شاعري

وڃائجي ويل رنگن جو احساس

نثري نظم ۾ لفاظيءَ بدران خيال جي اڏام کي بنيادي اهميت حاصل ھوندي آھي، خيالن جي اڏام ئي پڙهندڙن جي ذهن تي اثر انداز ٿئي ٿي، جنهن ۾ علي محمد درد سولنگي سڦل نظر اچي ٿو. سندس نثري نظمن ۾ تجريد (Abstracts) جو عڪس پڻ نمايان پَسي سگهجي ٿو، جيڪا سندس فن ۽ فڪر جي اڏام جو واضح اهڃاڻ آهي. علي محمد ”درد“ سولنگيءَ جا گهڻا نثري نظم داخلي ڪيفيتن جا نثري نظم آهن، هُن پنھنجي نثري نظم جي ڪينواس تي پنھنجن احساسن جون محروميون، وڇوڙا، انتظار جي ڪيفيت لڙڪن ۽ ٽھڪن جا گڏيل رنگ ڏنا آهن ا

  • 4.5/5.0
  • 43
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book وڃائجي ويل رنگن جو احساس

حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

ڪتاب : وڃائجي ويل رنگن جو احساس
موضوع: (نثري نظم)
ليکڪ: علي محمد“درد” سولنگي
ڇاپو: پهريون- سيپٽمبر 2020
تعداد: 500


مُلهه
ڏيهه: 300 رپيا / پرڏيهه: 5 ڊالرز(آمريڪي)
ISBN: 978-969-7998-04-3
ڇپيندڙ
سنسار پبليڪيشنس اينڊ پرنٽرس ڪراچي
آفيس: روم نمبر:307، ٿرڊ فلور، صابر منزل،
نزد گل پلازا مارسٽن روڊ، صدر، ڪراچي

Contact:03002507766
Email: sansar.sindh@gmail.com


ڪتاب ملڻ جا هنڌ

سنسار بڪ بئنڪ ڪراچي، ڪاٺياواڙ بڪ اسٽور اردو بازارڪراچي، ٿامس اينڊ ٿامس بڪ اسٽور ڪراچي، نئون نياپو ڪتاب گهر ڪراچي، ڪنول ڪتاب گهر حيدرآباد، رومي ڪتاب گهر حيدرآباد، دانيال ڪتاب گهر حيدرآباد، سوچ ڪتاب گهر دادو، انڊس بڪ شاپ دادو ۽ اداري کان آن لائن پڻ گهرائي سگهجي ٿو.

ارپـنــا

پنهنجن پُٽن صابر علي ۽ محمد سمير جي نانءِ

مون کان پوءِ
منهنجن جي پارت اَٿوَ
پنهنجن جي پارت اَٿوَ
سارن رشتن جي پارت اَٿوَ
سڀني رشتن کي سنڀالجو
جيڪي مِٽي ٿي مِٽيءَ ۾ ملي ويا
انهن کي به نه وسارجو
ڪيڏي به تڪليف اچيوَ
ڪهڙو به وقت هجيوَ
صبر جو دامن نه ڇڏجو
همٿ ڪجو
حوصلو نه هارجو
ڪنهن جي دل نه رنجائجو
ڀل توهان کي ڏکوئين
توهان نه ڪنهن کي ڏکوئجو
هي حياتي سڄي
مرڪي مرڪي گهارجو
پنهنجي وت ۽ وس آهر
سڀن سان نڀائجو
پيارُ ئي ورهائجو
پيارُ ئي ورهائجو

علي محمد ”درد“ سولنگي

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ليکڪ ۽ شاعر علي محمد ”درد“ سولنگيءَ جي نثري نظمن جو مجموعو ”وڃائجي ويل رنگن جو احساس“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيو.
نثري نظم ۾ لفاظيءَ بدران خيال جي اڏام کي بنيادي اهميت حاصل ھوندي آھي، خيالن جي اڏام ئي پڙهندڙن جي ذهن تي اثر انداز ٿئي ٿي، جنهن ۾ علي محمد درد سولنگي سڦل نظر اچي ٿو. سندس نثري نظمن ۾ تجريد (Abstracts) جو عڪس پڻ نمايان پَسي سگهجي ٿو، جيڪا سندس فن ۽ فڪر جي اڏام جو واضح اهڃاڻ آهي. علي محمد ”درد“ سولنگيءَ جا گهڻا نثري نظم داخلي ڪيفيتن جا نثري نظم آهن، هُن پنھنجي نثري نظم جي ڪينواس تي پنھنجن احساسن جون محروميون، وڇوڙا، انتظار جي ڪيفيت لڙڪن ۽ ٽھڪن جا گڏيل رنگ ڏنا آهن ا
ھي ڪتاب سنسار پبليڪيشن، ڪراچيءَ پاران 2020ع ۾ ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آھيون يوسف سنڌيءَ جا جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي)، ڪراچي
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

پبلشر نوٽ

علي محمد “درد” سولنگي سنڌي ادب جو خاموش خدمتگار آهي، هو وڏي عرصي کان لاڳيتو قلمي پورهيو ڪندو پيو اچي، سنڌي ٻولي ۽ خاص طور تي ٻارن جي ادب لاءِ سندس خدمتون ساراهه جوڳيون آهن، هن وقت تائين نثر توڙي نظم جي صنفن تي آڌاريل اَٺ (8) ڪتاب سنڌي ادب کي ارپي چڪو آهي، هي نثري نظمن تي آڌاريل سندس نائون (9) ڪتاب آهي.
علي محمد “درد” سولنگي بنيادي طور تي شاعر آهي، پر سندس نثر پڻ سگهارو آهي، هن جي لکڻين ۾ ٻولي ۽ اسلوب بهترين ۽ مٺاس ڀريا آهن، سندس خيالن جي اڏام شاهوڪار آهي. سندس نثر ۾ به شاعراڻي چاشني ۽ سڳنڌ جو واس آهي.
نثري نظم ۾ لفاظي بدران خيال جي اڏام کي بنيادي اهميت هجي ٿي، خيالن جي اڏام ئي پڙهندڙن جي ذهن تي اثر انداز ٿئي ٿي، جنهن ۾ هو سڦل نظر اچي ٿو. هن جي نثري نظمن ۾ تجريد (Abstracts)جو عڪس پڻ نمايان پَسي سگهجي ٿو، جيڪا سندس فن ۽ فڪر جي اڏام جو واضح اهڃاڻ آهي.
علي محمد “درد” سولنگي جو هي نثري نظمن جو مجموعو “وڃائجي ويل رنگن جو احساس” سنڌي ادب ۾ سٺو واڌارو ثابت ٿيندو.

اسلم کٽياڻ
سي اي او، سنسار پبليڪيشنس

مهاڳ: وڃائجي ويل رنگن کي ڳوليندڙ شاعر

عرب دنيا جي مشهور انقلابي شاعر محمود درويش جي لفظن ۾ ته “مون وٽ شاعريءَ جي به موسم ٿيندي آهي،ائين نه ٿيندو آهي جو آئون سڄو سال ڪجهه به نه لکي سگهندو آهيان. ڪڏهن ته نظمن جو مينهن وسندو آهي. منهنجي ڌرتي آهي ۽ آئون ڌرتيءَ جو شاعر آهيان.”
واقعي ڪنهن شاعر تي به شاعري ڪرڻ جي موسم ٿيندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته هو مهينن جا مهينا نه لکي سگهندو آهي ۽ ڪڏهن ته ڏينهن ۾ ڏهه، ڏهه نظم لکندو آهي ۽ واقعي به سندس مٿان نظمن جو مينهن وسندو آهي. اسان جي دوست علي محمد“درد” سولنگي جي مٿان به نثري نظمن جي موسم لٿي آهي. نثري نظم لکي رهيو آهي. ائين ته سندس تازو آيل ڪتاب “ڪاش” ۾ٿورن نثري نظمن کان سواءِ سموري پابند شاعري آهي، پر سندس هن ڪتاب “وڃائجي ويل رنگن جو احساس” ۾ صرف نثري نظم آهن. نثري نظمن جي صنف نوجوان شاعرن جي پسنديده صنف ٿيندي پئي وڃي. هي صنف سنڌي شاعريءَ ۾ 1970ع جي ڏهاڪي ۾ لکي وئي ۽ آهستي آهستي هن نثري نظم جي صنف پنهنجن رَنگَن ۽ رُوپَن سان سنڌي شاعري کي نکاري ڇڏيو. ان صنف ۾ لکڻ جي ڪا به پابندي نه آهي. سوئي ڌاڳي کان وٺي ايٽم بم جي مامرن تائين لکي سگهون ٿا. موضوعن جي وسعت ڪري هي شاعريءَ جي صنف ڏينهون ڏينهن مقبول ٿيندي پئي وڃي اها بلڪل حقيقت آهي ته شاعري به آرٽ آهي، ان آرٽ جي ڪري شاعري وڌيڪ حسين محسوس ٿئي ٿي ۽ پڙهندڙ شاعريءَ جي حُسن کي محسوس ڪندي انهن لفظن ۾ پنهنجو پاڻ کي ڳولي ٿو. نثري نظم وزن ۽ بحر جي قيد تان آزاد آهي. نثري نظم فرانس ۾ لکيو ويو، بودليئر کي نثري نظم جو پهريون شاعر مڃيو وڃي ٿو. نثري نظم جي ابتدا فرانس ۾ ارڙهين صدي ۾ ٿي. بودليئر عورت جي جسم، جنس ۽ عريانيت کي پنهنجي شاعريءَ ۾ موضوع بڻايو ۽ هن جي ڪيترن نظمن ۾ اهي شيون ڏسي سگهجن ٿيون. سندس پهريون شعري مجموعو Flowers of Evil 1857ع ۾ شايع ٿيو. بودليئر کان پوءِ رانبو، جنهن جي شاعري ۾ ڪيترائي عڪس هئا. ملارمي جنهن جو تعلق به فرانس سان هيو جنهن پنهنجي شاعري علامتي انداز ۾ لِکي اُن کان پوءِ ڪيترائي يورپ جا وڏا ننڍا شاعر جن ۾ اندرا پائونڊ، سينٽ جان پرس، پبلو نرودا ۽ ٻين ڪيترن ئي نثري نظم لکيا ۽ دنيا کي هن صنف ڏانهن راغب ڪيو. اڃان به اڳتي وڃجي ته رابندر ناٿ ٽيگور جو ڪتاب گيتانجلي به نثري نظم ۾ آهي. هتي پاڪستان ۾ احمد هميش کي نثري نظم جو باني شاعر چيو وڃي ٿو. جيتوڻيڪ مبارڪ احمد به اهڙي دعوي ڪري ٿو. سنڌي ۾نثري نظم باقاعده 1970ع جي ڏهاڪي ۾لکيو ويو. هتي سنڌ ۾ ڊاڪٽرنعيم در شياڻي جو نثري نظم جو ڪتاب به ستر جي ڏهاڪي ۾ آيو. ان دور ۾ نثري نظم جي شروعات ٿي چڪي هئي ۽ هندوستان جا سنڌي شاعرَ ته هتان جي شاعرن کان پهريان شروعات ڪري چڪا هئا. ان کي هندوستان جي سنڌي شاعرن پاران نئين ڪويتا جي نالي سان سڏيو ويو. اهڙي ريت هتي به ڪجهه سال پهريان بحث ٿي چڪو آهي پر مان هن کي نثري نظم ئي چوان ٿو. ڪيترائي شاعر نئين ڪويتا جي نالي سان لکن ٿا.
نثري نظم ائين نه آهي ته سِٽُن کي گهٽ وَڌِ ڪجي ته نثري نظم ٿي وڃي، ان لاءِ به ڪجهه گهرجون آهن، نثري نظم لاءِ هڪ خاص ڪيفيت سان گڏُ خيال جو هجڻ به ضروري آهي، جيستائين خيال نه هوندو رڳو لفاظي هوندي ته اهو نثري نظم اثرائتو نه ٿيندو جو پڙهندڙ کي پنهنجي ڪيفيت سان متاثر ڪري سگهي. اسان جي دوست علي محمد “درد سولنگيءَ” جي نظمن ۾ اها ڪيفيت ۽ انداز موجود آهي جو هر پڙهندڙ کي پنهنجي نظمن جو Thought پهچائي ٿو. اچو ته سندس نظمن کي ان ڪسوٽي تي پرکيون.

