ٻاراڻو ادب

جنرل ھوش محمد شيدي

هوش محمد شيدي  سنڌ جو سورهيہ جرنيل ٿي گذريو آهي جيڪو24 مارچ 1843ع تي دُٻي جي ميدان ۾ انگريز فوج سان وڙهندي شھيد ٿي ويو. هوش محمد شيدي سنڌ جي ٽالپر حڪمرانن جي فوج جو بھادر سپاهي هو، جنھن کي پنھنجي بيپناھ بھادري ۽ بيمثال حب الوطنيءَ ڪري اڄ تائين ياد ڪيو ويندو آهي.  جنگ وڙھندي ”مرويسُون سنڌ نہ ڏيسُون“ جو مشھور نعرو هوشوءَ سان لاڳاپيل آهي.

Title Cover of book جنرل ھوش محمد شيدي

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نصير اعجاز جو ٻاراڻي ادب تي لکيل ڪتاب ”جنرل ھوش محمد شيدي“  پيش آھي.
هوش محمد شيدي  سنڌ جو سورهيہ جرنيل ٿي گذريو آهي جيڪو24 مارچ 1843ع تي دُٻي جي ميدان ۾ انگريز فوج سان وڙهندي شھيد ٿي ويو. هوش محمد شيدي سنڌ جي ٽالپر حڪمرانن جي فوج جو بھادر سپاهي هو، جنھن کي پنھنجي بيپناھ بھادري ۽ بيمثال حب الوطنيءَ ڪري اڄ تائين ياد ڪيو ويندو آهي.  جنگ وڙھندي ”مرويسُون سنڌ نہ ڏيسُون“ جو مشھور نعرو هوشوءَ سان لاڳاپيل آهي.
ھي ڪتاب 1990ع  ۾ حڪومت سنڌ جي ثقافت ۽ سياحت کاتي  پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي صاحب خان سورھ ميراڻي  جي سھڪار سان حاضر آھي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي