مرزا قليچ بيگ (1853-1929ع)
مرزا قليچ بيگ ولد مرزا فريدون بيگ جو جنم ٽنڊي ٺوڙهي، ضلعي حيدرآباد ۾ ٿيو. مرزا قليچ بيگ بمبئيءَ جي ايلفسٽن ڪاليج مان تعليم حاصل ڪئي. روينيو کاتي ۾ نوڪري ڪري ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تي رٽائرڊ ڪيائين. شايد ئي ڪا ادب جي صنف هجي، جنهن ۾ مرزا صاحب نه لکيو هجي. سندس ادبي خدمتن جو قدر ڪندي، انگريز سرڪار کيس ”قيصر هند“ جو تمغو ۽ 1905ع ۾ شمس العلماءُ جي لقب سان نوازيو ويو. ”مرزا قليچ بيگ اڻويهين صديءَ جي آخري چوٿائيءَ جي پيداوار آهي . کيس سنڌي نثر جو ابو چيو وڃي ٿو، بلڪ ان دؤر جو ادب در اصل ”مرزا قليچ بيگ“ جو دؤر چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. مرزا قليچ بيگ هر صنف تي لکيو ۽ هن نون لکندڙن تي پنهنجا اثر ڇڏيا. مرزا قليچ بيگ کان اڳ سنڌي نثر نويسيءَ ۾ يا ته صرف درسي ڪتاب هئا، يا مذهبي ۽ ڌرمي لکتون هيون، سنسڪري ، عربي ۽ فارسي ادب مان ترجما هئا، مگر مرزا قليچ بيگ پنهنجي محنت ۽ ذهانت سان مغربي ۽ مشرقي ادب جا شاهڪار سنڌي ادب ۾ متعارف ڪرائي سنڌي نثري ادب ۾ وسعت آندي. مرزا قليچ بيگ، سنڌي نثري ادب جي صحيح نموني آبياري ڪئي. مرزا قليچ بيگ نثري ادب جي ترقيءَ کي پنهنجو فرض سمجهي ادا ڪيو. هن انگريزي، عربي، فارسي، هندي ۽ ٻين ٻولين جا شاهڪار سنڌي زبان ۾ متعارف ڪرايا“.(1)سندس ڪتابن ، جو تعداد 450 کان به وڌيڪ آهي. هن جا ناول، ڊراما، مضمون، تاريخ، تحقيق انساني حق، کيتي ٻاڙي، عورتن جا مسئلا، تنقيدي ادب، لسانيات، تاريخ، گرامر، مطلب ته هر موضوع تي ڪتاب لکيا آهن. انهن جي ٻولي لاجواب آهي. اڻويهين صديءَ ۾ هن جا ڪيترائي نثر وارا ڪتاب شايع ٿيا ۽ ڪافي بعد ۾ به شايع ٿيا. مرزا صاحب نه رڳو اصلوڪا ناول لکيا پر هن ڪيترن ناولن جو ترجمو به ڪيو. سندس سڀ ناول سماجي ۽ اصلاحي آهن. هن جي ترجمو ٿيل ناولن جي خاص ڳالهه اها هوندي هئي ته انهن ۾ سنڌي ماحول جي پيشڪش ڪئي ويندي هئي.
مرزا قليچ بيگ پهريون طبعزاد ناول ”دلارام“ 1887ع ۾ لکيو. هي هڪ ننڍڙو ناول آهي، جيڪو قديم ڪهاڻين ۽ قصن تي مبني آهي. هن ناول جي وضاحت ڪندي مرزا صاحب لکيو آهي ته پڙهندڙن جي خدمت ۾ عرض ته هي هڪڙو نئون قصو خيالي سٽيل آهي، پنهنجي دلئون جوڙيل آهي، ڪنهن ٻئي ڪتاب تان ورتل ناهي. هن ۾ڪا ڪوڙي آکاڻي يا نه ٿيڻ جهڙي ڳالهه پيل ناهي، نڪو منجهس ديو، نڪا پري آهي، رواجي اتفاقن ۽ دنيائي وهنوار ۽ هلت چلت جو منجهس ذڪر اچي ٿو ۽ نيڪي بدي ڪرڻ سان جي نتيجا نڪرن ٿا، سي چڱي طرح منجهس ڏيکاريل آهن“.(2)
ناول ۾ ڏنل قصو بادشاهن جي دؤر ۽ انهن جي مسئلن سان واسطو رکي ٿو. هن ناول ۾ اصل مقصد نيڪيءَ جي جيت ۽ بديءَ جي هار آهي. شاهه عادل کي هڪ عدل ۽ انصاف وارو بادشاهه ڏيکاريو ويو آهي ۽ جڏهن ته شاهه شجاع کي ظالم ، کوٽو ۽ لالچي ڏيکاريو ويو آهي . ناول جي پلاٽ تي داستان گوئيءَ جو رنگ غالب آهي، مافوق الفطرت ڪردار، ازغيبي امداد، بادشاهن جا قصا وغيره هن ناول جو حصو آهن. مرزا صاحب هيءُ قصو نهايت ئي سليس عبارت ۽ عام اصطلاحن سان لکيو آهي. هن ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾ هڪڙي ننڍي نصيحت به ڏني وئي آهي.
”زينت“ سنڌ جي اديب، عالم، ترجمي نگار ۽ ناول نگار شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جو طبعزاد ناول آهي، جنهن ۾ مسلم گھراڻي جي گهريلو زندگي، رهڻي ڪهڻي، زماني جي حالات جو بيان ۽ ناول جي سورمي زينت جي سيرت کي نهايت سهڻي انداز ۾ بيان ڪيو ويو آهي. هِن ناول ۾ ڪيترن ئي سنڌي اصطلاحن ۽ پهاڪن جو به استعمال ڪيو ويو آهي. هي مرزا قليچ جو ٻيو طبعزاد ناول آهي، جيڪو هن 37 سالن جي عمر ۾ 1890ع ڌاري لکيو. هيءُ سنڌي ادب جو هڪ شاهڪار ناول آهي.
هي ناول معاشري جي تصوير به آهي ۽ تنقيد به. هي ءُ ناول وقت جي اهم ضرورت کي پوري ڪرڻ لاءِ لکيو ويو هو. اها فقط مرزا صاحب جي ذاتي راءِ نه هئي، بلڪه هڪ چڱي خاصي طبقي جي ترجماني هئي. مرزا قليچ بيگ “زينت” ۾ جنهن مسئلي کي واضح طور تي بيان ڪيو آهي، سو عورت ۽ عورت جي عظمت سان تعلق رکي ٿو. مرزا صاحب شدت سان محسو س ڪيو ته معاشري ۾ عورت جي اصلاح کان سواءِ ترقي ممڪن نه آهي.
”هن ناول ۾مرزا صاحب شاديءَ جي مسئلي کي به کنيو آهي. ڏي وٺ واري شادي ءَ کي هو نا پسند ڪري ٿو. سندس خيال آهي ته اها شادي ڪامياب آهي جتي زال ۽ مڙس ۾ ذهني هم آهنگي هجي. ان کان علاوه هن ناول ۾ ٻين به ڪيترن ئي معاشرتي ۽ گهرو زندگيءَ سان واسطو رکندڙ شين کي پنهنجي بحث ۾آندو آهي. مثال طور سڱا بنديءَ جي ڏي وٺ، ڏک سک ، خيال خطرا ، اجايا جذبا ۽ ارادا نهايت صفائيءَ سان بيان ڪيل آهن. ان کان سواءِ اجايون ريتون رسمون ۽ رواج، جي اسان جي زندگيءَ ۾ داخل ٿي چڪا آهن، تن جو پڻ بيان ڪيل آهي ۽ انهن کي دؤر ڪرڻ لاءِ به ڪي ضروري ۽ مؤثر ڳالهيون ۽ اپاءَ ٻڌايا ويا آهن. مطلب ته زينت جي روپ ۾ مرزا صاحب هڪ آدرشي عورت ۽ هڪ آدرشي گهرو زندگيءَ کي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.“زينت ” ناول مرزا قليچ بيگ جي نثر جو بهترين نمونو آهي“.(3)سولا ۽ نج سنڌي لفظ، ننڍا ننڍا سولا جملا، هرو ڀرو فقرن جي منجهيل گهڙت کان ڪناري ڪشي، لفطن جي اثردار ترتيب ، لفظن ۽ جملن ۾ معنيٰ ڀريو ربط، زينت جي نثر جون خوبيون آهن. هيٺ “زينت” مان مثال لاءِ هڪ ٽڪرو ڏجي ٿو :
“وري جيئي شل منهنجو حامد به ويٺو آهي، جوان اچي ٿيو آهي، تنهنجو به نيٺ بلو ڪرڻو اٿم. اڄ ته مائٽ به چون ٿا ته اٽي تي اٽو ، کارو نه کٽو، هڪڙي هٿ ۾ ڏيو ته ٻئي هٿ ۾ وٺو.” سو جي آءٌ کڻي اهڙو پير توسان ڀريان ته مائٽن کان مور ويندس ۽ منهنجو ڇوڪر به رهجي ويندو“.(4)
ائين گهڙت ۾ هن مثالي ٽڪري ۾ به وڏا جملا آهن، پر اهي گهڻي ڀاڱي ننڍن ثاني جملن (منهنجو حامد ويٺو آهي/جوان اچي ٿيو آهي/تنهن (حامد) جو نيٺ بلو ڪرڻو اٿم) مان رچيل آهن. ان ڪري سڄو جملو وڏو هوندي به وڏو نٿو ڀاسي. اهڙيءَ طرح ڏسجي ته اوڻوهين صدي سنڌي ادبي نثر جي جيڪا راهه قليچ بيگ جوڙي ، ان جو تاريخ ۾ وڏو حصو آهي.
جڏهن مرزا صاحب جو ناول “زينت” شايع ٿيو، تڏهن اهو تاثر ڏنو ويو ته هي“ صحت النساءِ” نالي هڪ ناول جو ترجمو آهي، پر مرزا قليچ بيگ صاحب پنهنجي آتم ڪهاڻي “سائو پن ۽ ڪارو پنو” ۾ ان جي وضاحت ڪئي آهي، اڳتي هلي “صحت النساءِ” هڪ الڳ ناول جي روپ ۾ شايع ٿيو. هي ناول 1899ع ۾ شايع ٿيو. هن ناول ۾ هڪ طرف مسلم سماج ۽ ان ۾هلندڙ ريتن رسمن جو عمدو نقش چٽيل آهي ته ٻئي طرف عورتن جي صحت جي مسئلن ۽ مونجهارن کي به کولي سمجهايو ويو آهي.
مرزا قليچ سوين ڪتاب ٻين ٻولين مان ترجمو ڪري، جهڙو سنڌي ساهت کي مالامال ڪيو تهڙو ٻئي ڪنهن لکندڙ ڪونه ڪيو. مڙئي ڪتابن ۾ سندس عبارت سلاست ڀري ۽ عام فهم واري هئي ۽ عربي فارسيءَ جي ڀرمار کان آجي هئي.
هيءُ ڪتاب مرزا قليچ بيگ جو ناول ”ايرڪ“ انگريز اديب فريڊرڪ وليم فرار جي Eric, or Little by Little مان 1919ع ۾ ترجمو ڪيل آهي. هن ناول ۾ شاگردن جي تعيلم ۽ هلت چلت جي سڌاري لاءِ توڙي مائٽن جي فائدي لاءِ ڪمائتا ويچار ڏنل آهن. ڪتاب جي ديپاچي ۾ مرزا قليچ بيگ لکيو آهي ته:” هيءُ ڪتاب فريڊرڪ وليم فرار پادريءَ جي ٽن مشهور ڪتابن مان هڪڙو آهي، جي ٽيئي شاگردن جي تعليم ۽ هلت چلت جي سڌاري لاءِ، توڙي انهن جي مائٽن جي فائدي لاءِ تمام ڪمائتا آهن. پهريون ڪتاب، ”ٽي گهر“ مون اڳي ئي ترجمو ڪيو آهي؛ اهو اڳي ئي تعليم کاتي ۾ ڪم اچي ٿو ۽ عام ماڻهن کي پسند آهي. اُهو خاص انهيءَ تعليم لاءِ لکيو ويو آهي ته ٻارن کي ۽ انهن جي مائٽن کي گهرن ۾ ڪيئن هلت ڪرڻ گهرجي. هيءُ ٻيو ڪتاب، ”ايرڪ“ انهيءَ تعليم لاءِ آهي ته شاگردن کي اسڪول ۾ ڪيئن هلت ڪرڻ گهرجي. ٽيون ڪتاب جنهن جو نالو ”جولئَن هوم“ آهي سو انهيءَ تعليم لاءِ آهي ته ڪاليج ۾ ڪيئن هلت ڪرڻ گهرجي. انهيءَ جو به ترجمو اميد آهي ته جلد ظاهر ٿيندو“.(5)
هيءُ ناول ٻارن جي سکيا جي لحاظ کان مختلف بابن ۾ ورهايل آهي، جنهن ۾ ٻار جي نشو نما، وڌندڙ عمر وغيره جو مڪمل خيال رکيو ويو آهي. مثال طور تي پهرين باب ”ٻاراڻي وهي“ ۾ هڪ ٻار جي اسڪول وڃڻ جي خواهش ۽ نفسيات کي بهترين نموني چٽيندي لکي ٿو ته:
هڪڙو ننڍو ڇوڪر، نچندو ٽپندو ۽ تاڙيون وڄائيندو، وڏي سڏ ”هُري! هُري!“ ڪرڻ لڳو ۽ چوڻ لڳو: ”اجهو، هاڻي هفتي کن جي اندر بابو ۽ اَما ٻئي گهر ايندا، پوءِ اسين ٿورو وقت هتي رهنداسين ۽ تنهن کان پوءِ آءٌ اسڪول ڏي ويندس.“ اُنهيءَ ساڳيءَ جاءِ ۾ اُنهيءَ ڇوڪر جي ماسات مس فئني به هڪڙي ڪرسيءَ تي ويٺي هئي ۽ ماٺ ڪري ويٺي سُئيءَ جو ڪم ڪيائين، اُنهيءَ ڇوڪر جي خوشيءَ جي رڙين ۽ ٻولين ڏي ڪو به ڌيان ڪو نه ڏنائين. نيٺ هو نچندو ٽپندو، سندس ڪرسيءَ وٽ اچي، وري به چوڻ لڳو: ”پوءِ، مس فئني، آءٌ اسڪول ڏي ويندس!“
مرزا قليچ بيگ پادري فرار جو ساڳي تعليمي موضوع تي لکيل هڪ ٻئي ڪتاب ”Three Homes“ جو ترجمو ”ٽي گهر“ جي نالي ڪيو آهي، جيڪو مرزا صاحب 1912ع واري سال ۾ ڪيو ۽ اُنهيءَ ئي سال شايع ٿيو هو. هن ناول جي وضاحت ڪندي مرزا صاحب لکيو آهي ته:”هيءُ ڪتاب ايف. ڊبليو. فرار صاحب پادريءَ جي لکيل ٽن مشهور ڪتابن مان هڪ ڪتاب ”ٿري هومس“ جو ترجمو آهي. جنهن ۾ لکيل آهي ته ٻارن کي ۽ انهن جي مائٽن کي گهرن ۾ڪيئن هلت ڪرڻ گهرجي. اُميد ته ٻارن ۽ سندن مائٽن کي هن جي پڙهڻ سان گهڻو فائدو پهچندو“.(6)
بنيادي طرح سان هن ڪتاب جو موضوع ”گهرو سماجيات“ (Domestic Sociology) آهي جنهن جو مرڪزي نُڪتو ٻارن جو پنهجن وڏڙن ۽ مائٽن سان فرمابنرداري ۽ سعادتمنديءَ سان پيش اچڻ ۽ والدين ۽ بزرگن جو پنهنجن ننڍن ۽ اولاد سان شفقت ۽ تهذيب سان هلت هلڻ آهي. نصيحت جي سبق سان جُڙيل هيءُ ڪتاب فقط آکاڻي يا ’ڀاشڻ‘جي انداز ۾ لکيل ڪونه آهي، پر هڪ ناول واري دل کي ڇُهندڙ نوع ۾ بيان ڪيل آهي، جيڪو پڙهندڙ تي هڪ دل آويز تاثر قائم ڪري ٿو ۽ موضوع جي پيغام کي پنهنجي تمام تر ڀرپوريت سان پڙهندڙن جي ذهن ۾ نقش ڪري ٿو. هونئن به مرزا صاحب مغربي ٻولين مان جيڪو به ادب سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي، اُهو سمورو انهيءَ تي دلنشين پيرايي ۾ ڪيل آهي. جنهن ڪري هڪ عام پڙهندڙ وٽ اُن ذخيري جي شروع کان وٺي ”عام مقبوليت“ رهي آهي.
مرزا قليچ بيگ پادري فرار جو ساڳي تعليمي موضوع تي لکيل هڪ ٽئي جو ترجمو ”جولئن هوم“ جي نالي سان 1919ع ۾ ڪيو. هن ڪتاب جي ديپاچي ۾، مرزا قليچ بيگ ڄاڻايو آهي ته:”هيءُ ڪتاب به فرار صاحب پادريءَ جو لکيل آهي، ۽ مشهور آهي . جيئن ته سندس ٻيا ٻه ڪتاب ”ٽي گهر“ ۽ ”ايرڪ“ آهن. جيئن انهن ڪتابن ۾، ترتيبوار، گهرن ۾ ۽ اسڪولن ۾ هلت ڪرڻ جو ذڪر آهي تيئن وري هن ڪتاب ۾ ڪاليجن ۾ هلت ڪرڻ جو ذڪر آهي. اميد ته شاگردن کي انهيءَ جي پڙهڻ مان گهڻو فائدو پهچندو“.(7) هي ناول پڻ 33 بابن ۾ ورهايل آهي ، جيڪي اسڪولي ۽ ڪاليجي زندگيءَ جي غير نصابي سرگرمين سميت مختلف معاملن تي روشني وجي ٿو. مثال طور تي ”هارٽن اسڪول ۾ تقريرن جو ڏينهن“ واري باب جي عڪاسي هن ريت ڪئي اٿس:
”هارٽن“ اسڪول ۾ تقرير جو ڏينهن هو. صبح کان وٺي ٺاهوڪيون گهوڙي گاڏيون سڙڪ تان تڪڙيون پئي آيون ۽ منجهن ويٺل ماڻهن کي ماسترن جي گهرن ۾ پئي لاٿائون. جيڪي سکر سکر ماڻهو اچڻا هئا، تن جي ڏسڻ لاءِ گاڏين جو گڙڪو ٻڌيو، ماڻهن ذري ذري ڌيان سان نظر پئي ڪئي، ”ڪئينس هيڊ“ هڪڙي وڏي گاڏين جي قطار بيٺي هئي، ۽ گهٽيون ماڻهن جي انبوهن سان ڀريون پيئون هيون. چوڌاري ڏاڍو گوڙ ۽ چهچٽو لڳو پيو هو. ملاقاتي ماڻهو اڪثر ”هارٽن“ جي ڇوڪرن جا ماءُ – پيءُ ۽ ٻيا مائٽ هئا، جن صبح کان وٺي اسڪول ۽ ڳوٺ گهمي پئي ڏٺو. شاگردن جون مائون ۽ ڀيڻون هيڏانهن هوڏانهن گهمي ڦري ڏاڍيون خوش ٿي ٿيون ۽ سندن ڇوڪرن کين ڏاڍي فخر ۽ خوشيءَ سان جدا جدا ڏسڻ جهڙيون شيون ۽ جايون پئي ڏيکاريون.انهيءَ مان ڪي ڪرڪيٽ جي ميدان تي پئي گهميون، ۽ ڪي وهنجڻ جي جاءِ واري مزي جهڙي پيچري سان پئي ويئون. گهڻيون خوبصورت ننڍيءَ ديول ۾ بيٺيون هيون، جنهن جون چٽيل دريون اس ۾ پئي چمڪيون ۽ رنگا رنگ عڪس ٻنهي پاسي وارن پيلپاون تي پئي وڌائون. سڀ کان وڌيڪ فخر ۽ شوق سان ڇوڪرن پنهنجن مائٽن کي اها قديم اسڪول جي جاءِ پئي ڏيکاري، جنهن جي سادن درين جي شيشن تي مشهور شاعرن ۽ فصيح ڳالهائيندڙن ۽ ملڪي مدبرن، ننڍي هوندي، پنهنجا نالا پنهنجي هٿ سان کرڙي اڪري ڇڏيا هئا، جن مان ڪي پنهنجي جهونيءَ محبت ۽ خوشي ظاهر ڪرڻ لاءِ اتي اچي حاضر ٿيا هئا.
ترتيب جي لحاظ کان، فريڊرڪ وليم فرار جا ناول Trilogy آهن ۽ مرزا قليچ بيگ جا ترجما به Trilogy آهن. ٽئي ڪتاب ”ٽي گهر“ ، ايرڪ“ ”جولئن هوم“ ترتيبوار گهرن ۽ اسڪولن ۾ ٻارن ۽ والدين جي هلت چلت، ۽ ڪاليجن جي استادن جي تعليمي ، اخلاقي ۽ تربيتي لاڳاپن جي سکيا بابت آهن، ان حساب سان تعليمي تربيت جي لحاظ کان مڪمل معلومات ۽ سڌاري جو طريقو هنن ڪتابن ۾ ملي ٿو.
1911ع ۾ مرزا قليچ بيگ،، جرمنيءَ جي مشهور اديب ڪرسٽاف شمڊ جي هڪ ناول (The Basket of Flowers) جو ترجمو ”گلن جي ٽوڪري“ جي نالي سان ڪيو. هن ناول ۾ مالهيءَ جي ڪردار ۾ هڪ آدرشي انسان جو خصوصيتون بيان ڪيو ويون آهن. مرزا قليچ بيگ هن ترجمي ۾ ڪل چوويهه باب رکيا آهن . هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1911ع ۾ شايع ٿيو .هي هڪ سيرتي ناول آهي، جنهن ۾ ناول نگار هڪ مالهيءَ جي حوالي سان نصحيتون ۽ سهڻا سخن ٻڌايا آهن، جنهن ۾ ان دور جي جرمنيءَ جي اخلاقيات ۽ ثقافت جي جهلڪ نظر اچي ٿي.جيڪب نالي هڪ مالهي گلن، ٻوٽن، پنن توڙي کيتي وارن سمورين شين جي ڄاڻ رکي ٿو بلڪه انهن سان محبت ڪري ٿو. هو بنيادي طور تي روحانيت واري دنيا ۾ رهڻ پسند ڪري ٿو. اهوئي سبب آهي جو پنهنجي ڌيءُ ميريءَ کي هر هنڌ نيڪي ۽ پرهيزگاريءَ جو درس ڏئي ٿو. هن ناول ۾ ميريءَ جي ڪردار ۾ ڪرسٽاف وان شمڊ هڪ فرشته صفت ۽ اعليٰ خصلت واري عورت کي پيش ڪيو ويو آهي. سندس ڪردار مان اهو ثابت ڪيو ويو آهي ته ”جهڙي صحبت تهڙو اثر“. يعني سٺي صحبت ۾ ميريءَ جو ڪرادار به مثالي آهي. ناول ۾ سورن ، تڪليفن سهڻ بعد به شڪايت نه ڪرڻ جو درس ڏنو ويو آهي.”مرزا قليچ بيگ، جرمن ماحول ۽ ثقافت ۽ جملن کي ٺيٺ سنڌيءَ ۾ انگريزي ٻوليءَ جي معرفت ترجمو ڪيو هو، جنهن جو هڪ مثال هتي ڏجي ٿو:
”سدوري آهي اها ڇوڪري، جا ڪنهن نامناسب خيال ۾ اچڻ ڪري لڄي ٿئي ۽ جنهن شرم کان منهن ڳاڙهو ٿي وڃي، ڇا لاءِ جو انهيءَ ڪري هوءَ پاڻ سنڀاليندي ۽ خوف ۽ خطري ۾ نه پوندي، جي ڳل حياءَ کا جلد ڳاڙها ٿا ٿين ته ڳاڙهاڻ گهڻي تائين جٽاءُ ڪندي، ۽ جن کي ڪنهن خسيس بيحيائي جهڙي خيال تي لڄ جي ڳاڙهاڻ ڳلن تي نه اچي، سي سگهوئي ڦڪا ٿيندا ۽ وقت اڳي قبر ۾ پوندا“.(8)هن ناول ۾ جرمن عورت جي هڪ شاندار ڪردار، اخلاقيات، محبت، محنت، مذهبي پرچار ۽ ثقافت جي عڪاسي ڪئي وئي آهي.
1917ع ۾ مرزا قليچ بيگ ان جو ترجمو ”مصيبت ماريا سائين سنواريا“ جي نالي سان ڪيو. مرزا قليچ بيگ ديپاچي ۾ لکيو ته ”مون اهو سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيو آهي. ڪتاب جو سمورو ترجمو نه ڪيو اٿم، پر ان جو سارو مضمون سنڌي ۾ ڏنو اٿم، ۽ ڪي ٿورا ڀاڱا ۽ نالا غيرضروري سمجهي، ڇڏي ڏنا اٿم. اميد آهي ته پڙهندڙ اهو پڙهي خوش ٿيندا، ۽ هن مان چڱي نصيحت حاصل ڪندا“.
مرزا قليچ بيگ کي ترجمي تي ملڪو حاصل هو، ان ڪري فرانسيسي ناول، جنهن کي هن اختصار سان انگريزي تان ترجمو ڪيو هو، اهو شاندار هو. هن ترجمي جو نمونو هتي ڏجي ٿو:
”سن 1815ع ۾، فرانس جي هڪڙي پرڳڻي ۾ ”چارلس مرِيـَـل“ نالي هڪڙو پادري هوندو هو، جنهن کي اُتي مقرر ٿئي اَٺ ، نـَـو ورهيه ٿيا هئا. هو اصل هڪڙو خانداني ماڻهو هو، ۽ هاڻي پنجهتر ورهين عمر جو هو. هن کي سندس پيءُ ارڙهن - ويهن ورهين جي ڄمار ۾ پرڻايو هو. هو قد جو بندرو هو، مگر مضبوط ۽ خوبصورت ۽ خوش طبع هو. ملڪ جي ٻين اميرن وانگي هن خاندان جو به شاهي خاندان سان واسطو رهندو هو. پر انهيءَ وقت ڌاري جو فرانس ۾ حڪومت جي ڦيرڦار جو فساد پيو ۽ بادشاهي حڪومت مان ڦري راڄوڻي يا رعيتي حڪومت شروع ٿي، تنهن ۾ ٻين خاندانن وانگي هي خاندان به دربدر ٿي ويو. تنهنڪري چارلس مريل ملڪ ڇڏي زال سوڌو اٽليءَ ڏي ويو، اُتي هن جي زال مري پئي ۽ اولاد ڪو نه ڇڏيائين. انهيءَ کان پوءِ هو گوشه نشين ٿي گذاريندو هو“.(9)
مرزا قليچ بيگ جو ناول”سچي محبت“ لارڊ بيڪن فيلڊ جي ناول “Henrietta Temple” تان ترجمو ٿيو ۽ 1914ع ۾ شايع ٿيو. ھن ناول ۾ ٻڌايو ويو آھي ته اصل محبت ڇا آھي ۽ اھا ڪيئن حاصل ٿئي ٿي. اهڙيءَ طرح ”راحيل“ناول به انگريزي ناول تان ترجمو ٿيل آھي، جيڪو مرزا صاحب 1914ع ۾ شايع ڪيو. ھي ناول اخلاقي قدرن جي پرچار ڪري ٿو. ساڳي سال مرزا صاحب ”زونونيھ“ نالي ھڪ انگريزي ناول جو ترجمو ڪيو، جنھن ۾ ھڪ مشرقي راڻيءَ جي ڪھاڻي آھي. ھي ھڪ تاريخي ناول آھي. 1920ع ۾ مرزا صاحب جو ناول ”ڪامل انسان“ شايع ٿيو. ھن ناول ۾ ھڪ ڪامل انسان جي پوري زندگيءَ جو عڪس چٽيل آھي. مرزا صاحب جو ھي ٻيو ناول ھو، جنھن ۾ ڪنھن ھڪ خاص انسان جي زندگي پيش ٿيل ھئي. سندس ھي ناول به دين ۽ مذھب سان ڀرپور نظر اچي ٿو.
سندس ناول ”غلاميءَ کان مٿي چڙھو“ اصل ۾ بوڪر واشنگٽن (1856-1915ع) جي لکيل آتم ڪھاڻي آھي ۽ اصل ۾ ان جو نالو “Up From Slavery” آھي. ھن ڪتاب لاءِ مرزا صاحب لکي ٿو ته ”ھي سماجي ڪتاب آمريڪا جي ھڪڙي مشھور تعليم يافتھ ۽ تعليم ڏيندڙ ۽ فصاحت ۽ بلاغت واري استاد بوڪر واشنگٽن جو لکيل ھو. جنھن ۾ ھن پنھنجي حياتيءَ جو سمورو احوال حجاب کان سواءِ ڏنو آھي. ھن ناول جي وسيلي مرزا صاحب اھا ڳالهه سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ته انتھائي مخالف حالتن ۾ به انسان کي مايوس ٿيڻ نه گهرجي بلڪھ حوصلي ۽ جرئت سان اڳتي وڌڻ کپي ۽ سچائي ۽ لگن سان ڪم ڪرڻ کپي. ھن آتم ڪھاڻيءَ کي مرزا قليچ بيگ ناول جو شاندار روپ ڏيئي ترجمو ڪيو.
مرزا صاحب ھي 1944 ۾ انگريزي ٻولي جي ڪپتان جيمس جسٽيئن موريئر (1780- 1849) جي لکيل ناول Adventure of Haji Baba Isphani (1824)جو ترجمو ”حاجي بابا اصفھاني“ جي نالي سان ڪيو. ھن ناول ۾ ان وقت جو ذڪر آھي، جڏھن فتح علي شاهه ايران جو بادشاهه ۽ يورپ جي گهڻن ملڪن جا وڪيل ايران جي درٻار ۾ اچي گڏ ٿيندا ھئا ۽ واپار ۽ آمد رفت جا عھدنامھ ڪندا ھئا. ھن ناول ۾ ايران جي سياسي، سماجي، اقتصادي، قومي ۽ اخلاقي حالتن جو ذڪر ڪيو ويو آھي. مرزا صاحب ھي ناول به نصيحت آميز لکيو آھي. ھن ناول جو تت ھي آھي ته ھن دنيا ۾ گهڻيون ئي تڪليفون ۽ مصيبتون پيش اچن ٿيون، مگر انسان کي گهرجي ته ھمٿ نه ھاري، پر محنت ڪري ھر حال ۾ ڏاھپ ۽ سڃاڻپ سان وقت گذاريندو اچي.
1925 ۾ مرزا صاحب انگريزي ناول جو ترجمو ”سئنڊ فرڊ ايند مرٽن“ جي نالي سان ڪيو، جيڪو اصل ۾ ٽامس . ڊي . جي جو لکيل ھو. اصل ناول 1783ع ۾ شايع ٿيو ھيو. ٻارن جي سکيا لاءِ بھترين ڪتاب طور سڃاتو وڃي ٿو. ھي ناول اخلاقي ۽ تعليمي ھو، جنھن جي منڍ ۾ مرزا صاحب لکيو ته: ”اھو ھڪ خيالي قصو آھي، مگر ٻارن، جوان ماڻھن ۽ اسڪولن جي شاگردن لاءِ نھايت فائدي وارو آھي، تعليمي سڌارو ڪندو ۽ ھن دنيا ۾ بھتر انسان ٿي گذاريندو.“ (حوالو: ناول جو ديباچو)
سندس ناول ”رابنسن ڪروزو“ مشھور انگريز جاسوسي ناول نگار ڊينئل ڊيفو (1660-1731ع) جي ناول “Robinson Crusoe” جو ترجمو ڪيو آھي. ھي ناول سڀ کان اول ١٧١٩ ۾ شايع ٿيو ھو. مرزا صاحب ان کي 1925ع ۾ ترجمو ڪري شايع ڪرايو. ناول ۾ ڪھاڻي ھڪ اھڙي شخص جي آھي، جيڪو پيسفڪ ٻيٽ ۾ چار سال گذاري ٿو، جنھن جو بعد ۾ نالو ئي رابنسن ڪروز ٻيٽ ٿي وڃي ٿو. ھن ناول ۾ سامونڊي زندگيءَ جون ڏکيائون، فائدا ۽ ٻيٽ ۾ اڪيلائي جي زندگيءَ جا تفصيل آھن.
مرزا صاحب جي سمورن ناولن تي نظر وجهڻ سان خبر پوندي ته اھي سماجي، تعليمي، تدريسي ۽ اصلاحي آھن. ھن ناول لاءِ اھڙا موضوع چونڊيا، جنھن سان سنڌي قوم کي سجاڳ ڪري سگهجي ۽ قوم کي وڏي مقام تي پھچائجي. مثال طور ”زينت“ ۾ بي سود ۽ مدي خارج ريتن رسمن کي ڪڍي نون قدرن کي اختيار ڪرڻ جو درس ڏنو آھي. ”صحت النساءِ“ ۽ پراڻي دستوري علاج ۽ معالج جا نقصان ٻڌايا آھن ۽ ٻارن لاءِ جديد صحت جا اصول ٻڌايا آھن. ”ايرڪ“ ۾ والدين، استادن ۽ شاگردن جي باھمي رشتي کي سمجهايو ويو آھي. ”جولئن ھوم“ ۾ ڪاليجي زندگي تي روشني وڌي ويئي آھي. ”گلن جي ٽوڪري“ ۾ روحاني ۽ اخلاقي تعليم کي اجاگر ڪيو ويو آھي. ”ٽي گهر“ ۾ جديد دور جي لحاظ کان والدين ۽ اولاد کي پيش ايندڙ حالات کي بيان ڪيو ويو آھي.
مرزا صاحب سڀني ناولن ۾ سماجي اصلاح تي وڌيڪ زور ڏنو آھي. اھو کڻي معاشرتي ھجي يا معاشي، تهذيبي ھجي يايايا اخلاقي ھجي. ھن ان ڏس ۾ نوان قدر ۽ نوان رستا ٻڌايا آھن. مثال طور ھو ”زينت“ ۾ چوي ٿو ته ”اھو ھڪ نئون رٿيل خيالي قصو آھي، جنھن ۾ زماني جي گردش ۽ حال چال جو بيان ڏنل آھي. ھن ۾ سنڌ جي سڌريل گهرن جي ھلت، چلت جو بيان، جو اڪثر ھن زماني ۾ ڏسڻ ۾ ايندو آھي، سو چڱي طرح ڏيکاريل آھي.“
در حقيقت مرزا صاحب مشرقي ترقي پسند سوچ جو حامي ھو ۽ سنڌ ۾ ان ترقي جو خواھشمند ھو. اھو تڏھن ئي ممڪن ٿي سگهيو ٿي جڏھن معاشرو تعليم يافتھ ھجي. ان سلسلي ۾ سندس ناول ”غلامي کان مٿي چڙھو“ پيش ڪري سگهجي ٿو. ھن ناول ۾ مرزا صاحب عام ماڻھن ۾ جدوجهد ۽ ترقي ڪرڻ جو رجحان پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. ناول ۾ ھڪ ھنڌ چوي ٿو ته ”انھيءَ جي پڙھڻ مان معلوم ٿيندو ته ڪيئن ھڪڙو غريب مسڪين گمنام غلام ڇوڪرو پاڻ کي سڌاري وڌائي اوج ۽ وڏي درجي تي رسيو ۽ مشھور وڏن ماڻھن سان وڃي مٽ پيو. اميد ڪجي ٿي ته ھن ڪتاب جي پڙھڻ سان غريب ۽ محنتي ماڻھن کي مٿي ترقي ڪرڻ جي ھمت ۽ ترغيب ايندي.“ اھڙي طرح سندس ناول ”ڪامل انسان“ ۾ ھڪ اعليٰ اخلاق واري ماڻھو جي مڪمل زندگي بيان ڪئي ويئي آھي، جو پنھنجي اعليٰ اصولن جي ڪري ڪامل زندگي گذاري ٿو.
مرزا صاحب جي ناولن جي ھڪ خوبي اھا به آھي ته اھي گهريلو يا خانداني ناول آھن. مثال طور ”زينت“ ۾ ھڪ سڌريل گهر جي حالتن جي ھر ڪردار جي سيرت ڏيکاري آھي. ”ٽي گهر“ ۾ مارٽن، لارڊ ڊگيلينا ۽ رالف جي ٽن گهرن جو ذڪر ڏئي ٿو. ”جولئن ھوم“ جولئن جي سڄي خاندان جي پسمنظر ۾ ھلي ٿو. ”ايرڪ“ ۾ ايرڪ جي سوانحي تذڪرو آھي. ”گلن جي ٽوڪري“ ۾ به خانداني پسمنظر آھي. اھڙي طرح ٻيا ناول به ساڳيو رجحان پيش ڪن ٿا.
نصير مرزا لکي ٿو ته ”قليچ ھونئن ته ھر ملڪ جي روشن خيال ادب جي اعليٰ خيال کي سنڌي ۾ آندو آھي پر خاص ڪري ناولن ۾، گهڻو ڪري ھن آمريڪي ناولن جي ترجمي کي ترجيح ڏني آھي ۽ ڀائنجي ٿو ته اھو شايد انھي ڪري جو، ان وقت جي آمريڪي ناولن ۾ ھڪ نئين سماج جي جوڙجڪ جو ذڪر ٿيندو ھو ۽ انھن منجهه اصلاح ۽ تعمير وارو جيڪو پيغام ھو، قليچ بيگ کي اھو نئين اڏجندڙ سنڌ مطابق لڳي رھيو ھو. سنڌ ان وقت انگريزن جي قبضي ھيٺ ھئي ۽ نئون سماج پروان چڙھي رھيو ھو جنھن ۾ اسڪول، ڪاليج، اسپتالون، لوڪل بورڊ، چونڊون ۽ ڪجهه قدر جمھوريت جي رواج لاءِ به چؤپچؤ ٿي رھي ھئي. مطلب ته سنڌ ۾ بھ، اھي ئي ڳالهيون توڙي شاعري، نئين ملڪ جي تعمير لاءِ، پنھنجي تحريرن ۾ آڻي رھيا ھئا. مرزا قليچ بيگ جا اڪثر ناول ترجمو آھن، جيڪي انگريزي ٻولي تان ترجمو ٿيل آھن. سندس ترجمن جي خوبي اھا آھي ته ھو انگريزي ماحول کي تبديل ڪري، سنڌي ماحول ڏئي ٿو“.(10)
هن دور ۾مرزا قليچ بيگ جهڙو مشهور مترجم جاسوسي ادب کان پري رهي نه سگهيو. مرزا قليچ بيگ جي زماني ۾ جاسوسي ادب نئون نئون سنڌي ادب ۾ رائج ٿي رهيو هو ۽ سر ڪانن ڊائل جي تخليق ڪيل ڪردار ”شرلاڪ هومز “ جي عنوان سان جاسوسي ادب ترجمو يا لکجي رهيو هو. مرزا قليچ بيگ پڻ ان سلسلي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. سندس ”شرلاڪ هومز (ڀاڱو-1، 1916ع)، ”شرلاڪ هومز“ (ڀاڱو-2، 1916ع) ۽ ”شرلاڪ هومز“ ( ڀاڱو-3، 1916ع) آتمارام ڪندنمل ، قيصره اسٽيم پريس حيدرآباد طرفان شايع ٿيا. هنن ناولن ۾ شرلاڪ هومز جا تجسس ڀريا مختلف واقعات ڏنل آهن. ساڳي اداري، مرزا قليچ بيگ جو هڪ ٻيو جاسوسي ناول ’ڀيانڪ لاش‘ (1942ع) به ڇپايو هو، جيڪو پڻ سر ڪانن ڊائل جي ناول جو ترجمو هو، جنهن ۾ پڻ شرلاڪ هومز جاسوس جا ڪارناما بيان ڪيل هئا“.(11)
مرزا قليچ بيگ، 1913ع ۾ ڪنهن اردو ناول تان ”لڇمي: هڪ ٺڳباز عورت“ ترجمو ڪيو، جنهن ۾ هندو زندگي جي عڪاسي هئي، جنهن ۾ لڇمي جي ڪردار ۾ هڪ چالاڪ ۽ جاسوس عورت جو ڪردار پيش ڪيو ويو آهي. مرزا قليچ بيگ، انگريز ليکڪ جوناٿن سُئفٽ (1665ع _1745ع) جي جڳ مشهور ڪتاب Gulliver’s Travels جو ترجمو 1920ع ۾ ڪيو. هي ڪتاب ارڙهين صدي جي ادب جو هڪ شهڪار آهي. اصل ڪتاب چئن ڀاڱن ۾آهي، پر مرزا صاحب صرف ٻن ڀاڱن جو ترجمو ڪيو آهي.”گليور جو سفر“ به هڪ طنزيه تصنيف آهي، جنهن ۾ سڄي انسانيت جي حماقتن بڇڙائين ۽ اخلاقي ڪمزورين تي سخت چوٽون ڪري ٿو.”گليور جي سير ۽ سفر“ تصوراتي يا خيالي دنيا جوڙي، حقيقي ڪردارن وسيلي ڪهاڻيءَ کي بيان ڪرڻ، جوناٿن سُفٽ جو گليور جو سير ۽ سفر ۾ جاسوسي ماحول ڏنل آهي، ڇو جو ان جي پس پرده، انگلنڊ ۽ فرانس جي مخالف سياست جي ڪهاڻي ڏنل آهي ۽ هڪ ٻئي جي جاسوسيءَ جو پسمنظر ڏنل آهي.
مرزا قليچ بيگ،1923ع ۾ ڪنهن انگريزي ناول تان ”شوقين ڌاڙيل“ ترجمو ڪيو، جنهن ۾ هڪ ڌاڙيل جي مختلف ورتائن جي ڪهاڻي بيان ٿيل آهي.
ديوان پريتم داس(1868-1936ع)
راءِ بهادر ديوان پريتمداس ولد حڪومتراءِ شهاڻي جو جنم حيدرآباد ۾ ٿيو. سندس وڏا پنجاب مان سنڌ لڏي آيا هئا.هو انڊين ٽيليگراف آفيس بمبئي ۾ ٽيڪنيڪل ڊپٽي سپرينٽيڊنٽ هو. بئنڪ ۾ به ڪم ڪيائين. ڪيترن ئي سماجي ادارن سان وابسطه هو. پروفيسر شيوارڦيرواڻي لکي ٿو ته ”ڇوڪرين جو اسڪول جيڪو ساڌو هيرانند کوليو سو هو ’دونهين گهٽي وارو اسڪول‘ ، اهو پريتم داس (عامل ڪوآپريٽو بئنڪ واري) مهربان سان شروع ٿيو هو . ان اسڪول جي نگهباني ساڌو هيرانند ۽ ديوان پرڀداس ڪندا هئا“.(12)
سندس شمار سنڌي ناول جي دنيا ۾ مرزا قليچ بيگ کان پوءِ ٻئي نمبر تي ٿئي ٿو. سندس ناول (هڪڙو نماڻو سڌاري جو ”طالب“ تخلص سان) ”عجيب ڀيٽ“ 1892ع ۾ شايع ٿيو. هي اصلوڪو هو ۽ حقيقت نگاريءَ جي حساب سان وڏي اهميت رکي ٿو. هي سڄو ناول سماجي ڪمزورين بابت آهي. هن ناول لاءِ پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ لکيو ته “عجيب ڀيٽ” ۾ روزمره جي زندگيءَ جا ممڪن واقعا ۽ ڪردار آندل هئا. منجهس ان زماني جي حيدرآبادي عالمن ۽ ڀائيبندن جي پنگتي رسمن رواجن ۽ تعليمي ، اخلاقي ، ڌرمي جيوت تي چٽي روشني وڌل هئي ۽ لکيل نهايت چيديءَ ۽ سپڪ سنڌيءَ ۾ هو. هن ناول ۾ هڪڙي خامي اها هئي جو وچ واري هڪ باب ۾ جهوني روايت موجب، راجپوت راجائن جي هڪڙي ڪهاڻي ڏنل هئي، جا هن سنڌي سماجي ناول ۾ ڌاري ٿي لڳي. سندس پختي لکڻيءَ جو مثال به ڏئي ٿو توڻي ان ۾پوريون بيهڪ جون نشانيون ڏنل نه آهن:
انگريزي رڳو ان لاءِ ڪين ٿي پڙهجي ته اها ٻولي سکجي پر انهيءَ لاءِ به ته جيڪي علمي ڳالهيون انهيءَ ٻوليءَ ۾ (نوٽ هتي ڪتاب جون اٺ سٽون غائب آهن) ليکجڻ ڪري ڏاڍا ساڙ اچڻ لڳا آقي باقي جو ماستر کي به سندس نسبت چڱي راءِ نه هئي تنهن ڪري هو اسڪول مان کٽو ٿي پيو ۽ ڪيترائي ڏينهن ويچار ڪرڻ کانپوءِ ائين سمجهائين ته ميٽريڪيوليشن پاس ڪرڻ لاءِ سڀني ڪمن ۾ چڱو ڪرڻ گهرجي جو آءٌ ڪري ڪين سگهندس-تنهنڪري هن اسڪول ڇڏي ڏنو“.(13)
”عجيب ڀيٽ“ جو ٻيون سڌاريل ڇاپو 1910ع ۾ نڪتو هو جنهن جي ديباچي ۾ ناول نگار لکيو هو : “سرهائيءَ جي ڳالهه آهي جو هن ڪتاب ڇپجڻ کانپوءِ ڪن اڍنگين رسمن ۾ سڌارا ٿيا آهن. اڃا سڌاري جي گهڻي گهرج آهي، پر ڏاڍي ارمان جي ڳالهه آهي جو ڪن ڳالهين ۾ اڳين کان به وڌيڪ خرابي ٿي آهي. هن ڪري جو خود غرضي ۽ لوڀ وڌيل آهي.” هن مان ثابت آهي ته هن ناول لکڻ مان مصنف جون ڄاڻايل مرادون : ”ملڪ جي حالت ۽ ٻولي سڌارڻ “ ڪجهه قدر بر ثواب ٿيون هيون“.(14)
سندس ٻيو ڪتاب ”استري جا نيمي ڪم“ 1895ع ۾ شايع ٿيو. هن ڪتاب ۾ ڪهاڻيءَ جي انداز ۾ عورتن جي حقن ۽ فرضن وارن مسئلن کي موضوع بڻايو ويو آهي. ڪتاب مان نثر جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
ڌي _ امين تو مونکي گيتا ۾ پاڙهيو هو ته جيڪو ماڻهو پنهنجي عرجي جا نيمي ڪم ڦل جي اڇا رکڻ قاران سچائي سان پورا ڪري ايشور سان پريت رکي ٿو تهنکي مڪتي ملي ٿي ۽ تو مونکي سکاريو ته ڪنوارين ڇوڪرين جو نيمي ڪم اهو آهي جو جو هو ماءُ پئي آگيا ۾ رهن ۽ جيڪي ماءُ پئي سيکارين سو چت ڏيئي سکن ۽ دل سان هنڊائي انهيءَ ريت هلن. مان سداءِ تنهنجو چيو مڃيندي آهيان ۽ جئن تو سيکاريندي اهيم تئن هلندي آهيان“.(15)
ڪوڙومل کلناڻي (1844-1916ع)
راءِ بهادر ديوان ڪوڙيمل ولد چندن مل کلناڻي جو جنم شهر ڀريا، ضلعي نوشهروفيروز ۾ ٿيو. هو مثالي استاد هو، ادبي ۽ علمي خدمتن ۾ سڀني کان اڳتي هو. اينگلو ورنيڪيولر اسڪول کوليائين جنهن جو پاڻ هيڊماستر ٿي رهيو . هن صاحب پنهنجي خطي کي تعليمي اوج ڏياريو. پينشن بعد به ڪتابن جي تصنيف جو ڪم، زناني تعليم جي ترقي ، خواه ٻين تعليمي ڪمن سان خاص چاهه هوس. تعليمي خدمتن جي ڪري کيس “راءِ بهادر” جو لقب مليو. سندس تحرير ڏاڍي اثرائتي هئي. ڀرين جو هاءِ اسڪول، زناني تعليم جو اسڪول سندس تعليم پرستيءَ جا يادگار آهن“.(16) سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن. ديوان ڪوڙيمل، جتي درسي ڪتابن ۾ دلچسپي ورتي، اتي افسانوي ۽ ڊرامانويسيءَ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو. سندس آکاڻين، قصن ۽ ناولن ڪا به ڪتاب ترجمو ٿيل آهن. ڊاڪٽر نور افروز خواجه لکي ٿي ته: ”سنڌي افسانن جو پهريون باقاعده ليکڪ ديوان ڪوڙومل هو، جنهن بنگالي ٻولي جي ليکڪ بينرجي چندر چئٽرجي جا سماجي افسانا سنڌي ۾ ترجمو ڪيا“.(17)هن بنگالي ٻولي سکي، بنڪم چندر چئٽرجيءَ جون پنگتي ڪهاڻيون ۽ “شريمتي گهوشال” (ٽئڱور جي ڀيڻ) جو ناول Fatal Garland آکاڻيءَ جي صورت ۾ “ندورو هار” نالي سان سهڻي سنڌيءَ ۾ آندائين.
سندس پهريون ناول جو هن صاحب سنڌيءَ ۾ آندو سو هو ’چندر مکي‘ جنهن ۾ هڪ بنگالي ڪٽنب ۾ هڪ گگدام آدرش ننهن جو قصو ڏنل هو ۽ سندس سرڳواس ٿيڻ کان پوءِ 1917ع ۾ ’ماستر بگيمل تلسيداس‘ ڇپايو هو، جنهن ۾ 95 صفحا ڌنل آهن. هن ناول نما قصي ۾ هڪ ڪٽنب جي ڪهاڻي ڏنل آهي، جيڪا تمام گهڻا ڏک برداشت ڪري، پر گهڻو پوءِ سندس قسمت ۾ ڦيرو اچي ٿو ۽ سکن جي زندگي گهاري ٿي. ڪوڙيمل هن ناول جي مرڪزي ڪردار لاءِ پاڻ لکيو آهي ته
”چندر مکي جو دک اڳي جهڙو اَپار هو تهڙوئي هاڻي وري سندس سک اَپار آهي. اڄ هوءَ پنهنجي پتيءَ جي سکي استري ٿي آهي. هاڻي هوءَ سڀني پرين کي پاڻ ڀري ٿي آهي ۽ گهڻي آرام سان وقت پيئي گذاري. هن جي دک جي رات پوري ٿي ويئي آهي. آپدا روپي انڌڪار کي هن جي سڀاڳ جي سورج اُڀري ناس ڪري ڇڏيو آهي. جئن انڌڪار کانپوءِ سوجهرو ۽ برسات کانپوءِ اُس آنند ڏيندي آهي. تيئن دک کان پوءِ سک شانتي ڏيندو آهي. نارائڻ پنهنجي پيءَ جو ڌن سڀ ناس ڪري ڇڏيو هو ۽ هاڻي هوءَ غريب ٿي رهيو آهي پر تب هنن جو سک جو گذارو پيو ٿئي. جيوت جو گذران ٻيڙي سمان آهي، پتي پتني اُنهيءَ ٻيڙيءَ جي هلائڻ وارا آهن. جيسين اُنهن جو ميلاپ آهي تيسين ٻيڙيءَ کي جوکو ڪونهي، اُها سئين سڌي پئي هلي پر اُنهن ٻنهي ۾ ڪجهه وروڌ ٿيو ته ٻيڙي اڻائي ويندي ۽ هنجي ٻڏڻ جو ڀؤ رهندو. هڪڙو ٻيڙيءَ کي ڪاهيندو هڪ پاسي ۽ ٻيو ڪاهيندو ٻئي پاسي ته اُنهيءَ کنچا ٽاڻ ۾ اوس نقصان آهي. انهيءَ ريت گهر جو ڌڻي ۽ ڌياڻي ٻئي گڏجي ڪم ڪندا ۽ هڪ مت تي هلندا ته گهر جو ڪم ڪار سولائي سان پيو هلندو“.(18)
بنڪم چندر جو Krishnakanta’s Will جنهن سڀاويڪ سيرتن ۽ واقعن واري سماجڪ ناول کي ’روهني‘ جي نالي سان ڪوڙيمل 1915ع ۾ ترجمو ڪيو، سو گھڻو پوءِ 1937ع ۾ شايع ٿيو. بنڪم جو راڄ نيتي ناول ’آنند مٺ‘ جنهن ۾ سندس مشهور قومي گيت ’بندي ماترم‘ ڏنل آهي ۽ جنهن ۾ ڪن سنياسين جي ديش ڀڳتي ۽ انگريز سرڪار خلاف بلوو ڏيکاريل آهي ۽ هولناڪ حادثن سان ٽمٽار آهي. هن ناول جي منڊ ۾ حڪومتراءِ آڏواڻي لکيو آهي ته ”مٿين لوڪن جي پرتاب سان، سهنجي، سادگي، نهٺائي، غريبي، پراتما جو ڊپ، غريبن لاءِ همدري، سفيد پوشن جو ڍڪ ڍڪڻ، جي هر هنڌ هٻڪار پئي آئي....ديوان ڪوڙيمل ۽ مٿين ستن جو اهو سعيو هو ته اڃا به پنهجي ديس مان پنگتي اوڻايون ڪڍي سونهاري سنڌڙيءَ کي سورڳ سمان بڻائجي“.(19)
1946ع ۾، ڪوڙيمل سنڌي ساهتيه منڊل طرفان ديوان ڪوڙيمل جو ناول ”ٽرندڙ مکڙيون“ شايع ٿيو، جنهن بينڪم چندر چئٽرجيءَ جي اڳ شايع ٿيل ڊگهيون ڪهاڻيون ، جيڪي دراصل سندس ناوليٽ: ”ڪرم جو ڦل يا کير جو کير“ (1915ع)، ” ٻه منڊيون“ ( 1916ع) ۽ ”راڌا راڻـي“(1914ع) شامل آهن. انهن ٽنهي کي گڏي ۽ ٽرائلاجي جوڙي وئي آهي. هي ٽئي ناوليٽ ڌرمي، اخلاقي ۽ گهريلو موضوعن تي آهن. ”ڪرم جو ڦل يا کير جو کير“ مان ديوان ڪوڙيمل جي ترجمي جو نمونو ڏجي ٿو:
ميمن سنگ ضلعي جو اڀرندي بنگال جي ٻين ضلعن جي ڀيٽ ڪري وڌيڪ ٽڪرائتو آهي. تنهن ۾ مدن پور نالي هڪ ڳوٺ آهي. انهيءَ ڳوٺ ۾ ويهارو ورهيه ٿيا ته هڪ پوڙهو زميندار رهندو هو. سندس آب مان آس پاس وارن ڳوٺن جي رهاڪن ۾ نه رڳو انهيءَ ڪري سرس هو جو هو هڪڙي آڳاٽي ۽ آڪهائتي ڪٽنب جو سرومڻي هو پر انهيءَ ڪري به هو دل ۽ دماغ جي اوچن گڻن جي کاڻ هو. سائينءَ جي هن پوڙهي تي جهجهي ٻاجهه هئي. ڌن دولت ۽ سکن جي ڪمي ڪانه هيس ۽ پڻ ڦٽن پوٽن جو وڏو دل هوس. رڳو پر تي مڙسن جي گهر واري چلي ويئي هئي، جنهنڪري ٽن ورهين کان رنڙ ٿيو ويٺو هو“.(20)
ھوتچند مولچند گربخشاڻي (1184 – 1947ع)
ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو جنم حيدرآباد ۾ ٿيو. بمبئي جي ولسن ڪاليج مان 1907ع ۾ ايم اي پاس ڪيائين. 1908ع ۾ ڊي جي ڪاليج ۾ پروفيسر مقرر ٿيو. ڊاڪٽر گربخشاڻي بنيادي طور ھڪ صوفي منش شخص ھو. کيس شاهه لطيف سان به بي انتھا انس ھو. ڊاڪٽر گربخشاڻي جون لکڻيون جيتوڻيڪ ٿوريون آھن. مگر اھي موضوع ۽ اسلوب بيان جي لحاظ کان وڏي اھميت رکن ٿيون. سندس ڪتابن ۾ ”نورجهان“ (ناول 1915ع)، ”لنواري جا لعل“ (سوانح، 1934ع)، ”روح رھاڻ“، (لطيفيات) ”شاهه جو رسالو“ (ٽي جلد)، ”مقدمھ لطيفي“ (لطيفيات) ۽ ”سر سھڻي“ (لطيفيات) شامل آھن.
سندس ”نورجهان“ ھڪ تاريخي ناول آھي جيڪو 1915ع ۾ آتما ڪندن مل پريس، حيدرآباد طرفان شايع ٿيو. ھي ناول موضوع، فن، فڪر ۽ اسلوب بيان جي ڪري سنڌي ادب جي شاھڪار ناولن مان ھڪ آھي. ”نورجهان“ ھڪ تاريخي ناول ھجڻ سان گڏوگڏ رومانوي ناول آھي، جنھن ۾ مغل گهراڻي جي شھنشاهه جهانگير ۽ سندس راڻي نورجهان جي محبت کي اجاگر ڪيو ويو آھي. ناول جي وضاحت ڪندي ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو ته ”جڏھن ھي ڪتاب پھريائين ڇپجي پڌرو ٿيو ھو، تڏھن ڪيترن صاحب ائين سمجهيو ھو ته منجهس نورجهان جو سچو تاريخي احوال ڏنو ويو آھي. پر ائين ھرگز ناھي، البت بنياد تاريخ تي ٻڌل اٿس ۽ اصل حوالا، جهڙوڪ تاريخ فارشتھ، منتخب التواريخ، اقبال نامھ، تزڪ جهانگيري، ٽاڊ صاحب جو راجستان ۽ سردار جوڳيندڙ سنگهه وارو نورجهان نظر مان ڪڍيا ويا آھن. پر تڏھن به انھن مڙني ڪتابن مان ڪنھن ھڪ جي مضمون ۽ طرز جي پابندي نه ڪئي ويئي آھي. پڙھندن جي رس ۽ مزي لاءِ ڪيتريون ئي ڳالهيون مغز مان ڪڍي پيش ڪيون ويون آھن. حقيقت ۾ ھن ڪتاب کي ھڪ تاريخي ناول يا افسانو ڪري سمجهڻ گهرجي، ۽ نه نورجهان ۽ جهانگير جي سچي سوانح عمري، سرشٽيءَ جي نرمل نظارن جا داستان قدرتي ۽ انساني حسن جي جلوي جون حڪايتون، مجلس ۽ محفلن جي رونق جون روايتون جي ڪتاب ۾ جاءِ بجاءِ نظر اينديون، سي اڪثر من گهڙت آھن“.(21)ناول جي خاص ڳالهه، ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي واقع نگاري ۽ ٻولي آهي، جنهن جو هڪ نمونو ڏجي ٿو:
سليم: ”مار! تڏهن، مونکان پاسي ٿيڻ لاءِ آتي آهين؟ اَفسوس! تون نه جڏهن هتان هلي ويندينءَ، تڏهن هيءُ چنڊ جو هينئر ههڙو صاف پيو چمڪي سو هڪ ڪارنهن جو ڪڪر پيو نظر ايندو. اڃان گهڙي کن ته ترس. ڪا روح رهاڻ ته ڪر. پر پٺ وساري ته ڪين ڇڏيندينئَم؟“
مهرالنسا: ”وسارينديسانءِ ڪئن؟ بار بار پنهنجي پيار جو پرو ڏنو ٿي مانءِ، پر توکي اڃا اعتبار نٿو اچي. پاڻيهي پوءِ مجرايون ڏيندين.“
سليم: ”پياري مهرالنسا! تڏهن، مون کي هرگز نه وساريندينءِ؟“
مهرالنسا: ”ڇو ٿو اهڙا خيال ڪرين؟ پر هاڻ بهتر آهي ته جدا ٿيون؛ ڇو ته مانيءَ جي مهل اچي ٿي آهي ۽ سڀ منهنجي لاءِ پيا نهاريندا هوندا.“
سليم: ”اڃان سويل آهي. اَڌ ڪلاڪ کن مس رهاڻ ڪئي اٿيئي.“
مهرالنسا: ”پر انهيءَ اڌ ڪلاڪ اندر پنهن جو تن من توکي ارپي ڇڏيو اٿم.“
سليم: چڱو ڀلا، هاڻ خدا حافظ! وري الائي ڪڏهن ميڙائو ٿيندو؟“
مهرالنسا: ”جلد ئي، ۽ هميشه لاءِ، ڇو ته وري هرگز جدا نه ٿينداسين.“
سليم: ”هائو، جڏهن وري گڏباسين، تڏهن لڪ چوريءَ نه، پر کليو کلايو. هاڻ، خدا حافظ! “.(22)
ھن ناول ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ پلاٽ، ڪردار نگاري، منظر نگاري ۽ ٻولي اھڙي ته وڻندڙ، دلڪش ۽ اثر انداز نموني جي پيش ڪئي آھي جو پڙھندڙ ناول پڙھندي اھو محسوس ٿو ڪري ته اھي منظر اھي واقعا ۽ ڪردار وغيره روبرو پنھنجي اکين آڏو ڏسي رھيو آھي. سندس بيان جو انداز، عشق ۽ محبت جي حڪايت فنڪارانھ انداز ۾ پيش ڪيل آھي.
قاضي عبدالرزاق (1898-1941ع)
قاضي عبدالرزاق ميمڻ ولد عبدالسلام بنيادي طور تي مذھبي عالم، ماھر تعليم ۽ اديب ھو. سندس جنم نوشھرو فيروز ۾ ٿيو. پاڻ تعليم کاتي ۾ آفيسر ھو. سن 1923ع ۾ عبدالرزاق عبدالسلام، ناز هاءِ اسڪول خيرپور ميرس جو پرنسيپال مقرر ٿيو ۽ خيرپور رياست جو ڊائريڪٽر پبلڪ انسٽرڪشن (ڊي.پي.آءِ.) به ٿي رهيو. اسلامي موضوعن تي ڪيترائي ڪتاب لکيائين. سندس سڀ کان پهرئين تصنيف ”گـُـئٽي: هڪ جرمن شاعر ۽ ڊرامانويس“ آهي. گـُـئٽي، هڪ مشهور جرمن دانشور، شاعر ۽ ناٽڪ نويس ٿي گذريو آهي.
عبدالرزاق ميمڻ جو لکيل ناول ”جهان آرا“، سنڌي زبان ۽ ادب جو هڪ سٺو رومانوي ناول آهي. هيءُ ناول، سنڌي ٻوليءَ جي اصولڪن ناولن مان هڪ آهي، ۽ هيءُ ناول سڀ کان پهريائين 1931ع ۾ ڇپيو. تازو 2005ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي طرفان هن ڪتاب جو پندرهون ايڊيشن پڌرو ٿيو آهي. ھي ناول قديم دور جي بادشاھن واري پسمنظر ۾ آھي. ھي ناول جهان آرا ۽ جهان خان جي عشق تي مبني آھي. ناول ۾ ”جهان آرا“ ھيروئن آھي ۽ ھوءَ لطيف مالهيءَ جي ڌيءَ آھي. سندس سونھن چنڊ جهڙي آھي. سندس حسن ۽ جمال ڏسي عابد سندس نالو ”جهان آرا“ رکي ٿو. ”جهان آرا“ نون سالن جي عمر ۾ ”جهان خان“ سان کيڏي محبت ڪري ٿي. لطيف مالهي کيس جهان خان سان کيڏڻ کان منع ڪري ٿو. جهان آرا کي ته جهان خان جي عشق جي چڻنگ لڳي چڪي ھئي. ھوءَ ”جهان خان“ کان جدا ٿيڻ کان پوءِ معصوم محبت دل ۾ سانڍي برهه جي باهه ۾ جلي ٿي، پر شرم ۽ حياءَ جي واتان ٻڙڪ ٻاھر نه ٿي ڪڍي. انھي وڇوڙي جي درد ۾ بيمار ٿي پوي ٿي. گهڻا ئي حاذق، حڪيم، ويڄ، طبيب ۽ درويش گهرايا وڃن ٿا، پر ڦڪيون فرق نه ٿيون ڪن.
جڏھن جهان خان جي ڪنھن ٻي ھنڌان شاديءَ جي خبر پوي ٿي ته ويتر عشق جي باهه ڀڙڪو کائي ٿي. مرڻ وقت سندس وات مان جهان خان جو نالو نڪري ٿو ۽ راز ظاھر ٿئي ٿو. ٻئي طرف ”جهان خان“ رونق آباد جي بادشاهه جو پٽ آھي، جيڪو ھڪ فقير جي دعا سان ڄائو. اھو فقير بادشاهه جو ڀاءُ ھو، جنھن کي حامد بادشاهه سان ملايو. بادشاهه کيس سڃاڻي تخت جي آڇ ڪئي ھئي، پر ھن نه مڃيو ھو.
فني طور تي ناول ۾ ڪيتريون ئي خاميون آھن. سڀ کان اول ھي ناول گهٽ ۽ قصو وڌيڪ لڳي ٿو. ٻيو، ناول ۾ فقيرن ۽ درويشن جا ڪردار مافوق الفطرت پيش ڪيا ويا آھن. ٽيون، ناول ۾ جهان آرا جيڪا ھيروئن آھي، ان جي ڪردار کي جاندار نموني پيش نه ڪيو ويو آھي. چوٿون، ناول جي ھيرو جهان خان کي اڌ کان پوءِ متعارف ڪرايو ويو آھي.
پنجون، جهان آرا کي صرف نون سالن جي عمر ۾ عشق ۾ گرفتار ڏيکاريو ويو آھي. ڇھون، ناول ۾ وڏا وڏا غزل ۽ فارسي لفظن جو گهڻو تعداد ڏيئي ٻوليءَ کي مشڪل بنايو ويو آھي. ستون، ھن ناول ۾ ڪي اھڙيون ڳالهيون به ڏنيون ويون آھن جيڪي ان زماني سان نه ٿيون ٺھڪن. مثال طور حامد جو لان ۾ ويھي اخبار پڙھڻ ۽ داروغن جي دانھن تي سرورين جي مروڙ. اٺون، ڪيترن ئي ڪردارن جا نالا ئي نه ڏنا ويا آھن. مطلب ته ناول ۾ ڪيتريون خاميون آھن. ان جي برعڪس، سيرت نگاري، اخلاقيات، ايمانداري، وفا ۽ منظر نگاري ھن ناول جون خوبيون آھن.
لالچند امر ڏنومل جڳتياڻي (1885- 1954ع)
“لالچند امر ڏني مل جڳتياڻي جو جنم حيدرآباد ۾ ٿيو. لعلچند ادب جي هر صنف ۾ ڪتاب لکيا. پاڻ هڪ پختو، سليس ۽ سهڻي زبان لکندڙ ۽ ظرافت آميز عبارت جو صاحب هو.1 914ع ۾ لالچند امر ڏني مل جي “سنڌي ساهت سوسائٽي” طرفان ماهوار رسالن جي شروع ٿيڻ سان، جنهن سان افسانوي ادب ۾ تيزي آئي. لالچند نه صرف ڪهاڻيون ۽ ناٽڪ لکيا پر، هن ڪيترائي ناول لکيا به ۽ ترجما به ڪيا. هن جي ناولن ۾ ورهاڱي کان گهڻو اڳ جي سنڌ جي مڊل ڪلاس هندو سماج جي گهر گرهستيءَ جو عڪس آهن. ٻولي اها ئي ڪتب آندل آهي، جيڪا ان دور ۾ هندو سنڌي گهرن ۾ ڳالهائي ويندي هئي. لعلچند جيئن ته سنڌ جي ٻن وڏن شهرن حيدرآباد سنڌ ۽ ڪراچيءَ ۾ رهيو، تنهن ڪري سندس رچنائن ۾ پڻ شهري وايومنڊل ۽ ڪردار پيش ڪيل آهن. سندس رچنائن ۾ جيڪي نج محاورا ۽ چوڻيون استعمال ڪيل آهن، سي سنڌي ٻوليءَ جي شاهوڪاريءَ، مٺاس ۽ انساني نفسيات کي ظاهر ڪن ٿيون ۽ انهن رچنائن جي مجموعي بيهڪ ۽ ماحول سان ٺهڪن ٿيون. لالچند، هيٺيان ناول لکيا يا ترجمو ڪيا:
”چوٿ جو چنڊ يا ڀرم جي ڀلائي“، لال چند امرڏني مل جڳتياڻيءَ جو مشهور ناول آهي، جيڪو 1905ع کان ’سرسوتي‘ رسالي ۾ سلسليوار قسطن ۾ ڇپيو ۽ 1909ع ۾ ڪتابي صورت ۾ ڌار ڇپيو. هن ڪتاب جو ٻيو حصو 1947ع ۾ ڀارت جيون ساهتيه منڊل حيدرآباد ۾ ڇپيو.مهاڳ ۾ لکي ٿو: ”ڪتاب لکي تيار ڪيم ۽ ڪيترن سڄڻن کي ڏيکاريم تن مان گهڻن جي صلاح ٿي ته بيشڪ ڇپائينس پر ته به پئي ترسيس ته متان ڪو اهڙو اجايو، سجايو ۽ گٿو حرف وڌو هجيم، جو ڪن اشرافن اخلاق جي عشق ۾ سرگردان صاحبن کي نه وڻي ۽ ڪراهت کان قيءَ اچي وڃين“.(23)
هن ڪتاب جو پلاٽ رواجي آهي، ۽ مختلف سماجي، معاشي، جنسي ۽ ڀرم جي مسئلن کي پيش ڪيو ويو آهي، پر ليکڪ انهيءَ ۾ پنهنجي قلم وسيلي گهڻو چس پيدا ڪيو آهي. هن ناول ۾ ٻن ڪردارن موتي ۽ هيري جي روزمره جي زندگيءَ جي عڪاسي ڪئي وئي آهي. ان سلسلي م ڊاڪٽر چندو لعل لکيو آهي ته ”هن ناول جو وشي حم جنس پريم (Homo Sex) آهي. ناول ۾ ٻن ڇوڪرين جو پريم ڏيکاريو ويو آهي، جنهن زماني ۾ هي ناول لکيو ويو، تنهن زماني ۾ ڇوڪري ڇوڪري سان پيا ڪري، غير رواجي ڳالهه ڪا نه هئي“.(24)
هن ناول جو ٻيو اهم موضوع اهو به آهي ته ڀرم جو ڀوت ماڻهوءَ کي ڪيئن نه ڀٽڪائي ٿو. ناول جي آخر ۾ موتيءَ کي گهريلو تڪليفن ۾ گهيريل ڏيکاريو ويو آهي، جنهن جو هڪ سبب قرض آهي. موتيءَ جو چاچو به هن ناول ۾ هڪ ڪردار آهي، جيڪو موتيءَ جي پيءُ جي پيسا هڙپ ڪري ٿو وڃي. جتي ناول جو پلاٽ منجهيل آهي، اتي ناول هڪ خوبي شاندار منظر نگاري ۽ ٻولي آهي:
اوچتوئي اُن ٽاڻي اسان جي تازي مڱيل نوجوان جون اکيون وڃي اُڀ ۾ کتيون، ۽ ڏائي شڪل چنڊ تي نظر پئجي ويس... سندس ڳڀرو يار هن جو چهرو ڏسي، وائڙو ٿي ويو. ۽ ڳراٽڙي پائي، منهن ۾ نهاري، سڻڀي آواز پڇڻ لڳس: ڇو موتي، چپ ڪري ڀيڙيا اٿيئي! مون سان رٺو ته ڪين آهين؟ تنهن تي امالڪ هن کي ورندو ڀاڪر پائي، ورندي ڏنائين: هيرا! توسان ر...ٺو...! وات مان ٻيو ڪي اُڪليس ئي ڪين؛ جو هيٺئين چپ سندس ٽپ ٽپ لائي ڏني، ۽ بدن ۾ سياٽو وٺي ويس...