تون پنهنجي مٿان
نڇاور ٿيل
گُلن کي لتاڙيندي
اڳتي وڌندي ٿي وڃين
۽ آئون
تنهنجي پيرن هيٺان چِيڀاٽيلَ
گُلن، پتِينُ
۽ پوءِ
پنهنجي دل ڏانهن ڏِسان ٿو
۽ سوچيان ٿو
ڇا..!
نڇاور ٿيڻ وارن جو
اهو ئي مقدرُ آهي.
(نظم: مقدر)

هن نظم ۾ درد پنهنجو پيغام پڙهندڙ تائين چڱي ريت پهچائي سگهيو آهي. جنهن ۾ هن ٻڌايو آهي ته جيڪي ماڻهو ٻين جي مٿان نڇاور ٿيندا آهن، پنهنجو پاڻ گهوري ڇڏيندا آهن. انهن جو مقدر به ڪنهن تي نڇاور ٿيل گلن جي پتين جيان هوندو آهي، جيڪي رستي تي چيڀاٽجي ماڻهن جي پيرن جي لتاڙ هيٺان اچي ويندا آهن.
هن نظم جو مرڪزي خيال پڙهندڙ تائين چڱي ريت پهچائڻ ۾ شاعري ڪامياب ويو آهي. نثري نظم ۾ خيال کي بنيادي حيثيت حاصل آهي. اهو شاعر تي به منحصر آهي ته هو ڪهڙي طرح پڙهندڙ کي خيال جي گهرائيءَ سان متاثر ڪري ٿو. جيڪڏهن شاعر جو خيالُ پُختو نه هوندو ته هڪ پڙهندڙ تائين پنهنجو پيغام پهچائي نه سگهندو. علي محمد درد جو هڪ اهڙو ئي خيال سان ڀرپور/ نظم هيٺ ڏجي ٿو.


فرش تي وِکريل
گلن جي
پتين کي ڏسي
آئون
اُن ٽاريءَ کي
ڳولڻ جي ڪريان ٿو
جنهن تي هي
گُل ٽِڙيا هئا
جيئن
تعزيت ڪري سگهان.
(نظم : تعزيت)

نثري نظم جو اهم جُز آهنگ هوندو آهي، جيڪو نظم کي لکڻ وقت لفظن کي ترتيب ۾ آڻيندو آهي. اها لفظن جي جَڙاوَتَ ئي نثري نظم کي مڪمل ڪندي آهي، مٿين نظم جو آهنگ ڪجهه اهڙو آهي جو نظم جا اهي لفظ هڪ ٻئي ۾ جڙي بيٺا آهن ۽ پنهنجي ترتيب ۾ وڌيڪ موزون لڳن ٿا. هن نظم ۾ ڪٿي به ڪو سجايل لفظ نه ٿو لڳي. اهڙي نموني سان علي محمد “درد” سولنگي جا ڪيترائي نثري نظم اهڙي ترتيب سان لکيا ويا آهن جو هو نثري نظم جون گهرجون پوريون ڪن ٿا. ڪيترن سالن تائين نثري نظم پنهنجي مخالفت جي زَد ۾ رهيو. ڪيترن ئي وڏن شاعرن نثري نظم جي مخالفت ۾ لکيو پر پوءِ به اهي نثري نظم جي مقبوليت ۾ گهٽتائي آڻي نه سگهيا. هاڻي شاعرن جي اڪثريت نثري نظم لکي رهي آهي. اهو ئي هن صنف جي قبوليت جو جواز آهي. نثري نظم ۾ به شاعريءَ جي ٻين صنفن جيان علامتن ۽ استعارن کي ڪتب ته آڻي سگهجي ٿو پَر، ايتري مقدار ۾ به نه ان جو خيال ئي انهن استعارن ۽ علامتن ۾ گُم ٿي وڃي وري به هتي اهو ئي چوڻو پوندو ته خيال ئي نثري نظم جو اهم جُز آهي.
آهنگ، ڪيفيت انداز ۽ ڪلائمڪس اچي وڃن ٿا. هيٺ سندس هڪ مختصر نظم جنهن جو ڪلائمڪس تي ماڻهو ڪجهه دير لاءِ سوچي سگهي ٿو:

مون لئه
سُکَ به
پوپٽن جيان رهيا آهن
جيڪي گهڙي پل لاءِ
هٿن ۾اچي
پنهنجا رنگ ڇڏي
الائي ڪيڏانهن
اڏامي ويندا آهن
۽ اهي رنگ به
ڪجهه لمحن کان پوءِ
يادون بڻجي ويندا آهن
پوءِ
اُڏامي ويل پوپٽن
۽ وڃائجي ويل رنگن جو احساس
ڏاڍو ڏنگيندو آهي.
(نظم: وڃائجي ويل رنگن جو احساس)

علي محمد “درد” سولنگي جا گهڻا نثري نظم داخلي ڪيفيتن جا نثري نظم آهن، هُن پنهنجي نثري نظم جي ڪينواس تي پنهنجن احساسن جون محروميون، وڇوڙا، انتظار جي ڪيفيت لڙڪن ۽ ٽهڪن جا گڏيل رنگ ڏنا آهن اهو چئي سگهجي ٿو ته، هي داخلي ڪيفيت جو شاعر آهي پر خارجي ڪيفيت جو رجحان به ضروري آهي ڇو ته دنيا ڏکن سان ٽمٽار آهي ۽ انهن ڏکن ڏانهن ڏسڻ به شاعر جو ڪم آهي. پنهنجي ڏکن کي ڏسڻ کان سواءِ ٻين جي ڏکن کي ليئو پائي ڏسجي. اسان جي سنڌي شاعريءَ ۾ نثري نظم تجرباتي دور مان گذري رهيو آهي ۽ اهو هڪ نئين فنامنا (Phenomena) مان گذري رهيو آهي. هن تجرباتي دور ۾ ڊگهن نظمن کان سواءِ مختصر نثري نظم به لکجن پيا. هڪ اهڙو مختصر نثري نظم پيش ڪجي ٿو:

مون جڏهن به
تو ۾
ڪا
اميد رکي آهي
ته
تنهنجو رويو
گائني ڪوسڊ جيان
ٿي وڃي ٿو
۽ ائين
منهنجنِ سارين اميدن جو
ايبارشن
ٿيو وڃي.
(نظم: ايبارشن)


هي نظم آهي ته مختصر پر پنهنجي اندر مڪمل آهي. شاعر جيڪا پنهنجي وارتا بيان ڪرڻ چاهي ٿو انهيءَ ۾ هو ڪامياب ٿي ويو آهي. توڙي جي هي نظم چند سٽن تي مشتمل آهي پر پنهنجي خود وضاحت (Self-Explainatory) آهي. اسان جي دوست علي محمد “درد” سولنگي کي نثري نظم لکڻ جو ڏانءُ آهي. هو نثري نظم جي فارميٽ کي چڱيءَ ريت سمجهي ٿو پر جيئن هو پنهنجو مطالعو وڌائيندو ويندو تيئن سندس نثري نظمن ۾ نکار ايندو ويندو. هونئن ته علي محمد “درد” سولنگي شاعريءَ جي سڀني مروج صنفن تي لکيو آهي، پر هن ڪهاڻيون به لکيون آهن، اهو چئي سگهجي ٿو ته هو اهڙو تخليقڪار آهي جيڪو پنهنجي تخيلقي صلاحيتن کي هر فارم ۾ اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.



