لطيفيات

طريقت تورين

شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي غلام محمد شاھواڻي جي رسالي مان سر ڪلياڻ جي بيتن کي سٽ وار ترتيب سان ڏنل ڪتاب ”طريقت تورين“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون، جنھن جي ترتيب صراط بلوچ ڪئي آھي. ترتيب ۾ پھريان ٻہ سٽا بيت، پوءِ ٽي سٽا ۽ چار سٽا ۽ پنجا سٽا بيت شامل ڪيا ويا آھن. ھر بيت جي آخر ۾ بيت جي قسم جي نشاندھي پڻ موجود آهي. آخر ۾ بيتن جي الف ب وار ڏسڻي پڻ ڏني وئي آھي

  • 4.5/5.0
  • 66
  • 3
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book طريقت تورين

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي غلام محمد شاھواڻي جي رسالي مان سر ڪلياڻ جي بيتن کي سٽ وار ترتيب سان ڏنل ڪتاب ”طريقت تورين“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون، جنھن جي ترتيب صراط بلوچ ڪئي آھي. ترتيب ۾ پھريان ٻہ سٽا بيت، پوءِ ٽي سٽا ۽ چار سٽا ۽ پنجا سٽا بيت شامل ڪيا ويا آھن. ھر بيت جي آخر ۾ بيت جي قسم جي نشاندھي پڻ موجود آهي. آخر ۾ بيتن جي الف ب وار ڏسڻي پڻ ڏني وئي آھي
ھي ڪتاب 2022ع ۾ ڊجيٽل صورت ۾ پيش ڪيو ويو آھي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

2 سٽا بيت

1
وَحۡدَهُ جي وَڍِيا، ڪِيا اِلَااللهُ اَڌَ،
سَي ڌَڙَ پَسِي سَڌَ، ڪِنهن/ڪِہَ)اَڀاڳِيءَ نه ٿئي.
دوهو سورٺو ميل ( ڪلياڻ1-12)

2
وَحۡدَهُ لَا شَرِيۡڪَ لَہُ، ايُّ هيڪَڙائِيءَ حَقُّ،
ٻِيائِيءَ کي ٻَکُ، جَنِّ وِڌو سي وِرَسِيا
دوهو سورٺو ميل( ڪلياڻ1-16)

3
پاڻَهِين پَسي پاڻَ کي، پاڻَهِين مَحَبُوبُ،
پاڻَهِين خَلقي خُوبُ، پاڻَهِين طَالِبُ تَنِّ جو.
دوهو سورٺو ميل( ڪلياڻ1-20)

4
سو هِيءُ، سو هُو، سو اَجلُ، سو اَللهُ
سو پِرِين، سو پَساهُ، سو ويرِي، سو واهَرُو.
دوهو سورٺو ميل( ڪلياڻ1-21)

5
پَڙاڏو سو سَڏُ، وَرُ وائِيءَ جو جي لَهِين،
هُئا اڳِهِين گڏُ، ٻُڌڻَ ۾ ٻه ٿِيا.
سورٺو ( ڪلياڻ1-22)

6
ايڪُ قَصَرُ، دَرَ لَکَ، ڪوڙين ڪَڻِسِ ڳِڙکِيُون،
جيڏانهن ڪَرِيان پَرکِ، تيڏانهن صاحِبُ سامُهون.
سورٺو ( ڪلياڻ1-23)
7
اگَهِي اَگهائِي، رَنجُ پِرِيان کي رَسِيو،
چَکِيَمُ چَڱائِي، سُورانگَهي سُورِيءَ تان.
سورٺو (ڪ2-بيت 1)
8
سُورِيءَ سَڏُ ٿِيو، ڪا هَلَندِي جيڏِيُون؟
وَڃَڻُ تَنِ پِيو، نالو نِينهُن ڳِنَنِ جي.
سورٺو(ڪ2-بيت 3)
9
سُورِيءَ مَٿي سيڻَ، ڪِهَڙي ليکي سَنَرا!
جيلَہ لڳا نيڻَ، تي سُورِيائِي سيڄَ ٿِي.
سورٺو(ڪ2-بيت 7)
10
سُورِيءَ چَڙهَڻُ، سيجَ پَسڻُ، اِيُّ ڪَمُ عاشِقَنِ
پاهُون ڪِينَ پَسَنِ، سائُو هَلَنِ سامُهان.
دوهو سورٺو(ڪ2-بيت 8)
11
ڪاتِيءَ تِکِي مَ ٿِئي، مَرُ مُنِيائِي هوءِ،
مانَ وَرَمَنِ توءِ، مُون پرِيان جا هَٿَڙا.
دوهوسورٺو(ڪ2-بيت 12)
12
ڪاتِي جا قَرِيبَ جِي، سا هَڏُ چِيري چَمُ،
عاشِقَنِ پنهنجو اَڱُ، اَلله/للهُ) ڪارَڻِ وَڍِيو.
دوهو سورٺو(ڪ2-بيت 13)
13
جان وَڍِين تان ويہُ، نه ته وَٺِيو واٽَ وانءُ تُون،
هِيءُ تَنِين جو ڏيهُه، ڪاتِي جَنِين هَٿَ ۾.
سورٺو(ڪ2-بيت 15)
14
سِرَ جُدا، ڌَڙَ ڌارَ، دوڳَ جَنِين جا ديڳِ ۾،
سي مَرُ ڪَنِ پَچارَ، حاضِر/هڪيا) جَنِ جي هَٿَ ۾.
سورٺو(ڪ2-بيت 26)
15
ديڳَيين دوڳَ ڪَڙَهَنِ، جِتِ ڪڙِيين ڪَڙَڪو نه لَهي،
تِتي طَبِيبَنِ، چاڪَ چِڪَندا ڇَڏيا.
سورٺو(ڪ2-بيت 27)
16
سِسِي سي گُهرَنِ، جي واٽِندَڙَ وِچَ ۾،
اُوءِ ڪِي ٻِيو پُڇَنِ، سَرو جَنِ سَنباهِيو؟
سورٺو(ڪ2-بيت 28)
17
مُلِھه مَهانگو قَطَرو، سِڪَڻُ شَهادتَ،
اَسان عِبادتَ، نَظَرُ نازُ پرِيَنِ جو.
دوهوسورٺو(ڪ2-بيت 32)
18
هَڏِ نه وَڻي هاڻِ مُون، ويڄَنِ جِي وِصالَ،
هِنَّ منهنجي حالَ، حَبِيبُ، ئِي هادِي ٿِيو.
دوهو سورٺو(ڪ3-بيت 2)
19
سوئِي راهَ رَدِّ ڪري، سوئِي رَهَنُماءُ،
وَتُعِزُّ مَنۡ تَشَآءُ، وَتَذِلُّ مَنۡ تَشَآءُ.
دوهو سورٺو(ڪ3-بيت 7)
20
سِڪِين ڪُہَ سَلامَ کي، ڪَرِين ڪُہَ نه سَلامُ؟
ٻيا دَرَ تنِّ حَرامُ، اِيءُ دَرُّ جَنِين ديکِيو.
دوهو سورٺو(ڪ3-بيت 9)
21
مِٺايان مِٺو گَهڻو، ڪَڙو ناهِ ڪَلامُ،
سُڪُوتُ ئِي سَلامُ، پِرِيان سَندي پارَ جو.
دوهو سورٺو(ڪ3-بيت 10)
22
پِرِيان سَندي پارَ جِي، مِڙَئِي مِٺائِي،
ڪانهي ڪَڙائِي، چَکِين جي چيتُ ڪري.
دوهو سورٺو(ڪ3-بيت 11)
23
ڄاڻِي ٻُجِهي جَنِ، توسِين سُورَ سَڃَ ڪِي
تون ڪيئن سَندِيون تَنِ، پَرَ سين پَچارُون ڪَرين.
سورٺو(ڪ3-بيت 12)
24
حَبِيبَنِ هيڪارَ، مَنجهان مِهرَ سَڏُ ڪِيو،
سو مُون سَڀَ ڄمارَ، اورَڻُ اُهوئِي ٿِيو.
سورٺو(ڪ3-بيت 14)
25
ڪُهَنِّ تان ڪَرَ لَهَنِّ، ڪَرَ لَهَنِ تان ڪُهَنِّ،
سيئِي، ماءِ! مُهَنِّ، سيئِي راحَتَ رُوحَ جِي.
دهو سورٺو(ڪ3-بيت 19)

