آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

اَلستي – مَن مَستي

دڙي شھر ۾ جنم وٺندڙ سماج سڌارڪ فقير عبدالغفور ”الستي“ سڄي زندگي نياڻين جي تعليم لاءِ جاکوڙيندو رھيو. ھو ڪھاڻيڪار، اديب، شاعر ۽ انگريزي ۾ شاھ لطيف جي رسالي جو ترجمو ڪندڙ ھيو. ڪتاب ۾ سندس ٻاروتڻ، سنڌ مدرسي جي تعليم ۽ شعور، ون يونٽ خلاف تحريڪ جون يادون، الستي فقير جي شاعري، ملير ڊائجسٽ جاري ڪرڻ، نئين پاڪستان ۽ آئين، شاھ جي رسالي جي انگريزي ترجمي، عالمي امن جي تحريڪ ۽ الستي، سنڌ جي تعليم ۽ الستيءَ جو ڪردار ۽ جدوجھد، يادن جا شيشائان ٽُڪرا، خط ۽ فقير عبدالغفور الستيءَ جو انٽرويو شامل آھي.

  • 4.5/5.0
  • 3
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book اَلستي – مَن مَستي

ڪتاب نمبر 213 هون

سچائي اشاعت گهر جو ڪتاب نمبر 213 هون

ڪتاب جو نالو : اَلستي مَن مَستي
موضوع : سوانح- يادگيريون
ليکڪ : يوسف سنڌي
ڇاپو پهريون : ڊسمبر 2017ع
ٽائٽل ڊزائين : مور ساگر
ڪمپوزنگ /لي آئوٽ : جهانزيب علي جوڻيجو
ڇپيندڙ : ساحل پرنٽرز اينڊ پبلشرز رابعه اسڪوائر حيدرآباد. 03332634650
پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس جي سهڪار سان شايع ڪيو ويو.


ALASTI MAN MASTI (Bioghraphy) By: Yousif Sindhi
Published by: Sachai Ishait Ghar, DARRO, Sindh
Edition, December 2017. Cell: 0301-3640468, 0331-2997336
Email: myusifmemon@gmail.com

ارپنا

پنهنجي پُٽ وشال يوسف
جي نالي

مون پنهنجي غلطيءَ جي ڪري
پنهنجي دوست فقير الستي کي ناراض ڪيو ۽ ڪاوڙايو
۽ وشال پنهنجي پهرين سالگرھ 8 اپريل 1996ع تي
منهنجو دوست الستي ٻيهر مونکي واپس ڏياريو.

وشال جيڪو منهنجو خواب آھي.

ڳاڙھا ڳڀرو سنڌ جا، تون ئي منهنجو خواب .

يوسف سنڌي
20 نومبر 2017

سنڌسلامت پاران :

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ليکڪ ۽ محقق فقير عبدالغفور اَلستي جي سوانح ۽ يادگيرين تي ٻڌل ڪتاب ”اَلستي – مَن مَستي“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون، جنھن جو ليکڪ يوسف سنڌي آھي.
دڙي شھر ۾ جنم وٺندڙ سماج سڌارڪ فقير عبدالغفور ”الستي“ سڄي زندگي نياڻين جي تعليم لاءِ جاکوڙيندو رھيو. ھو ڪھاڻيڪار، اديب، شاعر ۽ انگريزي ۾ شاھ لطيف جي رسالي جو ترجمو ڪندڙ ھيو. ڪتاب ۾ سندس ٻاروتڻ، سنڌ مدرسي جي تعليم ۽ شعور، ون يونٽ خلاف تحريڪ جون يادون، الستي فقير جي شاعري، ملير ڊائجسٽ جاري ڪرڻ، نئين پاڪستان ۽ آئين، شاھ جي رسالي جي انگريزي ترجمي، عالمي امن جي تحريڪ ۽ الستي، سنڌ جي تعليم ۽ الستيءَ جو ڪردار ۽ جدوجھد، يادن جا شيشائان ٽُڪرا، خط ۽ فقير عبدالغفور الستيءَ جو انٽرويو شامل آھي.
ھي ڪتاب سچائي اشاعت گهر، دڙو پاران 2017ع ۾ ساحل پرنٽرز، حيدرآباد وٽان ڇپايوآھي. ٿورائتا آھيون يوسف سنڌيءَ جا جا جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي ) ، ڪراچي
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

اول آخر ھلڻ منهنجو ھوت ڏي

پهرين اپريل 2013ع
ايس، ايم ايس اچي ٿو، “چاچا الستي گذاري ويو.”
“هونهه!” مون کان ڇرڪ نڪري ويو ۽ بنا سوچڻ ۽ سمجهڻ جي هلڻ ٿو لڳان، پوءِ رڪشا کي هٿ ٿو ڏيان.... پر رڪشا نٿو بيهي.... صدمي واري ڪيفيت.... ڪجهه دير گذري ٿي وڃي ۽ جلد گهر پهچڻ جي تانگ!
ٻيو ايس ايم ايس اچي ٿو. “خبردار رهجو..... اڄ اپريل فول آهي.”
“اڇا!”...... ٿڌو ساهه ٿو ڀريان. “اپريل فول!” هڪدم ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويئي.
“اُف!” مطمئن ٿي وڃان ۽ هڪدم فون ٿو ملايان “هيلو..... ڪير؟”
“الستي....”
“چاچا..... يوسف پيو ڳالهايان.... اوهان ٺيڪ ته آهيو...؟”

6 اپريل 2013ع
مڪلي
الستيءَ جي سامهون ويٺو آهيان.
“آئون هڪ ڀيرو وري ڄڻ واپس موٽيو آهيان.” الستي ٽهڪ ڏيندي چيو. “هت بيمار پيو هوس.... رياض ڪراچي وٺي ويو. هڪ رات نيم غشيءَ جي حالت ۾ ائين محسوس ٿيو ته ڄڻ مريو هُجان.... پوءِ ڪٿان ڪو ڪَن ۾ آواز پيم... اُٿ اُٿ... ۽ پوءِ آئون ڄڻ موٽي آيس. سمجهيم ته خدا کي مون کان ڪو ڪم وٺڻون آهي.”
الستي چئي رھيو ھو.
”مون بيٺي بيٺي محسوس ڪيو ته منهنجي بدن مان طاقت وڃي پئي. خود حياتي به وڃي پئي. مون آسمان ڏانهن نهاريو. ثابت سج بيٺو هو. اُن ۾ ثابت اهو چهرو به نروار هو.... مُشڪي رهيو هو ۽ آئون پاڻ کان گم ٿي ويس.
اکيون کوليم ٿامس جافرسن اسپتال ۾، جيڪا اُن هنڌ جي پاسي ۾ هئي. ان جي ايمرجنسي وارڊ جي هڪ ٽيبل تي پيو هوس.... ڪيترا ڊاڪٽر ۽ نرسون منهنجي چوڌاري مون کي سُيون، نليون هڻيو بيٺا هئا. مون اکيون کوليون ته هو سڀ خوش ٿيا، ڏاڍو خوش ٿيا... چيائون ته مون کي هارٽ اٽيڪ ٿيو هو، دل به بيهي رهي هئي، ڪري پيو هئس. پنج منٽ مري ويو هئس، مون کي ترت اسپتال پهچايو ويو ۽ هنن ڪوشش ڪئي.... الله حڪم ڪيو ۽ وري جيئرو ٿيو آهيان، ڪن ڀوڳ ۾ چيو، “هُن پاسي ڪهڙو حال هو؟” آئون مشڪندو رهيس. (1)
“منهنجي مرڻ کان پوءِ منهنجي مٿي واري اجرڪ الست کي ڏجو. منهنجي قميص فلاڻي کي ڏجو، منهنجي جُتي... فلاڻي کي ڏجو... منهنجي گنجي... فلاڻي کي باقي.... اوهان جي مرضي.... اڳي هُئيس اُگهاڙي آئون، ڍڪيو ڍڪڻهار ڏيئي پانڌ پناهه جو..” (2)
“هيءَ هئي وصيت، جيڪا مئي 1997ع تي موت جي بستري تي ڪري اُٿيس. اُٿيس اُن ڪري جو اُٿياري اُٿي ويا منهجان مون آزار. عزرائيل ته ٺٽي جي سول اسپتال ۾ آيو، پر پڇاڙيءَ ۾ ڪا مَت ويس هلي، جو سول ۾ گهڻا مريض ڏسي، جن هلڻ هاري پي ڪئي (ته ايترن کي ڪيئن پُڄندس) تڪڙ پڪڙ ۾ منهنجي سامهون جو اُن مهل مريض آيو، ان جو ساهه قبض ڪري هليو ويو، ضرور پوءِ وڃي پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿيو هوندس يا لسٽ ۾ پڙهيو هوندائين. نالو منهنجو خبر ناهي ڪهڙو مليو هوس. پاڪستاني ايف. آءِ کان بچڻ لاءِ مون ڪنهن زماني ۾ گهڻئي نالا بدلايا هئا، يا وري علم ۽ ادب جي آڙ ۾ عاشقي ڪمائڻ لاءِ- هتي لکان ته سڄو صفحو ڀرجي ويندو. ڄمڻ وارو ٻانگ جو نالو عربي هئم، مايون سنڌي، تن جي زبان تي عين غين ڪو نه ٿي آئڙيو، سو اُن جي هِجَ روان ئي بدلائي ڇڏيائون. سو عزرائيل ويچارو ڪري ته ڇا ڪري، پر مون کي سُڻس پئي ته هُن کان پڇا ڳاڇا ٿي ته چيائين سائين آئون گناهگار، معاف ڪريو، ويس ته الستي من مستيءَ وٽ، پر اُن جي ٻنهي پاسن بسترن کان هڪڙو شاهه لطيف، ٻيو حضرت عيسى ويٺا هئا، هاڻي تنهنجو حڪم آهي ته انهن ٻنهي کي جنهن مريض وٽ ڏسين ته ان کي هٿ نه لاهجان، ٻنهي کي تو جيارڻ جو ٺيڪو جو ڏنو آهي (هون) سو آئون وري سامهون واري مريض ڏي هليو ويس(3)
“آئون روح آهيان بدن نه.... بدن تي نالو عبدالغفور رکيو اٿن، پر مون تي اهو ڏکيو نالو مائٽن ڪيئن رکيو، ان لاءِ هڪڙو اورسيئر ذميدار هو، جيڪو اُترادي هو ۽ اسان جي ڳوٺ ۾ اچي رهيو هو. بابي مرحوم کي سندس نالو وڻي ويو، آئون به اُن زماني ۾ ڄايس ته مون تي کڻي اهو نالو رکيائين، ڳوٺ ۾ ٻيو ڪوبه ماڻهو اُن نالي سان ڪونه هو، سو آئون پهريون ئي هئس، جو اڃان تائين ان نالي جون سختيون برداشت ڪندو ٿو اچان. (4)
”روح جو نالو ڇا آهي، اها مون کي خبر ڪانهي. نڪي ڪا انهن کي هئي، جن مون تي اهو نالو رکيو. پر خبر هجين ها ته ضرور منهنجي روح تي به نالو رکن ها. پر چون ٿا روح سڀن جا ساڳيا آهن، رڳو بدن جدا جدا آهن، تنهنڪري رڳو بدن جي سُڃاڻ لاءِ نالا رکيا وڃن ٿا. سو اُن سڃاڻپ لاءِ، منهنجي بدن تي نالو ته اهو آهي جيڪو توهان کي ٻڌايم. ان ساڳئي بدن تي منهنجي ماسيءَ وري عبداللطيف نالو رکيو. عبدالغفور هن جي وات تي پورو ڪونه ٿي لٿو، هوءَ ويچاري ٻهراڙيءَ جي زال هئي، عبداللطيف ته گهڻا ٻُڌا هئائين، پر عبدالغفور هڪڙو ئي ٻڌو هئائين، غفور کي فخور ڪري ڇڏيائين، اهو منهنجي نالي سان نسورو ناحق. پوءِ وڏي عمر ۾ پاڙي جون ٻيون عورتون به ڪنديون آيون. پر غفور کي فخور ڪرڻ ته عام هو، جو اڃان تائين ڪي پوڙها ۽ پوڙهيون مون کي ائين چوندا آهن “ادا گفور يا ادا ادل فخور” پر مون کي چاچا چوڻ وارا به خاص ڪري ٻهراڙين جا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون به مون کي ساڳئي اُچار ”چاچا ادل گفور“ ڪري چوندا آهن. خبر ناهي سنڌي نڙيءَ ۾ عين غين جا اکر ڇو ٿا اٽڪي پون. (5)
نالا ته الستيءَ ڪيترائي بدلايا... عبدالغفور... عين غين سنڌي، عبدالغفور آوَ دڙو ۽ ٻيا الائجي ڪيترا... پر هاڻ جيڪو نالو سندس سُڃاڻپ آهي سو آهي فقير عبدالغفور الستي... اهو هيئن ته جڏهن پاڻ 1985ع ۾ اَسٿان لطيف سماجي تنظيم (الست) جوڙي سماجي ڀلائيءَ جا ڪم، خاص ڪري ٻهراڙين ۾ نياڻين کي تعليم ڏيڻ شروع ڪيائين ته “الستي” سندس نالي جو حصو بنجي ويو.
”منهنجي دنيائي ذات جو نالو عبدالغفور ميمڻ آهي، پر منهنجي روحاني ذات جو نالو الستي آهي. (6)

مڪلي 6 اپريل 2013ع
“هينئر آئون 82 سال ٽپي ويو آهيان. 83 ۾ پيو هلان، ملڪ الموت بار بار واپس وريو وڃي.... هڪ ڏينهن ايندو ته سهي.... پر الله سائينءَ مون کي جيڪي ڏينهن ڏنا آهن. اهي ضرور ڪنهن وڏي مقصد لاءِ آهن.”

30 آڪٽوبر 2014ع

منهنجي موبائيل جي رنگ وڄي ٿي.
نالي تي نظر پوندي ئي ڌچڪو لڳم.... رياض جي فون هئي. صبح جو ڇهين بجي رياض ننڊ مان جاڳي...؟
پَڪ ئي پَڪ چاچا الستي...!؟
“هيلو .... رياض” فون ڪن تي رکيم.
“يوسف بابا گذاري ويو آهي... اسين دڙي لاءِ نڪرون پيا. ٻين بجي جنازي نماز ٿيندي.” رياض جو آواز آيو.

ساروڻو
هڪ ڀيري دڙي جي ڀرسان واليشاهه ۾ پيڃاري واهه مان نڪرندڙ نهلچداس واهه جي ٻي ڀر بند کان ٿورو پرڀرو ٺهيل هڪ الستي اسڪول جي ڀرسان ٺهيل پڌرتي بيٺا هئاسين. سامهون نهلچداس واهه تار وهي رهيو هو، پويان ٻنين ۾ ساريال جي فصل جي سائي چادر نيڻ نهار تائين پکڙيل هئي، اسان جو مٿان گهاٽي نم جي ڇانورو هو ۽ نم مان ڇڻيل پَن پڌر تي پيا هئا. نم ۾ ويٺل جهرڪين جي چهه چهه ۽ ڪانگن ڪان ڪان لڳي پئي هئي. آرهڙ جا ڏينهن هئا، تنهنڪري گرمي به پنهنجو ڪم ڏيکاري رهي هئي ۽ ڪنهن ڪنهن نهلچداس واهه جي وهندڙ پاڻيءَ جي هلڪي لهرن کي ڇُهي هوا جا ايندڙ جهونڪا عجيب فرحت ڏيئي رهيا هئا ۽ اسڪول مان ٻارڙين جي پڙهڻ جا آواز اچي رهيا هئا:
الف-الله
ب= بدڪ
ٻ= ٻُڪ
ڏاڍو رومانٽڪ ماحول لڳي رهيو هو.
اوچتو الستيءَ هوا جي جهونڪي تي ٿڌو ساهه ڀري، مٿي تي ويڙهيل اجرڪ کي ٺاهيو ۽ چيو:
“آئون جڏهن مران ته مون کي هن وڻ جي هيٺان دفنائجو.... اسڪول ۾ ٻارڙيون پيون پڙهنديون... مٿي نُم جي ٽارين تي پکي لاتيون پيا لنوندا... سامهون سنڌوءَ جو پاڻي.... نم جا پَن منهنجي قبر تي پيا ڇڻندا....”
عمر خيام پنهنجي شاگرد خواجه نظاميءَ کي چيو، “منهنجي قبر اُت هوندي جتي اُتر جي هوا گلاب جا گُل منهنجي قبر جي مٿان پکيڙي ڇڏيندي.”
خواجه نظامي چوي ٿو، “سالن کان پوءِ آئون نيشاپور ويس ته منهنجي حيرت جي ڪا حد ئي نه رهي، جڏهن مون ڏٺو ته سندس قبر باغ جي ڀرسان هئي، انهيءَ جي ڀرسان ميون جا وڻ گلن سان جنجهيا پيا هئا ۽ سندس قبر جي مٿان انهن جا گُل ڪرندا ٿي رهيا..... ايتريقدر، سندس قبر گلن سان ڍڪيل هئي، جو سندس ڪتبو به انهن ۾ ڍڪجي ويو هو.“
اها ڪيترا سال اڳ جي ڳالهه آهي... شايد الستيءَ جي چيل اها ڳالهه ڪنهن کي به ياد نه رهي..!
الستيءَ کي دڙي ۾ اباڻي قبرستان “احمد شاهه بخاريءَ“ ۾ دفنايو ويو. الستيءَ جي قبر جي پاسي ۾ هڪ ننڍو ٻُٻر جو وڻ بيٺل آهي ۽ ان جي ڀرسان ڪجهه ٻيا وڻ.
سالن کان پوءِ جڏهن منهنجو الستيءَ جي قبر تي وڃڻ ٿئي ته شايد آئون اهو ڏسان ته سندس قبر انهن وڻن جي پنن سان ڍڪيل هجي... وڻن تي ويٺل پکي ٻولي رهيا هجن ۽ ڀرسان احمد شاهه بخاري مسجد جي کٿاب مان کٿابين جو آواز اچي رهيو هجي.
الف- الله.
الله سڀن کان وڏو آهي...
الف-الست
الست بربڪم جڏهن ڪن پيوم... قالوبلى قلب سين.

”هن نم جي وڻ مٿان منهنجو روح به ڪنهن پکيءَ جي روپ ۾ ويٺل هوندو.” الستيءَ مٿي نهاري چيو هو.
۽ سوچيان ٿو سالن کان پوءِ جڏهن آئون الستيءَ جي قبر تي اچان ته شايد ڪو پکي قبرسان جي ڪنهن وڻ جي مٿان مٺي لات لنوي رهيو هجي.
ڪانءُ اڏامي واءُ ۾، پيو وراڪا ڏي
ڪنهن کي ائين سڏي ايڏي سانت ۾.
“آئون نه عبدالغفور، نه گفور، نه فخور، نه عين غين نه اغيرهه نه وغيرهه آهيان.... هڪ روح آهيان، هي بدن نه آهيان، بدن ته مون کي الله سائين ڏيئي هيڏانهن موڪليو آهي، ته آئون اُن ۾ رهي سندس رول ادا ڪريان. بدن ته منهنجا ڪپڙا آهن، جيڪي آئون پائي دنيا جي هن اسٽيج تي آيو آهيان اهو رول ادا ڪرڻ. اصل ۾ ته آئون انهن ڪپڙن ۾ روح ئي آهيان. پر اندر ۾ ڪيئن روح آهيان؟ اها مون کي به خبر ڪانهي، ڇو ته ڪپڙا اهڙا بدن تي ٽائٽ اٿم، جو ڪٿي ڪو پلاند ورائي پاڻهي پاڻ کي ڏسي سگهان ته اصل ۾ آئون ڪير آهيان. آئون ائين به نه ٿو ڪري سگهان. نڪو ڪو هي ڪپڙا هن اسٽيج تي لاهي پاڻ کي ڏسي سگهان ٿو ته اصل ۾ آئون ڪير آهيان. اوهين هي ڏيک ڏسڻ وارا مهرباني ڪري ڇرڪو نه، اوهين به اندر ۾ ائين آهيو، جيئن آئون آهيان، رڳو ڪپڙن جي ڦير ڦار اٿئون. مون کي مردانا ڪپڙا آهن ۽ اوهان مان گهڻن کي ٻين درزين وارا يا وري زنانا؟ پر تنهن هوندي به اندر ۾ سڀ ساڳيا آهيو. روح جي ڪا جنس ڪونهي. ڪنهن هِتي عورت جو پارٽ ادا ڪرڻ چاهيو، ڪنهن مرد جو. يا ڪنهن ٻي اسان کان اهو پارٽ ادا ڪرائڻ ٿي چاهيو، سو ڪنهن کي مرداڻا ڪپڙا وجهي ڇڏئين، ڪنهن کي زنانا، وچ وارا جيڪي آهن، اهي اسٽيج تي رڳو لُنڊا جا ڪپڙا پايو بيٺا آهن.
ماڻهن جهڙا ڪپڙا اٿم، ڄائي ڄم کان پائي نڪتو آهيان، وري ڪونه لاٿا اٿم، پر لاهڻ پنهنجي وس ۾ به ڪونه اٿم. جنهن پاتا آهن، اهو لاهيندو يا وري پهرائيندو، يا دنيا جي اسٽيج لاءِ بيڪار سمجهي ڦٽو ڪري ڇڏيندو ته پيو هِتي هُتي روح کي رُلايان يا وري منهنجو پارٽ ڪو اهڙو وڻي ويس، جو وري ٻيو سُٺو پارٽ ادا ڪرڻ لاءِ ٻيا ڪپڙا پائي موڪليندو يا اڃان به هي پارٽ گهڻو وڻي ويس ته پاڻ وٽ سڏائي ويهاريندو ۽ جڏهن ضرورت پيس ته ڪئريڪٽر رول ادا ڪرڻ لاءِ به موڪليندو، پر هي پارٽ بنهه خراب لڳس ته ٿي سگهي ٿو ته ٻي ننڍڙي پارٽ لاءِ موڪلي ۽ ڪپڙا به ماڻهن جهڙا نه ڏي! جانورن، پکين ۽ جيتن جهڙا، اهو ان ڳالهه تي منحصر آهي ته آئون هتي ڪهڙو ٿو پارٽ ادا ڪريان. جيڪو رول هُن مون کي هنن ڪپڙن ۾ ڏنو آهي، اهو ڪيئن ٿو نباهيان.” (7)

21 جنوري 1931ع تي کيس انساني ڪپڙن (بدن) ۾ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ هن ڌرتيءَ جي هڪ ننڍي ٽٻڪي “سنڌ” ۾ موڪليو ويو، جيڪو هن ڀرپور نموني ادا ڪيو.
“مون پنهنجي پويان زندگيءَ ۾ ڪي اهڙا اڻ مٽ نشان ڇڏيا آهن، جيڪي تاريخ جو حصو آهن. (1) سنڌي ووٽر لسٽن لاءِ هڙتال، (2) ون يونٽ خلاف ٻين سان گڏ وڏي علمي ۽ عملي جدوجهد، (3) ملير ڊائجسٽ، (4) شاهه جي رسالي جو انگريزي ۾ ترجمو، (5) ٻهراڙيءَ جي ٻارن ۽ نياڻين لاءِ سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون دفعو علمي ۽ عملي جدوجهد ته اهي سڀ پرائمري تعليم حاصل ڪن.” (8)
سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي ماڻهوءَ سان مون بي انتها محبت ڪئي آهي... سڀ ڳالهيون اُن محبت ۾ ڪيم. (9)
”سنڌ سان منهنجي پهرين واقفيت سائين حامد علي سومري ڪرائي، جيڪو اسان جي پرائمري اسڪول ۾ اُستاد ٿي آيو هو. اسان جو اهو اسڪول 1888ع کان به اڳ ۾ قائم ٿيو هو. سائين حامد علي سنڌ سان ڏاڍي محبت رکندڙ شخص هو. هن ڪلاس روم ۾ چوڌاري ڀتين تي سنڌ جا وڏا وڏا نقشا، ضلعن ۽ تعلقن جي نالن سميت اُڪاري ڇڏيا هئا. جيڪي وڏي محبت سان اسان کي ڏيکاريندو هو. اهو ئي سبب هو، جو ننڍي هوندي ئي سنڌ منهنجي دل تي هميشه لاءِ نقش ٿي ويو. (10)
۽ 30 آڪٽوبر 2014ع تائين هو انهن ڪپڙن (بدن) ۾ هن ڌرتيءَ تي پنهنجو ڪردار ڀرپور نموني ادا ڪري، اهي ڪپڙا (جسم) هن ڌرتيءَ ماتا سنڌ جو نقشو جي هنج ۾ سُمهاري، نئون ڪردار ۽ نوان ڪپڙا وٺڻ جي لاءِ پنهنجي رب جي حضور ۾ روانو ٿي ويو.
اول آخر هلڻ منهنجو هوت ڏي،
پورهيو سَنڌو پورهيتن والي ڪيم وڃائي.
ٿڪيءَ ٿورو لاهي، جيئن جيئري ملان جت کي.

جنم ڀومي- دڙو

سنڌ جي تاريخي تخت گاهه ٺٽي کان سجاول ويندي، سنڌو درياهه جي پُل اُڪري، سجاول کان ميرپور بٺوري پهچبو ۽ اُتان ٻه فرلانگ کن اڳيان وڃبو ته هڪ موڙ ايندو ۽ اتان روڊ ٻن حصن ۾ ورهائجي وڃي ٿو. هڪ روڊ حيدرآباد ڏانهن ۽ ٻيو روڊ دڙي ڏانهن.
حيدرآباد ويندڙ روڊ تي پهرين شاهه عنايت شهيد جي نگري جهوڪ شريف اچي ٿي... شاهه عنايت شهيد، جدوجهد ۽ قرباني جو استعارو بنجي ويل، سنڌ جو پهريون سوشلسٽ صوفي، جنهن جو فلسفو ئي اهو هو ته انسان سڀ برابر آهن. زمين الله جي ملڪيت آهي. ڪنهن پير، مير، وڏيري ۽ جاگيردار جي نه، جيڪو کيڙي سو کائي... شاهه شهيد جو فلسفو پورهيت دوست، عوام دوست ۽ هاري دوست آهي، ذاتي ملڪيت جو تصور سندس نظر ۾ الله جي احڪامن جي خلاف ورزي آهي. ”الارض الله“ يعني زمين الله جي آهي. جيڪو ان جدوجهد ۾ سر ڏيئي سَرهو ٿيو. جنهن مقصد جي راهه ۾ سر جي ڪپڻ کي “يار” جي اڳيان پنهنجي حاضري سمجهي قبوليو.
سر در قدم يار فدا شد چه بجا شد،
اين بار گران بود ادا شد چه بجا شد،
[يار جي قدمن تي هي ڪنڌ ڪريو، چڱو ٿيو، هڪ بار هو، لٿو چڱو ٿيو.]
جهوڪ شريف کان ٿورو اڳتي ئي بلڙي شاهه ڪريم جو شهر آهي، جنهن ۾ شاهه عبدالڪريم بلڙي جي آخري آرام گاهه آهي. شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو سنڌي شاعري جي معلوم تاريخ ۾ سنڌي ٻوليءَ جو پهريون شاعر ڳڻيو وڃي ٿو ۽ شاهه عبداللطيف جو پڙ ڏاڏو. شاهه عبداللطيف جي باري ۾ روايت آهي ته هو پاڻ سان ٽي ڪتاب ساڻ رکندو هو. قرآن پاڪ، مثنوي مولانا روم ۽ شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جو رسالو.
ميرپوربٺوري جي موڙ کان ٻيو روڊ دڙي وڃي ٿو، جنهن کي پاڻ لنڪ روڊ ته چئي نٿا سگهون، پر حيدرآباد ڏانهن ويندڙ روڊ مان ڦٽندڙ روڊ چئي سگهون ٿا.
پنهنجي جاگرافي بيهڪ جي حساب سان پيڃاري ۽ محمود واهه جي ڪنڌين تي ٽڪنڊي جيان آباد ڳوٺ نما شهر، يا شهر نما ڳوٺ... ڇو ته اسين دڙائي ڪٿ به هُجون، جڏهن دڙي ويندا آهيون ته چوندا آهيون ”ڳوٺ ٿا وڃون.“ دڙو هڪ لحاظ کان ڄڻ پاڻيءَ جي هنج ۾ هجي.
“اسان جو ڳوٺ دڙو ضلعي ٺٽي تعلقي ميرپور بٺوري ۾ آهي. ميرپور بٺورو جو ذڪر پراڻين تاريخن ۾ به ملي ٿو. اتان درياهه جي هڪ شاخ وهندي هئي، جنهن جو اهو هڪ بندر هو. اڃان تائين سندس هڪ پاسو ‘علي بندر’ سڏبو آهي. مخدوم محمد هاشم ٺٽوي به ان شهر جو هو، جو پوءِ وڃي ٺٽي شهر ۾ ويٺو. دڙو، ميرپور بٺوري کان اٽڪل ڏهه يارهن ڪلوميٽر ن پري آهي... ۽ لوئر سنڌ بئراج جي هڪ وڏي واهه پڃاريءَ جي ڪنڌيءَ تي آهي. دڙي جي ڪابه لکيل تاريخ ڪونهي، پر جيئن سنڌ جا ٻيا دڙا آهن، جيڪي سنڌ جي تاريخ پاڻ ۾ دفن ڪيو ويٺا آهن، تيئن شايد اهو به اڳين زماني ۾ ائين هو. ان وقت اهو ساڳيو پڃاري واهه وٽانئس وهندو هو. پر ايريگيشن سسٽم نه هئڻ ڪري درياهه جي هڪ ڇاڙ هئي. درياهه جڏهن وڌي ويندو هو ته پاڻي ان مان وهي وڃي شاهه بندر ڏانهن سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو، پراڻي زماني جا ڳوٺ سڀ واهن جي ڪپن تي هوندا هئا. سو پڃاريءَ تي مُهاڙ کان ويندي پڇاڙيءَ تائين، ٻنهي پاسن کان ڳوٺ هئا، جيڪي پوءِ وڏن ڳوٺن ۽ شهرن ۾ بدلجي ويا. دڙو به ائين هو. انگريزن وري دڙي جي ٻي پاسي کان پڃاريءَ مان نڪرندڙ هڪ واهه ڪڍيو” (11)
“هن واهه جو نالو محمود واهه آهي، اهو اٽڪل پنجاهه فٽ کن ويڪرو آهي، اهو اسان جي گهرن کان رڳو هزار کن فوٽ پري” (12)
جنهن وقت 1931ع ۾ الستيءَ جو جنم ٿيو، ان وقت دڙو هڪ سُکيو ستابو شهر ۽ واپاري مرڪز هو، ڀر پاسي ٻهراڙي تمام گهڻي هئي، جتي کير، مکڻ تمام گهڻو ٿيندو هو. شهر ۾ اڌ کن آبادي هندن جي هئي. 1888ع ۾ دڙي ۾ پرائمري اسڪول جي پڪي عمارت ٺهي چڪي هئي. دڙي ۾ تعليم جو سلسلو ڪافي آڳاٽو آهي. دڙي جي واپار تي هنڌو ڇانيل هئا، مسلمان واپاري ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ئي هو.
دڙي ۾ ٻي واپار وري سان گڏ کير ۽ مکڻ جو به وڏو واپار هلندو هو. مکڻ کي ديڳين ۾ ڪاڙهي اُن مان گيهه ٺاهيو ويندو هو. اُن ڪري دڙي کي “دڙو گيهه جو گهڙو” چيو ويندو هو، ۽ وڪري جي لاءِ وڏن شهرن، خاص ڪري ڪراچي موڪليو ويندو هو. اهو گيهه جو ڪاروبار هاڻ ته دڙي ۾ نٿو ٿئي، پر دڙي جي ڀرسان ڳوٺ “رٽا سومرا” ۾ اهو ڪاروبار ڊگهي عرصي تائين هلندو رهيو ۽ اُتان جا رهواسي مکڻ تپائي، ان جو گيهه ٺاهي، اهو لوهه جي ڏٻن ۾ ڀري ڪراچي کڻي ويندا هئا. جڏهن کان ملڪ ۾ ڍالڍا يا بناسپتي گيهه جو واهپو شروع ٿيو ته سچي گيهه يا مکڻ جو واهپو به گهٽجندو ويو. اڳتي هلي رٽا ۾ نقلي گيهه به تيار ٿيڻ لڳو، جيڪو پڻ ڪراچي وڪري لاءِ اُماڻيو ويندو هو. هاڻ اهو ڌنڌو لڳ ڀڳ ختم ٿي چڪو آهي.
1931ع ڌاري دڙو جيتوڻيڪ هڪ ڳوٺ هو، پر تعليمي ۽ راڄنيتي معاملن ۾ سندس نالو ڪافي مشهور هو. دڙي جهڙي ننڍي ڳوٺ مان ارباب حاجي خميسو ميمڻ بمبئي ليجلسليٽوَ ڪائونسل تي ميمبر چونڊجي ويو. ارباب حاجي خميسو ميمڻ، سائين جي ايم سيد جو ساٿي رهيو، سائين جي ايم سيد سندس ذڪر ڪندي لکي ٿو؛
“1925ع جي آخر ۾ ضلعي لوڪلبورڊ ڪراچي جي چونڊ ۾ آئون پريزيدنٽ سندس مدد سان چونڊيس. پوءِ سارو ٽرم هن ۽ اسان هڪ گڏيل گروهه ۾ رهي ڪم ڪيو.” (13)
اڳتي هلي حاجي خميسي جو پُٽ ارباب سليمان ۽ پوءِ ارباب خدا بخش سياسي ۽ راڄنيتي معاملن ۾ اڳرا رهيا.
هنڌن مان وري سيٺ ڪرمون مل ۽ سيٺ ڄيٺو مل، پنهنجي ليکي هنڌن جي معاملن جي ڇيڙي نبيري ڪندا هئا. سيٺ ڄيٺو مل پنهنجي اثر ۽ رسوخ جي ڪري ”سينيٽري ڪميٽي“ جو چيئرمين به چونڊجي ايندو هو. الستيءَ جو والد ارباب حاجي صالح ميمڻ به سينيٽري ڪميٽيءَ جو چيئرمين چونڊيو ۽ پوءِ جڏهن کيس سرڪاري نوڪري صوبيداري ملي ته هن پنهنجي جاءِ تي ارباب حاجي ناٿي کي چيئرمين چونڊرايو. ارباب حاجي ناٿي کان پوءِ مهراج لالچند سينيٽري ڪميٽيءَ جو چيئرمين چونڊيو.
ارباب حاجي خميسي 1929ع ۾ وفات ڪئي ته سندس جاءِ تي راڄنيتي ۽ سياسي معاملا سندس پٽ ارباب سليمان سنڀاليا. جيڪو پڻ ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جو ميمبر چونڊيو، پوءِ اها جاءِ ارباب خدا بخش والاري، جيڪو راڄنيتي معاملن ۾ سرگرم هئڻ سان گڏ علم ۽ ادب دوست به هو. سندس اوطاق تي اڪثر مشاعرن ۽ راڳ جون محفلون پڻ ٿينديون هيون. انهن ۾ مقامي توڙي ٻاهريان شاعر ۽ فنڪار به اچي پنهنجو رنگ ڄمائيندا هئا. مقامي شاعرن ۾ استاد محمد يوسف ڀٽو اهم هو، جيڪو ڪُهنه مشق شاعر هو، تنهن کان سواءِ محمد خان مجيدي ۽ مولوي محمد عثمان پروان سمون ۽ ساقي سجاوليءَ جا نالا اهم آهن. جيڪي سنڌي پرائمري استاد به رهيا. محمد يوسف ڀٽو ۽ محمد خان مجيدي پرائمري اسڪول دڙي جا هيڊ ماستر به رهيا.
ان وقت انهيءَ اسڪول ۾ ڪهڙا استاد هوندا هئا؟
مرحوم حاميد علي، محمد طالب ميمڻ، تلسيو مل، ليمنگر، لوڪو مل... اُستاد ته ڪونه هئا، فرشتا هئا. جن کي چوويهه ڪلاڪ اها ئي تات هوندي هئي ته ٻارن کي پڙهائي، معاشري جو سٺو فرد بنائجي. شاگردن تي سندن اسڪول جي ٽائيم کان پوءِ به نظر هوندي هئي. سندن رعب هوندو هو.
“سائين محمد طالب حاميد علي، سائين ليمنگر ۽ سائين تلسيو مل جڏهن ڳوٺ جي گهٽين مان لنگهندا هئا، تڏهن کين ڏسي يا ته پنڊپهڻ ٿي ويندا هئاسين يا گهر جي دروازي جي آڙ مان کين چور نگاهن سان ڏسندا هئاسين، يا اٽي ڏڪر ۽ بلور اتي ڇڏي ائين گم ٿي ويندا هئاسين، جيئن کاري هيٺان ڪانءَ.” (14)
هاڻي انهن استادن جون رڳو وڃي يادون رهيون آهن. سائين حاميد علي ۽ محمد طالب دڙي جي مٽيءَ ۾ ئي مدفون ٿيا. سائين تلسيو مل، سائين ليمنگر ۽ سائين لوڪو مل جي چتا هندستان جي ڪنهن ڏورانهين هنڌ تي جلي هوندي ۽ سالن تائين دڙي واسين کي خبر ئي نه پئي هوندي ته اهي عظيم استاد ويا پَرلوڪ پڌاري.
انهن سڀني جي، جيستائين هو حيات هئا، پنهنجي ڳوٺائين سان خط و ڪتابت جاري رهي. هو پنهنجي اباڻي ڌرتيءَ کي ساري پيا روئيندا هئا.
1947ع جي ورهاڱي کين پنهنجي ڌرتي جا وڻ ڇڏرايا. لوڪو مل، جيڪو عبدالغفور الستيءَ جو استاد هو، سو ته دڙي مان ويندڙ هر خط کي پاڻ وٽ رکي پيو پڙهندو هو. استاد لوڪو مل، پوءِ دڙي جي هڪ استاد مرحوم سراج الحق ميمڻ سان خط و ڪتابت ڪندو هو، سراج الحق ميمڻ جي هندستان لڏيل ڪجهه ٻين دڙي واسين سان به خط ڪتابت رهي. انهن مان زماني جي دستبرد هٿان بچي ويل ڪجهه خط مون کي سراج الحق ميمڻ ڪجهه سال اڳ ڏنا.
اهڙي ئي هڪ خط ۾، استاد لوڪو مل، بانٽوا (هندستان) مان 15 سيپٽمبر 1975ع تي سراج الحق کي لکيو:
ڪياسون اقرار وطن جا، ڌارين ڌڪي ڪيو ڌارون ڌار.
اٿم آس اُپار، ماروئي موٽندي ملڪ ۾.
توهان ڀل مون کي نه سُڃاڻو، پر دڙي جي پاڪ پويتر خاڪ جو ذرو ذرو منهنجي اکين جو سُرمون آهي، ادل، دڙي وساريو ته ڇا ٿيو، شل دل نه وساري دڙي کي، مارو ۽ ملڪ آباد هجن شال. مون پلئه جنجال، ڪا وڏي ڳالهه نه ٿئي. سانگيئڙا، جوڳيئڙا خوش رهن سدا. ماروي لاءِ پرديس ڪا وڏي ڳالهه نه ادا. ماروي ڇا ڪري مارو جو بي مُکه ٿيا.”
اهڙي ئي هڪ ٻي خط ۾ هڪ ٻيو دڙي واسي شري ڄيٺانند، سراج الحق کي لکي ٿو:
“ادل تنهنجو خط ايندو آهي ته پيارا دوست ۽ ڳوٺائي خاص ڪري سائين لوڪو مل کڻي ويندا آهن. مهينو مهينو خط ڪونه موٽائيندا آهن. جنهن ڪري جواب ڏيڻ ۾ ليٽ ٿي ويندي آهي.”
اُستاد لوڪو مل، شري ڄيٺانند ۽ ٻين ڪيترن ئي دڙي واسين جا الائجي ڪيترا خط منهنجي اڳيان پيا آهن. جن ۾ هنن پنهنجي ملير (دڙو) کي ساري ڇا ڇا نه لکيو آهي.
شاعر ليکراج عزيز اھڙن لاءِ چيو آھي،
ديس پنهنجو ڇڏي پرديس وسائي ويٺا،
روح جي جن سان رچي، ماڳ مٽائي ويٺا،
هن دورنگيءَ جي عجيب دور ۾ جدايون آنديون،
پنهنجا پنهنجن کان اڏا، دور اڏائي ويٺا.
انهيءَ اسڪول ۾ الستيءَ سان گڏ ڪيترائي ٻيا ڇوڪرا به پڙهندا هئا. انهن ئي بئنچن تي ويهي سبق پڪو ڪندا هئا. سليٽون لکندا هئا ۽ ڪلاس روم جي ڀتين تي سائين حاميد علي جي چٽيل سنڌ جي نقشي کي جُهڪي سلام ڪندا هئا. انهن شاگردن ۾ ڊاڪٽر حسين بخش ميمڻ، بصر شيدي، عبدالفتاح ميمڻ ۽ ڊاڪٽر موتي پرڪاش به هئا. جيڪو ورهاڱي سبب پنهنجي پتا مهارج سکرامداس سان گڏ هندستان هليو ويو. ڪئين سال پوءِ عبدالغفور الستي جي ئي دعوت تي 1984ع ۾ نومبر جي مهيني ۾ موتي پرڪاش پنهنجي وني ڪلا پرڪاش سان گڏ سنڌ آيو ته دڙي به آيو ان موقعي تي هن سائين حاميد علي جي اسڪول جي ڀت تي جوڙيل سنڌ جي نقشي کي ساريندي لکيو:

“ڪمري جي ديوارن تي نگاهه وڌم، سائين حاميد عليءَ جي ڪڍيل سنڌ جي نقشي تي پنجاهه سالن جون پوچيون چنبڙيون پيون هيون. مون سوچيو ته ڇا تواريخ ۽ جاگرافيءَ جي ڪتابن مان سنڌ جو نقشو ڪو سولائيءَ سان گم ڪري ڇڏيندو؟ سنڌ جو نقشو جيڪو اسان جي دلين تي چٽيو پيو آهي. اهو ڪير مٽائي سگهندو؟” (15)
موتي پرڪاش جي والد مهاراج سکرامداس 1975ع ۾ ممبئي ۾ وفات ڪئي. کيس دڙي جي ڀلائيءَ جو گهڻو خيال هوندو هو. هو رات جو اُٿي وڃي گهٽين ۾ ٻرندڙ شمعدانن جو تيل جانچيندو هو، ڇو ته ڪي چور جاڳيا هئا جيڪي شمعدانن مان تيل ڪڍي ويندا هئا. هو چاهيندو هو ته دڙي جون گهٽيون روشنيءَ سان سُهائيون هجن، جيئن رات جو ايندڙ ويندڙ ڳوٺائين کي ڪا تڪليف نه ٿئي. هاڻ ته بجلي ڳوٺ ڳوٺ اچي ويئي آهي. اهي شمعدان به گهرن تي بيٺل منگهن جيان گم ٿي ويا آهن. انهن منگهن تي، جن کي بازيگر به چئبو هو، هڪ ڳجهارت به ٺهيل هوندي هئي. جيڪي دڙي جا جهونا اسان ڇوڪرن کي ڀَڃڻ لاءِ ڏيندا هئا.
پُڇندا هئا: “ڇوڪرا ڳجهارت ڀڃندين؟”
“هائو ڏي چاچا.”
“ڀَڃ... گهر گهر تي گُڪو چور....؟”
پوءِ اسين ڇوڪرا اها ڀَڃڻ جي لاءِ گهڻي مٿا ڪُٽ ڪندا هئاسين. نيٺ ٿڪجي هار مڃيندا هئاسين، ته پوءِ ٻُڌائيندا هئا. “گُڪو چور... معنى بازيگر...!” ۽ اسين ڇوڪرا ”اڙي!“ چئي ڦڪي کِل کِلي ماٺ ٿي ويندا هئاسين.
مون ته شمعدان به ٻرندي ڏٺا. دڙي ۾ بجلي 1979ع ۾ آئي. ته اسٽريٽ لائيٽون لڳيون، نه ته اڳ ۾ گهٽين ۾ روشني ڪرڻ جي لاءِ شمعدان لڳل هوندا هئا ۽ منهنجو هڪ پاڙيسري چاچا حسن ماڇي ڏاڪڻ ۽ گاسليٽ جو ڏٻو کڻيو، سانجهي نماز کانپوءِ اهي شمعدان ٻاريندو هو، مٿس اها ڊيوٽي يونين ڪائونسل دڙي پاران رکيل هئي.
الستيءَ سان پڙهندڙ ٻيو شاگرد حسين بخش ميمڻ هو، جيڪو پوءِ سنڌ مدرسي ۾ به ساڻس گڏ پڙهيو، ڊاڪٽري پاس ڪيائين ۽ پوءِ نوڪري سانگي سعودي عرب هليو ويو ۽ اُتي ڊگهي عرصي تائين رياض ۾ ڪنگ فيصل اسپتال جو ڊائريڪٽر به رهيو. هاڻ گذاري ويو آهي. سخت مذهبي ماڻهو هوندو هو.هن ڊاڪٽري ڪرڻ سان گڏ ڪيترائي مڪسچر پڻ ٺاهيا هئائين ۽ مريض کي ڪڏهن به انجيڪشن نه هنيائين.
موتي پرڪاش جو والد مهاراج سکرامداس، جنهن کي تر جا باقي بچيل وڏڙا ‘مهاراج سکان’ چئي ياد ڪندا آهن، هڪ ذهين ۽ سجاڳ شخص هوندو هو، کيس تعليم سان ڪافي دلچسپي هوندي هئي. ان وقت دڙي ۾ ‘اي وي ڪلاس’ هلڻ شروع ٿيا هئا. پهرين اُن ۾ هڪ ميم صاحبه پڙهائيندي هئي، جيڪا پهرين هنڌو هئي، پوءِ ڪرسچن ٿي. هوءَ رنگ جي اهڙي ته ڳوري هوندي هئي، جهڙي ڪر انگريز- هن جو مڙس مسٽر جان، ٻيلي کاتي ۾ عملدار هو ۽ نوڪريءَ سانگي دڙي ۾ اچي رهيو هو. هن کي دڙي جا ماڻهو پنهنجي اُٿي ويٺي ۽ طور طريقن سبب “ڪارو انگريز” چوندا هئا. جيستائين هو اتي هو، اها ميم صاحبه “اي وي” ڪلاس وٺندي هئي. سندس شاگرد اڄ به کيس ياد ڪندا آهن.
“هوءَ ڪرستان مشنري (تبليغ ڪندڙ) هئي ۽ عملي طرح خدائي ۽ انساني محبت جي سُٺائي ۽ سچائيءَ ۾ يقين رکندڙ هئي. هوءَ اسان جي پاڙي ۾ ڍير سارا حضرت عيسى جي تعليم جا ننڍڙا ننڍڙا ڪتاب کڻي ايندي هئي. انهن سان گڏ ٻارن لاءِ ننڍڙيون ننڍڙيون سوکڙيون ۽ کٺمڙا پڻ.” (16)
اها ميم صاحبه هڪ ايڪسيڊنٽ ۾ گذاري ويئي. مسٽر جان پوءِ مٽياريءَ ۾ سندس ياد ۾ هڪ اسپتال قائم ڪئي. دڙي جو جيڪو به رهاڪو مٽيارين ويندو هو ۽ وري جو اهو ‘ميم’ جو شاگرد به هوندو هو ۽ ان جي ‘جان’ سان ملاقات ٿيندي هئي، ته هو نه رڳو انهيءَ جون لک خدمتون ڪندو هو، پر ميم صاحبه کي ساري هنجون به هاريندو هو.
سو اهو مسٽر جان جيستائين نوڪريءَ سانگي دڙي ۾ رهيو ته ميم به ڪلاس وٺندي هئي ۽ پوءِ بدلي ٿي ويس ته ميم به هلي ويئي ۽ ڪلاس دربدر ٿيڻ لڳا. اها ڳالهه مهاراج سُکان کي نه وڻي ته ٻار ائين رلندا رهن ۽ کين ڪو انگريزي پڙهائڻ وارو نه هجي، هو ذهين ۽ سجاڳ شخص هو. تنهن هن جو اهو حل ڪڍيو ته موتي پرڪاش جيڪو ان وقت اُين جي وي اسڪول ڪراچي ۾ پڙهندو هو، تنهن کي ان ڳالهه لاءِ تيار ڪيو ته هو موڪل واري عرصي ۾، جيڪو هو دڙي ۾ گذاريندو هو، وانڌو ويهڻ بدران ڪلاس وٺي ۽ موتي پرڪاش اهي ڪلاس وٺڻ شروع ڪيا.
ساڳئي اسڪول ۾ پوءِ الستيءَ به ٻارن کي پڙهايو. هو 1948ع کان 1949ع تائين اُت انگريزيءَ جو استاد رهيو ۽ پوءِ اسپيشل اورسيز جو ڪورس ڪرڻ جي لاءِ 1949ع ۾ اين-اي، ڊي ڪاليج ڪراچي ۾ داخل ٿيو.
عبدالغفور الستيءَ جو ڪٽنب دڙي جو سکيو گهراڻو هو.سندس والد ارباب حاجي صالح ميمڻ جي دڙي جي راڄنيتي معاملن ۾ گهڻي حصيداري هوندي هئي. تنهن کان سواءِ کيس تعليم جي اهميت جو به اندازو هو. عبدالغفور الستي جڏهن دڙي مان پرائمري تعليم پوري ڪئي ته کيس وڌيڪ تعليم جي لاءِ ميرپور بٺوري جي اسڪول ۾ داخل ڪرايائين. جتي پاڻ ٽي درجا انگريزي جا 1941ع کان 1943ع تائين پڙهيو. جتان پوءِ کيس وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي موڪليو ويو. اهو 1941ع جو سال هو. سنڌ مدرسي ۾ اڳ ۾ سندس ڀاءُ محمد ابراهيم ۽ ٻيا مائٽ ڇوڪرا پڙهند اهئا.

سنڌ مدرسي ۾

سنڌ مدرسي جو بنياد 1885ع ۾ پيو. جنهن جي قائم ڪرڻ جي پويان مقصد سنڌي مسلمانن کي تعليم جي ميدان ۾ اڳتي وڌائڻ هو. سنڌ تي 1843ع ۾ انگريزن جي قبضي کان پوءِ سنڌي هندن ته هوا جو رخ سمجهي ورتو ۽ هنن دنياوي ڪاروهنوار جي سلسلي ۾ جديد تعليم جي اهميت کي سمجهندي، پنهنجي جاتيءَ جي تعليم واسطي ڪيترائي تعليم ادارا قائم ڪيا، پر سنڌي مسلمانن جو اُن پاسي ڌيان گهٽ هو.
حسن علي آفندي ۽ سندس ساٿين، الهه بخش اٻوجهي ۽ ٻين ان کوٽ کي محسوس ڪندي سوچيو ته سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ هڪ اهڙو تعليمي ادارو قائم ڪجي جيڪو نه فقط سنڌ جي مسلمانن کي ديني تعليم پر دنياوي تعليم به ڏي. بيشڪ اهو هڪ خدائي خيال هو.
سنڌ مدرسة الاسلام جي قيام سان سنڌي مسلمانن ۾ هوريان هوريان تعليم ڏانهن رجحان وڌيو ۽ ان جا سنڌ جي مستقل تي ڪافي گهرا اثر پيا. سنڌ مدرسه السلام ڪيترائي ناليرا ماڻهو پيدا ڪيا، جن نه رڳو سنڌ جي سياسي ۽ سماجي زندگيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، پر ننڍي کنڊ جي سياسي، تعليمي ۽ سماجي اُفق تي وڏا اثر ڇڏيا. پاڪستان جو باني قائد اعظم محمد علي جناح به سنڌ مدرسه الاسلام ۾ ئي پڙهيو.
سنڌ مدرسه الاسلام ۾ سندس وڏي ڀاءُ محمد ابراهيم ميمڻ کانسواءِ ڳوٺ ۽ ڀرپاسي جا ڪجهه مٽ مائٽ ۽ ٻيا ڇوڪرا به پڙهندا هئا. اهو سن 1944ع جو سال هو. داخلا ملڻ کان پوءِ ننڍڙو عبدالغفور پنهنجي ڀاءُ سان گڏجي ڪراچي اُسهيو، جيئن سنڌ مدرسي جي هاسٽل ۾ رهي پڙهائي شروع ڪري سگهي. ان وقت سنڌ مدرسو ڪيئن هو، عبدالغفور الستي ان جو نقشو هنن لفظن ۾ بيان ٿو ڪري.
“مدرسي ۾ هڪڙي پاسي اسڪول هو، جنهن ۾ پهرينءَ درجي کان وٺي مئٽرڪ تائين تعليم ڏني ويندي هئي. اسڪول جي وڏي بلڊنگ سان گڏ آفيسون ۽ پرنسپال جي رهڻ جي جاءِ ۽ هڪ ننڍڙو باغيچو به هو. ساڳي ئي پاسي ٻه وڏيون مسجدون هيون ۽ مولوين جي رهڻ جون جايون. ٻن پاسن کان ٻه وڏيون هاسٽلون هيون. هڪڙي اسڪولي شاگردن لاءِ ٻي ڪاليجي. هنن ٻنهي ۾ تڏهن به 300 کن شاگرد رهندڙ هئا، جيڪي سڄي سنڌ مان اچي رهندا هئا. سڀ چوٿون درجو انگريزي پنهنجن پنهنجن اسڪولن مان پاس ڪري سموري سنڌ کان ايندڙ هئا. پوءِ چار سال اسڪول واري هاسٽل ۾ رهندا هئا ۽ وڌيڪ پڙهڻون هوندو هئن ته ڪاليج واري هاسٽل ۾ داخل ٿيندا هئا. ڪاليج وري چوٿين پاسي هو. جنهن جي ڀر ۾ ميس يعني کاڌي رڌڻ ۽ کائڻ جون جايون، ڌوٻي گهاٽ ۽ ننڍي عملي جا ڪوارٽر هئا، ٻه هاسٽل سپرنٽينڊنٽ جا گهر به هئا. سڀ بلڊنگون گهڻو ڪري ٻه طبقه هيون پٿر جون سهڻيون. سڀني بلڊنگن جي وچ ۾ هڪ وڏو ڪشادو راند جو ميدان هو. جتي فوٽ بال، ڪرڪيٽ، والي بال به ٿيندي هئي. ساڳئي وقت ورزش لاءِ آکاڙو به هو. ڏاڍو سهڻو منظر هوندو هو (17)

جتان روشنيءَ جو ڪرڻون مليو

جنهن وقت عبدالغفور سنڌ مدرسي ۾ داخل ٿيو، ان وقت مدرسي جو پرنسپال ”مسٽر ڪي ڪي ٿامس“ هو. جيڪو خود هڪ سٺو استاد به هو، ان سان گڏ ڪيترائي ٻيا استاد به هئا، جيڪي پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندا هئا. انهن استادن ۾ هڪ محترم محمد ابراهيم جويو پڻ هو. جنهن پوءِ عبدالغفور جي علمي، ادبي ۽ تعليمي زندگيءَ تي وڏا اثر ڇڏيا ۽ ڪيترن ئي موقعن تي محمد ابراهيم جويي ۽ عبدالغفور الستي گڏجي سنڌ ۾ تعليم جي سڌاري لاءِ ڪئين رٿائون جوڙيون، جن ۾ هڪ “سنڌ تعليمي تحريڪ” به هئي. جنهن لاءِ پاڻ ٻنهي گڏجي هڪ دستاويز به تيار ڪيو. جنهن جو ذڪر پاڻ اڳتي هلي ڪنداسين.
جويو صاحب هڪ عظيم استاد هو. سندس ڳالهين ۽ تقريرن سنڌ مدرسي ۾ پڙهندڙ شاگردن تي ڪيئن ٿي اثر ڇڏيا، انهن جو ذڪر ڪندي رسول بخش پليجو، جيڪو پڻ سنڌي مدرسي ۾ جويي صاحب جو شاگرد هو، لکي ٿو:
“استاد هجڻ لاءِ جيڪي خوبيون کپن، سي منجهس حد درجي موجود هيون. پر لڳو ٿي ته هن لاءِ رڳو بهترين اُستاد ٿيڻ ڪافي نه هو. هن جي سوچ جي دنيا اُن کان وڌيڪ پراسرار، وڌيڪ ڪشادي، وڌيڪ دلڪش ۽ نرالي ٿي لڳي. هن جيڪي ڳالهيون ٿي ڪيون، سي اسان مان (شاگردن مان) ڪنهن جي خواب ۽ خيال ۾ به ڪونه هيون.” (18)
انهن شاگردن ۾ عبدالغفور به هو، “آئون به اهڙن خوش قسمت شاگردن مان هئس، جويي صاحب جو. (19) “عبدالغفور الستيءَ لکي ٿو.
محمد ابراهيم جويي جي انهن ڳالهين ۽ خيالن، جن ۾ سنڌ دوستي، انسان دوستي، عوام دوستي، غير فرقيواريت بابت خيالن جو اظهار ڪيل هوندو هو، انهن جو عبدالغفور تي وڏو اثر ٿيو. هن مدرسي ۾ رهندي هاسٽل ۾ رهندڙ سڀني شاگردن لاءِ هڪ هٿ سان لکيل ماهوار اخبار ڪڍي، جنهن جو نالو ”جمهور“ رکيائين ۽ اها سڀني کي پڙهڻ جي لاءِ ڏيندو هو. نيٺ اها هڪ ڏينهن استاد محمد ابراهيم جويي جي هٿن ۾ وڃي پهتي.
“مون کي چٽي طرح ياد آهي ته هڪ ڏينهن اسڪول مان موڪل ملي ته مون ڊوڙي وڃي هاسٽل جي ڪمري مان پنهنجي اخبار جو پهريون پرچو کنيو ۽ جيئن ئي جويو صاحب اسڪول جي ميدان تي آيو ٻاهر وڃڻ لاءِ ته اچي اخبار کيس ڏيکاريم. پاڻ پوءِ ڪلاڪ کن اُتي بيهي رهيو. سڄي اخبار جا چار صفحا هٿ جي لکت ۾، لفظ به لفظ ڪري پڙهيائين. ٻيا شاگرد به گڏ ٿي ويا هئا. انهن کي به پڙهي ٻڌائيندو ويو ۽ پوءِ مون کي ڀاڪر وجهي اهڙي وٺي منهنجي تعريف ڪيائين جو آئون پاڻ هڪو ٻُڪو ٿي ويس” (20)
اڳتي هلي وقت جي انتظاميه جويي صاحب کي سندس انهن خيالن جي پرچار جي ڏوهه ۾ سنڌ مدرسي مان ڪڍي ڇڏيو. ان جو هڪ سبب اهو به هو ته ورهاڱي کان ٿورو اڳ 1946ع ۾ محمد ابراهيم جويي هڪ ڪتاب لکيو هو Save Sindh the continent. پاڻ ان ڪتاب ۾ سنڌي جاگيردارن، سرمائيدارن ۽ سندن فرقيوارن ذهنيت کان بچائڻ جي ڳالهه ڪئي هئي. اڳتي هلي 68 سال پوءِ 2014ع ۾ ان ڪتاب جي سنڌي ڇاپي جي مهاڳ ۾ ڪتاب لکڻ جو مقصد بيان ڪندي ليکڪ لکي ٿو:
“هي ڪتاب سنڌ بچايو، کنڊ بچايو، انگريزي ٻوليءَ ۾ مون 68 سال ورهيه اڳي لکيو هو. جڏهن گڏيل هندستان جي هنڌو، مسلم مسئلي جي حل لاءِننڍي کنڊ کي فرقيواريت جي بنياد تي، هنڌن توڻي مسلمانن جي مٿينءَ طبقي جي مرضيءَ ۽ انهن جي مخصوص مفادن کي اڳيان رکندي، ورهايو پئي ويو. رٿا اها هئي ته جن علائقن ۾ مسلمان آبادي اڪثريت ۾ آهي، انهن کي ملائي هڪ نئين ۽ مسلمانن جي پنهنجي رياست جو قيام عمل ۾ آندو وڃي. اُن ڏس ۾ جيڪي بندوبست ڪيا پئي ويا، اهي ڪنهن طرح به مسلمانن جي نالي ۾ ٺهندڙ انهيءَ نئين رياست ۾ شامل ٿيندڙ مسلمان اڪثريتي اڪاين لاءِ فائديمند نه هئا ۽ نه وري سياسي، معاشي ۽ تاريخي حوالي کان قبولڻ جوڳا هئا. انهن کي هن ڪتاب ۾ انهيءَ دور جي حالتن پٽاندر بحث هيٺ آندو ويو آهي.” (21)
جويي صاحب جي انهن خيالن جو اثر ٻين شاگردن سان گڏ عبدالغفور ميمڻ تي به ٿيو ۽ اڳتي هلي عملي زندگيءَ ۾ عبدالغفور ميمڻ، مختلف شعبن ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪيو، ان تي انهن خيالن جو وڏو اثر رهيو.
“(هن) ٻين وانگي مون ۾ به اهڙو سنڌ سان، سنڌين سان محبت جو سوداءَ وڌائين، جو مدرسي مان نڪرڻ کان پوءِ (1947ع) کان سڄي عمر پنهنجي وت ۽ سمجهه آهر خدمت ڪندو رهيو آهيان. ڪڏهن به ان ڳالهه کان غافل نه رهيو آهيان. ساڻن به وقت بوقت ملندو ۽ سندن رهنمائي وٺندو رهيو آهيان. (22)
سنڌ مدرسي ۾ قائم ٿيل استاد محمدابراهيم جويي ۽ شاگر عبدالغفور ميمڻ جو اهو رشتو آخر تائين قائم رهيو. الستي هر سال جويي صاحب جي جنم ڏينهن (13 آگسٽ) جي حوالي سان گهڻو جذباتي ۽ الرٽ هوندو هو ۽ وٽن وڃي حاضري ڀريندو هو. هڪ سال 2004ع ۾ پاڻ روزاني “هلال پاڪستان” ۾ جويي صاحب جي جنم ڏينهن جي حوالي سان مبارڪن جو اشتهار ڇپرايائين. جنهن جو عڪس هن ريت آهي.

ٻي سال 2005ع ۾ پاڻ جويي صاحب تي هڪ مضمون لکيائين، جيڪو سورهن صفحن جي ڪتابڙي ”محمد ابراهيم جويو: هڪ رهنما روح، 91 سالن کان سنڌ جي سرزمين تي“ جي عنوان سان ڇپرايائين، جيڪو جويي صاحب جي سالگرهه واري تقريب دوران سنڌ ايڊيوڪيشن ٽرسٽ ۾ ورهايائين، ان سالگرهه واري تقريب جو بندوبست به عبدالغفور الستيءَ ئي ڪيو هو.
سالگرهه جي اها تقريب 12 آگسٽ جي شام جو رکي ويئي هئي. جڏهن ته ٻي ڏينهن 13 آگسٽ تي الستي ۽ آئون گڏجي جويي صاحب سان سندس گهر وڃي ملياسين. اُن موقعي تي فقير الستيءَ جي فرمائش تي جويي صاحب ”الستيءَ کي آئندي لاءِ نصيحت ۽ وصيت“ جي عنوان سان هن ريت نصيحت لکي ڏني:
 ارادا بلند رکجن، پر گهڻا نه رکجن.
 ارادن لاءِ ڪم حوصلي ۽ اورچائيءَ سان ڪجي.
 ناڪاميءَ جي صورت ۾ رنج ۽ مايوسيءَ کان بچجي.
 ڪاميابيءَ جي صورت ۾ سوڀَ سمجهي اَڀامجي يا اُڀامجي هرگز نه.
 صحت کي سنڀالڻ لاءِ سدائين چُست ۽ باخبر هجڻ ضروري آهي.
سنڌ مدرسي ۾ عبدالغفور ميمڻ سان جيڪي شاگرد گڏ پڙهندا هئا انهن ۾ رسول بخش پليجو ۽ شمشير الحيدري به شامل هئا. جن جو اڳتي هلي سنڌ جي شعور، ادبي ۽ سياسي هلچل ۾ اهم ڪردار رهيو. ٽنهي جو سنڌ، سنڌي ٻولي، سنڌي ماڻهن ۽ سنڌ ڌرتيءَ سان الستي عشق رهيو.
عبدالغفور جي پوءِ پنهنجن سنڌ مدرسي جي ساٿين سان سڄي عمر دوستي رهي. ان دوستي ۽ محبت جو نقطو سنڌ هو.
1988ع ۾ جڏهن رسول بخش پليجو. ٺٽي مان قومي اسيمبليءَ جي سيٽ تي اميدوار بيٺو ته سڀني باشعور ۽ سنڌ جي سڄڻن جي اها خواهش هئي ته رسول بخش پليجو چونڊجي قومي اسيمبليءَ ۾ پهچي. اهڙي خواهش عبدالغفور الستي جي به هئي. ان سلسلي ۾ هن روزاني ”هلال پاڪستان “ جي اشاعت ۾ رسول بخش پليجو جي سامهون پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي بيٺل اميدوار بابو غلام حسين کي هڪ پر اثر اپيل ڪئي: جنهن جو عنوان ھو، ”سنڌ جي نالي ۾ بابؤ کي اپيل“، ان اپيل ۾ الستيءَ سنڌجي حالتن کي نظر ۾ رکندي، مرڪزي اسيمبلي، ۾ پليجي جي ضروري ھئڻ جي ناتي بابو غلام حسين ميمڻ کي ھٿ کڻڻ جي اپيل ڪئي ھئي.

