ڪالم / مضمون

ڪاغذي ڳالھيون

يوسف جميل پنهنجي مزاج ۾ سلڇڻو انسان تہ آهي ئي پر سچيت قلمڪار پڻ آهي، جيئن سچو، کرو ۽ سيڀتو نوجوان آهي تيئن سندس لکڻيون بہ کريون اٿس. ھي ڪتاب پنجن حصن ۾ ورهايل آهي. پھرين حصي ۾ ڪالم، ٻئي حصي ۾ مضمون، ٽئين حصي ۾  ڪتابن تي تبصرا، تجزيا ۽ اڀياس شامل آهن، چوٿين حصي ۾ تاثرات، پنجين حصي ۾ ترجما ڪيل مضمون آهن.

  • 4.5/5.0
  • 23
  • 0
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book ڪاغذي ڳالھيون

حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ

Book No:103

ڪتاب: ڪاغذي ڳالهيون!
موضوع: ڪالم/مضمون
ليکڪ: يوسف جميل لغاري
ٽائيٽل لي آئوٽ: زين ڪمپيوٽرس ڪراچي
ڇاپو پهريون: 2021ع
ڇپائيندڙ: مرڪ پبليڪيشن ڪراچي

Office: Room No 305 3rd Floor Sabir manzil 98
Near Gul Plaza Morston Road Karachi
murk.publication@gmail.com
murtaza.laghari9@gmail.com
03005182494


ملهه: 300 رپيا

ڪـتـابـن ملـڻ جـا هـنـڌ:

مرڪ پبليڪيشن ڪراچي، ڪاٺياواڙ بوڪ شاپ اردو بازار ڪراچي
ڪنول سمبارا ڪتاب گهر حيدرآباد، رومي ڪتاب گهر حيدرآباد
دانيال ڪتاب گهر حيدرآباد، سوچ ڪتاب گهر دادو،
پيڪاڪ ڪتاب گهر لاڙڪاڻو، رابيل ڪتاب گھر لاڙڪاڻو
تهذيب بڪ اسٽور خيرپورميرس، ٿر ڪتاب گهر مٺي

ارپنا

پنهنجي جيجل ماءُ جي نانءِ
جنهن کي نانو ”رسولان“ چوندو هو
۽ بابا اُستاد جميل احمد لغاري کي،
جيڪو سدا حيات شخصيت آهي.
انهي سان گڏوگڏ منهنجي ماسترياڻي ماءُ،
جنهن کي پيار مان سڀ ”لالي“ چوندا آهن.
سندس پيار مون لاءِ آب حيات جهڙو آهي.
منهنجون ٻئي مائرون مون لاءِ منهنجي ٻنهي اکڙين جيان آهن.
جن وسيلي آئون دنيا کي ڏسندو آهيان ۽ لکندو آهيان
اِنهي سان گڏ پنهنجي شريڪ حيات
مستقبل جي ماسترياڻي نانءِ ، جنهن ۾ منهنجو ساھ آهي!

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نوجوان ليکڪ يوسف جميل لغاريءَ جي ڪالمن، تعليمي مضمونن، تبصرن، ترجمن ۽ ڪتابن تي لکيل تجزين ۽ مھاڳن جو مجموعو ”ڪاغذي ڳالھيون“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيو.
يوسف جميل پنهنجي مزاج ۾ سلڇڻو انسان تہ آهي ئي پر سچيت قلمڪار پڻ آهي، جيئن سچو، کرو ۽ سيڀتو نوجوان آهي تيئن سندس لکڻيون بہ کريون اٿس. ھي ڪتاب پنجن حصن ۾ ورهايل آهي. پھرين حصي ۾ ڪالم، ٻئي حصي ۾ مضمون، ٽئين حصي ۾ ڪتابن تي تبصرا، تجزيا ۽ اڀياس شامل آهن، چوٿين حصي ۾ تاثرات، پنجين حصي ۾ ترجما ڪيل مضمون آهن.
ھي ڪتاب مرڪ پبليڪيشن، ڪراچيءَ پاران 2021ع ۾ ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آھيون يوسف جميل جا جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي)، ڪراچي
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

پبلشر نوٽ

يوسف جميل لغاري جو تعلق ٺري ميرواهه ضلعي خيرپور سان آهي، سندس بنيادي سڃاڻپ تعليم واري شعبي سان رهي آهي، تعليمي قابليت سبب کيس قوم جي نئين نسل کي تعليم جي زيور سان نوازڻ جو اعزاز مليو. هو پنهنجي ئي شهر ۾ استاد طور خدمتون سرانجام ڏيئي رهيو آهي. ان کان علاوه سندس ادبي زوق کيس قلمي پورهيي ڏانهن وٺي آيو.
يوسف جميل لغاري سنڌي ادب جي مڙني صنفن تي تجربا ڪري ٿو، شاعر به آهي ته سگهارو نثر نويس پڻ! پر سندس نثر سگهارو ۽ لاڀائتو نظر اچي ٿو. هي نه رڳو روز مرهه جي زندگيءَ ۾ سماجي مسئلن کي سمجهي ٿو پر انهن تي قلم کڻي لکڻ جي جرئت به رکي ٿو. هن نثر جي مختلف صنفن تي تجربا ڪيا آهن. مضمون، مقالا، ڪالم، خاڪا، تبصرا توڙي تنقيدي اڀياس لکي ٿو. سندس لکڻ جي رفتار پنهنجي عروج تي آهي، روز جي بنياد تي ڪا نه ڪا لکڻي ڪنهن نه ڪنهن ميڊيائي اداري جي زينت بڻجي ٿي. يوسف جو نانءُ سوشل ميڊيا کان ويندي پرنٽ ميڊيا تي به مشهور ۽ مقبول رهيو آهي، اُهو ئي سبب آهي جو نثر واري پاسي جهجهو مواد سهيڙجي رهيو اٿس.
يوسف جميل پنهنجي مزاج ۾ سلڇڻو انسان ته آهي ئي پر سچيت قلمڪار پڻ آهي، جيئن سچو، کرو ۽ سيڀتو نوجوان آهي تيئن سندس لکڻيون به کريون اٿس.
يوسف جميل لغاري جو تعليم جي موضوع تي پهرين به هڪڙو ڪتاب ڇپجي چڪو آهي. هن ڀيري سندس مضمونن ۽ ڪالمن جو ڪتاب ”ڪاغذي ڳالهيون“ جي نالي سان شايع ڪيو پيو وڃي. ڪتاب پنجن حصن ۾ ورهايل آهي. پهرين حصي ۾ ڪالم، ٻئي حصي ۾ مضمون، ٽئين حصي ۾ ڪتابن تي تبصرا، تجزيا ۽ اڀياس شامل آهن، چوٿين حصي ۾ تاثرات، پنجين حصي ۾ ترجما ڪيل مضمون آهن.
يوسف جميل نوجوان ليکڪن ۾ منفرد ڪردار آهي، سندس قلمي پورهيو همعصر ۽ هم عمر دوستن کان سگهارو آهي.
مرڪ پبليڪيشن ڪراچي طرفان يوسف جميل لغاريءَ جو هي ڪتاب ”ڪاغذي ڳالهيون“ شايع ڪري سندس ادبي پورهيو محفوظ ته ڪري رهيا آهيون، پر ادب جي ميدان ۾ هڪڙي سُٺي ڪتاب جو واڌارو به ڪري رهيا آهيون. اميد سُٺي موٽ ملندي.

مرتضيٰ لغاري
03005182494

مهاڳ يا منهنجي ڪهاڻي؟

انسان سان گڏ هن ڌرتي تي ٻيون به ڪافي شيون واڌ ويجھ ڪن ٿيون. انهن شين ۾ انساني خواهشون هجن، انساني خواب هجن يا وري انساني ڏک توڙي سور هجن، هي سڀ جا سڀ انسان سان گڏ سندس عمر ۾ ساٿ نڀائيندي وڌڻ شروع ٿين ٿا. عمر جي تقاضا مطابق خواهشون به وڌڻ لڳنديون آهن، عمر جي تقاضا مطابق خواب به پنهنجو دائرو وسيع ڪندا آهن ته وري اُتي ئي انساني زندگي ۾ درپيش ڏک، درد ۽ پيڙاهه به وقت جي مناسبت سان وڌي وڻ ٿيندا آهن. اِهڙي صورتحال سان مقابلو يقينن هر ماڻهو نه ڪري سگهندو آهي. جن وٽ حوصلو، جذبو ۽ مستقل مزاجي واري واٽ هوندي آهي، سي سيبتا انسان زندگي جي مختلف لاهن ۽ چاڙهن مان اُڪري ڪري پار پهچندا آهن ۽ اِنهي جي اُبتڙ وري جن وٽ ڪنهن به ننڍي معاملي يا مونجهاري تي مايوسي حاوي ٿي ويندي آهي ۽ اُهي سُسُت ٿي پوندا آهن ته تڏهن اُنهن کي ائين لڳندو آهي ته ڄڻ زندگي مايوسي جي ڪُن ۾ ڦاسي پئي آهي.
هاڻ اِها مايوسي يا نراسائي ايڏو وڏو معاملو ڪونه آهي جيترو انساني ذهن يا هڪ عام ماڻهو انهي کي سمجهندو آهي ۽ ان کان خوف کائيندو آهي. انسان جذبن جي وهڪرن ۾ ته هميشه وهي ئي وهي ٿو. ڪڏهن خوشي آهي ته وري ڪڏهن غم به آهي. هي ٻئي ڪيفيتون گڏوگڏ هڪ ٻي سان سلهاڙيل آهن. جتي وجود آهي اُتي عدم وجود به آهي. ان لاءِ وقتي پريشانين کان گهٻرائجي ڪري پاڻ کي نقصان قطعي نه ڏجي ۽ نه ئي ڪنهن ٻي کي رنجهه پهچائجي. ڇو ته حالتون ڪڏهن به هڪ جهڙيون ڪونه رهنديون آهن. حالتن سان گڏ انساني مزاج ۾ به تبديلي ايندي آهي ۽ ڪيفيتون به مٽجنديون رهنديون آهن. بس هميشه ڪوشش اِها هجي ته حالتون کڻي ڪيڏيون به ڳنڀير ڇو نه ٿي وڃن اُنهن سان منهن ڏجي ۽ دليري سان اُنهن جو مقابلو ڪجي. اِنهي کي ئي ته زندگي چئبو آهي. اصلي زندگي جو حقيقي مزو ئي تڏهن آهي جڏهن مخالف حالتن کي پنهنجي يقين ۽ اعتماد جي بنياد تي تبديل ڪري پنهنجي حق ۾ آڻي بيهارجي. تڏهن جيڪو سڪون ۽ سُرور ملندو آهي سو سڪون آئون سمجهان ٿو ته دنيا ۾ ڪٿي به ڪنهن به شئي ۾ ڪونه آهي.
هي ڪائنات، انساني سوچ، فڪر ۽ خيال کان الائي ته ڪيترا دفعا وڏو آهي. ڇو ته هن ڪائنات جو آخري ڇيڙو اڄ ڏينهن تائين ڪوبه فرد معلوم نه ڪري سگهيو آهي. ائين ئي انساني سوچ جو جيڪو دائرو آهي سو به ائين کڻي چئجي ته هڪ وڏو اونهو اسرار آهي. جنهن کي پڻ اڄ ڏينهن تائين ڪوبه ماڻهو ماپي نه سگهيو آهي ته انساني سوچ ڪٿي ختم ٿئي ٿي. اِن لاءِ انهي سوچ جي وشال پاتار ۾ ڪافي ذهن وڃائجي ويندا آهن. بلڪل ائين جئين برمودا ٽرائينگل ۾ وزنائتي شيون گم ٿي وينديون آهن. انهي گشمدگي جو وري اِهو عالم آهي جو جيڪو ماڻهو دنياوي سوچن ۽ ڪم ڪارن ۾ پاڻ وڃائي ڇڏيندو آهي. تنهن کي پنهنجي پاڻ کي ڳولهڻ ئي ڄڻڪ وسري ويندو آهي. انهي لاغرضي واري مزاج سبب ڪافي ماڻهو پنهنجو ئي نقصان ڪري وجهندا آهن. قابليت هوندي به ٻڏتر جو شڪار رهندا آهن. ٻين ڏانهن واجهائيندا آهن. ٻين جي حاصلاتن تي حسرتن جي اکين سان ڳوڙها ڳاڙهيندا آهن ۽ پنهنجي محرومين کي مقدر سمجهي ڪري هٿ تي هٿ رکي زندگي گذاريندا آهن.
اهڙي طرز زندگي انتهائي ٿڪائيندڙ ۽ بور ڪندڙ آهي. جيستائين زندگي کي گذراڻ لاءِ ڪو خاص سبب يا مقصد نه ٿو ملي تيستائين ماڻهو ائين زندگي گذاري ٿو جئين بند ڪمري ۾ ڏيئو. جنهن جي روشني نه ڪنهن جي ڪم جي ۽ نه ئي ان مان ڪو فائدو وٺندڙ اُتي موجود هجي. ان لاءِ سڀ کان پهريان جيڪو ڪم آهي سو آهي پنهنجي پاڻ کي تلاش ڪرڻ، پنهنجي پاڻ کي ڳولهي لهڻ ته آيا آئون ڇا آهيان ۽ ڇا ٿي سگهان ٿو؟ جنهن ڏينهن ماڻهو پنهنجي پاڻ کي تلاش ڪري ورتو انهي ڏينهن ماڻهو کي زندگي ملي ويندي ۽ اُن جي حياتي خالي ڪاڳر وانگر نه بلڪ هڪ اهميت جوڳي ڪتاب جهڙي ٿي ويندي، جنهن کي هر ماڻهو پڙهڻ چاهيندو. جنهن جا چرچا هر ماڻهو جي زبان تي عام ٿيڻ لڳندا ۽ جنهن کي هر ماڻهو عزت واري نگاھ سان ڏسندو. هن مهل جيتوڻيڪ دنيا وڏي تيزي سان ڪافي حد تائين ترقي ڪئي آهي ۽ انساني زندگي جا معيار مٽجي ويا آهن.
تڏهن به جيڪو وزن صديون اڳ انساني ڪلهن تي هو اُهو وزن هن دور ۾ مشينن تي اچي پيو آهي ۽ روزاني زندگي ۾ اسان جو گهڻو تڻو واسطو مشينن سان آهي. پر اِنهي جي باوجود هڪ اهم ڳالھ هي پڻ آهي ته انهن مشينن کي هلائڻ لاءِ وري به ذهن انسان جو ئي درڪار هجي ٿو. جيڪڏهن انساني سوچ مفلوج بڻجي وڃي ته يقينن سڀئي آلات فائدي مند نه رهندا ۽ انهن جو استعمال صفا گهٽجي ويندو. اِها ڪرشماتي سگھ صرف انساني سوچ ۽ فڪر ۾ ئي آهي. جيڪو هر شئي کي متوازن نموني هلائي رهيو آهي. انسان به جيستائين پنهنجي پاڻ کان ۽ پنهنجي اهميت کان بي خبر آهي ۽ تيستائين ھُو ڪجھ به نه ٿو ڪري سگهي. جنهن ڏينهن کيس اِهو معلوم ٿي ويو ته مون وٽ ڪهڙي ۽ ڪيتري سگھ آهي ۽ آئون ڇا مان ڇا ڪري سگهان ٿو ته اُنهي مهل سندس زندگي هڪ نئين مرحلي ۾ داخل ٿي ويندي ۽ سندس سنهري دور شروع ٿيندو.
پاڻ سُڃاڻڻ يا پنهنجي پاڻ کي دريافت ڪرڻ ڪو ايڏو وڏو مسئلو ڪونه آهي. هي ته صفا سولو ۽ سستو ڪم آهي. بس هن ڪم ۾ ٿورو ڌيان گهربل آهي. جنهن جي آڌار تي اِهو فيصلو صادر ٿي سگهي ته مون ۾ ڪهڙا ڪرشماتي ڪرڻا موجود آهن. اسان کوڙ سارن ماڻهن وٽان اِهو ٻڌندا آهيون ته هن ڪائنات ۾ ڪا به شئي فضول تخليق ڪونه ڪئي وئي آهي. هر هڪ شئي جي ڪا نه ڪا اهميت ڪٿي نه ڪٿي ضرور آهي. اِهو اعتبار يقينن نه صرف اسان کي آهي بلڪ پوري دنيا جي سڀني انسانن کي به ساڳي ئي نموني آهي. اسان وٽ هي چوڻي صرف هڪ ڳالھ تائين ئي محدود آهي ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ هي چوڻي نه صرف عام آهي بلڪ انهي تي عمل به ٿيندو آهي. سُڌريل معاشرن ۾ ماڻهو فضول ويهڻ کان ڪجھ نه ڪجھ ڪرڻ يا ڪنهن نه ڪنهن ڌندي ۾ مصروف رهڻ کي وڌيڪ اوليت ڏيندا آهن. جنهن وسيلي هڪ ته انهن جي روزگار جو وسيلو پيدا ٿي پوندو آهي ۽ ٻيو ته ھُو اِنهي نموني پنهنجي قابليت جو اندازو به ڪري وٺندا آهن ته مون ۾ ڪهڙي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي. آزاد خيال، آزاد نظرين کي جنم ڏيندا آهن ۽ آزاد نظريا، آزاد ملڪن کي جنم ڏيندا آهن ۽ آزاد ملڪ انسانن کي آزادي سان جيئڻ جو موقعو ڏيندا آهن. آزاد زندگي ۾ ئي سڀئي لوزومات سمايل آهن. فطرت پنهنجي مزاج ۾ آزادي پسند آهي. فطرت وٽ ڪنهن به روڪ، رنڊڪ يا غلامي جو تصور ڪونه آهي. فطري شين جي مزاج سان جڏهن هٿ چراند ٿيندي آهي ته تڏهن اُنهي مهل اُهي وڏو ڌمچر مچائينديون آهن ۽ هن ڌرتي تي وڏي تباهي برپا ڪندا آهن.
ائين ئي جيڪڏهن سوچ کي دٻائي ڪري رکبو ۽ سندس خيالن کي تازي هوا نصيب ٿيڻ نه ڏبي ته اڳتي هلي وڏا مسئلا ۽ مونجهارا پيدا ٿيندا. اِهڙا نقصان ٿيندا جن جو ڪوبه ازالو صدين تائين نه ٿي سگهندو. جيتوڻيڪ اسان وٽ اِهو الميو شروع کان وٺي رهيو آهي ته اسان کي ننڍپڻ کان وٺي آزاد نه ڇڏيو ويو آهي ۽ نه ئي ڪو اسان کي ڪڏهن آزادي جي پرُسڪون ماحول کان آگاهي فراهم ڪئي وئي آهي. تڏهن به اسان معاشري جو جڏهن جائزو وٺون ٿا ته اُها اسان کي هڪ بند ۽ سوڙهي گهٽي وانگر نظر اچي ٿي. جنهن ۾ هر ڪنهن جو ساھ ٻوساٽجي رهيو هجي. نه ڪنهن وٽ اڳتي نڪرڻ جو ڪو منصوبو نظر اچي ٿو ۽ نه ئي ڪنهن وٽ ڪو ڪنهن مسئلي جو حل نظر اچي ٿو. انساني ذهن ايترا ته ٿڪجي پيا آهن جو هاڻ ڪنهن کي ڪنهن ٻي جي باري ۾ سوچڻ جو وقت ئي نه ٿو ملي. ڪو ڪنهن جي اصلاح ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. سڀ جا سڀ ماڻهو هڪ طرفي ڊوڙ ۾ شامل آهن. جنهن ڊوڙ ڊوڙڻ جو اِهو ئي مقصد باقي وڃي بچيو آهي ته ٻي کان اڳڀرو ڪئين ٿجي؟ ٻي کان وڌيڪ ۽ ججهو پئسو ڪئين ڪمائجي؟ اِنهي سوچ اسان کي پنهنجي پاڻ کان ئي پري ڪري ڇڏيو آهي. هن جديد دور ۾ جيڪو ماڻهو گهڻي قدر باصلاحيت ۽ گفتگو ڪرڻ جو هنر ڄاڻي ٿو اُهو گهڻي قدر ڪاميابيون ۽ ڪامرانيون حاصل ڪري ٿو. گفتگو جو هنر اچڻ مطلب ته سامهون واري ماڻهو سان اُن جي ذهني سطع ۽ معيار مطابق خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ به هڪ قسم جو هنر آهي. هي ڪتاب، جيڪو هن وقت توهان جي هٿن ۾ آهي. سو منهنجي اکين جي اوجاڳن جي سفر جو ثمر آهي. مون ڪجھ عرصو ڪالم ۽ مضمون لکڻ شروع ڪيا. اِهي ڪالم ۽ مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن. وري به هڪ ڳڻتي هميشه پريشان ڪندي هئي ته منهنجو هي سڄو پورهيو ائين ئي ذيان نه ٿي وڃي. انهي خيال سان مون هي سڀ مضمون ۽ ڪالم سهيڙي ڪري هڪ جاءِ تي گڏ ڪيا ۽ اڄ توهان جي مطالعي هيٺ آهن. ممڪن آهي مون کان ڪا ڪمي ڪوتاهي به ٿي هجي. يا لکت ۾ ڪي لفظ رهجي ويا هجن يا وري ڪٿي ڪا شئي وڌائي ڪري لکجي وئي هجي. اهڙي صورتحال جيڪڏهن ڪنهن به لکڻي ۾ نظر اچي ته مون کي ان کان آگاھ ضرور ڪندا ته جئين ٻيهر ائين نه ٿي.

يوسف جميل لغاري

اسان وٽ درد دائمي آهن!

زندگيءَ جا مختصر چار ڏينھن آڱرين تي ڳڻي گذارڻ جو وسيلو ناھن. ڇو ته زندگيءَ جو مقصد رسمي طور ڄمڻ کان شروع ٿي مرڻ تائين ختم نٿو ٿئي، نه ئي وري زندگي پنهنجي خوشين ۽ عياشين کي حاصل ڪري ٻين جي خوشين کي پامال ڪرڻ جو نالو آھي. عظيم گوتم ٻڌ جي چواڻي”سروم دکم دکم“جيئن ته زندگي مسلسل عذاب، اذيت ۽ ڏکن جي اھڙي پيڙا جو نالو آھي جتي انسان مسلسل پيڙبو رھي ٿو. زندگي ڪن ڪيفيتن ۾ جبر کي برداشت ڪرڻ جو نالو آھي ته وري ڪن ڪيفيتن ۾ جبر جھڙي قهر جي اکين ۾ اکيون ڏئي ويڙھ ۽ جدوجهد جو به نالو آھي.
زندگيءَ جي حقيقتن کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ واري سوال کان ويندي جبر کي سمجھڻ ۽ اُن سان جدوجهد ۽ ويڙھ ڪرڻ هر عام ماڻھو جي وس جي ڳالھ ناهي پر زندگيءَ جي اَن پيچيده سوال کي جيڪو انسان سمجهي ٿو يقينن اھو ئي عظيم انسان به آھي ته وري ان جي عظمت تڏھن ئي حقيقي عظمت جي بلنديءَ جي معراج تائين پھچي ٿي جڏھن ھو پنهنجي علمي، عقلي ۽ منطقي سوچ وسيلي زندگيءَ جي سوال کي سمجھڻ سان گڏ انساني زندگيءَ جي مٿان غير فطري جبر، ظلم ۽ ڏاڍ خلاف عملي طور ويڙھ ڪري ۽ ذھن ۾ صرف ان سوال تي ڦاٿل نه رھي ته انسان کي ھي جبري ڏُک اذيتون ورثي ۾ ئي مليو آھن نه ئي وري ھو انسانن جي اذيتن، بيوسين جي اکين مان ٽمندڙ ڳوڙھن جي مس مان ھڪ ليکڪ جي روپ ۾ پنھنجي قلم کي ڀڄائي لطف اندوز تخليق کي جنم ڏيڻ ئي پنهنجو ڪُل مقصد سمجهي.
يوسف جميل لغاري جو ڪتاب ”ڪاغذي ڳالهيون“ جڏھن سامھون اچي ٿو ته اسان کي سندس ڪتاب جو دلچسپ نالو ئي اچرج ۾ وجهڻ سان گڏ اھا سَرھائي محسوس ڪرائي ٿو ته اسان جي نئين ٽهي جو نوجوان ليکڪ يوسف جميل لغاري زندگيءَ جي حقيقتن کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ واري سفر ۾ عِلم، ادب جو جهنڊو کڻي پنھنجي قلم جي قوت سان ٻين روايتي ليکڪن جيئن صرف پنھنجا ڳوڙھا مھٽڻ بجاءِ پوري سماج جو فڪر کڻي نڪتو آھي جنھن جي گواهي سندس ھن ڪتاب ”ڪاغذي ڳالهيون“ مان ملي ٿي. جو سندس ھن ڪتاب ۾ موجود مضمونن ۽ ڪالمن مان اھڙين لکڻين جي اڪثريت آهي. جن جا موضوع تعليم ۽ سماجي مسئلا آھن. بنيادي طور تي يوسف جميل لغاري ھڪ اھڙو سگھارو ڪالم نگار آھي جنھن ٿورڙي ئي وقت ۾ الاهي سارو لکيو آھي جو ھن جا ھن ڪتاب کانسواءِ ٻيا پنج ڪتاب به لکيل آھن. جن منجهان سندس چار ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر تي موجود آھن ۽ سندس پنجون ڪتاب گذريل سال پيڪاڪ پبلشرس ڪراچي طرفان ڇپجي پڌرو ٿيو. جيڪو تعليم جهڙي اهم موضوع تي لکيل آهي. ان کانسواءِ ھو مسلسل اخبارن ۾ به لکندو رھي ٿو. جيڪڏھن پاڻ اخبارن ۾ ڇپجندڙ عام رسمي ڪالمن جي عمر ۽ اهميت جي ڳالھ کي وائکو ڪنداسين تي بظاهر عام اخباري ليکڪ جي ڪالم جي عمر مخصوص ۽ ننڍڙي ڏسڻ ۾ ايندي پر يوسف جميل لغاريءَ جھڙا ليکڪ تمام ٿورا ھوندا جن جا ڪالم اھڙا سگهارا ۽ جامع ھوندا آھن جيڪي روايتي ڪالمن جي ڀيٽ ۾ ڏاڍا طاقتور ۽ دلچسپ به ھوندا آھن جن کي ڪڏھن به پڙھڻ سان بوريت محسوس ناھي ٿيندي. يوسف جميل لغاري به اھڙن ليکڪن مان ھڪ آھي جنھن جي لکڻين جو وڌيڪ اندازو پڙھندڙ ئي ھن ڪتاب ”ڪاغذي ڳالهيون“ مان لڳائي سگھي ٿو ته يوسف پنهنجي ھن ڪتاب ۾ مضمونن، ڪالمن کان ويندي ترجمي ۾ ڪيترو نڀايو آھي. يوسف جميل لغاريءَ جو ھي ڪتاب ”ڪاغذي ڳالهيون“ جيڪي مضمونن، ڪالمن ۽ ترجمن کان ويندي اھم ڪتابن تي ڪيل تبصرن تي مشتمل آھي. اميد ته پياري يوسف جي هي ادبي ڪاوش اھم ڪتابن ۾ جڳھ ضرور والاريندي.

راشد شر

ڏکن جو اظهار، سور سڀ ڄمار

مون جڏهن کان ادبي ميدان ۾ پير پاتو ته خبر پئي ادبي لڏي ۾ لکڻ سان ماڻهوءَ کي شهرت ملي ٿي، سڃاڻپ ٿئي ٿي، ادبي لڏي ۾ وڏو نانءُ ٿئي ٿو. آئون پنهنجي مطالعي ۽ مشاهدي مطابق ڳالھ ڪيان ٿو. مون اڪثر ليکڪن کي تڪڙي شهرت ماڻڻ لاءِ لکندي ڏٺو آهي. آئون به اِنهي تڪڙي شهرت ماڻڻ لاءِ ميدان تي لهي پيس، ميدان تي لهڻ کانپوءِ مون پوئتي ڪنڌ ورائي ڪونه ڏٺو، پر جڏهن ڪنهن منزل تي پهچڻ يا پچي راس ٿيڻ جو به ڪڏهن ناهي سوچيو. لکڻ جو جنون هيو، لکندا رهياسين. دوستن جو ساٿ رهيو اڳتي نڪرڻ جو سوچيوسين پوئتي ڪجهه به ٿيو، پُٺي ۾ به کنجر لڳا پر تڏهن به پوئتي مُڙي ڪونه ڏٺو. انهي ڪري اڪثر نوجوانن کي اِها تاڪيد ڪندو رهيو آهيان ته اوهان سينئر اديبن کي ڌيان ڏيڻ بجاءِ نوجوان کي ترجهي ڏيئي، سندس اصلاح ڪيو ته جيئن هُو اڳتي اچن. اڳ کان وڌيڪ سٺو لکن. هن وقت مون ادبي ميدان ۾ جيڪي نوجوان اڳي کان اڳڀرا ڏٺا انهن ۾ هن ڪتاب جو مالڪ يوسف جميل جو نانءُ به شماري سگهجي ٿو. يوسف جي مسلسل لکڻ سان ادبي ميدان ۾ کيس سٺي موٽ ملي آهي. يوسف جميل لغاري ڪجهه ڏينهن پهريان فون ڪري پنهنجي ڪتاب تي ٻہ اکر لکڻ لاءِ چيو، مون کيس انڪار ڪيو. تنهن تي هن حيرت مان وراڻيو ”تون نہ لکندي ته ٻيو ڪير لکندو؟“.
آئون هڪ دم خاموش ٿي ويس يوسف جميل لغاري چيو صبح آئون توکي ڪتاب موڪليندس، ڪهڙي به حالت ۾ توکي لکڻو آهي. تڏهن آئون حيرت ۾ پنهنجي پاڻ ڏي ڏسڻ لڳس. پنهنجي پاڻ کان سواليه انداز ۾ پڇڻ لڳس ته اي امر! تون يوسف جميل لغاري تي لکي سگهندين؟ خير يوسف جميل لغاري ڪتاب اماڻي ڏنو، ڪتاب جو مطالعو مون شروع ڪيو، مطالعي کان پوءِ ڪتاب تي لکڻ شروع ڪيم. تمام ٿوري وقت ۾ يوسف جميل لغاري ادبي کيتر کي ڪُل ڇھ ڪتاب ارپي چڪو آهي، جن مان چار آن لائين پنجون هارڊ ڪاپي ۾ شايع ڪرائي منظر عام تي آندو اٿس ۽ هي سندس ڇهون ڪتاب آهي. تنهن کانسواءِ يوسف جميل جا سوين مضمون اخبارن، رسالن وغيره ۾ شايع ٿي چڪا آهين، "ڪاغذي ڳالهيون" اوهان اڳيان ڪتابي صورت ۾ آهي. هي مجموعو پنجن حصن تي مشتمل آهي، حصي پهرين ۾ ڪالم، حصي ٻئي ۾ مضمون، حصي ٽئي ۾ ڪتابن تي اظهار خيال، حصي چوٿين ۾ ڪتابن لاءِ لکيل ڪجهه خيال، حصي پنجين ۾ مختلف ترجما ڪيل مضمون ڪتاب ۾ شامل آهن.

حصو پهريون:
سور سڀ ڄمار بي لباس خوابن کي!
مون جڏهن هن ڪالم جو مطالعو ڪرڻ شروع ڪيو ته اکيون آليون ٿي پيون، آئون سوچن جي گهرائي ۾ هليو ويس سوچڻ لڳس تہ آخر يوسف جميل لغاري مٿان ايتري ڏات ڪٿان نازل ٿي آهي؟ جو هن ننڍڙي عمر ۾ اهڙا جاندار خيال تخليق ڪيا آهن، ”اکيون جيڪي خوشحالي جا خواب ڏسن ٿيون“ جهڙا ڪمال جا ڪالم لکي ڪري هن پنهنجي تخليقي سفر کي اڳي کان اڳڀرو ڪيو آهي. آئون يوسف جميل لغاري جي ڪالمن، مضمونن کي وقت سر اخبار توڙي فيس بڪ تي پڙهندو رهندو آهيان. ڪمال جو تخليقڪار آهي. يوسف جميل لغاري پنهنجي اکين ۾ منظر ڪشي کي قيد ڪري ڊائري جي اڇن پنن کي ڪارو ڪري نہ رڳو پنهنجو فرض سمجهي ادا ڪيو آهي، بلڪ پنهنجي ادبي سفر ۾ پاڻ ملهايو به آهي. ”نوجوانن لاءِ روزگار جا دروازا ڇو بند آهن؟“ يوسف جميل لغاري پاڻ هڪ نوجوان ھئڻ سان گڏ ٻين نوجوان جو فڪر پڻ ڪري رهيو آهي، کيس نوجوانن جو فڪر هر ڀيري من اندر لوچ پوچ ڪندو رهي ٿو. يوسف جميل لغاري نوجوانن لاءِ روزگار جا دروازا بند ڏسي پنهنجي قلم جي نوڪ سان آواز اُٿارڻ لاءِ ڪا ڪسر نٿو ڇڏي.

حصو ٻيو:
مهاڳ لکڻ جي روايت ڪيئن ڪٿان شروع ٿي؟
مهاڳ لفظ جي معني منڊ/ اڳياڙي/ شروعات وغيره چئي سگهجي ٿو، مهاڳ لکڻ سان منهنجي خيال ۾ ڪتاب جو مان وڌي وڃي ٿو. هر ليکڪ ڪوشش ڪندو آهي ته منهنجي ڪتاب جو مهاڳ، جڳ مشهور شاعر، اديب لکي جيئن منهنجي ڪتاب جو نالو ٿئي. منهنجي خيال مطابق هئينر واري دور ۾ ائين آهي، باقي ڪافي ماڻهن جا مختلف رايا ٿي سگهن ٿا. ”نوڪري واري ٽيسٽ ڪئين ڏجي؟ “ جهڙا شاهڪار مضمون ڪتاب جو حصو آهن، نوڪرين لاءِ اپلائي ڪندڙ نوجوان مايوس ٿي سوالن جا صحيح جواب نہ ڏيڻ ڪري نوڪري واري ٽيسٽ ۾ سوالن جي ڏکين هجڻ جي شڪايت پڻ ڪندا رهندا آهن. اُنهن کي هي مضمون ضرور پڙهڻ گهرجي. ” تقرير ڪرڻ جا چند بنيادي اصول“ ڪنهن تقريب ۾ يا ڪنهن ڪانفرنس ۾ اهڙي ماڻهوءَ جي يا اهڙي شخص جي ضرورت پئجي ويندي آهي جيڪو ماڻهن جي هجوم ۾ ڳالهائي سگهي. تقرير ڪرڻ جا اصول، قائدا قانون پنهنجا هوندا آهن. اسان انهي قائدن قانونن جا پابند به هجون پر اسان وٽ ڳالهائڻ جو ڏانءُ نہ هوندو ته تقرير ڪرڻ جا بنياد اصول به ڪهڙي ڪم جا؟ پر هتي ڏنل اصولن تي به نظر ضرور رکجي، اصولن جي بنيادن تي به ماڻهوءَ ڪجهه نہ ڪجهه ڳالهائي سگهي ٿو. تقرير ڪرڻ فن بلڪل آهي، پر فن کي سمجهڻ لاءِ سکيا جي ضرورت آهي، فن کان سواءِ تقرير جا ٻيا به بنيادي اصول آهن جيڪي ڪتاب ۾ ترتيب وار آهين. ”اوشو، جنهن کي آمريڪا جي جيل ۾ زهر ڏنو ويو هو.“ اوشو تي لکيل هي مضمون مون کي پسند آيو ۽ يقينن هر هڪ پڙهندڙ کي به پسند ايندو.

حصو ٽيون:
ماستر لاءِ چانھ جو ڪوپ جو تنقيدي جائزو:
ماستر تي ماستر جو تنقيدي جائزو انتهائي لاڀائتو آهي، اوهان پنهنجي اک سان هن ڪتاب جو جائزو وٺي انتهائي خوبصورت اصلاحي تجزيو لکيو. ”سنڌ، هاڃان ۽ هيڻا ماڻهو نواز خان زئور“ سائين نوار خان زئور جو نالو آئون ڪافي وقت کان ٻڌندو رهيس، لاڙ پٽن جو اُهو صدا ملوڪ سرجڻهار جنهن سنڌي ٻوليءَ، سنڌي ماڻهن سان ٿيندڙ ناانصافين، سنڌي قوم تي ٿيندڙ ظلمن خلاف هڪ آواز بڻجي پنهنجي قلم سان اُڀريو. سائين نواز خان زئور جي ڪتاب تي لکيل تجزيو به انتهائي خوبصورت آهي.

حصو چوٿون:
يوسف جميل لغاري ٿوري وقت ۾ نثر جي حوالي سان تمام سٺو لکيو آهي، آئون يوسف جميل کي صلاح ڏيندو هلندس ته اوهان نثر واري پاسي ڌيان ڏيو، اوهان جو نثر وارو پاسو انتهائي مضبوط آهي. نثر جي موجود وقت ۾ اسان کي سٺن نثر نويسن جي ضرورت آهي. اڳتي به سخت ضرورت پوندي. يوسف جميل لغاري ڪتاب جي چوٿين حصي ۾ سنڌ جي نوجوانن توڙي ڪجهه سينئرن ليکڪن جي ڪتابن جا مهاڳ يا تاثرات لکيا آهن. جيڪي هن ڪتاب جو حصو آهن. محقق جو تعارف؛ راشد شر نوجوان ٽهي جو بهترين لکندڙ آهي، مون به سندس لکڻيون مختلف وقتن تي مختلف اخبارن وغيره ۾ پڙهيون آهن. سندس ڪتاب تي يوسف جميل لغاري "محقق جو تعارف" جي حوالي سان تاثرات لکيا آهن، جيڪو انتهائي ڪارائتو آهي. پيش لفظ: ثاقب ارشد لغاري نوجوان ٽهي جو پڻ بهترين لکندڙ آهي، سندس لکڻ جي رفتار ڪجهه وقت کان سُست رفتاري جو شڪار ٿي چڪي آهي، ثاقب ارشد لغاري جي ڪهاڻين جي ڪتاب تي يوسف جميل لغاري جا پيش لفظ تمام گهڻا لاڀائتا آهن، ساڳين ڪتاب ۾ ثاقب ارشد لغاري جي ٻئي ڪتاب جو مهاڳ لکڻ جو شرف به يوسف جميل لغاري کي نصيب ٿيو. يوسف جميل لغاري جي لکڻ جو انداز سندس لکڻ جي رفتار ئي کيس سڃاڻپ جو ذريعو بڻي آهي. ”هر ماڻهوءَ جي هڪڙي دنيا آهي“ يوسف جميل لغاري جو گهڻو شايع ٿي منظر عام تي اچڻ مون کي تمام گهڻو مجبور ڪيو، تڏهن مون پنهنجي ڪتاب "جڏهن خيال جاڳن ٿا" جو تاثرات يوسف جميل لغاري کان لکرايو. يوسف جميل لغاري لکڻ جو جيترو تڪڙو آهي، تهڙيون ئي سندس لکڻيون به لاڀائتيون آهن. تنهن کانسواءِ يوسف جميل لغاري ٻين جي ڪتابن تي به رايا، مهاڳ ۽ تاثرات وغيره لکيا آهن، جيڪي هن ڪتاب جو حصو آهن. اڃان سفر مس شروع ٿيو آهي اڳتي به اِها رفتار ساڳي رهي ته يوسف جميل لغاري ايندڙ وقت جو وڏو ليکڪ ثابت ٿيندو. سندس لکڻين ۾ اُهي سڀ خوبيون آهن جيڪي هڪ پڪي پختي ليکڪ جي لکڻين ۾ هونديون آهن.

حصو پنجون:
ڪنهن جا مضمون هڪڙي ٻوليءَ مان ٻئي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪرڻ ڪا سولي يا آسان ڳالھ ڪونه آهي، انتهائي ڏکيو ڪم آهي. پنهنجي پاڻ کي حاضر دماغ رکي ڪري ڪنهن ليکڪ جي مضمون کي ترجمو ڪري پنهنجي ٻوليءَ ۾ لکڻ سان ڪهڙو فائدو ٿيندو آهي، اُها ڳالھ به ذهن ۾ رکڻ لازم آهي. هن وقت تائين ڪافي ڪتاب سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيا آهن. جن ۾ ناول تمام گهڻا آهن. خير يوسف جميل لغاري به ڪجهه مضمون ترجمو ڪري هن ڪتاب ۾ شامل ڪيا آهن، جيڪو انتهائي قابل داد ڪم آهي، پر هتي منهنجو اُهو خيال هيو ته جيڪڏهن ليکڪ انهن مضمونن کي الڳ سان ڪتابي صورت ڏئي منظر عام تي آڻي ها ته بهتر هو. ”صلاحيتن کي نکارڻ وارا ست اهم ڪم:“ ميان جمشيد اردو جو ليکڪ آهي، جنهن جون لکڻيون انتهائي بهترين ھونديون آهن. جنهن جي هڪ لکڻي يوسف جميل لغاري سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري جمشيد جي پڙهندڙ لاءِ انتهائي سهولت ڪئي آهي. جس لهو پيارا يوسف جميل لغاري اڳ کان اڳڀرو ڪم ڪندڙ نظر اچي ٿو. ”هڪ دلچسپ ڪهاڻي: ٻارهن مهينن جا نالا ڪيئن پيا؟.“ راڻا محمد شاهد اردو ٻوليءَ جو بهترين ليکڪ آهي، جنهن جي دلچسپ ڪهاڻي ٻارهن مهينن جا نالا ڪيئن پيا؟ ڪهاڻي کي سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري انتهائي ڪارائتو ڪم سرانجام ڏنو آهي. مون کي اميد آهي ته يوسف جميل لغاري جو هي ڪتاب ادبي کيتر جو انتهائي ڪارائتو ڪتاب ثابت ٿيندو، جنهن جي تاثرات لکڻ جو شرف مون ناچيز کي به حاصل ٿيو آهي. پنهنجي وس آهر جيڪو ڪجهه ڳالهايو، اميد آهي ته ليکڪ سميت، سڀني پڙهندڙ کي قبول پوي. ايندڙ وقت نوجوانن جو ھوندو. نوجوان اڳي کان اڳڀرا هوندا، منهنجي هن ڪتاب جي تسلسل سان اوهان نوجوانن لاءِ اُهو پيغام به هوندو ته هر نوجوان ٻئي نوجوان لکندڙ جو ساٿ ڏئي ته جئين هر لکندڙ نوجوان کي هڪ الڳ جاءِ ملي سگهي.

اظهر امر
12 جنوري 2021ع
ٽنڊو الهيار، سنڌ، پاڪستان

ڪاغذن تي جنم وٺندڙ ڪاغذي ڳالهيون!

فرانس جي جڳ مشھور فلسفي سارتر لکيو آھي ته: ”ھر اُهو لفظ جيڪو اسان ھڪ ٻئي جي آڏو ادا نه ڪري سگھياسين يا نه ڪري سگھيا آھيون ته پوءِ اُھو اسان جي ھار جو مڪمل اِعتراف آھي“. سارتر مٿيان لفظ ڪھڙي نقطئه نگاھ لاءِ لکيا ھئا؟ اُھو ته سارتر ئي ڄاڻي. سارتر جي مٿين ڳالھ ڪرڻ جو ھتي مکيه ۽ اھم نقطئه نگاھ فقط اُھوئي آھي ته سچ ضرور لکجي! ڇو ته ليکڪ ھڪ آرٽسٽ ھوندو آھي، جيڪڏھن ھو سچ کي ڪاڳر تي نٿو اوتي ته اُھو به ان ڇوڪري وانگر آھي جيڪا پنھنجي پھرين پاپ جي پيدائش کي وساري ڇڏيندي آھي. بنيادي طور آئون رومانيت پسند رھيو آھيان، منھنجي لکڻ جو انداز به رومانوي رھيو آھي. ان ڳالھ جي برعڪس اسان جو ھي يار سائنسي ادب جو وڏو مائل رھيو آھي. ھن ڦڪي چانھ ڪھاڻي کان جنگي جيٽ جھاز وانگي تيز سائنسي اَدب ڏانھن ڪبوتر وانگي تڪڙي ڏوٽي ڇو ۽ ڇا لاءِ کاڌي؟ اُھو فقط يوسف جميل لغاري ئي ڄاڻي. ننڊ نيڻن مان ڇرڪي ھرڻي جھڙي ڇال ھڻي ڪمري مان ٻاھر ھلي وئي آھي. اوجاڳي جو شينھن، اداس ڪنھن محبوبه وانگي بغير عاشق جي ديدار جي ڪمري ۾ ئي اُٻاسيون ڏيندو نظر اچي ٿو. ھٿن جي پکيئڙن کي پنھنجي مٿي تائين اڏاري سڀئي خمار ڪنھن ڳوٺاڻي ناري وانگي گينچڻ مان اٽي جيئان ڇاڻي موبائل جي بدن ۾ اڱريون ٻکيم. معمول مطابق واٽسپ جيئن ئي کوليم ته يوسف جميل لغاري جا پيغام سائي طوطي جيئان واٽسپ جي ٽاري تي لڏي رھيا ھئا. مٿيان آيل ھو پي ڊي ايف ۾ ڪتاب جنھن جي ويجهو ھيٺان لکيل ھو ته ”هن ڪتاب تي اوهان جو رايو کپي، جيڪڏهن عنايت ڪندئو ته مون کي خوشي ٿيندي“. منھنجو ذھن خيالن ئي خيالن ۾ اڏرڻ لڳو. ھن ڳوٺن جي شادين ۾ تقسيم ٿيندڙ پتاشي جھڙي يار پنھنجي ڪتاب لاءِ رايو گُھريو ھو جنھن سان انڪار ڪرڻ اھڙو ئي ناممڪن ھو جھڙو مومل کي راڻي کي وسارڻ ناممڪن ھو. روايتي خيالن جي طلسمي جبل کي سومل وانگي ڇڏي مومل بڻجي پيرا شوٽ پائي ٽپو ڏئي يار جي ڳالھ ڏانھن موٽندي سندس سان ھائو ڪار ڪيم. اِھو ڄاڻيندي به ته يوسف جميل لغاري جي سائنسي لکڻين تي ڇا منھنجو رايو پورو لھندو به يا نه؟
پر يار سان انڪار ڪير ڪري؟ جيڪو حال پريان نال، يوسف جميل لغاري ڪير آھي، ڪٿان جو آھي، ڪٿي ملياسين، ڪڏھن ۽ ڪيئن ملياسين، ساڻس سان ڪيتريون ملاقاتون ٿيون آھن؟ جھڙيون روايتي ۽ غير دلچسپ ڳالھيون ڇڏي پاڻ صرف اڄ يوسف جميل لغاري جي ڪتاب تي ڳالھائينداسين. جيڪو ڪتاب خُود يوسف جميل لغاري جي خيالن جي تشريع ڪندو. جيڪو ڪتاب ھن قيدي عاشق جيئان محبوبا کي ملاقات جو وقتي آسرو ڏئي لکيو آھي. ھن جيڪو ڪجھ لکيو آھي اُھو اسان جي سنڌي ادب جي جيٽ جھاز جي ليڪ جي ڊگھي طويل قطار ۾ اچي ٿو.
ادب ئي ته اُھو آئينو آھي، جنھن مان اسين ماضي کي حال سان ۽ حال کي مستقبل سان ڏسي سگھون ٿا. ادب جي آئيني تي پھچڻ پڄاڻان ئي اسان کي ماضي به ملي سگھي ٿو ته حال به ۽ گڏوگڏ اسين مستقبل جي باري ۾ پڻ پنھنجا امڪان ظاھر ڪري ھڪ ٻئي آڏو رکي سگھون ٿا. محبت جنھن جي بنياد تي ئي دنيا قائم آھي. پر الميو اِھو آھي ته اُن محبت سان ئي ھر دور ۾ وڏا ڪلور ٿيا آھن. انھن محبتن مٿان ئي اسان جي ڏيھ جي باشندن بندوقون کنيون آھن. جيئن سائبيريا جي پکين لاءِ کڻندا آھن. جنھن به انسان ذات سان محبت ڪئي آھي اُھو ماريو ويو آھي. انھن جي خلاف يوناني ڏند ڪٿائي ديوتا پروميٿيس، کان وٺي اڄوڪي يوسف جميل لغاري تائين انڪار جو فلسفو اسان کي ھر مھذب ماڻھو ۾ نظر اچي ٿو. اھڙو فسلفو اسان جي دوست وٽ پڻ موجود آھي. انسانيت سان محبت، مڪاريون، دغا بازيون، ڏور رھڻ، سڏڪا سسڪيون، آھون دانھون ۽ وصل جي امڪاني ھٻڪار اسان کي سندس جي لکڻي ”سور سڀ ڄمار“ مان ملي ٿي. ڏُتڙيل قومن جي سوچن مٿان سامراجي غلبو قائم ھوندو آھي. جنھن رياست اندر ھڪڙي ٻي رياست قائم ھجي ان کان اسين ڪھڙي امن ۽ انصاف جي خيرات گُھري رھيا آھيون. اھو سوال اسان کي پاڻ کان ڪرڻ کپي. پر اِھو سوال اسين تڏھن ئي پنھنجي پاڻ کان ڪري سگھنداسين جڏھن اسين تعليم کي ڳل ڳراٽي پائينداسين. اڄ يورپ عالمي ليول تي جانورن لاءِ ادارا جوڙي رھيو آھي. جڏھن ته اسين اڄ به ڳوٺن جي واٽر ڪورسن مان نوجوانن جا لاش ڍوئي رھيا آھيون. شھر جي گٽرن ۾ اڄ به معصوم ٻار ريپ ٿيل، مئل حالت ۾ ملن ٿا. ته ٻي پاسي يورپ تعليم جي بلندين تي آھي. جڏھن ته اسين اڃان تائين فڪري بحران مان ٻاھر نڪري ڪونه سگھيان آھيون. انھن سڀنِي سوالن جا جواب اسان کي تعليم ئي سيکاريندي ته اسين ڪٿي بيٺل آھيون. اھڙو نقطو ۽ اُونھو يوسف جميل لغاري جي دل ۾ به دُکي رهيو آهي. جيڪو ھن پنھنجي لکڻي ”اکيون جيڪي خوشحالي جا خواب ڏسن ٿيون“ ۾ ڏيکاريو آھي. البته ان لکڻي کي ان حد تائين نه کڻي سگھيو آھي. جنھن طاقت سان ھي ان لکڻي جي پھرين مرحلي ۾ نظر آيو آھي. پر پوءِ به پڙھندڙن کي هي لکڻي پاڻ ڏانھن ائين ڇڪ محسوس ٿي ڪرائي جيئن مومل کي ميندري جي ياد تڙپائيندي هئي. جنھن مومل لاءِ مهان ڪوي شيخ اياز لکيو آهي.

رات آئي وئي، تون نه آئين ڪهي،
ماڪ ۾ ميندرا، ڪاڪ رُئندي رهي.
مينهن موٽي ويا، ڏينهن اُڀري لٿا،
تون نه آئين پرين، وِھُ لڳي ٿي وهي.

ڀٽائي جي سھڻي جا ڪاندي ته درياءُ ڪپ تي ويٺل پکي پکڻ ٿيا ھئا. پر اسان جي لاشن جو الائجي ڪير ڪاندي ٿيندو به يا نه؟ اُھو اونھو اسان جي عوام کي ھر وقت خاردار تار وانگر چُڀي ٿو. ڇو ته اسين فرسودا سماج ۾ فقط زنده آھيون. ميرن جي چوياري وانگر ھر طرف کان اسان کي ذھني جھالت يرغمال بڻايون ويٺي آھي. جيڪو اونھو ھن ليکڪ جي دل ۾ پڻ انگريزن جي ڏنل گھڙيال وانگر ڌڙڪي ٿو. جيڪو خيال ھن پنھنجي لکڻي”عقل جي اونداھي جو الميو“ ۾ ۽ ”صدين جون صدائون ٻڌن ٿيون ھوائون“ ۾ ظاھر ڪيو آھي. آسمان جي ٽارين ۾ ٽنگيل حضرت عسيٰ جھڙا سھڻا ستارا ڳڻڻ جيترو ته اسان وٽ وقت آھي.
پيسن جي نوٽ کي اٿلائي پٿلائي اِھو ڏسڻ جو ته ھي اصلي آھن يا ڪوڙو. موبائل جي اسڪرين تي سڄو سڄو ڏينھن پب جي گيم کيڏڻ جو ته پاڻ وٽ گھڻو ئي وقت آھي. پر افسوس جو اسان وٽ مزدور جي ھٿن ۾ پيل لڦن کي ڏسڻ جيترو به وقت ناھي رھيو. ھا اسان وٽ ته ڪنھن جھور پيرسن جي مُک تي اداس پيل ريکائون ڳڻڻ جيترو به وقت ناھي رھيو ته اُھي ڪھڙي ڏک، درد ۽ پيڙا جون ريکائون آھن. اھڙو ڏک ھن ليکڪ وٽ به ڏسڻ وٽان آھي جيڪو ھن پنھنجي لکڻي ”جديد دور جون ڪھڙيون گھرجون آھن“ ۾ ڪيو آھي. اسان جي دوست الائي ته ڪھڙي خيالن جي رش ۾ ويھي ھي سٽون لکيون آھن، ”اسان وٽ ائين آھي ته اسان بي روزگاري جون دانھون ڪريون ٿا ھر روز مھانگائي جو پٽڪو ڪيون ٿا پر اِھو نه ٿا ڏسون ته جديد دنيا جو تقاضائون ڪھڙيون آھن.“ يوسف جميل تون ڪھڙيون ٿو جديد دنيا جو تقاضائون انھن کي ٻڌائين؟ جن وٽ کائڻ پيئڻ جو سامان يعني پھرين بنيادي سھولت ئي سنڌ جي ڳڀرو نوجوانن جي لاشن جيئان گم آھن. ڇا اُھي ان وقت تنھنجي دنيا جي جديد نظام بابت ڪيل ڳالھ سمجھي سگھندا؟ تون انھن کي ڪيئن سمجھائيندي جديد دنيا بابت. جن تازو ڪجھ ڏينھن پھريان ٿر جي علائقي ڇاڇري ۾ پنھنجي زندگين جو انت آندو ھو. توکي خبر آھي ته ھڪ پيءُ بيروزگاري کان تنگ اچي خُودڪشي ڪئي ھئي، جڏھن ته ان جي مومل جھڙي سياڻي نياڻي بُک کان تنگ اچي کوھ ۾ ٽپو ڏئي پنھنجي زندگي جو جوان ڏيئو ائين وسائي ڇڏيو ھو. جيئن ڏاھر جي وئي کان پوءِ اروڙ شھر جي شامن آخري ڏيئو وسائي ڇڏيو ھو. ڇا اُھي تنھنجي انفارميشن ٽيڪنالاجي بابت ڪيل ڳالھيون سمجھي به سگھندا؟ ھي ته صرف سنڌ جي ھڪ خاندان جي اختصاري ڪھاڻي آھي. ھن وقت تائين سنڌ ۾ ڇا ڇا نه ٿيو آھي اُھو به صرف بُک لاءِ! اُهو دنيا جو بدترين الميو لکيو ويندو. هو ڪڏھن به جديد ڳالھيون سمجھي نه سگھندا، انھن کي ماني ٽڪر کپي نڪي جديد دنيا. شايد انھن کي ان وقت ڪميونزم به سمجھ ۾ نه اچي. اولين شرط انھن کي ماني ڏجي پوءِ ئي شايد ھو ڪارل مارڪس جو ڏنل نقطو ڪميونزم سمجھي سگھن. باقي ڪمپيوٽر ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي سمجھڻ انھن کان ڪوهين ڏور آھي. جيئن جبل ڏسڻ کان ويجھو ۽ وڃڻ پڄاڻان پري نظر ايندو آھي. سنڌ جي تقدير ھن وقت لڪير جي فقير جھڙي ٿي پئي آھي. پر وري به ھن ليکڪ وٽ سنڌ جي ان تقدير کي بدلائڻ جو اونھو آھي. ھي ڪوشان آھي جيڪو اونھو اسان کي سندس جي لکڻي ”فني توڙي مھارتي تعليم جي ضروت ۽ اھميت“ ۾ نمايا ملي ٿو. ڳالھ سڄي آھي بس ڳولھي لهڻ جي. هي ليکڪ ڏاڍو جذباتي آھي، شايد اُھا ڪاوڙ ھن جي لکڻين ۾ به اوتجي پئي آھي. جنھن ڪاوڙ وچان ھن ڪتاب ۾ کوڙ سارا خيال وکيريا آھن. خيال ڇا سمجھو ته ڄڻ پوپٽ آھن ھتان اڏريا وري ڪٿي ٻئي ھنڌ ويٺا. اھا جنون جي سرمستي ڪيفيت سندس جي لکڻين ۾ نمايا آھي. يوسف جميل لغاري ھڪ ھنڌ لکي ٿو ته: ”ھي صدي فلسفي جي نه بلڪي سائنس جي صدي آھي“ انھي سٽ تي قياس ڪري ذھن ڀنڀوري وانگر دماغ ۾ ڀِرندو ٿو وڃي ته ڇا ھاڻي فلسفي مان ڪوئي لاڀ حاصل نه ٿيندو؟ يا فلسفو اجايو سمجھي کنڊرن ۾ مدفون ڪيو ويندو؟ پر ائين ڪيئن ممڪن آھي جيڪڏھن ائين ممڪن آھي ته پوءِ اسين ڪارل مارڪس جي ھن قول کي ڪٿي مدفون ڪري اچون جنھن چيو آھي ته:
”فلسفي کان سواءِ ڪا به اڳڪٿي ممڪن ناهي“
فلسفو پاڻ ڇا آھي؟ ھتي منھنجو مطلب فلسفين مان ناھي، آئون صرف فلسفي بابت سوچي رھيو آھيان. فلسفو ھڪ سوچڻ جي صلاحيت جو نالو آھي. جيڪا صلاحيت انسان کي فلسفي بڻائيندي آھي. ھاڻي ڇا ان کي ڦٽو ڪجي؟ ھاڻ ڇا ان شيءَ کي ڦٽو ڪجي جيڪا اسان کي ڏاھپ ڏانھن وٺي وڃي ٿي. ليکڪ گينزخ وولڪوف پنھنجي ڪتاب ڏاھپ جو جنم ۾ لکي ٿو: ”فن ۽ فلسفي جي علم کان سواءِ توھان مھذب انسان ٿي نه ٿا ٿي سگھو، انھن کان سواءِ توھان سرگرمي جي ڪنھن به مقرر دائري ۾ ڪا به صحيح معنائن ۾ تخليقي ڪاميابي حاصل نه ٿا ڪري سگھو“. برٽرينڊ رسل پڻ چئي ٿو ڏاھپ جي دنيا ۾ انتھائي اعليٰ مقام فلسفي ۽ سائنس جي ڳانڍاپي سان ئي ٿي سگھي ٿو. ڏٺو وڃي ته خُود سائنس جو وجود ئي فلسفي تان ورتل آھي. سائنس صرف پنجن حواسن تائين محدود آھي. اسان جي دوست جي شايد ان طرف اڃان نگاھ ناھي وئي ھن نوجوان کي ان طرف نگاھ وجهڻ جي ضرورت پڻ آھي. خير اسان يوسف جميل لغاري جو ھي ڪتاب پڙھي ڪري چئي سگھون ٿا ته ھن کي جيڪو ڪجھ ادبي پيچري تي مليو آھي ھن اُھو اسان توھان اڳيان رکيو آھي. سنڌ جي مھان ڏاھي نثر جي جادوگر عبدالواحد آريسر پنھنجي جيل ڊائري ڳچي ڳانا لوھ جا ۾ ھڪ ھنڌ لکيو آھي ته ”مون کي ڪنھن تنقيد نگار جو مقولو ياد آيو جنھن چيو آھي ته ڪنھن به ڪتاب جو منصف اُن مزور وانگر آھي جيڪو جھنگل صاف ڪري رستو ٺاھي ٿو ۽ تنقيد نگار ان سپروائيزر وانگر آھي جيڪو اُن رستي کي جاچي ڪري ٽريفڪ کي ھلڻ جي اجازت ڏئي ٿو.“ هي ڪتاب به سائنس وانگر پنجن حصن تي مشتمل آهي. پهرين حصي ۾ ڪالم رکيا ويا آهن، ٻي حصي ۾ مضمون آهن، ٽين حصي ۾ مختلف ڪتابن تي لکيل تبصرا رکيا ويا آهن. چوٿين حصي ۾ مختلف رايا رکيا ويا آهن. پنجين ۽ آخري حصي ۾ ترجمو ٿيل مضمون رکيا ويا آهن، جيڪي ليکڪ مختلف ٻولين مان ترجمو ڪري رکيا آهن. هي ڪتاب هڪ گلدستو آهي، جنهن جي هُٻڪار پڙهندڙ بخوبي محسوس ڪري سگهن ٿا. يوسف جميل لغاري جو ھي ڪتاب جنھن جي اچڻ تي اسين نيڪ خواھشن جو اظھار ڪريون ٿا ۽ اِها اميد پڻ رکون ٿا ته ھي هميشه احساسن جو امانتون پڙھندڙن تائين ائين ئي پھچائيندو رھندو.
دراوڙن جو ٻاريل ڏيئو جُڳ جُڳان ٻرندو رهي.

رشيد احمد خاصخيلي
10 فيبروري 2021ع
ڄامشورو سنڌ

حصو پهريون: ڪالم

---

سور سڀ ڄمار، بي لباس خوابن کي!

جڏهن کان هن ڌرتي تي اکيون کوليون آهن ۽ هن ڌرتي تي پير پسيا آهن تڏهن کان خوابن جو ساٿ ڪنهن نه ڪنهن نموني گڏ رهيو ئي رهيو آهي. ننڍپڻ ۾ جيڪي خواب اکيون ننڊ مهل ڏسنديون هيون. اُهي ته هن مهل جهڙوڪ ياد ڪونه آهن پر جڏهن کان ذهن ۾ سُجاڳي آئي آهي ۽ عقل ڪم ڪرڻ لڳو آهي، تڏهن کان خواب ڏاڍا ڀيانڪ ٿي پيا آهن. اِئين سمجهو ته خواب صفا هٿ پير ڌوئي ڪري پويان پئجي ويا آهن. ڪڏهن خوابن جي پوري نه ٿيڻ جو غم رهي ٿو ته وري ڪڏهن خواب جئين جو تئين اڌورا رهجي وڃن ٿا.
سچ پڇو ته خوابن جي اڌوري رهجي وڃڻ جو جيڪو صدمو آهي سو بنھ ڪمال جو صدمو آهي ۽ هڪ نفيس انسان لاءِ اِهو صدمو برداشت ڪرڻ انتهائي ڪٺن ڪم هوندو آهي. معاشرتي بي حسي ۽ سماجي اڻ برابري واري رويي تي ڪڏهن ڪڏهن دل شڪسته ٿي ڪري پنهنجي اهميت جي گهٽ هجڻ جو احساس به جاڳي ٿو ۽ ڪڏهن وري اهو سوچي ڪري به ڏک ٿئي ٿو ته خواب اڻ پورا ڇو ٿيندا آهن؟
خوابن جو سرحدون ڇو هونديون آهن؟
خوابن کي آزاد ڇو نه ٿو ڇڏيو وڃي؟
خوابن ڏسڻ تي پابنديون ڇو عائد ڪيون وڃن ٿيون؟
خواب ته معصوم هوندا آهن، خواب ته غريب جي اک ۾ به جنم وٺندا آهن ۽ امير جي اک ۾ به، تڏهن به خوابن کي وڌڻ جو موقعو نه ملڻ ۽ انهن کي ساڀيان نصيب نه ٿيڻ جي پويان آخر ڪهڙا ڪارڻ آهن؟ ڪهڙا سبب آهن جن جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي ڪري خواب خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿيندا آهن؟ خوابن سان اِها ناانصافي نه ڄاڻ اڃا گهڻو عرصو ائين ئي هلندو رهندو؟ مون ته اِهڙا ماڻهو به ڏٺا آهن جيڪي ٻين جي خوابن تي پاڻي ڦيرڻ جا ماهرن هوندا آهن. انهن وٽ پنهنجا خواب انتهائي ڪمزور هوندا آهن. تڏهن ئي اُهي ٻين جي خوابن کي به وڌڻ ڪونه ڏيندا آهن ۽ انهن خوابن کي نست ۽ نابود ڪرڻ لاءِ هر روز ڪو نئون هيلو هلائيندا آهن. خوابن سان اهڙو ناروا سلوڪ ڏسي منهنجو من ٻه اڌ ٿي پوندو آهي. آئون سوچيندو آهيان ته اهڙي ڪشمڪش ۽ ساڙولي ماحول ۾ منهنجي خوابن جو ڇا ٿيندو؟
اُنهن کي ساڀيان نصيب ٿيندي الائي نه؟
الائي ائين ئي خاموش ٿي ڪري تاريخ جي ورقن ۾ گم ٿي ويندا. مون کي اِها ڳڻتي، اهو فڪر ڏاڍو تنگ ڪندو آهي. آئون خاموشي جي چادر اوڙهي ڪري ويهڻ جو به قائل ڪونه آهيان. فطري طور طبعيت ۾ هڪ ڊُڪ ڊوڙ سمايل آهي جيڪا چپ ڪري ويهڻ به نه ٿي ڏي، اهڙي المناڪ صورتحال سان ڪئين منهن مهان ٿجي اها ڳالھ واضع ٿي ڪري سامهون نٿي اچي. انهي اُڻ تُڻ، مونجهارن ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. پرين جي پار کان جڏهن ٿڌي هير گهلڻ لڳندي آهي.
تڏهن محبوب جي زلفن جو سُڳند منهنجي مرجهايل من کي گلاب جي گل وانگر تازو ۽ توانو ڪري ويندي آهي. انهي تازگي جي عيوض وري نوان خواب جنم وٺڻ لڳندا آهن. خوابن جا نوان پيچرا ٺهڻ شروع ٿيندا آهن. اِهڙا خواب جن جي نه ئي شروعات معلوم هجي ٿو ۽ نه ئي ڪو انهن جي انت بحر جي خبر پوي ٿي. اهڙن خوابن جو ڇيڙو ته الائي ڪهڙي ديس ۾ ختم ٿئي ٿو. انهن خوابن کي پسڻ لاءِ جيڪي هيلا ۽ وسيلا هن دل هلايا آهن سي سڀئي هاڻ ڄڻڪ ته خواب نگر ۾ ممنوع ٿي چُڪا آهن.
خوابن جي سرحدن جون تارون ڇڪيون ويون آهن. اُتي پهريدار ويهاريا ويا آهن. جن کي اِهو سمجهايو ويو آهي ته خواب کڻي ڪهڙي به مفلسي ۽ غريبي وارو ويس پائي اچن پر انهن کي هتان گذرڻ نه ڏجو. انهن کي هٿ ڪري، سندس پيرن ۾ سنگهرون وجهي ڪري کين هٿڪڙيون هڻي وقت جي حاڪم آڏو پيش ڪجو ته جئين وقت آھر اُنهن جو سر قلم ڪري سگهجي ۽ اڳتي لاءِ ٻين کي اِهڙي جُرت نه ٿئي. اِهڙي ڳنڀيرتا واري صورتحال ۾ الائي ته ڪيترا خواب در بدر ٿي ڪري بي موت مري کپي چُڪا آهن. ڪجھ خواب آخري پساهن ۾ آهن ته ڪن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. خوابن سان ناروا سلوڪ تي جيتوڻيڪ دليون ته سڀني جون رنج آهن پر انهي عمل جي خلاف ڪو به ٻڻڪ ٻاهر ڪڍڻ جي جسارت نه ٿو ڪري. جنهن سبب دلين کي ٽوڙڻ ۽ خوابن کي ختم ڪرڻ وارو ٽولو اڃا تائين سرگرم آهي. اُهي بي خوف ٿي ڪري ٻين جي خوابن سان هٿ چُراند ڪن ٿا پيا ۽ ٻين جي خوابن جي غلط تشريع پڻ ڪن پيا.
خوابن جي اِها اڪيلائي ۽ نراسائي سرد راتين ۾ گگھ اونداهي واري ماحول ۾ به پناهون تلاش ڪري ٿي. خوابن کي بي لباس ڪري انهن کي نيلام ڪرڻ جو ڌنڌو اڄ به عروج تي آهي. جيڪڏهن زوال آيو به آهي ته انهن اکين کي آيو آهي جيڪي خواب ڏسن ٿيون ۽ خوابن سان سندن ٿوري گهڻي هم ڪلامي ماضي ۾ رهي آهي. خوابن جي هن سفر کي ايترو اذيتناڪ بڻائي ڪري، خوابن جو واپاري اهو سمجهي ٿو ته هاڻ خواب غريب جي ٻار وٽ جنم وٺڻ ڇڏي ڏيندا.
اُهي پنهنجو آستانو مٽائي ڇڏيندا. کيس اِها ڀُل نه ڄاڻ گهڻي عرصي کان آهي ته غريبن کي خواب ڏسڻ جو ڪوبه حق ڪونه آهي. هُو سمجهي ٿو هاڻ منهنجا خواب پرين جي پار جو ڏس پتو وساري ڇڏيندا ۽ انهن راهن تي وري ڪڏهن به هلڻ جي جسارت نه ڪندا. انهي غلط فهمي جي بنياد تي هُو گهڻي عرصي کان خوابن جو قتل ڪندو آيو آهي. خوابن جي تاريخ جو جڏهن جائزو وٺجي ٿو ته اِهو پڻ معلوم ٿئي ٿو ته خوابن کي ڏاڍي سهڻي نموني سان سستي اگھ ۾ وڪيو ويو آهي. خوابن جون غلط تشريهون ڪري انهن کي ڀورا ڀورا ڪيو ويو آهي.
خواب روز ازل کان صحرائن جي رڻن ۾ رليا آهن. انساني هٿ سان جوڙيل هن مصنوعي سماج خوابن کي پهرين ڏينهن کان ئي قبول ڪونه ڪيو آهي. سماج جو رويو خوابن ڏانهن ڪروڌ وارو رويو رهيو آهي. خواب ڏسندڙ اکيون هجن يا خوابن جي آسرن تي پلجندڙ جوانيون هجن. سڀني کي خوابن جي ساڀيان کان ڪوھ ڏور رکيو ويو آهي. خوابن جي چمن ۾ ايڏي ته ڏڪار آندي وئي آهي جو هاڻ انهي اُجڙيل چمن ڏي ڪو هلڪي نهار به نه ٿو نهاري، سڀني کي انهي فڪر تي سوچڻ کان پري ڪري انفرادي مفادن جي حاصلات واري زنجير ۾ جڪڙيو ويو آهي.
خوابن جو مسافتون ڳڻڻ جهڙيون آهن. خواب قابل داد آهن جو انهن جي آڳر تان اڄ تائين ڪو به سائل خالي ڪونه موٽيو آهي. خوابن جو پنهنجو دامن جهڙوڪ هميشه خالي ئي رهيو آهي پر انهي جي باوجود خوابن ڪڏهن به ڪنهن کي خالي هٿ ڪونه موٽايو آهي. منهنجا خواب جڏهن پرين جي پار ڏانهن وڃڻ جو سوچن ٿا ته کين رستن تي وڇايل ڪنڊيتار تارن جو خوف ورائي وڃي ٿو ۽ ھُو اڌ رات جو اُٿي ڪري سڏڪن ٿا.
پنهنجي لاچاري ۽ مفلسي تي چار ڳوڙها ڳاڙهيندي، اکين مان نڪتل ڳوڙهن کي ڀاڪر ڀري ھُو پنهنجو داستان انهن ڳوڙهن سان اوري ٿو. خوابن جي اِها دل شڪستي مون کان هاڻ وڌيڪ برداشت ڪونه ٿي ٿئي ۽ آئون سوچيان ٿو ته ڇو نه هميشه لئه پرين جي پار ڏانهن هليو وڃجي ۽ اُتي وڃي ڪري سڪونيت اختيار ڪجي. ماڻهن کي پنهنجي محبوب پاڪن کان هميشه شڪايتون هونديون آهن. انهن لاءِ ڏوراپا هوندا آهن، ڪجھ اڌورا نياپا هوندا آهن.
پر پاڻ وٽ وري قصو ئي بنھ الڳ آهي. پاڻ کي هميشه اِهو اُلڪو رهندو آهي ته پرين جي پار مان جيڪو نياپو پاڻ وٽ پهچي ٿو اُنهي نياپي جي اصل مفهوم کي ڪئين دريافت ڪجي. پاڻ هميشه اِنهي فڪر ۾ هوندا آهيون ته ڪٿي اسان کان محبوب جي نياپي ۾ موڪليل لفظن جي غلط تشريع نه ٿي پئي ۽ ھُو هميشه لاءِ هن جڏي جيءَ کان الڳ نه ٿي پئي. انهي خوف کوڙ سارا ٺوٺَ جيڏا ڪتاب به پڙهايا آهن. ته مجموعي طور دنيا جي گهڻن ئي ڏاهن، مفڪرن ۽ دانشورن جي ڳالهين، نظرين ۽ فلسفن کي به پڙهڻ جو موقعو ڏنو آهي پر پوءِ به الائي ڇو اِهو خوف اڃا ماڳهي دل مان ويو ئي ڪونه آهي. هُو مون کي خط لکندي آهي. دل لڳي جي معاملي ۾ خط لکڻ جو رواج تمام گهڻو پراڻو آهي. ڪٿي عاشق محبوبن ڏانهن خط لکندا آهن ته وري ڪٿي محبوب عاشقن ڏانهن به خط لکندا آهن. هنن خطن جو حُسن امتياز ته جهڙوڪ هڪ جهڙو هوندو آهي. ليڪن هنن خطن جا مول ۽ متن هڪ ٻي کان بنھ الڳ هوندا آهن. بلڪل ائين جئين باھ ۽ پاڻي. عاشق ويچارا خطن ۾ پنهنجي دل جو حال لکندا آهن. برھ جي باھ جو تذڪرو ڪندا آهن.
حجر فراق جون ڳالهيون لکندا آهن ته وري اُن جي اُبتڙ محبوب پاڪ پنهنجي خطن ۾ اڪثر پنهنجي لاچاري ظاهر ڪنديون آهن. گهر کان ٻاهر نه نڪرڻ جون مجبوريون لکنديون آهن. سماج، معاشري ۽ مٽ مائٽن جي عزت جي خيال جا حوالا ڏينديون آهن. اِن سان گڏوگڏ اِها تبيھ پڻ ڪنديون آهن ته گهر جي سامهون واري گهٽي ۾ گهڻو رلندو نه ڪر، منهنجي اسڪول وڃڻ مهل منهنجي گاڏي جي پويان پنهنجي گاڏي جو تيل نه ساڙيندو ڪر، اهڙن اصولن ۽ ضابطن سان ھُو اڪثر عاشقن جو اندر ساڙينديون رهنديون آهن.
هيڏانهن وري آهي اسان واري مخلوق، عاشقن جي فوج، جيڪا پرين جي پار مان آيل هر هڪ شئي کي عزت واري نگاھ سان ڏسڻ توڙي سندس احترام ۾ اُٿي بيهڻ جو قائل آهي. اڪثر عاشقن جا حال هيڻا، درد ٻيڻا ۽ سور ٽيڻا هوندا آهن. تڏهن به ھُو جڏهن محبوب سان ملڻ لاءِ ويندا آهن ته ڪنهن دوست کان موٽر سائيڪل، ڪنهن کان ڪپڙن جو وڳو ته وري ڪنهن کان بوٽن جو جوڙو اوڌارو وٺي ڪري مڙئي پاڻ کي سرخرو ثابت ڪري ايندا آهن.
اڳي پراڻي زماني ۾ خط لکندا هئا پوءِ وري اُهي خط ڪنهن وچ واري ماڻهو جي هٿان سامهون واري ماڻهو وٽ پهچائڻ لاءِ مختلف هيلا وسيلا ڪندا هيا. هاڻ ته جڏهن کان دنيا ترقي جي ڏاڪڻ چڙهڻ لڳي آهي. تڏهن کان وري ماڻهو ترڪڻ شروع ٿيا آهن ۽ ٿوري ٿڪي ڳالھ تي بنا سوچي سمجهي ڪنهن جي نيڻن جو نقلي نموني اسير ٿي ڪري پنهنجو سڀ ڪجھ لٽائي ويهن ٿا ۽ پوءِ وري اِهو راڳ الاپن ٿا ته دنيا وڏي چالاڪ ٿي وئي آهي. اِهي چالاڪيون ڪرڻ ته ماڻهن جو ڪم آهي. دنيا ڀلا ڪئين ٿي چالاڪي ڪري سگهي. پاڻ وٽ ته فقير به چالاڪ آهن. استاد به چالاڪ آهن. وڪيل به چالاڪ آهن ته سماج سُڌارڪ سڏائيندڙ به ڏاڍا چالاڪ آهن. هاڻ ته ايتري قدر چالاڪيون وڌي ويون آهن جو پنهنجي پويان ايندڙ پاڇولي کي ڏسون ٿا ته تڏهن به اِهو خيال ٿو من ۾ اُڀري ته متان ڪو ٺڳ، چالاڪ پنهنجي پويان نه پيو هجي. کيسي ۾ رکيل موبائل نه ڪڍي وڃي. جيڪڏهن موبائل ڪڍي ويو ته پوءِ پرين سان رابطو ڪئين ٿيندو؟
پنهنجي دل جو حال ان کي ڪئين ٻڌائبو. ڇو ته هاڻ منهنجي ۽ محبوب پاڪ جي وچم جيڪو سُڳند آهي. انهي جو مکيه وسيلو اِهو اڌ پادر جيترو انگريزن جو ٺاهيل سامان ئي آهي. جنهن ۾ پرين جي پيغام اچڻ مهل هڪ گهنٽ وڄندي آهي. بلڪل اھڙو ئي گهنٽ جهڙو اسڪول جي زماني ۾ رسيس مهل وڄندو هو ۽ اسان ڪلاس روم کان نڪرندي ئي سنڌو ٻاهر حليم واري ڏانهن ڊُڪ پائيندا هياسين ۽ پنج روپئي واري پليٽ کائي پيٽ ڀريندا هياسين.
وقت وقت جي ڳالھ آهي. ٻاراڻي دور ۾ پنج روپين جي حليم واري پليٽ سان اسان جو پيٽ ڀرجي ويندو هو ۽ هاڻ ڏسون ٿا ته پنهنجي آس پاس جي علائقي جو سڄو پئسو تڪ جا چونڊيل نمائيندا کايو وڃن. تڏهن به اُنهن جو پيٽ ڪونه ٿو ڀرجي. ڪو ادارن کي کائي ٿو ته ڪو عوام جي فلاح لاءِ آيل فنڊس کائي ٿو. ڪو پوري سنڌ کي کائي ٿو ته وري ڪو پوري ملڪ کي کائي ٿو تڏهن به انهن جو پيٽ نه ٿو ڀرجي ۽ سندن اُڃ سمنڊ کي سيراب ڪرڻ کان پوءِ به شايد لهي نه سگهي.
اِها اُڃ ڌرتي کي به آهي ته سرتي کي به آهي. طالب کي به آهي ته مطلوب کي به آهي. عاشق کي به آهي ته معشوق کي به آهي. نهاريندڙ کي به آهي ته وري وري واپس ورڻ واري کي به آهي. پنڌ هلندڙ کي به آهي ته صدين جي مسافتن کي طئي ڪندڙ اڪيلي مسافر کي به آهي. صحرا کي به آهي ته سمنڊ کي به آهي. مڇي کي به آهي ته پچري ۾ قيد پکي کي به آهي. ائين ئي اهو سلسلو جئين جو تئين هلندو رهي ٿو ۽ ڪجھ ڳالهيون عقل، فهم ۽ سمجھ ۾ اچن ٿيون ته وري ڪجھ ڳالهيون سمجھ کان مٿاهون ٿي ڪري ڪنهن هيليڪاپٽر وانگر وڏي آواز سان گذري وڃن ٿيون.
تئين ئي جڏهن جذبا جوان ٿيندا آهن ۽ ذهنن ۾ بغاوت جو جنم ٿيندو آهي ته اڪثر الڙ جوانيون عشق تان قربان ٿي وينديون آهن. سمنڊ جو جھڳ انهي مهل گلابي ٿي ويندو آهي. آسمان سرمئي ٿي ويندو آهي. دريا ۽ تلائن جو پاڻي نيرو ٿي ويندو آهي. جبل جهڪڻ شروع ٿيندا آهن. هوائون برف وانگر ڄمي وينديون آهن. سج مان پاڻي وهڻ شروع ٿيندو آهي. رات ڊگهي ٿي ويندي آهي. ڏينهن عذاب ٿيڻ لڳندا آهن ۽ ساھ نڙ گهٽ ۾ ڦاسي پوندو آهي.
تڏهن هي ڪائنات اکين جي سامهون اوجهل ٿيڻ بجاءِ نروار ٿي ويندي آهي ۽ سڀ راز ۽ ساز سامهون هڪ ئي آواز ٿي ڪري اهو چوندا آهن ته تون ئي تون. بس تون ئي تون. ھُن جو سڀ ادائون ڪمال جون آهن. سندس مُرڪ ملهار جهڙي آهي. سندس چال هرڻي جهڙي آهي. سندس ٽهل ۽ ٽور مور جهڙي آهي. سندس ڏند موتي جهڙا آهن. سندس زلف ريشمي زنجير جهڙا آهن. سندس چيلھ چنبيلي جهڙي آهي. سندس نڪ، اَڪ جي گل جهڙو آهي. مطلب ته سندس حُسن باڪمال آهي. اُن تي ڪافي گيت، غزل ۽ بيت لکي سگهجن ٿا. پر سڀني کان اُتم آهي سندس نهار، جيڪو دل کي آر ۽ پار ڪري ٿو. هُو جڏهن نماڻيون نيڻون کڻي نهاريندي آهي ته آسمان تي ڪڪر نمودار ٿيندا آهن ۽ منهنجي دل جي بستي تي هلڪي بارش ٿيندي آهي ۽ منهنجو من باغ و بهار ٿي ويندو آهي. سندس سڀني ادائن تي جهڙوڪ کوڙ سارا سُخن لکي سگهجن ٿا. ڪافي ديوان درج ٿي سگهن ٿا. پر پوءِ به سندس نهار جو پورائو آئون سمجهان ٿو ته نه ٿي سگهندو. ڇو ته ھُو پاڻ سراپا حُسن سان گڏ سراپا عشق آهي. پرين جي پار ڏي جهڙوڪ پنڌ ڏاڍو اڙائو آهي. پيار جو هي پيچرو دنياوي عام پيچرن کان ڏاڍو سوڙهو آهي پر تڏهن به انهي پيچري تي پنهنجي پيرن کي زخمي ڪرڻ ۾ جيڪو سُرور آهي سو ٻي ڪنهن هنڌ به ڪونه آهي. جواني جڏهن مَڌُ جي بوتل جيان ڇلڪڻ شروع ڪندي آهي تڏهن اُن جا کوڙ متوالا پاڻهي ڄاڻ پيدا ٿي پوندا آهن ۽ صدين کان صحرا جي رڻ ۾ رلندڙ اکيون سيراب ٿينديون آهن. اِنهي مدهوشي ۾ کوڙ سارن جا هوش ختم ٿيندا آهن. اِهو خمار، اِها مستي، اِها مخموري ۽ ڪيف، دلين تي چڙهيل ڌوڙ کي ڌوئي صاف ڪندي آهي.

