سنڌ شناسي

سنڌوءَ جا بندر ۽ بازارون

ھي ڪتاب سنڌ جي تاريخي بندرگاهن جي مختصر تاريخ تي مشتمل هڪ معلوماتي دستاويز آهي، جنھن ۾ 18 بندرگاھن ۽ چئن شھرن جي بازارن تي لکيو ويو آھي. جن بندرگاھن جو ذڪر آھي سي مختلف طرفن ۾ آھن ان جو مطلب تہ مختلف دورن ۾ سنڌو درياءَ موج ۾ اچڻ بعد پنھنجا رستا تبديل ڪيا آھن. دادا سنڌيءَ هن ڪتاب ۾ سنڌ جي بندرگاهن ۽ بازارن سان گڏ ڪيترين ئي لوڪ ڪھاڻين جو پڻ ذڪر ڪيو آهي. 

  • 4.5/5.0
  • 4
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book سنڌوءَ جا بندر ۽ بازارون

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ليکڪ، محقق ۽ تاريخدان دادا سنڌيءَ جو لکيل ڪتاب ”سنڌوءَ جا بندر ۽ بازارون“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو.
ھي ڪتاب سنڌ جي تاريخي بندرگاهن جي مختصر تاريخ تي مشتمل هڪ معلوماتي دستاويز آهي، جنھن ۾ 18 بندرگاھن ۽ چئن شھرن جي بازارن تي لکيو ويو آھي. جن بندرگاھن جو ذڪر آھي سي مختلف طرفن ۾ آھن ان جو مطلب تہ مختلف دورن ۾ سنڌو درياءَ موج ۾ اچڻ بعد پنھنجا رستا تبديل ڪيا آھن. دادا سنڌيءَ هن ڪتاب ۾ سنڌ جي بندرگاهن ۽ بازارن سان گڏ ڪيترين ئي لوڪ ڪھاڻين جو پڻ ذڪر ڪيو آهي.
ھي ڪتاب 2021ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون محمد قاسم سومري جا جنھن ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.
اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

ڇپائيندڙ پاران

هيءُ ڪتاب ”سنڌوءَ جا بندر ۽ بازارون“ سنڌ جي تاريخي بندرگاهن جي مختصر تاريخ تي مشتمل هڪ معلوماتي دستاويز آهي. هن تاريخي ڪتاب جو ليکڪ محترم داداسنڌي آهي. جنهن ۾ محترم داداسنڌي صاحب نه رڳو سنڌ جي اوائلي بندرگاهن بابت معلومات فراهم ڪئي آهي. پر سنڌ واسين کي پنهنجي عظيم ورثي کان پڻ روشناس ڪرايو آهي.
سنڌي ادبي بورڊ جي اها شروع کان ئي ڪوشش رهي آهي ته ، سنڌ جي تاريخ تي مشتمل اعلى درجي جا معياري ڪتاب اداري طرفان شايع ڪرايا وڃن. موجوده وقت ۾ بورڊ جي مانواري چيئرمين عزت مآب مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ صاحب جن جي خاص دلچسپيءَ تحت اداري طرفان نوان ڪتاب شايع ٿي رهيا آهن. سندس علمي ۽ ادبي گهراڻي سان وابسته هئڻ سبب، بورڊ جي پبليڪيشن ڪاميٽيءَ جي ميمبر صاحبان جي مشاورت سان بورڊ جي اشاعتي سلسلي کي ترقي وٺرائڻ لاءِ نت نوان پروگرام جوڙيا آهن. ان کان سواءِ سنڌي ادبي بورڊ جي لئبريري ۾ رکيل مختلف موضوعن جي قلمي مخطوطن ۽ پبليڪيشن شعبي ۾ موجود مسودن جي اشاعت لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيا آهن.
عزت مآب جناب سعيد الزمان ”عاطف“ صاحب جن طرفان شروع ڪرايل هڪ سئو صفحن واري اشاعتي اسڪيم تحت هيءَ ڪتاب ”سنڌو جا بندر ۽ بازارون“ ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي. جنهن جو پهريون ڇاپو آءُ بورڊ جي مانواري جي چيئرمين جناب مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ صاحب جن جي سرڪردگيءَ ۾ بورڊ طرفان شايع ڪري سرهائي محسوس ڪري رهيو آهيان.
توقع آهي ته سنڌي ادبي بورڊ جي هيءَ ڪاوش سنڌ جي عالمن ۽ اسڪالرن وٽ مڃتان ماڻيندي.

سيد سڪندر علي شاهه
سيڪريٽري

13 جماالدي الثاني 1442هه
27 جنوري 2021ع

مقدمو : ڊاڪٽر اسد جمال پلي

سنڌ سدا سرسبز ۽ شاداب وادي رهي ئي سنڌو درياء جي ڪري آهي. سنڌو’درياء‘ جيئن ئي سنڌ جي سرزمين تي پهچي ٿو ته ان جا مختلف دؤرن ۾ مختلف وهڪرا وهندا نظر اچن ٿا. انهن وهڪرن جا نالا به علحده آهن ته هميشه هڪ وهڪرو انهن ۾ سگهارو هجي ٿو ۽ ٻيا وهڪرا ماٺار ۾ محسوس ٿين ٿا. سنڌوءَ جي وهڪرن جو تبديليءَ وارو رخ اوڀر کان اولهه طرف آهي. ممڪن آهي ته شروع جي اُٿل ڪنهن ٻي رُخ ۾ هجي پر تاريخ جي ڄاتل سڃاتل دؤر ۾ خصوصاً سڪندراعظم جي وقت کان هي رُخ اوڀر کان اولهه ڏانهن آهي. خاص طرح مهراڻ جا آثار اسان کي اوڀر ۾ ملن ٿا ۽ ٿرپارڪر جي محقق محترم معمور يوسفاڻيءَ جي تحقيق موجب هي جيڪا ميرپورخاص، کوکڙاپار، ريلوي لائين تي ’ڇور‘ جي ريلوي اسٽيشن آهي اِهو ڇوڙ وارو علائقو مهراڻ جي ’ڇوڙ‘ جو علائقو آهي. ان کان پوءِ هاڪڙو درياء سگهاري وهڪري جي شڪل ۾ هتي موجود آهي، ’هاڪڙو‘ هن وقت سانگهڙ مان اچي صوفي فقير وٽان سمنڊ تائين موجود آهي. ان کان پوءِ اولهه ۾ ريڻي درياء ۽ ان بعد اولهه ۾ پراڻ درياء پنهنجي وجود کي اڃان به برقرار رکيو اچي. ان کان پوءِ اولهه ۾ ساڱرو درياء آهي جنهن جي اولهه ۾ نصرپور وٽان ’سنڌو‘درياء جو وهڪرو نشانن ۽ آثارن سان موجود آهي. ان جي اولهه ۾ موجوده سنڌو درياء آهي. جنهن کي اولهه کان جبل جون قطارون تريون ڏيو بيٺيون آهن ته وچ پيٽ ۾ وري بئراجن جا بيلٽ ٻڌجي چڪا آهن جنهنڪري هاڻ درياء جي اُٿل پُٿل ۾ به سڪون ۽ سانت آهي ته آبادين جو ويران ٿيڻ جو امڪان به گهٽ آهي. ماضيءَ جي اُٿل پُٿل درياء تي آباد ڪيترين وسندين کي ويران ڪري ڇڏيو، جنهنڪري ڪيترائي بندرگاه پنهنجو وجود وڃائي ويٺا. بس درياء رُخ مٽايو ۽ بندرگاه غيرآباد ٿيا. ڪڏهن ته قدرتي آفتون، باهيون، زلزلا ۽ غنيمن جون ڪاهون ۽ ڦُرلُٽ، بندرگاهن کي بيران ڪري ويا، اُهي ويران بندر هاڻي اسان جي ’آثار قديم‘ جو حصو آهن.
درياهن جي هيءَ تبديلي ۽ پنهنجا گس ڇڏڻ واري ڪيفيت سنڌوءَ جي ڇوڙ وارن علائقن ۾ اڃان به گهڻي آهي. هن علائقي ۾ خاص طرح ٿر ۽ لاڙ جي سرزمين تي اسان کي تمام گهڻا وهڪرا مختلف نالن سان ملن ٿا. هنن وهڪرن ۾ خاص طرح ڍاڳي، ڍور، وهيندو يا واهند، گهَلو، گاگڙو، گونگڙو وغيره اڃان به ڍورن ۽ ڍنڍن جي شڪل ۾ موجود آهن. دراصل وهڪرن جو هيءُ وچڙيل سُٽ سُلجهائڻ هن وقت تائين ڏکيو آهي. اها حقيقت به منجهائي ٿي ته سنڌوءَ جي ڇوڙ وارن پٽن جا هي وهڪرا ڪهڙي ڪهڙي دؤر ۾ ڀرپور وهندا هئا. اهو بهرحال سمجهه ۾ اچي ٿو ته جڏهن به جيڪو وهڪرو ڀرپور وهندو هو. سمنڊ جي سوارين يعني جهازن ۽ ٻيڙين جو رُخ انهيءَ وهڪري ڏانهن هوندو هو. يقيناً انهي رُخ ۾ ئي واپاري ڪوٺيون ۽ بندرگاه به هئا. هي جيڪو اسين هن وقت سنڌ ۾ ويهارو کن بندرن جا نشان مس ڳڻي ٿا سگهون اهو تعداد يقيناً گهڻو هو ۽ بحري بندرن ۽ درياهي بندرن جا ڪيترائي نشان نه صرف سمنڊ پائي ويو آهي پر اڃان اسان جي محققن جي تلاش کان به اوجهل آهن. تازو ”پراڻ درياء جي مشاهداتي تاريخ“ جي محقق محترم زاهد ڪنڀار صرف پراڻ درياءَ تي به ڪافي بندرگاهن جا آثار ذڪر ڪيا آهن، جيڪي هن کان اڳ ڪنهن به محقق بحث ۾ نه آندا آهن. هن طريقي سان اگر اسين هرهڪ وهڪري جي مشاهداتي تاريخ تي تحقيق ڪريون ته سنڌو ۽ سنڌوءَ جي وهڪرن تي بندرگاهن جو تعداد اسان کي وڏي تعداد ۾ ملندو ۽ هن ڪتاب ۾ آيل ڪيترن ئي بندرگاهن جي تاريخ ۽ محل وقوع اڃان به چِٽا ۽ واضح ٿي ويندا. ٻي طرف جڏهن مقامي محقق پنهنجي مقامي قديم آثارن جي بچاءَ لاءِ واويلا ڪندا ته اهو آواز وڌيڪ سگهارو ٿي اُٿندو ۽ آثارن جي بحالي ۽ بچاءَ جا اُپاءُ يونين ڪائونسل جي سطح تائين وڌندا.
ان طريقي سان دادا سنڌي جو هيءُ دل ڏکوئيندڙ اظهار به پنهنجي داد رسيءَ جو مستحق ٿيندو. دادا سنڌي فرمائي ٿو ته ”وڄڙوٽ جو هينئر صرف هڪ وڏو دڙو وڃي بچيو آهي جيڪو به هڪ ٻن سالن ۾ ختم ٿي ويندو ۽ پوءِ سنڌ جي هن سونهري شهر جو تذڪرو صرف ڪتابن ۾ ملندو.“
دادا سنڌي هن ڪتاب ۾ سنڌ جي بندرگاهن سان گڏ ڪيترين ئي لوڪ ڪهاڻين جو پڻ ذڪر ڪيو آهي. خاص طرح ڏَمڻ سوناري کان پوءِ مومل راڻي جو حوالو آهي، اها ٻي ڳالهه آهي ته مومل لڊاڻي ۾ نه پر راڻي مينڌري جي ماڳ (صوفي فقير- عمرڪوٽ) لڳ پنهنجو محل ٺاهي ويٺي ۽ اتي ئي چکيا چڙهي. هيءُ جيڪا ڀٽ ڏيٿري ڏانهن خزاني سميت واپس اچڻ واري راويت آهي، اُها سومل سان ئي منسلڪ ٿي سگهي ٿي.
انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته دادا سنڌيءَ جا هي بندرگاهن تي لکيل مضمون جديد تحقيقي تقاضائن کان پاسيرا مگر درياهي بندرگاهن جي تاريخ متعلق تمام اهم مواد آهي. هي مضمون اسان کي ڪيترن ئي اهم نقطن تي تحقيق جو گس ڏسين ٿا، جنهن جا حوالا محقق پاڻ گڏ ڪري هڪ هڪ موضوع تي هڪ ڪتاب تيار ڪندا. اگرچه هنن مضمونن ۾ اندريان حوالا ڪونه آهن پر مواد جي سهيڙ دوران اِهو لکڻ ته البيروني هيءَ ڳالهه لکي آهي ۽ بلاذري هينئن ٿو چئي ۽ آخر ۾ مددي ڪتابن جا نالا نئين تحقيق ڪندڙ ن کي گس سونهائين ٿا. صرف هڪ ئي اشارو هن ڳالهه جي تصديق ٿو ڪري ته ”ڪشمور جي سرحد تي مير نصير خان قلات جي والي، عمرڪوٽ نالي قلعو تعمير ڪرايو“ هن اهم حوالي جي تلاش ئي تحقيق جي ابتدا آهي، ٻي هنڌ لکي ٿو ته ”اروڙ ۾ منهاج المسالڪ نالي سان سنڌ جي تاريخ قاضي محمد اسماعيل بن علي بن محمد طائي عربي ۾ لکي ۽ علي بن حامد بن ابوبڪر ڪوفي ان جو فارسي ترجمو ’فتح نامه‘ عرف ’چچ نامي‘ جي نالي سان ڪيو، هيءُ سنڌ جي پهرين تاريخ آهي.“ اهڙي طرح دادا سنڌي ڪيترن اهم ماڳن تي اهم واقعن جو ذڪر نه ڪري اها ڳالهه واضح ڪئي آهي ته هو سنڌ جي تاريخ جي اڻڄاتل پهلوئن جو متلاشي آهي. سکر ۾ ’کرڙي‘ جي جنگ ۽ ان جي ميدان تي هو نٿو ڳالهائي. ٻي طرف ميان مرادياب جي تاجپوشي جيڪا عمرڪوٽ ۾ ٿي ان جو ذڪر به ڪونه ٿو ڪري پر ان تاجپوشي جو جشن جيڪو نصرپور ۾ ٿيو ان جو ذڪر ڪري ٿو. ائين هو تاريخ جي ڪيترن ئي واقعن جو ليکڪ کان وڌيڪ شاهد ٿي بيهي ٿو.
دادا سنڌي هنن بندرگاهن ۽ درياه جي وهڪرن جي بيان ۾ ’سرسوتي‘ جو ذڪر نه ڪري ڄڻ هن دؤر جي محققن جي اک ٿو کولي ڇڏي ته ’سرسوتي‘ جي تلاش لاءِ هي اوڙائون گس ڇڏي ڏين. هن وڃايل ندي جي تلاش لاءِ جيڪا ايندڙ ڏينهن ۾ اڃان به مشڪل آهي سنواٽو ٿي منڍ کان سفر شروع ڪري پوءِ مهراڻ جي اوڀر پاسي ڏانهن وڙول ڏين، ته حقيقتون پلئه پونديون. ساڳي طرح دادا وٽ ديبل جي مختلف ماڳن جو ذڪر آهي ۽ هو ديبل اول کان ديبل ثاني يا نئين ديبل جو ذڪر ڪري هن بحث ۾ وڏي گنجائش ٿو پيدا ڪري ۽ اها ڳالهه ڪيٽي بندر وٽ اچيو واضح ٿيو وڃي ته هي جيڪو اسين اڄ ڪيٽي بندر ڏسون ٿا اِهو درياهه ڌِڪي آڻي ٽيون ڪيٽي بندر بيهاريو آهي ۽ ٻه بندرگاهن جا ماڳ سمنڊ کائي ويو آهي. اهڙي طرح ڏيپلو، اصل ديبل بندر هجڻ واري روايت به اسان جي سامهون آهي ۽ نئين سگهه رکي ٿي.
دادا سنڌي صاحب منصوره تي به خوب لکيو آهي، منصوره تي مرحوم عبدالله ورياه هڪ شاندار سيمينار ڪرايو ۽ بعد ۾ انهن مقالن کي جيڪي اتي پڙهيا ويا منصوره/برهمڻ آباد جي نالي سان گڏ ڪري ڪتاب شايع ڪرايو. دادا حالانڪ اُن ڪتاب جو ذڪر نه ڪيو آهي پر گس اهوئي ورتو آهي. يعني هو سنڌ جي تحقيقي گسن جو سونهون آهي. پٽالا ڪٿي آهي اهو بحث تفصيلي آهي پر پٽالا بندرگاه کي پنهنجو محور ٺاهي هو اڳتي وڌيو آهي. ڀنڀور جي ذڪر ۾ هو ڀنڀور جي لغت کي ڪونه ٿو ڇيڙي پر اسان کي اها ڳالهه کٽڪي ۾ وجهي ڏي ٿو ته ڀنڀور جڏهن ڀنڀور نه هو ته اهو ڪهڙو بندرگاهه هو. ڇاڪاڻ ڀنڀور جو نالو سسئي پنهون جو ذڪر کان پوءِ ئي عام ٿيو آهي. هن لفظ جي معنيٰ تي جيڪو به بحث ڪندو ته حضرت شاهه عبداللطيف رحه جي هيءَ سٽ ڪر کڻي اڳيان ايندي ته:
ڀينر هن ڀنڀور ۾، دوزخ جو دونهون. (شاهه)
يعني هيءَ ڀنڀور، سڙيل يا ڪاري رنگ وارو ته سسئي سان قيامت ٿيڻ کان پوءِ آهي، اڳ ۾ ڇا هو.
هن ڪتاب جو نالو ’سنڌ جا بندر ۽ بازارون‘ هو جيڪو اسان تبديل ڪري ”سنڌوءَ جا بندر ۽ بازارون“ رکيو آهي. ڇاڪاڻ ته هن ڪتاب ۾ ذڪر ڪيل سڀ بندرگاه سنڌوءَ درياه جا آهن. سواءِ ڪراچي، لاڙي بندر ۽ شاه بندر جي، جيڪي سنڌوءَ جي مختلف ڇاڙن تي سمنڊ جي ڪناري سان آهن. هن ڪتاب ۾ ’ملتان بندرگاه‘ تي به لکيل آهي جيڪو آهي ته درياهي بندرگاه پر موجوده سنڌ جي جاگرافيءَ کان ٻاهر آهي ۽ قديم سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ هو. اهڙي طرح دادا سنڌي پنهنجي هن ڪتاب ۾ ننڍن سامونڊي بندرن جو پڻ ذڪر ڪري پنهنجي هڪ پئراگراف ۾ هڪ هڪ بندرگاه کي سمايو آهي. اهڙي طرح سنڌوءَ جي بندرگاهن سان گڏ بازارن جو ذڪر ڪري هن اسان جي ايندڙ دؤر جي محققن کي تحقيق لاءِ موضوعن جو ڏس ڏنو آهي. دادا جا هي سڀ مضمون ويجهي دؤر جا آهن ۽ پنهنجي حياتيءَ جي آخري ايامن ۾ لکيا اٿس. ممڪن آهي ته ڪو هڪ مضمون پهرين جو تحرير ٿيل هجي.
دادا سنڌي 5 جولاءِ 1945ع تي پيدا ٿيو ۽ پنهنجي ڀرپور ادبي ۽ علمي زندگي گذاري، 11 جنوري 1998ع بمطابق 12 رمضان المبارڪ 1418هه تي وفات ڪيائين. سندن جنم جو هنڌ ڳوٺ داد لغاري، تعلقو ڏهرڪي ۽ ضلعو گهوٽڪي هو. پاڻ ايم.اي سوشيالوجي 1973ع م سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. هو جڏهن مينا ننگر جي معنيٰ کي مڇي سان نسبت ٿو ڏئي، جيڪو معمور يوسفاڻي صاحب پنهنجي ڪتاب ’ڪائو ڪمايوم‘ ۾ ”موئن جي دڙي“ جي معنيٰ تي لفظ مويا ۽ موين جو دڙو تي بحث ڪري، ساڳي پاڻي ۽ مڇي جي نسبت ڏني آهي، وڌيڪ تقويت وارو بحث ٿئي ٿو ۽ موئن جي دڙي بجاءِ ’موين جو دڙو‘ وڌيڪ سهڻي معنيٰ وارو ۽ سمجهه ۾ ايندڙ نالو بيهي ٿو.
1966ع کان 1996ع تائين پرائمري استاد کان سبجيڪٽ اسپيشلسٽ تائين پهچي رٽائر ڪيائين. پنهنجي اصل نالي ڪريم بخش سومرو بدران ادبي نالي ’دادا سنڌي‘ سان 1963ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين. پنهنجي ادبي سفر ۾ ڪيترائي ادبي ايوارڊ پڻ حاصل ڪيائين ۽ ڪيترين مقامي سنڌي ادب جي تنظيمن جو ميمبر پڻ رهيو. سندس هن ادبي جدوجهد ۾ سنڌ جو سرموڙ محقق مرحوم رحيمداد ڪريمداد مولائي شيدائي سندس ’استاد‘ ۽ سونهون رهيو. محترم رشيد ڀٽي ۽ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي پڻ سندس استاد ۽ رهنما رهيا. پاڻ شاعري پڻ ڪيائون. سندن تحقيق ۽ تحرير جا موضوع دينِ اسلام، سيرت پاڪ، سنڌ جي تاريخ ۽ آثارِ قديمه کانسواءِ صوفياء ڪرام، علماءَ ڪرام، لطيفيات، گرامر ۽ سنڌي ادب خاص طرح رهيا. دينِ اسلام جو هيءُ شيدائي سنڌ جو به سچو عاشق هو. سندن 15 کن ڪتاب شايع ٿيل آهن ۽ اڃا به 20-22 مسودا اشاعت لاءِ واجهائن ٿا.
محترم ڪريم بخش سومرو صاحب المعروف دادا سنڌي جي هيءُ تصنيف نه صرف سنڌوءَ جي بندرگاهن جي تاريخ آهي بلڪ سنڌ جي وهڪرن ۽ سنڌ جي وڻج واپار ۽ اقتصاديات جو جائزو پڻ آهي. هن ڪتاب مان اها ڳالهه به واضح ٿئي ٿي ته هيءُ ديس قدرتي طرح بحري ۽ درياهي بندرگاهن سان ڳتيل هو ۽ خوشحال هو، انهيءَ ڪري ٻاهرين حملي آورن کي هميشه کٽڪندو رهيو.
سنڌ جي وڻج واپار جي هن بيان مان اسان جي ايندڙ نسل کي اهو پيغام ملي ٿو ته هو پنهنجي صدين جي شاندار معاشي تاريخ تي نه صرف فخر ڪن پر سنڌ جي وڻج واپار جي وارثي پڻ ڪن ته سنڌ پنهنجي ماضيءَ جي خوشحالي جو سڪون مستقبل ۾ به پوريون ڪري سگهي.

ڀٽ ڏيٿري بندر

هاڪڙي ماٿر جي قابلِ فخر ۽ شاندار تاريخ آهي. جنهن سنڌو ماٿر سان گڏ سنڌ جي تهذيبي ۽ تمدني ساک پَتِ کي اوج تي رسايو آهي. هاڪڙا وادي مٿي بهاولپور ڊويزن جي علائقي ۽ هيٺ سنڌ جي سرحد، اباوڙي کان وٺي ننگر پارڪر تائين ۽ اولهه کان وٺي ريتي ۽ هيٺ ڏيپلو تائين پکري پيئي آهي. انهيءُ ماٿري جي ويڪر ڪٿي به پنجاهه ميلن کان گهٽ نه آهي. سنڌو ماٿر جو هيءُ عظيم درياء پنهنجي نڪرڻ واري جاءِ کان وٺي پٽالا تائين سرسوتي، بيڪانير تائين گهاگهرا، فورٽ عباس صادق آباد ۽ هيٺ پاري ننگر تائين ’هاڪڙا‘ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. جڏهن هيءُ وهندو هو، ته سندس ڪنارن تي سوين وسندڙ شهر ۽ سرسبز انساني وسنديون هيون، جن ۾ ان وقت پٽاندڙ صنعتي ۽ تجارتي مرڪز، بچاءَ لاءِ قلعا ۽ آبي بندرگاهه هوندا هئا، جن جو بهتر تمدن ۽ رهني ڪهڻي ۽ اعليٰ هوندي هئي. جاگرفيائي تبديلين ڪري درياءَ خشڪ ٿي ويو ۽ اهي شهر ۽ ڳوٺ وستيون ۽ واهڻ ويران ٿي ويا. انهن ويران ٿيل وستين مان ڀٽ ڏيٿري به هڪ آهي، جيڪا ڪنهن زماني ۾ بندر جو درجو رکندڙ هو.
قديم زماني ۾ سنڌ جو نهايت ڳُتيل ۽ تاريخي شهر هو. چون ٿا ته هتي راجا ڏيٿا حڪومت ڪندو هو، جنهنجي نالي جي پٺيان هيءُ ”ڏيٿري“ سڏجڻ لڳو. راجا ڏيٿا راجا نند جو مائٽ هو، جيڪو وري ماٿيلي تي حڪومت ڪندو هو. ڪن جو خيال آهي، ته ڏٿي مهاني نالي هڪ عورت رهندي هئي، جيڪا تمام شاهوڪار ۽ سخي مائي هئي. ان ڪري هن شهر کي سندس نالي پٺيان ڏيٿري سڏيو ويندو هو.
ڀٽ ڏيٿري، ميرپور ماٿيلي شهر کان مغرب طرف، 12 ميلن جي مفاصلي تي يارو لُنڊ کان ٿورو اورتي سوڀي لُنڊ پتي ۾ آهي. اڳي جڏهن هتان هاڪڙو درياء وهندو هو تڏهن هيءُ پررونق شهر هو. ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي پنهنجي مضمون’هاڪڙو درياء‘ ۾ لکي ٿو، ته: ”روهڙي کان مٿان ميرپور ماٿيلي لڳ ڏيٿري جو ڳوٺ آهي، جو اڳ هاڪڙي تي بندر هو. هن وقت ان جا آثار ڊڀ ڏيٿري ڳوٺ جي ڀرسان هڪ ڦٽل دڙي جي صورت ۾ موجود آهن. ڏيٿري ان دور ۾ سنڌ جي اڀرندي حصي جو مشغول ترين بندر هو، جيڪو هاڪڙي تي پارينگر ۽ وڄڙوٽ جي وچ تي هو. هن شهر ۾ ڪڇ سمنڊ جو مال ٻيڙن رستي پارينگر کان پهچندو هو. ۽ هتان ٿي ملتان، پنجاب ۽ ڪشمير ويندو هو. جيسلمير کان اُٺن جا قافلا هتي پهچندا هئا. ان وقت ماٿيلي تي گجر ذات جو هڪ راجپوت حاڪم راجانند حڪومت ڪندو هو. سندس زماني ۾ ماٿيلي جو اوج هو ۽ ان جو واپار جيسلمير سان، ڏيٿري جي معرفت هلندو هو. ’ڏيٿري‘ ماٿيلي کان ويندڙ قافلن ۽ جيسلمير کان ايندڙ قافلن جو مرڪز هو. هتان ٻيڙين رستي درياء کان مال ٽپائي ماٿيلي آندو ويندو هو. گويا هيءُ جنڪشن بندر هوندو هو. هتي ڏيٿي مائي جا ست پٽ واپار ڪندا هئا ۽ درياء ۾ ٻيڙا هلائيندا هئا، جن جو جيسلمير سان خشڪي رستي ۽ ڪشمير سان درياء رستي واپار هلندو هو. شهباز علي يوسفاڻي روزاني’مهراڻ‘ جي سالگره نمبر جي هڪ مضمون ۾ لکي ٿو ته:”ڀٽ ڏيٿري ڪنهن وقت سنڌ جو هڪ بارونق شهر هوندو هو ۽ هن جي مشهوري خاص بندرگاهه سان هوندي هئي. هيءُ شهر مختلف قومن جي وچ ۾ رابطي جو ڪم ڏيندو هو. هن شهر جا ماڻهو خوشحال ۽ آسوده رهندا هئا.“
ڀٽ ڏيٿري وٽان هڪ واهه هاڪڙي مان نڪري جيسلمير ۾ وڃي ٻن ساخن ۾ ورهائجي ويندو هو. انهن مان هڪ شاخ جو نالو ’لُڊاڻو‘ هو، جنهن مان ٻيڙيون مال سان ڀرجي هتي اينديون هيون. هن بندر تي هروقت ٻيڙين ۽ جهازن جو ميڙو متل هوندو هو. سنه 1956ع تي کوهه کوٽيندي هتان ٻيڙي جي سلان جو هڪ حصو لڌو ويو هو، جنهن مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته واقعي هتان درياء وهندو هو ۽ هيءُ شهر واپار جو مرڪز هو. سنڌ جي رومانوي داستان’مومل راڻي‘ جي هيروئن ’مومل‘ لاءِ چون ٿا، ته کانئس جڏهن راڻو ناراض ٿي ويو، ته هوءَ پنهنجي ڀيڻ ’سومل‘ سان گڏ ڀٽ ڏيٿري ۾ اچي ويٺي، ڇاڪاڻ ته هيءُ شهر شاهوڪار ۽ زندگي جي هر شيءِ مهيا ڪندڙ هو. مومل تمام گهني دولت کڻي آئي هئي، ان ڪري هن ڏيٿري جي شهر کي خوب سينگاريو ۽ آباد ڪيو. سندس زماني جا آثار، هن وقت به موجود آهن. هتي هڪ وڏو کوهه به آهي، جيڪو ’مومل جو کوهه‘ نالي سڏجي ٿو، عام روايتن ۾ اچي ٿو، ته جڏهن راڻي، مومل وٽ اچڻ کان صاف انڪار ڪيو، تڏهن مومل، ماٿيلي مان ساري دولت کڻي ڏيٿري جي هن کوهه م دفن ڪري پاڻ راڻي ڏانهن لُڊاڻي هلي ويئي. ۽ وڃي چکيا چڙهي. ان خزاني کي حاصل ڪرڻ لاءِ مقامي زميندارن کوهه جي کوٽائي جي وڏي ڪوشش ڪئي پر ڪامياب ٿي نه سگهيا.
ڏيٿري جو هيءُ شهر ۽ بندرگاهه هاڪڙي جي سُڪي وڃڻ ڪري ويران ٿي ويو ۽ ماڻهن لڏڻ شروع ڪيو. هوريان هوريان جايون ۽ بازارون ڊهڻ لڳيون، هوائن ۽ طوفانن لڳڻ ڪري هيءُ شهر واريءَ هيٺان دٻجي ويو ۽ هڪ واريءَ جي دڙي ۾ تبديل ٿي ويو، ۽ اهڙيءَ طرح هيءُ شهر ماڻهن جي اکين کان اوجهل ٿي ويو.پوءِ هن شهر جا کنڊر سڀ کان اول ايڇ-ٽي-لئمبرڪ سنه 1946ع ۾ ڳولي لڌا، جنهن جي مڪمل رپورٽ هن”جنرل آف دي سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي“ جي ڪتاب نمبر ٽئين ۾ ڏني. لئمبرڪ، مومل واري کوهه بابت لکي ٿو، ته: ”دري جي ڏکڻ اوڀر واري ڀت تي، هڪڙو کوهه لڌو ويو آهي، جيڪو زمين جي مٿاڇري کان چار فوٽ هيٺ آهي، اهو گهيري ۾ پنج فوٽ آهي، پر پاسن جي هر قطار ۾ رڳو نَو سرون اٿس، جيڪي سڀ هڪ ئي ماپي يا قالب جون نه آهن. اهي سرون اڀيون نه آهن، پر وڏيون گولائي ۾ لڳل آهن ۽ پاسي کان ڏسڻ تي ونگ جو ڏيک ڏين ٿيون. اوساريءَ جو اهو نمونو موئن جي دڙي جي انيڪ کوهن جي اوساري کان بنهه نيارو آهي.“
ڀٽ ڏيٿري جي دڙي مان ڪيتريون ئي شيون هٿ آيون آهن، جيڪي سنڌ جي تاريخ، ثقافت ۽ تمدن سان واسطو رکن ٿيون. خاص ڪري هتان ڪي ڪچيون سرون مليون آهن، جيڪي بيضوي شڪل جون هيون ۽ هر هڪ سر جي هڪ پاسي اڌ انچ کن اندر ٺپو لڳل هو، جنهن تي مينار جي عڪاسي ’گوتم ٻڌ‘ جي مندرن وانگر هئي ۽ ان جي هيٺان ڪجهه لکيل به هو. ان کان سواءِ ٺڪر جي برتنن جا ٽڪرا به مليا آهن، جيڪي بناوت ۾ سنها آهن ۽ سندس ڊزائينون ۽ چٽسالي جاميٽري جي نموني ٿيل آهن. اهڙا شفاف پٿر به مليا آهن، جن ۾ ماڻهو پنهنجو عڪس ڏسي سگهي ٿو. هن ڀٽ لاءِ انگريز محقق مسٽر لوئس فليم هڪ هنڌ لکي ٿو ته:”هيءُ ماڳ هڪ هيڪٽر ۾ پکڙيل آهي. هتان لڀجندڙ برتن، ڪوپر جا ٽڪر، پٿر جامڻيا، ميچوئر هڙپا جي دور سان ڀيٽجي سگهجن ٿا.“ بهرحال ڏيٿري جو هيءُ شهر هاڪري جو مشهور بندر هو، جنهن تاريخ ۾ خاص مقام هاصل ڪيو ۽ اڄ هو واريءَ جو ڍڳ آهي.

