ڪھاڻيون

پنج آڱريون

سڪندر  هاڙهو سنڌي ادب جو نوجوان پُرجوش ۽ جاکوڙي ليکڪ آهي. هن ننڍي عمر ۾ ئي گهڻو ڀوڳيو آهي، اُهو ئي سبب آهي جو اُهو اظھار لکڻين ذريعي ڪيو اٿس. هو ادب جي مڙني صنفن تي مسلسل لکڻ جا تجربا ڪري رهيو آهي، هڪ ئي وقت شاعر، مضمون نگار، ڪالم نگار توڙي ڪھاڻيڪار آهي. سندس ڪھاڻي جيئري جاڳندي حقيقت نگاريءَ تي آڌاريل آهي، ڪھاڻي پڙهڻ سان محسوس ٿيندو تہ جھڙوڪر اُها وارتا پڙهندڙ جي ڀرسان ٿيندي يا ٿي هجي.

  • 4.5/5.0
  • 19
  • 12
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book پنج آڱريون

ارپنا

تنگ دستي ۽ ناانصافي جي وَر
چڙهيل انهن سمورن انسانن جي نانءِ
جيڪي هر نئين صبح مان
چڱائي جي نئين اميد رکي
اڻ ٿڪ محنت جو حصو بڻجن ٿا

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نوجوان شاعر ۽ نثرنگار سڪندر ھاڙھي جي ڪھاڻين جو پھريون مجموعو ”پنج آڱريون“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيو.
سڪندر هاڙهو سنڌي ادب جو نوجوان پُرجوش ۽ جاکوڙي ليکڪ آهي. هن ننڍي عمر ۾ ئي گهڻو ڀوڳيو آهي، اُهو ئي سبب آهي جو اُهو اظھار لکڻين ذريعي ڪيو اٿس. هو ادب جي مڙني صنفن تي مسلسل لکڻ جا تجربا ڪري رهيو آهي، هڪ ئي وقت شاعر، مضمون نگار، ڪالم نگار توڙي ڪھاڻيڪار آهي. سندس ڪھاڻي جيئري جاڳندي حقيقت نگاريءَ تي آڌاريل آهي، ڪھاڻي پڙهڻ سان محسوس ٿيندو تہ جھڙوڪر اُها وارتا پڙهندڙ جي ڀرسان ٿيندي يا ٿي هجي.
ھي ڪتاب مرڪ پبليڪيشن، ڪراچيءَ پاران 2021ع ۾ ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آھيون سڪندر ھاڙھي ۽ مرڪ پبليڪيشن جا جن ڪتاب سنڌ سلامت ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي)، ڪراچي
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

پبلشر نوٽ

سڪندر هاڙهو سنڌي ادب جو نوجوان پُرجوش ۽ جاکوڙي ليکڪ آهي، هو پنهنجي همعصر ليکڪن ۾ تمام اڳ ڀرو ۽ سُچيت تخليقڪار آهي. هن ننڍي عمر ۾ ئي گهڻو ڀوڳيو آهي، اُهو ئي سبب آهي جو اُهو اظهار لکڻين ذريعي ڪيو اٿس. هو ادب جي مڙني صنفن تي مسلسل لکڻ جا تجربا ڪري رهيو آهي، هڪ ئي وقت شاعر ، مضمون نگار، ڪالم نگار توڙي ڪهاڻيڪار آهي، سندس لکڻيون مختلف اخبارن توڙي رسالن جي زينت بڻجنديون رهيون آهن. نه رڳو ايترو پر هو پاڻ بحيثيت فرد پڻ سلڇڻو ۽ سڄاڳ ڪردار آهي.
اُتر سنڌ جي سرحدي پٽيءَ واري شهر شهدادڪوٽ سان تعلق هجڻ سبب پنهنجي آس پاس جو ماحول سندس شخصيت تي گهڻو تڻو حاوي آهي، اُهو ئي سبب آهي جو سندس لکڻين ۾ به ساڳيا سور سلي ٿو. سندس لکڻيون هو بهو پنهنجي سادي ۽ سلڇڻي سڃاڻپ آهن. هن مضمون تبصرا توڙي تجزيا به لکيا آهن، پر پاڻ جنهن نثري صنف جي هاڻ ڳالهه ڪري رهيا آهيون، اُها آهي ڪهاڻي!
سڪندر هاڙي ويجهي ماضيءَ ۾ مختصر ڪهاڻيءَ جا تجربا ڪيا آهن، جيڪي پنهنجي حوالي سان خوبصورت نظر اچن ٿا، سندس ڪهاڻي ڪيتري سگهاري آهي، اُها ڪٿ ته وقت جو نقاد ئي ڪري سگهي ٿو پر سندس ڪهاڻي جيئري جاڳندي حقيقت نگاريءَ تي آڌاريل آهي، ڪهاڻي پڙهڻ سان محسوس ٿيندو ته جهڙوڪر اُها وارتا پڙهندڙ جي ڀرسان ٿيندي يا ٿي هجي. اهڙيون مختصر توڙي ڊگهيون ڪهاڻيون گڏ ڪري ڪتابي صورت ۾ ”پنج آڱريون“ جي نالي سان پڙهندڙن تائين پهچائي رهيا آهيون. اميد ته ليکڪ توڙي اداري جي محنت قبول پوندي.

مرتضيٰ لغاري

مهاڳ

سڪندر هاڙهو هن ڪهاڻي ڪتاب کان اڳ ٻه شعري مجموعا ”مينهن ڪڻيون“ ۽ ”روشنيءَ جا رنگ“ ادبي دنيا کي ڏئي چڪو آهي هي سندس ٽيون پر نثر ۾ پهريون ڪتاب آهي.
هي ڪهاڻيون، سندس زندگيءَ جون شروعاتي ڪهاڻيون آهن هنن ڪهاڻين بابت ڪا راءِ ڏيڻ کان اڳ آئون پنهنجي ادبي زندگي جي شروعاتي ڏينهن جي هڪ غلطي جو اعتراف ڪرڻ ٿو چاهيان ۽ چاهيان پيو ته ٻي ڪنهن کان اها غلطي نه ٿي.
اصل ۾ ادبي زندگي جي شروعاتي ڏينهن ۾ منهنجو اهو خيال هيو ۽ شايد گهڻن ماڻهن جو هوندو ته هر تحرير ۽ هر ليکڪ تنقيد جي لائق آهي يا تنقيد ٿيڻ گهرجي. پر وقت گذرڻ سان گڏ ۽ خاص طور هن وقت جڏهن ته ادبي دنيا جو ماحول ئي بدليل آهي تڏهن اسان کي ادبي تنقيد تنقيدي رويو به بدلائڻو پوندو پهرين ڳالهه ته هن وقت ڪي ادبي محفلون، ڪي ادبي ڪلاس ڪو نه پيا هلن جنهن جي ڪري ڪنهن لکڻيءَ کي غلطين کان آجو ڪري سگهجي يا ليکڪ جي ڪا رهنمائي ٿي سگهي هن وقت ليکڪ وٽ لکڻي پيش ڪرڻ جو پليٽ فارم يا ته فيس بڪ آهي يا ڪتاب.
فيس بڪ تي به هرڪو ” ياري“ نڀائيندي صرف منظورِ نظر/ دل گهريئي دوست کي پڙهڻ پسند ٿو ڪري سو به لائق جو آپشن استعمال ڪري ڄڻ احسان ٿو ڪري ۽ جيڪا تنقيدي يا تعميري رايو ڏيڻ گهرجي ان کان هر ڪو لنوائي ٿو.
ٻيو ليکڪ وٽ آپشن آهي ته پنهنجي تحريرن کي ڪتابي صورت ۾ ڇپائي جيڪا هر ڪنهن جي وس کان چڙهيل ڳالهه آهي. ليکڪ پنهنجي هڙان خرچ ڪري ڪتاب ڇپائي به ٿو ته خريد ڪري پڙهڻ بدران ”اعزازي“ ڪاپي گُهري وٺڻ وار تمام گهڻا آهن جنهن جي ڪري ڪتاب ڇپرائڻ جي همٿ/سڪت هر ڪو نٿو ڪري.
بحرحال اها صورتحال بيان ڪرڻ جو مقصد آهي ته ڪنهن به ليکڪ جي تربيت جو جڏهن ڪو ذريعو نه رهيو آهي ته اهڙي صورت حال ۾ تڪڙي ڪنهن تي تنقيد جا تير هلائڻ کان به پاسو ڪجي ته بهتر. اهي سڀ ڳالهيون ذهن ۾ رکي ڪري جڏهن مون سڪندر هاڙهو جي هن ڪهاڻي ڪتاب تي ڪجهه لکڻ چاهيو ته سڀ کان پهريان اهو لکيم ته ”هي سڪندر هاڙهو جي زندگيءَ جون شروعاتي ڪهاڻيون آهن“.
ان ڳالهه مان منهنجو مطلب ۽ مقصد اهو ئي آهي ته شروعاتي ڪم ڪهڙو به آهي اصل ۾ اُهو رهنمائي ۽ درگذر چاهيندو آهي. اهڙي رهنمائي جنهن ۾ ٽوڪ، ٺٺول شامل نه هجي ۽ جيڪا اڳتي هلي ڪم ۾ نکار جو سبب بڻجي.
ان پس منظر کي ذهن ۾ رکي جڏهن موجوده وقت ۾ لکجندڙ/لکيو ويندڙ سنڌي ڪهاڻي ڏسنداسين ته ان ۾ هر موضوع تي ۽ هر فارميٽ ۾ ڪهاڻي لکي پئي وڃي جيڪا يقين خوش آئيند ڳالهه آهي.
ٻاهرين ٻولين جا تجربا جهڙوڪ جديد، مابعد جديد فليش فنڪشن، مختصر ڪهاڻي، سو لفظن جي ڪهاڻي هڪ سِٽ جي ڪهاڻي وغيره وغيره.
سنڌي ڪهاڻي ۾ آزمايا ويا ۽ سنڌي ليکڪن پاڻ ملهايو ان سان گڏ کوڙ اهڙا ليکڪ به سامهون آيا لکندا رهيا جن جون ڪهاڻيون جديد هوندي به ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان روايتي رهيا ڪڏهن پنهنجي ڪردار نگاري جي حوالي سان ته ڪڏهن بيانيه انداز يعني اسلوب نگاري جي حوالي سان.
هن وقت سڪندر هاڙهو جو اسلوب توڙي جو قديم انداز بيان آهي پر اهو يقين اٿم ته اهو انداز هميشه نه رهندو.
سڪندر هن وقت نوجوان آهي، مزدور پيشه آهي سندس مشاهدو ۽ بيانه انداز ڪنهن فلاسفر يا ڊرائننگ رومن ۾ ويهي زندگيءَ جا سک مزه ماڻيندڙ ليکڪ جهڙو ناهي پر اُس ۾ سڙندڙ مزدور، ڏُک سُکَ اڪيلو ڀوڳيندڙ مزدور وارو لهجو آهي.
اسان اهو نه ڏسون ته هو ڪهڙي انداز ۾ زندگيءَ جي وارتا بيان ٿو ڪري اسان اهو ڏسون ته هو چوڻ ڇا ٿو چاهي.
اسان کيس اڳتي وڌڻ جو دڳ ڏيون جو اها ئي ”ادبي جمهوريت“ آهي.
سڪندر هاڙهو جي ڪهاڻين تي ڪجهه لکڻ کان اڳ واضح ڪندو هلان ته هنن جي ڪهاڻين تي اوهان پنهنجي نظر سان ڪائي به رائي جوڙيو، منهنجي رائي سان اوهان جو متفق هجڻ ضروري ناهي، پر جي اوهان به کيس همٿ افزائي وارو رايو ڏيندوُ ۽ اصلاح ڪندئو ته يقينن هُو بهتر کان بهتر جو سفر جاري رکندو سڪندر هاڙهو جون ڪهاڻيون هن سماج ۾ ساهه کڻندڙ، چڱن سان گڏ بُرن ڪردارن جون به ڪهاڻيون آهن شايد ان ڪري به سندس ڪو به ڪردار مون کي اوپرو نه لڳو.
سندس ڪهاڻين ۾ پهريون آئون ذڪر ڪرڻ چاهيندس ” انتظار“ جي. سچ پڇو ته هن ڪهاڻي جو موضوع کڻي نئون نه چئجي پر اهم موضوع آهي ۽ هن تي لکڻ ڄڻ پنهنجو هڪ فرض ادا ڪرڻ جي برابر آهي شادين ۾ ٿيندڙ فائرنگ ۽ نتيجي ۾ ٿيندڙ اڪثر درد ناڪ واقعا، سڪندر هن ڪهاڻي ۾ هڪ مرڪزي ڪردار ”ڪنوار“ جي حوالي سان ڏاڍو اثرائتو لکيو آهي.
وهم ۾ وڪوڙيل ذهنن جي اسان وٽ ڪا ئي ڪمي ناهي، اتفاقن ٿيندڙ واقعن ۽ حادثن کي به ”ڪاري زبان“ جو ڪارنامو چئي ڊڄڻ وارن جي باري ۾ سندس هي ڪهاڻي به سُٺي ڪهاڻي آهي.
سنڌ اندر ادبي رويا ڪنهن کان به ڳجها ناهن انا پرستي، پنهنجا نوازڻ، وڏيرڪي ذهنيت ۽ کوڙ برايون اسان لکڻ وارن ۾ به موجود آهن انهن روين تي اڪثر دوست ڪالم ۽ ڪهاڻيون لکندا رهيا آهن.
هن ڪهاڻي ۾ هڪ سُٺي ڳالهه ڏانهن توجهه ڏياريو ويو آهي.
هن معاشري ۾ جنسي برتري ۽ ڪم تري وارا رويا عام آهن عورتن کي ان حوالي سان جائز ناجائز تشدد ۽ الزامن سان روز منهن ڏيڻو پوي ٿو ان پس منظر ۾ لکيل ڪهاڻي ”الزام“ به هڪ مناسب ڪهاڻي آهي.
عام طور تي جسماني مزدوري ڪندڙ هر ماڻهو پنهنجي ڪم کان بيزار ڏٺو ويو آهي ان جا ڪئي سبب آهن پر خاص طور ڪم وارن ماڻهن جا ساڻس رويا کيس ان ڪم کان بيزار ڪندا آهن ان حوالي سان هوٽل جي هڪ مزدور جي ڪٿا ”بيرو“ جي نالي سان سڪندر لکي آهي.
موجوده وقت ۾ اسان جا رويا هر معاملي ۾ ڪجهه عجيب ٿي ويا آهن خاص طور ڪنهن کي ڪو روزگار ڏيڻ، ملازمت ڏيڻ وقت صرف ڪم جو تجربو ۽ صلاحيتون نٿيون ڏٺيون وڃن پر ان سان گڏ اسان ڪجهه ”ٻيا ڊمانڊ“ به ذهن ۾ رکندا آهيون خاص طور ذاتي ملازمن لاءِ اسان ٻٽو رويو رکندا آهيون.
ذاتي يا گهريلو ملازمت خاص طور عورتن کي گهرن ۾ ملازمت ڏين وارن جا بظاهر مطالبا هڪڙا هوندا آهن پر سندن دل ۾ ڪجهه ٻيو به هوندو آهي ان پس منظر ۾ سڪندر هاڙهو جي هي ڪهاڻي ڪتاب جو ٽائيٽل اسٽوري ”پنج آڱريون“ هڪ با مقصد ۽ معياري ڪهاڻي آهي.
ڪنهن ڏوهه، ڪنهن گناهه جو اعتراف ڪرڻ جي جرائت تمام گهٽ ماڻهن ۾ هوندي آهي خاص طور اخلاقي ڏوهه مڃڻ ته تمام ڏکيو مرحلو هوندو آهي ان حوالي سان سڪندر هاڙهو جي ڪهاڻي.
”سڀ ڪجهه مڃان ٿو“ گهڻن ماڻهن لاءِ سوچ جو دروازو کوليندڙ ڪهاڻي آهي.
منهنجي ناول ”واپسي“ جي مهاڳ تي لکندي سائين بيدل مسرور هڪ جملو لکيو هيو ته:
”خوشي جهڙي ڳالهه آهي جو سنڌي ٻوليءَ جو ليکڪ دنيا جي ٻين ٻولين جي ليکڪن جيان جديد ٽيڪنالاجي جهڙوڪ انٽرنيٽ، موبائيل وغيره جي پس منظر ۾ لکڻ لڳو آهي.“ اڄ آئون سڪندر هاڙهو لاءِ به ساڳي ڳالهه چوان پيو ته جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان فائده ته انيڪ ٿيا آهن پر يقين انهن جا منفي پهلو به سامهون آيا آهن.
عالمي وبا ڪورونا جي پس منظر ۾ تقريبن هر سجاڳ ذهن ليکڪ ڪجهه نه ڪجهه ضرور لکيو آهي سڪندر هاڙهو به ان سلسلي ۾ ”هڪ نئون خواب“ ڪهاڻي لکي انهن ۾ شامل ٿيو آهي.
خود غرضي ۽ مفاد پرستي هاڻي ڪنهن خاص طبقي يا ٽولي تائين محدود نه رهي آهي پر ان جو شڪار هن معاشري جو هر فرد ۽ هر شعبو ٿيندو پيو وڃي ان پس منظر ۾ خدمت جي زميواري کڻي نڪرڻ وارن جي حوالي سان سڪندر هاڙهو جي هي ڪهاڻي ” گٽر جو ڍڪڻ“ به تمام سٺي ڪهاڻي آهي.
وڌيڪ ته هي ڪهاڻي به پڙهڻ وٽان آهي، مصيبتون، آفتون دنيا جي جنهن به خطي ۾ اينديون آهن سڌريل مُلڪ، معاشري جا ماڻهو ان جي تڪليفن ۾ هڪ ٻئي سان ڀاڱي ڀائيوار ٿيندا آهن پر اسان وٽ اڪثر ان جي ابتڙ به ڪم ٿيندو آهي ۽ موقعي پرست، مفاد پرست ماڻهو انهن موقعن مان به ذاتي فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.
ٻوڏ جي ڏينهن ۾ ڪئمپن ۾ جنم وٺندڙ ڪهاڻيون ڏاڍيون درد ناڪ آهن انهن مان ڪجهه ڪردارن جا مثال بڻائي سڪندر هاڙهو هڪ خوبصورت ڪهاڻي ”ٻوڏ ۾ لڙهي ويل حقيقتون“ لکي آهي. اها احساساتي ڪهاڻي پڻ پڙهڻ وٽان آهي.
”هڪ منرل واٽر جي بوتل“ موجوده وقت جي سياست، منافقي ۽ غريب ماڻهن جو ان سياست هٿان بار بار بي وقوف بڻجڻ جي خوبصورت ڪٿا آهن.