وٽ وٽ وٽيءَ ۾، مٽ مٽ مَنـڌ ٻيو،
قدر ڪيف ڪمال جو، پياڪن پيو،
اچن دُرس دڪان تي، ڪنڌ قبول ڪيو،
سرها سر ڏيو، چکَن سـرڪ سيد چئي!
شاھ (سر يمن ڪلياڻ فصل چوٿون)

انهي اونهي اسرار ۾ جڏهن خيال غرق ٿيندا آهن ۽ سوچون، سوداءُ وري صورتحال ۾ ڦاسي پونديون آهن ته دماغ ۾ هڪ هلچل پيدا ٿيندي آهي ۽ سڄڻ جي صورت سامهون اچي پيش پوندي آهي.

اکيون جيڪي خوشحالي جا خواب ڏسن ٿيون!

عالمي منظر نامي تي نظر ڪجي ٿو ته سڀ ڪجھ ڪنهن قدر درست محسوس ٿي ٿو. ڪافي ملڪ ترقي جي حوالي سان اڳتي نظر اچن ٿا. اُهي ملڪ پڻ ترقي ڪري چڪا آهن جن جو ماضي انتهائي ڀيناڪ ۽ درد ڀريو هو. وقت سان گڏ سفر ڪندي، پنهنجون راهون هموار ڪندي هاڻ اِهي ملڪ دنيا آڏو پاڻ مڃائڻ ۾ ڪامياب ويا آهن. انهن جي ڀيٽ ۾ اسين ڪٿي بيٺل آهيون؟
اسان ڪهڙي معيار توڙي مقدار تي پورا لهون ٿا؟ اچون ته انهي تي سوچيون ۽ اُنهن عنصرن کي تلاش ڪريون جيڪي اسان جي ترقي ۾ رنڊڪ بڻجي اسان جي فلاح ۽ بهبود کي روڪيون بيٺا آهن. اُهي ئي قومون ترقي ڪنديون آهن. جن وٽ تعليم، صحت، قانون ۽ زراعت جو نظام بهتر کان بهتر ۽ جديد ترز عمل تي جوڙيل هوندو آهي. هي چارئي بنيادي عنصر آهن جيڪي ڏُتڙيل قومن کي پنهنجي لاچاري واري حالتن کان ڪڍي ڪري اڳتي آڻن ٿيون. اسان جو سماج هن وقت مڪمل طور تي هڪ اِهڙي جمود جو شڪار آهي جنهن جي اثر هيٺ نه اظهار جي آزادي آهي، نه معياري تعليم جو حصول آهي، نه ئي قانون لاڀائتا نتيجا ڏئي ٿي. نه ئي زراعت جي واڌ ويجھ لاءِ ڪي اُپاءُ ورتا وڃن ٿا. مطلب ته اسان جي ترقي ڪرڻ جون سڀئي راهون کنڊر بڻيل آهن. اسان وٽ مسئلن جي اپٽار ته ڪئي وڃي ٿي پر انهن جي حل لاءِ ڪا پيش قدمي نه ٿي ڪئي وڃي. حڪومت عوام ڏانهن سنجيدگي وارو رويو نه ٿي رکي، ته وري عوام به حڪومت سان ڪنهن قدر سچائي وارو ناتو نه ٿو ڳنڍي.
اسان جا ادارا ڪرپشن جون نرسريون بڻيل آهن ته وري انهن ۾ ويٺل مها ڪرپٽ ڪامورا سماج جا سُڌريل فرد سمجهيا وڃن ٿا. اهڙي ئي نموني هي ڌرتي المين جي ڌرتي ٿيندي پئي وڃي. هر روز نت نوان الميا جنم وٺن ٿا. سُڌريل ملڪن ۾ فرد کي هر قسم جي آزادي حاصل آهي. اُتي هر عام توڙي خاص ماڻهو هر جڳھ تي هڪ ئي صف ۾ بيهن ٿا. بلڪل اڃا به ائين چئجي ته اتي ته عام ۽ خاص جو تصور ئي ڪونهي. اِهي هٿ گهڙيا تصور ۽ فرسوده طبقا اسان جهڙن ڏُتڙيل معاشرن ۾ قائم ٿيل آهن ۽ هتان جي ئي پيداوار آهن. سماج تڏهن ئي بهتر ٿي سگهي ٿو جڏهن اُن سماج ۾ ساھ کڻندڙ هر هڪ جاندار کي آزادي حاصل هجي. منهنجي هن ڳالھ جو اِهو مقصد قطعي به ڪونه آهي ته ڪو قانون نه هجي يا وري معاشرتي اصول ۽ ضابطا نه هجن. قانون توڙي اصول ۽ ضابطا ڀلي هجن پر انهن ۾ اهڙي ضبط رکيل هجي جنهن ۾ انسانيت جي فلاح ۽ بهبود جو تصور شامل هجي. اسان جي هي پياري ڌرتي اهڙن ماڻهن سان سرشار آهي. جيڪي انفراديت جي خول ۾ جڪڙيا پيا آهن. اجتماعيت وارو تصور کين خبر ئي ڪونه آهي. کين اِها سُڌ ئي ناهي ته ڪو سنڌي ۾ ڪجھ هن ريت جي به هڪ چوڻي آهي ته ” ٻڌي ۾ طاقت آهي.“ هن تصور کي ڇڏي ڪري اسان جو سماجي فرد گهڻو اڳتي نڪري چڪو آهي. ايتري قدر پري جو هاڻ انهي جي واپسي به ممڪن ڪونهي. اهڙن حالتن تي افسوس ڪجي يا انهن اڳيان روشن راهون متعارف ڪرائجن.

يقينن اهو عمل اسان لاءِ تڏهن ئي فائدي مند ٿيندو جڏهن اجتماعيت جو تصور ترقي وٺندو. هِڪڙيون اکيون آهن جن ۾ هن ديس جي خوشحالي جا خواب ڪَر کڻن ٿا. هڪڙيون اکيون اُهي آهن جيڪي انهن خوابن جي ساڀيان لاءِ ڀرجهلو ٿيڻ جي اميد ۾ آهن. هڪڙيون اکيون اُهي به آهن جيڪي هن ڌرتي طرف مير واري ڪرڙي اک ڪري نهار وجهن ٿا. پاڻ کي انهن اکين جي سڃاڻپ ڪرڻي آهي. انهن غدار اکين جي نشاندهي ڪري انهن جي اکين جي مير کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو آهي ڇو ته اکيون حُسن جون پناھ گاهون هونديون آهن. هنن پناھ گاهن ۾ جيڪڏهن نفرت، ڪروڌ ۽ ڌڪارت جنم وٺندي ته هن ڌرتي جو نصيب سڻائو ٿي نه سگهندو. انهي اجل کي تلاش ڪري پاڻ انهي جي اثر کي ختم ڪري سگهون ٿا. ڇو ته انهي اجل اسان کان ڪي ئي محبوب گهڙيون ۽ حسين يادون کسيون آهن. اسان کي پنهنجي انهن حسين يادن کي واپس ڪرڻ جو ڪردار ادا ڪرڻو آهي. وقت ڪڏهن به سڻائو ناهي هوندو. وقت کي سڻائو ڪرڻو پوندو آهي. المناڪ گهڙين ۾ اميد جو ڪرڻو هٿ سان پيدا ڪرڻو پوندو آهي. سانگين سان پريت جي ريت نڀائڻي پوندي آهي. سڪ ۽ سوز ۾گم ٿي ڪري انهن جي سار ۽ سنڀال جو وچن ورنائڻو پوندو آهي. تاريخ کي ڪن ناهن ٿيندا. تاريخ کي اکيون به ڪونه آهن پر هو سڀ ڪجھ سُڻي سگهي ٿي. سڀ لقاءَ ڏسي سگهي ٿي.

(روزاني اڳواڻ حيدرآباد، 26 مئي 2019ع)

عقل جي اونداهي جو الميو!

انسان کي قدرت واري اِها صلاحيت ڏني آهي ته هُو ڪائنات جي رازن ۽ رمزن کي سمجهڻ لاءِ انهن جو تمام ويجهي کان جائزو وٺي، پنهنجي مشاهدي ۾ اُهي شيون آڻي جيڪي سندس علم ۾ پهريان نه هيا. انهي سڄي ڪارگذاري کي پايا تڪميل تائين پهچائڻ جو جيڪو مکيه ڪردار ادا ڪري ٿو سو آهي انساني دماغ، انساني عقل، جنهن وسيلي انسان پنهنجي ڏاهپ، فهم ۽ سمجھ کي قطب آڻي شين جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري ٿو. روشن خيال ماڻهو دنيا کي ترقي وٺرائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا آهن. معاشري جي ترقي لاءِ پاڻ پتوڙيندا آهن. کين پنهنجي نه بلڪ ايندڙ نسلن جي مستقبل جي پرواھ هوندي آهي. کين اهو فڪر هوندو آهي ته انهن جو ايندڙ نسل هر قسم جي جهنجٽ توڙي آزار کان پري هجي. اِهي ماڻهو هوندا آهن عقل وارا، جن کي اڃا به ائين چئجي ته جن جو دماغ سالم هوندو آهي سندس عقل سلامت هوندو آهي. انهن جي برعڪس ٻي طرف وري هڪ اِهڙو ٽولو آهي جن جي عقل اونداھ ۾ سفر ڪري ٿي پئي، جن وٽ عقل جي اونداهي جو الميو آهي.
هڪ اهڙو الميو جيڪو انهن کي سوچڻ، لوچڻ توڙي پڇڻ واري صلاحيت کان محروم ڪيو ويٺو آهي. هاڻ جڏهن اهي ماڻهو معاشري جي ڪنهن مخصوص پهلو يا وري خاص پهلو تي ڳالهائڻ، سوچڻ يا ڪو خيال ونڊڻ جو ارادو ڪندا آهن ته انهن جو عقل، اونداهي جي الميي ۾ اچي ويندو آهي. انهن جو شعور يرغمال ٿي ڪري منفي سوچن وٽ نظر بند ٿي پوندو آهي.
عقل جي اونداهي جو اهو الميو کين ايترو به سوچڻ نه ڏيندي آهي ته توهان ڪهڙن بنيادن تي انهن شين کان محروم ڪيا ويا آهيو. هڪڙي نوجوان ڳوٺ جي سڀني وڏڙن جي فرسوده ويچارن کان بي زار ٿي ڪري اِهو اعلان ڪيو ته آئون ان ڳوٺ جي چڱ ڀلائي لاءِ ڳوٺ جي وڏيري سان مهاڏو اٽڪائيندس ۽ اُن کي اهو احساس ڏياريندس ته هو غلط آهي ۽ ماڻهن جو استيحصال ڪري رهيو آهي. اونداهي ۾ شيون تيز رفتار سان سفر ڪنديون آهن. هن نوجوان جي اِها ڳالھ عقل جي اونداهي ۾ تڪڙو سفر ڪري اُن وڏيري جي ڪن تائين وڃي پهتي. وڏيرو جيڪو پڻ عقل جي اونداهي واري غار جو لٺ سردار هو سو تنهن حڪم ڏنو ته اُن بدتميز ڪلھ ڪلهوڪي ڇوري کي اهڙي تي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي جو ٻيهر ايندڙ نسلن تائين ڪو به فرد عقل جي اونداهي واري نگري سان هٿ چراند ڪرڻ جي جسارت نه ساري. ڪُل ڪي چار ڏينهن مس گذريا ته ڳوٺ جي ٻاهران پڪي واٽر وٽ انهي نوجوان جو ٿڌو بڻيل جسم اُتان جي ماڻهن کي لڀي پيو. هڪ اهڙو جسم جنهن جي لڀڻ کانپوءِ به عقل جي اونداهي وارن کي ڪائي ڳالھ سمجھ ۾ نه آئي، ڪو سوال نه اٿيو، ڪا بغاوت نه ٿي، سڀئي خاموش ٿي بس انهي نوجوان جي ڦٽل قسمت تي ٽيڪا ٽپڙي ڪري رهيا هئا.
ڪو چئي رهيو هو ته هن جو موت ڌاڙيلن سان مهاڏو اٽڪائڻ سبب ٿيو آهي ته وري ڪو ائين چئي رهيو هو ته هي خود ڪنهن جي گهر ڌاڙو هڻڻ ويو هو شايد، جنهن جي ڪري اتان جي ماڻهن جي مزاحمت جي نتيجي ۾ هن جو موت واقع ٿيو آهي. عقل جي اونداھ ۾ اڇليل انهن ماڻهن جي دور انديشي جو اهو حال هو، جو هُو انهي ڳڀرو نوجوان بابت اهڙا فضول ۽ بي معنيٰ ڳالهيون ته هٿ سان ٺاهي رهيا هيا ليڪن عجب انهي ڳالھ جو آهي ته انهن جي سوچ پنهنجي ڳوٺ جي انهي وڏيري طرف نه پئي وئي جنهن هنن کان سڀ ڪجھ ڦري کين ڪنگال ڪيو هو. سندن مستقبل کي اونداهو ڪيو هو. کين عقل جي اونداهي ۾ مبتلا ڪيو هو.
اِهو ڪيڏو نه وڏو الميو آهي ته جيڪو ماڻهو کين همٿ، بهادري ۽ بي باڪي سيکارڻ جي ارادي سان پنهنجي جان جو جوکم کڻي شهيد ٿي ويو، وري به ٽوڪ ان تي، ڳالهيون به اُن تي ٺاهڻ لڳا، ٺٺول به اُن تي ڪرڻ لڳا، ان جي بهادري کي سمجهڻ جي بجاءِ کيس چور ۽ ڌاڙيل هجڻ جا سند ڏيڻ لڳا. انهي کان وڌيڪ اڃا ڪهڙا الميا جنم وٺن. هي ڌرتي ته آهي المين جي ڌرتي، هن ڌرتي تي هر روز نوان الميا جنم وٺن ٿا. اسين هر روز احتجاجن، هڙتالن ۽ بک هڙتالن ڪرڻ جي باوجود به معاشري کي انهي دائري ۾ آڻي نه سگهيا آهيون.
جنهن دائري ۾ عقل جي اونداهي وارو الميو ختم ٿي ويندو آهي. جتان هڪ نئي سوچ جنم وٺندي آهي، جتي ڇو ۽ ڇا لاءِ وارا سوال ڪَر کڻندا آهن. جتي هر شئي بابت منطقي سوال اٿاريا وڃن ٿا. جتان جي ماڻهن جون سوچون ۽ تدبيرون عقل جي اونداهي کان ڪوھ پري آهن. اُهو دائرو ته وسيع آهي، انهي ۾ اچڻ وارن جا دل به وسيع ۽ وڏا هوندا آهن، انهن جو سوچون هماليه جيتريون وڏيون ۽ سمنڊ جيتريون وسيع هونديون آهن. انهن روشن خيال ماڻهن وٽ دنيا جي ترقي، فلاح ۽ بهبود لاءِ هزارين سوچون ۽ حڪمت عمليون هونديون آهن. انهن جي هر وک، هر هڪ عمل ٻين جي ڀلائي لاءِ هوندو آهي. اچو ته اسين به پنهنجي آس پاس عقل جي اونداهي ۾ غرق ٿيل انهن ماڻهن کي ٻاهر ڪڍڻ جو سوچيون، جن جي سوچن تي تالا لڳل آهن، جن جي خواهشن ۽ اميدن جو قتل ڪيو ويو آهي. يقين مڃو جڏهن اِهي ماڻهو عقل جي اونداهي واري غار کان ٻاهر نڪتا ته هن ڌرتي جا سور ختم ٿيڻ شروع ٿيندا. ڀائيچاري جو درس عام ٿيندو، نفرتون، عداوتون ۽ ڪدورتون پاڻهي ڄاڻ ختم ٿي وينديون.
هر طرف سک شانتي وارو ماحول جڙي پوندو ۽ اسان جي ايندڙ نسلن جو آئيندو سڌري پوندو. اچو ته پنهنجي ايندڙ مستقبل کي محفوظ ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙيون ۽ هن ڌرتي کي پنهنجي اصل حُسناڪي ۽ خوبصورتي موٽائي ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون.

(روزاني اڳواڻ حيدرآباد 06 جون 2019ع)

صدين جون صدائون، ٻڌن ٿيون هوائون !

کن پل لاءِ ڀلي توهان اکيون بند ڪري ڇڏيو، ڪنن ۾ ڪپھ وجهي ڪري انهن کي بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو پر توهان جي ذهن ۾ ڪجھ پڙاڏا رهجي ويندا. ڪجھ دانهون هونديون جيڪي توهان کي ٻڌڻ ۾ اينديون. ڪجھ اِهڙا آواز هوندا جيڪي توهان ڪڏهن به پهريان نه ٻُڌا هوندا، اُهي آواز توهان کي بيدار ڪندا، ننڊ ڪرڻ نه ڏيندا، توهان کي هڪ جاءِ تي ويهڻ نه ڏيندا. اِهي دانهون، اِهي ڪُوڪون صدين جون صدائون آهن. جيڪي توهان جو پيڇو نه ڇڏينديون. اِنهن صدائن کي کوڙ صديون ٿيون آهن پنهنجي پناھ گاھ ڳولڻ ۾ پر افسوس ته اڄ تائين ڪنهن به اِنهن صدائن کي نه ٻڌو آهي، نه ئي ورنايو آهي. اِهڙي حالت هجڻ جي باوجود به هي صدائون صدين کان سفر ڪنديون اچن ٿيون. هر هڪ در تي ڪڙو کڙڪائين ٿيون پر ڪوبه کين موٽ نه ٿو ڏي. ڪو به هنن جي دانهن نه ٿو ٻڌي. سڀ ڪن لاٽار ڪيون ويٺا آهن. هنن صدائن صدين کان پنهنجي سفر کي مختلف رنگن ۽ روپن ۾ طئي ڪيو آهي، ڪڏهن ڪنهن جي جذبن ۾ هنن پنهنجو سفر ڪيو آهي ته وري ڪڏهن هنن پنهنجو سفر نيڻن کان شروع ڪري ڪنهن الهڙ جواني جي اکين ۾ پورو ڪيو آهي، هنن جو سفر ايترو ئي قديم آهي جيتري هن ڪائنات جي تاريخ قديم آهي. وقت ته بدليو آهي، معاشرا به بدليا آهن، شين جون شڪلون ۽ صورتون به بدليون آهن پر اِهو ساڳيو سوال، ساڳي شڪل ۽ شنبيھ ۾ اڄ به ساڳي صورت ۾ آهي. اِها صدا اڄ به اُتري ئي جوان ۽ تر و تازه آهي جيتري پهرين ڏينهن هئي. رات جا تارا هنن جي اوجاڳن جي شاهدي ڏيندا، چوڏيهن جو چنڊ هنن صدائن جو ساکي آهي. دنيا جا چارئي ڪُنڊ انهن صدائن جي پنڌ جا پيچرا آهن. صدائون ته ڪڏهن ڪڏهن سُڏڪنديون به آهن. اڪيلو ٿي ڪري رڙيون به ڪنديون آهن. اِهي صدائون اڄ به اچن ٿيون ته اچو ته پنهنجي حالت حاضره تي غور ڪريون، ڇا اسين اِن لاءِ پيدا ٿيا آهيون ته ڪنهن ڏينهن بي موت ماريا وڃون؟
نه نه ائين قطعي ڪونه آهي. اسين شاد و آباد ٿي سگهون ٿا، سڪون جو ساھ کڻي سگهون ٿا. اچو ته هن ڌرتي کي پنهنجي حُسانڪي موٽائي ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون. پنهنجي شهر، پنهنجي ڳوٺ توڙي پنهنجي اوس پاس جي خبر چار لهون. جتي جيڪا ڪمي پيشي آهي انهي جي ياد دهاني اتان جي ذميوار فردن کي ڏيارون ته جئين اسان جو ايندڙ نسل ڪو سک جو ساھ کڻي سگهي، ڪا بهتر تعليم حاصل ڪري سگهي، کين ڪا سُٺي زندگي نصيب ٿي سگهي، باقي اسان جي ايندڙ نسل جو ٻيڙو ته هاڻ ٻڏل ٿو نظر اچي. ڪٿي به ڪنهن حڪمت عملي يا بهتري جي اچڻ جا امڪان نظر نه ٿا اچن. جنهن سبب اسان پنهنجي سُڃاڻپ وڃائي رهيا آهيون. ترقي ته اسان کان ڪوھ ڏور پري نظر ٿي اچي پر گهٽ ۾ گهٽ معاشري کي ته وڌيڪ بگاڙ کان بچائڻ لاءِ تحرڪ ۾ اچون، نه ته اسان جي ايندڙ نسلن جو حشر آفريڪا جي ٻارن جهڙو ٿيندو. اسان وٽ سڀ ڪجھ هوندي به ڄڻڪ ڪجھ ڪونه آهي. غريب جي ٻار جي حالت اڄ به اُها ئي آهي جيڪا حالت سندس ورهيه اڳ هئي. ڪا به تبديلي، ڪا به نواڻ سندس زندگي ۾ رونما نه ٿي سگهي آهي. سڀني جا سور ساڳيا آهن، سڀني وٽ اڻ هوند جا خزانا ڀريا پيا آهن، ڪنهن وٽ به هوند جي ڳالھ ڪونه آهي. ڀائيچاري ۽ ميٺ محبت ته ڪڏهوڪي موڪلائي وئي آهي پر اِن جي باوجود اجتماعي ڀلائي وارو جذبو اڃا ڪجھ ماڻهن ۾ پساھ کڻي پيو. اچو ته انهي جذبي جي پاسداري ڪندي پنهنجي آئيندي بابت سوچ ويچار ڪريون.
شين کي تبديل ٿيندي ڪو گهڻو وقت ڪونه لڳندو آهي. بس ضرورت هوندي آهي همت، خود اعتمادي ۽ پاڻ تي ڀاڙڻ جي، جي اسان اڄ سست روي جو شڪار ٿياسين ۽ پنهنجي مستقبل جي بهتري لاءِ ڪا ڪوشش نه ورتيسين ته پوءِ پڪ ڄاڻو ڪوبه مسيحا يا اڳواڻ اسان جي تقدير کي بدلائڻ لاءِ آسمان کان مٿان نازل ڪونه ٿيندو. اجتماعي طور سڀني جي ڀلائي لاءِ انهن ئي ماڻهن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو جن وٽ شعور آهي، جن وٽ سمجھ آهي، جن وٽ عقل، ڏاهپ ۽ فهم آهي. جن وٽ دنيا کي کاٻي اک سان ڏسڻ جو ڏانءُ آهي. باقي گهڻائي کي شمار نه ڪجي ڇو ته اڪثر طور گهڻائي غلط به هوندي آهي. اهو قطعي ممڪن ڪونه آهي ته گهڻائي هميشه حق ۽ سچ تي هجي، ڇو ته دنيا جي تقدير کي انهن ئي ماڻهن اڄ تائين تبديل ڪيو آهي جن جو تعداد بنھ ٿورو هيو. ڀلي اسان ٿورا ئي هجون پر مجموعي طور بهتري آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهون ٿا. اسان جا اِرادا اسان جي مستقبل کي محفوظ ڪري سگهن ٿا. زماني جون گرم هوائون گهڻن ئي جذبن جو قتل ڪن ٿيون. گهڻن جي خوابن کي چڪنا چور ڪن ٿيون. گهڻن کي نا اميدي جي گهيري ۾ آڻن ٿيون. گهڻيون ئي معصوم مکڙيون هنن هوائن جي ڪري ڪومائجي وڃن ٿا. انهن جي اِها حالت هڪ نئي صدا بڻجي ڪري هوائن ۾ سفر ڪري ٿي. اهو سفر ٿڪو نه آهي پر جهڪو ضرور ٿيو آهي. اِهل دل ماڻهو انهي هوا جي تيز واءُ کي سمجهي وٺن ٿا. سندس رخ جو اندازو هڻي ڪري ٻين کي آگاهي ڏين ٿا ته ٻيلي هوشيار ٿيو. همٿ کان ڪم وٺو. خود اعتمادي جو هٿيار استعمال ڪريو. پر ماڻهو الائي ڇو ڪن لاٽار ڪيون ويٺا آهن. هنن صدائن کي ڪابه موٽ ڏيڻ لاءِ تيار ڪونه آهن. جنهن سبب هن صدائن جي سفر کي اڃا تويل ٿيڻو پيو آهي. هن ڌرتي جي هر گهٽي، هر رستو، هر واهڻ توڙي وستي انهي اميد سان پساھ کڻي رهي آهي ته هنن صدائن کي هڪ ڏينهن ضرور ڪا نه ڪا مثبت موٽ ملندي، جنهن موٽ جي صورت ۾ گل ٽڙڻ لڳندا، گلستان ۾ بهار جي موسم جي آمد ٿيندي، حسين جوانيون خودڪشين جو کاڄ ڪونه بڻبيون، مفلسي ۽ غربت مسڪينن کي ڪونه ڳڙڪائيندي، نوجوان روزگار جي تلاش ۾ دربدر ۽ خوار ڪونه ٿيندا. هنن صدائن جو سفر هاڻ مڪمل ٿيڻ تي آهي.

(روزاني اڳواڻ حيدرآباد13 جون 2019ع)

جديد دور جون ڪهڙيون گهرجون آهن!

انساني دماغ خدا جي معجزن مان ائين سمجهو ته هڪ اعلي ترين معجزو آهي. جنهن ۾ هر روز نت نيون سوچون پرواز ڪن ٿيون. انهن سوچن جي آڌار تي وري انساني شخصيت پنهنجي نرواڻ طرف وک وڌائي ٿي ۽ اُن کي اُڀرڻ جو موقعو ملي ٿو. اِهڙي نموني دنيا جي هن پوري نظام تي هڪ نظر ڪجي ته ائين محسوس ٿيندو ڄڻڪ اڃا ڪا اِهڙي ڳالھ باقي آهي جنهن جي رمز کان پاڻ واقف نه ٿي سگهيا آهيون. اِهو خيال تڏهن اچي ٿو جڏهن زماني جي گردش ۾ گهمندي دل کي ڪا گهڙي مايوسي پلئه پوي ٿي. مايوسيون اصل کان ڪيفيتن جو چس، رنگ ۽ ڍنگ خراب ڪنديون آيون آهن پر جڏهن دل جو نگر مايوسين جي گهيري ۾ ايندو آهي ته انهي جو سحن پوري جو پورو اونداھ ۾ مبتلا ٿي ويندو آهي. اِها اونداهي ذهن کي ٻڏتر جو شڪار ڪندي آهي ۽ انسان پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪرڻ لڳندو آهي.
اڪيلائي جتوڻيڪ ايتري هيبتاڪ يا خطرناڪ ڪونه آهي. اڪيلائي ته خيالن جي اڳواڻي ڪندي آهي. اڪيلائي ته انسان جي دردن کي نوان گس فراهم ڪندي آهي. اڪيلائي انساني وجود کي پاڻ سجود طرف وٺي هلڻ لڳندي آهي. اِنهي جي باوجود جيڪڏهن اڪيلائي ۾ اِهو احساس نمايا ٿي پوي ته هتي منهنجو ڪوبه ڀرجهلو، ڪو به همدرد، ڪو به ساٿي ڪونهي ته پڪ سان انهي گهڙي اميدون ڪفن اُڍي دفن ٿيڻ لڳنديون آهن. ڪش مڪش واري هن دور ۾ واقعي ماڻهن وٽ ايترو وقت ڪٿي آهي ته هُو ٻين جي ڀلي لاءِ سوچين، ٻين جي لاءِ آسانيون پيدا ڪن. ٻين لاءِ راهون هموار ڪن پر جيڪڏهن ڪو ائين سوچي ٿو، ڪو اهڙن عملن کي هٿي ڏيارڻ جو ارادو ڪري ٿو ته انهي مٿان ويڪائو هجڻ جا الزام لڳڻ شروع ٿين ٿا. سندس عزت نفس کي مجروع ڪرڻ جي ٺاهوڪي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. سندس شخصيت کي ڇهيو رسائڻ لاءِ هر ممڪن جتن ڪيا وڃن ٿا.
اِهڙن اڻ وڻندڙ حالاتن جي هوندي ماڻهو اڳتي وڌڻ، اڳواڻي ڪرڻ کان لنوائي ٿو. هتي بي ضمير، لالچي توڙي ڪوڙ ۽ فريب ۾ وڪوڙيل وجود ته کوڙ آهن پر هتي خريدار بنھ گهٽ آهن. جنهن سبب انساني جذبن، قدرن ۽ مان توڙي مرتبي کي گهربل معيار ملي نه سگهيو آهي. انسان پنهنجي تاريخي ڪردار وسيلي ٻين شين جي اهميت ۽ افاديت کي ته اجاگر ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي پر پنهنجي سماجي رتبي ۽ مان شان کي وڌائڻ ۾ ناڪام ويو آهي. جنهن جي ڪري ڏک، سور ۽ پيڙاهون سندس مقدر بڻجي چڪيون آهن. تاريخ وٽ هڪ اِهڙي تارازي آهي جنهن ۾ ھُو فرد جي ڪُل زندگي کي توري سندس چڱائين ۽ براين جو حساب لڳائي، اِنهي حساب ۽ ڪتاب وسيلي سندس شخصيت جو احتساب ڪري ٿي. اِنهي تارازي جو ڪم انساني لاڙن، فڪرن ۽ فلسفن کي ڇاڻڻ آهي ته جئين اڳتي هلي اهو ڄاڻي سگهجي ته اسان کي مستقبل ۾ ڪهڙا مسئلا ۽ تڪليفون درپيش اچي سگهن ٿيون.
انهي عمل جو فائدو اِهو ٿيندو ته اسان پنهنجي آئيندي بابت ڪا سُٺي ۽ ڪارگر حڪمت عملي جوڙڻ ۾ ڪامياب وينداسين. هتي هر شئي وڪامجڻ لاءِ تيار آهي بس رڳو شرط اِهو آهي ته اُن شئي جو مُهل اُن جي مقدار ۽ معيار مطابق لڳائي وڃي. هڪڙا ماڻهو ضمير وڪڻڻ ٿا ته ٻيا انهي ضمير کي بچائڻ خاطر پنهنجا اصول ۽ آدرش بچائي رکن ٿا.
انهن جي مدد سان پاڻ کي اطمنان ۾ رکن ٿا. اِنهن کان علاوه هڪڙا وري اِهڙا به آهن جيڪي اصولن، آدرشن، نظرين توڙي پنهنجي ساک کي برقرار رکڻ لاءِ پنهنجي جان جي قرباني ڏيڻ کان به ڪونه ڪيٻائيندا آهن. آدرشي انسانن کي جتوڻيڪ جئيڻ لاءِ عمر جو ٿورو ئي حصو نصيب ٿيندو آهي. پر انهن جي جدوجهد، حڪمت عمليون، ڪوششون ۽ سندن جذبا، تاقيامت تائين کين زنده رکيو ايندا آهن. آدرشي انسان نه فقط انتهائي ڪارائتا هوندا آهن بلڪ اُهي ٻين لاءِ مثال پڻ هوندا آهن. اِهڙن چند انسانن دنيا جو سڄو وايو منڊل ئي تبديل ڪري ڇڏيو.
اڄ جتي لاقانونيت، نا انصافي توڙي ٻيون سماجي توڙي غير اخلاقي عمل هٿي وٺي رهيا آهن ساڳي وقت اُتي مهذب، تربيت يافته ۽ آدرشي انسان به ساھ کڻي رهيا آهن. اِن لاءِ نا اميد ٿيڻ جي بجاءِ اميد جو ڏيئو ٻاري رکجي ۽ اِها توقع، اِها اميد وقت سان لڳائجي ته ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن حالتون درست ٿينديون، جيڪو ماڻهو اڄ انتهائي پريشاني واري عالم ۾ پساھ کڻي پيو. انهي کي ٿڌي هير نصيب ٿيندي. سندس پگهر مان عطر توڙي گلاب جي مهڪ اچڻ شروع ٿيندي. جيڪو مزدور اڄ فاقا ڪشي واري حالت ۾ جيءَ رهيو آهي. انهي مزدور جا ٻچا سٺي تعليم، سُٺي صحت ۽ سُٺي روزگار حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ويندا. اِهي سڀ معاملا هاڻ وقت سان گڏ پنهنجي حل ٿيڻ جي انتهائي ويجهو پهچي چڪا آهن. اِن لاءِ انهن جي ڳاراڻي ۾ ڳرڻ بدران، اِنهن ڏانهن پيش قدمي ڪجي. حالتون هر وقت اسان جي پٺڀرائي نه ٿيون ڪري سگهن. ڪڏهن مخالف ٿي سگهن ٿيون. ڪڏهن اسان جو ڀرجهلو ٿي سگهن ٿيون. پاڻ کي رڳو ايترو سمجهڻ گهرجي ته حالتن جي انهي شڪل و شنبيھ مان اسان ڪهڙي وقت، ڪهڙي گهڙي، ڪهڙي پل جي چونڊ ڪريون. جنهن ۾ سُٺا فيصلا صادر ڪري سگهجن. ڪجھ اِهڙا فيصلا جن جا نتيجا ديريپا تائين ممڪن هجن. جن جي افاديت ۽ پنهنجي هڪ الڳ اهميت هجي. اهڙا فيصلا وقت جي آڌار تي ڪري، اسان سرخرو ٿي سگهون ٿا. اسان جي معاشري کي سُستي ۽ ڪاهلي واري وباءُ مڪمل طرح سان وڪوڙي وئي آهي. انهي وباءَ کان پنهنجي جند کي آجو ڪرائڻ خاطر اسان کي هاڻ سوچڻو پوندو، نه صرف پنهنجي پاڻ کي بلڪ هر انهي ماڻهو کي انهي وباءَ کان آزاد ڪرائڻو آهي جيڪو هن وقت ان جو شڪار آهي. ڪتابن جي مطالعي جو رهجان وڌائڻ لاءِ اسان کي ڪتابن جي اهميت ۽ ڪارج کي ٻين اڳيان واضع ڪرڻ جي ضرورت آهي. جڏهن شين جي اهميت واضع ٿيندي آهي ته پوءِ انهي مهل انهن جي گهرج به وڌڻ شروع ٿيندي آهي. انساني مزاج ۾ اِها فطري حُسناڪي رکيل آهي ته ھُو بگڙيل حالتن کي متوازن حالتن ۾ آڻڻ لاءِ تحرڪ وٺندو آهي. سندس محنت نت نوان خيال، نيون ايجادون ۽ نيون راهون هموار ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهي. پنهنجي انهي مزاج جي مطابق اڄ تائين حضرت انسان ڪائنات کي پنهنجي هڪ الڳ شڪل و صورت ۾ گهڙي ڪري سندس خوبصورتي ۾ اضافو ڪيو آهي. اِها اضافي خوبصورتي فطري اصولن جي پاسداري ڪندي انساني ذهن کي تسڪين عطا ڪيو آهي.

(روزاني هلال پاڪستان ڪراچي، 14 جون 2019ع)

فني توڙي مهارتي تعليم جي ضرورت ۽ اهميت!

اسان وٽ ائين آهي ته اسان بي روزگاري جو دانهون ڪريون ٿا. هر روز مهانگائي جو پٽڪو ڪيون ٿا، پر اِهو نه ٿا ڏسون ته جديد دنيا جون تقاضائون ڪهڙيون آهن. اسان کي دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪري هلڻ لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي؟ ۽ ڇا نه ڪرڻ گهرجي؟ دنيا هر روز ترقي جا نت نوان ڏاڪا ڪئين چڙهي پئي؟
اسان وٽ دور انديشي جي نظر قطع ڪونه آهي. اسين پنهنجي پاڻ تائين ئي محدود آهيون جنهن سبب جي ڪري به اسان پُٺتي پيل آهيون. هن وقت ملڪي توڙي سياسي حالتون ايتريون ته ڳنڀير بڻجي چڪيون آهن جو هن چٽاڀيٽي جي دور ۾ هڪ غريب جي ٻار توڙي بنا ڪنهن اثر و رسوخ واري باصلاحيات نوجوان لاءِ اڳتي وڌڻ جا امڪان بنھ گهٽ آهن. اِهڙي المناڪ صورتحال ۾ چُپ ڪري ويهڻ به پنهنجي ناداني آهي. اِن لاءِ هر هڪ نوجوان کي سوچڻو پوندو ته سندس مستقبل ڪهڙن ڪمن ڪارن سان سُڌري سگهي ٿو. انهي ڏس ۾ مون کان ڪجھ دوستن راءِ طلب ڪئي هئي ته آئون انهي معاملي ۾ اُنهن جي رهنمائي پنهنجي سوچ، عقل ۽ فهم سان ڪريان.
مون وٽ جديد دنيا جي تقاضائن مطابق هڪڙو ئي حل موجود آهي جيڪو مون بر زباني ڪجھ دوستن سان ڪچهرين ۾ به حال احوال جي صورت ۾ بيان ڪيو هو ۽ اڄ هتي توهان کي به ٻڌائي رهيو آهيان ته اسان کي فني توڙي مهارتي تعليم ڏانهن پنهنجو لاڙو گهڻي کان گهڻو ڪرڻ کپي، ڇو ته هن تعليم جو وڌ ۾ وڌ اِهو فائدو آهي ته ماڻهو ڪنهن مخصوص شعبي ۾ تربيت حاصل ڪرڻ کان پوءِ انهي شعبي ۾ پنهنجي صلاحيتن جي آڌار تي سُٺي نموني سان ڪم ڪري سگهي ٿو. هن وقت پوري دنيا اندر هن سکيا واري تعليم کي ٻين شعبن کان وڌيڪ اهميت ڏني پئي وڃي ته جئين تمام ٿوري عرصي ۾ تمام گهڻي ترقي ڪري سگهجي. سُڌريل ملڪن ۾ ماڻهو اعلي تعليمي ادارن ۾ وڃڻ جي بجاءِ بنيادي تعليم کان پوءِ سگهو ئي ڪا فني يا مهارتي تربيت ڪورس ڪري وٺندا آهن. جنهن ڪري انهن جي روزگار حاصل ڪرڻ جا موقعا اڃا وڌيڪ وسيع ٿيندا آهن.
اسان وٽ هن وقت نوجوانن کي گهرجي ته اُهي ڪمپيوٽر جو تربيتي ڪورس ڪري وٺن يا وري پنهنجي علائقي جي ڪنهن ٽيڪنيڪل ڪاليج مان ٽه سال ڊپلوما ڪري وٺن ته به انهن جو مستقبل سُڌري سگهي ٿو. آزاد ڪشمير کان وٺي ڪري پنجاب تائين مون اُتان جي نوجوانن کي هنن فني توڙي مهارتي ڪورسن ڏانهن لڙندي ڏٺو آهي. سندن لاڙو اعليٰ ادارن ۾ پهچڻ جي بجاءِ وقت سر ڪو تربيتي ڪورس ڪرڻ ۾ هو. اسان جي سنڌ جو نوجوان الائي ڇو خاموش آهي؟ هن مهل پوري دنيا جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان هلي رهي آهي. اِن لاءِ ٽيڪنيڪل تربيتي ڪورسن ۽ ڊگرين کي به سُٺي اوليت حاصل آهي. ڪجھ سال پهريان منهنجي هڪ دوست مون سان گڏ ٽيڪنيڪل ڪاليج مان ٽه سالا ڊپلوما ڪئي هئي. وقت جو اِهڙو ته وهڪرو هليو جو اسان جو اُهو دوست انهي ڊپلوما جي ڪري دبئي جهڙي شاهڪار ملڪ ۾ روزگار وٺڻ ۾ ڪامياب ويو. هن وقت هو دبئي ۾ پنهنجي روزگار سان لڳل آهي.
اِهڙا کوڙ سارا مثال اسان وٽ موجود آهن. سنڌ جا نوجوان هن وقت به فني توڙي مهارتي ڊگرين ۽ ڊپلومائن کي گهٽ اهميت ڏين ٿا. اُنهي جي ڀيٽ ۾ هُو ڊاڪٽري يا انجنئريگ ڪرڻ کي وڌيڪ اوليت ڏين ٿا. پر اها صورتحال به اسان توهان جي سامهون آهي ته هن وقت پوري سنڌ اندر جهجي تعداد ۾ ڊاڪٽر ۽ انجنئير بي روزگار ويٺل آهن. اسان حقيقتن کي تسليم ڪرڻ ۽ انهن کي سمجهڻ کان گهڻي قدر قاصر آهيون. جنهن سبب به اسان جي اڄ جو نوجوان ترقي جا ڏاڪا نه ٿو چڙهي ۽ سندس ذهن ۾ مونجهارن جا جبل هر روز نئي طريقي سان ڦٽي پون ٿا. اِن لاءِ هاڻ اسان کي ائين ڪرڻ گهرجي ته اسان پنهنجي نئي نسل کي فني توڙي مهارتي پاسي ڏانهن سندن لاڙي کي موڙيون ته جئين هو ڪنهن مخصوص شعبي جا ماهر ٿي ڪري سامهون اچن ۽ هن چٽاڀيٽي واري دور ۾ پاڻ کي مڃائي سگهن.

تهذيب يافته قوم ڪٿي آهي!

ڪچهري ۾ موضوع کليو ته اسين تهذيب يافته قوم آهيون. ڳالھ ته بنھ سچي هئي. انڪار جو ته جواز ئي ڪونه هو. آئون سندن ڳالھ سان سهمت ٿيس. تهذيب يافته هجڻ جو انڪاري نه پي ٿي سگهيس. پر ڳالھ اتي ختم نه ٿي هئي. انهي ڳالھ مان وري هڪ نئون عنوان ڦٽي نڪتو هو ته آيا اسين تهذيب يافته قوم ته آهيون پر اسان پنهنجي تهذيب، ثقافت، ريتن رسمن ۽ ڀائيچاري جي روين جي ڪيتري پاسداري ڪئي آهي. انهن کي ڪيتري حد تائين قائم ڪيو آهي. انهن جي بچاءُ، اوسر ۽ ترقي لاءِ ڪيترو ڪم ڪيو آهي. اهو سوال به وقت جي تقاضائن مطابق اسان کان جواب طلب ڪري رهيو هو ۽ انهي سوال جو جواب ڪچهري ۾ ويٺل ڪنهن به دوست وٽ ڪونه هو. سڀ خاموش ٿي ويا ۽ التجائي اکين سان هڪ ٻي ڏي نهارڻ لڳا ته من ڪو ڪٿان ڪنهن کان ڪو خاطر جواب ملي پوي، هن سوال ته ڄڻڪ اسان جي ڪچهري کي ئي تالو هڻي ڇڏيو هو.
کن پل کان پوءِ خاموشي ٽٽڻ لڳي ۽ اسان معمول مطابق ڪچهري ڪرڻ ۾ مصروف ٿي وياسين. سڀني دوستن جي اِها ڪوشش هئي ته هن سوال کي ڇڏي ڪري باقي ڪنهن به موضوع تي گفتگو ڪجي. هن موضوع تي گفتگو ڪرڻ ائين لڳي رهيو هو جئين ڪو ماڻهو ٻٻرن کان ٻير گهري رهيو هجي ۽ ٻٻرن کان ٻير ملڻ قطعي به ممڪن ڪونه آهي. هڪڙي دوست چيو ته کاڌن جي عالمي فوڊ چين ڪمپني ڪي ايف سي پنھنجي بسڪٽس کي سنڌي ثقافت جو رنگ ڏيندي اجرڪ ڊزائين ۾ پرنٽ ڪرايا آھن. هاڻ اِها ڳالھ اسان جي انهن روشن خيال ۽ ترقي پسند ماڻهن کان برداشت ڪونه ٿي ٿئي جيڪي ٿڌن ڪمرن ۾ ويهي سنڌ جي صورتحال تي ٽيڪا ٽپڻي ڪندا آهن ۽ انهن جو چوڻ آهي ته اِهو عمل اجرڪ جي توهين آهي. ڪير انهن روشن خيالن کي سمجهائي ته انهي عمل سان پوري دنيا اندر خاص طور تي سُڌريل ملڪن ۾ سنڌي ثقافت کي پذيرائي ملندي. اِها حالت آهي.
اسين پنهنجي پنج هزار سالن جي پراڻي تهذيب کي ته محفوظ بڻائڻ کان مڪمل طور تي قاصر آهيون پر انهي جي باوجود جيڪڏهن ڪو فرد اسان جي ثقافت ۽ تهذيب کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪو قدم کڻي ٿو ته اُهو عمل اسان کي توهين لڳي ٿو. اسان ايترا ته قدامت پسند ٿي چڪا آهيون جو نه ئي پاڻ ڪجھ ڪرڻ گهرو ٿا ۽ نه ئي ڪنهن ٻي کي ڪجھ ڪرڻ ڏيون ٿا. اسان جي انهي ئي سوچ توڙي عمل اسان کي ترقي بدران زوال طرف ڌڪيو آهي. اسان جو باصلاحيت نوجوان روزگار جي حصول لاءِ پريشان آهي. اسان جا بزرگ اولاد سان وقت گذراڻ لاءِ آتا آهن. اسان جون عورتون گهر جي چار ديواري ۾ هجڻ جي باوجود پاڻ کي محفوظ نه ٿيون سمجهن. کين اهو گمان هر وقت رهي ٿو ته ڪڏهن به مرد ذات جي طبعيت ۾ بدلاءُ اچي سگهي ٿو ته خبر ناهي ساڻس ڪهڙو هشر ٿيندو. غيرت جي نالي تي اڄ به معصوم نينگريون قتل ٿين ٿيون. تعليمي ادارن ۾ شاگردياڻيون حراسان ٿين ٿيون. ملڪيت جي نالي تي پنهنجن جو رت وهايو وڃي ٿو. ايتري ساري المناڪ صورتحال هجڻ جي باوجود ڪو ماڻهو پاڻ کي تهذيت يافته قوم ڪئين ٿو سڏائي سگهي؟ کيس ضمير ڪئين اجازت ڏيندو ته ھُو اڃا هڪ مها ڪوڙ جي آسري تي پاڻ کي زنده رکيو اچي.
اسان کي هاڻ اهو سمجهڻ گهرجي ته اسان پاڻ کي تهذيب يافته قوم هجڻ واري حد کان ٻاهر ڪري ڇڏيو آهي. هاڻ ان لاءِ تهذيب يافته سڏائڻ جي بجاءِ نئي سر تهذيب يافته ٿيڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوندي. پنهنجي پراڻي سُڃاڻپ کي بحال ڪرڻ لاءِ انفرادي سطع کان هٽي ڪري اجتماعي سطع جا ڪم سوچڻا پوندا ۽ انهن ڪمن کي تڪميل تائين پهچائڻ لاءِ پنهنجي لاڳاپيل شعبي ۾ دل و جان سان پاڻ مڃائڻو پوندو تڏهن ئي وڃي هي دنيا اسان کي تهذيب يافته قوم طور قبول ڪندي.

(روزاني اڳواڻ حيدرآباد، 18 آگسٽ)

نوجوانن لاءِ روزگار جا دروازا ڇو بند آهن؟

بيشڪ انهي ڳالھ ۾ ڪو شڪ ڪونه آهي ته اسين هڪ اهڙي ديس جا رهواسي آهيون جيڪو ديس صدين کان وٺي، ڏاڍ، ظلم ۽ جبر جو شڪار رهي آهي. صرف ايترو نه بلڪ هن ديس جي هر هڪ باصلاحيت، تخليقڪار ۽ فني مهارتن سان سرشار فرد کي اڳتي آڻڻ جي بجاءِ پوئتي ڌڪيو ويو آهي. جنهن سبب موٽ ۾ هن ديس جي نوجوان طبقي ۾ مايوسي ۽ نراسائي پنهنجا پير مضبوط ڪيا آهن ۽ گذريل گهڻي عرصي کان هتان جو باصلاحيت ۽ تخليقڪار نوجوان پنهنجي بهتر مستقبل بابت ڳڻتي جي ڳاراڻي ۾ ڳري رهيو آهي. جنهن جو منفي اثر اُنهي نوجوان جي گهر، والدين، معاشري ۽ ان جي آس پاس واري ماحول تي پئجي رهيو آهي. قدرت واري هر هڪ انسان جي اندر انيڪ صلاحيتون رکيون آهن.
انسان هجڻ سان گڏ فڪر واري معراج تائين پهچڻ لاءِ کيس عقل جهڙي نعمت سان نوازيو ويو آهي ته جئين اُن جي بهتر استعمال سان انسان پنهنجي اندر موجود صلاحيتن جو اندازو لڳائي سگهي ۽ انهن کي سنوارڻ ۾ لڳي وڃي. انسان جون فطري صلاحيتون انساني زندگي کي پُرسڪَون بنائڻ ۾ ڪامياب وينديون آهن. صلاحيتن جو غلط استعمال به انساني شخصيت کي تباھ ڪري ڇڏيندو آهي. حضرت انسان کي اِهو شرف حاصل آهي ته ھُو باهمي تعلقات وسيلي ٻين سان بهتر لاڳاپا قائم ڪري انسانيت جي بهتري لاءِ راهون هموار ڪري. هاڻ معلوم اهو ڪرڻو آهي ته اِن سڀ ڪجھ هجڻ جي باوجود آخرڪار اِھڙي ڪهڙي قوت آهي جيڪا اڄ جي نوجوان کي اڳتي وڌڻ واري راھ ۾ رنڊڪ ٿي پيدا ڪري.
جديد دور ۾ پساھ کڻندڙ ۽ جئيندڙ اڄ جي نوجوان ۾ بنيادي طور تي ٽن شين جي شديد کوٽ آهي جنهن سبب کيس ناڪامين جو منهن ڏسڻو پوي ٿو ۽ صلاحيتن جي هوندي به کيس پريشان حالي جو شڪار ٿيڻو پوي ٿو. پهرين نمبر تي سنجيدگي جي کوٽ، ٻي نمبر تي مستقل مزاجي جي کوٽ، ٽي نمبر تي اعتماد جي کوٽ. هنن بنيادي فطري جوهرن جي نه هجڻ سبب يا بنھ گهٽ مقدار ۾ هجڻ سبب اڄ جو نوجوان بيروزگاري جهڙي بلا سان منهن ڏئي رهيو آهي ۽ پنهنجي سنهري مستقبل بابت پريشان آهي. اسان وٽ روز مرھ جي شين کان وٺي ڪري معمول جي ڪمن ڪارن تائين هر هڪ قول ۽ عمل سنجيده رويو طلبي ٿو.
انسان جو ورتاءُ غيرسنجيده هجڻ سبب اسان گهڻو ڪجھ هٿن مان وڃائي ويهي ٿا رهون يا وري مورڳو هٿن ۾ ڪنهن شئي جي هجڻ جي باوجود به انهي تي بي اختيار ٿي ٿا وڃون. انهي غيرسنجيدگي سبب ڪڏهن اسان جي ويجهن مٽن مائٽن وٽ اسان بابت گمان پيدا ٿيڻ لڳندا آهن ته وري ڪڏهن رت جي رشتن ۾ به ڏار پوڻ شروع ٿيندا آهن. اسان انهن سڀني معاملن کان باخبر هجڻ جي باوجود به بي خبر هجڻ جهڙو تاثر ڏيندا آهيون جنهن جي موٽ ۾ وري سامهون وارن وٽ اهو خيال جنم وٺندو آهي ته شايد اسان انهن کي اهميت ڏيڻ ئي پسند ڪونه ٿا ڪريون. اِهڙي ريت ننڍي کان ننڍو مسئلو وقت سان گڏ وڌي ڪري پيچيده ٿي پوندو آهي. انهي کان پوءِ اسان جي ناڪامين جي پويان اسان طرفان مستقل مزاجي جي نه هجڻ جو سبب به هوندو آهي. اسان وٽ اسڪول ۾ پڙهندڙ اُڀم ٻار کان وٺي ڪري وڏي ۾ وڏي درسگاھ ۾ پڙهندڙ ٻالڪ تائين ۾ مستقل مزاجي جي کوٽ شدت سان محسوس ڪئي وئي آهي. هر فرد اِهو چاهي ٿو ته کيس زندگي ۾ گهڻي کان گهڻيون ڪاميابيون ۽ پُرمسرت گهڙيون نصيب ٿين. سندس رهڻي ڪهڻي پرسڪون ۽ لطف اندوز نموني واري هجي. پر ڪو به فرد انهي ڳالھ تي سوچي نه ٿو ته زندگي ڪڏهن به آسان ڪونه هوندي آهي. انسان پنهنجي عقل، فهم ۽ دانش سان انهي کي آسان بڻائيندو آهي.
جيڪڏهن زندگي گهارڻ ايترو ئي سولو هجي ها ته پوءِ قدرت وارو انسان کي عقل قطعي به عطا نه ڪري ها. سندس لاءِ سڀئي سهولتون هتي ميسر ڪري کيس سڪون سان رهڻ جي تلقين ڪري ها. ائين ئي وري انساني شخصيت کي اعليٰ درجي تي پهچائڻ جو ڪم وري خود اعتمادي ڪندي آهي. خود اعتمادي جي ڪمي انساني عقل کي اوڏاهي وانگر کائي ويندو آهي ۽ انسان خالي کوپڙي سان عمر گذاري موت جي منهن ۾ هليو ويندو آهي. خود اعتمادي وارو جذبو ئي انساني معراج تي پهچڻ جو واحد وسيلو آهي. اڄ تائين جن به ماڻهن هن دنيا تي حڪمراني ڪئي آهي يا انهن پنهنجي صلاحيتن سان ٻين تي پنهنجو اثر ڇڏيو آهي. انهن ۾ خود اعتمادي اعليٰ درجي جي هئي. انهن ماڻهن نه صرف پنهنجي پاڻ تي اعتماد ڪيو پر پنهنجي ڪوششن سان هزارين ٻين ماڻهن ۾ به خود اعتمادي وارو عنصر بحال ڪيو ۽ انهن ۾ اُتساھ پيدا ڪيو ۽ کين اڳتي آڻڻ جو ڪردار پڻ ادا ڪيو. اهڙن ئي عظيم فردن جي حوالن سان تاريخ ڀري پئي آهي. اَن لاءِ جيڪڏهن اڳتي وڌڻو آهي ۽ هن دنيا ۾ پاڻ مڃائڻو آهي ته سنجيدگي سان مستقل مزاج ٿي ڪري پنهنجي پاڻ تي اعتبار ڪرڻو پوندو تڏهن ئي سُک، سلامتي ۽ سڪون اسان جو مقدر ٿيندي.

(روزاني اڳواڻ حيدرآباد 26 آگسٽ2019ع)

سنڌ، تصوف ۽ سهڻو لطيف!

سنڌ جي اندر مذهبي رواداري تصوف جي بنيادن تي مشتمل آهي ۽ تصوف جيڪو هر مذهبن جو روح آهي، شاه عبدالطيف ڀٽائي جي سموري شاعري ۾ مذهبي رواداري تصوف جي فڪر تي مشتمل آهي ۽ تصوف اهو واحد فلسفو آهي جيڪو اسان کي ٻڌائي ٿو ته حضرت انسان مڙني فرقن ۽ ويڇن کان بالا تر هڪ معزز طبقو آهي، تصوف جي رنگ ۾ هر ڪنهن مذهب، ڪٽب توڙي قبيلي جي فردن لاءِ هڪ جيتري عزت، اهميت ۽ مان مرتبو رکيل آهي. پاڻ ڳالھ پي ڪئي فڪر لطيف ۾ مذهبي رواداري جي، جهڙي ريت سنڌَ ڌرتي تصوف جي رنڱ ۾ رڱيل رهي آهي اهڙي ريت سنڌ سان گڏ هنڌ ڌرتي تي به تصوف پنهنجا چٽا ۽ گهرا اثر ڇڏيا آهن. اهڙي طرح جڏهن هندن جا جيڪي پرڻا ۽ مرڻا آهن اُهي به مسلمانن سان گڏ رهيا آهن، هنن جو هوليون ۽ عيدون به گڏ رهيون آهن هنن جون ڏياريون ۽ هنن جون ٿڌڙيون به هڪ ٻي سان گڏ رهيون آهن.
ڪالھ تائين هندو مسلم جو ته فرق نه هيو پر مسلمانن جي درميان سني، شيئي جو به فرق نه هيو ۽ انهي جي ئي ڪري سنڌ جي ماڻهن شاه عبدالطيف ڀٽائي جي تصوف واري تحريڪ کي قبول ڪيو ۽ اها تصوف واري تحريڪ جنهن جو روح روان پنهنجي دور ۾ شاه عبدالطيف ڀٽائي رهيو، ۽ ان تصوف واري تحريڪ جو روح روان پنهنجي دور ۾ صوفي شاه عنايت رهيو، پنهنجي دور ۾ ان تصوف واري تحريڪ جو اڳواڻ مخدوم بلاول رهيو، تصوف جي ان تحريڪ جو اڳواڻ پنهنجي دور ۾ سچل سرمست رهيو، روحل رهيو، بيدل بيڪس رهيو ۽ اڄ جي سنڌي شاعرن پڻ روشني جا ترورا شاه عبدالطيف جي فڪر مان کنيا آهن. اڄ جي شاعرن ۾ به اهو ئي تصوف جو رنگ آهي، اُهائي مذهبي رواداري آهي. لحاظا اڄ جي هن دور ۾ جتي سني شيئو هڪ ٻي کي ڪافر چوندڙ آهن، هڪ ئي مذهب جو هوندي هڪ ٻي جو رت وهائيندڙ آهن اهڙي صورتحال ۾ سنڌ ۾ محبتن جي بحالي جي لاءِ شاه عبدالطيف ڀٽائي جي تصوف وارو واحد پيغام ئي ڪارڳر آهي، جيڪو سڀنن کي ان انتهاپسندي واري ماحول مان ڪڍي سگهي ٿو، اڄ جتي پوري دنيا جي اندر دهشتگردي وارو ديو آدم بو آدم بو ڪندو انسانيت جو خون وهائيندو رهي ٿو ۽ ان انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي ديو کي جيڪڏهن شڪست ڏئي سگهجي ٿي ته اهو لطيف جو فڪر ئي آهي جيڪو کيس نست ۽ نابود ڪري سگهي ٿو، پوري دنيا جي لاءِ

سائيم سدائين ڪري مٿي سنڌ سڪار
دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪري.

جهڙو نيڪ خواهش پاليندڙ اسان جو ڀٽائي پوري عالم جي لاءِ نجات جو سبب بڻجي سگهي ٿو، ان لاءِ اڄ جي نوجوان تي اها ذميواري عائد ٿئي ٿي ته هو باقي مذهبن جو احترام ڪري، ان ڪري جو سمورن مذهبن ۾ حق ۽ سچ جي روشني موجود آهي. پر ملن ۽ پڊنتن ان مذهبن جي روح کي زخمي ڪيو آهي ۽ ان جو هو انت چاهن ٿا، پر اسان ڀٽائي جا پوئلڳ چاهيو ٿا ته هن ڌرتي تي مذهبي رواداري جا رنگ هجن، هوليون به هتي هندو ۽ مسلم گڏجي ملهائن، ۽ ساڳي طرح عيدون به هندون، مسلم گڏجي ملهائن ۽ محبتن جو دور دورو رهي ڇو ته سنڌ ۾ رهندڙ هر ماڻهو پوري دنيا جي لاءِ بقا باهمي، اتحاد انساني، ترقي بني آدم واري فزا کي برقرار ڪري سگهي ٿو، سنڌ واري تصوف جي روح ۾ ايتري طاقت آهي جو هو پوري دنيا مان دهشتگردي کي تڙي ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪري سگهي ٿو، ان لاءِ اچو ته ڀٽائي جي فڪر کي پروڙيندي هن عالم انسانيت جي ڀلي خاطر ڀٽائي جي مذهبي رواداري واري روايت کي اپنائيندي هڪ ٻي کي ڳلي لاهيون ۽ محبتون ونڊيون.
ڀٽائي صاحب جي شاعري جو جڏهن اڀياس ڪجي ٿو ته هوند ان منجھ انساني واقعن، حالاتن، ضرورتن توڙي ڪيفيتن جو چٽو عڪس ذهن ۾ اڀري نروار ٿي ڪري اچي ٿو، ڀٽائي صاحب جي شاعري جو اهم پهلو اهو پڻ آهي ته اوهين سندس شاعري کي جهڙي طرز عمل ۾ پڙهندا ۽ سوچيندا، اوهان کي سندس شاعري ۾ اهو ئي پيغام ۽ تاثر چٽو ملندو. اِها خوبي دنيا جي تمام گهٽ شاعرن جي شاعري ۾ هوندي آهي، ڀٽائي صاحب هن اڄوڪي معاشري توڙي عالم انسانيت کي ڏسڻ، جاچڻ توڙي سمجهڻ خاطر ائين فرمائي ٿو ته

”سرمو سفيدي جو، جڏهن پاتو جن،
تڏهن ڏٺي تن، اڇائي عالم جي،“

مطلب ته جيستائين انسان پنهنجي اکڙين ۾ سفيدي يعني مثبت سوچ واري نظر نه ٿو پالي تيستائين اُن کي هن عالم جي اندر سُٺَن توڙي سُهڻَن شين جي سُڌ نه پوندي، ڇو ته منفي سوچ توڙي نظر هميشه منفي لاڙن کي ئي جنم ڏيندي آهي ڀٽائي گهوٽ جتي دنيا کي پرکڻ جو ڏس اسان کي ڏي ٿو اتي وري سُسُتَ، ٽُوٽِي توڙي ڪاهل ماڻهن کي تبيھ پڻ ڪري ٿو، ڇو ته ڀٽائي صاحب محنت جي عظمت کان بخوبي واقف هو، تڏهن ئي ته فرمايائون:

اي ڪم ڪميڻين، جي سمهن پير ڊگها ڪري،
لوچين ڇو نه لطيف چئي، هاري لئه هوتن،
ننڊا نڀاڳن کي، اوڀالا اچن،
سي پنهون ڪوھ پڇن، جي سنجهي رهن سمهي.

ڀٽائي صاحب مٿين بيت ۾ سُسُتَ، ڪاهل، ۽ ٽوٽي فردن کي اها تبيھ ڪندي نظر اچي ٿو ته اوهين لوچيو ڇو نه ٿا، محنت جي عظمت واري مهاوري تي هلو ڇو نه ٿا، اوهان پنهنجي پنهون )مطلب ته منزل( کي ڪڏهن به پهچي ڪونه سگهندئو، جيستائين محنت نه ٿا ڪريو. ڀٽائي صاحب جي هر هڪ سٽ اسان لاءِ رهبري جو سبب بڻجي ٿي، اهو انساني فطرت پڻ آهي ته جتي ان کي فرحت محسوس ٿيڻ لڳندو، انسان ان طرف پنهنجو ڌيان وڌيڪ ڏيندو، ڀٽائي صاحب انساني فطرت جي ان پهلو تي اسان سان هن ريت مخاطب ٿي ٿو.

ويٺي جني وٽ، ڏکـندو ڏور ٿئي،
تون! تنين سيـن ڪٽ، اوڏا اڏي پکـڙا.

وري ٻي هنڌ ڀٽائي صاحب، انهي سنگت جي ڪچهري کان پري رهڻ جو تلقين پڻ ڪري ٿو جتي انسان جا ڏک درد گهٽجڻ بجاءِ وڌيو وڃن يا وڌڻ لڳن.

ويٺي جني وٽ، ڏکندو ڏاڍو ٿئي،
سا مجلس ئي مٽ، جي حاصل هو هزار جي.

واه ڀٽائي گهوٽ، هڪ جڳھ تي اها تاڪيد ته جنهن ڪچهري ۾ من هلڪو ٿي، سڪون ملي، اتي ڀلي ويهو، سڪون وٺو، وري جتي دل جا درد دکن، سور جاڳن، روح رنجھ ٿي، اتان لاءِ چئي ٿو سا مجلس ئي مٽ، مطلب ته ڀٽائي صاحب انسان جي فطرت کي سمجهندي سندس خوش رهڻ توڙي غم زده رهڻ واري ڪيفيتن کي پڻ پنهنجي شاعري وسيلي نروار ڪري ٿو. اهڙي ريت ڀٽائي جي هر هڪ بيت ۾ ڏاهپ جو انيڪ راهون هموار ٿيل آهن، ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته اسان ڀٽائي جي فلسفانه شاعري کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون ۽ انهي منجھ لڪل رازن کي ڳولي لهون جن رازن ۾ اسان لاءِ انيڪ ڀلايون سمايل آهن.

(روزاني ڪوشش حيدرآباد،14 سيپٽمبر2019ع)

معاشرتي بگاڙ جو توازن ڪيئن برقرار ٿيندو؟

قديم دور جي حالتن جو جڏهن مطالعو ڪجي ٿو ته خبر پوي ٿي ته انسان کي پنهنجي جياپي لاءِ معاشرتي ڍانچي ٺاهڻ جي ضرورت پئي. ڇو ته انسان ازل کان اڪيلائي کي پسند نه ٿو ڪري. انهي لاءِ انهي قديم انسان پنهنجي رهائش جي جوڳي بندوبست ڪرڻ لاءِ معاشري جو تصور آندو ۽ اُن کان گهڻو پوءِ ڪارل مارڪس جهڙن فڪري ماڻهن وري انهي معاشري ۾ پيدا ٿيل مليڪت واري تصور ۽ خيال کي پنهنجي نظريي ۾ بيان ڪيو. انسان جو جياپو معاشري سان گڏ سلهاڙيل آهي. انهي معاشري ۾ رهندڙ ماڻهن وري معاشري جي واڌ ويجھ توڙي سُٺي معاشري جي اڏاوت لاءِ ڪجھ اصول ۽ ضابطا به جوڙي ورتا. هاڻ اِهو هر هڪ معاشري جي فرد تي فرض آهي ته هو معاشرتي اصولن جي پاسداري ڪري ۽ انهن جي بجا آڻڻ ۾ ٻين جي مدد پڻ ڪري ته جئين هڪ اصولي ۽ مثالي معاشرو قائم ٿي سگهي. دنيا ترقي جا ڏاڪا چڙهندي وئي. مختلف ڪٽبن ۽ قبلين توڙي ذات پات جي ماڻهن جي سوچن ۽ روين جي اختلافن ۽ هڪ ٻي کان الڳ هجڻ واري ريت انهي مثالي معاشري کي قائم ڪرڻ کان ساڪن ڪري ڇڏيو. هڪ معاشري جا فرد هجڻ جي باوجود ماڻهن پنهنجا انداز ۽ رهڻي ڪهڻي جا ڍنگ تبديل ڪرڻ شروع ڪيا. معاشرتي اصولن جي پاسداري ڪرڻ جي بجاءِ انهن جي خلاف پنهنجا رويا عملي طور ادا ڪيا. انهي عدم توازن معاشري جي توازن کي بگاڙي ڇڏيو ۽ سندس اصل روح کي مڪمل ٿيڻ کان پهريان ئي ميساري ڇڏيو. جنهن جي نتيجي ۾ هڪ معاشري اندر مختلف گروھ، ملڪ، صوبا ۽ قومون جنم وٺڻ لڳيون. هر هڪ پنهنجي مرضي توڙي منشا مطابق پنهنجو الڳ معاشرو جوڙڻ جي خواهش ڏيکاري. هر ڪنهن وٽ مثالي معاشري جو خاڪو هڪ ٻي کان الڳ هو. انهي تفاوت اصلي مثالي معاشري جي صورت ۾ بگاڙ آندي. جنهن سبب اهو قائم نه ٿي سگهيو. جڏهن هر هڪ علائقي، خطي توڙي وستي واهڻ ۾ نيون ريتون ۽ رسمون جنم وٺڻ لڳيون.
هر ڪنهن جو رهڻ، اٿڻ ويهڻ توڙي ڳالهائڻ واري ٻولي مختلف انداز ۽ الفاظ اپنائڻ لڳي ته انهي مهل انسان، معاشري ڏانهن ڌيان ڌرڻ ڇڏي ڏنو ۽ اُن کي پنهنجي ارتقائي مرحلن مان پار ڪرائڻ واري جذبي کان دستبردار ٿي بيٺو. نتيجي ۾ اِهڙن منتشر ٿيندڙ معاشرن ۾ ڏوهن جنم وٺڻ شروع ڪيا. جيڪو اڳتي هلي ڪري هر هڪ فرد لاءِ هڪ ناسور عمل ٿي پيو. ڏوهن معاشري ۾ بگاڙ آڻڻ شروع ڪيو ۽ اُن کي تباھ ڪرڻ جي شروعات ڪئي. اِن وچ ڪافي عرصو ائين ئي قصو هلندو رهيو. ماڻهو پنهنجو پاڻ ٺاهڻ، پنهنجي مال ملڪيت ٺاهڻ ۾ مصروف ٿي ويو. معاشرتي ترقي ۽ بقا واري ڳالھ سندس لاشعور مان به گم ٿي وئي. جنهن جي نتيجي ۾ خوشحال ۽ سر سبز ڌرتي جا ماڻهو به ڏُڪار، استحصال ۽ ڦرلٽ کي منهن ڏيڻ لڳا. وسيلن جي هوندي دربدري ۽ مفلسي جي منهن ۾ وڃڻ لڳا. انهن وبائن جي پکڙجڻ کان پوءِ ڌرتي جو فطري ڏيک به متاثر ٿيڻ لڳو. جنهن جو مکيه سبب شهرن جي اڏاوت ۽ مصنوعي شين جو اڳتي اچڻ هو. فطرت جهڙوڪ پنهنجي جوهر ۾ آزاد ۽ ترقي ڪندڙ هوندو آهي ان ڪري فطري نقصان يا فطري بگاڙ پنهنجو بقا وارو رستو ڳولي وٺندا آهن ۽ پنهنجي ٿيل نقصان جو ازالو پاڻ ئي ڪري وٺندا آهن. ڇو ته فطرت وٽ هر هڪ شئي جي اهميت آهي. اُن جي بناوتي ساخت سان ان جي استعمال جو ڪارج به ان وٽ آهي. هاڻ جڏهن اسين انهي سڄي معاملي کي سمجهي ڪري پنهنجي سنڌ جي معاشرتي ڀيٽ سڌريل ملڪن جي سڌريل معاشرن سان ڪريون ٿا ته اسان کي خبر پوي ٿي ته اسين ڪٿي ۽ ڪهڙي حالت ۾ آهيون. اسان جي معاشرن کي پڻ اِهڙيون ئي وبا وڪوڙي ويون آهن جن جي وڪوڙجڻ کان پوءِ معاشرتي ترقي پنهنجا ارتقائي مرحلي ۾ رڪجي ٿي وڃي. مجمند ٿي وڃي ٿي. اسان وٽ سماج سڌارڪ هجن يا سماجي ڪارڪن. اهي معاشري جي ڀلائي جي ڳالھ جهڙوڪ ڪن ته ٿا پر معاشري جي بقا لاءِ ڪا به حڪمت عملي يا واضع پالسي نه ٿا ڏين. انهن وٽ معاشري جي بهترين اڏاوت لاءِ ڪو به مثالي خاڪو موجود ڪونه آهي. جنهن معاشري جو هر هڪ فرد پاڻ کي معاشرتي وهنوار جو حصو سمجهدي ان جي ترقي ۽ بقا خاطر پنهنجو ڪردار ادا ڪري ته اهو معاشرو ترقي ماڻي ٿو. سڌريل ملڪن جا ماڻهو پنهنجي معاشرتي سونهن کي بچائڻ خاطر وڻڪاري ڪن ٿا. روڊ ۽ رستا صاف رکن ٿا. ٻين لاءِ آسانيون پيدا ڪن ٿا ۽ انهي جي عيوص ڪا به شئي طلب ڪونه ڪن ٿا سواءِ انهي جي ته جتي اسين رهو اها جاءِ صاف شفاف هجي ۽ سهڻو لڳي. ان جي برعڪس اسان وٽ روڊ رستا ويران، ٽٽل ڦٽل آهن ۽ شهر به هاڻ ٻهراڙين جو ڏيک ڏيڻ لڳا آهن. شهرن جو ٿورو ٿڪو جيڪا هٿرادو سونهن آهي اهو به معاشرتي ويڳاڻپ جي ور چڙهي ڪري تباھ ٿي رهيو آهي. معاشرتي اصولن جي نه هجڻ سبب هر ڏيھ نوان ڪلور ۽ الميه پڻ جنم وٺن ٿا. اسين تڏهن ئي هڪ دفعو ٻيهر تهذيب آفته ٿي سگهون ٿا جڏهن موهن جي دڙي جي نقش کي ڏسي پنهنجي معاشري کي اهڙو بنائڻ جي ڪوشش ڪنداسين.