وڄڙوٽ بندر

گهوٽڪي ضلع ۾ سنڌ پنجاب جي سرحد، ريتي اسٽيشن کان ڪجهه ميل تي ڏکڻ طرف هڪ ڀِڙو نظر ايندو، جيڪو 40 ايڪڙن جي ايراضي ۾ پکڙيل آهي ۽ ان جا دڙا 10 کان 20 فوٽ اوچا آهن. هر طرف پڪين سرن جا ڍير سڙيل ڪاٺ ۽ ٿانون جا ننڍا ننڍا ٽڪر پيل آهن. جنهن مان معلوم ٿئي ٿو، ته هيءُ قديم آثار ۽ کنڊرات سنڌ جي قديم تهذيب ۽ تمدن جا نشان آهن ۽ جتي ماضيءَ جون حسين ترين يادگيريون دفن ٿيل آهن. اهي کنڊرات وڄڙوٽ شهر جا آهن، جيڪو ڪنهن زماني ۾ وسندڙ شهر ۽ مشهور بندرگاهه هو.
وڄڙوٽ (وڄڻوٺ) هندستاني رڻ پٽ جي گم ٿيل درياء هاڪڙو، جيڪو مختلف دورن ۾ مختلف هنڌن تان وهيو ۽ سرسوتي، مبالا، گهاگهر هاڪڙي ريڻي، واهندا ۽ پراڻ جي مختلف نالن سان سڏيو ويندو هو. ان جي ڪنڌيءَ تي هيءُ بندر آباد هو. هن کنڊر جي قديم آثاران جي برطانوي ماهرن ۽ تاريخدانن جهڙوڪ: ٻيگوٽ، ايڇ-جي-راورٽي، هينري ڪزنس، ڊاڪٽر ايڇ-ٽي-سورلي ۽ لئمبرڪ ڳولا ڪئي ۽ ان بابت رپورٽ ڪئي. تاريخي ڪتابن ۾ هن شهر جامختلف نالا اچن ٿا. جهڙوڪ: وجورته، ونجهروٽ، رونجهه ڪوٽ، ونجوٽ، وجناٿ ۽ وڃراٺ وغيره، پر عام طرح هن ايراضيءَ ۾ هيءُ قديم تاريخي آثار وارو ماڳ ’وڄڙوٽ‘ جي نالي سان مشهور آهي.
وڄڙوٽ، هاڪڙ سڀيتا جو هڪ نهايت ئي اهم هنڌ هو، مسٽر هينري ڪزنس، Antiques Of Sindh ۾ لکي ٿو ته: ’وينجهروت يا ونجاٿ‘ جو قديم شهر پراڻي زماني ۾ هاڪڙي يا وهندا جي ڪناري تي آباد هو. هيءَ شاخ سنڌو درياء مان نڪرندي هئي ۽ وينجروت وتان وهندي، عمر ڪوٽ جي الهندي کان لڙندي هئي. جيئن ته هيءُ شهر سنڌو درياء جي ان شاخ تي آباد ئي هو، ان ڪري ان جي شادابي ۽ خوشحاليءَ جو دارومدار به ان تي ئي هو. هن جي بيهڪ بابت هينري ڪزنس ساڳي ڪتاب ۾ وڌيڪ لکي ٿو ته:”ريتي ريلوي اسٽيشن کان 5 ميل ڏکڻ ۽ روهڙيءَ کان 63 ميل اتر ڏکڻ ۾ وڄڻوٺ بندر جا نشان دڙي جي صورت ۾ موجود آهن، چوڌاري ٺڪرين ۽ سرن جي ٽڪرن سان ڀريل آهي. ٺڪراٺو اسلام دور جو معلوم ٿئي ٿو. سرن جي ماپ 18x12x4 آهي، جيڪي سٺيون پڪل آهن ۽ رنگ پڪو ڳاڙهسرو اٿن. دڙو، ڏيڍ ميل ۾ پکڙيل آهي، جو ڊيگهه ۾ اڌ ميل ڏکڻ اولهه ۽ ويڪر ۾ اتر ڏکڻ چوٿائي ميل کن ٿيندو.مشهور مؤرخ شمسالدين قريشي ”تاريخ آئينه قديم سنڌ“ ۾ لکي ٿو ته:”اوج جي زماني ۾ هيءُ شهر برهمڻ آباد جيڏو هو.“ انگريز مؤرخ مسٽر هينري ڪزنس هن شهر ۽ برهمڻ آباد جي تهذيب کي، ساڳي ۽ هڪجهڙي سڏيو آهي. هن جو چوڻ آهي ته :”هتان جون سرون ۽ ٿانون جا ٽڪرا، اهڙا ئي آهن، جهڙا برهمڻ آباد جا آهن. “ هنن حوالن مان صاف ظاهر آهي، ته وڄڙوٽ قدامت جي لحاظ کان سنڌ جو هڪ قديم شهر ۽ تاريخي تهذيبي ۽ ثقافتي ورثي جي سرزمين هو.
سنه 1896ع ۾ بمبئي جي محڪمئه آثار قديمه جي سپريڊنٽ مسٽر هينري ڪزنس وڄڙوٽ دڙي جو دورو ڪيو. ان کان پوءِ ٻن انگريز آفيسرن مسٽر ’ڪولوفول‘ ۽’برين فل‘ وڄڙوٽ جا آٿر ڏسي رپوٽون تيار ڪيون. انهن رپوٽن ۾ انگريز ماهرن، وڄڙوٽ جي ثقافتي اهڃاڻ جو ذڪر هن ريت ڪيو آهي:
”هتان جيڪي چٽلي ٿانون جا ٽڪر لڌا ويا آهن، اهي ساڳي نموني جا آهن، جهڙا برهمڻ آباد ۾ هئا. ٺڪر جا ڀڳل ٿانوَ ڏاڍا سهڻا ۽ اعلا قسم جا آهن، جن تي روغن سان رنگ جو ڪم ٿيل آهي. هتان جيڪي سرون مليون آهن، اهي15 انچ ڊگهيون 10 انچ ويڪريون ۽ اڍائي انچ ٿلهيون آهن. اهي سرو موئن جي دڙي وارين سرن کان ساخت، بناوت ۽ سونهن ۾ وڌيڪ آهن. وڄڙوٽ جي دري جي وچ تي هڪ چورس نما کليل ميدان آهي، جيڪو ٻن سون کان ٽي سو والن تائين ويڪرو آهي. ان جي اولهه واري پاسي کان امير ماڻهن جا رهائشي گهر آهن ۽ وچ ۾ پٿر ۽ پڪين سرن سان ٺهيل پٿر جو ڪم احمد آباد ۾، احمد شاهه جي مسجد م ڏٺو ويو آهي. هتان جيڪي سڪا لڌا آهن، اهي ٽامي جا آهن. اهي ٿولهه ۾ انچ جو ڏهون حصو ويڪر ۾ اڌ انچ ۽ وزن ۾ 3 کان 4 گرين آهن. ڪجهه چاندي جا سڪا به مليا آهن جن جو وزن 4 کان 7 گرين آهي. ٻارن جا رانديڪا به مليا آهن، جيڪي پٿر ۽ مٽيءَ جا ٺهيل آهن. اهي رانديڪا گهڻو ڪري جانورن جا آهن. شيشي ۽ چيني جا رنگين ٽڪرا مليا آهن، جيڪي سائو نيرو ۽ سفيد رنگن مان آهن. خاص ڪري بلور شيشي جا برتن سهڻا آهن. لوهيون ميخيون به مليون آهن، جيڪي گهرن جي ڇتين ۽ فرش ۾ استعمال ٿيل عمارتي ڪاٺ کي بند ڪرڻ ۾ ڪم اينديون هيون. شيشي ۽ پٿر جي ڪنگڙين جا ٽڪر، مڻڪا ۽ ٽامي ۽ پتل جا زيور ۽ گهنگهرو به مليا آهن. هٿيارن کي تکي ڪرڻ جون روهيون به مليون آهن. ان کان سواءِ سپين ۽ ڪوڏين جا ٽڪرا به هٿ آيا آهن.“
هن ساري ثقافتي رپورٽ مان ظاهر ٿئي ٿو، ته هيءُ شهر پراڻي زماني ۾ هڙپا، موئن جو دڙو ۽ برهمڻ آباد جو هم پلئه هو. هيءُ سکيو، ستابو، آباد، خوشحال ۽ امير ترين شهر هو، جتي زندگي جي هر سهوليت موجود هئي ۽ ماڻهن جو معيارِ زندگي بلند ترين هو. ماڻهو شانائتي زندگي گذاريندا هئا. هن بندر ۾ سنڌ جو مال، دنگين ۽ ٻيڙين ذريعي ايندو هو، جتان پوءِ پنجاب، ڪشمير ۽ بهاولپور ويندو هو. اترئين سنڌ ۽ ريگستاني علائقي ۾ هيءُ بندر گلگت، چترال، ڪشمير ۽ پنجاب وڃڻ لاءِ خاص رستو هو. هاڪڙي درياء جو هيءُ بندر سنڌ جي تهذيب، تمدن، ثقافت ۽ لوڪ ادب ۾ به وڏي اهميت رکي ٿو. سنڌي رومانوي داستان ڏمڻ سوناري، جو قصو هن سرزمين سان وابسته آهي، جنهن جو انساني ۽ ثقافتي پهلو سنڌي تاريخ جو عظيم داستان آهي. خاص ڪري هيءَ ڳالهه لازوال حيٿيت رکي ٿي:
اڪ نه ڪجي ڏندڻين، سپ نه ڪجي ماهه،
اُتي نه لائجي نينهڙو، جتي نه توڙ نڀاءَ.
سنڌ جو هيءُ عظيم الشان بندر، درياء رخ مٽجڻ ڪري تباهه ٿي ويو. چون ٿا ته سنه 962ع ۾ هڪ خوفناڪ زلزلو آيو، جنهن ڪري درياء رخ مٽايو هو ۽ هيءُ عاليشان شهر تباهه ٿي ويو. ڪاڪي ڀيرومل جو چوڻ آهي، ته: ”جڏهن روهڙي ۽ سکر ۾ زلزلو آيو ۽ اروڙ جون ٽڪريون تباهه ٿيون، تڏهن درياء رخ مٽائي ويو ۽ هيءُ شهر برباد ٿي ويو.“ اڄ هيءُ دڙو صرف 40-50 والن تي پکڙيل آهي. اهو به ڪي ماڻهن ٽيڪٽرن سان کوٽي زمين آباديءَ لائق بنائي، فصل پوکڻ شروع ڪيا آهن. هينئر صرف هڪ وڏو دڙو وڃي بچيو آهي، جيڪو به هڪ ٻن سالن ۾ ختم ٿي ويندو ۽ پوءِ سنڌ جي تاريخ جي هن سونهري شهر جوتذڪرو صرف ڪتابن ۾ وڃي رهندو.

ڪشمور بندر

ڪشمور پراڻي زماني ۾ واپار جو مرڪز هو، وچ ايشيا جا واپاري قافلا، هتان لنگهي سنڌ ۾ ايندا هئا، جيڪي هتان ’الور‘ ۽ ’ڀنڀور‘ تائين به ويندا هئا. درياء جي ڪناري تي هئڻ ڪري واپاري ٻيڙا هتان ٿي ڀنڀور ۽ ديبل تائين ويندا هئا. گويا ڪشمور بري ۽ بحري ٻنهي واپارن جو مرڪز هو. ڪلهوڙن جي زماني ۾ ڪشمور هڪ مشغول ترين دريائي بندر هو. قلات جي والي مير نصير خان ڪشمير جي سرحد تي ’عمرڪوٽ‘ نالي هڪ قلعو ٺهرائي، براهوئي لشڪر هارايو، مشهور سياح ابن بطوطه درياء رستي ڪشمور به آيو ۽ هڪ رات هتان جي جامع مسجد ۾ رهيو. انگريزن جي دور ۾ به ڪشمور بندر جي حيثيت ۾ ڪم ايندو هو. سر رچرڊ برٽن لکي ٿو ته: ” سنڌ ۾ برطانوي تسلط جي اوائل ۾ ڪشمور سنڌو درياء جي ڪناري تي هڪ چڱو خاصو بندر ۽ اتر سنڌ جو مشهور شهر هو.
ڪشمور اڄ به سنڌو درياءَ جي ڪپ کان ڪو گهڻو پري ڪونهي پر گڊوءَ تي پل ٺهڻ ڪري هاني گهڻو واپار ٽرڪن ۽ لارين رستي هلي ٿو. جيڪڏهن اڄ به ٻيڙين ۽ جهازن رستي مال موڪليو وڃي، ته ڪشمور سٺو بندر ٿي سگهي ٿو.

اروڙ بندر

سنڌو درياء، سنڌ کي قدرت طرفان هڪ سوغات مليل آهي. سنڌ، سنڌوءَ سان لانئون لڌيون آهن. ٻاروتڻ کان وٺي سنڌ واسين جو سنڌوءَ سان واسطو پيو آهي. تاريخ شاهد آهي، ته جتي به سنڌو پير پاتو اتي زندگي ڪر کنيو، ۽ شهر آباد ٿيا. آبادي ٿي، پوکون ٿيون، خوشحالي ٿي. سنگهار سکيا ستابا ٿيا، پر جڏهن سنچوءَ منهن متايو، جدائي ڪئي، ته اهي وستيون ۽ واهڻ، شهر ۽ ڳوٺ مٽيءَ جا ڍير بڻجي پيا ۽ صرف ماضي جا نشان وڃي رهيا، جن جي دڙن تي بيهي اڄ اسين پنهنجي شاندار تاريخ جو وڏي فخر سان ذڪر ڪريون ٿا. اهڙي شاندار ماضيءَ جو نشان ’اروڙ‘ به آهي.
روهڙي شهر کان 5 ميل پري، ڏکڻ اوڀر ۾، اروڙ جي ٽڪريءَ تي هن ڦٽل شهر جا نشان ملن ٿا. اروڙ ڪنهن زماني ۾، سنڌ جو عظيم بندرگاهه، تجارتي شهر ۽ گاديءَ جو هنڌ هو. هيءُ شهر مهراڻ نديءَ جي الهندي ڪپ تي ٻڌل هڪ وسيع شهر هو، جو قدامت جي لحاظ کان آريا ورت جي قديم شهرن: هستاپور، اندر پرستا دهلي، پتاليپوترا(پاٽنا) جو ثاني هو. محققن جو خيال آهي، ته اروڙ جو بنياد دراوڙن جي دور ۾ پيو، جڏهن آرين سنڌ جا وسيل ۽ شاهوڪار شهر قبضي هيٺ آندا، تڏهن هنن اروڙ کي محفوظ ۽ اتاهين جڳهه تي ڏسي، مٿس بالم ٿي بيهي رهيا ۽ هن شهر کي محنت سان عروج تي پهچايائون. ويدن جي زماني ۾ هن شهر تي هڪ راڻي راڄ ڪندي هئي، جنهن جو نالو ’روماسا‘ هو، سا نهايت ٻاجهاري ۽ فن موسيقيءَ جي ماهر هئي، سندس شان ۾ سلوڪ به ملن ٿا. ’مهاڀارت‘ ۽ ’رامائڻ‘ جي دور ۾ اروڙ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ رهيو. اروڙ جا پويان حڪمران چندرونسي، اروڙ ونسي خاندان جا راجا، جن جو لقب راءُ هو، مان هئا. هنن سنه 450ع کان سنه 642ع تائين حڪومت ڪئي. چندرونسي کان اڳ سورج ونسي راجپوتن مان راجا بليڪا جي پٽن، 1100 ق.م ۾ هن شهر تي راڄ ڪيو ۽ ان کي اوج تي رسايو. جڏهن سڪندر مقطونيءَ سنڌ تي ڪاهه ڪئ، تڏهن هو اروڙ ۾ به آيو. هن جا ٻيڙا درياء ۾ ملتان کان اروڙ پهتا. ان وقت هتان جو راجا، ’موسيڪانوز‘ هو. جنهن ساڻس سخت مقابلو ڪيو. راءِ سهارس2 جي ڏينهن ۾، جڏهن يران جي شهنشاهه نيمروز، سنڌ تي ڪاهه ڪئي، تڏهن راءِ سهاسيءَ(ٻئي) هن سان مقابلو ڪيو. سنه 711هه ۾ جڏهن عربن اروڙ تي حملو ڪيو، تڏهن هيءُ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ هو. عربن جي دور ۾ اروڙ جو اهو ٺٺ ٺانگر ختم ٿي ويو، ويتر جڏهن ارغونن جي قبضي ۾ سنڌ آئي، تڏهن ڌاريجن کي سزا ڏيڻ جي خيال کان بيگ اروڙ ۾ ڇانوڻي هڻي ويٺو ۽ هتي ڌاريجن سان ٽي چار لڙايون لڙيو ۽ کين شڪست ڏئي ڀڄائي ڪڍيائين.
اروڙ تاريخ جي هر دور ۾، سکيو ستابو شهر رهيو. سنڌو درياء جي ڪپ تي هئڻ ڪري، هيءُ مشغول ترين بندر گاهه هو. هن شهر کي مضبوط عالم پناهه ديوار ڏنل هئي. چندرونسي راجائن جي دور ۾ هيءُ شهر دولت سان مالامال هو. سندس ڀر وارين ٽڪرين ۾ سونَ ۽ چانديءَ جون کاڻيون هيون. ’موسيڪانوز‘ جي ڏينهنن ۾ هيءُ هڪ تمام مصروف بندر هو. يوناني مؤرخن هن جي وڏي تعريف ڪئي آهي. هو لکن ٿا ته :” هيءُ شهر تمام شوهوڪار ۽ سرسبز هو، جتي هر قسم جي پيداوار ججهي انداز ۾ ٿيندي هئي. شهر محلاتن ۽ باغن سان ڀريل هو. ماڻهو بهادر، بيڊپا ۽ علم طب ۾ ماهر هئا. هنن راڳ وسيلي، نانگن جو زهر ڪڍيو ۽ هو جانورن جو به علاج ڪندا هئا. هتان جا ماڻهو صحتمند، گهڻو جيئندڙ ۽ سٺين عادتن وارا هئا. امن امان ايترو هو ، جو ڪا ڪورٽ ورلي ويهندي هئي. حڪومت رڳو ڳرن ڏوهن ڏانهن ڌيان ڏيندي هئي، باقي ڏي وٺ جا مسئلا عوام جي اختيار ۾ هئا.“
هندو راجائن جي دور ۾ هيءُ شهر اوج تي هو. مؤرخ سنڌ مولائي شيدائي لکي ٿو ته: ”هندن جي وقت ۾ اروڙ ۾ هڪ وڏو بندر هو، جتان جهازن کان محصول ورتو ويندو هو. هندستان جا ڪيترائي راجا، اروڙ جي دربار کي ڍل ڏيندا هئا.“ چچ نامي آهي ته: ” هيءُ شهر هند ۽ سنڌ جو تختگاهه آهي، جو مهراڻ نديءَ جي ڪپ تي ٻڌل آهي. هيءُ قسمين قسمين ماڙين ۽ محلاتن، چراگاهن، گلن، باغن، حوضن، نهرن، ۽ گليڪارن سان سينگاريل هڪ وڏو شهر آهي. هن رونق واري شهر ۾، راءِ سهارس نالي هڪ راجا راڄ ڪندو هو، جنهن وٽ ججها خزانه ۽ پوريل ناڻو هو.“ اروڙ جي آبهوا وڻندڙ ۽ دلڪش هئي، ان ڪري واپاري ۽ تاجر سڄو سال هتي رهندا هئا. هتان جا هنر مند، پورهيت ۽ فنڪار پنهنجي ڌنڌي ۽ فن ۾ مشهور هئا. اهو ئي سبب آهي جو راڻي لاڏي، محمد بن قاسم کي ٻڌايو هو ته: ”هن شهر جا ماڻهو ڪاريگر، واپاري ۽ هاري آهن، ان ڪري ئي هيءُ شهر آسودو ۽ شاهوڪار آهي. هنن سان ئي هن ديس جي دولت آهي ۽ شهر خزانن سان ڀريل آهي. جيڪڏهن تون هنن کي ختم ڪندين، ته هيءُ سڀ مال متاع ختم ٿي ويندو.“ ان ڪري ئي محمد بن قاسم اروڙ جي شهرن کي آزادي ڏني ۽ کسيل ملڪيتون کين واپس ڪيون، صرف شاهي خزانو مرڪز ڏانهن اماڻايائين.
عربن کان پوءِ به اورڙ بندرگاهه ۽ هڪ وسندڙ شهر هو. مغلن جي دور جو هڪ مؤرخ شيخ ابوالفضل لکي ٿو ته: ”هيءُ شهر ملتان جيڏو هو ۽ سندس چوگرد باغ هئا. هيءُ شهر، سنڌو نديءَ جي اڀرندي ڪپ تي، بکر کان ستن ميلن جي فاصلي تي هڪ ٽڪريءَ تي ٻڌل هو ۽ ٻوڏ کان بچيل هو.“ اڪبري دربار جو مؤرخ مير معصوم بکريءَ جو چوڻ آهي ته: ”اروڙ هڪ وڏي عالم پناهه ديوار سان مهراڻ جي ڪپ تي وسيل هڪ وڏو شهر هو، جيڪو محلاتن ، ميويدار وڻن ۽ نهرن سان ڀرپور هو. ان ۾ تمدن ۽ شهريت جو اهو سڀ سامان هو، جنهن جي هڪ مسافر کي ضرورت هجي.“ مؤرخ ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ، اروڙ جي تجارتي حيثيت بابت لکي ٿو ته: ”اروڙ تمام شاهوڪار شهر هو. ان جي چوڌاري نهرون ۽ چراگاهه هئا. هيءُ شهر علم، هنر، صنعت، حرفت ۽ تجارت جو مرڪز هو ۽ ايشيا جو ناميارو بندرگاهه هو. هن بندر جي ڀرسان هاڪڙو درياء وهندو هو. هيءُ شهر اناج جي وڏي منڊي هو. اروڙ صنعت، تجارت ۽ بندرگاهه کان سواءِ هڪ علم جو مرڪز به هو. قاضي اسمٰعيل، شيخ مخدوم محمد قطب، قاضي ستابو شاهه، شڪر گنج ۽ ڇٽو اَمراڻي هتان جا مشهور بزرگ ٿي گزريا آهن. هتان مشهور علمي شخصيت قاضي موسيٰ بن يعقوب جي پڙ پوٽي قاضي محمد اسماعيل بن علي ابن محمد طائي سنڌ جي تاريخ ’منهاج المسالڪ‘ عربي ۾ لکي، جنهن کي علي بن حامد بن ابوبڪر ڪوفي، فارسيءَ ۾ ترجمو ڪري ’فتح نامه‘ عرف ’چچنامو‘ نالو ڏنو. اهڙيءَ طرح سنڌ جي پهرئين تاريخ هن سرزمين تي لکي ويئي.“
هيءُ شهر 4 صدي هجري ڌاري، درياء جي رُخ مٽجڻ ڪري ڦِٽي ويو. ان ڪري واپار ۽ تجارت به ختم ٿي ويئي. عربن به منصوره کي وڃي گاديءَ جو هنڌ بنايو. ان ڪري هوريان هوريان هيءُ شهر اجڙندو ويو ۽ هاڻي هيءُ عظيم شهر صرف 50-60 گهرڙن تي مشتمل هڪ ڳوٺڙو آهي.

بکر جو بندر

بکر مهراڻ جي ڪپ تي هئڻ ڪري سنڌ جو مشغول ترين بندگاهه ۽ واپار جو خاص مرڪز هو. هيءُ سهڻو ستابو شهر ڪيتري وقت تائين اتر سنڌ جو تختگاهه ۽ وڏي مارڪيٽ هو. اروڙ جي ڦٽڻ کان پوءِ هن جي صنعت، حرفت ۽ واپار ۾ واڌارو آيو. خاص ڪري مغلن جي دور ۾ هن وڏي ترقي ڪئي. ان زماني بکر جي اپت 114947 دام هئي. في رپيو چاليهه دام جي برابر هو. واپار جي لحاظ کان بکر هندستان جي وڏي مارڪيٽ ليکيو ويندو هو. هن جو واپار ڏورانهن ملڪن سان هلندو هو. هتان ڪيترائي رستا ڦٽي نڪرندا هئا، جيڪي سنڌ کي ٻين ٻاهرين ملڪن سان ڳنڍيندا هئا. اتر هندستان ۽ وچ ايشيا سان، جن رستي واپار هلندو هو، انهن کي هيءُ شهر ڳنڍيندڙ هو. افعانستان ۽ ٻين اترين ملڪن سان واپار، هڪ شاهي رستي هلندو هو، جيڪو بکر کان شروع ٿي سليمان هالار جي جبلن جي قطار جي آسان لڪن وچان، بولان دريءَ مان لنگهي، قنڌار، مري روڊ مان ٿيندو ترڪمانستان ۾ وڃي ختم ٿيندو هو. ڊاڪٽر بال ڪرشنا لکي ٿو ته: ” آگري کان مال اٺن تي بکر ايندو هو، جتان پوءِ ٺٽي ۽ لهري بندر موڪليو ويندو هو.
سترهين صدي جي شروعات ۾ بکر کي درياء جي ڪناري تي هجڻ ڪري سياسي ۽ تجارتي حيثيت حاصل هئي. مختلف ملڪن جا ٻيڙا هن بندر تي مال آڻيندا ۽ نيندا هئا. هتان جون بازارون هر وقت مال ۽ ماڻهن سان ڀريل هوندوين هيون. پورچوگيز سيلاني مسٽر سباسٽن لکي ٿو ته:”اتر سنڌ جو مکيه شهر بکر هڪ سهڻو شهر هو، جنهن جي چوڌاري چمن ۽ باغ باغيچا هئا. سندس بازار، هر ڪنهن قسم جي مال سان ڀرپور هئي. هن جي آبهوا وڻندڙ ۽ پاڻي مٺو هو.“ مانريق لکي ٿو ته:”بکي ۾ باغن جي ڪري ميوو تمام گهڻو آهي ۽ ملڪ ڏاڍو سرسبز ۽ ساداب آهي. هتان هر سال ايران ۽ خراسان ڏانهن، اٺن جا قافلا مال کڻي ويندا آهن.“ ان دور ۾ سنڌ ۾ عاليشان قسم جو ڪپڙو تيار ڪرڻ جا جيڪي مرڪز هئا، تن ۾ بکر به هڪ هو. هتي جنگي هٿيار به ٺاهيا ويندا هئا. جوزف سئلبئنڪ لکي ٿو ته:”بکر ۾ ٻئي سامان کان سواءِ تلوارون به ڏاڍيون سستيون ۽ عمديون هيون.“ بکر جي کير مکڻ بابت انگريز ايجنٽ لکن ٿا ته: ”بکر ۾ ڏُڌ ۽ لسي بهترين قسم جي تيار ٿئي ٿي. هتي تمام گهڻو مکڻ ۽ گيهه جو واپار هلي ٿو.“
اهڙيءَ طرح بکر جو شهر سنڌ جي تاريخ ۽ تجارت ۾ عظيم ڪردار ادا ڪيو. تجارت ۽ سياست کان سواءِ بکر علمي لحاظ کان به وڏي ترقي ڪئي. حضرت نوح بکري، سيد محمد مڪي ۽ سندس فرزند شاهه صدرالدين خطيب جهڙا عالم ۽ بزرگ هتي ديني تعليم ڏيندا هئا. سنه 1314ع ۾ جڏهن ابن بطوطه سنڌ ۾ آيو، تڏهن هن بکر جي عالمن سان ملاقاتون ڪيون ۽ سندس ساراهه ڪئي. سمن جي دور ۾ بکر جنهن کي تاريخ ۾ فرشته جي مبارڪ نالي سان سڏيو ويو آهي، سا پاڪ سرزمين يقين وارن جي ملجا ۽ عارفن جو سرچشمو رهي آهي. سڄي سنڌ ۾ بکر جهڙي مردم خيز زمين پيدا نه ٿي. هن ڌرتي جا ماڻهو سير ۽ صفائيءَ جا ڪوڏيا، علم پروڙ ۽ لياقت جي ڳولا ۾ مشهور هئا. گرميءَ جي ڏينهن ۾ پاڻي جي چڙهڻ ۽ ميون جي پچڻ جي موسم ۾ ننڍا وڏا سردار خواهه نوڪر مرد ۽ زالون باغن ۾ خلوتن ۽ محفلن ۾ ڏينهن گذاريندا هئا. هن سرزمين ۾ خاص ڳالهه هيءَ هُئي، ته هتي جا گل نهايت خوشبودار هئا. هن سرزمين تي ڪيترن ئي بزرگن، عالمن ۽ ولين جو مزارون آهن.
بکر، پراڻي زماني ۾ هڪ ٻيٽ جي صورت ۾ مهراڻ جي وچ ۾ هو. بکر جي قلعي ۽ پراڻي سکر جي وچ ۾ جيڪا درياء جي شاخ آهي، سا سوا سؤ گز ويڪري آهي. بکر جي قلعي کان اٽڪل 7 ميلن جي مفاصلي تي اروڙ ويران دڙن جي صورت ۾ موجود آهي. تاريخ ۾ بکر جو نالو هندن جي دور ۾ نٿو ملي، چوڻ ۾ اچي ٿو، ته اروڙ جي ويرانيءَ کان پوءِ اتان جا رهاڪو لڏي اچي بکر ۾ رهيا ۽ ستين صدي هجريءَ ۾ مٿس بکر نالو پيو. جنهن لاءِ عام روايت آهي، ته سيد محمد مڪي رح، بکره (باک ڦٽڻ) مهل هن جاءِ تي آيو ۽ ان وقت چيائين ته:”جعل الله بکر تي في يفعته المبارڪته“، ”يعني الله تعاليٰ منهنجو صبح برڪت واري هنڌ تي ڪيو آهي.“ تنهن کان پوءِ هن جاءِ وارو شهر ’بکره‘ سڏجڻ لڳو ۽ هوريان هوريان سنڌيءَ ۾ بکر ٿي ويو.
بکر، پراڻي زماني کان وٺي پنهنجي قلعي کان مشهور آهي، جيڪو سنڌ تي پنجاب ۽ اڀرندي جي ڪاهن کان بچاءَ جو دروازو هو. ان جي فتح کان پوءِ پنجاب يا اڀرندي کان ڪاهي ايندڙ دشمن اندر سنڌ ڏانهن ٿي وڌيا. هيءُ قلعو عباسي خليفي هارون رشيد، جيڪو سنه 170 هه ۾ تخت تي ويٺو ۽ تعمير ڪرايو ۽ شيخ ابو تراب جي حوالي ڪيو. ان هن ڏينهن کان پوءِ بکر جي قلعي تي مختلف بادشاهن ۽ حڪمرانن پئي ڪاهون ڪيون، پر هيءُ شهرپاڻ کي سالم رکيون آيو. مغلن جي دور ۾ بکر مڪمل سرڪار جي صورت ۾ هو، جنهن کي اٺن پرڳڻن ۾ ورهايو ويو هو، جن مان پنج مهراڻ جي کاٻي ڪپ تي، ۽ ٽي ساڄي ڪپ تي واقع هئا. بکر جزيره نما قلعي وارو بندر هو، جيڪو سنڌو ندي جي وهڪري جي وچ ۾ چُن جي ٽڪرين تي اڏيل هو. نديءَ جو وهڪرو ڏکڻ طرف اٽڪل پنجاهه ميلن ۾ وڃي ٿو. اٺين صدي ۾ سنڌو ندي پنهنجو وهڪرو مٽائي اروڙ کي اجاڙي، ٽڪرين جي قطار کي هتان اچي ڪٽيو، پر بکر وٽ زمين پختي هئي، جنهن درياء جي کاڌ جو مقابلو ڪيو. بکر جو قديم نالو فرشته آهي ائلئيٽ پنهنجي ڪتاب ”سنڌ“ ۾ لکيو آهي، ته عربن جي ڪاهه وقت هيءُ بندر وجود ۾ ڪو نه آيو هو. تيرهين صديءَ جي شروعات ۾، بکر بندر جو نالو تاريخ ۾ اچي ٿو. سکر ۽ روهڙي جا بندر پوءِ جا آهن.