سنڌ مدرسي ۾ پڙهڻ جي دوران عبدالغفور الستي، مسلم ليگ جي تحريڪ پاڪستان کان متاثر ٿي ليگ جي ذيلي تنظيم “مسلم ليگ نيشنل گارڊ” ۾ شامل ٿيو. ان وقت سنڌ مدرسي ۾ ڪيترائي مسلم ليگي اڳواڻ اچي شاگردن سان ملندا هئا ۽ کين خطاب ڪندا هئا. انهن ۾ مسٽر محمد علي جناح به هو. اهڙي ئي هڪ جلسي ۾، جنهن ۾ جناح صاحب خطاب ڪيو، عبدالغفور الستي به موجود هو.
جناح صاحب جي سنڌ مدرسي ۾ آمدءِ پوءِ نماز پڙھڻ جو ذڪر فقير الستيءَ ”ٻنڊڻ ٻاروچن “۾ ھنن نقطن ۾ ڪيو آھي:

”اسان جڏھن پڙھندا ھئاسين ته ڳالهه عام ھئي، ته قائد اعظم محمد علي جناج ھڪ دفعي مدرسي ۾ نماز پڙھڻ آيو، ماڻهن ٿوري سجدي ۾ دير ڪئي ته ڪنڌ مٿي کڻي ڏٺائين ته متان ٻيا اٿي ويا ھجن ۽ ھو اڃا سجدي ۾ پيو ھجي. اھڙو ڊگهو سجدو ھن خدا کي ٿيندي ڪٿي ڪونه ڏٺو ھو:، پر جڏھن ٻنهي پاسن ڪنڌ ورائي ڏٺائين ته ماڻهو اڃا سجدي ۾ پيا ھئا. سو ڏاڍو ششدرئيو. I am sorry; I am sorry چئي وري وڃي سجدي ۾ ڪريو. (ص-67-166)
سنڌ مدرسي ۾ ئي پڙهڻ جي دوران عبدالغفور الستيءَ پنهنجو پهريون شعر لکيو، جيڪو پاڪستان حاصل ڪرڻ جي حمايت ۾ هو. اهو شعر روزاني “الوحيد” ۾ ڇپيو.
هڪ ڀيري سنڌي ادبي سنگت دڙي جي گڏجاڻيءَ ۾ گڏجاڻي شروع ٿيڻ کان اڳ جڏهن سڀ دوست واري واري سان پنهنجو تعارف ڪرائي رهيا هئا ته عبدالغفور الستي پنهنجو تعارف ڪرائيندي چيو: ”منهنجو پهريون شعر جيڪو پاڪستان جي حق ۾ هو ”الوحيد“ اخبار ۾ 1947ع ۾ ڇپيو. جنهن کان ترت پوءِ پاڪستان ٺهي ويو، هاڻ سوچيان پيو ته ڪو اهڙو شعر لکان ۽ ڇپايان جيئن...“
سندس جملي تي سڄي گڏجاڻي ۾ ٽهڪڙو مچي ويو هو.
عبدالغفور الستيءَ مئٽرڪ سنڌ مدرسي مان 1948ع (سنڌ يونيورسٽي شروع ٿيڻ جي پهرين سال) پاس ڪئي ۽ سڄي سنڌ مدرسي ۾ ٽيون نمبر آيو. ان وچ ۾ سنڌي فائنل به سنڌ مدرسي مان پاس ڪري ورتائين.

ون يونٽ ۾

سنڌ سان عشق، جيڪو پوءِ سندس سڄي زندگيءَ جو محور رهيو، سنڌ مدرسي ۾ ئي سندس روح ۾ واسو ڪري چڪو هو ۽ سندس رت جي گردش ۾ شامل ٿي ويو هو. پر اُن عشق ۾ هو عملي طور تي متحرڪ تڏهن ٿيو، جڏهن 1954ع ۾ “ون يونٽ” جو حادثو ٿيو.
ها، ون يونٽ هڪ حادثو هو، پر اهو ڪو سنڌ سان پهريون حادثو نه هو. سنڌ سدائين حادثن جو شڪار رهي آهي ۽ انهن حادثن ۾ سخت زخمي ٿي، وري سَگهي ٿي اُٿي آهي. هڪ حادثو 1843ع ۾ ٿيو، جڏهن انگريزن سنڌ فتح ڪئي ۽ ڪجهه سالن کان بمبئي پريذيڊنسيءَ سان گڏي. ان جو الڳ وجود ختم ڪري ڇڏيو. هزارين سالن کان قائم “سنڌ” جو هاڻ الڳ وجود نه رهيو هو.
سنڌ جي ان الڳ وجود کي ٻيهر بحال ڪرائڻ جي لاءِ سنڌ جي عوام وڏي جدوجهد ڪئي ۽ ان جدوجهد نئون رنگ لاٿو ۽ 1936ع ۾ سنڌ کي صوبائي حيثيت ڏني ويئي ۽ پوءِ ان سنڌ جي صوبائي اسيمبلي 1943ع ۾ ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ ڌار وطن جي قرار داد پاس ڪري، ننڍي کنڊ جي تاريخ کي هڪ نئون موڙ ڏنو. سنڌ اسيمبلي جي اها ”قرار داد“ پاس نه ڪري ها ته پاڪستان ٺهڻ لاءِ مسٽر جناح کي ڪِلو مضبوط ٿي نه ملي ها. ان قرار داد جو محرڪ محترم جي. ايم. سيد هو.
سنڌ اسيمبليءَ ۾ ون يونٽ جي حق ۾ قرار داد پاس ڪرڻ کان اڳ طئي ٿيو هو ته سنڌ جو صوبو اولهه پاڪستان ۾ ون يونٽ جو ٺهڻ هيٺين شرطن تي قبول ڪندو.
”.سنڌ جون سموريون صوبائي نوڪريون سنڌين جي هٿن ۾ ۽ سندن سنڀال هيٺ هجن.
.سنڌ جون زمينون پهريان سنڌين ۾ ورهايون وڃن ۽ پوءِ ڪجهه حصو سنڌ ۾ رهندڙ مهاجرن ۽ ٻين غير سنڌين ۾ ورهائجن ته اعتراض نه ٿيندو.
.مٿين طرح جي زمينن جي ورهاست کان پوءِ جيڪا زمين بچي، اها ڀلي ڪنهن مقرر ڪيل ايراضيءَ کان گهٽ ايراضي رکندڙ ماڻهن ۾ نيلام ڪئي وڃي.
جملي مرڪزي ۽ وڏين نوڪرين ۾ سنڌ کي مقرر تعداد ۾ نوڪرين جو حصو ڏنو وڃي.
ون يونٽ بعد مرڪز ۾ صرف ٽي کاتا رهن: بچاءَ پرڏيهي ۽ سڪو.
سنڌونديءَ جي پاڻي جي حصي ۾ 1945ع جي معاهدي موجب عمل ڪيو وڃي ۽ دست اندازي نه ڪئي وڃي.
سنڌي ادب، سنڌي ٻولي تي ٿيندڙ موجود خرچ ۾ گهٽتائي نه ڪئي ويندي.
سنڌ سان واسطو رکندڙ اهڙو ڪوبه قانون پاس نه ڪيو وڃي جنهن جي فائدي ۾ سنڌي ميمبرن جي اڪثريت ووٽ نه ڏنو هجي.
سنڌ کي لشڪر ۽ بچاءَ کاتي ۾ سندس حصو ڏنو ويندو. (هيءَ معاهدو پير علي محمد شاهه راشديءَ اخبار کي خط لکي شايع ڪرايو ته مون هن معاهدي تحت ون يونٽ قبوليو آهي.) (23)
1947ع ۾ ملڪ جو ورهاڱو ٿيو ۽ سنڌ صوبائي حيثيت ۾ پاڪستان ۾ شامل ٿي، پر جلد ئي ٻاهران ايندڙ قابض ذهنيت جي حاڪمن پنجاب جي حاڪم طبقي سان ڳٺ جوڙ ڪري. بنگال جي 56 سيڪڙو آباديءَ جي مقابلي ۽ ملڪي اقتدار تي دائمي قبضي خاطر هاڻوڪي پاڪستان جي صوبن ۽ رياستن کي 1954ع ۾ ون يونٽ جي شڪل ڏيئي، مغربي پاڪستان جو نالو ڏنو ۽ سنڌ جو وجود هڪ ڀيرو ٻيهر ختم ڪيو ويو ۽ سنڌ ”سابق سنڌ“ بنجي ويئي ۽ سنڌ جو نالو وٺن ئي گناهه بنجي ويو.
ون يونٽ جو قيام 14 آڪٽوبر 1954ع تي آندو ويو. 11 ڊسمبر 1954ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ مان ون يونٽ جي حق ۾ ٺهراءُ پاس ڪيو ويو. سنڌ اسيمبلي جي حاضر 110 ميمبرن مان 98 ميمبرن ون يونٽ جي حق ۾ ووٽ ڏنو. چئن ميمبرن 1 عبدالحميد خان جتوئي، غلام مصطفى خان ڀرڳڙي، 3 پير الابخش 4 شيخ خورشيد احمد مخالفت ۾ ووٽ ڏنو. (24)
ان وقت سنڌ جو وزير اعلى خانبهادر محمد ايوب کهڙو هو.
ون يونٽ ٺاهڻ وقت سنڌ ۽ ٻين صوبن سان ڪافي وعدا ڪيا ويا هئا. پر عملي طور تي سڀ ڪجهه اُن جي ابتڙ ٿيو. ون يونٽ ۾ سنڌ سان ڇا ڇا نه ٿي گذريو. ان جو سڄو داستان جيڪڏهن بيان ڪجي ته ان لاءِ سرويچ سجاوليءَ جي ڊگهي نظم جي هڪ سٽ ئي سڀ ڪجهه بيان ڪري ٿي ڇڏي.
ير وانگين جا ون يونٽ ۾ گس گهيڙ گهٽيون گهر گام وڪيا.
عبدالغفور الستي، جيڪو ان وقت عين غين سنڌي جي نالي سان لکندو هو. تنهن 1961ع کان ان قومي هلچل ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو. ان دوران هن پاڻ مختلف نالن سان اڻ ڳڻيا شعر ۽مضمون لکي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپرايا.... انهن ۾ عبرت، انسان، ۽ روح رهاڻ شامل آهن. سندس انهن لکڻين جو اهو سلسلو 1970ع تائين هليو. تنهن کان پوءِ پاڻ ”ملير ڊائجسٽ“ جي نالي سان مخزن شايع ڪرڻ شروع ڪيائين.
قومي هلچل ۾ حصو وٺڻ جي باوجود پاڻ ڪنهن پارٽيءَ ۾ شامل نه ٿيو، پر جنهن به سنڌي پارٽيءَ يا شاگردن جي تنظيم ون يونٽ جي خلاف يا سنڌيت جي لاءِ جدوجهد ٿي ڪئي ته ان سان عملي طور گڏ هوندو هو. انهن جي جلسن ۽ جلوسن ۾ شريڪ ٿيندو هو. سندس چواڻي:
“ٺيڪيداري ڪري ضرورت کان وڌيڪ جيڪو به پئسو هوندو هو، قومي تحريڪن کي يا شعور بيدار ڪرڻ جي لاءِ ننڍڙا ننڍڙا ڪتابڙا لکي، انهن کي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ورهائڻ تي لڳائيندو هوس.” (25)
اهڙا ٽي ڪتابڙا پاڻ هزارن جي انگ ۾ ڇپرائي ورهايائين. انهن جا نالا هن ريت آهن:
(1) او سنڌ جون عورتون اُٿو.
(2) سنڌي ٻولي.
(3) هي بيت ستايل سانگين جا.
”او سنڌ جون عورتون اُٿو“ ڊيمي سائيز جي 22 صفحن تي ٻڌل ڪتابڙو آهي، جيڪو ”گل محمد ميمڻ“ جي فرضي نالي سان ڇپيل آهي. ڪيترا سال پوءِ الستيءَ جا ڪاڳر ڦلهوريندي مونکي اهو ڪتابڙو هٿ چڙهيو. ڪتابڙي جي پويان الستيءَ جي هٿ اکرن ۾ لکيل هو.
“منهنجو هي ڪتابڙو مرحوم محمد عثمان ڏيپلائي صاحب قرآن پريس مان ڇپائي لڪ ڇپَ ۾ مونکي ڏنو هو. جو مون وڃي پاڻ ورهايو. پر هاڻ منهنجي ذهنيت گهڻي بدلجي ويئي آهي. رڳو انساني خدمت ئي پنهنجو مقصد سمجهان ٿو.”
ڪتابڙي تي ڪٿي به ڇپائيءَ جو سال لکيل ڪونهي.قيمت پنجاهه پئسا لکيل آهي. ڪتابڙي جي ڪوَر تي هي بيت ڏنل آهي. جيڪو الستيءَ جو ئي لکيل آهي.
ويٺينءَ عمرڪوٽ ۾ ڪيئن مارو وساري،
کاڻي پنهنجو کير تون، ڇڏيو ڪيئن کاري،
اڄ توکي پڪاري، او ‘مُئي’ هُت ملير پيو.
“او سنڌ جون عورتون اُٿو”. ڪتابڙو، سندس وفات کان پوءِ مون جيڪو سندس ٽڙيل پکڙيل لکڻين جو مجموعو “اسان جو رستو، اسان جي منزل” جي نالي سان ترتيب ڏنو. ان ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
“او سنڌ جون عورتون اُٿو” ڏاڍي جذباتي ۽ پُر اثر لهجي ۾ لکيل آهي. جنهن ۾ سنڌ جي عورتن کي مادر وطن سنڌ لاءِ گهرن مان ٻاهر نڪري، عملي طور تي جدوجهد ۾ شامل ٿيڻ جي اپيل ڪئي ويئي آهي.
اُن ڪتابڙي جي شروعات هن ريت ڪئي ويئي آهي:

”اي مادري وطن جون مائرون ڀينرون ۽ ڌيئرون!
اڄ جڏهن وطن جي هر شهر ۽ ڳوٺ ۾ “انقلاب انقلاب”، “آزادي آزادي” جا آسمان ڏاريندڙ نعرا گونجي رهيا آهن، تڏهن به توهان اڃا پاڻ تي غلاميءَ جا ڄار ڦاسايو گهرن جي تنگ ڪوٺڙين ۾ سڏڪا ڀري رهيون آهيو.
اڄ جڏهن وطن جي گهٽيءَ گهٽيءَ مان آزاديءَ خاطر وطن جي مردن، جوانن ۽ ٻارن جا انبوهه آزادي جا جهنڊا لهرائيندا، آزادي جي نئين نعري “جيئي سنڌ” کي سُر ۽ تال تي ڳائيندا، نچندا ٽپندا ۽ جهمريون پائيندا ٿا وڃن، تڏهن به توهان اڃان دروازن جي اوٽ مان لياڪا پايو بيٺيون آهيو!
اڄ جڏهن وطن جا سورهيه سپاهي وطن جي هن آزاديءَ جي جنگ ۾ وطن جي ميدان ۾ لهي چڪا آهن ۽ قطارون سينگاري رهيا آهن، تڏهن به توهان اڃان گهرن جي اڱڻن تي ويهي وار سينگاري رهيون آهيو!
اڄ جڏهن وطن جي چونڪ چونڪ تي آزاديءَ خاطر وطن جا ڳڀرو جوان خاڪ ۽ خون سان هلي رهيا آهن، تڏهن به توهان اڃا جسم تي غازهه مکيو، هٿن تي مهنديون رتيون، شاهراه تي داد حسن طلب ڪري رهيون آهيو!
او منهنجي مادر وطن جون مائرون ۽ ڀينرون ۽ ڌيئرون، اوهان کي ڇا ٿيو؟ ڇا آزاديءَ جا متوالا، هي مانجهي مرد، هي ڳڀرو جوان، هي معصوم ٻارڙا اوهان جا پنهنجا نه آهن؟ ڇا انهن جو خون اوهان جو خون ساڳيو نه آهي؟ ڇا انهن جي مٽي اوهان جي مٽي ساڳي نه آهي؟ ڇا انهن جي تقدير ۽ اوهان جي تقدير ساڳي نه آهي.”!

ڪتابڙي ۾ سنڌ سان سورن، زيادتين ۽ بيواجبين جو ڏاڍي جذباتي انداز ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي ۽ ان سان گڏ سنڌ جي عورتن کي سجاڳ ٿيڻ جي درد ڀري پُڪار پڻ آهي.
”هي مادر سنڌ جي نزع جو وقت آهي، هي سندس موت ۽ حيات جو وقت آهي، اوهين جو اُن جون اولاد آهيو، ان جو موت چاهيو ٿيون يا حيات؟ غلامي موت آهي ۽ آزادي حيات آهي. ڇا ٿيون چاهيو اوهين ان لاءِ، غلامي ۽ موت يا آزادي ۽ حيات؟
جي آزادي ۽ حيات چاهيو ٿيون ته پوءِ ان بيمار زال جي بستر مرگ وٽ اهو اسم اعظم پڙهو. جو اڄ شهر شهر ڳوٺ ڳوٺ جي گلي ڪوچي ۾، چوڪ چوڪ تي سندس سپوت فرزند پڙهي رهيا آهن:
جيئي سنڌ، جيئي سنڌ، جيئي سنڌ.
پر جيڪڏهن اوهين اُن جي غلامي ۽ موت چاهيو ٿيون ته هي بيمار زال ته مري ويندي، مگر پوءِ توهان جا هي گلن جهڙا ٻارڙا جي ڦلن جيان نپايو ٿيون، ڪڏهن هن خطي تي ڪو اهڙو وقت به ايندو. جو باد مخالف جا جهونڪا، انهن گلن جا پَن ڇاڻي پَٽ تي ڪيرائي ڇڏيندا. اهي پوءِ خس و خاڪ ٿيو پيا شهر جي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ اُڏامندا. ڪاريءَ وارا ڪک ٿيو پيا ڳوٺ ڳوٺ جي دڳ دڳ تي رُلندا. سنڌي انهن جو نالو هوندو ۽ پنڻ انهن جو پيشو هوندو. آئون ڪوڙ ڪونه ٿو ڪريان، غلام قومون هميشه پننديون آهن.“

اهو ون يونٽ جو دور هو. ان وقت “سنڌ” لکڻ ڏوهه هوندو هو. ان حد تائين جو ٽپال کاتي به لفافن تي “سنڌ” لکڻ کي ڏوهه قرار ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو هو ۽ اهڙا لفافا ضبط ڪيا ويندا هئا، جن جي ايڊريس تي “سنڌ” لکيل هوندو هو. ’جيئي سنڌ‘ جو نعرو هڻڻ ائين هو جيئن اياز چيو آهي. ’سنڌڙي تنهنجو نانءُ وتو، ڄڻ ڪاريهر تي پير پيو‘.
جماعت اسلاميءَ جو مولانا مودودي چوندو هو: “جيئي سنڌ” چوڻ معنى “مري پاڪستان”.

ڪتابڙي جي پڇاڙي اُن آس ۽ اميد سان ڪئي ويئي آهي“.
”هيءَ غيرت مند سنڌي قوم جا اڃا تائين غلاميءَ جي نڀاڳي ننڊ ۾ سُتي پئي آهي. ان مان ڇرڪ ڀري اُٿندي، هيءَ چنگاري جا اڃا تائين سنڌ جي راک ۾ لڪي پيئي آهي، ڀڙڪو کائي اُٿندي، اُلا ٿي اٿندي، آڳ ٿي اُٿندي...پوءِ جتي جتي پنهنجي سرزمين تي تشدد جا بت هوندا. انهن کي ويڙهي ويندي، وڪوڙي ويندي ۽ اتي اتي انهن کي پل کن ۾ ساڙي راک ڪري ڇڏيندي، جلائي خاڪ ڪري ڇڏيندي...
انهن جي سڙڻ کان پوءِ، انهن جي جلڻ کان پوءِ، جڏهن سنڌ جي سر زمين تان دونهون هٽي ويندو. مطلع صاف ٿي ويندو. تڏهن هتي سڪون هوندو. سلامتي هوندي انصاف هوندو، آزادي هوندي
او منهنجون پياريون هتي آزادي هوندي.. آزادي هوندي... آزادي هوندي...“
 

ون يونٽ خلاف جدوجهد

فقير عبدالغفور الستي، سنڌ جي قومي تحريڪ ۾ سنڌي اديبن، شاعرن، دانشورن ۽ شاگردن جي ان سٿ جو هڪ ساٿي هو. هن سنڌي ٻولي جي بقا خاطر جدوجهد هجي يا ووٽر لسٽون سنڌيءَ ۾ شايع ڪرڻ يا ون يونٽ ٽوڙيو هلچل هجي، انهن ۾ پنهنجي وس آهر حصو ورتو. سندس اها جدوجهد 1961ع کان پوءِ شروع ٿي. ان سلسلي ۾ ڪڏهن ڪتابڙا لکي ورهايائين ته ڪڏهن انهن تحريڪن جي حال سارو مالي مدد ڪيائين ته ڪڏهن وري عملي صورت ۾ حصو ورتائين ان سلسلي ۾ لکي ٿو:
“عملي طرح جيڪو خاص ڪم مون پنهنجي سر ڪيو، جنهن سان سنڌين ۾ ملڪ گير سطح تي وڏي عملي جدوجهد شروع ٿي، اها هئي اليڪشن لاءِ سنڌي لسٽن لاءِ بک هڙتال. هيءَ پهرين بک هڙتال مون 1969ع ۾ خالد سنڌيءَ کي حيدر چوڪ حيدرآباد ۾ ويهاري ڪرائي.“ (26)
اها بُک هڙتال فيبروري- مارچ 1969ع ۾ شروع ڪئي ويئي، حيدر چوڪ تي ان بک هڙتال جي شروعات خالد سنڌيءَ جي بک هڙتال تي ويهڻ سان ٿي. جيڪو اُن وقت نوجوان قومي ڪارڪن هو. خالد سنڌيءَ پوءِ “سنڌي پورهيت تنظيم” به ٺاهي. هو هڪ سٺو لکندڙ به هو.
خالد سنڌيءَ جي ٻين لکڻين سان گڏ ڪهاڻين جو هڪ مجموعو ”هر دل اندر ڪربلا“ به ڇپيل آهي. خالد سنڌي جي ان بک هڙتال سنڌ جي قومي تحريڪ ۾ وڏا اثر ڇڏيا. اها بک هڙتال ڪيئن شروع ٿي، ان جو دلچسپ احوال پوءِ عبدالغفور، الستي لکيو هو، جيڪو ماهوار ”ملير ڊائجسٽ“ جي پرچي ۾ ڇپيو. اچو ته پاڻ ان بک هڙتال جي ڪهاڻي عبدالغفور الستيءَ جي لکيل قلم مان پڙهون:
”سنڌ جو شاعر شيخ اياز جيل مان آزاد ٿيو ۽ انهيءَ ڏينهن ڪراچي کان حيدرآباد ريل رستي اچي رهيو هو. گهڻو ڪري حيدرآباد شهر جو سڄو سنڌي نوجوان اسٽيشن تي اٿلي پيو هو، ڄڻ ته پروانه شمع تي ڳاهٽ ٿي ويا، نيٺ ڪجهه دير کان پوءِ اهو شمع ۽ پروانن جو جلوس سنڌ جي ان روشن مينار تي هلڻ لڳو، جنهن کي هوشو شهيد ٿا چون. آءٌ، به انهن پروانن جي جلوس سان گڏ هئس ۽ ان وقت منهنجي اٿي ويٺي جو ساٿي ابن حيات پنوهر به مون سان هو.
هوشو شهيد جي قبر تي محبت عقيدت جو نذرانو رکڻ کانپوءِ جلوس جا ڪي ساٿي پنهنجي گهرن ڏي ويا هليا ۽ ڪي شيخ اياز سان گڏ سندس رهڻ واري هوٽل ڏي آيا. آءٌ ۽ ابن حيات به ساڻن گڏ آياسين. ڪجهه دير اتي هئاسين ۽ پوءِ هڪ ٻي هوٽل تي اچي ويٺاسين. اها ئي ڳالهه اسان جي گفتگو جو موضوع ٿي، جيڪا سڄي سنڌ جو موضوع هئي ته ون يونٽ ڪيئن ٽٽندو؟ اها سال 1969ع جي فيبروريءَ جي 17 تاريخ هئي ۽ اهو زمانو ايوب جو آخري زمانو هو. ملڪ ۾ وڏي هنگامه خيزي هئي، پاڪستان جو سڄو عوام ايوبي آمريت جي خلاف اٿي کڙو ٿيو هو. جتي ڪٿي جلسا جلوس هڙتالون مظاهرا ٿي رهيا هئا. ايوب ۽ سياستدانن جي وچ ۾ گول ميز ڪانفرنس هلي رهي هئي. ون يونٽ ڪونه ٽٽو هو، پر ان جي خلاف سڄي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ نفرت ۽ حقارت جي باهه ڀڙڪي اٿي هئي.
سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ايوب جي ڳچيءَ ۾ نوڙي ٻڌي هن تي لعنت ۽ ملامت پئي ڪئي وئي ۽ ان سان گڏ ون يونٽ کي ٽوڙڻ جا به هزارين آواز اُٿي رهيا هئا. پر ان هوندي به سنڌ ۾ ان وقت جيڪا ون يونٽ خلاف جدوجهد هلي رهي هئي. اها سڄي منتشر هئي. انهيءَ ۾ ڪوبه رابطو يا هم آهنگي نه هئي، نه وري سنڌي ليڊرن ۾ ڪي اهڙا هئا جيڪي سڄي قوم کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري ون يونٽ جي خلاف ڪو گڏيل محاذ پيدا ڪن. سنڌي سياست جا نوان ليڊر محمد حفيظ قريشي ۽ رسول بخش پليجو به تازا جيل مان ڇُٽا هئا، جيتوڻيڪ اهي سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ دورا ڪري سنڌي عوام کي سجاڳ ڪرڻ، همٿائڻ، ايوبي آمريت خلاف اٿاري بيهڻ، ون يونٽ ٽوڙائڻ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا هئا، پر تنهن هوندي به سنڌ گير سطح تي هن سڄي جدوجهد ۾ مرڪزيت نه هئي. سائين جي ايم سيد جن به سنڌ متحده محاذ جي انتشار ڪري ڪجهه مايوس هئا، تنهن ڪري پاڻ به سڄي سنڌ ۾ دورا ڪري نه سگهيا. پيپلز پارٽي جيڪا ان وقت سڄي سنڌ تي ڇانئجي ويئي هئي، تنهن جو ليڊر ڀٽو صاحب به ون يونٽ جي باري ۾ ڪو واضح اعلان اڃان تائين نه ڪري سگهيو هو.انهيءَ ڪري ون يونٽ جي خلاف جيڪو به سنڌ مان آواز اُٿي رهيو هو، اُهو جيتوڻيڪ هو ته سنڌ جي سڀني ڳوٺن ۽ شهرن مان، پر پاڪستان جي سياسي طوفان ۾ منتشر ٿي ويو ۽ ايوب جي لڏندڙ محلات ۾ جيڪڏهن اهو ٻڌڻ ۾ آيو ٿي ته اهڙو ڀيانڪ نه، اهڙو هيت ناڪ نه، جهڙو ٿيڻ گهرجي ها.
سنڌين کي ان وقت ان آواز لاءِ هڪ براڊڪاسٽنگ هائوس جي ضرورت هئي، جتان اهو آواز شارٽ ويو تي وڏي طاقت سان ٽرانسمٽ (نشر) ٿي، ايوبي آمريت جي گنبذ ۾ وڃي ڪو غلغلو پيدا ڪري.
اسان ٻئي ڄڻا گهڻي دير تائين ان موضوع تي ڳالهائيندا رهياسين ته نيٺ ڇا ڪجي جو اهو آواز سنڌ جي ساري ديو جو آواز ٿي، هن ڌرتيءَ تان گونجي اُٿي،
ڪيتريون ترڪيبون هڪ ٻئي کي ڏنيون سين، پوءِ اهي رد ڪيون سين. پر نيٺ پڇاڙيءَ ۾ انهيءَ ترڪيب تي اتفاق ڪيوسين ته حيدرآباد جي گاڏي کاتي چوڪ ۾ هڪ سينٽر کولجي جنهن جو اصل مقصد ته سنڌ ۾ سنڌين جي ان جدوجهد کي تيز ڪرڻ ۽ انهن ۾ لاڳاپي ۽ ٻڌي پيدا ڪرڻ جو هجي. پر ظاهري طرح اهو ون يونٽ جي خلاف هڪ سادي احتجاجي صورت ۾ هجي. بک هڙتال جي صورت ۾.
بک هڙتال جيتوڻيڪ هڪ بي پهچائيءَ، نوڙت ۽ نهٺائيءَ وارو احتجاج آهي، پر تنهن هوندي به احتجاج جو هڪ باقاعدي طريقو آهي، نه هئڻ کان ڪجهه ته چڱو ئي هو.
هاڻي سوال ٿي اٿيو ته ان سينٽر ۾ بک هڙتال تي اول ڪير ويهي، هُو يا مان، اسان ٻنهي پنهنجي زندگي قومي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏي هُئي، تنهن ڪري انهيءَ ڳالهه تي هڪڙو ننڍڙو هنگامو ٿي پيو. هوٽل ۾ ويٺل ماڻهو اسان کي جاچڻ لڳا ته ڪيڏي مهل ٿا پاڻ ۾ وڙهن. پر وات کان هٿن تائين ڪونه پهتاسين. نيٺ ڪجهه دير “تون تون” “مان مان” کان پوءِ ٻنهي ۾ فيصلو ٿيو ته اسان مان ڪير به نه ويهي، وچان ئي ڪو ٻيو ماڻهو ويهي. اهو پڪو فيصلو. ڪري اتان اُٿياسين ۽ هوٽل کان ٻاهر نڪري وياسين.
هاڻي اهو سوال ٿي پيدا ٿيو ته بک هڙتال تي اهو ٻيو ماڻهو ويهي ڪير؟ ڏاڍو عجيب ۽ پنهنجو پاڻ تي شرمساري به پي ٿي جڏهن رستن تي هلندا ٻنهي پاسي هيڏانهن هوڏانهن نهاريندا ٿي وياسين ته من ڪو اهڙو ماڻهو ڏسڻ ۾ اچي، جنهن کي چئون ته يار هل هلي سنڌ لاءِ بک هڙتال تي ويهه. ٻه چار واقف ڪار مليا ۽ هڪ ٻه سنڌ تي قربان ٿيندڙ نوجوان به مليا، پر انهن سان اها ڳالهه نه ڪڍي سون، ان ڪري ته متان ڪا کلاساڻي ٿئي ۽ وري ڪير انڪار به ڪري ته مايوسي ٿئي- هلندا هلندا نيٺ وري اچي اورينٽ هوٽل تي اچي پهتاسين. جتي شيخ صاحب رهيل هو. خيال ڪيوسين ته من اُتي ڪو اهڙو مناسب نوجوان ملي وڃي، جيڪو انهي مهم لاءِ تيار ٿئي، هوٽل جي انتظار گاهه ۾ ئي منهنجي نظرن تي هڪ اهڙو ماڻهو آيو جنهن کي ڏسڻ سان ئي ڄڻ ته مون کي يقين ٿي ويو ته هي ئي اهو ماڻهو آهي جيڪو بک هڙتال تي ويهي سگهي ٿو ۽ سنڌ جي تحريڪ ۾ جان وجهي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته هن ۾ جوش تمام گهڻو هو. هڪ ڳاڙهه ڳٽو نوجوان هو. آءُ جتي ڪٿي کيس جلسن ۽ جلوسن ۾ ڏسندو هوس. هو نعرن هڻڻ ۽ ليڊ ڪرڻ ۾ سدائين پيش پيش هوندو هو.
منهنجي ٻي واقفيت ساڻس تمام ٿوري هئي، نالو سندس ڄاڻندو هوس خالد سنڌي. هو مونکي ڏسي اُٿيو ۽ ڏاڍي محبت سان مليو. ابن حيات ڪجهه پوئتي رهجي ويو هو، اهو به آيو، هُن سان به هِن ساڳي محبت مان هٿ ملايو پوءِ ٽئي ڄڻا گڏجي ان ساڳي ڪوچ تي ويٺاسين، جتي هو اڳي ويٺو هو. پوءِ ڳالهيون ڪرڻ لڳاسين.
ڳالهين ۾ گهڻي دير نه لڳي، هو بک هڙتال جي ڳالهه ٻڌڻ شرط ئي يڪدم اُٿي بيٺو چيائين، ”آءٌ بک هڙتال ڪندس ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين ڪندس. جيستائين ون يونٽ نه ٽٽو آهي“ پوءِ اسان اتي وڌيڪ نه ويٺاسين،نڪري هوٽل کان ٻاهر آياسين. اهو وقت اٽڪل ڏهين بجي رات جو هو ۽ اسان ٽين بجي تائين حيدرآباد جي رستن تي هلندا ۽ بک هڙتال سينٽر جي باري ۾ رٿابندي ڪندا رهياسين.
ٻئي ڏينهن صبح جو ٽنهي ڄڻن ويهي ان پوسٽر جو مضمون لکيو جيڪو “خالد” جي بک هڙتال ڪرڻ جي باري ۾ هو. پوءِ اهو پوسٽر ڪتابت ڪرايوسين. ڇپايوسين، ورهايوسين، ڀتين تي لڳايوسين. انهيءَ ڏينهن ’سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن‘ جو بسنت هال ۾ هڪ وڏو جلسو ڄام ساقي جي سربراهيءَ هيٺ هو. اهو پوسٽر کڻي اتي وياسين. جلسي ۾ به اهڙو اعلان ڪرايوسين ته خالد سنڌي ٻئي ڏينهن ون يونٽ ٽوڙائڻ لاءِ سنڌين جي طرفان پهرين بُک هڙتال تي ويهندو ۽ اها بک هڙتال گاڏي کاتي چوڪ ۾ ٻئي ڏينهن تي ٻارهين بجي کان شروع ٿيندي.
پوسٽر ۾ به اهو ٻڌايو ويو هو ۽ اتي به اهو اعلان ڪرايو ويو ته ٻئي ڏينهن ڏهين بجي هوشو شهيد جي قبر تي دعا گهرندي اتان خالد کي جلوس جي صورت ۾ وٺي گاڏي کاتي چوڪ ۾ اچبو ۽ اتي اچي کيس بک هڙتال تي ويهاربو. اخبار ۾ به اها خبر ڏني سين، پر اها اتي ڇپجي نه سگهي. ان رات سڄي حيدرآباد ۾ ڀتين تي اهي بُک هڙتال جا پوسٽر هڻائڻ ۾ محمد حفيظ قريشيءَ جي هڪ فرزند وڏي مدد ڪئي.
ٻئي ڏينهن صبح جو آءُ، ۽ ابن حيات قلعي جي دروازي تي گلن جا هار کڻي وڃي بيٺاسين. خالد به اتي پهچي ويو. پڇيوسينس ته پنهنجي مائٽن کي ٻڌايو اٿئي، ڇاڪاڻ ته اسان کي وڏو ڊپ هو ته هو متان گرفتار ٿي وڃي. ايوب شاهي پاڪستان ۾ هر هنڌ ان جي خلاف مهم سختيءَ سان ڪچلي رهي هئي ۽ سنڌين طرفان تاريخ جو هي سڀ کان وڏي ۾ وڏو قدم پهرئين دفعي کڄي رهيو هو، ان ڪري هن ڳالهه جو وڏو امڪان هو ته اٿندي ساڻ ئي ايوب شاهي انهيءَ تحريڪ کي دٻائي ڇڏيندي. هن جواب ڏنو ته “نه”، پڇيوسينس ته “ڇو؟” چيائين “مائٽن کي اهڙيون ڳالهيون ٻڌايبون آهن ڇا؟ ابي امڙ کان جيڪڏهن اها ڳالهه پڇان ته پوءِ مون ۽ چنيسر ۾ ڪهڙو فرق رهيو.” هن جي ان عظيم جذبي کي ڏسي مون کڻي کيس ڀاڪر وڌا. مون کي مخاطب ٿي چيائين “ڇا تون منهنجي ماءُ ۽ پيءُ جو اهو ساڳيو خالد سنڌي نه آهين؟”. هو پنهنجي مائٽن جو اڪيلو پٽ هو، سڪيلڌو هو، پيارو هو، مون چيومانس. “آءُ ته ساڳيو سندن لاءِ خالد ٿيندس، پر متان هنن کي مون مان توجهڙي سڪ ۽ پيار نه ملي” جواب ڏنائين “مهانڊن تي هو مَٽجن ته ڀلي پر مونکي پڪ آهي ته تون گهٽ ۾ گهٽ سندن پُٽ جي غير موجودگي کين محسوس ٿيڻ نه ڏيندين.”
اهڙيون ڳالهيون ڪندا اسان هوشو شهيد جي قبر تي آياسين. گل چاڙهياسين. کانئس دعا گهريسين ته اسان کي وطن جي هن عظيم تحريڪ ۾ پنهنجي روحاني طاقت بخشيندو رهي. اتان پوءِ نڪتاسين، سمجهيوسين ته ڪي ساٿي ضرور قلعي تي گڏ ٿيا هوندا، خالد کي جلوس جي صورت ۾ وٺي هلڻ لاءِ، ڇاڪاڻ ته ڪالهه اهڙا اعلان ڪيا ويا هئا ۽ حيدرآباد جي ديوارن تي پوسٽر پڻ لڳل هئا. پر اسان کي اهو ڏسي تعجب ٿيو ته فقط هڪ نوجوان ڪلهن ۾ اجرڪ ويڙهيو قلعي جي دروازي تي بيٺو هو ۽ اسان ٽن ڄڻن کي اندران قلعي مان ايندو ڏسي اسان سان اچي گڏيو. هيڏانهن هوڏانهن نهاريوسين، ٻيو ڪير به نه هو.
سنڌ ۾ هڪ عظيم تحريڪ اُٿي رهي هئي پر اطلاع جي هوندي به ايتري بي حسي! اهو ڏسي ڏاڍي مايوسي ٿي. پر پوءِ دل نه لاٿي سين ۽ جيڪي پاڻ سان گلن جا هار هئا، سي محبت ۽ عقيدت مان خالد جي ڳچيءَ ۾ وڌاسين ۽ اسان جو اهو چئن ڄڻن جو جلوس قلعي جي دروازي کان گاڏي کاتي چوڪ ڏانهن هلڻ لڳو. واٽ تي ماڻهن خالد جي ڳچيءَ ۾ گل ٿي ڏٺا ۽ اسان کي ان سان گڏ ويندو ٿي ڏٺو ته تعجب مان نهاريو پي. انهن شايد ائين سمجهيو ته هي نوجوان تازو ڪو جيل مان ڇٽي آيو آهي، ڇاڪاڻ ته ان وقت ڪيترا ماڻهو سياسي هلچل جي ڪري جيل ۾ ويا پي ۽ آيا پي، يا ڪن شايد ائين به سمجهيو هجي ته هي حاجي سڳورو آهي. جيڪو هاڻي حج ڪري موٽيو آهي. ان وقت ڪيترا حاجي به حج تان واپس اچي رهيا هئا. پر هنن کي ڪهڙي خبر ته هي ماڻهو سنڌ جي مستقبل جو اهو سنگ بنياد رکڻ وارو آهي جنهن کان پوءِ سنڌ جو رستو ڦٽي نڪرندو ۽ نيٺ وڃي ڪڏهن نه ڪڏهن سنڌ جي منزل تي پهچندو.
آءٌ ۽ ابن حيات صبح جو سوير اڳيئي حيدر چوڪ ۾ شاميانو هڻائي آيا هئاسين. ماڻهن اسان کان پڇيو هو ته اهو ڇا جي لاءِ آهي، پر ڪنهن کي نه ٻڌايوسين. ان خيال کان متان پوليس خالد جي اتي وهارڻ کان اڳ ۾ ئي ان کي اکيڙي نه ڇڏي.
جيئن ئي خالد کي وٺي اچي شامياني ۾ هڪڙي تڏي تي وهاريوسين، ته چوڌاري ماڻهو ڦري ويا، ڪي سنڌي ته ڪي غير سنڌي. اسان يڪدم هڪ ننڍي تختي هٿ ڪري ان تي لکيو:
ون يونٽ جي خلاف سنڌ جي پهرين علامتي بک هڙتال.
اهو لِکڻ ۽ سنڌين جو ڊوڙي شامياني اندر اچڻ. هو سڀ خالد کي ماکيءَ جي مکين وانگر چهٽي ويا. ڪو سندس هٿ چمڻ لڳو، ڪو سندن ڳل ڪو سندس اکيون، ڪو سندس چپ، مطلب ته پيار ۽ محبت جو ايترو وڏو درياءَ خالد جي مٿان وري ويو، جنهن ۾ هو ڏسڻ ۾ نه آيو. سڄو ڏينهن ساڻس اها ڪار هئي اسان اندازو لڳايو ته رڳو انهيءَ ڏينهن ئي رات جو ٽين لڳي تائين گهٽ ۾ گهٽ ويهه هزار سنڌي مرد ۽ عورتون ۽ ٻار گلن جا هار کڻي هن جي قدمن ۾ رکندا هن کي پنهنجو نذر عقيدت پيش ڪري چڪا هئا. اٽڪل هڪ مڻ کن گلن جو اسان انهيءَ رات خالد جي سمهڻ جو وڇاڻو بنايو.
خالد جي ويهڻ شرط ئي سامهون سندن جاءِ مان جناب حيدر بخش جتوئي جن هن کي ڏسي نڪتا ۽ اچي کيس ڀاڪر پائي مليا. ان وقت اخبار جا ڪيترا فوٽو گرافر اچي گڏ ٿيا هئا، جن اُهي فوٽو ڪڍيا، جيڪي پوءِ ٻئي ڏينهن تي سڀني اخبارن ۾ شايع ٿيا. ٿوري دير کان پوءِ شيخ اياز به آيو ۽ حيدرآباد ۾ رهندڙ سنڌي رهنما به کيس ملڻ ۽ مبارڪون ڏيڻ آيا، جن ۾ محمد حفيظ قريشي، رسول بخش پليجو، مير رسول بخش خان ۽ مير علي احمد خان ۽ ٻيا به هئا.
ٻي ڏينهن تي جڏهن اخبارن ۾ فوٽن سان خالد جي ون يونٽ خلاف بک هڙتال جو اهو احوال شايع ته سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڄڻ ته هڪ زبردست ۽ جولانيءَ جي لهر ڊوڙي وئي، ون يونٽ جي خلاف هڪ وڏو غوغاءُ پيدا ٿي ويو، جتان ڪٿان اعلان ٿيڻ لڳا ته فلاڻي شهر مان هيترا نوجوان بک هڙتال تي پيا ويهن، فلاڻي شهر مان هيترا، مطلب ته هڪڙي مشعل مان پوءِ سوين ٻيون مشعلون سڄي سنڌ ۾ جلي اٿيون، اسان سڄو رڪارڊ رکندا آيا هئاسين. پڇاڙيءَ ۾ ٽوٽل ڪيو هئوسين ته فقط چاليهن ڏينهن جي عرصي ۾ جيڪو عرصو اهو سينٽر هليو، سنڌ جي سڀني شهرن ۽ ڳوٺن مان 830 سنڌي هاري، مزدور، شاگرد ۽ ٻيا نوجوان ون يونٽ جي خلاف بک هڙتال تي ويٺا. مرڪزي سينٽر ۾ به 45 بک هڙتال ڪرڻ وارا هڪ ٻئي پويان ويٺا هئا، اهو سلسلو هڪ منٽ لاءِ به بند نه ٿيو، خالد ٻن ڏينهن لاءِ بک هڙتال ڪئي هئي، پر پوءِ هن پويان ٽي ٽي چار چار ڄڻا هڪ ئي وقت ڪي هڪ ڏينهن لاءِ ڪي ٻن ڏينهن لاءِ ڪي ٽن ڏينهن لاءِ هڙتال تي ويهندا ويا. هڪ دوست انور حسين جتوئي لاڙڪاڻي وارو مرڻ گهڙيءَ تائين بک هڙتال تي ويٺو، ون يونٽ ٽوڙائڻ جي مطالبي سان گڏ ٻيو به مطالبو کڻي ويٺو هو ته جناب جي ايم سيد کي نظربنديءَ مان ڪڍو ۽ غلام محمد لغاري ۽ ٻيا ڪي سنڌي ليڊر جيڪي ان وقت جيلن ۾ هئا، تن کي آزاد ڪيو. جڏهن هو 92 ڪلاڪ بک هڙتال ڪاٽي چڪو هو ته جناب جي ايم سيد غلام محمد لغاري ۽ ٻين کي رها ڪيو ويو. پوءِ سڀني جتوئيءَ کي زور ڀريو تڏهن مس مس هن مرڻ گهڙيءَ واري هڙتال تان هٿ کنيو.
انهيءَ سينٽر کي ختم ڪرڻ لاءِ مخالفن طرفان وڏا حملا ۽ هنگاما ڪرايا ويا، پر سڄيءَ حيدرآباد جا سنڌي هڪ جسم هڪ جان ٿي انهن حملن ۽ هنگامن کي منهن ڏيندا رهيا، پر انهي سينٽر کي ختم ٿيڻ نه ڏنائون. ڇاڪاڻ ته اهو سندن جدوجهد جو هڪ عظيم قلعو هو. چاليهه ڏينهن جيڪي اهو سينٽر هليو، ان جي سڄي تواريخ به ڏاڍي حيرت، جرئت ۽ محبت، ساڳئي وقت ڏکن ۽ لڙڪن واري به آهي. انهن چاليهن ڏينهن اٽڪل سنڌ مان پنج لک ماڻهو ان سينٽر ۾ پنهنجي دل جي محبت کڻي آيا ۽ اتان موٽ ۾ سنڌيت جي روحاني طاقت پاڻ سان کڻي ويا. سنڌ جو ڪوبه ننڍو وڏو ليڊر ۽ باشعور ماڻهو نه رهيو هو، جيڪو ان ۾ آيو نه هجي. سن جو سائين به ٻه ٽي دفعا ان ۾ آيو ۽ هڪ دفعو ڀٽو صاحب ان سينٽر جي پاسي کان جلوس ۾ لنگهندي بُک هڙتالين کي محبت مان سلام ڪندو ويو.
سينٽر جي سڄي سنڀال ۽ ڪار گذاري هڪ انتظامي ڪميٽي رکندي آئي، آءُ ۽ ان حيات به ان جا ميمبر هئاسين. آءُ ٻي ڪنهن دفعي توهان کي اهو ٻڌائيندس ته ان سينٽر کي غيرن جي طرفان ختم ڪرڻ لاءِ ڪيئن هزارن جي تعداد ۾ حملا ڪيا ويا، ڪيئن اُن تي پٿر وسايا ويا، ڪيئن ان تي گوليون هلايون ويون، ڪيئن اُن تي بم اڇلايا ويا. ڪير ڪير ثابت قدم رهيا. ڪيترا هڙتال تي ويٺا، ابن حيات به ڪيئن نوڪري ڇڏي اچي هڙتال تي ويهي رهيو.
25 مارچ تي يحى شاهيءَ جي پهرين ڏينهن ان سينٽر تي ڇا ٿي گذريو. ڪيئن مسعود نوراني اچي اتي هڙتال تي ويٺو، اهو ٻڌي ڪيئن محمد حفيظ قريشي اتي پهتو، پوءِ ڇا وهيو واپريو اهو سڄو احوال آءٌ توهان کي ڏيندس. هاڻي خالد جي باري ۾ ٻه لفظ ٻيا.
خالد پنهنجي زندگيءَ جي ان عظيم ڪارنامي کان پوءِ عملي سياست ۾ به گهڙي پيو. ان کان پوءِ اڄ تائين هن جي سڄي زندگي سخت جدوجهد واري گذري آهي. ڪجهه سياسي ناتجربيڪاريءَ ڪري ڪجهه نوجوانيءَ جي خودسريءَ ڪري هن جي سياسي عمل ۾ ڪي هڪ ٻئي جي ابتڙ به تبديليون اينديون رهيون آهن. پر هاڻي هو سياست جي ڪنڊن واري ميدان ۾ پاڻ کي گهڻو ڪجهه سنڀالي ويو آهي. ڪجهه وقت کان وٺي هن سنڌ جي پورهيت طبقي کي هڪ غير سياسي پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ شروع ڪيو آهي ۽ ”سنڌي پورهيت تنظيم“ جي نالي سان هيءَ سنڌي مزدورن ۽ ننڍن ملازمن جي ’سنڌ گير سطح تي تنظيم‘ شروع ڪئي آهي. سنڌ جو اهو مظلوم طبقو صدين کان وٺي سنڌ جي وڏيرن ۽ سرمائيدارن جا ظلم سهندو آيو آهي، خالد انهن کي هڪ پليٽ فارم تي آڻڻ لاءِ جيڪي محنتون ڪري رهيو آهي ۽ انهن جون جيڪي خدمتون ڪري رهيو آهي، اهي وڏيون واکاڻ جوڳيون آهن. شايد سنڌ جو مستقبل ان تنظيم مان پيدا ٿئي. روشن مستقبل ۾ خالد سنڌيءَ جي محنتن ۽ خدمتن جي ننڍي روشني به شامل هجي. مون کي سنڌ جي هن هڏ ڏوکي، جفاڪش، سرويچ نوجوان ۾ وڏيون اميدون آهن... ۽ منهنجي کيس دعا به آهي.“

ان بک هڙتال جو ٻيو اهم ڪردار هو ابن حيات پنهور. جيڪو يگانو قومي ڪارڪن هو. ابن حيات جي سنڌ سان والهانه عشق ۽ پاڻ ارپڻ جو ذڪر ڪندي خالد سنڌي، ابن حيات پنهور جي ڪتاب “ڪروڙپتيءَ” جي مهاڳ ۾ لکي ٿو:
“1969ع ۾ جنرل ايوب خان جي آخري دور ۾ جڏهن مون ون يونٽ ٽوڙائڻ لاءِ بک هڙتال شروع ڪئي ته جن دوستن منهنجو سڀ کان وڏو ساٿ ڏنو. ابن حيات پنهور انهن ۾ سڀني کان اڳرو هو. بک هڙتال جي فيصلي وقت هو بضد هو ته هو سڀ کان اول بک هڙتال تي ويهي. ليڪن مون ع.غ سنڌي (عبدالغفور الستيءَ)، قاسم شورو، ديدار جتوئي، محمد دائود بلوچ ۽ ٻين دوستن ابن حيات جي عمر ۽ نوڪريءَ کي سامهون رکي، سندس تجويز نامنظور ڪئي ۽ آخر ۾ فيصلو منهنجي ئي حق ۾ ٿيو. مان انهيءَ زماني ۾ بئنڪ جي سروس ۾ هئس. مون کانپوءِ بک هڙتالين جي هڪ وڏي لسٽ هئي، ليڪن پنهور صاحب ڪجهه ڏينهن کان پوءِ اسان جون سڀ دليلون ۽ دلائل رد ڪري اچي بک هڙتالي ڪئمپ ۾ (جيڪو جيئي سنڌ چوڪ تي لڳل هو) بک هڙتال تي ويهي رهيو.” (27)
ابن حيات پنهور 13 جنوري 2003ع تي 83 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪئي. سندس وفات تي عبدالغفور الستي مٿس جيڪو مضمون لکيو. ان جو عنوان ئي رکيائين ”سنڌ جي محبت ۾ مجذوب ٿي ويل انسان.“
اُن مضمون ۾ الستي لکي ٿو:

“اسان جن مقصدن لاءِ اها هڙتال شروع ڪرائي هئي، ان ۾ ڪامياب وياسين. ان ڪاميابيءَ جو سهرو پاليسيءَ جو ابن حيات جو ئي هو ۽ پئسي جو منهنجو. پاليسي ئي سڀ ڪجهه هئي، پئسا ڪجهه ڪونه هئا. سو مون ٿي اوهان کي ٻڌايو ته ابن حيات پنهور ايڏو وڏو ماڻهو هو! ون يونٽ کان به وڏو!”(28)
هن وقت نه خالد سنڌي حيات آهي، نه ابن حيات پنهور ۽ نه ئي وري عبدالغفور الستي، هو سنڌ جي عشق ۾ فنا ٿي ويل انسان هئا، جت به رهيا، جن حالتن ۾ به رهيا، سنڌ جي خدمت سندن ايمان جو حصو هو. سنڌ جو اڄوڪو نسل انهن يگانن انسانن جي خدمت کان اڻ واقف آهي، جو هو سنڌ جا گمنام سپاهي هئا، پر سنڌ جي قومي جدوجهد جي تاريخ ۾ سندن قربانين کي ڪڏهن به نه وساريو ويندو.

شاعري

عبدالفغور الستي لکڻ جي شروعات نظم کان ڪئي، پوءِ نثر طرف ويو. جنهن جو ذڪر پاڻ اڳيان ڪري آيا آهيون، پوءِ جڏهن باقاعده لکڻ شروع ڪيائين ته سندس شاعري مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجندي ھئي، اھي ڪڏھن عين غين سنڌي جي نالي سان ته ڪڏهن وري مختلف نالن سان، جن جو نه ڪو وٽس رڪارڊ رهيو ۽ نه ئي وري هاڻ ڪو انهن جو نشاندهي ڪرڻ وارو آهي.
عين غين سنڌيءَ جو پهريون شعري ڪتابڙو هڪ طويل نظم “سنڌي ٻولي” هو، جيڪو پاڻ ڇپائي ورهايائين.
عين غين سنڌي جيتوڻيڪ ڪيترين ئي شعري صنفن تي طبع آزمائي ڪئي، پر سندس گهڻو ڌيان نظم ۽ بيت ڏانهن رهيو. سندس بيتن جو هڪ مجموعو ”هي بيت ستايل سانگين جا“ جي نالي سان ڇپيو.
مجموعي جي پيش لفظ ۾ پاڻ لکي ٿو:
“هي بيت مون 69-1968ع ۾ قلمبند ڪيا هئا. جنهن دوران سنڌ ۾ ون يونٽ جي خلاف زبردست تحريڪ هلي رهي هئي. هي سڄو مجموعو 1969ع جي آخر ۾ پريس ۾ ڇپجي به ويو هو. پر پوءِ ڪن سببن جي ڪري منطر عام تي اچي نه سگهيو. مگر هاڻي جڏهن سنڌي ٻوليءَ جو ادب فروغ، ان جي بقا ۽ حيات لاءِ تمام ضروري آهي، تڏهن آئون پنهنجو هي حقير تحفو سنڌي ٻولي جي خدمت ۾ پيش ڪريان ٿو.
هنن بيتن ۾ جيتوڻيڪ ان دور جا تاثرات مظهر آهن، پر اهو ادب جنهن مان قوميت جو اظهار ٿيندو هجي. اهو ڪهڙي به دور ۾ پراڻو چئي نه ٿو سگهجي. اُن جي هر وقت اهميت ۽ افاديت رهي ٿي. آئون سمجهان ٿو ته موجوده دور ۾ به جڏهن اسان پنهنجي ٻوليءَ جي حقن جي جدوجهد ۾ مصروف آهيون. منهنجا هي بيت وقت جي تقاضا محسوس ٿيندا.”
سنڌو پبليڪيشن پاران 48 صفحن تي مشتمل هن ڇپيل هن ڪتابڙي تي ڪٿي به ڇپائيءَ جو سال لکيل ڪونهي. پر ليکڪ جي پيش لفظ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اهو ڪتابڙو 1970ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو هوندو. ڪتابڙي تي ٻه اکر لکندي محترم محمد عثمان ڏيپلائي لکي ٿو:
“مسٽر عين غين سنڌي يعني عبدالغفور ميمڻ جو هي بيتن جو مجموعو پڙهي آئون ته حيران ٿي ويس. سچ پچ ته سنڌ ۾ ڪيترا اهڙا لعل پيا آهن، جن جا جذبات عوام تائين نٿا پهچن، سچ پچ ته هنن بيتن ۾ ڪافي بيت اهڙا آهن، جو جيڪڏهن ميان محمد سومار بديڻائيءَ جي “شاهه جا گم ٿيل بيتن” مجموعن ۾ درج ٿيل هجن ها ته شاهه جا ئي سمجهيا وڃن ها.
بيتن جو هي مجموعو اوهان جي اڳيان آهي. ان ڪري آئون ڪي به بيت نقل ڪري انهن تي تبصرو ڪرڻ جي بدران اوهان کي ايتري ترغيب ڏيڻ ڪافي ٿو سمجهان ته ڪٿان به ٻه صفحا پڙهي ڏسو. پوءِ اهي بيت اوهان کي از خود مجبور ڪندا ته سڄو ڪتاب پڙهو ۽ وري ور ور ڏيئي پڙهو، بلڪه اهي زندگيءَ بخش بيت دوستن ۾ به پکيڙيو.
مون کي يقين آهي ته ميان عبدالغفور ميمڻ عرف عين غين، سندس هيءَ ڪاوش جاري رکندو. جي نئين نسل لاءِ ته آب حيات آهن، پر جوانن ۽ پوڙهن لاءِ به زندگي بخش آهن. جي سنڌ جي عوام کي شاهه جي هن بيت جي تفسير پيا پيش ڪندا رهن ٿا ته:
جاڳو جاڙيجاه، سما سُک مَ سمهو،
پسو آن پاراه، لاکو ٿو ٿوريون ڪري.
افسوس جو عين غين سنڌيءَ انهن بيتن تي وري مشق جاري نه رکي، نه ته عين غين سنڌي پڪ سان بيت جو وڏو شاعر ڳڻيو وڃي ها. عين غين سنڌي جا اهي “بيت ستايل سانگين جا”سنڌي بيت کي جيارڻ جي هڪ ڪوشش هئي. عين غين جي شعري سفر جو ذڪر ڪندي محترم غلام حسين رنگريز منهنجي ڪتاب “پسي تنهنجي تجلي” جي مهاڳ ۾ لکيو:
“فقير عبدالغفور الستيءَ پنهنجي شعري سفر ۾ سنڌي بيتن کي نئين سر جيارڻ لاءِ ڪافي بيت لکيا.” (29)
“بيت ستايل سانگين جا” کي مختلف عنوانن تحت ورهايو ويو آهي. جهڙوڪ الله تنهنجي آسري، ڏات، سرتيون مون سنڀالجو، مينهن ملار، ڪارون ۽ پُڪارون، پانڌي، سڪ، ۾ چئو تن کي ماءُ تون، ڪانئر، ٻولي، وقت، منزل، مارئيون ۽ ٻاگهيون، ان کانسواءِ گڏيل بيت، جنهن کي پاڻ متفرقد اشعار چونداسين، به شامل آهن.
عين غين جي بيتن ۾ ان وقت جي سنڌ جي حالتن کي رکندي تمثيلي ۽ علامتي انداز ۾ واڪا ۽ پڪارون، ڌرتي ڌڻين کي سجاڳي جا سڏ، غلاميءَ جون زنجيرون ٽوڙڻ، ون يونٽ جو ڳٽ ڳچيءَ مان لاهڻ لاءِ جدوجهد جي دعوت، گوندرن جي گذري وڃڻ جون ڌڻيءَ در ٻاڪارون آهن ته سنڌ جي مارئين ۽ ٻاگهين کي سڏ پڻ.
بيتن ۾ ون يونٽ جي پنجوڙ مان سنڌي ڇوٽڪاري ۽ ڌارين غلامي جي خاتمي لاءِ هڪ بيت ۾ اجهو هينئن پڪاريو اٿس:
الله هي آلام، ڪڏهن ويندا وطن تان،
لهندا ڪڏهن سانگين تان سجدا ۽ سلام،
گولا هي گگدام، ڪڏهن ڇٽندا قيد مان.
سندس ان ڪتابڙي مان ڪجهه بيت مختلف عنوان تحت نموني طور هت ڏجن ٿا:
ڪارون ۽ پڪارون
ڪونهي منهنجو ڪير، ڀينر هن ڀنڀور ۾،
ڌاريان تان ڌاريان هئا، پر پنهنجن پاتو وير،
پنهل پري پير، وري مَن واپس ورن.
پانڌي
ڪاڳا او قريب جا، تو ڪهڙو ڪانِ لڳو،
جو مون نماڻيءَ نجهري، تو ڀيرو اُڄ ڀڳو،
سسيءَ پئي سڳو، يا ڍري وڃن ڪنهن ڍونڍ تي.
سڪَ
سڪڻ ته ڪهڙو سانگ، مرڻ ته ڪهڙو مامرو،
کُهه کنياتي کبرون، ڪوڙو تنهنجو ڪانگ،
سڪ نه ائين سِڪراتَ ۾، مرض نه هي مانگ،
او ڇوري ڏي ڇلانگ ته پهچي وڃي پرين کي.
ڪانئر
ڊڄين ٿو هي ڍوليا، مُڙين ٿو اي مير،
سنڌي سهاڳڻين جا کارين ٿو تون کير،
اڙي او اسير، مَر ته ميارون لهن.
ٻولي
ڄُڀَ کي ڄَري لڳي، ٻي وائي ڪڍان وات،
ٻُن ٻولي پوي، آ تن تنهنجي تات،
ٻاروچاڻي ٻات، ڀانيان ڀلي ڀانڀئين.
سڪ
پَل پَل جا پڙلاءَ او ٻوڙا ٻُڌين ڪينڪي،
وک نه کڻين وقت سان، لنگڙا تون ڇا لاءِ،
بند نه اکيون ڀاءُ، انڌا سج اُڀري ويو.
مارئيون ۽ ٻاگهيون
ٻَڌو ٻَل اُٿي انهين، او ٻاگهيون هن ٻانهن،
ڪارايون ڪمزور ٿيون، دل لائي دودن،
اُتي اڄ انهن، سامهون ڏيو سومريون.
عين غين جي بيتن جي ٻولي نج ۽ نبار آهي. انهن بيتن ۾ وطن جي محبت سان گڏ تصوف جو رنگ به نمايان نظر اچي ٿو. اڳتي هلي عين غين کي شاهه جي رسالي جي اڀياس ۽ ان جي انگريزيءَ ترجمي مڪمل تصوف جي رنگ ۾ رنگي ڇڏيو آهي. سندس چواڻي:
“انسان سڀ خدا جو مظهر آهن. رنگ نسل قوم ۽ ملڪ، ڪلچر يا مذهب جا جيڪي فرق آهن، اهي سڀ انسانذات ۾ رنگينيون پيدا ڪرڻ جي لاءِ آهن ته جيئن اها هڪڙي نه لڳي. هڪڙي ئي گلشن حيات ۾ جدا جدا ۽ مختلف رنگن ۽ خوشبوئن جا گل لڳن. تنهن ڪري سڀني انسانن سان محبت ڪرڻي آهي، ڪنهن کان به ڪنهن فرق جي ڪري نفرت ڪرڻي ڪونهي. ڪنهن کي به نقصان پهچائڻو ڪونهي. سڀني جي اندر خدا موجود آهي.
خدا سان محبت ڪر، ان کي انسان سمجهي،
انسان جي خدمت ڪر، ان کي خدا سمجهي.
عين غين سنڌيءَ پوئين سالن ۾ جيڪا شاعري ڪئي، ان ۾‘الستي’ تخلص استعمال ڪيائين. اُن شاعريءَ ۾ الله سائين سان لنئون لڳائڻ، انسان ذات جي خدمت ۽ محبت جو درس ڏنل آهي. جيئن اهو سڀني صوفين جو مَسلڪ ۽ درس رهيو آهي. سندس پوئين دور جي ڪن شعرن تي ساڌو ٽي، ايل واسواڻيءَ جي شعري مجموعي “نوري گرنٿ” جو اثر به نمايان آهي. جيڪو ڪافي عرصو سندس مطالعي هيٺ رهيو.
پاڻ اها شاعري سنڌيءَ سان گڏ انگريزيءَ ۾ پڻ ڪندو هو. ۽ جيڪا شاعري ڪندو هو، اها مختلف پنن ۽ ننڍن ننڍن نوٽ بوڪن تي لکندو ويندو هو، سنڀاليندو ڪونه هو. پوءِ مون کي جيڪا هٿ چڙهندي هئي، اها آئون هڪ رجسٽر ۾ اُتاريندو ويندو هوس. ساڳيو حال انگريزي شاعريءَ جو به ٿيندو هو، جيڪا وري سندس فرزند رياض احمد ڪمپوز ڪندو، محفوظ ڪندو ويندو هو. سندس هڪ انگريزي شعر تي کيس آمريڪا جي هڪ “پوئٽري سوسائٽي” هڪ هزار ڊالرن جو انعام به ڏنو، ان شعري مقابلي لاءِ اها شاعري سندس فرزند رياض احمد ئي پوئٽري سوسائٽي کي موڪلي هئي. ان ئي پوئٽري سوسائٽي جي دعوت تي پوءِ پاڻ سيپٽمبر 2001ع ۾ آمريڪا ويو. جنهن جو ذڪرپوءِ پاڻ پنهنجي هڪ مضمون ”آمريڪا ۾ منهنجو خدا جو تجربو“ ۾ ڪيو اٿس. هينئر سندس سنڌي ۽ انگريزي شاعريءَ جو هڪ هڪ مجموعي جيترو اڻ ڇپيل مواد موجود آهي.
سندس ان شاعري مان ڪجهه چونڊ هت ڏجي ٿي:
مون سان پيار ڪر، مون سان پيار ڪر،
پنهنجي دل جو مون کي اقرار ڪر.