دل جي لڳي جون ڳالهيون!

ڪجھ ڳالهيون اِهڙيون هونديون آهن جيڪي ڪنهن سان به سلڻ جهڙيون نه هونديون آهن. اهڙين ڳالهين جي سلڻ سان اِهو خوف پيدا ٿيندو آهي ته جيڪڏهن اِهي ڳالهيون کُلي پيون ته ماڻهو کي ڏاڍو نقصان ٿيندو. انهي حساب سان ڪجھ ڳالهين کي دماغ جي ديڳڙي ۾ بند ڪري انهن تي تاحيات ڪا اِهڙي وزني ڍَڪ رکي ويندي آهي جنهن ڍَڪ سان ماڻهو جي مان ۽ شان به ڍَڪيل رهي. اڄوڪي معاشرتي صورتحال کي مد نظر رکندي ايترو سمجھ ۾ اچي ٿو ته هن دور ۾ ڪنهن سان به دل جي لڳي جون ڳالهيون نه ڪجن. ڇو ته ماڻهن مان سهپ ڪڏهوڪي موڪلائي چُڪي آهي ۽ انسان جي عزت نفس کي ڇهيو رسندي ويرم ئي ڪانه ٿي لڳي. ڳالهيون به جديد دور جي تقاضائن مطابق مائڪرو سيڪنڊ جي بجاءِ نينو سيڪنڊ جي رفتار سان سفر ڪن ٿيون. اِن لاءِ پنهنجي زبان کي انهي ڳالھ جو عادي بڻايو ته هُو هر ڪنهن جي اڳيان پنهنجي اڻ چيل لفظ نمودار نه ڪن. ٿوري صبر ۽ تحمل کان ڪم وٺندي ڪٿي ڪي ساعتون خاموشي به اختيار ڪري ڇڏن، ڇو ته گڏ ويهڻ ۽ کلڻ وارو هر ماڻهو سڄڻ ڪونه هوندو آهي. ڪجھ ماڻهو اسان کي ڳالهين جي گهير ۾ لاهي اسان جي رازن کي اسان جي ئي زبان سان فاش ڪرائي اسان جي عزتن جو جنازو ڪڍندا آهن. اِهڙن ماڻهن جي پرک ڪرڻ سکو ۽ انهن جي اڳيان محتاط رهو.
مٺيون ڳالهيون ۽ مٺا ماڻهو به پنهنجي اندر زهر رکندا آهن. انهن جي اندر جو زهر انهن جي مٺاس ۾ لڪل هوندو آهي. ظاهري طور ته هُو اسان کي پاڻ ڏانهن متوجع ڪرڻ ۾ ڪامياب ويندا آهن. اسان کان گهربل معلومات به ڳالهين ڳالهين ۾ ڪڍي ويندا آهن پر هُو اسان کي اندروني طور بي وقوف سمجهندا آهن ۽ اسان جي جذبن کي، اسان جي احساسن کي ۽ سڀني اميدن تي حمله آوار ٿي ڪري اسان جي ڪومل جذبن کي قتل ڪندا آهن. اِهڙن قاتلن جي چهرن تي معصوميت جا انيڪ تھ چڙهيل هوندا آهن. سندن لهجن ۾ وڏو اثر هوندو آهي. سندن روين ۾ ڏاڍي نفاست رکيل هوندي آهي. سندن مرڪ ۾ دل کي لڀائيندڙ دلڪشي رکيل هوندي آهي. اِهڙن ماڻهن جا خيال به اسان کي ٻين جي خيالن ۽ ڳالهين کان وڌيڪ ترتيبوار ۽ سُهڻا لڳندا آهن. نظر جي انهي ڌوڪي ۾ اچي اسان پنهنجو کوڙ سارو نقصان ڪرائي وجهندا آهيون. اسان اڄ تائين انهي سادگي ۽ اٻوجهاپ جي ڪري پوري قوم کي گهڻو نقصان رسايو آهي. هي ايڪوهين صدي هاڻ اسان کان اِنهي سادگي مان نه نڪرڻ جا جواز پُڇي پئي. اسان هميشه جيان ڪن لاٽار ڪري، خوشفهمي جي چادر اوڙي اگهور ننڊ ۾ سُتا پيا هوندا آهيون. اسان جو ايندڙ نسل اسان جي سهاري تي پاڻ ڪنهن به چُر پر ڪرڻ کان عاري آهي. جنهن سبب اسان جا معاشرتي اصول، اخلاقي قدر ۽ ڀائيچاري وارو پرچار هاڻ فرسوده ٿيندو ٿو وڃي. اسان جا سڀئي اصول، سڀئي آدرش، سڀئي فلسفا ۽ نظريا ڪمزور ٿيڻ لڳا آهن. انهن سڀني جي ڪمزور ٿيڻ سبب اسان به اصولي طور ڪمزور ۽ هيڻا ٿيندا ٿا وڃون. جنهن سبب هر روز نوان هاڃان جنم وٺن ٿا. هر روز نوان الميا ڪَر ڪڍي ڦٽڻ لڳن ٿا.
هر ڏينهن مزمتون ۽ افسوس ڪرڻ ۾ ئي اسان پورا آهيون. اسان جي خود اعتمادي ۽ اجتماعي ٻڌي وارو عنصر اسان کان ڇڏائبو ٿو وڃي. اسان آهستي آهستي اڪيلا ۽ ويڳاڻا ٿيندا ٿا وڃون. اِنهي ويڳاڻپ سبب حڪومتي سطع کان وٺي ڪري عوامي سطع تائين ڪا به چڱائي، ڪو به فلاحي توڙي چڱائي وارو ڪم اڳتي نه ٿو وڌي سگهي. سڄو سارو نظام، سڄو سارو وايو منڊل اُڊڙيل محسوس ٿئي ٿو ۽ اسان جي ارتقا جون سڀئي راهون بند ٿيل نظر اچن ٿيون. اسان جون ڪوششون رنگ لائڻ جي بجاءِ اسان جي شخصيت کي مسنوخ ڪرڻ جو ڪردار ادا ڪن ٿيون. اسان جي تخليق سگهاري ٿيڻ جي بجاءِ فضول نقطه چيني ۽ بحث مباحثي جو حصو بڻجي وڃي ٿو جنهن سبب اسان دل جي لڳي جون ڳالهيون ڪنهن سان اورڻ جي بجاءِ انهن کي دفنائڻ ۾ ئي پنهنجي بقا سمجهون ٿا.

(روزاني اڳواڻ حيدرآباد،27 جون 2019ع)

انسان، ڪيفيتن جو محتاج مسافر

انساني طبعيت ۾ فطرتي طور هڪ اهڙو خودڪار نظام متعارف ٿيل آهي جيڪو وقت ۽ حالاتن جي مطابق انساني مزاج کي متوازن رکڻ جو ڪردار ادا ڪري ٿي. انهي خودڪار نظام جو هڪ اعليٰ پهلو اِهو پڻ آهي ته انسان، مزاج جي مٽا سٽا ٿيڻ واري عمل کان به وقت سر واقف ٿئي ٿو. ڪيفيتن جي اِنهي گهيري ۾ اچي ڪڏهن انسان خوش ٿيندو آهي ته وري ڪڏهن کيس مايوس به ٿيڻو پوندو آهي. هڪڙا ماڻهو انهي عمل کان واقفيت حاصل ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي پاڻ کي اِهڙي نموني مضبوط ڪري وٺندا آهن جو موسمن جي تبديل ٿيڻ سان توڙي حالاتن ۽ واقعاتن جي تبديل ٿيڻ سان پاڻ تي ڪو فرق آڻڻ ڪونه ڏيندا آهن. پر پوءِ به ڪجھ گهڙيون، ڪجھ پل اسان تي پنهنجو گهرو اثر ڇڏينديون آهن. جنهن اثر سبب اسان جي روين ۾ تبديلي رونما ٿيندي آهي ۽ اسان جا مزاج مٽجڻ لڳندا آهن. اسان جو پنهنجي پاڻ تان ضابطو ٽٽي پوندو آهي ۽ سڀ ڪجھ هوندي به ڄڻ اسان خالي ٿي پوندا آهيون. محبتن جو ماريو ماڻهو اڪيلو ڪيڏانهن ٿو وڃي سگهي.
هڪڙا ماڻهو پيار جون پناهون تلاش ڪندي نه ڄاڻ ته الائي ته ڪهڙي پار وڃي پهچندا آهن ته وري ٻيا ماڻهو انهي تلاش جي آس ۾ اکيون نڇاور ڪندي سمنڊ جي ڇولين کي هر روز التجائي اکين سان تڪيندا رهندا آهن. سمنڊ ته کين ڪا به آٿٿ يا دلاسو ڏيڻ جي لاءِ تيار نه هوندي آهي. اِنهي جي باوجود به اُنهي انسان جي اکين ۾ اميد جو ڪرڻو ڪنهن پاريهر پکي وانگر پنهنجا اڏڙا اڏي ويهي رهي ٿو. سندس سار ڪنهن سهاڳڻ جي سيج ٿيڻ جي بجاءِ ڪنهن بي واھ عورت جي زندگي مثل ٿي پوي ٿي. سندس سپنا سندرتا جي سينگار کان محروم ٿي ڪري ڪنهن رولاڪ جو روح ٿي پون ٿا. اِھڙي ئي نموني چنڊ جي چلولائي ۽ ستارن جي سجاوٽ به من جي وسامي ويل برھ واري بتي کي ٻاري ڪونه سگهندي آهي. ڪنهن پل خوشي ته ڪنهن پل مايوسي برپا ٿي ڪري سموري تازگي کي ختم ڪري ڇڏيندي آهي. پرھ ڦٽي مهل برھ جون باهيون ٿڌيون ٿيڻ لڳنديون آهن.
ان ريت ڪيفيتون شخصيت تي پنهنجو اثر ڇڏينديون آهن. ڪجھ ماڻهو پنهنجي شخصيت کي انهن ڪيفيتن جي سهاري گذارڻ جو ڏانءُ سکي وٺندا آهن جهڙوڪ شاعر، ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار. هن قلمڪارن وٽ ڪيفيتن کي بيان ڪرڻ جو انداز نرالي نموني سان اچي ويندو آهي. ٻين جي دماغ کي فرحت بخشڻ لاءِ قلم جو سهارو وٺي پنهنجي اندر جو احوال لکي وٺندا آهن. جن ماڻهن وٽ لکڻ جو فن نه هوندو آهي يا وري انهي ڪاريگري کان واقف ڪونه هوندا آهن سي وري ٻين جي بيان ڪيل ڪيفيتن مان لطف اندوز ٿيندا آهن. ٻين طرفان ڪارا ڪيل ڪاغذ پڙهي مڙئي پاڻ کي تسڪين پيا ڏيندا آهن. ڪيفيتون ڪڏهن ڪهاڻين جي روپ ۾، ڪڏهن ناولن جي روپ ۾، ڪڏهن شاعري جي روپ ۾ ته وري ڪڏهن فلم ۽ ڊرامن جي روپ ۾ به اسان کي پڙهڻ ۽ ڏسڻ لاءِ ملندا آهن. جيڪي ماڻهو حساس طبعيت جا مالڪ هوندا آهن انهن تي انهن ڪيفيتن جو وڏو ۽ گهرو اثر پوندو آهي. انهن جي زندگي ۾ ڪڏهن ڪڏهن انهن ڪيفيتن جي برپا ٿيڻ مهل وڏي تبديلي ايندي آهي. انهن جا مزاج مٽجڻ لڳندا آهن.
روين ۾ تبديلي اچڻ شروع ٿيندي آهي. انهن ڪيفيتن جي ڇهاءُ کي محسوس ڪندي ڪڏهن اُهي پنهنجي نيڻن مان ڪجھ لڙڪ لاڙي وجهندا آهن. ڪڏهن سندن من ڏکارو ٿي پوندو آهي. انساني زندگي جي اِها مسافري کيس ڪيفيتن آڏو محتاج ڪري وٺندي آهي. تڏهن ئي ته چيو وڃي ٿو ته انسان، ڪيفيتن جو محتاج مسافر آهي. سندس اِها مسافري کيس ڪيفيتون ڳولڻ ۽ ڪيفيتن کي سمجهڻ جي لاءِ مختلف موسمن جا مزا ماڻائي ٿي ۽ سندس شخصيت جي نئين سر جوڙجڪ ڪري ٿي.


(روزاني اڳواڻ حيدرآباد،02 جولاءِ 2019ع)

  انساني سوچ ڇا مان ڇا ڪري سگهي ٿي!

انساني مزاج جو هڪ اهم پهلو هي پڻ آهي ته انسان هر ڪنهن ڪم ڪار توڙي حڪمت عملي بابت ڪاميابي جي توقع پنهنجي ذهن ۾ رکندو آهي. اهو قطعي به ممڪن ڪونه آهي ته انسان کي هر دفعي، هر جڳھ تي ڪاميابي نصيب ٿي. ها البته ڪجھ ڪاميابيون اسان جي ڪوتاهين سبب به ناڪامي جو روپ ڌاري وٺنديون آهن. مجموعي طور دنياوي حد تائين جڏهن جائزو وٺجي ٿو ته هڪ شئي پنهنجي سامهون چٽي نموني اچي پيش پئي ٿي ته ڪامياب ٿيڻ لاءِ ڪي اصول ضرور هجڻ کپن، وري انهن اصولن کي اپنائڻ لاءِ ڪو آدرش هجي، ڪو نظريو هجي. ڪو فڪر هجي جنهن تي هلي ڪري ماڻهو پنهنجي هن مختصر زندگي کي ٻين لاءِ لاڀائتو ثابت ڪري سگهي.
ڪنهن ڏاهي چيو هو ته جهڙي سوچ تهڙي زندگي. بلڪل انهي ڳالھ کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته سوچ سان ئي زندگي جون نيون راهون هموار ٿينديون آهن. انهي سوچ جي هڪ ٿيڻ سان ماڻهن جو ميڙ به ٺهندو آهي ته ماڻهو اڪيلو به ٿيندو آهي.
سوچ سان ئي نظريا، فلسفا، فڪر ۽ تفڪر جا رستا جڙندا ۽ ٽٽندا آهن. انساني سوچ پنهنجي معراج جو سفر تڏهن شروع ڪندي آهي جڏهن اِها سوچ انفراندي حد کي ترڪ ڪري اجتماعي ڀلائي وارو رستو اختيار ڪرڻ جو ارادو ڪندي آهي. اجتماعيت طرفان تڏهن ئي پهرين وک کڻي سگهجي ٿي جڏهن سماج جو ڳوڙهو اڀياس ڪجي. انساني مزاجن کي ويجهي کان پسجي. ٻي جي درد کي پنهنجو درد سمجهجي. ڪارل مارڪس جهڙو ماڻهو ظلم، جبر، ڏاڍ ۽ طبقاتي شرع کان بيزار ٿي ڪري پوري دنيا جي پورهيتن کي گڏ ٿيڻ جو چيو. کيس معلوم هو ته جيستائين استحصالي قوتون موجود آهن. غريب قطعي ترقي ڪونه ڪري سگهندو.
ڪارل مارڪس انهي فهم توڙي فڪر سان سلهاڙجي پنهنجي پوري حياتي انهي جدوجهد کي وقف ڪئي. سندس آدرش کيس دنيا جي ڳاڻاٽي ۾ امر ڪري ڇڏيو. ائين ئي وري جڏهن پاڻ آفريڪا جهڙي پوئتي پيل ڪاري نسل جي مسڪينن جي تاريخ جو جائزو وٺون ٿا ته پاڻ کي اتي به هڪ امر ڪردار نظر اچي ٿو جنهن کي دنيا نيلسن مينڊيلا جي نالي سان ياد ڪري ٿي. مينڊيلا جي جدوجهد، مستقل مزاجي ۽ اڻ کٽندڙ حڪمت عملين کيس سوڀارو ڪيو. سندس انهي فڪر جي بدولت سندس ديس جي ماڻهن کي سرهائي نصيب ٿي. سک شانتي ۽ آسائش واري زندگي ميسر ٿي ملي. ڪارل مارڪس ۽ نيلسن مينڊيلا وانگر پنهنجي ڌرتي ۽ ماروئن لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ ۽ لوچيندڙ ٻه امر ڪردار اسان وٽ به رهيا آهن. جن مان هڪ جو نالو جي ايم سيد ۽ ٻي جو نالو عبدالواحد آريسر آهي.
سنڌ جا هي ٻئي يگانا عاشق پنهنجي سموري حياتي انهي آدرش سان نڀاءُ ڪندا رهيا آهن ته من ڪو هن ڏتڙيل ڌرتي جو نصيب سڻائو ٿي ۽ هتان جا رهواسي سُک جو ڪو ساھ کڻي سگهن. هن وقت به سنڌ جو هر هڪ پڙهيل لکيل فرد کين قدر واري نگاھ سان ڏسي ٿو ۽ سندن جدوجهد توڙي جاکوڙ کي ساراهي ٿو ڇو ته زنده قومون پنهنجي رهبرن کي ڪونه وسارينديون آهن. اِنهي نموني تاريخ انيڪ مثالن سان ڀري پئي آهي ته ڪافي سکين ستابن گهرن ۾ رهندڙ ماڻهن اجتماعي سوچ جي پيروڪاري ڪندي پنهنجا سڀ آسائش ڇڏيا ۽ عوامي ڀلائي واري رستي تي هلي پيا. وقتي طور کين تڪليفون به ڏسڻ لاءِ مليون پر سگهو ئي انهن جا سمورا سور لهي ويا. گهڻي تعليم وڏي ڳالھ ڪونه آهي بلڪ گهڻي سمجھ ۽ فهم توڙي فڪر وڏي ڳالھ آهي. اسان وٽ تعليمي ادارن جو وڏي ۾ وڏو الميو اِهو آهي ته اُهي ٻار کي اهو نه ٿا پڙهائن ته زندگي گذراڻ لاءِ اصول ڇو ضروري آهن. زندگي سان اصولن جو ڪهڙو لڳ لاڳاپو آهي. بنا اصولن واري زندگي کي ڪئين هجي ٿي. اصول جوڙڻ سان زندگي ۾ ڪاميابيون جون راهون ڪئين هموار ٿينديون آهن؟
انهي قسم جا انيڪ سوال آهن جن جا جواب حل طلب آهن ۽ انهن جا جواب شاگردن کي ٻڌائڻ يا انهن تائين انهن ڳالهين جو علم پهچائڻ اُستاد تي فرض به آهي ۽ قرض به آهي. پر ائين ٿي نه ٿو. اسان وٽ مجموعي طور ڪُل آبادي جا پنج فيصد ماڻهو اصولن سان زندگي کي گذارڻ جي ڪوشش ۾ آهن ۽ باقي بقايا سموري خلق هڪ بي ترتيب ۽ اڍنگي زندگي بصر ڪري رهي آهي. جنهن سبب المناڪ واقعا، حادثا، خودڪشيون، قتل، ڏاڍ جبر ۽ خبر ناهي ته الائي ڇا مان ڇا ٿئي ٿو. فلسفا، نظريا، زندگي جا اصول توڙي قانون، زندگي جي هن هلندڙ گاڏي کي هلڻ ۾ آساني فراهم ڪندا آهن. فهم، فڪر، سوچ ويچار توڙي ابلاغ سان نيون شيون ايجاد ٿينديون آهن. پراڻا خيال، پراڻيون ريتون رسمون توڙي رواج فرسوده ٿي ڪري ناڪاره ٿيڻ لڳندا آهن. هن ڪائنات جو هڪ خودڪار ۽ اهم پهلو اِهو پڻ آهي ته ڌرتي توڙي ڌرتي کان ٻاهر هن وشال ڪاري ۽ اڻ کڻندڙ ڪائنات ۾ جيڪا به شئي موجود آهي سان پنهنجي ارتقا ڏانهن روان دوان آهي. هي سفر روز ازل کان شروع ٿيو هو ۽ اڃا تائين هلي پيو. جنهن ڏينهن هي سفر مڪمل ٿيو ته ممڪن آهي هن ڌرتي سميت سموري وايو منڊل ۾ ڪو وڏو دمچر مچي پوي ۽ هر هڪ شئي فنا ٿي وڃي.
اسين ايڏا ته سُست ۽ ڪاهل ٿي پيا آهيون جو جن شين جي تباهڪارين ۽ نقصان بابت ورهيه اڳ اسان کي سائنسدانن اطلاع ڏئي ويا آهن ۽ اسان کي سجاڳ رهڻ جو چئي ويا آهن. اسان انهن سڀني آگهيان کان منهن موڙي پاڻ کي ايٽمي جنگ طرف ڌڪي رهيا آهيون. اسان وٽ سڀئي اصول، سڀئي نظريا ۽ آدرش ڏوڪڙن تي وڪڙڻ لاءِ دستياب آهن. اسان جي انهي بي ترتيب رويي سبب اڄ هي دنيا تباهي جي ڪناري تي پهتي آهي. اسان پنهنجي چمن جا پاڻ دشمن آهيون. رنگ، مذهب، نسل، ذات پات، توڙي ٻين پهلوئن کان پاڻ کي هڪ ٻي کان پري ڪري اسان هڪ مها غلطي ڪئي آهي. جنهن غلطي سبب حضرت انسان جو مان ۽ مرتبو ايترو ته خراب تصور ۾ اُڀري ڪري سامهون آيو آهي جو هاڻ هڪ انسان کي ٻي انسان کان خوف ٿيڻ لڳو آهي.

(عوامي آواز بلاگ، 01 آڪٽوبر 2019ع)

سانوڻ، جنهن جا نظم اڃا تائين ڪُنوارا آهن!

اسان جي سٿ ۾ ڪجھ اِهڙا نوجوان به هوندا آهن جن سان اسان جو دلي لڳاءُ هوندو آهي. انهي لڳاءُ جا کوڙ سارا سبب هوندا آهن. اِهو دلي لڳاءُ نه صرف عزت، احترام ۽ سهڻي ورتاءُ سبب جڙندو آهي بلڪ ڪڏهن ڪڏهن اِنهي لڳاءُ جو مکيه سبب سامهون واري شخص جو ڪم به هوندو آهي. ضروري ناهي ته سندس اُهو ڪم يا ڪرت ڪنهن مخصوص شهبي سان سلهاڙيل هجي پر تڏهن به اِهو بي حد ضروري آهي ته توهان اُن شخص سان ڪهڙي نسبت سبب جُڙيل آهيو. دنيا جهان جي ڪم ڪارن عيوض مجموعي طور تي هر قسم جي ماڻهن سان ملڻ جلڻ ٿيندو آهي ۽ ڪن سان مختصر ته وري ڪن سان تويل ڪچهريون به ٿينديون رهنديون آهن. تڏهن به مون کي ماڻهو ياد گهٽ رهندا آهن. گهڻن يارن جا ته نالا ئي ماڳهين مون کان وسري ويندا آهن. آئون ماڻهن جي ميڙ مان جيڪڏهن ڪن کي ياد رکڻ چاهيندو به آهيان ته اُنهن مان اُهي ئي ماڻهو سرفهرست آهن جيڪي تخليقڪار آهن. مطلب ته ڪنهن نه ڪنهن نموني ادب سان سلهاڙيل آهن. ادب لکن ٿا يا وري ادب پڙهن ٿا. ادبي ماڻهن سان ميل جول ڪرڻ توڙي انهن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ ۾ مون کي دلي سڪون ملندو آهي. ڇو ته هِي اُهي ماڻهو هوندا آهن جيڪي عام رواجي موضوعن کان هٽي ڪري سوچيندا آهن. هنن جو نقطه نظر ٻين کان الڳ هوندو آهي. هنن جو سوچڻ، لوچڻ ۽ اُٿڻ ويهڻ جو انداز بنھ نرالو هوندو آهي ۽ هن قسم جا ماڻهو ئي اڳتي هلي ڪري تاريخ جوڙيندا آهن.
آئون هتي توهان سان جنهن ارادي سان مخاطب ٿيو آهيان. اُهو ارادو اِهو هُو ته اڄ اُنهي شخص سان اوهان جي ملاقات ڪرايان، جنهن شخص جا نظم اڃا تائين ڪنوارا آهن. سندس نظمن جا موضوع انتهائي معصوم هوندا آهن. اِها ساڳي معصوميت سندس چهري ۾ به نمايا طور تي نظر ايندي آهي. سندس تعارف کان پهريان ڇو نه سندس هڪڙو نظم اوهان اڳيان خدمت ۾ پيش ڪجي، جنهن کي پڙهي ڪري توهان پاڻ ئي اِهو اندازو لڳايو ته همراھ واقعي معصوم آهي يا مون ٺڪاءُ هنيو.

مٺا هُو منتظر تنهنجو،
صدين کان هو،
صدين جي لئه،
پئي تاريخ سوچيندي،
پئي تاريخ لوچيندي،
سڄو ئي سونهن جو ساگر،
جواني ۽ جياپو هي،
ويو ارپي اوهان جي لئه،
ڏئي ترتيب هو پنهنجي،
ڪري قيدي ها لفظن کي،
بڻائي بند جا پاڇا،
اوهان جي لئه رڳو سوچي،
اوهان جي لئه رڳو لوچي،
پهر جي لهر ۾ لڙهندي،
ڪناري ٻئي وڃي پهتو،
مٺا تاريخ سوچيندي،
مٺا تاريخ لوچيندي،

ستارن جي مثل سپنا،
اُڻي سڀ عارضي سارا،
اوهان جي يار اکڙين ۾،
ڇڏي منظر سڀئي پيارا،
دلين جي ديس مان ڀلجي،
کڻي سڀ خيال هو ڪورا،
اوهان جي يار راهن ۾،
ستارا سار جا ٽانڪي،
دلين جي دار مان جهانڪي،
سکي ۽ سنڌ جي سانگي،
ڪناري ٻئي وڃي پهتو،
مٺا تاريخ سوچيندي،
مٺا تاريخ لوچيندي،

ڪرڻ پورا وچن واعدا،
وٺي ٻيهر جنم مٺڙا،
ڪري تاريخ ۾ سڏڙا،
وٺي واٽون اُهي ساريون،
سانوڻ ثابت ڪري ايندو،
مٺا هو منتظر تنهنجو،
صدين کان هو صدين جي لئي،
پئي تاريخ سوچيندي،
پئي تاريخ لوچيندي،

ادب هڪ اهڙي پناه گاھ آهي، جتي خوابن ۽ خيالن جو هڪ ٻي سان ملڻ ٿيندو آهي. جتي لفظ خوشبو وکيريندا آهن ۽ اهل دل اُنهي خوشبو مان سيراب ٿيندا آهن. اکين جي اُڃ صفحن کي ڏسڻ سان ختم ٿيندي آهي. ماڻهو ته مڙئي ماڻهو آهي ڪڏهن ڪئين آهي ته ڪڏهن ڪئين آهي. ڪڏهن پورو ڪتاب هڪ ئي ساهي ۾ پڙهيو ڇڏي ته وري ڪڏهن هڪ ئي صفحي يا هڪ ئي نقطي تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ اٽڪيو خاموش ويٺو هجي. تنهن هوندي به من جي مونجھ يا اندر جي آند مانڌ کي ماٺار بخشڻ لاءَ ماڻهو کي ادب جو ئي پاسو وٺڻو پوندو آهي. اِنهي اُڻ تُڻ ۾ دل کي تسڪين ڏيڻ لاءَ مجموعي طور هر ڪو شاعري کي ٻُڌڻ يا شاعري کي پڙهڻ ئي پسند ڪندو آهي. ڇو ته شاعري ماضي جو عڪس ڏيکاريندي، مستقبل لاءَ سُجاڳي جو سنهيو کڻي ايندي آهي.
اسان جو هي نوجوان دوست به گهڻي وقت کان ادب ۾ پناھ گاھ ڳولهي رهيو آهي. سندس مطالعي ۾ جيتوڻيڪ اردو ادب جا ڪتاب گهڻا آيا آهن ۽ هن وقت به سندس مطالعي جي ميز تي سنڌي ادب کان وڌيڪ اردو ادب جا ئي ڪتاب هوندا. تڏهن به سندس تَخَيَل ۾ ٻنهي ٻولين جا نظم جنم وٺن ٿا. سندس لکيل نظمن ۾ سنڌي توڙي اردو نظمن جو هڪ ٻي سان ڀيٽ نه ٿي ڪري سگهجي ڇو ته کيس سندس ٻنهي ٻولين ۾ لکيل نظم بي پناھ عزيز آهن. اسان هڪڙن جي چونڊ ڪري ۽ هڪڙن کي پوئتي نه ٿا رکي سگهون. اسان جي اَن عمل سان سندس روح رنجيده ٿيندو. ادب ۾ ترجمي کي وڏي اهميت حاصل آهي ۽ اِهو پڻ سچ آهي ته ترجمي جو فن اچڻ يا ترجميڪاري سکڻ به هڪ وڏي جدوجهد آهي. ترجمي لاءِ ٻولي جي سڀني گُهرجن کي پورو ڪري پوءِ ئي هن ڪَٺن ڪم ۾ هٿ وجهبو آهي. آئون سوچيندو آهيان ته هن نظم جهڙن شاهاڪار نظمن کي جيڪر ٻين ٻولين ۾ به ترجمو ڪريان ته جئين ٻيا به پڙهي سگهن.
پر آئون سانوڻ جي نظمن کي سنڌي مان اردو ۽ اردو مان سنڌي جو ويس پارائڻ جي جسارت صرف اَن ڪري نه ڪري رهيو آهيان جو هي يار پاڻ هنن ٻنهي ٻولين ۾ پاڻ ملهائي رهيو آهي. ها باقي سندس سان اهو واعدو ضرور آهي ته جڏهن منهنجي انگريزي سُٺي درجي تي پهتي ته آئون سندس نظمن کي انگريزي جو لباس ضرور پارائيندس. پر ائين نه ٿي جو اِهو ڪم به هي يار پاڻ ئي ڪري ڇڏي ۽ اسان ائين جو تئين ئي رهجي وڃون. هاڻ اِهو فيصلو وقت تي ڇڏجي ٿو ته ڏسون وقت ڪنهن کي ٿو موقعو فراهم ڪري. سانوڻ انتهائي نفيس شخصيت جو مالڪ آهي. جنهن سبب سندس دوست به مختصر آهن. پر جيڪي سندس دوستن جي حلقي ۾ اچن ٿا اُهي به ڪي عام رواجي ماڻهو ڪونه آهن. هن وقت اسان جو هي يار ڪراچي جي هڪ وڏي اداري ۾ وڪالت جي ڊگري ڪري رهيو آهي. يقينن هي پيشو به هڪ اهم ۽ وڏي ذميواري وارو پيشو آهي. هن پيشي سان منسلڪ ماڻهن جو سنئون سڌو واسطو عام ماڻهن جي اهنجن ۽ تڪيلفن کي گهٽائڻ سان هوندو آهي. هر وڪيل جي اِها ڪوشش هوندي آهي ته سندس وٽ آيل شخص کي جلد از جلد انصاف ملي سگهي ۽ سندس تڪليفون دور ٿي سگهن. جيڪڏهن هڪڙو باشعور ۽ ٻين جو احساس ڪندڙ ماڻهو هن شعبي جي چونڊ ڪري ٿو ته اُنهي شخص مان اسان کي بهتري جي توقع ڪرڻ کپي. ڇو ته ڪوبه پيشو ٻي پيشي کان اهم يا مٿي ڪونه هوندو آهي. هر هڪ پيشي جي پنهنجي ضرورت ۽ اهميت هوندي آهي. برحال جيڪڏهن وڪيل شاعر ٿين ته اِها وڏي ڳالھ ڪونه چئبي. پر جيڪڏهن شاعر وڪيل ٿين ته اِها ڳالھ ضرور وڏي چئبي. ڇو ته شاعر جي وڪيل ٿيڻ سان اُنهي شاعر کي لکڻ لاءَ کوڙ سارا نوان موضوع ملي ويندا. اهڙا موضوع جيڪي عام ماڻهن جي طرز زندگي جي عڪاسي ڪندا ۽ اسان توهان کي انهن جي معمول واري حالاتن کان آگاھ ڪندا. سو هن يار جو وڪيل ٿيڻ به اسان لاءَ انتهائي خوشي جهڙي ڳالھ آهي. اسان وڪيل نه ٿياسين ته مڙئي خير آهي. اسان جو يار ته وڪيل ٿئي پيو ۽ تمام جلد ٿي ويندو.
مجموعي طور دنيا ۾ جيڪي به ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون، اُنهن ٻولين جي ڳالهائڻ، لکڻ توڙي پڙهڻ جا هڪ اصول ۽ ضابطه طئي ٿيل هوندا آهن. جنهن کي سنڌي ۾ ويا ڪرڻ ۽ انگريزي ۾ گرامر چئبو آهي. اِنهي جي برعڪس وري ادب ۾ جيڪو اسلوب اختيار ڪيو ويندو آهي سو بنھ الڳ ۽ نرالو هوندو آهي. ادب ۾ پنهنجي اظهار جي لاءِ گرامر جي قطعي ضرورت ڪونه هوندي آهي. ادب ۾ خيال کي وڏي اهميت حاصل آهي. خيال جيترو پڪو، پختو ۽ لوزومات سان ڀريل هوندو پڙهندڙ کي اوترو ئي سُرور ۽ مزو ڏيندو. سندس هنن سٽن کي پڙهي ڪري مون کي ائين لڳو ڄڻ هن هڪ نه بلڪ هزارين دلين جي هنن ٻن سٽن ۾ نمائدگي ڪئي آهي.

خیال تیرا تو سانس جیسا ہے،
یہ نہ آئے تو مر نہ جاؤں میں.

تلاش، جاڳ، سُجاڳ ۽ نراس واريون ڪيفيتون انساني مزاج کي ئي مَٽي ڇڏينديون آهن. هي ڪائنات ته مڙني ڳجهن رازن سان ڀريل آهي. هڪڙو راز هٿ لڳي ٿو ته وري ڪا نئين ڳجھ پاڻهي ڄاڻ دريافت ٿي پوي ٿي. ماڻهو اِنهي تلاش ۾ ڪڏهن پنهنجي پاڻ کي وڃائي ويهندو آهي ته وري ڪڏهن اُنهي کان ٻيو گهڻو ڪجھ وڃائجي ويندو آهي ۽ انهي لامن لوڏن ۾ زندگي جو گاڏو پيو هلندو آهي. اسان جون پنهنجي پاڻ ۾ ايتريون اُميدون ڪونه هونديون آهن، جيتريون اسان جو ٻين سان اميدون واڳيل هونديون آهن. جڏهن اُهي اُميدون پوري ٿيندي ڏسڻ ۾ ڪونه اينديون آهن ته اسان ڏاڍا رنجھ ٿي پوندا آهيون. اسان کي وڏو صدمو رسندو آهي. پنهنجي پاڻ کي انهي طريقي جي صدمن کان بچائڻ جو هڪڙو ئي سولو طريقو آهي ته ماڻهو ادب سان جُڙي وڃي ۽ پاڻ توڙي ٻين جي دلين کي لفظن جي سمنڊ آڇي ڪري سيراب ڪندو رهي. سانوڻ هي ڪم نظم ۾ ڪري رهيو آهي ۽ وري اسان هي ساڳيو ڪم نثر ۾ ڪري رهيا آهيون. ٻنهي جو ڪرت ساڳيو آهي بس طريقو هڪ ٻي کان ٿورو مختلف آهي. دعا آهي ته سندس هي سفر اڳ کان اڳڀرو رهي ۽ سندس ڏات هن سموري ڏيھ کي موهي وجهي!

اکين ۾ اوجاڳن عڪس ٺاهي ڇڏيا آهن!

عظيم ناولنگار گورڪي چيو آهي ته؛ ”مون ۾ جيڪا به سٺائي آھي اُها ڪتابن جي بدولت ئي آھي مون جواني ۾ ئي ڄاڻي ورتو هو ته ڪائنات جي ٻي هر چيز جي نسبت، ادب ۽ آرٽ ئي سخي هجن ٿا“. انسان ڪيفيتن جو محتاج مسافر آهي، زندگي هر پل نوان امتحان وٺي ٿي ۽ اُنهن مان حاصل ٿيندڙ نتيجن جي آڌار تي وري نوان امتحان پوسٽ مين طرفان پڪڙايل لفافي وانگر هٿ ۾ ڏئي ڪري هلي وڃي ٿي ۽ اسان گهڻي عرصي تائين زندگي طرفان آڇيل نون پيچرن تي هلڻ لاءِ سوچيندا رهندا آهيون. انهي سوچ ويچار ۽ ٻُڏتر واري حالت ۾ اسان کوڙ سارا تجربا به ڪريون ٿا، ڪتاب پڙهون ٿا، فلمون ڏسون ٿا. پنهنجي پاڻ کي مطمئن ڪرڻ لاءِ تقريرون ٻڌون ٿا. ڪٿي فائدو رسندو آهي ته وري ڪٿي جان کي جوکم ۾ وجهڻ کانپوءِ به هڙ جئين جو تئين ئي خالي رهجي ويندي آهي. اکيون خواب ڏسنديون آهن ۽ اُنهن خوابن کي ساڀيان واري نهج تي پهچائڻ لاءِ اسان کي هي نماڻي دل مجبور ڪندي آهي. ماڻهو گهڻن ئي جاين تي مجبور ٿيندو آهي. جواني ۾ عشق جي ڪري مجبور ٿيندو آهي، عشق کانپوءِ خاندان کي سنڀالڻ ۽ روزگار جي حاصلات لاءِ حالتن کان مجبور ٿيندو آهي، اهڙي طرح وري روزگار جي هوندي پنهنجي ساک ۽ سالميت کي برقرار رکڻ لاءِ پنهنجي بالا آفيسر آڏو مجبور ٿيندو آهي. سموري ڄمار سندس اِها مجبوري کانس کوڙ سارا ڪم ڪرائيندي آهي ۽ سندس چاهيندي يا نه چاهيندي کانس کوڙ سارا اڻ وڻندڙ ۽ پسند نه ايندڙ ڪم به ڪرائي وٺندي آهي. زندگي جي اِها ٺڳي ۽ دولابي کي ڏسندي ڪي ماڻهو پاڻ سنڀالڻ ۾ ڪامياب ويندا آهن ته وري ڪي ماڻهو زندگي کان شڪايتون به ڪندا آهن. اِئين ئي زندگي جو هي سفر خوشي، مايوسي يا نا اميدي جي باوجود به ڪٽجي ٿو وڃي. هڪڙا ماڻهو چاهيندا آهن ته اُنهن کي ٻيا ڏسن ته اُنهن جون اکيون ٺري پون ۽ اُنهن کي اکين ۾ سرمو وجهڻ جي ضرورت ئي نه پوي، ساڳي جاءِ تي وري ٻيا ماڻهو اِنهي سوچ جا به آهن ته انهن کي جنهن مهل ٻيا ڏسن ته اُنهن جو اندر جيرو ۽ پتو مطلب ته سمورو سامان سڙي رک ٿي وڃي.
يوناني چوڻي آهي ته؛ ”ديوتا جڏھن ڪنهن هستيءَ کي مٽائڻ جو پڪو پھ ڪندا آھن ته سڀ کان پهريائين انهيءَ وجود اندر ڪاوڙ ۽ ڪروڌ ڀريندا آھن.“ اهڙن ئي حاسدن جي ناقص سوچ ڪري معاشرو بي روي جو شڪار آهي ۽ اسان جا سماجي رويا سُڌرڻ جي بجاءِ آئي ڏينهن خراب ٿيندا ٿا وڃن ۽ اسين سڀ خاموش تماشائي بڻيل آهيون. توهان ڪڏهن اِنهي ڳالھ تي سوچيو آهي ته اسين پنهنجي ماضي کي ياد ڪري خوش ڇو ٿيندا آهيون؟ ممڪن آهي ته هر ڪنهن جو ماضي شاندار نه هجي تڏهن به اسان جو ماضي ۾، ڪجھ نه ڪجھ، گهڻو نه ئي سهي ٿورو ئي سهي، اِهڙو ڪجھ ضرور هوندو آهي جنهن کي ياد ڪري اسان جو من باغ و بهار ۽ تر و تازه ٿي پوندو آهي. اسين چاهيندا آهيون ته اُهي ڏينهن واپس اچن ۽ اُنهن ڏينهن جي حسين گهڙين کي وري محسوس ڪرڻ جو چس حاصل ڪريون. پر اِئين ممڪن ڪٿي آهي؟ اسين اُنهن يادن کي سنڀاليندي صرف لطف اندوز ٿي سگهون ٿا باقي وقت جي ڪانٽي کي پوئتي ڦيرائي ساڳي جاءِ تي آڻي ساڳيو ماحول نه ٿا جوڙي سگهون. يوناني چوڻي آهي ته؛ ”وڏو ڪم ڪريو پر وڏي دعوي نه ڪريو.“ ڇو ته اسان پاڻ وڏي دعويٰ ڪري پنهنجي حيثيت کي ميساري سگهون ٿا. اسان کي انهن ڪمن تي قدرت حاصل ڪونه آهي. اسين ماضي مان سکي سگهون ٿا. ماضي کي ياد ڪري مستقبل لاءِ ڪجھ ڀلو سوچي سگهون ٿا. پاڻ توڙي پنهنجي آس پاس جڙيل فردن لاءِ ڪا آساني پيدا ڪري سگهون ٿا. پر اسين ائين ڇو ڪنداسين؟ اسان کي اهو سيکاريو ئي نه ويو آهي. اسان کي ننڍي هوندي کان اُستادن، والدين ۽ هن معاشري مجموعي طور تي اِهو ئي سيکاريو آهي ته اوهان کي اڳتي نڪرڻو آهي. ايترو اڳتي جتي ڪو ٻيو پهچي سگهڻ جي سگھ ئي نه رکي. اسان اهڙن ڪار آمد تجويزن تي اکيون ٻوٽي ڪري اعتبار ڪندا آهيون. زندگي جي اصل روپ ۽ رنگ کي سمجهڻ جي بدلي مقابلي واري جهان ۾ داخل ٿي ويندا آهيون. پنهنجي پاڻ کي سرخرو ڪرڻ لاءِ انڌ جي گهوڙي تي سوار ٿي ڪري ايتري تيزي سان اڳتي نڪري ويندا آهيون جو ڪڏهن ڪڏهن اسان پنهنجي پاڻ کان به ڳولهيا نه لڀندا آهيون. هڪ نظر پوئتي نهار ڪري نهاريندا آهيون ته پوئتي ڌُنڌ کان علاوه ٻي ڪا به شئي اسان کي نظر نه ايندي آهي. زندگي جي اِها اڻ مڌائتي رفتار اسان کان گهڻو ڪجھ کسي وٺندي آهي. پيار، پهجائپ، دوستي، رشتيداري ۽ ٻيو گهڻو ڪجھ، ماڻهو املھ آهي سندس ملھ کي صرف محبت ۾ ئي ماپي سگهجي ٿو. اِهڙي طلسماتي ماحول ۾ وري به سڄي ڪايا ڪرتا کي سانڀڻ جو ڪم اکيون ئي ڏينديون آهن. اکين تي کوڙ سارا الظام به لڳندا رهيا آهن. اکيون روئنديون به آهن ته وري ڪڏهن ڪڏهن اکيون اتفاق سان کلنديون به آهن. اوهان ڀلي اکين ۾ پلجندڙ سنهرن خوابن جا انڪاري هجو پر اکين مان وهندڙ گرم پاڻي کي روڪي نه ٿا سگهو. اوهان جون اکيون اوهان جي اختيار ۾ ڀل ڪيڏيون به هجن پر تڏهن به کين ڪڏهن ڪڏهن هيڏانهن هوڏانهن جهاتي پائڻ کان اوهان روڪي نه ٿا سگهو. زندگي بنا اصولن جي ئي بهتر نموني گذاري سگهجي ٿي. زندگي کي سئين دڳ تي لائڻ لاءِ ڀلي ڪجھ اصول شروعات ۾ ٺاهڻ گهرجن پر سموري ڄمار اصولن جي زنجير ۾ پاڻ کي اٽڪائي رکڻ ڪٿان جي دانشمندي آهي؟ فارسي چوڻي آهي ته؛ ”وڌيڪ علم اهو ئي ڄاڻي سگهندو جيڪو اکرن جو علم ڄاڻي ٿو.“ هن چوڻي جي تسلسل سان آئون اِهو ئي چوندس ته اکرن جو علم ڄاڻيندڙ فرد ڪڏهن به اصولن ۾ پاڻ کي قابو ڪري زندگي نه ٿو گذاري سگهي.
اسان هڪ اِهڙي معاشري جا حصا آهيون جنهن معاشري ۾ داناءُ، ڏاهپ جا ڏس ڏيندڙ ۽ مفت ۾ تجويزن جا ڳنڍ کوليندڙ کوڙ سارا ماڻهون موجود آهن. اوهان عمر جي ڪهڙي به حصي ۾ هجو اوهان کان باقاعده سوال پڇيا ويندا. هڪ دفعو نه بلڪ کوڙ دفعا ساڳيا سوال يا هڪجهڙائي رکندڙ هڪ ٻي سان ملندڙ جلندڙ سوال پڇيا ويندا. اچو ته ڏسون، ماڻهون اوهان کان ڇا ٿا پڇن ۽ ڪئين ٿا پڇن! ڪجھ منٽن لاءِ اوهان تصور ڪريو ته اوهان ننڍا ٻار آهيو. هاڻ انهي ننڍپڻ واري زماني ۾ اوهان سان جيڪو ڄاتل سڃاتل اوهان جو ڪو مٽ مائٽ ملندو ته ملڻ شرط ئي اوهان کان پڇندو؛ ”ڪنهن جو پُٽ آهين؟.“ انهي سوال کان پوءِ سگهو ئي يڪدم پڇندو ته؛” پڙهندو آهين؟“ جيڪڏهن اوهان جواب ۾ ها چيو ته انهي سوال جي مٿان ٻيو سوال ٿاڦيندي پڇيو ويندو ته؛” ڪهڙي ڪلاس ۾ پڙهندو آهين ۽ ڪهڙي اسڪول ۾ ٿو پڙهين؟“
اوهان سوال پڇندڙ کي ٻڌايو ته؛”آئون جمن موچي جو پٽ آهيان ۽ ڇهين ڪلاس ۾ پنهنجي اسڪول جي سرڪاري اسڪول ۾ اُستاد آچر وٽ پڙهندو آهيان.“ اوهان جو جواب ٻڌي سامهون وارو شخص خاموش ٿي ويندو. هاڻ سرڪاري اسڪول جي غريب ماستر وٽ پڙهندڙ شاگرد کان انهي سوال کان هاڻ اڳتي ڇا پڇجي.
همراھ چُپ ٿي ويندو. کيس اندازو ٿي ويندو ته اوهان ڪيتري حد تائين پاڻي ۾ آهيو. انهي جي برعڪس جيڪڏهن اوهان کيس ٻڌايو ته؛ ”منهنجو نالو عرفان آهي ۽ آئون سيٺ خميسي جو پٽ آهيان جنهن جا شهر ۾ وڏا وڏا دڪان ۽ ڪاروبار آهن، آئون شهر جي وڏي اسڪول ۾ ڇهين درجي جو شاگرد آهيان.“ اوهان جو جواب ٻُڌي سامهون وارو همراھ پنهنجا سفيد يا پيلا ڏند اوهان جي سامهون چمڪائڻ شروع ڪندو ۽ سندس گفتگو ۾ نکار اچي ويندي. اوهان جي والد صاحب جي عهدي، پئيسي ۽ اوهان جي ظاهري سهڻي، سيبتي ڏيک کي ڏسي ڪري سندس رويو نفيس پڻي ۾ تبديل ٿي ويندو. اِهو آهي اسان جو سماجي رويو جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اسان وٽ علم جي حاصلات ۽ اهل علم، شعور لاءِ پاڻ پتوڻيندڙ شخصن جي ڪيتري اهميت آهي ۽ اِنهي جي ڀيٽ ۾ اسان وٽ عهدي، پئيسي ۽ ٺٺ ٺانگر جي ڪيتري اهميت آهي، اسان صدين کان جنهن نموني سماجي روين کي هٿي ڏني آهي ۽ جيڪي نوان رويا تخليق ڪيا آهن انهن جو جواب ائين ئي سامهون اچي ٿو. ماڻهو جڏهن به اسان کان اسان جي ذاتي زندگي، تعليم يا عهدي متعلق پڇندا آهن ته اُن وقت اُنهن جي پڇڻ ۾ گهڻي قدر سڄڻ پائي ڪونه هوندي آهي.
اُهي اسان کان همدردي طور اسان جي حالت معلوم ڪرڻ ڪونه چاهيندا آهن پر اُن جي پٺيان انهن جو اِهو مقصد هوندو آهي ته سامهون وارو شخص هن عهدي، منزل يا مقام تي ڪهڙي نموني پهتو آهي. ڪهڙن جائز ۽ ڪهڙن ناجائز رستن تان لنگهي ڪري هن اِها ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. خدانخواسته جيڪڏهن اوهان جي ڪاميابي، عهدي يا منزل جي حاصل ڪرڻ واري سفر ۾ ڪنهن اڻ وڻندڙ واقعي يا حادثي جو رونما ٿيڻ ٿئي ٿو يا ڪا اهڙي يادگيري آهي ته پوءِ پڪ سمجهو ماڻهن جون پنجئي آڱريون اوهان طرف هونديون. اوهان جي ڪاميابي کي ناڪاميابي طور ثابت ڪرڻ ۾ ماڻهون ڪا به قصر ڪونه ڇڏيندا. اوهان جو تذڪرو هر اُن ماڻهو جي زبان تي هوندو جيڪو اوهان کي ذليل، خوار ۽ دربدر ڏسڻ جو خواهش مند آهي. زندگي جي اِنهي مرحلي کانپوءِ اوهان جواني واري مرحلي ۾ داخل ٿيندا آهيو. زندگي جو هي مرحلو انتهائي نگهداش ۽ سار سنڀال وارو مرحلو آهي. جواني ۾ ماڻهون گهڻو ڪجھ سکڻ سان گڏ گهڻو ڪجھ سمجهندو به آهي. جواني ۾ پيار، عشق، پڙهائي، مٽي مائٽي توڙي مستقبل جي لاءِ ماڻهو سوچڻ شروع ڪندو آهي. عمر جي هن حصي ۾ هڪ ئي وقت اوهان کي کوڙ سارا معاملا ڏسڻا، سمجهائڻا ۽ سلجهاڻا پوندا آهن. هي مرحلو ٽن حصن تي مشتمل آهي. پهرين مرحلي ۾ توهان جي پڙهائي، ٻي مرحلي ۾ اوهان جي نوڪري ۽ ٽين مرحلي ۾ اوهان جي شادي ۽ گهر ٻار اچي وڃن ٿا. هاڻ اوهان جواني جي پهرين مرحلي ۾ آهيو ۽ اوهان بطور شاگرد پنهنجي زندگي گذاري رهيا آهيو. اوهان سان ماڻهو ملندا هوندا، ڪجھ نون ماڻهن سان واقفيت ٿيندي هوندي ۽ وري ڪجھ پراڻن ماڻهن سان واقفيت هوندي گهڻي عرصي کان پوءِ ميل ملاقات ٿيندو هوندو. اوهان سان ملندڙ اڪثر ماڻهو اوهان کان پڇندا ته؛”ابا ڪهڙي اداري ۾ پڙهي رهيو آهين ۽ ڇا پڙهي رهيو آهين؟“. هاڻ سوال ۾ ٿوري تبديلي آئي آهي. عمر جي هن حصي ۾ اوهان کان اسڪول بدران ڪنهن وڏي اداري جو پڇيو ويندو ۽ انهي سان گڏ ڪلاس جي بدران اوهان کان شعبي جو پڇيو ويندو، هاڻ سموري ڄمار ماڻهو پاڻ جنهن شعبي ۾ ڪاميابي ماڻي نه سگهيو يا پنهنجي آل اولاد مان ڪنهن فرد کي اُن عهدي تي نه پهچائي سگهيو. پوءِ اُهو ماڻهو اوهان جو جواب ٻڌي اوهان کي چوندو؛”پُٽ اَن کان بهتر هو ته تون وڪالت ڪرين ها. اَن کان بهتر هو ته پُٽ تون ڊاڪٽري ڪرين ها. اِنهي تو واري شعبي ۾ نوڪريون اچن ئي ڪونه ٿيون.“ هائي هائي ڇا ته سادگي پسند قوم آهي جيڪا ٻين کي ڏسي ڪري پاڻ کي سُڌارڻ جا گس پئي ٿي ڳولهي. ائين ئي ماڻهو توهان کي پنهنجي ذاتي پسند مطابق رايا ڏيندا ۽ نيون تجويزون اوهان جي سامهون رکندا. ڪوبه فرد اوهان کان اِهو ڪونه پڇندو ته اوهان جي پنهنجي خواهش ڇا آهي، اوهان ڪهڙي شعبي ۾ وڃڻ چاهيو ٿا. نه نه اِهو پڇڻ ڄڻ ته ڪو وڏو ڪبيرا گناھ هجي. والدين سڳورا به ٻين جي چوڻ تي لڳي پنهنجي اولاد جا پاڻ ئي دشمن ثابت ٿين ٿا. اُهي پنهنجي اولاد کي فطري صلاحيتن جي ابتڙ شعبن ۾ موڪلي اُنهن کي تباهي ڪناري پهچائي ڇڏين ٿا. هي هڪ اهڙيون حقيقتون آهن جن کان ڪڏهن به انڪار نه ٿو ڪري سگهجي. اکين ۾ ٺهندڙ اوجاڳن جي ڪري عڪس واري ڪهاڻي کي سمجهڻ لاءِ هن مضمون جي شروعات ۾ لکيل گورڪي جي چوڻي کي هڪ دفعو ٻيهر پڙهو. اوهان کي سمورو قصو سمجھ ۾ اچي ويندو.

(روزاني امڪان حيدرآباد، ڇنڇر 12 سيپٽمبر 2020ع)

حصوٻيو: مضمون

---

نوڪري واري ٽيسٽ ڪيئن ڏجي؟

ٿيندو ائين آهي ته جڏهن اسين ڪنهن نوڪري جي حاصلات لاءِ ٽيسٽ ڏيڻ ويندا آهيون ته اڪثر ڪري اسين ڪجهه گهٻرائجي ويندا آهيون بس هڪڙي ئي ڳڻتي هوندي آهي ته سوال اَلائي ڪهڙي نوعيت جا هوندا؟ سوال اَلائي ڪٿان ۽ ڪهڙا ايندا؟ انهي مونجهاري واري حالت ۾ اسان جو ذهن منتشر ٿيڻ لڳندو آهي ۽ اسين اڻ ڄاتل توڙي اڻ ڏٺل خوف ۾ مبتلا ٿي ڪري سڄي ساري ٽيسٽ جو خانو خراب ڪري ايندا آهيون. سڀ ڪجھ پڙهيل هجڻ جي باوجود به امتحاني حال ۾ اسان جي کوپڙي خالي ٿي ويندي آهي ۽ اسان ٽيسٽ غلط ڪري ايندا آهيون جنهن سبب بي روزگاري اسان جو مقدر بڻجي ويندي آهي. اچو ته اِهو سکون ته نوڪري واري ٽيسٽ ڪئين ڏجي ۽ ڪهڙن اصولن تي پيرا عمل ٿي ڪري پاڻ هر قسم جي ٽيسٽ کي پاس ڪري سگهون ٿا.
سڀ کان پهريان ته توهان ائين ڪندا ڪريو ته ٽيسٽ ۾ جيڪڏهن ڪوئي تفصيلي مضمون انگريزي ۾ ڏنل آهي ته اُنهي مضمون کي پڙهڻ يا اُنهي جا جواب تلاش ڪرڻ بجاءِ اُنهي کي فلحال ڇڏي ڏيو. ڇو ته ٿيندو ائين آهي جو ڪافي اميدوار انهي مضمون کي پڙهڻ، سمجهڻ توڙي انهي مان جواب تلاش ڪرڻ جي چڪر ۾ سوالنامي ۾ مليل باقي سوالن جا جواب ڳولڻ ۾ ناڪام ويندا آهن. ڇو ته اُنهي مضمون جي نوعيت ئي ڪجھ اهڙي هوندي آهي جنهن سان وقت جو ڳپل حصو اتي ئي کپي وڃي ٿو. پيراگراف کي ڇڏڻ کان پوءِ پوري پيپر کي ٽن چڪرن (Rounds) ۾ حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو. پهرين رائونڊ ۾ اُنهن سوالن جا جواب ٽَڪ ڪريو جن جي جوابن تي توهان کي مڪمل طرح سان اعتماد هجي ۽ اُهي توهان جا باقاعده سان پڙهيل هجن. اڃا به ائين کڻي چئجي ته جن تي توهان قسم کڻي سگهو ته هن فلاڻي سوال جو هي فلاڻو جواب آهي.
ائين ئي وري سيڪنڊ رائونڊ ۾ اُنهن سوالن جا جواب ڏيڻ شروع ڪريو جن سوالن جي جوابن تي توهان کي ٿورو ٿڪو مونجهارو هجي. مطلب ته جن جي جوابن تي توهان ڪو حتمي فيصلو نه ٿا ڪري سگهو، اِهڙن سوالن جي جوابن تي ٿورو غور فڪر ڪري، گهڻو وقت وڃائڻ جي بجاءِ، سگهو ئي اُنهن جا گهربل جواب ڏئي اڳتي وڌڻ شروع ڪريو. آخري رائونڊ ۾ اُنهن سوالن جا جواب ڏيڻ شروع ڪريو جن جي جوابن جي توهان کي قطعي به ڪا معلومات نه آهي يا توهان جي علم ۾ ڪونه آهن. هڪ اهم ڳالھ اِها به ياد رکو ته توهان کي هنن ٽنهي رائونڊن ۾ مليل سوال نامي جي صفحن کي شروع کان آخر تائين اُٿلائڻو ڀٿلائڻو آهي. انهن مرحلن کان واندو ٿي ڪري پوءِ پيراگراف کي پڙهو ۽ اُن جا جواب ڏيڻ شروع ڪريو.
هن طريقي سان توهان جو کوڙ سارو وقت به بچي پوندو ۽ توهان ذهني طور به ڪنهن مونجهاري جو شڪار ڪونه ٿيندا. پهرين رائونڊ ۾ انهن سوالن جا جواب جن تي مڪمل اعتماد آهي. (سوال نمبر پهرين کان آخري سوال تائين). ٻي رائونڊ ۾ اُهي سوال، جن جي جوابن ۾ مونجهارو آهي. (سوال نمبر پهرين کان آخري سوال تائين). آخري رائونڊ ۾ اُهي سوال، جن جي جوابن جي اصلي خبر ئي ڪونه آهي. (سوال نمبر پهرين کان آخري سوال تائين) هن طريقي سان توهان ڪا هڪ ٽيسٽ ڏئي ڏسو، آئون اِنهي ڳالھ جي دعواه ٿو ڪريان ته توهان جي ڪاميابي يقيني آهي. هي تجويزون صرف خالي کوکليون تجويزون ڪونه آهن بلڪ منهنجي پنهنجي طرفان ذاتي بنيادن تي آزمايل آهن.

نوڪري جي لاءِ انٽرويو ڪيئن ڏجي؟

انساني زندگي جي هن سفر ۾ ڪجھ اِهڙيون شيون به اسان جي سامهون اينديون آهن جن جي پورائي يا تڪميل لاءِ ماڻهو کي پنهنجي پاڻ کي مڪمل طور تي تيار ڪرڻو پوندو آهي. تڏهن ئي وڃي ڪري کيس سندس اُنهي مقصد ۾ ڪاميابي نصيب ٿيندي آهي. اِهڙن ئي معاملن منجهان هڪ اهم معاملو نوڪري لاءِ انٽرويو ڏيڻ وارو معاملو به آهي. انٽرويو جيتري قدر سُٺي نموني سان پايا تڪميل تي پهچي ٿو نوڪري ملڻ جا امڪان به اوتري ئي قدر وڌيڪ هجن ٿا. اِنهي لاءِ ڪنهن به شعبي، ڪمپني يا سرڪاري توڙي نيم سرڪاري اداري ۾ نوڪري جي مقصد سان ويندڙ اميدوار جيڪڏهن ڪامياب انٽرويو ڏيڻ چاهي ٿو ته کيس انٽرويو کان پهريان هنن بنيادي ڳالهين کي ذهن نشين ڪرڻو پوندو جنهن کان پوءِ سندس انٽرويو کي ڪوبه فرد ڪامياب ٿيڻ کان روڪي نه ٿو سگهي.

وقت جي پابندي
وقت جي پابندي هر جڳھ تي اهميت رکي ٿي. ڇو ته هر هڪ ڪم ۽ عمل جو واسطو وقت سان هوندو آهي. وقت سان ئي وقت سر شين جي ڇنڊ ڇاڻ ٿيندي آهي. جنهن جڳھ تي اوهان کي انٽرويو لاءِ پهچڻو آهي ڪوشش ڪريو ته گهربل وقت کان ڪجھ ساعتون پهريان توهان اُنهي جڳھ تي پهچي وڃو. اِنهي سان توهان کي فائدو اِهو ٿيندو ته توهان اُنهي جڳھ جي ماحول کان ٿورن ئي گهڙين ۾ واقفيت حاصل ڪري وٺندا ۽ توهان کي ذهني طور پاڻ کي تيار ڪرڻ جو کوڙ سارو وقت ملي ويندو.

اداري بابت ٿوري گهڻي معلومات رکڻ
هاڻ جنهن جڳھ تي يا جنهن ڪمپني يا اداري ۾ توهان جو انٽرويو رٿيل آهي جيڪڏهن توهان پنهنجي انفرادي ڪوشش سان اُنهي جڳھ جي ڪجھ بنيادي معلومات پهريان ئي حاصل ڪري اُنهي مطابق پاڻ کي تيار ڪري ايندا ته اِهو عمل توهان لاءِ فائدي مند ثابت ٿيندو. ڇو ته ڪڏهن ڪڏهن انٽرويو ۾ اِهو پڻ پڇيو ويندو آهي ته توهان هن اداري بابت ڪيترو ڪجھ ڄاڻو ٿا اِهو اسان کي ٻڌايو؟ اِنهي سوال سان نوڪري حاصل ڪرڻ واري جي اداري ۾ دلچسپي کي پرکيو ويندو آهي.
جيڪڏهن توهان پنهنجي اداري يا متعلق شعبي بابت مڪمل طور تي واقف هوندا ته توهان جو جواب ٻڌي ڪري انٽرويو وٺندڙ گهڻي قدر توهان مان مطمعن ٿيندو ۽ توهان کي نوڪري لاءِ چونڊڻ ۾ دير نه ڪندو.

مختصر پر معياري جواب ڏيڻ
گهڻي قدر ائين ٿيندو آهي ته انٽرويو ۾ پڇيل سوال جي جواب جي بجاءِ اميدوار انهي سوال سان لاڳاپيل جواب ڏيڻ جي بجاءِ ڳالھ کي وڌائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن جنهن سان انٽرويو وٺندڙ فرد کي اهو عمل قطعي به پسند ڪونه ايندو آهي ۽ ھُو اميدوار کي انهي بنياد تي رد ڪندو آهي ته هي شخص پنهنجي پاڻ کي پڏائڻ ۾ ئي پورو آهي هي ماڻهو اداري لاءِ مناسب نه رهندو. مثال طور جيڪڏهن توهان کان سوال پڇيو وڃي ته توهان جي تعليم هن نوڪري جي معيار مطابق ئي آهي ته اِتي توهان کي صرف ها ۾ ئي جواب ڏيڻو آهي. ائين نه ٿي جو توهان پنهنجي مڪمل تعليم جو قصو انهن کي ٻڌائڻ شروع ڪيو ته مون فلاڻي ڊگري فلاڻ اداري مان فلاڻ سال ۾ پاس ڪئي. ائين ڪرڻ سان سامهون وارو توهان جي انهي عمل ڪري به توهان کي فيل ڪري سگهي ٿو. جيترو پڇيو وڃي ڪوشش ڪجي ته اُن جو جواب به سوال جي حساب سان اُترو ئي ڏنو وڃي.

پنهنجو لهجو نفيس رکو
انٽرويو ڏيڻ مهل توهان جو لهجو نه ئي گهڻو اُڀريل هجي ۽ نه ئي وري گهڻو هلڪو هجي. پنهنجي تعليم ۽ قابليت جي بنياد تي پنهنجو لهجو اهڙو رکو جو سامهون واري شخص کي ائين محسوس ٿئي ته توهان ۾ نه ئي خود اعتمادي جي کوٽ آهي ۽ نه ئي توهان ۾ اَنا آهي. توهان جي لفظن جي ادائيگي مان ئي توهان جي پروريش جي خوشبو ايندي آهي. اِنهي لاءِ پنهنجي پاڻ کي تعليم يافته هجڻ سان گڏوگڏ تهذيب يافته قوم جا فرد به محسوس ڪرايو ته جئين توهان کي ادارو پاڻ وٽ رکڻ سان ڪا به هٻڪ يا رنڊڪ محسوس نه ڪري.

هيڏي هوڏي اجائي نهار کان پاسو ڪريو
جڏهن انٽرويو وٺندڙ توهان کان توهان جي تعليمي قابليت، تجربات ۽ مختلف شين جي بابت سوال پڇڻ شروع ڪندو ته هُو مڪمل طرح سان توهان جو جائزو به وٺندو رهندو. توهان جي شخصيت کي به انهي سان گڏ پرکڻ شروع ڪندو. اِن لاءِ جڏهن به ڪنهن سوال جو جواب ڏيڻ شروع ڪريو ته اُنهي مهل ڪوشش اِها هجي ته توهان مڪمل طرح سان سامهون واري شخص سان مخاطب هجو. ڳالهائڻ مهل يا جواب ڏيڻ مهل جيڪڏهن توهان سامهون واري شخص کان پنهنجو ڌيان هٽائي ڪري هيڏي هوڏي نهارڻ شروع ڪيو ته اِهو تاثر جڙندو ته شايد توهان جي معلومات ۾ يا ته ڪا ڪمي آهي يا ته وري توهان پنهنجي ئي جواب بابت ڪنهن مونجهاري جو شڪار آهيو جنهن جي ڪري توهان کي هيڏان هوڏان نهارڻ جي ضرورت پوي ٿي. اِنهي حساب سان انٽرويو ۾ توهان جي علم، عقل، فهم، ڏاهپ توڙي قابليت سان گڏ توهان جي شخصيت جي به پرک ٿيندي آهي ۽ اِهو پڻ جاچيو ويندو آهي ته توهان ۾ فيصلي ڪرڻ جي ڪيتري قوت آهي. خود اعتمادي ڪيتري آهي.
پنهنجي پاڻ تي ڪيترو ڀروسو آهي. توهان شين کي ڪهڙي نظر سان ٿا ڏسو. مثبت نموني سان يا منفي نموني سان؟ انهي حساب سان توهان کان ملڪي توڙي غير ملڪي سياست بابت سوال ٿي سگهن ٿا. شين جي قدر ۽ قيمت ڄاڻڻ لاءِ روز مرھ جي شين کان وٺي ڪري توهان جي ذاتي زندگي جي تجربات تي به سوال ٿي سگهن ٿا. بس توهان کي صرف ايترو ڪرڻو آهي ته توهان پنهنجي هر هڪ سوال جي جواب ۾ اهو تاثر ڏيو ته توهان هر هڪ شئي کي سميٽڻ جي ڪوشش ۾ آهيو. توهان هر هڪ شئي کي مثبت پهلو سان ڏسو ٿا ۽ شين کي بهتر کان بهتر بنائڻ ۾ توهان اڳڀرا آهيو. توهان جي گفتگو، توهان جي ڳالهائڻ جو ڍنگ ۽ مڙني معاملن تي توهان جي دور انديشي واري نظر ئي توهان کي انٽرويو ۾ ڪامياب ڪرائيندو ڇو ته هر هڪ ادارو هر هڪ شعبو اِهو ئي چاهي ٿو ته مون وٽ اهڙو ماڻهو اچي جيڪو پنهنجي پاڻ سان، پنهنجي ذميوارين سان ۽ پنهنجي ڪم سان سچو هجي.

(ماهوار ” ٽين اک“ مئگزين ڪراچي، سيپٽمبر 2019ع)

تقرير ڪرڻ جا چند بنيادي اُصول!

تقرير هڪ فن آهي
رب ڪريم هر انسان کي ڪنهن نه ڪنهن تخليقي نعمت سان نوازي ڪري پيدا ڪيو آهي. ڪن ماڻهن ۾ ڳالهائڻ جو ڏانءُ هوندو آهي ته ڪن ۾ لکڻ، پڙهڻ توڙي شين کي ٺاهڻ جو هنر هوندو آهي. ائين ئي پاڻ وري جڏهن ڳالهائڻ جي جزوي شڪل تقرير تي غور ڪنداسين ته پاڻ کي ائين معلوم ٿيندو ته هي به هڪ قسم جو فن آهي. هر ماڻهو کي سُٺي ۽ پُر اثرائتي نموني سان تقرير ڪرڻ ايندو آهي.

تقرير جو تاريخي پس منظر
تقرير جي تاريخي پس منظر کي پاڻ جڏهن معلوم ڪرڻ لاءِ تاريخ جو جائزو وٺون ٿا ته پاڻ کي ڪٿان به ڪو خاطر خواھ جواب نه ٿو ملي. ها ايترو ضرور معلوم ٿئي ٿو ته رب ڪريم هي فن پنهنجي خاص ٻانهن جهڙوڪ پيغمبرن کي عطا ڪيو هو. پنهنجي وقت جا رسول ۽ پيغمبر هڪ سُٺا مقرر هئا. ڇو ته سندن ڪم ئي تبليغ ڪرڻ هو ۽ تبليغ ۾ تقرير جو استعمال به وڏي پئماني تي ٿيندو آهي.

گفتگو ۽ تقرير ۾ بُنيادي فرق
تقرير ۽ گفتگو جي وچم هڪ وڏو خاص فرق اِهو آهي ته گفتگو ڪنهن به هڪ يا هڪ کان وڌيڪ مخصوص ماڻهن سان ڪئي وڃي ٿي. البته تقرير جو انداز به بنھ الڳ هوندو آهي ۽ تقرير ڪرڻ لاءِ ماڻهن جو هڪ وڏو ميڙ گهربل هوندو آهي. اُنهي ميڙ ۾ سون کان وٺي ڪري هزارين ماڻهو ٿي سگهن ٿا. گفتگو ۾ جيتوڻيڪ انداز بيان آهستي ٿي سگهي ٿو پر تقرير جي معاملي ۾ وري ماحول الڳ هوندو آهي ڇو ته تقرير تيز، تلخ ۽ جذباني انداز سان به ڪئي ويندي آهي ته جئين سامهون وارن ماڻهن تي اثر انداز ٿي سگهجي. هر پڙهيل لکيل ۽ باشعور فرد جي اِها خواهش هوندي آهي ته سندس نقطه نظر ٻين تائين با آساني نموني سان پهچي سگهي. پنهنجي ڳالھ کي ٻين تائين پهچائڻ جا ٻه بنيادي طريقا آهن. هڪ تحريري طريقو ۽ ٻيو تقريري طريقو. تحريري بيان وري به پڙهندڙ جي مزاج ۽ دلچسپي تي دارو مدار رکي ٿو ۽ ان جي جاءِ تي تقريري پيغام ٻُڌندڙ کي پاڻ ڏانهن متوج ڪرڻ ۾ ڪامياب وڃي ٿو. اِن لاءِ اچو ته اهو معلوم ڪريون ته هڪ بهترين تقرير ۾ ڪهڙن شين جو خاص خيال ڪيو وڃي.

شخصي ڏيک
ڪنهن به ميڙ يا مجموعي کي خطاب ڪندڙ لاءِ اهو ضروري آهي ته سندس شخصيت، اُنهي تقريب يا ميڙ ميڙاڪي جي مناسبت سان مشاهبت رکندڙ هجي. فرض ڪريو جيڪڏهن توهان ڪنهن تعليمي ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ وڃي رهيا آهيو ته لازمي طور تي توهان جو ٻاهريون ڏيک ۽ تن تي لباس انهي نموني جو هجي. جنهن سان توهان تعليم يافته نظر اچو. ائين ئي جيڪڏهن توهان کي ڪنهن مذهبي ميڙ يا مجموعي ۾ ڳالهائڻ جو موقعو ملي ٿو ته توهان جو ڏيک به هڪ پرهيزگار ۽ ديندار ماڻهو جهڙو هجڻ گهرجي. ائين نه ٿي جو توهان جون ڳالهيون توهان جي شخصيت جي ئي نفي ڪن. اِهو فرق توهان جي ڳالهين کي کوکلو ڪندي ۽ توهان طرفان ڪيل ڳالهيون ماڻهن تي پنهنجو اثر نه ڇڏي سگهنديون.