آسمان ۾ تارن جهرمر لائي ڏني، ۽ هنن ٻن پريتمن کي محبت ۾ مائل ڏسي ڄن مرڪيائون پئي. چنڊ تنهن ويل نظر ڪونه ٿي آيو. گهر پوري ڏهين بجي پهتا. انهي ڏينهن بڊي جي چوٿ هئي“.(25)
هن ناول جو نئون ڇاپو 1947 ۾ ”ڀارت جيون ساهت منڊل“ ڇپايو هو، جنهن ۾ لعلچند صاحب آکاڻيءَ کي سنواريو هو، ۽ ان جي منڍ ۾ اعلان ڪيو هئائين: ”ناول جي ٻئي ڀاڱي ۾ جنهن جي رٿا اڃا ڪلپنا جي سنسار مان نڪري، اکرن جا ويس وڳا پهري، پڌري تي نه آئي آهي، حياتيءَ وفا ڪئي ته اُنهيءَ ۾، ملڪ ۾ هيڏي جا سماجڪ ۽ سياسي اُٿل پٿل ٿي ويئي آهي، تنهنجا ڪي ڌڌڪي وارا وستار قلم بند ڪبا“.(26)
لعلچند امر ڏنيمل لکيل ناوليٽ ”ڪشنيءَ جو ڪشٽ“ 1917ع آوتراءِ روپچند منچنديا جي فرضي نالي سان شايع ٿيو هو. پڙهندڙن، ڏسندئي ٻڌايو ته هن ناول جي آکاڻي مسز هينري ووڊ جي Mrs. Haliburton’s Troubles تان ورتل آهي. ان سلسلي ۾ پروفيسر منگهارام ملڪاڻي لکيو آهي ته:”لعلچند امر ڏنيمل جي لنبي آکاڻي يا ننڍو ناول (ناولٽ) ”ڪشنيءَ جو ڪشٽ“ (1917)، لکيائين، پر انهن جي اصليت جي پڪ نٿي ٿئي، ۽ هڪ عالم جي دعويٰ آهي ته اها مسز هينري ووڊ جي ناولMrs. Haliburton’s Troubles تان ورتل آهي، توڻي ان جي جواب ۾ لعل چند اعتراض ورتو هو ته اُن آکاڻيءَ لکڻ تائين مون اهو انگريزي ناول پڙهيو ڪونه هو. منهنجي خيال ۾، اها ڪهاڻي فقط نالي بدلائڻ ڪري ڪونه پسند پئي، پر ڇو جو انهن جي عبارت کي استاد صاحب ڪي قدر سليس ۽ عام فهم بنايو هو، جيتوڻيڪ پاڻ هميشه دعويٰ ڪندو هو ته ”رواجي ٻوليءَ مان آءٌ ڄاڻان ئي ڪين“.(27)
لالچند امر ڏني مل جي“ ڪشنيءَ جو ڪشت” هڪ درد ناڪ ۽ دل ڀڄائيندڙ ناوليٽ آهي، جنهن ۾ سنڌي گهرو زندگيءَ جو هڪ خاڪو آهي.هي ناوليٽ، دراصل، ٻولي ۽ ڪردارنگاريءَ جي لحاظ لان لالچند جي ”چوٿ جي چنڊ، کان بهتر آهي. پر ٻنهي ناولن جي ڪهاڻيءَ ۾ ڪافي مشابهت آهي. هنن ٻنهي ناولن کي ڀيٽيندي هريش واسواڻيءَ لکيو آهي ته ”چوٿ جو چنڊ“ ۾ زندگي ائين آهي، جيئن جئبي آهي. ”ڪشنيءَ جو ڪشٽ“ ۾ اها ائين آهي، جيئن ليکڪ ان کي چٽڻ چاهيو آهي. ها هڪ دور جي سماجي زندگيءَ جا ڪي پهلو اڻ لکي نموني ان ۾ ضرور اچي ويا آهن. مٽن مائٽن جا رشتا ناتا، ڪپت، ٽڪائڻ، ٽرن، ڀاين، مهراجن جا ڪارج، اٿڻي ويهڻي وغيره“.(28)
“ڪشنيءَ جو ڪشٽ” ۾ لعلچند پهرين پئرا ۾ ئي محاراتي ۽ ٺيٺ سنڌي جو استعمال ڪيو آهي. ۽ سنڌي عورت جي ان وقت جي حالت جي بخوبي عڪاسي ڪئي آهي. مثال طور:
“هي ڀاڳ اولي به پٽ پيئي ته ماڻس سڻانچي ۾ ئي ڇلي رهي، جنهن ڪري بنهه نيپاج جو سک نصيب ڪونه ٿيس. وري جڏهن ساماڻي ۽ پرڻي ۽ ڌيءُ ۽ پٽ ڄڻيائين، تڏهن گهر وارث کي ڪنهن ڀوپيءَ ڏائڻ ٻيڙو وات وجهي ابتو پاراتو ڏنو جو هو ڪونڌر اوچتو مٺي جواني وٺي مٺي جڳاڻي مان لڏي ويو“.(29)
مسٽر آءِ. ايڊهر جرمن ۽ انگريزي زبانن جو اديب هو، سندس ناول Hearts of Gold’‘ جو ترجمو ”سون ورنيون دليون“ جي عنوان سان 1925ع ۾ لالچند امرڏنيمل ترجمو ڪيو. هي ناول ٻيلائي ماحول جي به ترجماني ڪري ٿو. هن ناول ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جن جون دليون صاف ۽ انساني همدرديءَ سان ڀريل هونديون آهن ، سي هميشه ڪامياب زندگي گذاريندا آهن. هن ناول جي پلاٽ ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته ”رٿ“ هڪ جرمن نوجوان ڇوڪري آهي ۽ هيلڊر نالي ڇوڪري سان محبت ڪري ٿي. لالچند امرڏنيمل جڳتياڻيءَ هن ڪتاب جي ترجمي لاءِ لکيو آهي ته:”مون هن کي سنڌي ويس هن لاءِ ڍڪايو جو ديس ڀائرن کي ڏيکاريا، جو سون ورني وارا جيو جتي ڪٿي ٿا ٿين“.(30)
هن ناول ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جن جون دليون صاف ۽ انساني همدرديءَ سان ڀريل هونديون آهن، سي هميشه ڪامياب زندگي گذارين ٿا. هن ناول جو بنياد جرمن معاشري جي ڪن اهڙن ماڻهن جي حسن سلوڪ تي مبني آهي، جن تي زماني جي نفسانفسيءَ جو ڪو اثر ڪونهي. هو پنهنجي سون جهڙين دلين ۾ هر ڪنهن سان پيار، محبت ۽ خلوص رکن ٿا. هن ناول جي پلاٽ ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته مسٽر رٿ سترهن سالن جي جرمن نوجوان ڇوڪري آهي، جيڪا برلن کان رواني ٿئي ٿي ۽ پنهنجي ماسيءَ وٽ هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ رهي ٿي. هو انتهائي فضيلت واري جرمن ڇوڪري آهي. اتي رهڻ دوران سندس ملاقات هيلڊر سان ٿئي ٿي جيڪو ٻيلي کاتي جو ملازم آهي. هو هڪٻئي کي پسند ڪرڻ لڳن ٿا ۽ مڱڻي ڪن ٿا. پر خيالن جي هم آهنگي نه هئڻ سبب، سندن مـڱڻي ٽٽي وڃي ٿي ۽ رٿ جي شادي آلڊينهوفر سان ٿي وڃي ٿي.لالچند امرڏني مل جڳتياڻيءَ جي ترجمي واري ٻولي انتهائي عام فهم، شاندار ۽ وڻندڙ آهي. نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
”ننڍي نيٽيءَ هيءَ جا سَهِمَ ڏنيس، تنهن تان جان تان چاهه ٿيس، ساڻس رهاڻ ڪريان، پر وري به هن جي ٿرڊ ڪلاس ۾ چڙهڻ پلَ وڌيس.
اتي ڪو گهوڙن ٿاٻو کاڌو، سو چڪي اونڌي ٿي، اچي ننڍي نيٽيءَ جي پلاند ۾ پيئي. پر هو مڙساڙو اڃا اُٿيوئي ڪين، تنهن کان اڳ، هن وري اُن کي ٿانئيڪو ڪري، ٺاهي رکيو.
هن ڏٺو جو هٿ به چڱا ڊولائتا اٿس! هينئر هيڪاري دل گهريس ته ڪيئن ساڻس ٻه – چار ڳالهيون ڪريان. پر انهي ارادي سان، پاڻ جيتوڻيڪ سندس ٿورو به مڃائين، ته به هن دوس ڪونه ڏنس“.(31)
لالچند امر ڏنيمل، اسپيني ناول نگار ڪارڊينل وائيزمين (1802-1865ع) جي انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيل ناول تان ”سچ تان صدقي“ جي عنوان سان ناول ترجمو ڪيو، جيڪو هن پاڻ 1940ع ۾ شايع ڪرايو. هن ناول ۾ قديم عيسائن جي ڪهاڻي بيان ٿيل آهي، جنهن ۾ هو پنهنجي مذهب جان جان کي صدقو ڪرڻ کي اعزاز سمجهن ٿا. ناول جي ڪهاڻي منجهيل بيان ڪيل آهي.
ان کان علاوه، ”پريم جو ٻل“ اي.ڊبليو ساوي جي انگريزي ناول تان ترجمو ڪيائين، جيڪو 1953ع ۾ شايع ٿيو. مطلب ته لالچند پنهنجي ناولن ۾ گهرو زندگيءَ جي مسئلن عورتن جي بيوسي ۽ سندن تڪليفن، گڏيل ڪٽنب جي مسئلن، زوري شادي ۽ سنڌي سماج جي ٻين مسئلن، غلط ريتن رسمن ۽ رواجن مان خراب نتيجا نڪرڻ وغيره کي خاص طور تي پيش ڪيو آهي.
ڀيرومل مهر چند آڏواڻي (1875 – 1950ع)
سنڌي ٻوليءَ جو مشهور اديب عالم، محقق ۽ فاضل ڀيرومل مهر چند آڏواڻي جي وجهه شهرت نالي وارو تاريخدان، ماهر لسانيات، گرامر نويس، مضمون نگار ، سفرناما نويس واري آهي، پر هو افسانوي ادب جي ميدان ۽ شاعريءَ ۾ پوئتي ڪو نه هو. ڪاڪو ڀيرومل ناول نگار، ناٽڪ نگار ، ڪهاڻيڪار ۽ مترجم هو. ڪيترائي ڪتاب لکيائين. جن جو تعداد 75 کان مٿي آهي. ان زماني ۾ افسانوي ادب نئون نئون سنڌي ادب ۾ رائج ٿي رهيو هو، ان ڪري هر اديب پنهنجي پنهنجي نموني موهي رهيو هو. شروعاتي دور ۾ ڀيرومل ڪيترائي ننڍن وڏن قصن جا ڪتاب لکيا، جن ۾ “حڪمتي ماجسٽريٽ”، “شيطان منجهان انسان”، “موتين جي مالها”، “ڏي ۽ وٺ”، هيري سندي هير“ (1918ع)، ڪُئن جي ڪانفرنس (1928ع) وغيره جا نالا وٺي سگهجن ٿا. 1914ع ۾ لعلچند امرڌني مل ”سنڌي ساهت سوسائٽي“ قائم ڪئي، جنهن هڪ رسالو به جاري ڪيو. هن ئي سال سنڌي ڪهاڻيءَ جي باقاعد شروعات ٿي، ان ئي سال ڀيرومل مهرچند جي مشهور ڪهاڻي ”پريم جو مهاتم“ شايع ٿي، جيڪا اخلاقي ۽ سماجي سکيا سان ڀرپور هئي. هيءَ هڪ 21 صفحن تي مبني ڊگهي ڪهاڻي آهي، جنهن جا ڪردار سماجي قدرن جي ترجماني ڪن ٿا. پريم جو مهاتم ۾ نيڪ انساني سڀاءَ تي پنهنجا ويچار ڪندي ڀيرومل آڏواڻي صاحب لکيو آهي ته:
”ڪن ماڻهن جو اهڙو عمدو سڀاءُ ٿيندو آهي، جو سڀ ڪنهن ڳالهه ۾ حڪمت سمجهندا آهن.... اهڙو ڪو سورج سدائين سندن چت جي چوڌاري پيو چمڪ، جو سندن اندر ٻارهو ئي پيو مهڪي ۽ جيڏانهن به نيڻ کڻي ٿا نهارين تيڏانهن نور کان سواءِ ٻيو ڪو به نگاهه ۾ نه ٿو اچين“.(32)
ڪجهه محققن هن ڪهاڻيءَ کي ناوليٽ طور به لکيو آهي. هيءَ آکاڻي پڙهندڙن کي ايتري ته پسند آئي جو سنڌي ساهت سوسائٽي وارن ٻيهر ۽ ٽيهر شايع ڪئي هئي. ڀيرومل جي نه صرف سماجي موضوعن تي ناول لکيا، پر انهن ۾ ان دور جي عوامي سطحي تي پسند جي موضوعن جهڙوڪ جاسوسي ڪهاڻين کي ناول ۾ شامل ڪيو . ڪيترن ئي اديبن لکيو آهي ته ڀيرومل مهرچند آڏواڻي پهريون سنڌي اديب هو، جنهن سنڌي ناول نگاريءَ ۾ نئون تجربو ڪيو ۽ ساڳي ڪهاڻيءَ جي تسلسل ۾ ٽي ناول :”آنند سندريڪا“ (1910ع) ، ”وريل نعمت“ (1915ع)، ۽ ”موهني ٻائي“ (1917ع) لکيا، جن ۾ ڪردارن جو تسلسل ڏيکاريل آهي. پر حقيقت اها آهي ته انهن ناولن پڙهڻ کان پوءِ معلوم ٿئي ٿو اهڙي ڪا به ڳالهه نه آهي، اهي ٽئي ناول، ڪهاڻي، ڪردارن ۽ ماحول جي ڪري هڪ ٻئي کان الڳ آهن، صرف آنند سندريڪا ۽ موهني ٻائي ۾ ٿوري گهڻي مماثلت آهي. ڪاڪي ڀيرومل جي ناولن جو مختصر احوال ڏجي ٿو:
ڪاڪي ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ جو پهريون اصلوڪو ناول 1910ع ۾ ”آنند سندريڪا“ جي نالي سان شايع ٿيو. هيءُ هڪ سماجي ناول آهي، جنهن جي ڪهاڻيءَ ۾ ڏک ئي ڏک آهن. هن ناول جي هيروئن سندريڪا ۽ هيرو آنند آهن. سندريڪا هڪ با اخلاق، پڙهيل ۽ سلجهيل خاتون آهي، جڏهن ته آنند هڪ بد اخلاق ۽ عياش مڙس آهي. هن ناول ۾ اهم مسئلو، جيڪو ان دور جي هندو سنڌي خاندانن ۾ عام هو ۽ ادب جو موضوع پڻ هو، اهو هو ڏيتي ليتي واري رسم ۽ مردن جي جيئري تي جيئري شادي ڪرڻ واري مسئلي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪرڻ هئي. ڀيرومل مهرچند، هن ناول ۾ اهڙن آدرشي ۽ مثالي شخصيتن کي اڀاري پيش ڪيو آهي، جيڪي سماجي قدرن ۽ اخلاقي اصولن جي حمايت ڪن ٿا. ان سلسلي ۾ ناول جي پيش لفظ ۾ ڀيرومل پاڻ کي لکيو آهي ته
”هن قصي کي پيش ڪرڻ جو مطلب آهي ته اهي ڏک ڀريون ڳالهيون پڙهي اسان جي ڀائرن ۾ ڪا رت جي رتي پيدا ڪن، ته ابلائن سان جيڪي وئل ڏيتي ليتي ۽ مردن جي جيئري تي جيئري شادي ڪري وهن ٿا، تن کي بند ڪرائڻ لاءِ ڪي اپاءَ ڪن“.(33)
”موهني ٻائي“ دراصل ”آنند سندريڪا“ جو ٻيو حصو آهي. ناول جو هي حصو 1917ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ ڏيتي ليتي، جيئري تي جيئري شاديءَ جي بدعتن ۽ عورتن جي تعليم ۽ ٻين گهريلو مسئلن کي پيش ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ زال کي ڪمائڻ جي سکيا، گهرو ڪفايت، اجاين خرچن ۾ بچت، ۽ هندو مسلم ڀائيچاري جي رجحان جهڙا موضوع اچي وڃن ٿا. هن ناول لاءِ هري ٺڪر لکيو آهي ته ”اڄ کان ڪيترائي سال اڳ ۾، ليکڪ استري پرش جي برابري ڀرين اڌڪار بابت موهني ٻائي جي سوچ جي ماڌيم سان جيڪي ويچار ظاهر ڪيا آهن، سي اڄ جي سڀيه سماج لاءِ به رشڪ جو باعث ٿي سگهن ٿا“.(34)
هي سماجي ناول آهي، جنھن ۾ عورت جي تعليم جي حد مقرر ڪرڻ جي تلقين ڪئي وئي آهي ۽ سندس شادي هڪ ڪاروبار جيان ڏيکاريل آهي، سڱاوتيءَ جي دوران پئسن جي ڏي وٺ جو ذڪر آهي ۽ ڇوڪريءَ جي سونھن کي سندس سيرت ۽ قابليت تي فوقيت ڏيڻ تي به بحث ٿيل آهي. هن ناول جو ڪردار موهني پنھنجين سوچن ۾ بلڪل واضح موقف رکندڙ آهي، هوءَ ڌرم تي به تنقيدي سوچ ٿي رکي. ناول ڀيرمل لکيو آهي ته:
”اسان جي زالن کي ملڪ جي رواج موجب رڳو ايتريقدر علم ڏيڻ گهرجي، جنھن مان هو گهر جا، قوم جا فرض چڱيءَ طرح سمجهه سان بجا آڻي سگهن. انهيءَ مراد حاصل ڪرڻ لاءِ پھرين ڌرمي سکيا ڏيڻ گهرجي، هنن کي اها مڃتا ڏيڻ گهرجي، جنھن مان هو گهر جو ڪارخانو سمجهه سان هلائي سگهن“.(35)
سماج ۾ عورت جي آزاديءَ کي مختلف زاوين سان پيش ڪيو ٿو وڃي، سماجي قاعدا عورت جي آزاديءَ کي پسند نه ٿا ڪن، ان لاءِ عورت جي تعليم تي به اعتراض ڪيل آهي.
ڪاڪي ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ ٻن ڀاڱن ۾ ”وريل ۽ نعمت“ ناول لکيو، جنهن جو پهريون ڀاڱو 1915ع ۾ ۽ ٻيو ڀاڱو 1916ع ۾ سنڌي ساهتيه سوسائٽي شايع ڪرايو. هن جي ڇپائي ڪراچي پرنٽنگ ورڪس ڪئي.”وريل ۽ نعمت“ هن جو لکيل بلڪل اصلوڪو ناول آهي. هن ڪنهن حد تائين جاسوسي ناول لاءِ چيو ويو ته اهو مسلمانڪي زندگيءَ جي ترجماني ڪري ٿو. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي، ”سنڌي نثر جي تاريخ“ ۾ لکي ٿو ته:” 1915ع ۾ ڀيرومل صاحب ”وريل ۽ نعمت“ لکيو هو جو مسلمانڪي زندگيءَ ۾ بهاريل هڪ جاسوسي ناول هو ۽ 1946ع ۾ ايم آر مائيداساڻيءَ ”جاسوس“ نالي سان ٻيهر ڇپايو هو. دراصل 1915 ۽ 1916ع ۾ نڪتل هن جاسوسي سيريل ۾ ڪجهه ڪردار مسلمان آهن ته ڪجهه هندو به آهن وريل مل ۽ نعمت راءِ به جاسوس آهن. ناول پڙهڻ بعد پتو پوي ٿو ته هن ناول لاءِ هيءُ چوڻ درست نه آهي ته مسلمانڪي زندگيءَ ۾ بهاريل ناول آهي“.(36)جڏهن ته محترم هيري ٺڪر لکيو آهي ته ”هن ۾ هڪ ديسي جاسوس وريل مل جو ڪردار خلقيو آهي. نعمت يا نعمتراءِ جن جو دوست آهي. هن قصي ۾ ڀيرومل صاحب حسيه، رومانچ ۽ انتظاري وارا عناصر خوبيءَ سان آندا آهن. هڪ خون جو معاملو پيش ڪري، ان پٺيان راز کي ٺهه پهه ويهي کوليو آهي“.(37)
ناول جي آکاڻي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هيمور شهر ۾ بنگل خان نالي هڪ غريب شخص رهندو هو، هن کي ٻه ٻار الهداد پٽ ۽ ساران نياڻي هئا. ملڪ ۾ اچي ڏڪر پيو، سو ٻار ٻچا وٺي گهر کان نڪري پيو، دڳ تي سندس گهرواري گذاري وڃي ٿي، ۽ هو هڪ رڻ ۾ بک ۽ اڃ تي ڦاسي پون ٿا. اتان سردار تلسي داس جي ڪافلو لانگاهون ٿئي ٿو، جيڪو کين ماني ۽ پاڻي ڏئي پاڻ سان ٻيلي ۾ هڪ آستان تي وٺي آيو ۽ هو اتي ئي رهڻ لڳا. ساران جڏهن جوان ٿي ته سندس حسن جي هاڪ سڄي ٻيلي ۾ مشهور ٿي وئي. ڇوڪريءَ جو عشق ولي محمد سان ٿي ويو، ان خبر پوڻ تي سردار تلسي داس، بنگل خان کان ڇوڪريءَ جو سڱ گهريو. اها ڳالهه ٻڌي بنگل خان ، ولي محمد جي مدد سان رات جو رات ۾ ٻيلي مان ڀڃي نڪتا، پر واٽ سڄ ۽ سڄ هئڻ ڪري کين تمام گهڻي اڄ لڳي. ولي محمد ۽ الهداد پاڻي جي تلاش ۾ نڪري وڃن ٿا. جڏهن واپس وري اچن ٿا ته ڏسن ته بنگل خان سڙيو خاڪ ٿيو پيو آهي ۽ ساران جو ناڻءُ نشان ئي ڪونهي. هوڏانهن ساران به پيءُ جي مرڻ کان پوءِ، ولي محمد ۽ الهداد جي تلاش ۾ موت جو شڪار ٿي چڪي هئي. ولي محمد ڏٺو ته ساران ۽ بنگل جو موت هيرجيءَ ۽ نرسيءَ جهڙن شيطان طبعيت انسانن جي ڪري ٿيو آهي، انهن کان پلئه وٺڻ خاطر آنند پور آيو ۽ ٻنهي جو انت آندائين. پوليس کيس گرفتار ڪرڻ جي ڪافي ڪوشش ڪئي، پر ناڪام ٿيا، ان صورت ۾ هنن جاسوس وريلمل جي مدد ورتي. وريلمل پنهنجي چالاڪي ۽ حرفت جي ڪري مشهور هو، هن بل آخر ولي محمد کي گرفتار ڪرايو.
هن ناول ۾ ڪاڪي ڀيرومل جي ٻولي، گفتگو، فطرت نگاري به شاندار آهي. هتي سپاهي ۽ وريلمل جي گفتگو جو نمونو ڏجي ٿو:
وريل: بت تي ڪپڙا ڪهڙا هوس؟
سپاهي: هڪ لباتو چڙهيل هوس، ٻيو ته خدا ڄاڻي ڇا هوس.
وريل: بس بس ! مون کي پڇڻو ئي ايترو هو. چهبوڪ هوس؟
سپاهي: چهبوڪ ڇاجو. هو مست فقير هو ۽ ائين نه سمجهو ته ڪو خوني هو. چورن ۽ لچن لفنگن کي سهي ڪرڻ جا اسان به استاد آهيون. نيٺ ته پوليس جا ماڻهو آهيون“.(38)
هن ناول کي غور سان پڙهڻ کان پوءِ ان نتيجي تي پهچڻ ۾ سمجهه اچي ٿو ته ناول ۾ وريل ۽ نعمت جا ڪرادر بلڪل ڪمزور آهن، نعمتراءِ جو ڪردار ته بلڪل بي معنيٰ آهي، جڏهن ته ناول جو هيرو ولي محمد ۽ هيروئن ساران آهن، جيڪي ناول جي پوري ڪهاڻي تي حاوي آهن. خبر نه ٿي پوي ته ڪاڪي ڀيرومل ڇو اصل ڪردارن کي ڇڏي وڃي مدد ڪردارن جي نالي سان ناول جو نالو رکيو.
ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ، آمريڪي ناول نگار مسز هئر ايلزبيٿ بيچر اسٽو (1811-1886ع جي لکيل ناول Uncle Tom’s Cabin کي سنڌي ۾ ”گولن جا گوندر“ جي نالي سان 1926ع ۾ ترجمو ڪيو. هي ناول آفريڪي غلامن تي لکيل آهي، جيڪي غلام بڻجي آمريڪا ايندا هئا ۽ ٽڪي بها اميرن وٽ وڪرو ٿيندا هئا. ليکڪ ڪيترن ئي سال تائين ڪارن آفريڪي ماڻهن جي بحالي لاءِ پاڻ پتوڙيو هو. هن هي ناول لکي آمريڪا ۾ غلامي جي خاتمي ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. ”گولن جا گوندر“ ۾ اصلوڪي انگريزي ويچارن، احساسن ۽ امنگن کي بياني عبارت ۾ سنڌي اصطلاحن ۽ پهاڪن ڀري سهڻي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو آهي. هن ناول ۾ مترجم لکيو آهي ته:
”اڳي دنيا جي ڪيترن ڀاڱن ۾ ٻانهن جو واپار هلندو هو، ڪيترن غلامن سان اهڙيون تعديون ٿينديون هيون، جو رکي ڌڻي پناهه ۾، اهو انڌير آمريڪا ۾ به هو، سن 1850ع ۾ آمريڪا سرڪار ڇوڪرن غلامن لاءِ هڪ سخت قاعدو جاري ڪيو. انهيءَ قهر جي قاعدي سبب هڪ رحمدل ميڊم هئر ايلزبيٿ بيچر اسٽو هڪ ڪتاب 1882ع ۾ لکيو، جو ”انڪل ٽامز ڪئبن“ جي نالي سان مشهور ٿيو“.(39)
ترجمن جي سلسلي ۾ هڪ ٻيو اهم ناول ، ”طلسم“ (Talisman) آهي، جيڪو سر والٽر اسڪاٽ جو لکيل هو. ”طلسم“ ناول لاءِ چيو وڃي ٿو ته ان جون شروعاتي قسطون ساڌو هيرانند ترجمو ڪري “سرسوتي” ۾ شايع ڪرايون. بعد ۾ سندس اوچتي ديهانت ڪري، ڀيرو مل مهرچند مڪمل ترجمو ڪري 1927ع ۾ ڇپرايو. سنڌي ادبي بورڊ طرفان 1983ع ۾ پنجون دفعو شايع ٿي چڪو آهي. حقيقت هي آهي ته ”غازي صلاح الدين عرف طلسم“ ان دور جي هڪ تعليمدان بولچند ڪوڏومل جو ترجمو ڪيو هو. بولچند ڪوڏومل جڳتياڻي هڪ پڙهيل لکيل شخص هو.1884ع ۾ الفسٽن ڪاليج، بمبئي مان گريجوئشن ڪيائين. تعليم کاتي ۾ نوڪري ڪيائين.شڪارپور جي هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر به رهيو. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي پنهنجي ڪتاب ”سنڌي نثر جي تاريخ“ ۾ هن ناول لاءِ لکي ٿو ته ”تازو سنڌي نثر جي بزرگ استاد ديوان ڏيارام وسڻ مل کان معلوم ٿيو ته طلسم جو پھريون حصو ساڌو ھيرانند جو ترجمو ڪيل ڪونه ھو. سندس نالو ڏنل به نه ھو. اھڙي پڌرائي پرمانند ميوا رام ۽ ديوان پرڀداس شيوڪ رام جوت اخبار ۾ ڪئي ته سنڌيءَ جي ھڪ ٻئي اوائلي عالم بولچند ڪوڏومل جو ترجمو ڪيل ھو. ڀيرومل، مخزن جو مھتمم ساڌو ھيرانند جي ھجڻ ڪري، ان جو سمجھيو ۽ ساڌوءَ جي نالي ۾ ڇپايائين“.(40)
جيئن مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي ته ”طلسم“ جو موضوع صليبي جنگيون آھي. عيسائي حڪمران رچرڊ ۽ سلطان صلاح الدين ايوبيءَ جا معرڪا، رچرڊ جي بيماري ۽ ٻيون سازشون ھن ناول جي ڪھاڻي بنائين ٿيون. ٻيا ڪردار راڻي، ضحاڪ شيدي، ايڊٿ ۽ سر ڪينٿ آھن. ھي ناول نهايت وڻندڙ ۽ سليس زبان ۾ ترجمو ڪيل آھي ۽ عاري نثر ۾ آھي. ھڪ اڌ پئرا مقفيٰ نثر ۾ به آھي. ڪتاب ۾ مهاڪا ۽ چوڻيون سنڌي ماحول مان کنيو ويون آهن. ڪتاب مان نثر جا ڪي نمونا هيٺ ڏجن ٿا:
”فرانس ۽ انگلينڊ اڳيئي پاڻ ۾ چانڊيا مگسي هئا“.
”اوهان جهڙا بهادر ڦڏا ٺڪر ٿي ويٺا آهن، ته پوءِ اسان غريبن کي ڳيهڻ ، هن لاءِ ڇو ڪين آسان ٿيندو.“
مارڪش سمجهيو ته هاڻ ته سوسڙي دکي ، سوهوڙ مان تڳي ڀڄي ويو، جو پاڻ کي ڏٺو ڪرئڻو ڪو نه هوس.
”نه ڪنهن جي کٿيءَ هٿ لائجي ، نه پنهنجو پن ڦڙائجي“.
مڙيا سي جڙيا“. هڪڙو چئي ٻيو مڃي ، تنهن جو پورهيو ڍڻي نه ڀڃي“.(41)
سيرومل کيئلداس سنگراڻي (1869-1911ع)
مکي سيرومل کيئلداس سنگراڻي جو جنم نواب شاهه ضلعي ۾ ٿيو. سندس باري ۾ ڀيرومل مهرچند لکيو آهي ته ”مکي سيرومل، مکي لوڪرامداس وليرام جي ڪوٺيءَ تي، پنهنجي چاچي مکي نارائڻداس سان گڏ هو. ڪيترو وقت نوابشاهه جي زمينداري تي پنهنجي نالي اڏايل ڳوٺ ٽنڊو سيرو ۾ رهندو هو. سندس سنڌيءَ ۾ لکيل ڪتاب ”چندر ڪانتا“ ۽ ”سورج ڪانتا“ مشهور آهن“.(1)هو بنيادي طور زميندار هو ۽ شوقيه صحافت ۽ جاسوسي ناول لکندو هو. ڪيترائي ننڍا ۽ وڏا ناول لکيا يا ترجمو ڪيائين، جن ۾ اڪثر جاسوسي ناول هئا. هن کي جيڪڏهن سنڌي جاسوسي ناولن جو باني چئجي ته وڌاءُ ڪو نه ٿيندو.
1910 ڌاري، حيدرآباد ۾ مکي سيرومل کيئلداس سنگراڻيءَ 28 ڀاڱن ۾ هڪ جاسوسي ناول ”هردل عزيز عرف چندر ڪانتا سنتتي“، هندي ناول نگار ديوڪي نندن کتريءَ جي مشهور ناول تان ترجمو ڪيو، جيڪو ٻن هفتن جي وقفي سان وديا ساگر پريس، حيدرآباد شايع ڪندو هو. هن ناول لاءِ پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ لکي ٿو ته ”هيءَ ناول عياريءَ ۽ طلسم بازيءَ جي عجائب ۽ اڌڀت ڪاررواين سان ٽمٽار هو، ۽ عام پڙهندڙن ۾ ايترو اتساهه پيدا ڪيو هئائين، جو ٻي ٻي هفتي جڏهن ان جو نئون ڀاڱو نڪرندو هو، تڏهن پرينءَ بزار ۾ مکي صاحب جي پريس ٻاهران، ڪٿا نه ڪٿان اٺ آنا پٽي سٽي وڃي ڳاهٽ ٿيندا هئاسون. هيءَ ناول گرما گرم نانختاين وانگر اهڙو ته وڪاڻو“.(42)
سيرومل کيئلداس سنگراڻي ساڳئي سلسلي کي قائم رکندي ”ڀوتناٿ جي جيوني“ جا 24 ڀاڱا ڪڍيا. هنن ناولن ۾ جيتوڻيڪ ناشندني ۽ سندس سنسنيءَ وارا هزارين واقعا ۽ حادثا آندل هئا، تنهن هوندي به منجهس آکاڻيءَ جو سلسلو نهايت ڪاريگريءَ سان بهاريل هو ۽ رٿا جي ايڪتا پڻ پوري رکيل هئي. منجهن ادبي لياقت اها هئي جو ڪن ڪردارن- مردن خواهه زالن- جون شخصيتون اهڙيون ته چتيون اڀاريل هيون جو اهي وسرڻ جا نه آهن ۽ مثالي ڪردار بنجي پيا آهن. مثلن:ٽيج سنگ ۽ ڀوتناٿ، ڪملني ۽ مايا راڻي، جيتوڻيڪ خيالي پرش ۽ ناريون آهن، ته به شيڪسپيئر ۽ ڊڪنس جي ڪن ڪردارن وانگر امر ٿي پيا آهن.
مکي سيرومل، پهريون لکندڙ هو جنهن ڪيترائي سولا ۽ سهڻا هندي لفظ سنڌي ٻوليءَ ۾ مروج ڪري ڇڏيا ۽ ان جو خزانو وڌايو. تنهن کان اڳ سنڌ ۾ فارسي ۽ عربي لفظن ڪم آڻڻ کي اسين علميت جي نشاني سمجهندا هئاسون ۽ هندي اکرن ڏانهن پورو ڌيان نه ڏيندا هئاسون. پر منجهن خاص ادبي خامي اها آهي جو بيهڪ جون نشانون بنهه عدم پيدا يا غلط آهن ”هر دل عزيز“ جي پنجيويهين ڀاڱي مان مکي صاحب جي لکڻيءَ جو نمونو هن ريت آهي:
”پڙهندڙ مهاشيه! توهان کي هن اپنياس پڙهڻ مان معلوم ٿيو هوندو ته ’هاڻي هيءَ اپنياس سماپتيءَ جي طرف هليو ٿو وڃي‘...... هن اپنياس ۾ جيڪي طلسمي ڳالهيون لکيليون آهن جيتوڻيڪ اهي ناممڪن نه آهن ۽ وگيان ويتا يا سائنس ڄاڻڻ وارا ضرور چوندا’ها اهڙيون شيون تيار ٿي سگهن ٿيون‘ تنهن هوندي به گهڻا اڻ ڄاڻ ماڻهو اهڙا آهن جو هنکي بلڪل کيل ئي کيل سمجهن ٿا ۽ ڪيترائي هن جي ديکا ديکيءَ پنهنجن لکيلن انوکن ڪتابن ۾ ناممڪن ڳالهيون لکي طلسم جي نالي کي بدنام ڪرڻ لڳي ويا آهن انهيءَ ڪري منهنجو ڌيان هاڻي طلسم لکڻ جي طرف نٿو جهڪي پر ڇا ڪيو وڃي لاچاري آهي هڪ ته پڙهندڙ جي رچيءَ جي طرف ڌيان ڏيڻو ٿو پوي ٻيو چنارگيه جي چبوتري واري طلسم جي ڪيفيت لکئي بنا ڪم نٿو هلي جنهن کي هن اپنياس جو بنياد چوڻ گهرجي جنهن جي لاءِ چندر ڪانتا جي قصي ۾ واعدو ڪري چڪو آهيان تنهن ڪري هاڻي هن هنڌ چنار گيه چبوتري واري طلسم جي ڪيفيت لکي انهي پکيه کي پورو ڪريان ٿو. انهي کانپوءِ ٻنهي ڪمارن جي شاديءَ ۽ قيدين جي مقدمي طرف ڌيان ڏيئي هيءُ اپنياس پورو ڪندس“.(43)
انگريزي ناول نويس Reynolds، جنهن جي ڪتابن تي بداخلاقيءَ جو الزام لڳايو ويندو آهي تنهنجي هڪ ناول Leiha of Star of Mingelia جو ترجمو مکي سيرومل”ستاري منگريلا“جي نالي سان 1915ع ڌاري ڪيو هو، جيڪو ڪوهه ڪاف جي پسگردائيءَ بابت هڪ روماني ناول هو.
نانڪرام ڌرمداس ميرچنداڻي ( 1876- 1946ع)
نانڪرام ولد ڌرمداس ميرچنداڻي جو جنم حيدرآباد ۾ ٿيو. هو نولراءِ اڪيڊميءَ ۾ انگريزي جو استاد هو. بهترين ڪهاڻيڪار، ناول نگار، ۽ مترجم هو. سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن. سندس اڪثر ناول انگريزي ٻوليءَ تان ترجمو ٿيل آهن. هن پڙهندڙن جي پسند مطابق جاسوسي ناول به ترجمو ڪيا ۽ ان دور جي رجحان مطابق ڪي ناول الٿو به ڪيا. سندس ڪجهه ناولن جو مختصر جائزو هتي ڏجي ٿو:
نانڪرام ڌرمداس، مشهور فرانسي ناول نويس Dumas جي Count of Monte Cristo جو اختصار ”حسد جي هاڃ“نالي ننڍي ناول ۾، پنهنجي موزون عبارت ۾ ڏنو. هي ناول حيدرآباد اسٽينڊر پريس مان 1912ع ۾ شايع ٿيو ۽ ان ۾ 146 صفحا ڏنل هئا. ايلنگزينڊر ڊوما (1802-1870ع) فرانسيسي زبان جو مشهور ناول نگار آهي ۽ سندس Count of Monte Cristo انتهائي مشهور ناول آهي. هي ناول مورسف ۽ مانٽي ڪرسٽو ٻيٽ جي دوستيءَ مان اڀريل دشمنيءَ تي مبني آهي. مانٽي ڪرسٽو، جڏهن 29 سالن جو هو تڏهن، ڪنهن فرانسي جهاز تي فرسٽ مين جي حيثيت سان ڪم ڪندو هو ۽ سندس نالو ايڊمنڊ دانتي هو ۽ هو ڪيئٽلن نالي ڇوڪريءَ سان محبت ڪندو هو، ان ڇوڪريءَ جو نالو مرسيديز هو (جيڪا بعد ۾ ڪائونٽيس آف مورسرف جي نالي سان مشهور ٿي). جڏهن هنن جي شاديءَ جي تياري ڌوم ڌام ٿي رهي هئي، تڏهن فارنالڊ نالي شخص منصوبو ڪري شادي روڪرائي ڇڏي. هن دراصل حڪومت کي اطلاع ڏنو ته هڪ شخص ايڊمنڊ دانتي جاسوس آهي ۽ فرانس جي جلاوطن ٿيل شهنشا نيپولن سان تعلق رکي ٿو. اهڙي اطلاع، پوليس کيس گرفتار ڪري زير زمين جيل ۾ بنا ڪيس هلائڻ جي موڪليو وڃي ٿو. هن کي اڳتي هلي ٻڌايو وڃي ٿو ته بغاوت جي ڪيس ۾ کيس عمر قيد جي سزا ڏني وئي آهي. ٻئي طرف سندس مرسيديز کي ٻڌايو وڃي ٿو ته ايڊمنڊ دانتي مسافري دوران مري ويو. هو ٻي واهه نه ڏسندي فارنالڊ سان شادي ڪري ڇڏي ٿي. بهرحال، ايڊمنڊ دانتي جيل مان نه صرف ڀڃي نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو، اتان هڪ خزانو حاصل ڪري امير ٿي وڃي ٿو ۽ ڪائونٽ آف مانٽي ڪرسٽو جي نالي سان مشهور ٿئي ٿو. ۽ پنهنجي سڀني دشمنن کان بدلو وٺي ٿو. ناول ۾ سسپينس، جاسوسي عنصر آهن، جن سان نانڪرام ڌرمداس سٺي نموني نڀايو آهي.
فريڊرڪ وليم فرار جي ناول Eric, or Little by Little جو هڪ ٻيو ترجمو نانڪرام ڌرمدادس ميرچنداڻي ۾ ”نازڪ گلڙا“ جي نالي سان الٿو ڪيو، جيڪو سکر واري پبلشر هري سنگهه 1929ع ۾ شايع ڪيو هو . هن اصل ڪردارن ، ماحول ۽ پسمنظر کي سنڌ جي تعليمي حالتن سان ٺهڪائڻ جي ڪوشش ڪئي. پر ترجمي جي خوبين ۽ ٻوليءَ جي استعمال جي حساب سان مرزا قليچ بيگ جي ترجمي جي برابر نه هو. هن ناول ۾ شاگردن جي تعيلم ۽ هلت چلت جي سڌاري لاءِ توڙي مائٽن جي فائدي لاءِ ڪمائتا ويچار ڏنل آهن.
مشهور ناول نگار، ڊراما نويس ۽ مترجم نانڪرام ڌرمداس، ميري ڪوريلي جي ناولن جي خاص مطالعو ڪيو هو. هن ميري ڪوريلي جي ناول Vendetta!; Or, the Story of One Forgotten کي”فريبي فتنو“جي نالي سان ترجمو ڪري ڊرامائي روپ ڏنو. هن ناٽڪ کي ايمچوئر ڊريميٽڪ سوسائٽي، حيدرآباد طرفان 1915ع ۾ شايع ٿيو. ميري ڪوريليءَ جو اصل ناول 1886ع ۾ شايع ٿيو هو، جنهن ۾ ڪالرا جي وبا ڦهلجڻ ۽ ان مان هزارن ماڻهن جي موت جي ڪهاڻي ڏنل آهي. نانڪرام ڌرمداس، هن ناٽڪ کي دراصل الٿو ڪيو ۽ سنڌ ۾ پليگ جي ڦهليل وبا جي حوالي سان پيش ڪيو.
مشهور ناول نگار، ڊراما نويس ۽ مترجم نانڪرام ڌرمداس، ميري ڪوريلي (1924-1855) جي ناول Thelma کي ”ڪشميري ڦول“ جي نالي سان 1944ع ۾ ترجمو ڪيو ، جيڪو ڀارت جيون رسالي ۾ شايع ٿيو. ميري ڪوريليءَ جو اصل ناول Thelma 1887ع ۾ شايع ٿيو ۽ ميري ڪوريلي جي سڀني ناولن مان وڌيڪ مشهور ماڻي هئي. هن ناول کي نانڪرام ڏيهي ماحول ڏيئي ترجمو ڪيو. هي ناول هڪ معصوم ڇوڪريءَ جي ڪهاڻي آهي. جيڪا وڏي خاندانن جي اميرن جي حوس جو شڪار ٿئي ٿي. ان ڪري هن ناول کي اعليٰ معاشري جو ناول پڻ چيو ويندو آهي. هن ناول ۾ ليکڪ اعليٰ خاندانن جي هٿرادو ڪوڙين ريتن رسمن تي سخت ٺٺولي ڪئي آهي. هي هڪ طنزيه ناول آهي.
نانڪرام ڌرمداس، انگريزي ٻوليءَ جي ليکڪ وليم .ايم ٿير جي From Log Cabin to White House تان ”لٽ تان پٽ تي“ جي نالي سان ترجمو ڪيو. هي ناول آڳوڻي آمريڪي صرد ابراهم لنڪن جي زندگيءَ تي آڌاريل آهي. هن ناول ۾ ڏيکاريل آهي ته ڪيئن هڪ مسڪين ماڻهو سڌري محنت ڪري آمريڪا جو نالي وارو صدر ٿئي ٿو. ياد رهي ته هن ناول جو مرزا قليچ بيگ به ڪيو هو. نانڪرام ڌرمداس ميرچنداڻيءَ جو رومانوي ناول ”آدرشي ناري“ڪوڙي مل، سنڌي ساهتيه منڊل طرفان، نئشنل پرنٽنگ ورڪس، حيدرآباد مان 1926ع ۾ ڇپيو. هن ناول ۾ آدرشي آريه ناريءَ جا گڻ بيان ڪيل آهن. نانڪرام ڌرمداس ميرچنداڻيءَ جو ٻيو رومانوي ناول ”آرام محل“ڀارت جيون ساهتيه منڊل طرفان 1926ع ۾ شايع ٿيو.
نانڪرام بيشمار جاسوسي ڪهاڻيون، ڊراما ۽ ناول لکيا ۽ ترجمو ڪيا، جن ۾ ”حسد جي هاڃ“ (فرانسي ناول نگار Dumas جي Dumas جو ترجمو، 1912ع)، ”غيبي خزانو“، ”شريف ڊاڪو ۽ فولادي خنجر“ (چار ڀاڱا)، ”امير ڊاڪو ۽ نازنين چور“ ( ٻه ڀاڱا 1925ع)، ”فرينچ ڊاڪو ۽ ڪهري ڪاغذ“ (1925ع)، ”ڪرامتي نيلم“ (1925ع)، ”جينٽمين ڊاڪو ۽ خوني هيرو“ (ٻه ڀاڱا 1926ع)، ”خوفناڪ قاتل“ (1926ع)، ”خوني نقاش“ (ٻه ڀاڱا 1926ع)، ”خوني بيگناهه“ (1927ع)، ”نازنين يورپ ولايتي ڊاڪو“ (1928ع)، ”خوني عورت“، ”ڪرامتي انسان“، ” مصري خنجر“،”ٽرين ۾ خون“، ”آرسين لوپن سان ڏيٺ“، ”چورن مٿان مور“،”جاسوس“ ۽”ڊاڪو“ ۽ ٻيا ناول شامل آهن.
صاحب سنگهه شهاڻي (1848_1931ع)
صاحب سنگهه چندا سنگهه شهاڻيءَ جو جنم حيدرآباد ۾ ٿيو. 1894ع ۾ ڊي جي ڪاليج ۾ انگريزيءَ جو پروفيسر هو. ڪاليج جي ميگزين جو ايڊيٽر رهيو. 1917 کان 1927ع تائين ڪاليج جو پرنسپال رهيو. سندس دور، ڊي. جي ڪاليج جي تاريخ جو شاندار دور سمجهيو ويندو آهي. شاهاڻي صاحب جي دؤر ۾ نه رڳو سائنسي تعليم پر آرٽس جي تعليم تي به خاص ڌيان ڏنو ويو. آرٽس جي شعبي کي مکيه عمارت مان ڪڍي ڊي جي ڪاليج جي آڏو سنڌ سيڪريٽريٽ ويندڙ روڊ تي ڪراچي ميوزيم واري جاءِ خريد ڪري ان ۾ منتقل ڪيو ويو. اهو ڪاليج ايس ايم ڪاليج جي نالي سان اڄ به هلي رهيو آهي“.(44)
ادبي دنيا ۾ به، صاحب سنگهه شهاڻي تمام گهڻو سرگرم هو. هو ڊي. جي ڪاليج مسلنيءَ ۾ انگريزي مضمون ۽ سنڌي رسالن ۾ سنڌي مضمون لکندو هو. هو بنيادي طور تي انگريزي ادب جو پروفيسر هو ۽ انگريز ناول نگار ٿامس هارڊيءَ کان متاثر هو. سندس ٽي ڪتاب: ”بلوکوکر“ (ناول 1930ع) ۽ ”تارن جو اڀياس“ (ناول 1930ع) اهم آهن.
پروفيسر صاحب سنگهه چندا سنگهه، ٿامس هارڊي جي مشهور ناول The Mayor of Caster Bridge تان ”بلو کوکر عرف جوءِ جو وڪرو“ کي سڌي طرح ترجمي ڪرڻ جي بجاءِ الٿو ڪيو ۽ 1929ع ۾ شايع ٿيو. ناول کي سنڌ جي حالتن تي ٺهڪائڻ ۾ ڪافي قابليت کان ڪم ورتل آهي. اڪثر ڏٺو ويو آهي ته وڏا اديب ۽ شاعر جڏهين ٻين ڪمن کان روڪبا آهن، تڏهين هو پنهنجو وقت شاهڪارن پيدا ڪرڻ ۾ صرف ڪندا آهن. ادب جي خوش قسمتيءَ سان ديوان صاحب سنگهه کي به گهوڙي ڌڪ ڏنو ۽ هن ڏيڍ مهينو گهر ۾ ويهي سنڌي ادب کي هي شاهڪار ڏنو. پروفيسر صاحب سنگهه، ناول جي باري ۾ پاڻ لکيو آهي ته ”مون جڏهن هارڊيءَ جي ناول ”ميئر آف ڪاسٽربرج“ پڙهي ڏٺم ته زال جي وڪري جي ڳالهه جا ان ڪتاب ۾ ڏنل آهي، سا بلو کوکر جي زندگيءَ سان مشابهت ٿي رکي ۽ هينچرڊ جو مينيجر ۽ دوست به علامتن ۾ جمڙائو جي پٽ وارن پنجابي ڪالونٽسن، مان ڪن جهڙو آهي. ايليزبيٿ جينءَ ته، مُنهنجي پنهنجي پنگت ۾ ڪي چڱي ۾ چڱيون ڇوڪريون آهن، تن جهڙِي مون کي نظر آئي. سوهن جهڙيون زالون ٻنيءَ تي ۽ پنهنجي پنگت ۾ مون گهڻيون ڏٺيون. خيال ڪيم ته جي هارڊيءَ جي ناول جي ڪهاڻي ۽ شخص پنهنجي ڏٺلن ڳالهين ۽ ماڻهن سان آميز ڪري، ڪنهن وقت هڪڙو سنڌي ٻوليءَ ۾ ناول لکيم، ته شايد ڪارگر ٿي پوي. ڪمن فرجو نه ڏنو، تان جو گهوڙي تان ڪريس ۽ بيمار پيس. بيماريءَ ۾ به ڪا حڪمت! فرصت ملي، ڏيڍ مهيني کن ۾ هيءُ ناول، جنهن جو نالو مون ”بلو کوکر“، رکيو آهي“.(45)
هن ناول جا خاص پنج ڪردار آهن: ابراهيم خان کوکر، در محمد دهلوي، حليمان، رحمت ۽ خانزادي، بچي. انهن جا ڳڻ اوڳڻ به پڙهندڙ ڀلي پاڻ سوچي. هن ناول ۾ ميرپور ۽ آس پاس جي ڀومي رنگ ٻڌائين جي ڪوشش نه ٿيل آهي، ۽ نڪي ايڊيٽر، ڊاڪٽر، ۽ وڪيل، جي ميرپور ۾ موجود آهن، تن جي ڪنهن ذڪر جي به ڪا ڪوشش ٿيل آهي. ميونسپالٽي ۽ لوڪل بورڊ جا پريزيڊنٽ هاڻي ڏيهي ٿا ٿئن. لوڪل بورڊ جا پريزيڊنٽ ته هيستائين اڪثر اڻ پڙهيل ٿيا آهن، جنهنڪري ابراهيم خان کي به وجهه مليو، جو محنت سان چڙهي وڃي لوڪل بورڊ جو پريزيڊنٽ ٿيو. علم جيترو حليما، رحمت ۽ خانزاديءَ ۾ ڏسڻ ۾ ٿو اچي، ايترو ٻهراڙيءَ جي مسلمان زالن ۾ هينئر، به اڪثر نه ٿو لڀي. ”بلو کوکر“ جو ڪردار، جيڪو انساني فطرت جي عمل ۽ انساني عادتن سان گڏوگڏ وقت جي بدلجندڙ تبديلين کي پيش ڪري ٿو. جڏهن ته ٻيو ڪردار ”رحمت“ جو آهي، جيڪو مثالي ڪردار آهي. هن ڪردار جي وسيلي اها تلقين ڪيل آهي ته جيڪڏهن انسان ثابت قدم هجي ته سندن لاءِ دنيا جي ڪاميابي يقيني ٿي وڃي ٿي.
صاحب سنگهه چندا سنگهه ، ٿامس هارڊي جي هڪ ٻئي ناول (Two on Tower) جو ترجمو ”تارن جو اڀياس يا آتو ميرچنداڻي“ جي نالي سان ڪيو. هي ڪرائون سائيز جي 170 صفحن تي مشتمل ناول، صاحب سنگهه چندا سنگهه شاهاڻيءَ جو لکيل آهي، جيڪو 1930ع ۾ ايڊيوڪيشنل پبلشنگ ڪمپني، ڪراچيءَ پاران ڪي. ٽي شهاڻيءَ ڇپائي پڌرو ڪيو. هن ناول ۾ شهري هندو جيوت ۾ الٿو ڪيو هو، پر اهو ڏيهي حالتن سان پورو ٺهڪايل نه هو، ۽ ان جو ترجمو به ڪيترن هنڌن تي نهايت اکري ۽ الوڻو هو، جنهن مان هن عالم جي دستوري ٺيٺ سنڌيءَ جو ساءُ ڪونه آيو. سنڌي ادب ۾ سائنس فڪشن جو پهريون ناول ”تارن جو اڀياس يا آتو مير چنداڻيءَ“ کي چئي سگهون ٿا.هِن ناول جو تاڃي پيٽو، اُن زماني جي ڪراچيءَ جي شهري زندگيءَ جي جهلڪ ڏئي ٿو. هِن ناول جا ٻه مُکيه ڪردار هڪ ڳڀرو نوجوان ۽ هڪ سيٺياڻي آهن. ناول جو مُکيه ڪردار ’آتو‘ ڏيارام ڄيٺمل ڪاليج ڪراچيءَ ۾ قائم آبزرويٽريءَ ۾ ويهي تارن، گرهن ۽ وايومنڊل جو اڀياس ڪري ٿو ته جيئن دُرست انگ اکر زراعت لاءِ ڪتب آڻجن، ٻوڏن ۽ موسمياتي تبديلين جو اڳواٽ بندوبست ڪري سگهجي. هن ناول جي باري ۾ ڊاڪٽر چندو لعل لکيو آهي ته:”تارن جو اڀياس“، ٻين اصلوڪن ناولن جي ڀيٽ ۾ ماڊرن يعني جديد آهي. اڳتي هلي پنگتي ناولن ۾ پيار جون ڳالهيون مبهم نموني ۽ اشارن ۾ ٻڌايون وينديون هيون. هن ناول ۾ پيار جون ڳالهيون لکيل نموني ۾ ورنن ڪيل آهن. هن ناول ۾ وڌوا وواهه کي همٿايو ويو آهي. اڳ شادي ڪيک زال لاءِ ڪنواري ڇوڪري جي سنٻنڌ کي همٿايو ڪو نه ويندو هو. هن ناول ۾ اهڙي سنٻنڌ کي همٿايو ويو آهي. اڳ شادي ڪيل زال لاءِ ڪنواري ڇوڪري سان پيار ڪرڻ ناجائز سمجهيو ويندو هو. اڳ ته ڇا ، پر هينئر به شايد اها ڳالهه گهڻن ئي نه آئڙي. هن ناول جي ساري ڪهاڻي ان قسم جي پيار تي ٻڌل آهي“.(46)
مولوي عبدالخالق ”خليق“ مورائي (1893-1934ع)
مولوي عبدالخالق ”خليق“ مورائي، ساهتي پرڱڻي جي علمي شهر موري جي قاضي خاندان مان هو. ”پاڻ شاعر، ناول نگار، محقق، سوانح نگار ۽ صحافي هو. ڪراچي شهر ۾ سنڌي ادب جي ڪافي خدمت ڪيائين. سندس ناول ”سندري“ تمام گهڻو مقبول ٿيو. 1925ع ۾ لياري واري علائقي رانگي واڙي مان حڪيم عبدالخالق مورائي جي نگراني ۾ ماهوار رسالو ”ترقي“ شايع ٿيڻ لڳو . رسالي ۾ موضوع گهڻو ڪري مسلمانن جي ترقي بابت هوندا هئا. 1933ع ۾ قاضي عبدالرزاق جي نگراني ۾ هڪ ماهوار رسالو ”ڪاميابي“ ڪراچيءَ مان جاري ڪيو ويو. جنهن ۾ ادبي مضمون، شعر ۽ شاعري، خبرون، انهن تي تبصرا ۽ مذهبي مضمون شايع ٿيندا هئا. سنڌي مسملم ادبي سوسائٽيءَ جي ترقيءَ ۾ به سندس تمام گهڻو ڪردار هو ۽ مينجمينٽ تي به ڪم ڪيائين. ورھاڱي کان اڳ جن اديبن ناول نويسي ۾ نالو ڪڍيو انھن ۾ خليق مورائي جو نالو وڏي حيثيت رکي ٿو. سندس ناول سنڌ جي تاريخي، تهذيبي ۽ مذھبي پسمنظر ۾ لکيل آھن.
ان زماني ۾ آريھ سماج تحريڪون پنھنجي عروج تي ھيون، جنھن جو اثر پوري ھندستاني ادب تي ڇانيل ھو. ان تحريڪ جي اثر ھيٺ اھڙو ادب تخليق ڪيو ويو جنھن ۾ مسلمان سورمن ۽ جوڌن جي زندگي ۽ ڪردار تي سخت حملا ڪيا ويا ھئا. خليق مورائي جا ناول ان تحريڪن جو رد عمل ھئا. ان سلسلي ۾ پروفيسر منگهارام ملڪاڻي لکي ٿو ته ”١٩٢٠ع کان ١٩٢٢ع ڌاري حڪيم عبدالخليق مورائي ھندو زندگي تي ناول جوڙڻ ۾ اھڙي دلچسپي ورتي جو سڄا سارا ٽي حصا ”سندري“، ”ستيءَ جي ستيا“ ۽ ”چترپتي“ ھڪ ٻئي جي پٺيان لکي ورتائين. ھي سڀ آڳاٽي سنڌ جي تاريخي پسمنظر ۾ بھاريل ھئا، جڏھن راجا چچ ۽ ڏاھر سين راڄ ڪندا ھئا ۽ آخر محمد بن قاسم سنڌ فتح ڪئي. اھي ناول گهڻو تڻو چچ نامي جي اختياريءَ تي ٻڌل ھئا ۽ منجهن ھندو - مسلم اختلافن تي زور ڏنل ھو ۽ سخت ڪلامي ڪيل ھئي پر حڪيم صاحب جي عاليشان عبارت کي داد ڏيڻ کان سواءِ نه ٿو رھي سگهجي“.(47) مٿي ذڪر ڪيل ٽئي ناول درحقيقت (Trilogy) آھن. ناول ”سندري“ ۾ برھمڻ سماج جي عڪاسي ڪئي ويئي آھي. ھي ناول دراصل ان وقت جي لکيل ھندن جي ناولن جي جواب ۾ لکيا ويا ھئا.
حڪيم خليق مورائيءَ سڀ کان اول ”فاتح سنڌ عرف محمد بن قاسم“ نالي ڪتاب 1926 ۾ لکيو، جنهن ۾ محمد بن قاسم جي شخصيت کي اجاگر ڪيو ويو. پر ڪتاب جي اڻت ناول وانگر آهي. سندس مشهور ناول ”سندري“ 1928ع ۾ شايع ٿيو، جنھن ۾ عربن ھٿان ٧١٢ع ۾ محمد بن قاسم جي اڳواڻي ۾ ٿيل فتح ۽ برھمڻ گهراڻي جي شڪست جو پسمنظر آھي. هن ناول جون شروعاتي قسطون ماهوار ”ترقي“ رسالي ۾ شايع ڪيون هائين.ھن ناول ۾ ھڪ طرف راجا ڏاھر جي طرفان ڪيل ظلمن، ناانصافين ۽ غير مساوي سلوڪ ۽ سندس بدڪارين جو ذڪر ڪيو ويو ته ٻئي طرف سندريءَ جي عشق ۽ لازوال محبت جو سھڻي نموني ذڪر ڪيو ويو آھي.ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي مطابق ”ديسي ناول نگارن، تاريخي ڪارنامن، ناولن جي صورت ۾ پيش ڪري اڀارڻ ٿي گهريو. ھن ڏس ۾ مرحوم خليق مورائيءَ جو ناول ”سندري“ فن توڙي زبان جي لحاظ کان شاندار آھي“.(48)
ھن ناول ۾ ان دور جون ريتون، رسمون، تمدن، معاشرتي اخلاق ۽ جذبات تي به سھڻي نموني نظر وڌي وئي آھي. اھڙي طرح سنڌ ۾ اسلام جي آمد جي خوشخبري پڻ ڏني ويئي آھي ۽ حق کي باطل تي ثابت ڪري ڏيکاريو آھي. اسلام ۽ توحيد جو ڦھلاءُ سنڌ ۾ خوشقسمت واقعو ۽ بت پرستي جو انت ڏيکاريو ويو آھي. ھن ناول ۾ خليق مورائي صاحب، سنڌ جي نياڻين سان راجا ڏاھر جي سپاھين جيڪي ويل وھايا ھئا، تن جا منظر چٽيا ويا آھن، جن ۾ سنڌي قوميت ۽ قوميت جي تحريڪ کي موضوع بنايو ويو آھي ۽ ناول ۾ محمد بن قاسم جي حسن سلوڪ جو ذڪر به ڪيو ويو آھي.
ھن ناول جو ٻيو حصو ”ستيءَ جي ست“ آھي، جيڪو دراصل تاريخي تسلسل ۾ آھي. ھن ناول ۾ به راجا ڏاھر ۽ راجا ڏھرسين کان پوءِ وارا دور ڏيکاريا ويا آھن. ھن ناول ۾ فتح سومنات جو پسمنظر به آھي، راجا ڏاھر ۽ عربن جي دور کان پوءِ محمود غزنوي ھندستان جي رياستن ۾ پنھنجي حڪومت قائم ڪئي ۽ اسلام کي ڦھلايو. محمود غزنوي 1025ع ۾ سومناٿ مندر تي حملو ڪيو ۽ بتن کي تباهه ڪيو ھو.
قاضي صاحب ٽيون ناول ”ڇتر پتي“ لکيو. ھي ناول ڪنھن ھندو ليکڪ جي ڪتاب ”چتر سال“ جي جواب ۾ ھو. ان ڪتاب ۾ ھندو ليکڪ اورنگزيب جي ڀيڻ ۽ نياڻي تي فرضي نالن سان حملا ڪيا ھئا. قاضي صاحب نه صرف ھندو ليکڪ کي مدلل جواب ڏنا. پر ناول ۾ رنگيني پيدا ڪرڻ لاءِ اورنگزيب عالمگير ۽ آڌيپور جي راڻي جي عشق جو دلچسپ قصو به بيان ڪيو آھي.
1930ع ۾ قاضي صاحب جو ناول ”عبرت“ شايع ٿيو. ھن ناول بابت ڪريم بخش خالد لکي ٿو ته”جڏھن خليق صاحب، ڪراچي ڊسٽرڪٽ ڪوآپريٽو انسٽيٽيوٽ جو پروپيگنڊا سيڪريٽري ھو، تڏھن کيس ڪراچي ضلعي جي رھاڪن جي ڳوٺاڻي زندگيءَ تي ھڪ ناول لکڻ جو ڪم سپرد ڪيو ويو ھو “. . . ھن ناول جو مقصد ڳوٺاڻن جي حقيقت ظاھر ڪرڻ ۽ اڻ سڌي طرح انھن کي سڌاري ۽ وڌاري جي ترغيب پڻ ھو . . . ھن ناول ۾ جڙتو پيرن ۽ اڌ اکري ملن تي سھڻي تنقيد ڪيل آھي“.(49)هي ناول ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيل نه آهي، بلڪه ”ڪوآپريٽو“ رسالي ۾ 1929ع کان 1930ع ۾ قسطوار شايع ٿيو هو. هي ناول سماجڪ سڌارڪ موضوع جي ترجماني ڪري ٿو.
قاضي صاحب جو ناول ”نسيما“ ،1930ع ۾ شايع ٿيو. سندري ۽ عبرت وانگي ھن ناول کي به شھرت ملي. ھن ناول ۾ عجيب و غريب نموني ۾ محبت ۽ عشق جي تشريح ملي ٿي. ھن ناول جو ٻيو پھلو سماجي اصلاح به آھي. اھڙي طرح قاضي صاحب جو ناول ”درس آموز“ (1932ع) ھڪ معاشرتي ناول آھي. جيڪو ان دور جي سماجي زندگي پيش ڪري ٿو. مطلب ته خليق مورائي جو سنڌي ناول نويسي جي فن کي ترقي ڏيڻ ۾ وڏو ھٿ ھو. سندس ڪيترائي تاريخي، سماجي ۽ رواجي ناول پڻ لکيل آھن.
