پر، سندس ”سرد مهري“ ڏسي، محسوس ٿيو ته ڄڻ ته ڪڏهن واقف ئي ڪانه هئي. مرحوم صديق سالڪ جا لفظ وري وري ياد آيا ته، ”هيءَ خاتون سخت خودغرض آهي. هڪ ڏينهن منهنجي ڳالهه سچي ٿيندي ۽ اوهان به مون سان متفق ٿيندا.“
انهيءَ کان ڪجهه عرصو اڳ، مان اڃا ايڪيڊميءَ ۾ هئس ته اردوءَ جي هڪ ڪالم نگار پروين جي ايڪيڊميءَ ۾ آمدورفت بابت مٿس ٽوڪ ٽهول جو ڪالم لکيو ۽ مون کي به ان ۾ ملوث ڪيو. ڪالم پڙهي، آفيس مان مون وٽ آئي.ڏاڍي ڏک مان چيائين ته: ”آگرا صاحب، اسان کي اوهان جو شهر اسلام آباد به راس نه آيو.“
اسلام آباد منهنجو شهر ڪونه هو، مان ته پاڻ نامي گرامي اردو اديبن شاعرن جي وچ ۾ ائين هئس، جيئن ٻٽيهن ڏندن جي وچ ۾ زبان، پر انهيءَ اخبار جي مالڪ محترم مجيد نظاميءَ سان دعا سلام هئم. کيس خط لکي ڏوراپو ڏنم. هن جواب ۾ مون کي ته ڪجهه ڪونه چيو، پر پنهنجي اخبار بلڪ اردو صحافت جي اهڙي آبرو رکيائين، جنهن جو مون کي مثال ئي ڪونه ٿو سجهي. پنهنجي پنڊيءَ واري ايڊيٽر کي فون تي حڪم ڏنائين ته ”انهيءَ ڪالم نگار جو فوٽو ڏيئي هيٺان لکوس ته: ”هن حرامزادي جو اڄ کان وٺي اسان جي اخبار سان ڪو به تعلق ڪونهي.“
مان ڏاڍو خوش ٿيس. اخبار جي ڪاپي پروين شاڪر کي موڪلي ڏنم. سندس منهن مٿي ٿيو، ليڪن، پاڻ رسمي طرح شڪريي جا ٻه اکر به ڪونه چيائين.
مٿس ٻيا به اهڙا بلڪ ان کان به وڌيڪ احسان ڪيا هئم، جيڪي لکڻ مناسب ڪونه ٿو سمجهان. ڇو ته هوءَ ويچاري هاڻي هن جهان ۾ ئي ڪانهي!
پروين جوانيءَ ۽ شهرت جي اوج تي هئي، ته کيس دردناڪ حادثو پيش آيو. چون ٿا ته صبح جو سوير گهران تيار ٿي، ڪار ۾ چڙهي آفيس ٿي ويئي. سندس ڪار گهٽيءَ مان نڪري روڊ تي چڙهي ته پري کان ڪا تيز رفتار وڏي گاڏي ٿي آئي، سا سندس ڪار سان زور سان ٽڪرائي ۽ ان کي چڱي پنڌ تائين گهليندي ويئي. پروين موت جو پيالو پيتو.
اسلام آباد جو اهو ڏينهن ڏاڍو اداس هو. دردناڪ خبر باهه وانگر سڄي شهر ۾ پکڙجي وئي. ڏسندي ڏسندي، آسمان ڏک جي ڪارن ڪڪرن سان ڍڪجي ويو. مون انهيءَ ڏينهن ڪن اديبن سان ملاقات ڪئي، سڀ اداس هئا. هڪڙي جي چپن تي فيض جي هيءَ مصرع ڏاڍي ڏکويل لهجي ۾ ٻڌم:

تم کیا گئے کہ روٹھ گئے دن بہار کے

مان پاڻ به ڪومائجي ويس. سندس ڏک ڀريا لفظ وري وري ياد آيا: ”آگرا صاحب، اسان کي اوهان جو اسلام آباد شهر به راس ڪونه آيو.“
پروين شاڪر ملڪ جي نامور شاعره هئي ۽ کانئس گهڻا متاثر ٿيا. پر، پاڻ وري هڪ ايراني شاعره کان متاثر هئي، جنهن جو نالو هو قرت العين ”طاهره“. انسان جو مزاج شايد ائين آهي ته جنهن کان متاثر ٿئي ٿو، تنهن جي زندگيءَ جا سندس نشست برخواست تي به اثر پون ٿا. قرت العين ۽ پروين ۾ هڪجهڙائي هڪ ته اها هئي ته ٻئي خوبصورت خواتين هيون ۽ ٻئي باڪمال شاعر هيون.
پروين مڙس کان علحده ٿي، ته اڪيلي ٿي وئي. ليڊي ڊايانا جي دردناڪ موت تي هاڻي متفقه رايو اهو بيٺو آهي ته مرد جي بالادستيءَ واري معاشري ۾ اهڙيءَ عورت جو مثال هرڻي وارو آهي جا شڪارين جي ور چڙهي وڃي!
هڪ دفعي، پروين شاڪر پاڻ به چيو هو ته، ”بگهڙن جا ولــر پٺيان اٿم.“
قرة العين هڪ ٺيٺ مذهبي عالم جي گهر ۾ پيدا ٿي هئي. ننڍيءَ عمر ۾ علم ۾ نالو ڪڍيائين. قسمت ڦٽل هئس، سو، بابي فرقي جي ڪنهن عالم جي چڪر ۾ اچي وئي. ايران ۾ بابي فرقي وارا ايئن آهن جيئن اسان وٽ قادياني. مٿن ڪات ڪهاڙا هئا. ملڪ تي قاچاري خاندان جي حڪومت هئي. بادشاهه سندس حُسن جي هاڪ ٻڌي ته چوائي موڪليس ته، ”مون سان شادي ڪر، ته توکي ايران جي راڻي ڪيان.“
قرة العين جواب ڏياري موڪيلس ته:

تو و ملڪ و جاه سکندري
من و رسم و راه قلندري
اگر آن نکوست تو در خوري
و گر اين بد است مرا سزا

بادشاهه ته پوءِ به کيس بخشي ڇڏيو ۽ چيائين ته، ”خوبصورت آهي، ڇڏي ڏيوس.“ پر، ايران ۾ به پاڪستان وانگر دين جا ٺيڪيدار ويٺا هئا. تن فتويٰ ڏني ته ”سنگسار“ ڪيوس.
ڀٽائيءَ بي سبب ته ڪونه چيو هو:

ملو مجاور، ڪانءُ، ٽئي اکر هڪڙو.

14 سيپٽمبر جي تاريخي رات هئي. قرة العين غسل ڪري، سفيد ريشمي لباس پاتو. عطر عنبير مکيا. گهر جي هڪ هڪ ڀاتيءَ کان سڪ سان روئي موڪلايو ۽ پوءِ اڌ رات تائين، هڪ بند ڪمري ۾ ويهي خدا کي ٻاڏايو. اسر مهل، پوليس وارا آيا جي کيس پاڻ سان وٺي ويا. جلاد تيسين شراب پيئندو رهيو. جڏهن کيس خبر پئي، ته قيديءَ کي وٺي آيا آهن، تڏهن نشي ۾ مست اٿيو هو. قرة العين جو ريشمي رئو يا حجابُ، سندس مٿي تان لاهي، نوڙيءَ وانگر وٽي، کيس ڳچيءَ ۾ وجهي زور سان اهڙو ته گهوگهو ڏنائين، جو هُوءَ هيٺ ڪري پئي ۽ ڦٿڪڻ لڳي. جلاد کيس زمين تان مٿي کنيو ۽ سڪل کوهه جي تري ۾ زور سان اڇلايو. پوءِ پاڻ کوهه جي مٿان بيهي کيس پٿرن سان تيسين ڪٽيندو رهيو، جيسين هن ڦٿڪي ڦٿڪي دم ڏنو.
قرة العين جي، موت ايران کي لوڏي ڇڏيو. پر، ٻين ملڪن ۾ به گهڻا ئي اهل دل انسان متاثر ٿيا، جن ۾ سرفهرست پاڪستان جو قومي شاعر علامه اقبال آهي. چيو اٿس ته:

غالب و حلاج و خاتون عجم
شورها افگنده در جان حرم

قرة العين جي ٻين مداحن ۾ قرآن ڪريم جي مشهور تفسير ”روح المعاني“ جو مفسر سيد محمد آلوسي، هندستان جو وائسراءِ لارڊ ڪرزن، دنيا جو هاڪارو عالم ۽ ايراني ادب جي تاريخ جو بي مثال محقق ۽ مصنف ايڊورڊ برائون، ترڪيءَ جو هاڪارو شاعر سليمان نظم بيگ ۽ فرانس جو ممتاز دانشور ينگ هيڊ ته گهڻو مشهور آهن.
پاڪستان ۾ پروين شاڪر به قرة العين جي مشهور پرستار هئي. سندس اهو غزل، جيڪو علامه اقبال ’جاويدنامي‘ ۾ شامل ڪيو آهي، سو پروين شاڪر جو وردِ زبان هو:

گر بتو افتدم نظر چهره به چهره روبرو
شرح دهم غم ترا نکته به نکته مو به مو
از پي ديدن رخت هم چون صبا فتاده ام
خانه بخانه در بدر کوچه و کوچه کو به کو
در دل خويش طاهره گشت ونديد جز ترا
صفحه به صفحه لا به لا پرده به پرده تو به تو

قدرت جي هن ڪارخاني ۾ عجب راز ۽ اسرار آهن. قرةالعين ۽ پروين ڦوهه جوانيءَ ۾ پنهنجي حُسن ۽ هاڪَ ۽ عروج تي هيون، ته دردناڪ نموني ۾ موت جو پيالو پيتائون!
قرة العين کي جلاد پٿرن سان تيسين ڪٽيندو رهيو، جيسين هن پکيئڙي وانگر ڦٿڪي ڦٿڪي دم ڏنو.
پروين شاڪر کي تيز رفتار گاڏي، پٿرائين روڊ تي تيسين بيدرديءَ سان گھليندي رهي، جيسين چِچِرجي وئي ۽ آخرين ساهه پساهه کنيائين!