آواز جي چٽائي
تقرير جي معاملي ۾ اِهو بنھ ضروري آهي ته توهان جو انداز بيان ۽ توهان جي ڳالهائڻ جو انداز ائين هجي جو توهان طرفان ادا ڪيل هر هڪ لفظ آسان ۽ مقصد ڀريو هجي ته جئين ٻُڌندڙ انهي کي با آساني سان ٻُڌي سگهي ۽ اُنهن لفظن کي ذهن نشين ڪري سگهي. ڪوشش ته اِها ڪرڻ کپي ته سامهون وارن فردن جي زبان کي مد نظر رکندي اُتان جي مقامي ٻولي ۾ پنهنجو موقف انهن آڏو رکجي ته جئين اُهي ڳالھ کي سمجهي سگهن.

نرم ۽ نفيس لهجو اختيار ڪرڻ
لفظن جي ادائيگي مهل انساني زبان جو لهجو وڏي اهميت رکي ٿو. توهان جو لهجو جيترو نرم ۽ نفيس هوندو. توهان جي ڳالھ اوتري ئي اثر ڪندي. ان لاءِ ڪنهن به موضوع يا عنوان تي ڳالهائڻ مهل ڪوشش ڪري پنهنجو لهجو نرم ۽ نفيس رکجي.
تلخ لهجو اڪثر طور ٻڌڻ وارن تي بيزاري واري ڪيفيت طاري ڪندو آهي ۽ سامهون وارا اهو گمان به ڪري سگهن ٿا ته هي شخص اسان کي نفسياتي طور ڀڙڪائي رهيو آهي. مثالن، چوڻين ۽ ٽوٽڪن جو استعمال ڪرڻ، پنهنجي ڳالھ يا موقف کي چٽي نموني سمجهائڻ لاءِ مثالن، چوڻين ۽ ٽوٽڪن وسيلي به مدد وٺي سگهجي ٿي. ڪجھ ڳالهيون اهڙيون هونديون آهن جيڪي مثالن کان سواءِ سمجهائي نه ٿيون سگهجن. ان لاءِ ضرورت آهر پنهنجي موضوع جي مناسبت سان ڪجھ مثال ڏيڻ به ضروري آهن ته جئين ڳالھ جو اصل مقصد ۽ تت واضع ٿي سگهي.

ضرورت آهر سامهون وارن کان سوال پڇڻ
ڪنهن به تقرير يا موضوع جي اختتام تي اهو ضرور معلوم ڪجي ته آيا سامهون ويٺل ميڙ کي ڳالھ ڪيتري حد تائين سمجھ ۾ آئي آهي. ان لاءِ تقرير جي وچ ۾ يا وري ختم ٿيڻ مهل لاڳاپيل موضوع جي بابت سوال پڇن. جنهن سان اِها ڳالھ پڌري ٿيندي ته توهان جو پيغام ڪيترن ماڻهن تائين پهتو آهي. مٿي بيان ڪيل ڳالهين جي روشني ۾ جيڪڏهن توهان ڪنهن ميڙاڪي يا مجموعي ۾ ڪنهن به موضوع تي تقرير ڪندا ته يقينن توهان کي ڪاميابي نصيب ٿيندي.

(ماهوار ” ٽين اک“ مئگزين ڪراچي، نومبر 2019ع)

هي صدي فلسفي جي نه بلڪ سائنس جي صدي آهي!

فلسفو انتهائي قديم دور جو طرز عمل آهي جنهن جي وسيلي ڪنهن به وجود، خاص طور تي انساني وجود جي هجڻ بابت بنيادي سوال اُٿاريا ويندا هئا ته انسان ڇا آهي؟ انسان جي وجود ۾ اچڻ جو ڪهڙا بنيادي ڪارڻ آهن؟ عقل، فهم ۽ سوچ ويچار ڇا آهن؟ خيال ڪئين جنم وٺن ٿا؟
حقيقت ۽ خيال جو پاڻ ۾ ڪهڙو ڳانڍاپو آهي؟
مطلب ته هي سڀئي اهڙا سوال هيا جن جا صديون اڳ جواب ڪنهن وٽ به ڪونه هئا ۽ ماڻهن ۾ خاص طور تي فلسفي ذهن رکندڙ ماڻهو هنن سوالن جي پرچار ڪندا هيا. جئين ته دنيا ارتقائي مرحلا طئي ڪري هن وقت ڪافي اڳتي نڪري چڪي آهي ۽ هاڻ انهي قسم جا سوال ڪرڻ يا انهي قسم جي سوالن جا جواب تلاش ڪرڻ غير عقلي ۽ بي سمجهي تصور ڪئي ويندي. ڇو ته هن وقت دنيا جديد کان جديد ٿي وئي آهي پوري دنيا کي سائنس پنهنجي گرفت ۾ آڻي ڇڏي آهي. هر روز نت نيون تخليقون ۽ ايجادون ماڻهن کي حيران ڪري رهيون آهن.
فلسفي جي مدد سان جن سوالن جا جواب تلاش ڪيا ويندا هيا انهن سوالن جي جوابن تي مهذب، سماجيات ۽ معاشرتي علم تفصيل سان ڪتابن ۽ تحقيقن جي صورت ۾ جواب مهيا ڪيا آهن. پوري دنيا اندر خود شناسي ۽ پاڻ سڃاڻڻ لاءِ ڪافي ادارا قائم ٿي چڪا آهن جيڪي ماڻهن کي اهو سمجهائڻ ۾ مصروف آهن ته هن ڌرتي تي انسان جو اصل ڪم ۽ ڌنڌو ڪهڙو آهي جنهن لاءِ کيس پيدا ڪيو ويو آهي. اُها الڳ ڳالھ آهي ته مذهب طرفان مهيا ٿيل جوابن ۽ دليلن توڙي سماجيات ۽ معاشيات طرفان مهيا ٿيل جوابن ۾ اتفاق نه هوندو. ايڪويھ صدي ۾ سائنس کي چڱي خاصي ترقي نصيب ٿي آهي. دور قديم ۾ جن بيمارين جو علاج ممڪن نه سمجهيو ويندو هو انهن بيمارين جا علاج سائنس ڳولهي لڌا آهن جهروڪ ڪينسر وغيره، صديون اڳ جيڪي شيون انساني تصور توڙي سوچ ويچار ۾ ممڪن نه هيون انهن ڪمن کي سائنس جي مدد سان ممڪن ڪري ڏيکاريو ويو آهي.
دور جديد ۾ رابطن جا تڪڙا ۽ موثر ذريعا هجن يا وري ڌرتي جي مٿاڇري کان وٺي ڪري هيٺين سطع جي ڄاڻ هجي. اهو سڀ ڪجھ سائنس ممڪن ڪري ڏيکاريو آهي. سائنس پنهنجي مشاهدي ۾ هر هڪ شئي جي وجود کي تجرباتي طور آزمائي ڪري اهو نتيجو فراهم ڪيو ته اسان لاءِ ڪهڙيون شيون هاڃيڪار آهن ۽ ڪهڙيون شيون فائدي مند آهن. ائين قطعي به ڪونه آهي ته ڪو سائنس هن ڪائنات ۾ موجود هر هڪ شئي بابت مڪمل ڄاڻ حاصل ڪري ورتي آهي ۽ هاڻ ڪا به شئي ڳُجھ يا راز ۾ ڪونه آهي. اڃا به هزارين اهڙا رمز هن ڪائنات ۾ موجود آهن. جيڪي سائنس جي پهچ کان گهڻو پري آهي پر انهي جي باوجود سائنس جي علم جي مدد سان هن وقت دنيا اندر جيڪا ترقي ٿي آهي انهي کان به انڪار نه ٿو ڪري سگهجي.
فلسفي جو علم محدود ۽ ڪجھ خاص سوالن تائين رسائي رکي ٿو جڏهن ته سائنس جو علم لامحدود ۽ پنهنجي وُسعت ۾ هر ڏينهن پکيڙ کائيندو ٿو وڃي. جيڪڏهن سائنس ڪنهن هڪ خاص حد تي پهچي ڪري ڪو نتيجو اخذ ڪري ٿي ته سندس سفر اُتي ختم ڪونه ٿو ٿئي ۽ سائنس ان کان اڳتي جي جواب تلاش ڪرڻ لاءِ ڪوشان رهي ٿو. سائنس جي مدد سان انساني زندگي انتهائي آسان ۽ پرسڪون به ٿي آهي ته ان سان گڏوگڏ هر قسم جي وڻج واپار توڙي پرڏيھ تائين سفر ڪرڻ جو طريقو به سولو ٿيو آهي. دنيا جهان کي هڪ جاءِ تي گڏ ڪري هڪ ٻي سان ملائڻ وارو ڪرشمو به سائنس جي مدد سان ئي ممڪن ٿيو آهي. فلسفو اسان کي شين تي حيرت کائڻ جو علم ڏي ٿو ۽ انهن جي اصل تشريع جو ڳولهائو بڻائي ٿو ۽ انهي جي مد ۾ ڪجھ منطق تلاش ڪري ٿو. حالانڪ سائنس انهن ساڳين شين جي واقع ٿيڻ جي اصل سببن کان اسان کي آگاھ ڪري ٿو. مثال طور فلسفو اهو معلوم ڪرڻ چاهيندو آهي ته فلاڻي هنڌ تي باھ ڇو لڳي؟
انهي باھ جي لڳڻ سان ڪهڙا نقصان ٿي سگهن ٿا؟ پر اتي ئي سائنس اسان کي اهو ٻڌائيندي آهي ته آخر ڪار اِها باھ ڪئين لڳي؟ باھ ڪهڙن شين جو مرڪب آهي. انهي ۾ ڪهڙا ماليڪيول ڪيتري مقدار ۾ آهن ۽ اُهي ڪٿان پيدا ٿيندا آهن؟ مطلب ته سائنس جي مدد سان ڪنهن به واقعي کي رونما ٿيڻ کان پهريان ئي روڪي سگهجي ٿو. اِن جي اُبتڙ فلسفو انهي واقعي جي پذير ٿيڻ کان پوءِ واري حالت تي سوال اٿاريندو آهي ۽ محظ انهن جي جوابن تي راضي ٿي پوي ٿو. سائنس انهي ڀيٽ ۾ هر هڪ عمل توڙي واقعي ٿيڻ کي تجربي جي آڌار تي ثابت ڪري پوءِ قبول ڪري ٿي. سائنس وٽ مفروضات گهٽ اهميت جا حامل آهن. فلسفو مڪمل طرح سان خالي اُڀاريل سوالن تي دارو مدار رکي ٿو جنهن ڪري هاڻ اهو آساني سان سمجهڻ گهرجي ته هي ايڪويھ صدي جنهن کي جديد صدي پڻ چيو وڃي ٿو. هي صدي فلسفي جي نه پر سائنس جي صدي آهي.

اوشو، جنهن کي آمريڪا جي جيل ۾ زهر ڏنو ويو هو

عالمي ادب کان وٺي ڪري سنڌي ادب تائين گرو رجنيش اوشو جو نالو ڪنهن کان به ڳجهو ڪونه آهي. سندس لکيل ڪتابن کي سنڌ، هنڌ توڙي عالمي دنيا جي سُڌريل ملڪن تائين سُٺي نموني پذرائي ملي آهي. هن صوفي منش انسان جو جنم هندستان جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ڪڇ واڍا ۾ 11 ڊسمبر 1931 عيسوي تي هڪ جيني گهراڻي ۾ ٿيو. سندس والد ڪپڙي جو واپاري هو.
سندس گهراڻو، گڏيل گهراڻو هو. اوشو جي ننڍپڻ جا ست سال سندس نانا ۽ ناني وٽ گذريا ۽ انهي عرصي دوران اوشو ڪڏهن به اسڪول جو در ڪونه ڏٺو. کيس فطري نظارن سان دلي لڳاءُ هو ۽ هي دوريش صفت انسان اڪيلائي کي ڏاڍو پسند ڪندو هو.
وقت سان گڏ نيٺ سندس عمر، اسڪول ۾ داخلا وٺڻ جي ٿي ۽ سندس مرضي جي خلاف کيس اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو. اسڪول ۾ داخلا ملڻ کان پوءِ به هن پنهنجي فڪر واري واٽ ڪونه ڇڏي ۽ فطرت جي نظارن مان سرور حاصل ڪرڻ لاءِ اڪثر ڏورانهن علائقن ڏانهن پنڌ ڪري هليو ويندو هو. سندس لاءِ سندس عزيزن ۽ ويجهن پاران اها راءِ به جڙي هئي ته هي ٻار ڏاڍو ضدي ٻار آهي. غير معمولي ذهانت سبب کيس يونيورسٽي تائين معمول واري زندگي نصيب ڪونه ٿي. شروع ۾ سندس دلچسپي فلسفي جي تعليم ڏانهن به ٿي جنهن جي بدولت کيس جبل پور يونيورسٽي ۾ پروفيسر ٿيڻ جو موقعو مليو.
پر کيس اُتي به تسڪين نه ملي سگهي ۽ آخرڪار 1966ع ۾ اتان استعفيٰ ڏئي ڪري هي هڪ نئين دنيا جي تلاش ۾ نڪري پيو. انهي دوران سندس لاڙو روحاني تعليمات ڏانهن لڙيو ۽ هن ان جي پرچار ڪرڻ شروع ڪئي. سندس گفتار ۽ مزاج جي مٺاس سبب تمام ٿوري عرصي ۾ سندس چاهيندڙن جو هڪ وڏو حلقو سامهون آيو. سندس ڳالهيون عام رواجي ڳالهين کان منفرد ۽ بنھ الڳ هيون جنهن سبب ماڻهو سندس ڏانهن ڇڪجي ايندا هيا. سندس مقناطيسي مزاج کيس رجنيش آشرم قائم ڪرڻ تي مجبور ڪيو. جنهن ۾ هندستان کان سواءِ پوري دنيا جا انيڪ ذهني طرح ڏُتڙيل ۽ پريشان ماڻهو ڪهي ايندا هيا. جن جي ذهني مونجهارن ۽ پريشانين جو حل کين اوشو جي ليڪچرن ۾ ئي ملي ويندو هو. ماڻهن جو انگ هر روز گهٽجڻ بجاءِ وڌڻ لڳو ۽ 1976ع تائين رجيش آشرم هڪ اهڙو آستانو بڻجي چڪو هو جتي روز مره جي زندگي جون هر هڪ سهولتون ميسر هيون. اڃا به ائين کڻي چئجي ته اوشو جي ڪوششن سان هڪ نئين دنيا جڙي چڪي هئي جتي هر ڪنهن کي ذهني آسودگي جي تلاش هئي.
اوشو جي شُهرت ۽ سندس چاهيندڙ جي تعداد ۾ هر روز اضافي ٿيڻ واري ڳالھ سندس مخالفن کان برداشت ڪونه ٿي. جيتوڻيڪ سندس چاهيندڙن جو تعداد هزارن ۾ هيو ليڪن اتي ئي سندس مخالف جو تعداد به انهي انگ کان گهٽ ڪونه هو. سندس مخالف کيس قتل ڪرڻ لاءِ مختلف ترڪيب آزمائڻ لڳا ۽ هڪ ڏينهن خطاب دوران سندس مٿان چاقو سان حملو به ڪيو ويو. جنهن ۾ کيس ته ڪو نقصان ڪونه ٿيو بلڪ کيس نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪندڙ ولاس ٽوپي نالي همراھ گرفتار ٿي پيو. جيڪو هندو بنياد پرست تنظيم جو هڪ رڪن هو. اوشو کيس سزا ڏيڻ جي بجاءِ معاف ڪري ڇڏيو. هن واقعي کان پوءِ اوشو ڀارت کي الوداع چئي 1981ع ڌاري آمريڪا وڃڻ جو فيصلو ڪيو. جتي سندس مريدن اوريگان جي هڪ صحرائي علائقي ۾ چوهٺ هزار ايڪڙ زمين خريد ڪري رکي هئي. اوشو پنهنجو آشرم اتي قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
اوشو، عورت، جنس، عشق محبت ۽ ٻين مڙني موضوعن تي کلي ڪري ڳالهائيندو هو. سندس وٽ ماڻهن جي عقيدت يا مذهب جي خيالن کي پالڻ جي واٽ ڪونه هئي. سندس انهي انداز بيان ڪري اوريگان جا عيسائي مبلغ سندس مٿان سخت ناراض ٿيا ۽ انهن اوشو جي خلاف مظاهرا شروع ڪيا ۽ آخرڪار اتان جي رياست کيس شرپسندي ۽ اخلاقي پستي جا الظام هڻي ڪري آمريڪا ڇڏي وڃڻ جو حڪم جاري ڪيو. حالتن کيس ايترو ته مجبور ڪيو جو کيس آمريڪا ڇڏڻو پيو. انهي دوران هن عدالت کان استدعا جي درخواست به ڪئي هئي جنهن جي موٽ ۾ کيس ٽه ڏينهن جيل ۾ رکيو ويو.
آمريڪا ڇڏڻ کان پوءِ هن يونان، سوئزرلينڊ، سوئيڊن، لنڊن، آئرلينڊ ۽ اسپين ۾ به پنهنجا پيرا ڄمائڻ جي ڪوشش ڪئي ليڪن کيس ڪٿي به مستقل رهائش نه ملي سگهي ۽ آخرڪار 29 جولاءِ 1986ع تي واپس پنهنجي اباڻي وطن هندستان موٽي آيو. انهن مسافتن ۽ ڪشمڪش واري زندگي دوران سندس طبعيت به انتهائي ناساز صورت اختيار ڪري چڪي هئي. جوڙن جو سور، اکين ۾ ڌنڌلاهٽ، کاڌو نه وڻڻ، ۽ ڪنن تي تاڙين جي تڪليف کيس ٿيڻ لڳي. ڊاڪٽرن جي راءِ مطابق کيس اوريگان جي جيل ۾ کاڌي ۾ زهر ملائي ڪري ڏنو ويو هو جنهن سبب سندس طبعيت ايتري ٿوري وقت ۾ انتهائي خراب حال ٿي هئي ۽ ائين ئي زندگي سان جهيڙيندي هي فلسفي ذهن رکندڙ ڏاهو 19 جنوري 1990ع ۾ زندگي جي جنگ هارائي ويو ۽ هميشه لاءِ ابدي ننڊ سمهي رهيو.

موڳي پُٽ جو پنهنجي ماءُ ڏانهن لکيل خط!

اسين جڏهن تاريخ جا ورق اٿلايون ٿا ته اسان کي انيڪ قصا، ڪهاڻيون ۽ وارتائون نظر اچن ٿيون. ڪجھ اهڙا به واقعا هوندا آهن جيڪي پنهنجي دور توڙي ايندڙ جديد دور ۾ نئين نسل ۽ نوجوانن تي گهڻو اثر انداز ٿيا. اهڙن ئي عجيب و غريب قصن ۾ دنيا جي جڳ مشهور ڏاهي، مفڪر ۽ سائنسدان البرٽ آئنسٽائن جي ڪٿا به آهي. زندگي جدوجهد، جستجو ۽ مسئلن سان مسلسل جهيڙڻ جو نالو آهي ۽ ڪامياب به اُهي ئي ماڻهو ٿيندا آهن جيڪي زندگي سان جهيڙڻ جو فن سکي وٺندا آهن. جڳ مشهور مفڪر ۽ سائنسدان البرٽ آئنسٽائن به روزگار جي حصول لاءِ ڪجھ عرصو شديد پريشاني واري عالم ۾ رهيو. سندس لاءِ زندگي ڏاڍي ٿڪائيندڙ ۽ بور ڪندڙ ثابت ٿي. ننڍپڻ ۾ موڳائپ جا طنز ملڻ سبب جيتوڻيڪ سندس فڪري سگھ متاثر ڪونه ٿي هئي پر کيس روزگار جي ملڻ جو الڪو ڏاڍو هو.
جنهن سبب هن مختلف ادارن ۾ ملازمت ڪرڻ جي خواهش ڏيکاريندي انهن ۾ وڃڻ پي چاهيو ليڪن کيس ڪٿان به ڪو خاطر خواھ جواب نه ملي سگهيو. مسلسل ڪوششن ۽ جدوجهد کانپوءِ کيس هڪ اداري ۾ نوڪري ملي ۽ نوڪري ملڻ کان پوءِ هن چاهيو ته اِها خوشخبري سڀني کان پهريان پنهنجي ماءُ کي ٻڌايان جيڪا سندس مستقبل لاءِ هميشه فڪر مند رهندي هئي. پنهنجي ماءُ جي نالي، خط ۾ آئنسٽائن پنهنجي مقرري جو احوال مزاحيه انداز ۾ لکندي لکي ٿو:” امان ڏسجان ته سهي. توهان جو ماٺيڻو پُٽ پروفيسر ٿيڻ وارو آهي. ڇا توهان کي يقين ٿئي ٿو؟“. مسلسل ناڪامين جي ڪٿا کانپوءِ هن کي پنهنجي ماءُ کي هڪ خوشخبري ٻڌائيندي سرهائي محسوس ٿي رهي هئي. ۽ ائين سندس هن مختصر گفتگو کي تاريخ ” موڳي پٽ جو ماءُ ڏانهن لکيل خط“ جي نالي سان ياد ڪري ٿي.

(ڪاوش گئلري، 28 آگسٽ 2019ع)

جهـڙو فڪر تهڙو وکر

جڏھن انسان منجهان ڪوشش ڪرڻ واري قوت ڪمزور ٿيڻ لڳندي آهي ته تڏهن وري قسمت تي اعتبار ڪرڻ وارو عقيدو سگهارو ٿيڻ لڳندو آهي حالانڪ اڄ تائين دنيا جي ڪامياب ترين انسانن قسمت جي آسري تي پنهنجي مستقبل کي ڪڏهن به ڪين ڇڏيو آهي. پر ڇا ڪجي اسان جي معاشري جي اڪثريت عقيدن جي اوٽ ۾ محنت ڪرڻ کان قاصر آهن. قوت، وسيلا توڙي موقعا ميسر هجڻ جي باوجود قسمت تي ڀاڙي ڪري پنهنجي آئيندي جو اختيار ڪنهن اهڙي قوت حوالي ڪري ڇڏيندا آهن. جنهن قوت جي وجود بابت به وٽن ڪو خاص خاڪو يا ظاھري شڪل موجود ڪين هوندو آهي. انسان هن ڪائنات جو محور ۽ مرڪز هجڻ جي باوجود به جيڪڏهن پاڻ کي ڪمزور قوتن جي حوالي ڪري ۽ پنهنجي مستقبل کي سنوارڻ جو ٺيڪو کين ڏئي ڪري پاڻ سڪون واري حالت ۾ گوشا نشين ٿئي ته پوءَ شايد قدرت وارو به سندس مدد ڪرڻ لاءَ تيار ڪونہ ٿيندو، ٿيندو ائين آهي ته جڏهن اسين ڪنهن ڪم يا ارادي ۾ ناڪام ٿيندا آهيون ته تڏهن يڪدم اسان جي ذهن تي اِهو خيال تري ايندو آهي. ته شايد اِها شئي اسان جي قسمت ۾ نہ هئي.
هاڻ جڏهن قسمت پاڻ ايڏي ڪمزور ۽ بي وس آهي جو کيس ٺاهڻ توڙي سنوارڻ ۾ اهم ڪردار حضرت انسان جو پنهنجو ئي هوندو آهي پر ان جي باوجود به جڏهن حضرت انسان نراسائي توڙي ناڪامي واري حالت ۾ کيس قصور وار ٺهرائي ڪري پاڻ کي آجو رکڻ چاهي ته شايد اِها سندس علم توڙي پنهنجي ضمير سان ڌوڪو، ٺڳي ۽ دولاب تصور ڪيو ويندو. ان کان وڌيڪ حضرت انسان جي چالاڪي ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي. حضرت انسان ازل کان ڪامياب ٿيڻ جي صورت ۾ بنيادي طور پنهنجي محنت جا گُڻ ڳائڻ لڳندو آهي ۽ پاڻ کي فاتح ثابت ڪندو آهي پر وري ان جي برعڪس ناڪام ٿيڻ جي صورت ۾ سڄو ٺيڪو قسمت جي پاند ۾ هڻي پنهنجو پاند آجو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. جيڪو عمل يقينن هڪ وڏي خيانت ڪرڻ جيترو غير مهذب عمل آهي.
انسان جو ڪنهن به ڪم توڙي عمل ۾ ڪامياب ٿيڻ ۽ ناڪام ٿيڻ جو اصل ڪارڻ سندس سوچ، سندس ڪوششون، سندس صلاحيتن جو استعمال ۽ سندس حڪمت عملي آهي، جڏهن حڪمت عملي ئي مناسب نموني سان جڙيل نه هوندي ته پوءَ يقينن ان عمل جو نتيجو به ايترو ئي ڀيانڪ ثابت ٿيندو، ان لاءَ سڀ کان پهريان سوچ جي رخ کي تبديل ڪري نئين سري نئين سوچ جي اڏاوت ڪري ناڪام ٿيڻ جا مکيه سبب ڳولجهن پوءِ وري انهن کي تبديل ڪري انهن جي جڳھ تي ڪار آمد توڙي لاڀائيتا لاڙا نافذ ڪجن پوءِ ڏسو ته نتيجا ڪيترا نه حيران ڪن اچن ٿا. تڏهن ئي ته ڪنهن ڏاهي چيو آهي”جهڙي سوچ تهڙي زندگي“، انساني زندگي کي پر سڪون توڙي بي سڪون بڻائيندڙ دراصل انساني سوچ ئي آهي، مثبت سوچ مثبت حڪمت عملين کي جنم ڏيندي آهي ۽ منفي سوچ منفي عملن جي پرورش ڪندي آهي.
ان لاءِ پاڻ کي وقت ۽ حالاتن سان گڏ کڻي هلڻ لاءَ انهن جي رخ سان هلڻو پوندو ۽ پنهنجي وسيع سوچ وسيلي سندن هر هڪ پهلو تي فڪر ڪري پاڻ کي انهن جهڙو بڻائي ڪري انهن کان فائدو حاصل ڪرڻو پوندو. باقي قسمت تي ڀاڙيندي الائي ته ڪيترن ئي فردن جا لاھ نڪري ويا ۽ الائي ته ڪيتريون حسرتون دل ۾ دفن ٿي ڪري موهن جو دڙو بڻجي چڪيون آهن.

(ماهوار احساس مئگزين حيدرآباد، فيبروري 2019ع)

حصو ٽيون: ڪتابن تي اظھار

---

ماسترن لاءِ چانھه جي ڪوپ جو تنقيدي جائزو

تعليمي شعبي سان لاڳاپيل هجڻ سبب ڪجھ ڏينهن پهريان سائين پونجراج ڪيسراڻي جو لکيل ڪتاب ماسترن لاءِ چانھ جو ڪوپ منهنجي مطالعي مان گذريو. سائين جيتوڻيڪ پاڻ تعليمي شعبي سان پورا ٻائيتاليھ سال جڙيل رهيو آهي. انهي حوالي سان تعليم جهڙي اهم موضوع تي سائين هي ڪتاب لکي ڪري سنڌي ادب ۾ هڪ نئي رخ جو اضافو ڪيو آهي. جيڪا ڳالھ يقينن قابل داد آهي. هاڻ هن ڪتاب جي ڇپڻ کان پوءِ هن سماج ۾ موجود استادن کي ڪيترو فائدو ملي سگهندو اِن بابت پاڻ فلحال ڪو به رايو نه ٿا ڏئي سگهون. هن ڪتاب کي مڪمل طرح سان پڙهڻ کان پوءِ مون کي جيڪي اوڻائيون هن ڪتاب منجھ نظر آيون آهن. انهن تي هتي روشني وجهنداسين. آئون هن مضمون ۾ هڪ نقاد هجڻ سان گڏوگڏ هڪ تعلميدان جي حيثيت ۾ پنهنجو خيال توهان آڏو رکندس.
هي ڪتاب جئين ته تعليم جي شعبي جي مناسبت سان لکيل آهي. هڪ استاد هجڻ جي ناتي اسان تي اهو فرض ٿئي ٿو ته اسان تعليم سان واڳيل هر هڪ مضمون ۽ عنوان توڙي خيال کي پنهنجي ٻولي يعني سنڌي ۾ بيان ڪرڻ جي عادت پاڻ ۾ وجهون ته جئين پڙهندڙ/ سکندڙ انهي مان پوري طرح لاڀ حاصل ڪري سگهن. ڪتاب جي مصنف اِن روايت جي برخلافي ڪندي هن ڪتاب ۾ سولي سنڌي بجاءِ ولايتي ٻولي انگريزي کي گهڻي اهميت ڏني آهي. جيڪا ڳالھ ڪنهن قدر ڳڻتي جوڳي آهي. موضوع جي مناسبت سان انگريزي کي وڌيڪ اهميت ڏئي ڪري سائين جن اسان جي پنهنجي مادري ٻولي جي اهميت جي نفي ڪئي آهي. سنڌي ۾ بيان ڪيل لفظن کي ننڍي ڏنگين ۾ لکي ڪري ڏيکاريو ويو آهي. جنهن مان اهو تاثر ملي ٿو ته جهڙوڪ هي ڪتاب سنڌ واسين لاءِ نه پر ڪنهن ولايتي ماڻهن لاءِ لکيو ويو آهي. جنهن ڪري لفظن جي مفهوم سمجهائڻ خاطر سنڌي لفظن کي ننڍي ڏنگي ۾ قيد ڪري ڏيکاريو ويو آهي.
ڪتاب جي پهرين مضمون جي شروعاتي لفظن ۾ ڪجھ هن ريت جملا ٺاهي ڪري ترتيب ڏنا ويا آهن. ”سکيا جو عمل شروع ڪرڻ کان اڳ ۾ ٻارن کي انهي لاءِmotivate (آماده ڪرڻ)، ترغيب ڏيڻ، اُتساھ پيدا ڪرڻ يا دلچسپي پيدا ڪرڻ بلڪل ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته Teaching Learning (سکڻ سيکارڻ) هڪ اهڙو عمل آهي، جنهن جو سڌو سنئون تعلق اسان جي دل، دماغ ۽ ذهن سان هوندو آهي.“ هاڻي توهان مٿين جملن تي غور ڪندئو ته توهان کي انگريزي ۾ لکيل لفظ ننڍي ڏنگي کان ٻاهر ملندا ۽ نج سنڌي ۾ لکيل لفظ ننڍي ڏنگي ۾ بند ملندا. پوري ڪتاب ۾ هر هڪ مضمون ۾ سنڌي لفظن سان اهو حشر ڪيل آهي. ڪنهن به مضمون لکڻ مهل اهو اصول ذهن ۾ رکيو ويندو آهي ته مضمون جي اصلي ٻولي جي مناسبت سان لفظ ڏنگين کان ٻاهر لکيا ويندا آهن ۽ پڙهندڙن جي سمجهڻ لاءِ انهن لفظن جي ٻين ٻولين وارن لفظن کي ڏنگي ۾ بند ڪري لکيو ويندو آهي ته جئين پڙهندڙ سولائي سان مضمون کي سمجهي سگهن.
هتي سائين جن کي سنڌي لفظ ڏنگين کان آزاد ٻاهر رکڻا هيا ۽ انهن سان منسوب انگريزي لفظ ننڍين ڏنگين ۾ لکڻا هيا. سائين پونجراج ڪيسراڻي هتي مضمون جي انهي روايت خلاف اسان کي نظر اچي ٿو. هڪ استاد هجڻ جي ناتي کيس اهو رويو اختيار نه ڪرڻ گهربو هو. ڪتاب ۾ موجود سڀئي مضمون سنڌي ۽ انگريزي جو گڏيل مرڪب نظر اچن ٿا. هر هڪ مضمون ۾ سنڌي جي بجاءِ انگريزي جو ورجاءُ گهڻو تڻو ڪيو ويو آهي. جيتوڻيڪ انهن انگريزي لفظن جا مفهوم سولي سنڌي ۾ پڻ سائين پنهنجي مضمون ۾ قطب آڻي پي سگهيو جنهن سان سندس مضمونن جي سونهن ۾ ويتر اضافو ٿي ها. ليڪن هتي سائين پنهنجي مضمونن ۾ انگريزي کي مسلط ڪري اهو تاثر ڏنو جهڙوڪ سندس واسطو سنڌي ٻولي سان گهٽ بلڪ انگريزي سان گهڻو آهي. اِن کان علاوه هن ڪتاب جي هر هڪ مضمون ۾ جيڪي عنوان ڏنا ويا آهن. انهن کي پڙهندي اهو تاثر جڙي ٿو ته سائين اِهي مضمون ڪنهن انگريزي ڪتاب يا مواد مان چونڊي ڪري انهن تي روشني وجهي مڙئي هڪ جامع ڪتاب تيار ڪري ورتو آهي. هاڻ سائين پنهنجي پورن ٻائيتاليھ سالن ۾ جيڪو ڪجھ سکيو يا سيکاريو انهي جو ذڪر نه ڪيو.
هڪ استاد هجڻ جي ناتي هن ڪتاب ۾ سائين پونجراج ڪيسراڻي جا ذاتي تجربا ۽ مشاهدا به مضمون جي صورت ۾ ڏنل هجن ها. هاڻ سائين پنهنجي پوري تعليمي سفر ۾ سنڌ جي تعليم کي ڪئين ڏٺو. انهي بابت کيس ڪيتري فڪر آهي يا تعليمي ڀلائي بابت سندس وٽ ڪهڙيون تجويزون آهن. انهي ويچارن کي مڪمل طور پري رکي. هڪ نئي نولي عنوان تي روشني وجهي ڪري سائين هڪ صفحي تي راز لکيا آهن. جيڪو عمل ڪوتاهي جي ذمري ۾ اچي ٿو. سائين پراون عنوانن کي پنهنجو نالو ڏئي ڪري تعليم جي خدمت ڪئي آهي. سائين پڙهائڻ جي عمل کي اُتساهيندڙ بنائڻ لاءِ هڪ سئو هڪ راز ته ٻڌايا آهن ليڪن اِهو نه ٻڌائي سگهيو آهي ته سائين پاڻ پنهنجي تعليمي سفر ۾ تعليم جي بهتري لاءِ ڪهڙيون حڪمت عمليون اپنايون هيون؟
پاڻ کي بهترين استاد ڪهڙن بنيادن تي مڃي ورتو يا معاشري جا جيڪي فرد کيس بهترين استاد هجڻ جو لقب ڏين ٿا اهي ڪهڙا بڻ ۽ بنياد آهن يا سندس تعليم جي شعبي ۾ ڪهڙيون ڪار گر خدمتون آهن؟ انگريزي جي ڪنهن هڪ چوڻي کي چونڊي ڪري انهي تي پنهنجا خيال مجمند ڪري هڪ صفحو ته ڪو عام ماڻهو به لکي سگهي ٿو. هڪ استاد ۽ هڪ عام ماڻهو جي نقط نظر ۾ فرق ته واضع هجڻ گهرجي. هن ڪتاب جي صفحي 33 تي متوازن کاڌو کائو جي عنوان تحت ليکڪ لکي ٿو” هن کي هر روز اهڙا کاڌا کائڻ گهرجن، جن ۾ لوڻ، کنڊ ۽ چرٻيءَ جو گهٽ استعمال ٿيل هجي. کيس تريل، ترش، پاروٿا، چٽپٽا، چهر وارا، گئس پيدا ڪندڙ، Junk Food (گهٽ غذايت وارو کاڌو) Fast Food (تڪڙا تيار ٿيندڙ) کاڌا کائڻ کان پرهيز ڪرڻ گهرجي“. هاڻ هن عنوان کي پڙهڻ کان پوءِ پڙهندڙ ائين محسوس ڪندو ته جهڙوڪ آئون ڪو تعليمي ڪتاب نه بلڪ ڪو صحت سان يا حڪمت سان لاڳاپيل ڪتاب پڙهي رهيو آهيان. هڪڙي استاد کي ڪهڙا کاڌا کائڻ گهرجن يا ڪهڙا نه کائڻ گهرجن. اهڙي ڪا به ترغيب حڪومتي توڙي عالمي سطع تي تعيلم جي ڪانفرنسن يا ميڙاڪن ۾ ڪونه ٻڌايا ويندا آهن. ڇو ته اسان کي هڪ استاد تيار ڪرڻ هوندو آهي ڪو فوجي نه.
جنهن کي اسان اهو چئون ته تون پنهنجي جسم کي ۽ صحت کي هنن اصولن تي قائم رک. استاد جو واسطو پڙهڻ ۽ پڙهائڻ سان هوندو آهي. هن مٿي عنوان کي پڙهڻ کان پوءِ آئون سمجهان ٿو ته هي هڪ اضافي مضمون ڪتاب جي ليکڪ طرفان مڙئي ڪتاب جو پيٽ ڀرڻ خاطر لکيو ويو آهي. جي هي مضمون نه به هجي ها ته به سائين جي هڪ سئو رازن تي ڪتاب شايع ٿي وڃي ها. اِهڙي نموني ڪتاب ۾ ڪافي سارا اهڙا موضوع رکيا ويا آهن جن جو تعلق پڙهڻ ۽ پڙهائڻ واري عمل سان قطعي ڪو نه آهي. ليکڪ پنهنجي نقط نظر کي هر هڪ صفحي تي انگريزي جي هڪ چوڻي سان ڳنڍي ڪري ڪتاب پورو ڪيو آهي. هن ڪتاب جي ڪجھ مضمونن کي پڙهندي هن ڪتاب جو تعليمي تسلسل ٽٽي ٿو پوي. جئين صفحي نمبر 60 تي عنوان آهي.
” سوشل ميڊيا جو استعمال گهٽايو“ ۽ وري صفحي نمبر 84 تي هڪ مضمون جو عنوان آهي ” صاف پاڻي پيو. ڪنهن به قسم جي ڪولا هرگز نه پيئو“. صفحي نمبر 150 تي عنوان آهي ” ٽيپري جو هلڪي ننڍ ڪريو“. هاڻ هنن عنوانن جي بنياد تي آئون سائين پونجراج ڪيسراڻي آڏو اهو سوال رکان ٿو ته سائين توهان ڪنهن جي پسند يا نا پسند کي فل اسٽاپ ڪئين ٿا ڏئي سگهو؟ ڪولا پئيڻ يا وري سوشل ميڊيا جو استعمال گهٽ يا وڌ ڪرڻ جو تعليمي سرشتي سان ڪهڙو لڳ لاڳاپو آهي؟ اهو عمل هر ڪنهن جو انفرادي عمل آهي. توهان جو ڪم صرف تعليمي تجويزون ڏيڻ يا تعليم لاءِ ڪجھ ڪارڳر حڪمت عمليون ٻڌائڻ آهي. توهان موضوع کان هٽي ڪري ڪٿي حڪيم ته ڪٿي ڊاڪٽر ٿا نظر اچو. موضوع کان هٽڻ به اوهان جي ڪتاب جي اهميت ۽ افاديت کي ڇهيو رسائي ٿو. هڪ موثر ۽ ڪامياب استاد جو ڪم هوندو آهي پنهنجي شاگردن کي اڳتي آڻڻ، انهن ۾ سکڻ جو جذبو پيدا ڪرڻ، انهن ۾ فڪر ڪرڻ جي عادت وجهڻ. انهن ۾ علم حاصل ڪرڻ جي اُڃ پيدا ڪرڻ. ڪتاب تي جهڙوڪ لکيل آهي ”پڙهائڻ کي انتهائي اثرائتو ۽ اُتساهيندڙ بنائيندڙ 101 راز“. ليڪن ڪتاب جو مڪمل طرح کان مطالعو ڪرڻ کان پوءِ اهو سمجھ ۾ اچي ٿو ته هن ڪتاب ۾ ليکڪ پڙهائڻ جي 101 رازن جي بجاءِ 101 پنهنجا فلسفا هٿ سان گهڙي ڪري پيش ڪيا آهن. هر هڪ مضمون ۾ هر هڪ لفظ جا اجائي ۽ واڌاري نموني سان ٻه يا ٻن کان وڌيڪ دفعا ورجاءُ ڪيو ويو آهي. لفظن جي اِن ورجاءُ جو هڪڙو مثال ڪتاب جي پهرين مضمون ۾ ڪجھ هن طرح ڪيو ويو آهي ”سکيا جو عمل شروع ڪرڻ کان اڳ ۾ ٻارن کي انهي لاءِ motivate ( آماده ڪرڻ)، ترغيب ڏيڻ، اُتساھ پيدا ڪرڻ يا دلچسپي پيدا ڪرڻ بلڪل ضروري آهي“. هاڻ هنن مٿين جملن ۾ آماده ڪرڻ، ترغيب ڏيڻ يا وري دلچسپي پيدا ڪرڻ جو هڪ ئي مفهوم نڪري ٿو ته شاگرد کي پاڻ ڏانهن متوج ڪرڻ ئي اصل مقصد آهي. هڪ ئي معنيٰ وارن لفظن جي ايتري قدر ۾ ورجاءُ ڪرڻ جو ڪو فائدو ناهي البته انهن جي جاءِ تي هڪ پر اثر لفظ ئي پنهنجي ڳالھ کي چٽي نموني بيان ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو. ليڪن جناب ليکڪ هر هڪ مضمون ۾ اهڙي ساڳين معنيٰ وارن لفظن کي ورجائي ڪري لکيو آهي.
ڪتاب جي صفحي نمبر 49 تي شاگردن سان دوستانه رويو ڀلي رکو، پر دوستي نه رکو جي عنوان تحت سائين لکي ٿو ته ”اڄڪلھ ميڊيا جو دور آهي، تنهن ۾ استاد کي ايترو active (سرگرم) نه رهڻ گهرجي ۽ نه ئي ڪنهن جو Facebook تي دوست ٿيڻ گهرجي“. هاڻ هتي اها ڳالھ قابل غور آهي ته استاد کي پنهنجي نوڪري کان واندو ٿي ڪري باقي وقت پنهنجي گهر ۾ سڪونيت اختيار ڪرڻ کپي. کيس پنهنجي اوس پاس توڙي معاشري جي سُڌ کان ڪن لاٽار ڪري منھ مونن ۾ وجهي ڪري چپ ڪري ويهڻ گهرجي. هي ڪيڏو نه الميو چئبو ته هڪ استاد کي سندس سماجي ڪمن ڪارن توڙي فلاحي ڪمن ڪارن کي روڪي رکجي. هتي ته ڪتاب جي ليکڪ وڏي ڪمال جي ڳالھ ڪري ڇڏي آهي. جنهن ڳالھ مون کي حيران ڪري ڇڏيو. هڪ استاد معاشري جو هڪ اهم اڳواڻ هوندو آهي. جيڪو پنهنجي صلاحيتن جي آڌار تي معاشري جي بهتر اڏاوت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو آهي. گهڻو پڙهيو لکيو هجڻ سبب سماج اندر سندس هڪ خاص اهميت هوندي آهي. سندس مان ۽ شان صرف پڙهائڻ جي ڪري نه بلڪ انهي ڪري به اعلي هوندو آهي ته سندس ڳانڍاپو معاشري سان، معاشري ۾ رهندڙ ماڻهن سان ۽ انهن ماڻهن جي ڏکن سکن سان جڙيل هجڻ جي ناتي به هوندو آهي.
پر هتي سائين پونجراج ڪيسراڻي استاد کي سڀني معاملن کان ڪن لاٽار ڪرڻ جي تجويز ڏئي رهيو آهي. جنهن مان اهو ثابت ٿي ٿو ته سائين پنهنجي پوري تعليمي سفر ۾ پنهنجي اوس پاس واري ماحول سان پڻ اهڙو رويو اختيار ڪيو هوندو. ڪتاب جي مهاڳ لکڻ کان وٺي ڪري هن ڪتاب تي پنهنجو رايو ڏيندڙ سڀني مهربانن مان ڪنهن به هن ڪتاب جي نالي تي پنهنجو اعتراض پيش نه ڪيو آهي. ڪتاب جو نالو رکيو ويو آهي ”ماسترن لاءِ چانھ جو ڪوپ“. هاڻ اهو ڏسجي ته اسان جو پورو سماج ماستر جي اصلاح کي ڪهڙي نموني قبول ڪري ٿو ۽ انهي اصلاح کي ڪهڙي فرد لاءِ قطب آڻي ٿو. پاڻ وٽ لفظ ماستر انهن استادن لاءِ قطب ايندو آهي جيڪي پنهنجي نوڪري سان سچا نه هوندا آهن. سياسي ڀوتارن جي پويان هوندا آهن يا وري سياسي چمچاگري ۾ مصروف هوندا آهن. هن ڪتاب ۾ لفظ ماستر کي اهميت ڏئي ڪري ليکڪ اهو ثابت ٿو ڪري ته اسان لاءِ وري به ماستر بهتر آهن اسان کي استاد نه کپن. اسان ماسترن جا ئي متلاشي آهيون. هن ڪتاب جو نالو ماسترن لاءِ چانھ جو ڪوپ رکڻ جي بجاءِ ”استادن لاءِ اُتسائيندڙ اصول، پڙهائڻ جا جديد لاڙا، ڪئين پڙهائڻ گهرجي، پڙهائڻ جا رهنما اصول “ يا وري ڪجھ اهڙي ئي نموني ڪو نالو رکيو وڃي ها ته بهتر هو. ماستر جهڙي منفي اصلاح کي اهميت ڏئي ڪري سائين پونجراج ڪيسراڻي پنهنجي ڪتاب کي وڪري ٿيڻ لائق ته بڻايو آهي ليڪن بحثيت استاد جي تاريخ جو ڏوهي ٿي پيو آهي. کيس ماستر جي اصلاح کي پنهنجي ڪتاب جي نالي ۾ استعمال ڪرڻ ته ڇا پر پنهنجي مضمونن ۾ ئي استعمال ڪرڻ نه گهربو هو. وڌيڪ لاءِ ايترو ئي چئي سگهجي ٿو ته سندس هي ڪتاب پڙهڻ به ماسترن کي ئي گهرجي ڇو ته هڪ بهترين استاد هن قسم جي ڪتابن کان پاڻ کي پري رکندو جنهن ۾ سندس مخالف اصلاح کي وڌيڪ اهميت ڏنل هجي.

( روزاني هلال پاڪستان ڪراچي، 26 اپريل 2019ع)

سنڌ هاڃا ۽ هيڻا ماڻهو / نواز خان زئور

سنڌ ڌرتي جي مجموعي صورتحال توهان اسان سڀني جي سامهون آهي. هر روز نت نوا ڪالم، مضمون توڙي ڪهاڻيون سنڌ جي دردن جون عڪاسي ڪندي لکيون وڃن ٿيون. لکڻ کان هٽي ڪري وري ڳالھ ٻولھ، ميل ملاقات توڙي ڪچهرين ۾ پڻ سنڌ ڌرتي جي سورن توڙي تڪليفن جو تذڪرو وڏي جهجي تعداد ۾ ڪيو ويندو آهي اُن جي باوجود ڪجھ ليکڪ اهڙا هوندا آهن جيڪي سنڌ ڌرتي سان ٿيندڙ هر هڪ ناحق، بي واجبي توڙي نا جائزي تي پنهنجي علمي، ادبي توڙي عملي ڪم سان آواز بلند ڪندا آهن. سنڌ هاڃا ۽ هيڻا ماڻهو ڪتاب جو ليکڪ نواز خان زئور پڻ انهن ماڻهن مان هڪ آهي جنهن کي پنهنجي ڌرتي جو اونو ۽ فڪر گهڻو تڻو آهي. مفڪر اعظم سائين جي ايم سيد ۽ سنڌ جي سرموڻ ليکڪ عبدالواحد آريسر کان پوءِ نواز خان زئور اهو ماڻهو آهي جنهن جا ڪالم، مضمون توڙي لکڻيون سنڌ ڌرتي کي پنهنجو محور ۽ مرڪز سمجهندي سندس ئي ڳالهين سان ٽمٽار هجن ٿيون، سندس هر هڪ تحرير ۾ سنڌ جي مسئلن، اُن جي تباهڪارين توڙي انهن جي حل لاءِ انتهائي مفيد ۽ ڪارائتيون تجويزون ڏنل هونديون آهن.
سندس هي ڪتاب سنڌ هاڃا ۽ هيڻا ماڻهو پڻ سنڌ جي اهم ٽن مسئلن تي لکيل ڪالمن ۽ مضمونن تي مشتمل آهي، ڊيم جو معاملو هجي، سنڌ اندر قومي ڪارڪنن جي گمشدگي جو معاملو هجي توڙي ڌارين جي آبادڪاري جو معاملو هجي، سندس قلم هر هڪ اهم ۽ سنجيده مسئلن تي پنهنجو فرض نڀايو آهي ۽ سنڌ جي انهن اهم معاملن جي حقيقتن توڙي سنڌ جي عام ماڻهو جي ذميوارين جو ذڪر پڻ ڪيو ويو آهي. قدرتي آفتن ۽ مصيبتن بابت ليکڪ لکي ٿو: ”سبب ڪهڙا به هجن، ڪئين به ٿيو هجي، پر مصيبتون ۽ آفتون اينديون آهن. اهي زندگي جو هڪ حصو آهن. بهادر، دلير ۽ سجاڳ قومون انهن آفتن کي ٻڌي، حوصلي، همٿ ۽ تڪڙن قدمن وسيلي منهن ڏينديون آهن.“ واقعي اشرف المخلوقات هوندي انسان کي مصيبتن کان گهٻرائڻ نه گهرجي مصيبتون وقتي طور آزمائش هونديون آهن. انسان کي پنهنجي اندر ۾ ڪائنات جيتري وسعيت رکڻ گهرجي جنهن جي اندر ڪا به ڀڃ ڊاھ انسان کي ڪمزور نه ڪري سگهي. ان کان علاوه اسان جي معاشري جو عام ماڻهو جهڙي سماجي بهتري جي توقع صدين کان وٺي ڪري پنهنجي اکين ۾ سمايو ويٺو آهي انهي بهتري توڙي ڀلائي جي اميد بابت ليکڪ لکي ٿو: ”سنڌ جا ماڻهو تمام گهڻي وقت کان وٺي ڪنهن تبديلي، ترقي ۽ بهتري جي آس لڳايو ويٺا آهن.
هر نئين حڪومت سان هو اِها اميد واڳيو ٿا ڇڏين ته اِن جي اچڻ سان اسان جا صدين پراڻا سور ختم ٿي ويندا ۽ ڪو سڻائو واءَ ورندو، جنهن ۾ هو ڪو سک جو ساھ کڻي جِيئِي سگهندا. انهيءَ اميد ۽ آس تي هو يارنهن سال لڳاتار ضيائي آمريت سان وڙهندا رهيا. انهن تمنائن جي بهڪاوَن ۽ دوکن ۾ هو گذريل اڌ صديءَ کان پيپلز پارٽي کي وؤنٽ ڪندا ٿا اچن. انهيءَ آسري جي ڇايا ۾ هو زندگي جي تلخ ترين گهڙين ۾ جيئندا ۽ اداس صبحن کي نراس شامن ۾ بدلائيندا رهن ٿا. ماڻهو به بنهه عجب چيز آهي، هُن جي آس ٽُٽي نه ٿي ٽُٽي! آس به ڪنهن وڻ وانگر آهي. پوري وچ تان وڍي ڇو نه ڇڏجي، مُند اچڻ تي وري موريو اچي.“ اسان وٽ سماج جو لقاءُ، مظهر توڙي منظر جيتوڻيڪ اهڙو نه آهي جهڙوڪ سڌريل ملڪن جو هوندو آهي هتي هر ڏينهن اسان نون مونجهارن ۾ مبتلا ٿيندا رهو ٿا، انهي معاشرتي پهلو جي بابت ليکڪ لکي ٿو: ”هتي ڪو هڪ مسئلو ته آهي ڪونه. هر نئين ڏينهن نت نوان مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن. محڪومي روز نئون مسئلو ڄڻي ٿي. چومکي ويڙھ آهي، جنهن ۾ ماڻهن کي ڦاسايو ويو آهي. هر ماڻهو پريشان آهي، ڳڻتي ۽ ڳاراڻي ۾ ورتل آهي. مسئلي جو صحيح ادراڪ مسئلي جي حل ڏانهن اڳڀرائي هوندو آهي. ان ڪري هر مسئلو اپٽارڻ گهرجي. اها اپٽار محض ڍنڍورو ناهي، پر حل ڏانهن پيش قدمي ۽ جاکوڙ جو سڏ پڻ آهي.“
هر روز نت نوان مسئلا پيدا ٿين ٿا وري اهي ساڳيا مسئلا ختم ٿيڻ بجاءِ وڌڻ لڳن ٿا. ايتري قدر وڌي وڃن ٿا جو آخرڪار انهن کي ختم ڪرڻ جو خيال ئي خود ختم ٿيو وڃي. حڪمرانن جي نا اهلي جي بابت ليکڪ لکي ٿو: ”اها جدا ڳالھ آهي ته هتي ڏاڍي جي لٺ کي اڳي ٻہ مٿا هوندا هئا، هاڻي اهي وڌي چار ٿي ويا آهن. مصيبت اِها به آهي ته اُها لٺ انڌن جي هٿن ۾ آهي.“
حڪمرانن جي غلط پاليسين توڙي ناقص حڪمت عملين جي سبب سڄو سارو سماج تباهي ڪناري تي بيٺو آهي انهي جو هڪ سبب محڪومي پڻ آهي ڇو ته آزاد قومن جا آزاد معاشرا بنھ سهڻا سيبتا ۽ اصولن تي قائم ٿيل هوندا آهن، انهي بابت ليکڪ لکي ٿو: ”محڪوميءَ سڀ کان وڏو هاڃو آهي. جنهن منجهان ئي ٻيا سمورا نقصان جنم وٺندا آهن. آزاد قومون پنهنجي ملڪ ۽ ماڻهن کي ٺاهينديون آهن ۽ ڌاريون قابص قوتون استحصال ڪنديون آهن، ڦرلٽ ڪنديون آهن ۽ پنهنجي منافعي لاءِ محڪومن جي ملڪ کي ترقي جي نالي ۾ تاراج ڪنديون آهن.“ محڪومي جي حالت ۾ غلام قومن جا فرد پنهنجي فڪر، فلسفي توڙي آدرشي معاملن کي وساري ڪري مادي معاملاتن کي گهڻو سوچڻ لڳندا آهن ڇو ته غلامي جي سبب انهن جا مڙني سڀئي وسيلا قابص ڌرين وٽ يرغمال بڻيل هوندا آهن انهي بابت ليکڪ لکي ٿو: ”اڳي ڌاريا فاتح ماڻهن کي مقدس ڪتاب آڇي آسمانن ڏانهن نهارڻ جون تلقينون ڪندا هئا ۽ پوءِ انهن جي پيرن هيٺان سندن زمين ڪڍي وٺندا هئا. هاڻي هو ترقي جون آڇون ڏيئي رهيا آهن ۽ ماڻهن جون اڃايل اکيون لالچ، لوڀ ۽ آسرن جي بي فيض آسمان ۾ اڙائي سندن سڀاڳي، سائي ستابي ۽ شاهوڪار ڌرتي سندن پيرن هيٺان کسڪائڻ گهرن ٿا.“ ان کان علاوه محبت جهڙي مقدس ۽ پاڪيزه عمل بابت ليکڪ لکي ٿو: ”محبت ڪڏهن به غافل ڪانہ ٿيندي آهي. رڳو ڪُٽيءَ کايا مجنان ئي غفلت ڪندا آهن. محبت ٻيو ڪجھ ڪانه ڪري سگهندي آهي، ته به آزمائش ۽ مصيبت ۾ اڪيلو ڪانه ڇڏيندي آهي، اها هر حال ۾ گڏ بيٺي هوندي آهي.“ هن ڪتاب ۾ قوم توڙي قومن جون حالتون، آزاد توڙي غلامن قومن جون حالتون ۽ سندس معاشرتي مسئلن کان وٺي ڪري سنڌو ڌريا جي مسئلي ۽ سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري کان وٺي جبري طور گمشدگين جو تذڪرو پڻ ملي ٿو. ان کان علاوه 2010 ۾ آيل مها ٻوڏ اچڻ جي اصل ڪارڻن ۽ انهي ٻوڏ کي برپا ڪندڙ حڪمرانن جون چالاڪيون پڻ عقلي دليلن سان ثابت ڪيل آهن.


(ڪاوش دنيا، 24 فيبروري 2019ع)

صحرا جي ڀاڪر ۾ / رحيمداد جوڳي

گهڻو عرصو گذري چُڪو هو مون ڪنهن به شاعر جي شاعري کي سنجيدگي سان نه پڙهيو، ها البته ڪالم، ڪهاڻيون، مضمون، تاريخ، تنقيد ۽ مقالمن کي مون ڪجھ جهجو وقت ڏنو. هاڻ ڪجھ ڏينهن پهريان صاحب ڪتاب پنهنجو ڪتاب مون کي تحفي طور ڏنو، مون پڙهڻ شروع ڪيو، الائي ڇو زندگي ۾ پهريون دفعو شاعري ۾ دلچسپي وڌڻ لڳي، دلچسپي به ايتري جو آئون بنا ڪنهن ڊگهي ساهي جي هڪ ئي دم پورو ڪتاب پڙهي ويس. ڪتاب کي جڏهن مون پڙهڻ شروع ڪيو ته منهنجي من جي اداس پاڇن کي روشني ملڻ لڳي، جوڳي جي هر هڪ خيال، تصور ۽ لفظ لفظ ۾ ڪمال جي منظر نگاري رکيل آهي، رحيمداد جوڳي ڪتاب جي اُڻويھون صفحي تي لکي ٿو.

هُن مون ڏي
ايئن نهاريو
جيئن چنڊ ڏي
ٻار نهاريندو آهي!

چنڊ ڏي ٻار جو نهارڻ تجسس ڀريل عمل هوندو آهي، جنهن ۾ ٻار چنڊ کي پسڻ جا خواب پنهنجي اکين ۾ رکي انهن جي ساڀيان لاءِ هڪ طويل انتظار جو عادي ٿي ويندو آهي، رحيمداد اُن ٻار جي انهي تعجب توڙي تجسس واري نهار کي نثري نظم جو خوبصورت ويس پارائي اسان توهان آڏو پيش ڪيو آهي. سندس پوري ڪتاب ۾ انيڪ اهڙا نثري نظم آهن جن کي پڙهڻ کان پوءِ ڪجھ منٽن لاءِ مون کي ڪتاب بند ڪرڻو پيو، ڪتاب بند ان لاءِ ته انهن نظمن ۾ فڪر جا تمام وڏا ۽ گهرا فلسفا سمايل هيا جن کي سمجهڻ لاءِ شايد اسان کي اڃا وڌيڪ ڪجھ وقت جي ضرورت آهي، جيئن مثال طور جوڳي صفحي نمبر اُڻيتاليھ تي لکيو آهي.

ماڻهوءَ جو ٿڪُ مُئي لهي!

ڏسو نہ ڪيڏو نه سگهارو خيال جوڳي صاحب انتهائي آسان لفظن ۾ بيان ڪري ويو آهي، سندس اهڙا انيڪ ئي نثري نظم آهن جيڪي گهڙي کن لاءِ دماغ جي سڀني مفروضن کي رد ڪري ڇڏين ٿا، ڏاهپ جي راهن کي هموار ڪن ٿا ۽ هڪ عام انسان کي به سوچڻ تي مجبور ڪن ٿا. اِها حقيقتن شاعر جي ڪاميابي چئبي جو انهي جي شاعري منجھ اُهي سڀئي گُهرجون مڪمل هجن جيڪي هڪ عام ماڻهو ۽ هڪڙي عاشق جي دلين ۾ ساڳيون هونديون آهن. رحيمداد جوڳي جو هي نظم پڻ شاهڪار نظم آهي.

روئڻ
خدا کي وڻندو آهي
۽ کلڻ
محبوبائن کي!

هي مٿيون نثري نظم روئڻ جي ٻن متضاد ڪيفيتن کي بيان ڪرڻ جو شاهڪار نمونو آهي، فڪر ڪرڻ سان معلوم ٿي ٿو ته محبوبائن کي عاشقن جو هميشه کلڻ ئي وڻندو آهي، روئڻ واري حال ۾ ته محبوبائون پنهنجن عاشقن کان ڪناره ڪشي ڪري وينديون آهن. ان جي ڀيٽ ۾ وري خدا هميشه نماڻن نيڻن، مايوس دلين ۽ روئندڙ حالت کي پسند ڪندو آهي، انسان جي روئڻ سان خدا کي پنهنجي بندي سان هڪ چاھ پيدا ٿيندو آهي ۽ اُنهي چاهت جو ڀرم رکندي خدا پنهنجي بندي جا سڀئي ڏوھ گناھ معاف ڪري ڇڏيندو آهي. رحيمداد جوڳي ميرواھ جو اُهو حقيقي جوڳي فقير آهي جنهن سماج مان دردن، تڪيلفن ۽ پِيڙائُن کي پنهنجي نفيس و نرم مزاج طبعيت سان محسوس ڪندي انهن کي نثري نظمن طور قلم بند ڪيو. سندس هن ڪتاب ۾ جيئري جاڳندي توڙي سڪونيت اختيار ڪيل هر هڪ ڪردار تي نثري نظم لکيل آهن سندس نظمن کي پڙهڻ کان پوءِ ائين لڳندو آهي ڄڻ جوڳي جو روح رولاڪ هجي ۽ هُو واقعي چنڊ تي رهندڙ ڪو سيلاني فقير آهي.

ڪهاڻي ڪتاب ”ورھ جا روڳ“ جو تنقيدي اڀياس!

ادب جي دنيا ۾ مون هڪڙو ننڍڙو ڀٿر اُڇلايو ۽ اُن پٿر اُڇلائڻ کانپوءِ جيڪي لهرون پيدا ٿيون اُنهن لهرن نوان چهرا، نيون ڳالهيون ۽ نوان موضوع دريافت ڪرڻ ۾ منهنجي مدد ڪئي. آئون پهريان سمجهندو هيس ته ٻه چار لفظ لکڻ کانپوءِ ماڻهو اديب ٿي ويندو آهي. ڪو قصو يا ڪا وارتا سليس انداز ۾ بيان ڪرڻ کانپوءِ ماڻهو ڪهاڻيڪار ٿي ويندو آهي. ڪنهن جي ڪتاب يا تخليق تي ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ کانپوءِ ماڻهو دانشور ٿي ويندو آهي پر ائين ڪونه آهي. ادب ۾ پاڻ مڃائڻ ۽ اديب ٿيڻ لاءِ گهرجون ئي ٻيون آهن. هر هڪ صنف جا پنهنجا بنيادي اصول ۽ ضابطا آهن. ادب ۾ ڪامياب اُهو ئي ماڻهو وڃي ٿو جيڪو سڀني اصولن ۽ ضابطن کي سامهون رکي ڪري ڪنهن صنف تي طب آزمائي ڪري ۽ تيستائين اڳي وک نه کڻي جيستائين اُن کي پهريان ڪيل ڪم متعلق ڪو حتمي يا مجموعي رايو نه ٿو ملي. سوشل ميڊيا تي ملندڙ اڪثر رايا ڪارڳر رايا ڪونه هوندا آهن. بس مڙئي سامهون واري کي خوش ڪرڻ لاءِ ٻه چار لفظ هر ڪو لکي وٺندو آهي. ڇھ مهينا پهريان اُسان جي پياري، نئي ٽهي جي جاکوڙي ليکڪ ذلفي ذنئور جي ڪهاڻين جو مجموعو ورھ جا روڳ ڇپجي ڪري پڌرو ٿيو آهي. هن ڪتاب ۾ ڪُل ارڙھن ڪهاڻيون آهن، هن ڪتاب جو مهاڳ سنڌ جي ناليواري ڪهاڻيڪار ضراب حيدر لکيو آهي ۽ اُنهي کانپوءِ محترم ايوب گل جو رايو به ڪتاب ۾ شامل آهي. هنن ٻنهي مانوارن پنهنجي مجموعي رايي ۾ ليکڪ کي بطور سيکڙاهٽ ظاهر ڪيو آهي ۽ اِها ڳالھ واضع نموني لکي آهي ته ڪهاڻيڪار جون ڪهاڻيون عام ۽ ساده آهن. کيس اڃا گهڻي مطالعي، مشاهدي ۽ پيڙاھ جي ضرورت آهي. اِهو ته لازم آهي جيڪو نئون ليکڪ هوندو اُنهي جي تخليق ۾ بهتري ۽ سُڌاري جي گنجائش هوندي ئي هوندي آهي. اُن جي همٿ افضائي ڪرڻ بدران جيڪڏهن سندس تخليق کي ائين رد ڪبو ته ليکڪ جي اوسر رڪجي ويندي ۽ اُهو لکڻ کان پري هليو ويندو. گوئٽي چيو آهي ته؛ ”جيڪڏهن ڪو شخص هڪ ڪتاب لکي ٿو ته کيس پنهنجي علم جو اظهار ڪرڻ ڏيو، ڇو ته هن کي پنهنجي لياقت ۽ اهليت جو جهجو اندازو آهي“. پر پاڻ وٽ قصو ئي ٻيو آهي جيڪو ماڻهو ڪتاب لکندو ته اُن کي پهريان اِها صلاح ڏبي ته تون اڃا پڙھ ۽ ڪتاب لکڻ ۽ ڇپائڻ واري مرحلي کان ڪوھ ڏور ٿي وڃ ته ڀلو اٿئي. ڇو ته هتي پاڻ وٽ بنا ڏيٺ ويٺ ۽ دعا سلام جي ڪو به ليکڪ پنهنجو تخليقي سفر جاري نه ٿو ڪري سگهي. سندس پيرن ۾ سنگھرون هڻي ڪري سندس ارتقا کي فل اسٽاپ ڏيڻ جا ماهر هتي کوڙ ويٺا آهن. سنڌ ۾ اڪثر نون شاعرن، ليکڪن، ڪهاڻيڪار ۽ اسڪالر حضرات سان اِها ڪار ٿيندي رهندي آهي ۽ اڃا به اِهو سلسلو جئين جو تئين ئي هلي رهيو آهي.
منهنجو ناتو ڪهاڻي سان اڃا تائين ائين ئي جڙيل آهي جئين ڪجھ سال پهريان جڙيل هيو. آئون ڪهاڻيون پڙهندو آهيان ۽ پوءِ اُن ڪهاڻي جي رونما ٿيڻ جي سببن تي ويچاريندو آهيان. اِنهي ويچار کانپوءِ هڪڙو ننڍڙو رايو جوڙيندو آهيان ۽ پوءِ اُنهي رايي کي اوهان پڙهندڙن جي اڳيان پيش ڪندو آهيان. اِنهي سلسلي ۾ هن دفعي ماما ذلفي ذنئور جو هي ڪهاڻي ڪتاب آيو آهي. جنهن جي ڪهاڻين تي پاڻ ڳالهائينداسين. هن ڪتاب جي پهرين ڪهاڻي ”وڻجاري“ جي عنوان سان آهي. جنهن ۾ ڪهاڻي جو مکيه ڪردار هوٽل ۾ ويٺي هڪ فقيرياڻي تي موهت ٿي پئي ٿو ۽ فقيرياڻي سان کيس پيار ٿئي ٿو پر اُنهن جو ميلاپ نه ٿو ٿئي ۽ اُها فقيرياڻي سگهو ئي ماڳهي واپس موٽي ٿي وڃي. جڏهن ته ڪهاڻي جي عنوان ۽ ڪهاڻي جي متن ۾ ٺاهوڪو تضاد آهي. ڪهاڻي جي عنوان کي پڙهڻ کانپوءِ ائين لڳي ٿو ته ڪهاڻي ۾ ڪنهن واپاري عورت جو قصو بيان ٿيل هوندو. پر ائين ڪونه آهي. ڪهاڻي ۾ ته فقيرياڻي عورت سان پيار جو قصو بيان ٿيل آهي. اِتي هن ڪهاڻي ۾ ليکڪ/ڪهاڻيڪار کي ڪرڻ ائين گهربو هيو ته ڪهاڻي جو عنوان، ڪهاڻي جي مکيه خيال جي مناسبت سان رکي ها. اِنهي مناسبت سان فقيرياڻي، انتظار، يا وري مسافر لفظ مناسب رهن ها. ٻي اهم ڳالھ ته ڪهاڻي ۾ ڪلائميڪس جي به کوٽ آهي. مجموعي طور سُٺي ڪهاڻي جي خصوصتن منجهان هڪ اهم خصوصيت اِها به هوندي آهي ته ڪهاڻي ختم ٿيڻ کان پهريان پنهنجي عروج تي پهچي ۽ اُنهي عروج کانپوءِ ڪهاڻي پنهنجو پاسو بدلائيندي آهي جنهن کي ڪلائميڪس چئبو آهي. اهڙيون ڪهاڻيون پڙهندڙ کي حيران ڪرڻ سان گڏوگڏ اُنهي تي پنهنجو اثر به ڇڏينديون آهن. ڪهاڻين جي هن مجموعي ۾ ڪجھ ڪهاڻيون اِهڙيون آهن جن ۾ ڪلائميڪس جي کوٽ شدت سان محسوس ٿئي ٿي. جئين ڪهاڻي نفرتون، گناھ ۽ ناچڻي. هنن ڪهاڻين کي اڃا بهتر ڪري سگهجي پيو.
هن ڪهاڻي ڪتاب جي ٻي ڪهاڻي جو عنوان آهي ”خواهشون“. جيڪو ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ هڪ ڳوٺاڻي مزدور جي زندگي جي عڪاسي ڪري ٿي. هن ڪهاڻي جي مکيه ڪردار جون جيڪي خواهشون آهن سي پوريون نه ٿيون ٿين ۽ اُهو مزدور ڪهاڻي ۾ پنهنجي خواهشن جو به برجستا اظهار ڪري ٿو. پاڻ وٽ عمومن ٿيندو به ائين آهي جو غريب پنهنجا خواب پاڻ سان گڏ قبر ۾ کنيو ويندو آهي. هتان جو سماجي نظام غريب ۽ مزدور طبقي کي قبولڻ لاءِ قطعي تيار ڪونه آهي. هن ڪهاڻي کي باقاعده سان ڪهاڻي چئي سگهجي ٿو ڇو ته هن ڪهاڻي ۾ ڪهاڻيڪار ڪهاڻي جو آخر ۾ پاسو بدلائيڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. ڪهاڻي حسرتون ۾، ڪهاڻي جي مکيه ڪردار مومل جي اِها حسرت ڏيکاري وئي آهي ته ھُو شادي جي خواهشمند هئي. حالاڪ ظاهري طور اُها هميشه عليل رهندي هئي ۽ پنهنجي دل کي خوش ڪرڻ لاءِ پاڻ کي موبائل ۾ رُڌل رکندي هئي. جڏهن ته ڪهاڻي جو نالو آهي حسرتون، مطلب لفظ حسرت جو جمع. جڏهن ڪا هڪ اڻپوري خواهش هوندي آهي ته اُن لاءِ لفظ حسرت استعمال ٿيندو آهي ۽ جڏهن هڪ کان وڌيڪ خواهشون اڻپوريون هجن ته پوءِ لفظ حسرتون استعمال ڪري سگهجي ٿو. ڪهاڻيڪار هن ڪهاڻي جي عنوان جي چونڊڻ مهل اِها ننڍڙي چُڪ ڪري ويو آهي. اتي کيس ڪهاڻي جو عنوان حسرتون جي بجاءِ حسرت رکڻو هيو. باقي ڪهاڻي اکين کي آلو ڪرڻ ۾ ڪامياب وڃي ٿي. هن ڪهاڻي ڪتاب جون سڀئي ڪهاڻيون اختصاري ڪهاڻيون آهن. هنن ڪهاڻين ۾ ڪهاڻيڪار ڪهاڻين ۾ اختصار کان ڪم ورتو آهي. ڪم به ايترو ورتو آهي جو ڪٿي ڪٿي ڪهاڻي پڙهندي ائين محسوس ٿئي ٿو ته گهڻيون ئي ضروري ڳالهيون ائين نه ڇڏڻ گهرجن ها. جئين مثال طور ڪهاڻي محبت ۾ سهڻي ۽ محبوب جي پيار ڪهاڻي کانپوءِ شادي ڪرڻ ۽ شادي کانپوءِ وڇوٽن جو تذڪرو ڪيو ويو آهي. اتي ئي ان ڪهاڻي جي شروعات ۾ لکيل آهي ته؛ ”الاءِ ڇا وجهه هئي شادي جي ڪجھ هفتن کان وچ ۾ اڻبڻت، دوري پيدا ٿيندي پئي وڃي. پهرين ته محبوب ڪم کان جلدي گهر موٽي ايندو هو. ڪجھ ڏينهن کان گهر دير اچڻ لڳو.
ڪڏهن ڪڏهن ته رات به گهر نه ايندو هو“. هاڻ اهم ڳالھ اِها ته هتي محبوب ۽ سهڻي جي وچم پيدا ٿيندڙن اُڻبڻت کي بيان ڪونه ڪيو ويو آهي. انهي وڇوٽي جا سبب ڪهڙا هيا. انهن جو ذڪر ڪونه ٿيل آهي ۽ ٻي ڳالھ ته محبوب ڪٿي، ڪهڙي اداري ۾ ڪم ڪندو هيو. اها ڳالھ به نه لکي وئي آهي. ڪهاڻي کي جيڪڏهن اهڙي نموني اختصار ڪبو ته اُها ڪهاڻي پڙهندڙ جي ذهن ۾ مونجهارا پيدا ڪندي ۽ اُن تي پنهنجو اثر نه ڇڏي سگهندي. اِهڙي ئي نموني سنگسار، نيڪي، اجنبي ڪير هو، باغي، تنهنجون يادون، خودڪشي، سرحدون، ضمير جو فيصلو ۽ ورھ جا روڳ، اِهڙيون ڪهاڻيون آهن جن کي نه صرف بطور ڪهاڻي قبول ڪري سگهجي ٿو پر انهن ڪهاڻين کي ٻين سان ونڊڻ، انهن جا حوالا ڏيڻ ۽ انهن کي ياد به رکي سگهجي ٿو. مذڪوره ڪهاڻيون اهڙيون آهن جيڪي سوچڻ تي مجبور ڪن ٿيون ۽ هن سماج ۾ رهندي، هن سماج جو حصو هوندي، هتان جو حقيقي عڪس نمايا ڪندي اسان کي اِهو احساس ڏيارن ٿيون ته ڪهاڻي اسان جي پسگردائي مان ئي جنم وٺي ٿي. اسان ڪهاڻي جي ۽ ڪهاڻي اسان جي ئي چئوگرد گهمي ڦري ٿي. بس اُها اک هجي جيڪا ڪهاڻي کي سُڃاڻي ۽ اُن کي پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري وٺي.

(انڊلٺ مئگزين لاڙڪاڻو، ڊسمبر 2020ع)

ذلفي زنئور جي نئين ناول ”وجود“ جو فڪري اڀياس!