پارس حميد
حيدرآباد

خوبصورت احساسن جو شاعر

هر انسان چاهيندو آهي ته هو پنهنجن خيالن ۽ جذبن جو ٻين اڳيان اظهار ڪري، جنهن جو خوبصورت طريقو لفظن کي جوڙي جملن ۾ بيان ڪرڻ آهي پر ان کان ابه اڳتي هو چاهيندو آهي ته سندس احساس جي خوبصورتي کي ٻين تائين رسائڻ لاءِ ٻيو ڪو تخليقي انداز استعمال ڪري جنهن ۾ شاعري هڪ اهڙو فن آهي جنهن ۾ وڏي کان وڏو فلسفو هڪ سٽ ۾ بيان ٿي سگهي ٿو. سنڌ ڌرتي تي قدرت جي هميشه ڪرپا رهي آهي جنهن هن ڌرتيءَ تي پيدا ٿيندڙ ذهنن کي سوچ جي خوبصورتي ۽ ادبي ذوق سان مالا مال ڪيو آهي.
شاعريءَ جي دنيا ۾ هينئر ڪيترائي نالا آهن جن پنهنجي فڪر ۽ سوچ کي شاعريءَ ذريعي عوام آڏو پيش ڪيو آهي. علي محمد “درد” سولنگي به انهن مان هڪ آهي، جنهن پنهنجي قلم جي سگهه سان پنهنجي خوبصورت سوچ کي قلمبند ڪري مختلف قسمن جا خيال جنهن ۾ زندگيءَ جا عام تجربا شامل آهن، جن کي شاعر تمام اهم سمجهندو آهي ۽ انهن جي اندر زندگيءَ جو فلسفو ڳولڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. ڪٿي هو عشق جي لڳل چوٽ کان تڙپي ٿو پوي ۽ چوي ٿو:


آئون اهو ديوداسُ آهيان
جنهن کان جڏهن
پاروتي
پري ڪئي وئي
تڏهن
چاههُ ڏيڻ لاءِ
ڪا به
چندر مُکي نهَ مِلي.
(نظم: ديو داس)

سندس تخلص “درد” مان اهو واضح آهي ته علي محمد جي زندگي ۾ “درد” جو هڪ اهم ڪردار رهيو آهي، جنهن ڪري هن زندگيءَ جي ايترن احساسن مان “درد” کي چونڊي پنهنجي نالي سان سلهاڙي ڇڏيو آهي ۽ هاڻي هو درد جي نالي سان ئي سڃاتو وڃي ٿو. سندس گهڻي شاعري به درد جي ڪا ڪهاڻي ٿي لڳي. منهنجو پنهنجو خيال اهو آهي ته درد ۽ عشق اهي ٻه اهڙا اهم جز آهن جن کانسواءِ شاعريءَ ۾ چس نه ٿو اچي سگهي. شاعر ته دردن جو سودو ڪندو آهي، جهولي پکيڙي ويهندو آهي ته ڪو سندس جهوليءَ ۾ “درد” جي خيرات وجهي ته جيئن هو ان درد جي مالها ٺاهي پائي، پنهنجن دردن ۾ ٻين جا عڪس ۽ اولڙا واضح ڪندو رهي،سندس هي نظم درد جي انتها کي چٽي ٿو:


منهنجو مَنُ
مڪليءَ جيان آهي
جنهن ۾ رڳو
ارمانن جاآثار
خوابن جا کنڊر
ٽهڪن جا ٽٽل رستا
۽
يادن جون
قبرون آهن.
(نظم: منهنجو مَنُ مَڪلي)

ائين به ناهي ته هن جي احساسن ۾ خوشين ۽ خوشبوئن جي رنگا رنگي ناهي. هو محبوب جي مرڪ ڏسي خوش ٿئي ٿو ۽ کيس سندس لَبنِ تي مرڪ ائين ٿي لڳي ڄڻ ڪنهن گل تي ڪنهن پوپٽ جو ويهڻ.
جيئن چوي ٿو:

تنهنجي
لبڙن جي
گلابن تان
جڏهن
مُرڪن جا پوپٽَ
اُڏرندا آهن
تڏهن
سارو ماحول
مهڪي پوندو آهي
۽ روحُ
رقص ڪرڻ
لڳندو آهي.
(نظم: مُرڪن جا پوپٽ)

هڪ نهايت ئي خوبصورت احساس سان هو تعزيت جي رسم کي نڀائڻ ٿو چاهي.

فرش تي وِکريل
گلن جي
پتين کي ڏسي
آئون
اُن ٽاريءَ کي
ڳولڻ جي ڪريان ٿو
جنهن تي هي
گُل ٽِڙيا هئا
جيئن اُن سان
تعزيت ڪري سگهان. (نظم: تعزيت)

هڪ سچي شاعر جي نشاني اها آهي ته هو پنهنجي اردگرد جي ماڻهن جي خوشين ۽ غمن کي پنهنجي اندر محسوس ڪري ۽ پوءِ ان احساس کي پنهنجو احساس بڻائي پيش ڪري. علي محمد “درد” جو نظم “خون بها ۾ ڏنل” هڪ خوبصورت احساس آهي، ان عورت جو جيڪا خون بها ۾ ڏني ٿي وڃي ۽ پوءِ هوءَ غم جي گهاڻي ۾ پيڙهجندي ٿي رهي. هو عام خيالن کي خاص بڻائي ٿو۽ انهن کي پنهنجي لفظن جو ويسُ پهرائي خوبصورتيءَ سان ٻين آڏو رکي ٿو، جيئن هڪ جاءِ تي چوي ٿو:

مون لئه
سُکَ به
پوپٽن جيان رهيا آهن
جيڪي گهڙي پل لاءِ
هٿن ۾اچي
پنهنجا رنگ ڇڏي
الائي ڪيڏانهن
اڏامي ويندا آهن
۽ اهي رنگ به
ڪجهه لمحن کان پوءِ
يادون بڻجي ويندا آهن
پوءِ
اُڏامي ويل پوپٽن
۽ وڃائجي ويل رنگن جو احساس
ڏاڍو ڏنگيندو آهي.
(نظم: وڃائجي ويل رنگن جو احساس)

هن خيال جي خوبصورتي ته اها آهي ته زندگيءَ ۾ گهڻو ڪري هر انسان پوپٽ کي جهلڻ ۽ ان جي رنگن جو هٿن تي چهٽڻ وارو تجربو ڪري ٿو ۽ شاعر هتي سکن کي پوپٽن سان ڀيٽي زندگيءَ جي سچائيءَ کي ڏاڍي خوبصورتيءَ سان بيان ڪري ٿو. اميد ٿي ڪجي ته هي ڪتاب ادب جي دنيا ۾ خوبصورت اضافو ثابت ٿيندو.


زاهده ابڙو
حيدرآباد

پنهنجي پاران: مان سڀاڻي هُجان، هُجان نه هُجان

منهنجو جنم جنگ کان پوءِ امن وارن ڏينهن ۾ 21 نومبر، 27 رجب، معراج واري رات پرهه ڦٽيءَ ويل ٿيو، مگر منهنجي زندگيءَ ۾ نه امن رهيو ، نه وري مون محبت جي معراج جا مزا ماڻيا، نه ئي غم جي ڪاري رات مان خوشين جي پرڀات ڦُٽي.
جنگ ختم ٿي چڪي، پر اڄ به منهنجي اندر ۾ جنگ جاري آهي، بيچينيءَ ۽ بيقراريءَ جا بم، غم جا گولا هر وقت دل جي ڌرتيءَ تي ڪرندا ۽ ان تي هر روز زلزلا ايندا رهن ٿا. اکين جي افق تي اوجاڳن جا ڪڪر ۽ اڻ مندائتي مينهن جا اوٿر اُٿندا ۽ لڙڪ لارون ڪري ڳلن تان ڳڙندا رهن ٿا. روح کان راحتون اڄ به رُٺل آهن. من جي مَنهَن تي اڄ به مايوسين جو ڄارو ڄميل آهي. قلب واري قبر ۾ اڄ به اڪيلايون دفن آهن ۽ من مڪليءَ جيان آهي، جنهن ۾ صرف يادن جون قبرون آهن ۽ ساهه ۾ ڄڻ ته باهه لڳل آهي.

ڪجهه پنهنجن پهر وهيا آهن، ڪجهه ڌارين دل آزاري آ
ڪنهن ڪنهن جا ويهي مان نانءَ کڻان، مُون لئه باهه سڀن هت ٻاري آ

(علي محمد “درد” سولنگي)
اهي ڪرم نوازيون ۽ قرب انهن قربائتن جا آهن،جن چاهه عيوض چوٽ، خلوص عيوض کوٽ ۽ محبت جي موٽ ۾ روح کي روڳي بڻائي ڇڏيو ۽ زندگي ڄڻ ته زهر بڻجي وئي. ڇاتي ڇيهون ڇيهون ٿيڻ ۽ رڳ رڳ ريهون ڪرڻ لڳي، اهڙيون ويساهه گهاتيون مليون ۽ قلب تي ڪاتيون هليون جو روئندي راتيون ڪٽيون.
ڪڏهن ويهي سوچيندو آهيان ته:
اگر سید میرے لب پر محبت ہی محبت ہے
تو پھر یہ کس لیے نفرت کا دھارا ساتھ رہتا ہے۔ (وصی شاہ)
پر پنهنجي طبيعت، اڄ به اها ئي ساڳي، وفا جي واٽ تي پير پٿون ڪرڻ ۽ جان کان پيارن کان جفائون ملڻ باوجود، پاڳل دل اڄ به وفا واري واٽ نه ڇڏي آهي ۽ لطيف جي انهن سٽن تي عمل پيرا آهي ته،
جن ريءَ سري نه ساءِ، رَتي نه رُسج تن کان،
هو جهڻڪن، تون جهڪو ٿي، پانڌُ ڳچيءَ ڳل پاءِ
پاڻ وڃي پرچاءِ، مَتان رُٺو ئي رهجي وڃين.

سارا شڪوه، شڪايتون، ساهه ۾ سانڍي رکڻ ۽ اُف به نه ڪري، ناتو نڀائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ باوجود، طبيعت جي اها تقاضا به رهي آهي ته“ ڀلي بُک ڀرم جي، شال مهَ وڃي شان.“
پیاسا ہوں مگر ساحل دریا پر کھڑا ہوں
خواہش پر مجھے ٹوٹ کے گرنا نہیں آتا
شايد اهو ان ڪري به آهي جو قدرت واري مون کي مڪمل مرد ته ٺاهيو، پر دل شايد عورت جي ڏيئي ڇڏي ۽ اها دل معصوم به آهي ته شرميلي به، وفا شُعار به آهي ته پرديدار به ۽ اظهار ڪرڻ ۾ الاهي ساري هٻڪ، جهجهڪ محسوس ڪري ٿي، ائين دل جون ڳالهيون دل ۾ دٻجيو / رهجيو وڃن. اهي اڻ اظهاريل ڳالهيون ڪاغذ جي سفيد سيني تي شاعريءَ جي شڪل ۾ اچيو وڃن.