ڊاڪٽر نجم الاسلام

قدرت مون کي جن اعلى اديبن، نامور محققن ۽ بااخلاق شخصن جي زيارت ۽ صحبت نصيب ڪئي، تن ۾ ڊاڪٽر نجم الاسلام به هڪ منفرد شخصيت جو مالڪ هو: خاموش مزاجُ ۽ خلوت پسند هو. شيخ سعديءَ جو قول آهي ته ”جمالِ هٰمُ نشين“ جي اثر سان مِٽي به مشڪ ٿي ويندي آهي. ڊاڪٽر نجم الاسلام اسان جي دؤر جي وڏي ۾ وڏي اردو عالمَ، اديبَ ۽ محقق ڊاڪٽر غلام مصطفى خان جي علمَ ۽ اخلاق جي سرهاڻِ سان واسيل هو.
ڊاڪٽر نجم الاسلام سان منهنجي ملاقات غالباً سنه 1970ع واري ڏهاڪي ۾ ٿي. تڏهن مان سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشوري ۾ سيڪريٽري هئس. بورڊ جي ڪتبخاني (لئبرريءَ) ۾ تقريباً چار سؤ عربي ۽ فارسي قلمي ڪتاب رکيل هئا، جن جو ڪوبه ”ڪئٽالاگ“ ٺهيل ڪونه هو. سو، ڪا خبر ڪانه هئي ته منجهن علمَ جا ڪهڙا ڪهڙا خزانا پوشيده آهن؟ اهي قلمي ڪتاب 1950ع ۽ 1960ع وارن ٻن ڏهاڪن ۾، پير سائين حسام الدين راشديءَ، ڊاڪٽر بلوچ ۽ محمد ابراهيم جويي گهڻي قدر، ٺٽي جي قديم خاندانن جي هاڻوڪن وارثن ليڪن مسڪين حال ماڻهن کان ملهه تي ورتا هئا. گهڻو ڪري، ٽالپرن، ڪلهوڙن ۽ مغلن جي زماني جا آهن. گهڻي قدر فارسي زبان ۾ آهن. ڪي عربيءَ ۾ به آهن. سنڌيءَ ۾ هڪ به ڪونهي. نه وري اردوءَ ۾ آهي. انهيءَ جو مطلب ته انهيءَ زماني جي عالمن ۽ اديبن جي تصنيف ۽ تاليف جي زبان سنڌي ڪانه هئي. اردو ته ليکي ۾ ئي ڪانه هئي. اها عام مروج روايتن موجب، پوين مغل بادشاهن جي دؤر ۾ دهليءَ جي آسپاس وارن علائقن جي مقامي ٻولين ۽ فارسي زبان جي ميل ميلاپ وسيلي، اُسري ۽ نسري. تڏهن سنڌي عالمن جي تصنيف ۽ تاليف جي زبان پڻ سڄي هندستان جي عالمن ۽ اديبن جي تصنيف ۽ تاليف جي زبان وانگر، فارسي هوندي هئي. قرآن ڪريم جو مخدوم نوح رحمة الله عليه وارو فارسي ترجمو انهيءَ ڳالهه جي چٽي نشاني آهي. مخدوم صاحب سنڌي ٻوليءَ جو وڏو شاعر هو. پر، قرآن ڪريم جو ترجمو فارسيءَ ۾ ڪيائين. سنڌيءَ ۾ ڪونه ڪيائين.
ٻيو مثال هي آهي ته سنڌي ادبي بورڊ پير سائين حسام الدين راشديءَ جو ترتيب ڏنلُ، سنڌ جي فارسي شاعرن جو تذڪرو ”مقالات الشعراء“ شايع ڪيو آهي. منجهس سنڌ جي سوين شاعرن جو ڪلام آهي. سندن مادري ٻولي ته سنڌي هئي پر شعر فارسيءَ ۾ چوندا هئا اهو ڪتاب به سنڌ ۾ فارسيءَ جي اهميت جو مثال آهي، جنهن لاءِ پهاڪو ٺهي ويو هو ته ”فارسي گهوڙي چاڙهِسي.“
انگريز آيا، ته فارسيءَ جي جاءِ انگريزيءَ ورتي. غالباً سن 1843ع هو. اهو مڃڻ گهرجي، ته انگريزن فارسيءَ کي ته ڌڪ هنيو، پر سنڌي زبان جي ترقيءَ لاءِ تعريف جوڳو ڪم ڪيو. ان سلسلي ۾ سر بارٽل فريئر جو نالو سونهري لفظن ۾ لکڻ لائق آهي.
بهرحال، عربي ۽ فارسي قلمي نسخا جڏهن بورڊ ۾ آيا، ته نهايت ضعيف حالت ۾ هئا. انهن کي محفوظ ڪرڻ وڏو مسئلو هو. حيدرآباد دکن جي نواب جي ڪتبخاني جو جلد سازُ شيخ محبوب پڻ ٻين وانگر هندستان مان هجرت ڪري ڪراچيءَ آيو هو ۽ گذر سفر لاءِ ڪراچيءَ ۾ ”ڪارخانه محبوبيه جلد سازي“ نالي سان دڪان کوليائين. پير صاحب ۽ جويي صاحب جي ساڻس واقفيت ڪيئن ٿي؟ اها مون کي خبر ڪانهي، پر اهي ضعيف نسخا کيس، جلد بنديءَ لاءِ ڏنائون. هن انهن کي پنهنجيءَ مهارت سان بٽر پيپر ۾ ورق ورق ڪري، وجهي، اهڙي شاندار جلد بندي ڪئي جو سئو ٻن سئو سالن لاءِ وري محفوظ ٿي ويا. اڃا تائين انهن قلمي نسخن مان عربيءَ توڙي فارسيءَ ۾ ڪي ٿورڙا شايع ٿي سگهيا آهن. ڀايان ٿو ته عربيءَ ۾ پنج ست ۽ فارسيءَ ۾ چاليهارو کن ڇپيا آهن. ”تاريخ مظهر شاهجهاني“ به فارسي قلمي نسخو هو، جنهن کي پير صاحب ايڊٽ ڪيو. سنڌ جي تاريخ تي اهم ڪتاب آهي. سو، ان جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيو ته هٿئون هٿ وڪامي ويو. اصل قلمي فارسي نسخو ٺٽي مان ڪونه مليو هو. پير صاحب کي حيدرآباد دکن جي ڪنهن عالم تحفي طور ڏنو هو. ٻيا فارسي ۽ عربي ڪتاب به سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿين ها، ته سٺو ٿئي ها. پر، ائين ڪونه ٿيو. البت، مخدوم امير احمد صاحب سنڌ جي تاريخ جي ٽن بنيادي ڪتابن: چچ نامي، تاريخ معصوميءَ ۽ تحفة الڪرام جا سنڌي ترجما ڪيا. جيڪي ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي ڪوشش سان بورڊ شايع ڪيا.
قلمي نسخا ڳولڻ، خريد ڪرڻ، انهن جي جلد بندي ڪرائڻ، کين ايڊٽ ڪرڻ ۽ ڇپائڻ لاءِ وڏو خرچ کپي. اها رقم مرحوم ممتاز حسن بورڊ کي مدد طور ڏني. هو مرڪزي حڪومت جو مالي سيڪريٽري هو ۽ پير صاحب جو گھرو گهاٽو دوست. ايتريقدر جو پنهنجين نياڻين جون شاديون پير صاحب جي مشوري موجب ڪرايائين. علم دوست ماڻهو هو، ملڪ جي الائي ته ڪيترن علمي ۽ ادبي ادارن جو صدر يا سرپرست هو. پر، سنڌي ادبي بورڊ جو خاص طرح معترف هو. انهن عربي ۽ فارسي قلمي نسخن جي لاءِ سرڪاري قانون جي پورائي ڪرڻ ۽ مالي مدد ڏيڻ لاءِ هڪ باضابطه اسڪيم ٺهرايائين. جنهن کي ٺاهڻ ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب مخدوم امير احمد صاحب جي مدد سان قابل قدر محنت ڪئي، پر ممتاز حسن رٽاير ڪري ويو، ته مرڪزي حڪومت جي نون عملدارن جي هن سنڌي اداري مان دلچسپي گهٽجي وئي.
مرحوم ممتاز حسن بورڊ کي چئن لکن جي امداد ڏني هئي. پوءِ سائين ميران محمد شاهه ۽ مون ڏاڍي ڪوشش ڪئي. تڏهن مس مس مرڪزي حڪومت ڏيڍ لک رپيا وڌيڪ منظور ڪيا. اهي کپي ويا، ته حڪومت ٻيا پئسا ڏيڻ کان جواب ڏنو. عربي ۽ فارسي ڪتابن جي ڇپائي رڪجي وئي.