ٽي سٽا بيت

1
وَحۡدَهُ لَا شَرِيۡڪَ لَہُ، جان ٿو چَئِين اِيئَن،
تان مَڃ مُحَمَّدُ ڪارَڻِي، نِرتُون مَنجهان نِيهَن،
تان تُون وَڃِيو ڪِيئَن، نائين سِرُ ٻِيَنِ کي.
دهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) ڪلياڻ 1-5
2
وَحۡدَهُ لَا شَرِيۡڪَ لَہُ، جَڏِهۡن چَيو جَنِّ
تَنِّ مَڃِيو مُحَمَّدُ ڪارَڻِي، هيجان ساڻُ هِنيَئنِ،
تَڏِهۡن مَنجهان تَنِّ اَوَتَڙِ ڪونه اولِيو.
دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) ڪلياڻ 1-6
3
وَحۡدَهُ لَا شَرِيۡڪَ لَہُ، جَنِّ اُتوسين اِيمانَ،
تَنِّ مَڃِيو مُحَمَّ‍دُ ڪَارَڻِي، قَلبَ ساڻُ لِسانَ،
اُوءِ فائِقَ ۾ فَرمانَ، اَوَتَڙِ ڪِنهن نه اولِيا.
دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) ڪلياڻ 1-7
4
اَوَتَڙِ ڪِنهن نه اوليا، سُتَڙِ وِيا سالِمَ،
هيڪائِي هيڪُ ٿِيا، اَحَدَ سين عالِمَ،
بي بَها بالِمَ، آڳي ڪِيا اَڳَهِين.
دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) ڪلياڻ 1-8
5
آڳي ڪِيا اَڳَهِين، نِسورو ئِي نُورُ،
لَا خَوفُ عَلَّيۡهِمۡ وَلَا هُمۡ يَحۡزَنُوۡنَ، سَچَنِ ڪونَهي سُورُ،
موليٰ ڪِيو مَعمُورُ، اَنگُ اَزَلَ ۾ اُنِ جو.
دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) ڪلياڻ 1-9
6
سِرُ ڍُونُڍِيان، ڌَڙُ نه لَهان، ڌَڙُ ڍونُڍِيان، سِرُ ناهِه،
هَٿَ ڪَرايُون آڱرِيُون، وِيا ڪَپَجِي ڪانہِه،
وَحدَتَ جي وِهانءِ، جي وِيا، سي وَڍِيا.
دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) ڪلياڻ 1-13
7
وَحۡدَهُ لَا شَرِيۡڪَ لَہُ، ٻُڌئِي نه ٻوڙا،
ڪي(ڪِ) تو ڪَنين نه سُئا، جي گَهٽَ اَندَر گهوڙا،
ڳاڙِيندين ڳوڙَها، جِتِ شاهِدَ ٿِيندَءِ سامُهان.
دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) ڪلياڻ 1-14
8
وَحۡدَهُ لَا شَرِيۡڪَ لَہُ، اِيءُ وِهائِج وِيءُ،
کَٽين يا(جي) هارائين، هَنڌُ تُنهنجو/تهجو) هِيءُ،
پاڻهان(پاڻا) چُوندَئِي/چُندءِ) پِيءُ، ڀَرَي جامُ جَنَّتَ جو.
دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) ڪلياڻ 1-15
9
عاشِقُ چَئو مَ اُنَ کي، مَ ڪِي چَئو مَعشُوقُ،
خالِقُ چَئو مَ خامَ تُون، مَ ڪِي چَئو مَخَلُوقُ،
سَلِج تِنهَن سُلُوڪُ، جو ناقِصِئا نِڱَيو.
دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) ڪلياڻ 1-17
10
وَحۡدَتان ڪَثرتَ ٿِي، ڪَثَرتَ وَحۡدَتَ ڪُلَّ،
حَقُّ حقِيقِي هيڪَڙو، ٻولِيءَ ٻِيءَ مَ ڀُلُّ،
هُو هُلاچو هُلُّ، بِااللهِ سَندو سَڄَڻين.
دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) ڪلياڻ 1-18
11
ڪوڙين ڪايائون تُنهنجيون/تهجيون)، لِکَن لَکَ هَزارَ،
جِيءُ سَڀِ ڪنهن جِيءُ سين، دَرسَنُ ڌارو ڌارَ،
پرِين/پِريم)، تنهنجا پارَ، ڪِهَڙا چَئِي ڪِيئن(ڪِيءَ) چُوان.
دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) ڪلياڻ 1-24
12
اَنڌا اُونڌا ويڄَ! کَلَ ڪُڄاڙِيا کانئِين؟
اسان ڏُکِي ڏِيل ۾، تُون پيارِئِين پيڄَ!
سُورِي جَنِينِ سيڄَ، مَرَڻُ تَنِ مُشاهِدو.
سورٺو ميل( سورٺو وچ دوهو) ڪلياڻ 2-2
13
سُورِي سَڏُ ڪَري، اُڀِي عاشِقَنِ کي،
جي اَٿِي سَڌَ سِڪَڻُ ۾، ته ڪَوءُ مَ، پيرُ پري،
سِسِي ڌارَ ڌري، پُڇج پوءِ پِرِيتَڻُون.
سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) ڪلياڻ 2-4
14
سُورِي آهِ سينگارُ، اَڳِهِين عاشِقَنِ جو،
مُڙڻُ موٽَڻُ مِيهڻو، ٿِيا نِظاري نِرَوار،
ڪُسَڻُ جو قَرارُ، اَصُلِ عاشِقَنِ کي.
سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) ڪلياڻ 2-5
15
سُورِي سِينگاري، اَصُلِ عَاشِقَنِ کي،
لُڏِيا ڪِينَ لَطِيفُ چئي، ٿِيا نيزي نِظاري
ڪوٺِيو ڪِناري، آڻِيو چاڙهي اُنِ کي
سورٺو ميل (سورٺو وچ دوهو) ڪلياڻ 2-6
16
سُورِيءَ تي سَئووارَ، ڏِهاڙِيو چَنگِ چَڙهِين،
جِمَ وِرچِي ڇَڏَئِين، سِڪَڻُ جِي پَچارَ،
پِرَتِ نه پسِين پارَ، نينهن/نيہُ) جِئان ئِي/جئَائِين) نِڱِيو.
سورٺو ميل (سورٺو وچ دوهو) ڪلياڻ 2-9
17
پهرِين ڪاتِي پاءِ، پُڇَجِ پوءِ پِرِيتَڻو،
ڏُکُ پِريان جو ڏِيلَ ۾، واڄَٽَ جِيئن(جِيَ) وَڄاءِ،
سِيخُنِ ماهُ پَچاءِ، جي نالو ڳِيَڙُءِ نينهن جو.
سورٺو ميل (سورٺو وچ دوهو) ڪلياڻ 2-10
18
ڪاتِيءَ ڪونهي(ڪونہ) ڏوهُ، ڳَنُ وڍِيندڙَ هَٿَ ۾،
پَسيو پَرِ عَجِيبَ جِي، لِچِيو وَڃي لوهُ،
عاشِقَنِ اَندوهُ، سَدا مَعشُوقَنِ جو.
سورٺو ميل (سورٺو وچ دوهو) ڪلياڻ 2-11
19
جي تو سِڪَڻُ سِکِيو، ته ڪاتِيءَ پَئي مَ ڪِنجُهه،
سُپيرِيان جي سُورَ جو، ماڙَهُنِ ڏجي نه مَنجُهه،
اَندَرِ اِيءُ اَهنجُ، سانڍِجِ سُکائُون ڪري.
دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) ڪلياڻ 2-14
20
ڪاتِي جَنِّ ڳَري، مان لَنوءُ لَڳو تَنِ سين،
مُحَبَتَ جي مَيدانَ ۾، وَڃان پيرَ ڀَري
اَڏِيءَ سِرُ ڌري، مانَ ڪُهَنِئُون سُپِرِين
سورٺو ميل (سورٺو وچ دوهو) ڪلياڻ 2-16
21
جي اَٿيئي/اَٿِي) سَڌَ سُرڪَ جِي، ته وَنءُ ڪلاڙڪي هَٽِ،
لاهي رَکُ لطيف چَئي، مَٿو ماٽي وَٽِ،
سِرُ ڏيئِي ۾ سَٽِ پِيجِ ڪي پِيالِيون.
دهو سورٺو(دوهو اڌ سورٺو) ڪلياڻ 2-19
22
جي اَٿيئِي/اَٿِي) سَڌَ سُرَڪَ جِي، ته وَنءُ ڪلاڙڪِي ڪُوءِ،
مَهيسَرَ جي مَنڌَ جِي، هُتِ هَڏهِين هُوءِ،
جان رَمزَ پَرُوڙِيَم رُوءِ، تان سِرَ وَٽِ سُرَڪِي سَڳُڻِي.
دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) ڪلياڻ 2-20
23
جي اٿيئِي/اَٿِي) سِڪَ سُرَڪَ جِي، ته وَنءُ ڪلاڙڪي ڳَرِ،
وَڍَڻُ، چِيرَڻُ، چِچِرَڻُ، پَهَتِ اُنِيۡن جِي پَرِ،
جي وَٽِي پُويئِي وَرِ، ته سَهَنگِي آهِ سَيِّدُ چَئي
دهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) ڪلياڻ 2-21
24
ناڻي ناهِ ڪَڪُوهُ، ڪِي/ڪِيۡن) مُلھه/مُلِ) مهانگو/مَهنگو) مَنڌُ،
سَنباهِجُ، سَيِّدُ چَئي، ڪاٽَڻَ ڪارَڻِ ڪَنڌُ،
هِيءُ تَنِين جو هَنڌُ، مَٽَنِ پاسِ مَرَنِ جي.
دوهو ميل (دوهو اڌ سورٺو) ڪلياڻ 2-22
25
مَ ڪَرِ سَڌَ سَري جِي، جي تون ٽارِيين ٽُوهُ،
پِيتي جنهن پاسي ٿِئي، مَنجهان رَڳُنِ رُوحُ،
ڪاٽي چَکُ ڪَڪُوهُ، لاهي سِرُ، لطيفُ چَئي.
دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) ڪلياڻ 2-24
26
سَڌَڙِيا سَري جُون/جيون، ڪُہُ پَچارُون ڪَنِّ؟
جهُ ڪاتَ ڪُلاڙَنِ ڪَڍِيا، ته موٽِيو پوءِ وَڃَنِّ،
پِڪُون سي پِيَنّ، سِرَ جَنِ/جَنِين) جا سَٽِ ۾.
دهو ميل (دوهو اڌ سورٺو) ڪلياڻ 2-25
27
اَصُلِ عاشِقَ پنهنجي(پاهِجِي)، سِسِي نه سانڍِينِ،
لاهِيو سِرُ لطيفُ چَئي، ساهُ سلاڙِيو ڏينِ،
ڪُلنِئُون/ڪلهنئون) ڪاٽِين، پُڇَنِ پوءِ پِرِيتَڻُون.
دهو ميل (دوهو اڌ سورٺو) ڪلياڻ 2-29
28
اَصُلِ عاشِقَنِ جو، سِرُ نه سانڍَڻُ ڪَمُ،
سَئو سِسِنِئان اَڳَرو، سَندو دوسان دَمُ،
هِيءُ هَڏو ۽ چَمُ، پِڪَ پِرِيان جِي نه پَڙي.
دوهو ميل (دوهو اڌ سورٺو) ڪلياڻ 2-30
29
جي مَٿي وَٽِ مِڙَنِ، ته سڀ ڪنهن سَڌَ ٿِئي،