زندگي ۾ هر هڪ معاملي جي شروعات ڏکي هوندي آهي. ڪنهن به منصوبي، حڪمت عملي يا ڪم کي پايا تڪميل تائين پهچائڻ لاءِ جڏهن ماڻهو سوچيندو آهي ته صرف اِنهي ڳالھ کي سوچڻ ۾ ڪي ئي ساعتون لڳي وينديون آهن ته شروعات ڪئين ڪجي ۽ ڪٿان کان ڪجي؟ ائين ئي جڏهن ڪو ليکڪ، ڪهاڻيڪار يا ناولنگار ڪتاب لکندو آهي ته کيس اِنهي فيصلي ڪرڻ ۾ کوڙ سارو وقت لڳي ويندو آهي ته شروعات ڪٿان کان ڪريان ۽ قصي کي ڪهڙي موڙ تي پُڄاڻي تي پهچايان. هر هڪ ليکڪ، ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ ناولنگار جو انداز پنهنجو هوندو آهي. ڪتاب پڙهندڙ انهي ڳالھ جي بخوبي پرک ڪرڻ ڄاڻيندو آهي ته ليکڪ ڪيتري قدر نمايا حيثيت جو حامل آهي. تڏهن به پاڻ وٽ اِهي اختيار قطعي ڪونه آهن ته پاڻ ڪنهن ليکڪ کي ردي جو ليکڪ ثابت ڪريون يا وري کيس مٿي کڻي آسمان تي پهچايون. پاڻ ڪتاب جي مدد سان ليکڪ جي شخصيت، سندس مطالعي ۽ مشاهدي جو اندازو لڳائيندا آهيون. سندس پسند ۽ ناپسند کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون. ائين هر گز ڪونه آهي ته پاڻ کيس پنهنجي پسند ۽ ناپسند تحت رد ڪريون يا کيس قبول ڪريون. تخليقڪار هميشه پنهنجي تخليق جي وسيلي ئي سُڃاتو ويندو آهي.
گذريل هفتي کان وٺي ڪري منهنجي مطالعي ۾ هڪ ناول رهندو آيو آهي. جنهن کي پڙهڻ لاءِ مون کي ٻه هفتا لڳي ويا. جيتوڻيڪ هي ناول هڪ ئي ساهي ۾ پڙهڻ جهڙو ناول آهي تڏهن به ڪجھ زماني جي ڪمن ڪارن ۽ پنهنجي لاڳاپيل شعبي جي ڪمن ڪارن سبب مڙئي سوايو وقت ائين ئي گذري ويو. ناول جو ليکڪ ناليوارو اديب ذلفي ذنئور آهي ۽ هي سندس ٻيو ڪتاب آهي. هن کان پهريان سندس ڪهاڻين جو مجموعو ”ورھ جا روڳ“ ڇپجي ڪري مقبوليت ماڻي چڪو آهي. هن دفعي صاحب ڪتاب ڪهاڻي جي صنف کان اڳڀرو ٿيندي ناول جي صنف تي طب آزمائي ڪئي آهي. سندس ناول هڪ اهڙي قبيلي جي عڪاسي ڪري ٿو جنهن قبيلي ۾ جهيڙا، قتل و غارت ۽ پاند پلاد جو رواج عام جام آهي. جتي مٽي مائيٽي، خون جي رشتن کان وڌيڪ قبيلائي اصولن کي اوليت ڏني ويندي آهي. سچ ته اِهو آهي جو مون جڏهن هن ناول جا شروعاتي صفحا پڙهيا ته ڪجھ صفحن کان اڳتي آئون ناول کي پڙهڻ جي پاڻ ۾ سگھ نه ساري سگهيس ۽ آئون ڪجھ ڏينهن ناول کي پڙهڻ کان پري ٿي ويس. ڇو ته ناول جي شروعاتي صفحن ۾ بيان ٿيل وارتا گهٽ ۾ گهٽ منهنجي برداشت کان گهڻي هئي ۽ هنن جملن کي پڙهندي آئون پنهنجي اکين مان جاري ٿيندڙ ڳوڙهن کي روڪي نه سگهيس؛ ”صبا جو سر ڌڙ کان ڌار ٿي مٽي کي چمي ورتو. ٻي ساهيءَ سر بولاٽي کائي سڌو ٿيو. سر جو رخ اڃان به ڀاءُ طرف هو. هن جا نيڻ اڃان به کليل ها. جيڪي ڀاءُ ڏانهن تڪي رهيا ها. نيٺ نيڻن جو پنبڻيون آهستي آهستي ڍريون ٿيڻ لڳيون، تان جو ٻئي نيڻ ٻوٽجي ويا“.
ناول ۾ گهڻي ڀاڳي قبائلي تڪرار وارو ماحول ڏيکاريل آهي اڃا به ائين چئجي ته هي ناول جابلو پسمانده علائقي جي پس منظر تي لکيل آهي. ناول کي پڙهندي جبلن جا منظر، لاھ چاڙها، سنها ۽ سوڙها پيچرا، گهوڙن جي ڊوڙ، جابلو رستن تي ڊوڙيندڙ فور ويل گاڏين جا عڪس ذهن ۾ تري اچن ٿا. ناول ۾ منظرنگاري باقاعده سان آهي. هر هڪ جملي توڙي گفتگو کي پڙهڻ مهل سندس آس پاس جي ماحول جو اندازو ٿي وڃي ٿو. جيڪڏهن اوهان ڪڏهن بلوچستان ويا آهيو يا اوهان لاهوت لامڪان جو سير سفر ڪيو آهي ته اوهان کي جبلن جي رستن جو علم هوندو ۽ اوهان هن ناول مان گهڻو لطف حاصل ڪري سگهو ٿا. هڪ سُٺي ناول جي خصوصيت اِها به هوندي آهي ته اُن ۾ منظر نگاري سُهڻي هجي ۽ پڙهندڙ ناول کي پڙهڻ دوران اُنهن جڳهن کي تصور ئي تصور ۾ گهمندو رهي. هن ناول ۾ اِها خصوصت نمايا طور نظر اچي ٿو. انهي سان گڏوگڏ ڪردار هڪ ٻي جا هم ڪلام ٿين ٿا ۽ ناول جو تسلسل جئين جو تئين برقرار رهي ٿو. ڪو به نئون يا اوپرو ڪردار هن ناول ۾ نمودار ڪونه ٿو ٿئي. آئون هن ناول کي روايتي يا غير روايتي ناول جو سرٽيفڪيٽ نه ٿو ڏيان، پر ايترو ضرور چوندس ته جڏهن اوهان ناول جي مطالعي دوران اُنهي ۾ رومانس، پيار محبت ۽ انهي کانپوءِ ڀوڳنا واري حصي تائين پهچندا ته اوهان ناولنگار جي ڪيل محنت تي حيران ضرور ٿيندا ته ڪين نه ناول جي رخ کي قبيلائي تڪرارن کان موڙي ڪري وري اُنهي ساڳي ماحول کان اڳتي آڻيندي اُن ۾ هڪ نئون پهلو متعارف ڪرايو آهي. جنهن ۾ مينگل خان ۽ صاحبا جي محبت جا عڪس ۽ اولڙا اوهان کي نظر ايندا. اوهان جو ذهن ناول پڙهندي ٿڪجي پوڻ کان اڳ ئي تازو توانو ٿيڻ لڳندو. ڪهاڻي جي اِنهي موڙ کانپوءِ اوهان جي دل چاهيندي ته ڇو نه ناول کي پورو پڙهي ڪري پوءِ ئي سڪون ڪريان. اوهان ناول کي اڌ ۾ ڇڏڻ واري فيصلي کان انڪاري ٿي پوندا ۽ سموري قصي کي سمجهڻ کانسواءِ رهي ئي نه سگهندا.

(روزاني آجيان شڪارپور، اربع 09 ڊسمبر 2020ع)

پيراڊائيز پوائنٽ تي شام : منور سراج

انسان ڪيفيتن آڏو مجبور ٿيندي ڪڏهن انهن ڪيفيتن کي منفي روين جي شڪل ۾ اظهاريندو آهي ته وري ڪڏهن انهن ڪيفيتن کي سهڻو سيبتو ڪري مثبت لباس پارائي ٻين اڳيان پيش ڪندو آهي ته جيئن ٻيا ماڻهو انهن ڪيفيتن جي شدت کي محسوس ڪندي اُنهن منجهان سبق حاصل ڪري سگهن. هاڻ انهن ڪيفيتن کي ڪجھ ماڻهو تقريري انداز ۾ بيان ڪرڻ جا ماهر هوندا آهن ته وري اُتي ئي ڪجھ ماڻهو وري انهن ڪيفيتن کي تحريري انداز ۾ لکڻ کي ترجيع ڏيندا آهن ۽ انهي تحريري انداز ۾ ماهر ٿي پوندا آهن جن کي ليکڪ چئجي ٿو. جيتوڻيڪ اظهار جا هي ٻئي نمونا پنهنجي جاءِ تي سٺو اثر رکندڙ آهن. ادب ۾ جڏهن ڪنهن ڳالھ جو تذڪرو ڪيو ويندو آهي ته عين اُن وقت ناول جي صنف کي پڻ ياد ڪيو ويندو آهي ڇو ته ناول هڪ اِهڙي سگهاري صنف آهي جنهن مان ناولنگار جي مطالعي، مشاهدي توڙي سندس ادبي ذوق جي اسان کي پتو پوندو آهي. ناول مان ئي ناولنگار جي نفسيات جو اندازو ٿي ويندو آهي.
سندس سوچڻ، سمجهڻ ۽ محسوس ڪرڻ جي حس جو علم سندس ناول کي پڙهي ڪري پڙهندڙن کي پتو پوندو آهي ته ناولنگار ڪئين سوچي ٿو؟ ڇا سوچي ٿو ۽ ڪهڙي مهل سوچي ٿو؟ ڪجھ ناول اِهڙا هوندا آهن. جن کي پڙهي ڪري سندس لکندڙ لاءِ من اندر هڪڙي محبت جي لهر پيدا ٿي پوندي آهي. اِهڙن ئي ناولن منجهان هڪڙو ناول منور سراج جو لکيل ” پيراڊائيز پوائنٽ تي شام“ به آهي. هن ناول اندر محبت جهڙي نفيس اَحساس کي جهڙي نموني پيش ڪيو ويو آهي سو بنھ ڪمال جي ڪاريگري آهي. هي ناول صدين کان اُڃايل دلين کي سيراب ڪندڙ هڪڙو اِهڙو ناول آهي جنهن ۾ پيار جي پنڌ ۾ لتاڙيل پيچرن جا حوالا قلم بند ٿيل آهن. سرمد جيڪو دنيا کي پنهنجي دل جي نفيس احساسن سان ڏسي ٿو ۽ انهن احساسن جي وڌي وڃڻ جي صورت ۾ شاعري ڪري ٿو. شاعري ۾ پساھ کڻي ٿو. شاعري جو لباس پنهنجي دل جي دردن کي اوڍي ٿو. سندس من ۾ محبت جي هڪ چڻگ ٻري ٿي. جيڪا ڄڻگ کيس خواب ڏيکاري ٿي. خوابن سان هم ڪلام ڪرڻ تي آماده ڪري ٿي ۽ سندس اِهي خواب ساڀيان ماڻڻ لاءِ هڪڙي حسين سمبارا ۾ پنهنجو عڪس ڏسن ٿيون ۽ ائين ئي سرمد انهن خوابن جي ساڀيان ماڻڻ لاءِ حقيقت ۾ ساڀيان سان پيار جو پيچ پائي ويهي ٿو. اسان جي معاشري جي هي ڪيڏي نه بد بختي چئبي جو جڏهن به هتي ٻه دليون هڪ ٻي لاءِ ڌڙڪڻ شروع ڪنديون آهن ته انهي وقت هن معاشري جا سڀئي مهذب ڪردار سامهون اچڻ شروع ٿيندا آهن ۽ پنهنجي غير مهذباڻي رويي سبب انهن دلين جي دڙڪڻ کي دٻائڻ جي ڪوشش ۾ مصروف عمل ٿي ويندا آهن. پيار ته پنهنجا پيچرا پاڻ ٺاهيندي آهي. اُنهي کي ڪنهن به ڏس پتي جي ضرورت نه هوندي آهي. ڀلي اهو چئجي ته ”عشق انڌو هوندو آهي“ ليڪن پيار ته اکين جي رستي ئي دلين منجھ پنهنجي پناھ گاھ تلاش ڪندي آهي. اِن لاءِ پاڻ پيار کي انڌو هجڻ جو تمغو نه ٿا ڏئي سگهون. اسين پيار کي ڪائنات جو هڪ سگهارو سچ تسليم ڪندي سندس اهميت جو اقرار ڪريون ٿا ته پيار بنا هي ڌرتي پنهنجي جياپي جو تصور ڪڏهن به جوڙي نه ٿي سگهي.
پيراڊئيز پوائنٽ تي شام ۾ پيار جي سڀني پهلوئن کي اجاگر ڪندي اهو پڻ ڏيکاريو ويو آهي ته ”هڪڙي دل ۽ درد هزار“ وارو مفروضو ڪئين وجود ۾ آيو آهي. ڪئين دل لڳي کان پوءِ وھ جا وٽا پيڻا پوندا آهن. ستارن سان ڳالهيون ڪئين ڪبيون آهن. چنڊ کي ڪهڙي مهل چتائي ڏسبو آهي. خيالن کي لفظن جو روپ ڏئي ڪري ڪئين شاعر پنهنجي شاعري ۾ جئيندا آهن. هن سماج جي هزارين پابندين جي باوجود ڪئين ساھ کڻندا آهن. ڪئين لڇندا آهن ۽ ڪئين پڇندا آهن. هن ناول جي اڀياس ڪرڻ کان پوءِ ائين لڳڻ لڳندو آهي ڄڻڪ هي ناول اداس روحن جي ڪٿا هجي. اِهڙي ڪٿا جيڪا هر پيار ڪرڻ واري جي ڪٿا هوندي آهي. هڪ اهڙو دستاويز جيڪو دستاويز دل لڳي کان پوءِ عاشق پنهنجي محبوب کي اکين جي اشارن سان لکي ڏيندو آهي. جنهن ۾ هو سڀ ڪجھ لکڻ سان گڏ پنهنجي پاڻ کي به لکي ڏيندو آهي ته آئون به سڄو سارو تنهنجو آهيان. هن ناول جي هڪڙي خوبي هي پڻ آهي ته هي ناول اسان جي معاشري جو حقيقي ثبوت آهي. جنهن جي بنياد تي اسين اهو چئي سگهون ٿا ته هت پيار ڪرڻ وارن لاءِ ڪو به متوازن ۽ مناسب ماحول قطع موجود ڪونه آهي. هت صرف شام اداس ناهن ٿيندا بلڪ اڪثر ڪري صبح به اداسي جا پيغام کڻي اينديون آهن. هتي سانجهي ويل خوابن سان گڏ، اميدون، آرزون ۽ تمناعون به سُڏڪنديون آهن. هتي ته مور سان گڏ هاڻ ڊيل به روئندي آهي ڇو ته اُها به سمجهي ٿي ته هتي سندس روئڻ جو وارو به اچڻو آهي.

(روزاني هلال پاڪستان ڪراچي، 06 جولاءِ 2019ع)

ڪوتا جِي ڪَلا / ترجمو: احمد شاڪر

ڪوتا جِي ڪَلا ارسطو جي جڳھ مشهور ڪتاب پوئٽڪس جو ترجمو آهي، پوئٽڪس معنيٰ ” شاعري جو فن“. چيو وڃي ٿو ته ارسطو جو هي جڳ مشهور ڪتاب دنيا ۾ مجموعي طور سڀني ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي، هن ڪتاب جو موضوع تنقيد آهي، تنقيد به اُها جيڪا شاعري سان لاڳاپيل هجي، هن ڪتاب جي مطالعي کان پوءِ الائي ڇو اهو احساس ٿي ٿو ته هن ڪتاب جي واقعي سنڌي ادب کي انتهائي درجي جي گهرج هئي جيڪا گهرج اسان جي هن نوجوان پياري ڀاءُ احمد شاڪر پوري ڪئي آهي. احمد شاڪر سان ادبي لڳاءُ گهڻن ڏينهن کان دل ۾ موجود هو، سندس شاعري کي پڙهڻ کان پوءِ ساڻس ملاقات ڪرڻ لاءِ من مادو هو. ڀلو ٿي انهن سڀني مهربانن جو جن ٻيو خيرپور لٽريچر فيسٽول جيم خانہ خيرپور ۾ منعقد ڪيو، اتي احمد شاڪر سان ملاقات ٿي ۽ سندس هي انمول ڪتاب مطالعي لاءِ نصيب ٿيو. ارسطو جيتوڻيڪ فلسفي جي تعليم سان گهڻو واڳاپيل هو ان لاءِ هن ڪتاب ۾ ڪٿي ڪٿي اهو محسوس ٿي ٿو ته ارسطو شاعري تي تنقيد ڪرڻ بجاءِ ڄڻ پنهنجو ڪو فلسفو ٻڌائيندو هجي مثال طور سندس هي لفظ:
شاعري جي اصل جڙ ۽ ان جي ارتقا
شاعري جي تخليق اصل ۾ ٻن سببن جي ڪري ٿيندي آهي. اهي ٻئي سبب انساني فطرت سان سلهاڙيل آهن. نقل ڪرڻ جي جبلت انسان ۾ ازل کان موجود آهي. هُو ٻي مخلوق کان ان لاءِ مختلف آهي ته هُو سڄي مخلوق مان سڀ کان گهڻو نقل ڪندڙ آهي ۽ هُو پنهنجو ابتدائي سبق نقل ذريعي ئي سکندو آهي. (صفحو نمبر 26). انساني جبلتن جو ذڪر ڪرڻ ۽ انهي سان گڏوگڏ وري سندس نقل ڪرڻ واري فطري عمل تي روشني وجهڻ يقينن اهو سڀ ڪجھ هڪ فلسفي دماغ ئي ڪري سگهي ٿو.
برحال انهي کان علاوه هن ڪتاب ۾ ڪاميڊي جو آغاز، وير ڪٿا، ٽريجڊيءَ جي تعريف، پلاٽ جو ڳانڍاپو، شاعراڻي صداقت ۽ تاريخي صداقت، سادو ۽ پيچيدو پلاٽ، تنسيخ، انڪشاف ۽ مصيبت، خوف و ترس، انڪشاف جا مختلف قسم، خيال ٻولي ۽ بيان، ٻولي، بيان ۽ چوڻ جو ڏانءُ ۽ آخر ۾ تنقيدي اعتراض ۽ ان جو جواب به پڙهڻ لاءِ ملي ٿو.
احمد شاڪر جيتوڻيڪ بنيادي طور شاعر آهي ۽ سندس شاعري پڙهندڙن جي دل وٽان هوندي آهي. سندس لکيل غزل هجن يا وري نظم، سڀ جا سڀ شاهڪار هوندا آهن، سندس مٿان ڏات ايتري قدر مهربان آهي جو هن ٿوري ئي عرصي ۾ ٻن ناياب ڪتابن جا ترجما ڪيا آهن. هن ڪتاب کان علاوه سندس ترجمو ڪيل هڪ ٻيو ڪتاب ”دنيا جون عظيم فلسفي عورتون“ نالي ڪتاب به مارڪيٽ ۾ موجود آهي. ترجمي جو ڪم پنهنجي حصي ۾ کڻڻ يقينن هڪ وڏي درياھ دلي جو مظاهرو آهي، سنڌي ادب ۾ شاعر هجڻ سان گڏوگڏ مرتجم ٿيڻ به هڪ وڏي اعزاز جهڙي ڳالھ آهي. احمد شاڪر لاءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته هُو مستقبل ۾ سنڌي ادب جو هڪ چمڪندڙ ستارو ثابت ٿيندو سندس ڏات گهڻن ئي اونداھ ذهنن ۾ روشني پهچائڻ جو وسيلو ٿيندي!

پور وڇوٽ پاڇا / احمد شاڪر

گذريل ڪجھ مهينن کان جهڙي ريت هن عالمي وبا ماڻهن کي پريشاني واري عالم ۾ مبتلا ڪيو. آئون سمجهان ٿو اِنهي کان اڳ ماڻهو ائين ڪڏهن به پريشان ڪونه ٿيا. گهر جي چئوديواري ۾ رهڻ، رابطن جا سڀئي جهان بند ڪرڻ، پنهنجي پاڻ سان هم ڪلام ٿيڻ ۽ سڄڻ جي سار ۾ صبح ڪرڻ جو هي سلسلو جهڙي ريت شروع ٿيو ۽ اختتام تي پهتو آئون سمجهان ٿو اِنهي سموري سلسلي جو خاص طور تي تخليقڪارن سٺو ۽ جامع فائدو ورتو. سنڌ اندر کوڙ سارن ليکڪن هنن ڏينهن ۾ ڪتاب لکيا ۽ اُنهي سان گڏوگڏ ڪجھ ليکڪن هنن ڏينهن ۾ پنهنجا بي ترتيب پنا سهيڙي ڪري ڪتاب ترتيب به ڏنا. اِهڙن ئي ليکڪن ۾ احمد شاڪر، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو، رسول ميمڻ ۽ نواز خان زئور شامل آهن. اِها ڪيڏي نه ڪمال جهڙي ڳالھ آهي جو ادب شناس ماڻهو سموري سنسار کي موت جي منهن ۾ ڏسندي به پنهنجي تخليقي سفر جئين جو تئين جاري رکندا اچن. عيد جون موڪلون ختم ٿيون. زندگي پنهنجي معمول ڏانهن وکون کڻڻ لڳي ته اچانڪ هڪ شام جو احمد شاڪر جي ڪال آئي، هميشه جيان مهربان ڀائرن جيان ڳالھ جي شروعات ڪندي مون کان منهنجو پڇڻ جي بدران اهو ٻڌايائين ته؛ ”آئون، تنهنجي پاڙي ۾ آهيان“. مون کانس سندس رهائش جو هنڌ پڇيو ۽ اِهو به پڇيو ته؛ ”مون ڏانهن اچڻ جو ڇا پروگرام آهي“. ڇو ته عيد کان پهريان احمد شاڪر سان ڪال تي مختصر گفتگو ٿي هئي. جنهن گفتگو ۾ هن يار مون کي چيو هو ته؛ ”عيد کانپوءِ توڏانهن اچڻ جو پڪو پروگرام اٿم“. بهرطور ملاقات ٿي، کوڙ ساري ڪچهري جو نادر موقعو هٿ اچي ويو. هن کان پهريان اسان جون جيڪي به ملاقاتون ٿيون آهن. اُنهن ۾ ڪچهري بنھ تمام گهٽ ئي ٿي آهي. هن دفعي مڙئي سڻائي ٿي وئي ۽ اسد سنڌيار جي اوطاق تي، آڪاش ميرواهي، سانوڻ ڦل ۽ ثاقب بلوچ جي موجودگي ۾ انتهائي زبردست ۽ ادبي ماحول جڙي پيو جنهن اسان سڀني جي من کي تازو ڪري ڇڏيو.

اسان وٽ ڪچهري لاءِ هميشه موضوع فطرت، حسن ۽ ڌرتي رهيا آهن. پر هن دفعي موسمياتي تبديلي کي ذهن ۾ رکندي اسان سياست، سياحت ۽ سماجي لقاءُ جي واڌ ويجھ ۾ پيش ايندڙ عنصرن تي به خوب گفتگو ڪئي. جنهن بحث مان نه صرف اسان علم جون سُرڪيون ڀريون پر اسان سان گڏ اوطاق تي موجود هڪ درويش به علم جون سُرڪيون ڀريندو رهيو ۽ گڏوگڏ موقعي جي مناسبت سان اسان سان مخاطب به ٿيندو رهيو. احمد شاڪر کي آئون جڏهن به سامهون ڏسندو آهيان يا منهنجي ساڻس ملاقات ٿيندي آهي ته مون تي حيرت جا دروازا ڪونه کلندا آهن. ڇو ته آئون ڄاڻي چڪو آهيان ته هاڻ احمد آسمان ۾ موجود ستارن جي ڪٿ ڪري سگهي ٿو. ڪنهن ڪراڙي جي مٿي تي موجود آفريڪا جي جنگل نما وارن جو تخمينو لڳائي سگهي ٿو. هٿ جي تري تي کنيل ڀٽ جي واري جي ٻُڪ مان واري جا ذرڙا بنا ڏسڻ جي ٻڌائي سگهي ٿو. سندس اکين ۾ آئيندي لاءِ اٿاھ اُتساھ موجود آهي. سندس آڱريون هاڻ نظم لکندي ٿڪجن نه ٿا. ڇو ته هُو هاڻي شهرت جو نه بلڪ پيار جو بکيو آهي. اُنهي پيار جو جيڪو پيار کيس ڌرتي جي سار ڏانهن وٺي هلي. سندس معصومن خوابن کي ڌرتي جي بقَا، بهبود ۽ فلاح لاءِ تڙپ عطا ڪري. اهڙي پيار ۽ پريت جي تند توار کي سنڀاليندي احمد شاڪر مهيڙ کان ڪهي اچي ڪري مون سان منهنجي شهر ۾ مليو ۽ مون لاءِ عيد کانپوءِ وري ڄڻ نئون چنڊ اُڀريو. جنهن کي ڏسي ڪري منهنجا سالن جا ٿڪ ئي لهي ويا. مون کيس ڏٺو ۽ کيس ٻڌو، سندس سڀاءُ اِهو آهي هو جڏهن به ايندو آهي ته تحفي ۾ ڪتاب آڻيندو آهي. خالي ڪونه ايندو آهي. سندس انهي سڀاءُ ڪري آئون سندس هميشه شڪرگذار رهندو آهيان.
هن دفعي به آيو ته پنهنجو تازو ڇپيل ڪتاب” پور وڇوٽ پاڇا“ جون ڪاپيون به پاڻ سان گڏ کنيو آيو. وڏي سڪ اڪير ۽ پيار سان تحفي طور ڏنائين. هر دفعي ڪتاب ڏيڻ مهل اِها تاڪيد ضرور ڪندو آهي ته؛ ”ڪتاب پڙهجاءِ ضرور“. آئون هر دفعي کيس اِهو ئي جواب ڏيندو آهيان ته؛ ”پرين - آئون تنهنجو ڪتاب پڙهڻ سان گڏ ان تي پنهنجو رايو به هميشه وانگر لکندس“. منهنجي جواب کانپوءِ سندس چهري تي آئون اطمنان جي سج کي روشن ڏسندو آهيان ۽ عين ائين به ممڪن آهي ته تنهن وقت سندس ذهن ۾ اِهو خيال به ايندو هجي ته مون ڪتاب واقعي درست ماڻهو جي هٿن تائين پهچايو آهي. اِهو آهي اسان جو جاکوڙي يار احمد شاڪر - جنهن جا ڪتاب منهنجي نثر جي پختگي جو باعث هوندا آهن. احمد شاڪر جي هن ڪتاب کان پهريان آيل سڀئي ڪتاب منهنجي مطالعي مان گذريل آهن. هر دفعي سندس لکڻ، موضوع جي چونڊ ڪرڻ ۽ ڪتاب آڻڻ وارو جيڪو طريقو آهي سو آئون سمجهان ٿو ته سندس اِهو طريقو احسن طريقو آهي. احمد شاڪر پنهنجي علم، فهم، عقل، توڙي مشاهدي کي قطب آڻيندي ادب جي راھ ۾ نئي ٽهي جي سڀني لکندڙن ۾ پاڻ کي نمايا ڪيو بيٺو آهي. سندس شاعري ته واقعي ڪمال جهڙي شاعري آهي. نئي ڪنوار جي هٿن تي لڳل مهيندي جهڙي شاعري جيڪا ماڻهو کان گهٽ ئي وسرندي آهي. پر تڏهن به سندس نثر جو پاسو به ايترو ئي سگهارو ۽ خالص آهي جيترو خالص ٿڻن مان نڪتل کير هوندو آهي.
احمد شاڪر پنهنجو هي تازو ڇپجي آيل ڪتاب تحفي ۾ ڏنو. مون به دل سان تحفي ۾ مليل هن سوکڙي کي اکين تي رکيو ۽ گهر پهچڻ شرط هن ڪتاب جو مطالعو ڪيم. هن ڪتاب ۾ احمد لاڪ ڊائون جي ڏينهن ۾ پنهنجي پرين پيارن دوستن ڏانهن خط لکيا ۽ اُنهن خطن ۾ احمد نه صرف انهن کان انهن جو حال احوال پڇي ٿو پر انهن کي سڄي سنسار جون ڳالهيون ۽ عالمي وبا متعلق ڪا چڱي اڳڀرائي ٿيڻ جي اميد ڀري ڳالهيون به ڪري ٿو. عالم انسانيت جي خير و عافيت لاءِ نيڪ تمائن جو اظهار به ڪري ٿو ۽ انهي سان گڏوگڏ سامهون واري شخص کي پنهنجي زندگي جي تلخ تجربن کان خطن وسيلي آگاهي به ڏئي ٿو.
انسان جي زندگي جون انيڪ گهرجون آهن. هڪڙي خواهش پوري ٿئي ٿي ته وري ڪا ٻي نئين خواهش پاڻهي ڄاڻ جاڳي ٿي پوي. اِنهي وٺ وٺان واري جهان ۾ ماڻهو کي جيڪا شئي گهڻي کان گهڻو ڪم اچي ٿو سو آهي تجربو. دنيا جهان اندر تجربيڪار ماڻهن جي وڏي عزت ڪئي ويندي آهي. چوڻ وارا ته ائين به چون ٿا ته تجربو رکندڙ ماڻهو زندگي ۾ هر هڪ شعبي ۾ پنهنجا جوهر سهڻي نموني ڏيکارڻ ۾ ڪامياب ويندو آهي. تجربو وڏي محنت ۽ مشقت کان پوءِ ئي حاصل ٿيندو آهي. ڪجھ ماڻهو اِهو سمجهن ٿا ته ڪو تجربو جلدي ۾ حاصل ٿيندڙ ڪا شئي آهي يا وري اڪ تان ماکي لاهڻ جيترو سولو ڪم آهي. پر ائين قطعي ڪونه آهي. تجربي کي حاصل ڪرڻ لاءِ ماڻهن جون عمرون ڳري وينديون آهن تڏهن وڃي ڪري ماڻهو ڪجھ سکندو آهي. گهر جي عمارت ٺاهيندڙ رازو جلدي ۾ رازو ڪونه ٿيندو آهي يا ڄمندي ڄام قطعي ڪونه هوندو آهي. اِنهي رازي گهڻن جا گهر ٺاهيا هوندا ۽ ممڪن آهي شروعاتي ڏينهن ۾ گهر جي عمارت جي ڪنهن ڪنڊ ۾ ڪا سر غلط يا وري آسيري پاسيري به هنئي هوندس. ائين ڪندي ڪندي وقت جي حساب سان تجربو حاصل ڪري وڃي ٿو. تجربي حاصل ٿيڻ کان پوءِ غلطين ٿيڻ جو امڪان تمام گهٽ هوندا آهي تڏهن به اِهو نه ٿو چئي سگهجي ته ڪو تجربيڪار ماڻهو غلطين کان پاڪ هوندا آهن.
آئون وري اِنهي نظرئي جو آهيان ته تجربي (Experience) سان گڏ مشاهدو (Observation) به لازمي هجڻ گهرجي ۽ مشاهدي سان گڏ وري مطالعو (Reading) به ضروري هجڻ گهرجي. جنهن وقت هي ٽئي عنصر پاڻ ۾ گڏ ٿيا ۽ ڪنهن هڪ دماغ جي زينت بڻيا ته يقين ڪريو اُن ماڻهو جي ذهانت کان دنيا متاثر ٿيندي سندس ڏاهپ جا ڏيھ ڏس ڏيندي. اسان وٽ ڪجھ ماڻهو تجربو رکن ٿا. جهڙوڪ خاص طور تي پيشه ورانه ماڻهو. جيڪي ڪنهن خاص شعبي ۾ ڏينهن رات ڪم ڪندڙ آهي سي پنهنجي اُن لاڳاپيل شعبي ۾ چڱي مهارت رکڻ سان گڏ سُٺو تجربو به رکن ٿا. اِنهي جي برعڪس اسان جو عام ماڻهو ڪنهن مخصوص شعبي ۾ مهارت يافته هجڻ کان قاصر آهي. اِنهي هوندي به وري ڪجھ ماڻهو تجربو رکندڙ ته هوندا آهن پر اُنهن ۾ مشاهدي جي حس ڪونه هوندو آهي. جنهن ڪري اُهي ماڻهو ڪنهن به ڪم کي سر انجام ڏيندي پنهنجي تجربي جي آڌار تي تجربي اندر پيا نوان تجربا ڪندا آهن. جتان کين ڪڏهن چڱو نتيجو حاصل ٿيندو آهي ته وري ڪڏهن انهن جو هڙ خالي جو خالي ئي رهجي ويندو آهي. هاڻ اچون ٿا اصل ڳالھ طرف ته تجربي سان گڏ مشاهدو به ضروري آهي ۽ مشاهدي سان گڏ وري مطالعو به ضروري آهي. هڪڙا سُٺا دماغ يا اڃان به ائين کڻي چئجي ته اعليٰ ذهن هنن ٽنهي عنصرن جو مرڪب هوندا آهن. اوهان ڏٺو هوندو ته هڪ سُٺو شاعر پنهنجي شاعري ۾ رڳو جماليات کي بيان ڪونه ڪندو آهي پر هڪ سُٺو شاعر پنهنجي شاعري ۾ جماليات سان گڏ جدليات کي به بيان ڪندو آهي ۽ اِنهي سان گڏوگڏ حالات حاضره جو تذڪرو به ڪندو آهي. ائين ئي اُهو سُٺو شاعر پڙهندڙن جي سڀني گهرجن کي سامهون رکي ڪري شاعري جو گلدستو تيار ڪندو آهي ته جئين ٻيا اُن مان سرهاڻ حاصل ڪري سگهن. اِهڙي ئي نموني انساني زندگي ۾ تجربي جي وڏي اهميت آهي.
سرڪاري توڙي نيم سرڪاري ادارن ۾ نوڪري جي حاصلات لاءِ تجربو درڪار هوندو آهي. هر ادارو نوڪري جي اشتهار ڏيڻ مهل اميدوار جي اهليت سان گڏ لاڳپيل نوڪري لاءِ تجربي جي گهر ڪندو آهي. اِهو تجربو واضع ڪندو آهي ته اميدوار ۾ ڪم ڪرڻ جي ڪيتري قدر صلاحيت موجود آهي يا اميدوار متوقع نوڪري ڪرڻ ۾ ڪيتري قدر دلچسپي رکي ٿو. سندس تجربو ئي کيس نوڪري جي حاصلات ۾ ڪامياب بڻائيندو آهي. ادب جا پارکو ڪتاب پڙهندا آهن ۽ ڪتابن ۾ لکيل ڳالهين مان تجربو حاصل ڪندا آهن.
مون جڏهن احمد جو هي ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيو ته مون کي اندر ۾ اِهو احساس پاڻهي ڄاڻ جاڳڻ شروع ٿيو ته واقعي انسان ڪيتري قدر ڪمال جهڙي ڪاريگري ۽ فن جو مالڪ آهي. عام ماڻهو وٽ دنيا جهان جو تصور ڪهڙي ريت هوندو آهي ۽ هڪڙي تخليقڪار جي اک هن دنيا ۾ موجود هر هڪ لقاءُ کي ڪهڙي انداز سان ڏسندي آهي. اِهو سڀ ڪجھ اوهان هن ڪتاب ۾ موجود خطن مان پسي سگهو ٿا. خط جيڪي پنهنجي دور جا دستاويز هوندا آهن. جن جي آڌار تي گذريل وقت جي حالتن جو جائزو وٺي سگهجي ٿو ۽ آئيندي لاءِ پاڻ کي ذهني طور تيار ڪري سگهجي ٿو. خطن جي موڪلڻ جو رواج جهڙوڪ هن جديد دور ۾ ڪنهن قدر گهٽجي چڪو آهي تڏهن به هن جديد دور ۾ خطن ۾ ساڳي سڳند ۽ سرهاڻ موجود آهي بشرط اُهي خط هجن. خاص طور تي انهن خطن مان جن خطن ۾ سڄڻ، سار ۽ سنسار جو تذڪرو ڪيل هجي. لاڪ ڊائون جي قهري ڏينهن ۽ غريب جي گهر ۾ آيل ڏڪر وارن هنن ڏينهن ۾ هنن خطن جو جنم ٿيو آهي. هڪ طرف پوري دنيا خوف و حراس ۾ مبتلا هئي ۽ موت جي منهن ۾ پاڻ کي ڀائيندي ماڻهو پاڻ بچائڻ جا جتن ڪري رهيا هيا ته ٻي طرف هي خط وڏي پيار ٻاٻوھ ۽ سڪ اڪير منجهان پنهنجي پيارن ڏانهن لکجي رهيا هيا. هي خط جنهن وقت لکجي ڪري مڪمل ٿيا ۽ هي ڳٽڪو ڇپائي جي مرحلي کي پار ڪري پڙهندڙن جي هٿن تائين پهتو ته آئون سمجهان ٿو هن ڪتاب جي ليکڪ جي اکين جي اوجاڳن کي ٿڌي آٿٿ ملي هوندي ۽ سندس اکيون ڪتاب ڏسي ڪري ٿڌيون ٿيون هونديون. ليکڪ جي اکين خوشي مان رقص ڪيو هوندو ۽ اُنهن مان خوشي جا ٻه چار لڙڪ به ضرور جاري ٿيا هوندا. اِها منهنجي ذاتي توقع آهي. هي ڪاتب سڀيتا پبليڪشن حيدرآباد پاران ڇپائي ڪري پڌرو ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ ٽوٽل ايڪيهه خطَ شامل آهن ۽ اهي خطَ هنن دوستن ڏانهن لکيل آهن: رحمت سومري، مجيب اوٺي، امرتا، جهانگير ڏاهري، علي آڪاش، حاجي ساند، امر اقبال، سنڌو ستار پيرزادو، مقبول هاليپوٽي، شميم مري، ساگر مشتاق، ناشاد رضوان، فراق هاليپوٽي، امداد سولنگي، فواد ڪلوڙ، آس ٻٻر، عرفان لُنڊ، ذوالفقار گاڏهي، منور ملاح، جاويد جبار، حبيب ساجد.... ۽ ايڪيهه ئي خطَ مختلف موضوعن تي لکيل آهن.

(روزاني هلال پاڪستان، 09 آگسٽ 2020)

عشق جو آسيب : رسول ميمڻ

آئون ڪهاڻين جي ڪتابن کي ڏاڍي شوق ۽ دلچسپي سان پڙهندو آهيان ۽ پوءِ وري جڏهن انهي ڪتاب بابت جيڪو محسوس ڪندو آهيان يا جيتري سمجھ ايندي اٿم اُهي خيال هتي اوهان آڏو پيش ڪندو آهيان. ڪجھ ڏينهن پهريان مون نثري نظم لکڻ شروع ڪيا جيڪي ڪجھ دوستن کي پسند به آيا ۽ مون کي سُٺي موٽ به ملي پر منهنجو ڪم نثري نظم پڙهڻ يا لکڻ قطعي ڪونه آهي. آئون ته ڪهاڻيون وڏي شوق سان پڙهندو آهيان ۽ ڪهاڻي لکڻ کي ئي وڌيڪ ترجيع ڏيندو آهيان. شاعري سان مڙئي دل وندرائيندو آهيان.
ڪجھ مهربان دوستن جو خيال هو ته آئون رسول ميمڻ جون ڪهاڻيون پڙهان. رسول ميمڻ جديد ڪهاڻيڪار آهي. مون سندس ڪجھ ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر تان ڊائونلوڊ ڪري پاڻ وٽ محفوظ ڪيا ۽ اِهو ارادو ڪيم ته سندس سڀ ڪتاب واري واري سان پڙهندس.
مون اهو سوچيو ته سندس ڪتاب عشق جو آسيب کي سڀ کان پهريان پڙهي پورو ڪريان ۽ باقي ٻين کي پوءِ آهستي آهستي واري واري سان پڙهي پورو ڪندس
. رسول ميمڻ جي هن ڪهاڻين جي ڪتاب ۾ جيڪو نثر لکيل آهي سو مون کي پڙهڻ مهل ائين لڳو ڄڻ نثري نظمن جو نثر لکيل هجي. سندس ڪتاب جي کوڙ سارن ڪهاڻين ۾ مون کي اهڙا جملا پڙهڻ لاءِ مليا جن کي جيڪڏهن الڳ سان لکيو وڃي ته انهن مان ڪمال جا نثري نظم ٺهي پون. جئين سندس ڪتاب جي پهرين ڪهاڻي ” روشنيون ۽ پاڇا “ جي شروعات ۾ هڪڙو جملو لکيل هو جنهن کي پاڻ هتي نثري نظم واري لکت ۾ پڙهنداسين.
”منهنجي حياتي به
سيور جيان مختصر
ٿي چڪي آهي!
پر اِها ڪڏهن
ٽيوب لائيٽ جيان
ڊگهي هئي.“
اِهڙي ريت سندس ڪهاڻين منجھ ڪافي اهڙا جملا استعمال ٿيل آهن. جن کي پڙهي ڪري ڪو به نثري نظمن جو شاعر سندس ڪهاڻين مان نثري نظمن جو لطف وٺي سگهي ٿو. انهي ساڳي ڪهاڻي ۾ هڪ هنڌ ڪجھ هن ريت جو خيال قلم بند ٿيل آهي.
”انسان خلا ۾ گردش
ڪندڙ گرھ آهي.
ھُو لڪير جيان
نڪري
چوڏينهن جيان چمڪي
۽ اوڻٽيھ اونداھ ۾
گم ٿئي ٿو.“
سندس ڪهاڻين جي ڪافي جڳهن تي مون کي نثري نظم جئيرا جاڳندا نظر آيا. مون انهن جملن کي نثري نظمن جي ادائيگي طور پڙهي ڪري سندس ڪهاڻين مان مزو پي ورتو. سندس هِن ئي ڪهاڻي منجھ هِن خيال مون کي سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.
”سينما اڳيا
حليم وڪندڙ مهاجر
جي گاڏي تي
رکيل ديڳ مٿان
هيڊو بلب ٻري ٿو
ماڻهو پليٽ ۾
هيڊي روشني کائن ٿا.“
رسول ميمڻ جي هنن ڪهاڻين کي آئون پڙهندي پاڻ کي ڏاڍو پرسڪون محسوس ڪري رهيو هيس. ڇو ته هڪ ئي وقت مون کي ٻه شيون پڙهڻ لاءِ ملي رهيون هيون. آئون انهي ڳالھ جي ثابت ڪرڻ ۾ مصروف ڪونه آهيان ته ڪو رسول ميمڻ سٺو ڪهاڻيڪار ڪونه آهي. پر آئون سندس ڪهاڻين جي انهي پهلو تي ڳالهائي رهيو آهيان جن ۾ نثري نظمن جا انيڪ جٿا مون کي نظر آيا آهن. آئون ته سوچيان پيو جيڪڏهن رسول ميمڻ انهن خيالن کي نثري نظمن طور به لکي وٺي ها ته سندس نثري نظمن جو هڪ جامع ڪتاب تيار ٿي پوي ها.
”ڏيئي جي وٽ
زندگي جيان آهي
۽ تيل حياتي!“

رسول ميمڻ جي هن ڪتاب منهنجي اندر ۾ نثري احساس جاڳائي ڇڏيا. سندس ڪهاڻين کي پڙهڻ کان پوءِ مون الائي ته ڪيترا نثري نظم لکي ڇڏيا. سندس نثر جي انهي ڪمال مون کي نثري نظمن جي ڪافي عنوان ڏنا. سندس ڪهاڻي روشنيون ۽ پاڇا ۾ هڪ جڳھ تي هڪ نثراڻو خيال ڪجھ هن طرح لکيل ملي ٿو.
”ڪائنات جي
منهن ۾ ستارا
ڪنهن عيب جيان
چمڪي
رهيا آهن!“

مون سندس ڪتاب ۾ موجود سڀني ڪهاڻين کي هڪ دفعو نه بلڪ ورائي ورائي ڪري پڙهيا آهن. ڇو ته سندس ڪهاڻين ۾ هڪ ته خيالن جي وسعت تمام ڀلي آهي ۽ ٻيو ته سندس اهڙا خيال جن کي نثري نظم ڪري لکجي سگهجي ٿو اُهي به ڪمال جا آهن. جيڪي مَن کي متاثر ڪندڙ آهن.
”ماڻهو سج جي
خوف کان سياري ۾
ڪن ڍڪيندا آهن ۽
اُنهاري ۾ مٿو!“
مان هاڻ سمجهي چڪو هيس ته ماڻهو آخرڪار رسول ميمڻ جي ڪهاڻين جي پڙهڻ کي ڇو اوليت ڏيندا آهن. اهو شايد اِن جي ڪري ته سندس جملن ۾ نثراڻو چس مڙئي ڪجھ جهجي مقدار ۾ موجود آهي. هڪ ڪهاڻيڪار، هڪ شاعر يا هڪ عام ماڻهو، سڀئي سندس ڪهاڻين مان لطف اندوز ٿي سگهن ٿا. سندس هن خيال جو جائزو وٺو.
”ڪڏهن آسمان
خوش هوندو آهي
ڪڏهن ڌرتي
خوش هوندي آهي
ٻئي هڪ وقت
خوش نه هوندا آهن
جڏهن هڪ وقت
خوش ٿيندا آهن ته
مصيبت نازل ٿيندي آهي.“
مون رسول ميمڻ جي جن به خيالن کي نثري نظمن جو روپ ڏئي ڪري مٿي لکيو آهي. جيڪڏهن توهان انهن جو انهي ئي نموني جائزو وٺندئو ته توهان کي به اُهو ئي چس ملندو. جيڪو هڪ شاعر کي نثري نظمن مان ملندو آهي.

ڪهاڻيون، جيڪي اُڃايل اکين جو سنيهو آهن!

مون ڪٿي لکيو هو ته ڪهاڻي جو واسطو انسان جي فطرت سان سنئون سڌو آهي. ڇو ته هر ماڻهو سان لاڳاپيل انيڪ ڪهاڻيون هونديون آهن. ڪجھ ڪهاڻيون ليکڪن جي مشاهدي ۾ اينديون آهن ته پوءِ اُهي لفظن جو ويس ڌاري وٺنديون آهن ۽ اُنهن ڪهاڻين ۾ هڪ دفعو ٻيهر ساھ پوڻ شروع ٿيندو آهي. اُتي ئي وري ڪي ڪهاڻيون اکين کان اوجهل ٿي وينديون آهن ۽ صدين تائين تاريخ جي ورقن ۾ گم ٿي وينديون آهن. انهن ڪهاڻين کي نه لفظن جو ويس نصيب ٿيندو آهي ۽ نه ئي کين ڳوڙهن جو ڪفن نصيب ٿيندو آهي. اِهڙين گم ٿيل ڪهاڻين جي سڳند هن ڌرتي تي ڪهاڻيڪارن کي جنم ڏيندي آهي ۽ ڪهاڻيڪار پنهنجي عقل، سمجھ ۽ فهم جي آڌار تي صديون اڳ گم ٿيل ڪهاڻين کي ڦلوري واپس ساڳي جائي تي آڻي ڪري کين لفظن جو صاف شفاف ويس پارائي پڙهندڙن جي آڏو پيش ڪندا آهن.
اِهڙي ئي ساڳي ديس جو مسافر اسان جو هڪڙو رولاڪ ڪهاڻيڪار منور سراج پڻ آهي. جنهن جي ڪهاڻين جو مجموعو خوابن جي سرحد ڪجھ ڏينهن پهريان منهنجي مطالعي ۾ آيو آهي. هن کان پهريان مون سندس ٻه ناول اڳ پڙهيا آهن. جن ۾ هڪڙي جو نالو کاٻي اک جو خواب ۽ ٻي جو نالو پيراڊائيز پوائنٽ تي شام آهي. سندس ڪهاڻيون ته دل جا تاڪ کوليندڙ آهن ئي آهن پر انهي سان گڏوگڏ سندس ناول به من کي موهيندڙ ناول آهن. منور سراج کي تمام ٿوري عرصي ۾ پڙهندڙن طرفان جيڪا مثبت موٽ، دلي داد ۽ پيار نصيب ٿيو آهي سو آئون نه ٿو ڄاڻان ته ڪنهن ليکڪ کي ايترو مان ۽ مرتبو ٿوري عرصي ۾ مليو هجي. يقينن هي سندس تخيل جو اعليٰ معراج ئي آهي. جيڪو پڙهندڙن جي من ۾ محبت جو گهر اڏي ويهي رهي ٿو. سنڌ اندر لکندڙن سان اِهو الميو ازل کان رهيو آهي ته لکندڙن کي گهربل موٽ ۽ داد رسائي ٿيندي ڪونه آهي يا ته وري جي ٿيندي به آهي ته انهي کان پوءِ طنز ڀريا تير ۽ تنقيد جا اڻ توريا لفظ موٽ ۾ ملندا آهن.
منور سراج جي ڪهاڻين جي مجموعي ”خوابن جي سرحد“ ۾ اِهڙيون ڪهاڻيون موجود آهن جيڪي پڙهندڙن کي فڪر ڪرڻ تي مجبور ڪن ٿيون. ڪهاڻي جو اسلوب، جملن ۾ رواني ۽ پس منظر جو جيڪو تسلسل ڪهاڻيڪار هر هڪ ڪهاڻي ۾ رکيو آهي سو ڪهاڻي جي سڀني گهرجن کي پورو ڪري ٿي. ڪهاڻي ۾ اهو بنھ لازم آهي ته پڙهندڙ کي هر قسم جي لقاءُ، منظر توڙي مظهر کان آگاھ ڪندو هلجي ته جئين اهو ڪهاڻي مان پوري نموني لطف اندوز به ٿئي ۽ اُنهي مان سبق به حاصل ڪري.
زندگي جي شاهراھ تي هلڻ لاءِ تڪڙ ڪرڻ ضروري آهي نه ته ماڻهو لتاڙجي ويندو آهي ۽ ڪڏهن به اٿي نه سگهندو. مان زندگي جي رستي تي خبرداري سان هلي نه سگهيس ۽ ٽائرن هيٺيان اچي چچرجي ويس. ڄنگهون ڪٿي، ٻانهون ڪٿي، هٿ ڪٿي، پير ڪٿي، چپ ڪٿي، ڪن ڪٿي ۽ اکيون ڪٿي ته آڱريون ڪٿي.
هن وقت دنيا ترقي ڪري جنهن بلندي تي پهچي چڪي آهي تنهن بلندي کي ڇُهڻ لاءِ مزاج ۾ ٿوري تکائي به گهربل آهي. جيڪڏهن ماڻهو وقت، حالات ۽ واقعات جي مناسبت سان پاڻ کي هلڻ قابل نه بڻائيندو ته يقينن پوئتي رهجي ويندو. انهي ڳالھ کي سمجهاڻي طور جهڙي ريت هن ڪهاڻي ۾ سموئي ڪري پيش ڪيو ويو آهي سو بنھ داد ڏيڻ جهڙو عمل آهي. ماڻهو ڪهاڻي ۾ پاڻ کي تحليل ڪري ڇڏيندا آهن. ڪهاڻي ۾ مڪمل طرح سان رلي ملي ويندا آهن جنهن سبب ڪهاڻي پنهنجو اثر دير پا تائين پڙهندڙ جي ذهن تي رکندو آهي. ڇو ته هتي ڪائنات ۾ هر هڪ ذري جي پنهنجي هڪ ڪهاڻي آهي. جڏهن ڪهاڻي جو هڪڙو رخ يا پاسو ڪهاڻي جي ٻي ڪنهن پهلو سان جڙندو آهي ته پوءِ انهي مهل ان ڪهاڻي جو اصل مفهوم سامهون ايندو آهي.
هُو پنهنجي سهيلي کان ته ڌار ٿي ئي وئي پر پنهنجي گهر ڏي ويندڙ ڪچي ڪالوني جو پڪو رستو به وڃائي ويٺي. گهر جي ڳولا ۾… يا شايد سهيلي جي ڳولا ۾… شهر جي رستن، بازارن ۽ چونڪن، چوراهن تي ڀٽڪندي رهي. لياقت مارڪيٽ کان موهڻي بازار، موهڻي بازار کان مسجد روڊ، مسجد روڊ کان عظيم ڪالوني، عظيم ڪالوني کان مهراڻ ڪالوني ۽ مهراڻ ڪالوني کان واپس لياقت مارڪيٽ جي پيھ ۾! اندر ۾ ڊپ… اکين ۾ ڊپ… سهيلي کان ڌار ٿيڻ جو ڏُک… گهر نه لڀڻ جو ڏُک…ماءُ جي ڪاوڙ جو ڊپ… ڀاءُ جي ناراضگي جو ڊپ… ڄاتل ستاڃل ڳليون اوپريون… ڏٺل وائٺل شهر اجنبي بڻجي ويل… اجنبي ئي نه پر دشمن ٿي بيٺل.
جڏهن ماڻهو خيالن جي سحر ۾ وڃائي ويندو آهي ته عين اُن وقت پنهنجي آس پاس هر شئي اوپري نظر ايندي آهي. ماڻهو پاڻ کي ڳولهي نه سگهندو آهي. هڪ اهڙي تلاش پيدا ٿي پوندي آهي جنهن ۾ پاڻ کي ڳولهڻ ئي مشڪل ٿي پوندو آهي. سوچون سمنڊ جي ڪنهن اونهي ڪُن وانگر ٿي وينديون آهن. ڪنارو ايترو ته پري ٿي ويندو آهي جو دوربين جا شيشا به ڪناري کي دريافت ڪرڻ کان لاچاري ڏيکاريندا آهن. اهڙي ئي اوپرائپ ۽ ڳولها واري جستجو جڏهن ڪهاڻيڪار جي مزاج ۾ جڏهن جنم وٺندي آهي ته تڏهن شاهڪار ڪهاڻيون جنم وٺنديون آهن. انهن ڪهاڻين کي زندگي نصيب ٿيندي آهي. ڪهاڻي جي وارثي ٿيندي آهي. انهي کي مان ملڻ لڳندو آهي. ماڻهو پنهنجي اڌوري خوابن کي ڪهاڻين جي روپ ۾ لکڻ شروع ڪندا آهن. منور سراج جون ڪهاڻيون صدين کان اُڃايل اکڙين جو سنهيو آهن. سندس ڪهاڻيون جتي بهار جو ڏس ڏين ٿيون ته وري اتي ساڳي جاءِ تي خزان جي موسم جي اڳڪٿي پڻ ڪن ٿيون. سندس ڪهاڻين جي هن مجموعي جو ٻيو ڇاپو تازو ئي ڪاڇو پبليڪيش شايع ڪيو آهي.

(روزاني هلال پاڪستان ڪراچي، 30 آڪٽوبر 2019ع)

تنين کي تعليم جِي : سرمد کوسو

هن ڌرتي جي سموري آبادي مان مجموعي طور چار يا پنج فيصد اِهڙا ماڻهو هوندا جن کي علم حاصل ڪرڻ جو اونهو هوندو. جن کي تعليم جي اِهميت ۽ افاديت جي خبر هوندي ۽ اُهي ئي ماڻهو در اصل هن ڪائنات جا اصلي وارث آهن. اِهڙن ئي پيارن منجهان اسان جو هڪڙو پيارو ڀائرن جهڙو دوست سرمد کوسو پڻ آهي. جنهن جي نئي آيل ڪتاب ” تنين کي تعليم جي“ پڙهي ڪري ائين محسوس ٿيو ته ڄڻڪ سرمد جي من ۾ تعليم جو اونهو ڪنهن وقت کان ٻريل ڏانڊي جيان دُکي رهيو آهي. مون تعليم جي موضوع تي پهريان هڪڙو ڪتاب پڙهيو هو . جنهن جو نالو هو.
”ماسترن لاءِ چانھ جو ڪوپ“. ڀاءُ سرمد کوسو به ساڳي ئي تعليمي موضوع تي لکي ٿو. جيڪو موضوع منهنجو بنيادي طرح سان اولين موضوع هجڻ کان علاوه پسنديده موضوع پڻ آهي. ڪنهن به فرد، ڪتاب يا ماڳ توڙي مڪان تي بنا ڪنهن تحقيق جي ڪو رايو قائم ڪرڻ يقينن اُنهي سان نا انصافي ڪرڻ برابر آهي. ڀاءُ سرمد کوسو جيتوڻيڪ هڪ با ڪردار ۽ متحرڪ نوجوان هجڻ سان گڏوگڏ هڪ بهترين ليکڪ پڻ آهي. اِنهي ڪري تعليم کاتي کي ويجهو کان ڏسڻ، انهي اندر موجود هاڪاري ۽ ناڪاري ريتن رسمن توڙي انهن جي اثر هيٺ رهندڙ اسان جي سماجي صورتحال جي اوسر تي سٺي نموني پنهنجا ويچار ونڊڻ جو قابل آهي. سندس تازو آيل ڪتاب ”تنين کي تعليم جِي“ پڙهي ڪري اهو خيال دل ۾ آيو ته جيڪر هن ڪتاب ۾ موجود سڀني تحريرن جا جملا کڻي ڪري انهن جو حوالو پنهنجي تبصري ۾ ڏيان. هر هڪ تحرير عمده ۽ بامقصد نموني سان لکيل آهي. سرمد کوسو جيتوڻيڪ پاڻ بنيادي طور هڪ استاد آهي. تنهن ڪري کيس تعليم کاتي جي اندر موجود فرسوده حڪمت عملين، فرسوده نصاب ۽ فرسوده رواجن جو علم جهجي مقدار ۾ آهي. حڪومت کي تعليم جي بهتري لاءِ ڪجھ گذارشون پيش ڪندي سرمد کوسو لکي ٿو:
پرائمري تعليم ٻار جو تعليمي بنياد هوندو آهي. جتان هو پنهنجي تعليمي سفر شروع ڪندو آهي. اهو سفر ٻارن لاءِ خوشگوار به ٿي سگهي ٿو ته ساڳي وقت خوفناڪ ۽ اڻوڻندڙ به ثابت ٿي سگهي ٿو. ان جو سڄو دارومدار ان ڳالھ تي آهي ته اسان تعليمي ادارن ۾ ٻارن کي ماحول ڪهڙو ٿا ڏيون؟ ڇا ٻار کي سڀ بنيادي سهولتون ملن ٿيون؟ (ڏسو صفحو 45 ۽ 46).
اِهڙي ريت پرائمري تعليم کان وٺي ڪري اعليٰ تعليم تائين درپيش ايندڙ ڏکائين تي تمام تر سهڻي انداز ۾ لکيو اٿائين. يونيورسٽين جي بي لاڀائتو هجڻ تي سرمد کوسو لکي ٿو:
”يونيورسٽيون هونديون ئي تحقيق لاءِ آهن سو اتي جڏهن تحقيق نٿي ٿئي. تنهنڪري ڊگري حاصل ڪيل شخص کي به ڪجھ ناهي ايندو. حڪومت کي گهرجي ته اَها يونيورسٽين کي پابند ڪري ته اهي داخلائون موجود وسيلن ۽ سهولتن موجب ڏين. تحقيق تي وڌيڪ زور ڏين. سفارش ڪلچر کي ختم ڪن.“ (ڏسو صفحو 48).
اِهڙي نموني تعليم کاتي سان لاڳاپيل هر هڪ پهلو سان سٺي نموني نڀاءُ ڪيو اٿس. فني تعليم جي اهميت هجي، اسڪولن ۾ ڪيريئر ڪائونسلنگ جي کوٽ هجي، زراعت جي تباهي جا تعليمي عمل تي اثر هجن. مطلب ته تعليم کاتي جي اهم مسئلن جي اُپٽار سان گڏوگڏ انهن جي بهتري لاءِ ڪارگر ۽ مفيد تجويزون هن ڪتاب ۾ پيش ڪيل آهن. انهي ڳالھ جو قطعي انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته اسان جو سمورو حڪومتي ڍانچو تعليم کاتي بابت سنجيده رويو نه ٿو رکي. بس مڙئي وقت کي ٺيلو پيا ڏين. مڙئي پيا ٿا گاڏو هلائين. سنڌ جي اجتماعي شعور کي خاص طور تي تعليم کاتي سان منسلڪ فردن کي سرمد کوسي جهڙن فرض شناس استادن تي فخر آهي. جيڪي پنهنجي قوم، پنهنجي وطن ۽ پنهنجي ڌرتي ڌڻين لاءِ سوچن ۽ لوچن ٿا. پنهنجي آواز کي سگهارو ڪرڻ ۽ تعليم بابت پنهنجي اندر موجود اوني کي ڪتابي صورت ڏئي ڪري پنهنجي فڪر کي پوري سنڌ ۾ عام ڪن ٿا.
هي ڪتاب پيڪاڪ پبلشرس ڪراچي طرفان ڇپائي ڪري پڌرو ڪيو ويو آهي ۽ سندس قيمت 200 روپيه رکي وئي آهي. پيڪاڪ پبلشرس پوري سنڌ کي انتهائي انمول ۽ ڪارائتا ڪتاب ڏيڻ جو پابند نظر اچي ٿو. آئون پيڪاڪ پبليڪيشن ڪراچي جي پوري سٿ سميت ڀاءُ سرمد کوسي جو تھ دل سان مشڪور آهيان جنهن هڪ اهم موضوع تي قلم کڻي ڪري اسان کي پڻ فڪر جي گس تي ٻيهر آڻي بيهاريو ۽ سندس هن محنت کي دلي طور داد ڏيان ٿو.

معاشري کي آئينو ڏيکاريندڙ ڪتاب : ڪوءِ ڳنڍيندڙ هوءِ

ادب ۾ جڏهن به ڪهاڻي جي حوالي سان ڪا ڳالھ ٿيندي آهي ته مون کي اُنهي وقت سنڌ جي ڪهاڻيڪار لاءِ دل ۾ عقيدت پيدا ٿيڻ لڳندي آهي ڇو ته آئون ڪهاڻيون پڙهندو آهيان. ڪهاڻيون ٻڌندو آهيان ۽ وري ڪڏهن ڀُل چُڪ ۾ ڪهاڻي لکندو به آهيان. هوش محمد ڀٽي ڪوءِ ڳنڍيندڙ هوءِ آڻي ڪري ائين سمجهو ته نه صرف پنهنجو بلڪ پڙهندڙن جي دل جو به بار هلڪو ڪري ورتو آهي. سندس ڪهاڻين جي هن ڪتاب ۾ سماج جي هر هڪ پهلو تي ڪهاڻيون درج ٿيل آهن. هر هڪ ڪهاڻي ڄڻڪ پنهنجي ڪهاڻي لڳي ٿي. مون جنهن وقت سندس ڪهاڻي ”ڪوءِ ڳنڍيندڙ هوءِ“ پڙهيو ته ائين سمجهو ڄڻڪ صدين کان منهنجي اندر ۾ جيڪو سوال ڪر کنيو بيٺو هو، هن ڪهاڻي پڙهڻ کان پوءِ اُنهي سوال جو جواب ملي ويو. هن ڪهاڻي ۾ ليکڪ سنڌ جي هر هڪ قومي ڪارڪن جي اندر جي ڳالھ، بلڪ ائين چئجي ته دل جي ڳالھ ڪئي آهي.
اِهڙي ئي ريت سندس ڪهاڻي مائوٿ آرگن به فن جو شاهڪار نمونو آهي. هِن ڪهاڻي کي پڙهڻ دوران جيڪي منهنجا توقعات ڪهاڻي سان جڙندا ويا ۽ مون مَنَ ئي مَنَ ۾ جيڪي سوچيو ته هاڻي شايد ڪجھ هئين ٿيندو، ڪجھ هونئن ٿيندو. پر ائين ڪجھ ڪونه ٿيو. ڪهاڻي مون کي مطلب پڙهندڙ کي چمڪو ڏئي وئي. هَن ڪهاڻي جي هڪ ٻي اهم ڳالھ ته ڪهاڻي پڙهڻ دوران ائين محسوس ٿئي ٿو ته ڪهاڻي جو مکيه ڪردار مرد آهي ۽ سندس پاران بيان ٿيل وارتا ڪنهن عورت جي آهي. پر اڳتي هلي ڪهاڻي جي آخر ۾ اهو ظاهر ٿئي ٿو ته ڪهاڻي جو مکيه ڪردار عورت آهي ۽ اُن طرفان جيڪا وارتا بيان ٿيل آهي سا مرد جي آهي. اِهو ڪمال به هِن ڪتاب جي ڪهاڻيڪار جو آهي. جنهن پنهنجي وسيع مطالعي، مشاهدي توڙي فن ۽ فنڪر وسيلي عظيم ۽ شاهڪار ڪهاڻيون ترتيب ڏنيون آهن. سندس هر هڪ ڪهاڻي مان معاشري جا اولڙا نظر اچن ٿا. هر هڪ ڪهاڻي سنڌي سماج جو آئينو محسوس ٿئي ٿو. هن ڪتاب ۾ موجود ڪهاڻي ” امن جو خواب“ هر انهي ماڻهو جي دل جي ترجماني ڪري ٿو جيڪو هن ڌرتي تي سک ۽ شانتي ڏسڻ جو قائل آهي. سندس خواب به امن جا متلاشي هجن. هن ڪهاڻي جون هي هيٺيون سٽون مون کي ڏاڍيون وڻيون بلڪ ائين چئجي ته ڄڻڪ منهنجي اندر مان ڦٽي نڪتيون هجن.” انسانيت جا هي سڀ لتاڙيل ليڪا... هيترا آدرش، اصول، قانون باقي آهن. مذهب، فڪر سڀ ڇا لاءِ آهن انسانن جي بچاءُ لاءِ آهن يا ان کي ڪُهڻ لاءِ. اقوام متحده جا ٺاهيل قانون، توڙي جو خود خدا به” هڪ انسان جي قتل تي سڄي انسانيت جو قتل عام چوي ٿو... پوءِ به هن ڌرتي تي ائين ڇو ٿو ٿئي.“
(ڪهاڻي. امن جو خواب، ڏسو صفحو 38)
انسان فطري طور امن پسند آهي. کيس ويڙهاڪ، حالتن ۽ وري ڪٿي ڪٿي معاشرتي روين بڻايو آهي. انهي لاءِ مجموعي طور تقريبن اڪثريت امن پسند خيال جا قائل آهن. هر ڪو چاهي ٿو ته امن امان جي صورتحال بهتر رهي ۽ هڪڙو انسان ٻي انسان جو ڀرجهلو ٿي. انهي ئي حوالي سان مٿي بيان ڪيل جملا ڪهاڻي امن جو خواب ۾ لکيل آهن. انهي حوالي سان ڪتاب ۾ موجود تقريبن سڀئي ڪهاڻيون پنهنجي جڳھ تي گهڻي قدر نون عنوانن تي مشتمل ۽ فڪري ڪهاڻيون آهن. جن کي پڙهي ڪري ڪو به باشعور توڙي اهل علم ماڻهو پنهنجي ڌرتي، پنهنجي آئيندي توڙي پنهنجي ماروئڙن بابت لوچ ۽ سوچ ۾ مبتلا ٿي سگهي ٿو.
هوش محمد ڀٽي کي هن شاهڪار ڪهاڻين جي سرجڻهار طور آئون تھ دل سان مبارڪ باد ڏيان ٿو ۽ سندس ڏات مان اِها توقع رکان ٿو ته سندس فن ۽ فڪر مستقبل ۾ انهي ئي ريت سنڌي ادب کي معياري ڪتاب فراهم ڪندو رهندو. ڌڻي سندس ڏات ۾ واڌارو ڪري.

ڪامريڊ هوچي منھه - ويٽنام جو روشن ستارو

انقلاب ڪڏهن به هڪ پل، هڪ منٽ يا هڪ سيڪنڊ ۾ برپا ڪونه ٿيندو آهي. انقلاب آڻڻ لاءِ هڪ ڊگهي جدوجهد ۽ مستقل مزاجي گهربل هوندي آهي. انقلابي ماڻهو ماٺ ۾ ويهڻ يا فضول وقت وڃائڻ کي پسند ڪونه ڪندا آهن. انهي جي برعڪس هو هر وقت جاکوڙ ۾ رهندا آهن. سندن هر هڪ وک پنهنجي منزل طرف روان دوان هوندي آهي. ڪامريڊ هوچي منھ ويٽنام جو روشن ستارو. جنهن جي انقلابي جدوجهد ۽ نه ٿڪجڻ واري محنت ويٽنام جي ڌرتي کي فرانسيسي سامراج کان ڇوٽڪارو ڏياريو. سندس زندگي جي هن ڪٺن سفر تي اسان جي سٻاجهڙي دوست ايشور لال سُوجاڻي زان لاڪوتيور جي ڪتاب جو ترجمو ”ڪامريڊ هوچي منھ“ جي نالي سان ڪري هي ڪتاب پبلش ڪرايو آهي.
هي ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ اسان کي هڪ اهڙي ماڻهو جي زندگي جو حال احوال برجستو پڙهڻ لاءِ ملي ٿو. جنهن کي فولادي ماڻهو جي نالي سان پڻ ياد ڪيو وڃي ٿو. ظاهري شڪل و صورت ۾ هلڪي قد سان بُت ۾ سنهڙو ۽ ٿڪل ڪامريڊ هوچي منھ پنهنجي اٽل ارادن سان اُن وقت جي سامراج سان ڪهڙي ريت منهن مهاڏو اٽڪايو ۽ کيس ڪهڙن ڪهڙن تڪليفن ۽ مونجهارن جو منهن ڏسڻو پيو سو سڄو سارو قصو هن ڪتاب ۾ بيان ٿيل آهي. ڪامريڊ هوچي منھ جي شخصيت جي باري ۾ هن ڪتاب جي مهاڳ ۾ نوجوان اديب سليم جمالي پنهنجا خيال ڪجھ ريت ونڊي ٿو ته: ”منهنجي خيال ۾ هوچي منھ جهڙي فولادي ماڻهو جي شخصيت ۽ جدوجهد ھڏ حرام ماڻهو جي ڀاڙيائي تي ڦٽڪار وجهڻ جو بهترين وکر آهي، جيڪو ماڻهو جي ذهن کي لوڏي ڌوڏي ٿو، سندس اکين ۾ پاڻي جا ڇنڊا هڻي کيس انقلابي راھ ڏسي ٿو، جتي جا هڙئي مسافر ڪونڌر ۽ انقلابي آهن.“
تبديلي هن ڪائنات جو ابدي سچ آهي. هر روز هر ڪا شئي ٿوري يا گهڻي مقدار ۾ تبديلي جو اثر قبول ڪري ٿي ۽ تبديل پڻ ٿئي ٿي. جڏهن اِها ساڳي تبديلي ڪنهن ممڪن امڪانات ۾ وڏي پئماني تي ظاهر ٿئي يا ظاهر ڪئي وڃي ته اُن کي انقلاب چئبو آهي. ڪائنات جي تبديلي فطرت جي اصولن جي تابع هوندي آهي ۽ وري ان جي مقابلي ۾ سماج جي تبديلي سماج کي تبديل ڪندڙن جي مزاج ۽ جدوجهد تي دارو مدار رکندي آهي. هر هڪ ڌرتي ڌڻي جي اِها خواهش هوندي آهي ته ھُو پنهنجي ماروئڙن سان گڏ هجي. سندن ڏک سک کان واقف هجي. انهن سان ڳنڍيل رهي. پنهنجي ماڻهن کي جمود مان ڪڍڻ لاءِ به اتي ئي رهي ڪم ڪري. ديس کان ٻاهر نه وڃي. پر حالتون هر وقت انقلابين جي حق ۾ هُجن اهو ممڪن ته ناهي.
ڪامريڊ هوچي منھ جي به اِها ساڳي خواهش هئي ته هُو پنهنجي ڌرتي ۾ رهي ڪري پنهنجي انقلابي سفر جاري رکي. پر پوليس ۽ جاسوسي ادارن جي پاران هر وقت سندس پويان پوڻ ۽ کيس قتل ڪرڻ واري ارادي کيس پنهنجي ڌرتي کان پري رهڻ تي مجبور ڪيو. انهي سبب ڪامريڊ پنهنجي انقلابي سفر دوران ڳچ عرصو پنهنجي ڌرتي کان پري رهيو. انهي دوران هڪ دفعو کيس جيل جو منهن به ڏسڻو پيو ۽ 15 مهينن تائين قيد ۾ رهي ڪري هن شخص شاعراڻي انداز ۾ جيل ڊائري به لکي. سندس آزاد نظم عظيم فن جا مظهر ثابت ٿيا جيڪي اڳتي هلي مختلف ٻولين ۾ ترجما ٿيا. ڪامريڊ هوچي منھ جي انقلابي جدوجهد ايترو ته اثر ڏيکاريو جو آمريڪا جهڙي سامراجي طاقت کي به سندس اڳيان گوڏا کوڙڻا پيا. هي ڪتاب انقلابي سوچ رکندڙ ماڻهن جي زندگي ۾ به سُٺي تبديلي رونما ڪري سگهي ٿي. هي ڪتاب هر انهي ماڻهو کي پڙهڻ گهرجي جيڪو غلامي جهڙي غليظ صورتحال کان پاڻ کي توڙي پنهنجي ڌرتي کي نجات ڏيارڻ چاهي ٿو. هي ڪتاب پارڪر پبليڪشن آڌيگام ٿر پاڪر طرفان ڇاپيو ويو. 64 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 120 روپيه رکي وئي آهي.

تخليق به تڙپي ٿي - تي هڪ نظر !

شاعري اُداس روحن جي هڪڙي پُڪار آهي. هِي اُنهن المياتي گهڙين جي هڪ رڙ آهي. جيڪا رڙ هن سماج جي گرمن هوائن ۾ پنهنجو سفر مڪمل نه ڪري سگهندي آهي .شاعري بنيادي طور احساسن جو هڪ حسين جوڙجڪ آهي. اِنهي جوڙجڪ مان ئي شاعر جي مزاج ۽ طبعيت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، ڪجھ ماڻهو شاعري کي لفظن جو خوبصورت سنگم سمجهندا آهن. کين اِهو گمان هوندو آهي ته اکرن کي اڳتي ۽ پوئتي ڪري لکڻ سان جيڪا شئي وجود ۾ ايندي آهي اُن کي شاعري چئبو آهي حالانڪ ائين قطعي ڪونه آهي. شاعري لفظن جي روپ ۾ جڏهن سرجندي آهي ته اُها پنهنجي پاڻ سان گڏ احساسن، خوابن ۽ تمنائن کي گڏ بلڪل ائين ئي کڻي ايندي آهي. جئين علي عاجز پنهنجي ڏيڍ سٽن واري ڪتاب” تخليق به تڙپي ٿي“ ۾ احساس کڻي آيو آهي. سندس ڪتاب ۾ موجود ڏيڍ سٽا ۽ ڏيڍوڻيون مالهائون فن، فڪر توڙي سڀني تقاضائن کان پوريون محسوس ٿين ٿيون. اچو ته سندس ڪجھ ڏيڍ سُٽن جو جائزو وٺون:

ھُو ڏاند ويو جوٽي!
من لاڀُ لُڻان عاجز، ٿو ماءُ مِٽي کوٽي!

بُڪ، پين، قلم ۽ مان!
اڄ يار پهاڙن تي، توکي ته پيو سڏيان.

طوفان اچي ويندو!
منهنجو ته ڪکائون گهر، ها هيل وري ڊهندو.

هِت باھِ ٻري آهي!
گوليون به ڇٽيون آهن، ير سنڌ سڙي آهي.

آزاد وطن ڇاهي؟
ڇا غير غلامي آ؟ توکي ته پتو ناهي.

ويچار ڪرين ها تون!
ٿو پيار گهران توکان، مَنَ! پيار ڪرين ها تون.

شاعري ته حاصل ۽ لاحاصل جي وچ واري وقفي ۾ ساھي پٽڻ واري ڪيفيتن کي به لفظن جو روپ ڏيندي آهي. شاعري جون سڀئي صورتون خوبصورت ۽ دلڪش آهن. پر جهڙي نموني علي عاجز پنهنجي ڏات سان ڏيڍ سٽن جي اندر تمام تر گهرو فڪر کڻي آيو آهي سا ڳالھ يقينن قابل تعريف آهي. سندس هنن ڏيڍ سُٽن ۾ فڪر جا گس هموار ٿين ٿا:

ڳوڙاڻ ٺهي ويندو!
گهر گهاٽ ڊهي ويندا، هت غير ڪهي ايندو!

ارمان لڳو ڏاڍو!
ٿو ائين وڍين مونکي، ڄڻ ڪاٺ وڍي واڍو.

هڪ ڳالھ ٻڌي ڇڏ تون،
هي ديس اسان جو آ، ۽ ديس اسان ئي هون.