آئون خدا جو خيال آهيان هتي،
رهان جڳ ۾ ٿو جِتي ڪٿي،
هر شيءِ ۾ منهنجو پتو اٿئي،
هر ديد ۾ ديدار ڪر، مون سان پيار ڪر.

اسان سڀ آهيون الستي الستي،
الله ۾ اسان جي آهي ساري هستي.

تنهنجو خيال سِر ۾ سمائي کنيو سين،
وطن! تنهنجي مٽيءَ کي قبلو ڪيوسين.

نه مندر نه مسجد گردوارو و ديول
آهي نام الله،
رڳو آدميءَ جي حياتي،آهي نام الله.

جي مذهب سڀئي ته رستا منجهايل،
آهي نام الله،
سي ويندڙ انهن تي فرق منجهايل،
آهي نام الله
نه پيادو نه پنڌ ڪونه رستو نه منزل،
آهي نام الله.
‘الستي’ اندر توکي پير ڪامل
آهي نام الله
رهي نام الله.
مٿين سنڌي شاعري کانسواءِ سندس انگريزي شعر به نموني طور هت ڏجي ٿو. هن ئي شعر تي کيس آمريڪا جي ”پوئٽري سوسائٽيءَ“ پاران هڪ هزار ڊالرن جو انعام مليو هو.

Every soul is on sale now
a days in this world
Since it is capitalism there. The hard cash
One gets on it and for it, be it a human or
Animal soul, no matter. the talk of hell is mere balderdash

In other world, the body is to be sustained any how in this.
So God! Please save our body, we are two hoots
For your soul in us, this body is also given by you
So hereby under hammer we renounce our roots.

In you bless you the capitalist economy too, “its That at least keeps you alive in world of being
were it not so how the American dream Could have
Come true and how on dollar notes you `ld be seeing

`we Trust in God` in all world, in spite of you!
For dollar notes the soul of India was even sold now
By a hindu Man-that Hindustan where you had
first settlement of sindhu as That art Thou`

All others were already selling your soul in world
It was only at beginning in this land of your lore
that they still regarded you as living God in every
Sentient being, now that is also over, what more?

مٿين سنڌي ۽ انگري شاعري کانسواءِ الستيءَ ڪيترائي تعليمي گيت ۽ اسڪولي ترانا پڻ لکيا، جيڪي اڪثر الستي اسڪولن جون نينگريون اسڪولن ۾ ڳائينديون هيون.
جن مان هڪ هن ريت به آهي:
جانو پڙهه او جاني پڙهه ساڀي پڙهه سمَاني پڙهه
هر هڪ مرد ۽ عورت پڙهه ٻانها پڙهه او ٻانهي پڙهه

ابا ڏاڏا نانا پڙهه امان ڏاڏي ناني پڙهه
پنهنجي مٺڙي ٻولي پڙهه لفظ سڀ لاثاني پڙهه

هِجَي پڙهه رواني پڙهه پَڙهه تُنهنجي مهرباني پڙهه
پڙهڻ سان ئي ملندو سڀ ڏُڌُ مکڻ ماني پڙهه

خدا پاڻ تي ٿيندو خوش ٿيندي هر آساني پڙهه
ٿيندي هر آساني پڙهه ٿيندي هر آساني پڙهه

ملير ڊائجسٽ جاري ڪرڻ

عبدالغفور ميمڻ، 1971ع ۾ هڪ ماهوار رسالو “ملير ڊائجسٽ” ڪڍڻ شروع ڪيو، ان وقت اردو ٻوليءَ ۾ ته اڻ ڳڻيا ڊائجسٽ ۽ رسالا ڇپجندا هئا، پر سنڌي ٻوليءَ ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ رسالا نڪرندا هئا، جن مان هڪ ”سهڻي“ هو، جيڪو طارق اشرف جي ادارت ۾ شايع ٿيندو هو. ان جي وڏي هاڪَ هئي. “ملير ڊائجسٽ” جي شايع ٿيڻ واري عرصي ۾ ڪجهه ٻيا سنڌي رسالا به شروع ٿيا، جن ۾ عبدالواحد آريسر ’پيغام‘، مدد علي سنڌي، “اڳتي قدم” بيگم زينت عبدالله چنا، ”مارئي” شايع ڪرڻ شروع ڪيا. ڪراچيءَ مان هفتيوار “برسات”، يوسف شاهين جي ادارت هيٺ شايع ٿيڻ لڳو ۽ ڪراچيءَ مان ئي دادا دولت مهتاڻيءَ جي سهڪار سان تاج بلوچ “سوجهرو” شايع ڪندو هو. ان کانسواءِ حيدرآباد مان محترم رسول بخش پليجي جي سنڌي عوامي تحريڪ جو ترجمان رسالو ”تحريڪ“ ۽ جماعت اسلاميءَ جو پرچارڪ رسالو ”رهبر ڊائجسٽ“ عابد لغاري جي ادارت ۾ شايع ٿيندو هو.
حميد سنڌيءَ جو رسالو ”روح رهاڻ“ 1969ع تائين نڪرڻ کانپوءِ بند ٿي چڪو هو. روح رهاڻ پاران ملهائجندڙ، جشن روح رهاڻ ۾ سڄي سنڌ مان شاعر اديب ڪَهي اچي شريڪ ٿيندا هئا. انهن ۾ عبدالغفور ميمڻ به شامل هوندو هو.
”ملير ڊائجسٽ“ جي ڪڍڻ جا مقصد اهي هئا ته سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ مڪمل فئملي ڊائجسٽ ڪڍجي، جيئن سنڌي پڙهندڙن جو رجحان اردو ڊائجسٽن بدران سنڌي رسالن ڏانهن ٿئي. ان سلسلي ۾ عبدالغفور ميمڻ جي اڳيان “ريدرس ڊائجسٽ” جو خاڪو هو، پاڻ ”ريڊرس ڊائجسٽ“ جي معيار کان گهڻو متاثر هو. اڳتي هلي هڪ انٽرويو ۾ چيائين:
“منهنجي اڄ به اها خواهش آهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙو معياري ڊائجسٽ نڪري” (30)
شروع ۾ عبدالغفور ميمڻ سان سندس ٽيم ۾ ٽي ساٿي شامل هئا، پناهه جگر سنڌي، سندس گهر واري نسيم سنڌي ۽ ٽيون وزير صوفي، جيڪو جهوڪ شريف جو هو.
شروع ۾ ملير ڊائجسٽ جون هڪ هزار ڪاپيون ڇپجنديون هيون. پر اُن جي مواد ۽ پابنديءَ سان ڇپجڻ سبب ان جي سرڪيوليشن وڌي 3500 ڪاپين تائين پهتي. ان وقت ڪنهن سنڌي رسالي جي ايڏي سرڪيوليشن هڪ رڪارڊ هو. ملير ڊائجسٽ جا ڪجهه سلسلا پڙهندڙن ۾ بيحد مقبول هوندا هئا. جيئن: “سنڌي ٻوليءَ کي للڪار.” “نوان لکندڙ”، “آ ڪانگا ڪر ڳالهه” ۽ “سونن نالن وارو دستاويز.”
“انهيءَ هر سلسلي جي پويان هڪ خاص پسمنظر هو. جيئن “سنڌي ٻوليءَ کي للڪار” جي پويان حقيقت هئي ته ان وقت سنڌي ٻوليءَ ۾ بگاڙ شروع ٿي رهيو هو. خاص ڪري اخبارن ۾ مؤنث ۽ مذڪر جو تفاوت ڪونه رهيو هو. ريڊيو تان دُرست اُچار ڪونه ورتا ويندا هئا ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ اوپرا ۽ بيجا لفظ ٽنبجڻ لڳا هئا. ان خيال کي ذهن ۾ رکندي مون هڪ تعارفي مضمون لکيو، جنهن جو جواب ۾ سنڌي عالمن ۽ اڪابرن ڪيترائي مضمون لکيا. ان کان پوءِ “نوان لکندڙ” سلسلي جو مقصد هوندو هو، سنڌي ٻوليءَ جا نوان ليکڪ پيدا ڪرڻ، انهيءَ سلسلي ۾ اسين نون لکندڙن کي همٿائيندا هئاسين. هو اسان کي مختلف ليک لکي موڪليندا هئا، جن کي اسين سنواري سُڌاري شايع ڪندا هئاسين. اهڙي طرح “آ ڪانگا ڪر ڳالهه” سلسلي تحت پڙهندڙن جا خط ۽ مختلف معاملن تي سندن ٽيڪا ٽپڻي شايع ڪندا هئاسين. (31)
“سُنڌي ٻوليءَ کي للڪار“ جي سري سان ملير ڊائجسٽ ۾ ڇپيل مضمونن ۽ خطن کي سيهڙي “سنڌي ٻوليءَ کي للڪار” جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپرايو ويو، ان ڪتاب ۾ پير حسام الدين راشدي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، محمد ابراهيم جويو، ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، عبدالڪريم سنديلو، تنوير عباسي، صاحب خان چنو ۽ تاج جويي جا مضمون ۽ خط شامل آهن. ان ڪتاب جا پوءِ مختلف وقتن تي ٽي ڇاپا ٻيا به ڇپيا. عبدالغفور ميمڻ جو اهو مرتب ڪيل ڪتابڙو سنڌي اخبار نويسن ليکڪن، ۽ نون لکندڙن لاءِ ٻوليءَ جي استعمال لاءِ رهنمائي ڪندڙ ڪتاب آهي.
ملير ڊائجسٽ جي اجراء جي مقصدن مان هڪ نوان لکندڙ به پيدا ڪرڻ هو. ان سلسلي ۾ نوان لکندڙ جيڪي ڪچيون ڦڪيون لکتون لکي موڪليندا هئا، انهن کي ايڊٽ ڪري يا ڪڏهن ڪڏهن نئين سر لکي، انهن لکندڙن جي نالي سان شايع ڪندو هو. ان کانسواءِ عبدالغفور ميمڻ ڪيترن ئي فرضي يا مٽن مائٽن جي نالن سان ليک ۽ خط لکي “ملير ڊائجسٽ” ۾ ڇپرائيندو هو. اهڙن فرضي نالن مان هڪ نالو “قمر خليل” به هو. پاڻ قمر خليل جي نالي سان ملير ڊائجسٽ ۾ “سنڌي ٻولي جي 52 اکرن جو لانگ مارچ” جي نالي سان هڪ ڊرامون لکيائين. جنهن ڊرامي جو مقصد سنڌي آفيسرن، شاگردن ۽ ٻين طبقن جي ماڻهن کي ان ڳالهه تي راضي ڪرڻ ته هو سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ ۾ حصو وٺن، سنڌي ڪتاب ۽ رسالا خريد ڪن ۽ سنڌ جي تعليم وڌائين. ان سلسلي ۾ ڊرامي جي هڪ ڪردار “الف انب” جي واتان هن ريت ڳالهه ٿو چورائي:
” الف انب: چڱو هاڻي توهان سڀ جي اڳيان پنهنجو پروگرام ٿو رکان (ائين چئي پاسي ۾ رکيل انبن جا پن ٿو کڻي ۽ پڙهي ٿو ٻڌائي) اسان سنڌي ٻوليءَ جا سڀ اکر لانگ مارچ ڪنداسين. سنڌ جي سڀن وڏن ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ سنڌي ٻارڙن جو روپ ڌاري ٻاونجاهه جي ٽولن ۾، پنهنجن پنهنجن پاڙن ۾ نڪرنداسين. جيڪڏهن اسان جي روپ لاءِ انهن شاگردن وٽ ڪي خاص نشانيون ڪونهن ته سڀ رڳو پنهنجن قميصن تي نشاني طور اسان جو هڪڙو هڪڙو اکر لکندا. جنهن اهو لکيو ڄڻ ته هو اهو ئي آهي! مثال طور: ڪنهن الف لکيو ته هو الف سڏائيندو، ب لکيو ته ب سڏائيندو ۽ اهڙي طرح ٻيا سڀ. پوءِ اسان ٻاونجاهه ئي اکر هڪ هڪ سنڌيءَ جي در تي وينداسين. اسان مان جيڪي ننڍڙا ٻارڙا هوندا، تن کي اندر موڪلينداسين ته وڃي گهر جي وڏي کي ٻاهر وٺي اچن. هو ايندو ته وڏي عزت سان هن کي ملنداسين ۽ هن کي پوءِ عرض ڪنداسين ته سائين! اسان سنڌي الف ب جا ٻاونجاهه اکر آهيون، سنڌي ٻولي آهيون. اوهان جي در تي هلي آيا آهيون. توهان اسان جو ڪو ننگ سڃاڻو ٿا يا نه؟ ڪير سنڌي هوندو، جو اسان سان ملڻ ۾ خوش نه ٿيندو. اسان کي چانهه پاڻي جي صلاح نه هڻندو. پر اسين هن کي هڪڙي پائي جو به خرچ ڪرڻ نه ڏينداسين. پوءِ هن کي چونداسين ته جي اسان جو ننگ سڃاڻو ٿا ته اسان سان رڳو اهو وعدو ڪريو ته توهان اڄ کان پوءِ رڳو سنڌي ڳالهائيندا، پوءِ ڀلي توهان کي ڪنهن ڀوت سان ڳالهائڻو پوي.
اوهين ڪوبه ڌارين ٻوليءَ جو ڪتاب، رسالو يا اخبار ڪنهن به مقصد لاءِ ڪونه وٺندا، سواءِ ڪنهن سخت مجبوريءَ جي، ۽ لکندا به سنڌي، جيڪڏهن ڪا ٻي ٻولي به لکو ٿا، ان کانسواءِ توهان گهٽ ۾ گهٽ هڪڙو سنڌي رسالو، روزاني اخبار يا ڪتاب مهيني ۾ وٺندا. جيڪڏهن هو اهڙو واعدو ڪندو ته پوءِ سنڌ جو قرآن، شاهه جو رسالو، جو پاڻ سان هوندو، ان تي هن کي هٿ رکائينداسين، پر جيڪڏهن هن اهڙو واعدو نه ڪيو ۽ رسالي تي هٿ نه رکيائين ته هن کي ننگ پون وجهنداسين، پر پوءِ به هن نه مڃيو ته جيڪي به اسان سان ڊيڄارڻ وارا اکر آهن، جهڙوڪ: ش شينهن، ر، رڇ، ب بلا، وغيره اِهي هن کي ڊيڄاريندا، پر پوءِ به هو تيار نه ٿيو ته هن کي سڀ چيڙائينداسين، هن کي ٽوڪون هڻنداسين، ڇا تون سنڌي آهين وغير وغيره. هو وڙهڻ آيو ته هن سان وڙهنداسين ڪونه، پر ٽري وينداسين ۽ پوءِ جتي به جنهن کي به هو ڏسڻ ۾ آيو، اهو هن تي “اهو- اهو-” ڪندو، هن تان خواري ڪندو. “سنڌي جو غدار سنڌي جو غدار سڏيندو.” هن جو جيئڻ وهه ڪري ڏينداسين، نيٺ هو جهڪندو، هن کي جهڪڻون ئي پوندو، پوءِ هن کان اهو قسم وٺنداسين. ان بعد هن جي اڳوڻي عزت ڪنداسين.” (32)

رسالي ۾ وڌيڪ دلچسپي پيدا ڪرڻ جي لاءِ عبدالغفور ميمڻ،آمريڪا ۾ رهندڙ پنهنجي هڪ سؤٽ ڊاڪٽر محمد يعقوب ميمڻ ۽ لنڊن ۾ تعليم پڙھائي لاءِ ويل پنهنجي ٻي سؤٽ ڊاڪٽر محمد اقبال ميمڻ ۽ سندس گهر واري مسز اقبال ميمڻ جي نالي سان پڻ دلچسپ خط لکي شايع ڪندو هو، انهن خطن ۾ به ٻي حال احوال سان گڏ وطني حب ۽ قومپرستيءَ جون خبرون چارون ڪيل هوندو هيون.
نون لکندڙن جي همت افزائيءَ جي سلسلي ۾ هت ٻه مثال درج ڪجن ٿا. “ملير ڊائجسٽ” جي ڪنهن پرچي ۾ محمد اسحاق “زخمي” جي نالي سان هڪ سچي ڪهاڻي “هٿ بنيءَ جا مينڌيءَ رتڙا” ڇپي هئي، ڏاڍي دل ڏاريندر ڪهاڻي هئي. محمد اسحاق زخمي هڪ ڪمپازيٽر هو. گهڻا سال پوءِ ڪتاب ڇپائڻ دوران ڪنهن پريس ۾ منهنجي محمد اسحاق ”زخمي“ نالي ڪمپازيٽر سان ملاقات ٿي ته ڳالهين ڪندي “ملير ڊائجسٽ” ۽ عبدالغفور ميمڻ جو ذڪر نڪتو، ائين ڳالهه وڃي “هٿ بنيءَ جا مينڌيءَ رتڙا” تائين پهتي ته محمد اسحاق ٻڌايو ته ”اصل ۾ اها ڪهاڻي منهنجي زندگيءَ جو سچو داستان آهي، جڏهن مون عبدالغفور کي اهو ٻڌايو ته هن مون کي اهو لکڻ جي لاءِ چيو. مون کيس انڌي منڊي لکي ڏني، پوءِ عبدالغفور ميمڻ ان کي اهرو ته ٺاهي جوڙي نئين سر لکيو جو بس ڳالهه ئي نه پُڇ!“
نون لکندڙ جي همت افزائي جي سلسلي ۾ ناز سنائي لکي ٿو:
“منهنجي فقير الستي سان تڏهن جي شنا سائي آهي جڏهن هو عين غين سنڌي هو ۽ ملير ڊائجسٽ ڪڍندو هو، مون کي خوشي آهي ته، آءٌ ان زماني هن ۽ سندس ساٿين سان لاڳاپيل رهيس، ان زماني ۾ هن پنهنجو هڪڙو شعر منهنجي نالي ۽ تصوير سان ڇاپي مونکي خط هو لکيو ته هن سندس هڪ شعر منهنجي نالي تي ڇاپي ڇڏيو آهي، ان سان منهنجي همت افزائي ٿيندي“ (33)

سونن نالن وارو دستاويز

ملير ڊائجسٽ جي سلسلن مان هڪ سلسلو ”سونن نالن وارو دستاويز“ به هو. ان سلسلي کي شروع ڪرڻ جو پسمنظر بيان ڪندي عبدالغفور ميمڻ لکي ٿو:
“دراصل اسان سنڌين ۾ ۽ خاص ڪري ٻين صوبن جي پڙهيل ڳڙهيل ماڻهوءَ ۾ اهو تاثر عام هو ته نئشنل عوامي پارٽي جڏهن اقتدار ۾ ايندي ته ازخود مادري ٻولين کي انصاف ڏياريندي، ڇو ته عوامي ليگ جي پاليسين سبب مٿن سخت دٻاءُ هو. پر افسوس ته بلوچستان ۽ سرحد (خيبر پختونخواهه) ۾ قائم ٿيل (نعپ جي) حڪومتن مادري ٻولين کي نظرانداز ڪري اردو ٻوليءَ کي سرڪاري ٻوليءَ جو درجو ڏياريو. ان جو وڏو نقصان اهو ٿيو، جو بلوچستان جي جن علائقن ۾ سنڌي ميڊيم وارا اسڪول هئا، هڪ ئي ڌڪ سان بند ٿي ويا ۽ سنڌي ٻوليءَ کي ناقابل تلافي هاڃو رسيو.“(35
ويتر ستين جولاءِ 1972ع تي جڏهن سنڌ اسيمبليءَ، سنڌي ٻوليءَ جو بل پاس ڪيو ته شهرن جو اردو دان طبقو ناراض ٿي پيو ۽ سنڌ جي وڏن شهرن ۾ هُل ۽ هنگاما شروع ٿي ويا. اردو اخبار “جنگ” ته تعصب جو مظاهرو ڪندي، اردو شاعر رئيس امر وهويءَ جو هڪ پراڻو قطعو ”اردو کان جنازه هي ذرا دهوم سي نڪلي،“سڄي صفحي تي ڪاري بارڊر سان هلايو، جنهن ٻرنديءَ تي تيل جو ڪم ڪيو، انهن فسادن ۾ ڪيترائي سنڌي شهيد ٿي ويا. رئيس امروهوي بعد ۾ سنڌين ۾ “خوني کڳو” جي نالي مشهور ٿي ويو.
اردودانن جي اهڙي رويي سنڌين کي ڏاڍو رنجايو. هنن ته کين جيءَ ۾ جايون ڏنيون هيون، هاڻ هو احسان فراموشي اختيار ڪندي، سنڌين جا ويري ٿي بيٺا هئا. اردودانن جي اهڙي روش جي نه رڳو مذمت ڪئي ويئي، پر سنڌين پنهنجي ٻولي جي بقا، بچاءُ ۽ واڌاري لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ شروع ڪيو.

“تڏهن منهنجي من ۾ خيال آيو ته سنڌي ٻوليءَ جي ترقي لاءِ ڪردار ادا ڪجي. پوءِ اسان ملير ڊائجسٽ جي معرفت سنڌي ماڻهن کي اها ترغيب ڏيڻ شروع ڪئي ته هو وڌ ۾ وڌ سنڌي ٻولي لکن، پڙهن ۽ ڳالهائين ۽ پنهنجي اُن خيال جي بنياد تي اسان “سون نالن وارو دستاويز” جي نالي سان سلسلو شروع ڪيو.” (35)
”ان سلسلي تحت ”ملير ڊائجسٽ“ ۾ هڪ قسم نامو شايع ڪيو ويو، جنهن جا چار بنيادي مقصد هئا.
1. سنڌي ٻوليءَ کي پاڪستان جي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ.
2. سنڌي ماڻهن کي وڌ ۾ وڌ سنڌي ٻوليءَ ۾ لکڻ، پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ جي ترغيب ڏيڻ.
3. سنڌي ماڻهن کي گهڻي کان گهڻا رسالا، اخبارون، ڪتاب ۽ ٻيون اشاعتون (سنڌي ٻوليءَ ۾) خريد ڪرڻ لاءِ اُتساهڻ.
4. پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن تي اهو زور ڀرڻ ته هو پنهنجي آمدنيءَ جو اڌ سيڪڙو رقم سنڌي ٻوليءَ ۾ نڪرندڙ مواد خريد ڪرڻ تي خرچ ڪن. (36)

”سونن نالن واري دستاويز“ تي پهريون صحيح ڪندڙن ۾ ايڊيٽر ملير عبدالغفور ميمڻ، ٻيو صحيح ڪندڙ پناهه جگر سنڌي ۽ ٽئين صحيح ڪندڙ ملير جي ساٿياڻي نسيم سنڌي هئي. ٽنهي جو واسطو ملير ڊائجسٽ سان هو.

سونن نالن واري دستاويز جو سلسلو آگسٽ 1972ع کان شروع ٿيو ۽ نومبر 1973ع تائين هليو. سڀ کان پهرين پهتل نالن جي فهرست سيپٽمبر 1972ع ۾ جاري ڪئي ويئي، پڙهندڙن مان هن دستاويز تي صحيح ڪندڙن مان پهريون مرد عزيز احمد اثيم (نيو سعيد آباد) ۽ پهرين صحيح ڪندڙ عورت مسز مختيار رشيد ابڙو (هالا) هئي. انهيءَ دوران سڄي سنڌ مان جيڪي فارم ڀرجي ايندا هئا، انهن جا نالا ملير ڊائجسٽ ۾ ڇپيا ويندا هئا. انهن مان ڪيترن ماڻهن ته پنهنجي رت سان نالا لکي موڪليا.
هيٺ ”ملير ڊائجسٽ“ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي قسم نامي جو متن پيش ڪجي ٿو:
”سنڌي ٻوليءَ جي قسم نامي جو متن “
آئون خدا کي حاضر ناظر ڄاڻي چوان ٿو/ٿي ته جيئن ته آئون دنيا جي هر انساني ٻوليءَ کي، انسانن جي وچ ۾ ڳانڍاپي ۽ محبت پيدا ڪرڻ ۽ انهن کي وڌائڻ جو ذريعو ٿو سمجهان/ٿي سمجهان ۽ دنيا جي سڀني ٻولين کي انسان جي ترقي ۽ ڀلائيءَ جو ضامن ٿو سمجهان/ٿي سمجهان، ان ڪري آئون دنيا جي سڀني انساني ٻولين کي چاهيان ٿو/چاهيان ٿي. ڪنهن به انساني ٻوليءَ سان ڪوبه وير وروڌ، بغض يا دشمني نٿو رکان/نٿي رکان.
جيئن ته آئون سنڌ وطن ۾ پيدا ٿيو آهيان/ٿي آهيان ۽ ان ۾ رهان ٿو/رهان ٿي، جنهن وطن جي ٻولي زماني جي ابتدا کان وٺي اڄ تائين سنڌي رهي آهي. تنهنڪري منهنجي وطني ٻولي سنڌي آهي، جيڪا آئون ڳالهايان ٿو/ڳالهايان ٿي ۽ جنهن سان آئون دل و جان سان محبت ڪريان ٿو/ڪريان ٿي.
گذريل 25 سالن دوران سنڌ ۾ اهڙيون سياسي سماجي حالتون پيدا ڪيون ويون آهن، جن جي ڪري سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ جو واهپو ۽ واڌارو رڪجي ويو آهي ۽ هاڻي ڪجهه عرصي کان ته ماڳئين سنڌ ۾ رهندڙ ڪجهه ماڻهن طرفان علي الاعلان سنڌي ٻوليءَ جي زبردست مخالفت ڪئي ويئي آهي ۽ ان جي خلاف نفرت جا وڏا مظاهرا ڪيا ويا آهن، جنهن ڪري سنڌي ٻوليءَ جي وجود کي خطرو پيدا ٿي ويو آهي.
۽ جيئن ته منهنجو هڪ وفادار پاڪستاني ۽ هڪ محب وطن سنڌيءَ جي حيثيت ۾ اهو فرص آهي ته آئون سنڌ جي هن فطري ورثي، سنڌي ٻوليءَ جو بچاءَ ڪريان ۽ اُن جي واڌاري ۽ واهپي لاءِ شعوري طور ڪوشش وٺان. تنهن ڪري آئون پنهنجي وطن سنڌڙي ۽ ان جي مٺڙي ٻوليءَ جو قسم کڻي ٿو چوان/ٿي چوان ته:
(1) آئون سنڌي ٻوليءَ کي پاڪستان ۾ پنهنجو جائز مقام وٺائي ڏيڻ لاءِ هر ڪنهن قسم جي ڪوشش وٺندو رهندس/وٺندي رهنديس، جيڪو جائز مقام اهو آهي ته ان کي پاڪستان جي هڪ قومي ٻولي قرار ڏنو وڃي.
(2) جيتري قدر ممڪن ٿي سگهيو، اوتري قدر آئون گهڻي ۾ گهڻي سنڌي ٻولي ڳالهائيندو، لکندو ۽ پڙهندو رهندس/ ڳالهائيندي، لکندي پڙهندي رهنديس، ۽ ٻين کي به اهڙي ترغيب ڏيندو رهندس/ڏيندي رهنديس.
(3) جيتري قدر ممڪن ٿي سگهيو، اوتري قدر آئون گهڻي ۾ گهڻا سنڌيءَ جا رسالا، ڪتاب ۽ اخبارون وٺندو رهندس/وٺندي رهنديس ۽ ٻين کي به اهڙي ترغيب ڏيندو رهندس/رهنديس.
(4) سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپيل مواد جي جيڪا اڻاٺ پيدا ٿيل آهي، ان کي ختم ڪرڻ خاطر ۽ سنڌي ادب جي واڌاري خاطر، آئون پنهنجي ماهوار آمدنيءَ جو گهٽ ۾ گهٽ اڌ سيڪرو فقط سنڌي رسالن، ڪتابن ۽ اخبارن جي خريداريءَ تي يا انهن کي پنهنجي ڪاروبار جي اشتهارن ڏيڻ تي يا سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪوبه مواد پنهنجي سر ڇپائڻ تي خرچ ڪندو رهندس/رهنديس.
اڄ کان پوءِ آئون انهن مٿين ڳالهين تي شعوري طور (ارادتاً) عمل ڪندو رهندس/ڪندي رهنديس.
مون هي قسم، سنڌي ٻوليءَ جي الف ب جي پڙ ۾، هنن صفحن تي هٿ رکي کنيو آهي ۽ انهن سڀني ٻاونجاهه سنڌي الف ب جي اکرن کي پاڻ تي شاهد بنائي کنيو آهي.
آئون وري به پنهنجي وطن سنڌڙي ۽ مٺڙي ٻولي سنڌيءَ جو قسم کڻي ٿو چوان/ ٿي چوان ته آئون مٿين سڀن ڳالهين تي، پنهنجي سڄي حياتيءَ ۾ عمل ڪندو رهندس/ڪندي رهنديس.”
قسم نامي جي باري ۾ ضروري ڳالهين جو متن
(1) “اسان سنڌي ٻوليءَ جي بچاءَ ۽ واڌاري وارو جيڪو قسم نامو شايع ڪيو هو، اهو سنڌ جي ڪنڊ ڪُڙڇ ۾ جتي ڪٿي، وڏي جوش ۽ جذبي سان هٿو هٿ کنيو ويو ۽ جيڪي فارم موڪليا هئاسين، اهي سڀني ڀري اسان کي موڪليا، هيستائين اسان وٽ هزار کن اهڙا قسم ناما گڏ ٿي ويا آهن ۽ روزانو ڪيترا ٻيا ايندا رهن ٿا، جن کي اسان هڪ تاريخي دستاويز وانگر پاڻ وٽ محفوظ رکندا وڃون، اهو دستاويز سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ ۾ وڏي اهميت وارو دستاويز ٿيندو. اسان کي يقين آهي ته اهو آئيندي سنڌ ۾، ٻوليءَ جي بچاءَ جو وڏو معجزو ۽ حقيقت ثابت ٿيندو.
(2) اسان جو مقصد آهي ته سنڌ جو هر پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو اهو قسم کڻي ته جيئن سنڌ ۾، سنڌي ٻوليءَ جي قيامت تائين ختم ٿيڻ جو امڪان ئي باقي نه رهي، ۽ اها نيٺ هن (سنڌ جي) سر زمين جي ٻولي ٿي وڃي. ان ڪري سڀني باشعور ساٿين کي گذارش آهي ته مهرباني ڪري اهو قسم نامو پاڻ به ڀرين ۽ ٻين به سڀني پڙهيل سنڌين کان ڀرائي موڪلين.
(3) هن قسم جي اهميت جو احساس رکندي، اسان انهن سڀني ساٿين جا نالا شايع ڪريو پيا، جن اهو قسم کنيو آهي، ته جيئن اهي عظيم نالا، سنڌ جي تاريخ ۾ مستقل طور قائم ۽ دائم رهن. نالن جي پهرين قسط ”ملير ڊائجسٽ“ جي هن پرچي کان شروع ڪريون ٿا ۽ آئيندي هر پرچي ۾ به هڪ قسط ڏيندا رهنداسين.
(4) جيئن ته اهي نالا سَوَن ۽هزارن ۾ گڏ ٿيندا ويندا ۽ اداري جي ڪمزور مالي حالتن جي ڪري اسان لاءِ اهو ممڪن نه ٿيندو ته اهي ملير جي مخصوص صفحن ۾ شايع ڪري سگهون، تنهن ڪري اسين قسم نامو ڀريندڙن کي عرض ڪريون ٿا ته اهي مهرباني ڪري قسم نامي سان گڏ فقط چئين آني جون ٽڪليون اسان ڏي موڪليندا رهن ته جيئن اسان تي خرچ جو بار ڪجهه هلڪو ٿئي ۽ اسين اهڙي طرح “ملير ڊائجسٽ” ۾ جيڪي به سندن نالا، جيترن به صفحن ۾ اچن، اوترا صفحا ملير جا وڌائي، انهن ۾ ڏيندا رهون. هن دفعي اسان فقط ٻن صفحن ۾ اهي نالا ڏنا آهن، پر آئيندي گهٽ ۾ گهٽ هر مهيني ملير ڊائجسٽ جي مقرر صفحن کان ڏهه صفحا وڌائي، انهن ۾ اهي (نالا) ڏيندا رهنداسين.
(5) هن قسم نامي ۾ جيڪو چوٿون نمبر فقرو آهي، اهو ئي دراصل ان قسم نامي جي جان آهي، جنهن مطابق هر هڪ قسم کڻندڙ کي اهو عهد ٿو ڪرڻو پوي ته هو هر ماهه پنهنجي آمدني يا ڪمائيءَ مان گهٽ ۾ گهٽ اڌ سيڪڙو رقم سنڌي ٻوليءَ جي ڇپيل مواد لاءِ خرچ ڪندو رهندو. مثال طور، جيڪڏهن ڪنهن جي آمدني مهيني ۾ ٻه سؤ روپيا آهي ته هو گهٽ ۾ هٽ اُن مان هڪ رپيو سنڌي ٻوليءَ جي ڪتابن، رسالن، اخبارن وٺڻ تي يا ٻيءَ طرح ان جي واڌاري تي خرچ ڪندو رهندو. بظاهر اها ڪا ايتري گهڻي رقم ڪانهي. جيڪا هر هڪ کي سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ خرچ ڪرڻي پوي، پر رڳو اها رقم سنڌ جو هر سنڌي دان، سنڌيءَ ٻوليءَ جي ڇپجندڙ مواد تي خرچ ڪندو رهي ته سڄي سنڌ ۾، سنڌي ٻوليءَ جي اخبارن، رسالن، ڪتابن جي باغ بهار ٿي ويندي، سنڌ ۾ سڀني لئبريرين، هوٽلن، آفيسن، گهرن، بُڪ اسٽالن تي رڳو سنڌي ٻوليءَ جا پيل ڪتاب اخبارون رسالا نظر ايندا ۽ پوءِ اسان جي ٻولي ٻين ٻولين تي غالب پئجي ويندي، اهڙي طرح اها طاقت وڌائي ويندي ۽ نيٺ سڄي سنڌ تي پنهنجي حاڪميت تسليم ڪرائي ويندي، اسان اها اڌ سيڪڙي واري حد اُن ڪري رکي آهي، جيئن عام ماڻهوءَ کي اها ڳري نه لڳي. هونئن ته اها حقيقت آهي ته ڪير پنهنجي ماهوار آمدنيءَ مان پنج سيڪڙو رقم به سنڌي ٻوليءَ تي خرچ ڪري ته ڪا وڏي ڳالهه ڪانهي. مون ته ڪتابن، رسالن ۽ اخبار جا ڪيترا اهڙا شوقين به ڏٺا آهن، جيڪي هر مهيني ڏهه سيڪڙي رقم تائين به پنهنجي ماهوار آمدنيءَ مان انهن تي خرچ ڪندا آهن. هو رڳو جيڪڏهن سنڌي اخبار وٺن ته به هنن جا ساڍا ست روپيا هر مهيني ٻوليءَ تي خرچ ٿين ٿا.سو جيڪڏهن هنن اڌ سيڪڙو رقم جو قسم کنيو هوندو ته ان حساب سان هنن جي آمدني 300 کان 500 روپين تائين هوندي آهي. ان حساب سان فقط هڪ سنڌي اخبار وٺڻ سان هو ٻوليءَ تي ڏيڍ کان ٻه سيڪڙو خرچ ڪندا. عام طرح گهڻا سنڌي هڪ اخبار ته روز وٺن ٿا. انهيءَ ڳالهه جي مد نظر اسان جي اها تجويز آهي ته:
(6) جيئن ته عام سنڌين جي اقتصادي حالت تمام گهڻي پوئتي پيل آهي. انهن ۾ فقط هڪ خاص طبقو آهي. وڏيرن، آفيسرن ۽ وڏن واپارين جو جيڪو پئسي وارو آهي، تنهنڪري جيڪڏهن هي قسم نامو رڳو اسان غريب ۽ وچولي طبقي جي ماڻهن کنيو ته ان مان سنڌي ٻوليءَ جو ڪو خاطر خواه واڌارو نه ٿي سگهندو. ان ڪري اهو تمام ضروري آهي ته سنڌ جو سڄو شاهوڪار طبقو به هن مهم ۾ شريڪ ٿئي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بچاءَ ۽ واڌاري جو هي قسم کڻي ۽ اهو قسم نامو ڀري، انهن جي ماهوار آمدنيءَ جو اڌ سيڪڙو به ڪافي گهڻو ٿيندو، جنهن مان سنڌي ٻوليءَ جي وڏي ترقي ٿي سگهي ٿي. تنهنڪري منهنجي سنڌ جي سڀني شاگردن، نوجوانن، اديبن، شاعرن ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ٻين سڄڻن کي اها پرزور اپيل آهي ته اهي مهرباني ڪري پنهنجي تڪ جي اسيمبلي ميمبرن، زميندارن، آفيسرن، واپارين ۽ ٻين پئسن وارن ماڻهن کان اهو قسم نامو پڙهائي ۽ ڀرائي موڪلين، جيڪڏهن هي قسم نامو پڙهڻ کان پوءِ به قسم نامو نه ڀرين ته اهو ساٿي اسان کي سندن نالا ۽ ائڊريسون ڏياري موڪلين. جيئن اسين انهن کي خطن رستي اها تصديق ڪريون، تصديق کان پوءِ به جيڪڏهن هو اهو قسم کڻڻ لاءِ تيار نه ٿئي ته پوءِ هنن جا نالا اسان، ملير ڊائجسٽ، ۾ سنڌي عوام جي پڌرائي لاءِ شايع ڪنداسين ۽ اهڙن نالن جو به هڪڙو دستاويز ترتيب ڏينداسين، جنهن جو نالو رکنداسين “ڪارن نالن وارو دستاويز” اهڙا ماڻهو بخشجڻ جي لائق هرگز ڪونهن، ڇاڪاڻ ته اهو پئسو جيڪو هو سنڌين جي رت ست مان گڏ ڪن ٿا، ان مان رڳو اڌ سيڪڙو به ماهوار هُو انهن جي ڀلائيءَ تي خرچ ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهن. سنڌي ٻوليءَ جو بچاءُ ۽ واڌارو خود انهن جي به ڀلائي آهي، عام سنڌين جي به ڀلائي آهي ۽ سنڌ جي سرزمين جي به ڀلائي آهي.
(7) جيڪي به پئسي وارا ماڻهو اهي قسم ناما ڀريندا وڃن، انهن کي عرض آهي ته سنڌي ٻوليءَ جا ڪتاب، رسالا، اخبارون خريد ڪرڻ کان سواءِ جيڪڏهن اڌ سيڪڙي جي رقم مان اڃا به وٽن پئسا هر مهيني بچندا رهن ته هو انهن پئسن مان، جيڪڏهن پاڻ لکي سگهن ٿا ته اهي پنهنجا ئي لکيل سنڌي ٻوليءَ جا ڪتاب ڇپارائيندا ۽ شايع ڪندا رهن. پر جيڪڏهن ائين نٿا ڪري سگهن ته سندن تر جا جيڪي به پراڻا شاعر، اديب ۽ نوان لکندڙ آهن، انهن جي لکڻين کي پنهنجن پئسن مان ڇپرائيندا رهن. سنڌ م سوين اهڙا اديب، شاعر ۽ نوان لکندڙ آهن، جن جا فنپارا پئسن نه هئڻ سبب ڇپجي نٿا سگهجن ۽ وڏين وڏين صلاحيتن وارا لکندڙ گمناميءَ جي زندگي گذاري رهيا آهن. اهي پئسي وارا ماڻهو جيڪڏهن چاهين ته پنهنجي تر جي انهن اديبن، شاعرن ۽ نوَن لکندڙ جي همت افزائي به ڪري سگهن ٿا. ان ڳالهه ۾ سندن به عزت آهي. جيئن سرويچ سجاولي، جيڪو جيتوڻيڪ سنڌ جو هڪ مشهور شاعر آهي، پر ڇاڪاڻ ته هو غريب آهي ۽ پنهنجي شاعري ڇپائي نٿي سگهيو، تنهنڪري سنڌ جو عام ماڻهو هن جي شاعريءَ کان محروم رهيو، پر هاڻ جڏهن انهيءَ تر جي هڪڙي اسيمبلي ميمبر ۽ زميندار سيد بشير احمد شاهه پنهنجي طرفان خرچ ڪري سندن هڪڙو ديوان ”آليون اکيون ۽ اڻڀا وار“ جي نالي سان شايع ڪرايو آهي ته نه فقط سرويچ جي شاعري عام ماڻهوءَ جي هٿن تائين پهتي آهي، پر سنڌي ٻوليءَ جو به واڌارو ٿيو آهي ۽ ساڳي وقت شاهه صاحب، جنهن اهو خرچ ڀريو، تنهن لاءِ تر جي ماڻهن ۽ سنڌ جي ماڻهن جي دلين ۾ وڌيڪ عزت ۽ محبت پيدا ٿي آهي. اوهان کي ٻُڌي تعجب ٿيندو ته هو صاحب پراڻو پنجابي ۽ نئون سنڌي آهي. پر تنهن هوندي به هن کي سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ پنهنجن گهڻن ئي اصلي سنڌي ميمبرن کان وڌيڪ احساس آهي.
هن سلسلي ۾ منهنجي، سنڌ جي سڄي نوجوان نسل کي گذارش آهي ته اهي مهرباني ڪري پنهنجي پنهنجي تر جي سڀني سرنديءَ وارن کان اهو قسم نامو ضرور ڀرائين ۽ اهو به ڏسن ته هر مهيني اهي پنهنجي ماهوار آمدنيءَ مان اها قسم کنيل رقم ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ خرچ به ڪن ٿا يا نه. پاڻ خرچ نه ڪري سگهندا هجن ته نئين نسل جا اهي نوجوان هر ڳوٺ ۽ هر شهر مان اها رقم هر مهيني انهن سرنديءَ وارن ماڻهن کان وٺي، پاڻ وٽ گڏ ڪري اتي جي اديبن، شاعرن ۽ نون لکندڙن جون تخليقون ڇپارائيندا رهن. سنڌي ٻوليءَ جي بچاءَ ۽ واڌاري جون ڳوٺ ڳوٺ ۽ شهر شهر ۾ تنظيمون ٺاهين. انهن نوجوان کي ياد رکڻ گهرجي ته جيستائين هو سنڌي ٻوليءَ جي بچاءَ ۽ واڌاري لاءِ پاڻ ميدان عمل ۾ نه ايندا، تيستائين سنڌي ٻوليءَ جي ڪا به ڀلائي ڪونه ٿيندي. ان جو مستقبل به تاريڪ ٿي ويندو، تنهنڪري دوستو ساٿيو، ڀائرو، ڀينرو، اچو ته هن وقت پنهنجي سستيءَ کي ڇڏي اُٿون، پنهنجن پنهنجن ڳوٺن ۽ شهرن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي بچاءَ ۽ واڌاري لاءِ تنظيمون ٺاهيون. هي قسم نامون سڀني عام ۽ خاص ماڻهن کان ڀرايون ۽ پوءِ انهن ئي پئسن مان پنهنجا يا پنهنجي تر جي شاعرن ۽ اديبن جا ڪتاب، رسالا ڇپارايون. اهڙي طرح سنڌي ٻوليءَ کي ڪمسپرسيءَ جي حالت مان ڪڍون ۽ ان کي سنڌ جي سرزمين تي پنهنجي وڃايل حاڪميت وٺائي ڏيون. اُن سان گڏ پنهنجي ئي سرزمين تي پنهنجي وڃايل ملڪيت به حاصل ڪريون.
(8) قسم نامي جو فارم ڪتاب ۾ هڪ هنڌ ڇاپيو ويو آهي. ان جهڙا فارم هٿ سان به لکي سگهجن ٿا. جيڪي ساٿي اڌ سيڪڙي کان به وڌيڪ رقم پنهنجي ماهوار آمدنيءَ مان سنڌي ٻوليءَ تي خرچ ڪرڻ چاهين، انهن کان قسم نامي جي پوئين پاسي اهو وڌيڪ سيڪڙو لکايو وڃي.
(9) سنڌ جي سڀني اخبارن، رسالن ۽ ڪتابن ڪڍڻ وارن کي گذارش آهي ته هو به اهو قسم نامو ۽ ان جا فارم پاڻ وٽ پنهنجن اخبارن، رسالن ۽ ڪتابن ۾ ڇاپيندا رهن ته جيئن ان جي تمام گهڻي تشهير ٿئي ۽ اها هڪ قومي مهم بنجي وڃي. ان لاءِ اسان جو حوالو ڏيڻ نه چاهين ته نه ڏين ۽ قسم نامي جا ڀريل فارم اسان کي موڪلڻ نه چاهين ته نه موڪلين، پاڻ وٽ ئي
محفوظ ڪندا وڃن. موڪليندڙن جا نالا پاڻ ئي پنهنجي سر ڇاپيندا رهن. مقصد اسان جو ۽ هنن جو، اهو ئي هجي ته سنڌي ٻولي جيئي جيئي، سدا جيئي سدا جيئي سدا جيئي.” (37)

نئون پاڪستان ۽ نئون آئين

16 ڊسمبر 1971ع تي ڍاڪا جي پلٽڻ ميدان تي ايسٽرن ڪمانڊر ٽائيگر جنرل نيازيءَ، هندستان جي جنرل جگجيت سنگهه اروڙا جي اڳيان هٿيار ڦٽا ڪرڻ جي دستاويز تي صحيحون ڪيون. نوي هزار پاڪستاني فوجي جنگي قيدي بنيا. 17 ڊسمبر تي مشرقي پاڪستان ڦري بنگلاديش ٿيو ۽ هيڏانهن بچيل پاڪستان ۾ اڪثريتي پيپلز پارٽي جي چيئرمين ذوالفقار علي ڀٽي کي هنگامي بنيادن تي ٻاهران گهرائي ملڪ جون واڳون سونپيون ويون. صدر يحى خان کان استعيفى ورتي ويئي ۽ ذوالفقار علي ڀٽي ملڪ جي صدر ۽ چيف مارشلا ايڊمنسٽريٽر جي عهدن جو قسم کنيو. ائين دنيا جي تاريخ ۾ ذوالفقار علي ڀٽو پهريون سويلين چيف مارشلا ايڊ منسٽريٽر بنيو.
ملڪ جون واڳون سنڀالڻ سان ئي صدر ڀٽي ملڪ کي هلائڻ لاءِ اهم قدم کڻڻ شروع ڪيا. انهن ۾ ھڪ قدم نئون ملڪي آئين ٺاهڻ هو. آئيني ڪميٽي ٺهڻ سان ئي نئين آئين ٺهڻ جي حوالي سان بحث مباحثو شروع ٿي ويو ۽ ملڪ جي مختلف مڪتبه فڪر رکندر طبقن پاران، نئين ٺهندڙ آئين جي سلسلي ۾ حڪومت کي صلاحون ۽ مشورا ڏيڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو. ان سلسلي ۾ سنڌي اخبارن ۽ رسالن به پنهجن صفحن ۾ آئين جي حوالي سان پنهنجا رايا ڏيڻ ۽ مطالبا شروع ڪيا. ان سلسلي ۾ ايڊيٽر ملير ڊائجسٽ عبدالغفورميمڻ به ملير ڊائجسٽ جي صفحن ۾ سنڌي قوم جي ترجماني ڪندي نئين آئين جي باري ۾ لکڻ شروع ڪيو. ملير ڊائجسٽ جي فيبروري 1973ع جي پرچي ۾ اندرينءَ صفحي تي باڪس ۾ وڏن اکرن ۾ گهر ڪيل آهي ته: ” نئين آئين ۾ سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي بنايو.“ ان کان اڳينءَ جنوري 1973ع واري ملير ڊائجسٽ ۾ عبدالغفور ميمڻ ”نئون پاڪستان ۽ نئون آئين“ جي عنوان سان هڪ اهم ايڊيٽوريل لکيو، جنهن ۾ هن مجوزه ٺهندڙ نئين آئين جي باري ۾ پنهنجا تفصيلي خيال پيش ڪيا ۽ پنهنجي راءِ جو بي باڪيءَ سان اظهار ڪيو. اڄ جڏهن اهو ايڊيٽوريل پڙهجي ٿو ته ان ۾ ملڪ ۽ سنڌي قوم جي حوالي سان، جن خدشن جو اظهار ڪيو ويو هو، انهن جي باري ۾ ايڊيٽر ملير ڊائجسٽ جي دورس نگاهن تي حيرت ٿئي ٿي. اهو ايڊيٽوريل هڪ تاريخي ايڊيٽوريل آهي، ان وقت جڏهن مذڪوره ٺهندڙ آئين جي حوالي سان لڳ ڀڳ هڪ اڌ کي ڇڏي باقي سڀ رسالا ۽ اخبارون آئين جي حمايت ۾ لکي رهيون هيون ۽ حڪومت جي ان آئين کي هڪ اهم ۽ تاريخي قدم قرار ڏيئي رهيون هيون. تڏهن ”نئون پاڪستان ۽ نئون آئين“ عنوان سان لکيل اداريو ٺهندڙ آئين جي مخالفت ۾ هڪ ڀرپور آواز هو.
اهو ايڊيٽوريل پڙهڻ کان اڳ اچو ته ڏسون ته ان وقت سنڌي اخبارن ۽ رسالن جا ان آئين جي باري ۾ ڪهڙا ويچار هئا.
روزاني ”هلال پاڪستان ڪراچي“. جنهن جو ايڊيٽر محترم سراج هو. تنهن پنهنجي 2 جنوري 1973ع واري اشاعت ۾ ”قومي تاريخ جو سڀاڳو ڏينهن“ جي عنوان سان پنهنجي ايڊيٽوريل ۾ لکيو:
“هن آئين ۾ جيڪي فقرا آهن، سي بنيادي قانون جي حيثيت رکن ٿا ۽ انهن تي جيترو به لکجي، اهو ان سان انصاف نه ڪري سگهبو، پر پاڪستاني قوم هاڻ پنهنجي لاءِ هڪ عمل تيار ڪري ورتو آهي. نئون آئين پارليامينٽري جمهوريت جي طرز جو آهي. جنهن ۾ حاڪميت عوام کي حاصل آهي.
... آئين ۾ اڳوڻن سمورن آئينن کان وڌيڪ بنيادي حق ڏنا ويا آهن ۽ انهن بنيادي حقن جي مڪمل تحفظ لاءِ آئين ۾ فقرا رکيا ويا آهن. ملڪ جي سرڪاري ملازمتن جي نظام کي آئين کان الڳ هڪ رواجي قانون جي ذريعي منطم ڪيو ويندو.
... آئين جي مختلف فقرن کي پڙهڻ کان پوءِ اهو يقين ٿي ٿو وڃي ته هن آئين جي بنياد تي پاڪستان مضبوط بنيادن تي بين الاقوامي برادريءَ ۾ پنهنجو صحيح مقام حاصل ڪندو ۽ هڪ نئين مستحڪم، روشن ۽ خوشحال مستقبل جي تعمير ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌندو رهندو....“
چئن ڏينهن جي وٿيءَ کان پوءِ روزاني هلال پاڪستان 6 جنوري 1973ع جي اشاعت ۾ ”پڪو آئين ۽ نعپ“ جي عنوان سان پنهنجي ٻي ايڊيٽوريل ۾ لکيو:
“....31 ڊسمبر 1973ع ۾ قومي اسيمبلي ۾ پڪو آئين جو مسودو پيش ٿيو، تڏهن سڄي قوم سُک ۽ شڪر جو ساهه کنيو. هن قوم کي 25 سالن کان پوءِ هڪ جمهوريت ۽ مستقل آئين ملي رهيو آهي. هيءَ ڏينهن قوم جي تاريخ ۾ اهم ترين ڏينهن مان هو ۽ جيئن اميد هئي پاڪستان جي سموري عوام ان ڏينهن جي دل کولي آجيان ڪئي...”
سنڌ جي هڪ ٻي روزاني “سنڌي” اخبار “عبرت” پنهنجي 2 جنوري 1973ع جي اشاعت ۾ “جمهوري آئين” جي عنوان سان پنهنجي ايڊيٽوريل ۾ لکيو:
”... مستقل ۽ جمهوري آئين جو مسودو تمام ٿوري عرصي ۾ تيار ڪري، اسيمبلي جي آڏو پيش ڪرڻ لاءِ وزير قانون مسٽر عبدالحفيظ پيرزادي، قومي اسيمبلي جي سڀني پارٽين جي اڳواڻن ۽ آئين ڪميٽي جي ميمبرن کيرون لهڻيون. جن نهايت جانفشاني ۽ حب الوطني جي جذبي سان ڏينهن رات ڪم ڪري هن اهم قومي فرض کي خوش اسلوبيءَ سان مڪمل ڪيو. بلاشڪ انهيءَ ڪاميابي جو سهرو صدر ذوالفقار علي ڀٽي جي سِرَتي آھي، جنهن جي ڪوشش ۽ تعاون سان سڀني سياسي پارٽين جي وچ ۾ آئيني ٺاهه عمل ۾ آيو ۽ آئين سازي جي رستي مان روڪاوٽون ۽ اختلاف ختم ڪرڻ ۾ مدد ملي.
... پاڪستان جي نئين آئين جي مطالع مان معلوم ٿيندو ته انهيءَ ۾ جمهوريت کي رائج ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ وفاقي ۽ پارلياماني حڪومت جو سرشتو قائم ڪرڻ جي لاءِ موثر ۽ تسلي بخش لائحه عمل اختيار ڪيو ويو آهي...“
سهڻي رسالو، جنهن جو ايڊيٽر مرحوم طارق اشرف هو، جنهن پوءِ ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت ۾ 22 مهينا جيل ڪاٽيو، تنهن ”سهڻي“ جي فيبروري 1973ع جي پرچي ۾ ”نئون آئين“ جي عنوان سان پنهنجي ايڊيٽوريل ۾ لکيو:
“... پاڪستان دنيا جو شايد واحد ملڪ آهي، جنهن ۾ ساڍن پنجويهن سالن ۾ عوامي آئين ٺهي نه سگهيو. هڪڙو آئين ٺهيو، دفتر داخل ٿي ويو. ٻيو ۽ ٽيون عوامي نه هئا. تنهن ڪري ٿُڏجي ويا. هاڻ وري جڏهن نئون آئين ٺهي پيو ته وري رنڊڪون آڏو آڻڻ جون ڪوششون شروع ٿي ويئون آهن. اسين مڃون ٿا، بلڪه اسين لکي به چڪا آهيون ته هن آئين ۾ ڪافي اوڻايون آهن ۽ ننڍن صوبن کي اُهي حق حاصل ڪونهن، جيڪي ملڻ گهرجن ها، پر اڄ جيڪي آئين جي مخالفت ڪري رهيا آهن، اُهي ئي اِهو آئين قبول ڪري، معاهدو ڪري، صحيحون ڪري آيا هئا. اسين انهن کان پُڇڻ گهرون ٿا، ته جڏهن انهيءَ آئين ۾ اوهان کي ايتريون خاميون نظر اچي رهيون آهن ته ڇا اوڏيءَ مهل اوهان جي اکين تي کوپا ۽ ڪنن۾ ڪپهه پيل هئي، جيڏي مهل انهيءَ آئين تي اوهان صحيحون ڪيون هيون. در حقيقت اوهان کي اوڏي مهل اِهو آئين قبول ئي نه ڪرڻ گهرجي ها، جنهن ۾ صوبن کي ڪوبه اختيار ڪونهي، پر جڏهن اوهان سوچي سمجهي انهيءَ تي معاهدو ڪيو آهي ته پوءِ اصولي طرح هاڻ اوهان کي مخالفت جو ڪوبه اختيار ڪونهي. هاڻ اوهان جي ڪوشش اها هئڻ گهرجي ته آئين جلد ٺهي....“