سِرَ ڏِني سَٽِ جُڙي، ته عاشقَ اِيئن/اِيَ) اَچَنِ،
لِڌا تي لَڀَنِ، مُلِھ مَهانگا سُپِرِين.
سورٺو ميل (سورٺو وچ دوهو) ڪلياڻ 2-31
30
اُٿِياري اُٿِي وِيا، مَنجهان مُون آزارَ،
حَبِيبَ ئِي هَڻِي وِيا، پِيڙا جِي پَچارَ،
طَبِيبَنِ تَنوارَ، هَڏِ نه وَڻي هاڻِ مُون.
دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) ڪلياڻ 3-1
31
حَبِيبُ ئي هادِي ٿِيو، رَهنُما راحَتَ
پِيڙا نِيائِين پاڻُ سِين، لائي ڏيئِي لَتَ،
سُپيرِيان صِحَتَ، ڏِنِيَمِ منهنجا ڏُکَندي
دهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) ڪلياڻ 3-3
32
اَورِ ڏُکَندو اوُ ٿِيئي، هادِي جنهن حَبِيبُ،
تِرُ تَفاوَتُ نه ڪَري، تِنهن کي ڪو طَبِيبُ،
رَهَنُمَا رَقِيبُ، ساٿَرِ صِحَتَ سُپِرِين.
دهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) ڪلياڻ 3-4
33
تو جَنِين جِي تاتِ، تَنِّ پُڻِ آهي تنهنجِي،
فَاذۡکُرُوۡنِي اَذۡکُرُکُمۡ، اِيءَ پَرُوڙِج باتِ،
هَٿِ ڪاتِي ڳُڙُ واتِ، پُڇَڻُ پَرِ پِريَنِ جِي.
سورٺو ميل (سورٺو وچ دوهو) ڪلياڻ 3-13
34
پاٻوهي هيڪارَ، مُون کان پُڇِيو سَڄَڻين،
اَلَسۡتُ بِرَبِکُمۡ، چَيائُون جنهن وارَ،
سَندِي سُورَ ڪِنارَ، تَنَ تَڏاهَڪُون نه لَهي.
سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) ڪلياڻ 3-15
35
ڪوٺي ڪُهي سُپِرِين، ڪوٺي ڪُهَڻَ ساڻُ،
نيزي هيٺان نِينهن جي، پاسي ڪَرِ مَ پاڻُ،
ڄُلُ، وِڃائي ڄاڻُ، عاشِقَ! اَجَلَ سامُهون.
دهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) ڪلياڻ 3-17
36
ڪوٺَڻُ قَرِيبَنِ جو، عينُ تَڙَڻُ آهِ،
اِيءَ اُلٽي ڳالَهڙِي، سِڪَ وَرَندِي ساهِ،
آسَرَ هَڏِ مَ لاهِ، ڇِنَڻُ ڳَنڍَڻُ اُنهَنِ/اُنِ) جو.
دهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) ڪلياڻ 3-18
37
ڪُهي سو ڪَرَ لَهي، ڪوٺي سو قَرِيبُ،
اِها عادَتَ سِکِيو، هَر زَمانُ حَبِيبُ،
تِڇي سو طَبِيبُ، سوئِي راحَتَ رُوحَ جِي.
دهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) ڪلياڻ 3-20
38
ڪُهَنِّ ۽ ڪوٺِينِ، اِيءَ پَرِ سَندِي سَڄَڻين،
سُورِي چاڙِهِيو سُپِرِين، ڏَنڀَ ڏِيهاڻِي ڏِين،
ويٺا وِرهُ وَٽِينِ، آءُ واڍوڙِيا وِهاءِ تُون.
سورٺو ميل( سورٺو وچ دوهو) ڪلياڻ 3-21