ميلهارام واسواڻي (1901- 1972ع)
ميلهارام منگترام وسواڻي جو تعلق حيدرآباد جي عاملن مان هو. هو مترجم، ناول نگار، ڪهاڻيڪار، پبلشر، ٻاراڻي ادب خاص طور تي آکاڻين جو وڏو ليکڪ هو. ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ پنهنجي ٿيسز ۾ لکي ٿو ته “سندر ساهتيه منڊل” جي باني ميلهارام واسواڻيءَ سنڌي ٻوليءَ ۽ علم ادب جا گهڙا ڀريا تن کي ڪڏهن به نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. هن صاحب هڪ طرف ڪتابي صورت ۾ وقت به وقت ڪهاڻين جا مجموعا شايع ڪرايا ۽ ٻئي طرف 1924ع کان وٺي رسالو جاري ڪيو، جنهن ۾ به وقت به وقت ڪهاڻيون شايع ٿينديون رهنديون هيون“.(50)
ميلهارام وسواڻيءَ جي ناولن جو تعداد تمام گهڻو آهي، جن ۾ گهڻا ترجما آهن. هن قومي ۽ سياسي شعور هيٺ لکيل بنگالي ناولن، ڊرامن ۽ ڪهاڻين جا ترجما ڪيا. هن جي ناولن جي خاص ڳالهه اها هئي ته هن هندو سماج جي تاريخي واقعن ۽ پسمنظرن کي بنياد بڻايو. ٻيو، هن هندو سورمن، پنڊتن ۽ تاريخي واقعن کي فرضي ڳالهين سان پيش وڌائي پيش ڪري غلط روايتن جو بنياد وڌو، جن سان ادبي دنيا ۾ مذهبي ڇڪتاڻ پڻ ٿي. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ لکيو آهي ته ”هن هندو سورمن کي ساراهڻ لاءِ ڪيترون ئي فرضي ڳالهيون تاريخي ناولن ۾ شامل ڪيون ۽ مسلمانن خلاف نفرت کي ڀڙڪايو. انهيءَ جدوجهد ۾ هندن پنهنجي سورمن کي واکاڻيو ۽ مسلمانن پنهنجن غازين ۽ بهادرن جي بيباڪيءَ کي عاوم جي اڳيان آندو. انهيءَ چٽاڀيٽيءَ ۾ ڪيتريون ئي غلط روايتون ۽ وقعا پڙهندڙ جي ذهن تي آندا ويا“.(51)
ميلهارام منگترام تمام گهڻا ناول لکيا، جن ۾ وڌ ۾ وڌبنگالي ناول ترجمو آهن. هن مشهور بنگالي اديب ‘رميش چندر دت’ جي ناول Slave Girl of Agra کي ‘آگري جي ٻانهي’ عنوان سان (1936 ۾) ترجمو ڪيو. هن مغل سلطنت جي خاندان سان تعلق شهزادي سليم ۽ مهرالنساءِ جي رومانوي ڪهاڻيءَ جو شاندار نموني ذڪر آهي. ياد رهي ته پوري هندستان ۾ مغليه خاندان جي رومانوي ۽ سياسي قصن کي ناولن ، ڊرامن ۽ ڪهاڻين ۾ پيش ڪرڻ جو هڪ قسم جو رواج پيل هو. ”آگري جي ٻانهي“ مان، شهزادي سليم ۽ مهرالنسا جي شروعاتي محبت بابت هيٺيون سهڻو بيان ڏجي ٿو:
”مهرالنسا کي اهڙي حشمت ۽ دٻدٻي سان ڳالهائيندو ڏسي سليم چيس، ’مهرالنسا، تون سچ پچ بادشاهيءَ لاءِ ڄائي آهين ۽ وقت پري ڪونهي جڏهن سلطنت تنهنجا فرمان بجا آڻيندي. چڱو، جي تنهنجي مرضي آهي ته مان وڃان ٿو. تنهنجي مصلحت مڃيندس. پر پڇاڙيءَ جو هڪ نوازش ٿو گهران. جدا ٿيڻ کان اڳ رڳو هڪ ڀيرو پنهنجي منور منهن جو ديدار ڪراءِ. پنهنجي موهيندڙ نيڻن جي هڪ نگاهه هن پينار تي وجهه. بدنصيب شهزادو پنهنجي دل م تنهنجي صورت سڪ سوز سان سانڍيندو ڀٽڪندو وتندو....، مهرالنسا نيٺ به ته عورت هئي، ويتر نرم دل ۽ دردوندي. پڇاڙيءَ جي خوشامند ۽ التجا زناني دل کي ڀڄائي وڌو. ڏڪندڙ آواز ۾ چيائين، ’يا خدا، جيڪڏهن ڪو گناهه جو ڪم ڪريان ٿي ته پنهنجي رحم سان بخش.’منٽ ٻه رکي چيائين، ”شهزادا، تنهنجو هي پڇاڙيءَ جو عرض موٽائي نٿي سگهان.‘
”ناز سان نه، پر نزاڪت سان، ريشمي پڙدو سرڪي پري ٿيو ۽ منور منهن ظاهر ٿيو جنهن ۾ غرور نه پر الاهي شان هو. اکين ۾ لڄ ۽ مرم. حياءَ وچان ڀريل ڳلن ۾ گلابي رنگت ڀرجي آئي، جنهن سندس حسن کي ٻيڻو ٻهڪايو. شعر، راڳ ۽ حسن جي ملڪ ايران ۾ به سندس ثاني نازنين نه هئي، نه ڪي هندستان جي رمڻين ۾ ڪا اهڙي موهيندڙ مورت.... دهليءَ جي نقاشن بيسود عاج ۽ ڪپڙي تي بي مثل سونهن چٽي آهي ۽ مغرب جي شاعرن جي حرم جي هسن تي شعر رچيا آهن، ڇاڪاڻ ته هن ايراني حور جو حسن، نقاش جي ڪاريگريءَ ۽ شاعري جي جذبات ڀري قلم بنديءَ جي پهچ کان ٻاهر هو. تحقيق هوءَ بي نظير هئي.... سليم مهر النساءَ جو بي- برقو منهن ڏٺو ته سندس دل ٿڌو ساهه ڀريو. مهرالنساءَ منهن ڏيکاري وري کڻي ڍڪيو ڄڻ ته وڄ چمڪو ڏيئي گم ٿي ويئي“.(52)
1943ع ۾ ميلهارام منگترام چندي چرن سين جو لکيل ”نند ڪمار کي ڦاسي“نالي تاريخي ناول ڪيو. پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ موجب ”ان ناول ۾ آکاڻيءَ جو ڍنگ خيرڪو هو، باقي ڪمپنيءَ جي ڏينهن ۾، انگريزن جا هندستانين تي ظلم، اَنگن اکرن ۽ حقيقت سميت، اهڙا ته بيان ڪيل هئا جو دل ڏاريو ٿي ڇڏيائون“.(53)
ميلهارام منگترام ، 1941ڳ ۾ شرٽ چندر چئٽرجي جي ناول جو الٿو ” سماجڪ بلوو“ جي عنوان سان ڪيو ۽ پوري ناول کي مقامي رنگ ۾ آندائين. هي هڪ معاشرتي ۽ اصلاحي ناول آهي. هن ترجمي لاءِ ڊاڪٽر غلام علي الانا لکيو آهي ته ”هن ڪتاب ۾ هندو سماج جي چڱي تصوير چٽي، ان کي ننديو اٿس. حالانڪ پاڻ هن ڪتاب جو اصل رچيندڙ شري شرٽ چندر چئٽرجي ڄاڻايو اٿس، ليڪن مطالعي مان سڄو ڪتاب اصلوڪو پيو لڳي، نه رڳو ٻوليءَ ۽ ڪردارن جي ڪري بلڪه سڄو ماحول به مقامي آهي“.(54) هن ناول جي ڪهاڻي جوتي نالي هڪ ڇوڪريءَ بابت آهي، جيڪا ٽنڊي محمد خان ۾ هڪ غريب گهراڻي پيدا ٿي هئي. هوءَ انتهائي حسين ۽ بااخلاق آهي. جوتيءَ کي هيموءَ نالي حيدرآباد جي هڪ زميندار ڇوڪري ڏسي ورتو ۽ دل ڦرائي ويٺو. هو جوتيءَ جي گهر ۾ اچڻ وڃڻ لڳو ۽ ساڻنس محبت جو اظهار ڪيائين. ان محبت معاشرتي سوال ۽ مسئلا پيدا ڪري ڇڏيا. ٻنهي جي شادي اميري ۽ غريبي جي پرک تي ٻئي هنڌ ٿي وڃي ٿي. ناول جي ٻولي به بهترين آهي، جنهن جو مثال هتي ڏجي ٿو:
”زندگيءَ ۽ موت جي وچ ۾ فقط هڪ وک جي وڇوٽي هئي. دل گهائل پکيءَ جيان ڦٿڪي رهي هئي. ڇا، هن جو نالو دنيا آهي؟ ڇا، ٿورن ڏينهن جي زندگيءَ تي انسان ايترو ناز ٿو ڪري؟. هن گناهه جي ڪنڊن ڀري جهاز ۾ ڦاسي حياتي ڪاٽڻ مان ڪهڙو فائدو؟ جن کي اسين انساني صورت ۾ ٿا ڏسون، تن جي دل ۾ نه ته نالي ماتر به همدردي، ڪوملتا ۽ ديا ڪانهي. حسد، دشمني، خود غرضي، فريب ، دوکو، گناهه ۽ ظلم سان ڪوٽ ڪوٽ ڀريل آهي، ان جو سبب؟“.(55)
ميلارام واسواڻيءَ هڪ طبعزاد ناول ”سشيلا“ سندر ساهتيه منڊل پاران 1937ع ۾ شايع ٿيو. هي ناول پڻ پنگتي حالتن تي جوڙيل آهي، جنهن ۾ ناول نگار بيواهه جي شاديءَ جي حق ۾ دليل ڏنا آهن ۽ سماج جي انهن ماڻهن خلاف آواز اٿاريو آهي جيڪي ظاهري طرح بيوه جي شاديءَ جي مخالفت ڪن ٿا ۽ اندروني طور تي اهڙن عورتن جي زندگي تباهه ڪن ٿا. هن ناول جو پلاٽ سشيلا نالي هڪ وڌاو (بيوه) جي زندگيءَ تي ٻڌل آهي. لڇمڻ ۽ پروفيسر ديال پاڻ ۾گهاٽا دوست آهن. لڇمڻ جي زال ديهانت ڪري وئي هئي ۽ ٻئي طرف سشيلا جي مڙس بسنت ڪمار، هوليءَ جي ڏينهن گنگا ۾ سنسان ڪندي ٻڏي ويو هو. هن ناول ۾ هڪ مرد جي ٻي شاديءَ جي ڪهاڻيءَ آهي، جنهن جي زال مري وئي آهي ۽ هڪ عورت جي ڪهاڻي آهي، جنهن جو مڙس مري ويو آهي. هن سماج جي قدرن جي روشنيءَ ۾ ٻنهي جي شاديءَ جا معيار ڏيکاريا ويا آهن.
ميلارام واسواڻيءَ جو هڪ ٻيو طبعزاد ناول ”ڳئون دان يا دکي هاري“ هو، جيڪو سندر ساهتيه منڊل پاران 1943ع ۾ شايع ٿيو. هي قومي ۽ سماجي مسئلن تي لکيل اهم ناول آهي.
ميلارام منگترام واسواڻيءَ جو هڪ ٻيو اهم ترجمو”چندر چڪور“ 1938ع ۾ سندر ساهتيه منڊل پاران شايع ٿيو. هن ناول جي آکاڻي راجپوت معاشري جي عڪاسي ڪري ٿي. ناول ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مالتي ڳڙهه ۾ هڪ تياڳي برهمڻ رهندو هو، جنهن وٽ ”مالتي“ نالي هڪ ڪنيا رهندي هئي. هن طرف مالتي ڳڙهه جي سرادر کي هڪ پٽ ”شوڀن سنگهه“ هو. اهي ٻئي ڄڻا ٻاليڻي کان وٺي هڪ ٻئي کي چاهيندا هئا. جڏهن جوان ٿيا ته سندن محبت بو زور ورتو، شوڀن شنگهه کتري هو ۽ مالتي وري برهمڻ هئي. ان کان علاوه، هڪ سردار ته ٻي ڪنيا هئي. ٻنهي کي خبر هئي ته ڌرم ۽ معاشرو هڪ ٿيڻ نه ڏيندو. پوءِ ٿيو به ائين ته هنن ٻنهي کي الڳ ڪيو ويو. جيئن ته ميلارام اجايا واقعا گهڙڻ ۾ ماهر هوندو، ان ڪري هن ناول ۾ به غير حقيقي مغلن ۽ راجپوتن جي جنگين جا واقعا وڌائين ۽ آخر ۾ ٻئي ڄڻا جنگين جي نتيجي ۾ مارجي وڃن ٿا. ڪٿان جي ڪهاڻي ڪٿي پهچي وئي. ناول مان ٻوليءَ جي اسلوب جي هي مثال ڏجي ٿو:
”پريم انڌو ديوتا سڏبو آهي، ڳڻ حقيقت اها ناهي ڪڏهن ڪنهن سان دل لڳي ٿي وڃي، ڪيئن ٿي لڳي، ڇو ٿي لڳي، ان جو پتو ناهي. پريم اڳ پوءِ نه ڏسي، ڳڻ اگر ڪا نه ڪري، شايد ان ڪري ان کي انڌو سڏين. پريم هي سچو آهي ته امر جوتي آهي. تياڳ ان جو تيل ۽ قرباني ڪرڻ جي واٽ آهي“.(56)
ميلارام منگترام واسواڻي جو ناول ”رنگ محل“ جي نالي ناول مغل شهنشاهن جي اتهاسڪ قصن تي مشتمل هو، جيڪو پرنٽنگ ورڪ، ڪيمبال روڊ ڪراچيءَ مان ڇپجي پڌرو ٿيو.هن ناول ۾ مغل شهنشاهن جي خانگي حالتن کي نهايت تلخ انداز سان پيش ڪيو ويو ۽ سندن اخلاقي ڪردار تي به کليءَ طرح سان لکيو ويو آهي. نامور ليکڪ محمد عثمان ڏيپلائيءَ ان جي جواب ۾ ’رنگ محل ڏاهري رنگ محل‘ ڪتاب لکيو. اختلافي مواد سبب ’رنگ محل‘ ۽ ’رنگ محل ڏاهري رنگ محل‘ ڪتابن تي وقت جي سرڪار پابندي مڙهي هئي.
ميلارام منگترام واسواڻي، تاريخي ۽ قومي دلچسپ قصا ‘جادوناٿ سرڪار’ جي ڪتابن ۽ ڪرنل ٽاڊ جي ‘تاريخ راجسٿان’ وغيره تان کڻي ناولن جي صورت ۾ تيار ڪيا، جن ۾ ‘مهاراڻو پرتاب’ (1926)، ‘شيواجي’ (1927)، ‘راجا اشوڪ’ (1928)، ‘رنگ محل’، ‘شيش محل’ (1938) ۽ ‘انارڪلي’ وغيره شامل هئا. اهڙيءَ طرح 1937ع ۾ ‘ڪمل ڪماري’ ناول ترجمو ڪيو، جنهن جي ڪهاڻي ”آگري جي ٻانهي“ سان ملندڙ جلندڙ آهي. ”چندر پال“، 1945ع ۾ پريمچند جي ناول تان اختصار سان ترجمو ڪيائين، جيڪو هڪ ديش ڀڳت جي باري ۾ آهي.1939ع ۾ ميلارام جا ٻه ناول ‘رتنا’ ۽ ‘سنجوتي’ شايع ٿيا، جن مان پهريون ناول تاريخي ۽ ٻيو گهريلو موضوع تي آڌارت هو. اهڙيءَ ريت منشي پريمچند جي هڪ قصي جو اختصار ‘چندرپال’ نالي سان 1945ع ۾ ڪيو، جنهن ۾ هڪ ديش ڀڳت جي ڪهاڻي آهي. ميلارام جو تاريخي ناول ‘پتي ڀڳتي ’ ميلارام ٻيا به ڪيترا پنگتي ناول به ترجمو ڪيا، جن مان گهڻائي منشي پريمچند جي هندي ناولن جي هئي. انهن مان مکيه هي ناول هئا:نرملا (1931)، ‘خوني سماج’ (سيوا سڌن جو ترجمو: 1934)، شيش محل (1938)، ‘سکدار’، ‘منورما’، ‘ڪرم ڀومي’، ‘مايا ڄار’ (1940)؛ ‘چندر چڪور’، ‘هاري جيت’ (1943)، ‘شيوا جي’، ‘قرباني’ (1944)، ‘سنسار ليلا’، ‘رٺل راڻي ’ ، ‘چندن’، ‘منزل’ (1945)، ‘راجا اشوڪ’ (1948) شامل آهن. مرزا قليچ بيگ ۽ جيٺمل پرسرام کانپوءِ، ميلارام صاحب سنڌي ٻوليءَ ۾ ٽيون ترجمان هو، جنهن سؤ کن ڪتاب ته بيشڪ لکي ڪڍيا هوندا، ۽ سندس لکڻي به پختي ۽ روانيءَ واري هئي.
محمد عثمان ڏيپلائي (1908- 1981ع)
محمد عثمان ڏيپلائي “شائق” ولد حبيب الله ميمڻ جو جنم ڏيپلي، ضلعي ٿرپارڪر ۾ ٿيو، پاڻ سنڌ جو ڪهنه مشق صحافي، اديب، ناول نويس، ڪهاڻيڪار، مضمون نگار، پبلشر، نقاد ۽ ڊراما نويس هو. ڏيپلائي صاحب هڪ بي باڪ ليکڪ هو، اهو ئي سبب آهي جو سندس ڪيترن ئي ڪتابن تي پابندي پئي ۽ کيس جيل به وڃڻو پيو. مرزا قليچ بيگ کانپوءِ، عثمان ڏيپلائي ئي اهڙو سنڌي اديب هو، جنهن تيزيءَ سان لکيو ۽ گهڻو لکيو. فرق صرف اهو هو ته، مرزا صاحب مغربي دنيا جي ترقي يافته قومن جي اثر هيٺ لکيو ۽ ڏيپلائي صاحب اسلامي تاريخ ۽ قوم پرستيءَ واري اثر هيٺ لکيو. محمد عثمان ڏيپلائيءَ سون جي تعداد ۾ ناول ۽ ڪهاڻيون لکيون. اهڙو سلسلو انگريزن جي دور کان شروع ٿيو ۽ آزادي کان پوءِ سندس وفات تائين جاري رهيو. سندس لکڻين جي اهم ڳالهه اها آهي ته سندس گهڻي ۾ گهڻيون لکڻيون اسلامي ۽ سنڌ ۾ “مرشد” تي لکيل آهن. ڏيپلائي صاحب جيڪي ننڍا ننڍا ناول لکيا، اهي تاريخي واقعن ۾ وڌاءَ ۽ مذهبي ڇڪتاڻ جي نتيجي ۾ لکيا. محمد عثمان ڏيپلائي نه صرف بهترين ڪهاڻيڪار ۽ ڊراما نويس هو، پر ڪيترن سٺن ناولن جو ليکڪ ۽ مترجم به هو. هن ڪيترائي شاهڪار ناول لکيا. ڏيپلائي صاحب ڪيترن مذهبي ۽ تاريخي ناول هندو ليکڪن جي جواب ۾ لکيا. محمد عثمان ڏيپلائي پنهنجي تاريخي ناولن جي وضاحت ڪندي لکيو آهي ته: ”مسلمان پنهنجي تاريخ کان اڻواقف هجڻ سبب بزدليءَ جي ڪُن ۾ غرق ٿيندا ٿا وڃن، ان ڪري مون خدا پاڪ تي ڀروسو رکي اسلامي تاريخي ناولن جو سلسلو شروع ڪيو، جنهن ۾ غافل مسلمانن جون دليون خوب بيدار ڪيون ۽ هو بزدليءَ جو اُٿاهه ڪُن مان نڪري پاڻ کي شينهن جو اولاد سمجهڻ لڳا آهن“.(57) جڏهن ته رشيد ڀٽي لکيو آهي ته: ”ان وقت ڏيپلائي سنڌي پڙهندڙن لاءِ هڪ جنون (Craze) هو. سندس تاريخي ناول سنڌ جي مسجدن ۾ رات جي نماز بعد باجماعت پڙهيا ويندا هئا“.(58) ڪريم بخش خالد مطابق: ”هڪ طرف جيئن مرزا قليچ بيگ مرحوم جي ناولن، ملڪ ۾ پنگتي سڌارن ۽تمدني جاڳرتا جو مثبت ڪم ڪيو، اهڙي طرح ڏيپلائي مرحوم جي ناولن، مسلمانن ۾ سياسي بيداري پيدا ڪئي. عقيدن جي اصلاح ڪئي ۽ آزادي جي سُتل جذبي کي اهڙو جاڳايو، جو پاڪستان جي تحريڪ ۾ سنڌ جو حصو سرس ٿي پيو“.(59)
ڏيپلائي صاحب، انگريزن جي راڄ ۾ به ڪيترائي ناول ۽ ناوليٽ لکيا، جن ۾ اڪثر تاريخي ۽ مسلم سورهين جا داستان آهن. انهن مان ڪجهه ناولن جي سرڪار پابندي به وڌي. سندس ناولن جو پهريون دور ”سنگدل شهزادي، سال 1938ع ۾ شايع ٿيو. هيءُ ناول سنڌي عوام ۾ بيحد مقبول ٿيو ۽ ٿوري ئي عرصي ۾ انهيءَ جا چار ايڊيشن ڇاپي ۾ آيا. 2013ع ۾ اڪيڊميءَ ۽ انهيءَ جو جديد انداز ۾ نئون ڇاپو آندو آهي، هن ناول جو پلاٽ منشي صادق جي ڪتاب ”آرمينيا ڪا چند“ تان ورتل هو.
سندس ٻيو اهم ناول ”گلستان حسن“ 1939ع ۾ شايع ٿيو .هن جي پهرين ايڊيشن تي ڪابه پابندي ڪانه لڳي پاڪستان جي ٺهڻ کان پوءِ اسماعيلي جماعت طرفان احتجاج ڪري بندش پئجي ويئي. هيءُ ناول، اسماعيلي فرقي جي دل آزاريءَ جي الزام هيٺ آيو. ڇاڪاڻ ته حَسن بن صَباح هنن وٽ وڏي مان، مرتبي بلڪه (Iconic figure) (شان واري علمي ۽ سياسي مُدبر شخصيت) سَمجهيو وڃي ٿو. عُلماء ديوبند اُڻويهين صدي کان هڪ مخصوص شافعي ۽ حنبلي فقهه جا ڪاربند رهيا آهن. اُهي اِهلِ تَشيع متعلق اِختلافي نُڪتهء نظر رکندا هئا ۽ آهن. دراصل هيءُ ناول اردوءَ جي مشهور اديب ۽ عالم دين مولانا عبدالحليم شَرر جي ناول ’فردوس برين‘ جو آزاد ترجمو آهي. (هاڻ اِهو ناول انگريزي ترجمي سان گڏ آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس ڪراچي ڇپرايو). هن ناول ۾ فِدائي تَحريڪ (Assassins) جي باني حَسن بن صباح ڏانهن منسوبEarthly Paradise يعني زميني جَنت (ڌرتي تي ٺاهيل بِهشت) جو رنگين دلگداز احوال ۽ منگول بادشاهه هلاڪو خان هٿان سندس تباهيءَ جو عبرتناڪ ذِڪر آهي. بقول محمد علي ڏيپلائي ته ناول جو پلاٽ ته فردوس برين تان ورتل آهي، پر اُنهي ۾ ڏيپلائي صاحب طرفان ڪجهه اضافا پڻ ڪيل هئا. ڏيپلائي جي پنهنجي چوڻ مطابق: ”جيئن ته مان پيرن جي خلاف هئس تنهن ڪري حَسن بن صباح جي باري ۾ جيڪي ڪجهه غلط سَلط پڙهيو هئم (جيڪو ندوة العلماء العلوم، لکنو وارن جو ئي ڇپايل هو- مضمون نگار) تنهن جي بُنياد تي هيءُ ڪتاب لکيم، جيڪو نهايت گندو ڪتاب هو.
محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو اسلامي تاريخ موضوع تي لکيل ” نُور توحيد“ هڪ منفرد ۽ شاهڪار ناول آهي. هن ناول ۾ اسلام ۽ اسلام جي باني حضرت محمدﷺ جن جي ولادت باسعادت کان وٺي سندن وصال تائين جي سموري تاريخ نهايت وڻندڙ پيرايي ۾ بيان ڪئي ويئي آهي. هن ناول ۾ اسلام ۽ بانيءَ اسلام جي بنيادي ڪارنامن ۾ ٻن اهم نقطن کي اهميت سان بيان ڪيو آهي: هڪڙو عرب ۾ عورتون جي جيئري پورڻ جي رسم کي ختم ڪرڻ ۽ ٻيو اولياء پرستيءَ جي خاتمي ڪرڻ جو.
جيئري پورجي ويل سلميٰ ۽ سندس مڱيندو اڪرم هن ناول جا مُک ڪردار آهن. سلميٰ جي پورجي وڃڻ سان هنن ٻنهي جو وڇوڙو ٿئي ٿو، ۽ ان وڇوڙي جو داستان اسلام ۽ بانيءَ اسلام جي ڪهاڻيءَ سان فتح مڪه سان اسلام سوڀاري ٿيڻ تائين لاڳيتو جاري رهي ٿو ۽ ان ڏينهن ناول جي هنن ٻنهي ڪردارن کي پڻ سوڀ ٿي ملي. هڪ وحشي رسم کي شڪست ٿي اچي. اڳتي لاءِ ڪا به نياڻي جيئري نه پوري ويندي، ڪابه عورت ڏاڍائيءَ جي شڪار نه ٿيندي. اڄ کان پوءِ بي زبان ٿي ويل عورتن کي زبان ٿي ملي. انهن کي معاشري ۾ مقام ۽ مرتبو حاصل ٿو ٿئي. انهن جا حق متعين ڪيا وڃن ٿا. ٻيو هڪ اهم واقعو ڪعبة الله منجھان ٽي سو سٺ بُتن کي ڊاهي پٽ ڪرڻ جو ٿئي ٿو. نور توحيد“ ناول ۾ ڏيپلائي صاحب متعدد واقعن کي موجوده معاشري جي اوڻاين مٿان تنقيد ۾ به خوب استعمال ڪيو آهي. کوڙ ڀيرا سنڌ جي وڏيرڪين روايتن تي ڦٽڪار ڪئي اٿائين. گڏوگڏ منافقن جي تذڪرن ۾ سياستدانن جي منافقيءَ تي به خوب ڇوهه ڇنڊيا اٿائين. نور توحيد ناول جي ٻولي سليس ۽ سندس ترجمو باڪمال آهي، منجهس موقعي مهل سان قرآن پاڪ جون آيتون ۽ انهن جو ترجمو پڻ ڏنل آهي، سنڌ جي منافق سياستدانن ۽ وڏيرن تي لعنت ۽ ملامت ڪيل آهي.
هيءُ محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي طويل ناول نور توحيد جو ٻيو ڀاڱو ”شوڪت اسلام“ آهي، جيڪو ٻن حصن ۾ ورهايل آهي ۽ 1944ع ۾ شايع ٿيو.جڏهن ته سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي طرفان 2001ع ۾ ناول جي ٻنهي ڀاڱن کي گڏائي، ‘نور توحيد نالي سان مڪمل ايڊيشن ۾ آندو ويو.
سندس ناول ”ڏاهري رنگ محل“، محمد عثمان ڏيپلائي طرفان شروع ڪيل عبرت ڪتابي سلسلي جي جلد 2- سيپٽمبر، آڪٽوبر ۽ نومبر 1942ع- 6-7-8 جي پرچي ۾ ڇپيو هو. هن ناول ۾ مسلمان بادشاهن جي بهادري ۽ سندن حالات زندگيءَ کي نمايان انداز ۾ بيان ڪيو ويو آهي. اصل ۾ هيءُ ڪتاب آريه سماج طرفان مسلمان بادشاهن خلاف ڇپرايل ڪتابن جو جواب آهي، جنهن ۾ سندن خانگي حالتن کي نهايت تلخ ۽ سخت انداز سان پيش ڪيو ويو هو. خاص ڪري ’رنگ محل‘ ۾ مغل شهنشاهن جي اخلاقي ڪردار تي نهايت خراب انداز ۾ لکيل هو. جنهن ڏَس ۾ ڏيپلائي صاحب ان وقت هڪ جذباتي مسلمان جي حيثيت ۾ پنهنجو فرض سمجھندي، ان جي جواب ۾ ’رنگ محل ڏاهري رنگ محل‘ ۽ ٻيا ڪتاب لکيا، جيڪي عبرت ڪتابي سلسلي ۾ شايع ٿيا هئا.
سوڊان ۾ سيد جمال الدين افغانيءَ جي شاگرد محمد احمد مصريءَ جي سوڊان تي قابض برطانوي ۽ مصري حڪومتن خلاف بغاوت ۽ انهن خلاف جنگين جي نتيجي ۾ سوڊان جي وڏي حصي (خرطوم ۽ آسپاس وارن علائقن) ۾ ’مهدويه تحريڪ‘ جي حوالي سان قائم اسلامي حڪومت جي پسمنظر ۾ محمد عثمان ڏيپلائيءَ ناول ”سوڊان جي سونهن عرف مجاهد مصر“ لکيو هو، جنهن جو پهريون ڇاپو 1943ع ڌاري شايع ٿيو. هن ناول جي خصوصيت اها آهي ته ان جو 1951ع ۾ اردو ترجمو، مولانا محمد حفيظ الرحمان ڪيو ۽ عزيز المطابع بهاولپور مان ڇپائي پڌرو ڪيو.
اسلامي موضوع تي لکيل ناوليٽ ”آخري اُميد“ کي تمام گهڻي پذيرائي حاصل ٿي. هي ناوليٽ سورهن بابن تي مشتمل آهي ۽ پهريون ڀيرو 1940ع ۾ عبرت ڪتابي سلسلي، اسلاميه دارالاشاعت حيدرآباد/ ميرپورخاص پاران شايع ٿيو. هن ناوليٽ جو چوٿون ڇاپو مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور پاران 2009ع ۾ شايع ٿيو آهي، جنهن ۾ 65 صفحا آهن. هن ناوليٽ ۾ خالد بن وليد ۽ ٻين مجاهدن جي بهادرانه ڪارنامن جو ذڪر آهي، خاص طور تي حضرت عمر جي زماني ۾ مسلمانن طرفان ”نازنين“ استوار جي بادشاهه پريول جي لاڙلي ڌيءُ مسلمان ٿئي ٿي. هن ناوليٽ ۾ علم نجوم وغيره بابت اسلامي نڪته نظر سان وضاحر ڪيل آهي.
سندس ناوليٽ ”دختر اسلام“ پهريون دفعو 1942ع ۾ شايع ۽ ان جو چوٿون ڇاپو مهراڻ اڪيڊمي پاران 2008ع ۾ شايع ٿيو. هن ناوليٽ ۾ حضرت ابوبڪر جي زماني ۾ هرقل جي فوجين ۽ مسلمانن جي وچ ۾ ٿيل جنگ جي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ حضرت خالد بن وليد عيسائن کي شڪست ڏني هئي. سڄي ناوليٽ ۾ مجاهدن جي بهادري، اخلاق ۽ عورتن جي اعليٰ ڪردار جي تعريف ڪيل آهي. ”روم جي راڻي“ اسلامي تاريخي ناول پهريون ڀيرو 1944ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو هو ۽ ان جو ٽيون ڇاپو اپريل 2013ع مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور ڇپائي پڌرو ٿيو، جنهن ۾ دلچسپ طريقي سان مسلمانن جي بهادرانه ڪارنامن جو ذڪر ڪيو ويو هو.
محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو هي ناول ”چين جو چنڊ“جو پهريون ڇاپو 1944ع ۾ عبرت ڪتابي سلسليوار/ اسلاميه دارالاشاعت، حيدرآباد، ميرپورخاص طرفان شايع ٿيو، هن ناول ۾ اعليٰ اخلاق ۽ اسلامي تعليمات جو ذڪر نهايت دلچسپ انداز ۽ سليس پيرايي ۾ ڪيل آهي. 2008ع ۾ ، هن ناول ٻيو ايڊيشن شايع ٿيو. هن ناول جي شروعات هن ريت ٿيل آهي:
”جنهن زماني جي اسين ڳالهه ڪري رهيا آهيون، اهو سنه 64 هه هو. بهار جي موسم هئي. چيني ترڪساتن جي مشهور شهر سمر قند ۾ عجيب هلچل هئي. اڄ جشن نو روز پهريون ڏينهن متبرڪ ليکيو وڃي ٿو، ان ڪري اهي قومون سج کي پوڃينديون آهن، سي هن ڏينهن کي سڀ کان وڌيڪ عيد سمجهي جشن ڪنديون آهن“.(60)
محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو لکيل ”ايراني شهزادي“ تاريخي ناول هفته وار ’عبرت‘ جي ڪتابي سلسلي جي جي آگسٽ 1944ع واري شماري ۾ شايع ٿيو. ناول ۾ سال 16 هه ۾ ايراني بادشاهه يزد جرد طرفان سندس وڃايل حڪومت حاصل ڪرڻ جي سميءَ جو ذڪر آهي. خلافت راشده جي دور جي فتوحات جو هيءُ آخري معرڪو هو. ناول ۾ چاليهه صفحا آهن.
محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي ٻين ناولن ۾ سندس ناول ‘حور بغداد’ ۾ 1940 ع شايع ٿيو، جنهن ۾ بغداد جي تباهيءَ جو داستان ڏنل آهي . ”شڪست حسن عرف فتح آمد (1940ع) ۾ مسلم سورهين جا داستان آهن. ”نازنين سمرنا عرف يادگار ڪمال“ (1940ع) ۾ ترڪيءَ جي مسلمانن جي تاريخ ۾ بيان ڪيل آهي. ”عصمت جي قيمت عرف فتح اسپين“ (1940ع) ۾ فتح اسپين جو ذڪر نهايت دلچسپ انداز ۾ ڪيل آهي. “بلبل ايران“ (1946ع) آفتاب پريس، ميرپورخاص مان ڇپيو .هن ناوليٽ ۾ ايران جي سماجي ۽ سياسي پسمنظر دلچسپ ڪهاڻيءَ سان بيان ڪيل آهي. ”نيل قرآن“ (1941ع) ۾ سن 23 هجري جا وقعا ڏنل آهن، جن ۾ حضرت عمر فاروق رضي الله تعاليٰ عنهه جي دور خلافت ۾ مصر فتح ٿي. مصر جي فتح کان سواءِ هن ناوليٽ ۾ ”محرم ۽ نا محرم“ جي مسئلي جو ذڪر قرآني حڪمن مطابق ڪيل آهي. ”گمراهه دوست“ (1942ع) ۾ هڪ ڀٽيڪيل دوست جي ڪهاڻي آهي، جنهن کي ٻيو دوست ايمان تي واپس آڻي ٿو. ”آفريڪا جي شهزادي“ (1941ع) ۾ حضرت عثمان غني رضي الله تعاليٰ جي دور ۾ مصر کان الهندي طرفان ريگستان واري ٽڪري کي فتح ڪرڻ جو احوال آهي. ”شوڪت اسلام“ (1944ع) ۾ ڪجهه مسلمان غازين جي سورهيائي بيان ڪيل آهي. سندس ناول ”امان الله شهيد“ هفتيوار عبرت ۾ شايع ٿيو. هن ناول ۾ انگريزن ۽ امير امان الله جي وچ ۾ ٿيل عهدي نامي تحت افغانستان کي آزاد ملڪ کي تسليم ڪرڻ جي سلسلي ۾ آهي.
انهيءَ دور ۾ متعصبي هندوئن طرفان مسلمانن جي دل آزاريءَ سان ڀريل متواتر ناول آهن، جن ۾ وير درگاداس، مغل رنگ محل، وير ڪماري وغيره شامل هئا. انهن جي ردِعمل ۾ ڏيپلائي صاحب هندستان تي مسلمان بادشاهن جي فتوحات ۽ اعليٰ ڪردار جي اُپٽار ڪندي ڪيترائي ناول آندا جن ۾ ”ڏاهري رنگ محل“،”ڪاشيءَ جا پاپڙ“،”گمراهه مسافر“، ”سومناٿ جي سندري“، ڪتي جو ....“ ، ”ڪارا ڪافر“، ”اورنگزيب جو انصاف“، ”ڪتي جو“ وغيره نمايان هئا. اهو اوائلي دور تقريباً 1943ع تائين هليو. هڪ ٻئي پويان انهيءَ ۾ ڪيترائي ناول شايع ٿيا جن ۾ هوشربا نازنين، روم جي راڻي، جنگ ترڪ و جرمن، نازنين سمرتا، ايراني شهزادي، دختر اسلام، فتح يرموڪ، چين جو چنڊ، غازي صلاح الدين، وغيره شامل آهن. انهن مان ڪيترائي ناول نئين سر ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيا آهن.
نانڪ هنڱوراڻي
نانڪ هنڱوراڻي، ان دور ۾ هڪ بهترين مترجم ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار هو. سندس تعلق حيدرآباد سان هو. هن نه صرف سرت چندر چئٽرجي جي ناولن جا ترجما ڪيا، پر مغربي ناولن جا به سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجما آندا. ان سلسلي ۾ سرت چندر چئٽرجي ناولن جا ”هار جيت“ (1943ع)، ” ڀاڀي“ (1943ع) ۽ ” جوالا“ (1943ع) ترجمو ڪيا. نانڪ هنڱوراڻي، انگريزن جي دور جو نالي وارو صحافي، مترجم ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار هو. 1942ع ۾هن آشا ساعت منڊل طرفان نانڪ هنڱوراڻيءَ جو ”ڦاسي“ شايع ٿيو، جيڪو وڪٽر هيوگو جي ناول The Last Day of a Condemned Man جو ترجمو هو. اصل ناول 1829ع ۾ شايع ٿيو هو، جنهن ۾ هڪ اهڙي ماڻهو جي ڪهاڻي بيان ٿيل آهي، جنهن کي ڦاسيءَ جي سزا آيل آهي. هن ناول ۾ ڦاسيءَ جي سزا تي تنقيد ڪيل آهي، ۽ خيال ڀريو ويو آهي ته اهڙي غير انساني سزا کي ختم ڪيو وڃي.
چوهڙ مل هندوجا (1902-1973ع)
چوهڙمل ولد ڏيارام هندوجا جو جنم حيدرآباد ۾ ٿيو. سندس شمار نالي وارن مترجم ڪهاڻيڪارن، ناول نگارن ۾ ٿئي ٿو. هن خاص طور تي هندستاني ادب خاص طور تي بنگالي ٻوليءَ جي ترقي پسند ادب کي سنڌي ۾ آندو. شرت چندر جا گهڻا ئي ناول ترجمو ڪيا، جن مان مکيھ ھئا: دادي، (اصل ”بڙي دادي“ -1939ع)، ”آزاديءَ جا اپاسڪ“ (پاٿير دعوي ٰ- 1940ع) ۽ ”جوالا“ (گرهه داھھ). ھنن ناولن مان پڇاڙيءَ وارو ”جوالا“ جنھن ۾ ھڪ سناتني ڇوڪري ۽ برھمڻ ڇوڪريءَ جي محبتي مسئلي جي اونھي من -کوجنا ڪيل ھئي.
چوھڙمل ڊگهو ناول The Wreck اصل ”نؤڪا ڊوبي“، تان ”طوفاني رنگ“ نالي ناول تان ترجمو ڪيو ھو. جيڪو 'ٽئگور' جو ناول آھي، جنھن ۾ سنسنيءَ وارا واقعا ڀريا پيا آھن ۽ ان جي ڪردارنگاريءَ به ڪي قدر سڀاويڪ ٿي لڳي. سندس ”آزاديءَ جا اپاسڪ“ قومي آزاديء تي هڪ ناول هو، جنهن ۾ هڪ بنگالي نوجوان جو برما ۾ نوڪري ڪندي هڪ اعليٰ خيال عيسائي ڇوڪريءَ سان پيار ۾ پوڻ جو مسئلو کنيل هو- جو گهڻي ڀاڱي ليکڪ جي آتم جيونيءَ تي ٻڌل هو، پر منجهس جي راڄنيتي بحث مباحثه ۽ انقلابي ڪارناما آندل آهن، سي آکاڻيءَ جي وهڪري کي روڪين ٿا ۽ ڪڪ ڪيو وجهن. پنھنجي ناول ”اک سور“ جي ترجمي لاءِ چوھڙ مل لکيو آھي ته ”چوکير واليءَ جو پھريون مختصر انواد، مون ”مايا“ جي نالي سان پنھنجي رتن ساھتيھ منڊل ڪراچيءَ جي پاران ڇپايو ھو. ھي مڪمل انواد آھي. مون ‘اک سور‘ نالو چوکير واليءَ جي شري ڪرشن ڪرپالاڻيءَ جي ڪيل انگريزي الٿي ونودني‘ تان ورتو آھي. ھن صاحب مکيھ نايڪا کي انگريزيءَ ۾ اپ نام ڏنو آھي ’اک سور‘ اھو نالو اصل ليکڪ جي ڀاو يا مراد سان ٺھڪندڙ آھي. مون کي ٻين نالن کان اھو نالو وڌيڪ ٿو وڻي. مون ان کي سنڌي روپ ڏنو آھي ’اک سور‘ مون ھيءُ الٿو مول بنگالي ’چوکير واليءَ‘ تان ڪيو آھي مدد لاءِ ھندي الٿو ’آنک ڪي ڪرڪري‘ ۽ خاص ڪري شري ڪرشن ڪرپلاڻيءَ جو انگريزي ترجمو ’ونودني‘ اڳيان رکيا اٿم“.(61)
چوھڙمل ”سنجوڳ“ جي عنوان سان رابندر ناٿ ٽيئگور جي ھڪ ٻئي ناول جو پڻ سنڌي ۾ ترجمو ڪيو. ھي ناول ساھتيھ اڪيڊمي نئين دلي طرفان 1963ع ۾ شايع ٿيو. چوھڙمل ھنديءَ ۽ اردوءَ ۾ ماھر ھو. سندس سنڌي عبارت، سليس ھنديءَ ۽ فارسيءَ جي وڻندڙ ميلاپ جو نتيجو آھي. توڻي بعضي تڙ تڪڙ ۾ لکڻ ڪري پختي نه لڳندي آھي. ان کان علاوه، چوهڙمل پارومل شرٽ جي به هڪ سهڻي ننڍي ناول جو ”للتا“ نالي (1939) جو آزاد ترجمو ڪيو هو. تنهن کانپوءِ ساڳئي ليکڪ جي شاهڪار ”شريڪانت“ جا ٻه ڀاڱا ترجمو ڪيائين، جنهن جا آخرين ٻه ڀاڱا چوهڙمل ترجمو ڪري 1947 ۾ ڇپايا.
مرزا مدد علي بيگ (1883ع –1930ع)
”مرزا مدد علي بيگ ولد مرزا نور محمد بيگ تخلص ”مدد“ جو حيدرآباد جي ٽنڊي آغا ۾ تولد ٿيو. هن کي سنڌي ۽ انگريزي جي تعليم ڏني وئي ۽ هن فارسي ۽ اردو ۾ به مهارت حاصل ڪئي. مرزا صاحب هندوستان ۽ ايران جي ڪيترن شهرن جو سير ڪري آيو هو. هن 1921ع ۾ ”صراط المستقيم“ نالي سان ماهوار رسالو شروع ڪيو هو، جنهن ۾ جعفري عقيدي مطابق تبليغ هئي. مرزا مدد جي گهراڻي ۾ شاعري جو گهڻو رواج هو، تنهن جو اثر هن تي به پيو ۽ هن ننڍپڻ کان شاعري شروع ڪئي. هن جو ناتو لاڙڪاڻي جي بزم مشاعره سان هو هن جا ڪيترائي غزل ”گلدسته سنڌ“ لاڙڪاڻي ۾ ڇاپيل ڏسڻ ۾ اچن ٿا“.(62)
مرزا مدد علي بيگ، سنڌيءَ ۾ ڪيترائي جاسوسي ناول لکيا ۽ ترجمو ڪيا، ڇو جو، ان دور ۾ جاسوسي ناول ذريعه معاش به هوندا هئا. سندس ناولن ۾”حيرت انگيز عرف چين جو شهزادو “(ٻه جلد1912ع)، ”جينٽلمين بانڪي ميري مٽي ڪيئن خراب ڪئي“ (1913ع)،”طلسم حيرت عرف جادو جو دٻو“ (1913ع)،”ڪامل عيار عرف مسٽريز آف حيدرآباد“ (1914ع)، ”عيار پادري“ (ٻه ڀاڱا 1915ع)، ”عقل چرخ“ (ٻه جلد 1916ع)، ”انارڪلي ۽ سيف الملوڪ“، ”قصو گل صنوبر“ (1929ع)، ۽ ٻيا ناول شايع ٿيل آهن.
ليلارام ولايتراءِ سپاهيملاڻي (1906- 1978ع)
ليلارام ولايتراءِ سپاهيملاڻي حيدرآباد جو نالي وارو مترجم ۽ پبلشر هو. سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن ۽ سندس پسند جي ليکڪن ۾ مسز هينري ووڊ جو نالو به اچي ٿو. هن مسز هينري ووڊ جي مشهور ناول Mrs. Haliburton’s Troubles جو ترجمو اصل ماحول ۽ نالن سان ”هئلبرن جا ڏاکڙا“ جي نالي ڪيو، جيڪو جونائيل ڪو آپريٽو سوسائٽي طرفان 1922ع ۾ شايع ٿيو. هن ناول جا اهم ڪردار مختلف پريشانين ۽ علتڻ جو شڪار آهن، صرف مسز هئلبرن آهي، جيڪا بهترين سيرت جي مالڪ آهي. مسز هئلبرن، پنهنجي اولاد جي ڪڌن ڪرتوتن جي ڪري فڪر ۽ مصيبتن جو شڪار آهي ۽ سڄو خاندان بدحاليءَ جو شڪار آهي. هن ناول ۾ مذهبي رسمن تي به تنقيد ڪيل آهي ۽ اهو فلسفو سمايل آهي ته ”خدا به انهن جي مدد ڪندو آهي، جيڪي پنهنجي مدد پاڻ ڪندا آهن. ليلارام ولايتراءِ سپاهيملاڻيءَ، هن ناول کي آسان ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي.
‘ليلارام ولايتراءِ سپاهيملاڻي، مسز هينري ووڊ جي هڪ ٻئر مشهور ناول Danesbury House جو ترجمو ڊينسبري آڪهه جو قصو’، جي ناولي سان ترجمو ڪري 1921ع ۾ نئين سنڌي لئبرريءَطرفان ڇپائي پڌرو ڪيو. هي ناول گهريلو ۽ سماجي موضوع تي آڌاريل آهي، جنهن ۾ هڪ خاندان جي زندگيءَ کي پيش ڪري سماجي اصلاح ڪئي وئي آهي. ڪجهه نقادن راءِ ڏني هئي ته هي ناول مسز هينري ووڊ جي ذاتي زندگي تي آڌاريل آهي، ڇو ته سندس شاهوڪار ۽ واپاري ڪٽنب انگلينڊ مان فرانس هليو ويو، جتي عياشين جي ڪري کين ڪنگال ٿي ويو. خاندان جي هر هڪ فرد جو هڪ ٻئي تان اعتبار ختم ٿي ويو. اهڙن حالتن ۾ مايوس ڪٽنب واپس انگلينڊ آيو ۽ نئين سر جدوجهد ڪري پنهنجي وڃايل وقار کي بحال ڪيو. ان سڄي جدوجهد ۾ مسز هينري ووڊ جو وڏو ڪردار هو، جيڪا هن ناول ۾ مسز ڊينسبري جي نالي سان موجود آهي. ليلارام ولايتراءِ سپاهيملاڻي پنهنجي ترجمي جي ديپاچي ۾ ڄاڻايو ته اهڙا ڪردار ۽ ماحول سنڌ ۾ به موجود آهي، جن جي اصلاح لاءِ ضروري هو ته هن قسم جا ناول سنڌيءَ ۾ به ترجمو ڪري سندن اصلاح ڪجي.
ليلارام ولايتراءِ سپاهيملاڻي، مسز هينري ووڊ جي ٽئين ناول East Lynne تان 1926ع ۾ ”ايسٽ لين“ جي نالي سان ترجمو ڪيو، جيڪو جيٺمل پرسرام جي ”نئين سنڌي لئبرري طرفان شايع ٿيو. هي ترجمو 152 صفحن تي مبني آهن. مسز هينري ووڊ جو اصل ناول 1861ع ۾ شايع ٿيو هو، جنهن ۾ وڪٽورين دور جي گهريلو ماحول جي عڪاسي ڪيل آهي. ناول جي مرڪزي هيروئن ليڊي آسابيل، جيڪا نوجوان ۽ خوبصورت آهي، جيڪا پنهنجي محنتي ۽ محبت ڪندڙ مڙس مسٽر ڪارلائل کي ڇڏي هڪ عياش ۽ شاهوڪار مسٽر فرانسز ليوسن سان تعلقات رکي ٿي، جنهن سندن گهريلو ماحول تي برا اثر مرتب ٿين ٿا، جيڪي سندس گهريلو زندگيءَ کي تباه ڪري کي، پر آخر ۾ غلط فهميون دور ٿين ٿيون ۽ ماحول بهتر ٿئي ٿو.
ليلارام ولايتراءِ سپاهيملاڻيءَ 1927ع ۾ والٽر اسڪاٽ جي ناول The Heart of Midlothian جو اختصار”دلير دل نينگر“ نالي سان ڏنو، جيڪو ”نئين سنڌي لئبرريءَ“ ۾ ڇپيو هو. ايس جي. ڪوآپريٽو سوسائٽي حيدرآباد جي بانيڪار ليلارام ولايتراءِ ڪيترا ڊراما، افسانا ۽ ناول ترجمو ڪيا. هن ڪي طبعزاد ناول به لکيا. هي ناول شهر ۾ اسمگلرن جي ڪري ٿيل فسادن جي پسمنظر ۾ آهي. سپاهين ۽ چورن جي مقابلي ۾ ڪيترائي عام شهري مارجي وڃن ٿا يا زخمي ٿين ٿا. اتي هڪ دلير نينگر پنهنجي بهادري، سياڻپ سان امن ڪرائي ٿو. هن ناول ۾ اصلاحي ۽ بهادري جو رجحان موجود آهي. ليلارام ولايتراءِ، فريڊرڪ وليم فرار Julian Home, a college story کي انتهائي اختصار سان 1920ع ۾ ”جولن جي آکاڻي“ جي نالي سان ترجمو ڪيو، جنهن کي ڄيٺمل پرسرام شايع ڪرايو هو.
پروفيسر موٽومل گدواڻي
موٽومل منگهارم گدواڻي نالي وارو عالم ۽ اديب هو. 1913ع ۾ انگريزي ادب ۾ ايم.اي ڪيائين ۽ ايلفنسٽن ڪاليج ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. بعد ۾ کيس نيشنل ڪاليج جو پرنسپال پڻ مقرر ڪيو ويو. اڳتي هلي نوڪري ڇڏي سياست ۾ حصو ورتائين. اڪيچار ڪهاڻيون ۽ ناول به سنڌي ۾ ترجمو ڪيائين، جن ۾ وڪٽر هيوگو جي ناول کي ”دکي انسان“ ۽ لارڊ لٽن جي ناول کي ”زئنوني“ جي نالي سان ترجمو ڪيائين. وڪٽر هيوگو جو مشهور ناولLa-Miserable کي 1922ع ۾”دکي انسان“ جي نالي سان ترجمو ڪيو. اصل ڪتاب ٻارهن سو ٻاويهن صفحن تي مشتمل آهي،پروفيسر صاحب سنڌيءَ ۾ صرف 143 عام ڪتابي صفحن ۾ سموهيو. هن پڻ پنهنجي ترجمي تي محنت ڪئي، اصل لفظن کي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪئي. سندس ترجمي جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
”سن 1815ع ۾، آڪٽوبر مهيني جي هڪ ڏينهن، سج لٿي کان اٽڪل ڪلاڪ کن اڳ، هڪ شخص پيادو فرانس جي ڪنهن ننڍي شهر ۾ گهڙيو. شهر جا ٿورا رهاڪو جي انهيءَ وقت پنهنجن درن ۽درين وٽ بيٺل هئا، تن هن مسافر ڏانهن جاچي پئي نهاريو. هو قد جو پورو، بت ۾ ڀريل ۽ مضبوط هو. عمر اٽڪل اٺيتاليهه ورهيه هيس. منهن اس ۾ ٽامڻي ٿي ويو هوس، ۽ پگهر پئي وهيس. ڪپڙا سادا سودا پيل هئا. قميص زردي ڪئليڪي جي هيس، جنهن مان اگهاڙي ڇاتي پئي ڏٺيس. سٿڻ به ڦاٽل ٽٽل هيس. پٺيءَ تي هڪ وڏي ٿيلهي ۽ هٿ ۾ شاهي ٿلهي لٺ هيس. هن شخص جو ڪو اوهي واهي ڪو نه هو. هو فقط هڪ پرديسي مسافر هو، جو اچي اتان لانگهائو ٿيو هو. ڪٿان آيو هو ۽ ڪيڏانهن ٿي ويو“.(63)
سندس ٻيو ناول ھندستان جي اڳوڻي وائسراءِ Lord Lytton جي ناول ”زئنوني“ (1923ع) جو ترجمو ھو. ھي ناول مذھبي ۽ فلسفي بابت آھي. ھن ناول ۾ ھڪ ھنڌ چوي ٿو ته ”پوءِ زئنوني وايولاتي ڀر ۾ ويھاري کيس ڪن اوچن فيلسوفيءَ جي متن ۽ ڌرم جي ڳجهن کان واقف ڪرڻ لڳو. وايوڪا اھي خيال ڏيئي ٻڌا. پوءِ ھن چيو ته: مان وديا ڪين پڙھي آھيان، مگر منھنجو ايشور ۾ سچو نشچو آھي ۽ مون کي پڪ ھئي ته توھين مون انڌيءَ ڏي ايندا ھوت سلامت سپرين“.(64)
هيرانند سوڀراج
هيرانند سوڀراج جو نالو به انگريزن جي دور جي مترجم ناول نگارن ۾ اچي ٿو. هن خاص ڪري مغربي ناولن جا ترجما ڪيا.1945ع ۾ هيرانند سوڀراج ميرچنداڻيءَ هال ڪين جو ناول ‘White Prophet’ جو ”انصاف عرف آزاديءَ جا آديوتي“ نالي سان 1935ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جي مھاڳ ۾ محمد عثمان ڏيپلائيءَ ھندو مسلم اتحاد جي ڳالهه ڪئي. زبان ۽ بيان ۾ ھڪ ڪامياب ناول آھي.هن ناول جو ٻيو ايڊشن ، 1990ع ۾ ”مصر جي آزادي“ جي نالي سان شايع ٿيل آهي.
هن ناول ۾ مصري بهادرن جي ڪارنامن جو بيان عمدي نموني ڪيل آهي، جن پنهنجي ملڪ جي آزديءَ لاءِ تحريڪ هلائي ۽ قربانيون ڏنيون. هي ناول ، ان دور جي پيدوار آهي، جڏهن آزاديءَ جي تحريڪ پنهنجي عروج تي هئي. مترجم پنهنجي مهاڳ ۾ لکيو آهي ته: ”اهڙي ڪتاب جو سنڌي ترجمو لاڀائتو ئي ٿيندو پڙهندڙن ۾ ديش ڀڳتي جو امنگ پيدا ڪندو“.(65)هن ناول تي راءِ ڏيندي وشنراءِ جڳتياڻيءَ لکيو آهي ته:”مصر به ڀارت جيئان غلام پئي رهيو آهي. ڪجهه سال اڳي کيس آزادي ملي پر اهابه وڏن ڪشالن کان پوءِ، نه اهڙي جهڙي هئڻ گهرجي. انگريزن ڪيئن کين دٻائڻ جي ڪئي، تنهن جو چتر هن ناول ۾ چڱي طرح چٽيل آهي. هن آزاديءَ جي سمي ۾ اهڙن ناولن جي چڱي گهرج آهي، پر جا ڳالهه هن ناول کي تمام گهڻي دلچسپ بنائي ٿي سا آهي گارڊن (Garden) نالي هڪ انگريز جي اعليٰ نموني جي حب الوطني، سچائي ۽ دليري. انگريزن جي جيت ۾ هن مصر واسين جي دلين جي امنگن کي چڱي ءَ ريت پروڙيو آهي. بالا عملدارن جي حڪمن هوندي به هن مصر واسين کي ايذائڻ کان نابري واري نه رڳو ايترو پر پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي به هنن جي مدد ڪئي. آخر ۾ خود پاليامينٽ وٽان کيس پنهنجو انصاف پلاءُ پيو“.(66) هن ناول جو ٻيو ايڊشن ، 1990ع ۾ ”مصر جي آزادي“ جي نالي سان شايع ٿيل آهي.
فريڊرڪ وليم فرار جي ناول Eric, or Little by Little جو هڪ ٽيون ترجمو ، هيرانند سوڀراج ”روزان روز“ جي نالي سان انتهائي اختصار سان 1937ع ۾ الٿو ڪيو. هي ناول اخلاقي اصلاحي آهي. هن ناول جي ”آڪڙ خان“ واري باب ۾ ڪافي طرافت پيش ٿيل آهي. هن ناول تي انگريزي اخبار ”سنڌ آبزرور“ اخبار تبصرو ڪندي لکيو هو ته :
The pathetic story of Eric which grips the imagination and touches the heart of every school boy
هن ناول جي ڪهاڻي وندرائيندڙ ۽ اخلاقي لحاظ کان تمام عمدي نموني پيش ٿيل آهي، جنهن ۾ شاگردن لاءَ نيڪ صلاحون ۽ ڪارآمد سمجهاڻيون ڏنل آهن.انهيءَ کان علاوه ماءُ ۽ پيءُ جي محبت ۽ عزت بابت به ڪيتريون نصحيتون ڏنل آهن. هن ناول ۾ شاگردن جي تعيلم ۽ هلت چلت جي سڌاري لاءِ توڙي مائٽن جي فائدي لاءِ ڪمائتا ويچار ڏنل آهن.
پرڀداس ڀيرومل (مرتيو آگسٽ 1943ع)
پرڀداس ڀيرومل ولد ڀيرومل مهرچند آڏواڻي جو جنم حيدرآباد ۾ ٿيو. پاڻ مضمون نگار، ناول نويس، ڪهاڻيڪار ۽ مترجم هو. پرڀداس مشهور ليکڪ ٿيو. سک ڌرم ۾ شامل ٿيڻ کان پوءِ سندس ادبي سرگرميون اڃا به وڌيڪ ٿي ويون ۽ هو ”سک ٽرئڪٽ سوسائٽي“ ۾ شامل ٿي ۽ ادبي ڪم ڪرڻ لڳو. پرڀداس عرف هرنام سنگهه، هه- پ وديارٿيءَ جي شراڪت ۾ ڪيتريون ئي پنگتي ڪهاڻيون چيدي سنڌيءَ ۾ لکيون، جيڪي “سک ٽرئڪٽ سوسائٽي” وارن “هيرا جواهر” (1931ع) مجموعي ۾ ڇپايون هيون. پرڀداس ڀيرومل، انگريزي ليکڪ جان بنيان جي مشهور تمثيلي ناول Pilgrim’s Progress جو ترجمو”سالڪ جو سفر“ جي نالي سان ڪيو. ڪتاب جو پهريون ڇاپو، 1943ع ۾، موهن جي شهاڻي ايجوڪيشنل پبليڪيشن ڪمپنيءَ پاران ڇپايو ويو هو. ان سلسلي ۾ ڪاڪي ڀيرومل لکيو آهي ته ”پڇاڙيءَ ۾ ”سالڪ جو سفر“ (Pilgrim’s Progress ) لکيائين. پاڻ آگسٽ 1943ع ۾ گذاري ويو، تنهن کان پوءِ اهو دستخط سنڌي ادب (ساهت) لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ پسند ڪري، ساڍا ٽي سو روپيا انعام طور ڏنا. اِهو هاڻي ڇپيو آهي ۽ تعليم کاتي وارن درسي ڪتاب طور منظور ڪيو آهي“.(67)هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شوري، فيبروري 2012ع ۾ ڇپايو آهي . ياد رهي ته هن ناول جو پهريون ترجمو پادري شرٽ 1877ع ۾ ٻن ڀاڱن ۾ ڪيو.
هي ناول عيسائي اصولن تي ٻڌل هو. ليکڪ ڪتاب عيسائي مذهب جي نقطه نگاهه کان لکيو هو، پر هن ڪتاب ۾ ڪنهن به خاص مذهب جو پرچار ڪرڻو نه هو ۽ نه ڪو فرقيـوار رنگ ڏيڻو هو، ان ڪري مترجم مناسب هنڌن تي ڦير ڦار ڪئي آهي ۽ ڪيترن هنڌن تي پنهنجي پيءُ ۽ نامور عالم ڀيرو مل آڏواڻيءَ جي صلاح سان شاهه، سچل، سامي ۽ ٻين جي ڪلام مان ڪجهه بيت وڌايا آهن، جنهنڪري ڪتاب جو رنگ ۽ ڍنگ نرالو ٿي پيو آهي. ڪتاب ۾ اصل ليکڪ جا خيال منڍ کان آخر تائين ساڳيا رکيا ويا آهن. ڪتاب ۾ روحاني سفر جو ذڪر آهي، جنهن ۾ اهو تمثيلي نموني ڄاڻايل آهي ته سالڪ کي ٻن قسمن جي مصيبتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، هڪڙيون بيروني ۽ ٻيون اندروني. بيروني مصيبتون آهن دنيوي تعلقات ۽ دنيوي ڳالهين بابت خفا ۽ اندروني مصيبتون آهن.
لطف الله ”جوڳي“ بدوي (1904 – 1968ع)
سنڌي ادب جي مشهور اهل قلم ۽ مصنف، شاعر، مترجم ۽ محقق پروفيسر لطف الله بدوي ولد امام بخش “خادم” جو جنم شڪارپور ۾ ٿيو. شعر و شاعريءَ کان سواءِ ادب ۽ فن جي هر صنف تي سندس قلم هلندو رهيو. لطف الله بدوي بابت احسان بدوي لکي ٿو ته “افسانوي ادب سان بدوي صاحب جو خاص لڳاءُ هو. لطف الله بدويءَ جي افسانا نگاري، جامع خصوصيتن جي حامل آهي. هنجي افسانن تي، حقيقت نگاريءَ سان گڏ، مقامي رنگ، نهايت ئي گهريءَ طرح ڇانيل آهي، هو صاحب، شايد اهو پهريون افسانا نگار آهي، جنهن ڪائنات جي رنگ ۽ بوءِ ۾ رهي به، زندگيءَ جي تلخ ۽ ٺوس حقيقتن کي پنهنجي افساني جو موضوع بڻايو آهي ۽ زمين وارن سان تعلق رکندڙ مسئلن تي سوچيو ۽ لکيو آهي. ان ڪري کيس افسانه نگاريءَ ۾ اوليت جو درجو حاصل آهي؛ جو هن پنهنجي زندگيءَ کي، پنهنجي فن جو موضوع بڻايو آهي“.(68)ھن ڪيترائي افسانھ، ناول ۽ ڊراما لکيا. سندس ناول اڪثر ڪري تاريخي قصن تي مبني ھوندا ھئا. سندس ڪيترائي ننڍا ۽ وڏا ناول شايع ٿيا، جن ۾”ڪامني“ (1927ع)، ”رت جا ڳوڙھا“ (1935ع)، ”عروس عجم“(1926ع) ۽”مجاھدين“ (1962ع) اھم آھن.
سندس ناول ”ڪامني“ لاءِ ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو لکي ٿو ته ”سندس تاريخي ناولن ”ڪامني“ سندس زندگيءَ جو پهريون لکيل ناول آهي.پاڻ جڏهن لائلپور، پنجاب ۾ ايگريڪلچر يونيورسٽيءَ ۾ تعليم حاصل ڪري رهيو هو. تڏهن فرصت جي وقت ۾ هي ناول قلمبند ڪيو هئائين، جو 1927ع ۾ ماستر ڪريم بخش ٽانوري، الحنيف پرنٽنگ پريس شڪارپور مان ڇپائي پڌرو ڪيو هو“.(69) ھي ھڪ تاريخي ناول ھو، جنھن جي ڪھاڻي سلطان محمود غزنويءَ جي سومناٿ مندر تي ڪيل ڪاهه تي مشتمل آھي. سندس ناول ” عروس عجم“ 1926ع ۾ شايع ٿيو. ھن ناول جي ڪھاڻي ايران جي پسمنظر ۾ ھڪ عشقيھ داستان تي آڌريل ھئي. ناول ۾ مقالا سٺا ۽ دلچسپ آھن. ھي ناول 1959ع ۾ ٻيو ڀيرو ”ابيلا“ جي نالي سان شايع ٿيو. 1935ع ۾ سندس ناول ”رت جا ڳوڙھا“ شايع ٿيو. ناول دراصل مشھور اردوءَ جي ناول نويس اشفاق احمد جي ”خون ڪي آنسو“ جو ترجمو ھو. ھي ناول انساني رشتن جي نازڪ لاڳاپن جي ترجماني ڪري ٿو.
سندس ناول ”مجاھدين“ 1962ع ۾ آر ايڇ احمد برادرس حيدرآباد پاران شايع ٿيو. ناول 488 صفحن تي مبني آھي. ناول اسلامي تاريخ جي نامور مجاھدن جي بھادري جي پسمنظر ۾ لکيل آھي اھڙي طرح سندس ٻيو ناول ”جهاندار شاهه آرام دل“ 1946ع ۾ شايع ٿيو. ھن پوري ناول تي داستاني رنگ چڙھيل آھي. ان کان علاوه بدوي صاحب ٻيا به ڪيترائي ناول لکيا، جيڪي شايع ٿي نه سگهيا ياقسطوار مختلف رسالن ۾ شايع ٿيا. انهن مان گهڻا جاسوسي ناول به ترجمو ھئا، انهن ۾ ”بلئڪ جاسوس جي آتم ڪھاڻي“،”بلئڪ بھادر“، ”مجيد جو ھوائي جهاز“ ۽ ”انعامي ھيرو“ شامل آھن.
پروفيسر نارائڻداس ڀمڀاڻي (1912-1994ع)
نارائڻداس ولد ميوارام ڀمڀاڻي انگريزي ادب جو ڄاڻو ۽ ماھر ھو. ايم. اي انگريزيءَ ۾ ڪيل ھئس. پاڻ ڏيارام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ انگريزيءَ جو پروفيسر ھو. نارائڻداس ڀمڀاڻيءَ جو تعلق ساهتي پرڳڻي جي پڊعيدن سان هو. ڊاڪٽر رفيق احمد مڱريي مطابق ”ممڪن آھي تھ ڀمڀاڻي صاحب پاڻ پڊعيدن، ٺارو شاھھ يا ٺٽِ جو ئي ھجي، پر ان جو اسان کي اڃان تائين ڪو واضع ثبوت نھ ملي سگھيو آھي، باقي ايترو سو معلوم ٿئي ٿو تھ، پاڻ ”غريبن جو ورثو“ ۾ ٺارو شاھھ، ڪنڊيارو، ھالاڻي، گھانگھرا ۽ بازيدپور جو ذڪر واضع طور ڪري ٿو ۽ پاڻ ناول جي پلاٽ ۾ ڪنڊيارو ۽ ان جي پسگردائي ۾ گھمي، ڦري ۽ لامارا ڏئي ٿو. مطلب تھ سندس خيالن جي اپٽار سمنڊ جي ڇولين وانگر آھي، جو ڪڏھن پير مھدي شاھھ تھ ڪڏھن خانواھڻ تھ وري ڪڏھن گھانگھرا گھمي ٿو. انھيءَ مان معلوم ٿيو تھ پاڻ ھن علائقي جو ئي آھي، تنھنڪري کيس ھتان جي وستين واھڻن، ماڳن مڪانن ۽ ڳوٺن ۽ شھرن بابت ڳوڙھي ڄاڻ آھي“.(70)
پروفيسر نارائنداس بمبئي يونيورسٽيءَ مان انگريزي ادب ۾ ايم.اي ڪري ڊي. جي ڪاليج ۾ پروفيسر بڻيو، 1947ع ۾ هجرت ڪري هندستان هليو ويو، جتي اجمير جي گورنمينٽ ڪاليج ۾ خدمتون جاري رکيائين. سندس حياتيءَ جي احوال مان معلوم ٿئي ٿو ته هن هندستان وڃي پنهنجون ادبي سرگرميون ختم ڪري ڇڏيون. پاڻ بھترين مترجم بھ ھو تھ ان سان گڏوگڏ سٺا طبع زاد ناول لکي سنڌي ادب کي ڏنائين، ھو سنڌي علم ادب جي اعليٰ ناول نگارن مان ھڪ آھي. ھن جا ناول فني توڙي ادبي لحاظ کان اعليٰ شمار ڪيا ويا آھن. ھر ڪا ادبي لکڻي وقت جي آئينھ دار ھوندي آھي، جنھن ۾ حالتن جي عڪاسي ڪئي ويندي آھي، اھي ٻئي خوبيون ڀمڀاڻيءَ جي ناولن ۾ ملن ٿيون. ناولن کان سواءِ 1944ع کان 1945ع تائين سنڌ جي مشھور ليکڪن جا نثر ۽ نظم تي مشتمل ٽي ڀاڱا” ادبي گلشن“ نالي مرتب ڪيائين، 1945ع ڌاري پروفيسر ڀمڀاڻي ”ادبي غنچو“ شايع ڪيو، جنھن ۾ سندس ئي ڊي. جي سنڌ ڪاليج ڪراچي جي ساٿي پروفيسر رام ِ پنجواڻي جي ليکن جو انتخاب بھ ھو. تنھن کان سواءِ سندس تصنيف ۾ ”شاھھ جون سورميون“ تصويرن سان گڏ سنڌي ڪتاب گھر حيدرآباد طرفان ۽ ٻيو ڇاپو 1957ع ۾ ڇپيو، ان کان سواءِ ٻارن لاءِ آکاڻيون پڻ لکي ٻاراڻي ادب ۾ اضافو ڪيائين. ”1932ع ۾ ديوان بولچند راڄپال مشھور ماھوار علمي مخزن ”سنڌو“ برپا ڪئي تھ ان ۾ پروفيسر ڀمڀاڻي صاحب جو ادبي ليک ”سنڌي ساھتيه جا ٽيھھ سال 1916ع کان 1946ع“ ڇپيو.