آئين جي حمايت ۾ هلال پاڪستان، عبرت ۽ سهڻي پاران لکيل ايڊيٽوريلن جا حوالا ڏيڻ جو مقصد اهو آهي ته انهن جي روشنيءَ ۾ آئين جي مخالفت ۾ ماهوار “ملير ڊائجسٽ” جي جنوري 1973ع جي ايڊيٽوريل “نئون پاڪستان ۽ نئون آئين” کي سمجهي سگهجي ٿو:
نئون پاڪستان ۽ نئون آئين
”پراڻو پاڪستان جنهن ۾ پنج صوبا هئا، اهو 17 ڊسمبر 1971ع تي ختم ٿي چڪو، جڏهن اسان جي فوجن اوڀر پاڪستان ۾ هٿيار ڦٽا ڪيا. هاڻ انهيءَ پراڻي پاڪستان جا نظرياتي مُرشد کڻي ڪيڏا به وڏا واعظ ڪن ته اڃان تائين اوڀر بنگال پراڻي پاڪستان جي نظرياتي سرحدن اندر آهي، رڳو ٿوري وقت لاءِ ڀارتي جارحيت ڪري اسان کان الڳ ٿيو آهي، ته اهي احمقن جي جنت ۾ رهن ٿا. اوڀر پاڪستان نه فقط هڪ جدا ۽ الڳ ملڪ بنجي چڪو آهي ۽ ان جو نالو بنگلاديش آهي، پر ان جو نئون آئين ٺهي ان ۾ نافذ به ٿي چڪو آهي.
دراصل اهي پراڻي نظريه پاڪستان جا چئمپين جيڪي اڄڪلهه ”بنگلاديش نامنظور نامنظور“ جي گهوڙا گهوڙا ڪن پيا اهي کڻي احمقن جي جنت ۾ رهندا هجن، پر اهڙا احمق ڪونهن، جيئن اسان کين سمجهون ٿا، هو ته اسان کي ئي پنهنجي چالاڪين ۽ چالبازين سان بيوقوف بنائي رهيا آهن، جماعت اسلامي جمعيت العلمام اسلام، جمعيت علماءِ پاڪستان وغيره وغيره ڪي ڇوڪراڻيون پارٽيون ڪونهن، پر هندوستان ۽ پاڪستان جي وڏن وڏن جغادرين جون پارٽيون آهن. جن جو هر سياسي عمل تمام ڳوڙهو سوچيل ۽ ويچاريل هوندو آهي، اوڀر بنگال ۾ اھو رت جو درياءَ وھائڻ کانپوءِ ھو بلڪل چڱي طرح سمجهن ٿا ته وري بنگالي اهو رت جو درياهه پار ڪري، کين مسلمان ڀاءُ سمجهي ڀاڪر ڪونه اچي وجهندا پر اهو اها حقيقت پسندانه ڳالهه ڪري پنهنجو سياسي مستقل تاريخ نٿا ڪرڻ چاهين. “بنگلاديش نامنظور نامنظور” يا پراڻي “نظريه پاڪستان” جي حمايت ۾ هنن جون هيٺيون ٻه حڪمت عمليون آهن:
في الحال بنگلاديش تسليم نه ڪرائجي، جيئن پاڪستان جون قيدي فوجون هندستان مان نه اچي سگهن. ان طرح سان ملڪ ۾ ۽ خاص طور تي پنجاب ۾ ڀٽي صاحب جي مخالفت وڌندي رهندي. جنهن جو نتيجو لازمي طرح نيٺ اهو ئي نڪرندو ته ڀٽي صاحب کي زوريءَ اقتدار تان هٽايو ويندو. (هو اها زبردست پروپئگنڊا ڪندا ته ڀٽو صاحب فوجن کي گهرائڻ ۾ ناڪام ويو. جيئن هنن هاڻي کان ئي اها پروپئگنڊا شروع ڪري ڏني آهي،) تنهنڪري پوءِ هو پنهنجي مطلب ۽ مشرب جو ڪو ماڻهو ملڪ جي مسند تي ويهاريندا ۽ ان ذريعي باقي بچيل ملڪ تي پنهنجو سياسي تسلط ڄمائيندا.
سندن اها حڪمت عملي ته ظاهر ظهور آهي، جيڪا اسان سڀني جي اکين اڳيان آهي. پر ٻي حڪمت عملي ڳُجهي آهي، جيڪا گهڻو ڪري اسان سڀني جي اکين کان لڪل آهي. اها آهي:
(2) ته اهي بنگلاديش جي منظوري کان اڳ ۾ جلدي جلدي باقي بچيل پاڪستان جو آئين ٺهرائي وٺن ۽ اهو به پڪي طرح ته جيئن ئي ڀٽي صاحب جو اقتدار ختم ٿئي، تيئن هو باقي بچيل پاڪستان تي قانوني طرح سوار ٿي وڃن ۽ پوءِ ڪنهن کي به اهو احتجاج ڪرڻ جو جواز نه ٿئي ته جڏهن بنگلاديش کي منظور ڪري نظريه پاڪستان اصولي طرح به ختم ڪري ڇڏيو اٿوَ ته هاڻي وري هي نئون پاڪستان ڇا جو؟ پهرين ته انهن صوبن کان اجازت وٺو ته اهي هن نئين پاڪستان ۾ شامل به ٿين ٿا يا نه، پهرين ته ڪو قرارداد لاهور قسم جهڙو ريزوليشن ته پاس ڪرايو، پوءِ ان نئين پاڪستان کي ٺاهيو. پهرين ته اهڙو بل صوبائي اسيمبلين کان پاس ڪرايو، پوءِ ان جي ڳالهه ڪرايو. هنن کي اهو خدشو آهي ته جيڪڏهن بنگلاديش نئين پاڪستان جي آئين کان اڳ ۾ تسليم ٿيو ته نظرياتي طرح پراڻو پاڪستان جيڪو هاڻي نه رھيو آهي، اهو پوءِ اصولي طور به نه رهندو. پوءِ سڀڪو صوبو وس وارو ٿيندو ته چئن صوبن واري نئين پاڪستان ۾ اهو شامل ٿئي يا نه، متان ڪو صوبو پوءِ انهن جي استحصال کان نڪري وڃي. تنهنڪري جلدي جلدي چئن صوبن کي نئين آئين ۾ پڪيءَ طرح جڪڙي قابو ڪري ڇڏجي. ڏسجو ويٺا ته جڏهين آئين پڪيءَ طرح پاس ٿي ويندو تڏهن هو به چوندا ته هاڻي ڀلي بنگلاديش کي تسليم ڪريو ۽ جنگي قيدي واپس آڻيو. پوءِ هو رات وچ ۾ جنگي قيدين جي رهائي جا چئمپين ٿي ويندا ۽ اهڙي طرح هنن جون همدرديون حاصل ڪري پنهنجي مقبوليت کي وڌائيندا ۽ ڀٽو صاحب جنگي قيدين لاءِ جيڪي ڪوششون ڪري چڪو هوندو، انهن کي پاسي ڪري وٺندا.
اميد ته پڙهندڙ سندن انهيءَ لڪل حڪمت عمليءَ کي چڱيءَ طرح سمجهي ويا هوندا ۽ انهن تي هاڻي اهو به ظاهُر ٿي بيهندو ته جماعت اسلامي، جمعيت العلما، جمعيت اسلام وغيره پارٽيون جن موجود نئين آئين ٺاهڻ لاءِ حڪومت کي پهرين پهرين سنڌي طرح يا اٽڪل بازيون ڪرڻ اڻ سڌي طرح تحريڪ ۾ آندو ۽ پوءِ ان سان مڪمل طرح تعاون ڪيو، ويندي انهيءَ حد تائين جو اهي سڀ جماعتون ”بنگلاديش نامنظور نامنظور“ جون ملڪ جي بازارين ۾ هنگاما آرائيون ڪرائينديون رهيون، پر تنهن هوندي به آئيني ڪميٽيءَ سان انهن پورو پورو ساٿ ڏنو، ان جو ڪهڙو سبب هو ۽ آهي؟ اهو ئي ته: هي نئون آئين جلدي جلدي ٺهي وڃي. ۽ انهن چئن صوبن کي مضبوطيءَ سان پنهنجي قابوءَ ۾ آڻي ڇڏجي، جيئن پوءِ هميشه لاءِ سندن اڳيان قيد ٿيل صوبن ۾ هر قسم جي استحصال ڪرڻ جا دروازا کليل رهن. باقي اقتدار، سو ڀٽي صاحب کان پوءِ هونئن ئي هو پنهنجي جهوليءَ ۾ ڏسيو ويٺيون آهن. جيڪڏهن نه ته سندن ڪنهن هم مطلب يا مشرب جي جهوليءَ ۾!
اها به ڳالهه هاڻي صاف ظاهر ٿي ويئي ته انهيءَ آئين جو اهڙو لاچار به اٿن جو ان ۾ هڪڙو اهو شق وجهايو اٿن ته اهو آئين ڪير به ڪڏهين به منسوخ نه ٿو ڪري سگهي. ڪندو ته قوم جو غدار ٿيندو. (خود ڀٽو صاحب به پنهنجي ايام ڪاريءَ ۾ ائين نه ڪرائي سگهي.)
هاڻي سوال اهو ٿو اُٿي ته ڇا ڀٽو صاحب ايتري سياسي بصيرت جو مالڪ ڪونهي جو انهن جماعتن جي حڪمت عملين کي سمجهي سگهندو هجي؟ ڀٽي صاحب جي سياسي بصيرت اسان سڀني جي ڏٺل ۽ وائٺل آهي. ان ڪري اسان کي ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي. اسان رڳو اهو ٿا ڀانيو ته هو انهن جماعتن جي سياسي حڪمت عمليءَ کي اهو سمجهڻ جي باوجوده به ان کي ايتري اهميت ڪونه ٿو ڏي. هو پاڪستان جو هڪ وڏو محب وطن شخص آهي، هو چاهي ٿو ته پاڪستان جي دنيا اندر ويجهڙائيءَ ۾ جيڪا به نظرياتي، اخلاقي معاشي ۽ فوجي شڪست ٿي آهي، ان جي اثرات کي جلدي جلدي ختم ڪري. پاڪستان جي نئين سر تعمير ڪري ۽ فوجن کي هندوستاني قيد مان آزاد ڪرائي. اُن ڪري هو صاحب ڪنهن به جماعت جي جائز ۽ ناجائز ڳالهين اڳيان سر جهڪائي پيو.
اسان سندن محب وطنيءَ جي انهي عظيم جذبي جو احترام ڪريون ٿا، پر کين هٿ ادب جا ٻڌي عرض ڪريون ٿا ته سائين!
پراڻو پاڪستان ته توهان به چئو پياته ختم ٿي ويو آهي. هي نئون پاڪستان آهي، تنهن ڪري اُن جو آئين به نئون ٺهرايو پيا. پر ڇا اهو توهان صوبن جي بنيادي حقن مطابق ٺهرايو پيا؟ انهن ۾ رهندڙ انسانن جي پيدائشي حقن مطابق ٺهرايو پيا؟ ۽ اهڙي طرح اهو آئين مضبوط بنيادن تي ٺهرايو پيا، جنهن ۾ نئون پاڪستان قائم ۽ دائم رهي؟
نئين پاڪستان جو آئين هڪ وفاقي قسم جو آئين آهي، جنهن ۾ هاڻي چار صوبا شامل ٿي هڪڙو گڏيل ملڪ اڏين پيا، جنهن جو نالو هوندو، ”اسلامي جمهوريه پاڪستان.“
قائد اعظم جيڪو پاڪستان پنجويهه سال اڳ ۾ ٺاهيو هو ان جو نالو رڳو پاڪستان هو ۽ ان ۾ پنج صوبا هئا. پنجون صوبو، جو باقي چئن صوبن کان وڏي اڪثريت وارو هو، سال کن اڳ ۾ جدا ٿي اُن پراڻي پاڪستان جي ملڪي ۽ نظرياتي سرحدن کي ختم ڪري چڪو آهي. انهيءَ ڪري توهان هاڻي نئين سر هڪ اهڙي پاڪستان جو بنياد رکو پيا، جنهن ۾ فقط چار مغربي صوبا هوندا. پنجين صوبي جو انهيءَ آئين ۾ جيڪو امڪان رکيو ويو آهي، اهو سراسر دل خوش ڪندڙ آهي. سڀڪو ائين ئي سمجهي پيو.
ته هاڻي جڏهين هڪ ملڪ ئي نئون پيو ٺهي، تڏهين اهي چارئي صوبا جيڪي پنهنجي پنهنجي منهن هڪڙا ننڍڙا ننڍرا ملڪ به آهن، جن جا ماڻهو ۽ جن جون ٻوليون به هڪ ٻئي کان الڳ الڳ آهن. ڇا انهن صوبن کان توهان انهيءَ نئين ملڪ ۾ شامل ٿيڻ جون رضامنديون ورتيون آهن؟ ڇا انهن پنجويهن ڄڻن جي آئين ڪميٽيءَ ۾ پنج يا ڇهه ڇهه ڄڻا جيڪي انهن صوبن مان آهن، انهن کي اهو حق آهي ته هو پنهنجن صوبن جو ڪروڙن ماڻهن جي تقديرن جو فيصلو ٽيبل تي ويهي ڪن؟ ۽ پنن جي پنڌرهن ويهن دستن تي ويهي لکن؟
اهو فيصلو ته هر هڪ صوبي ۾ هر هڪ ماڻهوءَ جو پنهنجو ذاتي انفرادي فيصلو آهي، جيڪو هن جو پيدائشي ۽ ملڪي حق آھي، ڇا انهن کان اهو پيدائشي حق کسي فقط چند ماڻهن جي حوالي ڪرڻ اها پاڪستان جي چئن ملڪن ۽ ماڻهن سان سراسر ناانصافي ناهي؟ ڇا نئين آئين موجب نئون پاڪستان ان جي باشندن جي بنيادي حقن جي لاشن تي نه ٿو ٻڌو پيو وڃي؟
نئين پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جي فيصلن جو مجاز اسان جي صوبائي يا قومي اسيمبلي جي ميمبرن کي به اصل نه آهي، اسان سنڌ وارا ته گهٽ ۾ گهٽ ٻه دفعا پنهنجي صوبائي اسيمبلي جي اهڙن فيصلن کي سالن جا سال لوڙهي چڪا آهيون ۽ تنهن کان سواءِ اسان يا ٻين صوبن جي ماڻهن موجوده صوبائي ۽ قومي اسيمبلي ۾ ميمبرن کي ڪهڙي به بهاني اهڙن فيصلن ڪرڻ لاءِ نه چونڊيو هو، تنهن ڪري اي خاڪ وطن جا فرزند! اسين توهان جي انهي نئين پاڪستان ۾ شامل ٿينداسين، سئو دفعا شامل ٿينداسين، پر اسان کي مهرباني ڪري اسان جو فقط هڪڙو پيدائشي ۽ ملڪي حق ڏيو، ووٽ! ۽ اسان اهو نئين پاڪستان ۽ نئين آئين کي ڏينداسين، پر پهرين اهو يقين ڪري ته، اڳي جيڪو به اسان جي ننڍڙي پياري ملڪ جو استحصال ڪيو ويو آهي، ان جا نشان ان مان بلڪل ختم ڪيا ويندا ۽ آئندي ان استحصال جو ڪوبه امڪان باقي نه رهندو.
اسان کي خبر آهي ته نئين آئين ۾ وڌ ۾ وڌ صوبائي خودمختياري جون تمام وڏيون دعوائون ڪيون ويون آهن، پر اسان کي اها خبر آهي ته اسان سنڌ وارن کي انهيءَ آئين ۾ نه اسان جو سامونڊي بندر گاهه مليو، نه هوائي بندر گاهه مليو، نه اسان جون زمينون استحصالي طبقن کان آجيون ٿي مليون ۽ نه انهيءَ آئين ۾ اسان جي روح جي پڪار اسان جي ٻوليءَ کي شرف ۽ عزت جو مقام مليو.
اسان انهيءَ آئين کان اڳي به ڌڪاريل هئاسين ۽ هن آئين ۾ به ڌڪاريل آهيون، اڳي به لٽيل ڦريل هئاسين. هن آئين ۾ به ائين آهيون.
اڳي به غلام هئاسين، هن آئين ۾ به ائين آهيون، سڄي صوبائي خود مختياري سرحد ۽ بلوچستان وارن لاءِ آهي. انهن ڏنڊي جي زور سان سڀ ڪجهه ورتو آهي ۽ وٺندا رهندا. خودمختياري ته ڇا پر هو آزادي به وٺڻ چاهين ته وٺي سگهن ٿا. فقط اسان ئي سنڌ جا اٻوجهه ۽ مسڪين ماڻهو آهيون، جيڪي اڳي به گهاڻي جي چڪيءَ ۾ پيڙهبا رهياسين ۽ هن آئين کان پوءِ ساڳي طرح پيڙهبا رهنداسين.
توهان اسان جا صدر آهيو، اسان کي ان ڳالهه تي دلي سڪون آهي، پر توهان به ڪيستائين؟ اسان جي دل جو اهو سڪون به ڪيستائين؟ هن نئين آئين جون زنجيرون اسان کي جڏهين پئجي ويون ۽ توهان به جڏهين پنهنجو وارو وڄائي ويا هليا ته پوءِ اسان جو ڇا ٿيندو؟ اسان جي سنڌ جو ڇا ٿيندو، اوهان جي سنڌ جو ڇا ٿيندو؟ هي ڪنهن واحد شخص جي اقبال جو سوال ڪونهي، پر هڪ ڪروڙ ماڻهن جي واحد تقدير جو سوال آهي.
اُن ڪري جناب صدر صاحب! اسان توهان کان، هڪ سنڌي جي حيثيت ۾ نه پر پاڪستان جي صدر جي حيثيت ۾، اهو مطالبو ٿا ڪريون ته انهي نئين آئين جي منظوري يا نا منظوريءَ تي سڀني صوبن کان ريفرنڊم ڪرايو (عام راءِ وٺايو) ۽ اسان سنڌ وارن کان به اهو ريفر يڊم ڪرايو نئين پاڪستان جي سڀني شهرين کي بنيادي حق ڏيو ۽ اسان سنڌين کي به ڏيو. اسان سنڌين جو اهو قومي مطالبو آهي ته نئين آئين تي ريفرينڊم ڪرايو، ريفرينڊم ڪرايو!
نه ته پاڪستان ۽ اسلام جون ٺيڪيدار جماعتون ته اهي غير حقيقي مطالبا پيون ڪن ته ”بنگلاديش نامنظور نامنظور“ ۽ اسان وري اهو حقيقي مطالبو کڻي اٿنداسين ته “نئون آئين نا منظور نامنطور“.(38)
ائين به ڪونهي ته آئين جي مخالفت ۾ رڳو “ملير ڊائجسٽ” ۾ عبدالفغور ميمڻ ئي اهو ايڊيٽوريل لکيو هو، پر ٻين سنڌي رسالن جهڙوڪ: ڪتابي سلسلو پيغام پبليڪيشن (مرتب: عبدالواحد آريسر) ڪتابي سلسلو ”اڳتي قدم پبليڪيشن“ (مرتب: مدد علي سنڌي) ۽ ماهوار ڪتابي سلسلو ”نئين سنڌ پبليڪيشن“ پڻ آئين جي مخالفت ۾ ايڊيٽوريل لکيا هئا ۽ پنهنجن خدشن جو اظهار ڪيو هو.
عبدالغفور ميمڻ رڳو مٿيون ايڊيٽوريل لکي بس نه ڪيو، پر هن ٻيهر مارچ اپريل 1973ع جي “ملير ڊائجسٽ” جي گڏيل پرچي ۾ “واڪو هڏ م لاهه، سڏن مٿي سڏڙا” جي عنوان سان هڪ ڀيرو ٻيهر ايڊيٽوريل لکيو، جنهن ۾ هن هڪ ڀيرو ٻيهر آئين جي حوالي سان سنڌي قوم جي خدشن جو اظهار ڪندي لکيو:

واڪو هڏمَ لاهه سڏن مٿي سڏڙا.!
”اسين آئين تي اڳي به لکي چڪا آهيون ۽ هاڻي به ان تي لکڻ پنهنجي قومي جوابداري ٿا سمجهون. آئين هڪ قومي قسمت جو دستاويز آهي، جنهن ۾ سنڌ جي قسمت به لکجي پئي. جيڪڏهن اها غلط لکجي ويئي ته پوءِ اسان سنڌي وري سدائين پيا اُن تي ڳوڙها ڳاڙينداسين رِت جا ڳوڙها پيو آگهندو، تنهنڪري هينئر ئي اسان سڀني سنڌين کي اکيون کولڻ گهرجن ۽ سمجهڻ گهرجي ته آئين ڪهڙو پيو ٺهي. اسان جي قومي مفادن جي خلاف ته ڪونهي؟ جيڪڏهن آهي ته ان لاءِ آواز اُٿارڻ گهرجي. اهو اسان جو بنيادي ۽ آئيني حق آهي. ۽ ان سان گڏ اهو اسان جو قومي فرض به آهي، ته جڏهين اسان جي قومي قسمت جو فيصلو ٿي رهيو آهي، ته اسان به ڪجهه ڳالهايون. اسان مان هر هڪ سياسي شعور رکندڙ شخص، پنهنجي وطن ۽ وطنين آڏو پنهنجي جوابداري محسوس ڪري ۽ آئين جي ٺهڻ کان اڳ آئين ٺاهڻ وارن تائين پنهنجو آواز پهچائي.
پهرين اچو ته موجوده صورت ۾ جيڪو آئين ٺهي پيو ان جو ڪجهه مختصر تجزيو ڪريون. ان آئين موجب پاڪستان هڪ اسلامي، جمهوري ۽ وفاقي ملڪ هوندو. ان جو سرڪاري مذهب اسلام هوندو. ان ۾ جمهوريت جو راڄ هلندو، اهو چئن صوبن جو هڪ سياسي نظام هوندو. آئين جون اهي مکيه ڳالهيون ويچارڻ جهڙيون آهن.
(1) آئين ۾ پاڪستان کي سرڪاري طرح اسلامي بنايو ويو آهي، جيتوڻيڪ اڳيئي ان ۾. 90 سيڪڙو رهندڙ مسلمان ئي آهن. ۽ اهو سوال ئي پيدا ٿئي ته اهي پنهنجو مذهب بدلائين، اقليت ۾ ٿي وڃن ۽ پاڪستان جي اسلامي حيثيت ۾ ڪو فرق اچي يا اسلام کي ڪو نقصان پهچي.
پر آئين ۾ اها اسلامي پابندي وجهائڻ جو مقصد اهو آهي ته نظرئي پاڪستان کي زبردستيءَ هن ملڪ تي مسلط رکيو وڃي، جنهن جي ويجهڙائي ۾ وڏي خوني ترديد ٿي چڪي آهي.
نظرئي پاڪستان موجب هندستان جي مسلمانن کي هڪ قوم بڻايو ويو هو، جيڪا ڳالهه هونئن به اصولي طرح غلط هئي. پر مشرقي پاڪستان وارن مسلمانن، اسان کان جدا ٿي عملي طور به انهيءَ نظرئي کي غلط ثابت ڪري ڇڏيو آهي. اسلام جي بنيادن تي پاڪستان هڪ وطن جو درجو حاصل ڪري نه سگهيو. مذهبن مان ڪڏهين به وطن نه ٺهندا آهن، پر اهي ساڳي ڪلچر زبان ۽ ساڳين معاشي مقصدن سان ٺهندا آهن. مشرتي پاڪستان وارن به جڏهن اسلام جي نالي ۾ پنهنجي زبان ۽ ڪلچر کي ختم ٿيندو ڏٺو ۽ پنهنجي معاشي حقن کي پائمال ٿيندي ڏٺو ته اسان کان جدا ٿي ويا، حقيقت اها آهي ته برصغير جا مسلمان معاشي مقصدن خاطر ئي جدا وطن جي گهر ڪري اُٿيا. پر پاڪستان ۾ شامل ٿيندڙ ننڍن صوبن جا معاشي حق اسلام جي نالي ۾ ڦريا ۽ لُٽيا ويا. اڳي به ائين ٿيو ۽ هاڻي به اسلام کي پاڪستان جو بنياد بنائي ننڍن صوبن جا سياسي ثقافتي ۽ معاشي حق غضب ڪيا ويندا ”تون به مسلمان ڀائي- آءُ به مسلمان ڀائي- وچ ۾ هي ننڍو صوبو بسم الله الرحمان رحيم“ ۽ پوءِ ان پاڪستان ۾ اسلام جي آڙ ۾ استحصال ٿيندو، جيڪو گهڻو ڪري ڪنهن ننڍي جوئي ٿيندو، جيئن اڳي ٿيندو آيوآھي.
ان ڪري آئين ۾ مذهب کي پاڪستان جي سياسي نظام ۾ دخل ڏئي ننڍن صوبن جي استحصال جو مذهبي جواز پيدا ڪرڻ ڪوشش ڪئي ويئي آهي. جنهن ڳالهه تي ٻيا صوبا احتجاج ڪن يا نه ڪن اسان سنڌ وارن کي ته اها ڳالهه هاڻي قبول ڪونهي ته اسان کي مسلمانيءَ جي نالي ۾ ٺڳيو وڃي. اسين اسلام جي سرڪاري مذهب ٿيڻ سان ڪو نئين سر مسلمان ڪونه ٿي پونداسين. اسين سنڌي تمام پراڻا مسلمان آهيون، جڏهين ٻيا اڃان ڪافر هئا.
تنهنڪري مذهب کي سياست کان الڳ ڪيو وڃي، اسلام کي معاشي ڦرلٽ لاءِ استحصال ڪري ان جي توهين نه ڪئي وڃي، ان جي تقدس کي خراب نه ڪيو وڃي.
(2) پاڪستان کي جمهوري بنايو ويو آهي، جڏهين ته هاڻي هن نئين پاڪستان ۾ جمهوريت معنى انهيءَ اڪثريتي صوبي جو راڄ جنهن کان اڳيئي اقليتي صوبا ڏکايل ۽ ڇرڪيل آھن. ھن پاڪستان جون سرحدن ھاڻي اڳوڻي ون يونٽ واريون ساڳيون ٿيون ويون آهن. جيئن اڳوڻي ون يونٽ ۾ پنجاب جو اڪثريتي راڄ رهندو. قومي اسيمبليءَ جي ڪل ميمبرن مان ٻه ڀاڱي ٽي حصو پنجاب جا ميمبر هوندا، باقي هڪ ڀاڱي ٽيون حصو ٻين ٽن صوبن جو. تنهنڪري سوال ئي نه ٿو پيدا ٿئي ته ڪڏهين به ڪنهن صوبي کي، يا ٽنهي صوبن کي گڏجي، مرڪز ۾ حڪومت ٺاهڻ جو موقعو ميسر ٿئي، صدر به پنجاب جو رهندو ته وزيراعظم به پنجاب جو ۽ سڄي مرڪزي حڪومت به پنجاب جي. صوبن مان کڻي ڪي وزير کنيا وڃن، پر اهي به جهڙا هوندا تهڙا ڪونه هوندا. سينيٽ ۾ جڏهين ڪو اختلافي مسئلو پيدا ٿيو ته سڀني پارليامينٽ ۽ سينيٽ جي ميمبرن جي گڏيل اڪثريت به پنجاب جي ميمبرن جي ئي هوندي، مطلب ته جمهوريت اهڙي طريقي سان رائج هوندي جو نئين پاڪستان تي سدائين پنجاب جي مرڪزي حڪومت رهندي ۽ ننڍا صوبا سدائين ان مرڪزي حڪومت جا غلام رهندا.
ان ڪري مرڪزي تي فقط هڪڙي اسيمبلي هجي جنهن ۾ سڀني صوبن کي هڪ جيتري نمائندگي حاصل هجي، جيئن ڪنهن به صوبي جو الڳ سياسي حق جمهوريت جي خوبصورت ڄار ۾ آڻي ختم نه ڪيو وڃي.
پاڪستان جي آئين کي نالي ماتر وفاقي بنايو ويو آهي پر سينيٽ، جيڪا ان وفاق جي نمائندگي ٿي ڪري، اها هڪ سياسي عجوبو آهي. جنهن جي ميمبرن کي ڪوبه قانون سازيءَ جو حق ڪونهي. ڪوبه انتظامي ۽ مالي اختيار نه آهي، ته اها به کل جهڙي آهي. سواءِ ميونسپل ادارن ۽ ڪو آپريٽو سوسائٽين جهڙن اختيارن جي، ٻيا ڪي به اختيار کين ڪونهي، سڀ وڏا وڏا کاتا مرڪز کي آهن، جيڪي ڪل 22 آهن. باقي 47 کاتن ۾ به مرڪز جو صوبن مٿان ڪنٽرول آهي، سواءِ ڪن معمولي ٽئڪسن جي ٻيون سڀ ٽئڪسون مرڪز وٽ آهن. مطلب ته صوبائي خودمختياري فقط صوبائي خودڪشيءَ تاءِ مليل آهي.
تنهنڪري صحيح معنى ۾ پاڪستان کي هڪ وفاقي ملڪ بنايو وڃي، جنهن ۾ سڀني شامل ٿيندڙ ننڍن ملڪن. پنجاب، سنڌ، سرحد ۽ بلوچستان کي پنهنجا جائز سياسي، اقتصادي، ۽ ثقافتي حق ڏنا وڃن، جيڪي حق قرار داد لاهور جي مطابق ڏيڻ گهرجن. قرار داد لاهور موجب اهي حق ڪهڙا هئڻ گهرجن؟ اسان هن ڪتاب ۾ هڪ ”عرض“ جي شڪل ۾ ڇپيا آهن. اسان جو سڀني سنڌي ڀائرن ۽ ڀينرن کي عرض آهي ته هو مهرباني ڪري اهو ”عرض“ پڙهن ۽ پوءِ صحيحون ڪري هزارن، لکن جي تعداد ۾ حڪومت سنڌ ۽ قومي اسيمبليءَ جي ميمبرن ڏي موڪلين. جيئن هنن کي هڪ سجاڳ قوم جا فرد ڪري سمجهيو وڃي، جيڪي ڪهڙي به طرح پاڻ کي هاڻي غلام ٿيڻ نه ڏيندا، پر پاڪستان ۾ پنهنجي مڪمل اختيار ۽ آزاديءَ سان رهندا. (39)

نئين آئين جي حوالي سان سنڌي ماڻهن ۾ جيڪي خدشا هئا، يا نئين ٺهندڙ آئين ۾ سنڌي ماڻهن جيڪو حاصل ڪرڻ ٿي گهريو، ان بابت مٿين ٻن ادارين کانسواءِ ملير ڊائجسٽ جي ساڳئي مارچ، اپريل 1973ع جي شماري ۾ هڪ عرض جي نالي سان هڪ خط ڇاپيائين، جنهن ۾ سنڌ جي تڏهوڪي وزير اعلى ممتاز علي ڀٽي، قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن کي مخاطب ڪيو ويو هو ۽ سنڌي ماڻهن کي اپيل ڪئي ويئي هئي ته اهو خط نقل ڪري پنهنجن ٻين هم خيال ساٿين کان صحيحون وٺي، وزير اعلى ۽ ميمبرن کي موڪليو وڃي خط ۾ مخاطب ڪندي چيو ويو هو :

هڪ عرض
جناب ممتاز علي ڀٽو وزير اعلى سنڌ
۽ قومي، صوبائي اسيمبلين جا ميمبر صاحبو.

اسلام عليڪم، اسين هيٺ صحيح ڪندڙ، سڀ سنڌي مرد ۽ زالون، نئين پاڪستان جي نئين ٺهندڙ آئين ۾ گهڻين ئي ڳالهين کي سنڌ جي قومي ڀلائي ۽ مستقل لاءِ سخت نقصانڪار سمجهون ٿا. آئين جي مسودي تي چڱي طرح غور ڪرڻ کانپوءِ اسان اهو محسوس ڪرڻ لڳا آهيون، ته ڄڻ اهو وري هڪ ٻئي ون يونٽ ٺاهڻ جو بندوبست آهي. اوهان کي معلوم آهي ته پهرين ون يونٽ ئي اسان سنڌين سان ڪهڙا ويل وهايا. هر قسم جي ڦُر مار کانسواءِ اُن اسان جي سنڌي قومي وجود کي به اُکيڙي ڇڏيو، جيڪو سنڌي وجود اسان صدين کان وٺي ٺاهيندا آياسين. ائين نه ٿئي جو هيءَ نئون ون يونٽ ماڳئي اسان سنڌين جي قومي وجود کي ئي فنا ڪري ڇڏي. اسين پنهنجو وطن هوندي به اُن ۾ غلامي ۽ ذلت جي زندگي گذاريندا رهون.
اُن ڪري اسان ان ذلت آميز زندگيءَ کان بچڻ لاءِ ، آئين جي نفاذ کان اڳواٽ گهٽ ۾ گهٽ هيٺيون ضمانتون وٺڻ چاهيون ٿا:
1- اسين سنڌي هميشه کان وٺي هڪ جدا قوم آهيون، ڪو اڄڪلهه سنڌي قوم ڪونه ٿيا آهيون. تنهنڪري نئين آئين ۾ اسان جي جداگانه قوميت جي حق کي تسليم ڪيو وڃي. ساڳئي طرح ٻين صوبن جي ماڻهن کي به پنهنجو پنهنجو حق ڏنو وڃي. اهڙي طرح پاڪستان کي چئن ننڍن ملڪن وارو هڪ وفاقي ملڪ ٺاهيو وڃي.
2- وفاق ۾ هر هڪ صوبي کي هڪجهڙا سياسي حق ڏنا وڃن. هڪ جيتري نمائندي ڏني وڃي. اڪثريت ۽ جمهوريت جي فريب ڪاريءَ کي ختم ڪيو وڃي. اهڙيءَ طرح ڪنهن به هڪ صوبي جو ٻي صوبي هٿان ڪوبه سياسي، سماجي، ثقافتي استحصال ٿيڻ جو امڪان باقي نه رهي.
3- سنڌونديءَ جي پاڻيءَ جي 1945ع جي ورهاست موجب ضمانت ڏني وڃي. ۽ اهڙو معاهدو پنجاب، بلوچستان ۽ سنڌ ۾ بين الاقوامي حيثيت جو هئڻ گهرجي.
4- سنڌي ٻولي سنڌ جي واحد سرڪاري ٻولي ۽ پاڪستان جي هڪ قومي ٻولي هئڻ گهرجي.
5- هر صوبي ۾ شهريت ڏيڻ يا کَسڻ جو حق اُن صوبي جي حڪومت کي ئي هجي. مرڪز جو ان ڳالهه ۾ ڪوبه واسطو نه هجي.
6- فوج ۽ مرڪز جي سڀني کاتن ۾ هر هڪ صوبي کي هڪ جيتري ڪوٽا هجي ۽ هر هڪ صوبي کي نيم فوجي تنظيم رکڻ جو به جدا حق هجي ۽ ان جو ڪنٽرول صوبائي حڪومت وٽ رهي.
7 - صوبي جو ناڻو صوبي مان کڻي وڃڻ تي مڪمل بندش هجي.
8 - مرڪز کي فقط ٽي کاتا هجن. دفاع، خارجه ۽ ڪرنسي.
9 -صوبن کي پنهنجن قدرتي ۽ پيدائشي وسيلن تي سندن پنهنجو حق هجي. مرڪز جو خرچ صوبا رضاڪارانه طور پورو ڪن.
10 - صوبن جي اندروني معاملن ۾ مرڪز کي دخل ڏيڻ جو ڪوبه حق نه هجي.
اهي آهن گهٽ ۾ گهٽ ضمانتون جيڪي اسان سڀ سنڌي هن نئين ٺهندڙ آئين ۾ ڏسڻ چاهيون ٿا. پر جيڪڏهن اهي ضمانتون اسان کي نه مليون ۽ آئين جيئن جو تيئن ٺهي ويو ته اسان ائين سمجهنداسون ته اسان کي وري هڪ نئين ون يونٽ ۾ زوريءَ ڦاسايو آهي ۽ اسان کي غلاميءَ جو ڳٽ ڳچيءَ ۾ وڌو ويو آهي. اوهين اسان جي حڪومت جا اڳواڻ ۽ نمائندا آهيو. اسان اوهان ۾ چڱيون اميدون رکندي سمجهون ٿا ته اوهان آئين ۾ مٿيون ضمانتون حاصل ڪرڻ لاءِ دل جان سان ڪوشش ڪندا. ٻي صورت ۾ سنڌ جي عوام، سنڌ جي نئين نسل ۽ سنڌ جي قومي وجود جي تباهي ۽ برباديءَ جي ذميداري ڪنهن تي عائد ٿيندي، اهو توهان خود سمجهي سگهو ٿا. اوهان جا سڄڻ.(40)
مٿين ايڊيٽو ريلن ۽ خط پڙھڻ سان خبر پوي ٿي ته عبدالغفور ميمڻ ھڪ باشعور، با ضمير قوم جو فرزند ھو. جنهن کي پنهنجي ”سنڌي قوم“ جو مستقل عزيزھو، ۽ ھن آئين کي قومن جي قسمت جو دستاويز ٿي سمجهيو ۽ ان بابت پنهنجن خدشن کان باخبر رکڻ فرض ٿي سمجهو.
پرڪجهه ئي سالن جي اندر 5 جولاءِ 1977ع تي آئين جي خالق ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري جنرل ضياءَ الحق مارشلا هڻي ڇڏي ۽ ذوالفقار علي ڀٽي کي هڪ هٿ ٺوڪئي ڪيس ۾ ڦاسي ڏني ويئي.
1973ع جي آئين کي پاڪستان جو متفق آئين سمجهو وڃي ٿو.
جڏهن قومي اسيمبلي ۾ ان آئين کي پاس ڪرڻ جي لاءِ ووٽ ٿي ته قومي اسيبلي جي 24 ميمبرن ان ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو، انهن ۾ سردار خير بخش مري، مير علي احمد ٽالپور، احمد رضا قصوري، ڊاڪٽر عبدالحئي بلوچ، موسى جينفر وغيره شامل آهن. انهيءَ آئين کي متفق بنائڻ لاءِ محترم ذوالفقار علي ڀٽي کي بلوچ ۽ پٺاڻ اڳواڻن کي آئين تي راضي ڪرڻ جي لاءِ محترم جي ايم سيد جي مدد وٺڻي پئي. اهو به عجيب اتفاق آهي ته جنهن عبدالحفيظ پيرزادي کي ان آئين جو خالق سڏيو وڃي ٿو، اڳتي هلي ان پيرزادي پاران 1973ع جي آئين جي مخالفت ڪئي ويئي.
جڏهن اهو آئين ٺهيو پي ته سنڌي قومپرستن ان آئين جي سخت مخالفت ڪئي هئي.
عبدالحفيظ پيرزادي جي وفات کان پوءِ مٿس لکيل تاثراتي ڪالم ۾ حسن مجتبى، ا مٿين صورتحال جي پس منظر ۾ لکي ٿو:
“سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جيڪو سنڌي قومپرستن جو ڳڙهه هو، اتي سالياني ڪانووڪيشن ۾ ان وقت جي وائيس چانسلر سيد غلام مصطفى شاهه، وزير قانون عبدالحفيظ پيرزادي کي آئين ٺاهڻ ۾ سندس ڪاوشن جي مڃتا طور ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري ڏيڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن جي رد عمل ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن “نئون آئين نه کپي” جو ڏينهن ملهائڻ ۽ پيرزادي کي اعزازي ڊگري ڏيڻ خلاف احتجاج جو اعلان ڪيو. 28 اپريل 1973ع تي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڪانووڪيشن جي تقريب ۾ پوليس جي سخت پهري ۾ وفاقي وزير قانون عبدالحفيظ پيرزادو، گورنر سنڌ بيگم رعنا لياقت علي خان، وزير اعلى ممتاز علي ڀٽو ۽ بيگم نصرت ڀٽو پنڊال ۾ پهتا، جتي جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي قيادت ۽ ڪارڪنن آئين ۽ سندس خلاف سخت نعري بازي ڪئي. ان دوران عبدالحفيظ پيرزادي ۽ جيئي سنڌ جي اڳواڻ اسماعيل وساڻ جي وچ ۾ تلخ ڪلامي ۽ نوبت گار گند تائين وڃي پهتي، جنهن تي اسماعيل وساڻ عبدالحفيظ پيرزادي کي ٿڦڙ هڻي ڪڍيو. پوليس ۽ سادن ڪپڙن ۾ موجود همراهه اسماعيل وساڻ تي ٽٽي پيا ۽ مٿس سخت تشدد ڪيائون. ڀٽو دور جو باقي عرصو جيئي سنڌ ۽ ٻين سنڌي تنظيمن جي نوجوانن خلاف رياستي تشدد ۽ بربريت جي تاريخ آهي، جنهن کي ڪانووڪيشن ڪيس، جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. ڪيترا سال پوءِ جڏهن عبدالحفيظ پيرزادو ان 73ع جي آئين کي رد ڪندي سنڌي، بلوچ ۽ پختون فرنٽ ۽ پوءِ سنڌي قومپرستن جي اتحاد سنڌ قومي اتحاد ۾ سرگرم هو ته کيس سنڌ جي تمام وڏي مقرر ۽ فيلسوفاڻي طبيعت رکندڙ حفيظ قريشيءَ چيو هو: ”هاڻ جيڪڏهن توکي اهو ڇوڪرو اسماعيل وساڻ ملي، ته تون کيس ڀَر ڪري ٻه ٿڦڙ هڻج جو هاڻ ان پارٽيءَ ۾ آهي، جيڪا ان آئين تي يقين رکي ٿي، جنهن آئين جي تون مخالفت ڪري رهيو آهين.” (41)
ان وقت جماعت اسلامي ۽ ٻين مذھبي جماعتن نظريه پاڪستان کي بنياد بنائي نئين پاڪستان لاءِ ٺهندڙ آئين ۾ نظريه پاڪستان کي بنياد بنائي مرضي موجب آئين ٺهرائڻ لاءِ حڪومت تي دباءُ وجهڻ شروع ڪيو ھو، جنهن جو مقصد اھو ھو ته صوبن کي گهٽ صوبائي خود مختيار ڏئي وڃي ۽ اھو ھڪ بحث شروع ٿي ويو ته نظريه پاڪستان ڇا آھي؟ نئين ٺهندڙ آئين تي مٿين لکيل ايڊيٽوريل کان اڳ آڪٽومبر 1972ع جي ”ملير ڊائجسٽ“ جي شماري ۾ ”نظريو پاڪستان ۽ صوبائي خود مختياري“ جي عنوان سان ھڪ ايڊ يٽوريل لکيو. ان ايڊ يٽوريل ۾ لکيائين:

” اڄ ڪلهه سڀڪو ائين چوي ٿو ته نظريو پاڪستان فقط اسلام ھو، پر ڪير به ائين ڪو نه ٿو چوي ته نظريو پاڪستان آزادي به ھو. اسان سنڌ يا ھند جي مسلمانن پاڪستان لاءِ تحريڪ ته تمام دير سان شروع ڪئي، 1940ع جي قرار داد لاھور کان پوءِ . پر اسان جي آزادي لاءِ تحريڪ تڏھن کان شروع ٿي جڏھن کان انگريزن اسان تي غلامي مڙھي ھئي. 1820ع تائين باقي ھندستان تي، ۽ 1843ع تائين سنڌ تي. ۽ پاڪستان جي تحريڪ فقط پويان ست سال ھلي، پر آزاديءَ لاءِ تحريڪ پوري ھڪ صدي کان ھلندڙ ھئي. حقيقت ۾ پاڪستان جي تحريڪ به آزاديءَ جي تحريڪ جو ھڪ سلسلو ھئي. انهيءَ ڪري جيڪا بنيادي ڳالهه اسان گڏيل ھندستان جي سڀني ماڻهن جي تحريڪن ۾ ھئي، سا اھائي ھئي ته اسان انگريزن جي غلاميءَ مان نجات حاصل ڪريون ۽ پنهنجي ملڪ جا پاڻ مالڪ ٿيون.
ھن تاريخي حقيقت جي ڪسوٽيءَ تي ڇا اسان ھيستائين نظريئي پاڪستان ۾ ڪامياب ويا آھيون، آءُ ته ائين چوندس ته اسان نظريه پاڪستان ۾ ڪامياب ته ڇا پر سخت ناڪام ويا آھيون، نظريو پاڪستان ھو آزادي ۽ اسلام . گذريل 25 سالن ۾ اسان سنڌ وارن کي ته ڪڏھن به ھڪ لمحي لاءِ آزاد ھئڻ جو احساس نه ٿيو آھي ۽ نه ان سڄي عرصي ۾ اسانکي وري ڪا ڪڏھن اھا خوش فهمي ٿي آھي ته اسان پاڪستان اندر جيئن پوءِ تيئن مومن مسلمان ٿيندا وڃون.
اڄ به ان کان وڌيڪ اسان جي غلاميءَ ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي ته سنڌ ۾ ھڪ جمهوري حڪومت ھوندي به سنڌ سرڪار جمهوري طرح ڪوبه قدم کڻڻ کان بيوس آھي ۽ ساڳي طرح پاڪستان ۾ ھاڪس بي جهڙا ذليل واقعا ٿي گذريا، جنهن پاڪستان کي سڄي دنيا ۾ بدنام ڪري ڇڏيو ۽ انهيءَ کان به وڌيڪ پاڻکي تهذيب يافته ۽ مسلمان سڏائيندڙ ھڪ ڀاءُ ٻي مسلمان ڀاءُ کي تعصب وچان قتل ڪيو.
ان ڪري جيڪڏھن باقي پاڪستان کي بچائڻو آھي ته ان جي بنيادي ٻن نظرين کي به بچائڻو، پوندو، ھڪ آزادي جي نظريي کي ۽ ٻيو اسلام جي نظريي کي. آزادي جي نظريي کي بچائڻ لاءِ سڀني صوبن کي وڌ ۾ وڌ آزادي ڏيڻي پوندي ۽ اسلام جي نظريي کي بچائڻ لاءِ فوري طرح جماعت اسلامي تي پابندي وجهڻي پوندي، جنهن اسلام کي رڳو ھڪ لساني اقليت تائين محدود ڪري اسلام جي نالي ۾ تعصب ڦهلايو آھي، خونريزيون ڪرايون آھن.
صدر صاحب اھو اعلان ڪيو آھي، ته ھو صوبن کي ھڪ ئي پاڪستان جي اندر وڌ ۾ وڌ صوبائي خودمختياري ڏيڻ لاءِ تيار آھي. صوبي سرحد ۽ بلوچستان وارا به اھائي گهر ڪن ٿا. اسان سنڌ وارا به اھو ٿا چئون ۽ صوبائي خود مختياري تڏھن ملي سگهي ٿي، جڏھن دفاع، ڪرنسي ۽ پرڏيهي معاملا مرڪز وٽ ھجن ۽ ٻيا اندروني معاملا سڀ صوبن وٽ.“

جڏهن عبدالغفور ميمڻ کي ڊي پي آر تحت گرفتار ڪيو ويو ۽ ”ملير ڊائجسٽ“ تي پابندي مڙهي ويئي ته ان جي سببن مان هڪ سبب اهو ايڊيٽوريل نئون پاڪستان نئون آئين به هو.
مٿين ايڊيٽوريلن کانسواءِ ملير ڊائجسٽ ۾ عبدالغفور ميمڻ ٻيا به ڪيترا ئي اهم ايڊيٽوريل لکيا. جن ۾ هن پنهنجن خيالن ۽ نقطه نظر کي بي باڪيءَ سان بيان ڪيو. انهن ايڊيٽوريلن ۾، ”سنڌيو جواب ڏيو، ٻوليءَ جو حساب ڏيو“. “سنڌي تعليم يا تقدير”، ”بهاري نه کپن، نه کپن”، “اهنسا جا پوڄاري يا ڇهان عزرائيل”، “نظريو پاڪستان ۽ صوبائي خودمختياري”، “ظالم ۽ مظلوم ۾ ڪو تفاوت آهي يا نه؟”، “سنڌ جي چونڊيل عوامي نمائندن جي خدمت ۾”، “ويٽنام کي سلام”، “مولانا ڪوثر نيازيءَ ڪوڙ ڳالهايو.” وغيره.
ان کانسواءِ عبدالغفور ميمڻ ”ملير ڊائجسٽ“ ۾ ڪيترائي خط به لکي ڇپيا، جيڪي صدر پاڪستان جناب ذوالفقار علي ڀٽي، گورنر سنڌ ممتاز علي ڀٽي ۽ سنڌ جي وزير تعليم در محمد اوستي ڏانهن لکيل آهن. جن ۾ کين سنڌ جي قومي، آئيني ۽ تعليمي مسئلن بابت صلاحون، مطالبا ۽ گذارشون ڪيون ويون آهن.
ملير ڊائجسٽ ۾ عبدالغفور ميمڻ جا لکيل اهي سڀ ايڊيٽوريل لکيل خط ۽ ٻيو مواد، مون سندس لکڻين جي گڏيل مجموعي ”اسان جو رستو، اسان جي منزل“ ۾ سهيڙيا آهن.
“ملير ڊائجسٽ” هڪ فئملي ميگزين هئڻ سان گڏ سنڌي ٻولي، سنڌي ڪلچر ۽ تاريخ کي اُجاگر ڪرڻ ۽ وڌائڻ لاءِ پڻ ڪوشان هو. ملير ڊائجسٽ جو مواد توڙي اداريا سنڌيت لاءِ وقف هئا. ملير ڊائجسٽ جا ڪوَر به سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت کي اُجاگر ڪندا هئا. ملير ڊائجسٽ جي هڪ پرچي جي ڪوَرتي موهن جي دڙي جي آثارن جي تصوير ڏيئي ان جي هيٺان لکيو ويو. “موهن جو دڙو، سنڌ جو بيت المقدس.” انهن لفظن لکڻ جي پويان موهن جي دڙي جي تاريخي حيثيت ۽ قدامت ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ هو.
ملير ڊائجسٽ جي ان قدم جي واکاڻ ۾ سنڌ جي برک اديب جناب محمد عثمان ڏيپلائيءَ ايڊيٽر ملير ڊائجسٽ عبدالغفور ميمڻ کي هڪ خط لکيو، جيڪو ملير ڊائجسٽ آڪٽومبر 1972ع ۾ اهتمام سان ڇپيو ويو، ان خط ۾ ڏيپلائي صاحب لکي ٿو:

“اڄ ملير ڊائجسٽ جي ڪوَر تي موهن جي دڙي جي آثارن جي تصوير” سنڌ جو بيت المقدس” جا لفظ ڏسي خوشي ٿي ته ڪيئن سنڌي اديب به ڀؤ جهلي، پنهنجي سنڌ جي چيزن کي ٻين سان مشابهت ڏيڻ ۾ هٻڪ محسوس نٿا ڪن ۽ انهيءَ جو نتيجو اهو به نڪتو آهي، جو اوهان جي پرچي جي عزت کي ڏسندي هينئر، رهبر ڊائجسٽ، واري به موهن جي دڙي مان نڪتل “اشرفيءَ” جو فوٽو پنهنجي پرچي تي ڏنو آهي. حالانڪه هو ته ٺيٺ جماعت اسلاميءَ سان لاڳاپو رکي ٿو. پر سنڌيت عرف صوبائيت جي آڙ ۾ جماعت جو ڪم ڪرڻ لڳو آهي. خود جماعت اسلامي پنجاب جي امير اسد گيلاني پنجاب ڪي مسائل ڇپائي پاڻ کي “پنجابيت” جي ڍال ڏني آهي.
.... اوهان کي شايد اهو معلوم نه هجي ته ڪن عرب مصنفن مثلاً ”سجته المرجان،“ وارن ۽ ٻين پنهنجن ڪتابن ۾ اهو لکيو آهي ته خود حضرت آدم ۽ بيبي حوا به سنڌ جي آمريءَ واري حصي ۾ پيدا ٿيا هئا، جنهن ڪري ان حصي ۾ پراڻي پٿر جي زماني جا آثار به دريافت ٿي چڪا آهن ۽ اهو وقت پري نه آهي، جڏهن سنڌ کي بيت المقدس ته ٺهيو، پر حضرت آدم واري گم ٿيل جنت تسليم ڪيو ويندو.
...خود مڪلي نالي بابت اهو ثابت ٿيل آهي ته ڪنهن مسلمان سيد سردار هن کي ‘هذا مڪته لي’ چيو هو. يعني “هيءَ منهنجو مڪو آهي” جيڪو پوءِ ”مڪته لي“ مان بدلجي” “مڪلي” ٿي ويو. (42)

ستر واري ڏاڪي جي شروعاتي سالن ۾ حيدرآباد مان نڪرندڙ سنڌي رسالن جو ذڪر ڪندي محترم عبدالواحد آريسر روزاني ”برسات“ ۾ پنهنجي هڪ ڇپيل ڪالم ۾، جيڪو سندس ڪتاب “روح جا ريلا” ۾ شامل آهي، لکي ٿو:

“حيدرآباد مان چار رسالا ٻيا نڪتا، انهن کي رسالا نه پر ڪتابي سلسلا چئجي ته ٺيڪ ٿيندو. پهريون “اڳتي قدم” جنهن جو مرتب مدد علي سنڌي هو، انهيءَ رسالي کي سنڌ جي تمام چوٽيءَ جي لکندرن جي قلمي مدد حاصل هئي.... ٻيو هو ملير ڊائجسٽ جيڪو عبدالغفور ميمڻ ڪڍندو هو، جيڪو هڪ ڪاروباري شخص هو ۽ رسالو به ڪمائڻ جي لاءِ ڪڍيو هئائين” (43)
عبدالغفور ميمڻ، ”ملير ڊائجسٽ“ ان وقت ڪڍيو، جڏهن اڃا عبدالواحد آريسر حيدرآباد جي ڪنهن مسجد ۾ پيش امام هو ۽ پاڻ پيغام رسالو پوءِ 1973ع ۾ ڪڍڻ شروع ڪيائين. انهن سالن جي “ملير ڊائجسٽ” جي پرچن کي کڻي ڏسبو ته ان جي ڪيترن ئي پرچن ۾ جناب عبدالواحد آريسر جون ترجمون ڪيل لکڻيون ڇپيل نظر اينديون، جن ۾ مولانا ابوالڪلام آزاد جي تفسير “ترجمان القرآن” جا ڪجهه صفحا به شامل آهن.
مٿيان لفظ لکندي جناب عبدالواحد آريسر کان اهو شايد وسري ويو هو ته ان دور ۾ ڪمائڻ لاءِ ڪو فلمي يا شوبز جو رسالو ڪڍڻ ته سولو هوندو، پر “ملير ڊائجسٽ” جهڙو قومي مواد سان ڀرپور رسالو ڪمائڻ لاءِ ڪڍڻ ممڪن نه هو. جنهن جي مٿان لکيل هوندو هو. ”سنڌي عوام جو ذاتي، قومي ۽ وطني رسالو. سنڌي زبان جو ادبي، اصلاحي ۽ انقلابي رسالو.“
بهرحال، مٿي پاڻ “ملير ڊائجسٽ” جي مواد ۽ قومي ڪردار جو جيڪو جائزو وٺي آيا آهيون، اهو خود جناب عبدالواحد آريسر جي لفظن جي ترديد آهي.

شاھه جي رسالي انگريزي ترجمو

ملير ڊائجسٽ ۾ ڇپيل لکڻين ۽ انٽيليجنس جي رپورٽن تي نيٺ عبدالغفور ميمڻ سميت، ملير ڊائجسٽ، سان لاڳاپيل پنجن ڄڻن جي خلاف وارنٽ نڪتا ۽ 2 آگسٽ 1973ع تي شام جو ستين بجي مارئي هائوس، ملير ڊائجسٽ جي آفيس مان، عبدالغفور ميمڻ ۽ ملير ڊائجسٽ جي اڳوڻي سرڪيوليشن مئنيجر وزير سنڌي کي ڊي پي آر (ڊفينس رولٽ ائڪٽ پاڪستان) تحت گرفتار ڪري سٽي ٿاڻي حيدرآباد جي لاڪپ ۾ رکيو ويو. جن ٽن ٻين تي وارنٽ نڪتا، انهن ۾ پناهه جگر سنڌي، نسيم سنڌي ۽ مسٽر ميمڻ (جنهن جو نالو معلوم ٿي نه سگهيو آهي ۽ نوابشاهه جو رهندڙ هو) شامل هئا.
پنهنجي گرفتاري ۽ جيل ۾ پوڻ جو قصو بيان ڪندي هو لکي ٿو:
“... راشدي (پير علي محمد) صاحب اڃا تائين نئين پاڪستان ۾ ڀٽي صاحب جو صلاحڪار هو. مون کي ۽ منهنجي ساٿين کي جيل ۾ وجهائڻ ۾ هڪڙو اُن جو هٿ هو، جو مون هن پاڪستان ٺهڻ جي خلاف هڪڙو سخت ايڊيٽوريل لکيو هو ۽ سندس تقرير به ملير ڊائجسٽ ۾ ڇاپي، جيڪا هن 1957ع ۾ ون يونٽ ٺهرائڻ وقت سنڌ اسيمبليءَ ۾ ڪئي هئي. مون لکيو هو ته هي نئون پاڪستان به پراڻو ساڳيو ون يونٽ آهي. وغيره وغيره ۽ ٻيو هٿ هڪ اهڙي سنڌي تعليمي منسٽر (در محمد اوستي) صاحب جو هو، جنهن تي مون وڏي جهل ڪئي هئي ته هو سنڌين جي تعليم جي لاءِ ڪجهه به نه ٿو ڪري.” (44)
سنڌ جي تعليم واري وزير در محمد اوستي کي مخاطب ٿي پاڻ ملير ڊائجسٽ جي ھڪ پرچي ۾ ”سنڌي تعليم يا تقدير“ جناب در محمد اوستا هي ڇا؟” جي عنوان سان ايڊيٽوريل لکيو هو. جنهن ۾ سنڌ جي پرائمري تعليم جي ٻڏل ٻيڙيءَ کي نه سڌارڻ جو ذميدار وزير تعليم کي قرار ڏنو ويو هو ۽ آخر استعيفى جي گهر ڪئي ويئي هئي.
جيل مان ضمانت تي نڪرڻ کان پوءِ حالتون ڪجهه اهڙيون بيٺيون، جو پاڻ ”ملير ڊائجسٽ“ جي اشاعت جاري رکي سگهيو. اهو ڏسي ڪجهه دوستن ساڻس رابطو ڪيو ته هو کين ملير ڊائجسٽ جا حق ۽ واسطا ڏي ته هو اهو جاري رکي سگهن.

“آئون جيل مان نڪتس ته هفتي ڏيڍ اندر محمد ابراهيم جويو، غلام رباني آگرو، ابن حيات پنهور ۽ سندس هڪ ٻيو ساٿي مون وٽ آيا ۽ مون کي چيائون ته ملير ڊائجسٽ جا حق ۽ واسطا کين ڏيان ته جيئن هو ان کي جاري رکي سگهن. جنهن تي مون سوچڻ لاءِ کانئن مهلت گهري. ان کان ڪجهه وقت پوءِ مون وٽ خان محمد پنهور آيو ۽ هن به اهڙي خواهش جو اظهار ڪيو ۽ ملير ڊائجسٽ ان جي حوالي ڪيو.” (45)

خان محمد پنهور ۽ سندس دوست ملير ڊائجسٽ جو هڪئي پرچو شايع ڪري سگهيا، ترت پوءِ سنڌ حڪومت سنڌي رسالن ۽ اخبارن تي پابندي وجهڻ جو اعلان ڪيو، انهن ۾ ”ملير ڊائجسٽ“ به شامل هو.
اها حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه آهي ته ايندڙ وقت ۾، جنهن پير علي محمد راشديءَ کي عبدالغفور ميمڻ، سنڌ جو وڏو دشمن قرار ڏيئي، سندس ون يونٽ جي حمايت ۾ ڪيل تقرير ملير ڊائجسٽ ۾ ڇاپي هئي، ان جو مٿس وڏو اثر رهيو.
جيل مان نڪرڻ ۽ ڪجهه وقت واندو ويهڻ کان پوءِ هن پير علي محمد راشديءَ کي هڪ خط لکيو، جيڪو ان وقت پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جو صلاحڪار هو. جنهن کيس حيدرآباد ۾ ملڻ جو وقت ڏنو. ان ملاقات جو ذڪر ڪندي عبدالغفور ميمڻ لکي ٿو:
“.... ملاقات ۾ مون کي چيائين هن حڪومت مان ڪجهه ڪو نه ورندو، ڇو ته حڪومت بُري بلا آهي. جڏهن ماڻهو ڪرسيءَ تي ويهي ٿو ته پوءِ ان لاءِ وطن توڙي ٻولي ڪابه معنى نٿا رکن. ماٺ ڪري ويهي ٻچن لاءِ گذر سفر ڪر.... تون شريف ماڻهو آهين، تنهنڪري توسان اها ڀلائي ڪري سگهان ٿو ته توکي تنهنجو جهان موٽرائي ڏيان....” (46)
ان ملاقات کان پوءِ پير علي محمد راشديءَ کيس ‘ پاڪستان نيشنل سينٽر اسلام آباد’ ۾ ڊائريڪٽر جنرل ڪري رکيو. جنهن جو ڪم هو ته سڄي ملڪ ۾ سينٽر پاران لئبرريون قائم ڪرڻ ۽ انهن جي سار سنڀال لهڻ.
اها نوڪري ڪانٽريڪٽ جي بنياد تي هئي. پهرين کيس ٽن سالن لاءِ ڪانٽريڪٽ جي بنياد تي رکيو ويو ۽ پوءِ ٻن سالن لاءِ ان جو مدو وڌايو ويو. پاڻ اها نوڪري 1974ع کان 1978ع تائين ڪيائين، ان وچ ۾ 5 جولاءِ 1977ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت جو جنرل ضياءَ الحق تختو اونڌو ڪري ملڪ ۾ مارشل لا هڻي ڇڏي. حڪومت جي خاتمي سان گڏ پير علي محمد راشدي جي صلاحڪاري به ختم ٿي ويئي. حڪومت جي ختم ٿيڻ کان پوءِ به پاڻ ڇهه مهينا وڌيڪ ان عهدي تي رهيو، پر پوءِ ڪانٽريڪٽ ختم ٿيڻ کان اڳ ئي استعيفى ڏيئي ڇڏيائين ۽ واپس سنڌ اچي پنهنجي پراڻي ڪرت سول ٺيڪيداري شروع ڪيائين.
پير علي محمد راشديءَ سان پنهنجي ان ويجهڙائپ جو ذڪر ڪندي لکي ٿو:
“هر ڪنهن ماڻهوءَ ۾ ٻياگُڻ به هوندا آهن، هن ۾ وڏي ۾ وڏو گُڻ اهو هو ته علم جو عاشق هو. ڪتاب ۽ قلم ڪنهن وير به سندس هٿن کان جدا نه ٿيو.” (47)
جيل، عبدالغفور ميمڻ کي اُجاري اڇو ڪري ڇڏيو. جيل ۾ رهڻ واري مختصر عرصي دوران کيس نه رڳو ڪتابن پڙهڻ جو موقعو مليو، پر منجهس انسان ذات جي لاءِ محبت به پيدا ٿي. اها محبت آفاقي هئي، جيڪا الاهي ڪتابن ۾ هئي. ڪتابن ۽ اکر سان ته کيس اڳ ۾ ئي الفت ۽ محبت هئي. شاهه جي رسالي کي هن اڳ ۾ ئي سنڌ جي ڇوٽڪاري جو ذريعو ٿي سمجهيو ۽ ملير ڊائجسٽ ۾ “شاهه جي رسالي جا چونڊ بيت” معنى سان ڏيڻ شروع ڪيا هئائين. جيڪي پوءِ “شاهه جا چونڊ بيت” نالي سان ڪتابڙي جي صورت ۾ ڇپائي ورهايائين.

”هاڻي ويتر نيئر منهنجو نينهن اُجاري اڇو ڪيو، اڳي هڪڙي ماڻهوءَ سان نينهن هو، هاڻ گهڻن سان ٿي ويو، جيڪي مون سان قيد ۾ گڏ هئا. جدا جدا ذاتين، ٻولين، ڪلچرن ۽ ملڪن وارا ماڻهو. ڪي قيد کان ٻاهر منهنجي مارن جا مارو به هئا. پر سڀني جي هنن ديوارن جي اندر بي ڪسي ڏسي، خود پنهنجي به ڏسي، حيراني پي ٿي. وري سڀني ۾ محبت، ڀائيچارو ۽ هڪٻئي جي لاءِ قرباني، هيءَ ڪهڙو جهان هو؟ آئون ڪٿي اچي نڪتو هوس؟
....خدا تو مونکي ڪٿي اچي پهچايو هو؟ جتي نڪو وير نه وروڌ، نه نفرت نه دشمني، پاڻ هڪٻئي لاءِ محبت ۽ قربان قربان... رڳو انسانيت ۽ محبت انساني.... ٻُڏي ويس سهڻي سان گڏ سير ۾.... سُڪي ٻڏن جي ساهڙ ساڻ تنهنجو....
... اُتي رسالي جو روزانو پيو دور ڪندو هوس... مون ڏٺو ته هنن ڪافين ۾ درد هاڻي گهڻو ڀرجي ويو هو. انهن ٻُڌندڙن کي به شايد اهو درد عشق جاڳائي ويو. جو اهي راڳ ٻُڌندي حسرت سان آهون ڀريندا رهندا هئا. راڳ عشق جي زبان آهي، جنهن سڀني دلين تي اهڙو اثر ڇڏيو هو. وري اهو خدا جي زبان به آهي. جو اوچتو مارئيءَ جو هي ابدي آواز منهنجي ڪن تي ٺڪاءُ ٿيو:
الست بربڪم جڏهن ڪن پيوم،
قالو بلى قلب سين، تڏهن تت چيوم،
تنهين وير ڪيوم، وچن ويڙهيچن سين.
چوڌاري ڏٺم ته اهي ويڙهيچا ڪهڙا هئا؟ اهي بدن به ڪونه هئا جيڪي ٻاهرين دنيا ۾ مون کان الڳ، پر بدن جي قيد ۾ مون سان گڏ هئا.... يقينن اهي ٻيا ڪي هئا. پوءِ ويهي مارئي جو سرچ پڙھيو، پڇاڙيءَ ۾ شاهه چيو: مَ ڪي روء. مَ ڪي رڙ... تو تان بند بدا ٿيا... آئون حيران ٿي ويس. ٻي ڏينهن آزاد ٿي اچي گهر پهتس.” (48)
رسالي جي سُر مارئي کيس اهڙو ته متاثر ڪيو، جو هاڻ ’شاهه جو رسالو‘ ساڻس گڏ رهڻ لڳو. ان جي سُر مارئي مان کيس روح جي راحت ملندي هئي.... ڪتابن جو ته اڳ ۾ ئي ڪيڙو هو. سو دل جي پياس ٻُجهائڻ لاءِ دنيا جي وڏن وڏن اديبن، شاعرن ۽ روحاني ماڻهن جي ڪتابن ۾ رسالي جو تفسير ڳولهڻ لڳو. ان جدوجهد ۾ سڀني تڙن تان ٿورو ٿورو پاڻي پيتائين، نيٺ هڪ ڏينهن تلڪ چاڙهي حيدرآباد، تي پراڻن ڪتابن جي هڪ دوڪان تان جڳ مشهور روسي ليکڪ ليوٽالسٽاءِ جو هڪ انگريزي ڪتاب هٿ چڙهيس، جنهن کي پڙهڻ سان سندس چواڻي:
“ڪتاب پڙهڻ ڇا هو، ڄڻ ته مون کي اُن اَڀري سُر جو ڪو ڏس پتو ملي ويو. هن ۾ حضرت عيسى جي تعليم جو تجزيو ٿيل هو.” (49)
ٽالسٽاءِ جي ڪتاب جو مٿس وڏو اثر ٿيو ۽ پوءِ پاڻ بائبل جو مطالعو به ڪيائين ۽ ان سان گڏ بائبل جون ڪيتريون تشريحون به پڙهيون. سندس چواڻي، “حضرت عيسى عليه السلام جي تعليم منهنجون اکيون کوليون ته واقع انساني محبت ئي وڏي شئي آهي، ٻيو سڀ ڌوڙ.” (50)
حضرت عيسى جي ان تعليم جي روشني ۾ پاڻ شاهه جي رسالي جو مطالعو ڪرڻ لڳو:
“پوءِ رسالي کي ان معنى ۾ پڙهيم ته رڳو محبت ئي محبت هو. انسان جي لاءِ، خدا جي لاءِ، وري خدا رستي انسان جي لاءِ، مارئي هڪ اهڙو روح هو، جنهن سڀني روحن کي سڏ ٿي ڪيو انهيءَ محبت لاءِ! سندس پهرينءَ بيت ۾ وري خدا سان الست جو اهڙو وچن ڪرڻون هو. سندس سڀني مارن سان خدا جي هن ملير ۾.” (51)
شاهه جي رسالي جي مطالعي مٿس ايترو ته اثر ڪيو، جو هن ان کي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري شاهه جي تعليم کي دنيا مٿي پڌرو ڪيو. شاهه جي پيغام جو اهو اثر ڪا نئين ڳالهه نه هئي. سنڌين ته پنهنجي جاءِ تي، پر شاهه کي جنهن ڌارينءَ پڙهيو، اهو به سندس پيغام جي مُند ۾ منڊجي ويو.
شاهه جي رسالي کي پهريون ڀيرو ڇاپي جي صورت ۾ جرمن عالم ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ آندو. جنهن 1866ع ۾ جرمني جي شهر “لپزگ” مان اهو وڏي اهتمام سان شايع ڪرايو. ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ عيسائي مشنري هو، پر هن سنڌ تي وڏو احسان ڪيو.
ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ کان پوءِ جرمنيءَ سان ئي واسطو رکندڙ خاتون ايلسا قاضيءَ شاهه سائين جي ڇهه سؤ بيتن جو انگريزيءَ ۾ منظوم ترجمو ڪيو. جيڪو 1965ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران Risalo of Shah Abdul latif (selected peoms) جي نالي سان شايع ٿيو. اهڙي طرح شاهه جي رسالي جا ڪيترائي انگريزيءَ ۾ ترجما ٿيا آهن جن ۾ ”جي الانا“ پاران چونڊ بيتن جو ترجمو جيڪو سندس ڪتاب: Four classical peots of Sindh ۾شامل آهي. ان کانسواءِ جي الانا جو ٻيو ڪتاب: Selection from Risalo پڻ ڇپيل آهي. ان کانسواءِ امينه خميساڻي، آغا محمد يعقوب، آغا سليم ۽ ٻين پڻ شاهه جي رسالي کي انگريزيءَ ۾ آندو آهي. پر ڇاڪاڻ ته پنهنجو موضوع شاهه جي رسالي جا ترجما ڪونهي، تنهنڪري پاڻ ان موضوع تي وڌيڪ لکڻ جي بدران اڳتي ٿا وڌون.
عبدالغفور ميمڻ کي ننڍي هوندي کان ئي شاهه جي رسالي کي انگريزيءَ ۾ ترجمون ڪرڻ جو شوق هو، سندس چواڻي:
“ننڍي هوندي جو خواب هو ته ”شاهه جو رسالو“ انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪريان.” (52)
پوءِ عبدالغفور شاهه جي رسالي کي انگريزي ۾ ترجمو ڪرڻ شروع ڪيو ۽ لڳاتار ست سال اهو ترجمو ڪندو رهيو جيڪو 1986ع ۾ Celescial Sunrise from Sindh [سنڌ مان بهشتي سوجهرو]جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. پاڻ ان رسالي جي مهورت به عجيب نموني ڪرايائين. 16 سيپٽمبر 1986ع تي، جيڪو عالمي امن جو ڏينهن به آهي. ڀٽ شاهه تي وڃي دوستن سان گڏ امن مارچ ڪري، ان جي پهرين ڪاپي وڃي لطيف سرڪار جي سري کان نظر ڪيائين. ان مارچ ۾ ساڻس گڏ ڪيترائي دوست شامل هئا، جن ۾ راقم الحروف به شامل هو.
هڪ انٽرويو ۾ جڏهن کانئس ان جو باقاعده مهورت نه ڪرائڻ جو سبب پڇيو ويو ته وراڻيائين: ”ڪنهن کان (مهورت) ڪرايان ها! هڪ آمر (جنرل ضياءَ الحق) جي حڪومت هئي ۽ وزير اعظم ان وقت وري ان آمر جو ترجمو (محمد خان جوڻيجو) هو. سو، شاهه جي رسالي جو ڪنهن آمر کان افتتاح ڪرايان ها؟ اهو ته ائين هو ڄڻ اونداهيءَ کان روشني جو افتتاح ڪرائڻ يا تلوار کان قلم جو. (53)
هن جو خيال هو ته شاهه جي رسالي جي سندس ان ترجمي جي مهورت پاڪستان جي وزير اعظم کان گهٽ ڪو ماڻهو نه ڪري. ٻن سالن کان پوءِ جڏهن محترمه بينظير ڀٽو اقتدار ۾ آئي ته ان کان به نه ڪرايائين، ان جو سبب بيان ڪندي ساڳئي انٽرويوءَ ۾ چيائين:
”اها عهدو سنڀالڻ کان پوءِ پاڪستان جي سڀني ولين جي درگان تي پهرين سلام تي ويئي، پر شاهه جي درگاهه تي رڳو ميلي وقت آئي ۽ تمام دير سان. ان ڪر ان جي شاهه سان محبت سمجهي ويس. ان هوندي به کيس لکيم ۽ چورايم، پر شاهه جي تعليم سندس تازو ٿيل سياسي معاهدي جي ابتڙ هئي، ڪو جواب ئي نه ڏنائين.” (54)
رسالي جي مٿان پاڻ مترجم طور نالو “عبدالغفور آوَ دڙو” لڳايو ۽ اهو سڄو ايڊيشن دوڪانن تي وڪري لاءِ رکڻ جي بدران سڄي جو سڄو هزار ڪاپيون سنڌ، پاڪستان توڙي سڄي دنيا ۾ تحفو ڪري موڪلي ڏنو. رسالي جي پهرينءَ صفحي تي انگريزيءَ ۾ لکيل هو ته: ”هي ڪتاب عام وڪري لاءِ ڪونهي، پر سنڌ جون لئبرريون اهو ڪتاب ٽي سؤ روپيا ڏيئي خريد ڪري سگهن ٿيون.“
اُن ئي صفحي تي لکيل باقي عبارت به دلچسپ هئي:
”آستان لطيف ويلفيئر هائوس پاران هيءَ ڪتاب اوهان جهڙن پيارن کي سوکڙي طور ڏيڻ جي لاءِ آهي ته جيئن پاڻ پڙهي، وري پاڻ جهڙي ڪنهن ٻئي شخص کي پڙهڻ جي لاءِ ڏيو ۽ ائين هي ڪتاب سڄي دنيا ۾ ماڻهن کي پڙهڻ جي لاءِ ملندو (هي جنهن به شخص کي هي ڪتاب ملي ته مهرباني ڪري پاڻ وٽ گهڻو وقت نه رکي ۽ ٻين جي حوالي ڪري ڇڏي. جو اها اوهان جي هٿن ۾ انسانذات جي امانت آهي.) اُن ئي صفحي تي“ عبدالغفور آوَ دڙو جي صحيح سان اها آڇ ٿيل هئي ته ڪوبه مرد يا عورت هيءَ ڪتاب ڇپرائڻ ۽ ورهائڻ چاهي ته هڪ سؤ روپين جي اگهه سان هڪ سؤ ڪاپين جو آرڊر ڏيئي. اهڙي شخص جي تصوير به هن ڪتاب ۾ ڇاپي ويندي. ڪتاب ۾ شاهه 786 بيتن جو ترجمو ۽ سندس حياتي جو احوال شامل هو، جيڪو امن جي عالمي سال 1985ع ۾ سنڌي ٻولي جي محسن ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جي سؤ ساله ورسي (جنم 1828 ۽ وفات 1885ع) جي مناسبت سان ڇپرايو ويو هو. ارنيسٽ ٽرمپ جي باري ۾ پاڻ مٿي لکي آيا آهيون ته هن “شاهه جو رسالو” 1866ع ۾ لپزگ (جرمني) مان ڇپرائي پڌرو ڪيو هو. رسالي جي ٽائيٽل تي ڪتاب جو نالو: Celestial sunrise from sindh ۽ پوءِ ان جي هيٺيان هي بيت لکيل هو:

What you think to be verses
Are celestial signs of love
The will make your heart move
In the direction of love.
[جي توبيت ڀانئيان، سي آيتون آهن
نيون من لائين، پريان سَندي پار ڏي]

ڪتاب جي اندرينءَ صفحي تي شاهه لطيف جي امن جي آفاقي پيغام “سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار، دوست مِٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.” جو ترجمو ڏنل آهي.

My sir! Bring ever to Sindh
They plenty and Faison
O Thou!, all love, all Benison
Flourish all countries of world

جيتوڻيڪ، ’عبدالغفور آوَ دڙو‘ کي “شاهه جي رسالي” جي ان ترجمي تي ڪا وڏي مڃتا ۽ پذيرائي نه ملي سگهي، پر پوءِ به هو پنهنجي ان ڪم تي خوش ۽ مطمئن رهيو. 1986ع کان پوءِ ان رسالي جا ٻه ڇاپا ٻيا به ڇپيا، پر اهي به وڪري جي لاءِ مارڪيٽ ۾ ڏنا ويا.
جيئن قومي تحريڪ ۽ سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ عبدالغفور ميمڻ کي سدائين نظر انداز ڪيو ويو آهي، تيئن شاهه جي رسالي جي ترجمن بابت لکندي به عبدالغفور ميمڻ جي اُن ترجمي جو ذڪر شعوري يا لاشعوري نٿو ڪيو وڃي. جيئن ٽه ماهي مهراڻ جي اشاعت 3-4 /1994ع ۾ محترمه ماهتاب اڪبر راشديءَ پنهنجي مضمون “شاهه جي ڪلام جا ترجما” ۾ عبدالغفور آوَ دڙو جي ترجمي Celestial Sunrise from Sindh [سنڌ مان بهشتي سوجهرو] جو ذڪر نه ڪيو آهي.يا سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري جي جرنل سنڌي ٻوليءَ جي شماري ڏهين جون 1917ع ۾ ڇپيل محمد حبيب سنائي جي مضمون ”شاهه لطيف جي شاعري جي چونڊ انگريزي ترجمي جو مختصر جائزو“ ۾ ليکڪ عبدالغفور الستي جي ترجمي جو جائزو وٺڻ بدران امينه خميساڻي جو اهو حوالو ڏيئي اڳتي وڌي ٿو وڃي عبدالغفور الستي وارو ترجمو ڪافي محنت طلب ڪم هو، پر غلط انگريزي جي استعمال ڪري اهو اثرائتو نه رهيو، اصولي طور تي سنائي صاحب کي خود ئي ترجمي تي نظر ڦيرائي پنهنجي راءِ ڏيڻ گهرجي ها، پر شايد حبيب سنائي صاحب کي ڪو تعصب هو، يا سندس پنهنجي انگريزي ايڏي سٺي نه آهي جو الستي جي ترجمي جو جائزو وٺي سگهي.

عالمي امن جي تحريڪ ۽ الستي

6- آگست 1945ع جي ڏينهن دنيا هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي. جنهن کي “ائٽمي دور” چيو وڃي ٿو. ان ڏينهن آمريڪا پهريون ڀيرو جاپان جي شهر “هيرو شيما” تي بم ڪيرايو. آمريڪا دنيا جو پهريون ملڪ آهي، جنهن ائٽم بم ٺاهڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ استعمال به ڪيو. آمريڪا پنهنجي ائٽمي پروگرام جي شروعات 21 آڪٽوبر 1939ع ۾ ڪئي. آمريڪا هيستائين هڪ هزار 54 ائٽمي تجربا ڪري چڪو آهي. آمريڪا “مئن هٽ پروجيڪٽ” تحت ائٽم بم تيار ڪيا. ان پروگرام جي شروعات آئن اسٽائن ۽ هڪ ٻي آمريڪي سائنسدان ڪئي.
ٻي مهاڀاري لڙائي ۾ جرمنيءَ جي شڪست کان پوءِ جاپان کان هٿيار ڦٽا ڪرائڻ لاءِ ھئي 1945ع جي ڏهين ۽ يارهين تاريخ تي آمريڪا ۾ Los Alamos ۾ ٽارگيٽ ڪميٽيءَ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ائٽم بم جي حملي لاءِ جاپان جا ڪيترائي شهر ويچار هيٺ آيا. آخر ڪيوٽو، هيروشميا، ناگاساڪي، يوڪوهاما ۽ ڪوڪورا جي شهرن کي نشانو بنائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ڪيوٽو کي پوءِ اُن فهرست مان خارج ڪيو ويو.
هيروشيما جي چونڊ ان ڪري ڪئي ويئي ته اهو شهر ٻي مهاڀاري جنگ جي دوران صنعت جو اهم مرڪز هو ۽ جاپاني فوج کي لاجسٽڪ سپورٽ مهيا ڪندو هو. اهو اڪيلو شهر هو جتي جنگي قيدين جون ڪئمپون نه هيون. تنهنڪري آمريڪا اُن شهر کي پهريون نشانو قرار ڏنو. ائٽمي حملي وقت ان شهر ۾ ٻه لک 55 هزار ماڻهو رهندا هئا.
آمريڪا جو جهاز Enola gay-B29 آمريڪا جي “تيات مين” هوائي اڏي تان اڏام ڪري “هيروشيما” پهتو ۽ صبح جو سوا اٺين بجي هيروشيما تي “لٽل بواءِ” جي نالي وارو بم 600 فوٽن جي مٿاهينءَ تان ڪيرايو، جنهن جي ڌماڪي جي سگهه 13 ڪلو ٽن هئي. ان حملي جي نتيجي ۾ ستر کان اسي هزار ماڻهو اُڦٽ مري ويا. ٻيو بم 9 آگسٽ تي ناگاساڪيءَ تي ڪيرايو ويو. جنهن جو نالو “فيٽ مين” هو. ڏينهن جو يارهين بجي ڌاري ڪيرايل ان بم جو وزن 6.1 ڪلو گرام هو. ان جي ڌماڪي جي شدت 21 ڪلو ٽن هئي. ان وقت ناگاساڪيءَ جي آبادي ٻه لک 41 هزار هئي.. جنهن مان ستر هزار ماڻهو اُڦٽ مري ويا ۽ سٺ هزار زخمي ٿي پيا.
ائٽم بم کان پوءِ ان ائٽمي ڊوڙ جي نتيجي ۾ اڃا به خطرناڪ بم جهڙوڪ هائڊروجن بم ۽ نائٽروجن بم ٺاهيا ويا ۽ انسان پنهنجي تباهي ۽ برباديءَ جو سامان خود ئي ڪندو رهيو. انسان جي ان عمل جو شاعر ”ارشاد ساگر“ پنهنجي هڪ بيت ۾ هيئن نقشو چٽيو آهي:
ڀوميءَ تي بارود جا، ڀُڻن ٿا ڀُڻاٽ،
قومن کي ڪروز آ، لکيو منجهه للاٽ،
ڇپرن ڇڻاٽ، ڪَن ٻڌندا ڪَل جا.
آمريڪا کان پوءِ روس، چين، فرانس ۽ برطانيا ائٽمي قوت بڻيا. 1974ع ۾ هندستان به ائٽمي ڌماڪو ڪيو ۽ وري 1998ع ۾ ائٽمي ڌماڪا ڪيا. جنهن جي جواب ۾ 29 مئي 1998ع تي پاڪستان به بلوچستان جي چاغيءَ واري علائقي ۾ ڌماڪا ڪيا. تنهن کان پوءِ اُتر ڪوريا ائٽمي ڌماڪا ڪيا. اهي ملڪ اعلانيه ائٽمي طاقتون آهن. اسرائيل وٽ به ائٽمي هٿيار هئڻ جا ثبوت آهن. ايران ۽ برازيل اُن پنڌ ۾ آهن.
آمريڪا پاران جاپان جي ٻن شهرن تي ائٽم بمن جي استعمال ۽ انهن جي تباهه ڪارين کي ڏسي، سڄي دنيا جي باشعور ۽ انسانيت سان همدردي رکندڙ ماڻهن انهن تباهه ڪندڙ هٿيارن جي ٺاهڻ جي خلاف پنهنجي جدوجهد شروع ڪئي. جيتوڻيڪ انهن جدوجهد جا مرڪز يورپ ۽ جاپان آهن، پر سڄي دنيا جا باشعور ماڻهو پاڻ کي ان جدوجهد سان سلهاڙيندا رهيا. عملي جدوجهد کان سواءِ ائٽمي تباهيءَ جي حوالي سان سڄي دنيا ۾ تمام گهڻو ادب لکجي چڪو آهي، جيئن انسانذات ۾ انهن هٿيارن جي خلاف جاڳرتا پيدا ٿئي.
سنڌ سدائين امن جي ڌرتي ۽ شاهه لطيف جي فلسفي ”سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار“ جي قائل رهي آهي. سنڌ به وقت بوقت ان آواز ۾ پنهنجو آواز ملايو ويو آهي ۽ عالمي امن تحريڪ جي حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پنجاهه واري ڏاڪي ۾ سڄي دنيا جيان سنڌ ۾ به ائٽم بم ۽ جنگ جي خلاف زوردار نموني امن جي عالمي اپيل تي صحيحن جي مهم ۾ تمام گهڻن ماڻهن حصو ورتو. ان کانسواءِ عالمي امن ۽ ائٽمي هٿيارن جي حوالي سان سنڌ جي ڪيترن ئي اديبن پنهنجا شعر ۽ ڪهاڻيون سرجيون، ڪافي سال اڳ مرحوم عبدالله مگسي “عالمي امن تحريڪ ۽ سنڌ” جي عنوان سان هڪ مقالو ڪتابي صورت ۾ ڇپرايو، جنهن ۾ ائٽمي هٿيارن ۽ امن جي حوالي سان سنڌيءَ ۾ لکيل لکڻين جو جائزو ورتو ويو آهي. البت اهو ضرور آهي ته عملي ميدان ۾ ان جنونيت جي خلاف ڪو سگهارو آواز اُڀري نه سگهيو آهي.
عبدالغفور ميمڻ به پاڻ کي ان هلچل کان ٻاهر نه رکيو. 1974ع ۾ جڏهن هندستان ائٽمي ڌماڪو ڪيو ته پاڻ ”ملير ڊائجسٽ“ جي 1974ع واري پرچي ۾ “اهنسا جا پوڄاري يا ڇهان عزرائيل” جي سري سان ان عمل جي خلاف ايڊيٽوريل لکيائين جنهن ۾ لکي ٿو:

“اهنسا جا پوڄاري لِڪي لِڪي ائٽم بم ٺاهي رهيا آهن، جيڪو هاڻ ٺاهي ورتو اٿن ۽ اڳيئي دنيا جا پنج ملڪ انسان ذات کي پنهنجا خون خوار ائٽمي ڏند ڏيکاري رهيا هئا. وري ڇهون مُلڪ به پُڇ لٽڪائي ڏند شيڪي اچي انهن سان گڏ بيٺو آهي.
خدا ڄاڻي انسانذات جو ڪهڙو حشر ٿيندو؟ پنهنجي اُن آڳ ۾ پاڻ جلندي يا ڪي هوشمند انسان ان کي بچائي ويندا. پر ائٽمي هٿيارن جي خلاف جيڪا ڊوڙ ڏسجي ٿي، ان سڄي دنيا جي انسانيت کي هڪ دفعو وري ڏڪائي ڇڏيو آهي. جڏهن به ڪو دنيا جو ملڪ ائٽمي تلوار لهرائي ميدان ۾ اچي ٿو ته دنيا جون مائرون پنهنجن ٻارن کي گوڏن ڏي ڇڪين ٿيون ۽ دنيا جا پيئر آسمان ڏي رحم لاءِ واجهائين ٿا. ناگاساڪي ۽ هيروشيما ڪنهن کان وسريا آهن؟ آهه! اهي لکن انسانن جون ٻرندڙ بٺيون جنهن ۾ بني نوع انسان جا ٻه عظيم شهر سڙي رک جو ڍير ٿي ويا. هوا کي آسمان تائين باهه لڳي ويئي ۽ پاڻي ٽن سؤ فوٽن جي بلنديءَ تائين ٽهڪي اُٿيو. بچائي يا خدا! بني نوح انسان کي اُن هولناڪ عذاب کان بچائي. ان دردناڪ موت کان بچائي.
اهو اهنسا آهي يا هنسا آهي؟ ڇا اهو امن آهي يا جنگ آهي؟ ڇا اهو رکوالو آهي يا هتيا آهي؟ ائٽم بم، جنهن سان ماڻهو مرن ٿا ٻيا انسان مرندا، پر ڀارت جا جيئندا؟
تو ڪڏهن ڪو ائين سوچيو ته تون انسان ذات لاءِ ڇهون عزرائيل ٿي آئي آهين؟ ڪير چوندو توکي ته ڌرتي ماتا جي ديالو ڌيءَ آهين. توکي ته ڪالي ديوي ڪري سڏيندا؟ ڪالي ديوي، جنهن جي ڳچيءَ ۾ لکين انساني کوپڙيون لٽڪنديون هونديون.” (55)

31 ڊسمبر 1986ع تي عبدالغفور ميمڻ ۽ بئريسٽر مظهر ايس قاضي ڀٽ شاهه جي سرزمين تي امن مارچ ڪري Society of world peace (امن پوکيو، Sow peace) جي نالي سان تنظيم جو بنياد رکيو ۽ اهڙو سڏ اخبارن ۾ به ڏنو. ان مارچ ۾ ڪجهه ٻيا سنڌي ساڃهه وند به ڀٽ شاهه ۾ اچي ساڻن گڏيا. جن ۾ محترم محمد ابراهيم جويو، محترم مدد علي سنڌي ۽ محترم يوسف لغاري شامل آهن. بئريسٽر مظر ايس قاضي ۽ عبدالغفور ميمڻ پوءِ قلمي توڙي علمي، عالمي امن جي ان واٽ جا پانڌيئڙا ٿي رهيا. 10 آگسٽ 1988ع تي بئريسٽر مظهر ايس قاضي جي وفات کان پوءِ Sow Peace فقيرعبدالغفور الستي ئي هلائي ۽ هر سال ڀٽ شاهه تي 6 آگسٽ تي دوستن سان گڏ امن مارچ ڪندو هو.
اهو امن مارچ نيشنل هاءِ وي کان وٺي ڀٽ شاهه تائين اڇا جهنڊا ۽ بينر کڻي ڪندو هو. کيس اُن ڳالهه جي قطعي پرواهه نه هوندي هئي ته سندس ان مارچ جي خبر اخبارون يا اليڪٽرانڪ ميڊيا ڏي ٿي يا نه؟ جيتوڻيڪ پاڻ هر سال ڪيترن ئي فردن، ادارن ۽ اخبارن کي ان مارچ جي دعوت خط ذريعي موڪليندو هئو ۽ اخبارن کي امن جي اهميت جي باري ۾ مضمون لکي ڇپڻ لاءِ پڻ موڪليندو هئو. سندس پاران پهرين آگسٽ 2003ع تي موڪليل دعوت نامي ۽ دعا جو متن هن ڪتاب جي آخر ۾ ضميمي طور ڏنو ويو آهي، اهڙو ئي هڪ مضمون روزاني “هلال پاڪستان” ڪراچي ۾ “اڳي پوءِ مران، مر مران مارڳ ۾” جي عنوان سان ڇپيو، جنهن جي پڇاڙي هنن لفظن سان ڪيائين:
“هاڻي دنيا جو عوام گهڻو بيدار ٿي ويو آهي، جتي ڪٿي ائٽمي هٿيارن خلاف آواز پيو بلند ٿئي، پر اسين ڇو پاڪستان ۽ هندستان وارا ٻرن ۾ لڪا ويٺا آهيون ۽ کلم کلا ائٽمي هٿيار جي مخالفت ڪونه ٿا ڪريون، خاص ڪري سنڌ وارا، سنڌي جن کي دنيا کي امن ۽ محبت جو پيغام ڏيڻون هو، خاموش تماشائي ويٺا آهيون، هڪڙي ئي ماڻهوءَ کي پيا ٻُڌون ۽ ڏسون ته هر سال 6 آگسٽ تي ڀٽ شاهه وڃي امن مارچ ڪندو آهي، ائٽمي هٿيارن جي خلاف احتجاج ڪندو آهي. شاهه جي روضي تي اچي دنيا تان ائٽمي هٿيارن کي ختم ڪرڻ ۽ امن آڻڻ لاءِ دعا گهرندو آهي. اهو ماڻهو آئون آهيان، جيڪو ويهن سالن کان ائين ڪندو آهي/آهيان، پر ان ڏينهن سڄي سنڌ کي سڏ ڏيڻ جي باوجود ڪير به اچي مون سان اُن مارچ يا دعا ۾ شريڪ نه ٿيندو آهي. ڪڏهن ڪو ٽي ڪروڙ سنڌي عوام مان هڪڙو اڌ ڀلجي آيو ته آيو، نه ته خير. ٽن ميلن جو اهو فاصلو نيشنل هاءِ وي کان ڀٽ شاهه تائين اڪيلو پنڌ ڪندو آهيان. ڳالهائڻ وارو به نه هوندو آهي. پوڙهو به آهيان. بيمار به هوندو آهيان، پر پنهنجي اها ڪرت جاري رکيو اچان. ڇاڪاڻ ته ڪير نه چوي ته سنڌ جي امن جي تاريخي ڌرتيءَ تان هڪڙو ماڻهو به نه نڪتو، جيڪو هن واري ڏينهن تي جيڪو اسان ذات جي مٿان آيو، عملي طور احتجاج ڪري. هاڻي هن مضمون جي ذريعي سڀني کي سڏ ٿو ڏيان ته مهرباني ڪري هن مارچ ۽ امن جي دعا ۾ مون سان اچي شريڪ ٿيو. مري ته هونئن سڀ وينداسين. ائٽم رستي يا هونئن ئي. پر ڇو نه ائين مرون، جيڪو خدا جو رستو، هن جي طفيل زندگيءَ جو رستو هجي، انسانذات جي ڀلائيءَ جو رستو هجي. چئين بجي شام جو ڀٽ شاهه روڊ تي ايندو آهيان. اچو ته اُتان کان گڏجي امن مارچ ڪريون ۽ دنيا ۾ امن ۽ ائٽم بم ختم ڪرڻ لاءِ ڀٽ شاهه جي درگاهه تي دعا گهرون.”(56)
فقير عبدالغفور الستي، هر سال ڀٽ شاهه تي اهو جيڪو امن مارچ ڪندو هو، ان ۾ پوين سالن ۾ ساڻس محترم محمد ابراهيم جويو ۽ الست تنظيم جا ورڪر ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون به اچي شريڪ ٿيندا هئا. اهڙي ئي هڪ امن مارچ 6 آگسٽ 2006ع تي مون به پنهنجن ڪجهه دوستن سان شرڪت ڪئي. ان مارچ دوران محترم محمد ابراهيم جويو جو هڪ مضمون ”امن جي جنگ، انسان جي بقا“ اٺن صفحن جي ڪتابڙي جي صورت ۾ ڇپرائي ورهايو ويو. مون ان مارچ جي رپورٽ روزاني ”خبرون“ جي 13 آگسٽ 2006ع واري اشاعت ۾ “عالمي امن تحريڪ ۽ سنڌ” جي عنوان سان لکي ڇپرائي، ان رپورٽ/مضمون جو هڪ پئراگراف هن ريت آهي:
“هن سال ڇهين آگسٽ تي آئون ۽ ڪجهه ٻيا دوست ضراب حيدر، اصغر گگو، رشيد آزاد ۽ ساجد ڀنگوار به ان امن مارچ ۾ ساڻس وڃي گڏياسين. اهو مارچ نئشنل هاءِ وي کان شروع ٿيو ۽ هلڪي بوندابانديءَ ۾ وڃي شاهه سائينءَ جي درگاهه جي اڱڻ ۾ ختم ٿيو. درگاهه جي حاضري ڀرڻ کان پوءِ اڱڻ ۾ دعا گهري ويئي، جيڪا درگاهه جي گادي نشين جي فرزند سيد وقار حسين شاهه گهري. اُن دعا ۾ اسان دوستن سان گڏ سائين محمد ابراهيم جويو، چاچا انجنيئر نذير ميمڻ، ارباب عزم (جيڪو هر سال ڀٽ شاهه تي ميزباني جا فرض ادا ڪندو اهي) ۽ عام زائرين به شريڪ ٿيا.
امن مارچ جي دوران والنٽيڙن جي ھٿڻ ۾ جيڪي بئنر کنيل ھئا، انهن مان ڪن تي ھيٺيان نعرا لکيل ھئا.
(1) Say every solder on earth farewell to arms.
(2) Remember atom boms on Hiroshima and Naga Saki, every man and woman on earth.
(3) امن زنده باد.
بظاهر ته اهو هڪ ننڍو عمل يا واقعو آهي، فقيراڻي لڏي جو فقيراڻو عمل، جن جو ايمان آهي ته اڳتي هلي سنڌ کي عالمي، امن ۽ روحانيت جي رهبري ڪرڻي آهي (جيئن سائين جي. ايم. سيد به لکيو آهي)، پر حقيقت ۾ اهو هڪ اهم قدم/ڪم آهي. ڇاڪاڻ ته اسان سنڌين کي به امن جي حوالي سان “عالمي امن تحريڪ” کان ڌار رهڻ نه گهرجي ۽ ان سان سلهاڙجڻ گهرجي. عالمي امن جي اها تحريڪ هر وقت جاري رهڻ گهرجي، جيستائين هن دنيا مان سڀني ائٽمي هٿيارن جو خاتمو نٿو ڪيو وڃي ۽ دنيا سک، سلامتي ۽ امن جو گهوارو نٿي بڻجي.” (57)
ڀٽ شاهه تي هر سال امن مارچ ڪرڻ کانسواءِ فقير الستي، امن ڪانفرنسن ۾ به ڀرپور حصو وٺندو هو. ڪراچيءَ ۾ 24 نومبر کان 26 نومبر 2000 تائين ٿيل ڪانفرنس Pen for peace ۾ پاڻ نه رڳو سرگرميءَ سان حصو ورتائين، پر انگريزي ۾ پنهنجو نظم به پڙهيائين، جنهن سامعين تي ڏاڍو سٺو اثر ڇڏيو.

سنڌ جي تعليم ۽ الستي

فقيرعبدالغفور الستيءَ کي سنڌ جي تعليم جو سدائين اونو رهيو. اها ته ڪافي پوءِ جي ڳالهه آهي جڏهن پاڻ الست تنظيم ٺاهي، ان جي پليٽ فارم تان نياڻين جي تعليم واسطي پاڻ پتوڙڻ ۽ عملي ميدان ۾ اسڪول کولي ڪم ڪرڻ لڳو. پر اُن کان اڳ پاڻ جڏهن ”ملير ڊائجسٽ“ ڪڍندو هو ته ان ۾ به سنڌ جي پرائمري تعليم جي ٻڏل ٻيڙيءَ کي ڪنهن ڪنديءَ سان لڳائڻ لاءِ ان وقت سنڌ جي تعليم واري وزير در محمد اوستي کي مخاطب ٿي “سنڌي تعليم يا تقدير... جناب در محمد اوستا هي ڇا؟” جي عنوان ان هڪ زوردار ايڊيٽوريل لکيو. ان ايڊيٽوريل ۾ سنڌ جي تعليم واري وزير تي، سنڌ ۾ تعليم جي تباهيءَ جي حوالي سان وڏي جُلهه ڪئي اٿس ۽ تعليم جي سڌاري لاءِ رٿون به ڏنيون اٿس. ايڊيٽوريل پڙهڻ سان خبر پوي ٿي ته پاڻ اهو بنا ڪنهن مصلحت جي لکيو اٿس. پاڻ ان ۾ تعليم واري صوبائي وزير در محمد اوستي کي مخاطب ٿي لکيو اٿس.

”توهان سنڌ جا وزير تعليم آهيو. اسان پنهنجن ايندڙ نسلن جي قسمت اوهان جي هٿن ۾ ڏني آهي. توهان کي خبر هوندي ته ڪنهن به قوم جي قسمت اُن جي تعليم ئي هوندي آهي. جيڪڏهن ان ۾ تعليم وڌندي رهندي آهي ته اڳتي هلي هوءَ ترقي ڪري سگهندي آهي، نه ته تباهه ٿي ويندي آهي.
... سوا سالن کن جو عرصو توهان وزير تعليم ٿي رهيا آهيو. توهان گهڻو ڪراچي جي رنگا رنگي تعليم ۾ گذاريو آهي يا ڪڏهن ڪڏهن سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن کي به پنهنجي ديدار جي دعوت ڏني اٿوَ... پر ڪڏهن به اوهان سنڌ جي ٻهراڙين ۾ نه لٿا آهيو، جتي سنڌ جي تعليم توهان جي ديدار جي لاءِ تڙپي رهي آهي، پر ديدار کي به کڻي ڇڏيو. اهو مهانگو آهي ته گهٽ ۾ گهٽ ايڏي ساري عرصي ۾ پنهنجي وزارتي محل جي جهروڪن مان ئي سَهي سنڌي تعليم تي ڪا ڪرم نظر فرمائي اٿوَ.... افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اوهان ائين نه ڪيو آهي.” (58)
ان تمهيد کانپوءِ سنڌ جي ٻهراڙين ۾ تعليم جي تباھه حالي ۽ سڌاري جو ذڪر ڪندي لکي ٿو:
“...گذريل سال سنڌي تعليم ۾ هڪ اهڙو ته زبردست حادثو رونما ٿيو آهي. جنهن جهڙو دنيا جي سڄي تعليمي تاريخ ۾ ڪڏهن به ڪونه ٿيو. ڪٿي به ڪونه ٿيو. ڪهڙي ملڪ ۾ به نه! هي اهڙو طبعي حادثو ڪونه هو. جنهن ۾ شور غل ٿين ۽ ماڻهو مرن، پر هي هڪ اهڙو غير طبعي حادثو هو، جنهن ۾ موت جهڙيون خاموشيون هجن ۽ قومون مرن!
.... جناب اوستا صاحب!... ٻُڌ... تعليم کاتي جون سڀ تباهه ڪاريون اوهين به ٻُڌو... منهنجي اٻوجهه قوم جا هڪ ڪروڙ ماڻهو به ٻُڌو!
31 مئي 1973ع تائين سنڌ ۾ جيڪو تعليمي سال ٿي گذريو، اهو سڄو سال سنڌ جي ٻهراڙين جا هزارين پرائمري اسڪول بلڪل بند رهيا. انهن مان نوي سيڪڙو ته سڄي سال ۾ هڪ ڏينهن به نه کُليا ۽ ٻيا کليا ته رڳو مهينو يا اڌ، اُستاد صاحبن انهن ۾ هڪ لفظ به نه پڙهايو ۽ نه پڙهائڻ جي لاءِ آيا. لکين سنڌي ٻارڙا هڪ اکر به پڙهي نه سگهيا، پر پوءِ امتحان ٿي گذريا، جيڪي اسڪولن ۾ به ڪونه ٿيا، پر ماسترن، بيٽ آفيسرن جي اوطاقن ۽ آفيسن ۾ ٿيا. ڪٿي ڪٿي هوٽلن ۾ به ٿيا. جتي به اُهي امتحان ٿيا، اهي ٻارڙن کي گهرُائي نه ڪيا ويا، پر ڪاغذن تي ڪيا ويا. هزارن، لکن ۽ ڪروڙن جون رشوتون هليون. ڪوڙيون رزلٽ شيٽون ٺهيون. سڀ مشيني صحيحون ٿيون. ٻارن کي درجا ٽپايا ويا ۽ سڀ تعليمي آفيسر ۽ استاد پوءِ گهرن ۾ وڃي آرامي ٿيا ۽ هينئر وئڪيشن ٿي آهي. هيڏو سارو انڌير هن قوم سان ٿيو ۽ ڪنهن اُف به نه ڪئي! هڪ ڪروڙ ماڻهن کي هڪ سال لاءِ ننڊ جون گوريون ڏنيون ويون، ڪنهن کي خبر به نه پئي!
اوستا صاحب! ڇا اهو ڪنهن قوم لاءِ وڏي ۾ وڏو قومي حادثو ڪونهي، جو ان جو هڪ پوري جو پورو نسل هڪ سال لاءِ اڻ پڙهيل رهجي وڃي. جاهل رهجي وڃي، ڄٽ رهجي وڃي؟ جواب ڏي؟ جناب اعلى! جواب ڏي ته هي ڇا ٿيو؟ ڇو ٿيو؟ (59)
ايڊيٽوريل جي آخر ۾ “سنڌ جي وڏي وزير کي هڪ عرض، هڪ التجا” ڪندي لکيو ويو آهي:
“سائين توهان جڏهن مهينو ڏيڊ سنڌ کان ٻاهر هئا، تڏهن ئي اسان سان هي تعليمي الميو ٿي گذريو. سنڌي پرائمري اسڪولن جا امتحان ڪيا ويا. جيڪي دراصل اُمتحان ڪونه هئا، پر سنڌ جي نئين نسل جا نيلام هئا. انهن نيلامن ۾ تعليم کاتي وارن رشوتن جون بازارون لڳايون ۽ سنڌي قوم جي ٻارڙن تان پئسا ڪمايا... دنيا جي هر ملڪ ۾ انتظاميا اندر رشوتون هلن ٿيون. پاڪستان ۽ سنڌ به انهيءَ لعنت کان بچيل ڪونهي. پر سنڌ جهڙي اها رشوت دنيا ۾ واحد ۽ انوکي آهي، جنهن ۾ سنڌي استاد خوشي خوشي پنهنجي هٿن سان رشوتون ڏين ٿا ته سنڌي ٻارڙن کي پڙهائڻ کان ڇُٽل هجن ۽ آفيسر زوري رشوتون وٺن ٿا. انهيءَ لاءِ ته استاد ڀلي ائين ڪن ۽ ضرور ائين ڪن، جيئن کين پئسا ملن. سڄي دنيا ۾ فقط پنهنجو هي پيارو ملڪ ۽ وطن سنڌ ئي آهي، جنهن ۾ اهو عجيب تماشو آهي ته سنڌي قوم رشوت ڏيئي يا وٺي پنهنجي هٿن سان پاڻ پنهنجي لاءِ قبر کوٽي رهي آهي.
سائين! سنڌ جي هڪ ڪروڙ ماڻهن جون توهان سان محبتون آهن. جيڪڏهن انهن کي سندن مُحبتن جو ڪو بدل ڏيڻ چاهيو ٿا ته ٻيو ڪجهه کين نه ڏيو. اٽو، لٽو، اجهو کين نه ڏيو... اهي ازل کان بکيا، ڏکيا ۽ سنڌ ڌرتيءَ تي بي اجها رهندا آيا آهن، ٻه چار سال ٻيا به ائين ڪڍي ويندا، پر کين پنهنجي عهد حڪومت ۾ رڳو علم ڏيو، علم ڏيو. توهان سڀ روشن دماغ ۽ روشن ضمير آهيو، سمجهي سگهو ٿا ته علم جي اهميت ڇا آهي ۽ سنڌي قوم کي اڄڪلهه ان جي ڪهڙي نه ضرورت آهي. بس! توهان ان جي اها ازل جي ضرورت پوري ڪريو، پوءِ پاڻهي اها ابد تائين پنهنجون ضرورتون پوريون ڪندي رهندي.” (60)
مٿين گذارش کان پوءِ پاڻ سنڌ جي وڏي وزير جي خدمت ۾ سنڌي قوم کي پڙهائڻ جو هڪ پروگرام رکي ٿو، جنهن جو عنوان “سنڌي قوم کي چئن سالن اندر پڙهائڻ جو پروگرام” آهي. ان پروگرام ۾ ٻارنهن تجويزون ڏنل آهن، جيڪي هن ريت آهن:
(1) سنڌ جي ٻهراڙين ۾ هر هڪ ننڍي وڏي کي . تعليم ڏيڻ خاطر تعليم جي شعبي ۾ هنگامي حالتن جو اعلان ڪيو وڃي، جيئن ڪا قومي آفت ايندي آهي، ته ملڪ ۾ هنگامي حالتن جو اعلان ڪيو ويندو آهي تيئن سنڌ جي ٻهراڙين ۾ جهالت کي به هڪ قومي آفت قرار ڏنو وڃي ۽ اهڙو اعلان ڪيو وڃي.
(2) اُن موجب سنڌ جي ٻهراڙين جي پرائمري تعليم شهرن جي تعليم کان بلڪل جدا ڪئي وڃي. اهو کاتو، تعليم کاتي جي شهري کاتي کان بلڪل ئي الڳ هجي. ٻنهي جو پاڻ ۾ ڪوبه انتظامي لاڳاپو نه هجي. ٻنهي جا سيڪريٽري ۽ ٻيو سڄو تعليمي عملو استادن سميت بلڪل ئي جدا هجي. هڪ دفعي انهن ٻنهي انتظامن جدا ٿيڻ کان پوءِ انهن ٻنهين کاتن مان بدلي سَدلي ٿيڻ جي به ڪا گنجائش باقي نه رهي.
(3) ٻهراڙيءَ جي انهيءَ تعليمي کاتي ۾ ڏهن هزارن آدم شماريءَ تائين ننڍا شهر به آندا وڃن.
(4) انهيءَ کاتي جي سربراهي جي عهدي جو نالو سنڌ پرائمري ايڊيوڪيشن مارشل لا ائڊ منسٽريٽرهجي ۽ اهو ماڻهو هجي به مليٽريءَ جو هڪ وڏي عهدي وارو آفيسر، ۽ ان کان سواءِ هر ضلعي تي اهڙا ايڊيوڪيشن سب مارشلا ايڊ مسٽريٽر هجين. اهي به مليٽري جا ئي آفيسر هجن ۽ سڀ سنڌي هئڻ گهرجن، جيئن اهي سنڌي ماحول، معاشري ۽ مزاج مان واقف هجن. هي کاتو ڪنهن به وزير وٽ نه هجي، پر سڌي طرح سنڌ جي وزير اعظم وٽ هجي، جنهن کي به اهو اختيار نه هجي ته ان ۾ مدا فلت ڪري، ان کاتي جي سڀني تنظيمي، تعليمي ۽ ٻين اُمرن جي سياهه سفيد جا مالڪ اهي فوج جا سربراهه هجن، انهن جي وار ڪائونسل هجي. وار آن اِلٽرسي [جهالت سان جنگ]، اهي ئي سڀ فيصلا ڪندا ۽ وزير اعظم کان رڳي دستوري منظوري وٺندا ۽ وزير اعظم ان لاءِ ٻڌل هوندو، فقط سنڌ اسيمبلي انهن جي فيصلن کي رد ڪري سگهي ٿي. انهن کي گهٽ ۾ گهٽ چئن سالن جو ۽ وڌ ۾ وڌ پنجن سالن جو عرصو مقرر ڪري ڏنو وڃي، جنهن اندر هنن کي ٻهراڙيءَ جي هر پنجن سالن جي عمر جي ٻار [ڇوڪري يا ڇوڪريءَ]۽ پنجيتاليهه سالن جي عمر تائين مردن کي اسڪولن اندر داخل ڪرڻو ۽ پڙهائڻو آهي. مقرر عرصي اندر جيڪي ننڍا يا وڏا تعليم حاصل ڪري پرائمري اسڪولن مان نڪرندا، اهي گهٽ ۾ گهٽ اهڙي لياقت رکندڙ هوندا، جو سنڌي روانيءَ سان لکي پڙهي سگهندا. ٻهراڙين ۾ جيڪڏهن وڏيون ڇوڪريون يا عورتون چاليهن سالن جي عمر تائين پڙهڻ چاهين ته انهن ٻهراڙين ۾ زنانن اسڪولن ۽ ماسترياڻين جو بندوبست به ڪرڻو آهي ۽ انهن کي پڙهائڻو آهي.
(5) زوري تعليم هوندي، جنهن ۾ پندرهن سالن تائين هر ڇوڪري کي ۽ ڏهن سالن تائين هر ڇوڪريءَ کي قانوني طرح پڙهايو ويندو ۽ اسڪول ۾ انهن جي حاضريءَ لاءِ واسطيدار مائٽ ۽ ڳوٺ جو وڏيرو يا پاڙي جو چڱو مڙس ٻئي جوابدار رهندا. جيڪڏهن انهن اها جوابداري پوري نه ڪئي ته ٻنهين تي تعليمي مارشلا تحت قدم کنيو ويندو. جيڪو جيل ۽ ملڪيت جي ضبطي تائين به هوندو.
(6) ساڳي طرح مرد بالغن جي تعليم به زوري هوندي ۽ انهن جي حاضري لاءِ به ساڳيا ماڻهو ماڻهو جوابدار رهندا.
(7) ساڳي اسڪول ۾ صبح جو ننڍا پڙهندا ۽ شام جو وڏا. ننڍن کي ست ڪلاڪ ۽ وڏن کي ٻه ڪلاڪ پڙهايو ويندو ۽ ساڳيو ئي استاد پڙهائيندو.
(8) انهيءَ کاتي کلڻ سان موجوده تعليمي کاتي مان اُستاد اهي کنيا ويندا، جيڪي خوشيءَ سان ان کاتي ۾ اچڻن، جن جو سنڌي قوم کي تعليم ڏيڻ جو مقصد هجي. انهن کي سندن دستوري پگهار کانسواءِ هڪ سئو روپيا هنگامي تعليمي الائونس ڏنو ويندو ۽ ٻيا سڀ اهي سرڪاري حق ڏنا ويندا، جيڪي هڪ ڪلارڪ ٽو آفيسر کي ملن ٿا، اهي پنهنجي ڳوٺ ۾ يا ڳوٺن جي ويجهو هوندا. انهن کي سفر ۽ علاج جون سرڪاري سهوليتون هونديون يا الائونس هوندا. سندن اسڪولي حدون مقرر هونديون، جن اندر هر ننڍي ۽ وڏي کي تعليم ڏيڻ، هنن جو بنيادي فرض هوندو. ڪنهن به پنهنجي فرض جي ڪوتاهي ڪئي ته هن کي جيل تائين به سزا ڏني ويندي.
(9) تعليم مفت هوندي ۽ ڪتاب سليٽون پينون وغيره سڀ سرڪاري هونديون ۽ اسڪولن اندر اهو سامان رهندو.
(10) هر تعلقي ۾ تعليمي پوليس جو هيڊ ڪوارٽر هوندو، جتي سرڪاري جيپ هوندي، پوليس ۾ هڪ بيٽ آفيسر ۽ ٻيو اُن جو هڪ ٻن ماڻهن جو عملو هوندو. بيٽ آفيسر کي روزانه لازمي طرح تعلقي ۾ ڪٿي نه ڪٿي چيڪنگ تي وڃڻو پوندو.
(11) وڏيري يا پاڙي جو وڏو، جيڪو شاگردن جي حاضري لاءِ جوابدار هوندو، اهو ڪهڙي به حالت ۾ استاد يا ڪنهن تعليمي آفيسر کي ماني نه کارائيندو ۽ نه وري ٻي ڪا پئسن واري خاطر تواضح ڪندو. اهو قانوني ڏوهه هوندو ۽ نه اُستاد ڪو پنهنجي آفيسر لاءِ ائين ڪندو. يونين ۽ هڙتال جو حق ختم هوندو.
(12) استادن، وڏيرن يا پاڙي جي وڏن مڙسن، بيٽ آفيسرن بالغ شاگردن کي سٺي ڪارڪردگيءَ تي قومي انعام ڏنا ويندا، جيڪي ڪجهه پئسن جي صورت ۾ ڪجهه ٻي ڪنهن سوکڙيءَ جي صورت ۾ هوندا. (61)

گهڻا سال پوءِ 1985ع ۾ پاڻ سنڌي ٻارن کي پڙهائڻ جي مهم شروع ڪيائون. ان سلسلي ۾ پاڻ هڪ اصلاحي ڊرامون “سنڌي ٻارن کي تعليم ڪيئن ملندي؟“ لکي ڪتابڙي جي صورت ۾ ڇپرائي سڄي سنڌ ۾ ورهايائون. ان ڪتابڙي جا ٻه ڇاپا ڇپيا. ان ڊرامي جي آخر ۾ سماج جي مختلف پَرتن لاءِ تجويزون ڏنيون اٿائين. جيئن استادن لاءِ تجويزون، مائٽن لاءِ تجويزون، وڏيرن عرف سياستدانن عرف قومي صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن لاءِ تجويزون، سرڪار لاءِ تجويزون ۽ شاگردن لاءِ تجويزون وغيره،
ان ڪتابڙي ۾ سرڪار لاءِ تجويزون هن ريت ڏنيون اٿس:
1. سنڌ ۾ تعليم کاتي جو چڪاس [اسڪول سپروائيزري] شعبو انتظاميه شعبي کان الڳ هجي، بلڪه اهو جدا کاتو هجي. ان جو وزير به جدا هجي. هڪڙو تعليمي وزير هن هيڏي وڏي کاتي تي پوري توجهه ڏيئي نه ٿو سگهي. جيڪو اسان جي آئنده جي زندگيءَ جو کاتو آهي. ٻار ڪونه ٿا پڙهن، استاد ڪونه ٿا اسڪول ۾ حاضر ٿين. اها سڀني کي خبر آهي، پر انهن لاءِ ڪا چيڪنگ ڪونهي. سپروائيزر، ايس. ڊي او ۽ ڊي او سڀ ڪوڙيون رپورٽون ٿا گورنمينٽ کي ڏين. تنهن ڪري چڪاس کاتو الڳ هئڻ ڪري اهو انتظاميه کاتي تي چغليون هڻندو. اسٽاف اُن لاءِ کاتي جي نظر هيٺ ڊيوٽي ڏيڻ لاءِ پابند هجي. ان ۾ ئي تعليمي مئجسٽريٽ وغيره هجن. ان کاتي جو وزير به عوامي نمائندو نه هجي، پر پراڻو ايماندار، سخت ۽ هڏ ڏوکي سنڌي آفيسر يا هاءِ ڪورٽ جو جج هجي. اهو وزير نه هجي. سڌو سنئون وزير اعلى جو صلاحڪار، جيڪو ان وٽ جوابدار هجي.
2. نئين روشني اسڪولن جو ڍونگ بلڪل ختم ڪيو وڃي. اهو پراڻو شراب آهي نوَن ٿانون ۾. ان ۾ رڳو پئسو ڀريو ويو آهي علم نه. ائين اربين روپيه قوم جا ضايع ڪيا پيا وڃن. ساڳي طرح مسجد اسڪولن کي شروع ڪري پرائمري تعليم ۾ انتشار نه پيدا ڪيو وڃي. انهن ٻنهي کاتن کي تعليم کاتي ۾ ضم ڪيو وڃي ۽ اُن جي اسٽاف کي ساڳيو پرائمر ي ٽيچر جو درجو ڏيئي ان ۾ کپايو وڃي.
3. سنڌي رورل ايريا ڪل وقتي تعليم ڪميٽي ٺاهي وڃي. جنهن تي رڳو عام ماڻهو، پراڻا رٽائرڊ استاد ۽ رٽائرڊ آفيسر هجن، انهن جي سفارش تي حڪومت عمل ڪري.
4. سنڌ جي بجيٽ جو پنجاهه سيڪڙو تعليم تي خرچ ڪيو وڃي.
5. پاڪستان جي جي اين پي جو پنج سيڪڙو تعليم جي مد ۾ خرچ ڪيو وڃي. جڏهن ته ان جو صرف سيڪڙو، اهو به گذريل سال کان، خرچ ڪرڻ شروع ڪيو ويو آهي.
6. سنڌ ۾ گڏ ٿيل زڪوات، خاص حڪومت جي مذهبي مدرسن کي نه ڏني وڃي، (جيئن هميشه ڪيو ويو آهي) نه اها اسپتالن ۽ ٻين مدن ۾ خرچ ڪئي وڃي. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ گهڻا غريب ۽ حقدار آهن، پر اهو انهن کي زڪوات جو پئسو بلڪل نه ڏيو. هڪدم بند ڪريو. ان جي بدران اهو سڀ جو سڀ زڪوات جو پئسو ٻهراڙيءَ جي سنڌي ٻارن جي تعليم، انهن جي ڪتابن، فين ڪپڙن ۽ اسڪولي کاڌي وغيرھه تي خرچ ڪيو.
7. ٽي .وي ۽ ريڊيو تان رورل تعليم جو پروگرام شروع ڪريو. پر اهو ڪلاس روم وارو پروگرام نه هجي. جو هميشه کان ٿيندو رهيو آهي ۽ بيڪار آھي، بدران رورل تعليمي نيوز ھجي جنهن ۾ روزانو رورل تعليم بنسبت سنڌ ۾ ڇا پيو ٿئي، روزانو ڪٿي اسڪول کليا ۽ ڪيترا ٻار آيا، ڪيترا اڄ سنڌ ۾ پڙهن پيا، سندن پڙهڻ واريون حالتون ڪهڙيون آهن. ماستر صاحب، چيڪنگ اسٽاف، ڪلاس روم، تعليم کاتي متعلق ٻيون روزانيون خبرون، ويندي آفيسرن جون بدليون، مقرريون، معزوليون سڀ ٻڌايون وڃن. مطلب ته روزاني پراگريس رپورٽ، رورل تعليم جي باري ۾ قوم کي ٻڌائي وڃي.
ان لاءِ ڏهه منٽ ٽي وي تي سنڌي قوم لاءِ وڌيڪ ڏيو. جيڪا ڳالهائي سگهي ٿي، جڏهن ته گونگن کي تعليم لاءِ پنج منٽ روز قومي نشرياتي رابطي تي ڏيو ٿا! ۽ سنڌ ريڊيو تان گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪلاڪ تعليمي پروگرام، تعليمي ڪارڪردگيءَ ۽ روزانيون خبرون ڏيو.“ (62)
”ملير ڊائجسٽ“ جي ايڊيٽوريل ۾ ڏنل ”ٻارهن تجويزون“ ۽ ”سنڌي ٻارن کي تعليم ڪيئن ملندي؟“ ۾ ڏنل سرڪار لاءِ تجويزون جي ڀيٽ ڪبي ته پاڻ کي ڪو گهڻو فرق نظر نه ايندو . جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته فقير عبدالغفور الستيءَ وٽ سنڌي قوم کي سؤ سيڪڙو پڙهائڻ جو پروگرام شروع کان وٺي واضح هو.

پڙهه منهنجا جاني پڙهه

پڙهه منهنجا جاني پڙهه،
تنهنجي مهرباني پڙهه،
پڙهڻ سان ئي ملندو سڀ،
ڏڌ مکڻ، ماني پڙهه،
خدا پاڻ تي خوش ٿيندو،
ٿيندي هر آساني پڙهه،
پڙهه الله جو نالو پڙهه،
سنڌيءَ ۾ هجَ رواني پڙهه.
مٿيون شعر هينئر به ٺٽي ۽ سجاول ضلعن جي ڪيترن ئي شهرن جي ڀتين تي ڌنڌلو ئي سهي، پر اوهان کي لکيل نظر ايندو، گذريل صدي جي نوي واري ڏاڪي جي آخري سالن، 1985ع کان پوءِ فقير عبدالغفور الستيءَ جي سڀ ٻار پڙهايو، سنڌي نياڻيون پڙهايون تحريڪ جو مٿيون شعر ڄڻ ته سلوگن هو. فقير الستيءَ اهڙا ڪيترائي شعر جوڙيا، جيڪي پوءِ ڏاڍا مشهور ٿيا. اهي شعر ۽ نعرا اڳتي هلي الست تنظيم ٺهڻ ۽ تڏھوڪي ٺٽي ضلعي ۾ نياڻين جي تعليم لاءِ وڏي هلچل جو بنياد هئا.
هونئن ته الست جو بنياد 1986ع ۾ وڌو ويو. جنهن جو مقصد سنڌي ٻارن ۽ ٻارڙين کي سڄي سنڌ ۾ تعليم ڏيڻ هو. الست جو باقاعده افتتاح 25 ڊسمبر 1991ع تي ٺٽي ۾ ھڪ وڏي گراؤنڊ تي ھڪ تعليمي جلسو ڪري ڪيو ويو. جنهن ۾ سڄي ضلعي مان هزارين ٻارن شرڪت ڪئي. جنهن جي صدارت ان وقت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس امام علي قاضي مرحوم ڪئي، قاضي صاحب، فقيرعبدالغفور الستيءَ پاران ڪوٺايل اهڙن جلسن ۾ اڪثر ايندو رهندو هو. جسٽس امام علي قاضيءَ جي شخصيت ۽ حيثيت سبب فقير الستيءَ کي پنهنجي تعليمي ڪمن ۾ ڪافي سهوليت ٿيندي هئي.
اُن وقت سنڌ جو وڏو وزير مرحوم ڄام صادق علي هو. جنهن سان جسٽس امام علي قاضيءَ جي گهڻي ويجهڙائپ هئي. هڪ ڀيري ڄام صادق علي جي ڳوٺ، ڄام فئملي جي ڪنهن شادي جي تقريب ۾، جنهن ۾ وزير اعظم نواز شريف به آيل هو، جسٽس امام علي قاضي، فقير الستيءَ کي به پاڻ سان گڏ وٺي ويو، جتي فقير الستيءَ، نواز شريف کي پنهنجو ترجمو ڪيل شاهه جو رسالو Celestial Sunrise from Sindh پيش ڪيو.
ڄام صادق عليءَ وري فقير الستيءَ کي سنڌ گورنمينٽ پاران اسڪولي ٻارن ۾ سليٽون ۽ ڪتاب وٺي ڏيڻ لاءِ هڪ لک روپيا ڏنا. جن مان ورتل درسي ڪتاب الستي پنهنجي ٽيم سان گڏ ڪافي عرصي تائين ضلع جي پرائمري اسڪولن ۾ ورهائيندو رهيو.
فقيرقاضي عبدالغفور الستي جي سنڌ جي پرائمري تعليم سان اها دلچسپي ڏسي جسٽس امام علي قاضي کيس چيو ته جيڪڏهن هو راضي هجي ته هو ڄام صادق علي کي چئي کيس سندس صلاحڪار مقرر ڪرائي. ان وقت سنڌ جي هڪ ٻي اديب مرحوم علي نواز وفائي کي به ڄام صادق علي پنهنجو صلاحڪار مقرر ڪيو هو. جيئن کيس پنهنجي تعليمي مشن کي اڳتي وڌائڻ ۾ مدد ملي، پر فقير الستيءَ انڪار ڪيو، هڪ ڀيري جڏهن جسٽس امام علي قاضي سان گڏ سندس ڪلفٽن واري بنگلي تي ويٺا هئاسون ۽ قاضي صاحب سان سنڌ جي تعليم جي سُڌاري بابت ڳالهه ٻولهه ٿي رهي هئي ته ڪنهن ڳالهه تي قاضي صاحب چيو: ”مون ته عبدالغفور کي سنڌ گورنمينٽ ۾ صلاحڪار مقرر ڪرائڻ ٿي گهريو ۽ مٿس گهڻو زور به رکيم.... پر عبدالغفور منهنجي ڳالهه نه مڃي...“
انهن ڏينهن فقير عبدالغفور الستيءَ ڪيترن ئي سرنديءَ وارن کان ٻارن لاءِ ننڍيون ننڍيون اسڪالرشپون، ڪپڙا ۽ سوئيٽر وٺي ورهائڻ شروع ڪيا. اهڙي هڪ تقريب 12 جنوري 1992ع تي تعلقي ميرپور بٺوري جي ڀرسان درملوڪ شاهه تي رکي ويئي. جنهن ۾ محترم غلام قادر پليجو ۽ سندس گهر واري اختر بلوچ مهمان خاص جي حيثيت سان شريڪ ٿيا. ان تقريب ۾ غلام قادر پليجي اُن تعليمي مهم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هڪ لک روپيا ڏنا، جيئن انهن پئسن مان سوزوڪي وٺي ان وسيلي ان مهم کي ضلعي ۾ وڌيڪ پکيڙيو وڃي. انهن پئسن مان ورتل سوزوڪيءَ پوءِ سڄي ضلعي ۽ ضلع کان ٻاهر تعليمي چاڪنگ ۽ ٻين ڪمن ۾ وڏو ڪم ڏنو.
آستان لطيف ڀلائي گهر [جنهن پوءِ آستان لطيف سماجي تنظيم جو روپ اختيار ڪيو] جو بنياد دڙي ۾ محمودا واهه جي ڪپ تي هڪ خالي پيل سرڪاري پلاٽ تي ڪانن ۽ بانٺ سان هڪ جهوپڙي اڏي رکيو ويو، ان ۾ پوءِ هڪ اُستاد مقرر ڪيو ويو، جيڪو روز شام جو اچي ”ڀلائي گهر“ جي پاسي ۾ ويٺل ميگهواڙن جي ٻارن کي پڙهائيندو هو. ٻارن کي ڪتاب وغيره الستي پاران ڏنا ويا. ان آستان لطيف ڀلائي گهر جو باقاعده افتتاح ڪرايو ويو.
ٿورن ئي مهينن ۾ اهو ڪوچنگ سينٽر مچي ويو ۽ ڪيترائي غريب ٻار اُن ۾ پڙهڻ جي لاءِ ايندا هئا. هاڻ ان اَسٿان ۾ هر مهيني ننڍڙا ننڍڙا تعليمي جلسا به ٿيڻ لڳا ۽ ائين اَسٿان جو ناماچار وڌڻ لڳو ۽ پوءِ ان اَسٿان کي بند ڪرائڻ ۽ ان ۾ رڪاوٽون وجهڻ جو سلسلو به شروع ٿي ويو. جنهن جو ذڪر ڪندي فقير عبدالغفور الستي پنهنجي هڪ مضمون ”غلاميءَ مان ڇوٽڪارو“ ۾ هنن لفظن ۾ ڪيو آهي.
”...اسٿان جو ايڏو ناماچار وڌڻ لڳو ۽ اهو به تعليم جي خاطر سا ڳالهه اتي جي وڏيرن کي نه وڻي، انهن جي شهر ۾ يڪدم سڀ ٻار پڙهي پون، اهي چئن پنجن سالن ۾ وڏا ٿي سندن وڏيرا شاهيءَ کي ڌوڙ ڪن، انهيءَ ڳالهه سندن دلين ۾ کڙڪو ڪيو. سازشون سٽڻ لڳا ته ڪيئن ان اَسٿان کي ختم ڪجي، عبدالغفور جي تعليمي جنون کي هاري ڇڏجي. مون کي سڀ معلوم ٿيندو رهيو. نيٺ هڪري وڏي ڍينگ ته مون کي روبرو چئي ڏنو ته اَسٿان جي جاءِ ۾ رات جو چور اچي ٿا ٿم ڪن ۽ شهر ۾ چوريون پيون ٿين. مون کلندي چيو: سرڪار اوهان پنهنجن چوڪيدارن کي هوشيار رکو. اَسٿان ته هڪ غربين جو ڇَنو آهي، ڏينهن جو ٻار ۽ استاد ٿا اچن، رات جو ان کي تالو لڳل هوندو آهي. جيڪڏهن چور اُن ۾ ٽپي ٿا اچي ويهن ته جنهن جي نالي تي اها جاءِ آهي، اهو انهن کي گهرائيندو هوندو. سبق پڙهائيندو هوندو ته سنڌ جا وڏيرا اوهان جا دشمن آهن، وڃي انهن جي چوري ڪريو. منهنجو ڪو قصور ڪونهي. سڄو لطيف جو قصور آهي... وڏيرو کلي ماٺ ته ڪري رهيو، پر ڪُک ۾ ڪان لڳي ويس...” (63)
پوءِ هڪ ڏينهن اهو اَسٿان باهه جي نذر ٿي ويو. ڪن همراهن ان کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو. پر الستي اها سازش سمجهي ويو ۽ مايوس نه ٿيو. فونيڪس پکيءَ جيان اُن باهه جي رَکَ مان هڪ نئين سماجي تنظيم جنم ورتو. ان جو نالو “الست” هو، جنهن پوءِ ٺٽي ۾ تعليم جي حوالي سان وڏو ڪم ڪيو.
“ٿوري وقت کان پوءِ مون کي هڪڙو مرشد مليو. اڳي به ملندو هو. ڪڏهن ڪڏهن رات جو اسان کان مهمانن جي رهائش لاءِ به وٺندو هو. تنهن مون کي چيو ته هي پَٽ منهنجي ڏاڏي جو آهي. اهو هندستان کان جڏهن پيڙهيون اڳي سنڌ ۾ آيو هو، تڏهن هتي اچي رهيو هو، جتي اسان جون حويليون آهن ۽ اهو سامهون وارو سڄو پَٽ سندن ملڪيت ۾ اچي ويو هو. هتي سندن باغ هوندو هو، اها ڳالهه انگريزن واري رڪارڊ ۾ به آهي. تنهن کي مون چيو يار ڏيڍ سال اڳ ۾ توهان خود چيو هو ته هي سرڪاري پَٽ آهي ۽ هاڻي ٿا چئو ته اسان جو آهي. خدا اوهان کي همت ڏي، جتي وڏيرن جون حويليون آهن، اتي به اوهان جي ڏاڏي صاحب جو باغ هوندو هو. رڪارڊ ۾ ڏسو! پهريون اهو خالي ڪرايو، پوءِ لطيف پنهنجي اَسٿان تان لڏيندو. نيٺ ڳالهه وڌي ايستائين پهتي جو هڪ ڏينهن ان مرشد سڳوري مون کي جلال مان چيو: اَسٿان پٽي کڻي وڃ نه ته آئون تنهنجي ان لطيف جي جهوپڙي کي باهه ڏيندس. منهنجا لڱ ڪانڊارجي ويا.مون کي ائين محسوس ٿيو ته اها سڀني وڏيرن ۽ مرشدن جي اندر ئي اندر سازش هئي ته اَسٿان کي رات جو باهه ڏيئي ساڙائي ڇڏجي. پوءِ اهو عام ڪجي ته اَسٿان کي اوچتو باهه لڳي ويئي آهي.”(64)
اهو مرشد سڳورو جيڪو هڪ پرائمري استاد به هو، تنهن کي الستي ايترو ته ڀائيندو هئو جو هن پنهنجي شاهه جي رسالي جي انگريزي ترجمي جي پهرين ڇاپي جو بئڪ ٽائٽل ان جي نالي سان لکي ڏنو هو. مون کي ان مرشد جو ڪيترا سال پوءِ نشي جي حالت ۾ ايڪسيڊنٽ ۾ مرڻ به ياد ٿو اچي.
فقيرعبدالغفور الستي سدائين ان ڳالهه جو قائل رهيو ته: “سنڌ جو وڏيرو ۽ مُرشد جتي جتي کيس موقعو ملي ٿو، اتي تعليم کي وڌڻ کان روڪي ٿو.”
شروع شروع ۾ هر هفتي ٻي ھفتي الستي ڪراچي مان ڪونه ڪو مهمان يا سرنديءَ وارو دڙي وٺي ايندو هو ۽ پوءِ ننڍا ننڍا جلسا ڪري ٻارن ۾ ڪتاب، سليٽون ۽ اسڪالرشپون انهن جي هٿان ورهائيندو هو. ان سلسلي ۾ دڙي ۾ ٿيل الستيءَ جي ننڍن وڏن جلسن ۾ ڪيتريون ئي اهم شخصيتون اچي شريڪ ٿيون، جن ۾ محترم جي ايم مهڪري، محترم علي احمد بروهي، محترم علي بابا ۽ شيخ عبدالحليم جوش جا نالا هينئر منهنجي ذهن ۾ آهن. محترم علي احمد بروهي تي واپس ڪراچي وڃي پنهنجي ڪالم “زير، زبر ۽ پيش” ۾ لکيو ته “سنڌ ۾ ڪيترائي دڙا آهن، جيڪي مختلف شخصن جي نالن سان ڄاتا سڃاتا وڃن ٿا، واحد هي دڙو آهي، جيڪو خالي دڙو آهي ۽ هاڻ عبدالغفور الستيءَ جي تعليمي ڪم سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. تنهنڪري هاڻي ان دڙي شهر کي غفور جو دڙو سڏيو وڃي.”
فقير عبدالغفور الستي جي اهڙين تعليمي سرگرمين کي ان وقت روزاني هلال پاڪستان ڪراچي سٺي ڪوريج ڏيندي هئي. اخبار جو عملو جنهن ۾ مرحوم فقير محمد لاشاري، نصير اعجاز، شڪور نظاماڻي ۽ حسام سومرو شامل هئا. سي فقير الستيءَ جي اهڙين سرگرمين کي همٿائيندا هئا.
انهن ڏينهن جو ذڪر ڪندي، سالن کان پوءِ جڏهن نصير اعجاز جي فقير الستيءَ سان ملاقات ٿي ته نصير اعجاز، ”پندرهن وار افيئر“ ۾ الستي تي پنهنجي لکيل مضمون ”روح ۽ بدن جو فلسفو ٻڌائيندڙ عبدالغفور الستي“ ۾ لکيو:
“الستي جڏهن به مون وٽ ايندو هو ته کيس مٿي تي اجرڪ ائين ٻڌل هوندي هئي، جيئن اڪثر ڳوٺاڻا اُس کان بچڻ لاءِ مٿي تي بوڇڻ يا اڇو ڪپڙو ٻڌي ڇڏيندا آهن... منهنجي ڄاڻ سڃاڻ به ساڻس اخبار جي آفيس ۾ ئي ٿي هئي، پر انهيءَ وقت سندس مون سان ئي ويجهڙائپ ٿي ويئي هئي ۽ اچڻ شرط دل جا حال ونڊڻ شروع ڪندو هو. تن ڏينهن ۾ هن شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعريءَ جو انگريزي ۾ ترجمو ڪري ڪتاب ڇپرايو هو” (65)
جيئن مٿي ذڪر ڪيو اٿم ته الست تنظيم پاران سنڌي ٻارن جو علم جو سفر جي شروعات 25 ڊسمبر 1991ع تي ڪئي ويئي، اها تقريب به ڏاڍي منفرد هئي. هزارين ٻار سڄي ضلعي مان گاڏين وسيلي اتي گڏ ڪيا ويا هئا ۽ تقريب جي شروعات الستيءَ جي هڪ دعائيه نظم سان ڪئي ويئي. جيڪا مرحوم نياز احمد ڀٽو ۽ اُستاد روح الامين قريشي پنهنجن ڪجهه شاگردن سان گڏ ڳائي ۽ ان دعا جو هر بند ڳائيندڙن سان گڏ هزارين ٻارڙا به ڳائيندا رهيا.
شروع ٿا ڪريون علم جو هي سفر،
اسين سنڌ جا سڀ سنڌي ٻارڙا،
دعا ٿا گهرون اي علم جا ڌڻي،
اسين سنڌ جا سڀئي سنڌي ٻارڙا،
اسان جي وڏن جي دلين ۾ هي وجهه،
علم ۾ آهي طاقت، علم سڀ ڪجهه،
قلم سان ڪاغذ تي قسمت لکون،
اسين سنڌ جا سڀ سنڌي ٻارڙا.
اسان کي وٺي ڏين سليٽون ڪتاب،
پڙهون شوق سان سنڌڙي جو نصاب،
سڄي سنڌ ۾ سو پڙهائين، پڙهون،
اسين سنڌ جا سڀ سنڌي ٻارڙا.
گهڻو ئي سبق تن آ سورن پڙهيو،
ڪڏهن ڪو نه تن کي اکر پيٽ پيو،
اکر ۾ آهين تون سو ڏيکاريون،
اسين سنڌ جا سڀ سنڌي ٻارڙا.
لکيل لفظ ۾ تو خدائي لکي،
”اقراء“ ۾ تو سڀ سچائي رکي،
علم آهي عظمت سو آلاپيون،
اسين سنڌ جا سڀ سنڌي ٻارڙا.
اسان جي مدد ڪر انهيءَ سفر ۾،
آهيون سنڌ ۾ جت به جهنگ جهر ۾،
ٻَڌي توکي هٿڙا ٿا ٻاڪاريون،
اسين سنڌ جا سڀ سنڌي ٻارڙا.
الست پاران کوليل انهن “الستي ڳوٺاڻن اسڪولن” ۾ ڪورس به اهو ئي سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ وارو پڙهايو ويندو ۽ اسيمبلي ۾ قومي ترانو به ڳاتو ويندو هو، البت قومي تراني کان پوءِ ’الستي اسڪول جي دعا‘ پڙهي ويندي هئي، جيڪا ڪي به ٻه يا ٽي ٻارڙيون اچي پڙهنديون هيون ۽ باقي ٻيون ڇوڪريون انهن جي پويان ورجائينديون وينديون هيون، جيئن اڪثر اسڪولن جي اسيمبلين ۾ ٿيندو آهي....