هُل ڳوٺ سڄو آهي،
رت لاش پيا ڳاڙن، گهَر غيرُ ويو ڊاهي!

زنجيرَ ٽُٽي پوندا!
حالات ڪيو قابو، هي درد کٽي پوندا.

اڄ ياد ڪري مونکي!
سڏڪا ته ڀري ويٺي، برباد ڪري مونکي.

ڏس ڪيئن پيو تڙپان!
پرواھَ نه آ توکي، ٿي ڌار وئين مونکان.
جيڪو ماڻهو شاعري کان پري آهي آئون ته ائين سمجهان ٿو ته اُهو فرد هن سماج جي شڪل ۽ شنبھ کي سمجهڻ کان به پري آهي. اسان شاعري لکون ٿا.، شاعري پڙهون ٿا، شاعري ٻڌون ٿا. آخر ايترو سڀ ڪجھ ڇو ٿا ڪريون؟ ڇو ته شاعري اسان جي اندر جي احساسن جي ترجماني ڪري ٿي. علي عاجز جي هن ڏيڍ سٽن ۾ اندر جي احساسن کي ڪيتري نه خوبصورت نموني سان سرجيو ويو آهي:

ھُو ڀاڳ کسي ويندا،
تهذيب ڪُٺي ويندي، ۽ ماڳ کسي ويندا.

سڀ خواب ٽُٽي ويندا!
مون ڪونَ هيو ڄاتو، پنهنجا به ڇڏي ويندا.

ڪوئل ته پئي ڪُوڪي!
ڪنهن جي ته جُدائي ٿس، ٿي ياد ڪري ڪنهن کي!

جنهن عشق ڪيو هوندو،
ها تنهن ته زماني ۾، بس درد سَٺو هوندو.

اچ سُور پچاري وڃ،
ٿا نيڻ سڏن توکي، تن ۾ ته نهاري وڃ.

کنڀجي ته ويا هون ير!
ھُو لاش ته منهنجو آ، ٿي روز ڪُهي رينجر.

اچيار هلون ڪينجهر!
مَنَ! هاڻ لڳو مونکي، ويران پيو ٿو گهر.

شاعري اسان جي اڻ پورائي جو پورائو ڪري ٿي. اسان جي خوابن کي آٿٿ ڏئي ٿي. اسان جي اکين ۾ ايندڙ ڳوڙهن کي صاف ڪري ٿي. ماڻهو شاعري ۾ پناھ وٺندا آهن. شاعري ۾ پنهنجي خوابن جي ساڀياھ ڳوليندا آهن. هڪ سئو سٺ صفحن تي مشتمل علي عاجز جي هن خوبصورت ڪتاب کي سنڌيا پبليڪيشن ڇاپيو آهي ۽ سندس قيمت 300 روپيه رکي وئي آهي. هن مجموعي جو مهاڳ نامور شاعر آسي زميني لکيو آهي ۽ اُن سان گڏوگڏ افضل شر، خالده منير، ارشاد سومرو، اظهر امر، اصغر شر ۽ خالده سحر جا تاثرات به شامل اٿس. ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل شبانه عالماڻي لکيو آهي ۽ اُن سان گڏوگڏ ايڊوڪيٽ فالطمه هاليپوٽو جا تاثرات به ڪتاب ۾ شامل آهن.
ڌرتي جي شاعر جي شاعري جو جائزو!

شاعري هر ڏينهن مون آڏو نئين نويلي ڪنوار وانگر تيار ٿي ڪري سامهون اچي ٿي ۽ آئون سندس حُسانڪي کي ڏسي ڪري حيران کان حيران ڪُن حد تائين پهچي ٿو وڃان. اِيڏي ڇَڪ، ايڏي پنهنجائپ ته مون پنهنجي تخليقن ۾ به ڪونه ڏٺي هئي ۽ نه ئي مون ڪڏهن شاعري کي ايترو سمجهيو هو. شاعري ته پڙاڏو ٿي ڪري مون آڏو پنهنجا سُڏ ورنائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ۽ آئون ڪنهن بي زبان جانور جيان کيس تعجب وارن نظرن سان ئي ڏسندو رهان ٿو. منهنجو ذاتي مزاج ايڏو ته اڀاڳو رهيو آهي جو مون هميشه شاعري کي پاڻ کان ڌِڪي پري ڪيو آهي پر وري به شاعري مون وٽ وقت جي تقاضائن سان حاضريون ڀريندي رهي آهي. شاعري اِها ڪوشش ڪندي رهي آهي ته آئون سندس اهميت کي سمجهان، آئون سندس افاديت جو اندازو لڳائي سگهان. آئون سندس اکين ۾ اکيون نهار ڪري ڪي گهڙيون ساڻس ڪچهريون ڪريان. شاعري ائين ئي ٻين جي هٿن سان لکجي ڪري مون وٽ مهمان ٿي ڪري ايندي رهي آهي. آخرڪار مون کيس پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو آهي. صدين جي وڇوٽن کي ختم ڪري مون کيس ڳل ڳراٺيون پاتيون ۽ سندس نراڻ تي هڪ چُمي ڏني. ڪجھ ڏينهن پهريان آئون محراب پور شهر، نوجوان شاعر شڪيل احمد سان ملڻ ويس. ساڻس ملاقات ڪري ڏاڍي سُرهائي محسوس ٿي ۽ دلي سُڪون مليو. ادب، سياست، تعليم ۽ مڙني مختلف موضوعن تي سُهڻي نموني سان خيالن جي ڏي وٺ ٿي ۽ سندس ڪچهري مان کوڙ ساريون نيون شيون سکڻ ۽ ٻڌڻ لاءِ مليون. نت نيون ڳالهيون، جيڪي مون نه پهريان ٻڌيون هيون ۽ نه ئي ڪڏهن انهن بابت ڪو غور ۽ فڪر ئي ڪيو هو. اُنهي موقعي ته ڀاءُ شڪيل مون کي پنهنجي نثري نظمن تي مشتمل ڪتاب ” اداس راڳي، خاموش ساز“، جي هڪ ڪاپي به تحفي طور ڏنو. جيڪو هن 2017 ۾ ڇپرايو هو. مون گهر پهچڻ شرط ئي ڪتاب جو مطالعو ڪرڻ شروع ڪيو. آئون ڪتابن جي پڙهڻ واري معاملي ۾ قطعي به سستي ڪونه ڪندو آهيان. ڪوشش هوندي آهي ته جلد از جلد ڪتاب کي پڙهي وٺجي. ها باقي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪرڻ ۾ ڪڏهن ڪڏهن کڻي ٿوري دير سوير ڪري وٺندو آهيان. سندس ڪتاب جي پهرين صفحي کان وٺي آخري صفحي تائين هر هڪ لفظ کي ائين ترتيب ڏنو ويو آهي جئين ڪو مالهي گُلن کي سنواري سجائي، سھڻي نموني سان ترتيب ڏئي ڪري رکندو آهي ته جئين اُهي ڏسڻ واري کي موهي وجهن ۽ پاڻ ڏانهن متوجع ڪن. شڪيل احمد جي شاعري ۾ تشبيھ ڪمال درجي سان ڏنا ويا آهن ۽ اُنهي سان گڏوگڏ هر هڪ نثري نظم ۾ خيال کي ايتري ته مضبوطي سان رکيو ويو آهي جو هڪ ئي نثري نظم کي پڙهڻ کي مهل ڪافي دفعا ساهي پٽڻي پي پئي ۽ ڪي ئي ساعتون اُنهي خيال جي گهرائي کي سمجهڻ ۾ لڳيون. آئون سندس نثري نظمن مان ڪجھ خيال هتي توهان آڏو پيش ڪريان ٿو توهان بذات خود ڀلي معتداڻو فيصلو ڪريو:

”هي تڏهن جو قصو آهي
جڏهن هن مون کي شاعري سان
اعتراض جوڳي حالت ۾ پڪڙيو وڌو.“

ڪتاب جو هي پهريون نظم جيتوڻيڪ سڄو سارو هڪ مضبوط خيال تي جڙيل آهي پر اُنهي جي باوجود مون مٿيان جملا صرف انهي لاءِ نقل ڪيا ته جئين توهان کي شاعر جو شاعري سان لاڳاپو سمجھ ۾ اچي. انهي ساڳي نظم ۾ اڳتي ڪجھ هن طرح جو خيال پاڻ کي پڙهڻ لاءِ ملي تو:

”عشق جي غيرت ۾ اچي
هن مون کي شاعري سان
ڪارو ڪري ماري ڇڏيو!“
شاعري سان سندس اهڙو لڳ لاڳاپو انهي ڳالھ جي شاهدي ڏي ٿو ته شاعر جي شاعري سان ويجهڙائپ وارو ناتو سندس گهڻ گهرن کي پسند ڪونه آهي. ليڪن اِنهي جي باوجود شاعري سان پنهنجي نينهن ۽ ناتو قائم رکيو اچڻ به قابل داد ڳالھ آهي. هن شاعر وٽ حسرتن کي معيار ڏيڻ جو به هڪ نئون ۽ الڳ ڍنگ آهي:

”اي حسرتون! کڙڪا نه ڪيو
منهنجين اوجاڳيل اکين ۾
اجرڪي عورت جهڙي
حسين خواب کي
سمهڻ ڏيو.“
شاعر ته فطرتن عورتن جا ازلي متوالا رهيا آهن. ڇو ته عورت جي بخملي بدن مان جيڪا مهڪ هوا سان مٿي اڏامي ڪري شاعر جي ذهن ۾ گهر ڪندي آهي ته شاعر انهي خوشبو کي قابو ڪري اُنهي مان ڪجھ سٽون لکي وٺندو آهي. ڪجھ انهي ئي ريت جو احساس اسان کي هڪ نظم جي هنن سٽن ۾ ملي ٿو:

”اڄ به خوبصورت پريون
منهنجن خوابن ۾ رقص ڪنديون آهن
اڄ به تصور ۾ ستارا ٽپي ويندو آهيان“

شاعري ۾ سندس اسلوب ۽ رواني انتهائي درجي تائين متاثر ڪندڙ آهي. هر هڪ نظم کي فن جو شاهڪار پارو چئي سگهون ٿا. آئون ته سندس ڪتاب ۾ موجود نظمن جي هر هڪ سٽ سٽ تي حيران ٿيندو رهيو آهيان ته آيا شاعر وٽ تصوراتي سگھ ڪيتري نه گهڻي مقدار ۾ آهي ۽ ھو اِنهي تصوراتي سگھ وسيلي پنهنجي هڪ الڳ دلڳ دل جي دنيا جوڙيو ويٺو آهي. جنهن دنيا ۾ هُو ٻاهريان ڪنهن به گستاخ خيال کي اچڻ نه ٿو ڏي. سندس شاعري معاشرتي معاملن کان وٺي ڪري زندگي جي هر عام و خاص وهنوار سان پنهنجي وابسطتگي ظاهر ڪري ٿي. سندس هي نثري نظم مون کي ڏاڍو سُٺو لڳو جنهن ڪري آئون اُن کي مڪمل نقل ڪري توهان آڏو پيش ڪريان ٿو:

”ڳالھ ٿا ڪن
ته هڪ شاعر
نظمن جي تلاش ۾ نڪتو
۽ وڃي جنگ جي ميدان ۾ پهتو
ماڻهو چون ٿا
ته اڄ به
اُن شاعر جي
نظمن مان
رت ٽمندو آهي!“

هڪ شاعر لاءِ ڪُل ملڪيت، سڄي ميراث شاعري ئي هوندي آهي. جنهن ڪري اڪثر شاعر شاعري جي حاصلات لاءِ هجر جون راتيون ڪاٽيندا آهن. برھ جي پاھ ۾ پچي راس ٿيندا آهن. نراسائي جهڙن ڪيفيتن سان هم ڪلام ٿيندا آهن. پر پوءِ به ھُو شاعري سان پنهنجي نينهن ۽ ناتي کي تر و تازه رکندا ايندا آهن. ڪا به سَٽ، ڪا به تخليق بي مقصدي ڪونه آهي. لفظ جڏهن تخليقڪار جي قلم مان ورقن تي جنم وٺڻ لڳندا آهن ته اُنهي مهل پوري ڪائنات جي وسيع نظر انهن لفظن تي هوندي آهي ڇو ته لفظ ئي ته آهن جيڪي هن وشال ڪائنات کي پنهنجي اندر سميٽيون ويٺا آهن نه ته ڪائنات جي تعريف ڪير ڪري ها. لفظ نه هجن ها ته ڪائنات کي ڪير واضع نموني بيان ڪري سگهي ها. ڪائنات ۽ شاعري جي ڳانڍاپي کي سندس هي نثري نظم ڪجھ هن طرح بيان ڪري ٿو:

”شاعري ۾ ڪائنات
پاڻ کي رضاڪاراڻا طور
پيش ڪندي آهي!“

واقعي شاعر جڏهن پنهنجي فن، فڪر ۽ ڏات سان ڪائنات کي قابو ڪري لفظن جو روپ ڌارائي ٿو ته ڪائنات به خاموشي سان پنهنجي پاڻ کي رضاڪاراڻا طور پيش ڪري ٿي. هر تخليقڪار جي نظر ۾ ڪا به شئي نه ٿيڻ جهڙي نه هوندي آهي ڇو ته اڪثر شاعر ۽ اديب پنهنجي تصور جي طاقت سان پنهنجي من پسنديده جهان جوڙي وٺندا آهن. شاعر جو هي خيال انهي ڳالھ کي توسيع ڏي ٿو:

”وقت جي دونهين ۾ هر شئي
ڪاراٽجي گم ٿيندي وڃي ٿي
پر خيالن جي زراف جي ڳچي ڊگهي آهي
تصور جي اکين سان
تون جتي به هجين
توکي ڏسي وٺان ٿو“


اِهو ڪمال صرف خيالن کي ئي حاصل آهي ته ھو سڀني کان وڌيڪ تيز رفتار ۾ سفر ڪري سگهن ٿيون. جتي به جنهن به مهل چاهين کن پل ۾ پهچي سگهن ٿيون. ملاقات ڪري سگهن ٿيون. ڪچهريون ڪري سگهن ٿيون. حساب ۽ ڪتاب طلب ڪري سگهن ٿيون بلڪ خيالن ئي خيالن ۾ ڪنهن سان ميلاپ به ڪري سگهن ٿيون. جي رقيب ڪاوڙجي پون ته سامهون واري ماڻهو کي خيالن ئي خيالن ۾ قتل به ڪري سگهن ٿيون. هن دنيا ۾ هر هڪ وجود جو پهريون ڏاڪو به ته خيال ئي هو. انساني دماغ ۾ پهريان دماغ پيدا ٿيو. انهي خيال هڪ حڪمت عملي جو روپ ڌاريو ۽ اڳتي هلي اهو خيال عملي طور پايا تڪميل تائين پهتو. هن ڪائنات کي جوڙڻ جو خيال به قدرت واري کي گهڻو وقت اڳي ئي آيو پر اُنهي جي باوجود قدرت واري فطرت کي وڻندڙ بڻائي پوءِ ئي انسان کي تخليق ڪيو ته جئين هو فطري نظارن مان راحت حاصل ڪري سگهي. انساني مزاج ۾ قدرت واري طرفان رومانوي اُڪير به پيدا ڪئي وئي آهي جنهن سان دليون سڪون حاصل ڪنديون آهن ۽ پنهنجي پرين کي هن هيڏي سنسار ۾ ڳولڻ شروع ڪنديون آهن.

”چانھ وانگي چُلھ تي رکي مون کي
الائي ڪيڏانهن هلي وئي آهي
ڪيڏي لاپرواھ آهي هوءَ
مان کير وانگر اُٻرجي هارجان پيو.“

اِنهي ساڳي رومانوي خيال جو تسلسل اسان کي سندس هڪ ٻي نظم ۾ به ملي ٿو. جنهن ۾ تشبيھ ڪمال سان ڏني وئي آهي:

”ڇوڪريون به
پاڙي وارن جي ٻڪرين جيان
روز منهنجي دل جي گهر ۾ گهري
ڪونه ڪو زيان ڪري ٿيون وڃن.“

مٿي بيان ڪيل نظمن مان پهرين نظم ۾ محبوب کي جي بي رخي کي وڏي پيار سان بيان ڪيو ويو آهي ته ھو ڪيڏي نه لاپراوھ آهي جو منهنجي جذبن جو ڪاٿو لڳائڻ کان پهريان ئي مون کان پري هلي وڃي ٿي ۽ انهي نموني وري ٻي نظم ۾ اهو ٻڌايل آهي ته ڇوڪريون دل جي گهر ۾ گهري ڪري ڪئين نه جذبن سان کيڏن ٿيون ۽ احساسن، اميدن جو زيان ڪري هليون وڃن ٿيون. هڪڙو ماڻهو جنهن جي ڪُل ڪائنات هجي ئي پيار ۽ محبت سان ٽمٽار، جنهن جي آدرش ۾ محبتون ونڊڻ جو ڪم هجي. جنهن جو نظريو انسانيت جي خدمت هجي. جنهن وٽ پنهنجن ۽ پراون لاءِ ساڳيا ئي جذبا، ساڳي نظر ۽ هڪجهڙائي هجي ته اُن جي طبعيت توڙي مزاج صوفين جو اصلوڪي رنگ ۽ ڍنگ نمايا نظر ايندو. اهڙي ئي خيال جو هڪ نظم جنهن ۾ پنهنجي مزاج جي وضاحت ڪئي وئي آهي:

”مهمان نواز مرڪ مان ناهي وڃائي
اڄ تائين منهنجو صوفي سڀاءُ آهي
اڄ به مان لوڪ گيتن جهڙو لڳان ٿو“

هن ساڳي ئي نظم جا آخري بند ڪجھ هن ريت آهن:

”جي تون اُن اک سان ڏسندين
ته حال منهنجا
اڄ به اِهڙا آهن
جهڙا ڳوٺاڻا آهن.“

شڪيل احمد جي نظمن ۾ ڪٿي سماج جا حقيقي اولڙا نظر اچن ٿا ته وري ڪٿي خوابن جا رستا به هموار ٿيل نظر اچن ٿا. سندس هر هڪ نظم بار بار پڙهڻ جهڙو آهي. بلڪ ياد ڪرڻ جهڙو آهي. مان سمجهان ٿو ته هاڻ مون کي سندس نظمن بابت ڪوئي رايو جوڙڻ کان بهتر آهي ته سندس ڪتاب مان ڪجھ چونڊ نظم اوهان اڳيان رکان ته جئين توهان خود انهن کي پڙهي ڪري سندس فڪري اُڏام جو اندازو لڳائي سگهو ۽ اُنهن بابت ڪو اعتدالي رايو قائم ڪري سگهو. هوند هتي سندس نظم مڪمل سارا نقل ڪري رکڻ جهڙا آهن پر ائين صرف ان لاءِ نه پيو ڪريان ته جئين اوهان نظمن جي ڪجھ ئي حصن مان اهو اندازو لڳائي سگهو ته جيڪڏهن ٿورن لفظن ۾ ايترو خيال سمايل آهي ته پوري نظم ۾ ڪيتري نه وڏي شاهڪار ڳالھ سمايل هوندي.

”مان جڏهن ٻاهران
ميرو ٿي موٽندو هيس
ته مونکي لٽن ڌوئڻ واري مشين وانگر
ھُو پنهنجي آغوش ۾ ڀري
اُجرو ڪري رکندي هئي
استري وانگر تپي
ڀاڪر ۾ ڀري
منهنجي روح جا گهنج لاهيندي هئي.“

”سدائين مونکي ڏسي
ٽيوب لائيٽ وانگر
ٻهڪي پوندي هئي
۽ مان سڄو سارو روشن ٿي پوندو هيس.“

مان چاهيان ٿو
گهٽ ۾ گهٽ هر ستاري تي
منهنجي هڪڙي محبوبا هجي.

مان عشق جو آدم
ھُو حُسن جون حوائون
آباد ٿين ائين اربين دنيائون.

سچ ته اِھو آهي
دردن کي ڄڻيندي دل آهي
پر نپائيندون اکيون آهن
اکيون دردن جون رضائي مائرون آهن
اکيون اهي اُرھ آهن
جن کي درد
ڌائيندا آهن.
دل جي داڙ گهوڙا
ڪائنات جو جئيڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.
شهر ارڙي جو شڪار

۽ ٻهراڙيون ڪنگيءَ ۾ ورتل ٻارن وانگي بڻجي ويون آهن.“
اداس زندگي، خاموش ساز ۾ ائين ئي کوڙ سارا ساز نظمن جي روپ ۾ آهن جن جي عمر شاعر جي اداس زندگي جي گهڙين جي نمائدگي ڪندي نظر اچن ٿا. البته ايترو آهي ته هي نظم پڙهندڙ کي اداسي جي گهيري ۾ لاهڻ جي بجاءِ اُنهي کي اداسي جي گهڙين مان ٻاهر ڪڍڻ جو ڪم ڪن ٿا. اهو ڪمال تمام گهٽ شاعرن کي جي تخليق ۾ هوندو آهي ته پڙهندڙ کي اُتان عقل، فهم ۽ دانش کي جهوڙڻ جون ڳالهيون فڪر سان ٽمٽار ٿيل ملن. آئون ته چاهيان ٿو ته هي ڪتاب هر اُنهي ماڻهو کي پڙهڻ کپي جيڪو شاعري کي سمجهڻ جي ڪري ٿو يا سندس لاڳاپو شاعري سان نثر کان وڌيڪ آهي. هي نثري نظمن عنوانن کان بنا ترتيب ڏنل آهن ۽ اهو فيصلو به پڙهندڙن تي ڇڏيو ويو آهي ته هو خيال کي ڪهڙي طرف وٺي ٿا وڃن ۽ اُن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئين ٿا ڪن. هي ڪتاب ڪارونجهر اڪيڊمي محراب پور پاران ٻه هزار ستراھ ۾ ڇپايو ويو آهي. هڪ سئو سٺ صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت ٻه سئو اسي روپيا رکي وئي آهي.

(روزاني اڳواڻ حيدرآباد، 28 جولاءِ 2019ع)

وڻ وڻ منجهان واس جو اڀياس

مرتب: گهايل لغاري، زين کوسو

حضرت انسان پاڻ سان گڏ زندگي جا هزارين روپ ۽ رنگ ڍنگ به کڻي هلندو آهي. ڪجھ ماڻهو دردن کان آشنا ٿيندي ئي انهن کي پنهنجي جهولي ۾ ڀرڻ کان انڪاري ٿي پوندا آهن جنهن جي ڪري انهن جي قدر ۽ قيمت بنھ ٿوري وڃي بچندي آهي. انهي جي ڀيٽ ۾ وري شاعر دردن کي دل سان قبولي انهن جي آجيان ڪندا آهن. دردن کي پنهنجو ساٿي سمجهي ڪري انهن سان ناتو جوڙي وٺندا آهن. هر هڪ تخليقڪار وٽ دردن جي هڪ وڏي کاڻ سندس من اندر موجود هوندي آهي. دردن کي پنهنجي ميراث سمجهندي انهن کي ڪنهن ٻي در ڦٽو نه ڪندو آهي. عام رواجي ماڻهو دردن کان پري ڀڄڻ جي ڪندا آهن ۽ هن ڪيفيت کي ازيت واري ڪيفيت سمجهندا آهن. پيڙاھ واري ڪيفيت سان هم ڪلام ٿيڻ کان پوءِ انهي ساڳي پيڙاھ کي لفظن جو هڪ نئو روپ ڏئي ڪري دنيا آڏو پيش ڪندا آهن ته جئين ٻيا انهن مان تجربو حاصل ڪري سگهن ۽ زندگي جي اڍنگي رويي تي ناراض نه ٿين. ڇو ته ڏک، سک، نراسائي توڙي مايوسي هر جڳھ تي ساڳي روپ ۽ انداز ۾ موجود آهن.
انهن کان ڪن لاٽار ڪرڻ مطلب پنهنجي پاڻ کان پنهنجو پاڻ کي پري ڪرڻ برابر آهي. غلام حيدر گهايل لغاري ۽ زين کوسو طرفان مرتب ڪيل شاعري جو مجموعو وڻ وڻ منهنجان واس گذريل سال جي آخري مهيني ۾ ڇپائي ڪري پڌرو ڪيو ويو آهي. هن مجموعي ۾ اُهي صنوبر جا وڻ شامل آهن جن جي تخيل جي پنهنجي هڪ الڳ خوشبو آهي. پنهنجي هڪ الڳ اهميت آهي. هن وقت پوري سنڌ اندر گڏيل شاعرن جا مجموعه ڇپجي ڪري سامهون اچن پيا جيڪو پڻ سٺو ۽ ڪارائتو عمل آهي. ڇو ته پڙهندڙن کي هڪ ئي وقت ڪافي شاعرن جي شاعري پڙهڻ لاءِ ملي ٿي ۽ سندس مطالعي جو هر پاسو پورو ٿي ٿو. پڙهندڙ جنهن مزاج ۽ ماحول جي شاعري پڙهڻ گهرندو آهي کيس انهي مزاج توڙي ماحول تي ڪو نه ڪو شعر ڪنهن نه ڪنهن شاعر جو لکيل ملي پوي ٿو ۽ سندس مطالعي جي اُڃ جهڪي ٿئي ٿي.
اسان جي هنن ٻنهي دوستن پنهنجي نيڪ نيتي ۽ سچائي سان هن ڪتاب کي سهيڙي ڪري جهڙي نموني سنڌي ادب ۾ هڪ نئي ڪتاب جو اضافو ڪيو آهي انهي حساب سان سندن ڪوششن کي هزارين دفعا داد ڏيڻ کان رهي نه ٿو سگهجي. هي مجموعو مير محرم لغاري، خادم حسين جسڪاڻي، سڪندر اُداس لنڊ، زين کوسو ۽ گهايل لغاري جي شاعري تي مشتمل آهي.
هي پنج شاعر هن ڪتاب کي پنجن گُلن جيان سينگاريو ۽ سنواريو ويٺا آهن. ڪتاب جي مرتب ڪندڙ ٻنهي مانوران تخليقڪارن پنهنجي حصي جي شرڪت کي ڪتاب جي آخر ۾ رکيو آهي. هنن ٻنهي موتي مالها گڏ ڪندڙ خوبصورت انسانن جي اِها بهترين وصف ڏسڻ لاءِ ملي ٿي ته هنن ٻين شاعرن کي ڪتاب ۾ پهريان جڳھ ڏني آهي ۽ پاڻ ٻئي ڄڻا پنهنجي تخيل سان گڏ ڪتاب جي آخري صفحن تي نظر اچن ٿا. هن عمل مان سندن بردباري ۽ فراخ دلي جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. شاعر هر اصول ۽ ضابطي کي پري رکي ڪري هن ڪائنات کي پنهنجي اک جي ڪئميرا سان جداگانه طريقي سان ڏسندو آهي. هر شاعر جي اِها ڪوشش هوندي آهي ته سندس تخليق ٻين جي درد جي دوا ٿي پوي، ڪنهن لاءِ ڪو سڻائو ۽ سستو علاج ٿي پوي. ڪنهن مظلوم لاءِ ڀرجلو ثابت ٿي. هن ڪتاب منجھ سڪندر اداس لنڊ جا هي لفظ اِن ڪيفيت جي ڀرپور نموني عڪاسي ڪن ٿا:
”شاعري اناج ٿـــــــــي پــوي
هي سکيو سمـــاج ٿي پوي“


شاعر پرواز ڪرڻ جا ماهر هوندا آهن. هو سماج جا طبيب ۽ مستقبل جا معمار هوندا آهن. هنن جي خيالي اڏام کي ڪو پکي يا مصنوعي سائنسي ايجاد به مات نه ٿو ڏئي سگهي. ساڳي جاءِ تي وري ڪي شاعر پنهنجي دردن، پنهنجي ماروئن جي لاچاري ۽ بي وسي کي خدا جي در اڳيان ڪجھ هِن ريت پيش ڪندا آهن جهڙي ريت مير محرم لغاري پنهنجي شعر جي هڪ بند ۾ لکيو آهي:

”تنهنجا مظلوم پِيڙجي ويندا
ديڳ تنهنجي خدا تپڻ تائين“

اِهڙي ئي نموني وري ڪجھ شاعر پنهنجي بي وسي ۽ لاچاري واري حالتن سان پاڻ جهڙيندا آهن. ڪنهن کي به ڪا ميار، ڪو ڏوراپو ڪونه ڏيندا آهن. ڀلي سندن اندر رتوڇاڻ لڳو پيو هجي. اکيون رت جا ڳوڙها ڳاڙهن پر ان جي باوجود هُو سڀني کي پنهنجي سورن کان آجو سمجهندا آهن. هو سمجهندا آهن ته درد به اسان جا ته انهن سان منهن منهان به اسان کي اڪيلي سر ئي ٿيڻو آهي. زين کوسو جون هي سٽون اِن ڳالھ جو پڪو ثبوت آهن.

”دل جو هلَڪو بار، ڪرڻ لئه،
زين، ٻه ڳوڙهــــا هـــــــــاري ڇڏ.“

هَن بي حس سماج جو هر هڪ فرد مفادن جي نه کٽڻ واري ڄار ۾ جڪڙيو پيو آهي. جنهن جي ڪري انفراديت واري خول مان نڪري اجتماعيت واري خول ۾ اچڻ کان قاصر آهي. حساس مزاج رکندڙ ماڻهو به اڪثر اڪيلا ٿي ويندا آهن ۽ انهي اڪيلائي منجھ پوءِ وري ڪنهن اڻ ڏٺئي قوت کي ٿوري ٿڪي ميار به ڏئي وٺندا آهن. جئين خادم حسين جسڪاڻي پنهنجي شعر جي هن بند ۾ انهن ڪٺور انسانن کي ميار ڏي ٿو:

”زماني جي هر هڪ ڪهاڻي ڏٺئي،
اسان جي نه اکين جو پاڻــــي ڏٺئي!“

انسان سان گڏ ئي درد جو جنم ٿيو هو. درد نه هجي ها ته زندگي بي معنيٰ ۽ ٻُسي لڳي ها. انهي درد ئي زندگي کي اهميت بخشي آهي کيس جلا بخشي آهي. درد جو ناتو انسان سان ازلي آهي. هاڻ اِهو اسان تي دارو مدار رکي ٿو ته اسان دردن سان ڪهڙو ورتاءُ ڪيون ٿا. ان کي ڪهڙي شڪل ۽ صورت ۾ قبول ڪريون ٿا. کيس پنهنجي دل جي آڳر تي ڀليڪار چئون ٿا يا کيس پنهنجو دشمن سمجهي پنهنجي در تان ڌڪاريون ٿا. حساس دل رکندڙ ماڻهون دردن کي خوش دلي سان قبول ڪندا آهن ۽ انهي مان لطف اندوز ٿيندي انهي مان تجربو حاصل ڪندا آهن. ڪجھ شاعر، ليکڪ ۽ دانشور درد واري ڪيفيت ۾ به اميد جو نئو ڪرڻو تلاش به ڪري وٺندا آهن. جئين غلام حيدر گهايل لغاري پنهنجي شعر جي هن بند ۾ درد ۾ اُتساھ جو هڪ پهلو اجاگر ڪري ٿو:

”درياھ درد جو هـــــــي سيـــلاب آڻيندو،
هِن ساھ کي ٻڏڻ جا امڪان ڪيترا!“

هن ڪتاب منجھ هر هڪ شاعر پنهنجي شاعري کي سماج سان ڳنڍي اهو ثبوت ڏنو آهي ته واقعيٰ شاعر سماج جا سوشل سائنٽيسٽ هوندا آهن. سماج کان الڳ ٿي ڪري نه ئي تخليق جي ڪا اهميت رهندي آهي ۽ نه ئي وري تخليقڪار جي ڪا اهميت رهندي آهي. تاريخ انهن ئي فردن کي ياد ڪندي آهي جن جا سڀ سک ۽ آرائشون پنهنجي ئي وطن، ماڻهن ۽ انهي سان لاڳاپيل هر هڪ پهلو سان وابسطه هونديون آهن. گڏيل شاعري جو هي مجموعو سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد پاران ڇاپيو ويو آهي ۽ قيمت ٻه سئو چاليھ روپيا رکي وئي آهي. هي ڪتاب ڪاڇي جي ادبي ذوق رکندڙ سڀني فردن سميت پوري سنڌ جي شاعرن کي اِھڙي ته واس ڏيندو جو هن جي پڙهڻ کان پوءِ نئي ٽهي مان ڪافي شاعر پيدا ٿيندا ۽ پنهنجي تخليق سان مرجهايل وجودن کي تازگي بخشيندا.

(روزاني هلال پاڪستان ڪراچي، 10 مئي 2019ع)

”توکي ساري ساھه“ تي هڪ نظر!

ڪنهن به شاعر توڙي سندس شاعري تي ڳالهائڻ جو حق هر هڪ اهل دل ماڻهو کي آهي. شاعري دل جي آواز آهي ۽ جنهن دل ۾ پيار جا گيت جنم وٺندا آهن اُنهي دل کي شاعري جي زبان به سمجھ ۾ ايندي آهي. مون ڪجھ ڏينهن پهريان شعر و شاعري جي ڪجھ ڪتابن جو مطالعو ڪيو. جن مان ڪجھ ڪتابن کي پڙهڻ دوران بوريت ٿي ته وري اُتي ئي ساڳي جڳھ تي وري ڪجھ ڪتابن من کي تازو به ڪيو. جن مان صنم سنڌو ڀنڀرو جي شاعري جو ڪتاب توکي ساري ساھ به هڪ آهي. صنم سنڌو سان جهڙوڪ شناسائي پهريان ئي هئي. لطيف ورسٽي ۾ اسان جي ساڃاھ وند دوستن طرفان شاھ لطيف ادبي ۽ ثقافتي فورم جوڙيو ويو هو جيڪو اڃا تائين قائم آهي. انهي ادبي پليٽ فارم تان ادبي گڏجاڻيون ۽ تقريبون ٿينديون رهن ٿيون. انهن ئي تقريبن ۾ کوڙ دفعه محترمه صنم سنڌو ڀنڀرو سان ملاقات جو موقعو مليو ۽ سندس ويچار ٻڌڻ لاءِ مليا. صنم سنڌو وٽ جيتوڻيڪ ادب جي ساڃاھ انتهائي حد تائين آهي. اُنهي سان گڏوگڏ سندس شاعري ۾ به اُهي سڀئي پيغام ملن ٿا جيڪي هڪ شاعر طرفان سماج کي ارپيا ويندا آهن. سندس فن ۽ فڪر بابت ناليواري ليکڪا محترمه شبانه عالماڻي هن ڪتاب جي مهاڳ ۾ لکي ٿي: ”صنم وٽ شاعري ۽ شاعري لکڻ جو درست ڏانءُ موجود آهي. سندس جذبن ۾ جوتي آهي جيڪا ديس جي خاطر اونداهيءَ سان اٽڪي ٿي، وڙهي ٿي ۽ وڙهندي رهندي.“ ناليوارو ليکڪ محترم زبير سومرو صنم سنڌو ڀنڀرو جي شاعري بابت لکي ٿو: ”صنم سنڌو ڀنڀرو نئين ٽهيءَ جو نئون پنڌ آهي. سندس شعرن ۾ ڌرتي جو درد نمايان نظر اچي ٿو. زندگي، سماج، فطرت ٽئي پاسا اهم پاسا آهن شاعري جا اهي ٽئي پاسا صنم سنڌو ڀنڀرو جي شاعري ۾ ملن ٿا. سادي سولي ٻوليءَ جو استعمال مون کي بيحد وڻي ٿو. جيڪڏهن اهو ئي رستو وٺي شاعره رياضت ڪندي رهندي ته سڀاڻي اها اڃا سٺو لکي سگهي ٿي.
”ويجهي قرب ڇانوري ۾ سَدا
نينهن جا ڌاڳا وٺي وينداسين!
ساڙ رهندو ”صنم“ نه ڪنهن دل ۾،
ٻِجُ محبت جو ڇَٽي وينداسين!“

صنم سنڌو ڀنڀرو جي شاعري جي هن مجموعي تي نظير حسين ملاح پنهنجا خيال ڪجھ ريت اوري ٿو ته: ” صنم سنڌو هڪ تسلسل آهي ان پيغام جو جيڪو صدين کان هلندو رهي ٿو. اهو پيغام هر پڙهندڙ تائين لکڻين جي صورت ۾ پهچندو آهي. لکڻين ۾ خاص ڪري شاعري واري لکڻي تمام گهڻي مقبول ۽ مشهور رهي آهي. دور قديم ۾ به ته دور جديد ۾ پڻ! هن دور ۾ صنم جهڙيون شاعرائون تمام گهٽ آهن. هن وٽ تمام اوچا خيال به آهن ته احساس به، جذبا به آهن ته جوش به، اميدون به آهن ته خواب به! اهڙي طرح صنم جو جيڪو لکڻ سان ناتو آهي اهو تمام گهرو آهي ۽ قدرت هن کي ڏات به ڏني آهي ته ڏانءُ به ۽ هن پنهنجي لکڻين ۾ ڄڻ روح ڦوڪيو آهي. هر ليکڪ جي لکڻي جڏهن دل جي دروازي تي دستڪ ڏيندي آهي ته ان وقت محسوس ٿيندو آهي ته ان ليکڪ جي اڏام ڪيتري آهي مان ائين ضرور چوندس ته صنم جي لکڻين ۾ اثر آهي ۽ دل کي جهنجوڙڻ وارو احساس پڻ.

کائي ويو بارود خوشين کي
ٿي سُڃ صنم سنسار ويو آ

سجاد سومرو، توکي ساري ساھ بابت ڪجھ هن ريت لکي ٿو ته: ”صنم سنڌو جي شاعري رات جي راڻي جيان سرهي آهي. جنهن جي خوشبو پري پري تائين پکڙجي پڙهندڙن کي سرهو ڪري ٿي ڇڏي. صنم ۾ اُهي سڀ خوبيون آهن جيڪي هڪ سٺي شاعره ۾ هئڻ گهرجن. آئون سندس لاءِ دعاڳو آهيان ته شال ڏات جي ديوي مٿس سدا مهربان رهي ۽ ھُو ساڻيھ کي ” توکي ساري ساھ“ جهڙا انمول ڪتاب ڏئي ادب جي ڏيئي کي روشن ڪندي رهي! هن ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل محترمه شاهده کوکر صاحبه لکيو آهي جن جو تعلق لاڙڪاڻي شهر سان آهي. محترمه شاهده کوکر جا هن ڪتاب بابت تاثرات ڪجھ هن ريت آهن: ” صنم سنڌو ڀنڀرو جا ڪچا ڦڪا شعر فني حوالي سان ٿي سگهن ٿا پر انهن ۾ فڪر حالتي بياني آهي. صنم جي شاعري اڪثر موضوعاتي شاعري آهي ۽ اها شاعري ٻڌائي ٿي ته شاعره جون اوجاڳيل اکيون سماج جي مڙني رخن کي ڏسي رهيون آهن“. هي آهن ڪجھ سُڃاڻ ۽ اهل دل ماڻهن جا رايا جيڪي صنم سنڌو ڀنڀرو جي ڏات بابت قلمبند ٿيل آهن. هن ڪتاب بابت هاڻ پاڻ هلون ٿا ڪتاب جي ليکڪا جا خيال معلوم ڪرڻ ته سندس ويچار پنهنجي هن مجموعي بابت ڪهڙا آهن. صنم سنڌو ڀنڀرو پنهنجي هن ڪتاب ۾ پنهنجي پاران ۾ لکي ٿي:
منهنجو هي پهريون شعري مجموعو آهي. ”توکي ساري ساھ“، مون کي بيحد خوشي ٿي رهي آهي ته اڄ منهنجي سالن جو قلمي پورهيو ڇپجي ڪتابي صورت ۾ پڙهندڙن جي هٿن تائين رسيو آهي. زندگي جو سفر تڏهن سجايو ٿيندو آهي جڏهن ٻين جي لاءِ جيئڻ جي ڪوشش ڪندڙ انسان جي عظمت ڀري آيت پڌري ٿيندي آهي. منهنجي لکڻ جو خاص عنوان ڌرتي وارن جي زندگي، اها زندگي جيڪا سڪون لاءِ واجهائيندي واجهائيندي تمام پري نڪري وڃي ٿي. اها زندگي جنهن جي اکين ۾ ارمان جون نديون آهن جيڪي ايتريون ته گهريون آهن جو قلمڪار جي ڪويتا کي به سمائي سگهن ٿيون. پنهنجي گهراين جي گُهٽَ ۾ جيتري ڌرتي وشالتا آهي ايترا ئي انسان جا ڏک گِهرا آهن جن کي سمجهڻ لاءِ حساس اکين جو هجڻ لازمي آهي.
هن وقت سنڌي ادب ۾ عورت شاعرائون به سُٺي نموني پاڻ ملهائي رهيون آهن. جيتوڻڪ اڪثر عورتون شاعري ڪري رهيون آهن تڏهن به اها ڳالھ سُٺي سمجهڻ گهرجي ته ادب ۾ به عورتن کي مان ڏنو ٿو وڃي جيڪو حقيقتن به کين ملڻ گهرجي. صنم سنڌو ڀنڀرو جو تعلق ضلع خيرپور ميرس جي شهر راڻيپور سان آهي. هن ئي شهر ۾ سچل جو آڳند به آهي. سندس روحاني لاڳاپو سچل سان به رهيو آهي ۽ سچل کي شاعري ۾ عقيدتن هڪڙي ميار ڏيندي صنم سنڌو ڀنڀرو پنهنجي هڪڙي وائي ڪجھ هن ريت به لکي آهي ته:
سنڌ ۾ غيرن جا گند ڏسي،
پنهنجن جا هاٿي وارا ڏند ڏسي،
سچل رُوح روئي ٿو.
ٿر ۾ ماروئڙن ۽ مورن جا،
سُڪل ساڻا ساڻا سَنڌ ڏسي،
سچل رُوح روئي ٿو.
مٺڙو ڳالهائي ماروئڙن کي موهن ٿا،
ڦورن جا هي ڦند ڏسي،
سچل رُوح روئي ٿو.
دين، ايمان ۽ احساس کان عاري،
دولت اڳيان جهڪيل ڪنڌ ڏسي،
سچل رُوح روئي ٿو.
دردن جي واچوڙي ورايو صنم کي،
سنڌ جا ويران ٿيل هنڌ ڏسي،
سچل رُوح روئي ٿو.

صنم سنڌو ڀنڀرو جي هن ڪتاب کي سنڌيا پبليڪيشن حيدرآباد ڇاپيو ويو آهي. 128 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 150 روپيه رکي وئي آهي. فيبروري 2019 ۾ شايع ڪيو ويو آهي. جنهن جو ڇپيندڙ زاهد ٻٻر ۽ ڪمپوز ڪندڙ زبير سومرو آهي.

سنڌ جي سُڄاڻ ۽ تعليم يافته نياڻي جون ڪوششون!

فرزانه چانڊيو سنڌ جي اُها باشعور ۽ تعليم يافته نياڻي آهي جنهن کي مون هميشه تعليم جي بهتري لاءِ جاکوڙيندي ڏٺو آهي. سندس لکڻين مان تعليم جي هٻڪار ايندي آهي. نه صرف سنڌ اندر بلڪ سنڌ کان ٻاهر به سندس سُڃاڻپ هڪ تعليمدان طور ئي آهي. تعليم جي ميدان ۾ اسان جي سنڌ جي هي باشعور نياڻي گهڻي عرصي کان پاڻ پتوڙي رهي آهي ۽ اِنهي پتوڙ دوران ادب جي جهول ۾ ٻه ڪتاب ڏئي چڪي آهي. انهن ڪتابن ۾ سندس پهرين ڪتاب کي پڙهندڙن وٽ باقاعده پذيرائي ملي آهي ۽ اُنهي ڪتاب کان پوءِ سندس هي ٻيو ڪتاب تازو ئي پيڪاڪ پبلشرس ڪراچي طرفان ڇاپي ڪري پڌرو ڪيو ويو آهي. گذريل ڪجھ عرصي کان سنڌ جو هي اشاعتي ادارو تعليم جي موضوع تي پڙهندڙن جي جهول ۾ سُٺا ڪتاب ڏئي رهيو آهي. جيڪو هڪ خوش آئينده عمل آهي ۽ پڙهندڙ ادبي ڪتابن سان گڏوگڏ اُنهن ۾ موجود نصابي معلومات سان به مستفيد ٿي رهيا آهن. هن ڪتاب جو موضوع ”سرڪاري ۽ نجي اسڪولن ۾ مختلف پڙهايو ويندڙ نصاب آهي“. هي موضوع وڏي تحقيق ۽ کوجنا کان پوءِ ئي مڪمل ٿيو آهي. هي ڪتاب ادبي ڪتاب هجڻ سان گڏوگڏ نصابي ۽ تحقيقي ڪتاب پڻ آهي. هي ڪتاب اِنهي حوالي سان به وڏي اهميت جو حامل آهي. فرزانه چانڊيو سان منهنجي پهرين ملاقات سنڌ جي هوائن جي شهر ڄامشوري ۾ ٿي هئي. جڏهن آئون ۽ فرزانه ايم فل جي ٽيسٽ ڏيڻ لاءِ گڏيا هياسين. هي هڪ اتفاقي ملاقات هئي. جنهن ۾ گهڻي يا تفصيلي نه بلڪ مختصر ڪچهري ٿي هئي. جيڪا بنيادي طور تي مڪمل ادبي ۽ تعليمي ڪچهري هئي. ماڻهو جيڪڏهن ساڳي شعبي سان سلهاڙيل هجي ته هوند ملاقات جو مزو ئي ٻيڻو ٿي ويندو آهي. فرزانه ۽ آئون تعليم کاتي سان لاڳاپيل هجڻ جي باوجود ٻئي ادب سان به سلهاڙيل آهيون. اسان ۾ گهڻيون نه سهي بلڪ هي هڪ ٻه هڪجهڙايون ضرور آهن. جنهن ڪري اسان هڪ ٻي سان ادبي توڙي تعليمي دوستي واري ڌارا ۾ پويل آهيون. اسان جا تعليمي ادارا انتهائي پوئتي پيل آهن. اُنهن ۾ گهڻي قدر بنيادي سهولتن جي کوٽ آهي. تعليم کاتو خسته حالي جو شڪار آهي. جنهن ڪري اسان جي اڄ جو نوجوان عالمي بنيادن تي مقرر ٿيل معيار تي پورو نه ٿو لهي. جنهن جا کوڙ سارا سبب آهن. مجموعي طور سڀني معاملن ۾ جيڪو اهم معاملو آهي سو آهي سرڪاري ۽ نجي تعليمي ادارن ۾ پڙهايو ويندڙ نصاب جيڪو هڪ ٻي کان مختلف آهي. سموري ملڪ جا تعليمي ادارا پنهنجي حساب سان الڳ الڳ نصاب پڙهائي رهيا آهن. جيتوڻيڪ سموري ملڪ ۾ هڪ ئي وقت هڪ ئي نصاب هجڻ گهرجي. اِنهي نصاب واري پهلو کي اڃا وڌيڪ واضع ۽ چٽو بنائڻ لاءِ سنڌ جي هن سُڄاڻ نياڻي هي ڪتاب ترتيب ڏنو آهي. جيڪو دراصل سندس تحقيق جو عنوان هيو ۽ هن وڏي جاکوڙ ۽ محنت سان انهي موضوع کي عيان ڪيو آهي. جئين تعليمي ماهر هن اهم معاملي کي سمجهي سگهن ۽ سڀني تعليمي ادارن ۾ هڪجهڙو نصاب رائج ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن. مون هن ڪتاب کي هڪ ئي ساهي/ويهڪ ۾ پڙهيو آهي. ڇو ته هي ڪتاب موضوعاتي حوالي سان ڪنهن به تعليمي ماهر لاءِ اهم ڪتاب جو درجو رکي ٿي. هن ڪتاب کي مڪمل نه پڙهڻ هن ڪتاب جي ليکڪ سان انصافي چئبي.
نصاب هڪ اهڙو رستو آهي جنهن تي هلي ڪري ڪو به شاگرد پنهنجي منزل تي پهچي سگهي ٿو. هن ڪتاب ۾ تعليم جي وصف سان گڏوگڏ نصاب ڇا آهي؟ نصاب ڪئين ترتيب ڏنو ويندو آهي؟ نصاب ٺاهڻ ڪهڙن ادارن جو ڪم آهي؟ اهو سڀ ڪجھ واضع نموني سان بيان ڪيو آهي. انهي سان گڏوگڏ نصاب جون خصوصيتون به بيان ڪيون ويون آهن ۽ تعليمي ادارن ۾ رائج جديد توڙي قديمي نصاب تي به بحث ڪيو ويو آهي. سرڪاري توڙي نجي تعليمي ادارن جي سربراھن، اُستادن، شاگردن ۽ والدين کان نصاب ۾ درپيش ڏکيائين، سولائين ۽ بهتري لاءِ تجويزون انٽرويز وسيلي ورتيون ويون آهن ته جئين نصاب کي مڪمل طور تي سمجهي سگهجي. تعليمي ادارن ۾ نصاب کي پورو ڪرائڻ جو ذمو اُستاد جو هوندو آهي. ان لاءِ هن ڪتاب ۾ حڪومت طرفان اُستادن لاءِ عالمي بنيادن تي جيڪي معيار مقرر ڪيا ويا آهن. اُنهن کي به سُٺي نموني وضاحت سان بيان ڪيو ويو آهي ته هڪ اُستاد ۾ پنهنجي پيشي جي حوالي سان ڪهڙيون سُٺايون هجڻ گهرجن ۽ سندس ذميواريون ڪهڙيون آهن ته جئين اُنهن تي عمل پيرا ٿي ڪري اُهو پنهنجي ڊيوٽي سُٺي نموني سرانجام ڏئي سگهي. مجموعي طور تي هي ڪتاب نه صرف پڙهڻ جهڙو آهي بلڪ هن ڪتاب ۾ ڏنل سموري معلومات تعليمي ماهرن، نصاب جوڙيندڙ ادارن، شاگردن ۽ والدين لاءِ فائدي مند آهي. جيڪي هن ڪتاب مان گهڻو ئي فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا. انهي سان گڏوگڏ تعليم جي شعبي ۾ تحقيق ڪندڙ اسڪالرن کي به هي ڪتاب کوڙ سارو فائدو ڏئي سگهي ٿي ڇو ته هن ڪتاب بذات خود تحقيق جو ئي نتيجو آهي.

(روزاني آجيان شڪارپور، سومر 04 جنوري 2021ع)

پنهنجي نالي جيان هڪ منفرد ۽ نرالو ڪتاب!

اسان جنهن معاشري جا حصا آهيون. اُهو معاشرو هاڻ ايتري قدر تضادن جي ور چڙهي ويو آهي جو هن ڌرتي تي هر روز نوان الميا جنم وٺڻ لڳا آهن. اڃا به ائين کڻي چئجي ته اسان جنهن ڌرتي تي رهون ٿا، اُها ڌرتي هاڻ المين جي ڌرتي بڻجي چڪي آهي. هن ڌرتي تي رهندڙ ماڻهن جو ڪار وهنوار سک، شانتي، پيار، محبت ۽ ڀائپي جي بجاءِ نفرت ڦهلائڻ آهي. هتي شعور رکندڙ ماڻهوءَ هميشه اذيتن جي گِهيري ۾ رهندو آيو آهي ۽ رهي ٿو. سماجي بگاڙ کي درست ڪندي ھُو پاڻ ئي پنهنجي اصلي مدار کان ذري گهٽ هٽي وڃي ٿو ۽ اِنهي هٽڻ جي ڪري سندس ذهني پيڙاھ گهٽجڻ بدران اڃا وڌيڪ وڌڻ شروع ٿئي ٿي. ائين ئي اڳتي هلندي سندس وجود ناانصافي، اڻ برابري ۽ سماجي بگاڙ سان منهن مهان ٿيندي مضبوط ٿيندو آهي. دنيا جي مشهور ڏاهي، والٽيئر چيو آهي ته؛ ”اوهان کي انهيءَ حقيقت جو شعور هُئڻ گهرجي ته جڏهن کان دنيا وجودَ ۾ آئي آهي وحشي نسلن کي ڇڏي دنيا تي هميشه ڪِتابن جي حڪمراني رهي آهي“. هي ڪتاب جيڪو اوهان جي هٿن ۾ آهي. هن ڪتاب جي سُڄاڻ ليکڪ جي خواهش به اِها ئي ساڳي خواهش آهي ته دنيا تي ڪتابن جي حڪمراني هجي ۽ ماڻهن جو بهترين مشغلو ۽ وندر مطالعو هجي.
اوهان جيڪڏهن ڪتاب پڙهندڙ آهيو ته اوهان کي معلوم هوندو ته ڪتابن جو پنهنجو هڪ الڳ ذائقو هوندو آهي. اهڙو ذائقو جنهن کي ڪتاب پڙهندڙ ئي سمجهي سگهن ٿا. هڪڙا ڪتاب سوچ جون نيون راهون هموار ڪرڻ سان گڏ ماڻهوءَ کي ذهني طور سڄاڳ رکندا آهن ته ٻيا ڪتاب وري ماڻهوءَ کي ذهني طور جنجھوڙڻ جو ڪردار ادا ڪندا آهن. اِنهي طريقي سان ڪتاب پڙهندڙ کي گهڻو ڪجھ ٻڌائڻ سان گڏوگڏ گهڻو ڪجھ سمجهائيندا به آهن. عبراني چوڻي آهي ته؛”جيڪڏهن خدا آڪاش جي بدران ڌرتي تي رهي ها ته ماڻهون سندس گھر جون دريون تائين ڀڃي ڇڏين ها“. اِها حقيقت به آهي ته اسان اڄ تائين ٺاهڻ جي بدران رڳو ڊاهڻ ئي سکيا آهيون. اسان ڳنڍڻ جي بدران ڇنڻ سکيا آهيون. اسان پيار، محبت ۽ عزت ڏيڻ بدران اَنهن جذبن توڙي احساسن کي مروڙڻ سکيا آهيون. تڏهن ته اسان وٽ هر شئي جو توازن بگڙيل آهي، جڏهن شيون پنهنجو توازن وڃائڻ شروع ڪن ته سمجهي وڃو ته فنا جا ڏينهن ويجها آهن.
هي ڪتاب سنڌ جي سورن جو زنده جاويد دستاويز آهي. جنهن ۾ سنڌ جي ماضي، حال ۽ مستقبل متعلق انتهائي سليس نموني سان وارتائون بيان ڪيل آهن. هن ڪتاب ۾ ليکڪ جو مکيه نقطه نظر سنڌ آهي. اِها ڳالهه انتهائي خوشي جهڙي آهي ته اڄ جو نوجوان سنڌ جي موجوده حالتن تي پنهنجي گهيري نگاهه رکڻ سان گڏوگڏ اُنهن موجوده حالتن کي عالمي تناسب سان ڀيٽڻ جي سگھ به رکي ٿو. هن ليکڪ جي مڙني خاصيتن منجهان اِها به سندس اهم خاصيت آهي ته ھُو هميشه سنڌ لاءِ ئي سوچي ۽ لوچي ٿو. آئون جڏهن به حيدرآباد يا ڄامشوري جي حدن ۾ پهچندو آهيان، اُتان جي هوا لڳڻ سان مون کي هي يار شدت سان ياد اچڻ لڳندو آهي. اِئين ڪڏهن به ڪونه ٿيو آهي جو آئون اَنهن هوائن جو ڀرم ٽوڙيندي حيدرآباد يا ڄامشوري ۾ هوندي ساڻس نه مليو هجان. اسان جون ملاقاتون اِئين ئي ٿينديون آهن. سندس چهري تي هميشه آئون سنڌ جي نقشي کي نمايا ڏسندو آهيان. سندس گفتار مان سنڌ ڳالهائيندي آهي. اسان جو هي يار جڏهن به ڪا ڳالھ، ڪو قصو يا ڪا وارتا بيان ڪندو آهي ته سندس لهجي ۾ کوڙ ساريون تشبيهون پاڻهي ڄاڻ اچي ڪري پيش پونديون آهن. اِها ليکڪ جي خوشنصيبي چئبي جو هُو هميشه پنهنجي ڌرتي کي سامهون رکي ڪري لکي ٿو ۽ سندس اِها ڪوشش سنڌ ڌرتي لاءِ سوچيندڙ ۽ لوچيندڙ ماڻهن جي فهرست ۾ کيس شمار ڪرائيندي.
ڪيڏو نه ڀلو ٿئي جو نئين ٽهي جا سڀ ليکڪ ائين ئي پنهنجي ڌرتي سان پنهنجي پيار جو اظهار ڪن. پنهنجي ڌرتي جي مسڪين ماڻهن لاءِ پنهنجي شعور کي ڪتب آڻن ۽ هن ڪتاب جهڙا شاهڪار ڪتاب ماڻهن جي مطالعي لاءِ پيش ڪن. جن ڪتابن کي پڙهندي سنڌ جي عظيم ليکڪن، دانشورن ۽ قومي اجتماعي سوچ رکندڙ فردن جا تذڪرا پڙهڻ لاءِ ملن ٿا. ان سان گڏوگڏ عالمي ادب ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهيندڙ ۽ ماڻهن جي دلين تي ڇاپ هڻندڙ مقررن جهڙوڪ مولانه ابواڪلام آزاد جهڙن مفڪرن کان وٺي ڪري عظيم شاعرن، فلاسافرن ۽ انقلابي ماڻهن جي جدوجهد جو سمورو عڪس ڏسڻ وٽان ملي ٿو. هي ڪتاب پنهنجي ڌرتي سان عشق جو هڪ اعليٰ اظهار ئي آهي جيڪو اسان کي ٻڌائي ٿو ته ليکڪ جي دل ۾ هڪڙو درد هميشه دکندو ئي رهي ٿو جنهن درد جو درمان تڏهن ئي ٿيندو جڏهن هي ڌرتي قابص قوتن کان آزادي ماڻيندي ۽ هتان جا ماڻهوءَ دنيا جي تختي تي هڪ دفعو ٻيهر عظيم تهذيب جا علمبردار ٿي ڪري سامهون ايندا. هڪ اهڙي تهذيب، جيڪا صدين کان عالم انسانيت جي بقا ۽ بهبود لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهي آهي.

(روزاني آجيان شڪارپور خميس 04 فيبروري2021ع)

عشق کي ڪينجهر بنائيندڙ فطرت پسند شاعري

هي دنيا جنهن ۾ اسان رهون ٿا. اُهو ٻن شين تي آڌاريل آهي. جنهن ۾ هڪڙيون شيون قدرتي، اصلي ۽ فطرتي آهن. جن کي پاڻ انگريزي ۾ (Naturaly) چوندا آهيون ۽ ٻيون شيون مصنوعي، هٿرادو ۽ جڙتو شيون آهن، جن کي پاڻ انگريزي ۾ (Artificially) چوندا آهيون. انهن ٻنهي شين ۾ انساني مزاج جو لاڙو فطري شين ڏانهن گهڻو هوندو آهي. حالانڪ اڄ جي جديد دور ۾ مصنوعي شيون به پنهنجي جاءِ تي اهميت رکن ٿيون پر اُنهن ۾ اُهو سرور ۽ سڪون ڪٿي آهي؟ جيڪو سڪون فطرتي شين ۾ سمايل آهي. دراصل فطرت پسند ماڻهوءَ ئي تخليقڪار ٿيندا آهن ۽ اُهي پنهنجي پيار کي آرٽ جي مدد سان تخيل جو روپ ڏئي ڪري ظاهر ڪندا آهن. اهڙي ئي هڪ اظهار جو نمونو منهنجي سامهون پيو آهي. جيڪو شاعريءَ جي روپ ۾ خيالن کي الائي ته ڪهڙي وسعتن ڏانهن وٺي وڃي رهيو آهي. هن شعري مجموعي جو نالو ”عشق بڻيو ڪينجهر“ آهي. هن ڪتاب جو سرجڻهار قربان گل آهي. جيڪو نئين ٽهي جو هڪ جاکوڙيندڙ ڪردار آهي.
سندس خيال شاعريءَ جو روپ ڌاري، ڪاغذن جو ويس ڍڪي پڙهندڙن جي اڳيان مطالعي جي ميز تي اڻ ڏٺي مهمان وانگر جلوه افروز ٿيا آهن. سندس شاعريءَ تي گهڻو ڪجھ لکي سگهجي ٿو ۽ سندس خيالن تي تفصيلي نموني سان ڳالهائي سگهجي ٿو. قربان گل جي شاعريءَ جا کوڙ سارا پهلو آهن. جن مان هڪ وڻندڙ پهلو سندس فطرت پسند شاعريءَ آهي. قربان گل جي هن شعري مجموعي ۾ کوڙ سارا اهڙا شعر آهن جيڪي فطرتي شين سان سنئون سڌو واسطو رکن ٿيون. اُنهن شعرن کي پڙهندي فطرتي نظارا اکين آڏو اُڀري اچن ٿا. فطري اصول ضابطه ۽ فطرت جو اصل رنگ آهي ئي ڳوٺن ۾. شهر ته فطرتي شين کان ائين محروم آهن جيئن ڪو يتيم ٻار پنهنجي پيءَ جي پيار کان محروم هوندو آهي. شهرن جا ماڻهوءَ فطرتي شين جا متلاشي هوندا آهن ڇو ته اُنهن جو گهڻو تڻو واسطو مصنوعي ۽ هٿرادو ايجادن سان آهي. جيڪي بي سواديون ۽ لزت کان محروم شيون آهن. جيتوڻيڪ هن وقت سردي جا آخري ڏينهن آهن سياري جي مند اونهاري طرف پنهنجا وک وڌائي رهي آهي تڏهن به قربان گل جو هي ”ٽيڙو“ سردي جا پهريان ڏينهن ياد ڏياري رهيو آهي.
ڏاڍو سيءُ، سيارو
ڪلهي تي ڪوڏر
پاڻيءَ جو وارو
شاعريءَ جي خاصيتن مجهان هڪ اهم خاصيت اِها به آهي ته اُن ۾ رومانيت جا رنگ مڙئي ڪجھ وڌيڪ نرالا لڳندا آهن. اِها ساڳي رومانيت انساني مزاج جو حصو پڻ آهي. انسان پيار، محبت ۽ رشتن ناتن کانسواءِ رهي نه ٿو سگهي. کيس سندس اڪيلو وجود کائڻ لڳندو ۽ هُو پنهنجي بقا خاطر ڪٿي نه ڪٿي ڪنهن نه ڪنهن سانوري يا سهڻي ڀورين اکين واري الهڙ جواني جي عشق ۾ مبتلا ضرور ٿيندو آهي. پيار جي پيچ پائڻ کانپوءِ هڪ ٻي جي سار سنڀال يا پيار ۾ ڪا ڪوتاهي رهجي ويندي آهي ته ماڻهوءَ اُنهي ميار کي شاعريءَ جي روپ ۾ آساني سان سمائي ڪري پنهنجي دل جو بار هلڪو ڪندو آهي. جڏهن هوائون گهلنديون آهن ته محبوبن جي ياد به شدت سان ايندي آهي ۽ اِها ياد ايتري قدر تڙپائيندي آهي جو دنيا جي ٻي ڪابه شئي دل لڀائيندڙ محسوس ناهي ٿيندي. محبوبن جو ته ڪم ئي ستائڻ آهي ۽ عاشقن جو ازل کان ئي اهو ڪم آهي ته اُهي محبوبن کي پرچائن ۽ اُنهن کي ڳل ڳراٽيون پائي ڪري پنهنجي پيار جو احساس ڏيارين. ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي جو جيڪي ڳالهيون سامهون نه چئي سگهبيون آهن. اُهي ڳالهيون شاعريءَ ۾ چئي ڏبيون آهن ته جيئن سامهون واري تائين مڙئي ڳالھ پهچي وڃي. اهڙي ئي هڪڙي ميار قربان گل جي هڪ ٻئي”ٽيڙو“ ۾ سهڻي نموني سان اظهاريو ويو آهي. متان پوءِ سڀاڻي اڳتي هلي ڪري سامهون وارو شخص چوي ته ”تو مون کي ميار ئي ڪونه ڏني هئي“. اچو ته اُن کي پڙهون.
لڳي پئي هير
مان توکي پيو ساريان،
توکي نه اڪير
شاعرن جي شاعريءَ ڪرڻ تي ڪي به بندشون نه هجڻ گهرجن. اُنهن کي آزاد فضا ۾ آزاد خيالن سان رهڻ ڏنو وڃي ته هوند واھ جو ڪم ٿي پوندو ۽ نت نوان خيال، نظريا ۽ لاڙا جنم وٺندا. پاڻ وٽ حالت اِها آهي جو جيڪڏهن شاعريءَ ۾ جماليات جي عنصر کي ڪو شاعر ٿورو مٿبرو ڪري ٿو ته کيس نه ڄاڻ الائي ته ڪهڙن لقبن سان نوزايو وڃي ٿو. اسان جو سماجي شعور اڃا تائين نابالاغ ٻار جهڙو آهي. جتي روشن خيال نظريا ۽ روشن خيال ڳالهيون پابندين جي نظر آهن. هتي شاعر جا هٿ ٻڌي ڪري پوءِ اُن کان شاعريءَ ٻُڌي ويندي آهي ته جيئن ڪو متان اُهو نئين خيال کي ڪاغذ تي اتاري نه وٺي ۽ سندس احساس جاڳي پون. تڏهن ئي ته اسان جسماني اذيت سان گڏ ذهني اذهيت جي ڀوڳنا به ڀوڳي رهيا آهيون. اهڙي اذهيت واري ماحول ۾ هوندي به جيڪڏهن ڪو شاعر نئين خيال کي کڻي ٿو اچي ته اسان کي اُن جو آڌر ڀاءُ ڪرڻ گهرجي. اُنهي تي اجائي ٺٺول ۽ ٽوڪ بازي قطعي نه ڪرڻ گهرجي. انساني شعور دٻائڻ سان بغاوت جو رستو اختيار ڪندي آهي ۽ اُنهي رستي تي اچڻ کانپوءِ سندس واپسي جا باقي سڀ رستا ۽ پيچرا بند ٿي ويندا آهن. قربان گل انهي سڀني خوف ۽ خطرن کان بالاتر ٿي ڪري پنهنجي شاعريءَ ۾ هڪ اهڙو ئي اظهار ڪيو آهي. اچو ته سندس اُن اظهار کي پڙهون.

ڇورين کي ڇا آهي، ڇلڪائين ٿيون ڇاتيون،
اسان تي ڄڻ ڪاتيون، وڍين ٿيون وجود کي!

قدرت واري انسان ۾ اِها سگھ رکي آهي ته هوُ حالتن سان برجستو ٿي ڪري مقابلو ڪري ۽ پاڻ کي سرهو ڪري. ظاهري طور اسان تي حالتون به حاوي ٿينديون آهن. انسان پنهنجي ڪيفيتن هٿان به مجبور ٿيندو آهي ۽ ڪجھ مجبوريون ۽ لاچاريون به ڪمزور ڪري وجهنديون آهن پر تڏهن به ڪمال انهي ۾ آهي ته سڀني ڏکين مرحلن سان مڙس ماڻهوءَ ٿي ڪري مقابلو ڪرڻ ئي دراصل دليري آهي. ڪورن فيلڊ جئڪ چيو آهي ته: ” اسين جڏهن دنيا جي ڌنڌن ۾ پوري طور تي جڪڙجي ٿا وڃون تہ اسان جا گڏيل تعلقات نہ رڳو هڪ ٻئي سان پر پنھنجو پاڻ کان به ٽٽندا پيا وڃن“. اها ئي دراصل اڄڪلھ جي دور جي صورتحال آهي جو ماڻهوءَ مشيني دنيا ۾ خود هڪ مشين بڻجي ويو آهي. پيار، محبت، سڪ ۽ سار جا سمورا مرحلا ڇڏي ڪري الائي ڇو اسين اڃا اڳتي وڃڻ جي جستجو ۾ آهيون جڏهن ته اسان کي نه ئي سڀاڻ جي ڪا اڳواٺ خبر آهي ۽ نه ئي اسان پنهنجي آئيندي متعلق ڪا ٺوس معلومات پاڻ وٽ رکون ٿا. بي يقيني جو اِهو عالم جو آهي جو پنهنجي پاڻ تان ئي يقين ختم ٿيندو ٿو وڃي. اهڙي دور ۾ رشتن، ناتن، سڪ ۽ سار واري راويت کي زنده رکڻ به هڪ دريا دل ماڻهوءَ جو ئي ڪم آهي. جيڪو ڪم اسان جو هي سڄاڻ ساٿي ۽ قلمڪار قربان گل بخوبي ڪري رهيو آهي.

وساري ويٺين، اسان کي سهڻا
جڳ ڏنا مهڻا، سٺا سين سڪ ۾.

جڏهن ڪو تخليقڪار لکڻ جي شروعات ڪندو آهي ته سڀ کان پهريان اُن تخليق ۾ هو پنهنجي پاڻ کي مرڪز بڻائيندو آهي. پنهنجي ذات، پنهنجي خيالن، احساسن ۽ اڌورين خواهشن کي لفظن جو روپ ڏيندو آهي. وقت سان گڏ جڏهن سندس شعور بالغ ٿيندو آهي ته ھو پنهنجي مدار کان هٽي ڪري پنهنجي ديس، پنهنجي ماڻهن، ٻولي ۽ ثقافت کي کي اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. اِنهي ڪوشش ۾ ايتري قدر محو ٿي ويندو آهي جو سندس تخيل مان قومي جذبو ظاهر ظهور نظر اچڻ شروع ٿيندو آهي. هن وقت سنڌ اندر نثر توڙي نظم ته کوڙ سارا لکن ٿا پر اُنهن منجهان اُها ئي تخليق پائيدار توڙي جٽادار ثابت ٿيندي آهي. جنهن جو محور ۽ مرڪز سنڌ هجي. پنهنجي ڌرتي سان پيار شعور آفته هجڻ جي نشاني آهي. جيڪڏهن ڪو تخليقڪار پنهنجي ڌرتي کي پنهنجي لکڻين جو مرڪز نه ٿو بڻائي ته اُهو تاريخ ۾ ائين دفن ٿي ويندو آهي جيئن مٽي جي دز ۾ ننڍڙيون شيون دٻجي، لٽجي گم ٿي وينديون آهن. جيڪي ماڻهوءَ پنهنجي ڌرتي جي ڏکن، سورن کي ڇڏي ڪري صرف پنهنجي ذات جي آس پاس ڦيرا پائيندا آهن اُهي ماڻهوءَ جلد ئي پڙهندڙن جي دل ۽ دماغ مان لهي ويندا آهن. سنڌ جي خوشحالي جا خواب هر هڪ اک ۾ پلي رهيا آهن. سنڌ جو هر عام ۽ خاص ماڻهو اهو چاهي ٿو ته سونهاري سنڌ شاد و آباد رهي ۽ هتي پيار، محبت واري فزا هميشه قائم رهي. اهڙي هڪڙي نيڪ تمنا اسان کي قربان گل جي شاعريءَ ۾ به پڙهڻ لاءِ ملي ٿي. اچو ته سندس اُن تخيل کي پڙهون.

خوشحال هجي پيار سنڌ
پيار محبت واري سنڌ
مٽي ان جي مشڪ، کٿوري،
تو ڪيئن آهي وساري سنڌ؟

ننڍي هوندي کان ٻُڌندا ٿا اچون ته ٻڌي ۾ طاقت آهي. جيهڙن، جڳهڙن ۽ نفرتن جي عمر تمام مختصر آهي پر انهن جو اثر صدين تائين رهندو آهي. ماڻهوءَ جيڪڏهن هڪ ٻي سان ڏک ۽ سک ۾ گڏ آهن ته هوند اُنهن جي حياتي ائين آهي جهڙو بهار جي موسم. پر انهي جي برعڪس جيڪڏهن ماڻهوءَ نفرتن ۽ ويڇن جو شڪار آهي ته اُهي جيئري ئي ڄڻ دوزخ ۾ آهن. پنهنجا مٽ مائٽ کڻي هڪ ٻي سان ڪيترو به رٺل هجن تڏهن به اُهي اوکي سوکي ويل ۾ هڪ ٻي کي ڪونه ڇڏيندا آهن ۽ هڪ ٻي جا ڀرجهلا ٿيندا آهن. شاعر پنهنجي قوم جا نمائيندا هوندا آهن ۽ اُنهن کي مستقبل ۾ لاحق ٿيندڙ مسئلن جي اڳوٺ آگاهي ڏيندا آهن. انهي سان گڏوگڏ هڪ ٻي سان ويڙھ، جهنگ ۽ نفرتن پيدا ڪرڻ کانپوءِ ٿيندڙ نقصانن جي تنبيھ به شاعريءَ جي وسيلي ئي ڪندا آهن. شعور آفته ماڻهوءَ جو اصل ڪم ئي اهو هوندو آهي ته ھُو پنهنجي سماج جي ماڻهن کي سجاڳ رکي. اهڙي ئي هڪ سجاڳي جو سڏ اسان کي قربان گل جي شاعري ۾ ٻڌڻ لاءِ ملي ٿو. اچو ته اُن کي پڙهون.
پنهنجا وڙهي پاڻ ۾، ٿا ويڇا وڌايون،
پاڻ ئي ٿا کپايون، سگھ پنهنجي سهڻا!

اهڙي طريقي سان پاڻ جڏهن قربان گل جي مجموعي شاعريءَ تي هڪ پيار ڀري نگاھ ڪريون ٿا ته اسان کي کوڙ ساريون هدايتون ۽ اصلاح پڙهڻ لاءِ ملن ٿا. جن جو واسطو فطرتي حُسناڪي سان آهي. قربان گل پاڻ بذات خود فطرت سان پيار ڪندڙ ماڻهوءَ آهي. سندس لاڳاپو فطري شين سان مصنوعي شين جي ڀيٽ ۾ گهڻو آهي. سندس هي شعري مجموعو جيئن ته سندس پهريون قلمي پورهيو آهي تڏهن به سندس شاعريءَ ذهن کي سجاڳ ڪرڻ ۽ جذبن کي جاڳائڻ جو ڪم بخوبي سرانجام ڏئي رهي آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ ناليواري ليکڪ ۽ شاعر امر اقبال لکيو آهي ۽ انهي سان گڏ ڊاڪٽر شير مهراڻي، مختيار چنو، گوهر شيخ، پرفيسر جاويد شيخ، پروفيسر بشير جانوري، زين سولنگي ۽ انسپيڪٽر معشوق ڄامڙو جا رايا به هن ڪتاب ۾ شامل آهن. ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي ڊاڪٽر شير مهراڻي ۽ پروفيسر مختيار چنه جا تاثرات ڏنل آهي. هي ڪتاب گذريل سال سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد پاران ڇاپي ڪري پڌرو ڪيو ويو هو. هن شعري مجموعي ۾ قربان جا غزل، ٻه سٽا، ٽي سٽا، وايون ۽ چئوسٽا شامل آهن. جيڪي ترتيب وار سهڻي نموني سان ڪتاب ۾ شامل ڪيل آهن. ڪتاب ۾ شامل سڀني راين ۾ مجموعي طور پروف جون ڪٿي ڪٿي غلطيون نظر اچن ٿيون. جن کي پڙهندڙ نظر انداز ڪري باقي ڪتاب ۾ موجود شاعري مان لطف اندوز ٿي سگهن ٿا. پروف جو اِهي غلطيون شروعات ۾ سڀني ليکڪن کان ٿينديون رهيون آهن. سمبارا پبليڪيشن جي سرواڻ ساجد سنڌي ۽ صاحب ڪتاب اسان جي مانواري دوست محترم قربان گل کي هن ڪتاب جون انيڪ واڌايون هجن. جو اُنهن جو قلمي پورهيو تاريخ جي رڪاڊ ۾ مستقل بنيادن تي محفوظ ٿي ويو.