چار سٽا بيت

1
جوڙي جوڙَ جَهانَ جِي، پاڻُ ڪِيائِين پَرِوارُ،
حامِي، هادِي، هاشَمِي، سَرِدارين سَردارُ
سُنهي صحابَنِ سَٿَ ۾، مَنجهه مَسَجِدِ مڻيادارُ،
چارِئِي چڱا چئوڌارُ، هُئا هيڪاندا حَبِيبَ سين.
دهو ميل(دوهو، دوهو سورٺو) ڪلياڻ 1-3

2
وَحۡدَهُ جي وَڍِيا، اِلَااللهُ اَڌَ ڪِيا،
مُحَمَّدُ رَسُولُ چَئِي، مُسلِمانَ ٿِيا،
عاشِقَ عبدالطيف چَئي، اِنَهِين پَهِه پِيا،
جيلانهِين ڌَڻِيءَ ڌُئا، تيلانهِين ويا وحدت گڏجِي.
دوهو ميل(دوهو، دوهو سورٺو ) ڪلياڻ 1-11
3
پاڻَهِين/پاڻِہۡ) جَلَّ جَلَالَہُ، پاڻهِين جانِ جمالُ،
پاڻهِين صُورتَ پِرِينءَ جِي، پاڻهِين حُسنُ ڪَمالُ،
پاڻَهِين پِيرُ مُرِيدُ ٿِئي، پاڻهِين پاڻَ خَيالُ،
سَڀِ سَڀوئِي حالُ، مَنجهان ئِي مَعلُومُ ٿِئي.
دوهو ميل(دوهو، دوهو سورٺو) ڪلياڻ 1-19
4
اَڳِيان اَڏِيُنِ وَٽِ، پويَنِ سِرَ سَنباهِيا،
ڪَاٽِ ته پوين/پوءِ) قَبُولَ ۾، مَڇُڻَ ڀائِين/ڀايين) گَهٽِ،
مَٿا مُهايَنِ جا، پيا نه ڏِسِين پَٽِ؟
ڪَلاڙڪي هَٽِ، ڪُسَڻُ جو ڪوپُ وَهي.
سورٺو ميل (سورٺو دهو، دوهو سورٺو) ڪلياڻ 2-17

5
جي اَٿيئي/اَٿِي) سَڌَ سُرڪَ جِي، ته وَنءُ ڪلاڙَنِ ڪاٽي،
لاهي رَکُ، لَطِيفُ چَئي، مَٿو وَٽِ ماٽي،
تِڪُ ڏيئي پِڪَ پِيءُ، تُون گهوٽَ مَنجهان گهاٽي،
جو وَرَنَہَ وِهاٽي، سو سِرَ وَٽِ سَرو سهانگو/ساهنگو).
دهو ميل(دوهو، دوهو سورٺو) ڪلياڻ 2-18
6
عاشِقَ زَهرُ پِياڪَ، وِهُ ڏسِي/پسيو) وِهُسَنِ گهڻو،
ڪڙي ۽ قاتِلَ جا، هميشهه هيراڪَ،
لَڳيَنِ لَنوءُ، لطيفُ چَئي، فَنا ڪِيا فِراقَ،
توڻي چِڪَنِنِ چاڪَ، ته به/تَپِ) آهَ نه سَلَنِ عامَ کي.
سورٺو ميل(سورٺو دهو، دوهو سورٺو) ڪلياڻ 2-23
7
ساٿَرِ صِحَتَ سُپِرِين، آهي نه آزارُ،
مَجَلِسُ وَيرَ مِٺو ٿِيئي، ڪوٺِيندي قَهارُ،
خَنجَرُ تنهن خوبُ هڻي، جنهن سين ٿِيئي يارُ،
صاحِبُ رَبُّ سَتَّارُ، سوجهي رَڳُون ساهَ جِيُون.
دهو ميل(دهو، دهو سورٺو) ڪلياڻ 3-5