سنه 1026ع ۾ محمود غزنوي، سنڌ تي ڪاهه ڪئي. پهرين بکر جي قلعي ۽ بندر کي فتح ڪيو پوءِ سيوهڻ ۽ ٺٽي ڏانهن ويو.
سنه 1277ع ۾ ايلتمش بکر جو قلعو ۽ بندر هٿ ڪيو.
سنه 1330ع ۾ غياث الدين تغلق، خواجه خطير کي بکر جو حاڪم ڪري موڪليو.
سنه 1351ع ۾ فيروز شاهه، بکر ۾ ويهه ڏينهن رهيو ۽ ملڪ رڪن الدين کي اتان جو نائب مقرر ڪيائين.
سنه 1370ع ۾ فيراز شاهه، بکر هٿ ڪيو.
سنه 1490ع ۾ بکر تي ڄام انڙ قبضو ڪيو.
سنه 1520ع ۾ ڄام فيروز سمي جي وقت ۾ شاهه بيه ارغون سنڌ ۾ آيو. انهيءَ وقت بکر ۾ ڏاريجن فساد ڪيو.
سنه 1542ع ۾ همايون بکر ۾ آيو.
سنه 1555ع ۾ مرزا عيسيٰ خان ترخان ۽ سلطان محمود خان جي بکر ۾ لڙائي لڳي.
سنه 1574ع ۾ سلطان محمود خان جي مرڻ تي اڪبر بادشاهه، گيسو خان کي گورنر ڪري موڪليو.
سنه 1838ع ۾ مير نصير خان کان انگريزن بکر جو قلعو اڌارو ورتو، جو اُتي هنن جو قلمي شوري جو وڏو ڪارخانو ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي وقت کان لڳل هو.

هن دور ۾ بکر تي دهليءَ مان گورنر مقرر ٿي ايندا هئا. بکر جي سرزمين پنهنجي سيني تي ڪيئي قهر ۽ ڪلور ٿيندي ڏٺا. ارغونن ۽ ترخانن جا راتاهه شاهه بيگ جون ڌاريجن سان چوٽون ۽ انهن جي رت سان هولي کيڏڻ، همايون جي تنگدستي بکر پاڻ ڏٺي. مرزا باقيءَ جا فساد ۽ محمود بکري سان ’چوهي ٻلي‘ واري راند، دارا شڪوه جي ڪسمپرسي ۽ قيدي بڻجڻ واري حالت پوءِ مغليه گورنر جا ظلم زيادتيون، ڦر لٽ جا قصا بکر به صرف ٻڌا پر ڏٺا به. اهي ڪوسي تيل جا ڪڻاهه، جن ۾ سنڌين کي وڌو ويندو هو، اهي بکر جي سرزمين تي تيار ٿيندا هئا ۽ ڪڙهندا هئا. هتي هڪ وڏو اسلامي مدرسو هو، جتي طالبن کي تعليم سان گڏ کاڌو ۽ ڪپڙو کين مفت ڏنو ويندو هو. هن مدرسي جي عراق ۽ عجم تائين مشهوري ۽ هاڪ هئي ۽ تان جا عالم لڏي هتي اچي رهيا. ارغونن جي دور ۾ بکر پنهنجي علمي عظمت ڪري ارض معموره سڏبو هو، ۽ هيءُ سکيو ستابو علم ۽ تجارت جو مرڪزي شهر، جنهن لاءِ قانع لکي ٿو ته:”هيءُ تفريگاهن ۽ دل وڻندڙ باغن سان سينگاريل شهر، جنهن جا گل سنگهڻ لائق آهن، هميشه لاءِ ختم ٿي ويو ۽ مسجدن، پراڻين جاين ۽ قلعي جي ديوارن جا چند نشان وڃي بچيا آهن.

سکر جو بندر

”سکر سونهارو گلن جو کارو“ سونهن ۽ سرهاڻ، امن ۽ آسودگي خوشحالي ۽ سرسبزي جي علامت آهي. جهڙو اٿس نالو پيارو ۽ مِٺ ڀريو، تهڙي وري اٿس تاريخ نرالي ۽ نياري. ڪن کيس سڏيو’سکر‘ معنيٰ’شاهوڪار‘ ڪن وري کيس سڏيو’شڪر‘ معنيٰ کنڊ، ته ڪن وري هن کي چيو:”ساگر يعني درياء“ آهن سڀ نالا سڻڀا، پيارا ۽ وڻندڙ، پر اصل ۾ سکر ٺيٺ سنڌي لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ’سٺو‘ وڏي ساک ۽ ڀاڳ وارو، ۽ آهي به ائين. سنڌو درياء جي ڪپ تي سنڌ جو هيءُ ٽيون وڏو شهر، سنڌ جي ادب، ثقافت ۽ تاريخ جو مرڪز رهيو آهي، جنهن جو ماضي ۽ حال ڪنهن به تعارف جو محتاج نه آهي.
آثار قديمه جي ماهرن جو رايو آهي، ته سکر جي سرزمين قديم زماني کان، آباد رهندي ٿي اچي. هتان درياء جي تري مان ۽ ٽڪرين مان پٿر جي دور جو شيون هٿ آيون آهن، جن کي ڏسي، آڳاٽن آثارن جي ماهر ليفٽيننٽ نيوم لو لکيو آهي، ته:” هيءَ سرزمين، پٿر واري پٿر جي دور ۾ به آباد هئي ۽ اتي هڪ وڏو وسندڙ شهر آباد هو.“ ساڳي طرح ڊاڪٽر بلئمفورڊ جو چوڻ آهي، ته: ”سکر جي سرزمين مان لڌل، شيون هندستان ۾ ٻين هنڌن تان اهڙي قسم جي لڌل شين کان وڌيڪ خوبصورت آهن. ۽ ميڪسيڪو جي پراڻي تهذيب سان ڀيٽي سگهجن ٿيون.“
تاريخ جي ڄاڻن جو چوڻ آهي، تن سکر جو شهر اٽڪل ست سؤ سال قبل مسيح، سنڌو درياء جي ساڄي ڪپ تي هڪ وسندڙ ۽ آباد شهر هو. هتي اسلام کان گهڻو اڳ سوڍن راڻن جي حڪومت هئي، جن سکر کي ٺاهڻ ۽ جوڙڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. جڏهن عربن سنڌ تي ڪاهه ڪئي، تڏهن سکر جي سر زمين تي به هنن جي گهوڙن هڻڪار جو پراڏو پيو، ۽ هن هتان جي گرمي برداشت نه ڪندي سکر کي ”سقر“ سڏڻ شروع ڪيو.
سکر هميشه کان ترقي ڪندو رهيو آهي. ٻاهرين ملڪن خصوصاً اتر هندستان ڏي ويندڙ مال سکر بندر تان چڙهندو هو. سکر ۾ اندرون سنڌ کان مڇيءَ جو جهجهو مقدار برآمد ٿيندو هو، جو مقامي کپت کان پوءِ ان کي سڪائي ٻاهر موڪليو ويندو هو. باربوسا سنه 1516ع ۾ سنڌ جي عاليشان مڇيءَ جي قنعت جو ذڪر ڪيو آهي.
سنڌ جي سري سکر کان سواءِ (ان ۾ روهڙي ۽ بکر جا بندر به شامل آهن.)ٻيو ڪو موزون شهر نه هو، چناچه لاهور، ڪشمير، صوبه سرحد، ديرجات، قنڌار، بيڪانير، جيسلمير ۽ ملتان جو مال مهراڻ وسيلي سنڌ جي ڊيلٽا واري بندرن کان ٻاهر موڪليو ويندو هو. وٿنگٽن، جهانگير جي دور ۾ اهڙا جهاز ڏٺا. مال آڻڻ ۽ نيڻ لاءِ سکر ۾ جهاز سازيءَ جو ڪارخانو هو. اڄ به مياڻيءَ ۾ ڪاٺ جون مڏيون ۽ ٻيڙيون جڙن ٿيون. سامونڊي واپار ۾ جيستائين عام سهولتون پيدا ڪونه ٿيون هيون، تيستائين وچ ايشيا ۾ خراسان جون مختلف جنسون قافلن ذريعي سکر پهچندوين هيون ۽ سکر بندر تان ٻيڙين وسيلي ڊيلٽا جي بندرن تان ڏيسارو ڏانهن برآمد ٿينديون هيون. سنڌ جا بندر، اورنگا بندر، شاهبندر، پستا بندر، علي بندر ۽ ڪراچي، ملبار، بمبئي، سورت، مانڊوي، مسقط، هرمز، بحرين ۽ زنگبار ڏانهن مال روانو ڪندا هئا. اهڙي طرح سکر کان قافلا ڀرجي هندستان جو مال خشڪيءَ رستي کڻي استبول، مصر ۽ يورپ ڏانهن ويندا هئا.
امير تيمور لنگ ثمرقند کان طبريز تائين واپاري رستو تعمير ڪرايو ۽ اتي سهوليت لاءِ مهمان سرائون ٺهرايو. ڪلهوڙن جي دور ۾ گيهه ججهي انداز ۾ پيدا ٿيندو هو، جو ڪلهورا ڀاڳيا ماڻهو هئا. اهو گيهه سکر بندر کان ٺٽي پهچندو هو. وليم فرينچ 1611ع ۾ سنڌ ۾ آيو هو، چوي ٿو ته ٺٽو، روهڙي ۽ سکر جو واپار پنجاب جي وڏن شهرن سان هلي ٿو. هتي آفيم جا وڏا ذخيرا هئا. اورنگزيب جي وقت (وفات:1707ع) ۾ مٿيون واپار ڌڪجي پيو. ميان غلام شاهه ڪلهوڙي ۽ سندس ڀائرن جي وچ ۾ نا اتفاقي ۽ مدد خان پٺاڻ جي ڦر لٽ ڪري سموري سنڌ وڳوڙن ۽ مونجهارن جو شڪار ٿي پئي. سنڌ جي واپار ۾ مقامي صنعتن ۾ هوريان هوريان زوال اچڻ لڳو. سنه 1764ع ۾ سنڌ جي واپار تي عام جمود ڇائجي ويو.
سومرن جي دور ۾ ”پراڻو سکر“ موجود هو. جڏهن سمن جي ڏينهن ۾ شاهه بيگ ارغون سنڌ تي حملو ڪيو ۽ بکر جي ڌاريجن، ماڇين ۽ ساداتن کي قتل ڪرائي، سندن سر درياء ۾ ڦٽا ڪرايا، تڏهن بکر مان ماڻهو لڏي سکر ۾ اچي ويٺا. مرڪز هندستان جي مغل شهزادي اورنگزيب، دارا شڪوه کي بکر مان پڪڙي جڏهن دهلي روانو ڪيو، تڏهن سکر جي سرزمين تاريخ جو اهو المناڪ نطارو اکين سان ڏٺو ۽ بکر مان روئيندڙ ۽ ڀڄندڙ ماڻهن کي، پنهنجي ڪُشادي سيني ۾ جاءِ ڏيئي کين آٿت ڏنو، سندن ڏک ونڊيو ۽ انهن جي زخمن جي مرهم پٽي ڪئي. ارڙهين عيسوي صدي جي پوئين اڌ ۾ ڪراچي، حيدرآباد، ۽ سکر ۽ شڪارپور نئين طرح اُسرڻ لڳا. اڻويهين صدي عيسوي ۾، سکر شهر انگريزن جي فوجي ڪارواين ۽ سياسي سرگرمين جو مرڪز رهيو. هن شهر جي فوجي ڇانوڻي مان ئي فوج نڪري ڪڇ، بهاولپور، افغانستان ۽ بولان دري ڏانهن وينديون هيون. انگريزي فوج جي سپهه سالار نيپيئر 15-آڪٽوبر 1842ع تي حيدرآباد جي حڪمرانن تي ڪاهه ڪرڻ جو فيصلو هن شهر ۾ ويهي ڪيو.
سکر شهر سنڌو درياء جي ڪپ تي هئڻ ڪري، پراڻي زماني ۾ سنڌ جو مشغول ترين بندر ۽ تجارت جو مرڪز رهيو آهي. بلوچستان، پنجاب ۽ افعانستان کان مال ايندو هو. درياء رستي اهو مال پنجاب ۽ ڪشمير موڪليو ويندو هو ۽ سنڌو ندي رستي اوڀر ۽ اولهه اتر توري ۽ ڏکڻ جي ملڪن سان واپار ڪيو ويندو هو. مغلن ۽ ڪلهوڙن جي دور ۾ سکر صنعت ۽ واپار جو اهم مرڪز هو، جوزف سئلبئنڪ کي ٿو ته: سکر ۾ گهڻو ڪري ڪورين ۽ رنگريزن جا ڪٽنب رهن ٿا، جي اتي جي آسپاس ماڻهن جو ڪم ڪن ٿا. انهن هنڌن تي بهترين قسم جو نير وڪامي ٿو: سنه 1838ع ۾ افعان ويڙهه جي زماني ۾ هتي ڇپري بندر جوڙيو ويو، جتي انگريزن جي فوج کي راشن ملندو هو. ڇپري بندر ڪري هوريان هوريان اڳتي وڌندا هئا، تن ڏينهن ۾ فوج جي رهائش لاءِ سکر جي ٽڪرين تي بيرڪون ۽ بنگلا به ٺهرايا ويا. سنه 1842ع تائين هيءُ ڇپري بندر واپار جي منڊي بنجي پيو ۽ هوريان هوريان ترقي ڪرڻ لڳو. فوج کي مال پهچائڻ لاءِ پارسين، ميمڻن ۽ ٺيڪيدارن جايون جڙيون، اهڙيءَ طرح سکر تجارت سان گڏ فوجي ڇانوڙين جو به مرڪز بڻجي پيو، جنهن سندس معيشيت کي هٿي ڏني.
سنه 1843ع ۾ انگريزن سنڌ فتح ڪئي. هنن سکر کي تجارتي مرڪز بنائڻ لاءِ 1858ع ۾ سر بارٽل فريئر جي زماني ۾ ڪراچي ۽ ڪوٽڙي جي وچ ۾ ريلوي لائين وڇائي. انهيءَ زماني ۾ انڊس فلوٽيلا ڪمپني جا بار کندڙ دريائي جهاز، ڪراچي، ڪوٽڙي، ملتان ۽ شيرشاهه جي رستي سکر ايندا هئا.سکر ۾ ڪمپني جو دفتر هو. سکر جو موجوده ميونسيپل هال جهازن جي رهنمائي لاءِ اشاريگاهه(Single House) طور ڪم ايندو هو. جهازن جي اچ وڃ سبب سکر واپار جو مرڪز بڻجي پيو. ان زماني مان ڪوٽڙي کان سکر تائين، دادو کان لاڙڪاڻي ريلوي لائين وڇائي ويئي. اهڙيءَ طرح هنن شهرن کان مال اسٽيشن تي لهي، سکر دريائي بندر تي آندو ويندو هو، جتان پوءِ ٻيڙين رستي ملڪ جي مٿيئين حصي ڏانهن اماڻبو هو. سنه 1889ع ۾ ’لئنسڊائون‘ پل ٺهڻ ڪري ڪوئٽا ۽ پشين تائين ريلوي لائن ٺهي، جنهن ڪري سکر ۽ قنڌارجي وچ ۾ تجارت جو سڌو سنئون رستو کلي ويو. ۽ سکر شهر حيدرآباد، ملتان، ڪوئيٽا ۽ جيڪب آباد جي وچ ۾ هئڻ ڪري صنعت ۽ تجارت جي لحاظ کان مرڪزي حيثيت حصل ڪري ورتي.ريلوي لائين ٺهڻ ڪري سکر بندر جي حيثيت گهڻي گهٽجي ويئي، ۽ مال ريل رستي ڪراچي ۽ ڪوئيٽا کان سڌو، پنجاب ۽ افغانستان وڃڻ لڳو، ريلوي رستي مال موڪلڻ ۽ وقت جي به بچت ٿيندي هئي ۽ مال خراب به ٿيندو هو.
سکر شهر قديم روايتن موجب پنهنجي مهذب ۽ تمدن باشندن ۽ باغات جي ڪري مشهور ٿيو. ماضي ۾ هتي کجين جا وڻ ۽ سرسبز کيت هئا. هتي ڪمند جي پوک گهڻي ٿيندي هئي. ان ڪري هيءُ شهر شڪر(ڳاڙهي کنڊ) کان مشهور هو.مير قانع لکي ٿو، ته: ”لاڙ ۾ ’ٺٽو‘ ث سري ۾ ’سکر‘ ٻئي شهر تمدني مراڪز ۽ نزهتگاهون آهن ۽ ماڻهن ۾ انسانيت جا گڻ ۽ قابليت آهي.“ ساڳي طرح سر رچرڊ برٽن لکي ٿو ته: ”جيڪڏهن ڪو شخص سکر جي سونهن ۽ حيثيت کي ڏسڻ چاهي، ته معصوم شاهه مناري تي چڙهي ديدار ڪري سگهي ٿو، ته اهڙي طرح سکر پنهنجي سندرتا ڪري مشهور هو.“
سکر هڪ مردم خيز خطو به رهيو آهي، هتان جي بزرگن علم، ادب، طب، صحافت ۽ سياست ۾ به وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. سيد محمد معصوم بکري، سيد شيرالدين جيلاني، سيد بچل شاهه ۽ منشي عبدالرحمٰن ماضي بعيد جا اهي بزرگ ۽ عالم آهن، جن جو نالو ملڪان ملڪ مشهور هو ۽ اڄ به سکر هن ڏس ۾ پوئتي ڪونهي. هتي هن وقت به اهي نامور فرزند ڄڻيا آهن، جن ملڪ جي هر شعبي ۾ پنهنجو مثالي ڪردار ادا ڪري، پنهنجي تاريخي روايتن کي برقرار رکيو آهي.

روهڙيءَ جو بندر

روهڙي، حسن ۽ عشق جي سرزمين، پيار ۽ محبت جو ماڳ، درويشن ۽ الله لوڪن جو مرڪز، جنهن جي خاڪ پاڪ سوين عالمن، بزرگن، ساعرن ۽ ولين کي جنم ڏنو، تنهن جي ذري ذري ۾، قدم قدم تي الله جي پيارن جون مزارون آهن. هن شهر کي سوا لک پيرن جو شهر، ان ڪري ئي چيو ويو آهي، جو انهن اتي خدا جي نيڪ ۽ پيارن ٻانهن، جون درگاهون ۽ مزارون گهڻي انداز ۾ آهن، جن خدا جي ٻانهن مان بغض ۽ ڪينو ۽ ڪدورت ڪڍي خدا جي هيڪڙائي ۽ ٻانهن سان پيار ڪرڻ جو درس ڏنو ۽ اهڙي طرح هتان جي رهاڪن ۾ انساني دوستي ۽ پاڻ سڃاڻڻ جا گڻ پيدا ڪيا.
روهڙيءَ جي سرزمين تمام اوائلي آهي. هينري ڪزنس ”ائنٽيڪئيز آف سنڌ“ ۾ لکي ٿو ته: ”هن شهر ۾ پٿر واري دور جي دراوڙن جي وستين ۽ غارن جا آثار جا بجا ملن ٿا.“ سر جان مارشل جو چوڻ آهي ته:”نئين پٿر جي دور جي انسانن جي اجهن جا اڪيچار آثار، سنڌ ۾ لڪي ۽ کيرٿر جبلن جي قطارن ۽ روهڙي وارين ٽڪرين ۾ واقع آهن.“ ايڇ-ٽي-لئمبرڪ جو چوڻ آهي ته:”موئن جي دڙي واري تهذيب کان به گهڻو اڳ ڪا قوم اولهه کان اچي، درياء ٽپي روهڙي وارين ٽڪرين تي آباد ٿي هئي، هن مان ظاهر ٿئي ٿو، ته روهڙي جي ڌرتي تمام آڳاٽي آهي.“
روهڙي جو شهر به پراڻي زماني کان آباد هو. ٽريمورائل ۽ مسٽر جان ٽيٽ، هن راءِ جا آهن، ته پٿر جي دور ۾ هن ٽڪريءَ تي هڪ قوم رهندي هئي. ”روهڙي جي قوم جا اهي ماڻهو تمدن ۽ تاجر لوڪ هئا، جيڪي درياء جي ڪپ تي رهڻ ڪري ٻيڙين ٺاهڻ ۽ هلائڻ جا ماهر هئا. سنڌ گزيٽيئر ۾ روهڙي کي ’لوهري‘ سڏيو ويو آهي، جنهن لاءِ چون ٿا، ته اها لوهر قوم هئي ۽ ان ڪري ئي جي. اي. ويسٽ هن شهر جو پراڻو نالو ’لوهرڪوٽ‘ لکيو آهي. اسان جي ڏيهي مؤرخ مولائي شيدائي جو رايو آهي ته: ”روهڙي، دراصل ’روڙي‘ ڀاشا جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ننڍو پٿر يعني ٽڪري.“(1) سنه 954ع ۾ جڏهن الور کان درياء رخ بدلايو، تڏهن اتان جا ماڻهو لڏي اچي هتي رهيا. مرزا قليچ بيگ جو به ساڳيو رايو آهي، ته الور جي ڦٽڻ کان پوءِ ماڻهو اتان لڏي اچي هتي رهيا، پر هيءَ حقيقت آهي ، ته هيءُ شهر ڪيترائي دفعا ويران به ٿيو، ته آباد ٿيو. ريورٽي مهراڻ آف سنڌ ۾ لکيو آهي ته:” آبڪلاڻيءَ جي مندن ۾ مهراڻ پنجاهه فوٽن جي بلندي تي شهرن جي ديوارن هيٺان وهندو هو.“
روهڙي جي سرزمين به تاريخ ۾ ڪيئي دور ڏٺا. جڏهن ارغونن، ترخانن ۽ مغلن سان هتان جي ماڻهن چڪريون کاڌيون ۽ ديس مان ڌارين کي ڪڍڻ لاءِ سر ۽ تن جا سودا ڪيا، تڏنهن هنن انهن تلوارن جا ڌڪ سهي به آڻ نه مڃي ۽ مغل شهزادي اورنگزيب، دارا کي قتل ڪرايو، تڏهن روهڙي جو شهر موجود هو ۽ هيءُ رت هاڻو نظارو اکين سان ڏٺو.
روهڙي درياء جي ڪپ تي هئڻ ڪري تجارتي ۽ صنعتي شهر هو. هو واپار جي منڊي هو هتي تجارتي سامان سان، ٻاهران ٻيڙا ڀرجي ايندا هئا. هن شهر ۾ آگري کان قافلا سورنهن ڏينهن ۾ پهچندا هئا. هتي واپاري مال جي مٽا سٽا ٿيندي هئي. هتان مال سنڌو درياء رستي هيٺين ۽ مٿين ايراضين ڏانهن ويندو هو. ٽالپرن جي دور تائين هيءُ شهر ٻيڙين جو شهر سڏبو هو. هيءُ شهر بلوچستان، پنجاب ۽ افعانستان لاءِ اهم تجارتي مرڪز جي حيثيت سان مشهور هو. اڳ سنڌو نديءَ رستي اوڀر ۽ اولهه-اتر توڙي ڏکڻ جي ملڪن سان هتان جو واپار روهڙي رستي هلندو هو. انگريزن هن شهر کي ترقي ڏيارڻ، سکر سان ڳنڍڻ لاءِ ۽ آمدرفت جي سهولت خاطر سنه 1889ع ۾ هڪ پل ٺهرائي، هن پل جي ٺهڻ ڪري ڪراچي کان وٺي پنجاب تائين ريل گاڏي هلڻ شروع ٿي ۽ واپار کي هٿي ملي. ان کان سواءِ روهڙي کي ڪوئيٽا ۽ پشين سان به ملايو ويو. اهري طرح روهڙي شهر تجارت ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ لڳو. ان وقت روهڙي هڪ ڳتيل ۽ آباد شهر هو ۽ منجهس تمام گهڻي آبادي موجود هئي، جنهن ۾ هر قسم جا ڪاريگر ۽هنر مند موجود هئا. جوزف سئلبئنڪ، جيڪو سنه 1909ع ۾هتي آيو، لکي ٿو ته:”هتي جا شهري پنهنجن پنهنجن ڌنڌن ۾ محنتي ۽ ڪاريگر آهن، اڪثر هتان جا ماڻهو سوٽي ڪپڙي، نير ۽ ٻين شين جو واپار ڪن ٿا. اهي هلت چلت ۽ وهنوار ۾ ڏاڍا سڌا سنوا ۽ امن پسند ماڻهو آهن. ان زماني ۾ روهڙي ڪپڙي جي صنعت ۾ ديسان ديس مشهور هئي. 24 جنوري سنه 1839ع ۾ انگريزي فوج، لارڊ اسڪندر برس جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ ٽيم جاگرافيائي ۽ تجارتي تحقيقات لاءِ احمد پور کان روهڙي موڪلي، هن علائقي جو جائزو وٺي، بکر، سکر ۽ روهڙي جا بندر پنهنجي ڪم لاءِ ورتا. قديم زماني کان وٺي، روهڙي اتر سنڌ جو هڪ سهڻو، سکيو ۽ ستابو شهر هو. مغلن، ڪلهوڙن ۽ ميرن جي ڏينهن ۾ روهڙي هنر ۽ ڪاريگريءَ جو وڏو مرڪز هو. سنه 1609ع ۾ هيءُ شهر ريشمي ڪپڙي، نير جي اپت ۽ باغات لاءِ مشهور هو. ابن حوقل، ادريسي، ابوالفضل ۽ ٻين سياحن ۽ يورپي مؤرخن هتان جي باغن، ميون، گلن، کارڪن، مڇي ۽ پلن جي واپار جي گهڻي تعريف ڪئي آهي. پرچوگيز سياح مانر (1241ع) لکي ٿو ته: ”اتر سنڌ ۾ روهڙي باغات جي ڪري مشهور آهي ۽ کيس سنڌ جو چمن ڪري سڏجي ٿو.“ پوسٽنس، هن شهر کي واپار جو مرڪز ۽ وڏو بندر سڏيو آهي.
وليم فنچ(11-1608ع) ٻڌائي ٿو ته:”سنڌ جي عظيم شهر ٺٽي ۽ بکر سان گڏ روهڙيءَ جو ڪپڙو ”دريائي“ ديسان ديس مشهور هو، ايراني واپاري وڏي شوق سان خريد ڪندا هئا. خراسان جا قافلا سياري ۾ بکر ۽ روهڙي ايندا هئا ۽ آگري جا واپاري قافلا سورنهن ڏينهن ۾ روهڙي پهچي ويندا هئا. اهي واپاري، روهڙي شهر مان ملتاني سوٽي ڪپڙو، ريشم ۽ رنگ خريد ڪندا هئا.
پاٽنجر جو چوڻ آهي، ته روهڙي ۾ کجين جي وڻن جا جهڳٽا ۽ باغ پري پري تائين هليا ويندا هئا. روهڙي لاءِ پوسٽنس چوي ٿو، ته:”روهڙي اڳ ۾ واپاري اهميت رکندڙ شهر هو، پر خيرپور جي ميرن جي هٻڇ ۽ ظلم ڪري ڦٽي ويو. گهڻا ماڻهو شهر مان لڏي ويا ۽ سندس شاهوڪار واپاري، تالپرن جي ظلمن جي ڪري شهر ڇڏيندا ويا ۽ گهٽبا ويا.“ خاص ڪري هتان جي ڪپڙي ”دريائي سر“ جي وڏي ساک هئي.(1)
روهڙي شهر پراڻي زماني کان جنڪشن جو ڪم ڏي ٿو. انگريزن کان اڳ هيءُ ٻيڙين ۽ دنگين جو جنڪشن هو ۽ انگريزن جي دور ۾ ريلوي لائين ۽ لئنسڊائون پل ٺهڻ ڪري گاڏين جو جنڪشن بڻجي پيو. بلوچستان، ڪوئيٽا، پشين ۽ جيڪب آباد جو مال هتان ئي پنجاب، ملتان، حيدرآباد ۽ ڪراچي وڃڻ لڳو. ان ڪري هن شهر واپار ۽ صنعت ۾ وڏي ترقي ڪئي.
پراڻي زماني ۾ روهڙي کي سُڳنڌ ۽ سُرهاڻ ڪري”سنڌ جو چمن“ سڏيندا هئا. هتا کجين جا وڏا وڏا ۽ سهڻا باغ هئا. مانريق لکي ٿو، ته: ”اتر سنڌ ۾ روهڙي واري ٽڪري باعات ڪري مشهور آهي ۽ کيس سنڌ جو چمن چوندا هئا.“ پاٽنجر جو چوڻ آهي، ته: روهڙي ۾ کجين جي وڻن جا جُهڳٽا ۽ باغ پري تائين هليا وڃن ٿا.“ بوسٽن لکي ٿو ته: ” روهڙي ۾ بهترين قسم جا عاليشان باغ آهن ۽ اونهاري جي موسم شروع ٿيڻ سان سڄو ملڪ گلن خاص ڪري گلاب جي گلن سان ڍڪيو پيو هوندو آهي. هن مان صاف ظاهر آهي، ته هيءُ سندر سُهڻو ۽ من مهڻو شهر هو، جنهن جا رهواسي به خليق، ملنسار، عالم ۽ اديب هئا. جڏهن ابن بطوطه ٻيڙين رستي هتي آيو، تڏهن هتان جي ماڻهن سندن وڏي آجيان ڪئي. روهڙيءَ جا رضوي ۽ موسوي سادات ماضيءَ کان وٺي هن دور تائين علميت جي مسند تي فائز رهيا آهن.“
روهڙي اڄ به خاص اهميت رکندڙ ۽ تجارتي شهر آهي، جتان هر سال هزارين ٽن سيمينٽ ٻاهر وڃي ٿو ۽ سالياني هزارين مڻ ڇوهارا ۽ کارڪون باهرين ملڪن کي موڪليون وڃن ٿيون. ريلوي لائين ۽ روڊ ٺهڻ ڪري هن شهر جي دريائي حيثيت هاڻي ختم ٿيل آهي، پر سندس تجارت عروج تي آهي. اهي ٻيڙيون جيڪي ڪڏهن انهن شهرن ۽ ڏورانهن ڏيهن مان مال سان ڀرجي هتي اينديون هيون، اهي هاڻي مڇين مارڻ ۽ ماڻهن جي سير تفريح لاءِ وڃي بچيون آهن.


