![دولھ دريا خان, مصنف : غلام محمد لاکو دولھ دريا خان, مصنف : غلام محمد لاکو](https://books.sindhsalamat.com/assets/images/books/63a3ef6688b83.jpg)
دولھ دريا خان
دولھ دريا خان سمن جي دور ۾ سنڌ جو محب وطن ۽ بھادر سپھ سالار ٿي گذريو آھي. ڄام نندي کيس پنهنجو پٽيلو بنايو هو ۽ مٿس گهڻو اعتماد ۽ اعتبار ٿي ڪيائين، انڪري پاڻ دريا خان کي هڪئي وقت وزيراعظم، اميرن جو امير ۽ فوج جو اعليٰ سپھ سالار بنايائين. ھن ھر محاذ تي سنڌ جي حفاظت ڪئي. ارغونن دريا خان کي 22 ڊسمبر 1520ع تي شام جو صلح بھاني گهرائي شھيد ڪري ڇڏيو.