هُوءَ ڇوڪري
جيڪا هاءِ اسڪول ۾
ڇهين کان ڏهين تائين
مون سان گڏ پڙهندي هُئي
پنهنجن کي ڇڏي
مون سان گهمندي هُئي
ڪنهن جي ٽوڪڻ تي
اُن سان وڙهندي هئي
رسيس ۾
ڪلاس مان
سڀني ڇوڪرن کي ڪڍي ڇڏيندي هئي
۽ چوندي هئي
تون ڀلي ويٺو هُج
پوءِ ويهي سهيلين سان
راند رهندي هُئي
اڪثر مُنهنجَن وارن
مُنهنجَن ڪپڙن
منهنجي مفلر
منهنجي سويٽر جي
تعريف ڪندي رهندي هُئي
هڪ بينچ تي
مون سان ويهي رهندي هُئي
مون سان کلندي
۽ منهنجي اُداسائي تي
اُداس ٿي ويندي هُئي
سائنس هال ۾
منهنجي ڀرسان بيهندي هُئي
گڏ ڏاڪڻيون، لهندي چڙهندي هُئي
اڪثر مون سان
کل،مذاق، مشڪريون ڪندي هُئي
ڪجهه چوڻ چاهيندي هئي
پر، وري
چُپ ٿي ويندي هئي
آئون ٻهراڙيءَ جو
سادو، اٻوجهه
اڄ عمر جي
آخري ڏاڪي تي ويهي
سوچ جو سُٽ
سلجهايان ٿو ته
سَمجهه ۾ اهو ٿو اچي ته
شايد هوءَ به مون کي چاهيندي هُئي
هوءَ ڇوڪري
جنهن جا هَٿَ
نرم ۽ گرم هئا،
جنهن جا چپَ
گلاب جي پنکڙين جيان
هوندا / ٽـڙندا هئا
هُن جون اکيون
اهڙيون ٻکيون
جو آئون ڪچا ڦڪا شعر لکڻ لڳُس
هوءَ ڇوڪري
اڄ ڪلهه مون کي ڏاڍو ياد اچي ٿي
ڪاش !
اهو وقت
وري، وري اچي
۽ آئون
پنهنجي دل ڪڍي
اُن جي قدمن ۾ رکي سگهان.

پر اها ئي منهنجي وڏي ڪمزوري رهي آهي ته مون کي اظهار ڪرڻ نه ايندو آهي ۽ منهنجي ان خاميءَ ئي مون کي هميشه خساري ۾ وڌو آهي.
شهرتون ته پلئه پيون، پر محبتن جو معراج ماڻي نه سگهيس. سِڪ جي سڳي کي سوريندي، سُيون ته سيني ۾ چڀي پيون. پر محبت وارو مرهم نه ملي سگهيو. اندر جون اڪيلايون اندر ۾رهيون، ماڻهن جي ميڙ ۾ به من ماندو ۽ مايوس رهيو، اوسيئڙن جا ڏيئڙا ٻرندا رهيا. چپن جي ڪنارن تي حقيقي خوشي جا گلاب ٽڙي نه سگهيا، آس نراس جي ٻه واٽي تي ٿر ٻاٻيهي وانگر تڙپندي روح جي رهنڊن کي ڳوڙهن سان ڌوئيندي، اندر ئي اندر ۾ آوي وانگر تپندي، هڪ رات ساهه کي اهڙي سڪرات لڳي، جو صفا هانءُ هاري ويٺس ۽ گورين جي ڀريل مُٺ يڪ ساهي، گلاس پاڻي سان اندر ۾ اوتي ڇڏيم ۽ خوشيءَ سان خودڪشي ڪري موت جي مهربان هنج ۾ سمهڻ جو سانباهو ڪيم، اُن رات مون کي ڏينهن ڏسڻ نصيب نه ٿئي ها، پر:

دعائیں کرنے والوں کا سہارا ساتھ رہتا ہے۔(وصی شاہ)
۽ ائين موت جي منهن مان نڪري مماتي بجاءِ حياتيءَ جي هنج ۾ هليو ويس. اڄ به ان عمل تي الاهي سارو افسوس ٿيندو اٿم پر پوءِ به ...... هيءُ ڪڙو سچ آهي ته......
زندگي ۾ کوڙ اهڙا پل اچن ٿا دوستو!
جو پوي ٿي بار ٿي، پنهنجي ڪلهن تي زندگي،
ان گهڙي هڪ سوچ ايندي ذهن تي آهي تري،
هن جيئڻ کان آ سٺو، ڇڏجي ڪري بس خودڪشي
(علي محمد “درد” سولنگي)

ان وقت “او اٽل آدمي” ۽ “جي هانءُ نه هارين جو ڪوهيارل.” جهڙيون سٽون به سمجهه ۾ نه اينديون آهن. پيڙائن جون پلصراطون پار ڪندي، ڪڏهن ڪنڊائتو ويهي، ٿانيڪو ٿي سوچيندو آهيان ته لڳندو اٿم ته اگر منهنجي من جو محرم، دل جو دلبر،منهنجو همدرد، منهنجودوست، منهنجو ساٿي، منهنجو غمگسار، منهنجو اَبو قاضي مير محمد سولنگي زندهه هجي ها ته حالتون مون سان هي حشر نه ڪن ها، نه ئي هي ڏينهن ڏسڻا پون ها ۽ آئون به زندهه هجان ها. ليڪن:

چاہے خدا ہی جان کے پوجا بچھڑ گیا
جس شخص کو بھی ٹوٹ کی چاہا بچھڑ گیا

شايد لکڻ واري منهنجي نصيب ۽ ميلاپ بجاءِ وڇوڙا، خوشين بجاءِ غم ۽ ڪاميابين بجاءِ رڳو ناڪاميون ئي لکيون آهن.
مقدر منهنجي ۾ لکيل، شايد رڳو روئڻ آ.
ڪا آس ٿي نه پوري، ڪرمَن ۾ ڪو سڪڻ آ.

(علي محمد “درد” سولنگي)
محرومين جو احساس، اڏوهيءَ جيان اندران ئي اندران کائي رهيو آهي، مصنوعي مرڪ منهن / چپن تي سجائي ماڻهن سان مُرڪي ملجي ته ٿو پر ان مرڪ پٺيان دل ڪيترا لڙڪ / رت جا ڳوڙها ڳاڙي ٿي، اها ڪنهن کي ڪهري ڪل؟ انهن لڙڪن کي ڪير ٿو ڏسي، جن تي ٽهڪن جو ليبل لڳل هوندو آهي، انهن ئي ڪيفيتن کي قلمبند ڪري مون پنهنجي هن مجموعي ۾ شامل ڪيو آهي، جيڪوهن وقت اوهان جي خوبصورت هٿن ۾ آهي. هِن ۾ شامل درد کي صرف منهنجو درد نه سمجهڻ گهرجي، هي هن معاشري جي هر فرد جو درد آهي، هِن ۾ اهي ڪهاڻيون به قلمبند ٿيل آهن جيڪي مون معاشري ۾ ڏٺيون/پَسيُون آهن. مان به ته هن معاشري جو ئي فرد آهيان، مون ٻين جي درد کي به پنهنجو درد بنائي لکيو آهي.
ڪتاب بابت ڪجهه نه چوندس، سواءِ ان جي ته:
هجي جي کاڻ خوبين جي ۽ عيبن کان بنهه آجي
نه پنهنجي زندگي اهڙي، نه پنهنجي شاعري اهڙي

(نارائڻ شيام)

آئون عيبن خامين سان ڀريل انسان آهيان، پر پوءِ به دورنگي دنيا وانگر منهن تي هڪڙي ۽ پَر پُٺ ٻي ڪرڻ اچي ئي ڪونه، ان سادي طبيعت جي ڪري ڪافي نقصان به کاڌا اٿم، پر پوءِ به چڱائي وارو عمل اڃان جاري آهي، بقول وفا ناٿن شاهي:
عمر گذري ويئي حُسين جيان
جو مٿي ۾ لڳو يزيد لڳو.


فراز چيو:
کہاں سے حوصلہ لاتے پیمبروں جیسا
سو کیا یہ کم ہےکہ شاعر بنادیے گئے ہیں

شاعر ته ٿي وياسين، پر شاعري جي صنفن جي ڄاڻ اڄ ڏينهن تائين اچي نه سگهي آهي، قلب جي ڪيفيتن کي قلمبند ڪندي ڪافي ڪوتاهيون ٿي/ رهجي وڃن ٿيون، ڪنهن به صنف تي اڃا تائين مڪمل مهارت نه ماڻي سگهيو آهيان. ڪوشش باوجود ڪافي ڪميون پيشيون رهجيو وڃن، جيڪي هن مجموعي ۾ به هونديون.
شاعری کی ہے میں نے تجارت نہیں
دل میں جو بھی خیال آگیا لکھ لیا

بقول محسن نقوي:
جو میرے درد کی آواز سمجھ سکتا ہو
اے زمانے کوئی ایسا بھی خدا دے مجھ کو

اسين ان معاشري ۾ رهون ٿا، جتي پنهنجو درد، دردُ ۽ ٻين جو دردُ اداڪاري سمجهيو ويندو آهي، پر پوءِ به مون کي اميد آهي ته اوهين درد جي آواز کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندئو. هن مجموعي ۾ ٻي ڪا ڳالهه هجي نه هجي پر اها ڳالهه ضرور اٿس ته هيءُ پيڙائن ۽ ڀوڳنائن جو مجموعو آهي.
رسول بخش پليجو چواڻي ته:“ڪي ڪي ڏک اهڙا هوندا آهن جو زندگيءَ جي بازار مان سموريون خوشيون ڏيئي به خريد ڪبا آهن.”
آسڪر وائلڊ چيو ته:“ ڏک خدا سان ملاقات ڪرائين ٿا.”
شيلي چيو ته:“دنيا جا سڀئي نغما غم کان سواءِ مزي وارا ناهن/ بي مزي آهن، غم جي چاشنيءَ کان سواءِ ڪو به نغمو يا گيت اوچو يا اعليٰ ٿي نه ٿو سگهي.”
هن مجموعي ۾ اعليٰ معيار جا نثري نظم ته نه آهن، پر اها حقيقت آهي ته هن مجموعي ۾ اوهان کي ٽٽل دل جي درد جو آواز ضرور ملندو.
آئون دردن جو ماريل اهو انسان آهيان، جو پنهنجن دردن جو درمان
ڳوليندو وتي ۽ پنهنجي سارن صدمن، سورن، شڪون ۽ شڪايتن کي پنن سان شيئر ڪري ٿو.
جگجيت جي آواز ۾ جڏهن :
یہ دولت بھی لے لو
یہ شہرت بھی لے لو
بھلے چھین لو مجھ سے میری جوانی
مگر مجھ کو لوٹا دو بچپن کا ساون
وہ کاغذ کی کشتی
وہ بارش کا پانی

يا وري هي عزل:

تم اتنا جو مسکرارہے ہو
کیا غم ہے جس کو چھپا رہے ہو
آنکھوں میں نمی، ہنسی لبوں پر
کیا حال ہے، کیا دکھا رہے ہو

ڪن پوندو اٿم ته اکيون اڻ مندائتي مينهن جيان وسي پونديون آهن. ماضيءَ جا بيشمار پل اکين جي اسڪرين تي اُڀري ايندا آهن ۽ دل دانهن ڪري چوندي آهي:
یاد ماضی عذاب ہے یارب !
چھین لے مجھ سے حافظہ میرا

۽ هاڻي شايد حافظو کسجي به ويو آهي، سڀ سور سهي پوءِ به اها آس کنيو وتان ته هڪ نه هڪ ڏينهن مقدر ضرور مهربانءُ ٿيندو پر پوءِ به هر روز هڪ نئون غم عطا ٿئي ٿو ۽ انهن حالتن ايترو ته حساس بڻائي ڇڏيو آهي جو:
نہ جانےہوگیا ہوں اس قدر حساس میں کب سے
کسی سے بات کرتا ہوں تو آنکھیں بھیگ جاتی ہیں
(وصی شاہ)
پنهنجي ڀنل اکين ۽ رت جي ڳوڙهن سان لکيل هي نثري نظمَ اوهان جي سهڻن هٿن تائين پهچايا اٿم. هن مجموعي بابت اوهان جي راءِ جو انتظار رهندو. انهيءَ انتظار کي گهڻو طويل نه ڪجو، ڇو ته زندگي مختصر آهي، ڪهڙي خبر مان سڀاڻي هُجان، هجان نه هجان.