موجوده وقت ۾ گهرن ۾، رشتن ۾، رزق ۾ بي برڪتي جي شڪايت عام آهي. انهيءَ جا ڪيئي سبب آهن پر انهن مان هڪ جي نشاندهي سڪندر پنهنجي هن ڪهاڻي ”ڪروڌ“ ۾ ڪئي آهي.
جيئن ته آئون شروعات ۾ لکي چڪو آهيان ته هي سڪندر هاڙهو جون شروعاتي ڪهاڻيون آهن ۽ شروعاتي ڪم ڪهڙو به هجي اهو رهنمائي ۽ درگذر جو حقدار هوندو آهي، تيئن آئون آخر ۾ سڪندر جي مسلسل لکڻ تي داد ڏيندي کيس مشورو ڏيندس ته هُو پنهنجي پسند جي ڪهاڻيڪارن کي وڌيڪ غور سان پڙهي ته جيئن سندس ڪم ۾ وڌيڪ نکار پيدا ٿئي ۽ سنڌي ادب کي سندس روپ ۾ هڪ سٺو لکاري/ليکڪ ملي سگهي.

انور ڪليم

سڪندر کي جس هجي

سڪندر هاڙهو، منهنجي شهر شهداد ڪوٽ جو اهو پورهيت ليکڪ آهي جنهنجي لکڻين ۾ سخاوت لڪيل آهي سچائي لڪيل آهي، سندس هن ڪهاڻي ڪتاب ۾ آيل تقريبن سڀئي ڪهاڻيون مون پڙهيون آهن. خوشي ٿي ته نوجوان پنهنجو گهر هلائڻ لاءِ جيترو وقت محنت مزدوري ڪري ٿو ايترو ئي هو ادب ۽ ڪهاڻي سان پيار ڪري ٿو. سندس هن ڪهاڻي ڪتاب ”مينهن ڪڙيون“ نالي سان سندس شاعري جو مجموعو پڻ مارڪيٽ ۾ اچي چڪو آهي ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته سڪندر هاڙهو شاعري ۽ ڪهاڻي ٻنهي جو ليکڪ آهي.
سڪندر هاڙهو جي ڪهاڻين جا موضوع توڙي ڪردار بظاهر عام ۽ سادا آهن. پر انهن جي اندر اهي ڪهاڻيون سمايل آهن جن تي خوب لکيو ويو آهي.... خوب لکجي ٿو، ۽ خوب لکيو ويندو ڇو جو ڪهاڻي لاءِ ڪو به موضوع نئون ته هوندو آهي بس انداز بيان ان کي نئون رنگ ڏئي ڇڏيندو آهي. سڪندر هاڙهو، جون اڪثر ڪهاڻيون مختصر آهن. ڪردار به اهي ئي جيڪي اسان کي اڪثر روز مرهه جي ڪمن ڪارن ۾ ملندا ۽ سامهون ايندا رهندا آهن. پر اسان کين ۽ سندن ڪهاڻين کي نظرانداز ڪري ڇڏيندا آهيون. پر سڪندر انهن ڪردارن ۽ انهن ڪردارن جي ڪهاڻين کي قلم بند ڪري هڪ اهڙو حق ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جيڪو حق اسان توڙي عام شعوري يا لاشعوري طور تي ڪڏهن به ادا ناهيو ڪري سگهندا ڇو جو عام ماڻهو ۽ ان جا احساس، هڪ اهڙي ڪهاڻي آهي، جيڪا اسان روز پڙهندي به ان جو ڪلائيمڪس ناهيون سمجهي سگهندا پر سڪندر سمجهڻ جيڪ وشش ڪندي ان کي پنهنجي لفظن ۾ لکڻ واري جيڪا هڪ سنجيده ڪوشش ڪئي آهي ان لاءِ هو جس لهڻي.! مون کي سڪندر جي هر ڪهاڻي ۾ سڪندر نظر آيو. هن جهڙي طرح پنهنجي احساس کي لفظن جي زبان ڏني آهي ان بنياد تي چئي سگهجي ٿو ته هو ڊگهي ڪهاڻي به لکي سگهي ٿو، ۽ سندس ڪهاڻي ۽ ڪهاڻي جي ڪردارن ۾ به خوبصورتي اچي سگهي ٿي. اميد ته سڪندر ايندڙ وقت ۾ اڃا به بهتر ڪهاڻي لکندو.

طارق خشڪ

سڪندڙ هاڙهي جو پيار جو پورهيو..!!

ڪهاڻي- جيڪا انسان جي ارتقا کان ئي شروع ٿي. انسان ترقيءَ جا مرحلا طئي ڪندو قصا، داستان، رزميه داستانن کان اڄوڪي جديد دور ۾ داخل ٿيڻ تائين، ڪهاڻي ماڻهو پڙهي ٿو/ پڙهندو رهندو. جيڪا پوءِ جهاز جي ايجاد، گراهم بيل، ٽيليفون بابت هجي يا مارڪوني جي ريڊيو جي تخليق کان پوءِ مادام ڪيوري جي ريڊيم ايجاد شامل آهي.
هڪ طرف انهن ايجادن جي ڪهاڻين جو ذڪر ڪيو ته ايئن تحقيق جاسوسي، سفرن تي بيان ڪيل هجن يا نفسياتي، خلا تي آڌاريل هجن يا فينٽينسي جي صورت ۾ ڪهاڻي بابت به ائين تجربا ٿيندي ٿيندي اڄ جي هڪ سِٽ جي ڪهاڻي تائين هڪڙو ڪهاڻيءَ جو جهان ملي ٿو. ايئن ڪهاڻي جو سفر سئو لفظن تي آڌاريل ڪهاڻيءَ تي اچي پهتو آهي.
ان پنڌ تي اسان جو ڳوٺائي دوست سڪندر هاڙهو به قلم کڻي ڪهاڻي جي قافلي ۾ شريڪ ٿيو آهي، انهن ڪهاڻين ۾”گٽر جو ڍڪڻ“، ”بيرو“، ”منرل واٽر جي بوتل“، ”هڪ نئون خواب“، ”الزام“ کان ”پنج آڱريون“ شامل آهن. اهو پيار جو پورهيو سڪندر هاڙهو ڪتابي صورت ۾ آڻي پڙهندڙن/ پاٺڪن کي آڇي ٿو.
هن وٽ اُتم جذبو موجود آهي. سماج جي اندر، سياسي، سماجي، ادبي ڀڃ ڊاهه، خاندانن جون رنجشون، دوستن جون دغابازيون هڪڙي پاسي تعليم، صحت کان ويندي بيروزگاري ۽ هن تبديليءَ پسند جي نالي تي مهانگائي ماڻهن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، نوجوان خودڪشي ڪرڻ تي مجبور آهن. اهڙي قسم جو ماحول ۽ هيٺين طبقي جي ماڻهن جا مسئلا سڪندر هاڙهي جي ڪهاڻين جا موضوع آهن.
”گٽر جو ڍڪڻ“: ميونسپل جي لاپرواهي ۽ ڪرپشن سبب شهدادڪوٽ کان ويندي ڪراچي جي ڪيترن ئي علائقن ۾گٽر جو ڍڪڻ نظر نه ٿو اچي. نتيجي ۾ معصوم ٻار، عورتون گٽرن ۾ ڪريو پون ۽ ننڍڙا ٻار حياتيون وڃائي ويهن ٿا. اڄ جنهن وبا جي ور چڙهي انسان ڀوڳي ٿو اتي ليکڪ ”هڪ نئون خواب“ ڪهاڻي ۾ اهڙو اظهار ڪري ٿو. ان جو مقصد ته هو شين، ڳالهين کي سمجهي ٿو. انهن کي پوءِ پنهنجي ڪهاڻين جي روپ ۾ بيان ڪري ٿو.
اهو سڪندر جو جذبو آهي جو سندس لکڻين جي رفتار تيزيءَ سان اڳتي وڌي رهي آهي، پر يقينن هر ليکڪ مڪمل نه هوندو آهي، اهڙي ريت سڪندر به پاڻ بچائي نڪرندو ته هو اڃان به وڌيڪ سُٺو لکندو.
سڪندر هاڙهو ”پنج آڱريون“ جي روپ ۾ جيڪو ڪهاڻي ڪتاب دل جي حضور سان پيش ڪري ٿو. ان اميد سان ته کيس سُٺي موٽ ملندي. ۽ هو نئين ڪم تي ڌيان ڌريندو. ادب جي اُڀ تي پنهنجي نالي سان چمڪندي نظر ايندو...!!