پير صاحب جي وفات ۽ جويي صاحب جي ڪوهاٽ بدلي ٿيڻ کان پوءِ مان ڏاڍو اڪيلو ٿيس. مخدوم صاحب بورڊ جو چيئرمن ۽ سرپرست هو. پر، وڏو ماڻهو هو ۽ سياست ۾ به پيرُ هئس. هونئن به اداري جو انتظامي عملدار سيڪريٽري هوندو هو. سو، روزمره جي مسئلن کي منهن ڏيڻ پنهنجو فرض هو. هڪ ڏينهن ڳڻپ ڪري، سائين قاسمي صاحب سان وڃي مليس، هو تڏهن بورڊ جو اسڪالر هو چيئرمن ڪونه ٿيو هو. کيس عرض ڪيم ته عربي ۽ فارسي قلمي نسخن جو ڪئٽالاگ ٺاهيون. ڳالهه ٻڌائين، پر، دلچسپي ڪانه ورتائين ان کان پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي رٽايرڊ لئبررين قاضي محمد علي سان مليس. سندس وڏي هاڪ هئي. بورڊ ۾ آيو. ڪتاب به ڏٺائين. پر، ڪئٽالاگ ٺاهڻ ۾ ڪابه دلچسپي ڪونه ورتائين. سراسر مايوس ڪيائين. يونيورسٽيءَ جي ٻئي هڪ رٽايرڊ سنڌي سٻاجهڙي پروفيسر به مايوس ڪيو، توڙي جو پاڻ فارسيءَ جو ماهر هو.
هن پسمنظر ۾ ڏاڍو منجهس. ٻيو ڪو سنڌي عالم ڪونه ٿي سُجهيو. هڪ ڏينهن يونيورسٽيءَ ۾ اردوءَ جي پروفيسر ڊاڪٽر غلام مصطفى خان وٽ هليو ويس. نوڪريءَ مان رٽاير ڪيو هئائين. اولڊ ڪئمپس ۾ رهندو هو. اسان ٻنهي جي لڳ لاڳاپن جو ذريعو علامه آءِ. آءِ. قاضي صاحب هو. ڊاڪٽر غلام مصطفى به مون وانگر سندس معتقد هو. ڳالهه ٻڌائين ۽ بورڊ ۾ اچي قلمي نسخا ڏسڻ جي حامي ڀريائين. نياز نوڙت جو ته پاڻ مثال هو. پر، سندس علمي مان مرتبي جي خبر مون کي تڏهن پئي، جڏهن اسلام آباد ۾ ايڪيڊمي آف ليٽرس ۾ ويس. لاهور جو وحيد قريشي ۽ ڪراچيءَ جو مشفق خواجه ته سڄي پاڪستان ۾ اردوءَ جا مڃيل محقق هئا. ڊاڪٽر جميل جالبي ۽ ڊاڪٽر فرمان فتحپوري به ايڏائي وڏا محقق هئا. مان سڀني سان گھرو گهاٽو هئس. پر، سڀيئي ڊاڪٽر غلام مصطفى خان جو نالو وڏي ادب ۽ احترام سان کڻندا هئا. قرآن شريف جي مخدوم نوح واري فارسي ترجمي جو پهريون پارو به سڀ کان اول ڊاڪٽر غلام مصطفى خان ئي شايع ڪيو هو. خود سنڌي ادبي بورڊ به انهيءَ اهم قلمي نسخي ڏي توجهه گهڻو گهڻو پوءِ ڏنو. پوين ڏينهن ۾ پاڻ تصوف ڏي مائل ٿي ويو ۽ سندس مريدن ۽ معتقدن جو تعداد هزارن ۾ وڃي پهتو، پر علامه صاحب واري لڳ لاڳاپي ڪري، مون سان هميشه محبت سان ملندو هو. منجهس وڏائيءَ جي بوءِ به ڪانه هئي. وڏي علم، اخلاق ۽ اخلاص جو صاحب هو.
سنڌ يونيورسٽي، ڄامشوري جو علائقو سنگلاخ آهي. سانوڻ جي مند ۾ گرمي ٺيڪ ٺاڪ جلوو ڏيکاريندي آهي. هڪڙو مکيه سبب اهو به آهي ته يونيورسٽي ڪيمپس تي وڻُ ٽڻُ ڪو نالي ماتر آهي. جڏهن يونيورسٽي ٺاهڻ لاءِ اهو هنڌ چونڊيائون، تڏهن جيڪڏهن جاين جي تعمير کان اڳ سموري علائقي ۾ ڪثرت سان وڻ پوکي ڇڏن ها ۽ پوءِ جاين جي اڏاوت ڪن ها ته، جيڪر ساوڪ جي ڪري، يونيورسٽيءَ جي ماحول تي سٺو اثر پوي ها، پر ائين ڪونه ٿيو.
اهو وقت ته گذري ويو، ليڪن هاڻي به جيڪڏهن سنڌ يونيورسٽي جي ڪئمپس تي، باضابطه نموني ”شٽل بس سروس“ هلي، ته گرميءَ جي مند ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي هڪ عمارت کان ٻيءَ عمارت تائين اچ وڃ جي جيڪر وڏي آساني ٿئي، ڇو ته يونيورسٽيءَ جون مختلف عمارتون هڪٻئي کان چڱي مفاصلي تي پري آهن.
سانوڻ جي اهڙيءَ ئي مند ۾ هڪ ڏينهن ٽاڪ منجهند جو ڪا رڪشا اچي بورڊ جي عمارت اڳيان بيٺي. منجهائنس ڊاڪٽر غلام مصطفى خان لٿو. پٽيوالي مون کي ڄاڻ ڪونه ڪئي. سڌو ئي سڌو کيس وٺي، منهنجيءَ آفيس جي ڪمري ۾ آيو. مان تڪڙو تڪڙو وڃي ساڻس ادب سان مليس. ويٺو. ساهي پٽيائين. پگهر سڪايائين. ٿڌي پاڻيءَ جو گلاس پيتائين. چيائين ته ”قلمي نسخا ڏسون.“
اسان اٿي لئبرريءَ ۾ آياسين. ڪجهه نسخا ڏٺائين. موٽي منهنجيءَ آفيس ۾ آياسين. شربت جو گلاس پيتائين. چيائين ته، ”انشاءَالله، آپ ڪي حڪم ڪي تعميل هوگي“. منهنجي پيٽ ۾ ساهه پيو. جتي سنڌي عالمن مايوس ڪيو هو، اتي اردو عالم ڪم آيو. کيس ڏاڍيون دعائون ڏنم.
ڊاڪٽر غلام مصطفى وري ساڳيءَ رڪشا ۾ حيدرآباد روانو ٿيو. بس وچ تي ڏينهن ئي هڪڙو گذريو، ته مون وٽ ٻه ملائڪ آيا: ڊاڪٽر نجم الاسلام ۽ پروفيسر صغير. ٻئي سنڌ يونيورسٽيءَ جي اردو شعبي ۾ استاد هئا. چيائون ته، ”ڊاڪٽر صاحب جي حڪم جي تعميل لاءِ آيا آهيون.“
مون کين بي سبب ملائڪ ڪونه ڪوٺيو آهي. پر، هن ڳالهه جي وضاحت کان اڳ، ٻي هڪ ڳالهه ڪرڻ گهران ٿو. 1957ع جي آڪٽوبر مهيني ۾ بورڊ ۾ منهنجي مقرري بطور اسسٽنٽ سيڪريٽري ٿي. پگهار مان پورت ڪانه پوندي هئي، سو، شام جو ريڊيو پاڪستان تي انگريزي خبرن کي سنڌي بليٽن لاءِ ترجمو ڪرڻ واسطي پارٽ ٽائيم جاب ڪندو هئس. انگريزيءَ ۾ خبرون غالباً ايرڪ ورنر نالي ڪو انگريز پڙهندو هو. هڪ دفعي مون کي چيائين ته، ”مسٽر رباني! تون گهرين ٿو ته ماڻهو تنهنجي عزت ڪن؟“
مون چيو ته، ”هائو“
چيائين ته، ”پوءِ ڪڏهن به واعدو نه ڪندو ڪر. پر، جيڪڏهن واعدو ڪرين، ته پوءِ آنڌاري اچي، طوفان اچي، وڏ ڦڙو وسي، ڳڙو پوي يا زمين ۾ زلزلو اچي- هر حالت ۾، پنهنجو واعدو پاڙيندو ڪر. ائين ڪندين، ته ماڻهو چوندا ته تنهنجو سُخنُ لوهه تي ليڪو آهي. هنڌين ماڳين تنهنجي عزت ٿيندي.“
ڊاڪٽر غلام مصطفى خان مون سان هڪڙي ڏينهن واعدو ڪري ويو ته ٻئي ڏينهن ئي ان تي عمل ڪيائين. ڊاڪٽر نجم الاسلام ۽ صغير صاحب قلمي نسخا ڏسي هليا ويا ۽ مون کي چئي ويا ته، ”سڀاڻي کان ڪم شروع ڪنداسون.“