علي محمد ”درد“ سولنگي
0332-2795990
24 آگسٽ 2020ع

نثري نظم

---

او جيجل

او جيجل
تنهنجي قدمن هيٺيان
جنت هجڻ باوجود
منهنجو جيون
دوزخ جهڙو
ڇو آهي؟

***

هفتيوار سنڌو ڊائجسٽ 21 کان 27 آگسٽ 2011ع

رشتن جا راڪاس

اي ڌرتي !
مون کي
پنهنجي آغوش ۾
وٺي ڇڏ
(هنج ۾ سمهاري ڇڏ)
نه ته هي رشتا
مون کي
ڪچو کائي ڇڏيندا.

***
هفتيوار سنڌو ڊائجسٽ 21 کان 27 آگسٽ 2011ع

مان مري ويو آهيان

اي ڪاش !
اڄ اگر
ابو زندهه هجي ها
حالتون
مون سان
هي حشرُ نه ڪن ها
....۽ اڄ
آئون به زندهه هجان ها

***
عوامي آواز سنڊي مئگزين، 21 نومبر 2010ع

يادون

آئون اڪيلو ڪٿي آهيان؟
يادون
مون کي
تنها ڇڏن ئي ڪينَ ٿيون

***
عبرت مئگزين 16 کان 30ڊسمبر 2013ع

وکريل وار

هن منهنجا
وکريل وار ڏِسي چيو ته:
“پنهنجي وارن جو به
خيال نه ٿو رکين؟”
مرڪي چيم:
“ڪير به
منهنجو خيال نه ٿو ڪري
آئون ته
سڄو سارو
وکري ويو آهيان”

***
عبرت مئگزين پهرين فيبروري 2013ع

ديو داس

آئون اهو ديوداسُ آهيان
جنهن کان جڏهن
پاروتي
پري ڪئي وئي
تڏهن
چاههُ ڏيڻ لاءِ
ڪا به
چندر مُکي نَه مِلي.

***
ماهوار بختاور، نومبر 2011ع

ويچارو انسان

دل ۾
دفن ٿيل يادون
ڪڏهن ڪڏهن
ڪفن ڦاڙي
ٻاهر نڪريو اچن
۽ پوءِ......
ويچارو انسان
انهن جو
*بک بڻجيو وڃي.

***
* بکُ: کاڄ، خوراڪ
عبرت مئگزين 16 سيپٽمبر 2011ع

الائي ڇو؟

اسان
جن جي راهن ۾
گُل رکياسين
الائي ڇو....؟
انهن کان ئي
موٽ ۾
ڪنڊا پلئه پيا

***
عوامي آواز سنڊي مئگزين، 21 نومبر 2010ع

لاڀُ

مُورَ کان
لاڀُ
مٺو هوندو آهي
ائين ئي
مون کي به
چاهتن جي موٽَ ۾ مليل
چاهتن جا درد
مٺا آهن

***
هفتيوار سنڌو ڊائجسٽ 21 کان 27 آگسٽ 2011ع

چاهتن جا سلسلا

جن جي نانءِ
چاهتن جا گلاب
ڪياسين
تن وٽان ئي
“چاهتن جي موٽَ”
چاهتن جا درد
مليا سين
پوءِ به
چاهتن جا سلسلا
جاري رکياسين.

***
هفتيوار سنڌو ڊائجسٽ 21 کان 27 آگسٽ 2011ع

سالگرهه

سالگرهه
اهي ملهائيندا آهنِ
جن جا سال
خوشين سان
ختم ٿيندا آهن،
اسان سالگرهه ڪيئن ملهايون؟
اسان جي
سال-گرهه کي
سدائين
گِرهڻ لڳل رهي آهي.

***
عوامي آواز سنڊي مئگزين، 21 نومبر 2010ع

خاموشي

اسان جي
خاموشيءَ مان
اهو نه سمجهه ته
اسان توکي
چاهڻ ڇڏي ڏنو آهي
نه
بلڪل به نه
بس!
اسان
دل تي پٿر رکي
ڇڏيو آهي.

***
هفتيوار سنڌو ڊائجسٽ 29 آڪٽوبر 2011ع

اکرن سان عِشقُ

اکرن سان عِشقُ
سولو نه آهي
لفظ لفظ لکڻ لاءِ
لونءَ لونءَ کي
لڇڻو ٿو پوي
هر جملو جوکَمُ
۽
هر سٽ سڪراتِ،
پين قَط ۾
مَسُ نه پر
رَڳن جو رت
هُجي ٿو.

***
روزاني سڪار، 15 ڊسمبر 2011ع

توکي منهنجي زندگي گهرجي

منهنجي لکڻ تي
روڪَ نه ڪر
طنز نه ڪر
ٽوڪ نه ڪر
لکڻ زندگي آهي
۽
منهنجي خوشي آهي
اگر
لکڻ ڇڏي ڏيندس
ته پوءِ
جيئڻ ڇڏي ڏيندس.

***
روزاني سڪار، 15 ڊسمبر 2011ع

وينتي

تون پنهنجون خوشيون
سُک
ڀلي پنهنجن سان شيئر ڪر
پر
هڪ گذارش اٿئي
جڏهن
غم توکي
گهيرو ڪري وڃن
۽ پنهنجا
تنها ڇڏي وڃن
ان لمحي
پنهنجا ڏک
مون کي ڏيئي وڃجانءِ

***
ماهوار هزار داستان فيبروري 2011ع

دعا

تون ڀلي
مون سان نه ٺَههُ
پر
دعا آهي:
“تون جن کي چاهين
شل!
اُهي تو سان
ٺهيل رهن.”

***
عوامي آواز سنڊي مئگزين، 21 نومبر 2010ع

سڃاتو ئي ڪونه

مون توکي
پوڄا جي حد تائين
پيارُ ڪيو،
پر
تو منهنجي
سِڪَ کي
سُڃاتو ئي ڪو نه!

***
ماهوار بختاور نومبر 2011ع

وجود جي ڪچي عمارت

نيڻن جي
نديءَ ۾ جڏهن
يادن جون
ويرون
ورنديون آهن
ته
وجود جي ڪچي عمارت
ڀَڄي، ڀُري
۽ لُڙهي ويندي آهي.

***
ماهوار بختاور نومبر 2011ع

اوسيئڙو

اوسيئڙو
اهو Amount آهي
جيڪو
عشق جي Account
کولڻ سان ئي
پلئه پوندو آهي.

***
ماهوار ساڻيهه، اپريل 2012ع

غم جي گاج

نيڻن جي
نديءَ ۾ جڏهن
غم جي گاج
گڏجندي آهي
تڏهن
هانءُ ٻُڏڻ لڳندو آهي،
۽
دل جي ڌرتيءَ تي
سورن جو سيلاب
اچي ويندو آهي.

***
عبرت مئگزين، 16 اپريل 2013ع

مسيحا

مون ته
توکي مسيحا سمجهيو هيو
پر
ڪهڙي خبر هئي
تون ئي
منهنجي روح کي
رهڙي ڇڏيندين.

***
ماهوار بختاور نومبر2011ع

منهنجو مَنُ مَڪلي

منهنجو مَنُ
مڪليءَ جيان آهي
جنهن ۾ رڳو
ارمانن جاآثار
خوابن جا کنڊر
ٽهڪن جا ٽٽل رستا
۽
يادن جون
قبرون آهن.

***
ماهوار ساڻيهه ڪراچي، مارچ 2012ع

اندر جي اڪيلائي

اصحابيءَ (*) جي
آڳنڌ ۾
ماڻهن جاميڙا ڏسي
منهنجي
اندر جي اڪيلائي
مون کي
اڃا وڌيڪ
اداسُ ۽ اڪيلو
ڪري ڇڏيندي آهي

***
(*) عبدالله شاهه اصحابي (مڪلي، ٺٽو)
ماهوار سمنڊ ڪراچي، اپريل، مئي2012ع

حصن ۾ ورهايَلُ

آئون
حصن ۾
ورهايل آهيان
هر حصي جو
وارث آهي
پر
منهنجو پنهنجو
ڪو به حصو ڪونهي
ڇو ته
حصي جو
ڪو به حصو
نه ٿيندو آهي.

***

ماهوار بختاور نومبر 2011ع

مُرڪن جا پوپٽ

تنهنجي
لبڙن جي
گلابن تان
جڏهن
مُرڪن جا پوپٽَ
اُڏرندا آهن
تڏهن
سارو ماحول
مهڪي پوندو آهي
۽ روحُ
رقص ڪرڻ
لڳندو آهي.

***
روزاني عبرت 20 نومبر 2011ع

درد جو ائٽم بَم

دل جي
هيرو شيما تي
جڏهن
درد جو ائٽم بم
ڪرندو آهي
تڏهن
دل جي ڌرتي ڌُڏي
۽ سارو وجود
فنا ٿي ويندو آهي

***
عبرت مئگزين 16 ڊسمبر 2011ع

اَلمَينِ جي اُڏهِي

اندر جي
عمارت کي
اَلمينِ جي اُڏهي
وٺي ويئي آهي
هر خوشي
خاڪ ٿي ويئي آهي
۽
وجود جي عمارت
ڪرڻ تي آهي
اَچُ
پنهنجي ٻانهن جي
ٽيڪ ڏي
نه ته آئون
ڀَڄي
ڀورا ڀورا ٿي
ويندو سانءِ.

***
عبرت مئگزين پهرين ڊسمبر 2011ع

اجڙيل درگاهه

منهنجي دل
اها
اُجڙيل درگاهه آهي
جَنهن ۾
قرب جو
ڪو به ڪبوتَر
ڪَهِي اچڻ لاءِ
تيارُ نه آهي.