عبدالواحد سومرو

پنهنجي پاران: ننڍڙي ڪوشش

جهڙيءَ طرح هر ماڻهو ڪنهن به هڪ ڪم لاءِ ڪوشش ڪندو آهي اهڙيءَ طرح مون به شاعريءَ کان پوءِ ڪهاڻيون لکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي هونءَ ته ڏٺو وڃي جديد سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ وقت سان گڏوگڏ نت نوان پلاٽ، ڪردار، لاڙا ۽ اسلوب موجوده دور جي گُهرجن پٽاندڙ سنڌي ادب کي اهڙي طرف آڻي بيهارين ٿا، جتي معاشرتي ڀڃ ڊاهه ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي منفي استعمال پاڻمرادو کلي سامهون اچي وڃن ٿا، پر آئون اهڙن ڪهاڻين کي پنهنجي قلم جي جنبش سان پڻ جنم ڪو نه ڏنو آهي، فقط جيڪي ڪهاڻيون مون ڏنيون آهن، ان ۾ ڪو به شڪ ناهي جو ڪهاڻين ۾ لفظن سان گڏوگڏ بيانيه انداز به بلڪل سادو سلوڻو آهي جنهن ڪري ڪهاڻيءَ جي روايتي تاڃي پيٽي تي هلي نه سگهيس ان جو سبب اِهو آهي جو سڄو ڏينهن پيٽ جي باهه اجهائڻ خاطر محنت مزدوري روز مرهه جو معمول بڻيل هوندو آهي. هو جنهن جي ڪري دوست حق به جانب آهن جن چيو ته سڪندر جي ڪهاڻين جا موضوع توڙي ڪردار بظاهر عام ۽ سادا آهن ۽ جن تي خوب لکيو ويو آهي. خوب لکجي ٿو ۽ خوب لکيو ويندو ڇو جو ڪهاڻي لاءِ ڪو به موضوع نئون نه هوندو آهي فقط انداز بيان ان کي نئون رنگ ڏيندو آهي. واقعي ان ڳالهه ۾ ڪو به وڌاءُ ناهي لکڻ واري جو انداز بيان ئي هر دور جي جديديت جو نالو آهي. جنهن کي اسان جديد چئون ٿا. پو چاهي اها لکڻي ڪهڙي به صنف ۾ هجي. 2017ع ۾ مون جڏهن پهريون ڀيرو شاعريءَ جو مجموعو ”مينهن ڪڻيون“ نالي سان آندم پئي دل کي ڏاڍي خوشي محسوس ڪيم پر دوستن ان وقت به منهنجي حوصلا افزائي ڪئي هئي جنهن کان بعد ۾ ٻئي ڪتاب گڏيل شاعرن جي مجموعي ”روشنيءَ جا رنگ“ آڻڻ جي اندر ۾ جوت جاڳي جنهن کان پوءِ هي منهنجو ٽيون ڪتاب آهي جيڪو ان دوستن جي ڪاوشن سان اوهان ادب دوستن جي هٿ ۾ آهي.
آئون اهو چوڻ ضروري سمجهان ٿو ته ائين به ناهي جو هر پڙهندڙ کي هر ڪهاڻي وڻي ۽ هر ڪهاڻيءَ کي ڪو سٺو پڙهندر ملي. پر اهو مون کي يقين آهي ته منهنجا سڀيئي پڙهندڙ سُٺا باذوق آهن ۽ هو منهنجي هن ڪوشش تي منهنجي اوڻاين تي رهنمائي ضرور ڪندا.

سڪندر هاڙهو
03337500696
sikanderharho96@gmail.com

ڪھاڻيون

---

انتظار

وهانءَ جون تياريون وڏي ڌوم ڌام سان هلي رهي هيون هر طرف خوشين جي بهار گلن جهڙي چهرن تي گهلي رهي هئي جن جي خوشبو پري پري تائين محسوس ڪري سگهجي پئي. پر صنم پنهنجو منهن گهونگهٽ ۾ لڪائي پنهنجي گهوٽ جو انتظار ڪري رهي هئي ڪمري ۾ هر رنگ جون بتيون ٻري رهيون هيون گلن سان سجايل ڪمرو چوڌاري خوبصورتي جو عڪس ڏئي رهيو هيو. پر ڪمري ۾ ڀت تي لڳل گهڙيال ڏي ڏٺائين رات جا 10 بجا هئا. ڀر ۾ صنم جي ننڍپڻ جون ڪجهه سهيليون ويٺيون هيون اوچتو دروازي تي کٽ کٽ جو آواز ٿيو. نورين جيئن ئي وڃي دروازو کوليو ته ”اسلم سراج ۽ نظير“ سلام ڏيندي اسلم چوڻ لڳو.
ادي...! آئون اسلم پُٽ محبوب جو گهوٽ جاويد جو وڪيل بڻجي آيو آهيان سو مهرباني ڪري ٻڌائيندؤ گهوٽ جي ڪنوار صاحبه ڪٿي آهي.
نورين ٽوڪ ڪندي چوڻ لڳي.
اهو گهوٽ ته اسان جي ڪنوار کي قبول ئي ناهي.
نورين ٽوڪ واري ڳالهه تي ڪنواري جي سڄي ڪمري ۾ ٽهڪ شروع ٿي ويا اسلم تڪڙ ۾ چوڻ لڳو.
”ڇا ڪنوار تون آهين.؟“
”الله پناهه ڏيندو.“
”ته پوءِ گهوٽ توهان کي پسند ڇو اچي.“
نورين شرمائيندي چوڻ لڳي.
هوءَ ويٺي اَٿَو ڪنوار توهان پڇي وٺوس.
صنم دل ئي دل ۾ چوڻ لڳي.
” ان ۾ پڇڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي جاويد ته هر جنم ۾ منهنجو ئي آهي.“
تنهن باجود به شرم حيا جي لڃ کي قائم رکندي خاموش رهي. سندس ڀر ۾ اسلم اچي شرعي انداز ۾ پڇڻ لڳو.
”جاويد پٽ حسن جو بطور 10 هزار حق مهر شرعا شريعت محمدي موجب مڙس ڪري قبول ڪيئي.“
نورين وري هڪ دفعو ٽوڪ ڪندي چوڻ لڳي.
”10 هزار به ڪا رقم آهي جو صنم جهڙي حق مهر قبول ڪري.“
” پر جي تون ها ڪرين ته مائي توکي هڪ لک به وٺرائي ڏيان؟.“
اسلم ڪاوڙ چئي ڇڏيو..
نورين به شرم کان ڪنڌ جهڪائيندي دل ئي دل ۾ چوڻ لڳي.
”هونئن ته آئون گهوٽيتن سان ڏاڍي ڪندي آهيان پر اسلم ته منهنجا وڻ ئي وڃائي ڇڏيا.“
”محترمه اوهان هاڻي خاموش رهو اسان ڪنوار کان پڇي وٺون.“
اسلم پيار مان چئي ڇڏيو.
وڪيل ڪنوار کان هڪ دفعو ٻيهر پڇا ڳاڇا ڪئي.
”فلاڻو پٽ فلاڻي جو اوهان مڙس ڪري قبول ڪيو.“
”قبول آ.“
”اوهان ٻڌو“
اسلم پاڻ سان گڏ ٻين شاهدن کان پڇو.
”جي ها“
سراج ۽ نظير چيو..
جيئن ئي وڪيل وارا ٻاهر نڪري ويا ته ڪجهه دير بعد دهل وڄڻ شروع ٿي ويا پر جيڪي دهل صنم جي دل ۾ پيار جي ڪاميابي جا وڄي رهيا هئا شايد ڪنهن کي اها خبر ئي ڪا نه هئي. بس نڪاح ٽائيم گذرڻ بعد بار بار پنهنجي سهيلين کان پڇا ڪري پئي.
”لائُن جو ٽائيم ڇا رکيو اَٿن.“
شبيران شرارتي انداز ۾ چيو.
”مائي ڏسو ته سهي ڪنوار کي اهڙي قسم جي ڳالهه ڪندي لڄ ٿيندي آهي پر هن مائيءَ کي ته صفا لڄ ئي ڪونهي رڳو ٿي چوي جاويد ڏسان موئي مار الاءِ ته جادو ڪيو اٿس.“
”توکي ڪهڙي خبر شبيران صنم جي دل تي ڇا ٿو گذري تو ته پيار ڪيو ئي ناهي توکي ڪهڙي خبر.“
نورين شرارتي انداز ۾ چئي هڪ نظر وال ڪلاڪ تي وڌي رات 3 ٿيا هئا نورين جو بت بي ساهو ٿي پيو هيو هر هر اوٻاسيون ڏيڻ دوران ڪاوڙ مان چوڻ لڳي.
”ماڻهو پنهنجي خوشين ۾ راڳ رنگ جون محفلون ڇو ڪرائيندا آهن ٿيڻ ته ائين گهرجي ها نڪاح کان پوءِ لائون گهوٽ ڪنوار به آرام سان روح رهاڻ ڪن ۽ ڪاڄ وارا به قرار جي ننڊ ڪن پر اسان وٽ هتي عصر تائين انتظار.“
نورين جي انتظار واري ڳالهه ٻڌي صنم کي به ڪاوڙ لڳي ۽ دل ئي دل ۾ چوڻ لڳي.
”هن ڪمري مان نڪري انهن مردن جي محفل کي بند ڪري ڇڏيان.“
پر هو ائين هرگز ڪو نه پئي ڪري سگهي ڇو ته هوءَ ريتن ۽ رسمن جي ڪڙين ۾ قيد هڪ عورت هئي. هونئن ته عورت ڇا ڇا نه ٿي ڪري سگهي.
پر صنم جي دل جي دڙڪن گهڙيال جي ڪانٽن کان وڌيڪ تيز هلي رهي هئي دل ۾ هزارين خوف محسوس ٿي رهيا هئس. بلڊ پريشر به گهٽ ٿي رهيو هئس. هن کي ائين محسوس ٿي رهيو هو ڄڻ جاويد هن جي زندگيءَ کان هميشه هميشه لاءِ پري ٿي رهيو آهي. اچانڪ دل مان دانهن نڪري ويس.. هڪ منٽ لاءِ پاڻ سان ڳالهائيندي چوڻ لڳي.
” نه نه ائين نٿو ٿي سگهي هو منهنجو آهي ۽ مان هن جي آهيان دنيا جي ڪا به طاقت مون کان پري نه ٿي ڪري سگهي.“
صنم جي اهڙي دانهن تي سڀن سهيلين ڇرڪ ڀريو. نورين صنم جي چهري کي ڏٺو هن کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ چنڊ جي اڳيان ڪارا ڪڪر اچي ويا هجن.
پر صنم جي اکين ۾ بادل ڀرجي آيا وڏ ڦڙي مينهن وانگر ان جي اکين ۾ آب بڻجي سنڌوءَ جي سير وانگر وهڻ لڳا.
نورين صنم کي دلجاءِ ڏيڻ لڳي.
”هي ڇا صنم تنهنجي اکين ۾ آب؟ جاويد ته هميشه هميشه لاءِ هاڻ تنهنجو ٿيڻ وارو آهي.“
نورين جي اهڙي دلجاءِ به صنم جي روح کي راحت ڪو نه بخشي. ايتري ۾ صنم جي ماءُ ڪمري اندر داخل ٿيندي چوڻ لڳي.
”امڙ سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي.“
جلديءَ ۾ نورين چوڻ لڳي.
”ها ها ماسي سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي، اوهان کي پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي.. امان! مار پوي ان مڙسالن کي اصل ڄڻ راڳ ٻڌو ئي نه اٿن ذري گهٽ اچي ڏينهن ٿيڻ وارو آهي لائون ڏئي جان ڇڏائين ته هر ڪو وڃي آرام ڪري.“
”ٺيڪ آهي امان ڪنهن سان چورائي ٿي وٺان.“
صنم جي ماءُ اهو چئي ٻاهر وڃڻ لڳي..
فائرنگ جو آواز شروع ٿي ويو. ڪمري ۾ موجود صنم جي سڀني سهيلين چيو.
”بس هاڻ انتظار ختم ٿي ويو آهي موئي راڳي موالي راڳ مس بند ڪيو آهي جلدي ۾ ڪمري جي سيٽنگ ڪري وٺون هاڻي اجهو ٿا گهوٽ کي لائون ڏيڻ اچن.“
اچانڪ گهر ٻاهران ڪهرام مچي ويو سڀ عورتون ٻاهر نڪري ويون صنم نورين کي چيو.
”خدا خير ڪري مون کي خوف ٿي رهيو آهي ٿورو ڪمري جو دروازو کول ٻاهر جي هوا لڳي هانءَ ته مونجهه ٿي رهي آهي.“
”هائي ظلم ٿي ويو قهر ٿي ويو...“ ٻاهر ڪنهن عورت جو آواز پئي آيو.
”آخر ڇا ٿيو؟“
صنم پنهنجي ماءُ کان پڇو..
تنهن تي ماڻهس هڪ دم صنم کي ڀاڪر ۾ ڀري چوڻ لڳس...
هائي امان..! ظلم ٿي ويو قهر ٿي ويو...
”تنهنجو جاويد توکان هميشه هميشه لاءِ جدا ٿي ويو“
ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته راڳ دوران جاويد جي دوستن نشي جي حالت ۾ فائرنگ ڪئي، جنهن سبب هڪ گولي جاويد کي لڳي آهي.
صنم پنهنجي ماءُ جا جملا ٻڌي ڪونه سگهي هڪ بي جان بت بڻجي وئي جنهن کان پوءِ سڀ کي اهو چوڻ لڳي...
”نه نه اوهان سڀ ڪوڙ ٿا هڻو، منهنجو جاويد مون کي ڇڏي نه ٿو سگهي، اوهان ڪيئن ٿا چئو جاويد مون کي ڇڏي ٻئي دنيا وسائي آهي، ائين نه ٿو ٿي سگهي.
اهو چئي صنم بي هوش ٿي وئي.
لڳ ڀڳ ڇهه مهينا گذرڻ بعد نورين صنم جي گهر پهتي سندس ماڻهس کان صنم جي حال بابت پڇا ڪئي...“
”ماسي هاڻ صنم جي طبيعت ڪيئن آهي؟“
”امان اڳ جيان حال کان بي حال پئي آهي“
رڳو ٿي پئي چوي ڏس ڏس رات جا 3 بجا آهن، اجهو ٿو جاويد اچي.“
”واقعي ماسي انتظار موت برابر آهي“
نورين افسوس مان چئي لڙڪ هاريندي هلي وئي.
**