او ڌڻي منهنجا ڌڻي
هن ساري دنيا جا ڌڻي،
ٿي گهران توکان دعا،
آئون پنهنجا هٿڙا کڻي.
او ڌڻي منهنجا ڌڻي،
ڏي مون کي طاقت علم جي،
آئون لکي ڄاڻان پڙهي،
علم جي آڌار سان،
ڏونگر وڃان ڏاڍا چڙهي.
او ڌڻي منهنجا ڌڻي.
تو چيو “پڙهه” مون کنيو،
قرآن پنهنجي هنجَ ۾،
هاڻ ڏي مون کي سَڀوئي،
جو آ تنهنجي گنج ۾،
او ڌڻي منهنجا ڌڻي.
آئون اياڻي اکر جي،
مون نه آهي علم ڪو،
جو ڏسان ساري دنيا ۾،
آهي جلوه علم جو.
او ڌڻي منهنجا ڌڻي.
هن الستيءَ جي دُعا کي،
او ڌڻي! تون ڪر قبول،
اکر جي محبت سيکارج،
علم جو مونکي اُصول.
او ڌڻي منهنجا ڌڻي.
در ملوڪ شاهه تي ٿيندڙ اڪثر جلسن ۾ جيئن مون مٿي لکيو ته جسٽس امام علي قاضي ايندو هو. ان وقت سجاول سب ڊويزن جو اسسٽنٽ ڪمشنر سيد ممتاز علي شاهه هو، اهو به ڀيري جسٽس امام علي قاضي سان آيو. اهڙن اڪثر تقريبن، جلسن جي رپورٽ آئون لکي اخبارن ۾ ڇپرائيندو هوس، در ملوڪ شاهه تي اهڙو ئي هڪ تعليمي جلسو 7 آڪٽوبر 1991ع تي ٿيو، جنهن جي رپورٽ پڻ مون “الست هڪ عجيب تحريڪ” جي عنوان سان لکي، جيڪا روزاني “سنڌو” حيدرآباد جي پندرهين آڪٽوبر 1991ع جي شماري ۾ ڇپي. هيٺ ان رپورٽ جو هڪ ٽڪرو هتي ان ڪري ڏيئي رهيو آهيان ته ان ۾ هڪ اهم ڳالهه جي نشاندهي ڪيل آهي، يعني الست ۽ الستيءَ جي ڪوششن سان در ملوڪ شاهه ۽ آسپاس جي ڳوٺاڻن کي پنهنجي ڳوٺن جون سندون مليون.
”ٻه مهينا کن ٿيا آهن ته سيد ممتاز علي شاهه الست جا ٻه اسڪول وزٽ ڪرڻ جي لاءِ چيئرمين سنڌ ايڊيوڪيشن فائونڊيشن جناب امام علي قاضيءَ سان گڏجي آيو. قاضي صاحب انهن ڇوڪرين ۾ يونيفارم جو ڪپڙو ورهايو ته پاڻ چيائين ته آئون انهن جي سلائيءَ جا پئسا خود ڀريندس. پر ان کان وڏي ڳالهه جيڪا ٻي ڪيائين، اُها اِها ته غريب ڳوٺاڻا جيڪي انهن هنڌن تي صدين کان ويٺا هئا، پر انهن کي اڃا تائين انهن ڳوٺن جون پَڪيون سَندون نٿي مليون، تن کي ڳوٺن جون پڪيون سَندون ڪري ڏنائين. هيءَ هڪ بنيادي خدمت هئي، سنڌي ڳوٺاڻن جي، جيڪا اڳي ڪنهن به آفيسر نه ڪئي، پر هن سيد سائين اچي ڪئي، جنهن ڳالهه سڄي تر ۾ سندس لاءِ محبت جي لهر اٿاري ڇڏي، اهو ئي ان محبت جو اثر هو، جو جڏهن عبدالغفور الستي اهوتجويز ڪيو ته قاضي امام علي صاحب جنهن اهي سندون ڏيارڻ ۾ مدد ڪئي ۽ سيد ممتاز علي شاهه جنهن اهي سندون پنهنجي هٿن سان ڏنيون، انهن ٻنهي کي سنڌي الف ب جي سلامي ڏجي.” (6)
فقير عبدالغفور الستي جي ڪوشش سان انهن ڳوٺاڻن کي مالڪاڻا حق مليا. جيڪي حق کين سالن کان ڪوبه وزير، ايم پي اي، يا ايم اين اي به ڏياري نه سگهيو.
مالڪاڻن حقن کانسواءِ فقير عبدالغفور الستي، جسٽس امام علي قاضي کي اها ڳالهه ذهن نشين ڪرائي ته سجاول سب ڊويزن ۾ ڪيترائي پڙهيل لکيل نوجوان بيروزگار آهن، تن کي پاڻ نوڪريون وٺرائي ڏي، جسٽس امام علي قاضي، فقيرعبدالغفور الستيءَ جي ڳالهه کي اهميت ڏيندي، سنڌ جي وڏي وزير ڄام صادق علي خان کان پرائمري ماستريءَ جا پنجاهه آرڊر ورتا. جيڪي پوءِ جسٽس صاحب پاڻ اچي غريب ۽ بيروزگار نوجوانن ۾ ورهايا ۽ دعائون کٽيون.
شروع شروع ۾ يونيسيف پاران الست تنظيم کي تجرباتي طور تي نياڻين جا ڏهه اسڪول هلائڻ لاءِ ڏنا ويا، في اسڪول ۾ ٽيهه نياڻيون داخل ڪيو ويون. اسڪولن لاءِ فرنيچر ۽ ٻيو گهربل تعليمي سامان به ڏنو ويو ۽ هر اسڪول ۾ پڙهائڻ لاءِ هڪ مقامي ڇوڪري، جيڪا گهٽ ۾ گهٽ پنج درجا پڙهيل هئي، ماسترياڻي طور رکي ويئي. انهن اسڪولن جو مقصد هو ته ٽن سالن جي اندر نياڻين کي پنج درجا پاس ڪرايا وڃن، ان کان پوءِ انهن جو تعداد وڌائي 30 ڪيو ويو. پوءِ اسڪولن جي ڪارڪردگي ڏسي يونيسيف پاران اسڪولن جو تعداد وڌائي 330 ڪيو ويو. جيڪي سڄي ضلعي ٺٽي [هاڻوڪن ٺٽي ۽ سجاول ضلعن] ۾ کوليا ويا، انهن اسڪولن لاءِ يونيسيف پاران ننڍيون ڪاٺ جون لانڍيون به ٺاهي ڏنيون ويون ۽ فرنيچر ۽ اسٽاف به مهيا ڪيو ويو.
هي پروجيڪٽ هڪ مثالي پروجيڪٽ هو. جنهن رستي هُن تعليم پکيڙڻ لاءِ غير رسمي تعليم جو پاڪستان ۾ بنياد رکيو. يونيسيف پوءِ پوري پاڪستان ۾ اهڙا اسڪول کولڻ جي لاءِ ٻين تنظيمن کي هي پروجيڪٽ گهمايو، جيئن هو پنهنجن علائقن ۾ اهڙا اسڪول قائم ڪن، نيٺ ان پروجيڪٽ کي رول ماڊل بنائي اڳتي هلي، (NCHD) ۽ ٻين تنظيمن هزارين اهڙا اسڪول کوليا.
يونيسيف پاران 1995ع تائين الستيءَ کي اهي اسڪول هلائڻ ۾ مدد ڪئي ويئي، ڇو ته الست سان سندن ٽن سالن جو معاهدو ختم ٿي چڪو هو. ان کان پوءِ الست ڊگهي عرصي تائين اهي اسڪول ٻين ادارن ۽ مخير حضراتن جي مدد سان هلايا.
الستي آخري سالن تائين پنهنجي ان مقصد لاءِ پتوڙيندو رهيو.
ان لاءِ پاڻ سال 2008ع ۾ سائين محمد ابراھيم جويي سان گڏجي، ”سنڌ ۾ تعليم عام ڪرڻ لاءِ پنجن سالن جي رٿا“ نالي ھڪ اسڪيم تيار ڪيائين ۽ ان جو ھڪ پڌرنامون جاري ڪيو ويو. ان تحريڪ کي ست تحريڪ جو نالو ڏنو ويو. ان تحريڪ جي پڌرنامي ۽ پروگرام لکڻ جو ڪم محترم محمد ابراھيم جو يي ڪيو ۽ ان ست تحريڪ جي وڌيڪ وضاحت لاءِ فقير عبدالفقور الستي ”سنڌ جي سڀني رھواسين کي ھڪ پڪار“ جي نالي سان ھڪ مضمون لکيو، جنهن ۾ ان سنڌ تعليمي تحريڪ جي وضاحت ڪندي فقير الستي لکي ٿو:

”ھن ست تحريڪ جا بنياد وجهندڙ جتي ڪٿي، ھر واھڻ، ڳوٺ / ننڍي وڏي شهر ۾. انهن جون سوين ھزارين شاخون کلي وڃن ۽ ھو سڀ گڏجي اھو قوم اڳيان ھُجن جهد ڪن ته اھي سنڌي ٻارن کي پنهنجو خدائي فرض سمجهي پڙھائيندا، ائين سنڌ جو قرض لاھيندا. اڄ سنڌ جي ٻهڙاين ۾ 5 سيڪڙو مشڪل سان تعليم آھي، ھو ان کي پنجن سالن اندر وڌائي 75 سيڪڙو ڪندا. ننڍن کي به پڙھائيندا ته وڏن کي به پڙھائيندا، جيئن ھيءَ سنڌي قوم ڪر موڙي جاڳي ۽ چوي:
منهنجو ملڪ مليرَ قيدن ۾ آءُ ڪيئن گذاريان؟
وڏيرن جي قيدن ۾، ميرن جي قيدن ۾، پيرن جي قيدن ۾، آمرن، جابرن دھشتگردن جي قيدن ۾!
ھن تحريڪ جا روح روان، سنڌي نوجوان ھوندا. سڄيءَ سنڌ جا ساڃ هوند استاد، اديب، شاعر، بي لوث سماجي خذمتگار. اُھي ست تحريڪ جو منشور گڏجي ٺاھي، ان سنڌي استادن جي ھٿن ۾ ڏيندا. اھو منشور نه صرف تعليمي ھوندو، پر تعميلي به ھوندو، علمي به ھوندو. سنڌ مان علمي: سڄيءَ انسان ذات جي ڀلائيءَ لاءِ ھوندو، لکيل لفظ رستي سنڌ مان امن محبت يا ڀائيچاري جو پيغام ۽ عملي: انهيءَ امن محبت ڀائيچاري جي پيغام لاءِ سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا ۾ سڀني سنڌين جي طرفان جدوجهد ۽ جدوجهد جو پيغام، ظاھر آھي ته اھڙو پيغام محبت ميٺاج ۽ دلربائي وارو ھوندو. ڪنهن به ڪلفت ڪوڙاڻ ۽ پاڻ وڏائيءَ وارو نه ھوندو.
ھن منهنجي تقرير جو مقصد ھو ته توھان تائين اھا ڳالهه پهچايان ته ھيءَ ست تحريڪ رڳي سنڌي تعليمي تحريڪ ڪانهي، پر سنڌ تعليمي تحريڪ به آھي، يعني سنڌ جي طرفان دنيا کي امن جو پيغام پهچائڻ جي تحريڪ جيڪو پيغام اسان کي آدجڳاد کان مليو آھي.
ھاڻي ھن ھيڏي وڏي ڪم لاءِ ڀٽ شاھه ئي ست تحريڪ جو ھڪه وڏو مرڪز ھوندو. ڇاڪاڻ ته اھو پيغام اُتان ئي اسان کي نئين سر سيکاريو ويو. ست تحريڪ لاءِ، جيڪا پڻ دنيائي تحريڪ ٿي اڀرندي، ان لاءِ ھڪ وڏو فنڊ به ھوندو، اِھو ۽ ٻيا نقصيل اُن منشور ٺاھڻ وارا ٺاھيندا جيڪي اُن جا بنيادي ميمبر آھن ۽ اھي ٺاھڻ وارا به اڄ اوھان جي اڳيان ويٺا آھن.“ (67)

فقير الستي جو اھو مضمون ڪيترين ئي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيو.
سال 2010ع ۾ ايس، پي، او حيدرآباد پاران ھڪ ڪتابڙي ”سنڌ تعليمي تحريڪ“ جي نالي سان ڇپرايو ويو، جنهن ۾ ست تحريڪ جو جويي صاحب جو لکيل پڌر نامون ۽ پروگرام وغيره ڇپيو ويو. ان ڪتابڙي ۾ الستي جو ٿيون مضمون ڇپيو ويو. پر ان تي فقير الستي جو نالو نه ڏنو ويو، وڌيڪ بي ايماني اھا ڪئي ويئي ته ان تحريڪ جا بنياد وجهندڙ ۽ ھلائيندڙ: -1- محمد ابراھيم جويو (2) غلام مصطفيٰ بلوچ لکيا ويا. جڏھن ته ان سڄي ڪتابڙي مان فقير الستي جو نالو ئي گم ڪيو ويو، فقير الستي جڏھن اھو ڪتابڙو ڏٺو ته حيران ٿي ويو، ۽ چيائين ته ”اھو غلام مصطفيٰ بلوچ ڪير آھي، ؟ مون ته ڪڏھن ان جو نالو ئي نه ٻڌو، اھو پروگرام ته اسان ٻن ڄڻن مون (الستي) ۽ سائين محمد ابراھيم جويي گڏ جي سوچيو ۽ لکيو.“
پوءِ فقير الستي خاموش ٿي ويو.
ان ئي مضمون جي پڇاڙي ۾ پنهنجي ٻولي ۽ وطن جي خوشحالي لاءِ پنهنجي خواب جي پورائي لاءِ پاڻ لکي ٿو.
”ان خواب کي حقيقت ڪرڻ لاءِ سنڌ ڌرتيءَ کي، سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجو ڪرڻ لاءِ، جيڪي پڻ اسان وٽ ٻيئي خدا جون امانتون آھن. انسان ذات جي ڀلائي لاءِ، تنهڪري ھاڻ اسانجو نعرو ھوندو.
ھيءَ ٻولي پنهنجي ٻولي آھي،
ھيءَ ڌرتي پنهنجي ڌرتي آھي.

ھيءَ به امانت الله جي
ھوءَ به امانت الله جي
اسان آدجڳاد کان ورتي آ
ھيءَ ٻولي پنهنجي ٻولي آ
ھيءَ ڌرتي به پنهنجي ڌرتي آ.

ٻئي سانڍينداسين ساھه ڏئي
ھيءَ به اسان جي سَرتي آ
ھوءَ به اسان جي سَرتي آ
ھيءَ ٻولي پنهنجي ٻولي آ
ھيءَ ڌرتي به پنهنجي ڌرتي آ.

اي ڀيڻ ھيءَ توکي پرتي آ
اي ڀاءُ ھوءَ توکي پرتي آ
اي پُٽ ھيءَ توکي پرتي آ
اي ماءُ ھيءَ توکي پرتي آ
ھيءَ پرتي آ، ھيءَ پرتي آ. [68]

الستي پيام

الستيءَ جو پيغام محبت جو پيغام آهي. هڪ اهڙو پيغام جيڪو هر قسم جي رنگ نسل، قوم ۽ مذهب کان مٿانهون هجي.
“انسان سڀ خدا جو مظهر آهن، هي رنگ نسل قوم ملڪ ڪلچر يا مذهب جا جيڪي به فرق آهن، اهي سڀ انسان ذات ۾ رنگينيون پيدا ڪرڻ جي لاءِ آهن ته جيئن اها هڪ جهڙي نه لڳي. هڪڙي ئي گلشن حيات ۾ جدا جدا ۽ مختلف رنگن ۽ خوشبوئن جا گل لڳن، شاهه سائين جي هن بيت وانگر:
گل گل پسين گودڙيا، گهڻا نه ڀانئج،
سوئي سڃاڻج، هي هو آهي هيڪڙو.
تنهنڪري سڀني انسانن سان محبت ڪرڻي آهي. ڪنهن کان به ڪنهن فرق جي ڪري نفرت ڪرڻي ڪونهي. ڪنهن کي نقصان پهچائڻو ڪونهي. سڀني ۾ اندر خدا موجود آهي. رڳو اها روشني گهڻن مان دنيا داري جي ڪري گم ٿيو وڃي. جيڪا اُن کي وري اجاگر ڪرڻي آهي. سو هي ... سو هو... (69)
___________________________________
[14 آگسٽ 2016ع عبدالله ٽائون حيدرآباد]

ٻنڌڻ ٻاروچن جا

ڪتابن جي به پنهنجي اهميت آهي. لعل پُشپ پنهنجي سوانح جي ڪنهن جلد ۾ ڪتابَن بابت لکيو آهي: ”ماڻهن وانگر ڪتابن جو به پنهنجو پنهنجو نصيب آهي. ڪي لکيا ويندا آهن. وساريا ويندا آهن. ڏهاڪا، صديون، ڪنهن زلزلي هيٺ زمين دوز ٿي ويندا آهن، ۽ پوءِ اوچتو ڦاٽ کائي ٻاهر نڪرندا ڪن ٻين زمانن، زمين منجهان، لڪل پاڻيءَ جي نهر وانگر، ڪنهن ٻي زماني جي معنائن، حالتن کان متاثر ٿي، نصيب هٿ ڪري... ۽ ڪي ڪتاب وري نڪرن، اڏامن ۽ پنهنجي زماني جي زبان بنجن.“
هي ڪتاب به اهڙو ئي ڪتاب آهي، جيڪو گذريل ڪجهه ڏينهن کان منهنجي مطالعي هيٺ رهيو آهي ۽ ڪتاب وانگر وري ماڻهوءَ جو ڀاڳ به ائين ئي آهي. ڪي ماڻهو وقتي طور وسري ويندا آهن، ڪي وري سالن ۽ صدين تائين. ڪي ته وري اهڙا وسريو وڃن يا گمنام ٿيون وڃن جو انهن کي ٻيهر ڊسڪور ڪرڻ جي لاءِ ڪنهن ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ يا ايڇ ٽي سورليءَ جي گهُرج پوندي آهي... آئون جنهن ڪتاب “ٻنڌڻ ٻاروچن، جا” جو ذڪر ڪري رهيو آهيان، ان ڪتاب جو ليکڪ به ڄڻ يڪو ادبي منظر تان غائب يا گمنام رهيو آهي. ڪجهه سال اڳ هو نياڻين جي تعليم جي سلسلي ۾ پنهنجي هڪ سماجي ڀلائي تنظيم جي حوالي سان هڪ نئين روپ ۾ سامهون آيو هو. پر هاڻ عمر وڏي ٿي وڃڻ سبب ڪڏهن ڪٿي نظر آيو ته واهه نه ته مڙيئي خير... پرهاڻ پنهنجي آتم ڪهاڻي “ٻنڌڻ ٻاروچن جا” لکي، هو هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌي ادب ۾ حوالو بنجي ويو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته سندس ماضيءَ جي ڪيل ادبي خدمتن جو حوالو “سنڌي ادب جي ڪنهن به تاريخ” ۾ نٿو ملي.
اهو شخص جڏهن 1941ع ۾ ‘سنڌ مدرسي’ ۾ پڙهندو هو ته سندس اُستاد ڪو ٻيو نه پر محترم محمد ابراهيم جويو هو ۽ منجهس جيڪا شعور جي سُتي پيدا ٿي، ان ۾ جويي صاحب جو به هٿ هو ۽ اهو شخص اڄ به جويي صاحب جو وڏو مداح ۽ ساڻس جهڪي ملندو آهي.
ان شخص 1971ع ڌاري سنڌي ٻوليءَ جو منفرد ماهوار رسالو “ملير ڊائجسٽ” شايع ڪرڻ شروع ڪيو. جيڪو ٺيٺ “سنڌيت” جو رسالو هو. جنهن جا سلسلا “سونن نالن وارو دستاويز”، “سنڌي ٻوليءَ کي للڪار” وغيره اڄ به ياد ڪيا وڃن ٿا. اهو رسالو 1974ع تائين نڪتو، ان جا ڪُل 26 پرچا شايع ٿيا.
1972ع ۾ بنگلاديش ٺهڻ کان پوءِ هاڻوڪي پاڪستان ۾ لاڳو ٿيندڙ 1973ع جي آئين جي مخالفت ۾ ھن ھڪ ايڊ يٽوريل لکيو ۽ هو پهريون شخص هو، جنهن لکيو ته “اهو آئين، پاڪستان کي هڪ نئين ون يونٽ ۾ تبديل ڪندو ۽ پاڻ وڌيڪ سوڙهو ڪندو. اهو پاڪستان کي نئين ون يونٽ ۾ بدلائڻ جو دستاويز آهي. ان ۾ ننڍيون قومون استحصال ۾ مري وينديون.“ ‘ملير ڊائجسٽ’ ۾ اهڙو ايڊيٽوريل لکڻ جي پاداش ۾ کيس جيل ۾ وڌو ويو. اڳتي هلي 1973ع جي آئين تي ڪئين تبصرا ۽ تنقيدون ٿيون، پر هو سنڌ ۾ پهرين شخصن مان هو، جنهن ان آئين جي خامين تي چٽن لفطن ۾ تنقيد ڪئي.
جيل مان ڇُٽڻ ۽ “ملير ڊائجسٽ” تي پابندي پوڻ کان پوءِ هو گذر سانگي وڃي ڪنهن نوڪري سان لڳو. پر ماٺ ڪري نه ويٺو ۽ پنهنجي ڪرت ۾ لڳو رهيو. نيٺ هن جو پورهيو، يعني شاهه جي رسالي جو انگريزي ۾ ترجمو Celestal Sunrise From Sindh [سنڌ مان بهشتي سوجهرو] جي نالي سان 1986ع ڇپجي پڌرو ٿيو. پر هو وري به گمنام ئي رهيو، ڇو ته نه ان جي مهورت ڪرايائين ۽ نه ئي وري گهڻي ڪا پبلسٽي ڪيائين. مهورت جي حوالي سان سندس خواهش به عجيب هئي. هو ان بابت “ٻنڌڻ ٻاروچن جا” ۾ لکي ٿو: ڪنهن کان مهورت ڪرايان ها. هڪ آمر (جنرل ضيا الحق) جي حڪومت هئي ۽ وزير اعظم ان وقت وري اُن آمر جو ترجمو (محمد خان جوڻيجو) هو، سو شاهه جي رسالي جو ان آمر کان افتتاح ڪرايان ها.“ اهو ته ٿيو هڪ آمر جو حوالو، پر شاهه صاحب سان سندس محبت جي ڪسوٽي به عجيب آهي ۽ ان شخص جو پنهنجو نقطه نظر آهي. 1988ع ۾ بينظير ڀٽو وزير اعظم ٿي ته ان شخص خيال ڪيو ته سندس رسالي جي مهورت هوءَ ڪري ان بابت هو لکي ٿو: ”اهو عهدو سنڀالڻ کان پوءِ پاڪستان جي سڀني ولين جي درگاهن تي پهرين سلامي تي ويئي. پر شاهه جي درگاهه تي رڳو وقت آئي ۽ تمام دير سان. ان ڪري اُن جي شاهه سان محبت سمجهي ويس. پر پوءِ به ان کي لکيم. چورايم، پر شاهه جي تعليم، سندس تازو ٿيل سياسي معاهدي جي شايد ابتڙ هئي. ڪو جواب ئي ڪونه ڏنائين.“
مٿين حوالن مان اميد اٿم ته اوهين سمجهي ويا هوندا ته آئون ڪنهن جو ذڪر ڪري رهيو آهيان... پر جي نه سمجهو اٿوَ ته پوءِ ٻُڌو... اهو شخص آهي فقير عبدالغفور الستي....
سنڌي ٻوليءَ ۾ آتم ڪهاڻيون هونئن به نه هئڻ جي برابر آهن.. بس اهي ڪي پنجاهه سٺ کن مس ٿينديون.... ۽ سنڌ ۾ اڃا آتم ڪهاڻيون لکڻ جو رواج ايترو عام ناهي ٿيو. پر گذريل سال 2007ع ان لحاط کان سنڌي ادب لاءِ سٺو سال ثابت ٿيو ته ان سال سنڌي ادب ۾ ٻن آتم ڪهاڻين جو واڌارو ٿيو. پهرين ڊاڪٽر محمد لائق زرداري جي “ڪيم روح رهاڻ” ۽ ٻي فقير عبدالغفور الستي جي “ٻنڌڻ ٻاروچن جا”.
“ٻنڌڻ ٻاروچن جا” ڪتاب به لعل پشپ جي لفظن ۾ “پنهنجي زماني جي زبان آهي.” جيڪو پڙهڻ، بار بار پڙهڻ ۽ وري وري پڙهڻ کپي. هي ڪتاب نه رڳو ليکڪ جي آتم ڪهاڻي آهي. پر سندس زندگيءَ جي تجربن، مشاهدي ۽ مطالعي جو نچوڙ آهي. جيڪو ڪنهن مهل کلائي ٿو ۽ خوب کلائي ٿو ۽ ڪنهن مهل وري روئاڙي ٿو ۽ خوب روئاڙي ٿو ته ڪٿي وري سوچڻ تي به مجبور ڪري ٿو. سچ ته هي هڪ عجيب ڪتاب آهي، جيڪو آتم ڪهاڻي آهي. هڪ ‘ڪيئي ڪتاب’ آهي، هڪ ڊراما به آهي ته هڪ افسانو به، نثر ۾ ڪيل شاعري به آهي ته هڪ ناول به -گهرن روحاني ۽ دنياوي تجربن جو نچوڙ به آهي، ته مستقل جي حوالي سان لطيف جي فلسفي ”سائينم سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سڪار، دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين،“ واري فلسفي جي تشريح به، ان تشريح جي ذريعي هو محبت جو درس به عجيب نموني ٿو ڏي. هڪ عجيب عالمي ۽ ملڪي نظام جي ڳالهه ٿو ڪري. هن دنيا جي نقشي تي هڪ اهڙي ملڪ جي ڳالهه ٿو ڪري جنهن جو نالو ئي هجي First Republic of United Human Being. [متحده انسانيت جو پهريون ملڪ] ۽ ان جي شروعات هو “پاڪستان” کان ڪرڻ ٿو چاهي. جيتوڻيڪ اهو خيال يوٽوپيا [خيالي] ئي سهي، پر هر دور ۾ عظيم ليکڪن اهڙا خيال پيش نه ڪيا آهن ڇا؟ افلاطون جي ‘ريپبلڪ’، ٿامس مور جي يوٽوپيا، ۽ ايلڊس هڪلسي جي Brave a new world جي خيالن جي به ته پنهنجي اهميت آهي. ائين الستي فقير “متحده انسانيت جو پهريون ملڪ” جو نقشو پنهنجي ڪتاب ۾ هيئن چئي:

“اهڙو آئين ٺهي، جنهن ۾ انسان کي خدا جو اظهار سمجهيو وڃي. ڪو ڪنهن کان مذهب، فرقي، نسل، رنگ، ٻولي، جنس ۽ گهٽ وڌھه هجي سڀ انسان پاڻ ۾ برابر هجن ۽ سڀ عزت ۽ تعظيم جا لائق... جيئن صوفين جي تعليم آهي. ان لاءِ سڄي پاڪستان جي دولت کي سڀني لاءِ هڪجهڙي ڪجي. اُن جا ڪيترائي انتظامي يونٽ هجن. گهٽ ترقي يافته يونٽن کي پهرين ترقي يافته يونٽن جي برابر آندو وڃي. اهڙي ملڪ جو نالو به مذهبي نه هجي. پر نج انساني ڀائپي وارو هجي. يعني عالميت وارو جيئن: First Repulic of United Human Being [يعني متحده انسانيت جو پهريون ملڪ] يا اهڙي معنى سان ملندڙ جلندڙ. ان ۾ فوج ڪا به نه هجي ۽ پهريان ڏهه سال ان کي سڌو اقوام متحده جي اداري جي انتظام هيٺ ڏنو وڃي، انتظاميه مشنري هلائڻ لاءِ ان جي اقتدار تي سڀ ٻاهريان ماڻهو هجن، يعني اقوام متحده جا، جن جو هن ملڪ جي ماڻهن سان رڳو انسانيت وارو ناتو هجي، ٻيو ڪوبه نه تاريخي، نه تمدني، سڀني وڏن ادارن تي سربراهه اهڙا ماڻهو هجن. هڪ ملڪي ڪائونسل هجي، جيڪا انهن ئي ماڻهن جي هجي، جا سڄي ملڪ کي اقوام متحده جي سڌي نگرانيءَ هيٺ هلائي، ان ڪائونسل ۾ هر انتظامي يونٽ جا مقامي ماڻهو به هجن، پر اهي چونڊيل نه ٿاڦيل هجن، هڪ هڪ سال لاءِ اهڙن ماڻهن کي اها ڪائونسل ٿاڦي، جيڪي ان يونٽ جا انسان دوست ۽ خدمتگذار ماڻهو رهيا هجن. مطلب ته ملڪ ڏهه سال اقوام متحده جي هٿ هيٺ رهي. جنهن عرصي ۾ ان جا ٻاهريان قرض ختم ٿي سگهن. سڀ ان جا باشندا تعليم يافته ٿي سگهن ۽ اقتصادي طرح هي ملڪ خوشحاليءَ ڏانهن وک وڌائي... دولت جي حد ان ۾ مقرر هجي، هر ڪنهن کي ڪپڙي، روٽي، مڪان ۽ روزگار جي ضمانت هجي. غرض ته اهو ملڪ سڄي دنيا ۾ انسانذات لاءِ هڪ محبت، خوشحالي ۽ انساني برابريءَ جو پهريون نمونو ٿي اُڀري، جيئن ٽين دنيا جا ٻيا ملڪ اُن جي تقليد ڪن.”
آهن نه عجيب خيال!
فقيرعبدالغفور الستيءَ جي اها آتم ڪهاڻي “ٻنڌڻ ٻاروچن جا.” سنڌي ادب جي ڪجهه اهم ڪتابن مان هڪ آهي ۽ بلاشڪ “نيو ڪلاسڪ” جو درجو ٿي رکي. وڌيڪ فيصلو اوهين پڙهڻ کان پوءِ پاڻ ڪجو.
ô

يادن جا شيشائان ٽڪرا

ڇِڙ وِڇڙ يادگيريون

چاچا بقا [اسين سڀ ڪُٽنب وارا چاچا عبدالغفور الستيءَ کي چاچا بِقا چئي سڏيندا هئاسين] جي پهرين يادگيري، جيڪا منهنجي تصور ۾ آهي، اها هيءَ ته آئون ٽرڪ جي مٿي ڪئبن ۾ ٻين ٻارن سان گڏ ويٺو هوس ۽ هيٺ روڊ تي ٽرڪ جي ڀرسان چاچا بِقا ٻين مردن سان گڏ بيٺو هو. سندس مُٺ ۾ سگريٽ هو، جيڪو پاڻ عجيب اسٽائيل ۾ پي رهيو هو ۽ ڳالهه ڳالهه تي ساڻس گڏ بيٺل ٻين ڀائين سان ٽهڪ ڏيئي رهيو هو، ٽرڪ ۾ پاڙي جون مايون ويٺيون هيون. ٽرڪ چاچا ابونيءَ جي ”دڙو بٺورو گڊس ڪمپنيءَ“ جي هئي. جڏهن به پاڙي ۾ يا دڙي ۾ مٽن مائٽن ۾ ڪو ڪاڄ ٿيندو هو ۽ ان لاءِ ڄڃ دڙي کان ٻاهر کڻي وڃڻي هوندي هئي ته ان لاءِ چاچا ابونيءَ جي ٽرڪ استعمال ڪئي ويندي هئي. چاچا ابوني، چاچا عبدالغفور الستيءَ جو سڀ کان ننڍو ڀاءُ هو. سندس نالو ته احمد هو، پر مٽ مائٽ ۽ ڳوٺ راڄ جا ماڻهو کيس ‘سيٺ ابوني’ چئي سڏيندا هئا. منهنجي جڏهن غلام الله ۾ مڱڻي ٿي ته چاچا ابونيءَ جي اها ٽرڪ ڄڃ کڻي دڙي کان غلام الله ويئي.
اها ٽرڪ اسان جي مائٽن ۾ ڄَميل ڪنهن ٻار جي پهرين جَهنڊ (وار) لهرائڻ لاءِ ”ٻانهي ٻانهياري“ وڃي رهي، ان وقت اڃا دڙي جي وڏي پاڙي ۾ جنهن کي “نئون ڳوٺ” به سڏبو آهي. اهو رواج هو ته هو پنهنجن پُٽن جي جهنڊ لهرائڻ لاءِ کور واهه روڊ تي هڪ جيجان ‘ٻانهي ٻانهياري’ جي مزار تي ويندا هئا. اها مزار جهنگ جي وچ ۾ هوندي هئي، رڳو هڪ قبر هوندي هئي ۽ چوڌاري جهنگ، جڏهن قافلو اتي پهچندو هو ته پهرين مايون ڳيا ڪُڇنديون هيون. اهو ڳين ڪُڇڻ جو ڪم دڙي جون شيدياڻيون ۽ اسان جي پاڙي جون ڪجهه بيگياڻيون ڪنديون هيون. انهن ڳيچن جي جهونگار ۾ حجام ٻارڙي جي جهنڊ لاهيندو هو. پوءِ اتي مٺائي ورهائبي هئي. اتان واندو ٿي اهو سڄو قافلو بلڙي شاهه ڪريم ايندو هو ۽ درگاهه جي سلامي ڀري پوءِ ان جي اڱڻ ۾ مانجهاندو ڪبو هو. مانجهاندي لاءِ مڇيءَ جو ڀَت ڳوٺان ئي رڌي کڻي اچبو هو. مانجهاندي کان پوءِ اتي ڳائي وڄائي، پوءِ جهوڪ شريف شاهه عنايت شهيد جي درگاهه جي سلامي ڀربي هئي ۽ شام جو ڳوٺ پهچبو هو، اها جهنڊ لهرائڻ جي رسم ماين ۽ ٻارن لاءِ ته هڪ قسم جي ڄڻ پڪنڪ هوندي هئي، پر پاڙي جا ڪيترا مرد به هلندا هئا.
هونئن ته ’ٻانهي ٻانهياريءَ‘ تي ڪيترائي ڀيرا وڃڻ ياد ٿو اچي، پر هڪ ڀيري جي يادگيري ڏاڍي چٽي اٿم، اهو ان ڪري ياد اٿم ته اهو“ 4 اپريل 1979ع جو ڏينهن“ هو. ان ڏينهن ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاسي ڏني ويئي هئي، جهنڊ وارو قافلو جيئن ئي ٻانهي ٻانهياري تان جهنڊ لهرائي، درگاهه بلڙي شاهه ڪريم پهتو ۽ درگاهه جي سلامي ڀري مايون، مرد ۽ ٻار درگاهه جي اڱڻ ۾ اچي ويٺا ۽ مانجهاندي جي تياري شروع هئي. شيدياڻيون خوشيءَ ۾ ڳيا ڳائي جهمريون هڻي رهيون هيون، تيسين ڪنهن اچي ٻڌايو ته ”آل انڊيا ريڊيو تان خبر نشر ٿي آهي ته رات ڀُٽي کي ڦاسي ڏني ويئي آهي“.
بس پوءِ ڇا؟ خوشيءَ وارو ماحول هڪدم سوڳوار ٿي ويو. شيدياڻين ڳيا ڪڇڻ بند ڪري ڇڏيا، ضياءَ الحق کي پٽون ۽ پاراتا ڏيڻ لڳيون ۽ ڪي ته ائين روئڻ لڳيون ڄڻ سندن ڪو عزيز قريب گذاري ويو هجي. خوشيءَ جي تقريب ڏک ۾ تبديل ٿي ويئي، ماحول ۾ سوڳواريت ڇانئجي ويئي. واپسيءَ ۾ سڄي واٽ ماين توڙي مردن جا ٻُوٿ لٿا پيا هئا، ڄڻ سندن ڪو ويجهو عزيز قريب گذاري ويو هجي. اها ڪيفيت سڄي سنڌ ۾ هئي. ذوالفقار علي ڀٽي جي اُن عدالتي قتل سنڌين جي ذهن تي دائمي ڏک وارا اثر ڇڏيا ۽ جنرل ضياءَ الحق کي هنن سدائين پنهنجو ازلي ويري سمجهيو. پوءِ جڏهن 17 آگسٽ 1988ع تي جڏھن جنرل ضياءَ جو جهاز بهاولپور ويجهو ڦاٽو ته ڄڻ سنڌين جي دلين تي ڇنڊو پيو ۽ اهو ڏينهن هنن لاءِ ڄڻ ڇوٽڪاري جو ڏينهن هو. ان ڏينهن سنڌي ماڻهن محسوس ڪيو ته سندن ڪنڌ تان وڏو بوجهه لهي ويو آهي ۽ سندن اندر ۾ جيڪي ڀٽي جي عدالتي قتل سبب سالن کان رهيل سڏڪا هئا، اهي ڳوڙھن جي صورت ۾ ٻاهر نڪري آيا.
اُن ڏينهن جي روئداد ڊاڪٽر نجم عباسي پنهنجي ڪتاب ”ڪرفيو ۾ لکيل ڊائري،“ ۾ هيئن ٿو لکي:

”رات جو اٺين ڌاري مان اسپتال ۾ ويٺو هوس، ان وقت هڪڙو محرم جو ماتمي پڙ اچي اتان لنگهيو. لنگهندي جلوس اتي بيهي رهيو ۽ جلوس ۾ شريڪ ماڻهو ماتم ڪرڻ لڳا، اهو سنڌين جو، پڙ هو. ماڻهو ڪارن ڪپڙن ۾ هئا، هو دهل ۽ شرنائين جي ڌن تي پنهنجون ڇاتيون ۽ پنهنجا مٿا ڪُٽي رهيا هئا، مان ڪرسيءَ تي ويٺي ئي جلوس جو ڪجهه حصو ڏسي ٿي سگهيس، ٻه اڍائي سئو ماڻهو هئا ۽ چار پنج سينگاريل گهوڙا.
اوچتو آوازن ۾ تبديلي اچي ويئي دھل ۽ شرنايون بند ٿي ويون، ماڻهن جا خوشيءَ ۾ نعرا ۽ هوڪريا بلند ٿيا. مان اُٿي درواز وٽ وڃي بيٺس، مون ڏٺو ته ماتم جو پڙ جشن جو جلوس بنجي ويو هو، ماڻهو جهمريون هڻي رهيا هئا ۽ “جيئي سنڌ ۽ جيئي ڀٽو” جا نعرا هڻي رهيا هئا، اتي ئي بيٺو هوس، پاڙي جا ڪي سياسي ڪارڪن ڇوڪرا ۽ واقفڪار ڏاڍي خوشيءَ مان اچي مونکي مبارڪون ڏيڻ لڳا. مون ڏٺو ته ڪي پاڙي وارا ڀر واري مٺائي جي دُڪان تان مٺائي وٺي ورهائي رهيا هئا، هر ڪنهن اهائي خبر ٻڌائي ۽ مون پڪ ڪرڻ لاءِ وري وري ٿي اها خبر پُڇي، واپس وڃي اندر ڪرسيءَ تي ويٺس ته ڪي دوست ۽ واقفڪار ان خبر تي مبارڪ ڏيڻ لاءِ ايندا رهيا، مان اسپتال مان نوين بجي بدران پوڻين نوين اُٿيس، جيئن نوين بجي واريون ٽي وي جون خبرون وڃي ٻُڌان، ڪالهه ٽپهري جو هوائي جهاز تباهه ٿيڻ ڪري جنرل ضياءَ مري ويو هو، پر ان جو اعلان ريڊئي تي اٺين بجي ڪيو ويو هو، مونکي اهو ڏينهن ياد آهي، جنهن ڏينهن ڀُٽي کي ڦاسيءَ تي لڙڪايو ويو هو. صبح جو ريڊئي تي يارهين وارين خبرن ۾ اها خبر ٻڌائي ويئي هئي. ان وقت به مان پنهنجي اسپتال ۾ ويٺو هوس، پاڙي وارن پناهگير دڪاندارن اها خبر ٻڌي خوشيءَ جا نعرا بلندا ڪيا هئا ۽ منهنجو اندر سڙي ويو هو، البت مون ماڻهن کي مٺائي ورهائيندي ڪونه ڏٺم هو، ٻين هنڌن تي ايئن ڪيو ويو هو، رات ضياءَ جي موت جي خبر تي ماڻهن کي خوشي جا نعرا هڻندي ڏٺم ۽ مٺايون ورهائيندي ڏٺم ۽ امامن جو ماتم وساري جشن ڪندي ڏٺم، ڪيترو نه پيڙيل ۽ آزاريل آهن، اسان جا ماڻهو (صفحو 98-99)
اهو ته ڊاڪٽر نجم عباسي جي اکين ڏٺي شاهدي هئي، پر سنڌي ماڻهن جي اندر ۾ جنرل ضياءَ الحق کان ڪيتري نفرت هئي، هو ضياءَ جي ظلمن سبب ڪيترا دٻيل هئا، ان جو هڪ اظهار مون 17-آگسٽ 1988ع تي پنهنجي ڳوٺ دڙي ۾ ڏٺو... اها به عجيب روئداد آهي، ان ڏينهن منجهند ڌاري ڪوٽ عالمون وٽان سور جاڻي بند ٽٽڻ سبب هاڻوڪي سڄي سجاول ضلعي ۾ وڏو خوف ۽ حراس پکڙجي ويو هو. ٻوڏ جي اها صورتحال دڙي ۾ به هئي، ماڻهو ٻڌ ڇوڙ ۾ شروع ٿي ويا، بازارون ويران ٿي ويون، سرنديءَ وارا ته پهرينءَ سٽَ ۾ نڪري ويا، باقي بچيا غريب غربا، جيڪي الله جي آسري هئا، چوڌاري ڪڪڙو ڪو لڳي پيئي هئي، سانجهي اچي ٿي هئي، تيسين ماڻهن ۾ چُڻ ڀُڻ شروع ٿي ويئي، هوريان هوريان ماڻهو گهٽين ۾ ٽولين جي شڪل ۾ گڏ ٿيڻ لڳا، هڪ ٻئي کان پڪ ڪرڻ لڳا، خبر تي شڪ ڪرڻ لڳا، تيسين بي بي سي جو ٽائيم ٿي ويو، بي بي سي تي خبر نشر ٿي. هوڪريا مچي ويا، نعرا شروع ٿي ويا، منٽن ۾ هزارين ماڻهو گهرن مان نڪري آيا، نعرا خوشيءَ جا، جيئي سنڌ جا. جيئي ڀٽو جا، فائرنگ جا ڌماڪا، ڇا جيئي سنڌ جا، پي پي پي جا، ڇا عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن ۾ ڪو سنڌو نه رهيو، هڪ وڏو جلسو شروع ٿي ويو، هڪ ٻئي کي مبارڪون ڏيڻ لڳا، ڳراٽڙيون پائڻ لڳا، لڙڪ ماڻهن جي اکين جا بند ڀڃي ٻاهر نڪري آيا...
اڙي ضيا مري ويو.
ملعون مري ويو.
مردود مري ويو،
ملڪ تان آزار لهي ويو.
۽ ان جلوس ۾، انهن نعرن هڻندڙن ۾، آئون به شامل هئس.
هڪ جهاز هوا ۾ ڦاٽو
هلڪو ٿي ويو بار دنيا جو..

اڳي سنڌ جي اڪثر گهراڻن ۾ اهو رواج هوندو هو ته هو پنهنجي پُٽن جي پهرين جهنڊ ڪنهن بزرگ جي درگاهه يا پنهنجي مرشد جي آستاني تي وڃي لهرائيندا هئا. دڙي جي وڏي پاڙي ۾ به اها رسم هئي. ۽ پوءِ جڏهن ‘وهابيت’ جو اثر وڌيو ۽ وڏي پاڙي جي مردن ”وهابي مسلڪ“ اختيار ڪيو ته وهابيت جي ان اثر جي ڪري ڪيتريون ئي ريتون ۽ رسمون غير شرعي قرار ڏيئي ختم ڪيون ويون، جن ۾ هڪ اها ‘ٻانهي ٻانهياري’ تي جهنڊ لهرائڻ جي رسم به شامل آهي.

چاچا الستيءَ جي ٻي جيڪا شروعاتي يادگيري منهنجي ذهن تي تري آئي آهي. اها اسان جي گهر جي اڱڻ جي آهي، جت ماين جو ميڙو مَتو پيو هو، انهن مان ڪن کي نج سنڌي ويس، گجَ پڙو، سوسيءَ جي سُٿڻ، مٿي تي ڀرت ڀريل گندي ۽ زيورن مان دُهري، هُس، نٿ، جهومڪ۽ ٻيا زيور پاتل ھئا، اهي سڀ مايون اسان جي گهر جي اڱڻ ۾ نم جي بيٺل شاهوڙ وڻ جي هيٺان ڇانوَ ۾ بيٺل هيون ۽ ٿورو پريان اسان جي گهر جي وڏي دروازي جي بلڪل سامهون بابا پنهنجي ڍڳا گاڏي جوٽيو بيٺو هو ۽ سندس ڀرسان چاچا بِقا ڪئميرا کڻي، سنڌي ويس وڳا پاتل عورتن کي بابا جي ڍڳا گاڏيءَ تي ويهاري فوٽو ڪڍي رهيو هو. اهي فوٽو هو ”ملير ڊائجسٽ“ جي ٽائٽل لاءِ ڪڍي رهيو هو، انهن ماين ۾ ادي مري شيدڻ، ادي سُکي شيدڻ، ماسي ڦاپو شيدڻ، ناني جلو بيگياڻي ۽ ادي شرفو مون کي اڃا ياد آهن. انهن فوٽن مان پوءِ هڪ فوٽو جيڪو ”ادي مري شيدڻ“ جو هو، جنهن ۾ کيس نڪ ۾ نٿ، ڳچيءَ ۾ دُهري ۽ مُڪيش جي بَريءَ وارو چولو پاتل ۽ مٿي تي گندي ڍڪيل هئي “ملير ڊائجسٽ” جي ڪنهن پرچي ۾ ٽائٽل طور ڇپيو هو.
انهن فوٽن ڪڍڻ دوران چاچا بِقا جا ڪنهن ڪنهن مهل ٽهڪ به ٻُرائجڻ ٿي لڳا ۽ سندس مُٺ ۾ جهليل سگريٽ مان عجيب اسٽائل ۾ سوٽا هڻي رهيو هو. چاچا الستي سگريٽ ڏاڍي مزي سان پيئندو هو ۽ ان جي هر سوٽي مان لذت ۽ سرور ماڻيندو هو ۽ اهي سگريٽ هو آخري تائين پيئندو رهيو. البت پوين سالن ۾ باءِ پاس آپريشن ڪرائڻ کان پوءِ هو اهي گهٽائي ويو هو، پر صفا ڇڏي پوءِ به ڪونه سگهيو، آئون جڏهن سانڀر ۾ آيس ۽ سندس ويجهو ٿيس ته مون کيس سدائين سگريٽ جو هڪ ئي برانڊ ”ڪيپسٽن“ پيئندي ڏٺو، جنهن کي پاڻ ‘ڪيپٽن’ چوندو هو.
فوٽن ڪڍڻ جي ان چهه چٽي ۾ آئون ۽ ٻيا ڇوڪرا ٻاڪرا وڏي تجسس مان چاچا بِقا جي ڪئميرا ۽ ماين کي مختلف زاوين کان بيهاريندي ڪيڏي مهل ڪنڌ هيٺ ڪرائيندي ته ڪيڏي مهل مٿي ۽ پوءِ ”ٿورو مُرڪ ته سهي!“ چوندي، ڪئميرا جو بٽڻ دٻائيندي ڏسندا رهياسين.
اُن ڏينهن اسان لاءِ اهو هڪ عجيب رونشو هو، جيڪو ڪيتري ئي دير جاري رهيو.
[2]
آئون گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان لڳاتار چاچا الستيءَ سان ڪچهري ڪندو رهيو آهيان. 30 آڪٽوبر 2014ع کان ٻه هفتا اڳ پاڻ مون کي فون ڪيائين.
“يوسف! آئون دڙي واري جڳهه وڪڻان پيو. پاسي واري ڪوٺيءَ وارو پلاٽ اوهان جو آهي، اهو ڇڏي ڏنو اٿم... تنهنجي ماءُ ادي صفوريءَ کان موڪل وٺي اُتي ڪمرو ٺهرايو هئم الست جو سامان رکڻ لاءِ... ڪمري ۾ پيل سامان ته هاڻ ڪونهي... چور چوري ڪري ويا، سو اهو ڪمرو ڇڏي ٻي جڳهه وڪڻان پيو... ڪو گراهڪ ملي ته ڳولهي ڏي...!“
”ڇو پيا وڪڻو... اباڻي ملڪيت آهي“. چيومانس.
“هاڻ ڪير آهي... رياض به ڪراچي رهي. دڙي اچي ڪونه... آئون به گهڻو هاڻ مڪلي رهان، ڪهڙي ڪم جي....!” جواب مليو.
شايد اها وڃڻ جي تياري ڪئي.
ٻي هفتي ڳوٺ ويس ته اهو ڪمرو ڇڏي باقي سڄي گهر جي صفائي ٿي پئي هئي.
گهر ۾ رهندڙ ڪم واري ماسيءَ ۽ چوڪيدار ٻڌايو ته الستيءَ چيو ته ”پلاٽ جو هي حصو يوسف وارن جو آهي.“
مون کي ياد ڪونهي، چاچا الستيءَ ڪڏهن امان کان موڪل وٺي ان پلاٽ تي اهو ڪمرو اڏرايو هو. هاڻ جڏهن هُن ھلڻ جي تياري پي ڪئي ته هن اها واپس ڪرڻ جي لاءِ مون کي فون ڪئي، هن اها ڳالهه پنهنجي پُٽ رياض احمد ۽ منهنجي ماسات محمد الدين ميمڻ کي به چئي، جنهن پوءِ اها جاءِ خريد ڪئي.
پوءِ فون بند ٿي ويئي، هميشه لاءِ !
وري اسان جي ملاقات 30 آڪٽوبر 2014ع تي ٿي سندس خاڪي جسم کي لحد ۾ لاهڻ وقت!
”مون ننڍي هوندي زندگيءَ جا ٻه وڏي ۾ وڏا سبق سکيا، علم پرائجي، پوءِ ڀلي مار کائجي، پرايو حق نه کائجي پوءِ ڀلي خوار ٿجي.“ 1
ساڻس منهنجي ڪچهري سندس آتم ڪهاڻي “ٻنڌڻ ٻاروچن جا” ۽ سندس ٻين لکڻين جي ذريعي ٿي رهي آهي. جيڪي سندس چالاڻي کان پوءِ هر وقت منهنجي رائٽنگ ٽيبل تي رهن ٿيون. پاڻ ته نٿو ڳالهائي، سندس آواز ته ڪنن جي سماعتن تائين نٿو پهچي، پر سندس لکيل لفظ مون سان ڳالهائي رهيا آهن. لفظ ئي ته ڳالهائيندا آهن.
الستي صاحب کي ننڍڙا ٻار، خاص ڪري نياڻيون ڏاڍيون عزيز هونديون هيون. وٽس سنڌي عورت جي حيثيت سدائين مارئيءَ جي روپ واري رهي. هو سنڌي نياڻيءَ کي مستقبل جي سنڌ جي ماءُ سمجهندو هو. پاڻ نياڻين کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪرڻ لاءِ الست جي پليٽ فارم تان جيڪو ڪم ڪيائين، اهو به وڏي جذبي سان ڪيائين. سندس چواڻي کيس اهو جذبو، اهو پيغام شاهه جي رسالي مان مليو. جيئن هڪ هنڌ لکيو اٿس:
“رسالي ۾ روح جون سڀ خوشيون هيون، پر جيڪا نعمت مون کي انهيءَ مان ملي، سا اها ته جيئن لکيل لفظ مونکي خوشيون ڏنيون آهن. تيئن ٻين ماڻهن تائين پهچايان، تنهنڪري اها تعليم سنڌي نياڻين تائين پهچايان، ويتر سُر مارئيءَ ان ڳالهه کي وڌيڪ وزن وٺرايو. اها نه فقط انساني بدن ۽ روحن جي آزاديءَ جي پڪار هئي، پر هڪڙي سنڌي عورت جو ظلم ۽ زاريءَ جي خلاف سڀني کي سڏ هو. مارن کي مدد خاطر، اهو ظلم ۽ زور اڄ به مٿس روا هو سڄي سنڌ ۾.“

نياڻين سان سندس محبت ڏسڻ وٽان هوندي هئي. هو جڏهن کيس چاچا الستي چئي مخاطب ٿينديون هيون ته پاڻ ڪو خوش ٿيندو هو ڇا؟
هڪ ڀيرو منهنجي ننڍڙي نياڻي ’امرتا پريتم،‘ صبح جو سوير وٽس ويئي ۽ سندس سِري کان بيهي چيائينس، ”چاچا! مون کي ڪتاب ڏي ته پڙهڻ وڃان.“
چاچا الستي کي اُن ڳالهه ڏاڍو متاثر ڪيو، پاڻ امرتا پاران کانئس ڪتاب گهرڻ واري ڳالهه کي هڪ شعر جي روپ ۾ هيئن لکيائين ۽ ان کي عنوان ڏنائين:

In Search of God
Love and serve me
I am the Holy spirit of God
All creation is brought forth
And sustained by me
Without God nothing comes
Without me nothing comes and survives
He is father
I the mother
of all
love and serve me
I am the Holy spirit of God
When I opened my eyes
A girl was gently shaking my hand
“Uncle I want school books
I want go to school
I want learn lord”
“O yes yes”, I at once said
and sat up and gave her books
she cebcame very very happy
first time she would go to school
firt time learn the word the lord
I had told my people
word was lord
She had often heard it so sad it
“I Want learn Lord”

چاچا الستيءَ جي منهنجي نياڻي امرتا پريتم سان اها محبت پوءِ سڄي عمر جاري رهي، ڪجهه سال پوءِ هڪ ڏينهن جڏهن امرتا پريتم، ماهوار امرتا جو مارچ 2009ع جو شمارو وٽس کڻي ويئي ءِ ان تي کانئس آٽو گراف ورتائين. ته الستي کيس رسالي تي هي شعر لکي ڏنو.
منهنجي امرتي، منهنجي امرتي،
منهنجي من اندر جي ارتي
تنهنجي حُسن ۾ آئون ٿو ڏسان
حُسن خدا جي هر خوشي منهنجي امرتي.
[3]
ذهن جي ڊسڪ تي ڪيتريون ئي اهڙيون يادگيريون آهن، جيڪي ڪلڪ ڪرڻ سان اُڀري اچيو اڳيان بيهن، انهن مان هڪ يادگيري چاچا جي وائين واپرائڻ جي به آهي. جيتوڻيڪ پاڻ پنهنجي آتم ڪهاڻي ”ٻنڌڻ ٻاروچن جا“ ۾ لکيو اٿس ته وڏيراڻو ٻارهئڻ سبب منجهس ٻين ڪيترين ئي عادتن سان گڏ اها عادت به پئجي ويئي هئي، پر مون کيس فقط ٻه ڀيرا اهو واپرائيندي ڏٺو.
جڏهن ڊاڪٽر موتي پرڪاش 1984ع ۾ دبئي مان ڪراچي آيو ته سندس بٺوري وارو دوست ”منگهن لال شرما“ به آيو، موتي پرڪاش جي ڪراچي هئڻ دوران منگهن لال شرما ٻه ٽي ڀيرا ڪراچي آيو ۽ اهي ٻه ٽي ڀيرا الستيءَ وٽ سندس گهر ۾ ئي ٽڪيو. ھڪه ڀيري جڏھن آئون چانهه کڻي مٿين ڪمري ۾ ويس ته مون ميز جي هيٺان، ھڪ بوتل رکيل ڏئي، جنهن مٿان هڪ چلڪندڙ پني/اسٽيڪر لڳل هو، ان تي لکيل هو “ويٽ ون!” آئون چانهه ڏيئي چُپ ڪري موٽي آيس، مون کي الائجي ڇو تجسس اچي ٿيو ته اها شيشي ڇا جي آهي.
ٿوري دير کان پوءِ جڏهن چاچا الستي ۽ شري منگهن لال شرما هليا ويا ته آئون مٿئين ڪمري ۾ هليو ويس، پر مون کي اها شيشي ڪٿي به نظر نه آئي، پر بهرحال منهنجي ذهن ۾ تجسس رهيو ته ان شيشي ۾ ڇا هو؟.... اندازو ته هو، اُن جي ٻي ڏينهن مون چاچا الستيءَ جي ميز تي هڪ ڪاڳر تي شعر لکيل ڏٺو، جنهن ۾ ڪيترائي بند هئا. هاڻي مون کي ان شعر جي فقط هڪ ئي سٽ ياد آهي. جيڪا هن ريت آهي.
رات مون ۽ منگهن ڀري پيتو جام اي ساقي!
اهو شعر الستي صاحب ان رات واري ڪيفيت کي ياد رکڻ جي لاءِ لکيو هو، اڳتي هلي ڳولا ڦولا کان پوءِ به مون کي اهو شعر الستيءَ جي ڪاغذن مان نه لڌو.
سندس ٻي ڀيري وائين واپرائين جي ڳالهه ياد ٿي اچي ته کل وٺيو وڃيم، پاڻ دڙي آيل هو ته منهنجو دوست ”موٽو مل ڪنول ڪوهستاني“ مون سان ملڻ جي لاءِ آيو. الستي صاحب سان به وڃي ملياسين. ڪچهري ڪندي الستيءَ موٽو مل کي چيو: “تون شراب ته پيئندو هوندين؟” موٽو وراڻيس، “سائين ڪڏهن ڪڏهن!”
”تو وٽ هُجي ته سڀاڻي مون کي ٿورو موڪلي ڏي.“ الستيءَ چيس.
“ٿورو ڇو سائين! چئو ته سڄي پينٽ کڻي اچي اوهان سان پيئان!” موٽوءَ کلندي چيس.
“نه ...نه!” الستي چيس، “بس ٻه ٽي ٻُنجيون”
“ٻن ٽن ٻُنجين کي ڇا ڪندا؟”
“پيئندس!” الستي وراڻيس.
“پر ٻن ٽن ٻُنجين مان ڇا ٿيندو؟” موٽوءَ چيو.
“منهنجي لاءِ کوڙ آهي.. پي موڊ ٺاهي شاعري ڪندس” الستيءَ وراڻيو، ته اسين ٻيئي اچي کل ۾ پياسين ته الستي صاحب به اسان سان گڏ کلڻ لڳو.
ٻي ڏينهن شام جو موٽوءَ هڪ آڌيو وائين جو کڻي آيو. گلاس آيا... هڪ موٽو لاءِ ٻيو الستي لاءِ... مون الستيءَ جي سامهون پيئڻ کان لنوايو، اها ڳالهه مون اڳ ۾ ئي موٽوءَ کي چئي ڇڏي هئي، موٽو ته پنهنجو پئگ اسٽرانگ ٺاهيو، پر الستيءَ پنهنجي پئگ ۾ بوتل جي ٻُنجي (ڍڪڻ) يعني پنج ست ڦڙا وائين جا وڌا، فل پاڻيءَ جي گلاس ۾.
موٽوءَ وڌيڪ وجهڻ جي ڪئي ته الستي روڪيندي چيس: ”بس بس منهنجي لاءِ ايترو ڪافي آهي.“
“پر سائين هن مان ڇا ٿيندو... رڳو خوشبوءِ ئي محسوس ٿيندي.” موٽوءَ چيس.
“بس منهنجي لاءِ خوشبوءِ ئي ڪافي آهي.” الستي کلندي وراڻيو.
پوءِ ٿيو هيئن جو موٽو مل ته باقي پورو آڌيو پي ڪچهري ڪري روانو ٿي ويو. پر الستيءَ جو اهو اڌ ٻُنجيءَ وارو پئگ جاري هو ۽ موٽوءَ جي وڃڻ کان پوءِ به الائجي ڪيتري دير جاري رهيو.
پوءِ آئون موٽو مل گهڻن ڏينهن تائين الستي صاحب جي ان ڳالهه کي ياد ڪندا کلندا رهندا هئاسين.
افسوس جو هاڻ نه منگهن لال هن دنيا ۾ رهيو آهي نه موٽو مل!
جوڳي جوڳ ڇڏي ويا، پريا پورپ پنڌ ڏي. (شاھه)
سائين منگهن لال جي ڇا ڳالهه ڪجي، علم دوست ۽ ادب دوست ماڻهو هو، ڪيترائي ڪتاب ڇپايا هئائين، جن ۾ “ڪنور ڪسجي ويو” ۽ ٻيا شامل آهن، هڪ ٻيو ڪتاب جڳديش ملاڻيءَ تي ترتيب ڏيئي منهنجي هٿان ڇپرايائين، جنهن جو نالو هو “رت ڀُٽا تنهنجي راهه ۾،” ان کانسواءِ پاڻ ڪيترائي مضمون لکيائين، جن مان مون ڪجهه مضمون “مائي الهه وسائي” ۽ قاسم پٿر، جي باري ۾ لکيل ”سنگت پبليڪيشن“ ۾ ڇپيا. يارن جو يار ۽ وڏي دل وارو ماڻهو هو، آئون جڏهن سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو سيڪريٽري جنرل چونڊيس ته فون ڪري مون کي مبارڪون ڏنائين ۽ بٺوري وٽس اچڻ جي دعوت ڏنائين، آئون ويس ته سندس پتني، يعني منهنجي ماتا اجرڪ کڻي اچي منهنجي ڪلهن ۾ وڌي ۽ آسيس ڏنائين ۽ پنهنجي سامهون ويهاري مانجهاندو ڪرايائين، ماتا جي اها محبت آئون ته سڄي عمر وساري نه سگهندس، جڏهن گذاري ويئي ته مون ائين محسوس ڪيو ته منهنجي مٿي تان آسيس جو هٿ کڄي ويو.
منگهن لال شرما، جنهن کي اسين سڀ ”سائين منگهن“ چوندا هئاسين، دوستن جو دوست هو، مختلف قومي ۽ ادبي ڪمن ۾ دوستن جو مددون ڪندو هو، مون جڏهن موتي پرڪاش ۽ ڪلا پرڪاش جا ڪتاب سنڌ ۾ ڇپرايا ته ان ۾ سندس مالي مدد به شامل هئي، سندس ڪيترائي ڳُڻ آهن، جي وسرن ئي نٿا.
هڪ ڀيري جڏهن وٽس ويٺو هوس ۽ سنڌي ادبي سنگت لاءِ ڪيل ڪمن تي ڳالهائيندي چيم ته ”مون کان ڪجهه ڪم ٿي نه سگهيا، جنهن تي افسوس اٿم“ ته چيائين: ”ڪنهن ڳالهه تي افسوس نه ڪر، جيڪڏهن سڀ ڪم ٿين ۽ خواهشون پوريون ٿين ته پوءِ ڇا کپي، ڪجهه ڪم توکان ٿيا ۽ ڪجهه ٻيا اچي ڪندا، تو پنهنجي وسان ناهي گهٽايو“.
سائين منگهن هو ته چاچا الستيءَ جو دوست ۽ چاچا الستي جي ڪري ئي منهنجي ساڻس واقفيت، دعا سلام ۽ پوءِ دوستي ٿي، ڪن ڪن موقعن تي مون پنهنجي جذباتي طبيعت سبب کيس رنجايو به، پر پاڻ ڪڏهن به دل ۾ نه ڪيائين.
ڊسمبر 2010ع تي سجاول ۾ جڏهن مساڻ ۾ سندس اگني سنسڪار ڪيو پي ويو ته مون ائين محسوس ڪيو ته ان ۾ منهنجي وجود جو هڪ حصو سڙي رهيو آهي.
ڪڏهن ڪڏهن سندس ياد جي ويرورندي اٿم ته عجيب بي سُکائي، اٻاڻڪائي ۽ اڪيلائپ جو احساس ٿيندو اٿم، پوءِ اهو سوچي پاڻ کي مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان ته:
اين قافله عمر، عجب مي گذردم
[زندگيءَ جو ھي قافلو عجب نموني ۾ ھلي ٿو]
سندس ياد کي تازو رکڻ جي لاءِ مون پنهنجو ھڪ ترجمو ڪيل ڪتاب”خدا جي تاريخ“ سندس نالي ارپيو.

[4]
1984ع جي نومبر مهيني ۾ ڊاڪٽر موتي پرڪاش دبئي کان ڪراچي آيو پنهنجي جنم ڀومي ڏسڻ، کيس فقط ڪراچي جي ويزا هئي، موتي پرڪاش جي استقبال لاءِ سنڌ جا ڪيترائي اديب دوست ايئر پورٽ تي پهتل هئا. جن ۾ سنڌ جي راڳ جي راڻي عابده پروين به هئي. موتي پرڪاش جيتوڻيڪ آيو ته چاچا عبدالغفور الستيءَ جي دعوت تي هو، پر سنڌ اچڻ کان پوءِ هو دوستن ۾ اهڙو ته گهيرجي ويو، جو ڄڻ هو سڀني جو مهمان بنجي ويو. هيڏانهن چاچا الستي سندس رهائش جو بندوبست پنهنجي گلشن اقبال واري گهر ۾ رکيو هو، پر موتي پرڪاش سنڌ اچي ‘هوٽل جبيس’ ۾ وڃي رهائش اختيار ڪئي، ان جو سبب اهو هو ته اتي ساڻس ملڻ لاءِ ايندڙ دوستن کي آساني هئي. الستي صاحب به اها ڳالهه سمجهي سندس هوٽل ۾ رهائش اختيار ڪرڻ تي راضپو ڏيکاريو. البت سندس ڪنهن دوست کان اُڌاري ورتل گاڏي ۽ ڊرائيور ادا اقبال مرحوم جيڪو الستيءَ جو ڀائيٽو هو، هر وقت موتي پرڪاش جي حوالي هئا.
سنڌ اچڻ کان اڳ موتي پرڪاش الستي صاحب کي خط لکيو:

12 نومبر 1984ع
پيارا عبدالغفور
تنهنجو 7 نومبر جو خط پهتو، هن ڀيري تو ٺهه پهه جواب ڏنو آهي تنهن لاءِ توکي وڏي شاباس هجي. تنهنجي حُجت تي ڏاڍو پيار اچيم ٿو. مون کي خبر آهي ته توهين سڀ اصل ڪين چاهيندا ته اسين هوٽل ۾ رهون ۽ ٿورو به خرچ ڪريون. ائين برابر آهي، ته گهر نيٺ گهر آهي ۽ هوٽل نيٺ هوٽل آهي. پوءِ به مون تو کي لکيو هو، تنهن لاءِ ڄاڻايل سببن کان وڌيڪ ٻيا سبب آهن.
اسين هاڻي عمر کان چڙهي چڪا آهيون، ڪي سُٺيون، خراب عادتون به اٿئون، جيڪي مان توکي ته بي حجاب لکي سگهان ٿو، ڇاڪاڻ ته ٻين جي سامهون پاڻ ظاهر ڪرڻ ۾ تون به ششدر ٿيندين ۽ اسين به، منهنجو دوست موهن گيهاڻي ۽ ڪلا دائما قبضيت جا مريض آهن. کين گهٽ ۾ گهٽ صبح جو پنج ڇهه دفعا پائخانه جي سلامي ڀرڻي پوندي آهي. اول ته کين ٻه ٽي ڏينهن نئين ماحول ۽ هوا، پاڻيءَ سان ٺهڪائڻ ۾ لڳي ويندا. حالت منهنجي به ائين سمجهه، پر هنن جي ڀيٽ ۾ گهٽ. ٻي ڳالهه جيڪڏهن ڪلا کي ٻه ٽي ڏينهن اِها تڪليف رهندي آهي ته پوءِ کيس اڌ مٿي جو اهڙو سور پوندو آهي جو الله پناهه ڏئي. اصل کاڌو، پاڻي حرام، ٻنهي جي حالت قياس جوڳي سمجهه، کين هوٽل ۾ اِن حالت ۾ سهوليت ٿيندي. مون کي خبر آهي ته تون اسان کي گهر ۾ هر ڪا سهوليت مُيسر ڪري ڏيندين ۽ اسان جي هر ڪا چاڪري ڪرڻ ۾ وسان ڪين گهٽائيندين، پوءِ به عرض اِهو ڪندس ته اِهي حاجتون هوٽل ۾ لاهي پوءِ سڄو ڏينهن توهان سان هُجون، ويندي اڌ رات تائين ته ٺيڪ ٿيندو.
مزي جي ڳالهه ٻڌايان؟ دوست موهن گيهاڻيءَ کي ٻڌايم ته رات گهر ۾ ڪهي آيو. چوي ته عبدالغفور کي ڪيئن به ڪري مڃاءَ. ٻئي هر لحاظ کان مون کان به وڌيڪ Sensitive آهن. اِنهن تڪليفن سبب پنهنجي ئي گهر ۾ ڪڏهن ڌاريا ٿي ويندا آهن.
مهرباني ڪري اِئين به نه سمجهه ته اسين ڪو هوٽل ۾ رهي پنهنجو شان ۽ شاهوڪاري ڏيکارڻ ٿا چاهيون. اسين اڃا مسڪين ئي آهيون. تو کان لڪ لڪاءِ ڪونهي. وهنداسين ته ڳالهيون ڪنداسين. تنهنجو گهر اسان جو پنهنجو گهر آهي. سڄو ڏينهن رات تو سان گڏ هونداسين، پر پنهنجي فيصلي تي غور ڪج. مون کي پڪ آهي ته اسان کي غلط ڪين سمجهندين.
مون توکي ٽيليفون ٻه ٽي دفعا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر لائين بزي هئي، ٽيليفون تي اِهو سڀ سمجهائڻ به ڏکيو آهي.
بهرحال ٽڪيٽون هٿ ۾ آهن، فلائيٽ GE784 ڪراچيءَ پهچڻ جو ڏينهن جمع 16 نومبر، 3.55 شام.
ڀاڀي صاحبه لاءِ سلام
تنهنجو
موتي
[5]
آئون جڏهن انهن ڏينهن جون ساروڻيون ساريان ٿو ته مون کي عابده پروين چاچا الستيءَ جي گلشن اقبال واري گهر ۾ مهمانن سان ويٺل نظر ٿي اچي. ڇا ته سادي، سودي مست الست، نماڻي ۽ نهٺي ۽ هر وقت نوڙت وارو انداز. انهن ڏينهن عابده پروين سهراب ڳوٺ ۾ هڪ فليٽ ۾ رهندي هئي. عابده پروين ۽ سندس وَر مرحوم غلام حسين شيخ ان جو نالو رکيو هو. ”سارنگ جو گهر“ -سارنگ سندن فرزند جو نالو هو.
۽ سچ ته چاچا الستيءَ جي گهر عابده پروين کي ائين جو ويجهو ڏٺم ته منهنجي خوشي به ڏسڻ وٽان هئي. سنڌ جي هيڏي وڏي فنڪارا کي ائين سامهون ڏسڻ جو شرف، جڏهن منهنجي عمر ويهه سال هئي. منهنجي لاءِ اها وڏي ڳالهه ۽ خوشيءَ جو سبب هئي.
مون کي ٻيو ڀيرو ايڏي خوشي وري فيبروري 2011ع ۾ دهليءَ ۾ نصيب ٿي، جڏهن مون دهليءَ جي”سري فورٽ آڊيٽوريم“ ۾ جگجيت سنگهه کي روبرو ڳائيندو ٻُڌو ۽ ڪنسرٽ ختم ٿيڻ کان پوءِ جگجيت سنگهه سان گڏجي ڊنر ڪرڻ، ڊرنڪ وٺڻ ۽ فوٽو ڪڍرائڻ منهنجي زندگي جا يادگار لمحا آهن. جگجيت سنگهه کي مون سدائين پنهنجي هڪ دوست سان گڏجي موج ۽ مستين ۾ ٻُڌو هو ۽ ساڻس ائين روبرو ملڻ جو تصوربه نه ڪيو ھيم. اهڙا لمحا گهٽ خوشنصيبن کي نصيب ٿيندا آهن.
ڪراچي ۾ موتي پرڪاش جون جيڪي به دعوتون ٿينديون هيون. انهن ۾ آئون به چاچا عبدالغفور الستيءَ سان گڏجي ويندو هوس. اهڙي ئي هڪ دعوت دادا دولت مهتاڻيءَ جي گهر به ٿي هئي، جنهن ۾ ڪيترائي اديب آيل هئا، جن مان پروفيسر اياز قادري، رشيد ڀٽي ۽ علي احمد بروهي جا چهرا هينئر به مون کي ياد آهن. ان دعوت ۾ عابده پروين به آيل هئي. بروهي صاحب جي گفتن ۽ ڳالهين تي چوڌاري ٽهڪ ٻُري رهيا هئا. جو اوچتو ڳالهه ڦري گهري اچي عابده پروين تي بيٺي ۽ ڪنهن عابده کان فرمائش ڪئي ته ڪجهه ٻُڌايو. سڀني ائين سمجهيو ته عابده نخرا ڪندي ۽ چوندي ته ساز ڪونهي يا موڊ ڪونهي... پر هن فقيرياڻيءَ دير ئي نه ڪئي. بس ڪن تي هٿ رکي شروع ٿي ويئي ڀائي امر ڪنور جا ٻول ڳائڻ: نالي الک جي ٻيڙو تار منهنجو.
واهه واه ٿي ويئي.....

چاچا الستيءَ سان اُن دوستيءَ مون کي ڪيترن ئي اهم ماڻهن جو ديدار ڪرايو ۽ ساڻن ملاقات جو شرف مليو. انهن ۾ مرحوم ڊاڪٽر جي ايم مهڪري به شامل هو، جيڪو هڪ ڀيري الست جي ڪنهن پروگرام ۾ شرڪت جي لاءِ ڪجهه دوستن سان گڏجي دڙي آيو. پروگرام جي پُڄاڻي تي چانهه پيئڻ مهل مون کيس پنهنجا ٻه ترجمو ڪيل ڪتاب تحفي طور ڏنا ۽ کانئس سندس ئي ڪتاب ”محڪريءَ جا مضمون“ تي آٽوگراف به ورتو. ڪتاب کيس ڏاڍو وڻيا. ڊاڪٽر صاحب پوءِ چاچا الستيءَ کان منهنجي باري ۾ پڇيو ۽ ڪراچيءَ وڃي مون کي هڪ خط لکيائين. اهو خط منهنجي لاءِ ڪنهن ايوارڊ کان گهٽ ڪونهي... مون اهو خط پنهنجي ڪيترن ئي ڪتابن ۾ مهاڳ طور ترجمو ڪري ڏنو ۽ ڪيترائي ڀيرا اهو خط رسالن ۾ ڇپرايم ته جيئن وڌ ۾ وڌ نوجوان اُن مان اُتساهه وٺي سگهن.
1992ع ۾ جڏهن آئون ”هزار داستان“ سنڀاليندو هوس ته هڪ ڀيري ڪراچي وڃڻ ٿيو ته ڳالهين ئي ڳالهين ۾ چاچا الستيءَ مون کي هزار داستان لاءِ علي احمد بروهي کان انٽرويو وٺڻ جي لاءِ چيو. مون ها ڪئي ته پاڻ بروهي صاحب کي فون ڪري ٻڌايائين ته يوسف سنڌي تنهنجو انٽرويو ڪرڻ ٿو گهري. بروهي صاحب هاڪار ڪئي ته اسين ٻيئي شام جو گڏجي بروهي صاحب جي پرنس ڪمپليڪس ڪلفٽن واري فليٽ تي وياسين ۽ کانئس انٽرويو ڪيم. ان سڄي عرصي دوران الستي صاحب چپ ڪريو اسان جي گفتگو ٻڌندو رهيو. انٽرويو پوءِ مون ٽيپ تان اتاري ”هزار داستان“ ۾ ڇپيو. جيڪو ڪافي پسند ڪيو ويو.اھڙو ئي ھڪ ٻيو انٽرويو جسٽس امام علي قاضي مرحوم کان به ورتم، جيڪو ھفتيوار سنڌؤ ۾ چيبو ھو.
ائين الستي صاحب سان گڏجي ڪيترن ئي دوستن سان ملاقاتون ٿينديون هيون، جن ۾ پي ڪي شاهاڻي به شامل هو. سندس آفيس پاڪستان چوڪ وٽ هئي ڏيارا گدومل ٽرسٽ جي بلڊنگ ۾.
ائين ڪيترائي ڀيرا الستي صاحب سان گڏجي مرحوم جسٽس امام علي قاضيءَ سان سندس گهر تي وڃي ملڻ ٿيو. قاضي صاحب جڏهن گذاري ويو ته مون مٿس هڪ ننڍڙو تاثر لکيو، جيڪو انهن ڏينهن، ”پاڪ“ اخبار ۾ ڇپيو هو. قاضي صاحب، نياڻين جي تعليم جي سلسلي ۾ الستي صاحب جو وڏو ساٿ ڏنو.
محترم يوسف شاهين ۽ دستگير ڀٽيءَ سان منهنجي ملاقات به چاچا الستيءَ ئي ڪرائي. ان ملاقات ۽ ان کان پوءِ برسات کي جوائن ڪرڻ منهنجي زندگي جو اهم موڙ هو، جيڪو مون پنهنجي يادگيرين جي ڪتاب “انڪار به، اقرار به” ۾ تفصيل سان بيان ڪيو آهي. سچي ڳالهه اها آهي ته چاچا الستيءَ جو منهنجي زندگي، ادبي ڪمن ۽ ڪئريئر تي وڏو اثر رهيو آهي. چاچا الستي کي ئي لکندي ۽ پڙهندي ڏسي مون ۾ شوق جاڳيو ۽ ”ملير ڊائجسٽ“ جي صفحن ته منهنجي نس نس ۾ “سنڌيت” ڀري ڇڏي، ”عين غين سنڌي“ جي نالي پويان ئي مون “سنڌي” سڏرائڻ شروع ڪيو ۽ منهنجي “يوسف سنڌي” جي نالي سان سڃاڻپ جو سبب به ”عين غين سنڌي“ ئي آهي.
چاچا الستي وٽ ڪراچي ۾ جيڪي به ڪتاب هئا، سي لڳ ڀڳ انگريزي ۾ هئا. انهن جو تعداد لڳ ڀڳ ٻه اڍائي سو هو ۽ وٽس جڏهن به مون ڪو سنڌي ڪتاب پيل ڏٺو يا ڪنهن دوست کيس تحفي طور ڏنو ته اهو يا ته آئون کڻي ايندو هئس يا وري جڏهن چاچا الستي دڙي ايندو هو ته منهنجي لاءِ کڻي ايندو هو. البت چاچا انگريزي ڪتاب کڻڻ کان روڪيندو هو ۽ آئون به انهن سان ڇيڙ خاني نه ڪندو هوس.
نيلسن منڊيلا جي آتم ڪهاڻي Long walk to freedom مارڪيٽ ۾ آئي ته آئون ”ٿامس اينڊ ٿامس“ ڪراچي وٽان ڪتابن جي مَٽا سَٽا ۾ وٺي آيس، انهن ڏينهن ان ڪتاب جو ترجمو ”اردو ڊائجسٽ“ ۾ قسطوار هلندو هو. جيڪو پوءِ مون اتان ئي سنڌيءَ ۾ ترجمون ڪرڻ شروع ڪيو. اهو ترجمو لڳاتار هو ۽ باب وغيره ڏنل نه هوندا هئا. ان انگريزي ڪتاب تان پوءِ مون اردوءَ تان ڪيل اهو ترجمو ڪنهن حد تائين ڀيٽي درست ڪيو ۽ بابن وغيره ۾ ورهايو. ان دوران مون اهو ڪتاب چاچا الستي کي پڙهڻ جي لاءِ ڏنو. پاڻ ان ڪتاب جي وڏي واکاڻ ڪيائين ۽ پوءِ هڪ اهڙي ڳالهه ڪيائين، جنهن مون کي نه رڳو حيران ڪري ڇڏيو، پر سندس ڪتاب شناسيءَ تي به داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نه سگهيس. پاڻ چيائين ”ته هي ڏاڍو سٺو ڪتاب آهي ۽ ههڙا ڪتاب آهستي آهستي پڙهبا آهن، جيئن ڪتاب جلدي ختم نه ٿئي.“ اهڙي ئي ڳالهه چاچا خوشونت سنگهه جي ناول “دهلي” پڙهڻ کان پوءِ به ڪئي، خوشونت سنگهه جو اهو ناول مون کي ڪراچي جي هڪ پبلشر ترجمي ڪرڻ لاءِ ڏنو هو. مون ان ناول جا سؤ کن صفحا ترجما ڪيا جو اهو پبلشر امير ابڙو ئي گم ٿي ويو. ته مون ان جو وڌيڪ ترجمو ڪرڻ ڇڏي ڏنو.
ھڪ ٻيو ڪتاب به مون چاچا الستي کي پڙھڻ جي لاءِ ڏنو، جي ايم گرگلاڻي جو شيخ اياز جي شاعري تي لکيل ،
Impor Tal Poetry of Shakh Ayaz
اھو ڪتاب، چاچا الستي کي ڏاڍو ڻيو ۽ اھو ڪتاب پڙھي پاڻ جي ايم گرگلاڻي کي ھڪ خط به لکيائين. جي ايم گر گلاڻي اصل جاتيءَ جو ھو، ورياڱي پوءِ لڏي انڊيا جي احمد آباد شهر ۾ وڃي رھيو ھو. ۽ پوين سالن ۾ اتان انگريزي ۾ ٽه ماھي رسالو ”سنڌي رتن“ به شايع ڪندو ھو.
چاچا الستي اڪثر ڪتاب انگريزيءَ ۾ پڙهڻ پسند ڪندو هو. مون جڏهن کيس سائين جي ايم سيد جو ڪتاب ”سنڌ ڳالهائي ٿي“ پڙهڻ لاءِ ڏنو ته پاڻ اهو پڙهيائين ۽ ان ڪتاب جي وڏي تعريف ڪيائين ۽ مون کي چيائين ته اهو ڪتاب انگريزيءَ ۾ هٿ ڪري ڏي، ان کي آئون انگريزيءَ ۾ پڙهڻ ٿو چاهيان.
چاچا الستي، سائين جي ايم سيد کي ”سنڌيت“ جو امام قرار ڏيندو هو ۽ پاڻ جڏهن ”ملير ڊائجسٽ“ شايع ڪندو هو ته ”جي ايم سيد جي حضور ۾“ هڪ نظم لکي اُن ۾ ڇپيو هئائين. پاڻ مون کي ٻڌايو هئائين ته پاڻ اهو رسالو کڻي “سن” ويو هو ۽ سائين جي ايم سيد کي اهو شعر روبرو پڙهي ٻڌايو هئائين.
منهنجي عقيدت جي حقير گلن جي هيءَ ڀريل جهولي،
انهيءَ مان مَن کين هڪڙو ئي وڻي، من هو هڪڙو ئي کڻي.
جا مٽي تنهنجي ماڳن جي سا ماٿي لائي هلياسين.
ڇا تنهنجي قسمت ۾ لکيل، جا آهي اسان جي ڀاڳن ۾،
پر پنهنجي پويان سنڌڙي جي تقدير جڳائي هلياسين.
هو هلڻو هن حياتيءَ ڪو ڪيئن هليو ڪو ڪيئن هليو،
اسين ديوانا هن ڌرتيءَ کي معبود بنائي هلياسين.
هن پيري ۾ تنهنجي لئه زندان اهي زنجير اهي،
او ‘سن جا سائين’ خون جگر جا لڙڪ وهائي هلياسين.

[6]
چاچا الستي دل جو صاف ماڻهو هو. هن ڪڏهن به پنهنجي من ۾ ڪنهن جي خلاف مَدي نه رکي. کيس جيڪڏهن ڪو تڪليف ڏيندو هو ته هو اها در گذر ڪري ڇڏيندو هو. الست تنظيم ۾ ڪيترائي اهڙا دوست آيا، جن پوءِ الستي کي گهڻو ئي رنجايو، پر الستيءَ کين معاف ڪري ڇڏيو.
ائين جڏهن هڪ دوست جي لائي چائي، ڇيڻا ڀوري ۽ منافقانه ڪردار سبب منهنجي ۽ الستي جي وچ ۾ شديد اختلاف پيدا ٿيا ته مون به ناسمجهيءَ ۾ کيس ڏاڍو ڏکويو. پوءِ هڪ ڏينهن پاڻ سندس گهر واري مرحومه جيجي زينب جي هٿان مون کي هڪ خط ڏياري موڪليائين.

نورچشم يوسف
هي ڇا پيو ڪرين؟ آخر ڪيستائين؟ نتيجو ڪو سوچيو اٿئي ڇا ٿيندو؟ ٻنهي ڌرين جو نقصان، اسان جو گهڻو ئي سَهي تنهنجو ٿورو. پر تنهنجو ٿورو به مونکي ڏاڍو ڏکيو ٿو لڳي. ڇاڪاڻ ته مون توکي پُٽن وانگي پاليو آهي. مون کان تنهنجو ڪوبه نقصان سَٺو نه ٿيندو. محبت نفرت کان وڏي ٿيندي اُن جو ڪو خيال ڪر، تون ته پڙهيل آهين، تنهنجون پڙهايون سڀ ڪاڏي ويون؟ لفظ جيڪو خدا آهي، ان جو واسطو ڏيئي توکي ٿو چوان! هاڻ ماٺ ڪري ويهه، مون توکي اڄ تائين معاف ڪيو آهي. پر هاڻي ڪجهه ڪندين ته آئون پوءِ به توکي ڪجهه ڪونه ڪندس، پر لفظ توکي ڪونه بخشيندو، اُن کي ختم ڪرڻ جي تو ڪوشش ڪئي؟ خدا ڪو نه ڇڏيندو، اُن جي سرڪار تمام ڏاڍي آهي. اُن کان معافي وٺ، مون تي رحم ڪر. پنهنجي ڀلائيءَ لاءِ مون تي رحم ڪر.
تنهنجو سدائين دعاڳو،
الستي
4 جون 1995ع.

خط پڙهي منهنجي اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا ۽ آئون ڪيتري دير تائين اڪيلو ئي اڪيلو ويٺو سڏڪندو ۽ پنهنجو پاڻ تي ملامت ڪندو رهيس ته “اڙي يوسف سنڌي! تو هي ڇا ڪيو؟”
مون هڪدم کيس خط لکي پنهنجي ننڍڙي ڏيءَ پارس جي هٿان ڏياري موڪليو ۽ کانئس معافي گهريم... بهرحال... اچ وڃ پوءِ به اسان جي وچ ۾ بند رهي... الست جي آفيس آئون نه ويندو هئس ۽ پاڻ به گهر نه ايندو هو.
8 اپريل 1996ع منهنجي ٻي نمبر پُٽ وشال جي سالگرا جو ڏينهن آهي. سندس پهرين سالگرا آئي ته مون اها سُٺي نموني ملهائي... انهن ڏينهن چاچا الستي ۽ جيجي زينب دڙي آيل هئا... مون موقعو مناسب سمجهيو ۽ کيس دعوت ڏياري موڪليم ۽ پوءِ وٽس هلي ويس، کيس سالگرا ۾ اچڻ جي لاءِ چيم. پاڻ ها ڪيائين ۽ پوءِ چاچا الستي ۽ جيجي زينب ٻئي گڏجي آيا ۽ وشال جي سالگرا جي تقريب ۾ هڪ وڏي جي حيثيت سان شريڪ ٿيا، چاچا ۽ جيجيءَ وشال کي نه رڳو پيار ڪيو، پر کين خرچي به ڏني...
هاڻ آئون پنهنجي پُٽ وشال کي چوندو آهيان ته مون پنهنجي غلطيءَ جي ڪري پنهنجي بزرگ دوست الستيءَ کي وڃايو ۽ تو پنهنجي پهرين سالگرا تي مون کي منهنجو دوست عبدالغفور الستي ٻيهر موٽائي ڏنو.
چاچا پوءِ مون کي دل جي گهراين سان معاف ڪري ڇڏيو. ان کان پوءِ اسين هوريان هوريان وري به اهڙا ئي ٿي وياسين. ھاڻ ته اھو گلستان ئي ويران ٿي ويو آھي:
نه گل ديدم نه بلبل راز اين بستان سرا رفتم
دعاي من صبا گوئي اگر بيني تو ايشان را
[ مخفي]
[ھن باغ واري جوءِ ۾ نه گل ۽ بلبل رھيا، انهي ڪري ڇڏي ويس. اي صبا سلام ڏجان جيڪڏھن انهن کي ڏسين]
افسوس جو اڄ چاچا الستي به ڪونهي ته جيجي زينب به ڪونهي.

[7]
آئون جڏهن هزار داستان ۾ هئس ته اڪثر الستي صاحب تي زور ڀريندو هئس ته پنهنجي آتم ڪهاڻي لکو... منهنجي ڳالهه رکندي پاڻ پنهنجي آتم ڪهاڻي قسطوار لکڻ شروع ڪيائين... پر ٽن قسطن کان وڌيڪ لکي نه سگهيو... آتم ڪهاڻي پڙهندڙن کي گهڻي وڻي هئي. پوءِ جڏهن مون “هزار داستان” ڇڏيو ته به منهنجا اها خواهش رهي ته پاڻ اها لکي مڪمل ڪري، نيٺ هڪ ڏينهن هائوڪار ڪيائين ته وڌيڪ لکندو ۽ مون کيس “هزار داستان” ۾ اڳ ۾ ڇپيل قسطون فوٽو اسٽيٽ ڪرائي ڏنيون. جنهن کان پوءِ پاڻ ان جو پهريون جلد “ٻنڌڻ ٻاروچن جا” جي نالي سان لکي پورو ڪيائين. جيڪو مون 2007ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. ان جلد ۾ پاڻ پنهنجي ويهن سالن جي زندگيءَ جي ڪهاڻي بيان ڪئي اٿائين، سندس خيال هو ته پاڻ ان جا وڌيڪ ٻه جلد به لکندو، پر لکي نه سگهيو. البت ان دوران 2003ع ۾ جڏهن مون روزاني هلال پاڪستان جو ادبي صفحو “ڏات” سهيڙڻ شروع ڪيو ته منهنجي تقاضا تي پاڻ ڪيترا ئي مضمون لکيائين، جن ۾ سندن زندگيءَ جون جهلڪيون به شامل آهن. هاڻ مون انهن سڀني مضمونن ۽ سندس اڳ لکيل لکڻين کي “اسان جو رستو اسان جي منزل” جي نالي سان سهيڙيو آهي. جيڪو ڪتابي صورت ۾ پڌرو ٿيندو.
پاڻ جڏهن شاهه جو رسالو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيائين ته سندس خيال هو ته ان جي پهرين ڪاپي ڀٽ شاهه تي رکجي... اهو رسالو 16 سيپٽمبر 1986ع تي ڇپائي پڌرو ڪيائين، جيڪو ”عالمي امن جو ڏينهن“ آهي.
پروگرام هيئن بيٺو ته اسين دڙي مان دوست سڄي بس ڀري ڀٽ شاهه وينداسين پوءِ ڀٽ شاهه جي موريءَ کان وٺي درگاهه تائين اڇا جهنڊا کڻي “امن زنده باد” جا نعرا هڻي جلوس جي صورت ۾ هلي درگاهه تي لطيف سائينءَ جي سيرانديءَ کان رسالو ڀيٽا طور رکبو.
16 سيپٽمبر تي صبح جو سوير اسين دڙي مان دوستن جي بس ڀرائي ڀٽ شاهه روانا ٿياسين. اسان سان گڏ بٺوري مان سائين غلام حسين رنگريز به گڏ هليو. پهرين حيدرآباد پهتاسين، جتي لطيف آباد ۾ چاچا شمس الدين جي بنگلي تي سڀني دوستن کي مانجهاندو ڪرايو ويو. تنهن کان پوءِ ڀٽ شاهه روانا ٿياسين، حيدرآباد مان چاچا الستي به گڏيو، جيڪو ڌار ڪار ۾ هو. ڀٽ شاهه جي موريءَ وٽ پهچي سڀ لٿاسين... ڪپڙا لٽا ڇنڊي اڇا جهنڊا ڪڍي، پروگرام موجب ٻن قطارن ۾ ’امن زنده باد‘ جا نعرا هڻندا درگاهه ڏانهن وڌڻ لڳاسين.
اتفاق سان اهو ڏينهن ڏھين محرم جو ڏينهن هو ۽ ڏهين محرم تي ڀٽ شاهه تي وڏو ماتم ٿيندو آهي. اسين جنهن مهل پهتاسين ته ان مهل ماتم پنهنجي جوڀن تي هو ۽ ماتمي جلوس ڀٽ شاهه جي اڱڻ ۾ پهچي چڪو هو، هنن اسان کي اڇا جهنڊا جهولائيندي ايندي ڏٺو ته صفا بگڙي پيا. هنن سمجهيو ته اسين ڪي شر پسند آهيون ۽ ماتم کي ڦٽائڻ جي لاءِ آيا آهيون. تيسين انتظاميه به اچي ويئي، جنهن کي الستي صاحب ڳالهه سمجهائي، هو به سمجهي ويا ته اهو رڳو هڪ اتفاق آهي ته ٻئي جلوس گڏجي پيا آهن. جهنڊا لاهي هيٺ ڪيا. ماتمي جلوس پنهنجو گس ورتو ۽ الستي اڪيلو وڃي درگاهه تي حاضري ڀري رسالو ڀيٽا طور رکي واپس موٽي آيو.

[8]
پنهنجي منفرد طبيعت سبب چاچا الستي سدائين پنهنجي ڪٽنب ۾ ڪڏهن گلائن ته ڪڏهن دٻيل دٻيل ڪاوڙ جو نشانو بنيل رهندو هو. ان جو هڪ سبب سندس ڄمي ڪو ڪاروبار ڪرڻ يا وٽس پئسي پنجڙ جي گهڻائي جو نه هئڻ به هو. هر ماڻهوءَ جي پنهنجي توقع هوندي آهي ته فلاڻون مون سان هيئن هلي يا هونئن هلي. پاڻ جڏهن به جيڪو ڪجهه به ڪمايائين ته اهو خرچ ڪري ڇڏيائين... پئسا هوندا هئس ته صفا درياهه دل ٿي پوندو هو، نه ته، جيئن خالي هٿين ھوندو، آهي.
ان هوندي به کيس تعليم جي عظمت جو احساس هو. پاڻ پنهنجي وڏي نياڻي نورجهان کي پڙهائي ڊاڪٽر ڪيائين. اها سڄي ڪٽنب جي پهرين نياڻي هئي، جا پڙهي. ان تي، ڪافي مخالفت ٿيس، جو سندس گهراڻو “ارباب” سڏبو هو ۽ راڄ جي ڇيڙي نبيڙيءَ جو مالڪ... هاڻ ته وڏ گهراڻن ۾ نياڻين کي تعليم ڏيارڻ عام آهي. پر اڳ ائين نه هو. ڪٽنب جي مخالفت جي باوجود به الستيءَ ادي نورجهان کي پڙهايو. نه رڳو ايترو، پر مون کي اڪثر ڪٽنب جا اهڙا ڪيترائي ماڻهو ملندا هئا، جن مون کي ٻڌايو ته هو جڏهن ڪاليج يا يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندا هئا ته الستي کين پڙهائيءَ جي سلسلي ۾ مالي مدد ڪندو هو ۽ سندن الستي پاران ڪيل مالي مدد جي ڪري ئي پڙهائيءَ ۾ آساني ٿي، ان ڪري الستي پنهنجي ڪٽنب وارن سان سدائين ان ڳالهه تي پيو جهيڙيندو هو ته پنهنجن مٽن مائٽن ۽ ڳوٺ راڄ جي ٻارن جي مالي مدد ڪري، کين ڪتاب ۽ ڊريسون وٺي ڏيو، جيئن هو پڙهي سگهن.
الستيءَ جي طبيعت جا رنگ به نرالا هوندا هئا، جڏهن به چونڊون ٿينديون هيون ته هو ووٽ اُن اميدوار کي ڏيندو هو، جيڪو هيٺين ڪلاس جو يا ڪو وڏ وڏيرو نه هوندو هو. ان سلسلي ۾ پاڻ ڪنهن جي به نه مڃيندو هو. هڪ ڀيري ملاح تنظيم جو اميدوار عارب ملاح چونڊ ۾ بيٺل هو. مرحوم عارب ملاح، ملاحن جي ڀلائيءَ لاءِ ڪيترائي ڪم ڪيا هئا، تڪ ۾ ملاح ڪميونٽي جي ووٽن جو انگ به وڏو هو، کيس انهن کان ووٽ ملڻ جو آسرو هو. چاچا الستي، عارب ملاح کي ووٽ ڏنو. شام جو جڏهن رزلٽ آئي ته اسان واري پولنگ تان عارب ملاح کي فقط هڪ ووٽ مليو ۽ اهو ووٽ چاچا الستيءَ جو هو.
چاچا الستي وٽ چونڊن جي اهميت هئي. هڪ ڀيري چونڊن ۾ پاڻ هڪ اسٽيڪر ڇپرائي، سڄي ضلعي ٺٽي ۾ هڻايائين جيڪو هن ريت هو.
پاڻ چوندو هو وڏيرو سنڌ جو ازلي ويري آهي، جيسين انهن خلاف سنڌ جي ماڻهن ۾ شعور نه آڻبو، تيستائين اهي سنڌ جي قسمت سان کيڏندا رهندا. چونڊن ۾ وڏيرو ئي چونڊجي ٿو ۽ وڏيرو پنهنجي مفاد کان ٻاهر نٿو نڪري، هو ڪڏهن به سنڌ لاءِ ڪجهه ڪونه ڪندو. سنڌين کي پاڻ مان ئي ڪو غريب غربو اميدوار چونڊي اسيمبليءَ ۾ موڪلڻ گهرجي. پاڻ چوندو هو ته آئون جيڪا هيءَ تعليم جي مهم هلايان پيو، اها اصل ۾ وڏيرن جي خلاف ئي مهم آهي، پڙهيل ماڻهوءَ ۾ شعور ايندو ته هو وڏيري کان بغاوت ڪندو.
پاڻ پنهنجي لکڻين ۾ به جا بجا اهڙيون ڳالهيون ڪيون اٿس.
[9]
ھڪه قومپرست ھئڻ، ۽ قومي ڪمن ۾ حصي وٺڻ جي باوجود به چاچا الستي ھڪ ٻي تعصب ماڻهو ھو. ھن پنهنجي عملي زندگيءَ ۾ ڪڏھن به ٻولي رنگ ۽ نسل جي بنياد تي ڪنهن سان ڪو فرق نه رکيو. ان جو ھڪ وڏو مثال چاچا ڪريم ھو. چاچا ڪريم ھڪ مهاجر ھو، جيڪو اصل حيدرآباد دکن جو ھو. ورھاڱي دوران ڏلجي، ڏتڙجي رلي الائجي ڪيئن اچي چاچا الستي سان گڏيو. سندس مٽ مائٽ، کانئس وڇڙي ويا ھئا ان ورھاڱي جي ھنگامي ۾، يتيم ڇورڙو ھو، ۽ پوءِ سڄي عمر الستي سان گڏ رھيو پاڇي وانگر، ذھني ۽ فڪري طرح ٻيئي اتر ۽ ڏکڻ رھيا، الستي سنڌ پرست، صوفياڻي مزاج ۽ خيالن وارو، چاچا ڪريم وري مولانا مودوديءَ جو وڏو مداح ۽ جماعت اسلامي جي صفا ويجهو، شايد جماعت جو ميمبر به ھون ”جسارت“ اخبار ۽ ٻيا جماعتي رسالا ۽ ڪتاب باقا عده وٺندو ۽ پڙھندو ھو: پر ٻي پاسي ھو ھر وقت الستيءَ سان گڏ.. جتي الستي اتي چاچا ڪريم. ٺيڪيداريءَ ۾ به گڏ ته ”ملير ڊائجسٽ“ ۾ به گڏ، جيئن ڳنڍيون منجهه ڳنڍين. ھو ڄڻ الستي جي گهر جو ڀاتي ھو، شادي ڪونه ڪيائين، تنهڪري گهر ٻارجو ته سوال ئي ڪو نه ھو. ڪيترائي ڀيرا الستيءَ ۽ ٻين گهرجي ڀاتين کيس چيو ته شادي ڪر.. پر پاڻ انڪار تي قائم رھيو.
الستي صاحب جي سڀني ٻارن کي پنهنجن ڪلهن تي چاڙھي ڪڏائي گهمائي ڦيرائي وڏو ڪيائين. عجيب محبت ھئي چاچا الستيءَ ۽ چاچا عبدالڪريم ۾، پاڻ ۾ وڙھندا ھئا ته چاچا ڪريم ناراض ٿي گهر ڇڏي ھليو ويندو ھو. ھڪ ٻن ڏينهن کانپوءِ الستي جو سُک ڦٽي ويندو ھو. ۽ کيس ڳولهي، پرچائي وٺي ايندو ھو، سنڌي، مهاجر جهيڙا ٿيندا ھئا، پر ٻنهي جي دوستيءَ تي ڪو به فرق نه پوندو ھو، چاچا ڪريم ڄڻ ته لطيف آباد واري گهرجو چوڪيدار ھوندو ھو .
اڳتي ھلي الستي صاحب ”سنڌي، مهاجر “ جي ان دوستي تي ٻڌل ڪهاڻي ڊرامي جي صورت ۾ لکي، مونکي پڙھائي ھئائين ، پوءِ الائجي ڪيڏانهن ھلي ويئي، مون سندس ڪاغذن ۾ ڳولهي پر لڀجي نه سگهي.
چاچا ڪريم ڪراچي ۾ وفات ڪئي. کيس ڪراچيءَ جي ڪنهن قبرستان ۾ دفنائڻ جي بدران چاچا الستي سندس مُڙھه کڻائي اچي دڙي ۾ پنهنجي اباڻي قبرستان ۾ دفنايو. ان ئي قبرستان ۾ پوءِ الستي به دفن ٿيو،

[10]
الست جي بنياد وجهڻ کان گهڻو اڳ جڏھن چاچا الستي اسلام آباد مان وقت کان اڳ پاڪستان نيشنل سينٽر جي نوڪري ڇڏي واپس سنڌ آيو ته ھن پنهنجي رھائش ڪراچي ۾ اختيار ڪئي. جتي گلشن اقبال ۾ چاچا الستي، جي ننڍي ڀاءُ چاچا شمس الدين جو تازو ٻه ماڙ گهر ٺهي راس ٿيو ھو.
چاچا الستي، پنهنجي زندگي جي آخري گهڙيءَ تائين اتي ئي رھيو 1978ع کان وٺي 30 آڪٽومبر 2014ع تائين، جيتوڻيڪ چاچا شمس الدين اھو گهر ورھاست ۾ پنهنجي نياڻي ادي مارئيءَ کي ڏنو ھو، پر ھنن ڪڏھن به چاچا الستي کان مسواڙ نه ورتي، جڏھن چاچا الستي گذاري ويو ته سال ڏيڊ تائين پوءِ به اھو گهر چاچا الستي جي فرزند سندم ماسات رياض احمد وٽ رھيو. چاچا الستي آخري سالن ۾ جڏھن سندس صحت ٺيڪ نه رھندي ھئي ۽ الست جي ذميدارين کان ڄڻ ته رٽائرڊ ٿي ويو ھو ۽ الست جو سڄو ڪم ڪار رياض احمد سنڀائيندو ھو. ته چاچا پنهنجو وقت يا. ته ان گهر ۾ گذاريندو ھو يا وري ٺٽي جي الست واري آفيس ۾ .
ان گهر جي حوالي سان چاچا شمس الدين چوندو ھو ته ”جيسين عبدالغفور ۽ ڀاڄائي زينب جيئرا آھن، تيسين اھو گهر سندن بلي آھي،“ جڏھن ھو نه رھيا ته پوءِ جاءِ جي مالڪن رياض احمد کي جاءِ واپس ڪرڻ جي لاءِ چيو ته رياض احمد بنا ڪنهن چُون ۽ چران جي اھا جاءِ خالي ڪري نهايت عزت ۽ احترام سان مالڪن کان موڪلائي چوڪلائي کلندي مرڪندي چاٻي سندن حوالي ڪري وڃي ٻي ھنڌ ڪٿي ڪنڊ و سائي.
رياض احمد اڪيلو ، نه زال زنب، نه ٻار نه ٻچو ، رياض احمد ان عمل تي اسانجو سڄو ڪٽنب ڪو حيران ٿيو ڇا، ماڻهو ته کاڻي کل به جهيڙي کانسواءِ نٿا ڇڏين، پر درويش رياض احمد ڪروڙن جو اھو گهر مرڪندي خالي ڪري ڇڏيو. ان گلشن اقبال واري گهر سان، جيڪو رياض احمد جي خالي ڪرڻ کانپوءِ ڌڻين وڪرو ڪري ڇڏيو، منهنجون به ڪيتريون سُندر ساروڻيون وابسته آھن، جڏھن آئون ھفتن جا ھفتا وڃي چاچا الستي وٽ رھندو ھوس، جيجي زينب ھونئن ئي منهنجي ماءُ مڪان ھئي. امان جي ننڍي ڀيڻ ھئڻ جي ناتي ھن مونکي پنهنجي ڀٽپن ادا ڊاڪٽر نياز احمد ۽ رياض احمد وانگر ئي ڀانيو، آڌي اسور جڏھن به وڃيو ھو ته بنا پڇڻ جي چانهه ۽ ماني تيار ڪري اچي اڳيان رکندي ھئي، پوءِ جيترا به ڏينهن اتي رھندو ھوس، آئون ۽ چاچا الستي ٻيا ڪچهريون ڪندا ھئاسين، عمرين ۾ وڏو فرق ھو، رشتو به ھڪ لحاظ کان چاچي ڀائٽي وارو ھو، پر ھڪٻئي سان ھلت دوستيءَ واري ھوندي ھئي. ڪڏھن ڪڏھن ته صبح جو ناشتو پاڻي ڪري گهران نڪرندا ھئاسين شهر، ڪڏھن ڪنهن پروگرام ۾ ته ڪڏھن ڪنهن دوست وٽ، شام جو وري گهر.
ڳالهه پي ڪيم چاچا الستيءَ اڃا الست جو بنياد نه وڌو ھو، تڏھن به ھو تعليم جي لاءِ پتوڙ ۽ سُٺن استادن کي مڃتاڏيڻ لاءِ ڪم ڪندو ھو، ھڪ ڀيري دڙي ۾ ٻن اُستادن مرحوم سائين نثار احمد بلڙائي ۽ سائين روحل امين قريشي جي مان ۾ آجياڻون رکيائين، کين اجرڪون پارائڻ سان گڏ اڍائي اڍائي سئو روپيا سٺي استاد جي مڃتا طور ھديو، پڻ ڏنائين. اھو 84-1983ع جو سال ھو، اڳتي ھلي جڏھن ٻيئي استاد رٽائر ڊ ٿيا ۽ سائين روحل امين پنهنجو نجي اسڪول کوليو ته الستيءَ کيس مخير حضراتن کان نه رڳو فرنيچر ۽ الماڙيون وٺي ڏنا، پر بجليءَ جا ڇت وارا پنکا ۽ ٻي مدد به وٺرائي ڏنائين. ان وقت اڃا نجي اسڪول ڪاروباري نقط نظر کان کلڻ شروع نه ٿيا ھئا. سائين روحل امين قريشيءَ جي اسڪول کولڻ جو مقصد ھڪ ته پاڻ کي مصروف رکڻ ھو ۽ ٻيو تعليم کي وڌائڻ ۽ سندس اھو اسڪول سدائين ايئن ٿي ھليو، ڪنهن ٻار في ڏني ته به ٺيڪ، جي نه ڏني ته به ٿيو خير... ۽ چاچا الستي ڊگهي عرصي تائين ان اسڪول جو اسپانسر رھيو.

[11]
مونکي پنهنجي ادبي زندگي جو پهريون اعراز ”شاھه جو رسالو “ به چاچا الستيءَ جي طرفان ئي ڏنو ويو. اھو ھيئن ته الستي پاران جڏھن دڙي جي پبلڪ پارڪ ۾ ان وقت جي ڊي- سي ٺٽو عبدالقادر ابڙي جي ھٿان ”شاھه لطيف پبلڪ لئبرري ۽ ريڊنگ روم“ جي بنياد جو پٿر رکايو ويو ته ان تقريب ۾ چاچا الستيءَ پاران دڙي جي ڪجهه استادن ۽ ٻين شعبن ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏيندڙ کي ” شاھه جو رسالو “ مڃتا طور ڏنو ويو ۽ ادبي خدمتن جي مڃتا طور ھڪ شاھه جو رسالو منهنجي ڀاڳ ۾ به آيو. جيڪو ان تقريب ۾ ڊي- سي ٺٽو ھٿان مونکي ڏياريو ويو . ان تقريب ۾ مرحوم علي احمد بروھي، مرحوم علي بابا ۽ شيخ عبدالحليم جوش جيڪو ان وقت ھلال پاڪستان جو ايڊيٽر ھو، شريڪ ٿيا ھئا، اھا ھڪ شاندار تقريب ھئي، جنهن جي انائوسمينٽ اسانجي ھڪ دوست حاجي خان عباسيءَ ڪئي، جيڪو شروع شروع ۾ چاچا الستي سان گڏ تعليمي ڪمن ۾ وڏو سهڪاري ھوندو ھو. حاجي عباسي ادبي دوست ۽ قومي ڪارڪنن رھيو آھي، ھو مون سان به منهنجي ادبي ڪمن ۾ وڏو سهڪاري رھيو. منهنجو پهريون ڪتاب ”بُک عشق ۽ آزادي“ حاجي عباسي جي مالي سهڪار سان ئي ڇپجي سگهيو، اسين سڀ کيس احترام طو ”ادا حاجي عباسي“ چئي سڏيندا آھيون. ادا حاجي عباسي شروعاتي دور ۾ الست ۽ الستيءَ جي دامي، دَر مي ۽ سُخني مدد ڪئي ۽ وڏو ساٿ نباھايائين.
ان تقريب جي حوالي سان پوءِ مرحوم علي احمد بروھيءَ ”ھلال پاڪستان“ ۾ پنهنجي ھفتيوار ڪالو ”زير زبر ۽ پيش“ ۾ چاچا الستي جي تعليمي ۽ عملي خذمتن کي واکاڻيندي اھا رٿ ڏني ته اڄ کانپوءِ دڙي کي ”غفوروارو دڙو يا غفور جو دڙو“ ڪري سڏيو وڃي . بروھي صاحب جي ان رٿ تي دڙي جا ڪجهه ھمراھه ڏاڍو ڪاوڙ يا ۽ اھو چوندا رھيا ته ”دڙو غفور جي پيءُ جو آھي، ڇا“ ؟.
افسوس جو ان لئبرري جو ڪم اڳتي وڌي نه سگهيو، دڙي جي ھڪ تپيدار اھا لئبرري اڏائڻ لاءِ پنجو يهه ھزار ڏيڻ جو اعلان ڪيو ۽ اھڙو بورڊ به اُت ھڻايو، پر ڊي- سي عبدالقادر ابڙي جي بدلي ٿي وڃڻ کانپوِءِ اھو تپيدار پنهنجي ڳالهه تان ڦري ويو، اھو پٿر پوءِ ڪيترائي سال پبلڪ پارڪ ۾ نشانيءَ طور لڳل رھيو. نيٺ ھڪ قومپرست پارٽي جي ڪارڪنن اھو پٽي ڪٿي اڇلائي ڇڏيو. شاھه لطيف جو نالو شايد سندن قومپرستي جي راھه رڪاوٽ بنجي رھيو ھو.
ھاڻ سوچيان ٿو ته جيڪڏھن اھو تپيدار پنهنجي اعلان تان نه ڦري ھا ته انهن پنجويهن ھزارن مان لئبرري جو بنياد کڄي وڃي ھا. پوءِ ھٿ ھٿ ٿي ڪم اڳتي وڌي وڃي ھا. ۽ اڄ دڙي ۾ ھڪ پبلڪ لئبرري جو وجود ھجي ھا. ۽ اُن تپيدار جو نالو به ماڻهن کي ياد رھي ھا. ھاڻ اھو تپيدار به ڪنهن کي ياد نه رھيو آھي، نه وري دڙي ۾ ڪا لئبرري آھي، لئبرري ھڪ خواب آھي، جنهن جي ساڀيان لاءِ اڄ به دڙي جا نوجوان پتوڙي رھيا آھن.
ô

ڪجهه خط

ڪراچي
8 فيبروري 1986ع
پيارا محمد يوسف
شل خوش هجين، سڀني دوستن سان.
اُميد ته پئڊ وغيرهه حيدرآباد مان ٺهرائي ڪم کي لڳي ويا هوندا. مون هتان ويلفيئر ايجنسيءَ جي قانون جو ڪتاب آفيس مان ورتو آهي، ان موجب رجسٽر ڪرائڻ لاءِ انتظامي ڪاميٽيءَ لاءِ هيٺيان ميمبر ضروري آهن.
1. صدر هڪ
2. نائب صدر هڪ
3. اعزازي جنرل سيڪريٽري هڪ
4. خزانچي هڪ
5. نائب خزانچي هڪ
6. نائب سيڪريٽري ھڪ
7. پبلڪ رليشن سيڪريٽري هڪ
8. ميمبر (10)
ڪل ارڙهن (18)
ان ڪري پهرين جنرل باڊيءَ لاءِ ميمبر ڪراڻا، پوندا، پوءِ انهن جي ميٽنگ سڏائي عهديدار ۽ ڏهه ميمبر چونڊيا ويندا، پوءِ آرگنائيزيشن رجسٽر ٿيندي ۽ اڳتي ڪم به ڪري سگهبو. رجسٽر آفيس حيدرآباد ۾آهي، اتي ٿيندي. ڪو خرچ وغيره ڪونه ٿيندو. ڏهن ڏينهن اندر ٿي ويندي.
تنهنڪري توهان دوستن جي ميٽنگ سڏائي انهن کي اهو ٻڌائيندا ۽ عام ميمبر ڪرڻ لاءِ رسيد به ڇپرائيندا ۽ ميمبر في جيڪا مناسب سمجهو اها رکندا. گهٽ ۾ گهٽ 50 ميمبر ڪجن، جن مان پوءِ وري اهي مٿيان عهديدار ۽ ميمبر چونڊيو، جڏهن 50 ميمبر ڪري ڇڏيو، ته مون کي به جنرل باڊيءَ جي پهرين ميٽنگ لاءِ سڏائيندا! ان ڪم ۾ هاڻي دير نه ڪندا. وڌيڪ الله مالڪ آهي.
ويلفيئر جي قانون جي ڪتاب ۾ اهو ڄاڻايل ڪونهي ته سرڪاري نوڪريءَ وارو به عهديدار يا ميمبر ٿي سگهي ٿو يا نه. ان ڪري سرڪاري ملازم به ان ۾ حصو وٺي سگهن ٿا. اهو خير جو ڪم آهي، ڪابه سياست بازي ڪونهي. پر تنهن هوندي به توهان چار ئي پنهنجن کاتن کي NOC لاءِ لکي ڇڏيندا ۽ اهڙو سرٽيفڪيٽ به وٺي ڇڏيندا. اهڙي صلاح مون کي هتي انهيءَ کاتي جي سپرنٽنڊنٽ ڏني. ٻيو سڀ خير آهي، سڀني کي منهنجا سلام. دوستن کي خاص، هر هڪ:
ارشاد حسين شاهه
برادر محمد خان “ملهار” ميمڻ
برادر غلام حسين بلاولي
برادرم حاجي عباسي صاحب ۽ سيد اڪبر شاهه جي احوال کان واقف ڪندا
پئڊ وغيره ڇاپيو اٿوَ ته ان جا ڪجهه ڪاغذ مون کي به ڏياري موڪليندا. وڌيڪ ضروري سمجهو ته توهان اڪيلا يا سڀ دوست به ڪراچيءَ اچو هڪ ڏينهن چڪر هڻي وڃو. ميمبر چڱا ماڻهو کڻندا. انهن کي مختصر اغراض مقاصد ٻڌائيندا.

نياز مند
عبدالغفور

نوٽ: نموني طور رجسٽريشن جو هڪ فارم موڪلجي ٿو ۽ ميمبرن لاءِ حاجي عباسي صاحب کان صلاح ۽ مدد وٺندا رهندا ۽ سيد اڪبر شاهه کان به. کيس چوندا ته پروگرام موجب هتي ديدار ڪري اچي نظر چٽي ڪرائي وڃي.

[2]
برادرم يوسف
يار هي مضمون تمام سٺي نموني، ”سنڌ نيوز“ ۾ ڏياري ڇڏجان. وچ ۾ الست وارو خط ڄام صاحب جي فوٽوءَ سميت ضرور اچي.
ڇپائي بعد ڪٽنگ لاءِ لفافو به وجهان پيو.

عبدالغفور الستي
29 آڪٽوبر 1990ع

[3]
برادرم محمد يوسف
بعد سلامن جي احوال ته خط پهتو، پر ڪهڙي تاريخ ۽ اخبار جو نالو پرنٽ ۾ ڪونه هو. اهو به هن جوابي لفافي ۾ موڪلجانءِ ۽ اڳوڻي ۽ هيءَ ٻي ڪٽنگ.
ٻيو خير

عبدالغفور
6 نومبر 1990ع

[4]
ڪراچي
1991-1-1
پيارا يوسف
سلام!
هيءَ هڪ نئين ڳالهه توکي لکي ٿو موڪليا. اُن کي تمام سٺي نموني اخبار ۾ آڻ، جيئن اُن ۾ ڏنل مقصد حل ٿئي، اڳ ۾ ئي ٻه ٽي ڏينهن ان جو اخبار ۾ پرچار ڪجانءِ ۽ پروف به پاڻ ڏسجانءِ ۽ جيئن ڇپائي جا Face ڄاڻايل آهن، تيئن ڪجان. تون ڇاپيندين ته پوءِ ان کي وري ٻين اخبارن ۾ ڇپرائيندس. اهو تمام ضروري ڪري ڄاڻ.
ٻيو سڀ خير آئون 14 تاريخ دڙي ويندس. وڌيڪ روبرو
تُنهنجي ساٿين کي سلام!
ڪاپي مون کي ان ڏينهن ڏياري موڪلج.

عبدالغفور الستي
27 جنوري 1991ع

[5]
پيارا يوسف سنڌي!
هي مضمون يار 7 فيبروري واري اخبار ۾ ضرور ڏجانءِ. ڏيپلائي صاحب جي ورسي آهي ۽ سندن فوٽو ڪٿان ملي سگهي ته ڏاڍو سٺو.

عبدالغفور الستي
21- جنوري 1991ع
ڪراچيءَ اچين ته ٻڌائج. مون انٽرويو لاءِ ڳالهائي ڇڏيو آهي.

[6]
نورچشم يوسف
آئون جمع ڏينهن ساڍي ڏهين بجي گهر تيار ٿيو ويٺو هوندس تون گهر اچجانءِ ته گڏجي قاضي صاحب ڏانهن هلنداسين. مون ساڻس جمع ڏينهن ٻارهين بجي توهان جو پروگرام فڪس ڪري ڇڏيو آهي. ڪئميرا ۽ ٽيپ به پاڻ سان کڻيو اچجانءِ ۽ ٻه شاهه جا سنڌيءَ وارا رسالا به شاهه کان وٺيو اچجانءِ ۽ کانئس حال احوال به پيمنٽ جي باري ۾،

عبدالغفور الستي
30 جنوري 1991ع

[7]
برادرم محمد يوسف
بعد سلامن جي ته ٻي قسط موڪليان پيو، مون ان جي فوٽو ڪاپي ڪونه رکي آهي. قابو ڪجائين.
عبدالغفور الستي
15 سيپٽمبر 1991ع

[8]
نور چشم يوسف
سلام!
زندگي جو مختصر احوال موڪلجي ٿو. هن مان جيڪو به ڪنهن اداري کي کپي اهو ڪڍي کين موڪليندا.
هي سڄو احوال ڪنهن اخبار ۾ ڇپايو ته وڌيڪ سٺو ٿيندو، ڇو ته عام ماڻهو به پڙهندو.
وري خيال آيو اٿم ته جيڪا آتم ڪهاڻي اڳي لکي ڇڏي هيم، اتان کان شروع ڪريان ، تنهنڪري توهان وٽ جيڪي به قسطون آهن، اهي فوٽو ڪاپي ڪرائي مون ڏانهن موڪليندا ته اتان کان شروع ڪريان.
ٻيو سڀ خير

عبدالغفور الستي
16 جولاءِ 1999ع

[9]
برادر محمد يوسف
سلام!
عرض شامل مضمون مهرباني ڪري 17 تاريخ واري، سائين جي ايم سيد جي سالگرهه نمبر ۾ شايع ڪندا.
وڌيڪ روبرو نياز مند

عبدالغفور الستي
2003-3-17

[10]
برادر محمد يوسف
بعد سلام جي احوال ته شامل شعر مون پريزيڊنٽ جارج بش کي پهرين ڪراچيءَ مان 15 سيپٽمبر 2001ع تي، پوءِ نيويارڪ مان 11 آڪٽوبر 2001ع تي موڪليو هو، جڏهن آئون اُتي هئس. اِهي ٻئي ڀيرا شعر موڪلڻ کان اڳ ۾ افغانستان ۾ آمريڪا اڃان جنگ شروع ڪانه ڪئي هئي. شعر موڪلڻ جو مقصد ۽ اُن جو مواد اهو هو ته آمريڪا اُتي جنگ نه ڪري، جنهن ۾ بي گناهه ماڻهو مرندا. انهي بدران خدا تي ڇڏي ڏي ۽ امن کان ڪم وٺي، ٻين طريقن سان، جيڪي جوابدار ماڻهو آهن، جن ورلڊ ٽريڊ سينٽر کي تباهه ڪيو يا ڪرايو، انهن کي پڪڙي سزا ڏي. فلسطين جو مسئلو ڳالهين سان حل ڪرائي، هي شعر مون پنهنجي Sow peace (امن پوکيو) تنظيم طرفان موڪليو هو.
اڄ وري عراق تي آمريڪا لشڪر ڪشي ڪئي آهي. ساڳيو شعر وري به مسٽر بُش تي لاڳو ٿئي ٿو. ڪهڙو نه چڱو ٿئي جو توهان عراق جي جنگ لڳڻ کان اڳ اهو پنهنجي ادبي صفحي ۾ شايع ڪريو... ٿي سگهي ٿو... خدا کي وڏي طاقت آهي، هن دل جي پُڪار کي رب تعالى ٻڌي. بش جي دل ۾ اچي ۽ هو جنگ کان باز اچي. پر ائين نه ٿيو ته به گهٽ ۾ گهٽ سنڌ مان امن جو پيغام ملندو، جيڪو امن جو پيغام تنهنجو منهنجو ۽ هن قوم جو گڏيل حصو آهي.
عبدالغفور الستي

To.
Mr George W. Bush
president of vnited states of America white House Washington D.C
If I were…
If i were the one, I will go to God within me
And Ask him what was good-peace or war?
The answer will always be “peace: leave ye
All other things to me”. “But how lord! Scar
live with it?” said I. “did not I say leave
All other things to me, go seek peace under sky?”
I began crying in Bush “How can I do that, weave to God-man who put his arm around me and said:
“Blessed are they that mourn for they shall be comforted.”
I Looked up to him: “What is the way, I` m way laid
Sir, by satan? He said” “Maters not, cal out ye
To lovers and workers of God in all world to meet
A Jerusalem who love God Knowing him to be
Man, serve man Knowing him to be God and greet
Them there, that you jointly find a way to fight
The Evil one in world. Only the lovers and workers
Of God are the living Law of God His might
His mystics in it, who serve man as god, the true servers”.