_______________

(1)  سنڌ گزيٽئر ۾ روهڙي جو نالو” لوهڙي“  جاڻايل آهي. (ايڊيٽر)

(1)  جوزف سئلبئنڪ (11-1608ع) جڏهن ايران کان روهڙي پهتو، هن روهڙي کي اتر سنڌ جو مکيه شهر سڏيندي  لکي ٿو، ته: ”روهڙي شهر ۾ ڪڙمي ۽ محنتي ماڻهو رهن ٿا، جيڪي سوٽي ڪپڙي، نير ۽ ٻين شين جو واپار ڪن ٿا.“ (ايڊيٽر)

منصوره جو بندر

محمد بن قاسم جي سنڌ مان واپس وڃڻ کان پوءِ، سنڌ مٿان عرب گورنر مقرر ٿي ايندا هئا. جن جي سياسي مصلحتن ۽ ستت تبديلين ڪري، سموري ملت ۾ بدانتظامي پيدا ٿي پئي. ڪيترن ئي ڏيهي سردارن ان ڪمزوريءَ جو فائدو وٺي، خودمختياري جو عَلَمُ کڙو ڪيو. ان بغاوت کي منهن ڏيڻ لاءِ عرب جي مرڪزي سرڪار طرفان حڪم بن عوام قلبي سنڌ جو گورنر ٿي آيو. هيءُ هڪ جبرو حاڪم ۽ سٺو منتظم هو. هن پاڻ سان گڏ عمرو بن محمد بن قاسم کي به آندو. عمرو گورنر جي حڪم سان، سنڌ جو سمورو اندروني انتطام درست ڪيو ۽ جيڪي علائقا خود مختيار ٿي ويا هئا، تن کي ٻيهر فتح ڪيو. انهيءَ فتوحات جي خوشيءَ ۾ عمرو بن محمد قاسم، مهراڻ جي اُلهندي ڪناري تي موجود برهمڻ آباد کان، ٻن ميلن جي مفاصلي ته هڪ شهر اڏرايو، جنهن جو نالو ’المنصوره‘ يعني فتح جي جاءِ رکيو ويو. اهو زمانو سنه 723ع کان سنه 738ع جو آهي. هيءُ شهر پکيڙ ۾ هڪ چورس ميل هو ۽ چوڌاري نديءَ جي شاخ هئس، ان ڪري هتي هر وقت تجارتي ٻيڙا موجود رهندا هئا.
’منصوره‘ جو شهر جيئن ته عرب حڪمرانن پنهنجي مرضيءَ ۽ ڇانوڻي طور ٺهرايو هو، ان ڪري هيءُ شهر تعميري لحاظ کان وڏي اهميت رکي ٿو. شهر جي چوڌاري عالم پناهه ديوار ڏنل هئي، جنهن کي چار دروازا هئا، جي دشمن جي حملي وقت بند ڪيا ويندا هئا. انهن دروازن جا نالا هي هئا: باب البصر، باب طوران، باب سندان ۽ بابِ ملتان. هن شهر جي قلعي ۾ فوج لاءِ بالڪونيون هيون ۽ پنجاهه هزار فوج هر وقت تيار رهندي هئي. مسعدي لکي ٿو ته: ”منصوره جي فوج جو تعداد چاليهه هزار هو. ان فوج سان اسي جنگي هاٿي هئا ۽ هر هڪ سان پنجن سون پيادن جو دستو رهندو هو. منصوره ان دؤر ۾ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ هو، جنهن جون حدون ديبل کان الور تائين ڦهليل هيون. رياست اندر 3 لک ڳوٺ هئا. هتان جون جايون دمشق وانگر ڪاٺ ۽ مٽيءَ جون جڙيل هيون. جيڪي ڪيترن ئي منزلن تي مشتمل هيون.هتي باقائدي سرڪاري آفيسون هيون. اسپتالن، عدالتن ۽ رسد خانن جا جدا جدا کاتا هئا. چراگاهن لاءِ ميدان ڇڏيل هئا ۽ گهوڙن جي نسل جي افزائش ڪئي ويندي هئي، سرڪاري محصول شريعت موجب وصول ڪيا ويندا هئا.
منصوره جا ماڻهو امير ۽ بااخلاق هئا. بشاري لکي ٿو ته:” منصوره جا باشنده لائق، بامروت، مهمان نواز، صوم و صلات جا پابند ۽ فياض آهن. وٽن اسلام جي تازگي آهي. پاڻ اهلِ علم آهن. منجهن ذهانت ۽ زڪاوت آهي. هو نيڪ ۽ سخي آهن. خير خيراتون ڏاڍيون ڪن ٿا.“ ابن حوقل لکي ٿو ته: ”هتان جي ماڻهن ۾ بدڪاري ۽ شرابخوري ڪانهي، سرسبزي ۽ دولت گهڻي آهي.“ ساڳئي طرح ادرسي لکي ٿو ته:” منصوره جو شهر گرم آهي. برسات گهٽ پوندي آهي ۽ ماڻهو درياء جو پاڻي پيئندا آهن. حڪومت منصفاڻي آهي. پردو سخت آهي، بازار ۾ ڪا به عورت سينگار ڪيل ڪانه ملندي ۽ نه وري ساڻن ڪو کلم کلا ڳالهائي سگهندو. زندگي عيش عشرت، مسرت، خوشدلي ۽ مروت جي آهي. جسم ۾ تندرستي آهي. ماڻهن جو رنگ ڪڻڪائون ۽ ڪارو آهي.“
منصوره پنهنجي اوج واري زماني ۾ واپار جو مکيه مرڪز هو. سنڌو ندي تي هئڻ ڪري هتي هر وقت تجارتي ٻيڙا موجود رهندا هئا. اصطخري لکي ٿو ته:” هي شهر هڪ چورس ميل ۾ آهي ۽ ان جي چوڌاري، سنڌو ندي ٻاروهي وهي ٿي، جنهن ڪري ٻيٽ وانگر ٿي پيو آهي.“ بلا ذري لکي ٿو ته:” منصوره شهر سمنڊ جي ڪناري کي ويجهي هئڻ سبب عراق، عمان ، ايراني نار، گجرات ۽ مهراڻ ذريعي ملتان سان سندس واپار هلي ٿو. اهڙي طرح منصوره بري ۽ بحري تجارت جو مرڪز هو. هن جو واپا ر ڏورانهن ڏيهن سان هلندو هو. مڪران ۽ خراسان جي رستي، واپاري قافلا، عرب ملڪن ڏانهن ويندا هئا. منصوره کي ٻين مکيه شهرن سان واپاري رستن ذريعي ڳنڍيو ويو. جهڙوڪ:” ديبل کان ارما بيل، منجابري درڪ ۽ ڏکڻ اڀرندي ڪاٺياواڙ سان ڳنڍيل آهي. ادريسي جو چوڻ آهي ته:” منصوره جيڪو وچئين دؤر جي ٽن وڏن شهرن بغدا، ايمبيسيا ۽ ميسوپوٽيما سان گڏ شمار ڪيو ويندو هو. وڏو شاهوڪار ۽ واپاري شهر هو. هيءُ هڪ زرخيز ملڪ جي وچ ۾ تفريح ۽ خوشحالي جو مقام هو.“
ساڳئي طرح هو منصوره جي تجارتي اهميت باري ۾ لکي ٿو ته:” هتي کجور ۽ ڪمند جي پيداوار تمام گهڻي آهي. هتي چانورن جي پوک ۽ باغات آهن. هتي ليمان ۽ نارنگيون به ٿين ٿيون. هتي تاجر گهڻا آهن.“ بشاري منصروه جي تهارتي اوج متعلق لکي ٿو ته:” منصوره مان هاٿي، هاٿيءَ جا ڏند، جَڙي ٻوٽيون ۽ اعليٰ قسم جون شيون ٻاهر موڪليون وڃن ٿيون. هتان جاون جُتيون مشهور هيون، جيڪي اصل ۾ کنڀات کان هتي اينديون هيون ۽ هتان بغداد وينديون هيون. هنن جُتين جو عرب دنيا ۾ وڏو قدر ڪيو ويندو هو.“ امام احمد بن حمبل لکي ٿو ته:” هتان جون ڀڀڪيدار جُتيون، آفريڪا، موراڪو، بغداد ۽ مصر جي الاقصيٰ شهر ۾ فقط شهزادا ۽ امير خريد ڪري سگهندا هئا. عجائب الهند ۾ آيل آهي ته قند هندي، ڪشمير کان چمڙي جي دٻن ۾ بند ٿي مهراڻ رستي چاليهن ڏينهن اندر، منصوره پهچندي هئي. منصوره باغن جوشهر هو. هتان جون نارنگيون مشهور هيون. ان کان سواءِ انب، ليمان، ۽ شفتالو به عرب دنيا ۾ هتان ويندا هئا. منصوره جو واپار نه صرف عرب دنيا پر اتر اوڀر ۾ ڪشمير سان، اتر اولهه ۾ قنڌار سان، هندستان جي ساحلي ملڪن سان، جاوا، سوماترا، ۽ چين سان اولهه طرف عربستان خصوصاً عراق سان هلندو هو. ان بين الاقوامي واپار لاءِ سڪن جي مٽا سٽا لاءِ، منصوره ۾ هڪ وڏي منڊي به هوندي هئي، جنهن ڪري پرڏيهي واپار ۾ سهولت به ٿيندي هئي.
المنصوره جيئن ته اسلامي حڪومت جي، تختگاهه هو، ان ڪري وڏا وڏا عالم ٻاهران لڏي هتي اچي رهيا ۽ هتان جا ديني مدرسا عالمي دنيا ۾ مشهور هئا. هيءُ شهر علمي لحاظ کان دمشق ۽ بغداد ثاني هو. هتان جي عالمن ڪتابي دنيا ۾ معتبر ۽ مستند ڪتابن جو وڏو ذخيرو ڇڏيو آهي. منصوره ۾ قرآن مجيد جو پهريون سنڌي ترجمو ٿيو ۽ هتي پهريون ديني مدرسو کليو. منصوره جو بندر سنڌو ندي جي وهڪري ڦيرائڻ ڪري عيسوي 13 صدي جي وچ ڌاري تباهه ٿي ويو. اڄ هن تاريخي شهر جا کنڊرات سانگهڙ ضلعي جي سنجهوري تعلقي ۾ شهدادپور کان اٺن ميلن جي مفاقلي تي موجود آهن، جن جي کوٽائي آثار قديمه جي کاتي وارن ڪرائي هئي ۽ اهڙيءَ طرح هن تاريخي شهر پنهنجي دؤر ۾ عظمت کي نمايان ڪيو آهي.


____________

(1)  سلطان فيروز شاهه تغلق، دهليءُ جي بادشاهه، جڏهن سنڌ کي سال 62-1361ع ۾ مڪمل طور فتح ڪري ورتو، ته هن سنڌ جو واڳون پنهنجي نائب امير نصر خان جي حوالي ڪيون، جنهن هيءُ شهر ٻڌايو. نصرپور لاءِ چيو وڃي ٿو، ته هيءُ خوبصورت شهر، سنڌو ندي ڪناري شاخ سانگڙا جي ڪپ تي ٻڌل هو. نصر خان هتي عاليشان عمارتون، وڻندر باغ ۽ تفريح جون جايون جوڙايون. (ايڊيٽر)

* ترخانن جي دور ۾ هن شهر جو شان شوڪت وڌيو. سترهين صديءَ ۾ هي هڪ وڏو ۽ آباد شهر بنجي پيو هو، ۽ هن دور ۾ هيءُ ڪپڙي جي صنعت جو هڪ وڏو مرڪز هو. انگريزن جڏهن سنڌ ۾ پهرين ڪوٺي کولي، تڏهن هڪ وڏي آفيس نصرپور ۾ کوليائين ۽ اتي پنهنجا اهم آفيسر ويهاريائون. ڪوٺي وارا لکن ٿا ته:”ٺٽي کي ويجهي ۾ ويجهو ٻيو شهر نصرپور آهي، جو ڪپڙي تيار ڪرڻ جو اهم ترين مرڪز آهي. رپوٽن موجب منجهس 3000 ڪورين جا خاندان آباد ٿيل آهن. هيءُ ٺٽي شهر کان وڏو ته نه آهي، پر ان جيڏو بيشڪ ٿيندو.“

وچولي سنڌ ۾ نصرپور واپار ۽ صنعت جو وڏو مرڪز هو ۽ درياء سان گنڍيل هجڻ ڪري وڏو مصروف بندر هو ۽ ٺٽي سان پڻ گنڍيل هو. هتان ٻيڙين جي سستي طريقي سان مال ٺٽي پهچندو هو، جتان وري اهو دنيا جي وڏين مارڪيٽن ڏي کڄي ويندو هو.

نصرپور جي زوال جو پتو ته ڪو نه ٿو پوي پر ڏسڻ ۾ ائين ٿو اچي، ته اڳين شاهوڪار شهرن وانگر، جن جو زوال درياء جي رخ مٽجڻ سبب ٿيو، ته هن جو حال به ساڳيو ٿيو. اڄ هيءُ هڪ ننڍو ڳوٺ آهي.   

نصرپور جو بندر

هي سنڌ جو هڪ پراڻو تاريخي ۽ تهذيبي شهر آهي، جيڪو قديم زماني کان تهذيب، تمدن، علم ۽ عرفان جو مرڪز رهيو آهي. هيءُ شهر، دهليءَ جي شهنشاهه فروز تغلق سنه 752هه ۾ ساگري ڍنڍ جي ڪناري تي اڏايو ۽ اتي هن هڪ قلعو به ٺهرايو، جتي نصر خان کي هڪ هزار سوارن سان مقرر ڪيائين ۽ ’ملڪ بهرام‘ کي انهي علائقي جو فوجدار مقرر ڪيائين.(1)
نصر پور جو شهر جيئن ته درياء جي ويجهو هو، ان ڪري سر سبز ۽ آباد هو ۽ ڏينهون ڏينهن سندس آبادي وڌندي ويئي. اهڙيءَ طرح ارغونن، ترخانن ۽ ڪلهوڙن جي دور ۾ هيءُ شهر تجارت جو مرڪز ۽ فوج جو اڏو ٿي رهيو. ميان محمد مراد ياب ڪلهوڙي، تاجپوپوشيءَ وارو خوشي جو جشن به هن شهر ۾ سنڌو درياء جي باغن ۾ ملهايو. نصرپور سنڌ جو هڪ مشغول ترين بندر هو. شهر جي پکيڙ درياء جي ايراضي تائين پهتل هئي. محقق قريشي حامد علي خانائي لکي ٿو ته: ”سنڌو درياء ڪنهن زماني ۾ نصرپور جي ڀِڪَ سان وهندو هو، اٺن ڪري هيءُ درياء جو پتڻ هو ۽ سامان جي لاهڻ کڻڻ، ٻيڙين جي لنگرانداز ٿيڻ ۽ مسافرن جي رهڻ لاءِ شهر ۾ مسافر خانا به جوڙيل هئا. هتان مال، ٻيڙين رستي ٺٽي پهچندو هو ۽ اتان ملڪ جي ٻين حصن ڏانهن ويندو هو.“

پٽالا جو بندرگاهه

سنڌ سونهاريءَ جو البيلو ۽ سدا مست درياء پنهنجي ڀَر تي، جن مشهور ۽ وسندڙ شهرن کي بندرگاهن جي حيثيت بخشي، تن مان پٽالا(1) به هڪ آهي هتي سنڌ جو هڪ پراڻو مرڪزي مندر هو، جيڪو سورج ونسي آرين ٺهرايو هو. هن مان صاف ظاهر آهي ته پٽالا سنڌ جو تمام پراڻو شهر هو. ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکيو آهي، ته هيءُ شهر، اصل ’پوٽا‘ لفظ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ٻيڙي يا غوراب. پٽالا جيئن ته بحري ٻيڙين جو هڪ مشهور بندر هو، ان ڪري مٿس اهو نالو پيو. هن شهر تائين سامونڊي ٻيڙا، بي ڌڙڪ هليا ايندا هئا. هن بندر جي محل وقوع(2) جي باري ۾ لکن ٿا ته:”هيءُ درياء جي ڪناري تي هو. سنڌو درياء سندس اڀرندي طرف کان وهندو هو. هيءُ ديبل کان 75 ميلن جي مفاصلي تي هو. چين جو ناميارو ياتري ’هيون چانگ‘، جيڪو سنه 471ع ۾ هتي آيو، لکي ٿو ته: هيءُ شهر جنهن ٽڪريءَ تي ٻڌل هو ان جي ايراضي ساڍا ٽي ميل هم چورس هئي. هن وقت جامؤرخ لکن ٿا ته:”پٽالا ان ساڳئي هنڌ تي هو، جنهن کي هاڻي نيرون ڪوٽ سڏيون ٿا.“ علامه بلاذري’ فتوح البلدان‘ ۾ لکي ٿو ته:” پٽالا سنڌوءَ جي الهندي ڪناري تي، ’ديبل‘ ۽ ’منصوره‘جي وچ ۾ آهي.“ الادريسي لکي ٿو ته: ” هيءُ شهر مهراڻ جي ڪپ تي آهي. ديبل کان منصوره ڏانهن ويندي ماڻهون درياء هتان اُڪرندا آهن. شهر جيتوڻيڪ ننڍو آهي پر ڏاڍو ڳتيل ۽ آباد آهي. ماڻهو سکيا سُتابا آهن، وڻ ٽڻ منجهس گهٽ آهن هتان جو قلعو مضبوط آهي. هن قلعي کي مؤرخ ’ڪافر قلعو‘ سڏين ٿا. يوناني سياح ’بطليموس‘ جو چوڻ آهي ته:” پٽالا جو شهر سنڌوءَ جي ڊيلتا جي مُنڍ وٽ، درياء جي اُڀرندي ڇوڙ ۽ ’اوساڪانا‘ جي شهر کان هڪ جيتري پنڌ تي ٺهيل هو. ڪن مؤرخن جو چوڻ آهي، ته پٽالا، ’پتاچلا‘ مان نڪتل آهي جنهن جي معنيٰ آهي ’سنئون ميدان‘ يا ’ٺڙهو ٽڪر‘.
پٽالا ماضيءَ ۾ سنڌ جي مشغول ترين بندرگاهه هو. سنه 327.ق.م ۾ جڏهن سڪندر مقدوني سنڌ تي ڪاهي آيو، تڏهن لاڙ واري پرڳڻي جو صدر مقام’پٽالا‘ هو. جنهن ۾ سانگهڙ، ميرپورخاص، بدين ۽ حيدرآباد ضلعا اچي ٿا وڃن. هتان جي راجا جو نالو ’موڪريس‘ هو، جيڪو ’موئرس‘يا ’موريا‘ خاندان مان هو. هتي سوگدائي قبيلي جو راڄ هو. هيءُ صوبو خودمختيار هو ۽ هن جو سياسي نظام اسپارتا جهڙو هو. حڪومت جو انتظام سندن وڏن آزمودگار ماڻهن جي هٿ ۾ هو. ميدان جنگ ۾ هن جي نمائندگي ٻن گهراڻن جا سورما گڏجي ڪندا هئا.
پٽالا(نيرون ڪوٽ) سان ڪيتريون ئي اسلامي روايتون وابسته آهن جن مان هڪ هيءَ به آهي، ته سنه 6 هجريءَ ۾ حضورﷺ جن جو پنجن اصحابن تي مشتمل هڪ وفد، اسلام جو پيعام کڻي سنڌ ۾ آيو، جيڪو نيرون ڪوٽ پٽالا پهتو هو، جنهن جي هتي سُٺي آجيان ڪئي وئي. هن وفد مان ٽي اصحابي سڳورا هتي اسلام جي تبليغ لاءِ رهي پيا ۽ ٻه اصحابي، سنڌي مسلمانن جو هڪ وفد وٺي واپس عربستان ويا، جن پاڻ سڳورن ﷺ جن جي دست مبارڪ تي بعيت ڪئي ۽ جيڪي ٽي اصحاب سڳورا هتي رهيا، تن جون مزارون پٽالا (نيرون ڪوٽ) ۾ موجود آهن. هي اعزاز ۽ فخر پٽالا جي سرزمين کي حاصل آهي، جيڪو سنڌ لاءِ ڪو ٿورو ناهي ۽ اهڙي طرح پٽالا جتي اسان جي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، اتي سندس مذهبي عظمت کي به سلام آهي.


____________

(1)  پٽالا يا نيرون ڪوٽ جو بندر، سنڌ جي آڳاٽي بندرن مان آهي. سنه 327.ق.م جڏهن سڪندر اعظم سنڌ تي ڪاهيو، تڏهن پٽالا موجود هو.

(2)  ’پٽالا بندر‘ جي جاءِ و قوع بابت شڪ ۽ شبها آهن. ڪن مؤرخن جو چوڻ آهي، ته پٽالا، نيرون ڪوٽ سڏجڻ ۾ آيو ۽ هاڻوڪي حيدرآباد وٽ هو. مؤرخ ۽ جاگرافيدان’ابوالفدا‘ سنڌ جي هن بندرگاهه کي بيرون سڌيو آهي. بلاذري هن کي بالنون سڏيو آهي ۽ لکي ٿو ته: ”هيءُ شهر سنڌو نديءَ جي الهندي ڪناري ’ديبل‘ ۽ ’منصوره‘ جي وچ تي آهي. ڪپتان مئڪمروڊ ۽ ايلٽ هن جو نالو ’بيرون‘ سڏين ٿا. ابن حوقل جي نقشي تي نظر ڪبي، ته هيءُ بندر اسان کي ديبل ۽ منصوره جي وچ تي نظر ايندو. هاڻوڪا مؤرخ چون ٿا، ته نيرون ڪوٽ هاڻوڪو حيدرآباد آهي. منصوره کان 45 ميلن جي فاصلي تي آهي.

يوناني جاگرافيدان چيو آهي ته: ”پٽالا، انڊس ڊيلٽا جي مٿان آهي، پر اها هاڻوڪي حيدرآباد ٿي نٿي سگهي. سنڌو نديءَ جو ان وقت وهڪرو انهيءَ جاءِ کان نه هو، جتان هاڻي آهي.“ ڪئيپٽن موروڊ، ميسن برٽن، ايسٽوڪ ۽ خود ڪننگهام کان ڀل ٿي آهي، ته اها جاءِ نيرون ڪوٽ يا حيدرآباد آهي.

ڀنڀور جو بندر

(ڀنڀور) سنڌ جو ثقافتي ۽ تمدني شهر آهي. سنڌ جو رومانوي داستان ’سسئي پنهون‘ به هن شهر سان لاڳاپيل آهي. اسان جي شاعرن، پنهنجي ڪلام ۾، هن سرزمين جو ذڪر ڪري، کيس لازوال حيثيت بخشي آهي. هيءُ شهر ديس جي سونهن هو. عشق ۽ حسن جو مرڪز هو. پيار ۽ امن جي وادي هو. هتي ذات پات ۽ رنگ نسل جو فرق نه هو. هتي بهارون ئي بهارون هيون. باغ ۽ بستان هئا. درياء جي ڪناري زندگي مرڪندي نظر ايندي هئي. بازارون سجايل هيون. ماڻهو سکيا ستابا ۽ آسودا هئا. هي سرزمين، سُڳنڌ ۽ سُرهاڻ ورهائيندي هئي. هتان امن ۽ پيار جو پيعام کڻي، ساري ملڪ ۾ پهچائڻ لاءِ قافلا نڪرندا هئا.
ڀنڀور سنڌو نديءَ جي الهندي شاخ گهارو ۽ سمنڊ جي کاري جي اترئين ڪپ تي، مشغول ترين بندرگاهه ۽ عاليشان شهر هو. چون ٿا، ته هتي ’ڀنڀوراءِ‘ راجا راڄ ڪندو هو، ان ڪري هن تي ’ڀنڀور‘ نالو پيو. مشهور سنڌي مؤرخ گنگارا سمراٽ جو چوڻ آهي، ته آفريڪا جي بربر قوم هتي اچي آباد ٿي، ان ڪري هن شهر جو نالو ’بربريڪ‘ رکيو ويو، جيڪو اڳتي هلي ’ڀنڀور‘ ٿيو.اوائلي دور ۾ ڀنڀور، هندستاني واپار لاءِ پهريون بندر هو، ڇاڪاڻ ته ڳاڙهي سمنڊ کي پار ڪرڻ کان پوءِ، اول انهيءَ بندر تي لهبو هو. هيءُ شروعاتي عيسوي سن کان 11 صديءَ تائين هند ۽ سنڌ جو وڏي ۾ وڏي تجارتي بندر هئڻ سان گڏ، سنڌ ۽ هند جي مختلف علائقن ڏانهن ويندڙ قافلن جو لنگهه هو. اندروني سنڌ جو مال ٻيڙين رستي هتي ايندو هو ۽ هتان اهو ساموندي غورابن ۾ چڙهندو هو. يونانين جي ڪاهه وقت هن کي بين الاقوامي بندر جي حيثيت حاصل هئي. سنڌ، هند چين ۽ ڏور اوڀر جو تجارتي مال، هن بندر تان ڏورانهين ڏور ويندو هو. چين جو ريشم، شاهراهه ريشم رستي ڀنڀور بندر تان روم ويندو هو. هيءُ بندر مختلف ملڪن سان سامونڊي، دريائي ۽ خشڪي رستن ذريعي ڳنڍيل هو. ڏکڻ هندستان، سيلون، انڊونيشيا ۽ ملائيشيا جو مال به پهريائين هتي پهچندو هو ۽ هتان مغربي ملڪن ۽ ايشيائي ملڪن ڏانهن ويندو هو. ڪيچ ۽ مڪران جا قافلا به هتي پهچندا هئا. هيءُ هڪ بين الملڪي ۽ بين الاقوامي ساک ڀريندڙ شهر هو، جتي ٻيڙيون ڏيساور ڏانهن ويندڙ مال پهچائينديون هيون. واپارين کي ڪسٽم ڊيوٽي يا محصول ڏيڻو پوندو هو. مولائي شيدائي”تاريخ تمدن سنڌ“ ۾ لکي ٿو ته: ”شهر کان مال نڪرڻ وقت واپارين کي بندر ۽ سرحد تي، مال جي رقم جو پنجون حصو ڍل يا محصول طور ڏيڻو پوندو هو.“
ڀنڀور ۾ خشڪيءَ جو مال ٻن رستن کان ايندو هو ۽ ٻيو مڪران جي ڪناري کان. سنڌ جو واپار ڀنڀور کان خشڪيءَ رستي ڪيچ جي هوت بلوچن جي قافلي جي معرفت قلات، ميلوا، قنڌار، همدان، سيستان، خراسان، ڪرمان ۽ فارس جو مال هتي پهچندو هو. قافلا گهڻو ڪري رات جو سفر ڪندا هئا ۽ تارن جي روشنيءَ ۾ رستو معلوم ڪندا هئا. ان وقت جا قافلا مختلف ملڪن ۽ شهرن مان مختلف شيون مثلاً: کٿوري، شيراز جو عطر ۽ شراب، کجور، جابلو جڙي ٻوٽيون، سيستان جو اطلس، خراسان جا خشڪ تازا ميوا، قلات جون ڪلابتون ۽ سچا موتي، ڪرمان جا ريشمي ڪپڙا ۽ چمڙي جو سامان هتي وڪڻي هتان قيمتي شين مان سوٽي ۽ سنهي ململ، ريشمي ۽ اوني ڪپڙو، ننڍا ڦوٽا، خوشبودار مصالحا، نير، لاک، جواهرات ياقوت، الماس، عنبر، عاج، عمارتي ڪاٺ ۽ سون کڻي ٻين ملڪن ۾ وڪرو ڪرڻ ويندا هئا. پلٽي ڊي ايلڊر جو حوالو ڏيندي جناب ايم-ايڇ. پنهور، پنهنجي هڪ مقالي ۾ لکي ٿو ته: ”ڀنڀور بندر تان هيرا، جواهر، سنگ مرمر جو سامان: سليماني پٿر، عقيق احمر، فيروزه، ياقوت، ڪودهل، سچو بلور، دوڌيو پٿر وغيره روم ويندا هئا. گينڊي جا سڱ ۽ کل، هاٿين جو عاج ۽ دريائي گهوڙا به هن بندر تان ٻاهر ويندا هئا. ڪجهه معدني شيون ۽ قيمتي پٿر، جن مان ڪي تاتار، ٻيٽ، چين، بدخشان، ۽ هندوڪش مان درياء رستي ڀنڀور ايندا هئا، سي هتان روم ويندا هئا. پتل، شيهو، ٽامو، سلاجيت، شراب، سينکيو، سندور، قلئي، سون چاندي ۽ ٻيون معدنياتي شيون ڀنڀور بندر تان يونان وينديون هيون. روم هن بندر تان ايترو ته مال خريد ڪندو هو، جو اهو سنڌ کي هر سال 55000000 لک سير سون جي صورت ۾ محصول ڏيندو هو.
ڀنڀور ۾ فنيقيا، سامي ۽ رومي واپارين پنهنجي واپار ۽ ڏيتي ليتي لاءِ سامي ’خط‘ جاري ڪيو، جيڪو هو ڪپڙي تي لکندا هئا. اهو ساڳيو سامي خط، سنڌي واپارين جي وسيلي ننڍي کنڊ ۾ مهاراجا اشوڪ جي ڏينهن ۾ رواج ۾ آيو هو. هتي چمڙي رڱڻ جو به وڏو ڪارخانو هو، جتي ٻٻر جي ڇوڏن ۾ چمڙو رڱيو ويندو هو. ان کان سواءِ هتي تلوارن ٺاهڻ جو به اعليٰ قسم جو ڪارخانو هو. هتان جون تلوارون تمام مشهور هيون، جيڪي عرب ملڪن ۾ موڪليون وينديون هيون.
ڀنڀور سومرن جي دور تائين سنڌ جو وسندڙ شهر ۽ مشغول ترين بندرگاهه هو، جيڪو سنڌ ۾ واپار زرخيزي، تهذيب و تمدن جو اعليٰ مرڪز رهيو. ياقوت حموي مشهور عرن تاجر لکي ٿو ته:”ڀنڀور، سنڌ جو هڪ مکيه بندر هو ۽ المنصوره، سنڌ جون ٽيون نمبر وڏي ۾ وڏو شهر هو.هن شهر جي آدمشماري تمام گهڻي هئي. ۽ اها ان ڪري جو هيءُ سنڌ جو هڪ مُکيه بندر هو، جنهن جو دنيا جي هر ملڪ سان واپار هلندڙ هو. ڀنڀور ۾ محمد بن قاسم ڇانوڻي به قائم ڪئي هئي ۽ هڪ شاهي مسجد به ٺهرائي هئي. هيءُ شهر، عربن جي دور ۾ ئي سنه 171هه مطابق سنه 787ع ۾ هڪ زلزلي ڪري ويران ٿي ويو، جڏهن سنڌو جي اُلهندي واري شاخ(گهارو) سڪي وئي. اهڙي طرح هي مردم خيز سدا گلاب، دولتمند تجارتي شهر، جيڪو باغن ۽ بستانن، ماڙين ۽محلاتن، بنگلن ۽ بازارن جو مرڪز ۽ انڊو مسلم تهذيب جو گهوارو هو، ختم ٿي ويو. صرف ڀڙون، ڀٽون، پهڻ ۽ پٿر تاريخي آثار طور رهجي ويا پر اهي وٿون بيڪار ناهن، انهن ۾ به مڻيا آهي. تاريخ آهي، اهي اسان جي وڃايل تاريخي ورق جي نشاندهي ڪن ٿا پر اها اک ۽ تڙپ رکڻ واري اها دل هجي.