1942ع ۾ ڀمڀاڻيءَ جو ناول ”مالھڻ“ ڇپجي ظاھر ٿيو، جنھن جو پس منظر سنڌ جي ”سن“ ۽ ”مانجھند“ شھرن تي ٻڌل آھي پر اھو جھوني زماني وارن موتن ۽ خودڪشين سان ٽمٽار آھي، توڻي جو منجھس خيال فيلسوفاڻا ۽ عبارت علميت واري اٿس. پروفيسر ڀمڀاڻيءَ تي ، ٿامس هارڊيءَ جو اثر غالب هوندو هو، جيڪو هن ناول ۾ نظر اچي ٿو، يعني ”هڪ مرد ۽ ٻه عرتون“ ۽ انهن ۾ سمايل تضاد. هن ناول ۾ ٽي ڪردار: سندر، شيام ۽ سندري آهن. ساڳي طرح قسمت جو کيل اهو آهي ته عورت پنهنجي قسمت اڳيان مجبور ٿي پنهنجي محبت جي قرباني ڏئي ڇڏي ٿي. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لکي ٿو ته ”ھي ھڪ اھڙي انسان جي زندگيءَ جو نقشو آھي، جو گھر سڙڻ جو اطلاع ٻڌي اوڏانهن ڀڄي ٿو، پر پنهنجو الھو تلھو ۽ پياري پٽ کي بچائي نٿو سگھي. قرباني، خوشي ۽ غم جا جذبا ھن ناول ۾ نمايان آھن. ڇا ٻار ئي خوشي ڏيڻ وارو آھي؟ ھي ناول مختلف ڪردارن جي ڪارڪردگيءَ سان انجام پذير ٿئي ٿو“.(71)
1943ع ۾ مصنف جو ھڪ ٻيو ناول ”وڌوا“ ڇپيو، جنھن جو پس منظر ڪراچي، حيدرآباد ۽ نوابشاھھ جھڙن شھرن تي ٻڌل آھي. ڀمڀاڻيءَ جو ناول وڌوا، جيئن نالي مان ظاھر آھي. ھن موضوع جي پسمنظر ۾ لکيو ويو آھي. ناول نگار فرسوده رسمن ۾ ڦيرو آڻڻ لاءِ ھيءَ ڪاوش ڪئي آھي. وڌوا جي سورمي سونا جا خيال ۽ سندس آواز زال ذات جو آواز آھي. ڀمڀاڻي ھن ناول ۾ ھڪ آدرش جو پرچار ڪيو آھي. هي هڪ سماجڪ ناول آهي. ناول جي ڪهاڻيءَ لاءِ ڀمڀاڻي لکي ٿو ته ”وڌوا جي سورميءَ سونا، کي شاديءَ جي پهرين رات معلوم ٿئي ٿو ته سندس ڀتار ٻيءَ کي پيار ڪري ٿو. رواجي ڇوڪري جيڪر هڪدم پيڪن ۽ ساهرن کي ان کان آگاهه ڪري هيا، مگر سونا ٻڙڪ به نه ٻولي. پنهنجي خوشيءُ جو خيال ٿيس، پر وڌيڪ پتيءَ جي عزت ۽ امن جو انونو رهيس. سونا سٺو، ڇاڪاڻ ته هوءَ بي عيب هئي ۽ منجهس چترائي ڪا نه هئي. هن دکن زندگي ڪاٽي، ان ڪري جو هوءَ نيڪ دل هئي، منجهس تياڳ جو گڻ هو. اهڙن انسانن کي هن دنيا ۾ سک نصيب نه ٿو ٿئي“.(72)
پروفيسر ڀمڀاڻيءَ جي هن ناول تي به ، ٿامس هارڊيءَ جو اثر غالب آهي يعني ”هڪ مرد ۽ ٻه عرتون“ ۽ انهن ۾ سمايل تضاد. وڌوا“ ۾ مونا ٻن دوستن جي وچ ۾ قربانيءَ جو کاڄ بڻجي ٿي. ناول ”وڌوا“۾ ھڪ عورت ”گومي“ پنھنجي پٽ ”اجيت“ کي شادي ڪرائڻ جو اونو رکي ٿي پر هن وٽ شاديءَ جو خرچ ۽ ڪنوار جي واسطي زيور گھڙائڻ لاءِ ڪجھه به نه آھي، پر اجيت کيس چئي رھيو آھي ته امان! زيورن پائڻ جي ڪھڙي ضرورت آھي؟ جنھن تي گومي کيس چوي ٿي ته، اجيت! مڻين بنا نئين ڪنوار ڪيئن سھڻي لڳندي؟
”عورت جي سونھن سادگيءَ ۾ آھي ۽ نه سون ۾، مڻيا زال کي من لڀائيندڙ نه ٿا بنائين پر ھن جا لڇڻ، عورت جا اخلاق ئي ھن جا بي بھا ڳھڻا آھن.“ اجيت اھا وراڻي ڏئي ٿو.
جنھن تي ماڻس کيس چوي ٿي ته:
”ائين پرائي ماس ۾ ڪاتي وجھڻ سٺو ڪم ڪين آھي.“
سندس ناول ”پاڪ ۽ پاڪيزگي“ ٿامس هارڊي جي Tess of D. Urervilles جو الٿو آهي، جيڪو 1945ع ۾ شايع ٿيو. هارڊيءَ جو اصل ناول 1891ع ۾ ڇپيو تڏهن وڪٽورين ازم پنهنجي عروج تي هئي. هارڊي ڪتاب جي سرورق تي سندس نالي جي هيٺان ذيلي عنوان طور ”هڪ پاڪ عورت“ جو واڌارو ڪيو هو. ٽيس، جان ڊربي فيلڊ نالي هڪ مقامي گهورڙيي جي ڌيءُ هئي. ٽيس ، حالتن کان مجبور ٿي ٻن مردن جي انا جو شڪار ٿئي ٿي. هڪ ساڻنس شادي ڪري هميشه لاءِ ڇڏي ڏئي ٿو ۽ ٻيو سندس عزت سان کيڏي ٿو. آخر ۾ هيءَ عورت هڪ نه ڪيل گناه جي ڪري فاسيءَ تي چڙهي وڃي ٿي، تڏهن به ليکڪ چوي ٿو:”انصاف ٿي ويو“.
ھن ناول ۾ ماحول ۽ معاشري جي خرابين کي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي، جيئن ته ھي ناول سنڌ جي حالتن سان ٺھڪندڙ ھو، تنھنڪري ھن جو ترجمو سنڌيءَ ۾ ڪري مٿس نالو رکيائين ”پاڪ ۽ پاڪيزگي“.مترجم لکي ٿو ته:”ھن ڪتاب جو بنيادي ويچار ڪھڙو آھي؟ انسان جي جيڪڏھن صرف ٻاھرين رھڻي ڪھڻي پاڪ آھي ته، اھو ڪافي نه آھي، رھڻي ڪھڻيءَ کان وڌيڪ ضرورت آھي ته ، سندس خيالن ۾ ڪوبه ناپاڪ جزو نه ھجي“.(73) ناول جي هيروئين ”نسيما“ هڪ اهڙي ڇوڪري آهي جنهن لاءِ ڪتاب جي پهرئين حصي ۾ ”ڪنواري“ ۽ ٻئي حصي ۾ ”ڪنواري نه رهي“. جا لفظ ڪتب آندل آهن. انهيءَ بابت ڪجهھ تبصري نگارن جو رايو هو ته اهو پنهنجي دور جي مڃيل اخلاقي اصولن تي اڇلايل هڪ تکو تير هو. نسيما جي زندگيءَ جو سمورو احوال انهيءَ فلسفي تي بيٺل آهي ته ڪيئن هڪ پاڪ عورت جي زندگي، سماج جا ڪوڙا ۽ نقلي ماڻهو برباد ڪري سگهن ٿا.
1935ع ۾ چوٿون ناول ”غريبن جو ورثو“ لکيائين، جو ديوان موتي رام راماڻي 1946ع ۾ پھريون ڀيرو سنڌي ادبي گھر ڪراچيءَ مان شايع ڪيو. سندس ٻين ناولن جي مقابلي ۾ ڀمڀاڻيءَ جو ناول غريبن جو ورثو، وڌيڪ مقبول ٿيو. سنڌ ۾ ڪاليج ۽ يونيورسٽي نصاب ۾ گھڻو وقت رھيو.هن ناول تي به ٿامس هارڊيءَ جو اثر نظر اچي ٿو، ڇو جو هن به ساڳي تقدير جو مسئلو آهي يعني حميد ۽ جنت جي شادي بلڪل ويجهو آيو ته سچل بيمار ٿي پيو۽ نتيجي ۾ هن پنهنجي محبت کي فرض تان قربان ڪري ڇڏيو. ھيءَ ڪھاڻي ضلعي نواب شاهه (ھاڻي نوشھري فيروز) جي ڳوٺن ۽ شھرن جي چؤگرد گھمي ٿي. جنت، حميد، پيرو ۽ ٻين ڪردارن سان ھن ناول ۾ ھڪ آدرش جو سبق سمايل آھي. غربت، سچائيءَ جي پوش ۾ ڍڪجي وڃي ٿي، جيئن جنت ھڪ غريب ھاريءَ جي ڌيءَ آھي، پر سچائي ھن جي ڪردار جو بنيادي نڪتو آھي. ته به ھوءَ ڀوڳي ٿي. اھو سڀ غربت ڪري آھي. پڙھڻ وارن لاءِ ھي به نڪتو سوچڻ جھڙو آھي ته ڇا غريبن دنيا ۾ گند ڪيو آھي يا پئسي وارن ماڻھن جو جيئڻ حرام ڪيو آھي؟
هن ناول جو محرڪ هڪ واقعو آهي، جو هڪ رات ڪراچيءَ جي رستن تي رونما ٿيو. ناول نگار ان سلسلي ۾ ديپاچي ۾ لکيو آهي ته ”رات جو وڳڙو ھو. مان بستري تي سمھيل ھوس. اکيون ٻوٽيل ھيون، پر ننڊ اڃا ڪانھ آئي ھيم. رات بھ ھروڀرو گھڻي ڪانھ گذري چڪي ھئي. اوچتو ڪنھن جي رڙين جو آواز منھنجن ڪنن تي پيو. ٽپو ڏيئي اٿيس. ٻاھر ڪٽھڙي ۾ اچي ھيٺ رستي ڏانھن کڻي نھاريان تھ ڪراچي ميونسپالٽيءَ جا ڪي ملازم، ھٿن ۾ بيد جا سنھا لڪڻ ھئن. فقيرن، سندن زالن ۽ بارن کي زمين تان اٿاري رھيا ھئا. منھنجھي کاٻي ۽ ساڄي ماڻھون ڪٽھڙن ۾ نڪري آيا. ”اٿو! اٿو!!“ ھڪ ميونسپل ملازم وڏي واڪي دڙڪو ڏيندي چين، ”ھيءَ سمھڻ جي جاءِ نھ آھي.“ مون سمجھيو. ميونسپالٽيءَ قاعدو پاس ڪيو ٿو ڏسجي تھ جيئن تھ فقيرن شھرن ۾ وئل مچائي ڏنو آھي، انھن جي چرڻ پرڻ تي چوڪسي رکجي. جتي ٿو فقيرن کي وڻي، تِتي سامان سڙو رکي، گھر ٺاھي ويھي ٿا رھن. ائين گندگي ٿي ٿئي. غريب ڀلا وڃن ڪيڏانھن؟ ھنن جا گھر ڪو مٽيءَ ۽ ڪاٺ جا ڪين آھن. انھن مسڪينن جي ڇِت آھي آسمان ۽ چار طرف آھن چار ڀتيون، انھن جي گھرن ۾ نھ آھن ڪمرا ۽ نھ ورانڊا، نھ گلم، نھ غاليچا. ڇِنل تڏو يا پراڻو ڳوڻ جو ٽڪرو وڇايو ويھيو رھن. جتي ويھن اھو گھر ٿيو پوين“.(74) غريبن جي اھا حالت ڏسي مصنف جي دل تي گھڻو اثر ٿيو ۽ سندس دل ۾ اھي خيال اٿيا تھ:
•غريبن برابر ۾ دنيا ۾ گند ڪيو آھي؟
•پٽ تھ ڌڻيءَ جو آھي، پوءِ ھي انھن کي سمھڻ ڇو نٿا ڏين؟
•غريب بھ تھ سماج جو جزو آھي.
•جي غريب ٿيڻ گناھھ آھي، تھ پوءِ انھن جي سڌاري لاءِ ڪو قدم ڇو نٿو کنيو وڃي؟
•دولتمندن جا ڪتا بھ ڪوٺين ۾ قابو آھن پر غريبن کي کليل ميدانن تي سمھڻ جي بھ اجازت نھ آھي.
• اي انسان! خيرات اھا نھ آھي تھ، تون اسپتالون ۽ مسافر خانا ٺھرائين پر غريبن جو ٻار رستي ۾ ھڪ پيسو گھري تھ ان کي ڇڙٻون ڏين.
• اي انسان! تون جيئن علم ۽ عقل ۾ ترقي ٿو ڪرين، اوتريو دل جو سخت ڇو ٿو ٿين؟
• غريب جڏھن ساندھھ ڏک سھي ٿو تھ، سندس سيرت گھڙجي ٿي.
• قدرت انسان کي پنج حواس ڏنا آھن، پر غريبي ڇھون حواس آھي.
•چون ٿا تھ غريبن ۾ علم پرائڻ لاءِ چاھھ ڪونھي، ھاڻي جيڪي ماڻھو کائڻ لاءِ پريشان ۽ ڍڪڻ لاءِ اٻاڻا نيڻ کڻي نھارين تھ اھي علم لاءِ ڪيئن اڳڀرا ٿيندا؟
پروفيسر ڀمڀاڻيءَ جي ناولن جي باري ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا لکيو آهي ته ”پروفيسر صاحب ان دور جي پيداوار هو، جنهن کي ”قومي جاڳرتا وارو دور“ سڏيو ويو آهي. ملڪ ۾ اٽي، لٽي ۽ اجهي جهڙن مسئلن لاءِ ڪشمڪش جاري هئي. سرمائيدارن، ڪارخانيدارن، زميندارن ۽ ٻين ، جن پاڻ کي ملڪ جا مدبر ۽ چڱا مڙس سمجهي، اندر ئي اندر سماج کي بگيڙيو ٿي، تن جي خلاف سڄي ملڪ ۾ اديبن قلم کنيو هو. سنڌي اديبن ۾ ڀمڀاڻي به هو، جنهن سنڌي جوانن ۾ اهڙي جاڳرتا آڻڻ لاءِ ناول لکڻ شروع ڪيا. هن جي منشا هئي ته غريب پاڻ کي نيچ نه سمجهن“.(75)
آسانند مامتورا (1903- 1993ع)
سنڌي ٻوليءَ جي جديديت جي ناول نگار ۽ ڪهاڻيڪار آسانند ولد مامتوراءِ جو جنم اولڊ ٽائون، ڪراچيءَ ۾ ٿيو. آسانند مامتورا جي زندگيءَ جو گھڻو حصو ڪراچيءَ ۽ بعد ۾ بمبئيءَ جي اسڪول ۾ ھيڊ ماستريءَ ۾ گذريو ۽ ان ڏس ۾ درسي ڪتاب به لکيائين. آسانند مامتوراءِ پهريون سنڌي افسانوي اديب هو، جنهن پنهنجي ڪهاڻين ۽ ناولن ۾ نفسيات ۽ جنسيات جي موضوعن کي آندو. 1939ع ۾ آسانند مامتوراءِ جي چئن ڪهاڻين جو مجموعو “جيوت، پريم ۽ پاپ جون ڪهاڻيون” “ڪهاڻي ساهت منڊل” حيدرآباد ڇپائي پڌرو ڪيو. 1943ع ۾ “آشا ساهت منڊل” “طرفان سندس ٽن ڪهاڻين جو مجموعو “آرسي” نالي سان ظاهر ٿيو. ان وچ ۾ سندس پنج ڪهاڻيون “سنڌو” رسالي ۾ پڻ ڇپيون. آسانند مامتورا ڪھاڻيڪار سان گڏ ھڪ ناول نگار به ھو. سندس پھريون آدرشي ناول ’شاعر‘، 1941ع ۾ ’آشا ساھت منڊل‘ ڇپائي پڌرو ڪيو، سندس ٻيو طبع زاد ناول ’حليما‘ سندس جنم ڀومي سنڌ جي مسلم زندگيءَ تي آڌاريل شاھڪار ناول آھي، جيڪو ڪونج پبليڪيشن بمبئيءَ 1977ع ۾ ڇپي پڌرو ڪيو. ھي ٻئي ناول سنڌ ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۽ چونڊ پبليڪيشن لاڙڪاڻي پاران پڻ شايع ٿيا.
آسانند مامتورا جو ناول ”شاعر“ آشا منڊل، ڪراچيءَ پاران 1941ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. هي سنڌيءَ جو پهريون نفسياتي ناول آهي، جنهن ۾ جهموريت ۽ سوشلزم جو اثر ملي ٿو.هن ناول جو مهاڳ نامور اديب لالچند امرڏني مل لکيو آهي، جيڪو پهريون دفعو.هن ناول ۾ ڪل ڇهه باب آهن. هن ناول بابت لالچند لکي ٿو ته، “هن ناول جو هيرو چندر هڪ اهو سڀاڳو انسان آهي، جو اڪيلو ئي اڪيلو تن ۽ من جي اگهور سنڪٽ مان لنگهيو آهي ۽ جنهن جي ليلان ۽ سودامنيءَ هڪ روپ ٿي سموري غير کي ٻاهر هڪالي کيس هن لائق ڪيو آهي... هي ناول منهنجي سعادتمند شاگرد ۽ ڪنهن وقت عزيز همڪار، آسانند مامتورا جو رچيل هي ناول انهن ٿورڙن ناولن مان آهي، جي اصليت جي رکي سگهن ٿا“.(76)
ناول جو مرڪزي ڪردار چندر هڪ شاعر آهي، سندس شعر ۾ سماج ۽ شادين جي پابندين کي موضوع بڻايو ويو آهي. سندس اهڙي هلت کان ناراض ٿي، سندس محبوبا ليلا جي پيءَ ناراض ٿي ليلا جي شادي چندر بجاءِ هڪ آءَ.سي.ايس آفيسر نوجوان سان ڪراچي ڇڏي ٿو. ليلا، چندر جي جدائيءَ ۾ بيمار ٿي مري وڃي ٿي. ناول جي ٻوليءَ شاعراڻه آهي:
”آسمان ۾ چوڏس جو چندرما کڙيو بيٺو هو. ان جا روپ ورنا ڪرڻا، برف ۽ نهر جي گجيءَ تي پئي پيا. عجيب سندرتا، پوترتا جي سفيد لباس هئي. مدهوش ڪندڙ مشاهدو هو. مان پل جي ڪني وٽ ويهي رهيس ۽ پنهنجون اکيون ان ادڀت ۾ کڻي کپايم“.(77)
”حليما“ ناول، آسانند مامتورا، 1947ع ۾ لکيو، جيڪو ماحول، ڪردارن ۽ موضوع جي حوالي کان بلڪل مختلف آهي. سنڌ جي وايو منڊل ۾ مسلم زندگيءَ تي، اُن وقت جي ٻرندڙ مسئلن تي لکيل هي ناول، ان وقت لکجي پورو ٿيو هو، جڏهن سنڌي مسلمان، نئين دور جي چانئٺ تي پير رکي بيٺا هئا. هي ناول، 1947ع ۾ ڇپجڻ لاءِ ويو، پر ورهاڱي سبب ڇپجي نه سگهيو. 30 سالن کان پوءِ، ڪونج پبليڪيشن بمبئيءَ هن ناول جو پهريون ڇاپو شايع ڪيو. هن ناول ۾ حليما جو مکيه ڪردار هڪ نائڪا جو آهي، جيڪا پنهنجي ڏکن ڏُڌي زندگيءَ جي ڪهاڻي بيان ڪري ٿي. لاوارث ڳوٺاڻي حليما 14 سالن جي ڦٽندڙ جوڀن ۾ ڏاڍائيءَ جو شڪار ٿي. وڏيري جو پٽ جڏهن ساڻس زيادتي ڪري عليڳڙهه موٽي ٿو وڃي ۽ کيس ڪچو مئل ٻار ڄمي ٿو، تڏهن مسڪين عورت مجبوريءَ واري حالت ۾ سندس سريت بڻجي ٿي رهي. ان وقت سندس جسماني ڪيفيت جو بيباڪ ذهني بيان مامتورا نهايت نفيس ۽ چڀندڙ لفظن ۾ ڪيو آهي. حليما حالتن کان لاچار ٿي، انگريزي مخالف تحريڪ ۾ شامل ٿئي ٿي، پوليس جي لاٺي چارج ۽ ڪرفيو جو مقابلو ڪري. ان دوران هن جو پيار هڪ هاريءَ سان ٿئي ٿو.
بهرحال ناول جي ڪهاڻي دک انت آهي، پر عاليشان عبارت ۽ اسلوب ۾ لکيل آهي.هن ناول جو مهاڳ، سنڌي ٻوليءَ جي عظيم ليکڪ منگهارام ملڪاڻيءَ لکيو آهي. هو لکي ٿو ته، ”جنم ڀومي سنڌ جي مسلم زندگيءَ بابت هي ناول بيحد اتساهه بخشيندڙ آهي. هن اميد ڏيکاري آهي ته هيءُ ناول سنڌ توڙي هند ۾، سرحد جي ٻنهي پاسي سنڌي ڀائرن کي پسند پوندو. هن ناول لاءِ ڊاڪٽر چندو لعل لکيو آهي ته ”هن ناول ۾ ڏيکاريو ويو ته زميندار نه صرف ظالم هئا، پر شهوتي پڻ. ناول شروع ڪرڻ سان ائين محسوس ڪبو ته ان ۾ حليمان نالي عورت جي دلسوز ڪهاڻي ڏنل آهي، پر ناول پڙهي پوري ڪرڻ کان پوءِ سمجهه ۾ ٿو اچي ته حليمان ”اٻلا“ نه آهي، خود ”بلا“ آهي. پڙهندڙن جي دل ۾ همدري ڪان ٿي جيئن زينت لاءِ“. هو وڌيڪ لکي ٿو ته ”حليمان“ ناول کي ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. هڪ حصو ”رومانوي“ ۽ ٻيو “سياسي“. ٻنهي حصن جو مول ڪردار آهي حليمان . رومانوي حصي ۾ حليمان کي چريتر هيڻو ڏيکاري ويو آهي ۽ سياسي حصي ۾ حليمان کي ڪرانتڪاري ۽ بيبڪاڪ عورت ڏيکاريو ويو آهي“.(78)
سندس ڊگهي ڪهاڻي “ڳنوارڻ عرف ڪڪي” سنڌي ادب جي بهترين ڪهاڻي سمجهي وڃي ٿي، جنهن جا ڪيترن ئي ٻين ٻولين ۾ ترجما ٿي چڪا آهن. هن ڪهاڻيءَ ۾ احساس ڪمتري، سماجي حيثيت جي مونجهاري کي جنم ڏئي ٿي. ننڍي عمر جي ڇوڪري جي شادي وڏي عمر جي مرد سان ٿيل آهي. پروفيسر احسان بدوي لکي ٿو ته“ آسانند مامتوراءِ جي افسانن کي پڙهندي، اسان جي دل تي جو اثر ويهي ٿو، سو آهي، ته مٿس رومانيت جو اثر گهري طرح ڇانيل آهي ۽ هن عشق محبت جي داستان کي پنهنجي افساني جو موضوع بڻايو آهي“.(79)
پروفيسر رام پنجواڻي (1911 – 1987ع)
هند سنڌ جي نامياري اديب، شاعر، راڳي، ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ ناٽڪ نويس، پروفيسر رام پنجواڻيءَ جو پورو نالو رام پرتاب راءِ پنجواڻي هو. هن 20 نومبر 1911ع تي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. ڊي. جي ڪاليج مان گريجوئيشن ڪرڻ بعد اتي ئي ليڪچرار مقرر ٿيو. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي رهبريءَ ۾ ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي سرڪل قائم ٿيو ته ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ کي ان جو صدر ۽ رام پنجواڻيءَ کي نائب صدر بڻايو ويو ۽ شيخ عبدالرزاق ”راز“ ان سرڪل جو جنرل سيڪريٽري بڻيو، جڏهن ته شيخ اياز سميت ٻيا ناليوارا اديب ان جا ميمبر هئا. ڪيترائي ناول لکيائين ۽ ترجمو ڪيائين، جن ۾ ”قيـدي“ (1943ع)، ”شرميـلا“ (1944ع)، ”لطيـفـا“ (1945ع)، ”اسـان جـو گهـر“ (1946ع)، ”چانديءَ جو چمڪو“ (1947ع)، ”زنـدگـي يا مـوت“ (1952ع)، ”آهي نـه آهي“ (1955ع)، ”شل ڌيئر نه ڄمن“ (1957ع)، ”پدما“ (1939ع) شامل آهن. سندس بابت احسان بدوي لکي ٿو ته “رام لعل پنجواڻي جي افسانن تي فرانسيسي افسانا نگار موپاسان جو نهايت ئي گهڻو اثر پيل آهي ۽ هن جا افسانا جن ۾ جنسي پهلو نمايان آهي“.(80)
پروفيسر رام پنجواڻيءَ ‘هال ڪين’ جي مشهور ترين ناول ‘Eternal City’ جو الٿو ”پدما“ جي نالي سان ڪيو، جيڪو 1939ع ۾ شايع ٿيو. هن ناول جي ڪهاڻي هندستاني سماجي زندگيءَ سان ٺهڪندڙ آهي ۽ تمام دلچسپ ڪهاڻي بيان ٿيل آهي. هن ناول کي ديسي ماحول ۾ آڻي ملڪي سياست تي به روشني وڌي وئي آهي. پروفيسر رام پنجواڻيءَ هن ناول کي هندستاني ماحول ۽ سنڌي ڪردارن سان پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن ناول جي ڪردارن ۾ پدما (پدماوتي)، ٻلديو (امرناٿ)، ڊاڪٽر نريندر ناٿ (سريندر ناٿ)، پرڀا شنڪر (راج منتري)، سيلونتي ، گرڌر راج گرو ۽ ٻيا ڪردار آهن. هي ناول 1799ع واري دور سان وابسته سلطنت شاهي کي ختم ڪندي جهموري نظام برپا ڪرڻ جي ويچار ڌارا جي دائري اندر رومانوي پلاٽ تي آڌاريل آهي. ناول جو پلاٽ هن ريت آهي ته ڪانچي ڳوٺ ۾ ڊاڪٽر نريندر ناٿ کي پنهنجي بنگلي جي ڏاڪڻ تي هڪ يتيم ٻار ”ٻلديو“ ننڍ ڪندي ملي ٿو. ڊاڪٽر صاحب، پنهنجي زال سان صلاح ڪري، ان ٻار کي پاڻ وٽ پناهه ڏئي ٿو ۽ سندس ڌيءَ پدما ان ٻار کي ڀاءُ ڪري سڏي ٿي.
سندس ناول ”قيدي“ اصلوڪو ناول آهي، جنهن ۾ ”منوهر“ ھڪ اھڙو ڪردار ڏيکاريو ويو آھي جيڪو پنهنجي ڪهاڻي بيان ڪري ٿو. ھو چترڪار، گايڪ آهي ۽ سنگيت دنيا جو قيدي آهي. ناول جي منڊ ۾ جڏهن منوهر کي تار ملي ته هو تصويرن جي مقابلي ۾ پهريون نمبر آيو آهي. تڏهن سندس ماڻس چوي ٿي ته ”شڪرانا مچ انهيءَ مالڪ جا جنهن جي ڪرپا سان تو سوڀ جپ سهرو ٻڌو آهي.“ هن ناول ۾ رام پنجواڻيءَ موسيقيت سان محبت جي انتها ڏيکاري آهي . هو چوي ٿو ته ”مان ڳائيندو رهيس، ٻڌندڙ ٻڌندا رهيا، مان ٻوليندو رهيس، آيل جهومندا رهيا، هر هڪ تان ، مرڪ سرگرم تي واهه واهه جا نعرا بلند هئا، ڌپ ڌپ تي ڌنيواهه جي ڌني قائم هئي“.(81)
اڳتي هلي، منوهر سياسي قيدي ٿي وڃي ٿو ۽ جنم ٽيپ جي سز ڀوڳي ٿو. منوهر ليلا جي صحبت ۾ اچي ٿو ۽ ليلا جو مناطيسي اثر منوهر ٿي ڇائنجي وڃي ٿو. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي، ”قيديءَ“ بابت تبصرو ڪندي لکي ٿو ته ”پروفيسر رام پنجواڻي جو ھي نئون سنڌي ناول سنڌي ساھت ۾ انھن جزوي ناولن مان ھڪ آھي، جي اصليت جي دعويٰ رکن ٿا. لکندڙ خود سنڌ جو مشھور راڳيندڙ ۽ ڪلاڪار آھي، سو ھن ڪتاب ۾ سنگيت ۽ چترڪاريءَ جا اھڙا ته اعليٰ امنگ اٿاريندڙ بيان ڪيا اٿس، جن جهڙا مون ٻئي ڪنھن سنڌي ڪتاب ۾ نه پڙھيا آھن“.(82)
”شرميلا“۾گجراتي زندگي جو پسمنظرڏنل آھي. ھن ناول ۾ شرميلا انگريز عورتن وانگر زندگي بسر ڪري ٿي. مثال طور گهوڙي سواري ڪرڻ، ڪتا پالڻ ۽ جهنگ ۾ وڏي بوٽ سان گهمڻ وغيره. ھن ناول جي خاص ڳالهه ھي آھي ھڪ ھندستاني عورت ڪيتري بھادر آھي جا مردن جي معاشري ۾ اعتماد سان جيئي ٿي. ھن ناول جي ڪھاڻي ڪنھن انگريزي ناول کان متاثر ٿي لکي ويئي ھئي، جنھن جي باري ۾ خود ناول نگار وڌيڪ وضاحت ڪري ٿو ته:
”ٻھ سال ٿيا ته ڪنھن انگريزيءَ ۾ لکيل آکاڻي مون کي وڻي ۽ انھيءَ آکاڻيءَ جي واٽ تي ويھي دليان ھي قصو ”شرميلا “ جوڙي پيش ڪيو اٿم.“
ڊاڪٽر غلام حسين پڻ ھن ناول جي باري ۾ ھيءَ راءِ ڏئي ٿو ته ”ھن ناول جو ھر منظر ڪنھن يورپي ملڪ جو محسوس ٿئي ٿو، جيتوڻيڪ ھن ۾ نالا سنڌ جي شھرن جا ڏنا ويا آھن. ھن ناول جو خاتمو سک انت آھي، جيئن شرميلا، ناول ۾ آخر ساجن سان ملي ٿي ۽ ارميلا اھا ڳالهه خوشيءَ سان قبول ڪري ٿي“.(83)
1945ع ۾ لکيل رام پنجواڻيءَ جو ناول ’لطيفان‘ سماجي ناول آهي، لطيفان جو پيءُ خون جي الزام ۾ جيل ٿو وڃي ۽ لطيفان پنھنجي چاچي جي گهر ٿي رهي. ملڪيت جي لالچ ۾ چاچي هن جي خلاف سازشون ٿي ڪري ۽ لطيفان گهران خودڪشي ڪرڻ نڪري ٿي. هن ناول ۾ سماج ۾ عورت جي مجبورين جو ذڪر ڪيل آهي. ناول جو هڪ ڪردار رضيه مظلوم عورت ڏيکاريل آهي، جيڪا پنھنجي گهرواري در محمد جي لاتعلقي ۽ لاپرواهي کي ڀوڳيندي ٿي رهي. هن ناول ۾ اهو ڄاڻايو ويو آهي ته عورت هر حال ۾ چپ رهي صبر ڪندي رهي. هن ناول ۾ زميندارن جي ظلمن جي به ڪٿا بيان ڪيل آهي. لطيفا، هڪ اڻ پڙهيل ڳوٺاڻي عورت آهي، جيڪا صورت ۽ سيرت واري عورت آهي. هڪ ڏينهن سلما اوچتو افواهه پکيڙيو ته ”رات وچ ۾ عيسي ڪنڀر جي ڌيءُ گهر کان ٻاهر نڪري ويئي آهي ۽ اڄ صبح جو مٺل به گم آهي“. لطيفا جي مٺل سان محبت آهي، افواهه ٻڌي بيهوش ٿي وڃي ٿي. جڏهن سجاڳ ٿئي ٿي ته موت کيس سڏي ٿو ”هلي آءُ ، هلي آءُ لطيفا! تو کي آرام کپي ته ڊوندي آءُ... باقي ڇا بچيو اٿئي. پيءُ پرديس ۾ ، ماءُ ملڪ ادم ، مٺل به رلائي ويي روه ۾هاڻي باقي ڇا جو آسرو اٿئي؟ هلي آءُ مون ڏانهن، هلي آءُ! باقي آسرو مون ۾ ملندو.
هوءَ درياهه ۾ ٽپ ڏئي خودڪشي ڪري ٿي، پر هڪ مهاڻو کيس بچائي وجهي ٿو. ٻئي زميندارن جي ظلمن جون به ڪيتريون ئي ڪٿائون ناول ۾ ڏنل آهن.
”اسان جو گهر“ ۾ ھڪ انگريز عورت ٻن ھندو ڀائرن کي ويڙھائي الڳ ڪرڻ چاھي ٿي. ھن ناول لاءِ ڊاڪٽر نور افروز خواجه لکيو آھي ته: ”ھن ناول جي رٿا اصلوڪي ھئي، جنھن ۾ تمثيلي طور ھندستان جي آزاديءَ ۽ ورھاڱي جي چٽي تصوير چٽيل آھي. ھن ناول ۾ رام لعل ۽ شام لعل ٻنھي ڀائرن جي محبت تي ٻڌل ڪھاڻي آھي، جن جي دلين ۾ ھڪ انگريزي عورت، پنھنجي مفاد خاطر نفاق وجهي، جدا جدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، پر ھوءَ انھيءَ ۾ ناڪام وڃي ٿي“.(84)
سندس ناول ”چانديءَ جو چمڪو“ ٻين ناولن کان موضوع جي لحاظ کان بھتر آھي. ھڪ ته ھن ۾ ورھاڱي جو پسمنظر ۽ ٻيو ته پيسي جي چمڪي تي ماڻھن جو ايمان وڪڻڻ جو پسمنظر ڏنو ويو آھي.
ورھاڱي کان پوءِ وارن ناولن ۾ سندس ”زندگي يا موت“ ۾ سنڌ مان لڏي آيل مھاجرن جي ڪئمپن واري زندگي گذارڻ جو ماحول ڏاڍو ڀوائتي انداز ۾ ڏنو اٿس. ھن ناول جي موضوع بابت رام پنجواڻي ناول جي مقدمي ۾ لکي ٿو ته”ڪيترن سنڌ واسي نرواسين سان ملڻ پئي ٿيو. انھن جو درد ڀريون وارتائون ٻڌي پريشان من ويتر به پريشان ٿي ويندو ھو، ھر ڪنھن کي ڪا نه ڪا لڳي پئي آھي. کين سائتا جي ضرورت پوندي ھئي. ڪن کي مالي مدد کپندي ھئي. پنھنجو ھڪ مائٽ، ھڪ ڏينهن مون وٽ آيو، سندس منھن ھيسايل ھو، حال پريشان ھو، ھو دک ۽ درد جي تصوير لڳو ٿي. ھميشھ خوش مزاج، بي پرواهه ۽ توڪلي مڙس، پر ھينئر ڏٻرو، لاچار ۽ ٻڍو ٿي لڳو. حال پڇڻ تي چوڻ لڳو ته، ”پاڻي سر کان مٿي چڙھي چڪو آھي. ھو روئي ويٺو، روئڻ تي ھري ويو ھو. اکين جي ھيٺان نشانن پوري ثابتي ڏني ٿي. چيائين ته نوڪري وٺي ڏي؟ مون چيس ته توکي ته آرام جي ضرورت آھي، ان تي چيائين ته آرام وٺي سگهان ٿو. پوءِ ھڪ اشتھار ڏيکاريائين، جنھن ۾ لکيل ھو ته ”گهر جي ھڪ شاھوڪار، پنجابي جوان ڇوڪري لاءِ، ھڪ غريب نرواسي ڇوڪري.“ چيائين ته اشتھار ڏسي، ڇوڪري کي ڏسڻ ويس، ڇوڪري جوان آھي، پڙھيل آھي پر منھن تي اڇا داغ آھن. وڏي سوچ کان پوءِ ان فيصلي تي پھتو آھيان ته مائٽي اتي ڪريان، جو مون کي ڏهه ھزار روپيا ملندا.
ھي سڄو ناول انھيءَ سچي ڪھاڻيءَ کان متاثر ٿي لکيو اٿم. ورھاڱي کان پوءِ جي حالت ڇا بڻي، تنھن جو مثال ھن ناول ۾ ملي ٿو.