[11]
محترم سائين!
شامل دعوت نامو موڪليان ٿو. ايندا ته الله سائين اوهان کي اجر ڏيندو، وري مهرباني ڪري هن مضمون کي پنهنجي اخبار ۾ 6 آگسٽ کان اڳ ڇپيندا، وڌيڪ هيٺين خبر به ڏيندا ته منهنجيون دعائون اوهان سان سڄو سال شامل هونديون. پڪ سمجهو.
6 آگسٽ تي ڀٽ شاهه تي امن مارچ ۽ امن دعا
6 آگسٽ تي سوسائٽي آف ورلڊ پيس، سو پيس (امن پوکيو) طرفان ڀٽ شاهه تي امن مارچ ۽ امن دعا پاڪستان ۽ سڄي دنيا لاءِ ٿي رهي آهي. پروگرام هن ريت آهي: سڀ امن پسند دوست ڀٽ شاهه موريءَ تي (نئشنل هاءِ وي) حيدرآباد کان هالا ويندڙ رستي تي، اچي گڏ ٿيندا. چئين بجي سڀ اتان پيدل مارچ ڪري ڀٽائي جا بيت ۽ وايون چوندا ڀٽائي جي درگاهه تي پهچندا. اُتي سلامي ڀري پوءِ پاڪستان ۽ دنيا ۾ امن لاءِ تقريرون ڪندا ۽ دعا گهرندا، سڀني کي عام دعوت آهي ته اچي شامل ٿين.

فقير الستي
29 جولاءِ 2007ع

[12]
يوسف سنڌي
سڀني 21 همراهن کي دعوتون پوسٽ ڪري ڇڏيون اٿم، هي دعوت نامون سڀني سنڌين لاءِ انگريزيءَ ۾ ڇپيندا ته ڏاڍو سٺو ٿيندو.
فقير الستي
ô
[فقير عبدالغفور الستيءَ هي خط ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي تڏهن لکيو. جڏهن پاڻ ”ملير ڊائجسٽ“ شايع ڪندا هئا. جيڪو پوءِ عنايت بلوچ طرفان ڊاڪٽر بلوچ ڏانهن لکيل خطن جي مجموعي ”پيارن جا پيغام “ ۾ ڇپيو، اتان ٿورن سان کنيو ويو آهي]

مارئي هائوس
نزد اوڊين سينيما حيدرآباد
14 اپريل 1974ع
محترم نيڪ سائين،
السلام عليڪم!
سدا خوش هجو. مون کي زندگيءَ ۾ پهريون دفعو سچل ڪاليج ۾ ”شاهه جي ورسي“ تي توهان جي تقرير ٻڌڻ جي سعادت نصيب ٿي. ان مان مون اندازو لڳايو ته اوهان نه صرف شاهه جي پيغام کي سمجهيو آهي، پر شاهه سان والهانه عشق به رکو ٿا. آئون به هڪڙو ان جو حقير عاشق آهيان. پر منهنجو عشق توهان جي عشق جي مقابلي ۾ هزارين پتي به ڪونهي.
بهرحال انهيءَ عشق مون کي مجبور ڪيو آهي ته توهان جي صحبتن جو فيض حاصل ڪريان، جيڪڏهن پنهنجي حلقه احباب مان مون ناچيز کي مستفيض ٿيڻ جو موقعو ڏيندا ته آئون سدائين توهان جو ٿورائتو رهندس.
سائين اتفاق سان آئون هينئر هڪ سنڌي رسالي ”ملير ڊائجسٽ“ جو ايڊيٽر آهيان. اُن حيثيت ۾ آئون چاهيان ٿو ته توهان کان شاهه صاحب ۽ سندن شاعريءَ جي باري ۾ هڪ انٽرويو وٺان ۽ پنهنجي ايندڙ شماري ۾ شايع ڪريان. ڇا منهنجو اهو عرض قبول پئجي سگهي ٿو؟ مئي جي رسالي جا پڇاڙيءَ وارا صفحا 25 تاريخ پريس ۾ ويندا. ان کان اڳ ۾ اهو انٽرويو ڏيڻ فرمايو ته مهرباني ٿيندي. رسالي جو تحفو خدمت ۾ موڪلجي ٿو.

عبدالغفور سنڌي

فقير عبدالغفور الستيءَ جو انٽرويو

هي هڪ اهڙي ماڻهوءَ جو انٽرويو آهي جو فقير ماڻهو آهي. سنڌ جي محفلن ۾ جيڪڏهن وڃي ته مٿي تي اجرڪ جو پٽڪو ٻڌي وڃي ۽ ائين لڳي ڄڻ ٻهراڙيءَ جو ٺُپ ڄٽ آهي ۽ پاڻ کي به هڪڙو ڄٽ ئي سڏائي، ڪجهه مهينا اڳ جڏهن جسٽس قدير الدين جي گورنريءَ واري زماني ۾ هوٽل انٽرڪانٽينيٽل ڪراچيءَ ۾ ”آل سنڌ سماجي ڪانفرنس“ ٿي هُئي، تڏهن هن شخص ان ساڳئي ڄٽاڻي نموني سنڌي اجرڪ جو وڏو پٽڪو ٻڌي جڏهن انگريزيءَ ۾ اچي تقرير ڪئي ته ڪراچيءَ جي گهڻن ماڻهن جا وات ڦاٽي ويا ته هي ڪير آهي. اسٽيج تي گورنر کان سواءِ سنڌ جا چار وزير ٻه صلاحڪار ويٺل هئا ۽ حاضرين ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبرن کانسواءِ ڪراچي ۽ سڄي سنڌ جا سوين وڏا پڙهيل لکيل ماڻهو هئا. پر جڏهن هن پنهنجي مسڪيني طريقي سان اچي مائيڪ تي بيهي انگريزيءَ ۾ تقرير شروع ڪئي، پهرين ته اعتبار ئي ڪو نه ٿي آيو ته اهڙو ڪو سنڌي ڄٽ به ايڏي سٺي انگريزي ڳالهائي سگهي ٿو. ۽ وري شاهه جي سُر ڪاموڏ تي سندس تقرير اهڙي هئي جنهن سندس گونا گون علميت تي به سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو. هي ماڻهو مختلف قلمي نالن سان هميشه گمنام رهڻ جي ڪوشش ڪندو آيو آهي. پر سنڌ ۾ جيڪو هن علمي ادبي ڪم ڪيو آهي ۽ ساڳي وقت بنيادي سياسي ۽ سماجي، تنهن جو جائزو وٺبو ته اُن هوندي هُن پنهنجي پذيرائي نه ڪرائي آهي، ان ڪري جو هو عملي خدمت ۾ ئي ويساهه رکندڙ آهي ۽ لٻاڙي خدمت ۾ نه، جيئن اڄڪلهه هر ڪو اخباري بيانن ذريعي ڪندو وتي. هاڻي اوهان کي وڌيڪ تجسس ۾ وجهڻ کان سواءِ پهريان اوهان کي سندس اهي سڀ قلمي نالا ٿا ٻڌايون، جيڪي هُن پهنجي علمي زندگيءَ ۾ بدلايا آهن. گمناميءَ ۾ رهڻ لاءِ، پوءِ سندس انٽرويو جون ڪي خاص ڳالهيون ٿا ڏيون، پر انهن ۾ به جتي... خال آهي، اُهي ڇڏي ٿا ڏيون. هر هڪ پڙهندڙ کي پنهنجي اندازي موجب ڀرڻ لاءِ، انهن ۾ ڪي تمام ڇرڪائيندڙ ڳالهيون به هُن چيون آهن. جيڪي اسان پنهنجي ايڊيٽريءَ جو حق استعمال ڪندي حذف ٿا ڪري ڇڏيون. اُن لاءِ کانئس معافي ٿا وٺون. سندس قلمي نالا ھي رهيا آهن. اياز قادري ( موجوده اياز قادري صاحب کان پهرين) پروانو سنڌي (موجوده پرواني ڀٽي صاحب کان پهرين) ع غ سنڌي، عبدالغفور سنڌي، عبدالغفور ميمڻ (ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ ٻيو آهي) عبدالغفور آف دڙو. عبدالغفور الستي. هن وقت سندس ادبي نالو اهو آهي، اڳتي خدا کي خبر! [يوسف سنڌي]

سوال: اوهان ادبي نالا ايترا ڇو بدلايا آهن؟
جواب: مَن ڪنهن هڪڙي جو کوڙو لڳي وڃي!

سوال: ڇا کي؟
جواب: وطن کي وري ٻيو ڇا کي؟ يار ماڻهو ته چهرا بدلائيندا آهن، مون ته رڳو نالا بدلايا آهن.

سوال: انهن جو ضرور ڪو ڪارڻ هوندو؟
جواب: سنڌ جي انفارميشن کاتي کي چڪر ۾ وجهڻ، اهي سنڌي اديبن تي پاڪستان گورنمينٽ وٽ هميشه جُوڻيون هڻندا رهيا آهن. سو جيترو انهن کان ڀڄي جان ڇڏائجي، اوترو سُٺو، نه ته خدمت ڪو نه ٿيندي، رڳو جيل لوڙبو.

سوال: سو توهان ان ۾ ڪامياب ٿيا؟
جواب: گهڻن ۾ ته ڪامياب ٿيس، پر هڪڙي نالي ۾ ڊڙي وڌائون. عبدالغفور ميمڻ واري نالي ۾، جنهن سان آئون ”ملير ڊائجسٽ“ ڪڍندو هوس. اهو ذوالفقار علي ڀٽي صاحب جو دور هو پاڪستان ۾ ۽ ممتاز علي ڀٽي صاحب جو سُنڌ ۾.

سوال: پوءِ توهان انهن ٻنهي صاحبن کان اڃان تائين رنج هوندو؟
جواب: نه نه پنهنجي لاءِ رنج وري ڇا جو، اُن وقت فقط سنڌي ٻولي ۽ ادب کي گُهٽو ڏيڻ ڪري اهو رنج ٿيو، جو ڪيترا سنڌي رسالا اخبارون بند ٿيا. انهن جا ايڊيٽر، ڪارڪن جيلن ۾ پيا، پر پوءِ مٿن ئي رنج ٿيو، جو اهڙا سنڌي رسالا اخبارون ئي ڪو نه بچيا، جي سندن لاءِ ئي لکن. ڏکئي وقت ۾ کين ڪم اچن. سنڌي اديبن قلم مٿن موڙي ڇڏيا!

سوال: ڪيترو وقت اوهان جيل ۾ هئا؟
جواب: آئون ۽ منهنجا ٻه ٻيا ڪارڪن، اٽڪل ٻه مهينا کن! باقي ٻين ڀڄي جان بچائي! رسالو ته هونئن ئي بند ڪري ڇڏيائون.

سوال: پوءِ توهان ڇا ڪيو؟
جواب: پوءِ آئون وڃي اُتي پهتس جتان پاڪستان گورنمينٽ جا سنڌي رسالن تي وار ٿيندا هئا. يعني پير علي محمد راشدي صاحب وٽ، اُن کي فرياد سنڌ ٻڌايم، هي سندن ئي ڪتاب هو، جو پاڪستان کان اڳي لکيو هئائون. چيائون ته هاڻي فرياد ڪرڻ جي گنجائش ڪانهي... اُهو پاڪستان ٻيو هو، هي پاڪستان ٻيو آهي، سنڌين جو. تنهنڪري تنهنجو رسالو ڪو نه نڪرندو! باقي غريب آهين پنهنجي سڄي موڙي رسالي ۾ ٻوڙي اٿئي، سو توتي رحم ٿو اچي. ڪتابن جو ڪم ڪرينءَ ته توکي اهو ڏيان. سو مون کي سندس ”پاڪستان نيشنل سينٽر“ ۾ چئن سالن جي معاهدي تي نوڪريءَ ۾ رکيائين. منهنجو ڪم هوندو هو ڪتاب خريد ڪري پاڪستان سينٽر کي پهچائڻ. پنهنجي عرصي ۾ سنڌ اندر چار سينٽر کولايم، هڪڙو دادو، ٻيو ٺٽو، ٽيون سکر، چوٿون ميرپورخاص ۾ ۽ موبائيل يونٽ ان کان سواءِ ۽ سنڌ سينٽرن کي ڪتابن سان ڀري ڇڏيم. اهو ڄڻ ته گورنمينٽ کان پنهنجو وير پي ورتم. مون کي جيڪڏهن لفظ لکڻ نه ٿي ڏنئون ته گهٽ ۾ گهٽ سنڌ وارن کي ته آئون لکيل لفظ جو خزانو ته ڏئي ڇڏيان. اها آرزو هيم. هزارين سنڌي ۽ انگريزي ڪتاب انهن ۾ پهچائي ڇڏيم. 1978ع ۾ چئن سالن ۾ اڃا هڪ سال باقي هو ته استعيفيٰ ڏئي واپس اچي پنهنجي ٻي ڪرت ڪيم. ٻارن جي گَل ڳچيءَ ھئي، پئسو به ڪو نه هو. ڪو گهر گهاٽ به ڪو نه هو، پر جنهن جا ڪم ڪريم تي اُن کي لهر نڪو لوڏو. اُن کي اَلائي هو ڪيئن ٿو مدد ڪري اِها ڳالهه اڃان تائين سمجهه ۾ نه آئي اٿم!

سوال: پوءِ ڪِٿ اچي رهيا، ڪهڙي ڪِرت ڪيوَ؟
جواب: استعيفيٰ ڏيئي اچڻ شرط، ڪراچيءَ ۾ هڪ نئين ٺهي راس ٿيل بنگلي جي مٿينءَ حصي ۾ اچي مون ٽپڙ رکيا. چون ٿا ته اُڄ جي اڃايل لاءِ ڌڻيءَ ڪالهه ئي پاڻيءَ جو وٽو ڀرائي رکيو هو. ۽ ايندي سان نوڪري به هڪڙي ستن هزار ماهوار مهيني سان ملي ويم، جڏهن ته پاڪستان سينٽر وارا رڳو ٻه هزار مهينو ڏيندا هئا.

سوال: اهو نوڪري ڪهڙي هُئي؟
جواب: آئون بنيادي طور پراڻو سول انجنيئر هوس. هڪڙي ڪمپنيءَ کي بلوچستان ۾ ايئرپورٽ ٺاهڻ جو وڏو ٺيڪو مليو هو. هو مون جهڙي ماڻهوءَ جي تلاش ۾ هئا. آئون پهتس ته وري کڻي منهنجي تريءَ تي هڪ مهيني جو پگهار اڳواٽ رکيائون ۽ مون کي تقرريءَ جو آرڊر ڏيئي اُتي جو انچارج انجنيئر ڪري رکيائون. اُن ڏينهن جنهن ڏينهن هُنن مون کي ائڊوانس ست هزار ڏنا، تنهن ڏينهن منهنجي وڏي نياڻي نور جهان، جيڪا هاڻي ڊاڪٽر آهي ۽ اُن وقت ڊاڪٽريءَ ۾ پڙهندي هئي، چيائين ”بابا باقي گهر ۾ وڃي ڏهه روپيه بچيا آهن. منهنجن فين لاءِ به پئسا ڪونهي، پر گهر جي خرچ لاءِ به ڪونهي“. هُن اهو چئي بس ڪيو ۽ مون کي اُن ڪمپنيءَ جي ٽيليفون آئي. توکي عجب لڳندو، آئون انهن جي آفيس تائين ڀاڙو نه هئڻ ڪري پنڌ ويس، پر موٽيس وري انهن جي ئي ڪار ۾، گهر آيس ست هزار روپيا کڻي! اُهي اچي پنهنجي گهر واريءَ جي تريءَ تي رکيم ۽ چيو مانس هاڻي تون گهر جو ۽ ٻارن جو پئي خرچ هلائج. پاڻ وڃون ٿا نوڪري تي اورماڙا. (هي بلوچستان جو هڪ بندر گاهي شهر آهي) اورماڙا جي نالي سان هُن کي ڊپ وٺي ويو، پر پوءِ جڏهن سمجها مانس ته وڃي ساهه پيس! ڏٺي نه ڌڻيءَ مونسان ڪيڏي خاص مهرباني ڪئي، رڳي اها به نه پر ٻيون به گهڻيئي. اهو هر ڪنهن الستيءَ سان ڪري ٿو. جنهن جو رڳو مٿس ڀروسو هجي! ٻي ڪنهن تي شايد گهٽ، مَڱ تنهن کان مڱڻا جو ڏهاڙي ٿو ڏي!.... مون به اُن کي شاهه جي رسالي پڙهڻ کانپوءِ ڪو نه ڇڏيو ۽ مون سان به وڏا ڀال ڀلائين، جڏهن ته آئون گهڻن جو لائق به ڪو نه هوس، جيئن شاهه جي رسالي جو انگريزي ترجمو، جيڪو هُن مون کان ڪرايو. نه ته آئون رڳو مئٽرڪ پاس ۽ ٽي سال سول انجنيئرنگ پڙهيل هوس! اهو ڪيئن ويهي اهڙو ترجمو ڪري سگهان ها!

سوال: سائين اها ته ڳالهه ٻڌا ايتري ٿوري پڙهائي هوندي، ايڏو وڏو رسالي جي ترجمي وارو ڪم ڪيئن ڪيوَ ۽ سو به انگريزي شاعريءَ ۾ ساڳئي تڪ بنديءَ سان؟
جواب: ڇڏ يار اهڙو ته مون کي نه پَڏائي جو سنڌ يونيورسٽي تي دعويٰ داخل ڪريان ته انهن ڇو اڃان تائين مون کي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ڪو نه ڏني آهي، جڏهن ته ڀاءُ ڳالهه اها آهي ته لکيل لفظ سان مون کي قدرتي محبت رهي آهي. ننڍي هوندي ته مارُن سان پڙهيس، پر وڏي هوندي پنهنجن هم ڪلاسين کي به ٽيوشن ڏيندو هوس. وري شاهه سان محبت تي ڪنهن اڻاسيءَ کي ئي هوندي. هو وٿاڻ ٺاهي منهنجي دل ۾ وهي رهيو. چيائين ته سڄي دنيا ۾ جڏهن منهنجو پيغام عام ڪرڻو آهي ته توکي ڪرڻو آهي! پوءِ اُن لاءِ مون کي انهيءَ عالمي ٻولي انگريزيءَ ۾ ڏاڍو پڙهڻو پيو. اُن جو سڄو وڏو وڏو ادب ۽ سڄي دنيا جو اُن ۾ ترجمو ٿيل خزانو به. ويهن سالن جي عمر کان پنجاهه سالن جي عمر تائين رڳو ائين ڪندو رهيس. انگريزيءَ ۾ ادب ۽ شاعري پڙهندو رهيس. اهو ايڪونجاهين سال ۾ هو جو شاهه جو رسالو ترجمو ڪرڻ شروع ڪيم ۽ ستن سالن کانپوءِ ستونجاهه سالن جي عمر ۾ وڃي اُهو پورو ڪيم.

سوال: اخبارن ۾ پڙهيو هوسين ته توهان 16 سيپٽمبر 1985ع ۾ اُن جي پهرين ڪاپي وڃي ڀٽ شاهه تي ڀيٽا ڪري رکي هئي؟
جواب: ها، اهو اقوام متحده طرفان عالمي امن جو ڏينهن به هو، پر منهنجي لاءِ اُهو ڄڻ عيد جو ڏينهن هو. ان ۾ منهنجا ڪيترائي دوست به امن مارچ ڪري مون سان گڏ ڀٽ شاهه تي هليا هئا، اهو پهريون رسالو اُتي رکي مون سڄي سنڌ جي ماڻهن کي اهڙو عام سڏ به ڏنو هو. اتفاق سان اهو ڏهين محرم الحرام جو ڏينهن به هو، دنيا ۾ وڏي سچائيءَ جي علمبردار جو ڏينهن. تنهنڪري اهو نذرانو يقينن ڀٽائي گهوٽ کي قبول پيو هوندو.

سوال: پر ٻڌوسين ته اُتي ماتم ڪرڻ وارن ۽ توهان ۾ ڪو اختلاف ٿيو هو؟
جواب: اهو اسان جو ئي قصور هو، پر اسان کان وڌيڪ اقوام متحده جو، جنهن اهو ڏينهن عالمي امن لاءِ مقرر ڪيو هو. ۽ مون کي رسالو به اُن ڏينهن شايع ڪرڻو پيو. اسان کي اڇا امن وارا ڪپڙا هُئا، جڏهن ته ماتم ڪرڻ وارن کي لازمي طور ڪارا، تنهنڪري هُنن اسان کي رڳو ٿورو روڪيو ته جيئن اهي درگاهه کان ٿي وڃن. سو اسان تيستائين ترسياسين، جيستائين اهي ٿي وڃن ۽ پوءِ ئي وڃي اُتي رسالو رکيوسين.

سوال: اوهان جي رسالي لاءِ عالمن جي ڪهڙي راءِ آهي؟
جواب: هٿ ڪنگڻ کي آرسيءَ جي ضرورت ڪانهي. ڪير به پڙهي ڏسي، دنيا جي گهڻن عالمن کي ته آئون رسالو موڪلي ڪو نه سگهيس، ڇاڪاڻ ته اُن تي گهڻو خرچ ٿو ٿئي. پر تڏهن به جن کي موڪليم انهن جا ته رايا سڀ مون وٽ آهن، ساڳي طرح پاڪستان ۽ سنڌ جي عالمن جا به، پر عالمي طرح ان ترجمي جو وڏو قدر ٿيو. اُهو ان مان ظاهر آهي ته بڪنگهام پيلس جي لئبرري ۾ خاص طور ان رسالي جي هڪڙي ڪاپي رکي ويئي آهي. پرنس چارلس جي حڪم موجب، ۽ سنڌ ۾ ان جو قدر جوھري ئي ڪندا، سو محمد ابراهيم جوئي کان وڌيڪ ٻيو ڪو جوهري هتي ڪونهي. اُن وٽ ته جيڪو به ماڻهو ويندو آهي، پنهنجو يا پرايو اُن کي چوندو آهي ته عبدالغفور جو رسالي نه هجيئي ته وڃي ان کان وٺ، سندس ئي حوالي سان ڪيترائي ماڻهو مون وٽان اُن جي ڪاپي گهرڻ يا خريد ڪرڻ آيا.

سوال: ڇا توهان ان کي دڪانن تي وڪري لاءِ رکيو آهي؟
جواب: سوال ئي پيدا ڪو نه ٿو ٿئي، جيسين باقاعدي اُن جو ڪنهن کان افتتاح نه ڪرايان.
سوال: سو هنن ٽن سالن ۾ توهان اڃان ڪنهن کان هن جو افتتاح نه ڪرايو آهي؟
جواب: ملڪ جي پريزيڊنٽ يا وزيراعظم کان گهٽ اُن جو افتتاح ڪرائڻ آئون رسالي جي گهٽتائي ٿو سمجهان، سو جڏهن 1986ع ۾ اهو شايع ٿيو ته ان وقت صدر هڪ آمر [1] هو ۽ وري اُن جو وزيراعظم ٿيو سو به ان آمريت جو ترجمو [2]، سو اُن آمريت جي ترجمي کان ڪهڙو انساني محبت جي ترجمي جو افتتاح ڪرايان. اهو ته ائين جو اونداهيءَ کان روشنيءَ جو افتتاح ڪرائڻ يا تلوار کان قلم جو!

سوال: پوءِ محترم بي نظير صاحبه کان ڪرايو ها جڏهن هوءَ آئي؟
جواب: اُن کي به لکي چڪو آهيان، پر ويچاريءَ کي حڪومت جي ڌنڌن مان واندڪائي ڪٿي ٿي ملي، جو شاهه جي رسالي جو افتتاح ڪري، سنڌ جي ڪلچر کاتي وارن کي ته هونئن ئي اوهين سڃاڻو ٿا ته اُهي... پر اسين فقير ماڻهو آهيون، شاهه به فقير ماڻهو هو. سو فقيراڻي ويس ڏين اُملهه اڻ توريا. اسان کي هُن ڌڻيءَ جي گنج مان گهڻيئي ڪجهه مليو. ڪنهن نالي جا متحاج ڪو نه آهيون. ڀانيوسين ته رڳو اهو سنڌ جو امن ڀائيچاري ۽ انساني محبت جو پيغام دنيا تائين پڌرو ٿئي. تنهنڪري وزيراعظم پاڪستان اهڙو افتتاح ڪري!

سوال: ڀلا سنڌ جي ڪلچر کاتي اوهان کان ڪجهه ڪاپيون خريد ڪيون؟
جواب: رڳيون پنج ڪاپيون، نه ته اهو ته سنڌ گورنمينٽ لاءِ اهڙو ڪتاب آهي جو هر ٻاهرين ايندڙ ممتاز شخصيتن کي تحفو ڪري ڏيڻ لاءِ ان کي هزارن جي تعداد ۾ مون کان وٺڻ کپندو هو. سنڌ جي سڀن کان وڏو تحفو ڪري ڏيڻ لاءِ، سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ سان گڏ شاهه جو اهو انگريزي رسالو به محبت جو پيغام به

سوال: ڀلا تعليم کاتي وارن اسڪولي ۽ ڪاليجي لائبررين لاءِ ورتو؟
جواب: تعليم کاتي ۾ ته رڳا جاهل ويٺا آهن، جن کي ڪتاب جي هڪڙي سٽ جي معنيٰ به ڪانه ٿي اچي. ٻيو وري اُن ۾ هڪڙا پراڻا گهاگه اديب ڇاپو هڻي اچي ويٺا آهن، جن کي اهو ترجمو عبدالغفور جو ڇا جي لاءِ اڳيان آڻڻ گهرجي؟ ڇو نه پنهنجا ڪتاب يا پنهنجن پُراڻن يارن جا ڪتاب، جن سنڌي ادب هميشه لاءِ ٺيڪي تي کنيو آهي. دوست! تعليم کاتي وارن هڪڙو ڪتاب به مون کان ڪو نه ورتو.

سوال: ڀلا فيڊرل گورنمينٽ توهان کان ڪي ڪاپيون خريد ڪيون؟
جواب: قاضي عبدالمجيد عابد کي شابس هجي، اهو جڏهن مرڪز ۾ وزير اطلاعات هو ته اُن ڪتاب ڏسڻ شرط 30 ڪاپيون هڪدم سرڪاري طرح گهرائي ورتيون ۽ انهن کي دنيا جي سڀني وڏن پاڪستاني سفارت خانن جي لئبررين لاءِ ڏياري موڪليو. ۽ هاڻي غلام مصطفيٰ شاهه به هڪ سؤ ڪاپيون ”نيشنل بوڪ ڪائونسل“ لاءِ پنهنجي ذاتي حڪم تي گهرايون آهن، نه ته ڪائونسل وارا ته پنهنجن مُنهن ائين عمل ڪو نه ڪن ها. رڳو پنهنجن جا پيٽ پيا ڀرين يا سندن! خدا ڄاڻي!

سوال: توهان جي رسالي ۾ ڀلا ڪهري خاص ڳالهه آهي، جيڪا اُن کي رسالي جي ٻين ترجمي ڪندڙن جي ڪتاب کان منفرد ٿي ڪري؟
جواب: هڪ ته اُن ۾ سڀني کان گهڻن بيتن جو ترجمو ٿيل آهي، ٻيو ته اڳوڻن ٽن مان ٻن جي مادري ٻولي سنڌي ڪا نه هُئي، تنهنڪري شاهه جي سنڌي سمجهڻ، سُوجهڻ انهن لاءِ ڏکي هُئي، جڏهن ته آئون ڄائو ئي شاهه جي ٻوليءَ واري مادري لهجي ۾ آهيان. اسان يا منهنجا وڏا اها ئي ٻولي ڳالهائيندا هئا يا آهيون. ٽيون ته مون هر بيت جي تفسير سڀني دنيا جي وڏن شاعرن ۽ صوفين جي تعليم سان ڀيٽي ڏٺي آهي، جنهن ۾ شاهه جي بيت جي معنيٰ انگريزي ترجمي مان بلڪل عيان ٿيو وڃي. چوٿون ته منهنجو هرڪو ترجمو بيت جي ئي آوازن جي لئي سان آهي. ائين نه ته بيت هڪڙي Rhythm سان پڙهجي ۽ ترجمو ٻي ردم سان، ۽ ترجمي ۾e Rhythm به آهي يعني قافيو، جيڪو اصلي بيتن ۾ آهي ۽ جيئن جو تيئن اهو قافيو به ترجمي ۾ موجود آهي. مون ٻڌايو ته مون ست سال ان ترجمي تي لڳايا. ان حساب سان هڪڙي بيت ترجمي ڪرڻ تي مون کي سراسر ٻه ڏينهن لڳا!

سوال: ڀلا هڪڙو نمونو ته پنهنجي ترجمي مان ٻڌايو؟
جواب: شاهه صاحب جو بيت آهي:

جا ڀوُن پيرين مُون، سا ڀونءَ مٿي سَڄڻين،
ڌِڱ لَٽبا دُوڙ ۾، اُڀي ڏٺاسُون،
ڏينهن مِڙيو ئي ڏوُن، اُٿي لوچ لطيف چئي.
ترجمو:
The earth that is under my feet
That earth is over body of my friend,
All great and mighy of the world,
We have seen into the earth deslscend;
Life is for two always comprehend,
So awake, Ostrive says Abdul Latif.
اهو بيت شاهه سندس سنگتي ميين ٺاري ٺٽي واري جي دفن ٿي وڃڻ کان پوءِ اُتي اچي سندس قبر تي چيو.

سوال: ڀلا مان توهان ٻيو ڪهڙو علمي ادبي ڪم ڪري رهيا آهيو؟
جواب: آئون هڪ ته انگريزي، سنڌي ڊڪشنري لکي رهيو آهيان، جيڪا تمام جامع هوندي، جنهن ۾ انگريزي لفظن جا استعمال به ڏنل هوندو. دبل ڊيمي سائيز جا هڪ هزار صفحا ٿيندي ۽ ٻيو هن وقت پنهنجي آتم ڪهاڻي لکي رهيو آهيان، جيڪا ”صبح ٿيندو“ پندرهن روزه رسالي جي ٻي شماري کان شروع ٿيندي. ان ۾ وچ ۾ ڪي ٻارن جي تعليم لاءِ ڪڏهن ڪڏهن مضمون به اخبارن يا رسالن کي لکي موڪليندو آهيان. ٻيو هڪ وتائي فقير جي حوالي سان شعري ڊراما به انگريزيءَ ۾ لکي رهيو آهيان جيڪو سال به سال ڪتابي صورت ۾ ڇپيو ويندو، جيستائين حياتي اٿم.

سوال: اُن جو نالو ڇا رکيو اٿوَ؟
جواب: هرو ڀرو ٻڌايانءِ ڇا؟ جي ڳالهه اُپٽي ته ڇڏي ويندي واءُ، پر جيئن ته ”عبرت مئگزين“ لاءِ هي پيو انٽرويو ڏيان ته ڀلي اها ڳالهه به تيسين عبرت ئي رهي سندس نالو آهي:
Journey to global 2000
on donkey back by Watayo Fakir!

سوال: سائين ان جو موضوع ڪهڙو هوندو؟
جواب: انسان! انسان نه رڳو موضوع پيدا ڪندڙ آهي، پر خود سڀ کان وڏو موضوع به آهي. شاهه جي تعليم کانپوءِ خدا جي محبت ۽ اُن جي سُهڻي ۾ سهڻي صورت انسان خلق الآدم علي صورت يا پُرش پرشوتم آهي يا Man is created in the image of God سان محبت ڪرڻ کانسواءِ ڪير رهي نه ٿو سگهي. خدا ڪنهن به ڪو نه ڏٺو آهي، پر اُن جو پيرو صوفين ۽ يوگين ڏيکاريو ۽ شاهه صاحب به. اُهو انسان جي پيري مان ئي وڃي ٿو، جيئن شاهه چيو ته وڃان ٿي وڻڪار، پير لڌم پنهونءَ جو ۽ سڀني انسانن جي ساٿ سان ئي، ڇڄ مَ قطاران ساٿ چڙهندو لَڪئين! سو هاڻي منهنجي محبت هر انسان سان آهي. بنا رنگ نسل ٻولي، ملڪ، مذهب ۽ ٻي هر ڪنهن تفاوت جي.
ڪيڏانهن ڪاهيان ڪرهو، چوڏس چٽاڻو،
منجهه ئي ڪاڪ ڪڪوري، منجهه ئي لُڊاڻو
راڻو ئي راڻو، ري راڻي ٻيو ناهه ڪي.
هي شاهه جي تعليم جا ڪرشما آهن، جيڪي هر اُن ماڻهوءَ تي ٿين ٿا جيڪو اُن کي ڳوڙهو پڙهي ٿو، پر پُرجهي ٿو. مون رسالي تي ڏاڍو نور نچوڙيو، نه رڳو اُن تي، پر دنيا جي سڀني وڏن وڏن صوفين، يوگين، درويشن، رشين، مَنين ۽ وڏن وڏن شاعرن اديبن جي ڪتابن تي ۽ سڀني مذهبن جي ڪتابن تي به، مون کي رڳو اها سڀني ۾، سڄي انسانذات ۽ دنيا اندر سڄي زندگيءَ جي ڀلائيءَ جي ڳالهه ڏسڻ ۾ آئي. اُن ۾ هر زندگيءَ سان محبت ڪرڻ جي ڳالهه ڏسڻ ۾ آئي. شاهه جي تعليم اسان جي سنڌو ماٿريءَ جي ساڳي پراڻي اَدويت ويدانت جي تعليم آهي، يعني سڀ ڪجهه وحدت الوجوديءَ واري تعليم. جيڪا اول اول دنيا ۾ موهن جي دڙي کان شروع ٿي يعني خدا جي بستيءَ کان، جنهن کي هينئر سڀ ڄٽ موئن جو دڙو يعني مُئلن جو دڙو ٿا چون. ۽ اتان پوءِ سڄي دنيا ۾ جدا جدا رنگن، فلسفن ۽ مذهبن ۾ آئي، مختلف ثقافتن، ماڻهن ۽ ملڪن ۾ پنهنجو ويس بدلائي، پر بنيادي طور اُها ئي رهي ۽ اڃان تائين ڪٿي ڪٿي آهي. يعني خدا سان محبت ڪر ۽ هر زندگيءَ سان محبت ڪر! ڇاڪاڻ ته هر زندگي محبت مان پيدا ٿئي ٿي، تنهنڪري زندگيءَ کي پيدا ڪرڻ وارو يعني خالق خود محبت آهي. يعني نج محبت ۽ اُن جو سرچشمو، اِن ڪري هيءَ سڄي ڪائنات، اُن جي ارتقا، اُن ۾ هر شئي، هر زندگيءَ معنيٰ سڀ مخلوقات خود خالق آهي ۽ ٻيو ڪير به ڪونهي. شاهه جي تعليم ان سلسلي ۾ تمام گهڻي ڏنل آهي، پر هي بيت اِن جو تمام جامع اظهار ٿو ڪري:
پاڻ ئي پَسي پاڻ کي، پاڻ ئي محبوب،
پاڻ ئي خلقي خوب، پاڻ ئي طالب تن جو.
تنهنڪري دنيا ۾ محبت ۽ اهو محبت جو مالڪ ئي سڀ ڪجهه آهي ٻيو سڀ ڪجهه اُن جو اظهار.

سوال: پوءِ دنيا ۾ هي نفرتون، دشمنيون، جنگيون، قتل، ڌاڙا، ڦرون، استحصال وغيره سڀ ڇو آهن؟
جواب: اهو اهڙي تعليم نه هُئڻ ڪري ۽ دنيا ۾ بادشاهن ۽ مُلن جو، هن تعليم کي پنهنجي دنيا ئي عياشين خاطر، غلط رنگن ۾ وجهڻ ڪري ۽ اٻوجهه ماڻهن کي اهڙن قاعدن قانونن ۾ ٻڌڻ، جو اُهي سندن ئي ٻڌايل رستو وٺن، پر اهڙي نج مذهبي تعليم جو نه پر، جن اُها نج مذهبي يا روحاني تعليم حاصل ڪئي. اُنهن پوءِ اُهي سڀ مُلن جا ٻڌايل مذهب دور ڪري ڇڏيا، هڪڙو ئي مذهب ورتو محبت جو، خدا جو، شاهه جي لفظن ۾:
پڇيو ئي جان دوست، ته پاسي ڪر پرهيز کي،
جنين ڏٺو هوت، تن دين سڀئي دور ڪيا.

سوال: پر اهڙي تعليم اچي ڪيئن؟ اهو هوت ڏسجي ڪيئن؟
جواب: اندر ۾ پاڻ پيهي ڏسڻ سان جتي اُن جو جلوو آهي. ٻاهر به جتي اُن جي جلوي جو اظهار آهي هر ڪنهن شيءِ ۾، تنهنڪري ئي دنيا جي سڀني روحاني ماڻهن چيو آهي ته پاڻ کي سڃاڻو ته اوهين ڪير آهيو ۽ شاهه به ته چيو: ”نائي نيڻ نهار تو ۾ ديرو دوست جو“ ۽ اهڙي تعليم هاڻي دنيا ۾ واپس ايندي وڃي. وڌندي وڃي. ڇاڪاڻ ته دنيا جي ماڻهن ماديت ۽ ڪوڙي مذهبيت جا سڀ قهر ۽ ڪلور ڏسي ورتا آهن. انهن ٻنهي ڳالهين ڪري انسانذات جو جيڪو تاريخ ۾ وحشت ناڪ قتل غارت ٿيو آهي، اهو ٻين ڪهڙين به ڳالهين ڪري ڪو نه ٿيو. مثلن جدا قوميتن، ڪلچرن، نسلن يا ملڪن جي ڪري. انسانيت مادي ۽ منظم مذهبن جي ڄار مان نڪري هاڻي کليل معاشري ۽ روحاني فضا ۾ ساهه کڻڻ ڏانهن وڌي رهي آهي. مغرب ۾ به هڪڙي انساني معاشري جي تعليم وڌندي وڃي ۽ Mysticism جي به، جنهن کي مشرق جي مفهوم ۾ تصوف يا ويدانت چئجي ٿو. جيئن مون پهرين ٻڌايو، اهڙي اصلي عالمي روحاني تعليم سنڌ مان شروع ٿي هئي. هاڻي وري سنڌ کي ئي اهڙي تعليم کي عام ڪرڻو آهي. ان ڪري ئي ته اسان سڀ وڏن کان ٻُڌندا آيا آهيون ته سنڌ کي ئي دنيا کي امن، محبت ۽ انساني ڀائيچاري جو سبق ڏيڻو آهي ۽ سنڌين کي ئي اهو ڪرڻو آهي جتي به اهي آهن. سنڌ، هند يا دنيا ۾، انهن سڀني ڳالهين جي هاڻي هتي هن انٽرويو ۾ وڌيڪ وضاحت ڪو نه ٿي سگهندي. پر مون رڳو مکيه ڳالهين جي هتي اسان سڀني سنڌين لاءِ نشاندهي ڪئي آهي ۽ اسان سنڌي مسلمانن وٽ هن وقت شاهه جو رسالو ئي خاص طور اهڙي تعليم جو وسيلو آهي. جنهن کي اسان کي دنيا ۾ عام ڪرڻو آهي ۽ اُن رستي دنيا کي اهو خالق، مخلوق ۽ محبت جي مذهب جو درس ڏيڻو آهي:
هلو هلو ڪاڪ تڙين، جتي نينهن اُڇلَ،
نڪا جهلَ نه پلَ، سڀڪو پَسي پرينءَ کي.
۽ اهڙي محبت جي دنيا جو شاهه نقشو اسان کي ڏيکاري ڇڏيو آهي:
نڪا جهلَ نه پلَ، نڪو رائر ڏيهه ۾،
آڻيو وجهن آهرين، روڙيو رتا گُل.
ماڻهو پاڻ اَمُلَ، مليرونِ مُرڪڻو.
دنيا تي بهشت جو نظارو يعني اهڙي محبت ڀري انساني معاشري يا سماج جو نظارو آهي!

سوال: توهان ته اڄ اهڙيون ٻڌايون آهن جي اڳي رڳو اسان اشارن ۾ ٻڌندا آيا آهيون. پر هاڻي اسان کي پنهنجي گذريل سياسي زندگيءَ جي باري ۾ به ڪجهه ٻڌاءِ؟
جواب: هر انسان جو ذهن ارتقا ڪندو رهندو آهي، پر جيڪڏهن ننڍي هوندي هن جي صحيح رهبري ٿي ويئي ته هو صحيح رستي تي ئي هلندو، مون کي به ٻين سنڌي مسلمان ٻارن وانگي اها سياسي تعليم ملي ته پاڪستان اسان سنڌي مسلمانن لاءِ تمام سٺو رهندو، سو مون به چوڏهن سالن جي وَهيءَ ۾ پاڪستان لاءِ جهنڊا کنيا، جلسن جلوسن ۾ شامل ٿيس ته ”ليڪي رهينگي پاڪستان“، ”بٽ ڪي رهيگا هندوستان“ پر اها مون کي خبر هجي ها ته هندوستان جي تقسيم ڪري وڏو انسانذات جو قتل ٿيندو، اُن کانپوءِ سنڌي مسلمان جا اڳوڻي کان به وڌيڪ حق غضب ٿيندا ۽ ان کانپوءِ اهو پاڪستان به ختم ٿي ويندو، وري نئون پاڪستان ٺهندو، جنهن ۾ وري مسلمان، مسلمان کي ائين قتل ڪندا، جيئن عيد الاضحيٰ تي جانور قتل ڪُهن ٿا ته بنهه اهڙي جدوجهد ۾ حصو نه وٺان ها. پر پوءِ جڏهن جنهن پاڪستان لاءِ مون يا منهنجي ٽهيءَ وارن سنڌي مسلمانن جدوجهد ڪئي اهو ٽين پاڪ-هند جنگ کانپوءِ ختم ٿي ويو ته ايتري ساڃهه مون ۾ اچي ويئي جو علي الاعلان ”ملير ڊائجسٽ“ ۾ اهو ايڊيٽوريل لکان ته ”هي وري نئون ۽ سخت ون يونٽ اسان سنڌ وارن تي مڙهجي رهيو آهي، اهو اسان کي هر گز نه کپي“. ان ڪري ئي ته منهنجو رسالو بند ڪيائون، مون کي جيل ۾ وڌائون! هي سڀ چوڻ جو مطلب اهو ته اسان سڀني ھنڌ ۽ سنڌ جي رهواسين جي اسان جن اڳوڻن ليڊرن هندن يا مسلمانن صحيح رهبري نه ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ اسان ۽ مهاجر اڄ سڀ لوڙيون پيا. سڀ پاڪستان جا باشندا به ته هندوستان جا به، هي سڄو مُلن ۽ پنڊتن جو کيل هو، جنهن ۾ اسين اٻوجهه هندستاني ڦاسي وياسين. آزاديءَ جي خوشيءَ ۾! ۽ انگريزن هندوستان کي ٽڪر ڪري سندن حڪومت کي ان مان ختم ڪرڻ جو اسان کان انتقام ورتو. جيڪو اڃان تائين اسان ڏيندا رهون پيا، پر اسان جا نسل به ڏيندا رهندا.

سوال: پر آزاديءَ ته اسان کي کپندي هئي. اُهو اسان جو انساني حق هو؟
جواب: پر مذهب جي بنياد تي آزاديءَ جو اجهو اهو حال ٿيو، جيڪو اسان اڄ به. هِتي يا هُتي هندستان ۾ ڏسون پيا. گهڻو انهي ڪري مسلمانن ئي لوڙيو. ڇاڪاڻ اُهي هُتي هندستان ۾ مرن پيا، هِتي وري اسان پاڻهي پاڻ هڪٻئي هٿان مرون پيا. اسان جي ليڊرشپ دور انديش نه هئي، ۽ اسين به آزاديءَ جي چشڪي ۾ اچي وياسين. آزادي ته اسان جو حق هو. پر هر ڪنهن جو پنهنجي پنهنجي وطن ۾.

سوال: توهان ڀلا سنڌ جي پاڪستان ۾ اچڻ کانپوءِ ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو؟
جواب: گهڻيون ڳالهيون آهن جن جو ذڪر ڊگهو ٿي پوندو. ائين سمجهو ته 1958ع ۾ ون يونٽ ٺهڻ کان پوءِ نوڪري ڇڏي ٺيڪيداري ڪرڻ لڳو هوس. هڪڙو مون سان مهاجر دوست به گڏ هو جيڪو مرڻ گهڙيءَ تائين مون سان رهيو ۽ اڄ به اسان جي اباڻي قبرستان دڙي ۾ دفن آهي. انهن ٻنهي سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي، جيڪو ٺيڪيداريءَ مان ڪمايو سين، اهو سنڌ جي حقن جي جدوجهد تي خرچ ڪيوسين. آئون ننڍڙا ڪتابڙا لکندو هوس، هو انهن کي ورهائيندو هو. پوءِ ته هڪڙو ننڍڙو اسٽال کوليوسين گاڏي کاتي ۾، ”ملير ڪتاب گهر“ جي نالي سان، جتي هو منهنجا ۽ ٻيا ڪتاب وڪڻندو هو. گاڏي کاتي ۾ ون يونٽ خلاف بک هڙتال به اسان شروع ڪرائي هئي. خالد سنڌيءَ کي حيدر چوڪ تي ويهاري، جتان پوءِ سڄي سنڌ ۾ باهه ٻري ويئي ۽ نيٺ يحيٰ خان کي ون يونٽ ٽوڙڻون پيو، پوءِ ڀٽي صاحب جي حڪومت آئي، جنهن جي ڳالهه آئون اڳئي ٻڌائي آيو آهيان.

سوال: اوهان ڀلا سنڌ جي تحريڪن لاءِ ڪهڙا ڪتابڙا لکيا؟
جواب: گهڻن ئي مختلف نالن سان لکيم. هاڻ ته مون کي به ياد نه آهن. پر هڪڙو سنڌي ٻوليءَ لاءِ وڏو نظم هو، جو اڃان ياد اٿم ۽ هڪ ٻيو ”هي بيت ستايل سنگين“ جا ۽ ٽيون” سنڌ جون عورتون اُٿو“. وغيره وغيره.

سوال: ڀلا اهو مهاجر دوست اوهان سان ڪيئن گڏ رهيو ۽ مطلب ته هُن جي باري ۾ ڪي خاص ڳالهيون.؟
جواب: هو هڪڙو عظيم انسان هو. 1957ع ۾ مون سان گڏ رهڻ لڳو ۽ 1988ع ۾ پنهنجي حياتي قدرتي طرح مون وٽ ئي پوري ڪيائين. حيدرآباد دکن جو هڪ مهاجر هو. يتيم هو، هو منهنجي ۽ آءُ هن جي محبت ۾ ٻڌجي ويس، پهرين هو ٽنڊو محمد خان ۾ پنهنجي ڪن مائٽن سان گڏ رهيو، پر پوءِ سڄي زندگي مون سان منهنجي گهر ۾ ئي رهيو. جتي به آئون هئس. وڏي عقل ۽ علم وارو ماڻهو هو. هڪ ٻئي سان اسان وڏيون وفائون ڪيون ۽ جفائون به گڏوگڏ ڏٺيوسين. هڪڙي رات هو منهنجي بدران جيل جي ڪوٺڙيءَ ۾ به سُتو، آئون لڪ چوريءَ رات جو وڃي پنهنجي گهران ٿي اچان، پنهنجي بيمار ماءُ کي ڏسڻ لاءِ، منهنجن ڀائرن مان به ڪير ائين منهنجي بدران جيل جي ڪوٺيءَ ۾ سُمهڻ لاءِ تيار ڪو نه ٿيو. هُن جي نالي مون هڪ ڪتابڙو لکيو آهي. انگريزي شاعري ۾ جنهن جو نالو آهي. A Story of a Muhajir and Sindhi in verse جنهن جو جلدي ڪنهن کان افتتاح ڪرائيندس، جيئن اُنکي پنهنجي محبت جا ڪي گل لفظن ۾ پيش ڪري سگهان ۽ سڀني کي اهو ٻُڌايان ته انسانيت سڀ کان عظيم قدر آهي. سڀني قوميتن، مذهبن ۽ مُلن کان.

سوال: سياسي تحريڪن ۾ ڀلا اوهان جو ڪنهن پارٽيءَ سان واسطو رهيو.؟
جواب: ڪنهن سان به نه، سڀني سنڌي سياسي ليڊرن سان ويجهو رهيس ته انهن کان دور به رهيس. سڀني سان سنڌ جي ناتي محبت هُئي، پر گهڻن سان سندن سياسي طريقن جي ڪري اختلاف، آئون ننڍي هوندي کان عدم تشدد يا اهنسا جو حامي رهيو آهيان. اها ڪا قدرتي سُتي مون کي پياريل هئي، هرڪو انسان منهنجي لاءِ عزت ۽ احترام جو لائق هو. پنهنجو جائز مقصد ڪنهن کان محبت رستي يا اُن جي اندر ۾ سچ ۽ انصاف جي قدر کي اپيل ڪري. حاصل ڪرڻو هو زور زبردستيءَ سان نه.

سوال: هن وقت ڀلا ڪهڙي سياسي پارٽي يا طريقي کي توهان سنڌ جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ سمجهو ٿا.؟
جواب: هينئر آئون سنڌ ۽ پاڪستان جي ڀلائيءَ لاءِ ڪنهن سياسي پارٽيءَ سان وابسته نه رهي. فقط جمهوري طريقي کي صحيح ٿو سمجهان. آمريت ۽ قوميت جي رنگ کي غلط ۽ انسانيت جي ڀلائي واري هر طريقي کي صحيح.

سوال: سائين توهان جو سنڌ، ۾ علمي ادبي سماجي ۽ سياسي خدمتون رهيون آهن. اُها تمام ٿورن کي خبرن آهي پر گهڻن کي ڪونهي، اهي سڀ ڳالهيون تفصيل سان اوهان جي آتم ڪهاڻيءَ ۾ شايد اينديون، پر پنهنجي اڌ صديءَ جي علمي ۽ عملي زندگيءَ مان اسان سنڌ وارن کي موجوده حالتن جي حوالي سان. ڪي صلاحون ڏيو. اهي تمام وڏيون قيمتي هونديون.؟
جواب: فقط ٻه ڏيندس وڌيڪ نه!


سوال: ٻه ئي ڏيو.
جواب: هڪڙي مهاجرن سان محبت ڪريو. انهن سڀني ماڻهن سان جيڪي سنڌ ۾ هميشه لاءِ اچي آباد ٿيا آهن، اُهي نه ڪن تڏهن به ڪريو ڳچيءَ ۾ ڳراٺڙي پائي! نيٺ اهي به اوهان سان ائين ڪندا. ڀُلي ڀُلي پاڻ آئي ته به ڀُلي نه چئجي!

سوال: ۽ ٻي صلاح؟
جواب: ۽ ٻي اها ته سڀني سنڌي ٻارن کي پڙهايو، انهن مان هڪڙو به بي تعليم نه ڇڏيو. گهٽ ۾ گهٽ مئٽرڪ تائين انهن کي پڙهايو، هلندڙ نسل يا ايندڙ نسل. بُکن مري به سڄي سنڌ ائين ڪري ۽ اسڪولي عمر جي ڇوڪرن ڇوڪرين سڀني کي پڙھايو. سنڌ ۽ پاڪستان حڪومتن کي چئو ته اسان کي ٻي ڪا به تعمير نه پر رڳي سنڌي قوم جي تعليم جي تعمير کپي. اهو پڪو رستو سُٺو جنهن تان لکين انڌا لٺ تي هلن يا اُهو ڪچو سٺو جنهن تان سڀ اکين وارا ڏسندا واسندا هلن؟

سوال: اوهان به ته اهڙي تنظيم ٺاهي آهي، جيڪا اهو ڪم پئي ڪري، ٻهراڙين جي ٻارن کي تعليم جو.؟
جواب: 1985ع کان اسان جي اهڙي تنظيم آهي. اسٿان لطيف سماجي تنظيم جي نالي سان، پر نه سنڌ نه پاڪستان حڪومت اُن کي هڪڙي پائي ڏني آهي، اڄ تائين جو لکين غريب ٻارن کي ڪتاب سليٽون وٺي ڏي ۽ انهن کي اسڪولن ۾ داخل ڪرائي. ڪن دوستن کان پني مڱي آئون ٻٽن هزار ٻارن کي جيڪڏهن پڙهايان پيو ته ڪا ڳالهه ڪانهي. هُتي ته ٻهراڙين ۾ سڄو لڏي جو لڏو غريب ٻارن جو لڏو آهي. جي ڪروڙ کن ۾ آهن. انهن کي آئون اڪيلي سر ڇا ڏيئي سگهندس. سواءِ دعائن جي ته شل پڙهي پَون. ۽ وقت جي حڪومتن کي سواءِ بددعائن جي، نٿيون انهن کي پاڙهين اَلائي ڇو، اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ به ان ڳالهه کي نٿا سمجهن ته اکر ۾ الله آهي. علم ۾ ئي سڀ کان وڏي ۾ وڏي طاقت آهي دنيا ۾. پهرين لفظ هو، لفظ الله وٽ هو، لفظ خود الله هو! تُنهنجي رسالي جي يا تنهنجن مالڪن جي سڀني رسالن يا اخبارن جي يا اڃان سنڌ جي سڀني اخبارن ۽ رسالن جي اها ڪيڏي نه وڏي خدائي خدمت ٿيندي، جو اُهي سڀ سنڌي ٻارن جي تعليم ڏانهن سرڪار جو زبردستي ڌيان ڇڪائيندا رهن ۽ اسان جي هن تعليم جي نعري کي به سندن رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپيندا رهن، سنڌي ٻارن، سندن مائٽن ۽ ٻين سڀني پڙهيلن تائين اهو نعرو جتي ڪٿي پهچائڻ لاءِ، اهو هڪ خيراتي اشتهار جي صورت ۾ ئي پنهنجين اخبارن رسالن جي هر شماري ۾ ڏيندا رهن. سندن اسان تي ۽ سڄي قوم تي وڏا احسان ٿيندا.
پڙهه! منهنجا جاني پڙهه ،
تُنهنجي مهرباني پڙهه،
پڙهڻ سان ئي ملندو سڀ،
ڏُڌ مَکڻ ماني پڙهه،
خدا پاڻ تي خوش ٿيندو،
ٿيندي هر آساني پڙهه.

سوال: سائين آئون اها ڳالهه پنهنجن مالڪن ۽ ٻين سڀني تائين پهچائيندس، پر آخري هڪڙو سوال. اوهان هي پاڻ تي آخري نالو الستي ڪيئن رکيو؟
جواب: ڇو ڀلا اُن مان ڪنهن پري واري ڳالهه جو اھڃاڻ ٿو مليئي؟

سوال: هائو سائين مڙئي الست وارو اُهڃاڻ.
جواب: يار اهو نالو مون پاڻهي پاڻ تي ڪو نه رکيو، الائي ڪيئن پئجي ويو ۽ جڏهن هيءَ مون تنظيم ٺاهي 1985ع ۾ اسٿان لطيف سماجي تنظيم جي نالي سان ته اوچتو مون کي خيال آيو ته اُن نالي جي لفظن مان پهريون اکر ملائڻ سان الست ٿي ٺهيو. اسٿان لطيف. اھو سماجي نالو ان ڪري رکيو هُئم جو رسالو ترجمو ڪري جڏهن پورو ڪيم ته مون کي ڄاڻ ملي ته هاڻي جيئن توکي لفظ جي روشني ملي آهي، تيئن تون به ٻين تائين اها روشني پهچائي. لطيف جي رسالي مان اها روشني ملي هُيم، سو اُن تنظيم جو نالي ۾ لطيف اچڻ ضروري ٿيو. هاڻي سڄي سنڌ لاءِ اُها تنظيم هُئي ۽ لطيف جو جيئن ته سڄي سنڌ اسٿان يا جاءِ هُئي، تنهن ڪري ان تنظيم تي اهو نالو رکي ڇڏيم.

سوال: اهو ته ٿيو اسٿان لطيف سماجي تنظيم (الست) جو نالو، پر اوهان تي الستي ڪيئن پيو؟
جواب: اسان رستن تي شهرن ۾ جتي ڪٿي لکڻ شروع ڪيو”ٻار پڙهايو “ ۽ ان جي هيٺيان الست دڙو لکيو، نيٺ هِن هُن کي جڏهن خبر پئي ته عبدالغفور طرفان اُها تنظيم آهي ۽ عبدالغفور سنڌي ادب ۾ ٻيا به هئا، تنهن ڪري مون کي ٻارن الستيءَ جي شناخت سان سڏڻ شروع ڪيو. مون به چيو اهو ڪو قدرتي اَمر هو، جيڪو مون تي اچي ويو، سو هاڻ پاڻ به اهو پاڙڻ شروع ڪيم. هيءَ ڪميڻي ڪير جا امر کي آڏو اچي. هاڻ پاڻ ائين سڏايان پيو، پر ڇا سنڌ جا اسان سڀئي سنڌي ماڻهو اَلستي ڪو نه آهيون؟ هن لطيف جي اسٿان وارا! يا هُن وڏي لطيف جي اسٿان وارا.
الست بربکم، جڏهن ڪَن پيوم
قالو بليٰ قلب سين، تڏهن تِتِ چيوم،
تنهين وير ڪَيوم، وڃن ويڙهيچن سين.
مَن ڪي اَن نالي ٻڌڻ سان اهو وچن ويڙهيچن سان جيڪو ڪيو اٿئون، اهو سڀن کي ياد پوي ۽ سڀن جي ڪن تي مارئيءَ جي هيءَ دانهن به پهچي ته!
اَلا ائين هوءِ جيئن آئون مران ڪوٽ ۾،
جُسو زنجيرن ۾ راتيان ڏينهن روءِ،
پهرين وڃان لوءِ، پوءِ مَر پُڄنِم ڏينهڙا!


[عبرت مئگزين 1992]

مددي ڪتاب ۽ رسالا

1. آمريڪا ۾ منهنجو خدا جو تجربو (مضمون) عبدالغفور الستي سنگت پبليڪيشن /28 جون- آگسٽ 2011ع
2. شاهه جو رسالو ۽ آئون (مضمون) عبدالغفور الستي سنگت پبليڪيشن 5 ڊسمبر 2006ع
3. ايضًا
4. ٻنڌڻ ٻاروچن جا- (آتم ڪهاڻي) عبدالغفور الستي، سچائي اشاعت گهر دڙو 2007ع
5. ايضًا
6. ايضًا
7. ايضًا
8. ايضًا
9. ايضًا
10. سنڌي ٻولي تحريڪ: مرتب مهراڻ ملاح - روزينه جوڻيجو فونيڪس 2008ع
11. ٻنڌڻ ٻاروچن جا (آتم ڪهاڻي) عبدالغفور الستي – سچائي اشاعت گهر دڙو 2007ع
12. ايضًا
13. جنب گذاريم جن سين (ڀاڱو پهريون) جي ايم- سيد- سنڌي ادبي بورڊ 2005ع
14. سي سڀ سانڍيم ساھه سين- موتي پرڪاش – سچائي اشائت گهر 1987ع
15. ايضًا
16. ٻنڌڻ ٻاروچن جا (آتم ڪهاڻي) عبدالغفور الستي – سچائي اشاعت گهر دڙو 1987ع
17. ايضًا
18. سٻاجهو ساڃاه وند- مرتب تاج جويو. ماڻڪ موتي تنظيم-
19. ٻنڌڻ ٻاروچن جا عبدالغفور الستي: سچائي اشاعت گهر 2007ع
20. ھڪه رھنماروح سنڌجي سرزمين تي (ڪتابڙو) عبدالغفور الستي
21. سنڌ بچايو ننڍو کنڊ بچايو محمد ابراھيم جويو. روشني پبليڪيشن 2014ع
22. ھڪه رھنما روح سنڌجي سرزمين تي عبدالغفور الستي
23. پندر هنوار افيئر-31-جولاءِ کان 2014ع آگسٽ-علي نواز ٻٽ جو مضمون
24. سنڌ ڳالهائي ٿي- جي ايم سيد مضمون 2014ع روشني پبليڪيشن
25. ٻنڌڻ ٻاروچن جا- فقير عبدالغفور الستي سچائي اشاعت گهر 2007ع
26. ايضًا
27. ڪروڙ پتي-(مهاڳ) ابن حيات پنهور منصور پبليڪيشن حيدرآباد 1985ع
28. روزاني ھلال پاڪستان ۾ عبدالغفور الستي جو مضمون 29-جنوري 2003 ع
29. پسي تنهنجي تجلي (مهاڳ)- يوسف سنڌي، سچائي اشاعت گهر دڙو 2000 ع
30. سنڌي ٻولي تحريڪ- مرتب: مهراڻ ملاح روزينه جوڻيجو
31. سنڌي ٻولي تحريڪ مرتب: مهراڻ ملاح ۽ روزينه جوڻيجو
32. ملير ڊائجسٽ
33. آتم ڪهاڻيون (ڀاڱو ٻيو) ناز سنائي سنڌي ساھت گهر- حيدرآباد
34. سنڌي ٻولي تحريڪ مرتب: مهراڻ ملاح روزينه جوڻيجو فينڪس بوڪس حيدرآباد 2008ع
35. ايضًا
36. ايضًا
37. ايضًا
38. ملير ڊائجسٽ ايڊيٽر: عبدالغفور ميمڻ جنوري 1973ع
39. ملير ڊائجسٽ مارچ اپريل 1973ع
40. ايضًا
41. سوھني منڊي ڪي باتين- حسن مجتبيٰ-روز نامه جنگ 10-سيپٽمبر 2015ع
42. ملير ڊائجسٽ- ايڊيٽر: عبدالغفور ميمڻ
43. روح جا ريلا- عبدالواحد آريسر- صفحو 79- نيوفيلڊس پبليڪيشن- حيدرآباد
44. سنڌي ٻولي تحريڪ- مرتب: مهراڻ ملاح روزينه جوڻيجو فينڪس بوڪس- 2008ع
45. ايضًا
46. سنڌي ٻولي تحريڪ
47. ايضًا
48. شاھه جو رسالو ۽ آئون، سنگت پبليڪشن 8- ڊسمبر 2006ع
49. ايضًا
50. ايضًا
51. ايضًا
52. ٻنڌڻ ٻاروچن جا (آتم ڪهاڻي) فقير الستي : سچائي اشاعت گهر 2007ع
53. ٻنڌڻ ٻاروچن
54. ايضًا
55. ملير ڊائجسٽ
56. روزاني ھلال پاڪستان ڪراچي 6-آگست 2003 ع فقير الستي جو مضمون
57. روزاني خبرون ڪراچي 13- آگسٽ 2006ع
58. ملير ڊائجسٽ
59. ايضًا
60. ايضًا
61. ايضًا
62. سنڌي ٻارن کي تعليم ڪيئن ملندي (اصلاحي ڊرامون) فقير عبدالستي، الستي
63. غلامي مان ڇوٽڪارو مضمون روزاني ھلال پاڪستان ڪراچي
64. ايضًا
65. پندرنھوار افيئر- نمبر اعجاز جو مضمون – 2014
66. روزاني سنڌو- حيدرآباد 15- آڪٽومبر 1991ع،
67. سنڌ تعليمي تحريڪ ڪتابڙو- ايس-پي –او حيدرآباد 2010ع
68. ايضًا
69. شاھه جو رسالو ۽ آئون. عبدالغفور الستي –سنگ پبليڪيشن (5) ڊسمبر 2006ع