________

(1)  لفظ ’ڀنڀور‘ تي غور ڪبو ته ’ڀن‘ ۽ ’ڀور‘ حصن تي مشتمل نظر اچي ٿو. ’ڀن‘ معنيٰ ’زمين‘ ۽ ’ڀور‘ معنيٰ ٽڪرو ڀائجي ٿو، ته اهو پهريان هڪ وسندڙ شهر هو، جو زلزلي هيٺ اچڻ کانپوءِ ’ڀنڀور‘ ٿيو هوندو.(ايڊيٽر)

پاري ننگر جو بندر

دنيا جون تهذيبون هميسه دريائي وهڪرن جي بنياد تي وڏيون ۽ ويجهيون آهن ۽ دريائن ئي کين جنم ڏنو آهي. سنڌ جا تهذيبي ۽ ثقافتي ماڳ ۽ مڪان، دريائي آبادين جا مرهون منت آهن. سنڌ جي تهذيب دريائي وهڪرن سبب، ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. اڀرندي حصي کي هاڪڙو درياء آباد ڪندو هو، ته اولهندي حصي کي وري سنڌو آبياري ڪندو هو. ان ڪري الهندي حصي واري تهذيب کي موئن جي دڙو تهذيب ۽ اڀرندي حصي واري تهذيب کي هاڪڙا تهذيب سڏين ٿا. اهي ٻئي تهذيبي عنصر، سنڌو ماٿري جي عظيم تمدن جون ڪڙيون آهن.
هاڪڙو سنڌ جو هڪ مشهور ۽ الڳ درياء هو، جيڪو قديم زماني ۾ سنڌو نديءَ کان بلڪل جدا وهندو هو. هيءُ درياء امبالا کان مٿان، هماليا جي شاخن: ”سيوالڪ“ جبل مان نڪري بهاولپور، بيڪانير ۽ سنڌ جي اڀرندي حصي کي، پنهنجن شاخن وسيلي آباد ڪندو، لکپت جي نار وٽ ڇوڙ ڪندو هو. هاڪڙي جي ڪري، بهاولپور وارو ريگستاني علائقو ۽ ٿرپارڪر وارو وارياسو پٽ انتهائي سرسبز ڀاڱا هئا. هتي گهاٽا ٻيلا هئا، جن ۾ هاٿي، شينهن، گينڊا ۽ ٻيا خوفناڪ جانور رهندا هئا. هن درياء جي ڪري لکپت ۾ سارين جو ڀلو فصل ٿيندو هو. هاڪڙي درياء تي ڪيترائي مشهور شهر ۽ بندر هئا، جن مان پاري ننگر به هڪ هو، جيڪو هاڪڙي تي ٿر واري علائقي ۾ بندرگاهه هو. نور علي ضامن لکي ٿو ته: ”هاڪڙو، چولستان جي ريگستان جو هڪ ڪسادو درياء هو ۽ هيءُ سنڌ جي ٿر واري علائقي کي سرسبز ۽ سائو رکندو هو. ان علائقي ۾ ئي درياء جي ڪناري تي پاري ننگر جو شهر ٻڌل هو. مسٽر رامسنگهه راٺوڙ ’ڪڇ جي اتهاس‘ ۾ لکي ٿو، ته: ”پراڻي زماني ڪڇ جو رڻ کنڀات جي نار سان ڳنڍيل هو. هاڪڙو اتر ۾ پنج ندي وٽان نڪري بهاولپور اڀرندي سنڌ (ٿر) ۾ عمر ڪوٽ وٽان لنگهي، ننگرپارڪر وٽ ڪڇ رڻ ۾ ڇوڙ ڪندو هو.“ اتي ئي پاري ننگر جو بندر هو. ڪن مؤرخن جو چوڻ آهي ته:”ڪڇ جو رڻ سمنڊ هو ۽ هاڪڙو ان ۾ ڇوڙ ڪندو هو.“ ’سنڌ هسٽاريڪل جنرل‘ ۾ آيو آهي ته: ”اڳي سنڌو ندي جي هڪ شاخ هتان وهندي هئي ۽ ڪڇ واري سمنڊ ۾ دنگيون ۽ جهاز هلندا هئا، جيڪي ڪنارن وارن بندرن تي اچي پڳهه هڻندا هئا. ٿر جا چار سامونڊي بندر هئا: وڳهه ڪوٽ، ويگنڊ، ٻلهاري ۽ ويرا واهه.“
پاري ننگر انهن سامونڊي بندرن کان گهڻو پري هاڪڙي تي ٻڌل هو. هيءُ شهر ننگرپارڪر کان 14 ميلن جي مفاصلي تي، ويار واهه جي ڀرسان بندرگاهه هوندو هو. پاري ننگر بندر جو بنياد پهرين صدي عيسوي ۾ پيو. هيءُ بندر، پارڪر کان 14 ميلن جي فاصلي تي کنڊرن جي صورت ۾ آهي. ان وقت سندس آبادي چاليهه هزارن جي لڳ ڀڳ هئي، جنهن مان پنجاهه هزار ٻه سَوَ گهر جينين جا، نو سؤ گهر لوهارن جا، تيرنهنسؤ گهر لوهاڻن جا، ست سؤ گهر راجپوتن جا، ۽ ٻارنهن سؤ گهر مختلف ذاتين جا هئا. پاري ننگر ساموندي بندر تي واقع هو، تڏهن ڏوتڙ وٽ جهاز اچي لنگر انداز ٿيندا هئا. ان جا آثار اڄ به ويرا واهه کان ٻه ميل اولهه طرف ڏسجن ٿا.
پاري ننگر جي آثارن مان جيڪي شيون نمايان ڏسجن ٿيون، انهن ۾هي آهن:
1- ٻاون ڪچهري: هيءَ هڪ عمارت ٺهيل آهي، جنهن ۾ حاڪم ويهي حڪمراني هلائيندا هئا.
2- انڌار ڀونرو: زمين ۾ اندر هڪ تهه خانو آهي، جيڪو وقت سر ڪم ايندو هو.
3- ڪٽهڙو: پاري ننگر جي ڪجهه حصي ۾ لوهه جا ننڍا ننڍا ٽڪر نظر ايندا آهن. مقامي ماڻهن جي چوڻ مطابق، ته جڏهن هيءُ شهر آباد هو، ته هتي لوهه جو ڪارخانو هو.
عيسوي پهرين صدي ۾ پاري ننگر هن خطي جو بهترين ۽ مصروف بندرگاهه هو، کيس بينالاقوامي شهريت حاصل هئي. هتان ٻيڙا اناج، ڪپهه، کونئر، نير، لاک، ماکي، ان ۽ ٻيون سيون کڻي، ڏکڻ اوڀر جي تجارتي ٻيٽن: جاوا ۽ سوماترا ويندا هئا. ۽ اتان علائچي، دالچيني، ڪارا مرچ ۽ گرم مصالحا سوڌي ايندا هئا.
پاري ننگر کي جڏهن دهليءَ جي مسلمان فوجن سنه 1226ع ۾ تباهه ڪيو، ته اتان جو واپاري طبقو لڏي وڃي ’ڀوڏيسر‘ ويٺو. ٻيو تباهي جو ڪارڻ ڏهين صدي ۾ غزبناڪ زلزلو آيو ۽ سمنڊ پوئتي هٽي ويو ۽ ڪڇ جو رڻ پيدا ٿيو. بندر تي جهازن جي آمد و رفت بند ٿي ۽ واپاري لڏي ويا.
ڪپتان ريڪس لکي ٿو، ته: ”سنڌو نديءَ جي هڪ شاخ، ننگر پارڪر وٽ ڇوڙ ڪندي هئي، جنهن ۾ دنگيون ۽ جهاز هلندا هئا ۽ ويرا واهه جي ڀرسان پاري ننگر جو مشهور بندر هو، جتي اچي بيهندا هئا.“ چون ٿا ته وڏن ۽ بار براد تان ليس جهازن کي روڪڻ لاءِ وڏا لوها زنجير مشهور پيل هوندا هئا، جن جا پهريان ڇيڙا درياء کان ٻاهر بندر تي، مضبوط ٿنبن ۾ جڪڙيل هئا.
هيءُ شهر ڪئپٽن ريڪسن جي چوڻ موجب: 512.ق.م ۾ ٻڌايو ويو، جيڪو اڳتي هلي هڪ بينالاقوامي بندرگاهه جي حيٿيت حاصل ڪري ويو. هن شهر ۾ هڪ لک گهر هئا هي نهايت شاداب، سرسبز ۽ وسندڙ شهر هو، منجهس صنعت ۽ حرفت جو چرچو هو. قافلن جي اچ وڃ هئي، واپارين جي ڏي وٺ هئي. شاهوڪاري سرمائي ڪاري هئي. سمنڊ جي ويجهي هئڻ ڪري هن بندر جو ٻاهرين ملڪن سان به ناتو هو. ٻاهريان غوراب، ڪڇ واري سمنڊ رستي هتي پهچندا هئا ۽ هاڪڙي سان هتان مال پنجاب، ڪشمير ۽ افعانستان ويندو هو. بندر تي هر وقت جهازن جي ڀيڙ لڳي پئي هوندي هئي. تاجرن، دلالن، گرهاڪن ۽ مزدورن جي چهل پهل ڪري، هتي وڏي رونق هوندي هئي ۽ رات ڏينهن شهر کليل رهندو هو. باهرين شهرن جي آمد ڪري هتي سستائي هوندي هئي. جيئن ته هيءُ هڪ عالمي بندر هو ۽ هتي ٻيڙين ۽ جهازن جي آمد گهڻي هوندي هئي، ان ڪري هتي لوهه جا وڏا ڪارخانا هوندا هئا، جتي جهاز ۽ ٻيڙيون ٺهنديون هيون. بندر تي به جهازن جي مرمت جا دڪان هوندا هئا. هتان جي کنڊرات مان جيڪي شيون هٿ لڳيون آهن، تن ۾ شيخون ۽ پٿر مليا آهن، جيڪي جهازن ٺاهڻ ۽ بندر تي دڪن ٺاهڻ ۾ ڪم ايندا هئا.“
پاري ننگر جي شهر ۾ ان وقت چاليهه هزار آدم رهندو هو، جن ۾ گهڻائي اوسواڙ يعني جين قوم وارن جي هئي. چون ٿا هتي سندن ئي حڪومت هئي. وڏا شاهوڪار ۽ پنهنجي مذهب سان سچا هئا، ان ڪري هتي سندن ڪيترائي مندر هئا. ’جنت السنڌ‘ جومصنف مولائي شيدائي لکي ٿو، ته:”هتي هڪ وڏو بت خانو هو، جتي ’پارس ناٿ‘ جين جي اوتار جو پتلو رکيل هو، جتي هر سال وڏو ميلو لڳندو هو. ان وڏي مندر کان سواءِ هتي پٿر ۽ مورتين جا بي شمار مندر هئا. ’گوڙي جا ڏهڙا‘ هتان جو مشهور بندر آهي، جنهن جي زيارت لاءِ هتي گجرات ۽ هندستان جا امير ۽ شاهوڪار ايندا هئا، ان ڪري هتي پيسي جي گهڻائي هوندي هئي. ماڻهو امير ۽ فارغ البال هئا. شيون سستيون ۽ جهجهيون هونديون هيون.
هاڪڙو درياء آرين جي اچڻ تائين، پنهنجي ايراضيءَ ۾ زمينون سيراب ۽ شهر آباد ڪندو رهيو ۽ ان کان پوءِ سڪندر جي اچڻ کان ٿورو اڳ خشڪ ٿي ويو، ڇو ته يوناني مؤرخن پنهنجن ڪتابن ۾ هاڪڙي هو ذڪر نه ڪيو آهي. هاڪڙي جي سڪڻ ڪري پاري ننگر جي بندرگاهه واري حيثيت ختم ٿي وئي، ويتر ڪڇ وارو سمنڊ به پوئتي هٽي ويو، ان ڪري هيءُ شهر برباديءَ ڏانهن وِک وڌائڻ لڳو ۽ ماڻهو لڏي ويا، ڪئپٽن ريڪسن جو چوڻ آهي، ته:”پاري ننگر جو شهر سنه 12 سؤ عيسوي ۾ مسلمان حاڪمن سان مقابلن ۽ لڙاين ۾ ناس ٿي ويو.“ اهڙيءَ طرح سنڌ جو هيءُ عظيم بندرگاهه هميشه لاءِ ختم ٿي ويو.
پاري ننگر اسان جي تاريخ ۽ ٿقافت جو رنگين باب آهي. هتان جي رومانوي داستانن ۾ پاري ننگر جي راجا ’ساليواهن‘ جي پٽ’سڏونت‘ ۽ جيني ڌرم جي هڪ ڪروڙ پتي واڻيي جي نياڻي ’سارنگا‘ جو قصو مشهور آهي، جنهن ۾ اچي ٿو، ته شهزادي ’سارنگا‘ جي شادي ’روپا شاهه‘ نالي هڪ سيٺ سان ڪرائي وئي هئي، انڪري ’سڏونت‘ پاري ننگر ڇڏي پرديس هليو ويو. ’سارنگا‘ پوءِ پاري ننگر ڇڏڻ وقت کيس هيءُ نياپو ڏياري موڪليو، جيڪو اڄ به هن ويران کنڊرن ۾ گوجي رهيو آهي:
پاري ننگر پنٿ گهڻو، سوڍان ڪيرو ديس،
وهلو ور جي والما، جوڳي سندي ويس.

ڪراچي بندر

ڪراچي،(1) جيڪو اڄ پاڪستان جو عظيم سامونڊي بندر ۽ ’روشنين جو شهر‘ سڏجي ٿو، جيڪو اڄ کان ٻه ٽي صديون اڳ مهاڻن جي ننڍين ننڍين جهوپڙين تي مشتمل هڪ ننڍڙو ڳوٺ هو، جتي مهاڻا مڇي ماري گذاور ڪندا هئا.(2) انهن مهاڻن جي وڏي مائيءَ جو نالو ’ڪلاچي‘ هو، جنهن تان هن شهر جو نالو ’ڪراچي‘ پيو. ان جي ڀرسان (کڙڪ) بندر نالي هڪ شهر هو، جو سامونڊي واپار لاءِ مشهور هو. هندو سيٺ ڀوڄ مل اتي وڃي رهيو، جنهن پنهنجا گماشتا’گوادر ٻيلي‘ ۽ مسقط موڪليا جنهن کان پوءِ واپار کي هٿي ملڻ لڳي. کڙڪ بندر، حب نديءَ جي ڇوڙ وٽ هو، گهڻي وقت کان پوءِ بندر جو مُنهن سمنڊ جي طرف کان ريتي سان لٽجي ويو ۽ جهازن جو اچڻ بند ٿي ويو. بندر جي منهن پورجڻ ڪري واپارين کي تڪليف ٿيڻ لڳي. سيٺ ڀوڄي مل واپار جي سهوليت لاءِ ڪلاچي ڳوٺ ۾ اچي گهر ٺهرايا ۽ کڙڪ بندر مان سڀ ضروري سامان کڻي سال 1729ع ۾ اچي ڪراچي کي وسايو. ان وقت ڪراچي ۾ هڪ ننڍي کاري هوندي هئي، جيڪو جهازن جي لنگهه جو ڪم ڏيندي هئي. منهوڙي جي منهن وٽ ٽڪرين جي هڪ قطار هوندي هئي. ميان نور محمد ڪلهوڙي جي زماني ۾ ئي ايراني نار ۽ عربي سمنڊ مان غوراب ۽ دنگيون جڏهن انهيءَ کاري لانگهائون ٿينديون هيون ۽ ،هٿن سمنڊ جي سوڙهه پوندي هئي، تڏهن اهي اچي منهوڙي جي پهاڙيءَ وٽ پناهه وٺندا هئا، واپاري ڪراچي جي جهوپڙين مان سؤدو سَلف کڻندا هئا. ايراني نار رستي هتان پوءِ حاجي به روانا ٿيڻ لڳا.(3)
سيٺ ڀوڄي مل جي اچڻ سان ڪراچيءَ جي ڳوٺ ۾ نئون روح پيو. هيءُ ڳوٺ پوءِ وڌڻ لڳو، سيٺ 17 جريبن جي ايراضي ڪراچي کي نئين روپ ڏيڻ لاءِ هڪ ڪاٽ ڏياريو ۽ واپارين کي وڌائڻ لاءِ سيٺ پنهنجي هڪ گماشتي کي بمبئي موڪليو، جتان هو پنهنجي ڪوٺي رستي بنگال ۽ چين واپار ڪرڻ لڳو. مسقط واري گماشتي هنسرامل ايران، بصري ۽ بحرين سان وهنوار رکيو، انهن جو شاخون ڪابل، قنڌار، هرات، قلات ۽ ڪشمير به هونديون هيون. هنن سيٺن جو ساريءَ دنيا سان واپار هلندو هو. سيٺ نائون مل لکي ٿو ته : ”اسان جي وڏن وٽ، ڪراچي ڪوٺي جي ڪاروبار لاءِ 40 يا 50 هر قسم ۽ مقدار جون ديسي ڪشتيون هونديون هيون، جيڪي هندستان جي مغربي ساحل جي بندرگاهن تي ڪرايو کڻنديون هيون ۽ عربستان، ايران ۽ بلوچستان جي ڪنارن تي اچ وڃ ڪنديون هيون.“ تنهن کان سواءِ هنن وٽ، يورپي نموني جا خواهه ٻيا جهاز به هئا، جن جو تعلق مسقط ۽ ڪلڪتي جي ڪوٺين سان هوندو هو. هن مان صاف ظاهر آهي ته ڪراچي بندر جي ترقي ۽ اوسر ۾ نائون مل جي خاندان وڏو حصو ورتو.
ڪراچي جي وڌندڙ رستي کي ڏسي خان قلات پاران محصول اڳاڙڻ ۽ شهر جي حفاظت ڪرڻ لاءِ هڪ حاڪم موڪليو ويو. اهڙي طرح ڪلهوڙن ۽ ٽالپر حڪمرانن هڪٻئي پٺيان ڪراچي تي قبضو ڪيو ۽ پنهنجا گورنر قائم ڪيا. مير حڪمرانن ڌارين جي سامونڊي ڪاهن کان بچاءَ لاءِ، منهوڙي ۾ پٿر جو ڪوٽ اڏائي اتي توبون رکيون ۽ بلوچن جي فوج جو هڪ دستو به اُتي مقرر ڪيو. انگريزن پاران 18 صديءَ جي آخر ۾ ”ناٿن ڪرود“ هڪ انگريز ايلچي ميرن جي دربار ۾ آيو، جنهن ڪراچيءَ جي بيهڪ ۽ بندر گاهه ڏسي ڪراچي تي عاشق ٿي پيو ۽ هتي بنگلو به ٺهرايائين. هن پنهنجي رپورٽ ۾ لکيو، ته ڪراچي سٺو شهر آهي ۽ هتي پالتو جانور جام آهن، جنهنڪري گيهه ۽ گاهه گهڻو ملي ٿو. ان کان پوءِ ڪراچي سنڌ جو مکيه سامونڊي بندر گاهه آهي، جنهن جي سالياني آمدني 99 هزار رپيا آهي. هيءُ شهر مستقل طور، سُڌري رهيو آهي ۽ ان جو خاص سبب، هن بندر جي، جاگرافيائي بيهڪ مان حاصل ٿيندڙ اهي فائدا آهن، جيڪي ان کي هندستان ۽ ڪابل جي بادشاهه سڀني علائقن سان گڏو گڏ ايران، خراسان، بلخ، بغداد جي ڪين وچ ۾ هئڻ ڪري حاصل ٿي رهيا آهن. سنڌ جو ٻاهرين ملڪن سان واپاراڪثر ڪري ڪراچي ذريعي ٿئي ٿو. هتان جي روانگي مال ۾ اهي شيون آهن، جيڪي مقامي طور پيدا ٿيندڙ آهن، تن ۾ قلمي شورور، لوڻ، چانور، ڪپهه، گيهه، تيل، ٻج، شارڪ مڇيءَ جو تيل، چمڙي رڱڻ لاءِ ڇوڏا، کار، ڪپڙو ۽ شامل آهن ۽ جيڪي شيون اتر وارن ملڪن ۽ بادشاهن کان ٻاهرين ملڪن ڏانهن روانيون ڪرڻ لاءِ واپاري هتي آڻين ٿا، تن ۾ زعفران، گهوڙا، صاف ڪيل چمڙو، کلون، مشڪ، ڪشميري شالون، سڪل ميوو، هيرا، لعل ۽ ٻيا قيمتي پٿر شامل آهن. خراسان ، مڪران، ايران ۽ عربستان کان سنڌي ماڻهو پنهنجي گهريلو استعمال لاءِ تلوارون، غاليچا، کارڪون، گلاب جو پاڻي، تماڪ ۽ حقا گهرائيندا آهن، جيڪي هن بندر تي ايندا هئا. رچرڊ برٽن لکي ٿو ته: ”ڪراچي هڪ هنڌائتي جاءِ تي آهي، هتان جي آبهوا ٻين شهرن جي ڀيٽ ۾ صحت بخش ۽ وڻندڙ آهي، سندس بندر جو ايران، عربستان ۽ اولهه هندستان سان سٺو واپار هلي ٿو، ته ڪراچي بندر جي اهميت 18 صديءَ ۾ وڌندي رهي، ان وقت ڪراچي جي سڄي واپار جو تخمينو 625، 46، 21 رپيا هو. سنه 1853ع ۾ فريئر سربارٽل ڪراچي بندر جي اصلاح ڪئي ۽ منهوڙي تي لائيٽ هائوس ٺهرايو. انگريزن هتي ڪيترائي گهاٽ، گوديون ۽ گدام ٺهرايا ۽ ان دؤر ۾ هن بندر تي 28 ٻيڙا اهڙا ڪم ڪندا هئا، جن ۾ گهٽ ۾ گهٽ پنجاهه ۽ وڌ ۾ وڌ 150 ٽن کڻڻ جي گنجائش هئي. 1944ع ۾ هن بندر تي هر روز 78000 ٽن مال لاٿو ۽ چاڙهيو ويندو هو، جنهن مان 107 ڪروڙ رپين جي آمدني ٿيندي هئي. ڪراچيءَ کي ملڪ جي اندرئين حصي سان ڳنڍڻ لاءِ 108 ميل، ريلوي لائين ڪوٽڙي تائين ٺهرائي ويئي، جنهن کي پوءِ ملتان تائين وڌايو ويو. اهڙيءَ طرح ڪراچي بندر اُڀرندي حصي ۾، ڪڻڪ موڪلڻ جو اهم وسيلو بنجي ويو. مال جي ڏي وٺ سبب برطانوي سرڪاري هن بندر رستي ڪافي فائدو حاصل ڪيو، خاص ڪري مهاڀاري جنگين ۾ مال جي اچ وڃ مان هتان جي واپارين کي گهڻو فائدو پهتو. هن دؤر ۾ ڪراچي بندر جي رستي واپار، جيڪا ترقي ڪئي آهي، ان جو اندازو ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي هنن انهن اکرن سان لڳائي سگهجي ٿو، جيڪي هن ريت آهن سنه 12-1911ع ۾ 3706 جهاز بندر ۾ داخل ٿيا ۽ انهن 197305 ٽن سامان کنيو، بندر ۾ 990 جهاز آگبوٽ داخل ٿيا هئا، سنه 13-1912ع ۾ جهازن 2183090 ٽن سامان ڍويو، ڪراچي ۾ 3742 جهاز داخل ٿيا، جن 199590 ٽن سامان کنيو. بندر تي پنج هزار ٽنن جا 161 جهاز آيا، شاهي بحري آر ماڙ جا 3 جهاز ۽ هندستاني ٻيڙي ۽ سپاهين کڻڻ جا ٻه جهاز بندر تي آيا ۽ 15316 ماڻهو لاٿا ۽ چاڙهيا ويا. مڪي مان 73 حاجي لٿا ۽ 201 حاجي روانا ٿيا.
بهرحال ڪراچي، سنڌ جو هڪ عظيم بندر گاهه هو، جنهن ٿوري عرصي ۾ وڏي ترقي ڪئي ۽ هاڻي اهو دنيا جي بهترين بندرگاهن ۾ شمار ٿئي ٿو. سر چارلس نيپيئر صحيح چيو آهي ته:”اي ڪراچي! ڪڏهن مشرق توتي ناز ڪندو ۽ جڏهن تون پنهنجي عروج جي بلندين تي رسي چڪو هوندين ۽ آءٌ شال ان وقت توکي ڏسي سگهان!“


____________

(1)  انگريز پادري آءِ. اين. ايلن. افعانستان واري ٻي لڙائيءَ ۾ شرڪت لاءِ سنه 1941ع ڪراچيءَ مان لنگهيو هو. هتي ڇهه ميهنا رهيو. دلچسپ سفرنامو، لکيائين جيڪو سال 1843ع ۾ لنڊن ۾ شايع ٿيو هو. لکي ٿو ته: آچر 16 مئي 1941ع تي اسان جو جهاز ڪراچيءَ جي سامهون هو. ماڻهو لهڻ لاءِ آتا هئا. ڪراچي پهرين نظر ۾ هڪ گهڻي غير دلچسپ جڳهه محسوس ٿي. هيءُ هڪ اهري ويران عير دلچسپ علائقي جو دروازو آهي، جيڪو نهايت خشڪ، بنا گاهه پاڻي وارن ميدانن، ٽڪرين، کاري پاڻي وارين ڌٻڻين، جهنگلي وڻن ۽ نه کٽندڙ وارياسن ميدانن جو مرڪز آهي. اهي خاص حالتون انهيءَ شهر جون آهن، شهر نهايت عريب ۽ گندو آهي. مصطفيٰ علي بريلوي ’پيغام‘ ص-72-73 نومبر-ڊسمبر 1982ع.

(2) سن 1875ع تائين هن ڪراچيءَ جي هيئن اڀري اچڻ جو ڪوبه امڪان نه هو، جنهن جو هڪ ڇيڙو عربي سمنڊ سان ڳنڍيل هو. سمنڊ جي ڪناري وٽ ميربحرن جون ٻيڙيون ۽ ننڍريون جهوپڙين هيون هيءُ هڪ ننڍڙو تلاءُ هو، هتي مٽيءَ جا گهر اڏيل هئا، جنهن جو تعداد، ڏينهن به ڏينهن وڌندو پئي ويو، تان جو اهو هڪ ننڍڙو ڳوٺڙو بڻجي ويو.  سنڌو نديءَ جي آخري ڇيڙي وٽ آباد هيءُ شهر، اولهه کان ٿورو مٿڀرو آهي. هن جي اولهه سمنڊ جي وچ ۾ منهوڙي جو ٻيٽ آه. اهو ٻيٽ بندر کان 100 ميل پري اوچائي تي آهي. سنه 1850ع ۾ ڪياماڙي تي نيپر مول روڊ سان ڳنڍيو ويو. ڪياماڙي ۽ منهوڙو بندرگاهه جا ٻه مکيه عضوا آهن، جيڪي واپار جو ڪم ڏين ٿا. (ص-9 ۽ 19). 

(3)  سنه 1865ع تائين ڪراچيءَ ۾ واپار جو ڪو مناسب بندوبست نه هو، رڳو هڪ ننڍڙو بندرگاهه جهازن جي بيهڻ لاءِ ڪم ايندو هو، جتان کان مال گاڏيون مال کڻي اندرين علائقن ۾ پهچائينديون هيون، مال جي لاهڻ، چاڙهڻ، مسافرن جي واپار جي لاءِ اهو ئي بندر ڪم ايندو هو. سال 1862ع کان سال 1882ع تائين بندر جون ڪجهه ضرورتون پوريون ڪيون ويون. (حنيف رضا).

ديبل بندر

ديبل سنڌ جو تمام پراڻو تاريخي شهر ۽ بندرگاهه آهي، چون ٿا ته گهڻا گهڻا سال اڳ جڏهن سنڌ ۾ ٻُڌ ڌرم جو زور هو، تڏهن سنڌ ۾ ديول ديو ۽ اُڊيسا، اڙياديول ۾ ٻڌ جا نامي گرامي چيلا رهندا هئا، جن کي ماڻهو ديوتا ڪري مڃيندا هئا. ديول سمنڊ جي ڪناري تي، پنهنجي نالي تي هڪ بت خانو تعمير ڪرائي، ٻڌ جي مورتي رکي هئي. ديول جي لغوي معنيٰ آهي: ’بتخانو. تاريخن ۾ اچي ٿو ته هيءُ بتخانو 544 ق.م ۾ ٺاهيو ويو. جيڪو ٻُڌ زماني جي اوج جو دؤر هو. ان کان پوءِ هوريان هوريان هيءُ شهر ترقي ڪندو ويو.
ديبل بندر، سمنڊ جي ڪناري تي سنڌو نديءَ جي ڇوڙ جي الهندي ۾ هڪڙي ساخ تي اڏيل هو.(2) شهر جي ديوارن سان سمنڊ جون ڇوليون ٽڪرائبيون هيون، ۽ عجيب شور محسوس ٿيندو هو. هتان جي خاص عمارت، ٻُڌ وارو مندر هو(3) جيڪو چاليهه گز اوچو هو، مندر جي بلند گنبذ، سمنڊ تان پريان نظر ايندو هو. سندس چئني ڪنڊن تي، چار وڏا برج هئا. گنبذ جي مٿان، پتل جي هڪڙي گهوڙي سوار جو مجسمو کُتل هو، هڪڙي ڊگهي بانس ۾، ڳاڙهو جهنڊو جيسين هوا ۾ ڦڙڪندو هو، تيسين ڪابه طاقت شهر کي فتح نه ڪري سگهندي هئي. شهر جي ايراضي ڇهه ايڪڙ هئي، جنهن جي چوڌاري پٿرن جي ديوار ڏنل هئي، ديبل جي ٻاهران اتر-اوڀر ۾ هڪ ڍنڍ هئي، جيڪا شهر وارن کي مٺو پاڻي مهيا ڪندي هئي. انهيءَ ڍنڍ تي وڃڻ لاءِ پٿرن جي ڏاڪڻ ٺهيل هئي، هت اتر ڏکڻ ۾ هڪ ساهي رستو، جنهن جي ٻنهي پاسن واريون جايون اهڙي نموني ٺهيل هيون، جيڪي ساڳئي وقت گهر، دڪان ۽ بيٺڪ جو ڪم ڏيئي پيون سگهن.
ديبل سمنڊ جي ڪناري تي هئڻ ڪري آبهوا جي لحاظ کان اعليٰ شهر هو هتي آدم جهجو رهندو هو، اڪثر ڪري واپاري طبقو هو. ماڻهو سکيا ستابا، تندرست، سهڻا سيبتا ۽ خوشحال هئا، راءِ سهاسي ۽ برهمڻن جي دؤر ۾، هيءُ شهر پنهنجي سياسي ۽ واپاري حالت مڃرائي چڪو هو. هتي هڪ مضبوط جيل خانو به هو ۽ شهر تي بادشاهه طرفان هڪ گورنر راڄ ڪندو هو، جيڪو مڪمل طرح خودمختيار هو.
سنه 711ع ۾ جڏهن عربن سنڌ تي قبضو ڪيو، تڏهن هو پهرين ديبل ۾ آيا، ان وقت ديبل هڪ وسندڙ شهر ۽ سنڌ جو هڪ مشغول ترين بندرگاهه هو. عربن هن شهر ۾ هڪ مسجد به جوڙائي. معتصم عباسيءَ جي ڏينهن ۾، مشهور مندر جي هڪ حصي کي جيل ۾ تبديل ڪيو ويو. هتان جي اڪثر آبادي هندو هئي، جن جو مکيه ڌنڌو واپار ڪرڻ هو. ان وقت هن شهر ۾ اٽڪل ارڙهن لک ماڻهو رهندا هئا، ديبل واپار جو هڪ مکيه مرڪز هو، عربستان جي واپار جي خاص مرڪزن؛ يمن ۽ عمان سان ديبل جو سڌو سنئون واسطو هو. ديبل کان ئي سڀ جهاز بصري کان بغداد ۽ يمن ويندا هئا. عرب واپاري، جيڪي سنڌ سان واپار ڪندا هئا، سي ديبل کان پوءِ سنڌ جي اندرين شهرن ۾ پنهنجيون شيون وڪرو ڪندا هئا. هتي ڏيهي ۽ پرڏيهي واپارين جي سدائين پيهه رهندي هئي. ديبل ۾ چين، انڊونيشيا، هندستان، سيلون ۽ سنڌ جو مال اچي گڏ ٿيندو هو. اصظخري لکي ٿو ته: ”ديبل سنڌ جو وڏ بندر ۽ مکيه مرڪز آهي، سمنڊ جي ڀرسان هن شهر جي زمين بُٺ آهي ۽ صرف واپار جي لائق آهي.“ ساڳئي طرح بشاري المقدسي لکي ٿو: ”ديبل ساحلي شهر آهي. هن جي آسپاس اٽڪل روءِ هڪ سؤ ڳوٺ آباد آهن ۽ هتي جا رهاڪو، سڀ واپاري آهن. ديبل سنڌ جو بندرگاهه آهي ۽ وڏي اپت وارو آهي. هتان جا رهاڪو سلڇڻا۽ خوش پوشاڪ آهن.“ ابن حوقل لکي ٿو ته: ” هيءَ واپار جي تمام وڏي مارڪيٽ آهي ۽ هتي مختلف قسمن جا واپار ٿيندا آهن، هيءُ پرڳڻي جو خاص بندر آهي. هتي پوک گهٽ ٿيندي آهي. اهو هڪ خشڪ شهر آهي صرف ان کي تجارتي اهميت حاصل آهي.“ امام صاغاني لکي ٿو ته: ديبل سنڌ جي شهرن مان هڪ قصبو آهي، جتي بندرگاهه آهي، ۽ ٻيڙا پڳهه ڪن ٿا. ديبل جا رهاڪو نيڪ آهن.“ بهرحال ديبل هڪ ڳتيل شهر ۽ سنڌ جو عظيم بندرگاهه آهي. هت سمنڊ مان موتي نڪرندا هئا ۽ لوڻ به ٺهندو هو، هتي لوهه جون کاڻيون به هيون، اٽڪل چار هزار جهاز هر وقت واپار لاءِ تيار رهندا هئا. حڪومت کي هن بندر مان گهڻي آمدني ٿيندي هئي. ’خلاصةالتواريخ‘ جي مصنف جو رايو آهي، ته ديبل هڪ بين الاقوامي بندر هو، جتي عمان، چين ۽ هندستان کان وڏا وڏا جهاز ڀرجي ايندا هئا. هتان جا رهواسي عام طرح آسودا ۽ شاهوڪار هئا، جيڪي ڪيترن ئي قسمن جي شين جو واپار ۽ ناڻو اڌارو ڏيڻ جو ڌنڌو ڪندا هئا.
ديبل جي تجارتي حيثيت کي نمايان ڪندي جناب رحيمداد خان مولائي شيدائي ’تاريخ تمدن‘ سنڌ ۾ لکي ٿو ته: ”جيڪا مشڪ ٻيٽ کان درياء رستي ديبل پهچندي هئي، سا خوشبوءِ جي لحاظ کان، دنيا ۾ چوٿون نمبر هئي. ٽاڻي جون ڇٽيون، سنڌ جي بندر، ديبل کان ٻاهر وينديون هيون، الائيچيون، لونگ ۽ ڪارا مرچ، سرانديپ ۽ ملبار کان ديبل پهچندا هئا. ڇو ته ايراني نار جي مُنهن ۾ هيءُ پهريون بندر هو. جتان اهي شيون، ٻاهر وينديون هيون. ناريل، ڪيلا، انب، ليمان، توت، وغيره ديبل کان ٻاهر ويندا هئا. عراق جي کجور جو سمورو واپارهن شهر سان هلندو هو. ديبل شهر جون فولادي تلوارون، گينڊي جون ڍالون ۽ شالون مشهور هيون. ديبل جون شالون ڪرماني پشم جون ٺهيل هيون، جيڪي عراق ۽ ايران تائين مشهور هيون. ايران ۾ اهي شالون ’شال ديبلي‘ جي نالي سان سڏبيون هيون.“
ديبل نه رڳو واپار جو وڏو بندر يا شهر هو، پر عربن جي اچڻ کان پوءِ علمي شهر بنجي ويو. عراق ۽ عرب کان ڪيترائي عالم هن شهر ۾ اچڻ لڳا ۽ خود، هن ئي شهر وڏا جيد عالم، محدث، مفسر ۽ فقيه پيدا ڪيا، جن کي مورخن ’ديبلي‘ ڪري لکيو آهي. علامه سمعاني پنهنجي ڪتاب ۾ ديبل جي ڪيترن ئي عالمن جو ذڪر ڪيو آهي، جن عربي دنيا ۾ وڏو ڌاڪو ڄمايو. هنن بزرگن جا ديبل ۾ ڪيترائي مدرسه هئا. سنڌ جو هيءُ قديم شهر ۽ واپاري مرڪز عربن جي آخري دؤر ۾ اُجڙي ويو. خليفي معتصم عباسيءَ جي ڏينهن ۾ سخت زلزلو آيو، جنهن ۾ بيشمار جايون ڪري پيون ۽ اٽڪل ڏيڍ لک ماڻهو مري ويا ۽ گهڻا عرب سوداگر ديبل کان هجرت ڪري، سيوهڻ ۾ بيٺڪون جوڙي ويٺا. وقت گذرندو ويو ۽ سمنڊ جو پاڻي گهٽجندو ويو، تان جو ديبل ۽ سمنڊ جي وچ ۾ وڇوٽي پئجي ويئي. ٻئي طرف مقامي حالتن جي تبديلي ۽ سنڌو نديءَ جي ڇوڙ وارين شاخن ۾ ڦير گهير سبب خود نديءَ جي هڪ شاخ تي، هڪ نئين بندر لاءِ سهوليت پيدا ٿي، جنهن تي ’لاهري‘ نالو پيو ۽ اهڙي طرح ديبل جي بندر واري حيثيت ختم ٿي ويئي ۽ هوريان هوريان شهر ختم ٿيندو ويو، تان جو هاڻي صرف سندس تاريخ ۾ نالو وڃي رهيو آهي.