الزام

چاليهه ورهين جي فرزانا پريشاني واري حالت ۾ شهر جي ڪورٽ پهتي ته ڪورٽ ۾ موجود وڪيل کان پڇا ڪيائين.
” جج صاحب آهي“
”نه جج صاحب موڪل تي ويل آهي ڪجهه ڏينهن ۾ واپس ايندو.“
”؟وري به ڪڏهن ايندو؟“
”اها پاڻ کي خبر ناهي ته ڪڏهن ايندو.. پر اوهان پريشان لڳا پيا ڇو آهيو؟ ٻڌايو.. ڪهڙو ڪم آ جج صاحب ۾.“
فرزانا هڪدم روئندي سڏڪندي هٻڪائيندي چيائين.
مون تي منهنجو مڙس ڪوڙو الزام هڻي رهيو آهي سو مون کي انصاف کپي.
اول ئي ريڙهي هلائيندڙ مڙس مان مس جان ڇڏائي هيم جيڪو ٿوري ٿڪي ڳالهه تي مارڪٽ ڪندو هو ۽ ڏيندو وٺندو به گهٽ هو تنهن جي شڪايت پنهنجن کي ڏيندي هيم ته هو مون کي ڪجهه ڏينهن جي لاءِ گهر وٺي ويندا هئا هنن جو خيال هو تو کي وٺي وڃڻ کان پوءِ من سڌري وڃي پر نه.... ساڳو ئي مان موٽي گهر اچان هن جو ساڳيو منهنجي مٿان تشدد ڪرڻ معمول بڻيل هو آخر منهنجا گهر وارا تنگ اچي ڪري مون کي هن مان جان ڇڏايئون. اڃان مس سال گذريو گهر ويٺي ته منهنجي اباڻن ٻيو مڙس ڏنو جنهن جي دانهن آئون کڻي آئي آهيان. گذريل ڏينهن بک تي پاهه منهنجي زخمي بدن کي پنهنجي مردانگي جو کاڄ بڻائيندي چوڻ لڳو. توکي جيڪو شادي دوران سون مليو آهي مون کي آڻي ڏي مان کپائي وڃي عياشي ڪيان نه ڏيڻ جي صورت ۾ هڪ خطرناڪ ڌمڪي ڏني اٿس.
وڪيل پڇيو:
”ڪهڙي ڌمڪي ڏني هئس.!“
چيائين...
”جي مون کي عياشي ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو سون نه ڏينديئن ته توکي مان فلاڻي سان ڪارو ڪري ماري ڇڏيندس.“
تنهن تي وڪيل هڪ ڊگهو ساهه کڻي سوچيو.
”اهڙن ڪوڙن الزامن جي باهه ۾ هر روز الاءِ ڪيتريون عورتون سڙن ٿيون مرن ٿيون الاءِ ڪڏهن اِهو سلسلو ختم ٿيندو.
**

بيرو

هن معمول موجب هوٽل ۾ ويهندڙ هر ماڻهوءَ کان پڇڻ شروع ڪيو.
”سائين ڇا کپي... چانهه يا بوتل؟“
هٿ ۾ پڪڙيل جڳ مان ماڻهن کي پاڻي به پياريندو رهيو آرڊر وٺندو رهيو. گُهربل شئي ڏيندو رهيو ان وچ ۾ هن هڪ ماڻهوءَ کان ٻه ٽي ڀيرا پڇيو ” ڇا کپي سائين؟“
ان همراهه اکيون ڦونڊاري هن ڏانهن ڪاوڙ مان ڏٺو ۽ ڪاوڙ مان الاءِ ته ڇاڇا کيس چوندو رهيو هو پريشان ٿي هن جي ڀر مان هٽي آيو ۽ نئين آيل گراهڪ ڏانهن وڌي ويو سندس آرڊر وٺڻ لڳو ائين ڪجهه ئي دير ۾ هوان ڳالهه کي وساري ويٺو ته ڪو ڪجهه گهڙيون اڳ ڪنهن کيس دڙڪا به ڏنا هيا سيٺ جي اچڻ تي هو وڌيڪ تيزي ۽ هوشياري سان ڪم ڪرڻ لڳو.
پر هڪ ٻن گراهڪن آخر سيٺ سان سندس شڪايت به ڪئي.
”سائين هي واقعي ٻوڙو ۽ ويسارو آهي يا ائين اداڪاري پيو ڪري؟ هڪ ڪن مان ٻُڌي ٻئي مان ڪڍي ٿو ڇڏي.؟“
سيٺ کي سندس باري ۾ وڌندڙ شڪايتن تي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ٿي ۽ هو کيس ڪاوڙ مان سمجهائندي چوڻ لڳو.
”تون ائين نه ڪر بابا.. هي اسان جو روزگار آهي ان ۾ ماڻهن کي شڪايت جو موقعو نه ڏي.“
هو ڪنڌ جهڪائي ٻڌندو رهيو.
”دوست مون تي ڪاوڙ ڪندا آهن ته هن کي ڪڍي ٻيو مزدور بيهار.. پر تون سينيئر آهين تو کي ڪڍڻ نٿو چاهيان.“
پر سيٺ جي اها ڌمڪي ڀريل تنبيهه به ڄڻ هو هڪ ڪن مان ٻڌي ٻئي مان ڪڍي ٿو ڇڏي.
جڏهن سيٺ جو ڪروڌ وڌي ٿو وڃي ته هو حيرت ٽوڪ ۽ عجب مان ساٿي مزدورن کان پڇي ٿو
”آخر مان ڪهڙو ڪم غلط ڪري رهيو آهيان؟.“
کيس جڏهن پنهنجي غلطي سمجهه ۾ نه آئي ۽ سيٺ جي مٿس ڪاوڙ وڌندي وئي ته هڪ ڏينهن بيمار هجڻ جو بهانو ڪري موڪل وٺي گهر هليو آيو ۽ ڪافي سوچ ويچار کان پوءِ هن فيصلو ڪيو ته هاڻي هن شهر ۾ ڪم نه ڪندو ۽ ائين هو هوٽل مالڪ کي ٻڌائڻ کان بغير ئي ڪراچي هليو آيو ۽ ڪجهه ڏينهن ۾ هڪ هوٽل تي کيس بيراگيري جو ڪم ملي ويو.
پراڻي هوٽل جو مالڪ شايد کيس ٿورن ئي ڏينهن ۾ وساري ويٺو هو گراهڪن کان به شايد وسري ويو هو پر هو پاڻ ڪڏهن به ان هوٽل، ساٿي مزدورن ۽ پنهنجي شهر کي ڪو نه وساري سگهيو هن کي هميشه ائين لڳندو هيو ڄڻ هو پاڻي مان نڪتل مڇي آهي جيڪو تڙپي رهيو آهي ڪافي عرصي تائين هو پنهنجي پراڻي هوٽل دوستن ۽ شهر جي ڇَڪَ کي برداشت ڪندو رهيو آخر جڏهن پراڻي هوٽل جي ماحول شهر ۽ دوستن جي سڪ کيس گهڻو ستايو ته ڪراچي ڇڏي وري واپسي پنهنجي شهر آيو.
هو سڪ مان هوٽل تي آيو ۽ سيٺ سان مليو ته سيٺ وڏي جوش ۽ سڪ مان مليس ۽ زور رکي کيس واپس ڪم تي اچڻ لاءِ چيو. هو به ڄڻ تيار ويٺو هيو پر ظاهري پڪائي ڪري نيٺ ها ڪيائين ٻي ڏينهن تي ئي هو ساڳي هوٽل تي ساڳئي ڪم سان لڳي ويو.
هڪ گراهڪ کيس ڪو آرڊر ڏنو پر الاءِ ڪهڙن خيالن ۾ گُم هيو جو کيس وسري ويو آخر ڪجهه دير بعد گراهڪ ڪاوڙ مان چيو...
”اڙي ٻُڌي نٿو، ٻوڙو آهين ڇا؟“
هن تڪڙ ۾ سندس آرڊر جي تڪميل ڪئي پر جڏهن اهو ئي همراهه چانهه پي اٿيو ۽ ڪائونٽر تي اچي مالڪ کي پيسا ڪڍي ڏنائين ته مالڪ ڀر ۾ ويٺل دوست سان ڪچهري ۾ مگن رهيو ۽ بقايا پيسا واپس ڪو نه ڪيائين ته همراهه کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي سندس ڪاوڙ تي مالڪ کيس جلدي پيسا واپس ڪيا.
گراهڪ ويندي ويندي چوڻ لڳو.
”عجيب هوٽل آهي ڪڏهن بيرا ٻوڙا ته ڪڏهن مالڪ ٻوڙا“
هن گراهڪ جي ڪاوڙ جهڪي ڪرڻ لاءِ چيو
” اصل ۾ سائين مالڪ هجي يا بيرو هر ڪنهن جون سوچون آسمان تي پهتل آهين.“
مالڪ سندس اُهي جملا ٻڌا ته تپي باهه ٿي ويو کيس ڪاوڙ مان چوڻ لڳو..
”تون پنهنجي حيثيت کان مٿي نه ڳالهائيندو ڪر خسيس ٽڪي جو بيرو آهين پنهنجي ڪم سان ڪم رک.“
هن حيران ٿي مالڪ ڏانهن ڏٺو.
سندس ڪاوڙ ڀريو لهجو ۽ ان لهجي ۾ جڏهن هو ڪراچي مان موٽي آيو هيو ۽ کيس ٻيهر ڪم تي اچڻ لاءِ چيو هو ڪيڏو نه فرق هيو لهجي ۾ هو ڪافي دير سوچيندو رهيو.
ٽڪي جو بيرو، ٽڪي جو بيرو.
آخر هو سيٺ وٽ ويو. هوريان هوريان چوڻ لڳو.
”توهان صحيح ٿا چئو سائين آئون ٽڪي جو بيرو آهيان... ڪنهن جي ڪيتري به خدمت ڪندو رهندس اهو ئي ٽڪي جو بيرو پر آئون اڄ واعدو ٿو ڪريان ته نه ئي اهو ڪم ڪندس نه ئي ڪنهن هوٽل تي ويهندس.
اهو چئي هو اتان هليو آيو ۽ ان کان پوءِ هن ڪنهن هوٽل تي مزدوري ڪئي نه ئي زندگي ڀر ڪنهن هوٽل تي ويٺو.
**