***
عبرت مئگزين، 16 ڊسمبر 2011ع

مقدر

تون پنهنجي مٿان
نڇاور ٿيل
گُلن کي لتاڙيندي
اڳتي وڌندي ٿي وڃين
۽ آئون
تنهنجي پيرن هيٺان چِيڀاٽيلَ
گُلن، پتِينُ
۽ پوءِ
پنهنجي دل ڏانهن ڏِسان ٿو
۽ سوچيان ٿو
ڇا..!
نڇاور ٿيڻ وارن جو
اهو ئي مقدرُ آهي.

***
روزاني سڪار، 15 ڊسمبر 2011ع

تعزيت

فرش تي وِکريل
گلن جي
پتين کي ڏسي
آئون
اُن ٽاريءَ کي
ڳولڻ جي ڪريان ٿو
جنهن تي هي
گُل ٽِڙيا هئا
جيئن
تعزيت ڪري سگهان.

***
روزاني سڪار 15 ڊسمبر 2011ع

خون بها

اسان جي
دل به
خون بَها ۾ ڏنل
اُن ڇوڪريءَ جيان آهي
جيڪا پنهنجنِ
هَڙني حسرتُن کي
رَئي جي پَـلَـوَ ۾ ٻڌي
مِٽيءَ ۾ مليل محبتن تي
ماتم ڪندي
پنهنجي خوشين
۽ خوابن جي
خاڪ ميڙيندي
لُڙڪ لاڙيندي
غم جي گهاڻي ۾
پِيڙجندي رهي ٿي.

***
ماهوار بختاور، فيبروري 2012ع

ساهه مُٺ ۾

گلن واري
گهٽيءَ ۾ رهندڙ
گُلن جهڙن
ماڻهن جا رويا
ڪنڊن جهڙا ڇو ٿيندا آهن؟
انهن جي
خلوص جي خوشبوءِ
ڪيڏانهن هلي ويندي آهي؟
هوُ
چاهه جو ويساهه ڏئي
ساههُ مُٺِ ۾
ڇو ڪندا آهن؟

***
عبرت مئگزين 16 آگسٽ 2011ع

اَڻَ مُندائتا مِينهن

جن جو
اندرُ اُداسُ
روح روڳي
دل گهايل
مَنُ مرجهايل هُجي
۽ ٽهڪن تي
ٽانڊا رکيل هجن
انهن جي چپن تي
مُرڪن جا گُلابَ
نه ٽڙندا آهن
ها !
اُنهن جي اکين مان
اڻَ مُندائتا مينهن
ضرور وسندا رهندا آهن.

***
هفتيوار سنڌو 21 آگسٽ2011ع

بيوفا

ڪَنهن پڇيو:
“زندگي
ايڏي وڻندڙ
۽ پياري
ڇو هوندي آهي.”
مُرڪي چيم:
“بيوفا آهي نه،
انهيءَ ڪري.”

***
عبرت مئگزين پهرين نومبر 2011ع

نيڻن جا نيسارا

دل جي
وستيءَ تي جڏهِن
يادن جا ڪڪر
وسڻ لڳندا آهن
تڏهن
نيڻن جا نيسارا
پوري زور، شور سان
وَهڻ لڳندا آهن.

***
عبرت مئگزين پهرين نومبر 2011ع

ائين ڇو ٿيندو آهي؟

دوستيءَ جي
دعوي ڪرڻ وارا
Best Friend
سڏڻ ۽ سڏائڻ وارا
ائين وساري ڇو ويهندا آهن؟
ڄڻ انهن جو
ڪو واسطو
ڪو تعلق
ڪو رابطوئي نه رهيو هُجي
سندن اهو سلوڪ
سيلَ ڪنڊن جيان
سيني ۾ چڀندو رهندو آهي
ايئن ڇو ٿيندو آهي؟

***
عبرت مئگزين 16 آگسٽ 2016ع

چاههَ ۾ مليل چَهڪَ

ڪنهن جي
چاههَ ۾ مليل چَهڪَ
جڏهن
مُرڪ کسي
لڙڪ ڏين ٿا
ته ڳل ڳوڙهن سان
ڀڄيو پَون،
دل جي ٻيٽَ تي
سڪ جا سِلا
ڦُٽڻ سان ئي
سَڙِيو وڃنِ،
پوري ڪائناتِ
ڪرب و بلا بڻجي وڃي ٿي
۽ جذبا
ماتم ڪرڻ لڳن ٿا.

***
هفتيوار سنڌو 21 آگسٽ 2011ع

سَهپَ

تون سَهپَ جي ڳالهه ٿو ڪرين
سَهپَ ڇا ٿيندي آهي؟
اهو مون کان پڇ
اگر اندر کولي ڏيکاريانءِ ته
حيران رهجي ويندين
سينو پروڻِ ڏسي
ششدر ٿي ويندين
درد ڳڻايانءِ ته
ڳڻي ڳڻي ٿڪجي پوندين
اِهي گهاوَ ۽ ايذاءَ
غيرن کان نه پر
پنهنجن کان مليل آهن
ايترين بي واجبين باوجود به
آئون انهن کان
پَري نه ٿيو آهيان.

***
هفتيوار سنڌو 21 آگسٽ 2011ع

”ر”

مون کي
“ر”
راس نه آئي آهي
ها، پر
“ر” سان رسوائي
ضرور پلئه پئي آهي.

***

نوٽ: هن “ر” کي فقط اڄڪلهه جي انسانن جي نالن ۽ موجوده وقت جي شين سان منسوب ڪيو وڃي.مهرباني
ماهوار ساڻيهه، فيبروري 2012ع

حوس جا هيرا

او چري ڇوڪري !
شيشي جهڙو وجود کڻي
ائين نه هلُ
هتي هر ماڻهوءَ جي اک
پٿر جي اٿئي
هتي وک وک تي
ڄار وڇايل اٿئي
هر رستي تي
ڏامر جهڙي سوچ رکندڙ
بيٺل اٿئي
هر ڳلي، هر گام
محبت جي آڙ ۾
صحبت گهرڻ
مطلب ڪڍڻ وارا
ويٺل اٿئي
خيال ڪجانءِ متان
ڪنهن جي ڄار ۾ ڦاسي وڃين
۽ ڪا ٺوڪَرَ
تنهنجي وجود کي
چِڪنا چُور ڪري ڇڏي.

***
ماهوار پرک ڪراچي،آڪٽوبر 2011ع

خوابن جو شيش محل

منهنجي
اکين جي
ٻيٽ تي ٺهيل
خوابن جو شيش محل
تنهنجي
پٿريلي رويي سبب
پُرزا پُرزا ٿي پيو آهي
انهن شيشن
ساري وجود سان گڏ
ننڊ کي به
زخمي ڪري ڇڏيو آهي

***
ماهوار بختاور، نومبر 2011ع

ويچاري دل

مون
پنهنجي
سَڀني سَپنن
ارمانن
خواهشن کي
ڪفن پهرائي
دل ۾ دفن ڪري ڇڏيو آهي
ويچاري دل
اُنهن جي ڪُمهلي موتَ تي
سندن لاشن مٿان سڏ ڪندي
ماتم ڪندي رهي ٿي
ڊَپُ اٿم ڪنهن ڏينهن
اهو درد ۽ اهو صدمو
نه سهندي
ٽٽي نه پوي.

***
ماهوار ساڻيهه، فيبروري 2012ع

ياد جا گلاب

دل جي
باغيچي ۾
تنهنجي ياد جاگلاب
هر وقت
ٽڙندا رهن ٿا
جن جي خوشبوءِ
روح کي
معطر ڪري ڇڏيندي آهي
گڏوگڏ ڪجهه ڪنڊا
زخمي به
ڪندا رهن ٿا.

***
عبرت مئگزين،جنوري 2012ع

ڏنگيل ماڻهو

آئون
رشتن جو ڏنگيل
ٻڌائي نه ٿو سگهان
ڪنهن، ڪنهن جو
ڏنگيل آهيان

***
عبرت مئگزين، پهرين جنوري 2012ع

وڃائجي ويل رنگن جو احساس

مون لئه
سُکَ به
پوپٽن جيان رهيا آهن
جيڪي گهڙي پل لاءِ
هٿن ۾اچي
پنهنجا رنگ ڇڏي
الائي ڪيڏانهن
اڏامي ويندا آهن
۽ اهي رنگ به
ڪجهه لمحن کان پوءِ
يادون بڻجي ويندا آهن
پوءِ
اُڏامي ويل پوپٽن
۽ وڃائجي ويل رنگن جو احساس
ڏاڍو ڏنگيندو آهي.
***
ڪاوش دنيا مئگزين 28 آگسٽ 2011ع

نڌڻڪو انسان

ڪڏهن ڪڏهن
سڀني رشتن هوندي به
انسان
انهن جي الفت
شفقت
خلوص ۽ محبت کان
محروم رهندو آهي
رت جي رشتن هوندي به
انسان نڌڻڪو هوندو آهي
صرف انهيءَ ڪري جو
اُنهن رشتن کي
انا، لوڀ، لالچ ۽ خود غرضيءَ جو
زنگ لڳي ويندو آهي.

***
ماهوار سمونڊ- اپريل، مئي 2012ع

مرڻ کان اڳ

تنهنجي
اکين ۾ پاتل
ڪجل جي ڌار
تلوار جيان
وارَ ڪري ٿي
آئون
نيم بسمل
زخمي دل
تنهنجي محبت جي
مرهم جي
آسَ کنيون وتان
ڪاش!
مرڻ کان اڳ
مِلي وڃين !

***
ماهوار سمونڊ اپريل، مئي 2012ع

ڏک ٿو ٿئي

توهان جو
رَويو
۽ سلوڪ ڏسي
ڏُک ٿئي ٿو
سوچيان ٿو
اگر
پنهنجا
ائين هوندا آهن
اهڙا زخم ڏيندا آهن
دل جا بکيا
اُڊيڙي ڇڏيندا آهن
ته پوءِ
غيرن تي
ڪهڙي ميار !

***
عبرت مئگزين 16 مارچ 2013ع

دل کان دور ناهين

سال
صديون
ويريون
وِڇوٽيون
تانگهه کي اڃا
تيز ته ڪري سگهن ٿيون
ليڪن،
محبت ۾
ڪمي آڻي
نه ٿيون سگهن.

