دراوڙن جي مختصر تاريخ
برڪت جيھو وسيع مطالعو رکندڙ گهڻ پڙھيو ليکڪ آھي. تاريخ جي تلخ ترين سفر ۾ جيھي صاحب جي دراوڙ نسل بابت نظرين جي اٿل پٿل واري ميڙا چونڊي پنھنجي رد ۽ قد سان ڪنھن کي قبول پوي يا نہ پر پنھنجي طور تي ھڪ ڇرڪ ضرور ڀرائيندي. ڪتاب ۾ دراوڙن بابت ڏاھن جا مختلف رايا پڻ ڏنا ويا آھن ۽ دراوڙن جي سماجي زندگي جا مختلف عڪس اتاريا آھن.