(عوامي آواز بلاگ، 07 فيبروري 2021ع)

حصو چوٿون: ڪتابن لاءِ لکيل تاثرات

---

راشد شر جي تحقيقي ڪتاب لاءِ لکي ڏنل محقق جو تعارف

محمد راشد جنهن جو ادبي نالو راشد شر آهي، پاڻ تعلقي فيض گنج جي ڳوٺ کنڊو خان شر ۾ 2 مارچ 1997ع تي پيدا ٿيا، ادب سان سندس لڳاءُ سن 2012ع کان آهي ادبي دنيا ۾ سندس سڃاڻپ هن وقت مقالا نگار، مضمون نويس، ڪالم نگار ۽ ڪهاڻيڪار طور آهي، سندس ادبي تحريرون، ڪالم ۽ ڪهاڻيون سنڌ جي مختلف اخبارن جهڙوڪ روزاني عوامي آواز، روزاني ڪاوش، روزاني ڪوشش، روزاني سنڌ ايڪسپريس، روزاني هلال پاڪستان ۾ شايع ٿينديون رهنديون آهن، انهي کان علاوه سندس ڪهاڻيون، نظم ۽ نثري ٽڪرا سنڌ جي مشهور ادبي رسالن جهڙوڪ ماهوار همسري ميگزين حيدرآباد، ماهوار ساڻيهه ميگزين ڪراچي، ڪاوش مڊ ويڪ وغيره ۾ پڻ شايع ٿيندا رهندا آهن.
ڪائنات جي هن سڄي ڪارونهوار کي سمجهڻ لاءِ ڳوڙهي علم جي ضرورت پوندي آهي، ان علم سان ئي شين جي ڇنڊ ڇاڻ ٿيندي آهي، علم جي وسيلي ئي مختلف شين ۾ فرق ڪري سگهجي ٿو ۽ کين سمجهي سگهجي ٿو. اسان جو هي سدا ملوڪ سُڄاڻُ دوست راشد شر ڳچ عرصي کان علم ادب سان سلهاڙيل هڪ اهڙو چمڪندڙ ستارو آهي جنهن جي چمڪ سندس فڪري تحريرن وسيلي نمايا ٿيندي رهي ٿي. راشد جي لکڻين ۽ تحريرن ۾ جملن جي روانگي، توڙي ٻولي جو اسلوب پڙهندڙن کي حيران ڪريو ڇڏي. پاڻ ادب جو شاگرد هجڻ جي حيثيت سان وقت بوقت پنهنجي لکڻين ۾ سماج جي مختلف پهلوئن کي اجاگر ڪندو رهي ٿو.
سندس ڪالمن، مضمونن، مقالن ۽ ڪهاڻين ۾ سماجي ڪردار ائينءَ هوبهو ڏيکاريل هوندا آهن جيئن اهي پنهنجي اصلي رنگ ۽ روپ ۾ هوندا آهن. انساني جذبا، اميدون جڏهن ڪنهن جي نيڻن ۾ گهر ڪري ويهنديون آهن ته انهي محل راشد جون سڀئي سوچون، فڪر جون سڀئي ڦرهيون انهن نيڻن جي آسري تي پنهنجو سڀ ڪجهه تياڳڻ تي تيار ٿي وينديون آهن. راشد جي مزاج توڙي طبيعت ۾ جيتري قدر مٺاس، پنهنجو پڻ ۽ سادگي آهي سندس تحريرن ۾ به ساڳيو رنگ ۽ ڍنگ، توڙي سمجهاڻي سمايل آهي، کيس هر هڪ معاشرتي ناانصافي،اڻ برابري ۽ ناپيد توڙي ناڪاره ٿيل فرسوده ريتن ۽ رسمن تي ڪروڌ ايندو آهي.
سندس قلم هميشه سچ لکڻ ۽ سچ کي ئي ترجيح ڏيڻ پسند ڪيو آهي، راشد جو قلم هميشه انهن معاشرتي پهلوئن کي اجاگر ڪيو آهي جن پهلوئن تي اسان جي معاشري جا اڪثر ماڻهو يا ته سوچيندا ناهن يا ته وري انهن پهلوئن تي سوچڻ ضروري ناهن سمجهندا اسان جي هن دوست انهن ڌڪاريل معاشرتي اصولن جي پاسداري ڪندي پنهنجي قلم جي ذريعي هڪ پاڪيزه معاشري اڏڻ جي واٽ جو گس ڏيکاريو آهي. راشد کي هڪ ئي وقت ادب جي مختلف صنفن تي عبور حاصل آهي، هو نثر توڙي نظم جي صنفن سان سٺو نڀاءُ ڪرڻ جو ڄاڻو آهي. ڳالهه عالمي ادب جي نڪري يا پنهنجي لاکيڻي لطيف جي فڪر ۽ فلسفي جي اسان جو هي دوست سڀني موضوعن ۽ مضمونن سان هڪ جيترو انصاف ڪندڙ ليکڪ آهي، دنيا جا انقلابي اڳواڻ هجن يا سماجي شخصيتون، سڀني سان معتبراني طريقي سان پاڻ ملهائي ٿو، کيس ڪهاڻيون، مضمون، ڪالم ۽ مقالا لکڻ جو جيڪو بنيادي وسيلو آهي اهو سندس مطالعي ۽ مشاهدي جو وسيع هجڻ، ڇو ته مطالعي ۽ مشاهدي سان فڪر جا نوان گس متعارف ٿيندا آهن. جنهن سان ليکڪ کي نوان عنوان ۽ پهلو لکڻ لاءِ ملندا آهن.
راشد جو به گهڻو وقت ڪتابن سان گذريو آهي اڃا به کڻي ائين چئجي ته ڪتابن جو گهڻو وقت راشد سان گڏ گذرندو آهي، ڪتاب سان سندس ان لاڳاپي ۽ ويجهڙائپ کيس ادبي دنيا ۾ نمايا ٿيڻ تي مجبور ڪيو آهي ۽ سندس خيالن جي پرواز کي ايترو مٿي ڪيو آهي جو سندس سوچون ڪائنات منجهه موجود هر هڪ چرپر کي نوٽ ڪرڻ لڳن ٿيون ۽ کيس لکڻ تي اتساهينديون رهن ٿيون، راشد جي انهي گفتار ۽ اسلوب گهڻن ئي بند توڙي اونداهه ذهنن ۾ شعور جي لاٽ ٻاري ڪيترائي روشن خيال ذهن تيار ڪيا آهن. راشد جي سمورين تحريرن مان سندس هي مونوگراف انڪري به پنهنجي هڪ الڳ حيثيت رکي ٿو جو سندس هي هڪ تحقيقي ۽ اهم ادبي محنت آهي.
سندس هن اهم ساراهه جوڳي ڪامياب تحقيقي مونوگراف جي نه صرف راشد کي مبارڪ هجي بلڪه ادب جي سمورن شاگردن کي به سنڌي ادب جي هڪ ڪلاسيڪل شاعر تي هن جامع انداز ۾ ٿيل تحقيق جون اڻ ڳڻيون واڌايون هجن ڇو ته سنڌ جي هن اهم ڪلاسيڪل صوفي شاعر خوش خير محمد هيسباڻيءَ جي ڪلام تي ڪيل تحقيق سنڌي ادب لاءِ هڪ جامع تحفن ۾ به ڳڻي سگهجي ٿو جنهن کي پڙهڻ سان ڪيترن ئي ادب جي شاگردن استادن ۽ محققن جي علم ۾ اضافو ٿيندو.

(راشد شر جي تحقيقي ڪتاب تي لکيل محقق جو تعارف، هي ڪتاب سنڌ سلامت گهر تي موجود آهي)

ثاقب بلوچ جي ڪهاڻين جي مجموعي سنڌ امڙ لاءِ لکي ڏنل پيش لفظ

ثاقب بلوچ جو هِي ڪتاب جيڪو هن مهل اوهان جي موبائل جي اسڪرين تي نمايا آهي ۽ جنهن کي اوهين پڙهي رهيا آهيو، هي ڪتاب سندس لکيل ڪهاڻين جو مجموعو آهي، ڪهاڻيون لکڻ، مضمون ۽ ڪالم لکڻ کان وڌيڪ اهنجو ۽ ڏکيو ڪم ڪو بـه نـه آهي. ڇو ته ڪالم ۽ مضمون ۾ ليکڪ کي صرف هڪ ئي اندازِ بيان ۾ ڳالھ ڪرڻي هوندي آهي ۽ وري ڳالھ کي به ايتري آساني سان پيش ڪرڻو هوندو آهي جو پڙهڻ وارو بِنا ڪنهن هٻڪ، سوچڻ يا غورو ويچار ڪرڻ جي، ڳالھ کي سمجهي وٺندو آهي، بنِسبت اِن جي ڪهاڻي لکڻ مهل ليکڪ کي انيڪ شيون ذهن ۾ رکڻيون پونديون آهن، جئين مثال، ڪهاڻي جو موضوع، ڪهاڻي لاءِ پلاٽ، ڪهاڻي لاءِ ٻولي ۽ وري ٻولي لاءِ ٻولي جو اسلوب وغيره وغيره. مطلب ته ڪهاڻي کي جٽادار بنائڻ لاءِ ڪهاڻيڪار کي سخت ذهني پيڙاھ مان گذرڻو پوندو آهي، سندس فن، فڪر ۽ وسيع مطالعو ئي وڃي ڪري سُٺي ڪهاڻي کي جنم ڏيندو آهي، ثاقب جي هن ڪهاڻين جي مجموعي جو مطالعو ڪندي اِها ڳالھ شِدت سان محسوس ڪيم ته ثاقب کي هنن ڪهاڻين لکڻ مهل انيڪ ذهني وِسوسَن، مُونجهارن ۽ تَڪليفن کي منهن ڏيڻو پيو هوندو ڇو ته سندس ڪهاڻين ۾ ڪٿي اعتبار جا ٽٽل آئينا نظر اچن ٿا ته ڪٿي وري چنڊ سان ڪچهريون ڪرڻ جون ڪيفيتون پڙهڻ لاءِ ملن ٿيون. هڪ طرف جِتي محبوب جي نيڻن کي نشيلو چئي ڪري مخاطب ڪيو ٿو وڃي تـه وري ٻي هنڌ محبوب پاڪ کي اِهو پڻ چيو وڃي ٿو ته سهڻا پنهنجي اکين کي جهل، اکين کان وري جڏهن ڳالهيون ڪهاڻي جو روپ ڌاري ڪري اڳتي وڌن ٿيون ته اتي اسان کي دل جي درد جي وڌڻ جي شڪايت پڻ پڙهڻ لاءِ ملي ٿي.
ثاقب بلوچ جي ڪهاڻين ۾ ڪِٿي خوابن جا ڏس ملن ٿا تـه وري ڪِٿي سنڌ کي امڙ جا لقب ڏئي ڪري سندس عقيدت ۾ گُل پڻ نڇاور ڪيل نظر اچن ٿا، سندس پيڙاھ ۽ دردن کيس ايتري قدر ستايو جو حالتن کيس لکڻ واري واٽ ڏيکاري، واٽ بـه اهڙي جو سندس ڪهاڻين ۾ حقيقي ڪردار جنم وٺڻ لڳا، سندس ڪهاڻيون، صرف ڪهاڻيون نـه پر دردن جو داستان محسوس ٿيڻ لڳيون، ڪٿي محبوب جي سِتم ظرفين جا احوال تـه وري ڪٿي سندن حُسن جي ڪيل حملن جا حوالا، ڪٿي ڌرتي جي دانهن تـه وري ڪِٿي پنهنجي اندر منجھ پيدا ٿيل آنده ماند جا تفصيل، مطلب ته سڀ ڪهاڻيون ڄڻڪ سندس قلم جي ڪوڪ مان پورن ڏينهن جا ڄاول ٻار هجن، مون جڏهن سندس ڪهاڻي” سنڌ امڙ “ پڙهي ته اُن مهل منهنجي اکين مان بي ساخته لڙڪ جاري ٿي پيا، سنڌ ڌرتي جي بي وسي ۽ لاچاري جيتري قدر ثاقب پنهنجي قلم وسيلي هن ڪهاڻي ۾ ڏيکاري آهي آئون سمجهان ٿو سنڌ اُن کان بـه وڌيڪ ڏُکين حالتن کي هن مهل منهن ڏئي رهي آهي، بر حال وري بـه اِهو ته سنڌ امڙ وري به اُنهن ئي سپوتن ڏانهن رخ ڪندي آهي جنهن منجهان کيس اِها اميد هوندي آهي ته هُو سندس تڪليفن کي گهٽائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهندا. اسان جي معاشري ۾ هر روز انيڪ ڪهاڻيون جنم وٺن ٿيون ۽ هر روز انيڪ ڪهاڻيون دفن بـه ٿين ٿيون، بس امرتا تـه صرف اُنهن ئي ڪهاڻين کي نصيب ٿيندي آهي جيڪي ڪهاڻيون ڪنهن ليکڪ/ڪهاڻيڪار جي قلم ۾ قيد ٿي ڪري صفحن تي منتقل ٿينديون آهن، هڪڙو ڪهاڻيڪار ڪهاڻي لکڻ مهل ٻن ڪيفتن ۽ تڪليفن کي منهن ڏيندو آهي، پهريان تـه کيس اُها ڪهاڻي اندروني طور مجبور ڪندي آهي تـه کيس لکيو وڃي، اِها اندروني طاقت سندس دل ۽ دماغ کي روز جي معملات کان غافل ڪري سندس ذهن کي هڪ جڳھ تي مرڪوز ڪندي آهي، ٻي ڪيفيت هوندي آهي ڪهاڻي کي لکڻ مهل ڪهاڻي کي حقيقي انداز ۾ محسوس ڪرڻ، ڇو ته جيڪڏهن ڪهاڻي احساسن کان الڳ ڪري لکي ويندي يا ڪهاڻي منجھ ڪي به احساس سمايل نہ هوندا ته پوِءِ اُها ڪهاڻي، ڪهاڻي نہ پر لٻاڙ چورائي ويندي، اِن لاءَ هڪ ڪهاڻيڪار لاءِ ڪهاڻي لکڻ ايترو ئي تڪليف ڏيندڙ عمل هوندو آهي جيترو هڪ عورت لاءِ ٻار ڄڻڻ، ثاقب جون ڪهاڻيون، حقيقت جي علامت هجڻ سان گڏوگڏ احساسن سان ڀرپور ٽمٽار آهن، سندس ڪهاڻيون فن ۽ فڪر جي راهن کي هموار ڪرڻ سان گڏ اندر منجھ هڪ حوصلو پڻ پيدا ڪن ٿيون تـه ظلم جي رات ڀلي ڪيتري بـه طويل ڇو نـه هجي ليڪن کيس ختم ٿيڻو هوندو آهي.

( ثاقب بلوچ جي ڪهاڻين جي مجموعي سنڌ امڙ لاءِ لکي ڏنل پيش لفظ، هي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر تي موجود آهي)

ثاقب بلوچ جي ڪتاب تي لکيل مهاڳ

سنڌي ادب اندر هڪ عجيب قسم جي الميو پيدا ٿيو، سڀ اديب پريشان ٿي ويا ته کيس ڪهڙو نالو ڏيون، اُنهي مهل رستي ويندي هڪ درويش سندن ان پريشاني واري عالم کي ڏسي ڪري کانس حال احوال ورتو، هنن يارن به ان درويش کي پنهنجو مسئلو ٻڌايو، مسئلو ٻڌڻ شرط پهريان ته درويش پاڻ ڪنهن قدر حيران ۽ پريشان ٿيو پر سگهو ئي پاڻ سنڀالي کين وراڻيو ”جيڪڏهن ٻين جي ڪاوشن تي پاڻي ڦيرڻو آهي ۽ کيس اِهو احساس ڏيارڻو آهي ته صرف تون ئي ادب جو بي تاج بادشاھ آهين ته پوءَ ان ڪم کي نالو ڏيو مهاڳ، ڇو ته لفظ مهاڳ جو تاثر شاهي تاثر آهي“، درويش جي ڳالھ ٻڌي ڪري پوري سنگت حيران ٿي وئي ۽ درويشن جي ان تجويز تي عمل ڪندي هڪ ٻي جي تخليقن تي مهاڳ لکڻ شروع ڪيائون، جيڪو سلسلو اڄ تائين ختم نٿو ٿي. هن مهل جيڪو ڪتاب اوهان جي موبائل جي اسڪرين ۾ ڏيکارجي پيو ۽ اوهان کيس پڙهو پيا، اِن ڪتاب بابت جامع راءَ مطلب ته مهاڳ لکڻ جي درخواست مون کي ڪئي وئي آهي، مهاڳ لکڻ هڪ انتهائي حساس ڪم آهي، مهاڳ ۾ ليکڪ جي سڄي محنت تي تکي نظر رکي ڪري سندس تحريرن جو مثبت توڙي منفي پهلو واضع ڪبو آهي. ان کان علاوه سندس تحريرن منجھ اُوڻايون ۽ چڱايون پڻ ڳولڻيون پونديون آهن، ثاقب بلوچ جي هن مجموعي جي تاليف مون ڪئي ۽ آئون ئي سندس ڪتاب جو تدوين ڪندڙ آهيان، سندس تحريرن تي جڏهن مون گهري نگاه وڌي ته مون کي محسوس ٿيو ته ثاقب وچولي طبقي سان واسطو رکندڙ هن معاشري جو اُهو فرد آهي جنهن جو ذهن شعور جي لاٽ ٻرڻ شرط بغاوت واري طرف روان دوان ٿي ويو آهي.
سندس تحريرن ۾ معاشرتي رياڪارين خلاف جيڪا ڪروڌ نظر اچي ٿي سان سندس شعور جي بالغ هجڻ جو چٽو ثبوت آهي، ثاقب بلوچ حڪومتي ويڳاڻپ ۽ لاوارثي تي انهن طرف ڌڪارت واري لهجي ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته” مان سرڪار کي گذارش نہ ڪندس ڇو ته سرڪار کي گذارش ڪرڻ ٻوڙي جي ڪن ۾ ڳالھ ڪرڻ جي برابر آهي، اسان جي گذارش سرڪار آڏو هڪ چرچو آهي، ڊسٽ بن ۾ اڇليل خالي ڪاغذ جيان آهي“، اهڙي ريت سندس تحريرن ۾ هن سماج جي پوري ناڪاره نظام تي ڪاوڙ جو اظهار سخت لفظن ۽ لهجن ۾ ڪيل آهي، ثاقب جيتوڻيڪ ادب سان لاڳاپيل ڳچ عرصي کان هو پر لکڻ جي حوالي سان کيس تمام مختصر عرصو ٿيو آهي ۽ انهي مختصر عرصي ۾ مسلسل ڪالم لکڻ ڄڻڪ سندس مشغلو بڻجي چڪو آهي، سندس اِن مشغلي کيس پوري سنڌ اندر بي پناھ پيار بخشيو، مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ سندس تحريرن ۽ ڪالمن کي وقت به وقت جڳھ ملندي رهندي آهي. اهڙي ريت کيس اتساھ ملندو رهيو ۽ سندس تحريرن جو جامع ڪتاب هن وقت اوهان جي هٿن ۾ آهي، ثاقب جي هڪ ڳالھ مون کي ڏاڍو لڀائي وئي اُها اِها ته ثاقب جي تحريرن جا عنوان عمومن اُهي آهن جيڪي عنوان وقت ۽ حالاتن جي حساب سان جنم وٺن ٿا، مطلب ته ثاقب عام رواجي عنوانن کان هٽي ڪري انهن موضوعن تي پنهنجو قلم کنيو آهي جن تي کيس اهو محسوس ٿيو ته مون کي لکڻ گهرجي يا وري وقت جي تقاضا سمجهي ڪري انهن تي لکڻ مناسب هجي، مطلب ته ثاقب پنهنجي مرضي مطابق ڪنهن به عنوان کي ڪونہ سرجهيو بلڪ وقت ۽ حالاتن کي مد نظر رکندي پنهنجو قلمي جدوجهد ڪندو رهيو.
ثاقب جي ڪالمن تي هندي ٻولي جو تمام گهرو اثر ڏسڻ وٽان ملي ٿو، ان جو بنيادي ڪارڻ اِهو به ٿي سگهي ٿو ته ثاقب سنڌي هندو ليکڪن جا ڪتاب جهجي تعداد ۾ پڙهيا هجن جنهن سبب هاڻ سندس حافظي ۾ اُهي الفاظ گهر ڪري ويهي رهيا آهن. مهاڳ ۾ ڪتاب بابت سڀئي ڳالهيون اڳم ڪونه ڪري ڇڏبيون آهن، ڪجھ چاھ، چش ۽ چاشني پڙهندڙن لاءَ به بچائي رکبي آهي ته جئين اُهي به علم جي لاٽ مان ڪا واٽ ڳولهي سگهن.

(ثاقب بلوچ جي ڪالمن جي مجموعي آءُ نه اڪليو لاءِ لکيل مهاڳ، هي ڪتاب سنڌ سلامت تي موجود آهي)

سوچون، سمنڊ جيڏيون!

هَن ڪائنات جي حُسناڪين توڙي مڙني معاملن کي جڏهن سمجهڻ جي ڪوشش ڪجي ٿو ته هي دل ويچاري ڪنهن قدر ڏُکاري ٿي پوي ٿي. ڇو ته بظاهر حسين و جميل نظر ايندڙ شيون ڪافي حد تائين خطرناڪ ۽ هيبتاڪ ثابت ٿينديون آھن. وقت آھر تجربات جي آڌار تي ڪجھ ماڻهو شين کي پرکڻ جي صلاحيت پاڻ ۾ پيدا ڪري وٺندا آهن. بلڪل ائين جئين اسان جي نوجوان دوست رشيد خاصخيلي به سماج ۾ موجود هر هڪ لقاءَ، منظر توڙي مظهر کي پنهنجي قلم وسيلي ورقن ۾ محفوظ ڪيو آهي. سندس هَن مجموعي جي مطالعي ڪرڻ کان پوءِ سماج اندر موجود هر هڪ ڪردار، هڪ هر هڪ عمل توڙي هر هڪ چُر پُر کي ڏسڻ جو نئون ڏانءُ ڄڻڪ ملي ٿو پوي. اڄ جي جديد دور جي گُهرج به اِها ئي آهي ته ادب جي جهولي ۾ اِهڙي تخليق جو جامع ڳٽڪو پيش ڪجي جيڪو عام ماڻهو کان وٺي ڪري هر هڪ اهل علم توڙي فن ۽ فڪر سان وابسطه ماڻهو کي سوچڻ تي مجبور ڪري. رشيد خاصخيلي وٽ ڌرتي، سرتي، وستي توڙي واهڻ کان وٺي ڪري هر ڳوٺ ۽ ڳلي جا حوالا قلمبند ٿيل آهن. سندس هن نثري ٽڪرن ۾ عاشقي جي چاشني به آهي ته رات جي پهر ۾ چنڊ سان ڪيل ڪچهرين جا حوالا به آهن. عورت جي عظمت جي پاسداري جا سبق آموز قصا به آهن ته اڪيلائي جي ٽياس تي چڙهيل محبتن جا داستان به آهن. هُو هڪ طرف پنهنجي جذبن کي اظهارڻ جي بجاءِ ڌرتي جي هر هڪ دانهن کي ورنائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته ٻي طرف پنهنجي ئي ديس جي ماڻهن سان اُنهن جي ناداني تي ڪجھ هن طرح سان مخاطب ٿئي ٿو ته. ”احساس، ڪھڙي احساس جي ڳالھ ٿو ڪرين اي نادان! جن احساسن کي ھن لوڪ ڪنھن ڪُنواري ناري جي ڪپڙن وانگي چيھاڙي ڦاڙي ڇڏيو ھجي. جيڪا پنھنجي اُگھڙ ڍڪڻ خاطر ڊُڪندي روڊ حادثي جو شڪار ٿي ھجي“. ليکڪ وٽ نفيس احساس به آهن ته وري اُنهن احساسن کي اظهارڻ جو هڪ سُهڻو اسلوب به آهي. هنن نثري ٽڪرن ۾ ڪٿي درد جا پاڇا پڙهڻ لاءِ ملن ٿا ته وري ڪٿي پيار جي پناهن جا پيچرا به نظر اچن ٿا. سندس هر هڪ لفظ توڙي جملي ۾ ڳالهيون اِهڙي ته ترتيب سان سميٽي ڪري رکيون ويون آهن جو پوري ڪتاب کي هڪ ئي ساھي ۾ پڙهڻ کان علاوه ٻيو ڪو چارو ئي نظر نه ٿو اچي. پلڪن ۾ ڳوڙها جڏهن اچڻ شروع ٿيندا آهن ته عين اُنهي وقت پرين جي پرچڻ ۽ اُنهي سان ملڻ جي هڪ نئي اُميد به اکين ۾ ڪَر کڻڻ لڳندي آهي. ڳوڙها اکين کي ته ڀڄائي ڇڏينديون آهن پر دلين جي پاڻ ۾ ملڻ جي آس کي مٽائڻ ۾ ڪامياب وڃي نه سگهنديون آهن. اِهڙي ئي اُميد جو تذڪرو هاڻي ته ورڻ جي ڪر عنوان ۾ ڪجھ هن طرح سان بيان ٿيل آهي.

”اکيون آسائتيون،
نھارون آسائتيون،
دماغ آسائتو،
سوچون آسائتيون،
دل آسائتي،
اُڪير ۽ ڌڙڪن آسائتي،
ننڊ آسائتي، خمار آسائتا،
خواب آسائتا،
اُنھن جو تعبيرون آسائتيون،
سچ پڇين مٺڙي اسين مڪمل آسائتا.“

انسان ازل کان محبتن جو متلاشي رهيو آهي. انساني مزاج ڪڏهن مخالف جنس جي ڇڪ ۾ جڪڙجي ٿو ته وري ڪڏهن پنهنجي ديس توڙي ديس واسين جي حال ۽ ڏکن ڏوجڙن کي ڏسي ڪري ديس جي عشق ۾ مبتلا ٿئي ٿو. اهڙو ئي عشق هن ڪتاب جي ليکڪ وٽ به اسان کي ڏسڻ وٽان ملي ٿو ڇو ته سندس ڪتاب جي کوڙ سارو حصو ديس جي دانهن سان ڀريل آهي. سندس من اِنهي مونجھ کي برداشت نه ڪري سگهي جنهن سبب هن قلم هٿ ۾ کڻي ڪري پنهنجي انهي حال کي پنهنجي حبيبن آڏو پيش ڪيو. اسان وٽ الميو اِهو رهيو آهي ته اسان احساسن کي هميشه مجروع ڪيو آهي. ڪنهن جي تڙپ ۽ ڀوڳنا کي محظ لفظن جو حسين سنگم سمجهي اُنهي منجهان فڪر جي لاٽن کي پروڙڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي. جنهن سبب ڪا به دانھ، ڪا به ڪوڪ، ڪا به التجا اسان جي ڪنن تائين پهچڻ کان پهريان ئي دم ٽوڙي وڃي ٿي. رشيد خاصخيلي جي پلڪن ۾ آيل هنن ڳوڙهن جو ادراڪ صرف اُهو ئي ماڻهو ڪري سگهي ٿو جيڪو اِهل دل هجي. جنهن وٽ جذبن جي سُڃاڻ هجي. جنهن وٽ ڌرتي ۽ سرتي جي اهميت ٻين شين کان وڌيڪ هجي ڇو ته هنن لفظن جنم وٺڻ کان پهريان ليکڪ کي المناڪ گهڙين سان هم ڪلام ڪرايو. نراسائي سان ويڙھ ڪرائي ۽ پوءِ وڃي ڪري ورقن تي جلوه افروز ٿيا. اسان جي دوست جو هي قلمي پورهيو سنڌي ادب ۾ پڙهندڙ وٽان هڪ خاص مقام جوڙڻ ۾ ڪامياب ويندو ۽ سندس شعور، قلم ۽ فڪر توڙي ڏاهپ مان اِها اميد ڪجي ٿي ته اڳتي به هُو سنڌي ادب جي جهول ۾ هن ڪتاب جهڙا ڪتاب ڏيندو رهندو.

(رشيد احمد خاصخيلي جي نثري ٽڪرن جي مجموعي موهن جي دڙي جي مٽي لاءِ لکيل تاثرات)

هر ماڻهو ءَ جي هڪڙي دنيا آهي!

هن دنيا ۾ انيڪ قسم جا ماڻهو رهن ٿا. هر ڪنهن جا شوق، خواهشون ۽ تمنائون الڳ الڳ آهن. ڪنهن کي پئسن گڏ ڪرڻ جو جنون آهي ته وري ڪنهن کي سير و سفر جو شوق آهي. ڪو پراڻين ۽ قديمي شين کي سانڍڻ جو ماهر آهي ته وري ڪنهن کي جديد شين سان لڳاءُ آهي. مطلب ته هر ڪنهن جو مزاج ٻي کان الڳ ۽ بنھ منفرد آهي. انهي نموني سان جڏهن هم خيال ماڻهن جو پاڻ ۾ تعلق جڙڻندو آهي يا هڪ ٻي سان انهن جي واقفيت ٿيندي آهي ته اُنهي مهل انهن جي وچ ۾ محبت جي هڪڙي لڪير پيدا ٿي پوندي آهي.
ڪجھ عرصو پهريان اظهر امر ۽ منهنجي وچ ۾ به ڪجھ اهڙي سڳنڌ جڙي پئي. اظهر کي ادب سان لڳاءُ آهي ۽ منهنجو به ڪتابن سان نينهن ناتو جڙيل رهيو آهي. سو تمام ٿوري عرصي ۾ هڪ ٻي سان خوب ڪچهريون ڪرڻ لڳاسين. اسان جون ڪچهريون عمومن ڪال تي ٿينديون هيون. پر اُن جي باوجود هڪڙي ڪوشش اِها به هوندي هئي ته اسان جي ڪچهرين جو محور ۽ مرڪز هميشه ادب ئي رهي ۽ ٿيو به ائين ئي. ادبي صورتحال، نوجوانن لکيڪن جي محنتن ۽ ڪتابن جي اهميت تي خيال جي ڏي وٺ ٿيندي هئي.
ائين ئي اسان به پنهنجي هڪ الڳ دنيا جوڙي ورتي. هڪ اهڙي دنيا جنهن ۾ نفرتن لاءِ ڪا به جاءِ مقرر ڪونه هئي. جيڪڏهن جاءِ هئي به ته ڪتابن لاءِ هئي. سُٺن خيالن ۽ خوابن لاءِ هئي. ترقي پسند سوچ لاءِ هئي. تخليقي ۽ فني صلاحيتن لاءِ هئي. روشني جي راهن لاءِ هئي. باقي اونداھ ۽ ذهني غلامي لاءِ ڌڪار جو وڏو مقدار موجود هو. اظهر امر جو هي ڪتاب جيڪو هن مهل توهان جي هٿن ۾ آهي. هن ڪتاب ۾ موجود مضمون (ڪتابن تي ڪيل تبصرا) انتهائي ڪار آمد مضمون آهن. ڪنهن به ڪتاب تي اظهار خيال ڪرڻ مطلب ته پنهنجا تاثرات لکڻ انتهائي ڪٺن ڪم آهي. جيڪو اظهر ڪري ڏيکاريو.
ڇو ته ڪنهن به ڪتاب تي تڏهن ئي ڪجھ لکي سگهجي ٿو يا ڳالهائي سگهجي ٿو جڏهن انهي ڪتاب جو مڪمل نموني سان مطالعو ڪجي. انهي ڪتاب ۾ ليکڪ جي نقطه نظر کي سندس اصل رُخ ۾ سمجهجي. تڏهن ئي وڃي ڪري انهي ته ماڻهو ڪجھ لفظ لکي سگهي ٿو. ساڻس انصاف ڪري سگهي ٿو. اسين جنهن معاشري جا حصا آهيون. اُنهي معاشري ۾ ڪتاب تمام ٿوري مقدار ۾ پڙهيا وڃن ٿا. هتي ڪتاب صرف اهي ماڻهو پڙهن ٿا جيڪي ڪنهن نه ڪنهن حساب سان، عمر جي ڪنهن نه ڪنهن حد ۾ ادب سان سلهاڙيل رهيا يا ادب دوست رهيا. اُهي ئي ماڻهو ڪتاب پڙهن ٿا. باقي ڪُل پيران دا خير.
انهي جو مکيه سبب اِهو آهي ته اسان وٽ ٻارن کي والدين تربيت ۾ مطالعو جو نه ئي چون ٿا ۽ نه ئي کين اِها عادت اپنائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. جيڪڏهن پڙهڻ جي تلقين ڪن به ٿا ته اُها تلقين صرف نصابي ڪتابن جي پڙهڻ تائين محدود هجي ٿي. انهي ڪارڻ هتي مطالعي جا شوقين گهٽ آهن. اظهر امر به نصابي ڪتابن سان گڏوگڏ ادبي ڪتابن جو جهڙي نموني شيدائي ٿيو ۽ ادب ۾ پاڻ مڃائڻ جي ڪوشش ڪيائين. اهو به هڪ تويل قصو آهي. اهو به صاحب ڪتاب جيڪڏهن چاهي ته توهان سان ونڊ ڪري سگهي ٿو. باقي مون کي اختيارات ڪونه آهن. بس آئون ته ايترو ئي چئي سگهان ٿو ته جن ماڻهن ڪتابن سان عشق ڪيو آهي ۽ ڪتابن ۾ پناھ گاهون تلاش ڪيون آهن. انهن ماڻهن جي آجيان لاءِ تاريخ پاڻ گلن جا هار کڻي ڪري انتظار ۾ بيهندي آهي. جيڪڏهن توهان چاهيو ته توهان جو ڀليڪار به انهي نموني ٿئي ته پوءِ ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيو ۽ ڪتابن سان راتيون جاڳي ڪري گذاريو ته جئين توهان به سرخرو ٿي سگهو.

(اظهر امر جي ڪتاب جڏهن خيال جاڳن ٿا تي لکيل رايو هي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر تي موجود آهي.)

مهاڳ: دردن جي دستاويز جهڙيون ڪهاڻيون!

آئون ڪائناتي لقائن بابت انتهائي گهٽ معلومات رکندڙ شخص آهيان. مون کي بس ايتري سُڌ آهي ته هَن ڪائنات ۾ ٻه شيون ڏاڍيون قديم آهن. هڪ حضرت انسان ۽ ٻيو انهي جو درد جيڪو صدين کان ساڻس گڏ آهي. اِنهي درد حضرت انسان کي جيڪا ڪامل ترقي نصيب ڪرائي آهي. سو بنھ ڪمال جي ڳالھ آهي. دنيا ۾ ٻن قسمن جا ماڻهو رهن ٿا. هڪڙا ماڻهو پنهنجي مٿان ڏاڍ، ظلم، جبر ۽ بي واجبي کي انتهائي آساني سان خاموش ٿي ڪري برداشت ڪري وڃن ٿا ۽ اُنهي وارتا خلاف ٻڻڪ به ٻاهر نه ڪڍندا آهن.
اهڙن ماڻهن جي خاموشي استحصالي قوتن کي سگهارو ڪندي آهي. اِنهي جي برعڪس وري ٻيا ماڻهو نه صرف پنهنجي مٿان ٿيندڙ ظلم، بلڪ آس پاس توڙي معاشري ۾ برپا ٿيندڙ هر هڪ نقصان ده عنصر جي نشاندهي ڪري انهي خلاف مزاحمت ڪن ٿا. اِها مزاحمت، اِها بغاوت يا ته تقريري انداز ۾ هجي ٿو يا وري تحريري انداز ۾. اظهار جا هِي ٻئي نمونا پنهنجي جاءَ تي سُٺو اثر ڇڏيندڙ آهن. اِنهي نموني ساجد حسين سومري به پنهنجي جهاد جو جيڪو نمونو اختيار ڪيو آهي سو تحريري آهي. مون جڏهن هن مجموعي ۾ موجود ڪهاڻيون پڙهيون ته مون کي محسوس ٿيو ته واقعي هڪ ڪهاڻيڪار لاءِ سندس ڪهاڻيون ڪُل ملڪيت هجن ٿيون.
ڇو ته انهن ڪهاڻين ۾ ڪهاڻيڪار جا خواب سمايل هوندا آهن. سندس حسرتون سمايل هونديون آهن. محبوب کي ڪجھ ڏوراپا ڏنل هوندا آهن. سماج خلاف ڪجھ ڪروڌ اظهاريل هوندو آهي. هڪ ڪهاڻيڪار جڏهن ڪهاڻي لکندو آهي ته سڀني کان پهريان هو پنهنجي پاڻ کي انهي ڪهاڻي ۾ تحليل ڪندو آهي.
پنهنجي عقيدي، عقل، ڏاهپ کي پاسي تي رکي ھُو ٻين جي زبان ٿي پوندو آهي. ٻين تي ٿيل ظلم جي داستان کي بيان ڪندو آهي. اِهڙي نموني تڏهن ئي وڃي ڪري سندس ڪهاڻيون ٻين جي دلين ۽ دماغن تي حاوي ٿينديون آهن ۽ انهن تي ديرپا اثر ڇڏينديون آهن. ساجد جون ڪهاڻيون به ڪجھ اھڙي ئي نموني جون ڪهاڻيون آهن. هنن ڪهاڻين ۾ ڪردار نه صرف ڳالهاين ٿا پر سماج اندر نفرت ڀري ريتن ۽ رسمن خلاف اعلان بغاوت ڪندي نظر اچن ٿا. سنڌي ادب ۾ هن وقت کوڙ سارا تخليقڪار طب آزمائي ڪري رهيا آهن. هڪڙا شعر و شاعري واري جهان ۾ گم آهن ته ٻيا وري محبوبن جي قصيده گوئي ۾ گم آهن.
تمام ٿورا اھڙا ليکڪ آهن جيڪي پاڻ کي ڇڏي ڪري پنهنجي معاشري تي مشاهداتي نظر رکيون ويٺا آهن ۽ انهن جي هر هڪ لکڻي ۾ معاشري جو عڪس ۽ اولڙو چٽو نظر اچي ٿو. انسان کي جيڪڏهن رب تعاليٰ لکڻ، سمجهڻ ۽ فڪر ڪرڻ واري واٽ ڏيکاري آهي ته بهتر آهي ته ماڻهو ٻين لاءِ فڪرمند رهي، ٻين جي دردن جو ڀرجهلو ٿئي. پنهنجي ڏات ۽ قلم کي ٻين جي راهن هموار ڪرڻ لاءِ وقف ڪري. ساجد حسين سومرو سنڌ جي اهڙي ضلعي سان تعلق رکي ٿو جنهن ۾ عوام الناس جي قسمت جا فيصلا اُتان جا واڳ ڌڻي مطلب سردار ڪندا آهن. جيتوڻيڪ پاڻ سڀئي آهيون ته هڪ ئي قوم جا فرد پر انهي جي باوجود به ساڳي قوم کي ٽُڪرن ۾ ورهائي جهڙي نموني مونجهارن ۽ تضادن جي ور چاڙهيو ويو آهي سو بنھ ڏک ڏيندڙ ڳالھ آهي.
ساجد حسين سومرو اِهڙي المناڪي سماج ۾ هوندي قلم وسيلي جيڪا جدوجهد ڪئي آهي ۽ جهڙي ريت ڀوتارن ۽ انهن جي ڪمدارن جي اک ۾ ڪنڊو ثابت ٿيو آهي سا ڳالھ فخر لائق آهي. اڄ جي نوجوان کي به ساجد حسين سومرو وانگر بي باڪي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. پنهنجي علم، ڏات ۽ عقل و فهم وسيلي کيس وقت جي فرعونن سان جنگ جوٽڻ کپي. ڇو ته پڙهيل لکيل ۽ باشعور طبقي جي خاموشي لاشعور ۽ جابر طبقي کي اڃا وڌيڪ مستحڪم ڪندي آهي ته ھُو مظلومن تي پنهنجو ڏاڍ ۽ ظلم جاري رکن. ساجد حسين سومرو جيڪي ڪهاڻيون لکيون آهن سي دردن جي دستاويز جهڙيون ڪهاڻيون آهن.
سندس ڪهاڻيون انتهائي سادي اسلوب سان لکيل آهن. جنهن ڪري ادب دوست توڙي عام ماڻهو جي فهم ۾ جلدي سمجهڻ جوڳيون آهن. ڪهاڻي کي انتهائي آسان هجڻ به گهرجي ته جئين عام ماڻهو انهي مان ڪجھ پرائي سگهي. اجايو ڪهاڻي کي نه طويل ڪرڻ گهرجي. نه اُن ۾ گهڻي ڳُجھ رکجي ۽ نه ئي انهي ۾ ڳُتيل لفظ اُتڻ گهرجن. دنيا جهڙي رفتار سان ترقي ڪري رهي آهي. انهي رفتار جي آڌار تي پنهنجو معاشرو جهڙوڪ پورو ته نه ٿو لهي پر انهي جي باجود به پاڻ دنيا سان گڏ هلڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون. انهي ڪوشش جي عيوض اڄ اسان وٽ عام رواجي شين ۾ جدت پڻ آئي آهي. انهي جدت اسان جي سوچن ۾ پڻ نواڻ آندي آهي. اِها نواڻ جڏهن قلم وسيلي ڪاغذن تي جنم وٺندو آهي ته انهي مان گهڻا ئي اونداھ ذهن مستفيد ٿيندا آهن. ڪاغذ ۽ قلم جو جيڪو پاڻ ۾ ناتو آهي سو ناتو اڄ جو نه بلڪ صديون پراڻو ناتو آهي. اِنهي ناتي دنيا ۾ حيران ڪن تبديليون رونما ڪرايون آهن.
اڄ جو انسان چاهي ٿو ته کيس هر هڪ شئي انتهائي مختصر وقت ۾ ملي ۽ وڏي ڳالھ ته اِها آهي جو جيڪا شئي موصول ٿئي سا خود به مختصر کان مختصر هجي. اِنهي تجربي ۽ سوچ، ڪهاڻي کي به مختصر ڪهاڻي جو روپ ڏنو. اسان وٽ پهريان طويل ڪهاڻي لکي ويندي هئي. اڳتي هلي اُها مختصر ٿي ۽ کيس اختصاري ڪهاڻي سڏيو ويو. وقت جي مناسبت سان سئو اکري ڪهاڻي جنم ورتو وري هاڻ ته دنيا ايتري ترقي ڪري ورتي آهي جو اِها ڪهاڻي فليش فڪشن ٿي چڪي آهي. يعنيٰ ڪئميرا جي پهرين جيڪا چمڪ هجي ٿي انهي کي فليش چئبو آهي. فليش فڪشن مطلب هڪ چمڪ ۾ پورو قصو سمجھ ۾ اچي وڃي.
ڪهاڻي جي اِها ترقي تاريخ جي ورقن ۾ سونهرن لفظن سان درج ڪئي ويندي. ڪهاڻي جي صنف ۾ مون گهنگار به هڪ تجربو ڪيو آهي جنهن کي مون نالو ڏنو آهي ”ڪائونٽر ڪهاڻي.“ هاڻ ڏسڻو اِهو آهي ته مون طرفان شروع ڪيل انهي ڪهاڻي واري انداز کي ڪيتري وقت ۾ ترقي ملي ٿي ۽ ان تي ڪيترا دوست طب آزمائي ڪن ٿا. ڪجھ عرصو پهريان سنڌ اندر هڪ وڏو بحث شروع ٿيو. هتي جيڪي مها اديب ۽ مها ڪهاڻيڪار طور سُڃاتا ويندا آهن تن ڪانفرنسن ۾ اهو چوڻ شروع ڪيو ته سنڌ اندر ڪهاڻي مري رهي آهي. مطلب ڪهاڻي جي صنف ڪمزور ٿي رهي آهي. جڏهن مون هي ڳالھ ٻڌي ته آئون حيرت ۾ پئجي ويس. انهن ڪهاڻيڪارن کي صرف اِها خام خيالي هئي ته ڪهاڻي صرف اُهي ئي لکي سگهن ٿا باقي پوري سنڌ اندر سڀئي ماڻهو ڪهاڻي لکڻ کان اڻ واقف آهن.
اڙي بابا توهان جي لکڻ يا نه لکڻ، توهان جي هجڻ يا نه هجڻ سان نه ئي ڪا صنف تباھ ٿيندي ۽ نه ئي ڪهاڻي ڪڏهن مرندي. ڇو ته ادب ۾ جڏهن به ڪو نوجوان داخل ٿيندو آهي ته اهو نظم ۾ پهريان غزل لکڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ جيڪڏهن نثر طرف ايندو آهي ته سڀ کان پهريان ڪهاڻي لکڻ شروع ڪندو آهي. ان لاءِ ڪهاڻي بابت اجائي غلط فهميون ۽ مونجهارا پيدا نه ڪريو. سنڌ اندر هن مهل ساجد حسين سومرو سميت جيڪي به نوجوان مستقل مزاجي سان لکي رهيا آهن سي نه صرف ڪهاڻي لکن پيا، بلڪ ڪالم، مضمون، تنقيد توڙي تحقيق واري ميدان ۾ به پاڻ ملهائن پيا. اهڙي خوشگوار ماحول جي هجڻ جي باوجود به جيڪڏهن پاڻ کان پوءِ سڄي سنسار کي اونداھ تسليم ڪجي ته يقينن اهو عمل شعوري عمل ته ڪونه هوندو.
ڪتاب جي ڇپائي کان وٺي ڪري اخبارن، رسالن ۽ ٻين اشاعتي مرحلن ۾ اڄ به پنهنجا نوازي واري راويت برقرار آهي. جنهن سبب سنڌ جا ڪافي تخليقڪار گهڻو ڪجھ هجڻ جي باوجود به ڄڻ ڪجھ ڪونه آهن. ڇو ته انهن جي تخليق کي ماڻهن جي آڏو اچڻ جو موقعو ئي ڪونه ملندو آهي. گهڻا ته وري مون اھڙا به ڏٺا آهن جن کي اشاعتي وسيلن جي ئي مڪمل ڄاڻ ڪونه آهي. جنهن سبب به اُهي پوئتي رهجي ويا آهن. سنڌ اندر لاعلمي هڪ وڏو الميو آهي. جيڪو تخليقڪار کي کائيندو ٿو وڃي. ساجد حسين سومرو به ڳچ عرصي کان علم ۽ ادب سان سلهاڙيل هڪ باشعور نوجوان آهي. سندس تحريرون خواھ ڪهاڻيون هجن يا ڪالم، هن ڌرتي جي دردن جي عڪاسي ڪن ٿيون.
هن ڪتاب ۾ موجود سندس سڀئي ڪهاڻيون جيتوڻيڪ ڪهاڻي جي فن جي حوالي سان ڪجھ ڦڪيون، مٺيون ٿي سگهن ٿيون پر سندس سوچ ۽ فڪر مان اِهو ئي معلوم ٿئي ٿو ته سندس وٽ انفرادي سوچ جي بدران اجتماعي سوچ آهي. جيڪا کيس مسلسل لکڻ تي مجبور ڪري ٿي ۽ هي نوجوان مسلسل لکندو رهندو آهي. ڪهاڻين جي هن مجموعي ۾ سندس پهرين ڪهاڻي” فقير سائين جي دعا“ ۽ ” ٻي ڪهاڻي ” انڌو عقيدو“ انهي ڳالھ جي شاهدي ڏين ٿيون ته اسان وٽ اڄ به ٻهراڙين ۾ عورتون، توڙي گهٽ پڙهيا لکيا نوجوان جعلي عاملن ۽ فقيرن جي ڪوڙن ڌاڳن، ڦيڻن ۽ ڏٽن تي يقين رکن ٿا. انهي عقيدي الائي ته ڪيترا وسندڙ گهر اُجاڙيا آهن ۽ الائي ته ڪيترن نوجوانن جي خوابن جي غلط تشريع ڪري کين زندگي ڀر دربدري نصيب ڪئي آهي. معاشري جي اهڙن غلطن ريتن توڙي رسمن جي نشاندهي ڪري ماڻهن کي انهي کان آگاھ ڪرڻ هڪ اهل علم ۽ باشعور فرد جو ئي ڪم آهي. اِها ذميواري هڪ اديب، ڪهاڻيڪار ۽ دانشور تي به عائد ٿئي ته هو ماڻهن کي اونداهي کان خبردار ڪري ۽ روشني جو ڏس ٻڌائي، سجاڳي جو سڏ ڏئي ته جئين سماج ۾ پيدا ٿيندڙ غلط ريتون ۽ رسمون ناپيد ٿي وڃن.
مون جڏهن ڪهاڻي” اڌوريون خواهشون“، ” سرڪاري اسپتال“ ۽ ” فيسبڪي دوست جو وڇوڙو“ پڙهيو ته آئون حيرت زده ٿي ويس. ڇو ته هنن ٽنهي ڪهاڻين جي انت ۾ جيڪو المناڪ وڇوڙو ڏيکاريل آهي انهي جو بنيادي ڪارڻ روڊ حادثن وسيلي واقع ٿيل ايڪسيڊنٽ آهي. جيڪي اڪثر ٽرالر جي ٽڪر سبب برپا ٿيا آهن. انهي ڳالھ کان قطعي انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته ڪو اسان وٽ روڊ انتهائي محفوظ آهن ۽ انهن تي هلندڙ وزني گاڏيون ۽ ٽرالر قانون تي عمل پيرا ٿيندي سفر طئي ڪنديون آهن. اسان وٽ ته روڊ موت جو راڪاس آهن. خاص ڪري انهن شهرن لاءِ جيڪي روڊن جي ويجها قائم ٿيل آهن.
اتان جي ماڻهن کي گهڻو نقصان کڻڻو پوي ٿو. ڊرائيورن جي انهن لاپرواهين سبب ڪافي امڙين جون جهوليون خالي ٿيون آهن پر هتي حالت اِها آهي جو آئي ڏينهن حادثا ٿيڻ جي باوجود به حڪومت ڪوبه تحرڪ ڪونه وٺندي آهي. سڄي ڀوڳنا صرف جو صرف عوام کي ئي ڀوڳڻو پوندو آهي. هنن ٽنهي ڪهاڻين منهنجي ذهن کي ايترو ته ولوڙيو جو آئون ڪي ئي ساعتون غم واري ڪيفيت ۾ مبتلا رهيس ۽ اِهو سوچيندو رهيس ته هن ڌرتي جو ڀاڳ ڪڏهن سڻائو ٿيندو. ساجد حسين سومرو ڪهاڻين ۾ احساس ڀريا آهن. ڪيفيتن کي مختلف رنگن ۾ ڪاغذ تي آڻي ڪري بيهاريو اٿس.
سندس مزاج، پسند توڙي نا پسند جي اسان کي اتي ئي پروڙ پئي ٿي ته ھُو ڪهڙي اک سان هن سماج جو جائزو وٺي ٿو ۽ شين کي ڏسڻ لاءِ سندس وٽ ڪهڙا طور ۽ طريقا آهن. آئون ساجد حسين سومرو کي مڪمل طور تي ڪامل انسان ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ۾ قطعي ڪونه آهيان. سندس ڪهاڻين ۾ ضرور ڪجھ اوڻايون هونديون، ڪجھ گهٽ وڌايون هونديون. ممڪن آهي سندس ڪا ڪهاڻي توهان کي بنھ پسند نه اچي ۽ ائين به ممڪن آهي ته سندس ڪا ڪهاڻي توهان جي اکين ۾ ڳوڙها آڻي ڇڏي. هاڻ باقي فيصلو توهان پڙهندڙن کي ڪرڻو آهي ته ساجد پنهنجي قلم وسيلي هن ڌرتي جي ڏکن کي ڪيتري احسن نموني سان توهان آڏو پيش ڪيو آهي ۽ توهان انهي مان ڪيترو مسفيد ٿيا آهيو. ڇو ته هر هڪ پڙهندڙ جو هڪ پنهنجو الڳ امتياز هجي ٿو. انهي جو پنهنجو هڪ الڳ مطالعو هجي ٿو ۽ انهي وٽ شين کي سمجهڻ، ڏسڻ ۽ پرکڻ جو هڪ الڳ طريقو هجي ٿو. انهي نموني توهان مهربان جيتري قدر اعتدالي نموني سندس محنت کي تسليم ڪندا تهڙي ئي نموني ليکڪ کي اُتساھ ملندو ۽ سندس محنتن جو ڦل به کيس ملندو.

(ساجد حسين سومرو جي ڪهاڻين جي مجموعي لاءِ لکيل مهاڳ، هي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر تي موجود آهي)

شعور جو ڏِيئَو ائين ئي سدائين ٻريل رهي!

ڪجھ قصا، ڪجھ گهڙيون ۽ ڪجھ يادون اھڙي نوعيت جو ٿينديون آهن. جو اُنهن کي وري وري سارڻ سان ۽ سنڀالڻ سان من مهڪي پوندو آهي. انسان ٻهڪڻ لڳندو آهي. سندس مزاج ۽ ورتاءُ ۾ هڪ مثبت پهلو نمايا ٿيڻ لڳندو آهي. جنهن پهلو جي نمايا ٿيڻ سان اُن جي سُڳنڌ ساري ماحول کي معطر ڪري ڇڏيندي آهي ۽ سُڳند ڀري سُرهاڻ واري ماحول ۾ انساني ذهن مٿان تخيل جا دروزا کلڻ لڳندا آهن ۽ انساني تصور، نظريا ۽ فلسفا صفحن تي منتقل ٿيندا آهن. اُهي صفحا وقت جي رفتار سان سفر ڪري تاريخ جو حصو ٿي ويندا آهن ۽ تاريخ اهڙن موتين هاڻ ماڻهن کي پنهنجي جهولي ۾ جاءِ ڏيڻ سان گڏ کين هميشه لاءِ ياد رکندي آهي. اِهڙي ئي نموني شعور جا ڏيئا ٻرڻ شروع ٿيندا آهن ۽ خيال هڪ ذهن کان نه ڄاڻ ته الائي ڪيترن ذهنن تائين منتقل ٿيندا آهن.
بلڪل اَھڙي ئي هڪڙي ڪوشش اسان جي پياري، نوجوان ساٿي ۽ ليکڪ انجنيئر عبدالحفيظ ڀٽي به ڪئي آهي. جنهن پنهنجي قلم سان هن سماج جي عڪس کي چٽڻ لاءِ ڪالم ۽ مضمون لکيا آهن. عمومن چيو ويندو آهي ته ڪالم جي زندگي هڪ ڏينهن آهي. اخبار جي شايع ٿيڻ سان ڪالم به نمايا ٿيندو آهي ۽ جڏهن شام جي وقت اخبار جي افاديت پوري ٿيندي آهي ته ڪالم به پراڻو ٿي ويندو آهي. حالانڪ ائين ڪونه آهي. ڪالم پنهنجي نوعيت ۾ معلومات جو خزانو هوندا آهن. ڪالم لکڻ وقت ڪالم نگار کي ڳوڙهو اڀياس ڪرڻو پوندو آهي. سندس ڪالم ۾ جنهن به پهلو تي ڪالم نگار کي ڳالهائڻو هوندو آهي انهي پهلو جي هر رُخي اڀياس ڪري پوءِ ئي ڪالم نگار ڪو متن جوڙيندو آهي ۽ ڪالم جي پڇاڙي ۾ وري انهي سُڄي ڳالھ کي سموئي ڪري نتيجو اخذ ڪرڻ يا وري مطلب کي واضع ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.
تڏهن ئي وڃي ڪري ڪو اثرائتو ۽ معلومات سان سرشار ڪالم تيار ٿيندو آهي. سندس هن مجموعي ۾ موجود سڀئي ڪالم ۽ مضمون هن درد وندي ديس جي دانهن سان ٽمٽار آهن. سندس هر هڪ صدا، صدين جي صدا آهي. سندس هر هڪ سٽ ۽ لفظ اونداهي لاٽ ۾ واٽ مثل آهن. حفيظ بنيادي طور جيتوڻيڪ انجنيئر آهي. پر تڏهن به سندس لڳاءُ ادب سان ائين آهي جئين مڇي جو پاڻي سان لڳاءُ هوندو آهي. حفيظ ادب ۾ پير پائڻ سان تمام مختصر عرصي ۾ ادب جي اڙاهگن پيچرن کي سمجهڻ ۾ ڪامياب ويو آهي ۽ انهي سمجھ وسيلي سندس مطالعي ۾ جيتوڻيڪ واڌارو ٿيو آهي ۽ هن پنهنجي اُن واڌاري کي لفظن جو ويس پارائي ڪري توهان اسان آڏو پيش ڪيو آهي. هن نوجوان ليکڪ پنهنجي مطالعي هيٺ ايندڙ ڪتابن تي جيڪي ويچار توهان اسان سان ونڊيا آهن. اُهي به پڙهڻ لائق آهن.

ڪتابن تي لکيل سندس سڀئي مضمون/ تبصرا مذڪوره ڪتابن جي اهميت ۽ افاديت کي واضع ڪن ٿا. اِها ساڳي روايت نوجوان نسل ۾ مطالعي جي شوقين هر هڪ فرد کي به اپنائڻ گهرجي ته جيڪي به ڪتاب ماڻهو جي مطالعي ۾ اچن ٿا. انهن تي اعتدالي نموني پنهنجو رايو ضرور پيش ڪجي ته جئين ڪتاب جي ليکڪ کي وقت سر اهو معلوم ٿي سگهي ته سندس محنت ڪيتري قدر ڪامياب وئي آهي ۽ جيڪڏهن ڪا ڪمي يا ڪوتاهي ڪتاب ۾ رهجي به وڃي ٿي ته اُن جو به آئينده ليکڪ ۽ پبلشر طرفان خيال ٿي سگهي ۽ سگهو ئي اُنهي غلطي يا ڪوتاهي کي درست ڪري سگهجي. هن ڪتاب جي مڙني خصوصيتن منجهان هڪ خصوصيت هي پڻ آهي ته هن ڪتاب جي منڍ واري ڪالم جو عنوان” گڏيل قومن جي اداري جي ڪارڪردگي“ آهي.
اِن ڳالھ مان اِها شئي واضع ٿئي ٿي ته هن ڪتاب جي ليکڪ جو مشاهدو عالمي سطع جو آهي ۽ ھُو پنهنجي آس پاس جي ماحول سميت عالمي منظر نامي تي به گڏوگڏ ويچاريندو هلي ٿو ۽ ضرورت آهر انهن عنوانن تي لکندو به رهي ٿو. هڪ ليکڪ جو مطالعو ۽ مشاهدو ايترو وسيع هجڻ به گهرجي ڇو ته سندس اصلي ڪم آهي ئي اِهو ته ھُو پنهنجي پڙهندڙن کي مڙني موضوعن تي غور ۽ فڪر ڪرڻ واري واٽ وٺرائي. ليکڪ کان وٺي مطالعي ڪندڙ تائين هر هڪ فرد جيتري وسيع نظر ۽ وسيع مطالعو ڪندڙ هوندو سندس آس پاس بهتري جي برپا ٿيڻ جا موقعا به اوتري ئي قدر وڌڻ شروع ٿيندا. ڇو ته انساني نظريا، فلسفا ۽ عقيدا هڪ ذهن کان ٻي ذهن تائين ۽ هڪ صفحن کان ٻين صفحن تائين جو سفر گڏوگڏ ڪندا هلن ٿا ۽ اَنهي سفر کي سڦلتا تڏهن ئي ملي ٿي جڏهن اِهي نظريا، فلسفا يا عقيدا مجموعي طور اجتماعي حالت ۾ عمل ۾ اچن ٿا. ادب ۾ لکڻ لاءِ جهڙوڪ ڪجھ صنف مقرر ٿيل آهن. جن مان هڪ کي نظم ۽ ٻي کي نثر چيو ويندو آهي. نظم ۾ شاعري جا سڀئي نمونا اچي وڃن ٿا ۽ وري نثر ۾ مضمون نويسي، ڪالم نگاري، تبصرا، آتم ڪٿائون، تحقيق ۽ تنقيد جا قسم شمار ٿين ٿا.
هن مجموعي ۾ ڪجھ ڪالم شخصيتن تي به لکيل آهن. ڪنهن به شخصيت کي پڙهندڙن آڏو پيش ڪرڻ ۽ انهن جي علمي، ادبي توڙي سماجي ڪمن کي نروار ڪرڻ به سٺو عمل آهي. هن مجموعي ۾ جن به شخصيتن تي تعارفي ڪالم لکيل آهن سي حقيقت ۾ به مان لهڻا آهن. ڇو ته ڪنهن به قلمڪار کي متاثر ڪرڻ سماجي توڙي سياسي ۽ علمي ادبي شخصيتن لاءِ هڪ سٺو سَوَڻ آهي. ادب جي دنيا ۾ ايتري ته وسعت آهي جو توهان تعميري تنقيد سان گڏ علمي ۽ منطقي ڳالهين کي دليلن سان نه صرف پيش ڪري سگهو ٿا پر انهن جي بنياد تي توهان سامهون واري شخص جي ڪيل ڪم جي معيار، اهميت ۽ افاديت کي به چيڪ ڪري سگهو ٿا. انهي طريقي سان اسان جي نوجوان دوست ۽ ليکڪ انجنئير عبدالحفيظ ڀٽي پنهنجي لکڻ واري واٽ سان محترم عطا راڄڙ، محترمه شهناز شيخ، ناليواري ليکڪه محترمه پروين موسيٰ ميمڻ، محترمه ڊاڪٽر ماروي پليجو، محترم خالد حسين چنه ۽ نوجوان ليکڪ اظهر امر متعلق سُٺا ۽ جامع ويچار ونڊيا آهن. جن کي پڙهڻ کان پوءِ اِها ڳالھ شعور ۾ ويهي ٿي ته جن به ماڻهن سماج جي بهتري ۽ بهترين سماج اڏڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. تاريخ نويس توڙي تاريخ جوڙيندڙ هر هڪ گهڙي، انهن تاريخ ساز شخصيتن جو تذڪرو ڪٿان نه ڪٿان، ڪنهن نه ڪنهن ليکڪ جي قلم جي نوڪ مان ڪرائي ٿي. ڇو ته تاريخ ڪڏهن به احساس فراموش ڪونه ٿيندي آهي. انهي سان گڏوگڏ انجنئير عبدالحفيظ ڀٽي ڪجھ ڪتابن تي تنقيدي نهار سان گڏوگڏ انهن جي اهميت تي به جامع انداز ۾ گفتگو ڪيو آهي.
سندس ڪيل تبصرن ۾ جيڪو پهريون تبصرو آهي سو آهي محترمه گلشن لغاري جي شاعري جي مجموعي ”وڇڙي ويل زندگي“. هن ڪتاب تي ليکڪ، تنقيدي مضمون لکيو آهي ۽ ڪمال جي ڳالھ اِها آهي جو تنقيد نگار ڪتاب جي سرورق کان وٺي ڪري سندس نالي تي به اعتراض ورايو آهي ۽ انهي اعتراض کي خالي ڏيکارڻ جي بجاءِ لکي ٿو
: ” ڪتاب جي سرورق کان وٺي ڪري نالي ۾ وڏو فرق آهي. وڇڙي ويل زندگي نالي جو مفهوم پاڻ ڪڍون ته زندگي الوداع ڪري وئي. مطلب ته موت جي عمل ۾ داخل ٿي وئي. پر هتي شاعره حال حيات ۽ زندگي سان گڏ رهي ٿي.“ اِهڙي ئي نموني محترمه احمد سولنگي جي نظمن کي به تنقيد جي تارازي ۾ رکي ڪري اسان جي دوست توريو آهي. انجنئير عبدالحفيظ ڀٽي وٽ تنقيد جون سڀئي تقاضائون آهن ۽ اُهو اسلوب به آهي. جنهن اسلوب سان ڪنهن به ڪتاب تي تنقيد ڪيو ويندو آهي. تنقيد جو اصلي معيار به اِهو آهي ته ڪنهن به ڪتاب جي سرورق کان وٺي ڪري سندس آخري صفحي تي مفصل نموني گفتگو ڪيو وڃي ۽ اُن ڪتاب ۾ جيڪي ڪچايون، ڦڪايون ۽ مٺايون هجن انهن کي واضع ڪجي ته جئين ڪتاب هر حوالي سان پڙهندڙن آڏو چٽو هجي. تڏهن ئي اُن کي تعميري تنقيد چئبو. شاعري جي چاشني سان گڏ جيڪڏهن ڪهاڻين جو مزاج به مٺو هجي ته يقينن ماڻهو اُنهن ڪهاڻين کي به دل جي اکين سان پڙهي ٿو ۽ انهن تي هڪ جامع راءِ به جوڙي وٺي ٿو. هڪ اِهڙي راءِ جيڪا پڪي ۽ پختي راءِ هجي ٿي. جيڪا راءِ ڪهاڻي جو روح هجي ٿي ۽ ڪهاڻيڪار لاءِ اُتساھ جي گُل مثل، جنهن گُل کي هٿ ۾ قابو ڪرڻ سان ٻين گلن لاءِ اُڪير وڌڻ شروع ٿئي.
(تانگه نه لڌي تُارئين، مُپ نه ماٽيئڙڻ) شاھ.
اسان جي نوجوان دوست انجنئير عبدالحفيظ ڀٽي ڪهاڻيڪار سڪندڙ هاڙهو ۽ عبدالواحد سومرو جي ڪهاڻين جي مجموعن تي به سُٺي نهار وڌي آهي. سندس مضمون ” پسيو جنين پاڻ سين“ به انتهائي لڀائيندڙ مضمون آهي. هي مضمون هڪ اِهڙي جاکوڙي ڪردار جي تخيل بابت لکيل آهي جنهن شخصيت کي آئون ذاتي طور به ڳچ عرصي کان سُڃاڻان ٿو ۽ سندس علمي توڙي ادبي جاکوڙ مان ڪنهن قدر مطمئن به آهيان.
انجنئير عبدالحفيظ ڀٽي جنهن به تخليقڪار تي لکيو آهي انهن تخليقڪارن جو پنهنجي مضمون ۾ مختصرن تعارف ڪرائي پوءِ ئي اڳتي وڌيو آهي ته جئين پڙهندڙ تخيل سان گڏوگڏ تخليقڪار متعلق به معلومات رکي سگهن ته آيا اُن شخصيت ادب جي دنيا ۾ ڪيتري قدر نور نچوئيو آهي. سنڌي ادب ۾ پراڻن ليکڪن ۽ نوجوان توڙي نون لکندڙن جي وچم هڪ وڏو خال گهڻي عرصي کان موجود آهي. جنهن جو ذڪر پڪا، پوڙها ۽ نئي ٽهي جا ليکڪ به مختلف ادبي گڏجاڻين ۽ ويهڪن ۾ ڪندا رهندا آهن. پر اُن جي باوجود اِهو خال ڀرجي نه سگهيو آهي. جيڪا ڏک ڏيندڙ ڳالھ آهي. روز ازل کان جئين جو تئين ئي اِها وڇوٽي موجود آهي.
نوجوان پنهنجي منهن سان لکن به ٿا، پڙهڻ به ٿا ۽ مختلف صنفن تي طب آزمائي به ڪن ٿا ۽ اِنهي نموني وري پڪا، پوڙها ۽ کڙپيل اديب توڙي ليکڪ، پاڻ کي دانشور سڏرائيندڙ سڀ مها ليکڪ به پنهنجي هم عمر ۽ هم اثر ليکڪن جي ڪتابن جا مهاڳ، ديباچا ۽ مقدما لکڻ ۾ مصروف عمل آهن. مطلب ته اِهو جهان مڙئي ائين هلي پيو. ادب جو گاڏو ٿوري دعا ۽ ٿوري دوا سان پيو سفر مڪمل ڪري. جيڪڏهن نوجوان ليکڪ پراڻن اديبن ڏانهن مواد چڪاسڻ لاءِ موڪلن ٿا ته هڪ سئو لفظن واري مضمون ۾ اُهي اديب صاحب ڏيڍ سئو غلطيون ڪڍي ڪري لکاري جو ارواح ئي کڻائي ڇڏين ٿا. جنهن جو منفي نتيجو اڳتي هلي اِهو نڪرندو آهي ته ادب ۾ طب آزمائي ڪرڻ وارن نوجوانن کي ليکڪ ٿيڻ جو موقعو ئي نه ملي سگهندو آهي.
سنڌ جا مجموعي طور وري پبلشر ايڏا ته ڀلا آهن جو اُهي نئي ٽهي جي لکندڙن کي نه ئي ڪو موقعو فراهم ڪن ٿا ۽ نه ئي کين اڳتي اچڻ توڙي سندن ڪتابن جي ڇاپڻ ۾ ڪا خاص رعايت ڏين ٿا. جيڪڏهن ڪو نوجوان ليکڪ ڪتاب ڇپائڻ جو ارادو ڪري به ٿو ته، ڪتاب ڇپائڻ وارن ڪٺن مرحلن بابت معلومات حاصل ڪرڻ کان پوءِ سندس مزاج ئي مٽجي وڃن ٿا. ان لاءِ کوڙ سارن تخليقڪارن جون پڪيون ۽ پختيون تخليقون ۽ مُسَودا مٽي حوالي ٿي ويا آهن.
وري به جس هجي سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي سموري سٿ کي جن سنڌي ادب سان لاڳاپيل فردن کي موبائل فون ۾ ڪتابن جي دستيابي جي حوالي سان هڪ موثر ۽ آسان گس فراهم ڪيو آهي. جتي مطالعي جا شوقين پنهنجي پسند مطابق ڪتاب اُتان کڻي ڪري پڙهي سگهن ٿا ۽ انهن جي علم ۾ اضافو پڻ ٿيندو رهي ٿو. سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي سموري سٿ جون محنتون ۽ سچائي توڙي خلوص قابل داد ۽ قابل تحسين آهي. آئون انهن جو شيدائي آهيان، علم جي واٽ ۾ اِها لاٽ ائين ئي هميشه ٻرندي رهي.
آخر ۾ انجنئير عبدالحفيظ ڀٽي کي دل جي حضور مان کوڙ ساريون واڌايون هجن ته هن جاکوڙي نوجوان پنهنجو نور نچوئي ڪري ورقن تي پنهنجي خيالن کي اوتيو آهي. سندس قلمي پورهيو سنڌ اندر پڙهندڙن وٽ قبول پوندو ۽ کيس سنڌ واسين کان مانائتي موٽ ملندي. انهي دعا سان گڏ ائين چوندس ته سدائين گڏ، موڪلاڻي ناهي، سنڌ موجود

(انجنئير عبدالحفيظ ڀٽي جي ڪتاب ”اڃايل خواب“ لاءِ لکيل مهاڳ، هي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر تي موجود آهي)

حصو پنجون: ترجما ڪيل مضمون

---

صلاحيتن کي نکارڻ وارا ست اهم ڪم

ليکڪ: ميان جمشيد

انهي ڳالھ تي مڪمل طرح سان يقين رکو ته توهان هڪ باصلاحيت فرد آهيو. اِها الڳ ڳالھ آهي ته توهان ڪڏهن پنهنجي اندروني صلاحيتن کي ڳولڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي يا جيڪڏهن ڪئي به آهي ته مڪمل ڄاڻڻ کان پهريان ئي پنهنجي ارادي تان هٿ کڻي ويا يا وري ڄاڻڻ کان پوءِ به انهن صلاحيتن کي نکارڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي. ڪجھ ماڻهو پنهنجي اندر ۾ صلاحيتن سان ٽمٽار هوندا آهن پر اُهي پنهنجي صلاحيتن کان لاتعلقي اختيار ڪيل هوندا آهن. انهن کي پنهنجي قابليت، هنر توڙي فن جي مڪمل سُڌ نه هوندي آهي. جنهن سبب اُهي صلاحيت يافته هجڻ باوجود ويڳاڻا ۽ وائڙا لڳا پيا هوندا آهن. دوستو هي ڳالھ اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته هر انسان ۾ صلاحيتون ڪنڊي جي وڻ جيان موجود هونديون آهن. انهن جي مناسب ڪٽائي، صفائي ۽ ڇانگ وغيره ضروري هوندي آهي. تڏهن ئي اُهي استعمال جي قابل ٿينديون آهن نه ته اُهي ڊينگرن جي صورت ۾ ئي اسان جي اندر ۾ موجود هونديون آهن. جهڙي ريت ڪنڊي جي وڻ کي ڇانگي ڪري صاف ڪيو ويندو آهي. سندس ڪٽائي توڙي صفائي سندس سونهن لاءِ بنيادي ڪم جي حيثيت رکندو آهي تئين ئي انسان جي اندر ۾ موجود صلاحيتن کي به نرواڻ ڏيڻ لاءِ انهن جي درست استعمال بنھ ضروري هوندي آهي.
ته جناب- آئون توهان کي هن لکڻي وسيلي اِنهي ڳالھ کان آگاھ ڪندس ته پنهنجي اندر ۾ موجود صلاحيتن کي ڪارڳر بڻائڻ لاءِ ڪهڙا ست اهم ڪم آهن. جن تي عمل پيرا ٿي ڪري توهان هڪ باصلاحيت فرد ٿي سگهو ٿا. اُهي ست اهم ڪم هي آهن. هنن کي غور سان پڙهو ۽ اُنهن تي عمل به ڪريو.

مطالعو ڪرڻ
چيو ويندو آهي ته هوشيار توڙي چالاک ماڻهو مطالعي کان حقارت ڪندا آهن. ساده ماڻهو هن جي ساراھ ڪندا آهن. دانشمند ماڻهو هن کي استعمال ڪندا آهن. هن جي روشني ۾ مشاهدا ڪندا آهن ۽ پنهنجي تجربن ۾ هن کان رهنمائي حاصل ڪندا آهن. ته ياد رکو دوستو اسان جي سڀني مونجهارن جو سبب” لاعلمي“ ئي هوندو آهي ۽ هَن جي ڪمي سٺا ڪتاب ۽ مضمون پڙهي ڪري پوري ڪري سگهجي ٿي. اِن لاءِ شروع ۾ مختلف موضوعن جو مطالعو ڪريو پوءِ وري پنهنجي مرضي ۽ پسند يا وري پنهنجي صلاحيت مطابق ڪنهن موضوع جو مطالعو ڪريو ۽ انهن تي ڌيان ڏيو. هن طريقي سان توهان هر شئي کان واقف رهندؤ ۽ توهان جي صلاحيتن کي مسلسل آڪسيجن ملندي رهندي. مطالعو انسان جي سوچن کي وسعت بخشي ٿو. مطالعي سان فرد ۾ ڳالهائڻ جي، سوچڻ جي، لکڻ جي، پڙهڻ جي ۽ خاص ڪري ڪنهن موضوع تي بحث ڪرڻ جي قابليت پيدا ٿيندي آهي. وسيع مطالعو هميشه جاندار ۽ ڪارڳر حڪمت عملين کي جنم ڏيندو آهي. ماڻهو جو مطالعو جيترو وسيع هوندو اُن وٽ انساني قدر ۽ انسانيت جو قدر اوترو ئي وڌيڪ هوندو. گهڻ مطالعي وارو ماڻهو عمل ۾ انسان دوست ۽ فطرت دوست هوندو. اهو سڀ ڪجھ اِن لاءِ ته هُو ڪائنات ۾ موجود هر هڪ شئي جي اهميت ۽ افاديت کان واقف ٿيندو آهي. کيس اِها خبر هوندي آهي ته ڪهڙي شئي ڪيترا مرحلا طئي ڪري پوءِ اسان وٽ پهچي ٿي. اهڙي ئي ريت مطالعو انساني سوچ کي معراج واري نهج تي پهچائي ٿو. سندس قدر توڙي مان ۽ شان کي اعليٰ بڻائي ٿو. انساني قدرن جي اپٽار به مطالعي ۽ مشاهدي وسيلي ئي ٿي آهي.