***
ماهوار هزار داستان، آڪٽوبر 2011ع

آس نه پَلي آهي

سورن جي
سِرنگهن ۾ سُرندي
پيڙائن جون
پُلصراطون پار ڪندي
سُڏڪن جي
سمنڊ ۾ غوطا کائيندي
لَڙي آيل لُڙڪ اگهندي
دردن جي
درياءَ ۾ لُڙهندي
تانگهه جي
طوفانن سان لڙندي
وجود جا ورق
وکري ويا آهن
پر پوءِ به اکين
پرين پسڻ جي
آس نه پلي آهي

***
ماهوار ويچار نومبر 2011ع

رهاڻين لاءِ آتو روح

سڪ جون سَنگَهرُون
جڏهن
سيني کي
سوڙهو ڪنديون آهن
۽ يادون
وڻ ويڙهيءَ جيان
وجود کي
وڪوڙي وينديون آهن
تڏهن
رهاڻين لاءِ آتو روح
پرينءَ جو پتو
پُڇڻ لڳندو آهي.

***
ماهوار بختاور، نومبر 2011ع

ڳوڙها ڳالهائيندا آهن

لُڙڪن جي ٻولي
ڏاڍي سولي
ان ۾
نه ڪو رک رکاءُ
نه وري ڏيکاءُ
سيني جي سمنڊ ۾
طوفان ايندو آهي ته
ڳوڙها ڳالهائڻ لڳندا آهن
ڳوڙهن جي ڳالهين کي سمجهڻ
هر ڪنهن جي
وس جي ڳالهه نه آهي
حساس ماڻهو ئي
ڳوڙهن جي ٻولي سمجهندو آهي
جذبن کان عاري انسان
ان کي به
اداڪاري چوندا آهن.

***
ماهوار بختاور، نومبر 2011ع

انمول سرمايو

تولاءِ ڏٺل
سارا سپنا
سَپنن جا تاج محلَ
توسان گهاريل لمحا
تنهنجا ڳالهايل جملا
تنهنجا لهجا
سَڀُ
سيني جي صندوقَ ۾
سانڍي رکيا اٿم
اِهي ئي ته
منهنجي زندگيءَ جو
انمول سرمايو آهن
مرڻ بعد به
مون سان گڏ
مِٽيءَ ۾ دفن ٿيندا.

***
ماهوار ويچار، نومبر 2011ع

ٿر ٻاٻيهو

زندگيءَجا عڪس
۽ انهن
عڪسن جا رقص
ڌنڌلا پيا ٿيندا وڃن
جيون ريگستان جو
ڏيک ڏيڻ لڳو آهي
جتي قرب جا ڪڪر
اچن ئي ڪين ٿا
ميلاپ جا مينهن
وسن ئي ڪين ٿا
اوسيئڙي جا ٿوهر
اندر کي
زخمي ڪندا رهن ٿا
آئون تاسارو
ٿر ٻاٻيهي جيان
تڙپي رهيو آهيان
شل!
منهنجا سڏڙا سڻي
مون مٿان
پنهنجي پيار جي
برسات جو وسڪارو ڪرين
اي ڪاش!
هي سڀُ
هِن حياتيءَ ۾
ممڪن بڻجي وڃي
*** ماهوار ويچار، نومبر 2011ع

سپنن ۾ ڏٺل سک جي سيج

سپنا
هميشه سندر ٿيندا آهن
پر انهن جي تعبير
ڏاڍا ڏنڀ ڏيندي آهي
اُهي شيون جيڪي
سپنن ۾
خوبصورت لڳن ٿيون
سي حقيقت ۾
سامهون اچن ٿيون ته
ڏاڍيون خوفناڪ هجن ٿيون
سپنن ۾ ڏٺل سک جي سيج
سورن جي سولي
ثابت ٿيندي آهي ته
دل چوندي آهي
اهي اکيون ئي
ڪڍي ڇڏجن
جن اهڙا سپنا ڏٺا
جن جي ساڀيا
ايڏي ڀيانڪ آهي

***
ماهوار سمونڊ، اپريل،مئي 2012ع

سُک جو سوجهرو

زندگي
ميڻ بتيءَ جيان
رجندي ۽ ڳرندي پئي وڃي
پر پوءِ به
غمن جي اونداهيءَ رات ۾
سُک جو سوجهرو
ڪري نه سگهي آهي
موراڳو
پاڻ ڳرندي
کُٽندي پئي وڃي
ڏِسجي
غمن جو گهُگهه انڌيرو
سکن جي سوجهري ۾
تبديل ٿئي ٿو
يا حياتي هارائي
مماتيءَ ڏانهن
موٽي وڃي ٿي.

***
ماهوار سرتيون،مئي 2012ع

ڇا چئجي؟

پنهنجا اهي
جيڪي
درد محسوس ڪَنِ
سَڏڪڻ تي
پاڻ به سُڏڪي پون
جيڪي
طنزجاطوفان آڻي
غمن جي غورابن تي چاڙهي
سُڏڪن جي سمنڊ ۾ اڇلائين
۽ مرڪن جو موت آڻين
اهڙن پنهنجن کي ڇا چئجي..!؟

***
سوڀ، سنڊي مئگزين، 14 آڪٽوبر 2012ع

مُرڪُن جا مرهم

اوجانم !
فراقن جي ڦٽن تي
جڏهن
مُرڪُن جو مرهم رکندي آهين
تڏهن
خِزان جي مند ۾ به
موتيا مهڪي پوندا آهن
هوائن مان
مينديءَ جي خوشبوءِ
اچڻ لڳندي آهي
ٿوهر ٿي ويل چپن تي
گلاب ٽڙي پوندا آهن
مُئلَ ۾
ساههُ پئجي ويندو آهي.

***
ماهوار ساڻيهه، جنوري 2012ع

رَدِ ڪيل نوٽ

اسان جي وفا به
حڪومت جي
رَدِ ڪيل نوٽ وانگر
وڃي رهي آهي
جيڪا پنهنجي اهميت
قدر ۽ قيمت
وڃائي ويٺي آهي
۽ ڪٿي به ڪارگر نه رهي آهي
اُن کي
حقارت واري
رديءَ جي ٽوڪريءَ ۾ ته
اڇلايو وڃي ٿو
پر ڪو به اُن کي
قبولڻ لاءِ
تيارنه آهي

***
روزاني سوڀ، 26 جنوري 2012ع
ماهوار هزارداستان جنوري 2012ع

نئون سال، نوان زَخمَ

پراڻا ڦَٽَ
اڃا ڇُٽندا ئي نه آهن ته
نئون سال،نوان زخم
کڻي ايندو آهي
ڦٽيل وجود
ويتر ڦٽجي پوندو آهي
ارمانن جون التجائون
ٻُڌيون، اڻ ٻُڌيون
ٿي وينديون آهن
سُڏڪن تي لڳل هڪ سئو چوئيتاليهه
ڪرفيو ۾ تبديل ٿي
ڳوڙهن جي ٻاهر نڪرڻ تي به
بندش بڻجي ويندو آهي.

***
ماهوار سوجهرو، جنوري 2012ع

پُر فريب پيڪنگ

اسان
سادا ماڻهو
مهر ۽ وفاجاپيڪَرَ
مُرڪي
ڪو به نه کيڪاري
هر ڪو ڌڪاري
۽ هوڏانهن
فريب
مَن موهيندڙ پيڪنگ ۾
هر هَٽَ تي مقبول

***
ماهوار سوجهرو، جنوري 2012ع

جنم ٽيپ جو هڪ سال

هر سال
حسرتون
رتُ ڳاڙينديون رهن ٿيون
هر مهيني مايوسيون
مَڪڙيءَ جي ڄاري جيان
وڪوڙي وڃن ٿيون
پر پوءِ به
سال جي
هڙني هفتن جا
هڙئي ڏينهن
هڙئي پل
ان آس ۽ اميد تي
ختم ٿيندا آهن ته
عيسوي سال جي اختتام تي
پهچڻ کان ٿورو اڳ
جڏهن
منهنجو جنم ڏينهن ايندو ته
تون مون کي
جنم ڏينهن
ضرور وش ڪندينءَ
پر، افسوس
هر سال
توکان منهنجو جنم ڏينهن
وسريو وڃي
تنهنجي وسارڻ سان
مون کي پنهنجو
جنم ئي
اجايو لڳڻ لڳي ٿو
سال جي پڄاڻيءَ تي
زندگيءَ جي پونجيءَ مان
کُٽندڙ سال تي
ماتم ڪرڻ بجاءِ
خوش ٿيندو آهيان ته
زندگي
پنهنجي
پڄاڻيءَ طرف پئي وڃي.

***
ماهوار ساڻيهه، جنوري 2012ع

باهه باهه جون رڙيون

تون چوين ٿي:
“رڳو درد ڇو ٿو لکين؟
خوشين،
مرڪن،
آسُن،
اُميدن بدران
مايوسيون ڇو ٿو ميڙين؟
ائين ڇو ٿو ڪرين؟”
“جانم !
جنهن جي جهوليءَ ۾
ٽانڊا وڌا ويا هجن
اهو گلن جا هوڪا ته نه ڏيندو
اهو ته
باهه باهه جون رڙيون ڪندو نه.”

***
عبرت مئگزين، پهرين مارچ 2013ع

هميشه ائين ڇو ٿيندو آهي؟

جتي
چوٽ لڳل هوندي آهي
جتي
اڳ ۾ ئي
زخم هوندو آهي
هر ڀيري
اتي ئي
چوٽ ڇو لڳندي آهي؟
زخم تي ئي
زخم ڇو رسندو هي؟
هميشه
ائين ڇو ٿيندو آهي؟

***
روزاني سڪار 7 فيبروري 2013ع

نشان

مُنهنجي
ڳلي تي / ڳچيءَ ۾
اهي جيڪي
نشان آهن
اهي ڪنهن رسيءَ
يا
ٻي ڪنهن شئي جا نه آهن
پر جن کي مون
ڳل لڳائيو
انهن ئي
موقعو ڏسي
منهنجو ڳلو دٻائي ڇڏيو

***
عبرت مئگزين، 16 ڊسمبر 2013ع

سڪ جو سڳو ساهه کڻڻ ٿو چاهي

تُنهنجيءَ
سِڪ وارو سڳو
ڦاهيءَ جي سِرڪڻ جيان
ٿي پيو آهي
هيءُ سرڪي ٿو
منهنجو دم گهٽجي ٿو
لڳي ٿو
منهنجو ساهه ڪڍي
پوءِ ساهه کڻندو

***
ماهوار ساڻيهه مارچ 2012ع

اڌورو چنڊ

رات
چنڊَ جي
نراسائي ۽ اداسي
ڏسڻ وٽان هئي
سندس چهرو
غم جي اوندهه ۾
گم هيو
سندس لُڙڪ
تارن ۾
تبديل ٿي رهيا هئا
اڌورو چنڊ
مون جيان بيچين
وڃائجي ويل وجود
ڳولهي رهيو هيو.