8
رَڳُون ٿِيُون رَبابُ، وَڄَنِ ويلَ سَڀَ ڪَنهِين،
لُڇَڻُ ڪُڇَڻُ نه ٿِيو، جانِبُ ري جَبابُ،
سوئِي سَنڌِيندُم سُپِرِين، ڪِيَسِ جنهن ڪَبابُ،
سوئِي عينُ عَذابُ، سوئِي راحَتَ رُوحُ جِي.
سورٺو ميل(سورٺو دوهو، دوهو سورٺو) ڪلياڻ 3-6
9
پَرِ ۾ پُڇِيائُون، عِشَقَ جي اَسَبابَ کي،
دارُون هِنَ دَرَدَ جو، ڏاڍو ڏَسِيائُون،
آخِرُ والۡعَصرَ جو، اِيهِين اُتائون
تِهان پوءِ آئُون، سِڪان ٿِي سَلامَ کي.
سورٺوميل(سورٺو دوهو، دهو سورٺو) ڪلياڻ 3-8
10
پاٻوهِيو پُڇَنِّ، ڪِٿي هَٿُ حبِيبُ جو؟
نيزي هيٺان نِينهن جي، پاسي پاڻَ نه ڪَنِّ،
عاشِقَ اَجَلَ سامُهان، اُنچي ڳاٽِ اَچَنِّ،
ڪُسَڻُ قُرَبُ جَنّ، مَرَڻُ تَنّ مُشاهِدو.
سورٺو ميل( سورٺو دوهو، دهو سورٺو) ڪلياڻ 3-16

پنج سٽا بيت

1
اَوَلُ، اللهُ، عَلِيمُ، اَعليٰ، عالَمَ جو ڌَڻِي،
قَادِرُ پَنهِنجِي قُدرَت سين، قائِمُ آهِ قَدِيمُ،
والِي، واحِدُ، وَحَدهُ، رازِقُ، رَبُّ رَحِيۡمُ،
سو ساراهِه سَچوڌَڻِي، چَئِي حَمدُ، حَڪِيمُ،
ڪَري، پاڻَ، ڪرِيمُ، جوڙُون، جوڙَ، جَهانَ جِي.
دهو ميل( ٻه دوها اڌ سورٺو) ڪلياڻ 1-1
2
جوڙي جوڙَ جَهانَ جِي، جڏهن جوڙِيائين،
خاوَندُ خاص خَلِقي، مُحَمَّدُ مُڪائِين،
ڪلمو تنهن ڪَريمَ تي، چِٽو چايائين،
اَنا مولاڪَ و اَنتَ مَحبُوبِيۡ اِيَّ اُتائِين
ڏِکِي ڏِنائِين، ٻَئِي سَرائُون سَيّد چئي.
دوهو ميل ( ٻه دوها اڌ سورٺو) ڪلياڻ 1-2
3
وَحۡدَهُ لَا شَرِيۡڪَ لَہُ چَئِي، چُوندو آءُ،
فَرَضَ، واجِبَ، سُنَتُون، تِنِيئو تَرڪُ مَ پاءِ
توبَهَه سندِي تَسِبِيح، پَڙَهَڻَ ساڻُ پُڄاءِ
نِگا پَنهنجي نَفَسَ کي، ڪا سَئِين راهَ سُونهاءِ،
ته سَندِي دوزَخَ باهِ، تو اوڏِيائِي نه اَچي.
دوهو ميل(ٻه دوها اڌ سورٺو) ڪلياڻ 1-4