______________

(1)  ديبل عربن جي دؤر ۾ وڏو ۽ مشهور بندر هو، پر هن وقت هن جي درست سڃاڻپ نٿي ڪري سگهجي. مختلف عالم مختلف رايون رکن ٿا، جيئن:

1- فرشته جو مصنف لکي ٿو ته:” ديول ٺٽي واري جاءِ تي هو“.

2- ادريسي جو چوڻ آهي ته: ”سمنڊ جي ڇوڙ کان ڇهنمنزلن تي هو“.

3- ڪيپٽن برڊ چوي ٿو ته: ”هيءُ سامونڊي بندر هو“.

4- برنس ۽ ايلفنسٽن چون ٿا: ”ڪراچي ۽ ٺٽي جي وچ تي هو“.

5- پاٽنجر، برٽن، روچي، رينال، ٺٽي کي ديبل سمجهن ٿا.

6- ابن حوقل: سمنڊ جي ڪناري تي ڄانائي ٿو.

7- ابن بطوطه: لاهري بندر کي ديبل ڄانائي ٿو.

8- اصطخري: مهراڻ جي اولاهين منهن وٽ ديبل کي ڏيکاري ٿو.(ايڊيٽر)

(2) ابن حوقل لکي ٿو ته: ”ديبل جو شهر مهراڻ جي اولهه ۾ سمنڊ طرف آهي. هيءُ تمام وڏو بندر آهي. هن جهڙو بندر اوس پاس نه آهي. هتي فصل ڀلا ٿين ٿا، پروڻڪار گهٽ آهي، هتي تلوارون سٺيون ٺهن ٿيون. رهاڪن جو گذر سفر واپار تي آهي. ڀنڀور جي جسامت ڏسي، ان کي ديبل نٿو چئي سگهجي، جو اهو الڳ بندر هو.“ ڪن مسلمان سياحن ٺٽ يکي ديبل قرار ڏنو آهي. جڏهن ته ان کي به رد ڪيو ويو آهي. ٺٽي جو واپار خود ’لاهري بندر‘ وسيلي هلندو هو.

ديبل ڪراچيءَ ۾ ٿي نه ٿو سگهي، ڇو ته ديبل سنڌوءَ جي ڪناري تي ٻڌل هو.

ڪُننگهام چوي ٿو ته: ”ديبل ڪراچي ۽ ٺٽي جي وچ تي هو، جيڪو لاهري بندر کان 5 ميل اتر ۾، ڀنڀور کان 17 ميل ڏکڻ-اولهه طرف، ۽ تقريباً 30 ميل پٽي ۽ پِٽياڻي سنڌو ندي جي ڇوڙ وٽ هو.“

’هيگ‘ ديبل کي سنڌو جي ساڄي ڪناري ڪلري بگهاڙ تي ٺٽي کان 20 ميل اتر-ڏکڻ ۽ ڪراچيءَ کان 45 ميل ڏکڻ- اوڀر طرف بيهاري ٿو.

’رِورتي‘ ديبل کي ٺٽي کان 20 ميل اتر-اولهه طرف ڏسي ٿو. اها جاءِ ڊيلٽا جي وچ ۾ آهي. ديبل ساڳئي وقت هڪ عبادتگاهه به هو، جنهن کي مٿاهين ٽڪري گهربل هئي، جيڪا انهيءَ هنڌ نه آهي.

ايلٽ، منهوڙي کي ديبل سڏي ٿو. اهو به ٿي نه ٿو سگهي، جو منهوڙو هڪ ته سنڌو نديءَ جي ڇوڙ وٽ نه  پر سمنڊ ۾ اندر آهي، ٻيو ته اچ وڃ جو رستو اهڙو نه آهي، جيڪو واپري لحاظ کان سنڌوءَ سان ڳنڍيل هجي.

مٿين مواد کي ڏسي اهو چئي سگهبو، ته ديبل هڪ وڏو واپار بندر هو، جو ڪافي عرصو تاريخ ۾ زنده رهيو، پر هن وقت هن جو ڪو اَتو پتو نٿو ملي.(ايڊيٽر)  

(3)  اهو ممڪن آهي، ته دوارڪا ۽ سومناٿ وانگر، ديبل به هڪ هندن جو وڏ مندر هو، جيڪو سمنڊ جي ڪناري تي هو، جنهن کي مسلمانن ڊاهي اُتي مسجد ٺهرائي.(ايڊيٽر)

شاهه بندر

شاهه بندر(1)هن وقت ٺٽي ضلعي ۾ هڪ تعلقي ۽ سب ڊويزن جو نالو آهي، پر ڪنهن وقت هي سنڌ جو مشهور ترين بندرگاهه ۽ هڪ وسندڙ ۽ مردم خيز شهر هو. اهو ڪلهوڙن جو دؤر هو، جنهن ۾ سنڌ، صنعت، حرفت ۽ زراعت جي ميدان ۾ اڳڀرو هئي. ڪلهوڙا، جيئن ته ديسي حڪمران هئا. پيريءَ مريديءَ مان، اُسري حڪومت جا مالڪ ٿيا هئا. ان ڪري، هنن سنڌ جي عوام جي معاشي حالتن کي سڌارڻ لاءِ زراعت سان گڏ واپار کي به فروغ ڏنو. ڪلهوڙا حڪمرانن مان ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جو نالو، سنڌ جي تاريخ ۾ نمايان جاءِ والاري ٿو، هن برجستي حاڪم، سنڌ کي سرسبز ۽ سهائي بنائڻ لاءِ، جيڪي قدم کنيا، تن مان شاهه بندر جي تعمير به هڪ مثالي قدم آهي.
ميان غلام شاهه، هيءُ بندر گاهه سنه 1659ع ۾ تعمير ڪرايو. هن کان اڳ لاڙ واري ايراضي ۾ اورنگا بندر رستي واپار هلندو هو، جيڪو شهزادي اورنگزيب سنه 1646ع ۾ ڪڪرالي واري خطي ۾ سمنڊ جي ڪناري تي ٺهرايو هو ۽ هو ان وقت هِن خطي جو نواب هو. هيءُ بندر ان وقت واپار جو مرڪز هو ۽ هر طرف کان جهاز هتي لنگر انداز ٿيندا هئا. هتي’ايسٽ انديا ڪمپني‘(2)جي هڪ فيڪٽري به هئي، پر جڏهن شاهه بندر وجود ۾ آيو، تڏهن اورنگا بندر جي اهميت ختم ٿي ويئي ۽ ڪافي ماڻهو هتي لڏي اچي رهيا. ميان غلام شاهه هتي هڪ قلعو به ٺهرايو، جنهن جي ڀتين جا نشان اڄ به موجود آهن.
هن بندر جي محل وقوع لاءِ سنڌ گزيٽر ۾ آيو آهي، ته هيءُ بندر، ملير جي اڀرندي ڪناري تي، سنڌو جي هڪ ڇوڙ جي مُنهن تي هو.(3)مسٽر عزيز چنو، پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکي ٿو ته: ”شاهه بندر سنڌ جي ڇوڙ واري علائقي جي دوآبي ۾ آهي، ان ڪري پراڻي زماني کان اهو واپار جو وڏو مرڪز رهيو آهي. شروعات ۾ جڏهن هيءُ بندر وجود ۾ آيو، تڏهن سنڌ جي حڪمرانن جا هر وقت 15 جهاز هتي موجود رهندا هئا ۽ پوءِ هوريان هوريان هيءُ بندر ترقي ڪرڻ لڳو. آخر ساهه بندر ڏيساور سان واپار ڪرڻ جو هڪ خاص ذريعو بڻجي پيو، جتان بصره، بندر عباس، هرمز، مسقط ۽ بحرين وغيره ڏانهن ملڪي سامان روانو ڪيو ويندو هو. واپاري آمد رفت جي مرڪز بنجڻ سبب واپاري هن بندر تي اچڻ لڳا ۽ اهڙي طرح ڏيهي خواهه پرڏيهي واپار کي هٿي ملڻ لڳي. هتي جا ڪڇي ۽ ڀاٽيا مسقط ۽ ٻين ملڪن سان واپار ڪندا هئا. هنن واپارين جي معرفت شاهه بندر جي هاڪ ڏيهان ڏيهه پکڙجي ويئي. آخر ’ايسٽ انڊيا ڪمپني‘ به هتي پنهنجي ڪوٺي کولڻ جو ارادو ڪيو. ان ڪري ڪمپني سرڪار، سنڌ جي حاڪم ميان غلام شاهه ڪلهوڙي سان ڳالهه ٻولهه چوري. آخر ميان غلام شاهه 11-ڊسمبر 1758ع ۾ واپاري پروانو حاصل ڪيو، جنهن ۾ ڄاڻايل هو ته :” شاهه بندر ۾ رهندڙ سڀني ملازمن کي، هن ڳالهه بابت هدايت ڪئي آهي، ته ڪنهن به سامان تي، جيڪو شاهي واپاري شاهه بندر ۾ آڻين، ان تي کانئن ڪو به محصول نه ورتو وڃي ۽ جيڪو سامان هو هتان کڻي وڃن، ان تي به مقرر ڪيل شرح موجب محصول ورتو وڃي. ان ڪري ميان غلام شاهه ڪلهوڙي ڪمپني جي نمائندي، رابرٽ سمپٽن کي هدايت ڪندي لکيو ته: ”اسين اوهان کي اطلاع ٿا ڏيون، ته اوهان دل جي تسلي ۽ بلڪل شوق سان، جيڪو سامان جتان وڻيو، اتان خريد ڪري، هتي اچي واپا رهلايو، اميد ته اوهين ڪنهن ماڻهوءَ کي جاءِ تياريءَ بابت خط لکيو، ۽ ڪنهن ڪم جي رضامندي لاءِ روانو ڪندا. ساڳيءَ طرح سنڌ جي حاڪم طرفان شاهه بندر جي رکوالي ڪشن داس جي نالي خط لکيو ويو ته: ”تو کي حڪم ٿو ڏنو وڃي، ته سمپٽن صاحب جي ڪنهن به ٻاهران ايندڙ سامان تي محصول نه وٺ ۽ جنهن به هنڌ صاحب موصوف پنهنجي ڪارخاني ٺهرائڻ لاءِ رٿ ڪري، اتي ٺهرائڻ ڏي ۽ ان جي جاءِ ٺهرائڻ ۾ کيس چڱي طرح مدد ڪر. تو صاحب موصوف سان يگانگت حاصل ڪر، ته جيئن هو بلڪل آسانيءَ سان، سوداگريءَ جو سامان آڻي، جنهن ۾ بندرگاهه جي بهتري آهي. اهڙي طرح ڪمپني جي انچارج، سنڌ جي حڪم کان هيءَ اجازت هاصل ڪري 22- اپريل 1761ع ۾ شاهه بندر ۾ واپاري ڪوٺي کولي ۽ هڪ ديسي دلال پريتم داس روپچند کي قلمي شوري پهچائڻ جوٺيڪو ڏنو. ڪمپني، شاهه بندر تي قلمي شوري کي صاف ڪرڻ ۽ ان کي ڪاڙهي قلمي صورت ۾ آڻن لاءِ وڏي پيماني تي ڪم شروع ڪيو. ڪمپنيءَ 11-ڊسمبر 1775ع تي شاهه بندر ۾ شوري صاف ڪرڻ جو ڪارخانو کوليو ويو، جنهن ۾ ساليانو ڏهه هزار مڻ شورو صاف ٿيڻ لڳو. شاهبندر ۾ ڪارخاني کولڻ سان، انگريزن کي شوري جي تجارت ۾ هڪ هٽي حاصل ٿي ويئي. قلمي شوري کي هو پاڻ ڪڍڻ بجاءِ ڪنهن ٺيڪيدار کي ملازم رکندا هئا، جيڪو کين هڪ مقرر قيمت تي ڪچي شڪل ۾ اهو مهيا ڪندو هو. ان کان پوءِ ان کي ٻيڙين ذريعي شاهه بندر پهچايو ويندو هو. انگريزن کي رڳو ڏيڍ سيڪڙو محصول پيارڻو پوندو هو. ان وقت قلمي شوري جي قيمت 5 رپيا في مڻ هئي، مسٽر ڪرو هڪ انگريز ايجنٽ لکي ٿو ته: ”شاهه بندر تي، قلمي شوري کي صاف ڪرڻ ۽ ڪاڙهي قلمي صورت ۾ آڻڻ لاءِ وڏي پئماني تي ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏنو، اهڙي طرح ’ايسٽ انڊيا ڪمپني‘ هتان قلمي شوري جون 1254 ڳوڻيون اميرالبحر ’ڪوڪاڪ‘ جي معرفت موڪليون، جنهن جي قيمت 15884 رپيا هئي، جيڪا ن زماني ۾ تمام وڏي رقم هئي.
هيءُ شهر جيئن ته سمنڊ جي ويجهو هو، ان ڪري هتان جي آبهوا معتدل ۽ وڻندڙ هئي، ان ڪري هيءُ شهر ماڻهن جي رهڻ جي مسڪن به هو، ’ايسٽ انڊيا ڪمپني‘ جا خاص آفيسر ۽ ڊاڪٽر هتي رهندا هئا. هتان جي عالمن ۾ آخوند عبدالفتاح مشهور عالم ۽ فقير ٿي گذريو آهي. حاجي محمود هتان جو مشهور سنڌي طبيب هو، جنهن کي ڪمپني پنهنجن ملازمن لاءِ خاص معالج مقرر ڪيو هو.
سنڌ جو هيءُ مشغول ترين ۽ مشهور بندرگاهه سنه 1819ع ۾ زمين جي ڌٻڻ ۽ سنڌو نديءَ جي رخ مٽائڻ ڪري تباهه ٿي ويو.(1) پر تاريخ ۾ هي بندرگاهه پنهنجي سونهن سڀتا جا اڻمٽ نشان ضرور ڇڏي ويو، جيڪي اڄ به سندس دؤر جي خوشحاليءَ جي گواهي ڏين ٿا.


___________

(1)  شاهه بندر جو ڦٽل  شهر چوهڙ جماليءَ جي آباد شهر کان 30 ڪلوميٽر ڏکڻ-اولهه ۾ واقع آهي. بندر جي حيثيت ۾ هن شهر وڏو اوج ماڻيو. ٻاهر کان جيڪو واپري مال سنڌ جي جن بندرن تي ايندو هو، انهن ۾ لاهري بندر، اورنگا بندر، شاهبندر- بسته بندر ۽ علي بندر شامل هئا. انهن بندرن تان ملتان، پنجاب، مارواڙا، بيڪانير، جيسلمير، ڪشمير، سرحد، بلوچستان، ۽ افغانستان جو مال ٻاهرين  ملڪن طرف موڪليو ويندو هو. ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جڏهن هيءُ بندر جوڙايو، ان وقت ميان صاحب جا ڪل 15 جهانز بيٺل هوندا هئا. جڏهن ميان صاحب انگريزن کي واپار ڪرڻ جي اجازت ڏني، تڏهن انهن سنه 1758ع ۾ پنهنجو ڪارخانو قائم ڪيو، جنهن جو هيڊ ڪوارٽر ٺٽو رکيائيون، ۽ ان جي شاخ شاهه بندر ۾ قائم ٿي.(ايڊيٽر)

(2)  ايسٽ انڊيا ڪمپني جي واپاري موجب ، هن بندر تان ڏيسارو ڏانهن گهڻي انداز ۾ مال ٻاهر موڪليو ويندو هو. سنه 1831ع ۾ جڏهن اليگزنڊر برنس سنڌو درياءَ پار ڪيو، تڏهن بگهاڙ شاخ ٽن سالن کان سُڪي چڪي هئي ۽ واپار جا مرڪز شاهه بندر ۽ وڪر بندر هئا. شاهه بندر جي ذريعي ملڪي واپار مصر ۽ يورپ تائين هلندو هو-(ايڊيٽر)

(3)  ڪاڪو ڀيرومل جنهن وقت هتي آيو، ته سندس لکڻ موجب هتي هڪ ننڍو ڳوٺ هو. (ايڊيٽر)

لاڙي / لهري بندر

لهري يا لاڙي بندر سنڌ جو هڪ قديم تاريخي بندرگاهه آهي ، جنهن سنڌ جي تجارت ، معيشت ۽ تاريخ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هي بندر سومرن جي دور کان وٺي ڪلهوڙن جي دور تائين سنڌ جي تجارت ۾ وهائو تاري جي حيثيت رکي ٿو.
لهري بندر جو بنياد ڏهين صدي عيسوي ۾ پيو جڏهن سنڌ ۾ عربن جي حڪومت جو خاتمو ٿيو ۽ ديبل بندر ڦٽي ويو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب چچنامي جي مقدمي ۾ لکي ٿو ته ” ڏهين صدي عيسوي ۾ جيئن سنڌ ۾ عربي حڪومت جو زور ٽٽو، تيئن سندس طاقت ۽ واپار جي مرڪز ديبل جي اهميت ۽ حفاظت به گهٽجڻ لڳي. ٻئي طرف مقامي حالتن جي تبديلي ۽ سنڌوندي ۾ ڇوڙ وارين شاخن ۾ ڦيرگهير سبب خودندي جي هڪ شاخ تي هڪ نئين بندر لاءِ سهولت پئدا ٿي پئي، جنهن تي لوهاراني نالو پيو“ يارهين عيسوي صدي ۾ البيروني جڏهن سنڌ ۾ آيو ، تڏهن هن ديبل سان گڏ لهري بندر جو به ذڪر ڪيوآهي. بهرحال هن بندر عربن جي حڪومت جي زوال کان پوءِ ترقي ڪئي.
لهري بندر موجوده ميرپور ساڪري جي حدن اندرن ، سمنڊ کي ويجهو ، کاري مير ڀاڱي ۾ هو، جنهن جي ڀرسان الهندي طرف سنڌو درياءَ جو قديم وهڪرو هو. ” تاريخ طاهري“ جو مصنف لکي ٿو ته ” سنڌو درياءَ ٺٽي شهر جي ڏکڻ کان وهي ، لهري بندر جي ڀرسان، سون مياڻي وٽ ڇوڙ ڪندوهو. ٺٽي شهر ۽ لهري بندر جي وچ ۾ ، ٻين ڏيهن جو خشڪي ۽ دريائي مسافري جيترو پنڌ آهي. انهي وچ ۾ هڪ سوڙهي کاري آهي، جنهن جي ويڪر ڏهه طناب آهي. سمنڊ ۽ بندر جي وچ ۾ هڪ ڳوٺ سون مياڻي هو.“ سنڌ گزيٽئر وارو لکي ٿوته ” لهري بندر ، سنڌو درياءَ جي مشرقي شاخ تي ، سمنڊ کان 20 ميل اندر طرف هڪ ڳوٺ هو“. هن بندر کي مختلف دورن ۾ مختلف نالا ڏنا ويا. ڪن کيس ديوئل سنڌي سڏيو. ڪن کيس لهري، ڪن کيس نئون ديبل سڏيو. پر موجوده دور جو محقق جناب ڊاڪٽر غلام علي الانا لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ ۾ لکي ٿو ته ” هن بندر جو اصلي نالو لاڙي بندر آهي ، جنهن تي لاڙ واري خطي ۾ هئڻ ڪري اهو نالو پيو“ اسان به سمجهون ٿا ته ٺيٽ سنڌي نالو ، ادبي ، ثقافتي ۽ تاريخي لحاظ کان ” لاڙي بندر “ آهي.
لاڙي بندر سومرن جي دور ۾ سنڌ جو مشغول ترين بندر هو. سنڌ جو واپار سمنڊ رستي هرمز، قيس ، بحرين ، عدن ، گجرات ، ملبار، ڪارو منڊل ۽ چين سان هلندو هو. مٿين ملڪن جي دولت، سنڌ جي بندر لاڙي ڏانهن ڇڪجي ايندي هئي. مٿيون واپار عربي ۽ چيني جهازن جي معرفت هلندو هو. چين جا جهاز جنڪ سڏبا هئا. انهن واپارين جي هٿان سنڌ جو ڪپڙو ، هندستان جي بندرن تي نيڪال ٿيندو هو. معبر کان ريشمي ڪپڙو، خوشبودار شيون ۽ سچا موتي قافلن وسيلي خراسان تائين پهچندا هئا. تلوارون گهوڙن جون زينون، ڪپڙو ۽ خوشبودار مصالحا سنڌ مان ٻاهر ويندا هئا. هرمز، قيس توڙي ۽ عدن کان هرسال ڏهه هزار گهوڙا سنڌ ۽ هندستان جي شهرن ۾ وڪرو ٿيندا هئا. لاڙي جي شهر ۾ اُٺ کان وٺي سئي تائين قيمتون مقرر هيون. ذخيره اندوزي جي سخت ممانت هئي. واپارين کي سرڪار پئسا ڏيندي هئي جيئن هر قسم جون ديسي خواهه ڌارين ملڪن جون شيون مهيا ڪيون.
سمن جي دور ۾ لاڙي بندر کي ايڏي اهميت هئي جيڏي مصر جي شهر اسڪندريه کي واپار ڪري هئي. خلاصته التواريخ ۾ آهي ته ” هندستان جا سمورا جهاز ايراني نار ڏانهن ويندي هت محصول ڀريندا هئا. هي سنڌ جو مکيه بندر هو.هت اٽڪل چار سئو جهاز ۽ ٻيڙيون آهن. هتان سمنڊ مان سچا موتي نڪرن ٿا. هن لوڻ به ٺهندو آهي ۽ لوهه جون کاڻيون به آهن.“ هن دور ۾ لاڙي بندر تان جيڪي شيون سنڌ جي شهرن ۾ وڪامنديون هيون سي آهن وولگا جي چمڙي جا گوڏن تائين ڊگها بوٽ ، قاهره ۽ شيراز جون تلوارون، خراسان جون ڪيمخوايزد ۽ ڪرمان جون لونگيون ، طبريز جو اطلس وغيره. يورپ جا واپاري مشرقي شين لاءِ سون ۽ چاندي ڏيندا هئا. واپار جو ڪاروبار هنڊين رستي هلندو هو.
ارغونن ۽ ترخانن جي دور ۾ سمنڊ رستي واپار لاڙي بندر سان چالو هو. سمنڊ تي پورچوگيزن جو قبضو هو. هنن لاڙي بندر ۾ تجارتي ڪوٺي قائم ڪئي گمرگ ڪسٽم اڳاڙڻ شروع ڪئي. سنڌ جو واپار عربن ۽ آفريڪا سان به هلڻ لڳو. عربستان ۽ ايران جا سوداگر تيز، کنڀات ۽ لاڙي بندر تان گهوڙن جو واپار ڪري اتان ڪپهه ، نير ۽ چمڙو خريد ڪندا هئا. محمد تغلق هي بندر قاضي علاءُ الملڪ کي جاگير طور ڏنو. هن ئي زماني ۾ ابن بطوطه سنڌ ۾ آيو. هو لاڙي بندر لاءِ لکي ٿو ته ” لاڙي هڪ سٺو شهر آهي . هت سنڌو درياءَ سمنڊ ۾ ڪري ٿو. هن شهر ۾ هڪ وڏو بندر به هو جتي يمن فارس ۽ ٻِين هنڌن جا واپاري جهاز ذريعي مال آڻيندا هئا ۽ هت انهن جون واپاري ڪوٺيون به هيون. هي بندر مالدار ۽ خوبصورت به هو. منجهائنس اٽڪل 20 لکن جو محصول ڪٺو ٿيندو هو. “ هن زماني ۾ لاڙي جي ڪري سنڌ جو واپار ساري دنيا سان جاري هو. ابن بطوطه اسڪندريه ۾ سنڌي واپارين جي ڪوٺي ڏٺي هئي. لاڙي بندر تي مصر شام ۽ عراق جا واپاري رهندا هئا. مغلن جو دور لاڙي بندر جي اوج جو دور هو. ان وقت هي مشغول ترين بندر هو ۽ هندستان جي پرڏيهي واپار ۽ سنڌ جي سامونڊي واپار جو مکيه هنڌ هو. جنهن پوءِ ڊچن ۽ انگريزن کي به ڇڪي آندو. هن بندر جو ڪنارو ڪشادو ۽ ويڪرو هو، جتي ٻن سون کان ٽن سون جا جهاز جي ان وقت ۾ وڏا ۾ وڏا ليکيا ويندا هئا اچي لنگر انداز ٿيندا هئا. لاڙي کان سمنڊ جو مال قافلن رستي ويندو هو. هتان لاهور وڃڻ لاءِ چار هزار ٻيڙِيون هر وقت تيار رهنديون هيون ۽ في ٻيڙي ٽن سئو ٽنن جيترو مال چڙهندو هو. لاهور کان لاڙي تائين چار روپيا في ٻيڙو محصول ۽ ڀاڙو هڪ هزار مڻ جو اڍائي سئو روپيا هو. هن زماني ۾ انگريز تاجر به هت آيا. جن ۾ هئملٽن جو نالو سر فهرست آهي. هن ملبار کان ڏهن لکن پائونڊن جو سامان آندو هو. هن لاڙي بندر لاءِ لکيو آهي ته ” سمنڊ کان 15 ميل پري، سنڌوندي جي هڪ شاخ جي ڪپ تي لاڙي بندر آهي، جتي ٻه سئو ٽنن جا باربردار جهاز اچي سگهن ٿا. هت مسقط ۽ ٻين پاسن کان جيڪو مال ايندو هو، سو هن بندر تي اچي لهندو هو ۽ هتان ٺٽي ڏانهن موڪليو ويندو هو.
لاڙي بندر جو عروج 18 صديءَ ۾ گهٽجڻ شروع ٿيو ڇو ته شاهبندر وجود ۾ اچي چڪو هو. ان کان سواءِ سنڌوندي جنهن جي وهڪري تي هي بندر هو اها منهن مٽائڻ لڳي . ڊاڪٽر ڇٻلاڻي لکي ٿو ته ” درياءَ جو پيٽ واري ۽ رَءُ سان ڀرجي پيو ۽ بندر تائين دريائي آمدرفت مشڪل ٿي پئي. ان دوران ٻيا بندر جهڙوڪ اورنگا بندر ، شاهبندر ، راجا بندر ۽ ڪراچي بندر اسري پيا ان ڪري هن بندر جي اهميت گهٽجي ويئي تان جو سندس نشان به نه رهيو.“ اهڙي طرح هي تاريخي بندر ۽ وسندڙ شهر هميشه لاءِ ختم ٿي ويو. صرف تاريخ جي ورقن ۾ سندس نالو وڃي رهيو آهي.