پنج آڱريون

هڪ ڏينهن آئون پنهنجي هوٽل تي اتفاقن ساجهر آيو هيم. ڏٺم سامهون گهر مان نوجوان ڇوڪري نڪتي جنهن کي پينٽ شرٽ پاتل وڏو پرس ڪلهي ۾ ۽ هار سينگار به اڻ کٽ ٿيل هيس. مان ڏسي دل ئي دل ۾ سوچڻ لڳس. هن مهل ڪهڙو اسڪول يا آفيس کليل آهي توڙي جو ٽائيم صبح جا 6 ٿي رهيا آهن. اڃان مان سوچي ئي رهيو هيم ته ڀر ۾ اچي چيائين.
”ادا! 50 رپئي جي چانهه ته ڏيو.“
نوجوان ڇوڪري ڏسي هوٽل ۾ موجود سڀني جو وات پٽجي ويو سڀ جون نظرون هن ۾ هيون هن هوٽل جو ماحول ڏسي چيائين.
جلدي ڏيو چانهه.
جيئن ئي ڇوڪري کي چانهه واري چانهه ڏني تڪڙي تڪڙي ساڳي گهر ۾ هلي وئي ڪجهه وقت گذريو ڇوڪري گهر کان ٻاهر نڪتي سڌو وڃي هڪ ڪرياني جي دڪان تان ڪجهه سامان وٺڻ وئي سامان وٺي واپس موٽي ته مان ويتر ڏسي پريشان ٿي ويم ڀر ۾ مون سان گڏ ڪم ڪندڙ مون کي چوڻ لڳو..
ڇا لاءِ پريشان ٿي ويو آهين.؟
وراڻيم ”نه نه پريشان ناهيان. ڪجهه ائين سوچيان پيو اڄ منهنجو هوٽل تي ساجهر اچڻ ان ۾ رب جي ڪا حڪمت آهي.. تڏهن مون کي حيران ڪندڙ منظر ڏيکاريو اٿس. بحرحال تون ڇڏ انهيءَ ڳالهه کي پنهنجو ڪم ڪر نه ته هوٽل مالڪ ٻنهي کي دڙڪا ڏيندو، وڃ اندر ٽيبل کڙڪئي ٿي ڏس ڪير آهي؟“ مون ڳالهه کي ٽاريندي.
هڪ نظر وال ڪلاڪ ڏي ڪيم پئي، صبح جا ڏهه ٿي رهيا هئا. مان پنهنجي ڪم سان لڳي ويم ڪم ڪرڻ دوران اها ڇوڪري مون کان ائين وسري وئي ڄڻ هن کي مون ڏٺو ئي نه هجي.. پر ڪجهه وقت لاءِ يقينن وسري ئي وئي هئي هوٽل جو ڪم جيئن ئي جهڪو ٿيڻ لڳو مان به وڃي بينچ تي ويهي رهيس. اڃان ساهه ستو ئي نه ڪيو هيس هوءَ گهر ٻاهر نڪري رڪشا ۾ ويهي هلي وئي.. بس ٿورو ئي وقت گذريو هو سبزي ۽ ٻيو سامان ورتيون پئي اچي مون کي سمجهه ۾ ڳالهه نه آئي، سوچڻ لڳس هي هيڏو فيشن ڪري گهر جا ڪم ڪار پئي ڪري آخر معاجره ڇا آهي. مون پاڻ کان هڪ سوال ڪيو. مان سمجهان ٿو شايد هوءِ. گهر سامان رکي موٽي هئي ڀر ۾ اچي چيائين.
کير اَٿَو؟
ڪنهن چيس... ها آهي....
چيائين.... ”ويهين روپين جو ته ڏيو...“
مان زور ئي ڳالهائيندي چيو مانس..
”ويهين روپين جو ڇا ملندئي سؤ رپيا ڪلو کير آهي.“
ڪاوڙ واري لهجي ۾ چيائين.
”بس کير نه کپي پيسا واپس ڏيو، مان ٻئي هنڌان ٿي وٺي اچان.“
مان وري انهيءَ سوچ ۾ گم ٿي پاڻ سان ڳالهايم،
”هن کان پڇان ته ڪيئن پڇان“ بس سوچ ۾ پنهنجي ساڳي ڪم سان لڳي ويم ڪم ڪندي ڪندي آخرسج لهڻ تي آيو. ٿورو اونداهه ٿيڻ لڳو، مان ڪم تان فارغ ٿي گهر وڃي رهيو هيس ڏٺم انهيءَ گهٽيءَ مان جنهن مان مون کي گهر وڃڻو هو. اها ئي ڇوڪري وڃي رهي هئي مان تڪڙو تڪڙو قدم وڌائي ويجهو پهتس. وري ٿورو سوچڻ لڳس آخر ڪهڙي نالي سان سڏ ڪيانس توڙي جو مون کي نالي جي خبر ئي ناهي. بس ائين سوچ ويڙهائيندي اندر مان آواز آيو ادي ڪري سڏيس. جيئن کيس برو نه لڳي. مون ائين ڪندي کيس سڏ ڪيو مانس.
”او ادي“
هوءَ ادي جو نالو ٻڌي يڪدم بيهي چيائين.
”ڇا هي ادا!“
”هڪ ڳالهه پڇان ناراض ته نه ٿيندئين؟“
چيائين: ”نه نه تون مون کي ادي چيو آهي ڀلا ڀيڻ ڪڏهن ڀاءُ سان ناراض ٿيندي آهي ڇا؟
”تون هن مهل رات جو ڪيڏانهن ٿي وڃي“
”مان پنهنجي گهر.“
ڇا.. توهان جو گهر هيڏانهن آهي. جي توهان جو گهر هيڏانهن آهي ته هو گهر ڪنهن جو آهي. جنهن مان اوهان سڄو ڏينهن اچو وڃون پيا.“
مسڪرائيندي چيائين.
”ان گهر ۾ ته مان ڪم ڪندي آهيان.“
هن جا اهي جملا ٻڌي پيرن مان زمين نڪري وئي بس پل لاءِ رُڪجي خاموشي ٿي ويس. چوڻ لڳي.
”ڇا ٿو سوچين.؟“
وراڻيم.
سوچان ٿو پينٽ شرٽ پاتل پرس ڪلهي ۾ هار سينگار ٿيل نوجوان سهڻي ڇوڪري ڀلا ٻين جي گهر ۾ ڪيئن ٿي ڪم ڪري سگهي نه نه ضرورڪو سبب هوندو.؟
منهنجا اهي جملا ٻڌي ڪجهه وقت لاءِ سانت ٿي وئي ۽ چوڻ لڳي.
”مان ان بدبخت جي ڌيءَ آهيان جيڪو پنهنجي غربت سبب مستقبل ۾ پنهنجي ويهڻ لاءِ ڪا جڳهه خريد ڪري نه سگهيو هو. هون به اسان جو اصل کان وٺي ڪڙم قبيلو ڪڏهن ڪنهن جي درن تي پليو آهي ته ڪڏهن ڪنهن جي درن تي بس انهي تسلسل کي برقرار رکندي پئي اچان تنهن ڪري هاڻي مان دربدري واري زندگي گذاريان پئي ڪڏهن ڪنهن گهر ۾ ته ڪڏهن ڪنهن جي گهر ۾ ڪم ڪيان پئي.. باقي رهي ڳالهه منهنجي فيشن جي. اڄ ڪلهه غريبن ۽ مستحقن کي ڪوئي خيرات به نٿو ڏئي اڄ ڪلهه ته عورت جي عمر چهري ۽ جسماني ٺاهه ٺوهه کي ڏسي ماڻهو خيرات پوءِ ٿا ڏين. مان به فيشن ان لاءِ ٿي ڪيان جيئن ماڻهو کي وڌيڪ سهڻي لڳان جيئن منهنجي حسن کي ڏسي پنهنجي گهر ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ رکن ۽ پيسا به گهڻا ڏين.
چيم.
”اهو عمل صحيح ته ناهي.“
چيائين. ”ڇا ڪيان مجبور آهيان. بابا منهنجي ننڍپڻ هوندي ئي وفات ڪري ويو هو بابا جي وفات کان پوءِ حياتيءَ کي اڳتي گذارڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو هو بابا جي وئي کان پوءِ منهنجي ماءُ مون جئيان اميرن جي گهرن ۾ ڪم ڪندي هئي جنهن مان هڪ وقت جي ماني به نه اچي سگهندي هئي تنهن وقت منهنجو وڏو ڀاءُ به هيو جيڪو ڏاڍو بيمار رهندو هو علاج جا پيسا امان وٽ نه هيا تنهن ڪري بر وقت علاج نه ٿيڻ جي صورت ۾ اهو به ويچارو وفات ڪري ويو. امان ڏاڍيون پيڙائون ڀوڳي مون کي پاليو هاڻ جڏهن آئون وڏي ٿي آهيان ته منهنجي ماءُ بيمار ٿي پئي آهي. جيترا به مون کي پيسا گهر ۾ ڪم ڪرڻ جا ملندا آهن ته امان جي علاج تي خرچ ڪندي آهيان. جي باقي بچندا به آهن ته گهر جو سودو سامان سان گڏوگوڏ مان پنهنجي فيشن جو سامان وٺي ايندي آهيان. ڇا ڪيان مجبور آهيان مان مڃان ٿي دنيا وارا مون کي غلط نظرن سان ڏسندا آهن ۽ پاڻ ۾ ويهي گٿا لفظ منهنجي باري ۾ استعمال ڪندا آهن پر سڀ ڪجهه سمجهندي به اندر ئي اندر ۾ دانهون ڪندي آهيان ٻاهر ڳوڙها ناهيان وهائيندي مان ٻين جي گهر جو پنهنجي خوشي سان ناهيان ڪم ڪندي مجبورين ڪم ڪرڻ تي مجبور ڪيو آهي، ائين نه ته ٻئي جي اڳيان خالي هٿ ٽنگڻ به ڏاڍو ڏکيو آهي هيئن ته امير ماڻهو اسان غريبن ماڻهن سان ماني به گڏ کائڻ پسند ڪو نه پيا ڪن پر جڏهن اهي ئي ماڻهو اسان جي جسم تي ٺاهه ٺوهه ڏسن ٿا ته سندس پنهنجي گهر ۾ رڌ پچا کان ويندي هر کاڌي پيتي جي شئي به اسان کان ئي ٿا پچرائن.
”ادي..! تو ته ڪنهن سان ناجائزي نه ڪئي آهي.“
چيائين.
”ادا..! چوندا آهن ته عورت پنهنجي قدمن تي قابو رهي ته پوءِ ڪنهن کي ايتري جرئت ناهي پر شڪر رب پاڪ جو انهي جي ڪرم سان پاڻ کي پاڪ ۽ صاف رکيون پئي اچان اهڙن ماڻهن جي گهر ڪم ڪندي ئي ناهيان جيڪي هن سماج ۾ جنسي حوس جا عادي آهن اهڙي هٿن کان پاڻ بچايون پئي اچان ادا..! مان بک مرندس ته هرگز اهڙو ڪم نه ڪندس جنهن سان منهنجي عزت جو جِنازو نڪري هئين ته هر مزدور عورت کي هن سماج ۾ غلط نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي پر انهن کي اها خبر نه آهي جتي غربت گهر ڪري ويندي آهي ته ان گهر ۾ هڪ وقت جي چلهه ٻرڻ به مشڪلهجي ٿو. ادا..! مان هن وحشت جي انڌي سماج کي محنت مزدوري ڪري ڏيکارڻ چاهيان ٿي ته پنج ئي آڱريون برابر ناهن هونديون.
**

سڀ ڪجهه مڃان ٿو

تنهنجو ڇا چوڻ آهي ڇا... تو پنهنجي زال کي ماريو آهي.؟
”ها ... ڏيرا! وڏيرا منهنجي زال هڪ ڏنگي عورت هئي جيڪا منهنجي غربت کي نه سمجهندي هر وقت منهنجي ذهن سان کيڏندي هئي ۽ سڄو ڏينهن شهر ۾ مزدوري ڪري گهر مس پهچندو هيس ته گهر جي ڪمن ۾ لوڙائيندي هئي! ان سان گڏوگڏ ماني پاڻي گهرڻ تي ڪچيون گاريون پڻ ڏيندي هئي ۽ وري رات جو ڀڳل کٽ تي سمهڻ لئه هنڌ وڇائي ڏيندي هئي ۽ پاڻ وڃي سٺي کٽ تي ٽڪ جي رلي وڇائي سمهي پوندي هئي ۽ مور مون کي پنهنجي ويجهو نه ڇڏيندي هئي تنهن جي سمي منهنجي دل اهو ڪم ڪرڻ تي مجبور ٿيندي هئي جيڪو هڪ مرد کي زال جي هوندي ڪرڻ نه کپندو هجي ها. وڏيرا اوهان فيصلو ٻڌايو ته مان ئي پنهنجي زال کي ماريو آهي پر جيڪا هوءَ شهر مان نوان ڪپڙا ۽ ٻيون ڪيتريون شيون وٺي ڏيندي رهي ۽ پنهنجي انگن سان جيڪا کيڏاريندي رهي جنهن کي مان ازل جو پيار سمجهيو هيم پر مون کي هنن ٻنهي مان ڪنهن هڪ طرف ته ٿيڻو هو.. هن منهنجي نڪاح ۾ نه هوندي به پنهنجي پيٽ ۾ منهنجو ساهه پالي ورتو هو مون کي خبر نه هئي ته دنيا وارا دولت جي چڪر ۾ اچي خوابن جي عزت خريد ڪري ويساهه گهات ڪندا آهن.. پر ڪنهن مون کي اڳ ٻڌيو هو اسان جي سماج ۾ اهڙن واقعن جاءِ والاري آهي هڪ پاسي منهنجي زال جي بي رخي ۽ ٻئي پاسي منهنجي عقل تي قبضو ڪندڙ ان جو ڪوڙو قرب جنهن سبب مون کي ڪو فيصلو ڪرڻو پئجي ويو مان قرب جي ڪوهيڙي کي نه پيو هٽائي سگهان تنهن ڪري مون بي رخي کي باهه ڏئي ڇڏيم ۽ مان هن جي ضد آڏو مجبور ٿي ويس ڇو ته هن چيو هو تنهنجي زال جي مرڻ کان پوءِ توسان مان نڪاح ۾ ٻڌجي ويندس هن جي چوڻ تي مون پنهنجي زال کي هن جي ڪوڙي چڪر ۾ اچي زهر ڏنو منهنجي اکين جي آڏو ئي تڙپي تڙپي ويچاري مري وئي...
مان اهو ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته مون سان ڪوڙو قرب ڪرڻ واري ۽ مون تي اڄ شاهدي ڏيڻ واري ٻي ڪا ناهي بلڪي سامهون ويٺل منهنجي زال جي سڳي ڀيڻ آهي تنهن ڪري مون کي هاڻي ڪنهن به قسم جو پڇتاءُ ناهي پر ڏک ان ڳالهه جو ضرور آهي جو مان عورت جي مڪاريءَ کي سمجهي نه سگهيم.
**