سندس ناول ”آھي نه آھي“ ھر لحاظ کان منفرد ناول آھي. ھن ۾ خدا جي تصور تي بحث ڪيو ويو آھي. ھن ناول ۾ ھن انھن گمراهه ماڻھن کي دليلن سان يقين ڏياريو ويو آھي ته خدا جي ذات موجود آھي ۽ ان جي وجود ۾ ذري جو به شڪ ڪرڻ نه گهرجي. ڄيٺانند لعلواڻي ھن ناول بابت لکي ٿو ته ”ھي ناول ’آھي نه آھي‘ ڀارت جيون جي پاٺڪن اڳيان رکندي بيحد خوشي ٿئي ٿي. ھي ناول، ناول نه آھي ۽ نه ئي ھن ۾ رڳو وندر آھي، پر منجهس ڳوڙھا خيال پيش ڪيا ويا آھن. ايشور آھي نه آھي. اھو اڄ ڪلهه جي نوجوانن جو سوال آھي، جيڪي سمجهن ٿا ته ھيءَ دنيا رڳو قدرت جي زور تي ھلي رھي آھي، پر انھن جي ھلائيندڙ کي مڃين ئي نه ٿا“.(85)
سندس آخري ناول ” شل ڌيئر نه ڄمن“ ھڪ شاھڪار ناول آھي جو سنڌ جي سماجي ۽ معاشي مسئلن جو زنده مثال آھي. ھن ناول ۾ ڌيئرن جي ڏيتي ليتي، ڏاج ۽ غلط رسمن تي سخت تنقيد ڪئي اٿس. رام پنجواڻيءَ انھيءَ ڏيتي ليتيءَ جي ڪري سماج جي تباھي جو منظر ھن ريت پيش ڪري ٿو:
”ڏيتي ليتي اسان جي سماج جو رت چوسي ڇڏيو آھي. اڳي ڏيڻ وٺڻ جي حد پندرھن ويهه ھزار ھئي ۽ ھاڻي شاھوڪارن ۾ لک سوا لک تائين وڃي پھتو آھي. شادي سودو ٿي پئي آھي. ھن ۾ ٻوليون لڳن ٿيون، سو ٿيون ڏجن وٺجن ٿيون، ڏاج کان علاوه روڪ جي واري ڦيري ٿئي ٿي ۽ بلئڪ جا پئسا اڇا ٿين ٿا. ٻين سودن وانگر ھن سودي ۾ به دلال آھن. ھڪ پاسي به ڪميشن کائين ۽ ھن پاسي به کليو کلايو. گهوٽن جون مائرون وات کولي ويٺيون آھن. ڇوڪرين جون مائرون رت روئن ٿيون. شاھوڪار ته پنھنجو ڪارو ناڻو اڇو ڪندا، پر وچولي درجي وارا ڇو ڪن؟ ڪيترن گهرن ۾ ته ڇوڪريون ويٺيون آھن. مائٽ اھڙي حالت ۾ ڇوڪرين کي نه ٿا اگهائين ۽ ڇوڪريون به اھا خواھش ئي نه ٿيون ڪن. اھڙيءَ حالت ۾ سماج ۾ به تبديليون اچڻ کپن“.(86)
پروفيسر پنجواڻي محبتن جو امين، معاشرتي اصلاح ڪندڙ ۽ ڌرتيءَ درد رکندڙ ناول نگار ھو. سندس ناول عام رواجي موضوعن کي به منفرد ڪري پيش ڪن ٿا. ھو ڪٿي به ڪو مسئلو جڏھن اٿاري ٿو ته ان کي اڌورو نه ٿو ڇڏي نه وري سندس ڪو ڪردار منجهيل يا اڌورو آھي. ھر ڪنھن ڪردار جي غلطيءَ جو نچوڙ يا سٺائي جو عڪس بلڪل صاف صاف لفظن ۾ پيش ڪري ٿو. اھو ئي سبب آھي جو پڙھندڙ ھن جي ڪردارن سان ھمدردي ڪن ٿا.
شيوڪ ڀوڄراج (1906ع –1987ع )
هند ۽ سنڌ ۾ ٻاراڻي ادب جو مشهور نالو دادا شيوڪ ڀوڄراج لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. نثر نگاري ۽ خاص ڪري ٻاراڻي ادب ۾ سندس پورهيو وسارڻ جوڳو ناهي. دادا شيوڪ ڀوڄراج، آڪٽوبر 1926 ڌاري ٻارن جي پهرين تنظيم ”ٻالڪن جي ٻاري“ جو بنياد وڌو. ڪراچيءَ ۾ قائم ڪيل ان تنظيم بعد ۾ هڪ تحريڪ جيان مشهور ٿي، ان وقت پاڻ لاڙڪاڻي ۾ ماستر هو. انهيءَ تنظيم جون شاخون سڄي سنڌ ۾ به قائم ڪيون ويون .تنظيم طرفان 1934ع ۾ ٻارڙن جو هڪ ماهوار رسالو ”گلستان“ به جاري ڪيو ويو. شيوڪ ڀوڄراج ٻه آتم ڪٿائي ناول”آشرواد“ (1933ع) ۽ دادا شيام“ (1934ع) پڻ ڇپيا، سندس ناولن جا مکيه ڪردار اسڪولي ماستر هئا.ٻئي ناول ان وقت لکيا ويا جڏھن ملڪ ۾ سياسي ھلچل شروع ٿي چڪي ھئي. شيوڪ ڀوڄراج ڪانگريس جي پليٽ فارم تان سياست ۾ حصو ورتو ۽ جيل به ويو. جيل ۾ ئي ٻئي ناول به لکيائين. ٻنھي ناولن جو ماحول ساڳيو آھي. ٻنھي ناولن ۾ ھو ”شيام“ جي نالي سان ظاھر ٿئي ٿو. گهڻي قدر ٻئي ناول ليکڪ جون آتم ڪھاڻيون آھن.
شيوڪ ڀوڄراج جو ”آشيرواد“ ناول 1933ع ۾ پڌرو ٿيو. ھيءُ ناول ھندستان اندر ھلندڙ آزاديءَ جي تحريڪ جي پس منظر تي لکيل آھي. ھن ناول ۾ آزاديءَ جي تحريڪ دؤران گانڌيءَ جي انھن ويچارن جي اپٽار ڪئي وئي آھي، جيڪي ماڻھن جي روين پٽاندر ڏينھون ڏينھن پڌرا ٿيندا رھيا.شيوڪ ڀوڄراج ”آشيرواد“ ناول نئين طرز سان لکيو. اھا طرز اڳ ۾ ڪنھن به ناول نويس ڪتابن ۾ ڪا نه آندي ھئي. ھن ناول ۾ ناول جو مول ڪردار پنھنجي آتم ڪھاڻي ٿو ٻڌائي. سڄو ناول ضمير متڪلم ۾ لکيل آھي. انھيءَ جو مطلب ته ناول ۾ ڪھاڻي به آھي ته آتم ڪھاڻي به آھي. ان سلسلي ۾ پروفيسر منگهارام ملڪاڻي لکي ٿو ته ”١٩٣٣ع ۾ شيوڪ ڀوڄراج ھڪ عاليشان اصلوڪو ناول ”آشيرواد“ لکيو، جنھن کي نئين جڳ جو حقيقت نگاريءَ تي ٻڌل پھريون اھم ناول سمجهڻ کپي. ھندستان ۾ آزاديءَ جي ھلچل جو اثر سنڌ تي پڻ پئجي چڪو ھو، ۽ مھاتما گانڌيءَ جي ستياگره ۾ بھرو وٺندي، شيوڪ صاحب ڪي اونھا اندر جا آزمودا پرايا جن تي ھيءُ ناول ٻڌو ھئائين، ۽ اھو اصول ثابت ڪري ڏيکاريائين ته روزمره جي جيوت جي جبري جاچ سان اڀياس ڪرڻ کي ڪلاڪاريءَ سان پيش ڪري زندگيءَ جي معمولي واقعن مان دلچسپ ڪھاڻيون بنائي سگهجن ٿيون، جي گهمساني حادثن جون محتاج آھن. ھن لکندڙ جي عبارت ھالو چالو روزمره واري اتساهه ڀري ھئي“.(87)
1933ع ۾”دادا شيام“ اسڪولي جيوت بابت لکيو، پر ان ۾ ھڪ ماستر ۽ سندس شاگردياڻين جو ناتو بلڪل ڇڙواڳ ۽ اجهل ڏيکاريائين، جو ٿيڻيءَ کان ٻاھر ۽ اڻ وڻندڙ پي لڳو.
سندس ناولن جي باري ۾ ڊاڪٽر چندو جئسنگهاڻي لکي ٿو ته ”آشيرواد“ توڙي ”داد شيام“ ۾ مول ڪردار ”شيام“ ماستر آھي. شيوڪ پاڻ لاڙڪاڻي ۾ ماستر ھوندو ھو. جيئن ”آشيرواد“ ناول ۾ تيئن ”دادا شيام“ ناول ۾، مول ڪردار شيام جو واسطو شاگردن سان آھي. ٻنھي ناولن جو مول ڪردار ساڳيو ئي شخص ”شيام“ عرف شيوڪ آھي، آدرشي پر موڙھيل منجهيل. ٻنھي ناولن ۾ ”سندري“ مکيھ ڪردار آھي. ”آشيرواد“ ۾ شيام پيار ڪملا کي ٿو ڪري پر شادي سندريءَ سان. ”دادا شيام“ ۾ پيار سندريءَ سان ٿو ڪري پر شادي آننديءَ سان. ٻنھي ناولن جو ”شيام“ شرت چندر چئٽر جي، بنگالي ناول نويس جي پيدا ڪيل ڪردار ”ديوداس“ جهڙو آھي. اداس پريمي، ٻنھي ناولن ۾ فرق اھو آھي ته ”آشيرواد“ ناول جذبات سان لکيل آھي ۽ ”دادا شيام“ محنت سان“.(88)
گُلي سدارنگاڻي (1906-1994)
گلي سدا رنگاڻيءَ جو تعلق حيدرآباد سان ھو. ھن ٻاراڻي ادب سان شروعات ڪئي ۽ ٻارن جي رسالي ”گلستان“ جي ايڊيٽر پڻ رھي. ان دور ۾ ھوءَ گلي ڪرپاڻيءَ جي نالي سان لکندي ھئي. ھن ھندستان جي سياسي ھلچل ۾ حصو ورتو ۽ ڪانگريس جي پليٽ فارم تان سياست ڪئي. گلي سدا رنگاڻي ڪھاڻيڪار، ناول نگار ۽ مترجم طور پنھنجي حيثيت مڃرائي. سندس ڪيترائي ڪتاب پڻ شايع ٿيا آھن. هن سڀ کان پهرين 1936ع ۾ ’جواهر لال نهروءَ جا ڌيءَ ڏانهن خط‘ انگريزيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو.
گلي سدا رنگاڻيءَ، سڀ کان اول، 1938ع ۾رابندر ٽئگور جي ناول جو ترجمو ”گورا“ جي عنوان سان ڪيو. ھن ناول ۾ اول ٽئگور جي حياتيءَ جو احوال تفصيل سان ڏنل آھي. ھن ناول لاءِ پروفيسر منگهارام ملڪاڻي لکيو آھي ته ”ھي ھڪ مشھور پنگتي ۽ قومي ناول آھي ۽ منجهس انگريزي پيءُ ۽ ھندستاني ماءُ مان پيدا ٿيل ھڪ نواجوان جي جدوجهد بيان ڪيل آھي“.(89) هيءُ هڪ مشهور قومي ناول آهي. هن ۾ انگريز پيءُ ۽ هندستاني ماءُ مان پيدا ٿيل هڪ نوجوان جي جدوجهد جو داستان آهي.
گُلي سدارنگاڻيءَ جو’هندو مسلم ايڪتا جي موضوع تي انتهائي اهم ۽ وقتائتو ناول ”اتحاد“ لکيو، جيڪو هندستان پرنٽنگ پريس، ڪراچيءَ مان 1941ع ۾ هن خود ڇپايو هو. ھي ھڪ بھترين ناول آھي. هن ناول ۾ هندو مسلم اتحاد جي جذبي کي اجاگر ڪرڻ ۽ مذهبي متڀيد کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. هي ناول ان دور جي سياسي هلچل جي پسمنظر ۾ لکيل هو، جنهن تي ڪٽر پنگتي اڳواڻن گوڙ به ڪيو. هن ناول ۾ هڪ هندو ڇوڪريءَ جي هڪ مسلمان ڇوڪري سان شادي ڏيکاريل آهي. هن ناول ۾ پهريون ڀيرو راڄنيتي، آزاديءَ بابت انقلابي خيال، بردباريءَ سان ظاهر ڪيا ويا هئا. هن ناول جي ڪهاڻيءَ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته:”سنڌ جي هڪ مسلمان اميد عليءَ، لکنو جي هندو ڪٽنب مان آشا نالي ڇوڪريءَ شادي ڪئي، کيس حامد علي نالي هڪ پٽ ڄائو. ڪهاڻيءَ، هنن ڪردارن جي چوگرد ۽ سنڌ جي سياسي حالتن جي چوگرد گهمي ٿي. ڪتاب جي مهاڳ ۾ هوءَ ناول جو مقصد لکندي ٻڌائي ٿي ته:”هندو مسلمان هڪ ٻئي خلاف برغلائڻ جي بدران ، جي اسين سندن وچ ۾ ساز ۽ سلوڪت جي ڪوشش ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ته مون کي يقين آهي ته اسين ڪامياب ٿينداسين“.(90)پروفيسر منگهارام ملڪاڻي لکيو آهي ته: ”اهم اصليت وارو ناول ان پهرين سنڌي عورت جو هو، جنهن ساهت جي ميدان ۾ قدم کنيو هو ۽ بلڪل ثابت قدم. اها هئي شريمتي گلي سدارنگاڻي (جنهن اڳي ڪماري ڪرپالاڻي جي حيثيت ۾ ٽئگور جو ’گورا‘ انواد ڪيو هو)1941ع ۾ سندس ’اتحاد‘ نڪرڻ سان ڪٽر پنگتي اڳواڻن ۾ چوٻول مچي ويو، جيئن ’شاعر‘ (آسانند مامتو راءِ جو ناول ’شاعر‘) ۾ سنڌي ڇوڪرو صوبائي ۽ ڌرمي ٻنڌڻ مٽائي ڪشميريءَ مسلمان ڇوڪريءَ سان شادي ٿو ڪري، تيئن هن ناول ۾ هندو ڇوڪريءَ، هڪ لائق مسلمان ڇوڪري سان لانئون ٿي لهي. هن ناول ۾ راڄنيتي آزاديءَ بابت انقلابي خيال پهريون دفعو بردباريءَ سان ظاهر ڪيل هئا ۽ اُن جي عبارت ۾ به هندي ۽ فارسيءَ جو وڻندڙ ’اتحاد‘ رکيل آهي“.(91)
سندس ناول ”آخري انقلاب“ 1979ع ۾ شايع ٿيو. ھن ۾ ٻن عورتن؛ مالا ۽ مايا جي ڪھاڻي آھي، جيڪي پراڻي دستور مطابق رھڻ چاھين ٿيون. پر اڳتي ھلي جديد انداز ۾ زندگيون گهارين ٿيون. مطلب ته پراڻي ۽ نئين ريتن رسمن جو ٽڪراءُ ڏيکاريو ويو آھي. سندس ٻيو ناول ’ساڌنا جو سپنو‘کي به تمام گهڻي موٽ ملي.
ڄيٺانند لعلواڻي (1916- 1998ع)
ڄيٺانند لعلواڻيءَ جو جنم نصرپور، ضلعي مٽياريءَ ۾ ٿيو. هن صاحب 1940ع ۾ ڀارت جيون ساهتيه منڊل جو بنياد وڌو، جنهن جي پليٽ فارم تان ڪيترائي ناول، ڪهاڻيون ۽ ٻيا ڪتاب شايع ڪيائين. ھن صاحب ڪيترائي ناول ترجمو ڪري شايع ڪيائين. بنڪم چندر جي ناولن کان گهڻو متاثر ھو، ان ڪري ھن سندس ڪيترائي ناول سنڌي ۾ ترجمو ڪيا. انھن ناولن ۾ موضوع گهڻو ڪري ھندو سماجي زندگي مان کنيا ويا آھن.، جن ۾ 1946ع اھم ناول ”راجسنگهھ“ شايع ڪيو. ان کان علاوه ھن شرت چندر جا ٽي ناول ترجمو ڪيا، جن ۾ ”ڳوٺاڻو سماج“ (1941ع)، ”برھمڻ ڪنيا“ (1947ع) ۽ ”شيدا“ (1947ع) شامل آھن. ان کان علاوه ”شريڪانت“ (1947ع) ۽ ”چرترھڻ“ (1947ع) شامل آھن. ڄيٺانند صحافي طور به ڪم ڪيو ته جيون ڪھاڻيون به لکيائين. ھن جي جيون ڪھاڻين ۾ ”بابو راجندرا پرساد“ (1936ع)، ”جئھ پرڪاش نارايڻ“ (1940ع) ۽ ”سڀاش چندر بوس“ (1942ع) اھم آھن.
جڳت آڏواڻي (1913 - 2000ع)
جڳت آڏواڻي ولد آسودي مل آڏواڻيءَ جو جنم حيدرآباد ۾ ٿيو. هو بنيادي طور مترجم هو. ان کان علاوه پبلشر ۽ رسالن جو ايڊيٽر هو. ڪيترائي ناول، ڊراما ۽ ڪهاڻيون ترجمو ڪيائين. 1939ع ۾ “ڪهاڻي” نالي رسالو جاري ڪيائين،جنهن ڪهاڻي جي ترقي ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. هن ۾ اڪثر شرت چندر چئٽرجيءَ جون ڪهاڻيون ۽ ناول ترجمو ڪيا. سندس ناول نگاري لاءِ پروفيسر منگهارام ملڪاڻي لکي ٿو ته: ”1939ع ۾ ڪھاڻي ساھتيھ منڊل جي بانيڪار جڳت آڏواڻي به چڱائي سھڻا ناول ترجمو ڪيا ھئا، جن ۾ مکيھ شرت چندر جا ھئا. ”وڏي دادي“(1939ع)، ”شطرنج جو کيل“ (1940ع) ۽ ”آخري التجا“ (1940ع)، جنھن کي مان شرت جو بھترين ناولن ۾ شمار ڪندو آھيان. جڳت آڏواڻي بنڪم چندر جي ھڪ تاريخي ناول جو ترجمو ”راجپوت رمڻي“ (1939ع) ۾ جي نالي ڪيو. سندس ٻين ناولن ۾ ٽئگور جو ”بگڙيل ڪٽنب“ اهم آهن.
هن 1939ع ۾ انگريزي ٻوليءَ جي مشهور ناول نگار ‘سر هال ڪين’ جي پهرين مهاڀاري لڙائيءَ بابت لکيل ناول ‘Woman of Knockaloe’ جو ترجمو ‘آخري سفر’ نالي سان ڪيو، هن ناول ۾ هڪ جرمن چوڪري ۽ انگريز ڇوڪري جي محبت جي ڪهاڻي آهي، جيڪي جنگ ۾ هڪٻئي دشمن هئڻ باوجود پاڻ ۾ محبت ڪن ٿا. آخر ۾ ٻئي ڄڻا خودڪشي ڪري ڇڏين ٿا. جڳت آڏواڻيءَ هن ناول کي سٺي نموني ترجمو ڪيوهو. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي ترجمي جي سلسلي ۾ لکيو آهي ته ”انگريزي ناول نويس سرهال ڪين جي پهرين مهاڀاري لڙائيءَ بابت دل ڀڄائيندڙ ناول Woman of Knockaloeجو ترجمو ”آخرين سفر“ 1939) نالي سان ڪيائين،جو هن ترجمان جو پختيءَ عبارت لکيل بهترين ڪتاب هو ۽ ڇاپي جي چوڪن کان به آجو هو- جيڪا اسانجن ڪتابن جي وڏي خامي آهي“.(92)
جڳت آڏواڻي ھر قسم جا ناول ترجمو ڪيا پر ھن تي بنگالي مذھبي، سياسي ۽ تاريخي حالتن جو اثر نمايان ھو، اھو ئي سبب آھي جو ھن جي ترجمن ۾ بنگالي ناولن جي گهڻائي آھي.
بهاري لال ڇاٻڙيا (1923- 2001ع)
بهاري لال ولد هريرام ڇاٻڙيا جو تعلق شڪارپور سان هو. هو ڪراچي ۾ سنڌي ادبي سنگت جي اوائلي جوڙجڪ ۾ نه رڳو شامل هو پرشيخ اياز سان گڏ سنگت جو جوائنٽ سيڪريٽري به رهيو. هن ناول ۽ ڪهاڻيون به لکيون. هن ڪيترائي ننڍا وڏا ناول لکيا ۽ ترجمو ڪيا.
سندس ناول ”همراهي“1945ع ۾ چنڊن پريس حيدرآباد مان شايع ٿيو. هي هڪ سماجي ۽ سياسي شعور سان ڀريل ناول هو. ناري: هي ناول 1964ع ۾ زندگيءَ پبليڪشن طرفان شايع ٿيو. جڏهن ته سندس ناول ”پرڀا“هڪ سماجي ناول هو، جيڪو تمام گهڻو مشهور ٿيو. هي ناول 1946ع ۾ زندگي پبليڪيشن پاران شايع ٿيو. هي سندس ترجمو ٿيل ناول هو. جنهن جي مهاڳ ۾ مترجم لکيو ته ”پرڀا منهنجي، اها ڪهاڻي آهي جنهن مون کان منهنجا ڪي ئي همدرد ڇني ورتا آهن. ڪيترن گهرن ۾ منهنجي ۽ پريت لڙي جي اچڻ تي بندش وڌي ويئي آهي. انيڪ ماڻهن کان، جي مون کي اشراف سمجهندا هئا، مون کي بدمعاش جو لقب مليو آهي. ليڪن ”پرڀا“ ٻيو ڪجهه نه منهنجو روح آهي“.
بهاري ڇاٻڙيا ”زندگي پبليڪيشن“ منڊل کوليو جنهن ۾ 1947 ۾ شرت بابوءَ جو سماجڪ ناول ”وپرداس“ ۽ ٽئگور جو سماجڪ ناول ”ٻه ڀينر“ پاڻ ترجمو ڪري ڇپايائين، جنهن جو الٿو ساڳئي سال ۾ مائيداساڻيءَ ”ننڍي ڀيڻ“ نالي ڪيو هو.
تير ٿ ديو سڀاڻي(1990-1906)
تير ٿ ديو سڀاڻي ولد گوبند رام سڀاڻي جو جنم لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ٿيو. ديو سڀاڻي اعليٰ درجي جو ناول نويس، ڪھاڻيڪار، ترجما نگار، مضمون نگار۽ صحافي ھو. انگريزن جي دور ۾ ديو سڀاڻي ڪيترن ئي ناولن جا ترجمو ڪيا. انھن ناولن ۾ اڪثر بينگالي اديبن جا ھئا. سندس اھم ناولن جي ترجمن ۾ ”بدلو“ (1941ع)، ”اڌڪار“ (1942ع)، ”مڪتي“ (1943ع)، ”واپس“ (1944ع)، ”قسمت“ (1945ع)، ”ڏڪار“ (1945ع)، ”دل ڪر درخت دستور“ (ناول 1964) ۽ ٻيا ڪيترائي ڪتاب شامل آھن.
سندس ترجمو ٿيل ناولن تي نظر وجهڻ سان خبر پوي ٿي ته ھن معاشي ۽ معاشرتي موضوعن کي پسند ڪيو.ان دور ۾ بنگالي ادب ۾ آزاديءَ جي لهر ، پراڻي اقتصادي نظام کان نفرت، ڪميونسٽ نظرين جو وڌندڙ اثر، سياسي، تاريخي موضوع ڇانيل ھئا. اھوئي سبب آھي جو اڪثر بنگالي ناول سنڌيءَ ۾ جلد ترجمو ٿي ويندا ھئا. ديو سڀاڻي جي ناولن ۾ مٿيان سڀ رجحان موجود ھئا.
ٽهلرام آزاد
ٽهلرام آزاد پڻ ڪيترن ئي بنگالي ڪهاڻين ۽ ناولن جا ترجما سنڌي ۾ ڪيا، جن ۾ “شفاخانه“ بنگالي ناول ”آروگيه نڪيتن“ جو ترجمو آهي. ’آروگيه نڪيتن‘ به سماجڪ اپنياس آهي. ان کان علاوه هن شرٽ جا ٽي ناول ترجمو ڪيا، جن ۾ ”ڳوٺاڻو سماج“ (1941ع)، ”برهمڻ ڪنيا“ (1947ع) ۽ ”شيدا“ (1947ع) شامل آهن.
حوالا:
1. مختيار احمد ملاح: ”سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو“، نيو ڪاٺياواڙ اسٽورز، ڪراچي، 2005ع، ص 336
2. مرزا قليچ بيگ: ” دلارام “،سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، 1964ع
3. مختيار احمد ملاح: ” سنڌي ناول جي تاريخ “ ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، ڪراچي، 2010ع، ص 66،67
4. مرزا قليچ بيگ: ” زينت “،اسٽنڊرڊ پرنٽنگ ورڪس حيدرآباد (ٻيو ڇاپو)، 1925ع
5. مرزا قليچ بيگ: ”ايرڪ“ سنڌي ادبي بورڊ، 1961ع
6. مرزا قليچ بيگ: ”ٽي گهر“ سنڌي ادبي بورڊ، 1961ع
7. مرزا قليچ بيگ: ” جولئن هوم “ سنڌي ادبي بورڊ، 1961ع
8. مرزا قليچ بيگ: ”گلن جي ٽوڪري“، سنڌي ادبي بورڊ،ڄامشورو
9. مرزا قليچ بيگ: ” ”مصيبت ماريا سائين سنواريا“ ، سنڌي ادبي بورڊ،ڄامشورو
10. حوالو: سنڌ- ماضي حال مستقبل: پ –ن (157
11. مختيار احمد ملاح: ” سنڌي ناول جي تاريخ “، ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، ڪراچي، 2010ع، ص 75
12. پروفيسر شيوارڦيرواڻي؛ ”حيدرآباد جي پنگتي ۽شهري حالت“ (مضمون)
13. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي: ”سنڌي نثر جي تاريخ”، روشني پبلڪيشن، ڪنڊيارو 1993، ص 73
14. ساڳيو حوالو، 1993، ص 74
15. پريتمداس حڪومتراءِ : ”استري جا نيمي ڪم“ 1895ع
16. الوحيد اسپيشل ايڊيشن سنڌ آزاد نمبر “، جون 1936ع
17. ڊاڪٽر نور افروز خواجه : “پائي پٽ ڪڻا“ ، گنج بخش ڪتاب گهر، 2005 ص 134
18. ڪوڙومل چندن مل کلناڻي:” ’چندر مکي“، بگومل تلسيداس سنز، حيدرآباد 1917ع، ص 3
19. حڪومتراءِ آڏواڻيءَ جو ’روهني‘، تي لکيل مهاڳ، 1937ع
20. ڪوڙومل چندن مل کلناڻي:” ٽرندڙ مکڙيون“،ڪوڙومل سنڌي ساهتيه منڊل، حيدرآباد، 1946ع، ص 6
21. ھوتچند مولچند گربخشاڻي: ”نورجهان“، ورسٽي سنڌي پبليڪيشن، ڪراچي يونيورسٽي، ڪراچي،1977ع
22. ساڳيو حوالو
23. لال چند امرڏنومل:
24. ڊاڪٽر چندو لعل: ”سنڌي ناول جي ارتقا“، ڪونج پبلڪيشن
25. لال چند امرڏنو مل جڳتياڻي:” چوٿ جو چنڊ“،ڀارت جيون ساهت منڊل، 1947ع
26. ساڳيو حوالو، ص 2
27. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي: سنڌي نثر جي تاريخ“، روشنئي پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 1993
28. هريش واسواڻي: لاچند امرڏنيمل جي ڪٿا ساهتيه جي ڪٿ“ ، ماهوار پورب، 1996ع
29. جڳتياڻي، لعلچند، امر ڏنو مل: “ڪشنيءَ جو ڪشٽ (ناوليٽ)
30. لالچند امرڏنو مل جڳتياڻي: ”سون ورنيون دليون“، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، (ٽيو ڇاپو)، 1956ع
31. ساڳيو حوالو
32. ڀيرومل مهرچند آڏواڻي : ”پريم جو مهاتم“، سنڌي ساهت پرچارڪ سوسائٽي، 1914ع، ص 2
33. هيرو ٺڪر: ”ڀيرومل مهرچند آڏواڻي“: ساهتيه اڪادمي دهلي 1990ع ص 52
34. هيرو ٺڪر: ”ڀيرومل مهرچند آڏواڻي“: ساهتيه اڪادمي دهلي 1990ع ص 51، 52
35. ڀيرو مل مھرچند آڏواڻي :”موهني ٻائي“، اسٽئنڊرڊ پريس حيدرآباد، سنڌ، 1917ع، ص: 5
36. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي : ”سنڌي نثر جي تاريخ“، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 1993
37. هيرو ٺڪر: ”ڀيرومل مهرچند آڏواڻي“: ساهتيه اڪادمي دهلي 1990ع ص 52
38. ڀيرومل مهرچند آڏواڻي: ”جاسوس“ ، ڪهاڻي ساهتيه سندر، حيدرآباد، 1947ع، ص 28
39. ڀيرومل مهرچند: ”گولن جا گوندر“، ڇپائيندڙ: اين. ايڇ. پنجابي ائنڊ ڪمپني، ڪراچي، 1926ع
40. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي : ”سنڌي نثر جي تاريخ“، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو،1993
41. ڀيرو مل مهرچند: ”طلسم عرف غازي صلاح الدين“، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، 1985ع
42. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي: ”سنڌي نثر جي تاريخ”، روشني پبلڪيشن، ڪنڊيارو 1993ع، ص 85
43. سيرومل کيئلداس سنگراڻي: ”هردل عزيز عرف چندر ڪانتا “، وديا ساگر پريس، حيدرآباد، 1908ع
44. مختيار احمد ملاح: ”سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو“، نيو ڪاٺياواڙ اسٽورز، ڪراچي، 2005ع،
45. صاحب سنگهه چندا سنگهه: بلو کوکر“، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو (ڇاپو پنجون)، 2006، ص 2
46. ڊاڪٽر چندو لعل جيسنگهاڻي: ”سنڌي ناول جي ارتقا“، ص 69
47. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي: سنڌي نثر جي تاريخ: پ –ن (84
48. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد:”سنڌي ادب ۾ اڀياس“
49. ڪريم بخش خالد: قاضي عبدالخالق خليق مورائي پيغام: مئي ١٩٨٤
50. پٺاڻ، در محمد: “ڊاڪٽر: ڪراچي ضلعي جو سنڌي ادب ۽ علم ۾ حصو” (پي. ايڇ- ڊي ٿيسز قلمي
51. ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ: ”سنڌي ناول جي ارتقائي تاريخ“، انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي، ص 180
52. ميلارام منگتراءِ واسواڻي: آگري جي ٻانهي“، 1936ع
53. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي: ”سنڌي نثر جي تاريخ“
54. ڊاڪٽر غلام علي الانا: ”سنڌي نثر جي تاريخ“ ، ص 191
55. ميلارام منگتراءِ واسواڻي: ”سماجڪ بلوو “، 1936ع
56. ميلارام منگتراءِ واسواڻي: ”چندر چڪور “، 1938ع
57. محمد عثمان ڏيپلائي ، سهڙيندڙ تاج جويو
58. ساڳيو
59. ساڳيو
60. محمد عثمان ڏيپلائي: ”چين جو چنڊ“،مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور، 2008ع
61. چوھڙ مل هندوجا:” اک سور“، ساهته اڪيڊمي، نئي دهلي، 1973
62. اياز قادري: ”سنڌي غزل جي اوسر“(ڀاڱو ٻيو)، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، 1984ع
63. موٽومل منگهارم گدواڻي: ۾”دکي انسان“، 1922ع
64. موٽومل منگهارم گدواڻي: ۾” زئنوني “، 1923ع
65. سوڀراج هيرانند ميرچنداڻي: ”انصاف عرف آزاديءَ جا آديوتي“ ، سنڌي ساهتيه منڊل، حيدرآباد، مهاڳ
66. سوڀراج هيرانند ميرچنداڻي: ”انصاف عرف آزاديءَ جا آديوتي“ ، سنڌي ساهتيه منڊل، حيدرآباد، پيش لفظ
67. ڀيرومل: ”سنڌ جي هندن جي تاريخ“، روشني پبليڪيش، ڪنڊيارو، 2006ع، ص 198
68. بدوي، احسان: “تنقيد ۽ تنقيد نگاري”، آر - ايڇ احمد ائنڊ برادرس، حيدرآباد 1970،ص 20
69. ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو: شڪارپور شهر جو سنڌي ادب ۾ حصو: ص (490
70. رفيق احمد مڱريو:”عريبن جو ورثو جو مهاڳ“، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 1993ع
71. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو:”سنڌي ادب جي تاريخ (جلد ٽيون)، سنڌي ليئنگيئج اٿارٽي، حيدرآباد، 2006ع
72. پروفيسر نارائڻداس ڀمڀاڻي: ”وڌوا“، 1943ع
73. نارائڻداس ڀمڀاڻي: ”پاڪ ۽ پاڪيزگي“، ص 22
74. نارائڻداس ڀمڀاڻي::”عريبن جو ورثو “، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 1993ع
75. ڊاڪٽر غلام علي الانا: ”سنڌي ناول جي تاريخ“ ، ص 198
76. لالچند امرڏني مل جو آسانند مامتورا جو ناول ” شاعر“، تي لکيل مهاڳ
77. آسانند مامتورا:” شاعر“،
78. ڊاڪٽر چندو لعل: ”سنڌي ناول جي ارتقا“ ، ص 89
79. بدوي، احسان: “تنقيد ۽ تنقيد نگاري”، آر - ايڇ احمد ائنڊ برادرس، حيدرآباد 1970،ص 21
80. ساڳيو حوالو، 1970،ص 23
81. سنڌي نثر جي تاريخ: پ –ن (106
82. ڊاڪٽر غلام حسين: سنڌي ناول جي ارتقائي تاريخ
83. ڊاڪٽر نور افروز خواجه: پائي پٽ ڪڻا: پ –ن (354
84. حوالو: پائي پٽ ڪڻا: پ -ن (358
85. پروفيسر پنجواڻي: ” شل ڌيئر نه ڄمن“
86. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي: سنڌي نثر جي تاريخ: روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو ، 1993ع، ص 102
87. ڊاڪٽر چندو جئسنگهاڻي: سنڌي ناول جي ارتقا: پ –ن (72
88. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي: سنڌي نثر جي تاريخ:ص (97
89. سدارنگاڻي، گلي:”اتحاد“، ڪراچي، 1941ع، مهاڳ
90. ملڪاڻي، منگهارام ’سنڌي نثر جي تاريخ‘،روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو ص: 104
91. ساڳيو حوالو
92. ساڳيو حوالو