ننڍا بندر

قرآن مجيد ۾ آهي، ته اسان هر شيءِ جي زندگيءَ جو سبب پاڻي کي بڻايو آهي، ڇو ته ان کان سواءِ ڪابه شيءِ زنده رهي نه ٿي سگهي. ٻيءَ جاءِ تي آهي ته:”الله هر چرندڙ پُرندڙ شيءِ کي پاڻيءَ مان پيدا ڪيو.“ ۽ اهو پاڻي سنڌو رستي، الله تعاليٰ سنڌين کي عنايت ڪيو. سنڌو ندي قدرت جي عظيم انعامات مان هڪ آهي. چون ٿا ته :”جنت مان چار درياء نڪرن ٿا: نيل، فرات، جيحون ۽ سيحون. انهن دريائن مان سيحون سنڌو درياء آهي. سنڌو سنسڪرت لفظ”سيند“ مان نڪتل آهي،جنهن جي معنيٰ آهي: ’وهڻ‘ سنڌو معنيٰ اها ندي، جيڪا سدائين پئي وهي ۽ ان وهندڙ ندي سنڌ کي سرسبز بنايو. خوشحال بنايو، زندگي بخشي ۽ جياپي جو مدار بڻي. سنڌوءَ ۾ ئي سنڌين جو ساهه آهي.“
سنڌوءَ جي سنڌ ۾ سلطنت ۽ سرداري رهي آهي. هو ازل کان آهي. ۽ ابد تائين رهندي. هن ئي درياء جي پاڻيءَ تي قومون آباد ٿيون ۽ نيون تهذيبون وجود ۾ آيون. هن جي ئي ڪناري تي جنم وٺندڙ عظيم تهذيب جي روشني نيل، فرات، ۽ دجلا ندين جي، ٻين قديم تهذيبن وارين ماٿرين تائين پهتي، پر سائين، سنڌو جي طبيعت کي ڇا چئجي. ڪڏهن روح راڳن ۾ ته ڪڏهن بيتن کان بيزار، هن سوين آباديون آباد ڪري وري برباد ڪيون. وسندڙ وستيون، شهر، بازارون ۽ بندر پَل ڀر ٻوڙي ۽ لوڙهي ڇڏيا، ته ڪٿي وري ويران ۽ اُجڙيل جايون سرسبز ۽ آباد ڪيون. گهڙي گهڙي رخ ڦيري، هڪ پاسي نوان شهر ۽ بستيون، کيت ۽ باغ ٺاهيندي رهي آهي، ته ٻئي پاسي سرسبز ۽ آباد علائقن کي ٻوڙي زمين دوز ڪندي رهي آهي. ميجر راورٽي اهڙا ٽي سؤ نشان ڳولي لڌا آهن، جيڪي ڪن ڏينهن ۾ سنڌوءَ جي ڪناري تي آباد ۽ وسندڙ هئا، جتي زندگي مسڪرائيندي هئي. انهن بندرن جو تفصيلي ذڪر اڳ بيان ٿي چڪو آهي ۽ باقي ٻين جو مختصر تعارف هتي پيش ڪجي ٿو:

1.پاتال:-
پاتال ڪنهن زماني ۾ سنڌ جو عاليشان بندر ۽ وڏو واپاري مرڪز هو. ڪاڪي ڀيرومل مهر آڏواڻي، ’قديم سنڌ‘ ۾ لکيو آهي ته: ”قديم زماني ۾، ڪراچي ضلعي، لاڙ ۾ ’پاتال‘ نالي هڪ ناميارو بندر هو، جتان سنڌو ندي ٻه شاخون ٿي وهندي هئي. عيسوي سن کان سوا ٽي سؤ ورهيه اڳ، سڪندر سنڌ تي ڪاهه ڪئي، تنهن وقت’پاتال‘ نهايت مشهور بندر هو.(1) جنهن ڪري يوناني تاريخ نويسن، ان جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي. سڪندر هتي گودي به ٺهرائي هئي“. ميجر جنرل هيگ پنهنجي ڪتاب”دي انڊس ڊيلٽا ڪنٽري“ ۾ ڄاڻايو آهي ته:”حضرت سليمان جي وقت ۾ دنگيون ۽ جهاز، سنڌو ندي جي پاتال بندر وٽ اچي بيٺا هئا. هتي سنڌو ندي اچي ڇوڙ ڪندي هئي.(2) ڊيوڊ شڪورسن ”ائتلس آف ڪامرس“ ۾ لکي ٿو ته:”مصر ملڪ جا جهاز پاتال بندر تائين ايندا هئا.“

2. مينا ننگر:-
هيءُ سنڌ جو قديم بندرگاهه هو، جيڪو مينا ذات وارن ٺهرايو هو. ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ پنهنجي هڪ مضمون ۾ ڄاڻايو آهي ته:”’مين‘ قديم سنڌي لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ’مڇي‘ ان مان صاف ظاهر آهي، ته مين اهڙي هنڌ هو، جتي ڍنڍن ڍورا هئا ۽ هتي مڇيءَ جو شڪار جام ٿيندو هو.“ هيءُ لاڙ جو تجارتي مرڪز هو، هن کي هاڻي ٺٽي يا جهرڪ سان ڀيٽيو وڃي ٿو. هن تي پارٿيائي حڪمرانن جي حڪومت قائم هئي ۽ هتي پارٿي شهزادو يا گورنر رهندو هو.“ هتي ڪلداني، فنيفي ۽ مصري واپارين جا جهاز لنگر انداز ٿيندا هئا: جن ڏينهن ۾ سڪندر مقدوني سنڌ ۾ آيو، تن ڏينهن ۾ هيءُ هڪ مشغول ترين دريائي بندر هو، جتان مال پڙين رستي سامونڊي بندر ڏانهن ويندو هو. يوناني مؤرخ پيريپلن جي لکڻ موجب، هيءُ بندر ڀنڀور جي پٺيان هو. جڏهن جهاز ڀنڀور ۾ سامان لاهيندا هئا، تڏهن اهو دريائي رستي مينا ننگر جي بادشاهه جي دربار ۾ پهچندو هو. هتان وڏي مقدار ۾ اناج، چانور، ترن جو تيل، مکڻ، ململ، سوتي ڪپڙو، بيري گاهه ڏانهن برآمد ٿيندو هو. هتي سڪندر جي ڪاهه جا يادگار، قديم مختصر، ڇانوڻين جا بنياد ۽ وڏا وڏا کوهه اڄ به محفوظ آهن. ’مولائي شيدائي‘’تاريخ تمدن سنڌ‘ ۾ لکي ٿو ته: ”هتان ڪپهه به وڏي انداز ۾ ٻاهر ويندي هئي.“

3. ڪيٽي بندر:-
شاهه بندر سنه 1819ع ۾ ڌرتي جي ڌُٻڻ ۽ سنڌو ندي جي رخ مٽائڻ سان جڏهن تباهه ٿي ويو، تڏهن ساڳي سرزمين تي هڪ ٻئي بندر جي ضرورت محسوس ٿيڻ لڳي. اهڙي طرح ڪيٽي بندر جو وجود پيو. هيءُ بندر ٺٽي کان ست ميل ڏکڻ اولهه طرف هو. هن بندر تي بمبئي، مدراس، ايراني نار، سون مياڻي ۽ مڪران کان مال ايندو هو. ’سيٺ نائو مل جون يادگيريون‘ جو مؤلف لکي ٿو ته:” ڪيٽيءَ ۾ 25-27 ماڻهو رهن ٿا. بندر عمارتي ڪاٺ ۽ ٻين ڳرين شين جي واپار لاءِ ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ جي بندرن سان ساحلي تجارت لاءِ استعمال ٿيندو آهي.“
انگريزن جي حڪومت جي شروعاتي دور ۾، هن بندر وڏي ترقي ڪئي. ايسٽ انڊيا ڪمپني 641200 واپاري شيون هن بندر تان ٻاهر روانيون ڪيو، جن جي ماليت به ساڳي هئي، اهڙيءَ طرح هن بندر سنڌ جي معيشيت ۾ عظيم ڪردار ادا ڪيو. هن بندر کي ٽي دفعا درياء لوڙهي ويو ۽ کيس وري وري درياء جي ڪپ تي نئين سر تعمير ڪيو ويو.

4. گهوڙاٻاري:-
هيءُ بندر ڪنهن زماني ۾ سمنڊ کان ڪجهه مفاصلي تي، ڪراچي کان 13 ميل پري سنڌو درياء تي هو ’يادگيريون‘ جو مؤلف لکي ٿو ته: ”گهوڙاٻاري سنڌ ۾ ڪراچي کان پوءِ، ٻين سڀني کان اهم بندرگاهه آهي، پر درياء جي ڦير ڦارين جي ڪري اهو شهر گهڙي گهڙي نئين سر تعمير ڪيو پئي ويو آهي ۽ هر نئون اڏيل شهر، گهوڙاٻاري سڏبو رهيو آهي. انگريزن جي دور ۾ هيءُ مشهور بندر هو. سنه 1838ع ۾ انگريزن جي هڪ وڏي فوج ’سرجان ڪين‘ جي قيادت ۾ بمبئي کان گهوڙاٻاري آئي ۽ هتان رسد کڻي بامنيڪوٽ رواني ٿي ويئي. اندروني سنڌ جو مال سنڌو ندي رستي گهوڙاٻاري پهچندو هو، جتان ڪراچيءَ ۾ سامونڊي بندرگاهه تان ٻاهرين ملڪن ڏانهن موڪليو ويندو هو. گهوڙاٻاري اڄ به ٺٽي ضلعي ۾ هڪ ننڍڙو ڳوٺ آهي.

5. سنڊي بندر:-
جاتي شهر کان ڏکڻ اولهه طرف، چئن ميلن جي مفاصلي تي هن بندر، سنڌو ندي تي هو. سنه 1897ع ۾ هيءُ مشهور ۽ مشغول ترين بندرگاهه هو. هن بندر تي هروقت ٻيڙيون موجود هونديون هيون. هن بندر تان اناج جو واپار تمام گهڻو ٿيندو هو. لکپت ڏانهن جانورن جي روانگي هن بندر تان ٿيندي هئي. ايسٽ انڊيا ڪمپني سنه 1911ع کان سنه 1916ع تائين هن بندر تي 2350117 رپين جو مال آندو ۽ ساڳين سالن ۾ 84044 رپين جو مال هتان روانو ڪيو.

6. وڪر بندر:-
سنڌو درياء جي ڊيلٽا وٽ سمنڊ کان ويهه ميل پري ’وڪر بندر‘ هو. اتي هڪ چڱو خاصو ڳوٺ به هو. سنه 1837ع ۾ ڪمانڊر ڪارلس، درياء جي ڊيلٽا جي ماپ ڪرڻ وقت هن بندر کي اهم بندر ڏٺو. ’وڪر جي قلعي‘ وٽ جهاز اچي بيهندا هئا. هڪڙو جهاز 28x 27 فوٽ هو، جنهن تي چوڏنهن بندوقون رکيل هيون. هي ٻه سؤ ٽن بار کڻي سگهندو هو ۽ هيءُ جهاز لڙائي ۾ به ڪم ايندو هو. هن جهاز کي سنڌي ماڻهو ’ارمات‘ چوندا هئا.
ٽالپرن جي دور ۾، هن بندر کي وڏي اهميت حاصل هئي. سنه 1836ع ۾ ٽالپر حڪمرانن کي، هن بندر تان هڪ لک رپين کان به وڌيڪ محصول حاصل ٿيو. هن بندر تان مانڊوي انجبار، جهونا ڳڙهه، بمبئي، پوربندر ۽ ملبار کان سواءِ سون مياڻي، گوادر ۽ مسقط سان واپار هلندو هو، جنهن ۾ چانور، گيهه ۽ ٻيو مال شامل هوندو هو. هيءُ بندر، انگريزن جي حڪومت واري دور ۾ جامڙي شاخ جي سُڪي وڃڻ ڪري بند ٿي ويو.

7. وينجهرو(1):-
هيءُ ماڳ نواب شاهه ضلعي ۾ سڪرنڊ تعلقي ۾ موجوده سڪرنڊ شهر کان قاضي احمد ويندڙ قومي شاهراهه جي ڏکڻ ۾ ’مشائخ شاخ‘ جي وٽ سان اڀرندي طرف واقع آهي. پراڻي زماني ۾ هيءُ شهر سيوهڻ کان 13 ڪوهن جي مفاصلي تي واقع هو، جنهن ۾ سميجا ۽ انڙ رهندا هئا. ’تاريخ مظهر شاهجهاني‘ ۾ آهي ته: ”هيءُ شهر سنڌ جي هڪ قديم ذات’وينجهر‘ جي ماڻهن آباد ڪيو. هيءُ شهر ڍنڍ جي ڪناري تي آباد هو ۽ سنڌو درياء جي الهندي طرف کان وهندو هو“. هن شهر ۾ هڪ مظبوط قلعو هو، جيڪو 13 ايڪڙن ۾ ڦهليل هو. هن کي چوڌاري ڪچي مٽيءَ جي ڀت ڏنل هئي ۽ کيس ڌار دروازا هئا. مغلن جي دور ۾ قلعي مان سميجن کي تڙي ان جي نئين سر اڏاوت ڪرائي ويئي. ان ۾ مغليه فوج توب خاني سان ويهاري ويئي ۽ ڦاسي گهاٽ ٺاهي، آزادي لاءِ وڙهندڙ سنڌي جوڌن کي لڙڪايو ويو.
وينجهر درياء جي ڪپ تي هئڻ ڪري واپار جو مرڪز هو ۽ هتي هروقت ٻيڙا سامان سان ڀرجي ايندا هئا. نامياري محقق قريشي حامد علي خانائي پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکي ٿو ته: ”وينجهرو، سنڌ جي لاکاٽ پرڳڻي جو هڪ قديم شهر هو. گويا هيءُ شهر لاکاٽ ۽ خطي پرڳڻي جو دريائي پتڻ هو. واپاري قافلا ۽ فوجي نقل و حرڪت جو هيءُ مکيه مرڪز هو. لاکاٽ ۽ خطي پرڳڻي جو اناج ۽ ٻيو واپار هن پتڻ جي ذريعي گجرات ۽ ڪاٺياواڙ سان هلندو هو.“ چون ٿا ته: ”هيءُ شهر اورنگزيب جي حاڪميت جي ڏينهن ۾ برباد ٿيو. حملي آورن شهر کي ڦري لٽي باهه ڏيئي ساڙي ڇڏيو. اڄ به ان جا نشان شهر جي سڙيل گهرن ۽ ڀتين مان پسجي رهيا آهن.“

8. قلعو مروٽ بندر
قديم قلعو مروٽ درياء هاڪڙي جي ڪناري تي واقع هو. هن قلعي جو معمار چتور جو حاڪم’ راجا مهروٽ‘ هو. بهاولپور گزيٽيئر مطابق هن جي دروازي تي هڪ سر تي لکيل هو: ”سنبت 1548ع پرکي پوهه سوري مروٽ پاٿا ملڪ ڄام’سومرا ڪوٽ‘ پڪي کيل ڦرائي.
هن مان معلوم ٿئي ٿيو، ته هيءُ قلعو ڄام سومري جي قبضي ۾ هو، ۽ ان جي مرمت سنه 1491ع ۾ ڪرائي. قلعي جي مسجد مغل بادشاهه اڪبر اعظم ٺهرائي.
ملتان ۽ دهلي جي عام شاهراهه تي هئڻ ڪري تجارتي قافلا قلعي مروٽ تي ڊاٻو ڪندا هئا. هيءُ رستو هانسي ۽ سرسه کان ٿي هتي ايندو هو. طبقات ناصريءَ جو مصنف منهاج الدين لکي ٿو ته:
”مروٽ ننڍو شهر آهي، قلعو بند آهي ۽ دهليءَ اُچ جي وچ ۾ آهي.“ هاڪڙي درياء جي سڪن ڪري مروٽ تباهه ٿي ويو. دفاعي لحاظ کان هن جي اهميت ختم نه ٿي. سنه 1749ع ۾ والي بهاولپور نواب مبارڪ خان هيءُ قلعو جيسلمير جي راجا کان کسي پنهنجي قبضي ۾ ڪيو.


_____________

(1)  عيسوي سن کان سواءِ ٽي سؤ کن ورهيه اڳي ’تال‘بندر مکيه هو. يونانين به ساڳي نالي سان ڄاڻايو آهي. ان بابت جيڪي ڏس پتا ڏنا اٿن، ته اهو بندر ٺٽي ضلعي جي الهندي طرف هو، جتان سنڌو ندي ٻه وڏيون ساخون ٿي وهندي هئي. هڪ شاخ ڪيٽي بندر ۽ ٻي شاهه بندر ڏي ويندي هئي. ان وقت سمنڊ گهڻو پري هو ۽ شايد شاهپور وٽان وهندو هو.(ايڊيٽر)

(2)  ميجر هيگ پنهنجي ڪتاب دي انڊس ڊيلٽا ڪنٽري، جي صفحي 20 تي لکيو آهي ته: ”اِڪشو اِڪو، سورج ونسي گهراڻي جو پهريون بادشاهه، جنهن جي ڀيڻ ’اِلا‘ ٻڌ سان پرڻيل هئي، اتي رهندو هو. ان مان هن قلعي جي قدامت جو ڪجهه اندازو لڳائي سگهجي ٿو.“ (ايڊيٽر)

(1) وينجهر سنڌ جي لاکاٽ پرڳڻي ۾ هڪ قديم شهر هو، هيءُ سهر لاکاٽ پرڳڻي جو دريائي واپاري پتڻ هو. واپاري قافلا ۽ فوجي نقل و حرڪت جو هيءُ مکيه مرڪز هو. لاکاٽ ۽ خطي پرڳڻي جو ان جا ۽ ٻيو واپار هن پتڻ جي ذريعي سنڌ جي قديم شهر نصرپور جي رستي گجرات ۽ ڪاٺياواڙ سان هلندو هو. هن وقت انهيءَ شهر جو ويرانو 30 ايڪڙن ۾ ڦهليل نظر اچي ٿو. هن قلعي جو ذڪر مظهر شاهجهاني ۾ آهي، ان موجب هيءُ قلعو 1009هه يا 1013هه لڳ ڀڳ سيوهڻ سرڪار جي صوبيدار مير ابوالقاسم نمڪين، درياء جي هڪ وهڪري يا ڀر واري ڍنڍ تي ٺهرايو. 

ملتان بندر

تاريخ شاهد آهي، ته سنڌ پنهنجي قدامت ۽ وسعت جي لحاظ کان ساري دنيا ۾ منفرد مقاموالاري ٿي. قديم زماني ۾ سنڌ پنهنجي پکيڙ جي لحاظ کان تمام وسيع ۽ ڪشادو ملڪ هو. ڊاڪٽر محمد جمن ٽالپر جو رايو آهي ته: ”اهو قديم سنڌ وارو ملڪ اتر ۽ سائبيريا، ڏکڻ ۾ ڪرهند، الهندي ۾ دجلا درياء ۽ اڀرندي ۾ چين واري سمنڊ تائين ڦهليل هو. ان ڪري هن چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو، ته انهيءَ زماني ۾ ذري گهٽ سمورو ايشيا کنڊ، سنڌ جي نالي سڏبو هو.“(مسلمانن جي اچڻ وقت سنڌ جون حدون، هن طرح هيون: اتر ۾ جهلم ندي تايئن، جنهن ۾ ڪشمير جا هيٺيان حصا ۽ هندو ڪش جبل، اتر اولهه ۾ هيلمند نديءَ تائين، جن ۾ مڪران به شامل هو. ڏکڻ ۾ عربي سمنڊ، ڏکڻ اوڀر ۾ ڪڇ جو رڻ ۽ اوڀر ۾ راجپوتانا ۽ جيسلمير جي سرحد تائين سنڌ هئي. خاص ڪري عرب مؤرخن، ملتان کي سنڌ ۾ ڳڻيو آهي، ان ڪري اسين هت سنڌ جي هن پراڻي بندرگاهه جو ذڪر ڪرڻ ضروري سمجهون ٿا.
ملتان دنيا جو تمام پراڻو تاريخي شهر آهي. چون ٿا ته ملتان جو اصلي نالو ’ميسان‘ هو. ڪن مؤرخن جو رايو آهي، ته جڏهن ملتان ۾ اديتيه مندر جو وجود پيو، تڏهن ان کي ’مول اسٿان‘ چيو ويو. ابن الشير لکي ٿو ته:”اديتيه ديوتا جي ڪري ئي هن شهر کي ’مولتان‘ سڏيو ويو. هيءُ بت صدين کان هتي هو ۽ هن تي ڪيترن ئي تحفن جي بارش ٿيندي هئي. هن کي عربن ( بيت الذهب) به سڏيو. هندن جي ڪتابن ۾ ملتان کي ’ڪشپ پور‘، ’هنس پور‘ ۽ ’سنڊ پور‘ سڏيو ويو. ڪن جو چوڻ آهي، ته ’مولتان‘ جو نالو ’مالي آسٿان‘ هو. ’مالي‘ هندن جي هڪ ذات، جيڪا هتي ڪثرت سان رهندي هئي. هن ذات وارن سڪندر مقدونيءَ سان به مقابلو ڪيو. ملتان تمام پراڻو شهر آهي.“ تاج الدين مفتي جو چوڻ آحي ته:”حضرت نوح عليه السلام جي طوفان وقت ملتان آباد هو.“ جڏهن بيروني ملتان ۾ آيو تڏهن کيس ٻڌايو ويو ته:” هيءُ شهر 2 لک 14 هزار 4 سؤ ٽيهه سال پراڻو آهي. آرين جي اچڻ کان چار هزار سال اڳ هيءُ شهر آباد هو ۽ هتي دراوڙ رهندا هئا. پراڻي زماني ۾ ملتان نهايت وسيع علا.قو هو.“ سيد سليمان ندوي لکي ٿو ته:” ملتان جو مطلب صرف هڪ شهر نه هو، پر رياست هو.“ مصر جي وزير مهابلي لکيو آهي ته:”هن جون حدون تمام ڪشاديون هيون. مڪران ۽ منصوره تائين هن جي وسعت هئي. درياء سنڌ وارو قنوج به هن ۾ هو. ان دؤر ۾ ملتان ۾ هڪ لک 55 ڳوٺ هئا.“ سانگ چين سنه 241ع م ملتان آيو. هو لکي ٿو ته:”ملتان 5 ملين جي ايراضي تي پکڙيل آهي، ملتان تمام ڳتيل آبادي وارو شهر آهي، هتان جا ماڻهو تمام امير آهن، ۽ هتان جي مٽي به نهايت زرخيز آهي. آبهوا خوشگوا ر آهي. ماڻهو نهايت سادا ۽ ايماندار آهن. هڪٻئي جي عزت ڪن ۽ نيڪ اقدار سان محبت رکن ٿا. گهڻا ماڻهو روحن لاءِ قرباني ڪن ٿا. هن ٻڌ مذهب جون ست خانقاهون ۽ هندن جا اٺ مندر آهن. هڪ مندر جيڪو سورج ديوتا جو آهي. پيلي سون جو ٺهيل آهي ۽ ان کي قيمتي جواهرات سان سينگاريو ويو آهي. مندر ۾ مختلف ذاتين جي ماڻهن جا نمائنده رهن ٿا.“ ملتان قديم زماني کان ئي تهذيب ۽ تمدن جو مرڪز رهيو آهي. ابن حنيف ”سادات دريائون ڪي زمين“ ۾ لکي ٿو ته: پراني زماني ۾ هڙپا ۽ موئن جو دڙو عظيم تهذيب جا مرڪز هئا، جن جي وچ ۾ چار سؤ ميلن جو مفاصلو هو. هنن ٻنهي شهرن جي وچ ۾ هڪ اهڙوشهر ضرور موجود هو جيڪو سياسي، فوجي، معاشي ۽ تجارتي لحاظ کان وچ واري علائقي کي ڪنٽرول ۾ آڻي پئي سگهيو، جنهن جي منڊين ۾ ڳوٺاڻا هاري، پنهنجون جنسون ۽ ٻيو سامان آڻي پئي سگهيا. هنن ٻنهي جي وچ ۾ هڪ وڏو شهر ضرور موجود هو ۽ اهو هو ملتان. ملتان جاگرافيائي لحاظ کان، موئن جو دڙو ۽ هڙپا کان به وڌيڪ ضروري جاءِ تي آباد هو.”ملتان تجارت جو مرڪز هو، جڏهن ته هيءُ شهر درياء راوي جي ڪناري تي آباد هو ۽ چناب ندي به هتي اچي راويءَ ۾ ملندي هئي. ان ڪري بحري لحاظ کان هيءُ شهر هڪ بندر هو. درياءِ گومل جي رستي تجارت ٿيندي هئي. هيءُ رستو ديره جات کان ٿيندو ملتان ويندو هو. ان ڪري پراڻي زماني ۾ افعانستان سان ملتان جو سڌو سنئون واپار هلندو هو. منشي عبدالرحمٰن لکي ٿو ته: ”تاريخي ۽ تاريخ کان اڳ واري دؤر ۾، تاجر ۽ تاجران جا قافلا ملتان ايندا ويندا هئا. آبي رستن ۽ خشڪي جي رستن ذريعي ملڪي ۽ بيروني آمد رفت ٿيندي هئي. جيئن ته ملتان نه صرف ملوها پر پر پاڪستان جي وچ ۾ هو، ان ڪري دريائي ۽ بحري تجارت کي ڪنٽرول ڪري پئي سگهيو. منهنجي خيال ۾ واديء سنڌ جي هڙپائي دؤر کان وٺي آرين جي آمد تائين ملتان کي تجارتي اهميت حاصل هئي. ان ڪري کيس نه صرف ملوها پر هڙپا ۽ موئن جي شهرن ۾ به کيس منفرد مقام حاصل هو.“ مختلف شاهدين جي روشنيءَ ۾ هيءَ ڳالهه پوري و ثوق سان چئي سگهجي ٿي، ته بري رستن کان علاوه پاڪستان جي طويل ساحل ۽ دريائن جي ذريعي نه صرف اندروني پر بينالاقوامي تجارت ٿيندي هئي ۽ اندروني تجارت جي سلسلي ۾ پنهنجي بيهڪ جي لحاظ کان ملتان خاص ڪردار ادا ڪندو رهيو هو. ملتان ۽ اُچ شريف هزارين سال اڳ وچ پاڪستان جا نهايت اهم ترين بندرگاهه هئا ۽ انهن جي رستي تي نه صرف پاڪستان جي هيٺين حصن جي تجارت هلندي هئي پر تجارتي جهاز هتان ٿيندا سمنڊ تايئن ويندا هئا ۽ اتان پوءِ ملوها ۽ امون جي تجارتي مال کي جهازن ذريعي کڻي، ماگان جي سامونڊي ڪنارن کان ٿيندا، عراق ويندا هئا.پراڻي زماني ۾ نه صرف ملتان ۽ اُچ پر هڙاپا جو شهر پٽيالا ۽ پوءِ مٿيڪلاوتي درياء سنڌ ۽ پنجاب جي پنجن دريائن سان ٿيندڙ تجارت جي ڪري مشهور هئا.
ملتان کي تاريخ جي هر دؤر ۾ تجارتي اهميت رهي آهي. بساري لکي ٿو ته: هتي ميوو سستو آهي، واپار چڱو ۽ وڌندڙ آهي. واپاري ڏيتي ليتي ايمانداريءَ سان ڪن ٿا، فارغالبالي ڪري، ماڻهن جي زندگي، عيش ۽ آرام سان گذري ٿي. آبادي گهڻي ڳتيل آهي. واپاري واپار ۾ ڪوڙ نه ڳالهائيندا آهن ۽ نه ڪي ماپ ۾ گهٽ وڌ ڪندا آهن. ضرورت ۽ آرام جون گهڻيون شيون آهن. شهر سهڻو آهي.“ ساڳئي طرح ابن حوقل لکي ٿو ته : ” هيت سستائي آهي، تجارت سٺي هلي ٿي، واپار ۾ ڪوڙ ناهي.“
بهرحال عربن جي آمد وقت سنڌ جي اترئين حصي جو هي وڏي ۾ وڏو سهر ملتان تجارت کان سواءِ علم، ادب، ثقافت، اسلامي درسگاهن کان به مشهور هو. تعليم ۽ تبليغ جي عروج ڪري کيس سنڌ جو بغداد، سڏيو ويندو هو. عرب دنيا مان ڪيترائي بزرگ لڏي هتي اچي رهيا ۽ مدرسا کولي درس ڏنائون. خود هتان جي عالمن به علمي دنيا ۾ وڌيڪ نالو ڪڍيو. جن ۾ هارون بن عبدالله ملتاني، جعفر محمد بنعبدالله، شيخ رڪن الدين، شيخ صدر الدين، شيخ عمالدين وغيره جا نالا قابلي ذڪر آهن. ان دؤر جي خاص ڳالهه هئي، ته ملتان ۾ عربيءَ سان گڏ سنڌي ٻولي به عام طور تي ڳالهائي ويندي هئي. مشهور مسلم جاگرافيدان ابن حوقل جو چوڻ آهي ته: ”منصوره ۽ ملتان جي اڪثر حصن ۾ عربي ۽ سنڌي ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون.“
ملتان اڄ به سنڌ جو قريبي ۽ پاڙيسري شهر آهي، جنهن درو ديوار مان سنڌي تهذيب ۽ تمدن جو ڏيک جهلڪ ڏيندي نظر اچي ٿو.


______________

*عربن جي دؤر ۾ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ ملتان هو، پر بنو اميه خليفن جي گورنرن جي وقت ۾ گاديءَ جو هنڌ ’الور‘ هوندو هو، بنو عباس خلافن جي وقت ۾ تختگاهه منصوره هو. بغداد جا خليفا جڏهن سنڌ تان دستبردار ٿيا، ته ان علائقي کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو: اَپر سنڌ، جنهن جو تختگاهه ملتان، ۽ لوئر سنڌ جنهن جو تختگاهه منصوره ٿيو. جنهن ڏينهن ۾   واري حڪومت کي ڊانواڊول ڪري، ملتان ۾ وڃي ويٺا، تن ڏينهن ۾ ملتان سڄي سنڌ جو تختگاهه ٿيو. سيوهڻ، بکر، الور وغيره يا ٻيون جيڪي به ننڍيون وڏيون رياستون هيون، سي سڌيءَ طرح خراج ادا ڪنديون هيون.

سلطان محمود غزنويءَ ملتان تي سنه 396هه ۾ ڪاهيو، جو کيس ٻڌايو ويو، ته ملتان ۾ ڪي ماڻهو اسلام جي خلاف ڪم ڪن ٿا ۽ مسلمانن کي حج تي وڃڻ کان روڪين ٿا. هندستان ۽ سنڌ ۾ قرمطي مذهب جي تبليغ جو مرڪز به ملتان هو. سلطان محمود غزنوي جي ڪاهه وقت ملتان جو حاڪم ابوالفتح دائود هو. هن کي لاهور جي انند پال ۽ جئپال فوجي مدد ڏني، پر ستن ڏينهن جي گهيري کانپوءِ ابوالفتح دائود آڻ مڃي ۽ لکي ڏنائين، ته هو هر سال محمود غزنويءَ کي ويهه هزار درهم خراج ڏيندو(1) ۽ قرمطي باغي سلطان محمود غزنويءَ جي حوالي ڪندو، ملتان فتح ڪرڻ کان پوءِ سلطان محمود هتي پنهنجو سڪو جاري ڪيو.مسلمانن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان اڳ ان وقت جي اسلامي خليفي، ڏاهر  ڏانهن خط لکيو هو ته: ”اسان کي سنڌ جي تجارتي آمدورفت بابت مڪمل ڄاڻ آهي. اسان کي گهڻن وڏن شهرن جا باري ۾ معلوم آهي. اسان کي انهن اهم شهرن جي اهم ٿاڪن جي به خبر آهي....... جنهن مان  خبر پوي ٿي، ته اسلام جي اچڻ کان اڳ به عربن سان ديبل، نيرون ڪوٽ، برهمڻ آباد، سيوهڻ ۽ ملتان وسيلي واپار ٿيندو هو.

(1) محمود غزنوي ٻي ڪاهه سنه 401ع ۾ ڪئي، جو دائوس شرطن تان ڦري ويو ۽ قرمطين ٻيهر ملتان ۾ پنهنجيون سرگرميون شروع ڪيون. غزنوي، قرمطين جو قتل عام ڪرايو ۽ دائود کي قيد ڪري غزني کني ويو، پر پوءِ به بندرگاهه جي صورت حال بهتر کان بهتر هئي. ملتان بندر تان تجارتي مال عربستان وسيلي فلسطين ويندو هو، ان کان سواءِ افعانستان، ايران، ٻيٺ، برمان، ڏکڻ هندستان سان ملتان جا تجارتي گهاٽا لاڳاپا هئا.(ايڊيٽر) 

شڪارپور جو بازارون

گهڻو گهڻو اڳي، جڏهن سنڌ ۽ فرات دجلا جا پاڻ ۾ تجارتي ناتا قائم هئا، تڏهن فرات، دجلا جا قافلا قنڌار، ڪوئيٽا ۽ قلات کان ٿيندا سنڌ ۾ داخل ٿيندا هئا ۽ ’بولان لڪ‘ اڪري سري، ’جهڏير جي دڙي‘ کان لنگهي شڪارپور کان ٿيندا، ’موئن جي دڙي‘ تائين پهچندا هئا. جتان پوءِ لهم جي دڙي، ماڻڪ تاري موندر، مرکپور کان ٿيندا سيوهڻ ڏانهن ويندا هئا. سيوهڻ کان انهن قافلن کي لڪي ۽ نيرون پهاڙن واري قطار جو اولهه وارو پاسو ڏيئي لنگهڻو پوندو هو. سيوهڻ کان 12 ميل پري جهانگارن وٽ اهو رستو ٻن شاخن ۾ ڦٽندو هو، هڪ شاخ ڪائي نينگ کان لاهوت تائين ويندي هئي. ٻي شاخ دنب بٺي، ٻنڌڙي، چورلي، ڪرجات ۽ ٿاڻي عارب کان ڪلاچي جي ڪن مٿان لنگهي لاهوت لس ٻيلي وٽان ٿيندي، مڪران جي حدن ۾، سمنڊ جي ڪناري مٿان، جبلن جي قطار جي پريان هلندي اُر تائين ٿي ويئي. سنڌ ۾ ان شاهراهه تي، جيڪي مکيه جنڪشن جي حيثيت رکندڙ شهر هئا، انهن ۾ شڪارپور وٽ هڪ دڙو، سيوهڻ ۽ ڪرچات به هئا،اسين هتي جنهن شڪارپور شهر جو ذڪر ڪريون ٿا، سو سنه 1617ع ۾ دائود پوٽن اڏايو، اهڙي طرح عظيم شاهراهه ۽ سياسي سهوليتن سبب هيءُ شهر سنڌ جو مکيه واپاري شهر بنجي ويو. ابتدائي دور کان وٺي انگريزن جي زماني تائين شڪارپور جو واپار ڪابل ۽ قنڌار، سمرقند ۽ بخارا، قلات ۽ خراسان، ملتان ۽ لاهور، ڪيچ مڪران ۽ سون مياڻيءَ سان هلندو هو.
شڪار پور جا واپاري اڃا نه وسيع هئا، جيڪي هڪ طرف بلوچستان کان وٺي افغانستان بلڪه روسي ترڪستان تائين ۽ ٻئي طرف احمد آباد بمبئي ڪاٺياواڙ، حيدرآباد دکن، مدراس، مينگلور، ڪلڪتي بڪله برما جي گاديءَ جي هنڌ رنگون تائين وڌيل هئا. ڪپڙي جي واپار سان گڏ بلوچستان، افغانستان ۽ روسي ترڪستان مان تازو ۽ خشڪ ميوو سنڌ ۾ ايندو هو ۽ هتان سنڌ جي ٻين شهرن ڏانهن اماڻيو ويندو هو. ان کان سواءِ نيشاپور جي خاص مٽي ريشم، سُڪو ميوو، ڀرت جو ريشم، عاج، ٽامي ۽ پتل جا ٿانوَ، رنگ ۽ ٻيو خام مال ٻاهران ايندو هو.
شڪارپور واپارين ۽ سيٺين جو شهر هو. شڪارپوري واپاري اوڀر هانگ ڪانگ ۽ سينگاپور تائين وڃي پهتا ۽ ڏکڻ ۽ اولهه ۾ نائيجيريا ۽ يوگنڊا تائين وڃي رسيا. انهن سيٺن هتان جي واپار کي چوٽ چاڙهيو. جيمس برنس لکي ٿو ته: ”شڪارپور ۾ ڪامياب ترين بئنڪر يا خراف هئا، جيڪي ان وقت وڏيون بئنڪون يا ڏيتي ليتيءَ جا ادارا هئا، جن جا گماشتا سڀني مشهور هنڌن جهڙوڪ: اولهه ۾ ڪئپسين سمنڊ جو ڪنارو، اوڀر ۾ ڪلڪتي ۽ ڏکڻ ۾ حيدرآباد دکن ۾ هوندا هئا. وڏي واپار لاءِ اهي موڙيون پيدا ڪندا هئا ۽ سندن هُنڍيون هر هنڌ هلنديون هيون.“ ميسن لکي ٿو ته: شڪارپور جا سيٺيون سڀ هندو آهن ۽ انهن جو واپار ڪيترن ئي ملڪن سان هلي ٿو.“ انهن واپارين شڪارپور ۾ بازارون قائم ڪيون، جيڪي نزاڪت ۽ نفاست ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هيون، جن ۾ روزانو هزارين رپين جو واپار ۽ ڪاروبار هلندو هو. انهن بازارن مان ٻه بازارون تاريخي اهميت رکن ٿيون . 1- ڍڪ بازار ۽ 2- بجاج بازار. ڪي اضافي بازارون به هيون. جهڙوڪ: صرافڪي بازار، چوڙيگر بازار، بوٽن جي بازار، ڪاغذي بازار وغيره پر مٿين ٻن بازارن کي خاص اهميت هئي.
1. ڍڪ بازار: هيءَ بازار اڌ ميل ڊگهي هئي ۽ ساري بازار ساڳ جي ڪاٺين جي ڪئنچين جي مٿان ٽاٽ رکي ڍڪي وئي هئي. هيءَ بازار، سخت گرم مند ۾ به ٿڌي هوندي هئي. بازار، شڪارپور جو مکيه واپاري مرڪز هئي، جتي وچ ايشيا ۽ اوڀر اولهه هندستان جا واپاري ايندا هئا. چئين بجي ڌاري هت تجارتي سرگرميون زور وٺي وينديون هيون. هتي مکيه دڪان هوندا هئا جتي هر قسم جو سامان سڙو ملندو هو. انگريزن جي اوائلي دور م هتي اناج، ڪپهه، ڪپڙي، ريشم، ڌاتن، عاج، ميوي، ڀاڄين، عطر ۽ خوشبودار شين جا 9 سؤ دڪان هئا. واٽر بيلو لکي ٿو، ته: هتان جي بازار سڄي ڪاٺ جي جڙاوت سان ڍڪيل آهي، انهيءَ ڪري سخت گرم مند ۾ به ٿڌي هوندي آهي. هيءَ بازار واپار جو وڌو مرڪز هئي هن بازار ۾ دنيا جون سڀ قومون اچي گڏ ٿينديون هيون. پوشڊاڪ، هلت چلت، رنگت ۽ ٻولين جي اختلافن وغيره جي ڪري عجيب منظر لڳندو هو. ڪريم بخش خالد لکي ٿو ته: ”شڪارپور جي هن بازار ۾ هڪ اهڙي گاڏڙ زبان به ڳالهائي ويندي هئي، جيڪا فارسي، سنڌي ۽ ٻين مقامي ٻولين جو مرڪب هئي.“ بخارا، سمرقند ۽ استمبول جي شهرن مٿان ڏنل ڇت وانگر ڍڪ بازار ٺهرائي ويئي هئي ۽ ان نسبت سان ئي کيس ڍڪ بازار سڏيو ويو.
2. بجاج بازار: شڪارپور ڪپڙي جي بازار جو مرڪز هو. هتي ڪپڙي جي عليحده مارڪيٽ هئي، جنهن کي ’بجاج بازار‘ سڏيندا هئا. هتان جا هندو سيٺ جيڪي ڪپڙي جو واپار ڪندا هئا، تن کي بجاج سڏيو ويندو هو. سندن ڪپڙي جو واپار بخارا، قنڌار، سينگاپور، هانگ ڪانگ، نائيجيريا ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن سان هلندو هو. ميسن لکي ٿو ته: ”شڪارپور خوشحال ۽ شاهوڪار شهر آهي، هتان جي بازار، عاليشان آهي، جتي هر قسم جو ڪپڙو با آساني ۽ رعايت سان ملي سگهي ٿو.“
هنن ٻنهي بازارن شڪارپور جي تجارت ۽ واپار ۾ مغزي ڏوري وارو ڪردار ادا ڪيو. اڄ ڪلهه ڍڪ بازار جو رنگ روپ ختم ٿي چڪو آهي، ڪيترن ئي هندن تان سڙي ڪري به پئي آهي ۽ بجاج بازار جي منهن وٽ مينا بازار اچي جڳهه ورتي آهي. مطلب ته: ”اڇو پاڻي لڙ ٿيو ڪانگاريو ڪنگن.“

حيدرآباد جي شاهي بازار

حيدرآباد سنڌ جو نهايت پراڻو تاريخي ۽ تمدني شهر آهي. تاريخ روايتن مطابق هن شهر جي آبادي جو سلسلو ”نيرون“ جي ٺهڻ کان پوءِ شروع ٿيو، جيڪو 6 صدي ۾ راءِ گهراڻي‘ جي حڪومت ۾، برهمڻ آباد جي گورنر جي هٿ ۾ هو. ارغونن ۽ ترخانن جي دور ۾ هن شهر کي ضلعي جي حيثيت مليل هئي. مغلن جي زماني ۾ هيءُ شهر ٺٽي ضلعي جو ماتحت هو. مغلن کان پوءِ ڪلهوڙن جي دور ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جنوري 1789ع ۾ قلعي جي نئين سر تعمير ڪرائي نئين شهر جو بنياد رکيو ۽ ان کي حيدرآباد، جو نالو ڏنو. قلعي جي تعمير اهڙي ته ڪئي وئي جو’قانع‘ جي لفظن ۾ قلعي جي مضبوطيءَ جو ڪهڙو بيان ڪجي. واقعي هن کان اڳ اهڙو قلعو ڪو ورلي نظر ايندو. حيدرآباد کي سنڌ جو تختگاهه بنايو ويو.
حيدرآباد صنعت جي ۽ حرفت، هنر ۽ ڪاريگريءَ جو مرڪز هو. آسپاس زرخيز زمينون هئس، هڪ پاسي ٽن ميلن جي پنڌ تي درياء هئس ۽ ٻئي پاسي وهندڙ ڦليلي. هتان مکيه صوبائي رستا ڦٽي ٿي نڪتا ۽ ان ڪري صوبي جي مکيه واپاري مرڪز سان، خشڪي رستن جي ذريعي هيءُ شهر ڳنڍيل هو. جڏهن انگريز واپاري هتي آيا، تڏهن هن شهر کي آباد ۽ خوشحال ڏٺو. پاٽنجر لکي ٿو: ”حيدرآباد، هڪ ٻيٽ تي ٻڌل آهي ۽ ڦليلي جو وهڪرو، قلعي کان هڪ هزار قدمن تي ٿيندو، پر انهيءَ مان هڪ شاخ قلعي جي بلڪل نزديڪ وهندي هئي، جنهن ۾ ٻيڙيون وغيره لنگر اچي هڻنديون هيون.“ ان زماني ۾ هتي شاندار ريشمي ۽ سوٽي ڪپڙو تيار ٿيندو هو. هتي هٿيار به سُٺا ٺهندا هئا. ٽوٽي واريون بندوقون، تلوارون ۽ خنجر به عمده ٺهندا هئا، جي ڪنهن به طرح يورپ جي هٿيارن کان گهت نه هئا.
حيدرآباد جي ” شاهي بازار“ هتان جي سونهن هئي. ڪلهوڙا دور کان پوءِ جڏهن مير فتح علي خان هتان جو حاڪم ٿيو، تڏهن هن هڪ باقاعده اسڪيم هيٺ شهر جي سٽاءَ ۽ آباديءَ طرف ڌيان ڏنو ۽ قلعي جي دروازي جي سامهون هڪ ”سڌي بازار“ قائم ڪيائين، جنهن کي پوءِ ”شاهي بازار“ سڏيو ويو. هن بازار جي اوڀر طرف مسلمانن کي آباد ڪيو ويو، جا اڳتي هلي ’جمن شاهه جي پڙ‘ تائين پهتي. شهر جي ترقيءَ لاءِ ڪاريگرن، ڪاسبين ۽ هنرمندن کي آباد ڪري، شاهي بازار ۾ کين مفت دڪان ڏنا ويا. اهڙيءَ طرح هن بازار ۾ ڪوري، کٽي، کنبهاٽي، ٺاٺارا، رنگريز، زردوز، پاٽولي، زرگر، چوڙيگر، نقاش، لوهار ۽ ڪاسائي ڪم ڪرڻ لڳا. هنن ڪاريگرن جا گهر بازار جي پٺيان هوندا هئا. وقت جي حڪمرانن جي نوابن ۽ زيردستن جون جايون شاهي بازار جي ٻنهي پاسي هيون، جن کي پاڙي يا پڙن جي نالي سان سڏيو ويندو هو. حيدرآباد جي ساهي بازار جا ٻه حصا هئا:
(الف) شاهي بازار جو الهندو پاسو: هيءُ پاسو، ڏکڻ کان اتر طرف هو، قلعي جي وڏي برج تان شاهي بازار جي الهندي ۽ اڀرندي طرف نظر پوندي هئي. هن جي آڏو مير نصير خان ۽ مير محمد خان جا پَڙ ۽ ڀائي خان جي چاڙهي هئي. بازار جي هن حصي ۾ خاطو بندن جي گهٽي هئي، جنهن کي ”چوڙيگرن جي گهٽي“ چئبو هو، جيڪا هاڻي ”ريشم گلي“ جي نالي سڏجي ٿي. هتي اهڙا دڪان هئا، جيڪي خاطوبنديءَ جو ڪم ڪندا هئا. خاطو بند، آرسين ۽ اهڙين ٻين شين کي ڪاٺ جي چوکٽ ۾ فٽ ڪندا هئا. اڄ ڪلهه هن ڪم کي ”فريم سازي“ چئجي ٿو. چوڙيگر، ڪاٺ ۽ عاج مان ٻانهيون ٺاهيندا هئا.
(ب) شاهي بازار جو اُڀرندو حصو: شاهي بازار جو هيءُ حصو ڏکڻ کان اتر طرف هو، جيڪو قلعي جي بلڪل سامهون هو. بازار جي هن حصي کي ’طاهر بازار‘ سڏيو ويندو هو. هن تي اهو نالو خدمتگار نواب سرائي جي نالي پٺيان پيو. هتان لونگ ڀڳت جي گهٽي نڪرندي هئي، جنهن ۾ صيفل گتيوارا رهندا هئا. جيڪي تلوارون صاف ڪندا هئا. هتان ٿورو اڳتي کهنباٽن جي گهٽي هئي، جي رڱاوٽ جو ڪم ڪندا هئا. زردوزي به اهو ڪم ڪندا هئا. هن بازار جي هڪ ڪنڊ ۾ مڇيءَ جا هٽ هئا، جتي ساٽي اچي مڇي وڪرو ڪندا هئا. سنڌ جي مشهور مڇي’پلو‘ هتان ڏيساور موڪلي ويندو هو. شاهي بازار مان ٻيون سنهيون گهٽيون نڪرنديون هيون.
حيدرآباد جو شهر جيئن ته وڏي شاهراهه تي هو، هيءَ شاهراهه عراق، ايران ۽ مڪران کان ديبل پهچندي هئي ۽ ديبل کان حيدرآباد، منصوره ۽ اروڙ کان ٿيندي ملتان ويندي هئي. ايڏي اعليٰ شاهراهه تي هئڻ ڪري هتان جي شاهي بازار ۾ هميشه سودي سلف جو سامان خريد و فروخت تي گرهاڪن جي اٿاهه پيهه رهندي هئي. صبح شام هتي تاجرن جي رش هوندي هئي. جڏهن انگريز واپاري هتي آيا، تڏهن هنن هتان جي شاهي بازار جي وڏي ساراهه ڪئي. هئملٽن لکي ٿو ته:”هتي هڪ وڏي بازار آهي، جنهن جي دڪانن تي هر قسم جون جنسون ڪثرت سان موجود آهن ۽ گهڻو ڪري هندو ئي دڪانداريءَ جو ڌنڌو ڪندا هئا.“ هتان جي شاهي بازار هڪ ميل ڊگهي آهي. مرزا حبيب الله پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکي ٿو ته: ”شاهي بازار ۾ روشنيءَ جي انتظام لاءِ گاسليٽ جو بتيون ٻاريون وينديون هيون، جن کي ڪڇي ۽ ڪولهي نينگر ڇڪيندا هئا، هنن کي روزانو ٽڪو يا آنو خرچي ملندي هئي.
حيدرآباد جي شاهي بازار، ماضي ۾ گويا واپار جو مرڪز هئي ۽ روزاني ڏيتي ليتي ۽ ڌنڌي ڌاڙي جو خاص هنڌ هئي. انگريزن جي وڃڻ ۽ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ هيءَ بازار ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويئي آهي. پر زندگيءَ جي جديد سهوليتن سان آراسته آهي ۽ اڄ به تجارت جو مرڪز آهي.

نصرپور جون بازارون

نصرپور، سنڌ جو هڪ پراڻو تاريخي ۽ تهذيبي شهر آهي، جيڪو پراڻي زماني کان وٺي تهذيب ۽ تمدن، علم ۽ عرفان جو مرڪز رهيو آهي. هيءُ شهر دهليءَ جي شهنشاهه فيروز تغلق سنه 752هه ۾ ’ساگري ڍنڍ‘ جي ڪناري تي اڏايو ۽اتي هن هڪ قلعو به ٺهرايو، جتي امير نصر خان کي هڪ هزار سوارن سان مقرر ڪيائين ۽ ملڪ بهرام کي، انهيءَ علائقي جو فوجدار مقرر ڪيائين. هن جي دور ۾ نصرپور جي نئين ٻڌايل شهر ترقي ڪئي، درياء جي نزديڪي سببان هيءُ شهر سرسبز ۽ آباد هو ۽ ڏينهون ڏينهن سندس آبادي وڌندي رهي. اهڙيءَ طرح ارغونن، ترخانن خواهه ڪلهوڙن جي دور ۾ نصرپور انتطامي توڙي فوجي لحاظ کان هڪ علائقائي شهر جي صورت اختيار ڪري ويو.
مغلن ۽ ڪلهوڙن جي دور ۾ هن شهر تجارت ۾ وڏي ترقي ڪئي، جيئن ته هيءُ شهر سنڌو نديءَ جي ڪناري تي آباد هو، ان ڪري هتي عمدي قسم جا باغ رکيل هئا. ميان محمد مرادياب ڪلهوڙي، تاجپوشيءَ جي خوشي وارو جشن، هن شهر ۾ سنڌو درياء جي باغن ۾ ملهايو. 17 صديءَ ۾ هيءُ شهر وڏو ۽ وڌندڙ شهر هو. انگريز ايجنٽ لکن ٿا ته: ”هيءُ شهر ٺٽي کان وڏو نه آهي، ته برابر جيڏو بيشڪ آهي.“ هن شهر جي ويجهو درياء هو، ان ڪري شهر جي پکيڙ درياء جي ايراضي تائين هئي. درياء جو پتڻ، سامان جي لاهڻ ۽ کڻڻ، ٻيڙين لنگر انداز ٿيڻ ۽ مسافرن لاءِ رهڻ جي شهر ۾ سهوليت هوندي هئي. هتان جو مال ٻيڙين رستي ٺٽي پهچندو هو، جتان جي وڏين مارڪيٽن ڏانهن کڄي ويندو هو.
نصرپور پراڻي زماني کان هنر ۽ ڪاريگريءَ ۾ مشهور هو. خاص ڪري ڪپڙي جي صنعت جو وڏو مرڪز هو. هتي هرک، بافتا ۽ سوسين جا سٺا ڪپڙا تيار ٿيندا هئا. موسڙا به تمام سُٺا ٺهندا هئا، جيڪي ارغونن ۽ ترخانن جون زالون، خاص ڪري ڪم آڻينديون هيون. هتان جا ڪوٽ ڏاڍا مشهور هئا، جيڪي جاگيردار، نواب ۽ زميندار شوق سان استعمال ڪندا هئا. مغل دور ۾ دهلي ۽ آگري جي امير طبقي جا ماڻهو نصرپور جو ڪپڙو ڪتب آڻيندا هئا. انگريز ايجنٽن هتان جو ڪپڙو وڏي انداز ۾ خريد ڪيو ۽ اتي آفيس کولي ريزيڊنٽ مقرر ڪيائون. هو لکن ٿا ته نصرپور ڪپڙي تيار ڪرڻ جو اهم مرڪز آهي. ان زماني هتان جو بافتو گهڻو مشهور هو. ڏيسارو ۾ ان جي تمام گهڻي گهرج هئي، انهيءَ ڪري ڪمپني جي نمائندن هڪ ڀيري نصرپور مان بافتي جا ڇهه هزار وال خريد ڪري وڏي نفعي سان وڪرو ڪيا.
نصرپور جيئن ته تجارت جو اهم مرڪز هو، ان ڪري هتان جو بازارون به هر وقت ماڻهن سان ڳُتيل ۽ روزمرهه جي تجارتي سامان سان ٽٻ ٿيل هيون. نصرپور ۾ ٻه بازارون هيون:
الف-وڏي بازار: هيءَ بازار نصرپور جي قديمي ۽ شاهي بازار آهي. هتي وڏن وڏن ڪاريگرن جا دڪان هئا. هيءُ شهر جيئن ته هُنر ۽ ڪاريگريءَ جو مرڪز هو، ان ڪري هتي ڪوري، ڪاسيگر، دبگر، سونارا ۽ ڪاغذ ڪٽا رهندا هئا. خاص ڪري هن بازار ۾ ڪورين جو ڌنڌو وڏو هلندو هو. چون ٿا، ته هتي ڪورين جا ٽي هزار خاندان هئا، جن جا هن بازار ۾ خاص دڪان هئا. ارغونن ۽ ترخانن جي دورِ حڪومت ۾ هن بازار جو وڏو اوج هو. قريشي حامد علي خانائي پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکي ٿو ته: ”نصرپور ۾ وڏا وڏا سکر واپاري تجارت ڪندا هئا. واپارين جو مال ڏيسارون سان ٻيڙين رستي هلندو هو.“ هيءَ بازار بي بي نور ڀري جي نالي سان به سڏبي هئي، جنهن جي مزار آهي . هن بازار ۾ سنڌ جي مسهور مڇي ’پلي‘ جا خاص دڪان هئا. جڏهن انگريزن نصرپور مان ڪپڙو خريد ڪرڻ شروع ڪيو، تڏهن هنن به وڏي بازار ۾ دڪان کوليا ۽ پنهنجا گماشتا ويهاريا. هن بازار ۾ سوٽي ڪپڙي جو خاص واپار هلندو هو.
ب- ننڍي بازار: هيءَ بازار، ڪلهوڙن جي صاحبيءَ جو يادگار آهي. هن بازار جي منڍ ۾ ابراهيم شاهه نالي هڪ درويش جي مزار آهي. بازار جي ڇيڙي جي پٺ ۾ به ٻه ٽي قبرون آهن. جڏهن نصرپور ڪلهوڙن جي هٿ ۾ آيو تڏهن هنن هن بازار ۾ خاص قسم جا دڪان کولرايا ۽ هنرمندن ۽ ڪاريگرن کي مالي قرض ۽ سهوليتون ڏيئي، بازار کي آباد ڪرايو. هن بازار جي ايڏي ته هاڪ هئي جو ٺٽي جا نواب امير دريائي رستي هتي ايندا هئا. ۽ خريداري ڪير موٽي ويندا هئا. هن بازار ۾ مسافر خانه به هوندا هئا، جتي ٻاهران آيل تاجر ۽ واپاري آرام به ڪري سگهندا هئا.
نصرپور جون هي ٻه خاص بازارون، سنڌ جي قدامت ۽ تجارتي اهميت کي اڄ به نمايان ڪن ٿيون ۽ ٻڌائين ٿيون، ته ماضيءَ ۾ هيءُ شهر پنهنجي پر رونق ۽ پر وقار بازارن سببان سنڌ جي سونهن هو.

ٺٽي جون بازارون

سنڌ جو تاريخي شهر ٺٽو، واپار جي ڪري ايشيا جي دولتمند شهرن ۾ شمار ٿيندو هو. هيءُ شهر 14 صديءَ جي وچ کان وٺي 18 صديءَ جي وچ واري عرصي تائين، سنڌ جو اهم ترين شهر هو. سڄي اتر هندستان ۾ ڪوبه شهر اهڙو نه هو، جنهن ۾ ٺٽي کان وڌيڪ واپار ٿيندو هجي. فريدي لکي ٿو ته: ” ٺٽي کي ڌرتيءَ جي جنت سڏي سگهجي ٿو. هتي جي رهواسين ڪڏهن به ڏکن جي گهٽيءَ ۾ پير نه پاتو آهي. هنن جي دلين تي خوشي ۽ راحت آهي. ٿورن لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته، ٺٽو عراق ثاني آهي.“ ليفٽيننٽ هينري پاٽينجر لکي ٿو ته:”جڏهن سنڌ جي مقامي شهزادن، عربن جي طوق مان پنهنجي گردن آزاد ڪرائي، آزادي حاصل ڪئي، تڏهن انهن پنهنجي گادي ٺٽي ۾ قائم ڪئي ۽ اهو شهر جلد ئي ايشيا جي انتهائي دولتمند ۽ خوشحال شهرن ۾ شمار ٿيڻ لڳو ۽ انهيءَ جي ڪري وڻج واپار جو مرڪز بڻجي پيو، جيڪو هندستان واري اپٻيٽ ۽ ايشيا کنڊ جي انهيءَ حصي جي درميان هلندو هو، ان جي اترئين ۽ الهندي طرفن ۾ جاري هو.انهن شهزادن شهر کي خوبصورت عمارتن جي تعمير، دلپسند ۽ سهڻن باغيچن قائم ڪرڻ ذريعي، ساندار بنائڻ ۾ پيسي، محنت ۽ خرچ ڪرڻ ۾ ڪوبه بخل نه ڪيو ۽ ساڳئي وقت تي هنن سنڌو ندي مان جيڪا انهي شهر جي اڀرندي ۾ چئن ميلن جي مفاصلي تي وهي رهي آهي. واهن کوٽائڻ جي ذريعي دور دراز علائقن کان مال آڻي واپارين جي دروازن وٽ مهيا ڪيو. اهي تجارتي طبقي کي سهوليت ۽ آساني پهچائڻ جي وڌيڪ اهم مقصدن کي پوري ڪرڻ ۾ ڪوشان رهندا هئا.“
ان زماني ۾ ٺٽو واپار جي لحاظ کان لاهور ۽ ملتان کان وڌيڪ دولتمند هو. سنڌو درياء جون شاخون شهر تائين پهچنديون هيون، جن جي ڪپن تي واپارين جا گودام جڙيل هئا. انهن گودامن ۾ ٻيڙين رستي مال پهچندو هو. ٺٽي جو واپار عربستان، افغانستان، ايران، ترڪي، ميسوپوٽيما، آگري، احمد آباد، گوا، ڊيو، ايشيا مائينز، الهندي يورپ ۽ چين سان هلندو هو. جڏهن ’ايسٽ انڊيا ڪمپني‘ سنڌ ۾ واپار شروع ڪيو، تڏهن هن جي ايجنٽن ٺٽي جي دل کولي تعريف ڪئي. والٽر پيٽن لکي ٿو ته:”ٺٽو هڪ وڏو صنعتي مرڪز ۽ عظيم واپاري شهر آهي ۽ هندستان جي مشهور ترين منڊين مان هڪ آهي.“ ٿيوناٽ لکي ٿو ته: ”سنڌ جي شهر ٺٽي ۾ تمام گهڻو واپار هلي ٿو. هتان هندستان جا واپاري مقامي ماڻهن جون ٺهيل عجيب ۽ غريب شيون خريد ڪن ٿا. هتي جا ماڻهو سڀني قسمن جي هنرن جا بي انتها ماهر آهن.“
هنن حوالن مان صاف ظاهر آهي ته، ٺٽو هند سنڌ جو مکيه واپاري مرڪز هو ۽ صنعت، حرفت، هنر، ڪاريگريءَ ۾ بلند مقام تي پهتل هو. ان ڪري هتان جو بازارون به رونقدار ۽ تجارت جو مرڪز هيون. انهن مان خاص بازارن جو ذڪر هيٺ ڪجي ٿو:
1. اناج بازار: هن بازار جو بنياد ارغونن جي ڏينهن ۾ پيو. هن بازار واري ايراضي کي محله غلا بازار چئبو هو. هن بازار ۾ سيد شاهه مسڪين جي مزار به آهي، جيڪو پورچوگيزن جي ٺٽي تي حملي وقت شهيد ٿيو هو. هن بازار جي الهندي ۾ ’ميان ٺاري‘ جو مدرسو هو، جتي سوين شاگرد تعليم حاصل ڪندا هئا. هيءَ بازار ٺٽي جي مکيه بازارن مان هڪ هئي، جتي اناج جو واپار ٿيندو هو. هتان ٻيڙين ۽ اٺن رستي اناج ٻاهرين ملڪن ڏانهن موڪليو ويندو هو. پير هسام الدين راشدي لکي ٿو ته: ” هن بازار ۾ اناج جو وڻج واپار ٿيندو هو. هتي ان جا گودام هئا ۽ ان جي واپارين جون ڪوٺيون ۽ گودام هئا. سموري ٺٽي پرڳڻي جو ان اتي اچي لهندو هو ۽ اتان ئي خريد و فروخت ٿيندي هئي. بازار جي واپار ۽ اگهن وغيره تي، نگراني ڪرڻ لاءِ، حڪومت طرفان هڪ داروغو مقرر ڪيو ويندو هو. نواب همت دلير خان مغل گورنر جي ڏينهن ۾ جيڪو سنه 1145هه ۾ ٺٽي ۾ وارد ٿيو، ديوان منشارام انهيءَ بازار جو داروغو هو.“ هيءَ بازار سنه 1181هه تائين قائم رهي.
2. مرزائي بازار: هيءَ بازار مرزا محمد باقيءَ جي ڏينهن ۾ قائم ٿي. هن بازار جي اتر ۽ ڏکڻ ۾ ارغون سردار ۽ اتر ۾ بادشاهه ۽ آفيسر رهندا هئا. اميرن ۽ آفيسرن جي رهڻ ڪري بازار جي رونق وڌيل هئي ۽ اٺ ئي پهر کليل رهندي هئي. ساقي خانه ۽ ٻيو عيش جو سامان هر وقت موجود هوندو هو. ’ترخان نامه‘ جو مؤلف لکي ٿو ته: ”هڪ دفعي ارغون سردار بغاوت ڪئي ۽ بادشاهه کي چوائي موڪليائون، ته بازار جي اتر حصي وارو شهر تنهنجو ۽ ڏاکڻي حصي وارو شهر، اسان جو ۽ هنن پنهنجي حصي ۾ اچڻ نه ڏنو. آخر رزا باقي کين مذاڪرات جي بهاني، پاڻ وٽ گهرائي، سڀني کي قتل ڪرائي ڇڏيو.“ هن معاملي کان پوءِ هن کي خوني بازار به سڏبو هو.
3. گدا بازار: هيءَ بازار، ملا گدا علي ڀائي، جيڪو مرزا جاني بيگ جو امير هو، جي نالي پٺيان سڏبي هئي. هن بازار ۾ ڪپهه ۽ ڪپڙي جا وڏا وڏا دڪان هئا. پير حسام الدين راشدي لکي ٿو ته:”هيءَ بازار ٺٽي جي اهم بازارن مان هئي. انهيءَ بازار جي نالي تي هڪ محلو به سڏبو هو ۽ انهي محلي ۾ ئي اها بازار هئي. هن بازار ۾ پير لڌي جو مشهور دڪان به هو.“
4. بازار امير بيگ: هيءَ بازار مرزا جاني بيگ جي امير مرزا امير بيگ جي نالي تي هئي، جنهن جا هن بازار جي منهن وٽ بنگلا هئا. هيءَ بازار ٺٽي جي ڳُتيل بازارن ۾ ڳڻبي هئي. هتي هر وقت گرهاڪن جي رش ۽ ناڻي جي ريل ڦيل هئي. اهو ئي سبب آهي جو جڏهن پورچوگيزن ٺٽي تي ڪاهه ڪئي، تڏهن هن پنهنجي ڦرلٽ جو پهريون نسانو بازار کي بنايو. ’تحفة الطاهرين‘ مطابق هن بازار ۾ ٻه ٽي ماڻهو شهيد ٿيا.
هنن بازارن کان سواءِ ٺٽي ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي بازارون هيون، جن سنڌ جي هن شهر کي دنيا ۾ مشهور ڪيو.

مددي ڪتاب

حوالا:
’ڪتاب الهند‘– البيروني
’تاريخ طاهري‘– سيد طاهر محمد نسياني ٺٽوي
’ترخان نامه‘ – سيد مير محمد بن سيد جلال ٺٽوي
’لاهوري بندر‘ (جنگ اخبار) – ڊاڪٽر مبارڪ
’سنڌوءَ جو پڇاڙ وارو علائقو‘ – ڪليم لاشاري(عوامي آواز ڪراچي) علي رضا
’ڪراچي 1941ع ۾‘ – آءِ. اين. ايلن
’لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ‘ – ڊاڪٽر غلام علي الانا
’قلعا ۽ ڪوٽ‘ – اشتياق انصاري
’پيغام‘ – اپريل 1987ع
’ميان غلام شاهه ڪلهوڙو‘ – مرتب: اسلم عباسي
’نئين زندگي‘
’الوحيد‘– خاص نمبر
’قديم سنڌ ۽ ان جا شهر ۽ ماڻهو‘– مرزا قليچ بيگ
’سنڌ جي اقتصادي تاريخ‘– ڊاڪٽر ايس. پي. ڇٻلاڻي
’تاريخ ريگستان‘– رائچند هريجن
’پيغام‘ رسالو– جنوري 1974ع
’مهراڻ‘ رسالو – 2-1 / 1982ع
’عرب و هند کي تعلقات‘ – سليمان ندوي
’تمدن سنڌ‘ – رحيمداد خان مولائي شيدائي
’سنڌو جو سفر‘- بدر ابڙو
’سنڌ جي تاريخ‘(سما ۽ سومرا دور) 1936ع - عبدالغني عبدالله
1. Chronological Dictionary of Sindh,-M.H. Panhawer
2. Historical Geography of Sindh, - Manik Pithawala
3. `Rani Kot` - Brusher.
4. Travel in Asia and Africa,- Ibn Batuta
5. Indus Delta Country,- Hag.
6. Account of Sindh,- Mc. Mrudo