ٻئي ڏينهن، منجهند جو اڍائي بجي ڌاران آيا. غالباً بورڊ جي آفيس جي ڀرسان اسٽيشن روڊ تي، يونيورسٽيءَ جي بس مان لٿا ۽ آفيس ۾ پيادل پهتا. مون سندن آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ چاءِ شربت جو پڇيو. چيائون ته، ”ماني کائينداسون ۽ اها اسان کي ساڻ آهي. رڳو هڪڙو ڪمرو، ٽيبل ۽ ٻه ڪرسيون ڏيو.“
مون آفيس ۾ مخدوم صاحب لاءِ هڪ ڪمري ۾ پلين غالچو وڇايو هو ۽ ايئرڪنڊيشن هڻايو هو. اهو ڪمرو سندن حوالي ڪيم. ٻنهي کي پنهنجي آندل مانيءَ جي الڳ الڳ ڳنڍ ڪپڙي ۾ ٻڌل هئي. ٿڌي پاڻيءَ جا ٻه گلاس گهريائون. پر، خالي پليٽون به نه ورتائون. هڙ مان ماني ڪڍي، ميز تي، پراڻيءَ اخبار تي رکي کاڌائون. ڪا سبزي ۽ ٻه ٻه اڻڀيون مانيون ساڻ هئن. ماني کائي، پاڻي پي، پٽيوالي کي چيائون ته لئبرريءَ مان ٻه چار قلمي نسخا کڻي اچ. ٻه هڪڙي کنيا ۽ ٻه ٻئي. دروازو بند ڪري ڪم ۾ لڳي ويا. شام جو پنجين ساڍي پنجين بجي اٿيا ۽ وري پيادل اسٽيشن روڊ تي وڃي، يونيورسٽيءَ جي بس ۾ ويٺا ۽ شهر روانا ٿيا. اهڙيءَ طرح، هو آچر کي ڇڏي، باقي هر ڏينهن بورڊ ۾ ايندا هئا. سندن ڪم ڪرڻ جو طريقو اهو ئي هوندو هو. ڪاڙهو تتو هجي ته ڇا، برسات هجي ته ڇا، يونيورسٽي جي بس سروس بند هجي ته ڇا، ٻئي ملائڪ سڳورا ٺيڪ اڍائي بجي منجهند جو بورڊ ۾ پهچندا هئا ۽ ڪم ۾ هٿ وجهندا هئا. ٽن سالن جي عرصي ۾ ڪئٽلاگ ٺاهي پورو ڪيائون.
هڪ ڏينهن، انڊيا آفيس ۽ برٽش ميوزيم جي ڪئٽالاگ، باڊلڊين لئبررين جي ڪئٽالاگ ۽ رامپور لئبرري (انڊيا) جي ڪئٽالاگ جا نمونا کڻي آيا. مون سان باضابطه ميٽنگ ڪيائون. سڀني ڪئٽالاگن کي ڏسڻ کان پوءِ هڪڙو نمونو طئي ڪيوسون. ٻن چئن ڏينهن کان پوءِ فل اسڪيپ سائيز ۾، ڪاري جلد جو هڪ ضخيم ڪئٽالاگ آڻي، منهنجي اڳيان رکيائون، جو سوين صفحن ۾ هو. هر صفحي تي پين سان قلمي نسخي ۽ ان جي لکندڙ جو نالو ۽ قلمي ڪتاب جو سڄو تفصيل هو. چيائون ته هاڻي هن کي ڇپائڻ بورڊ جو ڪم آهي. ٻنهي اشرافن سڌيءَ اڻ سڌيءَ طرح پنهنجيءَ محنت ۽ معاوضي جو اکر به چپن تي ڪونه آندو.
1984ع ۾ منهنجي اسلام آباد بدلي ٿي وئي ۽ مرڪزي سرڪار وٽان هڪدم اتي چارج وٺڻ جو حڪم مليو. سنڌ سرڪار حڪم جي تعميل ڪرڻ لاءِ تاڪيد ڪيو. مخدوم صاحب بورڊ جو چيئرمن ٿيو هو ۽ مون کي ميمبر نامزد ڪيو هئائين. سو، مان اسلام آباد مان بورڊ جي ميٽنگ ۾ ايندو هئس. هڪ ميٽنگ ۾ پڇيم ته، ”ڪئٽالاگ جي ڇپائيءَ جو ڇا ٿيو؟“ ڪنهن کي ياد به ڪو نه هو وري پڇيم ته، ”ڊاڪٽر نجم الاسلام ۽ صغير صاحب کي ڪو معاوضو مليو؟“ جواب ڪونه مليو. سو، مون مخدوم صاحب کي سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي. هن هڪدم ڏهه هزار رپيا معاوضي طور ادا ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو. آفيس کي ڪئٽالاگ جي اشاعت جي هدايت ڪيائين.
جڏهن مان اسلام آباد مان موٽي بورڊ ۾ اعزازي سيڪريٽري مقرر ٿيس ته، خبر پئي ته ڪئٽالاگ کي ڪنهن وري ڏٺو به ڪونه هو. ڊاڪٽر نجم الاسلام کي احوال ڏنم. هن اشراف ڪئٽالاگ جو ٽائيپ ٿيل نسخو ڇپائيءَ لاءِ موڪلي ڏنو. مون سڄو نسخو لئبرريءَ ۾ رکائي، فقط شروعاتي پنجاهه صفحا پريس جي هڪ ڪمپوزر جعفريءَ کي ڪمپوزر ڪرڻ لاءِ ڏنا. جعفري صاحب ڪم کي رلائي ڇڏيو. سُتت پاڻ هي جهان ڇڏي ويو.
هڪ ڏينهن ڊاڪٽر بلوچ صاحب بورڊ جي آفيس ۾ آيو ۽ چيائين ته سنڌي لغات جي ڪم کي ON GOING PROJECT ڪريو. اسان سندس چوڻ موجب ڪلچر کاتي سان ڳالهه ڪئي، جو بورڊ تڏهن ڪلچر هيٺان هوندو هو. ڪلچر کاتي جي واسطيدار عملدار چيو ته ڊاڪٽر بلوچ صاحب کي چئو ته P.C.I فارم ٺاهي ڏئي ته وڌيڪ ائڪشن کڻون.“
P.C.I فارم ڊاڪٽر بلوچ صاحب موڪلي ڪونه سگهيو. ليڪن، اوچتو پتو پيو ته ’سنڌي لغات‘ سنڌي لئنگيج اٿارٽيءَ بورڊ کان اجازت وٺڻ کان سواءِ ئي ڇپائي ڇڏي آهي. سنڌي لغات جا سمورا حق حقوق ته بورڊ وٽ محفوظ هئا. بورڊ ئي ان کي تيار ڪرائڻ تي لکين رپيا خرچ ڪيا هئا. ڇپائيءَ تي جدا خرچ ڪيو هو. بورڊ جي انهيءَ ڪوشش ۽ ڪاميابيءَ کان پوءِ سنڌي زبان اٿارٽي ان تي قبضو ڪيئن ڪيو؟
ڪنهن زماني ۾ بورڊ ۾ ڪنهن خانگي پبلشر جو ليٽر آيو، ته بورڊ اسان کي اجازت ڏئي ته سندس اڻ لڀ ڪتاب ڇاپيون ۽ ڪجهه رايلٽي به کڻي ڏيون. ميمبرن جي مشوري تي مون ڪاپي رائيٽ جي رجسٽرار کان راءِ ورتي.
هن ڪراچيءَ ۾ پنهنجي آفيس ۾ مون سان ميٽنگ رکي ۽ پڇيو ته بورڊ انهن ڪتابن جي تيار ڪرڻ تي ڪيتري رقم خرچ ڪئي هئي؟ مون کيس ٻڌايو ته سنڌي لغات تي هيترا لک. لوڪ ادب تي هيترا لک ۽ هنن ڪتابن تي هيترا. تڏهن وائڙو ٿي ويو. چيائين ته، ”انهيءَ زماني ۾؟“ مون چيو ته، ”هائو.“ قانوني راءِ ڏنائين ته، ”هاڻي جيڪو پبلشر بورڊ کي مڪمل رايلٽي ادا ڪرڻ کان سواءِ اهي ڪتاب ڇاپيندو، سو، اڳي پوءِ جيل ۾ ويندو ۽ سندس ساٿي به ڏنڊ ڀريندا. مون کي اڄ ئي درخواست ڏيو.“
مون موٽي اچي ميمبرن کي احوال ڏنو. ڪن ته ڪنن جي پاپڙين ۾ هٿ وجهي چيو ته، ”اسان توبهه ڪئي“. بس انهيءُ ڳالهه کي اتي ڇڏيو.
ڊاڪٽر نجم الاسلام کي گهر ٻار جا الاهي مسئلا هئا. سندس اهليه دائمي مريضه هئي. ڊاڪٽر صاحب کي ذاتي زندگيءَ ۾ سک ڪونه هو. پر سچل سائينءَ چيو آهي ته:
”عاشقن کي سور سختيون، مُحِبَ مهمانيون مُڪيون!“