هڪ نئون خواب

اهو ڏينهن ست مارچ ٻه هزار ويهه جو هيو.
مون پنهنجي مرشد لال شهباز قلندر جي حاضري ڀري پنهنجي شهر پهتو هئس. ڏاڍي ٿڪاوٽ محسو ڪري رهيو هئس رات جي ماني کائي سمهي پيو هيس... اوچتو زين منهنجي ڪمري ۾ داخل ٿي.. مان دنيا کان بي خبر سڪون جي ننڊ ستل هئس.. هن وري اوچتو مون کي اٿارڻ جي ڪوشش ڪئي.. منهنجي نه اٿڻ تي هن منهنجي منهن تي هڪ ٿڌي پاڻيءَ جو گلاس هاريو.. ٿڪل ذهن ۾ هڪ دفعو وري اِهو ياد آيو شايد وري ”ٻه هزار ڏه“ واري ٻوڏ اچي وئي آهي.. تڏهن پاڻي منهنجي ڪمري ۾ داخل ٿي ويو آهي. مٿي نهاريم مهتاب جهڙو چهرو منهنجي اکين آڏو بيٺو آهي. اهو چهرو جنهن جي عڪس کڻي هر وقت مان پنهنجو پاڻ کي آئيني جي اڳيان ٺاهيندو آهيان. جيئن مان زين کي وڻي سگهان. هن جي مک تي شرارتي مرڪ هئي. دل چاهيو پئي ته زين کي ڀاڪر ۾ ڀري اندر ۾ سمايل سموري سڪ کي پورو ڪري وٺان. پر نيڻن جي جهڪائي زين جي بخمل جهڙي بدن کان پنهنجون نظرون هٽائي ڇڏيم ۽ اکين کي مهٽڻ شروع ڪري ڏنم.. جيئن ئي اکين تان هٿ پري ڪيم ۽ وري زين ڏاهن نهاريم ته شرارت سان ڀريل چهرو ائين نظر پئي آيو ڄڻ چنڊ جي اڳيان ڪارا ڪڪر ڇائنجي ويا هجن.!
هڪدم زين کي چيم..
”زين...! خير ته آهي نه؟“
هن اداسيءَ واري انداز ۾ وراڻيو..
”ها خير آهي...!“
”ته پوءِ تون ايترو پريشان نظر ڇو پئي اچين.؟“
مون پيار جي انداز ۾ چيو.
”ها خواب ته برابر خواب ئي هوندا آهن، پر هن خواب ته مون کي عجيب اُڻ تُڻ ۾ وجهي ڇڏيو آهي. سڄي رات بي آرامي جي باهه ۾ وجهي ڇڏيو اٿس.“
”الائي ته ڪهڙو خواب آهي، جنهن منهنجي محبوب جي من ۾ مانڌاڻ مچائي ڇڏيو آهي.“
مون شرارتي انداز ۾ زين کي چئي ڏنو.
”تون مذاق ٿو سمجهين.“
زين مون کي ڪاوڙ ۾ چئي ڇڏيو.
”ها مان خواب کي حقيقت نه سمجهندو آهيان.“
”ائين ناهي جان.! ڪي ڪي خواب حقيقت سان واسطو رکندڙ آهن.“
زين تڪڙ ۾ چئي ڇڏيو.
مون چيو.
”ڀلا اهو ڪهڙو خواب آهي ڇا مان به ٻڌي سگهان ٿو.؟“
ايتري ۾ زين جو وجود ان اڪيلي بيابان ۾ بيٺل وڻ وانگر لڏي رهيو هيو جيڪو تيز طوفان ۾ پنهنجي بقا جي جنگ لاءِ زمين کي بار بار سجدا ڪندو رهندو آهي.. مون تڪڙ ۾ زين کي هن جي ٻانهن کان وٺي پنهنجي ڀر ۾ ويهاريم. ايتري سردي هوندي به ان جي پيشانيءَ تي پگهر اچي رهيو هو. ته مون زين جي هٿ کي لوڏيندي چيو..
”تنهنجي طبعيت ته ٺـيڪ آهي.“
هوءَ خاموش رهي.
”زين تون خاموش ڇو آهين.؟“
مون اڃا موبائيل فون ڏانهن هٿ وڌايو ۽ کڻي ڊاڪٽر جو نمبر ملائڻ جي ڪوشش ڪئي، ته هن جي بي جان بت مان آواز نڪتو.
جان..! مان خواب ۾ ڏسان ٿي ته هي دنيا سڪون ۾ سمجائجي وئي آهي ۽ ڪٿي به شور شرابو ناهي، روڊ رستا به ويران ٿي ويا آهن. ڄڻ ڪا قيامت گذري وئي هجي. ۽ ڏسان ٿي مسجدون مندر ۽ ٻيون عبادتگاهون به ويران ٿي ويون آهن. ايتري قدر جو ڪعبت الله ۾ به ڪنهن جي عبادت جو آواز نٿو اچي.. ائين ٿو لڳي ڄڻ هر ماڻهو پنهنجي گهر ۾ قيد ٿي ويو آهي.. ڪير ڪنهن سان هٿ ملائڻ لاءِ تيار ڪونهي. هر طرف کان اُڃايل ۽ بکايل انسانن جا آواز اچي رهيا آهن. ۽ ڪير ڪنهن کي گرهه به ڏيڻ وارو ناهي. ۽ هر ماڻهو ڳڀي جي ڳولها ۾ آهي هر ملڪ ۾ هزارين ماڻهو مري رهيا آهن. ۽ انهن کي ڪو ڪفن ڏيڻ وارو ناهي. ڪير انهن جي قبر کوٽڻ وارو ناهي. انسانن جي لاشن کي ائين ٿا اڇلائين جيئن اسان پنهنجي گند کي اڇلائي ايندا آهيون. انسان جو اهڙو موت جنهن کي ڪير به ڪلهو ڏيڻ لاءِ تيار ڪونهي ته هاڻي تون هي ٻڌاءِ مان ان خواب کي ڪهڙي تعبير ڏيان.؟“
زين جو اهڙو خواب مون تي سڪتو طاري ٿي ويو.. ڪجهه گهڙيون ڪمري ۾ بلڪل خاموشي ڇائنجي وئي پر زين ان خاموشي کي ٽوڙيندي آهستي چوڻ لڳي.
جان.! ان وجودن جي وچ ۾ منهنجو وجود به ڪنهن کٽ جي بجاءِ اسپتال جي ڪنهن اسٽيچر تي پيل هيو. ته اسپتال جي عملي منهنجي بناوجود واري جسم کي ڪفن جي بجاءِ ڪلئي چاڙهي مون کي سنڌوءَ جي ڇاتيءَ مان نڪتل آب زم زم جهڙي پويتر پاڻي سان غسل ڏيڻ جي بجاءِ هڪ عجيب قسم جو مون کي اسپري ڪري رهيا هئا ۽ منهنجي ان بي جان بت کي بي درديءَ سان ممتا جي آغوش ۾ اڇلايو پيو وڃي. مان وڏيون رڙيون ٿي ڪيان ته خدارا منهنجو جنازو پڙهو، مان هڪ مسلمان آهيان، مون ڪيترا دفعا الله جي عبادت ڪئي آهي. هر روز مون ڪلمو پڙهيو آهي. پر منهنجي ڪو ٻڌڻ وارو نه هو. مان وڏي آواز ۾ چوان ٿي بيهو مون کي ڪنهن کي ڏسڻو آهي. مون کي پنهنجي بابا کي ڏسڻو آهي. مون کي پنهنجي جيجل کي ڏسڻو آهي، مون کي پنهنجي جان کي ڏسڻو آهي.. پر مون کي ڏسڻ لاءِ ڪو تيار ناهي.
ته پوءِ تون هي ٻڌائجان...! هي سڀ ڇا هي..؟
مون زين کي اهڙي خواب جو ڪو به مطمئن ڪندڙ جواب نه ڏنو ۽ هوءَ ڪمري مان نڪري هلي وئي. پر زين جي وڃڻ کان پوءِ مون کي ماضي جا وري عڪس ياد اچڻ لڳا. هوئن ته زين ۽ منهنجي مڱڻي ڪافي وقت اڳ ٿيل هئي. ڇو جو زين جو والد ۽ منهنجو والد پاڻ ۾ گهرا دوست هئا.. پر زين جو والد هڪ سٺي پوسٽ رکندڙ هيو سو ٻڌايو هيئين.
آئون ڪجهه ڏينهن لاءِ ٻاهرين ملڪ ڪنهن ڪم جي سلسلي ۾ وڃي رهيو آهيان. بس جيئن ئي واپس موٽي ايس ته اوهان ٻنهي جي شادي ڪرائي ڇڏيندس.
اهڙي طرح شاديءَ جون به تياريون هلي رهيون هيون.. ائين ئي وقت تيز رفتاريءَ سان هلندو رهيو... ڪجهه وقت کان پوءِ ويهه 20 مارچ تي زين جي مون ڏي ڪال آئي.. چيائين...
”جان ڪٿي آهين.؟“
”مون چيو... گهر آهيان..“
”سڀاڻي بابا جي فلائيٽ آهي، سو مون کي ڪيئن به ڪري سڀاڻي ڪراچي وڃڻو آهي، ان لاءِ پليز ڪوچ جي هڪ ٽڪيٽ بڪ ڪرائي ڏي.“
مون زين ڏي ڪال ڪري ان کي آگاهه ڪندي پڇيو.
”سڀاڻي رات جو 9 بجي واري ڪوچ ۾ ٽڪيٽ بڪ ڪرائي اٿم.“
تنهن تي زين اوڪي چئي ڪال ڪٽي ڇڏي ۽ تياريون ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون ته مون ڪجهه دير بعد ڪال ڪندي چيو.
زين..! ڪنهن جي شئي جي ضرورت آهي ته مون کي ٻڌائي ڇڏ مان ارينج ٿو ڪري وٺان.
زين مون کي کلندي جواب ڏنو.
”نه جان..! اهڙي ڪا به ڳالهه ناهي بس ٻن ٽين ڏينهن جي ڳالهه آهي آئون بابا کي رسيوو ڪري واپس موٽي ايندس.“
زين جو اهڙو جواب ٻڌي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي.
ائين ئي رات جا 8 بجا هئا. مون زين ڏي ڪال ڪري تيارين بابت پڇيو.
”زين ڇا پوزيشن آهي.؟“
هن کلندي چيو.
”مان بلڪل ريڊي آهيان.“
مون زين جي ڪال ڪٽي.. جيئن مان زين وٽ پهتس ته هن جي تياري مڪمل هئي. ۽ هڪ رڪشا ڪرائي، گاڏيءَ تائين الوداع ڪرڻ ويس.. مون کي ڪا به خبر نه هئي.. ته زين ۽ منهنجي شايد هي آخري الوداع هجي. پر مون کلندي زين کي چيو.
”زين وري به ڪنهن شئي جي ضرورت آهي ته مون کي ٻڌاءِ.“
زين به مسڪرائيندي چيو..
”ها ٿي سگهي مون کي پاڻي جي ضرورت آهي.“
مون هڪد وڃي دڪان تان منل واٽر جي بوتل وٺي زين جي هٿ ٿامي گاڏيءَ اندر سيٽ تي ويهاريو. ته زين مون ڏي نهاري چيو.