مسلسل ڪوشش و عمل
پنهنجي صلاحيتن کي عملي جامو پارائڻ توڙي انهن ۾ نکار آڻڻ لاءِ پنهنجي پاڻ کي آزمائڻو پوندو آهي. تجربي حاصل ڪرڻ لاء مختلف ڪم ڪرڻا پوندا آهن. پوءِ پنهنجي تجربن مان سبق حاصل ڪندي پنهنجي پاڻ ۾ ۽ پنهنجي حڪمت عملين ۾ بهتري آڻڻ لاءِ تبديلي جي ڪوشش ڪرڻي پوندي آهي. جيڪڏهن پهرين ڪوشش ۽ ڪم ۾ ناڪامي ملي ته وقتي طور دل شڪستو ٿيڻ ته فطري ڳالھ آهي پر مستقل طور دل شڪستو ٿيڻ ۽ ٻيهر ڪوشش نه ڪرڻ قدرت جي قانونن جي خلاف آهي. اِن لاءِ پنهنجي پاڻ کي سست ٿيڻ نه ڏجو نه ته اوهان تي زنگ چڙهي ويندو. اِهو انساني فطرت ۾ سمايل آهي ته انسان هر شئي جو نتيجو سيڪنڊن ۾ طلب ڪندو آهي. ڇو ته حضرت انسان مزاجن ٿورو تڪڙو آهي. قدرت واري سندس طبعيت ۾ تڪڙ وارو عنصر ٿوري جهجي مقدار ۾ رکيو آهي. جنهن سبب هو چاهيندو آهي ته هر شئي جا نتيجا جلد ۾ اخذ ڪجن. ان معاملي ۽ توقع سبب اڪثر طور تي ڪنهن ڪم مان مطمئن ڪندڙ نتيجا نه ملڻ يا وري متوقع امڪانات جي خلاف نتيجا ملڻ جي صورت ۾ انسان مايوس ٿي پوي ٿو. انهي مايوسي کي وقتي طور قبول ڪرڻ جي بجاءِ مستقل طور پنهنجي طبعيت ۾ شامل ڪري ڇڏي ٿو. اِن لاءِ افسردگي يا مايوسي کي وقتي طور ڀلي قبول ڪجي پر ان کي پاڻ تي مستقل طور مسلت نه ڪجي.

مستقل مزاجي اختيار ڪرڻ
هي صلاحيت جيڪڏهن توهان حاصل ڪري ورتي ته پوءِ پڪ سمجهو ته توهان ناڪامي واري جن کي قابو ڪرڻ ۾ ڪامياب ويندا. مسلسل اڳتي وڌڻ، ڀلي پوءِ ڇو نه قدم آهستي ئي اڳتي هلن. هڪ ڏينهن توهان کي ضرور ڪامياب ڪندي. جيڪڏهن توهان جي رستي ۾ ڪائي رنڊڪ اچي وڃي ٿي ته ڪائي ڳالھ ناهي ٻيو متبادل رستو اختيار ڪندي منزل طرف پنهنجو سفر جاري رکو. پنهنجي صلاحيت کي روزاني جي بنيادن تي پالش ڪندا رهو. جيڪڏهن مڪمل وقت نه ٿا ڏئي سگهو ته پوءِ به ٿورو وقت ئي پر وقت مسلسل ڏيندا رهو.

منفي سوچن ۽ روين کي قابو رکڻ
ائين هر ڪنهن سان ٿيندو آهي ته توهان کي پنهنجي صلاحيتن تي شڪ ٿيڻ لڳندو آهي. توهان کي ائين لڳندو آهي ته صرف توهان ئي قابل ناهيو. ڏاڍو مقابلو آهي مطلب ته توهان ڍلو ٿيڻ شروع ٿيندا آهيو. ائين هر ڪنهن سان ئي ٿيندو آهي. سڀني کي پنهنجي منفي سوچن ۽ ٻين جي تنقيدن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. فرق پوندو آهي برداشت ڪرڻ جو ۽ پنهنجي اميد سان گڏ رهڻ جو ته تمام جلد اهو وقت ايندو جڏهن توهان ڪجھ به نه مان ڪجھ ٿي ڏيکاريندئو ته سڀ ڪجھ مثبت ٿيڻ شروع ٿيندو. منفي سوچن ۽ تنقيد کي کلندي، خيالن ۽ ڳالهين جو رخ تبديل ڪندي پنهنجي ڪم سان ڪم رکندي اڳتي وڌندا رهو. توهان جيڪڏهن هن تجويز تي دل سان عمل ڪيو ته يقينن توهان جي زندگي ۾ وڏي تبديلي ايندي.

صلاحيتن جي آڌار تي هنر سکڻ
وڻن جو هڪ خاصيت اِها به آهي ته انهي جي ڪاٺ مان ڪافي ڪار آمد شيون ٺهي سگهن ٿيون جهڙوڪ بيڊ، صوفا سيٽ کان وٺي ڪري خبر ناهي الاءِ ڇا مان ڇا تيار ٿين ٿا. اهو سڀ ڪجھ تڏهن ئي ممڪن ٿي ٿو جڏهن انهي وڻ کي سهڻي ۽ سليقي سان ڪٽيو وڃي ۽ انهي ڪٽيل ڪاٺ مان شين کي ٺاهڻ جو فن ايندو هجي. نه ته سڀ ڪجھ بي ڪار آهي. اِهڙي ريت توهان ۾ به جيڪا صلاحيت آهي اُن جي بهترين استعمال ۽ ان مان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ انهي مطابق توهان کي ڪو هنر حاصل ڪرڻ گهرجي. ڪمپيوٽر جو ڪورس ڪرڻ، انگريزي ٻولي سکڻ، ڪا نئي ڊگري ڪرڻ، ڪورس ڪرڻ يا ڪوئي ڊپلوڊما ڪرڻ وغيره

پنهنجي هم صلاحيتن ماڻهن سان ملڻ ڪرڻ
هن طريقي سان اهو ٿيندو ته توهان پنهنجي شعبي ۾ داخل ئي رهندو ۽ پنهنجي صلاحيتن کي نکارڻ ۾ به توهان کي مدد ٿيندي. توهان کي اِها سُڌ پوندي ته اڃا وڌيڪ بهتري ڪئين آڻي سگهجي ٿي. توهان پنهنجي پاڻ کي ٻين کان بهتر ڪئين بڻائيندو.
اِن نموني توهان جي وچم هڪ فطري ۽ مثبت مقابلي جو رحجان پيدا ٿيندو. پاڻ ۾ ڏيٺ ويٺ ۾ اضافو ٿيندو. ان نموني سان ذهن کلندو آهي. صلاحيتن ۾ نکارڻ اچڻ سان گڏوگڏ هر ڏينهن نت نوان خيال ايندا آهن. اڳتي وڌڻ جا موقعا ملندا آهن. پنهنجي پاڻ کي آماده رکڻ لاءِ هي ڪم انتهائي ضروري آهي.

نظرثاني ۽ تجزيو ڪرڻ
هِن اهم ڪم کي اڪثر ماڻهو وساري ويهندا آهن ۽ ان تي توجه ڪونه ڏيندا آهن. اسان کي هر ڏينهن رات جو سمهڻ مهل پوري ڏينهن جو ۽ وري ڪڏهن ڪٿي اڪيلائي ۾ ويهي ڪري پوري هفتي جو جائزو وٺڻ گهرجي. هن ئي طريقي سان توهان کي خبر پوندي ته توهان جي زندگي ۾ ڇا ٿي رهيو آهي. ڪئين ٿي رهيو آهي. وڌيڪ بهتري ڪئين آڻي سگهجي ٿي. پنهنجي صلاحيتن تي وقت آڌار سهي نموني سان استعمال ڪجي ٿو پيو يا نه. توهان جيڪي مقصد رکيا هئا اهي پورا ٿي رهيا آهن يا نه وغيره وغيره. ته جناب مون انهن سڀني اهم ڪمن طرف توهان جو ڌيان ڇڪائڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪي توهان جي شخصيت ۽ صلاحيتن ۾ نکار آڻڻ جو سبب بڻجي سگهجن ٿا. ياد رکجو ته هي سڀ ڪجھ قطعي آخر ڪونه آهي. هنن ڳالهين کان علاوه به جيڪڏهن توهان ڪٿي ڪا سٺي ڳالھ لکيل يا پڙهڻ لاءِ ملي ته ان تي به فڪر ڪجو ۽ اُن تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪجو.

(ماهوار احساس مئگزين حيدرآباد، جون 2019ع)

هڪ دلچسپ ڪهاڻي: ٻارهن مهينن جا نالا ڪيئن پيا!

ليکڪ: راڻا محمد شاهد

جنوري: عيسوي سال جي پهرين مهيني جو نالو، روم جي هڪ ديوتا ((Janus جي نالي تان اخذ ڪيو ويو آهي. جانس ديوتا بابت اهو چيو ويندو آهي ته هن جي عبادت صرف جنگ جي دوران ڪئي ويندي هئي. امن ۾ نه. هن ديوتا کي ٻه مٿا هيا جن سا هُو هڪ ئي وقت سامهون ۽ پوئتي نهار ڪرڻ جي سگھ رکندو هو. هن مهيني جو نالو جانس ان لاءِ رکيو ويو ته جئين ديوتا هڪ ئي مهل اڳتي توڙي پوئتي نهاري سگهي ٿو تئين ئي انسان به هن مهيني ۾ پنهنجي ماضي توڙي مستقبل بابت سوچ ويچار ڪري سگهي. چيو وڃي ٿو ته لفظ جنوري لاطيني ٻولي جي لفظ جنوا (Janua) مان ورتل آهي جنهن جي معنيٰ آهي دروازا - ائين هن مهيني جي نالي جي مناسب سان معنيٰ ٿي ” سال جو دروازو“ هي مهينو ايڪٽيھ ڏينهن تي مشتمل هوندو آهي.

فيبروري: هڪ زماني ۾ فيبروري سال جو آخري ۽ ڊسمبر سال جو ٻيو مهينو سمجهيو ويندو هو. حضرت عيسيٰ جي دور ۾ فيبروري کي سال جو ٻيو مهينو قرار ڏنو ويو. هي مهينو انهي لاءِ به پنهنجي الڳ حيثيت رکي ٿو جو هي مهينو سڀني کان گهٽ ڏينهن يعنيٰ اٺاويھ ڏينهن تي مشتمل آهي. لفظ فيبروري به لاطيني ٻولي جي لفظ فيبرام (Februm) مان اخذ ڪيو ويو آهي جنهن جي معنيٰ آهي ” پاڪيزگي جو ذريعو“.

مارچ: هن مهيني جو نالو رومي ديوتا مارس (Mars) جي نالي تان کنيو ويو آهي. مارس کي سنڌي ۾ مريخ پڻ چوندا آهن. هن ديوتا بابت چيو وڃي ٿو ته هي ڏاڍو خطرناڪ هوندو هو. اهل روم هن ديوتا کي سڀني کان وڌيڪ طاقتور ديوتا سمجهيو ويندو هو. انهن جي عقيدي مطابق، کنوڻ، بارش ۽ ڪڪرن جو چمڪڻ هن ديوتا جي وس ۾ هوندو هو. لفظ مارچ به لاطيني ٻولي جي لفظ مارٽيس (Martius) تان ورتو ويو آهي. هن ئي نالي جي مناسبت سان مريخ جو نالو مارس رکيو ويو آهي. مارچ مهيني ۾ موسم بهار جي شروعات ٿيندي آهي.

اپريل: هي مهينو 30 ڏينهن تي مشتمل هوندو آهي. لفظ اپريل لاطيني ٻولي جي لفظ اپريلس (Aprilis) مان ورتو ويو آهي جنهن جي معنيٰ آهي کولڻ وارو، آغاز ڪرڻ وارو. هن مهيني ۾ وڻن ۽ ٻوٽن جي واڌ ويجھ جو سلسلو شروع ٿيندو آهي. هن مهيني کي ڪنهن ديوتا جي نه بلڪ بهار جي فرشتي سان منسوب ڪيو ويندو آهي.

مئي: هي سال جو پنجون مهينو آهي ۽ هن ۾ ڪُل 31 ڏينهن هوندا آهن. لفظ مئي انگريزي ٻولي ۾ فرانسيسي لفظ مائي (Mai) مان اخذ ڪيو ويو آهي. هي لاطيني ٻولي جي لفظ مائيس (Maius) مان ورتو ويو آهي. هن نالي بابت اهو پڻ چيو ويندو آهي ته هي نالو رومي ديوي ميا (Maia) جي نالي تان ورتو ويو آهي. رومين جي عقيدي مطابق هن وسيع ڌرتي کي ديوتا پنهنجي ڪلهن تي کڻي رکيو آهي. جنهن کي ست نياڻيون هيون ۽ سندس سڀني کان مشهور نياڻي مياديوي سڀني کان گهڻو مشهور هئي.

جون: سال جو ڇهون مهينو، هن ۾ ڪُل ايڪٽيھ ڏينهن هجن ٿا. لفظ جون به انگريزي زبان ۾ فرانسيسي زبان جي هڪ لفظ جونئيس (Junius) تان اخذ ڪيو ويو آهي. هن مهيني جو نالو به هڪ ديوي جونو (Juno) جي نالي تان رکيو ويو آهي. گهڻن ماڻهن جو اِهو خيال به آهي ته هي نالو روم جي مشهور شخصيت جوني ليس جي نالي تان به رکيو ويو آهي. جونو ديوتائن جي سردار جيوپيٽر جي ڌيءَ هئي. جڏهن ته جوني ليس هڪ بي رحم ۽ ظالم انسان هو.

جولائي: هي مهينو به جون وانگر گرم مهينو هوندو آهي. هن مهيني جو نالو ديوي ديوتا جي نالي مان نه بلڪ روم جي هڪ مشهور حڪمران جوليئس سيزر جي نالي مان ورتو ويو آهي. هڪ زماني ۾ هي سال جو پنجون مهينو هوندو هو. جوليئس سيزر قديم روم جو مشهور شهنشاھ هو. مشهور شاعر ۽ ڊراما نگار وليم شڪيسپئير جوليئس سيزر تي هڪڙو ڊرامو به لکيو هو.

آگسٽ: سال جو اٺون مهينو. هن ۾ ڪُل 31 ڏينهن هجن ٿا. پهريان هي مهينو ڳڻپ جي حساب سان سال جو ڇهون مهينو هو جڏهن عيسوي سال جي شروعات مارچ کان ٿيندي هئي. چيو وڃي ٿو ته تڏهن سال ۾ ڪُل ڏھ مهينا هوندا هئا. مارچ کان ڊسمبر تائين. اِهو ان لاءِ ته قمري سال ۽ شمسي سال ۾ فرق هوندو هو. قمري سال ۾ ٻارھ مهينا هوندا هئا ۽ شمسي سال جا ڏھ مهينا هوندا هئا. انهي ڪمي کي مڪمل ڪرڻ لاءِ ٻن مهينن جو اضافو ڪيو ويو. شمسي سال ۾ اضافي کان پوءِ آگسٽ مهيني جو نالو هڪ قديمي رومي شهنشاھ آگسٽس (Augustus) جي نالي مان ورتو ويو ( هن مهيني ۾ شروعات ۾ 29 ڏينهن هوندا هئا اڳتي هلي ڪري جوليئس سيزر هن مهيني ۾ ٻن ڏينهن جو اضافو ڪري 31 ڏينهن جو کيس ڪيو). رومي شهنشاھ آگسٽس جو اصل نالو ٻيو هو. جڏهن هن ماڻهن جي فلاح ۽ ڀلائي لاءِ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ۽ کيس مڃتا ملڻ لڳي ته روم جي ماڻهن کي آگسٽس جي نالي سان پڪارڻ شروع ڪيو. هن نالي جو مطلب آهي دانا ۽ ڏاهو.

سيپٽمبر: هن مهيني جو نالو لاطيني ٻولي جي لفظ سيپٽ (Sept) مان ورتو ويو آهي. جنهن جي معنيٰ آهي ستون. ان لاءِ هن مهيني کي شروعات ۾ ستون مهينو چيو ويندو هو. پر اڳتي سال جي مهينن کي نئي سر ترتيب ڏيڻ کان پوءِ هن مهيني کي نائين نمبر تي رکيو ويو آهي.

آڪٽوبر: لاطيني ٻولي ۾ اٺ جي عدد کي آوڪٽو (Octo) چيو ويندو آهي. ان لاءَ هن مهيني کي اٺون مهينو شمار ڪيو ويندو هو. آڪٽوبر جي معنيٰ آهي اٺون مهينو. سال جي مهينن کي نئي سر ترتيب ڏيڻ کان پوءِ هن مهيني کي ڏهين نمبر تي رکيو ويو آهي.

نومبر: هن مهيني ۾ 30 ڏينهن هجن ٿا. لاطيني ۾ نون جي عدد کي نووم (Novum) چيو ويندو آهي. هن ئي نالي تان هن مهيني جو نالو نڪتو آهي. نومبر جي معنيٰ آهي نائون مهينو. سيپٽمبر کي ستون مهينو، آڪٽوبر کي اٺون مهينو ۽ نومبر کي نائون مهينو تڏهن چيو ويندو هو جڏهن جنوري ۽ فيبروري سال جي مهينن ۾ شمار ڪونه ٿيندا هئا ۽ سال مارچ کان شروع ٿي ڪري ڊسمبر تي ختم ٿيندو هو. اڳتي هلي ڪري هنن مهينن جا نالا ته ساڳيا رهيا البته سندن نمبر اڳتي ٿي ويا.

ڊسمبر: هلندڙ صدي ۾ سال جو آخري مهينو. جنهن کي سنڌ اندر وڇوڙن جو سال تصور ڪيو ويندو آهي. هي نالو لاطيني ٻولي جو لفظ دسم (Decem) مان اخذ ڪيو ويو آهي جنهن جي معنيٰ آهي ڏهون. شروع ۾ هي سال جو ڏهون مهينو هوندو هو ۽ هن نئين صدي ۾ هاڻ سال جو آخري ۽ ٻارهون مهينو آهي.

(عوامي آواز سنڊي مئگزين، 27 آڪٽوبر 2019ع)

نفسيات: ذهني دٻاءُ کان نجات حاصل ڪرڻ جا طريقا!

ليکڪ: تحسين بانو

هر ڏينهن ڪم ڪارڻ ڪرڻ کان پوءِ انسان ڪنهن نه ڪنهن نموني ذهني دٻاءُ جو شڪار ٿي پوي ٿو. انهي دٻاءُ ۾ اچڻ کان پوءِ تقريبن سوچيل سمجهيل منصوبا رولڙي جو شڪار ٿي وڃن ٿا ۽ انساني مزاج معمول کان هٽي وڃي ٿو. ذهني دٻاءُ کان ڇوٽڪارو بلڪل ممڪن آهي. جيڪڏهن توهان هتي ٻڌايل تجويزن تي عمل ڪندا ته يقينن توهان جو ذهن هر قسم جي دٻاءُ ۽ مونجهاري کان آزاد ٿي ويندو ۽ توهان پنهنجي پاڻ کي تر و تازه محسوس ڪندا.

اصل ڪارڻ معمول ڪيو
ڪجھ شيون يا ڳالهيون اهڙيون هونديون آهن جيڪي اسان جي ذهن کي يرغمال ڪيون ويٺيون هونديون آهن. ان لاءِ جنهن وقت توهان کي واندڪائي هجي انهي گهڙي انهن ڳالهين يا سببن جا اصل ڪارڻ معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو ته آخرڪار اهي شيون توهان کي مونجهاري جو شڪار ڇو ٿيون ڪن. اصل ڪارڻ معلوم ٿيڻ مونجهاري جي حل طرف پهرين پيش قدمي آهي.

مثبت انداز فڪر اپنايو
ٿيندو ائين آهي ته پاڻ وٽ ماڻهن جي اڪثريت هر قسم جي ڪم ڪار، واقعي يا حڪمت عملي کي منفي انداز ۾ ڏسڻ جي قائل آهي. جنهن جي ڪري پڻ ڪافي شيون غلط رخ ۾ هليون وينديون آهن ۽ کوڙ معاملا مونجهارن جي ور چڙهي ويندا آهن. ان لاءِ جيڪڏهن توهان فڪر جي انداز کي مثبت نموني سان وٺندا ته اميد ته کوڙ مسئلن جا حل پاڻهي ڄاڻ توهان جي سامهون اچي پيش پوندا.

پنهنجي پاڻ جا مددگار ٿيو:
روزاني جي زندگي ۾ پاڻ پنهنجي ناڪامين جو ذميوار ٻين کي ظاهر ڪندا آهيون ۽ پنهنجي ڪمزورين، اوڻائين ۽ غلطين جي ذميواري قبول ڪونه ڪندا آهيون. جنهن سبب اسان تي ڪا به اصلاح اثر انداز نه ٿي سگهندي آهي. ان لاءِ پنهنجي پاڻ جا مددگار ٿيو ۽ هر معاملي ۾ پنهنجو احتساب اعتدالي نموني ڪيو.

ننڍڙا منصوبا جوڙيو
جيڪي عنصر توهان جي ذهن کي مونجهاري جو شڪار ڪن ٿا انهن جي نشاندهي ڪرڻ کان پوءِ انهن جي حل لاءِ روزاني جي بنيادن تي هڪڙا ننڍڙا منصوبا جوڙيو. جن کي پايا تڪميل تائين پهچائڻ لاءِ توهان کي تمام ٿورو وقت درڪار هوندو ۽ ڪافي معاملا وقت کان پهريان ئي سُلجهي ويندا.

پنهنجي پاڻ سان سچا ٿيو
ائين به ٿيندو آهي ته اسان ڪافي معاملن کي نظر انداز ڪري ڇڏيندا آهيون. جنهن جي ڪري اُهي ئي شيون اڳتي هلي ڪري اسان جي مٿي جو سور ثابت ٿينديون آهن ۽ اسان کي هر روز پريشان ڪنديون رهنديون آهن. ان لاءِ هر هڪ معاملي توڙي ڪم ڪار کي مڪمل ڌيان سان پنهنجي اختيار ۾ رکجي.

پنهنجي ذهن کي تازه رکو
انساني ذهن هر روز مختلف مونجهارن ۾ مبتلا ٿيڻ جي باوجود به نت نئي معلومات جون گهرجائون هوندو آهي. ذهني تسڪين لاءِ ڪي گهڙيون پنهنجي پسند جي ڪتابن جو مطالعو ڪيو. يا وري ڪا فلم وغيره ڏسي وٺو. مزاق مشڪري جو ويڊيوز ڏسو. انهي نموني توهان جو ذهن مونجهارن کان آجو ٿيندو ۽ توهان پنهنجي آس پاس پُرسڪون ماحول کي محسوس ڪندا. پوري انساني جسم کي هلائڻ جو سڄو ذمو دماغ تي آهي. جيڪڏهن دماغ ئي ڪنهن ٻڏتر جو شڪار هوندو ته يقينن انساني مزاج مان سڪون اڻ لڀ ٿي ويندو. ان لاءِ مٿي بيل ڪيل ڳالهين تي عمل ڪري توهان پنهنجي ذهن کي مختلف مونجهارن کان ڇوٽڪارو ڏياري سگهو ٿا.

(عوامي آواز سنڊي مئگزين، 03 نومبر 2019ع)

پاڻ تان بي يقيني جو خاتمو صرف ڇهن ڪمن سان!

ليکڪ: ميان جمشيد

اڪثر ڪري اسين باصلاحيت هوندي به اڳتي ناهيون وڌي سگهندا، جنهن جو بنيادي ڪارڻ هوندو آهي ” پاڻ تي ڀروسي جو نه هجڻ“. اسان کي پنهنجي صلاحيتن تي مڪمل طرح سان اعتماد ناهي هوندو، اسان کي خبر به نه پوندي آهي ۽ اسان جي حوصلي کي ڪمزور ڪرڻ واريون سوچون اسان جي ذهن ۾ جنم وٺڻ شروع ڪن ٿيون. جيڪو ماڻهو ڪامياب ٿيڻ چاهي ٿو انهي کي پنهنجي پاڻ تي بي يقيني واري سوچ کي ختم ڪرڻو پوندو، ناڪام ٿيڻ کان وڌيڪ هي سوچ اسان جي خوابن کي ختم ڪرڻ جو سبب ثابت ٿيندي آهي. جنهن جي ڪري اسان اڃا وڌيڪ ڳڻتي ۽ ڳاراڻي ۾ اچي ڪري پنهنجي حالت کي خراب ڪري ڇڏيندا آهيون. جيڪڏهن توهان به پنهنجي صلاحيتن جي مالڪ هوندي به انهي بي يقيني واري ڪيفيت ۾ مبتلا آهيو ته هي مضمون آهي ئي توهان لاءِ، آئون توهان کي صرف ڇھ اهڙا ڪم ٻڌائيندس جن تي عمل پيرا ٿيندي توهان کي پنهنجي صلاحيتن جي بهترين استعمال جو ڏانءُ اچي ويندو. اچو ته انهن ڇهن ڪمن جو جائزو وٺون.

گهڻو سوچڻ ڇڏي ڏيو
سوچڻ بهترين عمل آهي پر پنهنجي منفي سوچن جو غلام ٿيڻ قطعي سُٺو عمل ڪونه آهي. پنهنجي پاڻ کي ماڻهو ڇو قيدي بڻائي ڇڏي؟ انهي صورتحال کان نڪرڻ لاءِ سڀ کان پهريان اهو ضروري آهي ته پاڻ کي اهو اعتبار ڏيو ته توهان گهڻو سوچي رهيا آهيو. پنهنجي دماغ کي حڪم ڪريو ته ”صبر ڪر، فضول ۾ ايترو ڇو ٿو سوچي، ٿورو جهڪو ٿي“، پنهنجي پاڻ کي شعوري حالت ۾ کڻي اچو ۽ پنهنجي صلاحيتن تي خيال رکڻ شروع ڪريو.

ماڻهن جو ڇا…چوڻ ڏيو
جيڪڏهن توهان بهترين صلاحيتن جي هوندي ڪنهن ڪم کي شروع ڪرڻ کان پهريان اهو سوچيو ته فلاڻو ڇا چوندو، فلاڻو منهنجو مذاق اڏائيندو، فلاڻو هئين چوندو، فلاڻو هُو چوندو، ته پوءِ پڪ سمجهو ته توهان پنهنجي پاڻ تان پنهنجو اختيار وڃائيندا ٿا وڃو. ياد رکو ته اسان کي پنهنجي صلاحيتن جي بهترين استعمال ڪرڻ تي ڪنهن ٻي جي چوڻ تي روڪڻ نه گهرجي. جڏهن اسان هر ڪنهن جي يا فلاڻي جي ڳالھ، فلاڻي جي ڳالھ کي روڪي نه ٿا سگهون ته پوءِ انهن جي چوڻ تي پريشان ٿيڻ جو ڪو فائدو؟ هونهن به اِهو صرف اسان کي ئي محسوس ٿيندو آهي ته هر ماڻهو جي نظر اسان ۾ آهي حقيقت ۾ اِئين ناهي هوندو. جيڪڏهن ڪو اسان کي پنهنجي نظر ۾ رکي رهيو آهي ته پوءِ به اسان کي اهو گهرجي ته اسان پنهنجي صلاحيتن جو بهترين استعمال ڪريون ته جئين انهي کي خبر پوي ته واقعي اسان ڪنهن خاص صلاحيتن جا مالڪ آهيون.

صلاحيت - ڪڏهن به دوڪو ناهي ڏيندي
پنهنجي پاڻ تي جيڪڏهن اعتماد وڃائي رهيو آهين ته پوءِ به پنهنجي صلاحيتن تي اعتبار ڪجان، اکيون بند ڪري هنن تي اعتبار ڪجان، تون جڏهن به هنن کي آزمائيندي هي توکي مايوس نه ڪنديون، بس ايترو ڪجان ته منفي سوچن کي رڳو قابو ۾ رکجان، پنهنجي خيالن تي سخت نظر رکجان، پنهنجي پاڻ کي انهن ماڻهن جي وچ ۾ رکجان جيڪي توکي حوصلو ڏين، تنهنجي ساراھ ڪن ۽ توکي دلجاءِ ڏئي سگهن. ياد رکجان ته پهريان توکي پنهنجي پاڻ سان وڙهڻو پوندو پنهنجي پاڻ کي مڃائڻ لاءِ، هڪ دفعي ائين ڪري ڏس.

لکندو رھه… هي هڪ خوبي آهي
هي ڪم ته لازمي ڪرڻو آهي ته اسان جي اندر ۾ خوبيون آهن جن جي ڪري اسان جي ساراھ ڪئي وئي آهي، اهو سڀ ڪجھ لکڻو آهي ۽ پوءِ وري اهڙي جڳھ تي رکڻو آهي جتان ان کي آساني سان پڙهي سگهجي. خاص ڪري انهي وقت جنهن وقت توهان بي يقيني جا شڪار ٿيندا هجو، انهي وقت هي سڀ ڪجھ پڙهڻ سان ۽ سڀ قصا ياد ڪرڻ سان توهان ۾ هڪ نئون جذبو پيدا ٿيندو ۽ مثبت سوچون جنم وٺڻ شروع ڪنديون. توهان کي ائين محسوس ٿيندو ته توهان ڪافي ڪجھ سُٺو حاصل ڪري چڪا آهيو. ڪافي ماڻهو توهان جي صلاحيتن تي يقين رکن ٿا ۽ انهي حوالي سان توهان کي سڃاڻن به ٿا. اِهڙي نموني تمام جلد توهان بي يقيني واري ڪيفيت مان ٻاهر نڪري ايندئو.

ڪجھ خاص ۽ منفرد ڪرڻ
بي يقيني واري ڪيفيت ۾ مبتلا هجڻ مهل به پنهنجي ڪم ۾ رڌل رهو. ڀلي آهستي هجو، دل نه به چوي پر پوءِ به ٿورو ٿورو ئي سهي پر ڪم کي جاري و ساري رکندا اچو. جيڪڏهن ڪم کي روڪي رکندئو ته بي يقيني اڃا وڌيڪ وڌڻ شروع ٿيندي، منفي خيال توهان جي ذهن ۾ اچڻ شروع ٿيندا. توهان پنهنجي بي تواري ڪيفيت کي ختم ٿيڻ ڏيو پر پنهنجي پاڻ کي انهي هٿان يرغمال ٿيڻ نه ڏيو، اِن لاءِ پاڻ کي بيهڻ نه ڏيو، پنهنجي تخليقي قوت جو استعمال ڪندا وڃو ۽ ننڍن ننڍن قدمن سان اڳتي وڌندا رهو.

زمان حال ۾ رهڻ ۽ سوچڻ
توهان کي شايد احساس نه ٿيندو هجي پر اسين بي يقيني ۾ انهي مهل مبتلا ٿيندا آهيون جڏهن اسان ماضي ۾ رهڻ شروع ڪندا آهيون. پهريان ڪنهن ناڪامي جي اثر هيٺ ڊڄڻ شروع ڪندا آهيون ۽ اهو سوچيندا آهيون ته ” ائين وري نه ٿي“، اسان اهو وساري وهيندا آهيون ته وقت هميشه هڪجهڙو ناهي هوندو، سُٺو يا برو، وقت نيٺ گذري ئي ويندو آهي. پراڻن واقعن ۽ قصن کي وساري اڳتي وڌڻ تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن اسان پنهنجي دماغ ۾ اهو خيال ويهاريون ته مون کي هي ڪم سڀاڻي جي بجاءِ اڄ ۽ هاڻي ڪرڻو آهي. انهي طريقي سان سوچي ڪري انهي ڪم کي پايا تڪميل تي پهچائڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙڻي آهي. دوستو پنهنجي پاڻ کي بهترن بنائڻ لاءِ پنهنجي ماضي جو جائزو وٺندي، پنهنجي صلاحيتن تي اعتبار ڪندي توهان اڳتي وڌي سگهو ٿا.
----------------------------------------------------------------------
جيڪڏهن توهان انهي ماڻهو جي انتظار ۾ آهيو جيڪو توهان جي زندگي کي تبديل ڪري ته اهو توهان پاڻ آهيو. رڳو پاڻ سڃاڻو، اُها صلاحيت توهان ۾ ئي آهي.
---------------------------------------------------------------------

(عوامي آواز سنڊي مئگزين، 10 نومبر 2019ع)

سوچـن تي ضابـطي جـا ست اهـم طريقا

ليکڪ: ميان جمشيد

سوچڻ انتهائي سٺي ڳالھ آهي اِن سان اسان سُٺا فيصلا ڪري سگهون ٿا. پر حد کان وڌيڪ سوچڻ، سوچن تي ضابطو نه رکڻ جتي اسان ۾ ڪاوڙ پيدا ڪندو آهي اُتي ئي وري ڪنهن اهم موڙ تي فيصلي ڪرڻ جي سگھ کان به محروم ڪري وٺندو آهي.
اسان مونجهارن جو شڪار ٿي پوندا آهيون. اِنهي ڪري اسان کان تمام اهم موقعا ضايع ٿي ويندا آهن ۽ بعد ۾ وري پچتائيندا آهيون. بري ۽ ڀلي وقت ۾ سهڻي نموني سان سوچي سمجهي فيصلو ڪرڻ ئي اسان کي ڪامياب ۽ نا ڪامياب بڻايندو آهي ته جناب جيڪڏهن توهان به سوچن ۾ پنهنجو ڪافي وقت گذاريو ٿا ۽ وقت سر ڪو سٺو ۽ وزنائتو فيصلو نه ٿا ڪري سگهو ته پوءِ هي اڄوڪو مضمون خاص طور تي توهان لاءِ ئي آهي. هن ۾ ٻڌايل سَت اهم ڳالهين تي غور ۽ فڪر ڪريو توهان جو مسئلو حل ٿي ويندو.
مون کي فلاڻي ڏينهن تائين فيصلو ڪرڻو آهي
پنهنجي سوچن کي ڪنهن به ڳالھ يا ڪم تي سوچڻ لاءِ هڪ مقرر وقت ڏئي ڇڏيو. اِهو نه چئو ته ها ڏسون ٿا، سوچون ٿا، ڪري ٿا وٺون يا ڪري وٺنداسين، ائين بلڪل به نه ڪجو، هڪ مقرر وقت سوچڻو آهي ته آيا مون کي فلاڻي ڏينهن تائين هي ڪم يا هي فيصلو ڪرڻو آهي. ٿيندو ائين آهي ته جڏهن اسان سوچڻ جي معاملي ۾ سستي اختيار ڪندا آهيون ته اسان جون سوچون ٻي پاسي هليون وينديون آهن. جنهن سان فضول، وقت برباد ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون اچي ڪري ذهن ۾ جڳھ ولارينديون آهن. اِنهي ڪارڻ اصل مقصد واري يا ڪم واري سوچ هلي ويندي آهي. اسين سوچڻ ۽ فيصلي ڪرڻ جهڙن معاملن ۾ پهريان ئي ڪمزور آهيون وري مٿان هي سست رفتاري به اسان کي ڪمزور ڪري ٿي. پر جڏهن توهان پنهنجي دماغ کي ڪنهن مقرره وقت جو پابند بڻايو ٿا ته توهان جو ذهن به درست ڪم ڪرڻ لڳي ٿو ۽ توهان جا ڪم به تڪميل تائين پهچن ٿا.

سوچن کي سڪونيت اختيار ڪرڻ ڏيو
جڏهن ڪنهن چڱي ڳالھ سوچڻ تي دل نه چوندي هجي. ڪجھ به سوچڻ تي موڊ نه هجي، ته انهي وقت ٿوري عرصي لاءِ آرام ڪري وٺو، زبردستي سوچڻ شروع نه ڪريون منهنجا ڀاءُ، ڀيڻ جيڪڏهن بهترين فيصلا ڪرڻا اٿئو ته پوءِ توهان کي پنهنجي ذهن کي ڪجھ وقت سڪون ڏيڻو پوندو. بي چين ٿي ڪري، پريشاني ۾ مبتلا ٿي ڪري يا ڪنهن مونجهاري ۾ مبتلا هوندي توهان ڪڏهن به ڪو به ڪارگر حڪمت عملي نه ٿا سوچي سگهو. اِن لاءِ جڏهن اِهڙي قسم جي ڪنهن مونجهاري ۾ اوهين مبتلا هجو ته ان وقت ڪجھ کائو پيو، گهمو ڦرو يا ڪنهن سان ڪچهري ڪري وٺو ته جئين توهان جو موڊ درست ٿي سگهي ۽ توهان درست سوچي سگهو.

سوچن سان ٻيائي نه ڪجي
جڏهن توهان پنهنجي دماغ کي ڪجھ عرصو سُٺي نموني فرحت بخش سڪونيت ڏني، آرام ڪري ورتو يا ڪنهن ٻي نموني دماغ کي تر و تازه ڪيو ته هاڻي جناب وڌيڪ سستي ڪرڻ جي ڪا به گنجائش ڪونه آهي. ائين نه ٿي جو وري اوهان چئو ته اڄ ڊرامو ڏسي وٺان،فلاڻو ڪم ڪري وٺان، فلاڻي جڳھ تي وڃي ڪري سوچيندس، اهڙي نموني جيترو توهان دير ڪندئو، ايترو ئي توهان جو دماغ غير اهم ۽ فضول سوچن جي گهيري ۾ اچڻ شروع ٿيندو، اِن فضول سوچن جي ڪري توهان جو دماغ ٿڪجڻ لڳندو ۽ جڏهن توهان اصل معاملي کي سوچڻ شروع ڪندئو ته توهان جي دل اُن معاملي تي سوچڻ کان انڪار ڪندي. اِن لاءِ سائين پنهنجي مقرر ڪيل وقت ۾ ئي سوچڻ شروع ڪريو ۽ پنهنجي فيصلن کي حتمي شڪل ڏيڻ ۾ دير نه ڪريو. توهان جيتري جلدي صحتمنداڻي نموني سان سوچڻ جي شروعات ڪندئو توهان جو دماغ به انهي آڌار تي توهان کي جواب معيا ڪندو.

صرف سوچن تي گذارو نه ڪجو
جڏهن توهان هڪ مقرر ڪيل وقت ۾ ڪنهن شئي جي باري ۾ ڪا سوچ اختيار ڪئي آهي ته اُن سوچ تي عمل ڪرڻ کان پهريان انهي بابت ڪا ٻي سوچ اختيار نه ڪجو. جيڪڏهن ڪنهن ڪم بابت توهان هڪ کان وڌيڪ رستا سوچيا آهن ته واري واري سان هر هڪ تي عمل ڪري ڏسو، جيڪڏهن توهان صرف انهن رستن کي سوچيندا ۽ انهن تي عمل نه ڪندا ته توهان کي متوقع نتيجا ڪونه ملي سگهندا ۽ خبر ناهي الائي ڇا مان الائي ڇا ٿي ويندو. يقين ڪريو اهڙي نموني توهان ڪڏهن به ڪو پر اثرائتو فيصلو نه ڪري سگهندئو. اهو به ياد ڪرڻ گهرجي ته نتيجي جي بابت سوچڻ به سٺي سوچ جو حصو آهي پر اصل حقيقت عمل ڪرڻ کان پوءِ ئي خبر پوندي آهي. انهي مهل جيڪا ڪمي يا ڪوتاهي رهجي ويندي آهي ته انهي کي وقت سر درست ڪري ڇڏبو آهي. ائين قطعي ڪونه آهي ته سوچڻ کان پوءِ هٿ تي هٿ رکي ويهڻو آهي ۽ سڄو ڪجھ پاڻ ٺيڪ ٿيڻ جي انتظار ۾ ويهڻو آهي.

سڀ ڪجھ توهان جي اختيار ۾ ناهي هوندو
جيڪڏهن اسان هن ڳالھ تي يقين ڪندي هنن ترغيبن کي هيان سان سانڍي ڇڏيون ته يقين ڪريو اسان ۾ وقت آهر فيصلي ڪرڻ جي سگھ پيدا ٿي پوندي. پر اسان چاهيندا آهيون ته جئين اسان سوچيون ٿا ته اهو ڪم به بلڪل ائين ئي ٿي. اهو ممڪن ته ڪونه آهي. اسان هڪ ئي وقت مجبور به آهيون ته مختيار به، جن ڳالهين يا ڪمن تي توهان جو اختيار نه هوندو آهي انهن تي سوچڻ وقت کي ضايع ڪرڻ کان علاوه ٻيو ڪجھ به ڪونه آهي. ائين ڪرڻ سان اسان فضول ۾ ذهني دٻاءُ جو شڪار ٿيون ٿا. اهڙن معاملن جي اچڻ مهل رب ڪائنات تي اعتبار ڪندي اِهي معاملا انهي جي سپرد ڪرڻ کپن. غلط فيصلو ڪرڻ، يا غير متوقع نتيجا اچڻ انهي ڳالھ جي شاهدي آهن ته سڀ ڪجھ اسان جي وس ۾ ڪونه آهن.

پنهنجي ماحول کي مثبت ۽ حوصلي وارو رکو:
ياد رکو ته توهان ائين ئي سوچيندا آهيو ۽ اثر وٺندا آهيو جهڙو توهان جي اوسي پاسي جو ماحول هوندو آهي. اداسي جا گيت جيڪڏهن توهان ٻڌندا ته توهان انهي وقت ڪو صحت مند فيصلو نه ڪري سگهندا. سٺا ۽ بهترين فيصلا ڪرڻ لاءِ توهان جو بهترين ماحول ۾ اچڻ ضروري آهي. تواني سان سرشار ۽ پر جوش ماڻهن سان گڏ رهڻ سان ۽ اهڙي نموني جو مطالعو ڪرڻ سان توهان جي سوچ مضبوط ٿيندي. توهان کي پنهنجي سوچن تي ضابطي آڻڻ جو فن اچي ويندو، ڪيترو سوچڻو آهي؟ ڪڏهن ۽ ڪئين سوچڻو آهي؟ انهن سڀني ڪمن کي ڪرڻ لاءِ توهان کي پنهنجي ماحول کي مثبت ڪرڻو پوندو. توهان جي ٻاهرين دنيا جيتري خوبصورت ۽ دلڪشن هوندي توهان جي اندر جي دنيا اُتري ئي حسين هوندي.
پهريان ئي الٽو نه سوچيو
تون ڏسي وٺجان ٽرين/بس ضرور ليٺ ٿيندي! فلاڻو ماڻهو اڄ ملندو ئي ڪونه، مون کي لڳي ٿو اڄ ڪجھ خراب ٿيڻ وارو آهي. آئون ناڪام ٿي ويندس، مون کان نه ٿي سگهندو وغيره وغيره براءِ مهرباني اهڙن ڳالهين تي عمل ڪرڻ کان پهريان ئي انهن کي سوچڻ بند ڪريو. جيڪڏهن اهڙيون ڳالهيون توهان جي سوچن ۾ اچن به ٿيون ته انهن کي لفظن جي صورت نه ڏيو ۽ انهن کي زبان سان ادا ڪرڻ کان گريز ڪريو، اِهڙن سوچن جي اچڻ تي اهو چئي انهن جو رخ تبديل ڪيو ته رب ڪائنات آهي نه. اهو پاڻ سڀ ڪجھ درست ڪري وٺندو. اهڙن سوچن جي اچڻ تي توهان جي اندر ڪمزوري جو عنصر پيدا ٿيندو ۽ توهان جا اردا ڪمزور ٿيندا. توهان جي ذهن ۾ فضول ڳالهيون اچڻ شروع ٿينديون.
دوستو - ٿي سگهي ٿو ته توهان کي هنن ڳالهين تي عمل ڪرڻ ٿورو ڏکيو لڳي پر يقين ڪريو ته ائين صرف شروع ۾ ئي ٿيندو، پوءِ آهستي آهستي توهان جون سوچون توهان جي تابع ٿينديون، توهان ۾ خود اعتمادي بحال ٿيندي، جنهن سان توهان جي شخصيت کي چار چنڊ لڳي ويندا.

(عوامي آواز سنڊي مئگزين، 17 نومبر 2019ع)

بهترين ڪئرير جي چونڊ لاءِ چند مفيد مشورا

ليکڪ: ميان جمشيد

پنهنجي ڪئرير جي چونڊ ڪرڻ واقعي آسان ڪم ڪونه هوندو آهي. خاص ڪري انهن ماڻهن جي لاءِ جيڪي پنهنجي صلاحيتن ۽ ڪمزورين کان اڻ واقف هوندا آهن ۽ ڪڏهن هن اهم ڪم طرف سنجيدگي سان اُنهن ڌيان ئي نه ڏنو هجي. مڙئي ڪجھ درجا پڙهي ڪري، جيڪا نوڪري ملي سان قبولي ورتي. ڪڏهن به اِهو نه سوچيو ته ڇا منهنجي پڙهائي، منهنجو روزگار، منهنجي صلاحيتن جي مطابق آهي؟ هِي اُهي سوال آهن جن تي غور ڪرڻ بنھ ضروري آهي. اِنهي لاتعلقي واري رويي سبب اسان کي کوڙ دفعا ذهني دٻاءُ جو شڪار ٿيڻو پوي ٿو ۽ پنهنجي بي روزگاري کي قسمت جي کاتي ۾ هڻي ڪري اسان پنهنجي پاڻ کي بي قصور ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳي ويندا آهيون. اسان مان ڪجھ اهڙا ماڻهو به هوندا آهن جيڪي پنهنجي ڪئرير جي چونڊ ڪرڻ ۾ ڏاڍا سنجيده هوندا آهن. اُهي ماڻهو وقت ۽ حالاتن جي آڏو مجبور ٿي ڪري پنهنجي صلاحيتن جي برعڪس نوڪري يا روزگار به ڪري وٺندا آهن پر اُن سان گڏوگڏ پنهنجي پاڻ کي درست جاءَ تي آڻڻ لاءِ جستجو به ڪندا رهندا آهن ۽ ٿوري ئي عرصي ۾ پنهنجي صلاحيتن جي آڌار تي درست جاءَ تي پهچي ويندا آهن ۽ اِهڙي نموني کين مڪمل ذهني سڪون ميسر ٿيندو آهي. هَن وقت نوجوانن جي اڪثريت ڪئرير ڪائونسلنگ جي حوالي سان انتهائي درجي تائين مونجهاري جو شڪار آهي. اچو ته اِنهي مونجهارن کي هتي ٻڌايل مشورن جي روشني ۾ حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون.

واضع ۽ چٽو مقصد متعين ڪرڻ:
سڀني کان پهريان توهان کي پنهنجي دل ۽ دماغ ۾ اِها ڳالھ چٽي نموني ويهارڻي آهي ته مون کي ڪهڙو شعبو اختيار ڪرڻو آهي، يا ڪهڙي ملازمت ڪرڻي آهي. ڪهڙي طرز جي نوڪري، منهنجي ماحول، منهنجي خاندان ۽ منهنجي صلاحيتن جي آڌار تي درست ثابت ٿيندي. جيڪڏهن ڪا پريشاني آهي، ڪو مونجهارو آهي يا ڪا رڪاوٽ آهي ته ڇا اُن جو حل ممڪن آهي؟ اسين واضع نموني پنهنجي پاڻ کي سمجهائڻ ۾ اِن لاءِ ناڪام ٿيندا آهيون ڇو جو اسان صرف وقتي علم ۽ حالاتن جي مطابق فيصلو ڪندا آهيون، اسان وٽ دور انديشي واري نظر ڪونه هوندي آهي. جنهن سبب به اسان ٻين کان پوئتي رهجي ويندا آهيون. اِن لاءِ سڀني کان پهريان اسان کي پنهنجي پاڻ کي اِهو چٽي نموني سمجهائڻو آهي ته آيا مون کي ڪهڙي نوڪري ڪرڻي آهي يا ڪهڙي شعبي جي چونڊ ڪرڻي آهي.

ڇا منهنجي ملازمت، ٻين کي فائدو ڏيندي
جتي اِهو سوچڻ لازمي آهي ته ڇا منهنجي نوڪري، منهنجي ملازمت، منهنجي صلاحيتن جي مطابق آهي. اُتي ئي اِهو به سوچڻ لازم آهي ته ڇا منهنجي ملازمت ٻين کي فائدو ڏئي سگهندي. خاص طور تي پنهنجي گهر ڀاتين، مٽ مائٽن، پنهنجي شهر، تعلقه، ضلع يا صوبي جي ماڻهن لاءِ ڪهڙي ريت فائدي مند ثابت ٿيندي ۽ اُهي توهان تي ڪهڙي نموني فخر ڪندا. اِن لاءِ اِهڙي نوڪري هر گز اختيار نه ڪرڻ کپي جنهن مان عوام کي فائدو نه ملي الٽو عوام کي لٽڻ ڦرڻ جو ڪم ٿئي ۽ غريب طبقي جو استحصال ٿئي.

ڇا منهنجي نوڪري ياد رکڻ جهڙي آهي
اسان مشهور شخصيتن يا ڪردارن کي ان ڪري ياد ڪندا آهيون جو اُنهن ڪنهن نه ڪنهن مخصوص شعبي ۾ پنهنجو نالو ڪمايو آهي ۽ ڪجھ اھڙو ڪمال ڪيو آهي جنهن جي ڪري انهن جو تذڪرو تاريخ جي پڙاڏن ۾ ٻُڌجي ٿو. ڇا توهان اِهو نه ٿا چاهيو ته توهان جو نالو به تاريخ جي پڙاڏن ۾ ورنائجي ۽ توهان جو تذڪرو به صدين تائين ٿئي؟ يقينن اِها خواهش توهان جي به هوندي. ليڪن اَن جو پورائو ڪئين ٿئي. اِهو خواب ساڀيان تڏهن ئي ماڻي سگهي ٿو جڏهن توهان اندروني صلاحيتن جي آڌار تي ڪم ڪرڻ شروع ڪندا. توهان جو ڪم توهان جي سُڃاڻپ ٿي ويندي. ماڻهو توهان کي توهان جي نالي جي ڪري نه بلڪ ڪم جي ڪري سُڃاڻيندا. توهان جا مٽ مائٽ توهان کي توهان جي ڪم/ڪرت جي ڪري سُڃاڻڻ شروع ڪن. توهان جو ڪم توهان جي احترام جو سبب ٿئي ۽ توهان ڪڏهن به وسرڻ جوڳا نه ٿيو. اُهڙي طرز واري نوڪري ئي توهان جي زندگي ۾ بهار نما فزا آڻي سگهي ٿي.

ڇا مون ۾ مستقل مزاجي آهي
توهان ۾ ڪيتري قدر جذبو آهي؟ وقتي طور اُڀار جو شڪار ته ڪونه آهيو؟ ڇو ته توهان پنهنجي ڪئرير جي حوالي سان ڪامياب تڏهن ئي ٿي سگهو ٿا جڏهن توهان پنهنجي مستقل جي فيصلي ڪرڻ جي مهل جلد بازي نه ڪيو. صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪيو ۽ گڏوگڏ نظم ۽ ضبط سان سفر جاري رکندا اچو.
ائين نه ته ڪو جلد ۾ ڪو نتيجو نه اچي ته اُنهي مهل ڪنهن ٻي رستي تي گامزن ٿي وڃو. مستقل مزاجي کي حاصل ڪرڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته توهان کي پنهنجو ڪم ڪندي لطف اچي. توهان انهي مان بيزار نه ٿيو ۽ توهان جي اندر ڪم کي اڳتي وڌائڻ لاءِ نئون جذبو، نئون ولولو پيدا ٿئي. اِهڙي نموني پنهنجي روز مرھ جي زندگي جو جائزو وٺي ڪري پاڻ ۾ مستقل مزاجي وارو جذبو پيدا ڪريو ۽ پوءِ اُن تي عمل پيرا ٿي ڪري منزل تي رسائي کي ممڪن بڻايو. جنهن وقت توهان جي منزل، توهان جي نظرن جي آڏو نمايا طور نظر اچڻ شروع ٿيندي ته يقين ڪريو آئون سمجهان ٿو ته توهان جا سڀ ٿڪ لهي ويندا ۽ توهان کي پنهنجي پاڻ تي فخر ٿيڻ شروع ٿيندو.

پنهنجي اندر جي آواز کي ٻڌو
عام طرح ٿيندو ائين آهي جو اسان پنهنجي پاڻ جو جائزو ڪونه وٺندا آهيون. پنهنجي پاڻ کان ڏاڍا لاتعلق هوندا آهيون. پنهنجي اڀياس ڪرڻ کان قاصر هوندا آهيون. جنهن سبب اسان کي اِها سُڌ وقت تي ڪونه پوندي آهي ته آيا اسان ڪيترو اهم آهيون. گهڻو پوءِ، جڏهن ڏاڍي دير ٿي ويندي آهي پوءِ اسان کي ڪٿان نه ڪٿان، ڪهڙي نه ڪهڙي نموني اِهو احساس جاڳڻ شروع ٿيندو آهي ته اسان ڪيترو اهم هياسين ۽ اسان پنهنجي پاڻ کي ڪهڙي نه بي رحمي سان وڃائي ڇڏيو. انهي احساس ٿيڻ وقت وري الميو اِهو هوندو آهي جو اسان وٽ پاڻ سُڌارڻ لاءَ وقت نه بچندو آهي جو اسان پنهنجي ڪيل غلطين جو ازالو ڪري سگهون ۽ پاڻ کي سُڌاري سگهون.
سو دوستو پنهنجي پاڻ ۾ خود شناسي واري عنصر پيدا ڪريو ۽ پنهنجي صلاحيتن جو درست وقت ۾ اندازو لڳائي ڪري انهي طرف سفر ڪرڻ شروع ڪريو ته يقينن توهان جي منزل توهان طرف پاڻ اچڻ شروع ٿيندي ۽ توهان پنهنجي ڪئرير جي چونڊ ڪرڻ ۾ ڪامياب ثابت ٿيندا.

علم نفسيات جو جامع ۽ سائنسي مطالعو

ليکڪ: ڊاڪٽر عبدالرئوف

اسان پنهنجي روزاني جي زندگي ۾ پنهنجي آس پاس پاڻ سان لاڳاپيل ماڻهن جو گهرائي سان مشاهدو ڪندا آهيون ۽ اُنهن جي ذهني ڪيفيتن، حرڪتن، عملن ۽ اُنهن جي ڪردار تي اسان جي نظر هوندي آهي. اِنهي مشاهدي جي بنياد تي اسان ماڻهن کي سُٺي ۽ خراب هجڻ جو سرٽيفڪيٽ ڏيندا آهيون. ڪنهن ماڻهو جي سنجيدگي سان ويهڻ کي ڏسي ڪري اسان اُنهي شخص بابت اِهو رايو قائم ڪندا آهيون ته شايد هي شخص ڪنهن سوچ ويچار ۾ گم آهي. ڪنهن ماڻهو کي مايوس ڏسي ڪري اِهو اندازو لڳائيندا آهيون ته پڪ سان هن کي ڪا ڳڻتي آهي يا هن سان ڪو فريب وغيره ٿيو آهي. اسين بد مزاج ۽ جهيڙيڪار ماڻهن سان ملڻ کان پاسو ڪندا آهيون. پر جڏهن اسان جي سامهون، اسان جو ڪو دوست اچي ويندو آهي ته اُنهي جي چهري کي ڏسڻ مهل اسان جي اندر ۾ سرهائي محسوس ٿيندي آهي ۽ اُنهي سان ملڻ لاءِ پاڻهي ڄاڻ قدم اڳتي وڌائڻ شروع ڪندا آهيون. اِهڙي نموني ڪنهن تنظيم يا گروھ جي ڪنهن خاص فرد کان متاثر ٿي ڪري اسان اُنهي تنظيم يا گروھ جا حصا ٿي پوندا آهيون. دُڪاندار پنهنجي گراهڪ جي اصليت ۽ حيثيت کي ڏسي ڪري اُنهي سان سندس مزاج مطابق گفتگو ڪندو آهي. اِهڙي ئي نموني هڪ مقرر يا اُستاد به پنهنجي سامهون ويٺل ميڙ يا مجموعي کي ڏسي ڪري اُنهي طرز انداز ۾ گفتگو ڪندو آهي.

علم نفسيات جو جامع ۽ سائنسي مطالو
اڄ جي دور ۾ هر ماڻهو پنهنجي واسطي ۾ رهندڙ ماڻهن متعلق ڪجھ نه ڪجھ تجربي ۽ مشاهدي جي بنياد تي ڄاڻي وٺندو آهي ته آيا سامهون وارو ماڻهو ڪيتري قدر معتبر ۽ معزز آهي. سندس سوچڻ جو اِهو انداز کيس گهڻن ئي جڳهن تي ڪم ايندو آهي ۽ زندگي ۾ ڪاميابي توڙي ڪامراني ۾ سندس اِها صلاحيت مددگار ثابت ٿيندي آهي. اِنهي جي مقابلي ۾ اُهو شخص جيڪو پنهنجي آس پاس توڙي پنهنجي ماحول کان بي خبر رهي ٿو، اُن کي زندگي ۾ ڪافي تڪليفن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو ۽ ماڻهن سان ميل جول توڙي آئي ويل ڪم اچڻ واري اصلاح کان محروم رهي ٿو. ماهر نفسيات به انساني ڪردار ۽ انساني عملن جو مطالعو ڪندا آهن. پر عام ماڻهو جي مقابلي ۾ سندس مطالعو جامع ۽ سائنسي طرز عمل وارو مطالعو هوندو آهي. ماهر نفسيات، انساني خواهشن، حرڪتن، لاڙن ۽ انداز فڪر کان وٺي ڪري اُن جي روزاني زندگي ۾ پيش ايندڙ مونجهارن ۽ تضادن جو به باقاعده سان جائزو وٺندا آهن. اِنهي جائزي مان فائدو وٺندي ماهر نفسيات سامهون واري ماڻهو کي مستقبل ۾ درپيش ايندڙ واقعن بابت پيشن گوئي ڪندا آهن ۽ زندگي جي ڪافي متضاد معاملن ۽ مونجهارن ۾ رهنمائي پڻ ڪندا آهن. ذهني زندگي جي اِنهي جائزي ۽ انساني ڪردار جي هن جامع مطالعي توڙي تعميري رهنمائي جو نالو علم نفسيات آهي.

علم نفسيات
علم نفسيات انتهائي پراڻو علم قطعي ڪونه آهي. پنهنجي پاڻ کي توڙي ٻين کي سمجهڻ وارو شوق حضرت انسان ۾ ازل کان ئي موجود آهي. انساني فڪر ۽ ڪردار کي سمجهڻ لاءِ باقاعده مشاهدن ۽ تجربن جو جيڪو سائنسي سلسلو شروع ٿيو آهي اُنهي کي تمام گهڻو نه بلڪ ٿورو عرصو ٿيو آهي جنهن جي بنياد تي هن علم کي جديد علم چئي سگهجي ٿو. هن ڪائنات ۾ مختلف شيون موجود آهن، جن کي مختلف شعبا پنهنجي تحقيق جو موضوع بڻائن ٿا. ڪافي شُعبا بي جان شين جي مطالعي ڪرڻ ۾ مهو آهن ته وري اُتي ئي ڪجھ شعبا انسان، حيوان، پکي پکڻ توڙي گُل ٻوٽن تي تحقيق ڪري رهيا آهن. اِنهي نموني انساني زندگي جي مختلف پهلوئن کي جاچڻ لاءِ کوڙ سارا شعبا انهي ڪم ڪار ۾ رُدل آهن. نفسيات جي علم جو شمار اُنهن شعبن ۾ ٿيندو آهي جيڪي انساني ذهن جي گوناگون پهلوئن سان لاڳاپيل آهن. اِنهي قسم جي علمن ۾ علم نفسيات کي سڀني کان برتري حاصل آهي. علم نفسيات جون کوڙ ساريون شاخون آهن جيڪي انساني زندگي جي مختلف شعبن تي تجزيا ڪن ٿيون ۽ اُنهن بابت معلومات فراهم ڪن ٿيون.

علم نفسيات ۽ جديد زندگي
علم نفسيات جي مختلف قسمن جي شاخن جي تحقيق، اسان جي زندگي جي مختلف پهلوئن تي تمام گهڻي روشني وڌي آهي. جنهن سان اسان کي انساني زندگي جي گهرائين ۽ وسعتن کي سمجهڻ ۾ مدد ملي آهي. جيڪڏهن اسان کي تعليم جي شعبي ۾ تدريسي عمل بابت علم نفسيات آگاهي ڏني آهي ته اُتي ئي اسان کي مزدور جي محنت کي سمجهڻ جي سگھ، ڪارخاني جي ماحول کي خوشگوار بنائڻ ۽ ڪم جي رفتار کي وڌائڻ جو طريقو به علم نفسيات مان ئي ملي ٿو. جنهن تي عمل ڪري صنعتي دنيا ۾ هڪ وڏو انقلاب آڻي سگهجي ٿو. ذهني بيمارين کي سمجهڻ ۽ ذهني مونجهارن جي علاج کي ڳولهي لهڻ وقت اسان علم نفسيات جا احسان مند رهندا آهيون ڇو ته هن علم جي ئي مدد سان انساني ذهن جي کوڙ سارن پوشيده پهلوئن جو پتو پيو آهي. علم نفسيات اسان کي ازدواجي زندگي کي خوشگوار بنائڻ جا درست طريقا، ٻارن جي پرورش، روزاني جي زندگي ۾ برپا ٿيندڙ حادثن کان ۽ غير متوقع پريشانين سان جهيڙن جو فن به عطا ڪري ٿي. زندگي جو اهڙو ڪوئي شعبو ڪونه آهي جنهن بابت علم نفسيات ڪجھ نه ٻڌايو هجي.

تعليمي نفسيات
هر ماڻهو پنهنجي زندگي ۾ مختلف مرحلن مان گذري ڪري ڪافي شيون پاڻهي ڄاڻ سکندو وٺندو آهي. سندس واسطو مختلف ماڻهن، شين ۽ حالاتن ۽ واقعن سان پوندو آهي. اِنهي سلسلي ۾ کيس سکڻ لاءِ ڪافي ڪجھ ملندو آهي. اِنهي طريقي ماڻهو مشاهدو ڪندو آهي. سکندو آهي. ڪوئي رايو قائم ڪندو آهي. ڪنهن ڪم متعلق ارادو ڪندو آهي. اڳتي هلي ڪري ارادن تي عمل ڪندو آهي. اِنهي نموني سندس سموري ڄمار ڄڻڪ مڪمل احساسن جي گهيري ۾ قابو ٿي ويندو آهي. اِنهن تجربن ۽ مشاهدن ۾ سندس ذهني ۽ جسماني واڌ ويجھ ٿيندي آهي. اِنهي سکيا واري عمل کي ئي تعليم چوندا آهن. تعليمي نفسيات، علم نفسيات جي هڪ اهڙي شاخ آهي جيڪا تعليم جي بابت مختلف پهلوئن جو سائنسي انداز ۾ مطالعو ڪندي آهي. هي علم اُنهن سڀني عنصرن جو ويجهي کان جائزو وٺندي آهي جيڪي انساني اوسر ۽ واڌ ويجھ تي اثر انداز ٿيندا آهن. تعليمي نفسيات جا ماهر پنهنجي تجربي، مشاهدي ۽ علمي جائزي جي بنياد تي تعليم جي حاصلات ۾ پيش ايندڙ مشڪلاتن ۽ مونجهارن جا حل ڳولهيندا آهن ۽ انهن جي مدد سان تعليم حاصل ڪرڻ واري مرحلي کي آسان کان آسان تر بنائڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ شروع ڪندا آهن ۽ پوءِ سائنسي بنيادن تي اصول ۽ ضابطه قائم ڪندا آهن ۽ اُنهن جي مدد سان تعليمي ادارن جي اندر ملندڙ تعليم کي فروغ ڏيڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا آهن. تعليمي ماهر ۽ علم نفسيات جا ماهر، ماڻهو جي مشاهدن، تجربن، ۽ آزمائشن کان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ علم نفسيات جي علم کان مدد وٺندي ڪجھ اصول ۽ ضابطه ٺاهيندا آهن جنهن جي بنياد تي تدريس جو عمل ڪارڳر نتيجا مهيا ڪندي آهي. انهي کان علاوه انهن ساڳين اصولن ۽ ضابطن کي استعمال ڪندي علم تدريس جي عمل ۾ اصلاح ۽ ترميم واري جُز کي به هٿي ڏني ويندي آهي.

تعليمي نفسيات جي ڪشادگي
تعليمي نفسيات، تدريس جي عمل ۾ خاص طور تي نفسيات جي اصولن جو عملي جامو آهي. هن علم جي ماهرن جي چوڻ آهي ته تعليمي ادارن ۾ پڙهندڙ شاگردن جي ذهني، جسماني توڙي شخصي تعمير لاءِ علم نفسيات جي اصولن کان مدد وٺندي انهن کي بهتر تعليم سان گڏ بهتر تربيت به ڏئي سگهجي ٿي. تعليمي نفسيات نه صرف علم نفسيات جي هڪ شاخ آهي بلڪ اڃا به ائين کڻي چئجي ته هي علم الڳ سان هڪ مڪمل جداگانه حيثيت رکندڙ مضمون آهي. جنهن جا پنهنجا ڪجھ اصول، ضابطه ۽ حدون مقرر ٿيل آهن. تعليمي نفسيات جون ڪجھ اهم ۽ بنيادي خصوصيتون هي آهن ته هي علم تعليم سان لاڳاپيل بنيادي حقيقتن، اصولن ۽ ضرورتن جو مجموعي ضابطو آهي. تعليمي نفسيات جو بنياد اهڙن حقيقتن تي رکيو ويو آهي جن جو مشاهدو ڪري سگهجي ۽ جن کي سائنسي بنيادن تي پرکي سگهجي. مطالعي، تجزي ۽ تحقيق جي لاءِ هن علم وٽ پنهنجا مخصوص طور طريقا موجود آهن. تعليمي نفسيات پڙهائڻ جي صحيح ۽ غلط طريقن جي نشاندهي ڪرڻ سان گڏوگڏ اهو پڻ ٻڌائڻ ۾ مددگار ٿئي ٿو ته شاگردن تي پڙهائي جو ڪيترو اثر ٿي رهيو آهي؟ اِنهي ڳالھ ۾ ڪو شڪ ڪونه آهي ته علم نفسيات ٻين علم جي ڀيٽ ۾ جديد ۽ نئون علم آهي. جيتوڻيڪ هن علم ٻين علمن کان به چڱو خاصو فائدو ورتو آهي. جئين فلسفي جي علم کان، عمرانيات جي علم کان، طب کان توڙي حساب ڪتابن واري علم کان. انهي کان علاوه مطالعي جا چند اهڙا شعبا به آهن جيڪي مڪمل طرح سان علم نفسيات سان لاڳاپيل آهن. تعليمي دنيا ۾ وري چند اهڙا شعبا پڻ آهن جن جو تعليمي نفسيات باقاعده سان مطالعو ڪندي آهي. مختلف مضمونن کي پڙهائڻ جا سائنسي طور طريقا، تعليم جي دوران شاگردن ۽ اُستادن کي پيش ايندڙ مونجهارن جا سائنسي طرز جا تجزيا ۽ حل، شاگردن جي گروھ بندي ۽ اُنهن ۾ باهمي مدد جي طريقڪارن کي اُجاگر ڪرڻ ۾ تعليمي نفسيات پڻ مددگار ثابت ٿيندي آهي. شاگردن جي فطري لاڙي توڙي پسند ۽ ناپسند کي سامهون رکڻ ۾ هي علم تعليمي ماهرن لاءِ راھ هموار ڪري ٿي.
تجربو: مشاهدو جيڪڏهن سائنسي طريقي سان اهڙي ماحول ۾ ڪيو وڃي جنهن ۾ مشاهدو ڪندڙ کي اختيار حاصل هجي ته اُن کي تجربو چيو ويندو. مثال طور: گهر جي ڇت تي ويهي ڪري ڪڪرن مان پيدا ٿيندڙ بجلي (کنوڻ) جي تجلي جي منظر کي ڏٺو وڃي ته اِن عمل کي مشاهدو چيو ويندو ۽ اِنهي جي برعڪس تجربي گاھ (سائنس ليبارٽري) ۾ هٿرداو طريقي سان اِنهي ساڳي بجلي جي چمڪاٽ کي پيدا ڪرڻ واري عمل کي تجربو چيو ويندو. جئين ته تجرباتي طريقن جو گهڻو استعمال طبعيات ۽ اُنهي سان لاڳاپيل ٻين طبعي علمن ۾ ٿيندو آهي. تڏهن به تعليمي نفسيات هن طريقي کان گهڻو فائدو حاصل ڪيو آهي. تعليمي حساب سان ترقي يافته ملڪن ۾ نفسياتي تجربا گاھ ٺاهيا ويا آهن جن ۾ تعليم جي مختلف موضوعن تي مبني تجربا ٿيندا رهندا آهن. مثال طور تي جيڪڏهن نفسياتدان اِهو معلوم ڪرڻ چاهين ته سائنس جي پڙهائي ۾ ٻڌڻ وارا آلات ڪئين ڪم ڪن ٿا ته پوءِ اُهي هن موضوع جو تجرباتي مطالعو ائين ڪندا جو ساڳي ئي ڪلاس جي هڪ جيتري ذهانت رکندڙ شاگردن جا ٻه گروھ ترتيب ڏيندا ۽ اُنهن کي ٻن گروپن ۾ ورهائي ڪري پوءِ هڪڙي گروھ کي ٻڌڻ جا جديد آلات ڏنا ويندا ۽ ٻي گروھ کي جديد آلاتن جي بغير ائين ئي روايتي طريقي سان پڙهايو ويندو. انهن ۾ پهرين گروھ کي تجرباتي گروھ (Experimental Group) چيو ويندو ۽ ٻي گروھ کي قابو ڪيل گروھ (Controlled Group) چيو ويندو. اِهڙي ريت هي تجربو ڪجھ مخصوص ڏينهن تائين جاري رهندو. جنهن جي پڄاڻي تي اِنهن ٻنهي گروھن کان سائنس جي ڄاڻ متعلق پُڇا ڳاڇا ڪئي ويندي. جيڪڏهن هن تجربي ۾ پهرين گروھ کي ٻي گروھ تي ڪاميابي حاصل ٿئي ته پوءِ اِهو نتيجو ڪڍيو ويندو ته ٻڌڻ جا جديد آلات واقعي ضروري آهن ۽ اُنهن کي علم تدريس ۾ ڪتب آندو وڃي. جيڪڏهن ٻي گروھ کي پهرين تجرباتي گروھ تي ڪاميابي ملي ٿي ته پوءِ اِهو نتيجو اخذ ڪيو ويندو ته ٻڌڻ جي جديد آلاتن جو علم تدريس جي عمل ۾ فائدو ڏيندڙ ڪونه آهن.

تجرباتي طريقي جون خوبيون ۽ خاميون
گذريل ڪجھ عرصي کان تعليمي دنيا ۾ تجرباتي طريقي کي وڏي مقبوليت حاصل رهي آهي. مختلف عنوانن جي اهميت ۽ افاديت کي معلوم ڪرڻ لاءِ تجربي جو ئي سهارو ورتو ويو آهي. تجرباتي عمل سان شاگردن جو پڙهائي طرف ڌيان به وڌي ٿو ۽ اُنهن جو سکڻ توڙي سيکارڻ واري عمل ۾ دلچسپي به پيدا ٿئي ٿي. اِنهي ڳالھ ۾ ڪو شڪ ڪونه آهي ته تعليم جي دنيا ۾ جيڪي به انقلاب برپا ٿيا آهن يا جيڪا به بهتري آئي آهي سو سڀ ڪجهه تجربن جو ئي نتيجو آهي. تجربي وسيلي اِهو پڻ معلوم ڪيو ويو آهي ته شاگردن لاءِ مواد کي دلچسپ ڪئين بڻائجي؟ ٻارن کي پڙهائي دوران بور ٿيڻ کان ڪئين محفوظ رکجي؟ پڙهائي ۾ ٻارن جي عدم دلچسپي کي دلچسپي ۾ ڪئين تبديل ڪجي؟ اِهڙي نموني تعليمي ادارن جي ماحول کي خوشگوار ۽ وڻندڙ بنائڻ لاءِ انهن تعليمي ادارن ۾ کوڙ سارا تجربا ڪيا ويا آهن ۽ هلندڙ دور ۾ اڃا به تجربا ٿين ٿا. تعليمي نفسيات جي نوعيت ۽ وسعت کي سمجهڻ لاءِ سندس ڀيٽ فلسفي سان ڪري سگهجي ٿي. تعليمي فلسفو تعليم حاصل ڪرڻ جي مقصدن متعلق موجود نظريي کي واضع ڪري ٿو. مثال جي طور تي تعليمي فلسفو اسان کي اسان کي اهو ٻڌائي ٿو ته علم حاصل ڪرڻ جو مقصد ڇا هجڻ گهرجي؟ شاگردن جو ڪهڙن تعميري قدرن، معيارن ۽ رجهانن ڏانهن لاڙو هجڻ گهرجي؟ تعليم جي نصاب جي نوعيت ڪئين هجڻ گهرجي وغيره وغيره. اِنهي جي برعڪس تعليمي نفسيات اسان کي ٻڌائي ٿو ته تعليمي ادارا پنهنجي تعليم ڏيڻ واري ڪم کي ڪهڙي ريت موثر بڻائي سگهن ٿا. اسڪول ۽ معاشري جي وچم باهمي تعلقات ڪهڙا هجڻ گهرجن؟ اسڪول جي ماحول کي ڪئين خوشگوار بڻائي سگهجي ٿو؟ تعليم ۽ تدريس جا موثر طريقا ڪهڙا آهن ۽ ڪئين هجڻ گهرجن؟ ظاهر آهي ته هڪڙو علم اسان کي تعليم جي ميدان ۾ بهتري جا ڏس ڏئي ٿو ۽ ٻيو علم اسان کي انهن ڏسن تي عمل ڪرڻ لاءِ طريقڪار ٻڌائي ٿو. تعليمي نفسيات جا ماهر انهي ڳالھ تي گهڻو زور ڏين ٿا ته اُهي ڪهڙا طريقا آهن جن جي وسيلي شاگرد جي تخليقي صلاحيتن کي اُجاگر ڪرڻ سان گڏ سندس ڪردار توڙي شخصيت ۾ مثبت تبديلي آڻي سگهجي ۽ اُن جي ڪردار ۾ معاشرتي اصولن جو اثر به واضع نموني ڏسي سگهجي.
اسان سان زندگي ۾ کوڙ دفعا ائين ٿيندو آهي جو اسين سوچيندا هڪڙو ڪم آهيون ۽ وري ٿي ٻيو ڪم ويندو آهي. اسان کي ملندڙ نتيجا اسان جي توقعات جي ڀيٽ ۾ مختلف هوندا آهن. اِها ساڳي ڪار دنيا اندر رهندڙ هر ڇوٿين ماڻهو سان ائين ئي آهي. ڪير ٿو ڄاڻي ته کيس پوري ڄمار سک ئي سک هوندا؟ آئون ته صفا نه ٿو ڄاڻان ته هن سال منهنجي مطالعي ۾ ڪيترا اهم ۽ ناياب ڪتاب ايندا ۽ آئون ايترو ضرور ڄاڻان ٿو ته ڪتاب کان وڌيڪ ڪو ٻيو مخلص دوست ٿي ئي نه ٿو سگهي. زندگي پنهنجي جوهر ۾ انتهائي خوبصورت ۽ دلڪش آهي. اسين زندگي کي بطور زندگي قبولڻ لاءِ قطعي تيار ڪونه آهيون. اسان زندگي جي اصل خوبصورت ۽ نازڪ نفيس مکڙي کي ڪڏهن ڏٺو ئي ڪونه آهي. اسان وٽ زندگي جو مفهوم هميشه منفي ئي رهيو آهي. اسان جي زندگي بنا اصولن ۽ ضابطن جي هلي رهي آهي. اسان جو سماج ڏانهن رويو انتهائي اڍنگو ۽ لاغرصي وارو رهيو آهي. تڏهن ئي ته اسان جو سماج جمود جو شڪار آهي ۽ سماجي اصول ترقي بجاءِ زوال پذير آهن. اسين هڪ ئي وقت ڌرتي سان پيار ڪندڙ فرد آهيون ۽ ساڳي ئي جاءِ تي وري اسين اندر ئي اندر ۾ وڏا مذهبي به هجون ٿا. ٻاهران ڏيکاءُ خاطر سيڪيولر توڙي پاڻ کي لبرل پيش ڪندڙ فرد اندروني طرح وڏا ٺاهوڪا مذهبي هوندا آهن. اسان سان به ساڳي ڪار آهي. اسان به ائين ئي آهيون. وقت اچڻ تي اسان جي اندر جي اصليت ظاهر ٿي پوي ٿي ۽ اسان لڃي ٿي پوندا آهيون.

(روزاني هلال پاڪستان ڪراچي، 29 نومبر 2019ع)