ساڻس منهنجي آخري ملاقات ائين ٿي ته پاڪستان جو هڪ وڏو محقق لاهور مان مون وٽ مهمان ٿي آيو ۽ هڪ ئي فرمائش ڪيائين ته ڊاڪٽر نجم الاسلام جي زيارت ڪرڻ گهران ٿو. مون ڊاڪٽر کي اطلاع ڏنو. چيائين ته اوهان وٽ حاضر ٿيندس. مون کيس گاڏي موڪلي ڏني ۽ رات جي مانيءَ جو هر طرح انتظام ڪيو. آيو، صحت جي ضعف ڪري، مانيءَ جو ته گرهه به وجهي ڪونه سگهيو، پر، لاهور واري محقق ۽ مون سان سندس اها ڪچهري زندگيءَ جو حسين ترين يادگار آهي. ڪيڏا نه مٺا ماڻهو هئا! الائي ڪاڏي هليا ويا؟
هڪ دفعي مون کي هڪ ڪتاب هٿ لڳو، جنهن ۾ شاهه ولي الله دهلويءَ جا مخدوم معين ٺٽويءَ ڏانهن خط هئا. حيرت لڳم ته ايترو زمانو اهي خط محفوظ ڪيئن رهيا؟ ياد آيم ته مخدوم معين انهيءَ زماني ۾ ابن عربيءَ جي ڪتابن ۽ خاص طرح وحدت الوجود جي مسئلي کي سمجهڻ لاءِ انهيءَ زماني جا سفر جا ڏک ڏاکڙا سهي، دهليءَ ويو هو ۽ سڄا سارا ڏهه ورهيه شاهه جي قدمن ۾ ويٺو هو. اها ته هر ڪنهن کي خبر آهي ته مخدوم معين، شاهه ڀٽائيءَ جو پڳ مٽ يار هو. سو اهي خط ڇپائڻ ثواب جو ڪم سمجهيم. انهي ئي زماني ۾ مخدوم معين جي هڪ تحرير هٿ آيم، جنهن تي مخدوم معين جون مهرون لڳل هيون. ان کي غيبي تائيد تصور ڪري، مضمون ۾ هٿ وڌم. مون مخدوم معين واريءَ انهيءَ تحرير کي نقل ڪرڻ ۽ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ جو ڪم يونيورسٽيءَ جي هڪ رٽايرڊ سنڌي پروفيسر کي سونپيو هو. پر، هن سڳوري جيڪو ترجمو ڪري موڪليو سو، ضعيف هو. مون کي بهر صورت مخدوم معين وارو اهو تاريخي دستاويز فارسيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرائڻو هو. سو، هڪ ڏينهن ڊاڪٽر نجم الاسلام کي فون ڪيم. ٻڌو هئم ته سندس صحت ٺيڪ ڪانهي. چيائين ته، ”اوهان جو حڪم اکين تي. تاريخي دستاويز موڪلي ڏيو.“ اهڙو ته عاليشان ترجمو ڪري موڪليائين، جو پڙهي اکيون ٺري پيون. الله سائين، ڪن انسانن کي علم ۽ اخلاق سان ڪيڏو نه نوازيو آهي. خدا ڪيو، ته مخدوم معين ڏانهن شاهه ولي الله جا اهي تاريخي خط مهراڻ ۾ ٻن قسطن ۾ ڇپجي ويا. ان ڳالهه ۾ مون ”مهراڻ“ رسالي جي ايڊيٽر ناشاد کي شابس ڏني ۽ ڊاڪٽر بلوچ صاحب وري مون کي شابس ڏني. مون سندس خط ”مهراڻ“ رسالي ۾ ڇپائي ڇڏيو.
ڊاڪٽر نجم الاسلام رحلت ڪڏهن ڪئي، ان جو مون کي پتو ڪونهي. رحلت کان پوءِ سندس ڪن دوستن کي چڱي من ۾ پئي. تن سندس ياد ۾ ڪتاب ڪڍيو. مون کان به مضمون وٺي، ان ۾ وڌائون. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو مضمون به وڌائون. هاڻي جڏهن ڊاڪٽر نجم الاسلام ياد ايندو اٿم ته اهو ڪتاب ويهي پڙهندو آهيان.
ڊاڪٽر نجم الاسلام جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ملازم هو ته سنڌي زبان جي ڪن سنڌي ڪلاسيڪي شاعرن جو ڪلام اردوءَ ۾ ترجمو ڪري پنهنجي خرچ تي ڇپايو هئائين. مون کي به انهن ڪتابن جي تحفي سان نوازيائين. ٻيا ڪي ڪتاب به اسلام آباد موڪليائين. ”تحقيق رسالو“ ڪڍندو هو. اهو به عنايت ڪندو هو. جنهن شخص کي اهو سمجهڻ جو شوق هجي ته علمي ادبي تحقيق ڇاکي چئبو آهي؟ سو، انهيءَ ”تحقيق“ رسالي جا پرچا هٿ ڪري پڙهي. ڪو به پرچو ٻن ٽن سوَن صفحن کان گهٽ ضخامت جو ڪونهي. رسالي ۾ مختلف عنوانن تي مضمون آهن.
منهنجي چاچي مرحوم کي فارسي ڪتابن جو شوق هوندو هو. سندس ڪتابن مان نولشڪور جو ڇپايل ”ديوان مخفي“ مون وٽ اڃا محفوظ آهي، جيڪو عام طرح اورنگزيب جي ڌيءُ زيب النساء جو سمجهيو وڃي ٿو. تحقيق رسالي پڙهڻ کان پوءِ معلوم ٿيم، ته اهو سڄو مفروضو آهي. ”ديوان مخفي“ دراصل ايران جي هڪ مرد شاعر جو ڪلام آهي، جيڪو هندستان به بخت آزمائڻ آيو هو. پر، قسمت ساٿ ڪونه ڏنس. موٽي ويو. سندس سڄو احوال تاريخي ثابتين سان ”تحقيق“ رسالي ۾ ڇپيل آهي. زيب النساء سان ”ديوان مخفي“ جي نسبت سراسر افسانو آهي.