”جان! زندگي ۾ ڪڏهن ڪڏهن وڏا وڇوڙا به ٿي ويندا آهن، هڪ دفعو ڀر ۾ ويهه ته مان توکي پنهنجي نگاهن سان ڏسي وٺان.“
زين جي اهڙي ڳالهائڻ تي مون کي هڪ عجيب ڪشش محسوس ٿي. حيرت به ٿي پر مون کلندي چيو.
”چري آهين ڇا، اڃان ته پنهنجي زندگي جو سفر هاڻي ته شروع ٿيڻ وارو آهي پوءِ تون اهڙيون ڳالهيون ڇو پئي ڪرين..“
ائين ئي ڪوچ به اڳتي هلڻ لڳي ته زين مون کان موڪلائي ڪراچي هلي وئي ۽ مان پنهنجي گهر اچي پهتس.. سڄي رات زين جي يادن ۾گذري.... جيئن ئي صبح ٿي مون زين ڏي ڪال ڪئي زين ٻڌايو.
”مان خيريت سان ڪراچي پهتي آهيان.“
زين جي خيريت سان پهچڻ وارن جملن منهنجي هر الجهن کي ختم ڪري ڇڏيو. مان اڃان آرام ڪري اٿيس پئي ته ڪمري جي ديوار تي سامهون لڳل گهڙيال تي نظر پيس. شام جا 4 بجا هئا. مون گهر کان شهر طرف رخ ڪيو ته هڪ عجيب ماحول ۽ پوليس موبائيلن جي وسيلي هڪ آواز ٻڌڻ ۾ اچي رهيو هو.
”سڀاڻي کان وٺي لاڪ ڊائون آهي، ڪير به پنهنجي گهر کان ٻاهر نه نڪري.“
پر منهنجي ذهن ۾ به اهو نه هو ته ڇا ان لاڪ ڊائون جو منهنجي زين جي خواب سان ڪو تعلق آهي يا نه. مان بي خبر ٿي ٿورو شهر کان ٻاهر نڪري جاچ وٺڻ لڳس. ته جنهن ۾ وڏي آواز سان ٻڌڻ ۾ اچي رهيو هو.. سڀاڻي صبح جو هر ڪو پنهنجي گهرن تائين محدود ٿئي. اهڙي طرح مان سڄي رات پريشاني جي ڪيفيت ۾ گذاري. جيئن صبح ٿي مون زين ڏي ڪال ڪندي پڇو.
”زين چاچا اچي ويو آهي.؟“
تنهن تي زين مايوسيءَ ۾ چيو.
” نه جان..! لاڪ ڊائون ٿي ويو آهي.. فلائيٽ وغيره سڀ ڪجهه ٻاهرين ملڪن ۾ بند ٿي ويا آهن، جنهن سبب بابا نه اچي سگهيو آهي.. ته مون هڪدم زين کي چيو.
”زين پوءِ ته تون ڀي پريشان هوندئينءِ.. اڪيلي فيلٽ ۽ تون.“
تنهن تي زين کلندي چيو.
”نه نه اهڙي ڳالهه ناهي.. بس ڏهه ڏينهن جي ڳالهه آهي مان انجواءِ ڪري واپس هلي ايندس.“
اهڙي طرح سان زندگي روان دوان هلي رهي هئي. پر جڏهن زين جي ياد آئي ته مون وري ڪال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته بيلنس ختم ٿي چڪو هو ۽ لاڪ ڊائون ڪري ڪا شاپ به کليل ڪو نه هئي جو بيلنس ڪرائي پنهنجي جان ڏي ڪال ڪري سگهان ويتر منهنجي پريشاني ڏنيون ڏينهن وڌندي پئي وڃي پر جڏهن گهر کان ٻاهر ڏٺم ته هر ماڻهو مون جيئان پريشان لڳو پيو هيو.. هر ڪو گهرن تائين محدود ۽ مسجدن ۾ نماز پڙهڻ لاءِ ڪير نه وڃي رهيو هو.. آئون مايوسيءَ واري حالت ۾ گهر واپس رهيو هئس اوچتو زين جي خواب جو خيال آيو ته ڇا زين جو خواب ان خيال سان ته وابسطه ته نه آهي.. بس سوچيندو سوچيندو اچي گهر پهتس. ڪجهه ڏينهن زين جي يادن ۾ گذرن ئي پيا ته هڪ ڏينهن خيال آندم اڄ 28 مارچ آهي مسلسل چار ڏينهن کان زين سان ڪو رابطو نه ٿيو آهي.. ڇو نه لوڊ ڪرائي زين سان هلو هائي ڪجي. مان جيئن وري گهر کان ٻاهر نڪرندي ڏٺم ته سڄو شهر اڃان به بلڪل بند هيو. اڃان ٿورو اڳتي ويس پر ڪو دڪان کليل نظر ڪونه آيو، واپس اچي گهر پهتس لوڊ نه ملڻڻ سبب پاڻ ۾ پريشاني محسوس ڪيم- سوچيم ”هاڻي هن سان رابطو ڪيئن ڪجي.“ سوچيندو رهيم، سوچيندو رهيم ته اوچتو موبائيل فون جي وڄڻ جو ٻڌم. آئون يڪدم چارجنگ مان ڪڍي ڏٺم. هن جي ڪال هئي دل کي وڏي خوشي ملي هڪ ٿڌو ساهه کنيم، اوڪي ڪري هلو ڪندي ئي هن کان طبيعت پڇيم ته زين مون کي مايوس ڪري ڇڏيو، چيائين:
”جان.! منهنجي طبعيت ٿوري ناساز ٿي پئي آهي آهستي آهستي تيز بخار ٿي رهيو آهي. سو آغا خان مان ڪجهه ٽيسٽون ڪرايون اٿم جيڪي سڀاڻي رپورٽون کڻڻ ويندس جان...! دعا ڪجان..
زين اهي جملا چئي هڪدم خاموش ٿي وئي.
مون هن کي آٿت ڏيندي چيو.
”رب پاڪ رحم ڪندو تون پريشان نٿي الله خير ڪندو چري.!“
بس تنهن کان پوءِ زين جي ڪال ڪٽجي وئي مون وري سوچيو شايد بيلنس ختم ٿي ويو هوندس. تنهن ڪري ڪال ڪٽجي وئي آهي. ڪجهه دل ۾ گهٻراهٽ پئي ٿي پر مون ان کي به اگنور ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجن ڪمن سان لڳي ويم. جنهن ۾ مون کي ٻه کان ٽي ڏينهن لڳي ويا تنهن ڪري هن سان ڪو رابطو نٿي سگهيو.. اڃان دل ۾ اهو خيال ئي آندم پئي ته هڪ اوپري نمبر تان ڪال آئي مون نمبر ڏسي سوچيو هي ڪنهن جو نمبر ٿي سگهي ٿو مون وري دل ۾ خيال آندم. شايد هن وٽ بيلنس نه هجڻ ڪري پنهنجي نمبر تان نه بلڪي هڪ اوپري نمبر تان ڪال ڪئي اٿس. مون اٽينڊ ڪري هلو ڪيم.
جواب ۾ آواز آيو. اوهان يوسف پيا ڳالهايو؟
مون چيو ها. پر اوهان ڪير؟
چيائين.
”مان آغا خان هاسپيٽل مان ڊاڪٽر مجيب ٿو ڳالهايان سو اسان وٽ زين نالي هڪ ليڊي پيشنڊ جي ڪورونا سبب فوتگي ٿي وئي آهي. پر افسوس اوهان کي ڊيٿ بوڊي نٿا ڏئي سگهون.“
ڊاڪٽر جا اُهي جملا منهنجي ڪنن ۾ هڪ اٽم بم کان به وڌيڪ پئي ٿي لڳا زمين پيرن مان نڪري وئي هڪدم بي هوش ٿي زمين تي اچي ويم. ڪا خبر ئي نه جڏهن هوش سنڀاليم حوصلو ساٿ نه پيو ڏئي بس بند ڪمرو ۽ مان صرف هن جون يادون منهنجي هر روز ارد گرد گهمي رهيون هيون سڄو سڄو ڏينهن بند ڪمرو ڏسي منهنجي ڀيڻ چوڻ لڳي.
”ادا حوصلو ڌار منزلون ڪڏهن ڪنهن جي گهر وڃي حاضري ناهن ڏينديون رستن تي هلڻ سان ئي رستو نڪرندو آهي اگر انسان ڪنهن صحيح رستي تي گامزن آهي ته منزل جي حاصلات لاءِ ڪنهن جلد بازيءَ جي ڪا به ضرورت ناهي وڏيون ڪاميابيون وڏي دير کان بعد اينديون آهن ۽ همٿ هارڻ واري کي ڪڏهن به ڪاميابيون ناهن ملنديون.“
”ادي.! حوصلو نه هاريان ته ڇا ڪيان ڇا؟ زين منهنجي زندگيءَ جو حصو نه هئي جو خدا مون کي ايڏي وڏي سزا ڏني آهي.“
”مان مڃان ٿي زين تنهنجي زندگيءَ جو هڪ حصو هئي ان ۾ ڪو به شڪ ناهي زين ئي ته تنهنجي اکين ۾ ڪاميابين جا خواب سمايا هيا. ڇا تون نٿو چاهين ته زين جي انساني همدردي واري خوابن کي پوري ڪرڻ لاءِ همٿ ۽ حوصلي جو دامن ڇڏي ڏجي. “
”نه ادا..! توکي دنيا سان هر حالت ۾ جنگ ڪري زين جي خوابن کي پورو ڪرڻو آهي.“
”نه ..ادي! اهو هاڻي ممڪن ناهي ڇو جو زين مون کان جدا ٿي وئي آهي ۽ مون ۾ اهو حوصلو به ناهي رهيو. بس مون کي تنها ڇڏي ڏي.“
”آئون هرگز اوهان کي ائين ڏسي نٿي سگهان ڀلا ڪنهن جي نه هجڻ سان محبت ختم ته نه ٿيندي آهي.“
”محبت ته هڪ دل جي دڙڪن سان گڏ هوندي آهي.. پوءِ تون ڇو زين جا عڪس ۽ نقش پنهنجي دل جي دڙڪن کان پري ٿو ڪرين... ڇا توکي اهو محسوس نٿو ٿئي ته زين هن ڪمري ۾ موجود آهي.
”ڇا توکي ائين ڪڏهن محسوس نه ٿيندو هجي جو آواز تنهنجي روح کي چوندو هجي مان صرف تنهنجي آهيان. هي وڇوڙو ته ڪجهه سالن جو آهي صدين جو نه هڪ ڏينهن ته توکي وري به سنڌوءَ جي سيني ۾ سمايل ان وجود سان وري وڃي ملڻو آهي. جيڪي تنهنجي اچڻ جي انتظار ۾ آهي.
ڀيڻ جا اُهي جملا منهنجي ذهن جي پڙدن ۾ پڙلاءَ وجهي ڇڏيا. ۽ منهنجي من ۾ اهو ئي آواز اٿڻ لڳو. سوچڻ لڳس ته زين جو خواب حقيقت بڻجي منهنجي دنيا برباد ڪري ڇڏيائين پر هاڻي منهنجي ڀيڻ منهنجي دنيا ٻيهر آباد ڪرڻ جا خواب ڏسي رهي آهي مون کي سندس خواب ضرور پورو ڪرڻ کپي.
مون پاڻ ۾ هڪ نئون حوصلو محسوس ڪيو.
**