***
ماهوار سمونڊ، اپريل، مئي 2012ع

بهترين دوست

توکي ته
خبر هوندي
سُٺي دوست
Best friend
جو مطلب
ڇا هوندو آهي؟
افسوس!
سڀ ڪجهه ڄاڻندي به
تون
بهترين دوست ته ڇا
صرف دوست به
ٿي نه سگهينءَ.

***
ماهوار ساڻيهه، مئي 2012ع

ايبارشن

مون جڏهن به
تو ۾
ڪا
اميد رکي آهي
ته
تنهنجو رويو
گائني ڪوسڊ(*) جيان
ٿي وڃي ٿو
۽ ائين
منهنجنِ سارين اميدن جو
ايبارشن
ٿيو وڃي.

***
* ايبارشن = حمل ضايع ٿيڻ
* گائني ڪوسڊ = ايبارشن لاءِ استعمال ٿيندڙ گوريون

سوڀ سنڊي مئگزين، 14 آڪٽوبر 2012ع

ٺُڪرائجڻ جو اَحساسُ

ٺُڪرائجڻ جو اَحساسُ
ڪيئن ٿيندو آهي
اهو
اڄ محسوس ڪيمُ
ائين لڳو
مون مٿان ڪو
بم ڪريو هجي
۽ منهنجو
سارو وجود
ٽڪرن ۾ تبديل ٿي
وکري ويو هجي
۽ دل جي ڌرتي
منهنجي ارمانن
۽ شهيد ٿيل سپنن جي
رَت سان
ريٽي ٿي ويئي هجي.

***
سوڀ، سنڊي مئگزين، 14 آڪٽوبر 2012ع

ايئن ٿي نه ٿو سگهي

ٻَٻُرن ۾
ٻيرَ ٿي سگهن ٿا
اَڪَنِ ۾
انب ٿي سگهن ٿا
ٽُوههَ
مٺا ٿي سگهن ٿا
پَراوا
پنهنجا ٿي سگهن ٿا
تارا
زمين تي اچي سگهن ٿا
ٻوڙا
ٻُڌي سگهن ٿا
اَنڌا
ڏسي سگهن ٿا
گونگا
ڳالهائي سگهن ٿا
پِتَلُ
سونُ ٿي سگهي ٿو
ٽانڊا
گلاب ٿي سگهن ٿا
سِجُ
اولهه کان اڀري سگهي ٿو
مُئل
زندهه ٿي سگهي ٿو
چوڏهينءَ رات
چنڊ کان چمڪڻ وسري سگهي ٿو
پر مان
توکي
وساري ڇڏيان
ائين ٿي نه ٿو سگهي.

***
عبرت مئگزين، پهرين فيبروري 2012ع

پنهنجا، پنهنجا آهن

اسان ته
هر ڪنهن کي
پنهنجو سمجهيو
پر، پنهنجن به
اسان کي
پنهنجو نه ڪيو
غير ته آخر غير هُيا
پنهنجن به غيرُ رکيو
ويرين وانگر ويرُ رکيو
سپنا ساڙي
رَ کَ ڪيائون
سُک ڦيرائي
ڏُک ڪيائون
هر فرد
خوشيون لُڻِي
اسان لاءِ
دردُ پوکيو
هُو ٻهڪندا رهيا
اسان جو چهرو زردُ رهيو
اسان جي
سادگي ۽ سچائي
اسان لاءِ الزام بڻي
اسان کي
فتنن جي ڦاهي چاڙهي
مهڻن سان
ماريو ويو
پر پوءِ به
قرار ڪين آئين
لاش جو
ماسُ به کائي ويا
هَڏا به هڙپ ڪيائون
پر پوءِ به
پنهنجا پنهنجا آهن
“مارن ته به ڇانو رکن”
ڇو ته اُس ۾ هو
پاڻ بيهي
سج جي گرمي
سهي نه سگهندا آهن
هونئن به مرڻ کن پوءِ
ڇانو يا اس سان
ڪهڙو ٿو فرق پوي
پر پوءِ به
پنهنجا پنهنجا آهن
اهي ساهه کان به
پيارا آهن
توڙي جو
انهن هٿاران مُئا آهيون

*** ماهوار سرتيون، مئي 2012ع

جانم جي نانءِ

آئون اهوئي آهيان
جنهن کي
“ٻار گلن جا هار”
لڳندا آهن.
جنهن هميشه
“چاهتن جا گلاب” ارپيا
“چاهتن جي موٽ”
“هڪ شام جو الميو”
بڻجي مِلي
آئون دردُ بڻجي ويس
آئون درد کي ڇڏڻ لاءِ
تيار آهيان
پر درد مون کي
ڇڏڻ لاءِ تيار نه آهي
ها جانم !
جنهن کي درد جو درمان سَمجِهجي
ان وٽان ئي درد ملن ته
انسان ڪاڏي وڃي؟
ڪنهن کي چوي
خوشي ۽ پيار جي لاءِ
ڪنهن جي آڏو
جهولي جَهلي؟

***
سوڀ، سنڊي مئگزين، 14 آڪٽوبر 2012ع

منافق

شايد
آئون به
منافق
ٿيندو پيو وڃان
دل ۾
دردن جا انبارَ
هُجڻ باوجود
مُک تي
مُرڪَ سجايون وتان.

***
روزاني عبرت 18 آڪٽوبر 2016ع

لُڙڪن ڏي به ته ڏِسُ

تون
منهنجي لفظن تي
ڀلي ويساههُ نه ڪَرُ
پر
منهنجي
لُڙڪن ڏي به ته ڏِسُ
لُڙڪَ
ڪڏهن به
ڪُوڙا نه ٿيندا آهن.

***
ماهوار نئين آس ڪراچي، مارچ،اپريل 2018ع

تون ئي ڪو ڏَسُ ڏي

سَچ پُڇين ته
توکي وسارڻ لاءِ
وڏا وَسَ ڪيا اٿم
پر
نه دل مان نڪرين ٿي
نه ئي وري
ڪو پل وسرين ٿي
تون ئي ڪو ڏَسُ ڏي
جو توکي وساري
دل تان اتاري سگهان
يا وري اهڙو ڪي ڪيان
جو، تنهنجي
محبت ماڻي سگهان.

***
ماهوار نئين آس ڪراچي، مارچ، اپريل 2018ع

تنهنجي پيرن ۾

خبر اٿئي
جڏهن به تون
سامهون ايندي آهين
دل جي ڌڙڪن
تيز ٿي ويندي آهي
دِل اُڇلون کائي
جسم جي
قيد خاني مان نڪري
تنهنجي پيرن ۾
پساهه پورا ڪرڻ
چاهيندي آهي.

***
ماهوار نئين آس ڪراچي، مارچ، اپريل 2018ع

ساڀيائون

ساڀيائون ته
نَصيبَ وارن کي
نَصيبُ ٿينديون آهن
اسان جهڙا ته
اکيون ئي
ساڙائي ويهندا آهِن.

***
روزاني سنڌ ايڪسپريس، 21 نومبر 2018ع

چَنڊُ چهرو

او نازنين!
پنهنجي
چهري تان
اهو نقاب هٽاءِ
پنهنجو جلوو پَساءِ
ته منهنجي
اونداهي مقدر تي
تنهنجي چهري جي چانڊوڪيءَ سان
ڪُجهه ساعتون ئي سهي
سوجهرو ٿي پوي
۽ منهنجو مقدر به
جرڪي پوي.

***
روزاني سنڌ ايڪسپريس، 13 جون 2018ع

لُڙڪَ ئي لُڙڪَ

سَڀُ چون ٿا:
“تنهنجي هر تصوير ۾
تنهنجي چهري تي
اُداسائي ۽ نراسائي
نظر اچي ٿي.”
لَڙي ايندڙ لُڙڪَ
لڪائڻ جي ڪوشش ڪندي
چوندو آهيان ته:
“اُن
تصوير جو دردُ
ڪيرُ سمجهي؟
جنهن تصوير ڪڍرائيندڙَ جي
نَصيب ۾
لُڙڪَ ئي لُڙڪَ
مايوسيون ئي مايوسيون هُجنِ
اُن جي مُک تي
مُرڪَ ڪٿان اچي؟”

***
روزاني سنڌ ايڪسپريس، 21 نومبر 2018ع

عُمر جي ڪتابَ مان

آسَ جو ڏيئو
اُجهامڻ تي آهي
ڇو ته
اُن جي وَٽِ کي
جلائڻ لاءِ
رَڳُن ۾ هاڻي
رَتُ نه رهيو آهي.
اکيون به
بي نوُر ٿينديون پيون وڃنِ
دل کان
ڌَڙڪڻُ
وِسرندو پيو وڃي
دل جو به ڏوهه ناهي
هوءَ به
تَڙپي تَڙپي ٿڪجي پيئي آهي.
۽ هاڻي
آرامي ٿيڻ چاهي ٿي
روحُ
جِسمَ جي قيد خاني مان
نِڪرڻ جا
سانباها پيو ڪري
جِسم جو کاٻو پاسو
(جيرو ۽ بُڪي به)
جوابُ ڏيندو پيو وڃي
قلم کڻندي
ڪجهه لکندي
هاڻي ته
هٿ به ڏڪن ٿا
عُمر جي ڪتاب مان
هڪ وڌيڪ پَنو
ڦاٽي پيو آهي
ذهن جي ڦرهيءَ تي لکيل
کوڙ سارا نانءَ
ميسارجي ويا آهن
آئون
ويسر جي وَرِ
چڙهي رهيو آهيان
چهرو ڪومائجندو پيو وڃي
چپ مُرڪن کان
محروم ٿيندا پيا وڃن
وارن ۾
چانديءَ جون تارُون
چمڪڻ لڳيون آهن
جوڀنُ
ڏارون ڏارون ٿيڻ لڳو آهي
وَقتُ واري آهي
۽ حياتي
ٻُڪَ ۾ پاڻيِءَ جيان
هٿن مان نڪرندي پئي وڃي
آئون
آخر ڪيستائين
صبرُ جي سبق کي
رَٽيندو رهان
زندگيءَ جي زهر کي
ڏوڪيندو رهان
هينئڙو به هاڻي
هارڻ تي آهي
اوسيئڙي جو ڏيئڙو
وسامڻ تي آهي
حياتي، مماتي ڏي
ڊوڙي پئي ٿي
اڃا توسان ميلاپ
ممڪن نه ٿيو آهي
سدائين اهو ئي
کُٽڪو رهيو آ
ته توسان ملڻ ريءَ
توکي ڏسڻ ريءَ
ڪچهريون ڪرڻ ريءَ
اڳئين جَهانَ ڏانهن
اُڏامي نه وڃان.

***

روزاني عوامي آواز ڪراچي، سنڊي مئگزين، 3 نومبر 2013ع