محمد حسن ڀٽو

عمر خيام جي رباعيءَ جي هڪ مصرع آهي:

اين قافله عمر، عجب مي گذرد!

جنهن جو مطلب آهي ته ”زندگيءَ جو هيءُ قافلو عجب نموني ۾ هلي ٿو.“ محمد حسن ڀُٽي ۽ منهنجي زندگيءَ تي عمر خيام جي هيءَ مصرع صحيح ۽ صادق اچي ٿي.
مان نوشهري فيروز ضلعي جو ويٺل آهيان ۽ محمد حسن لاڙڪاڻي ضلعي جو آهي، جتان سندس والد حيدرآباد لڏي آيو. سندس سفر جو ذريعو ملازمت هو. جڏهن مون کي چاچي رضا محمد ڀُٽي جي نيازمنديءَ جو شرف حاصل ٿيو، تڏهن پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ خزاني آفيسر جي عهدي تي فائز هو. يونيورسٽي اولڊ ڪيمپس ۾، پڪا گهرڙا ٺهيل هئا، جي علامه آءِ.آءِ. قاضيءَ يونيورسٽيءَ جي ملازمن کي مناسب اگهه تي وڪرو ڪري ڏنا هئا. اهڙو هڪڙو گهرڙو چاچي مرحوم کي به مليو، جنهن ۾ فيمليءَ سميت رهندو هو.
علامه آءِ.آءِ. قاضيءَ کي ڪوبه ماڻهو چاچي رضا محمد ڀٽي مرحوم کان وڌيڪ ويجهو ڪونه هو. علامه صاحب جي گهر جو سڄو خرچ پکو چاچو رضا محمد هلائيندو هو ۽ کيس پائيءَ پائيءَ جو حساب ڏيندو هو. علامه صاحب سندس ديانتداريءَ ۽ اشرافت کان ايڏو ته متاثر هو، جو هڪ هنڌ نوٽ هنيائين ته:

MEN LIKE RAZA MUHAMMAD BHUTTO ARE NOW TO BE FOUND ONLY IN HISTORY BOOKS.

علامه صاحب جي زندگيءَ ۾ هر ڳالهه جو پيمانو مقرر هوندو هو. سول لائينس ۾ سندس بنگلي تي جيڪي مسڪين خيرات وٺڻ لاءِ ايندا هئا، تن لاءِ رپيا کليا ڪرائي ”ريزو“ يا ”ريجو“ رکندو هو. جمعي جمعي ڏينهن هڪ فقيرياڻي ايندي هئي، تنهن کي ٻه آنا ڏيندو هو. هڪڙو لنگڙو فقير ايندو هو، کيس به ٻه آنا ملندا هئا. ڪنهن کي آنڪ ملندي هئي. مطلب ته هر ڪنهن لاءِ خيرات جو ماپو مقرر هو.
علامه صاحب جي گهر ۾ کاڌي پيتي جو سڄو سامان: بصر، پٽاٽا، سبزي، انڊا وغيره چاچو رضا محمد ڀٽو وٺي ايندو هو. ڪنهن ڀيري ڪو انڊو خراب نڪتو، ته پوءِ علامه صاحب انڊن تي پين سان خريداريءَ جي تاريخ ۽ صحيح وجهندو هو ته مدي خارج انڊا بورچيخاني ۾ استعمال نه ٿين! پٽاٽا خريد ٿي آيا، ته توربا هئا. ڪنهن دفعي چاچو رضا محمد صاحب وڃي ڪونه سگهيو، سو محمد حسن تي اهو ڪم رکيائين. هو ڏاهو آهي. سير بدران پنج پاءُ پٽاٽا وٺي ويو. علامه صاحب تور ڪرائي، ته پٽاٽن جو سير سنوالو نڪتو. علامه صاحب محمد حسن کي پٽاٽن جا پئسا ڏئي، فرمايو ته ”ابا، واپارين ۾ اڃا ايمان آهي. تورَ سٺي ڏين ٿا، پر ڪامورن جو ته اڇو منهن آهي. رڳو حرام جي ڪمائيءَ تي زور اٿن.“ محمد حسن ادب سان جواب ڏنو ته، ”قبلا سائين، ائين ئي آهي.“
علامه صاحب، چاچي رضا محمد جي سڄي اولاد کي گهر جي ڀاتين وانگر ڀائيندو هو. مثلاً سندس نياڻين لاءِ عيد جي خرچي مقرر هوندي هئي، رپيو يا ٻه رپيا. اهي نياڻيون وڏيون ٿيون. پرڻجي ويون. پنهنجا گهرڙا آباد ڪيائون. کين ٻار ٻچڙا ٿيا. پر، پوءِ به عيد عيد جي ڏينهن علامه صاحب وٽان هر نياڻيءَ لاءِ رپيو يا ٻه رپيا اڳي وانگر خرچي ايندي رهي. هت قابل توجهه ڳالهه اها آهي ته سڄيءَ يونيورسٽيءَ ۾ اهو اعزاز فقط چاچي رضا محمد ڀُٽي لاءِ هو.
چاچو رضا محمد ڀٽو ملائڪن جهڙو معصوم هو. گندمي رنگ، سنهڙيءَ مشين سان لٿل سنهاري. شام جي مهل، سفيد سلوار ۽ سنهو چولو پائيندو هو. گهر جي اڳيان ننڍي ڇٻر ٽڪر تي ڪرسيون رکيل هونديون هيون. مون اتي ئي سندس ديدار ڪيو. ٻاجهاريءَ ٻوليءَ ۾ ڳالهائيندو هو. هڪ دفعي سنڌي ادبي بورڊ جي BUDGET ESTIMATES لاءِ سرڪار ڪي انگ اکر گهريا، جيڪي مون کي سمجهه ۾ ئي نه اچن. شام جو چاچي وٽ فائيل ۽ ڪاغذ کڻي ويس. سڄو PROFORMA ڀري ڏنائين ۽ پوءِ هڪ هڪ FIGURE ڪلاڪ کن ويهي سمجهايائين. اڄ اهڙا نيڪ انسان ڪٿان ملندا؟
ان زماني ۾ بورڊ جا حساب ڪتاب هر سال آڊٽ ٿيندا هئا. سو، ڊاڪٽر بلوچ، ڍڪڻ صاحب کي بورڊ جو آڊيٽر مقرر ڪرايو. هن اهڙو ته سهڻو ڪم هلايو، جو ڪڏهن سرڪاري عملدار کي اسان کان اونڌو ابتو سوال ڪرڻ جي ضرورت پيش ڪانه آئي. بلڪه، جڏهن کين خبر پئي ته ڍڪڻ صاحب اسان جو آڊيٽر آهي، تڏهن سڀ آڊيٽر ادب سان سندس نالو کڻندا هئا ۽ چوندا هئا ته ڍڪڻ صاحب وڏو قابل ۽ لائق انسان آهي. اهڙي لائق شخص کي انهيءَ عهدي تان هٽائڻ ڏاڍي ڏک جي ڳالهه هئي، پر اهو ”ڪارنامو“ حميد آخوند سرانجام ڏنو، مون کي سبب ۽ تفصيل معلوم ڪونهن، جو مان بورڊ ڇڏي ٻئي اداري ۾ ويل هئس غالباً، تن ڏينهن ۾ مسٽر حميد آخوند جي ڊاڪٽر بلوچ صاحب سان پوَت پوري ساري هئي. سو، ڊاڪٽر صاحب جو مقرر ڪرايل آڊيٽر کيس پسند ڪونه پيو. پر آخوند صاحب بورڊ سان ٻيا به اهڙا گهڻا ڀال ڀلايا. آخرڪار، جويي صاحب پڪو پهه ڪيو. ڪلچر کاتي جي وزير بئريسٽر شاهده جميل کي صحيح صورتحال کان واقف ڪيائين. هن ميٽنگ ڪوٺائي، پر هن وزير صاحبه کي به سنوَت ڪانه ڏني. بئريسٽر شاهده جميل ڏاهي هئي، هن اسلام آباد ۾ ڪنهن سگهاريءَ ڌر سان ڳالهايو، جنهن جي ابروءَ جي هڪڙي ئي اشاري سان مسٽر آخوند وڃي ڪنڊ پاسي ۾ ويٺو مس مس وري نوڪريءَ تي چڙهيو.
جڏهن سنڌ ”ون يونٽ“ جي پنجوڙن ۾ قابو هئي. ته سالياني گرانٽ سو تيسين جاري ڪانه ٿيندي هئي، جيسين مان لاهور وڃي، پٽيوالي کان وٺي اعليٰ عملدار تائين پاڻ فائيل ڪونه ڪڍائيندو هئس، پر سنڌي ادبي بورڊ جي گرانٽ، هڪ لک مان وڌائي ساليانو ٽي لک ڪرائڻ وارو عملدار سنڌي ڪونه هو. هڪ پنجابي هو. تڏهن مان ئي بورڊ جو سيڪريٽري هئس. حيدرآباد ۾ ٽي ڏينهن ٽڪيو. ڪتاب، فائيل، بجيٽون، آڊٽ رپورٽون سڀ ڏسي مون کي چيائين ته، ”اوهان لک رپين جي ساليانيءَ گرانٽ مان هيڏا ڪتاب ڪيئن ڇاپيا آهن؟“
مون کيس چيو ته، ”اسان اداري کي مسجد وانگر مقدس سمجهندا آهيون.“
اسان جي ڪم کان ايڏو ته خوش ٿيو جو سرڪار کي اهڙي ڪا رپورٽ ڏنائين جو 1951ع کان ويهن ورهين جي عرصي ۾ پهريون دفعو بورڊ جي سالياني گرانٽ هڪ لک مان وڏي ٽي لک ٿي. بورڊ سان اهو ڀال ڀلائي، ”نيڪي ڪري درياهه ۾ وجهه“ وانگر اسان تي ڪوبه احسان ڪونه جتايائين. اڄ گهڻن کي سندس نالي جي به خبر ڪانه هوندي. هن اهو ڪارنامو 1960ع کان پوءِ سرانجام ڏنو هو.
بورڊ ۾ اسان رڳو سنڌي ادب ۽ زبان جي خدمت ڪونه ڪندا هئاسون، پر، ”ون يونٽ“ جي خلاف به رات ڏينهن دونهيون دکائيندا هئاسون. ان ڪم ۾ بنيادي طرح ٻه گروهه سرگرم هوندا هئا. هڪ سنڌي اديب (تڏهن گاسليٽي اديب اڃا ڪونه ساماڻا هئا، جن سرڪاري نوڪرين ۾ ڪئي لک رپيا رشوت ورتي. بقول شيخ اياز کين ”سنڌي ثقافت“ جي بيماري ٿي پئي!) ٻيو گروپ سنڌ يونيورسٽيءَ جا استاد هئا. ٻنهي گروپن جو پاڻ ۾ گھرو گهاٽو لاڳاپو هو. محمد حسن ڀٽو يونيورسٽيءَ جي استادن ۾ ”ون يونٽ“ خلاف سرگرم عمل هو ۽ مان اديبن جي لڏي ۾. سو، محمد حسن ڀٽو ۽ مان هڪٻئي کي وڌيڪ ويجها ٿيندا وياسين.
اهڙي دوستي فقط تڏهن ٿي سگهي ٿي، جڏهن ماڻهو سخن جو سچو هجي. هڪٻئي ڏانهن نيڪ نيت هجي. محمد حسن ڀٽي کي اهي خوبيون پنهنجي والد بزرگوار کان ورثي ۾ مليون. پنهنجي والد بزرگوار وانگر سندس وڏي وصف اها آهي، ته سندس زندگي ORGANIZED آهي. هو وڏي کان وڏيءَ ۽ ننڍي کان ننڍيءَ ڳالهه جو توجهه سان خيال رکندو آهي.
جڏهن اسان ”ون يونٽ“ جي خلاف باهيون ٻاريون ويٺا هوندا هئاسين، تڏهن اڪثر ائين ٿيندو هو، ته حيدرآباد ۾ سانجهيءَ جو پنج ست دوست، سنڌ جا پوسٽر ورهائي ۽ ٻيو ڪم ڪار لاهي، محمد حسن جي گهر ننڍڙيءَ لان تي اچي گڏ ٿيندا هئاسين. جيڪڏهن مان اڳي پهتس، ته محمد حسن مون کي ساڻ ڪري، تڪڙو تڪڙو گاڏي کاتي هلندو هو، جتان هو پنهنجي والد لاءِ ”ديسي انب“ وٺندو هو، ڇو ته چاچو مرحوم فارمي انب سنڌڙي، سرولي، لنگڙو، چورسو، انور رٽول وغيره کائيندو ئي ڪونه هو. موٽي ايندا هئاسون. ته ٻيا دوست به پهچي ويندا هئا. محمد حسن ڀٽو چانورن جي ڊش ۽ دال جو ڍاڪون ڀري کڻي ايندو هو. سڀ دال ڀت گڏ کائيندا هئاسون. اهو اسان جو روزانو دستور نيم هو.
هڪ دفعي ماني کائي بس ڪئيسون ۽ هٿ ڌوتاسون. محمد حسن ٿانوَ کڻي اندر ويو. موٽيو ته سگريٽن جو پاڪيٽ ۽ ماچيس آڻي، منهنجي اڳيان رکيائين. پاڻ سگريٽ ڪونه ڇڪيندو هو. مون ڏانهس حيرت ۾ ڏٺو. چيائين ته، ”يار، اڄ بابا لاءِ ديسي انب وٺي موٽيس، ته ياد آيم، ته تون سگريٽ ڇڪيندو آهين.“ سندس قرب ڏسي منهنجي دل ڀرجي آئي. اڄ دوستن لاءِ انهن ننڍين ڳالهين جو لحاظ ڪير ٿو ڪري!
اسلام آباد ۾ ٻئي اعليٰ عهدن تي هوندا هئاسين. پر، هو پنهنجيءَ محبت ڪري، ڪڏهن ميوو ته ڪڏهن مٺائي منهنجي گهر موڪليندو رهندو هو. ته فلاڻي دوست پشاور مان موڪليو آهي. مون چيو ته مان اڪيلو ڪاڏي ڪندس. پنهنجو حصو پاڻ وٽ رکي، باقي توکي موڪلي ڏنم.
هڪ دفعي منهنجو پٽ مجيب سکر ڪنهن امتحان ۾ ويٺو. مان اسلام آباد ۾ هئس. مجيب کي امتحان جي سينٽر ڏي اچڻ وڃڻ لاءِ ٽرانسپورٽ کپندو هو. محمد حسن سان رڳو ڳالهه ڪيم. جيترا ڏينهن مجيب جو امتحان هو، اوترا ڏينهن ڪار جو بندوبست ڪيائين. بلڪ امتحان پورو ٿيس، ته محمد حسن جو هڪ آفيسر ڪار ۾ وهاري لاڙڪاڻي وٺي ويس ۽ موهن جو دڙو ڏيکاري آيس!
محمد حسن اسلام آباد ۾ ڪجهه عرصو اليڪشن ڪميشن جو سيڪريٽري هو. مان فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر هئس. روز منجهند جو ڪار موڪليندو هو. لنچ سندس آفيس ۾ گڏجي ڪندا هئاسون. ڪڏهن ڪڏهن قومي اسيمبليءَ جو سيڪريٽري- جنرل، گورايو به اچي شريڪ ٿيندو هو. محمد حسن جو تمام ويجهو دوست آهي. ان ڪري مون سان به محبت ٿي ويس.
محمد حسن جي پريت رڳو مون سان ڪانه هئي! جمال رند هجي ته ڇا، محمد عمر ميمڻ هجي ته ڇا، مرحوم ظفر الله قريشي هجي ته ڇا، راول ورياماڻي هجي ته ڇا، غلام قادر ڊکڻ هجي ته ڇا، بلڪ نواب يوسف ٽالپر هجي ته ڇا... سڀني سان سندس قرب جو تعلق ائين ئي هو، جيئن ڀٽائيءَ فرمايو آهي ته:

