مان پاڻ کي ڳولڻ نڪتو آھيان
ھن مجموعي ۾ 16 ڪھاڻيون شامل آھن. هن ڪتاب ۾ مجموعي طور تي اهڙن ڪردارن جون ڪھاڻيون آھن، جيڪي اڪيلائين جي اذيتناڪ احساسن ۾ جيئندي ويڳاڻپ واري زندگي گذارين ٿا. هن مجموعي جون ڪھاڻيون رشتن جي بي معنويت ۽ خالي پڻي کي ظاھر ڪن ٿيون ۽ اهڙي ڳولا کي بيان ڪن ٿيون، جن جي ڪابہ منزل ۽ حاصلات نہ آھي.