سنهيءَ سئيءَ سبيو، مون مارن سين ساهه.

اسلام آباد ۾ ڪڏهن ڪڏهن گذريل ڏينهن جون ڳالهيون ڪندا هئاسين. هڪ دفعي کيس ٻڌايم، ته وزير اعظم پوليس ۾ سڌارن لاءِ هڪ ڪاميٽي مقرر ڪئي آهي، جنهن جو چيئرمن مسٽر راٺوڙ، مرڪزي سيڪريٽري داخلا کي ڪيو اٿس، ۽ ميمبرن ۾ چئن ئي صوبن جا آءِ.جي. ۽ ايف.آءِ.اي جو ڊائريڪٽر جنرل، ايسٽبلشمينٽ سيڪريٽري ۽ مان فيڊرل ڪميشن پاران ڪاميٽيءَ تي ميمبر آهيان.
محمد حسن کلي ڏنو ۽ چيائين ته، ”اهي ڏينهن ياد ٿئي، جو گاڏي کاتي حيدرآباد ۾ ون يونٽ جي خلاف ڀتين تي ڪاغذ چنبڙائيندا هئاسين ۽ امالڪ ڪو پوليس وارو پري کان نظر ايندو هو، ته ڊڄي پري ٿي بيهندا هئاسين.“
محمد حسن پاڻ تمام وڏن وڏن عهدن تي رهيو آهي. انهن ئي عهدن ڪري، پاڻ دنيا جا اڌ ملڪ به گهمي آيو آهي. ولايت ۾ ڇا نٿو ٿئي، پر ڪٿان به ڪو غلط اثر ڪونه ورتائين، سو، ان ڪري جو خدا جو خوف اٿس. پنج وقت نماز پابنديءَ سان پڙهندو آهي. پنهنجي ڪم سان ڪم رکندو آهي، پر، پنهنجي ڪم ۾ بيجا مداخلت به برداشت ڪونه ڪندو آهي. هڪ دفعي پيپلس پارٽيءَ جي حڪومت ۾، سنڌ جي هڪ چيف منسٽر تڏهوڪيءَ وزيراعظم صاحبه کي پاڻ وڻائڻ لاءِ رپورٽ ڏني، ته هيترا لک ڪوڙا ووٽر ته ڪراچيءَ ۾ ويٺا آهن! محمد حسن اليڪشن ڪميشن جو سيڪريٽري هو. اتي جو اتي وزيراعظم کي چيائين ته، ”سچن ۽ ڪوڙن ووٽرن جون لسٽون ته اسان جو ڪم آهي. هن صاحب اهي انگ اکر الائي ڪٿان آندا آهن؟“
محمد حسن جي هڪ وصف خوش مزاجي به آهي. الائي ته ڪيترا لطيفا ياد اٿس. هڪ ڀيري ولايت جو هڪ لطيفو ٻڌايائين ته، ”هڪ منڊم پنهنجي مڙس جي دوست سان رات جو همبستر هئي، ته اوچتو فون جي گهنٽي وڳي. فون کنيائين. ”جي ها“، ”جي ها“ چئي بند ڪيائين.
همبستر شخص پڇيس ته، ”جاني، ڪير هو؟”
چيائين ته، ”منهنجو مڙس“.
”ڇا چيائين؟“
منڊم آرام سان جواب ڏنس ته، ”اطلاع ڏنائين ته اڄ رات گهر ڪونه ايندو، جو توسان گڏ مڇي مارڻ لاءِ ڪار ۾ تمام پري ڪنهن تلاءَ تي وڃي رهيو آهي.“
تازو، محمد حسن ۽ مان ٻئي ڄڻا ڪنهن دوست وٽ حاضري ڏيڻ لاءِ وياسون. رستي تي مون کي چيائين ته، ”وتائي فقير جو قبو هن روڊ تي آهي؟“
مون چيو ته، ”مون کي خبر ڪانهي.“
چيائين، ”فقير صاحب جا لطيفا ايترا ڀيرا ته ٻڌا اٿئون، جو هاڻي ياد ٿي ويا آهن.“
مون چيو ته، ”اهو صحيح آهي.“
محمد حسن جا ٻه عشق مون کي معلوم آهن: هڪڙو سنڌ سان ۽ ٻيو ڪتابن سان. سنڌ سان عشق ته غالباً والد صاحب کان ورثي ۾ مليس، جنهن جو ڪنهن به سياسي جماعت سان ته واسطو ڪونه هو، پر اٿي ويٺي، رهڻي ڪهڻي سراسر ”سنڌي“ هئس. ائين کڻي چئجي ته، ”سنڌي ڪلچر“ جو مثالي نمونو هو. سندس نفسياتي اثر محمد حسن جي ذهن تي پيو هوندو. ٻيو سبب هي ٿي سگهي ٿو، ته محمد حسن يونيورسٽيءَ ۾ ”پوليٽيڪل سائنس“ جو استاد هو. ڪو به مخلص ماڻهو پوليٽيڪل سائنس جا ڪتاب پڙهي ته انساني حقن جي ڳالهه ڪندو. سنڌي به هجي ۽ سنڌ جا حق به سندس اکين اڳيان پائمال ٿيندا رهن، ته پوءِ خاموش ڪيئن رهندو؟ ون يونٽ خلاف تحريڪ ۾ سرگرم حصو وٺڻ لاءِ محمد حسن وٽ ٻيا به ڪيئي ڪارڻ هوندا، پر مون کي اهي ٻه مکيه سُجهن ٿا.
محمد حسن کي ڪتابن پڙهڻ ۽ سنڌ سان محبت جي ترغيب ڏيڻ ۾ محمد عمر ميمڻ جو به وڏو هٿ هو، پر ماڻهوءَ ۾ پنهنجا لڇڻ نه هجن، ته پوءِ ڪجهه ڪونه ٿيندو. اصل ڳالهه آهي ماڻهوءَ جو پنهنجو اخلاق.
يوسف ٽالپر صاحب مرڪزي وزير ٿيو، پر سندس دل ۾ سنڌ جي محبت جي شمع اڳي وانگر روشن رهي. هونئن ڪيئي ماڻهو قومي اسيمبلي جا ميمبر، سينيٽر ۽ صوبائي ميمبر ٿيڻ تي ئي ٽرڙي ڪڪڙ وانگر آڪڙيل نظر ايندا آهن.
هڪ دفعي اسلام آباد ۾ محمد حسن مون کي چيو ته، ”سنڌ جي ذاتين تي هڪ ناياب ڪتاب هٿ ڪيو اٿم. تون ايڊٽ ڪر ته ڇپايون. مون ڇپائيءَ جو بندوبست ڪيو آهي.“ مون ان ڪتاب جو رڳو نالو ٻڌو هو.
انگريزن سنڌ فتح ڪئي، ته جيڪب آباد ضلعي وٽ بلوچن جي سرحدي قبيلن کين تنگ ڪيو. سو، انهن ٻروچ قبيلن جو احوال گڏ ڪرڻ لاءِ سنڌ جي ڪمشنر شڪارپور جي صادق علي انصاري صاحب تي جاچ جوچ جو ڪم رکيو. هن جيڪو احوال ٺاهي موڪليو، سو سرڪار کي اهڙو وڻيو، جو چيائونس ته هاڻي سڄيءَ سنڌ جي قومن، قبيلن ۽ ذاتين جو احوال لکي ڏي. سنڌ جي ڪليڪٽرن کي سندس مدد ڪرڻ جو حڪم ڏنائون ڪتابُ سنه 1901ع ۾ انگريزيءَ ۾ ڇپيو.“
انگريزن سنڌ 1843ع ۾ مسلمانن کان فتح ڪئي هئي. سنڌي هندن جي اڪثريت سيٺ نائونمل جي نقش قدم تي هلندي، سرڪاري نوڪريون ورتيون ۽ انگريزي پڙهڻ تي زور ڏنو. هنن کي ائين ڪرڻ لاءِ سبب به هو، جو ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي ڏينهن ۾ سندن آدمشماري مسلسل گهٽجي وئي هئي، سڀ هندو خاش خوشيءَ مسلمان ڪونه ٿيندا هئا. ڪي مجبورين ڪري به ٿيندا هئا. انگريزن کي هندن کان خوف خطرو ڪونه هو. پر، مسلمانن ۾ ٻروچن مان گهڻو ڊپ ڊاءُ هئن. سو، صادق علي انصاريءَ ڪتاب ۾ رڳو سنڌ جي مسلمان ذاتين: سيدن، پٺاڻن، ٻروچن ۽ سماٽن جو احوال ڏنو. سائين جي.ايم. سيد انهيءَ ڪتاب جي ڳولا ڪئي، پر ڪونه مليس، جو گهڻو گهڻو اڳي ئي اڻلڀ ٿي ويو هو. محمد حسن ڀٽي اهو ئي ڪتاب هٿ ڪيو ۽ مون کي ايڊٽ ڪرڻ لاءِ ڏنو. ڪتاب پڙهيم. منجهس سٺي معلومات ڏنل آهي. وڏي ڳالهه ته ان موضوع تي ٻيو ڪوبه ڪتاب ڪونه ڇپيو آهي. مون انهيءَ ڪتاب تي ڇهه مهينا محنت ڪئي ۽ دوباره ڇپائيءَ لاءِ نئون ايڊيشن تيار ڪيو. اتفاق سان حيدرآباد آيس، ته ڊاڪٽر بلوچ صاحب مليو، جنهن چيو ته، ”اهو ڪتاب 1958ع ۾ دوباره ڇپيو هو، پر سنڌ جي بلوچن ان تي اعتراض اٿاريو، سو ڇپيل ڪتاب مارڪيٽ ۾ ڪونه آيو.“
مون اسلام آباد وڃي محمد حسن سان ڳالهه ڪئي. هو به منجهي پيو. ٻنهي جي صلاح بيٺي، ته ڪتاب جي ڇپائي في الحال شروع نه ڪجي. جڏهن اسان اسلام آباد ڇڏي سنڌ ڏي موٽياسين، ته مون کي ڪراچيءَ ۾ هڪ مهاجر ڪتب فروش دوست مليو، جيڪو سنڌ تي پراڻا ڪتاب دوباره ڇاپيندو آهي. ساڻس ڳالهه ڪيم. کلي چيائين ته، ”مون اهو ڪتاب ٻه ٽي سال اڳ ڇپايو آهي. گهڻي قدر وڪامي ويو آهي. سنڌ ۾ بلوچ ته اڳي وانگر ويٺا آهن، پر ڪنهن به اعتراض ڪونه ڪيو آهي!“
مون محمد حسن سان اها ڳالهه ڪئي. چيائين ته، ”ادا، پوليٽيڪل سائنس ۾ ماڻهوءَ جي مزاج بابت ڪتاب پڙهائيندا آهن، ته ڏاڍو پيچيده آهي“. سڀاڻي، جيڪڏهن ڪنهن به سنڌيءَ کي ڪتاب جي ڇپائيءَ تي اعتراض ٿئي، تنهن کان بهتر آهي ته کڻي ڪونه ٿا ڇپايون. محمد حسن نيڪ شخص آهي. جيڪي ڳالهه صحيح سمجهيائين، اها ئي ڪيائين، اها اعليٰ انسان جي وصف آهي.

اعجاز قريشي

اعجاز قريشيءَ جو مختصر تعارف ڪرائبو، ته ائين چئبو، ته ھُو ”فرزندِ زمين (SON OF THE SOIL) آھي.“ منھنجي سڄي عمر اھڙن شخصن سان ساٿ سنگت ۾ گذري آھي، جيڪي سنڌ جي عوام ۽ زمين سان محبت ڪندا آھن. اعجاز جو نالو انھن ۾ نمايان آھي.
منھنجي ساڻس ميل ملاقات 1960ع واري ڏھاڪي ۾ ٿي. تڏھن هاڻوڪو پاڪستان ايترو هو، جيترو تڏهوڪو ”ون يونٽ.“
ون يونٽ مصنوعي معاملو ھو. ماڻهن کي ٺڳڻ جو ٺاهه ھو. جنهن جي ٺاهڻ وارن جو ھڪڙو مقصد اوڀر بنگال جي رھاڪن کي سندن حقن کان محروم ڪرڻ ھو ۽ ٻيو مقصد اولهه پاڪستان ۾ ننڍن صوبن جي ڦرلٽ ڪرڻ ھو.
ڪجهه عرصو قاضي فضل الله ”ون يونٽ“ ۾ ھوم منسٽر مقرر ٿيو ھو. ھڪ دفعي مان ۽ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ صاحب لاھور وياسين. سنڌي ادبي بورڊ جي سالياني گرانٽ وٺڻ. مخدوم صاحب انٽر ڪانٽينينٽل ھوٽل ۾ ٽڪيو ۽ مان اورينٽ ھوٽل ۾. مخدوم صاحب مون کي چيو ته، ”مون قاضي فضل الله کي سڀاڻي صبح ناشتي تي سڏيو آهي. اوھان سوير اچي کيس ھوٽل جي دروازي تي ھٿ ڏجو ۽ لفٽ ۾ چاڙھي، کيس منھنجي ڪمري ۾ وٺي اچجو.“
ناشتي تي ويٺاسين ته قاضي صاحب پنھنجا قصا بيان ڪندي، مخدوم صاحب کي چيو ته ھڪ دفعي ڪلري ڍنڍ تي منزل ڪيم. مون کي اچي چيائون ته ماھيگيريءَ جي تربيت لاءِ چوويهه نوجوان ڪلري ڍنڍ ۾ تربيت وٺڻ لاءِ، ڍنڍ جي ڪناري تي HUTS ۾ ٽڪيل آھن. اوھان کي سلام ڪرڻ ۽ ملڻ اچن ٿا.
مون کين اجازت ڏني. جڏھن ھر ھڪ کان نالو پڇيم ته ڪٿان جو ويٺل آھين؟ تڏهن جواب ڏنائين ته ”ڪئمبلپور جو.“
مان حيران ٿي ويس ته ڍنڍ سنڌ جي. پر، منجهس ماهيگيريءَ جي تربيت وٺڻ لاءِ (سا به سرڪاري اسڪالر شپ تي) هڪڙو به سنڌي نوجوان ڪونهي! ۽ سڀ ڪيمبلپور جا ويٺل آهن! پوءِ خبر پيم ته ڍنڍ تڏھن A.D.C وارن وٽ ھئي، جنھن جو سربراھه جنرل حق نواز ھو، جيڪو ڪئمبلپور جو ويٺل ھو. سو، چوويھه ئي ڄڻا پنھنجي ڳوٺان ڀرتي ڪري آيو ھو.
ون يونٽ ۾ تڏهن صوبن جي ڦر لٽ ائين جاري هئي. ”ون يونٽ“ هڪ مصنوعي معاملو هو ۽ ملڪ ۾ اوندهه انڌڪار جو چٽو مثال هو. مولانا مودوديءَ کي البت ان مان ”اسلامي وحدت“ جي خوشبوءِ آئي هئي. سو اهڙو بيان جاري ڪيو هئائين. پر، آخرڪار، انهيءَ اسلامي وحدت تان پنهنجو مؤقف بدلايائين. ڪو به مصنوعي معاملو گهڻي دير هلي ڪونه سگهندو آهي. ون يونٽ به انهيءَ ڪري ٽٽي ويو پر ان جي ٽٽڻ جو سبب اهو هو ته ماڳهن پاڪستان جا بنياد لوڏي رهيو هو.
سنڌ ۾ ون يونٽ ٽوڙائڻ لاءِ سڀ کان اول نوجوان اديبن جي موتين واريءَ مالها ۾ هڪڙو آبدار موتي پري کان پڌرو هو. سندس نالو هو اعجاز قريشي. دادوءَ جو ويٺل آهي. اسان جو عقيدو آهي ته آدم مٽيءَ مان خلقيو ويو هو سو آدميءَ جي مٽيءَ سان محبت هڪ قدرتي ڳالهه آهي. اعجاز جي به ان سبب ڪري، دادوءَ جي مٽيءَ سان محبت هڪ قدر تي ڳالهه آهي.
پير علي محمد راشديءَ دادوءَ کي جادو ڪوٺيو آهي.
دادوءَ ۾ ڪنهن زماني ۾ شايد جادوگر رهندا هئا، جن حيرت انگيز ڪارناما ڪيا. مثال طور، دادوءَ ۾ ”رني ڪوٽ“ نالي هڪ قلعو آهي جيڪو چون ٿا ته دنيا ۾ وڏو قلعو آهي. اهو فيصلو اڃا ڪونه ٿيو آهي ته ڪهڙيءَ حڪومت ٺهرايو هو، پر رازا، ڪاريگر ۽ مزدور ته دادوءَ جي تَرَ جا هوندا. اهي ته چين، جپان يا يوروپي ملڪن مان ڪونه آيا هوندا؟ وڌ ۾ وڌ ڪي انجنيئر آيا هوندا.
ڳالهه پئي هلي دادوءَ جي جادوءَ جي.
اعجاز مون کي گھڻا گھڻا سال اڳي دادوءَ وٺي ويو ھو. مان تڏھن بورڊ ۾ نائب سيڪريٽري ھئس ۽ گڏوگڏ ٻارن جو رسالو ”گل ڦل“ به اعزازي طرح ڪڍندو ھئس. ان جون سڄيءَ سنڌ ۾ شاخون قائم ڪيون ھيون سون. دادوءَ جي شاخ جلسو رکيو ھو. ريل ۾ وياسون ۽ ريل ۾ آياسون. ان موقعي تي اعجاز جي والد بزرگوار سائين علي احمد قريشيءَ جي زيارت به نصيب ٿي. جھڙو پاڻ نيڪ آھي، اھڙو اولاد ڄڻيو اٿس. اعجاز جو ننڍو ڀاءُ ظھير به منھنجو دوست ٿي ويو. نيويءَ يا مرچنٽ نيويءَ ۾ ھو. ھاڻي ڳچ عرصي کان ملاقات ڪانه ٿي آھي.
اعجاز وڏو باھمت ۽ بااصول انسان آھي. سنڌ سان محبت سندس دين ايمان جو حصو آھي. ڪتاب پڙھڻ جو شوق اٿس. لکندو به آھي. مون ڪڏھن به کيس ملول ڪونه ڏٺو.
کري کوٽي جي وڏي پرک اٿس. ماڻھو ھجي يا ڇيڻو، جنھن نالي جو پھريون اکر ”ڪاف ڪتو“ ھوندو، اعجاز قريشي انھيءَ کان هميشه پري رھندو. ھونئن، سندس خاص خوبي اھا آھي ته يارن جو يار آھي.
ھر انسان پنھنجي زندگي اميد ۽ خوف جي وچ ۾ گذاري ٿو. اھو اصول اعجاز سان به لاڳو آھي. يونان جي ڏاھي افلاطون چيو آھي ته، ”جڏھن طوفان لڳي. اوندهه ۽ انڌوڪار ٿي وڃي، ته ڏاھي ماڻھوءَ جو ڪم آھي، ته گھر جا سمورا در، دروازا ۽ دريون بند ڪري، اندر محفوظ ٿي ويھي.“
اعجاز کي احساس آھي، ته سنڌ وڏي زماني کان دشمنن جي نرغي ۾ آھي. سو، ھن ڪڏھن به ھوڙيائي ڪانه ڪئي آھي، مھل ۽ موقعو ڏسي سنڌ جي ڀلائيءَ لاءِ ڪيئي ڪم ڪيا اٿس. مثال طور ون يونٽ واري زماني ۾ جڏھن گھڻا تڻا گھر ويٺي خيالي پلاءَ پچائيندا ھئا، تڏھن اعجاز راولپنڊيءَ ويو. شيخ مجيب سان مليو ۽ کانئس ون يونٽ ٽوڙڻ جو وچن وٺي سنڌ ڏي موٽيو. هن خاموشيءَ سان اهڙا ڪيئي ڪارناما ڪيا آهن. هو صحيح معنيٰ ۾ فرزند زمين آھي. سنڌ جو مٿس سلام آھي.

غلام علي

غلام علي ۽ سندس ساٿين ڪجهه عرصو اڳ منهنجي مشوري تي ۽ خود پنهنجي تجربي جي آڌار تي، پريس جي يونين ختم ڪري ڇڏي هئي. پر ان کان ڪافي عرصو اڳ، پاڻ بورڊ جي پريس جي ورڪرن جي يونين جو صدر هو ۽ ان حيثيت ۾ گاهي به گاهي مون سان پريس جي مسئلن بابت ڳالهه ٻولهه ڪرڻ ايندو هو. ڪجهه مسئلا ته اسان ڳالهين ٻولين وسيلي کُٽائي ڇڏيندا هئاسون، پر ڪي مسئلا نااتفاقيءَ ڪري، ڪورٽن ۾ وڃي پوندا هئا، پر هڪ ڳالهه هئي ته اسان هڪٻئي لاءِ هميشه قرب ۽ عزت کي مقدم رکيو ۽ اها ئي ڳالهه انساني تهذيب، ڪلچر ۽ شائستگيءَ جو روح آهي. سنڌ جو مفڪر علامه آءِ. آءِ. قاضي چوندو هو: ”ابا، اکين جي لڄ نه وڃائجي، سدائين ساڃهه سکجي.“ غلام عليءَ کي سندس امڙ پنهنجي ٿڃ ۾ ساڃهه جي سُتي وڌي هئي.
ڪالهه مان اسلام آباد مان هوائي جهاز وسيلي جيئن ئي ڪراچيءَ جي ايئرپورٽ تي لٿس، ته محمد بخش ڊرائيور ملڻ شرط چيو، ”سائين غلام علي گذاري ويو.“
خبر ٻڌي منهنجا لڱ وسامي ويا. ورهين جي ساٿين ۽ يارن جي هميشه هميشه لاءِ جدائي ڏاڍي ڏکوئيندڙ ٿئي ٿي. غلام عليءَ جو چهرو منهنجن اکين اڳيان آيو. جڏهن کِلندو هو ته سندس ڏند جرڪندا هئا. هو موڪلائڻ مهل هميشه مون کي کِلِي چوندو هو: ”مون لاءِ ڪوبه ڪم ڪار؟“- هاڻي اهي لب هميشه لاءِ خاموش ٿي ويا.
انساني زندگيءَ جو داستان ڪيڏو نه المناڪ آهي!
بورڊ ۾ ٻڍڙو نيڪ مرد ميان علي بخش ورهين جا ورهيه پريس هلائيندو رهيو. اسان ڪلاڪن جا ڪلاڪ دنيا جي هر موضوع تي ڪچهريون ڪندا هئاسين. هڪ ڏينهن گلستانِ ادب جي چهڪندڙ اها بلبل هميشه لاءِ خاموش ٿي ويئي.
مرحوم گرامي صاحب سان ورهين جا ورهيه گڏ گذاريا. اهو ڪهڙو موضوع هو، جنهن تي گرامي صاحب سان گفتگو نه ٿي هئي! سنڌي علم ۽ ادب جو اهو ڪهڙو نُڪتو هو، جنهن تي اسان پهرن جا پهر ڪچهري نه ڪئي هئي.
گرامي صاحب جون ادبي جلسن ۾ تقريرون، خاص طرح ون يونٽ واري زماني ۾ ”روح رهاڻ“ جي جلسن ۾ گجگوڙون، ڪنهن کان وسري سگهنديون؟
هڪ ڏينهن اهو ’ببر شير‘ هميشه لاءِ ابدي آرام ۾ ڏٺو ويو.
سائين اسد الله شاهه حسيني! هزار ڳالهيون، هزار داستان! ڪچهريون، قول، قرار، محبتون، مجلسون، کِل ڀوڳ، ٽهڪ! اجهو ڄڻ ته ڪالهوڪو ڏينهن آهي! ڪيڏو نه محبوب ماڻهو هو! اهي سڀ ڪهڙا نه مِٺا ماڻهو هئا! ڪيڏانهن هليا ويا؟ ۽ ويا ته وري ڪنهن هِن طرف منهن ورائي ڪونه ڏٺو. شايد هيءَ دنيا اهڙي ئي اڀاڳي جاءِ آهي. هڪ ڀيري مخدوم صاحب (طالب الموليٰ) ۽ مان ڪنهن سرڪاري ڪم سان لاهور ٿي وياسين. جهاز ۾ ڪرسيون گڏ مليون. قبله علامه قاضيءَ جو ذڪر نڪتو. مخدوم صاحب ٻه شعر ٻڌايا، جي هاڻي وسري ويا اٿم، پر هڪ جو مفهوم اڃا ياد اٿم:
”عدم جي راهه ڪيڏي نه هموار آهي، جنهن ان تي
پير رکيو، سو ايڏيءَ آسانيءَ سان اڳتي ويو،
جو وري پوئتي نظر ورائي نه نهاريائين.“
شال الله پاڪ انهن مڙني محبوبن، يارن، دوستارن کي رحمت ۽ مغفرت سان نوازي ۽ غلام علي مرحوم کي جنت ۾ جايون ڏئي:

مَٿي ٿَر رهيِ، ويا گُذاري ڏينهڙا!