گٽر جو ڍڪڻ

برسات جي ڪري شهر جي بجلي بند ٿي وئي هئي پاڻي روڊن تي جمع ٿي ويو هيو. شهر هر طرف کان سڄو مڪمل اونداهي ۾ ٻڏي ويو... ته هڪ گهر مان کير پياڪ ٻار کي کڻي هڪ پوڙهي عورت نڪتي.
بجلي ويندي ئي اڪثر گهرن توڙي دڪانن جون سولر لائٽون ٻريون پئي. پر اهڙي روشني ٻئي ڪنهن روڊ سان نه هئي. شهر اهڙي قسم جو ڏيک ڏئي رهيو هيو. جٿي اول کان ئي هڪ جهڙي روڊن ۽ گهٽين ۾ اونداهي هئي.
پر پوڙهيءَ عورت جو گهر به اڌ صدي کان انهي شهر جي مک روڊ سان هيو. جتان اگر شهر جو ڪو روڊ رستو بند ٿي وڃي.. ته شهر جي سموري سواري وغيره جو به گذر اُتان ٿيندو هيو. جنهن محلي ۾ اصل کان ئي ڊرينيج سسٽم خراب هجڻ ڪري شهر جي گٽرن جو ڇوڙ به ان روڊ جي گٽرن نالن ۾ هو اگر ڪي گٽر بند ٿي وڃن ته سڄي شهر جو گند ڪچرو به وهي پيو اچي. تنهن ڪري ان محلي ۾ بيماري ۽ تنگ زندگي ڄڻ ته معمول بڻيل هئي. پر ڪجهه ڏينهن کان برسات جو پاڻي بيهي وڃڻ ڪري سائو ۽ سينواريل ٿي ويو هو. پوڙهي عورت ٻار کي کڻي گهر کان ٿورو اڳ ڀرو ٿي ته بدبودار پاڻيءَ هن جو ساهه سڪائي ڇڏيو. هيڏي هوڏي نهاري ڏٺو ڪو چنگچيءَ وارو به نظر ڪو نه آيس.. مجبورن اونداهيءَ ۾ ٿيڙا کائيندي ٻئي روڊ تائين پهتي ته ڪجهه ڀنگي گٽر جي مٿئون بيٺا هئا هٿ ۾ وڏي ٽارچ لائيٽ هئين پاڻي گهڻي هجڻ ڪري صفائي جو ڪم شروع ڪو نه ڪيو هئن پر پوڙهي عورت کي هڪ ڀنگي ڏسي چوڻ لڳو.
”امان..! هن وقت اونداهيءَ ۾ ٻار کنيون ڪيڏانهن پئي وڃي؟ واپس موٽي وڃ ڏسين نٿي روڊ پاڻيءَ سان ڀريا پيا آهن ڪٿ ڪري نه پوين.“
”ابا.! صحت ته نٿا ڏئي سگهو گهٽ ۾ گهٽ وائي ته چڱي ڪڍ.“
پوڙهيءَ ڪاوڙ مان چيس.
”امان صحت ڪو اسان جي هٿ ۾ آهي جو اوهان کي ڏيون.“
”جي توهان جو ادارو هن شهر تي صحيح خرچ ڪري ته نه گندگي ٿيندي ۽ نه ئي وري ڪنهن کي بيماري لڳندي. سو بڀ ڀرڻ ڇڏي ڏيو انسان ذات جو سوچيو.
پوڙهي عورت جوش ۾ اچي چيس...
”امان بڀ ڀرڻ ته آفيسرن جو ڪم آهي اسان ته اوهان جيئان ٻه ڏينهن صحتمند هوندا آهيون ته مهيني جا اٺاويهه ڏينهن بيمار.“
”هائو ابا چوين سچ ٿو توهان ڏي ڪهڙو ڏوهه آهي.“
پوڙهي عورت اهو چئي هتان هلي وئي.
ڪافي دير بعد واپس اچي رهي هئي ٿورو تجسس مان سوچڻ لڳي.
مون کي ته ٻار هو ڏيکارڻو ڊاڪٽر کي تنهن ڪري آئون گهر کان نڪتس پئي پر هي هن وقت تائين هت ڇا ٿا ڪن.
پوڙهي عورت گپ جي ڪري هوريان هوريان هلندي انهن ڀنگين جي ويجهو پهتي ته هن ٻڌو ته هڪ ڀنگي ٻي کي چئي رهيو هيو....
”جلدي ڪر... ڪو اچي نه وڃي.“
”بس ڍڪڻ کڻي هلون ٿا.. گهر هلي ڀڃنداسين.. لوهي سيخون ڪڍي سڀاڻي ڪٻاڙيءَ وٽ کپائينداسين.!“
ڀنگي جلدي جلدي هٿ هلائڻ لڳا.
پوڙهي عورت دل ۾ سوچيو.
”مار پوين.. هي محلي وارن جي لاءِ نه پر پنهنجي ڀلائي لاءِ رات جو محنت ڪري رهيا آهن.!!
**

ٻوڏ ۾ لڙهي ويل حقيقتون

زمين جي ڪنهن حصي تي جڏهن به ڪا آفت ايندي آهي ته اتي ڪئمپ لڳي ويندا آهن ۽ انهن ڪئمپن ۾ رهندڙ، مصيبتن جي ماريل انسانن جي اڳ واري حيثيت ۽ سڃاڻپ ختم ٿي ويندي آهي.
اڳ ۾ پاڻ کي ڀوتار، زميندار، استاد، يا دڪاندار توڙي هاري ۽ ٻين ڌنڌن سان لاڳاپيل ماڻهن سڀن کي آفت سٽيل سڏيو ويندو آهي.
ڪئپمن ۾ اچڻ کان پوءِ ڏک درد، حادثا انسانن جي جان ڪو نه ڇڏيندا آهن ۽ انهن سان ٿيل واقعا يا حادثا اڪثر ٻوڏ جي پاڻي ۾ لُڙهي ويندا آهن يا زلزلن مان ڪرندڙ جڳهين ۾ دفن ٿي ويندا آهن.
ٻوڏ آيل هن علائقي ۾ لڳندڙ ڪئمپن ۾ به ڪيئي ڪهاڻيون ساهه کڻي رهيون هيون، انهي ڪئمپ ۾ رهندڙ مال وند پريل کي به هر ڪو بس هڪ ٻوڏ متاثر ئي سمجهندو هيو. نه هن ئي ڪڏهن ڪنهن کي ٻڌايو ته هتي آمد کان اڳ هو خوش وقت گذاريندڙ هو.
پنهنجي مال جو کير پيئندو هيو ۽ ٻين کي به وڪڻي روزي ڪمائيندو هيو، پر اوچتي آيل ٻوڏ ۾ ڪجهه بچي ويل مينهون ڪاهي هن ڪئمپ ڏانهن اچي رهيو هيو ته کيس پنهنجو ۽ گهروارن جو سِرَ بچائڻ ئي ڏکيو لڳي رهيو هيو تڏهن هن مال کپايو ته کيس مليل رقم ڏسي هن سميت گهرڀاتين جي اکين مان اُهو سمورو کير پاڻي ٿي وهڻ لڳو.
”ايتري گهٽ رقم؟“
هنن سڀنن جي ذهن ۾ اهو ئي سوال هو پر کين جواب ڪير ڏئي؟
جواب به ڄڻ ٻوڏ جي پاڻي ۾ لڙهي ويو.
انهيءَ ڪئمپ جي هڪ خيمي ۾ رهندڙ ظهور جي ڪٿا به گهٽ درد ڀري نه هئي.
ظهور ۽ سندس گهرواريءَ به ڌيءَ جي ڏاجي لاءِ ٿورو ٿورو ڪري سون گڏ ڪيو هو.
اوچتو آيل ڪهي مصيبت ۾ ڪٿان به ڪا مالي سهائتا نه ملڻ تي رکيل سون کپايائين ته هن جي ڪيفيت به ساڳي ٿي.
هن کي به ائين لڳو ڄڻ هن سون نه پر ڀُڳڻا کپايا هيا.
هن سون ورتو هيو ته ڪنڌ فخر مان اوچو ٿيو هيس پر جڏهن کپايائين ۽ جيڪا رقم مليس ته سرمنده شرمنده ٿي ويو.
۽ ان ڪئمپ ۾ رهندڙن جي بدقمستي صرف ڪئمپ ۾ رهڻ دوران نه رهي پر اتان ڏکيو سکيو وقت گذاري ايندڙ صائمه ۽ سندس پوڙهي ماءُ کي واپس ڳوٺ موٽي اچڻ تائين به بدقسمتي سندن پيڇو ڪيو صائمه پنهنجي ضعيف ماءُ سان گڏ جنهن وقت ڪئمپ ۾ رهندي هئي ان وقت سندس ڀر واري خيمي ۾ رهندڙ وحيد سندس حُسن ۽ جواني جو ديوانو ٿي پيو هيو هو وقت به وقت ڪنهن نه ڪنهن ڪم ۽ ڳالهه جي بهاني هن سان ملندو هيو.
هڪ ڏينهن صائمه کيس پنهنجي لاءِ کنگهه ۽ بُخار لاءِ دوا آڻڻ لاءِ چيو، ڇو ته وحيد اڳ ۾ به هڪ ٻه ڀيرا سندس ڪراڙي ماءَ لاءِ دوا وٺي آيو هيو.
ان رات وحيد جي آندل دوا پيئڻ کان پوءِ صائمه سوير گهري ننڍ پئجي وئي ۽ وحيد پنهنجي مرضي مطابق کيس عزت کان محروم ڪري ڇڏيو.
حيرت، خوف ۽ بي وسيءَ جي ڪري ان وقت ته هوءَ ڪجهه به نه ڪري سگهي پر جڏهن ڳوٺ موٽي آئي ته هڪ ڏينهن ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏيائين، ماڻهن ته سمجهيو ٻوڏ جون مصيبتون نه سهي سگهي ۽ دل شڪسته ٿي خودڪشي ڪري ڇڏيائين پر هن جي حقيقت به ڄڻ ان ٻوڏ جي پاڻي ۾ لڙهي وئي.
**

هڪ منرل واٽر جي بوتل

هو هڪ ڏينهن ڳوٺ مان شهر اچي ايم پي اي صاحب سان ملڻ لاءِ پهتو پر بنگلي جي دروازي تي بيٺل هڪ پهريدار هن کي اندر وڃڻ کان رُوڪي ورتو هن ڪاوڙ مان پهريدار ڏانهن نهاري چيو.
”ايم پي اي صاحب ڳوٺ اچي مون سان واعدو ڪيو هو ته اسان جي ڳوٺ جي ماڻهن جا ۽ ٻيا به ڪم ڪندو.“
پهريدار وراڻيو:
”ايم پي اي صاحب اُهو واعدو ايم پي اي ٿيڻ کان پهريان ڪيو هو.“
هن حيرت مان پڇيو:
”ڇا ايم پي اي صاحب پنهنجو واعدو پورو نه ڪندو؟“
”اُها پاڻ کي به ڄاڻ ڪونهي.“
پهريدار وراڻيو:
”مان صرف هڪ پهريدار آهيان.“
هن يقين ڀري لهجي سان چيو...
”اُهو ممڪن ئي ناهي جو بنگلي جي اندرين معاملن جي توکي ڪا خبر نه هجي. ته پوءِ تون مون کي اندر وڃڻ ڇو ٿو روڪين.“
”اُهو ان ڪري جو مان هڪ پهريدار آهيان.“
هن هڪ ڀيرو پوري يقين سان چيو...
”پر مان ايم پي اي صاحب سان اوهان جي شڪايت ڪندس.“
پهريدار بنا ڪنهن گهٻراهٽ جي وراڻيو...
”مون کي ڪو فرق نٿو پوي ڇو جو صاحب مون کي پاڻ ئي جهليو آهي مان سندس حڪم تي عمل ڪيان پيو..“
هن انتهائي افسوس مان بنگلي ڏانهن ڏسي پهريدار کان پڇيو..
”ته ڇا مان واپس هليو وڃان..؟“
پهريدار وراڻيو..
”اُها اوهان جي مرضي آهي باقي ميٽنگ ختم ٿيندي تڏهن ئي ڇڏي سگهبو.“
”جي انتظار ڪرڻ چاهين ته هتي ئي بيهي رهه.“
هن جي اندر کي ايم پي اي صاحب سان ملڻ جي ٿوري پڪ ملي ۽ هو پهريدار جي ڀرسان پيل ڪرسيءَ تي ويهي رهيو هن کي ايم پي اي صاحب جي ڪيل واعدي تي اُهو يقين هو ته ايم پي اي صاحب ايم پي اي ٿيڻ کان اڳ ڳوٺ وارن سان مٺي پاڻيءَ جو جيڪو واعدو ڪيو هو.
پهريدار هن کي ائين انتظار ڪندي ڏسي پڇيو..
”تون صاحب سان آخر ملڻ ڇو ٿو چاهين.؟“
هن وراڻيو...
”ايم پي اي صاحب واعدو ڪيو هو ته مان اوهان جي ڳوٺ ۾ مٺي پاڻيءَ جو بندوبست ڪندس ۽ ٻيا ڪم به پر ڳوٺ ۾ ته هاڻي ڪافي ڏينهن کان پاڻيءَ جي هڪ ڍُڪ ڪان سڪيا آهيون اصل مال متو به ڳچ اُڃ تي مري چڪو آهي.“
هو بنگلي جي ٻاهران انتظار ڪندو رهيو آخر اونداهه ٿيڻ لڳو. پر بنگلي ۾ هلندڙ ميٽنگ ختم ڪا نه ٿي هن پهريدار کان پڇيو...
”ڀلا ميٽنگ ڪڏهن ختم ٿيندي.“
پهريدار وراڻيو...
”اُها پاڻ کي خبر ناهي.“
هن پريشانيءَ واري انداز ۾ چيو..
”مان پنهنجي گهر ۾ زال ۽ ٻچن ٻارن کي اڪيلو ڇڏي آيو آهيان جنهن ۾ ٽن ڄڻن کي اول ئي گسٽرو آهي.“
پهريدار ٻڌي ڪو به سندس جواب نه ڏنو..
لڳي ائين پيو پهريدار کي هن جي ڳالهين سان ڪو به سروڪار نه هو.
هو ڪرسيءَ تان اُٿي پنهنجي ڏاڍي فڪرمنديءَ جو اظهار ڪيو...
”مون کي ڏاڍي دير ٿي رهي آهي ۽ بيمار ٻارڙن جي دوا به وٺي وڃڻي آهي.“
پهريدار وري رُعبدار لهجي ۾ وراڻيس...
”خاموشيءَ سان ويهي انتظار ڪر نه هتان هليو وڃ باقي جڏهن ميٽنگ ختم ٿيندي تڏهن تون صاحب سان ملي سگهندين.“
هن اولهه طرف منهن ڪري ڏٺو ته سج مڪمل الوداع ڪري چڪو هيو آخر ڪجهه دير بعد بنگلي کي ڏسي ملڻ بنا هليو ويو.
ڪجهه ڏينهن گذرڻ بعد وري هن بنگلي جو رُخ ڪيو هن ڏٺو پهريدار جي نظر ٻئي هنڌ آهي هن اندر وڃڻ جي ڪوشش ڪئي پر هڪ پهريدار ڏسي ورتس ٻانهن کان وٺي موٽايس اچي ٻاهر بيٺل پهريدار کي رُعب ڄمايائين...
”تون انڌو آهين ڇا؟ صاحب جي حڪم کان بغير ڪيئن ٿو ڇڏين...“
پهريدار جي چهري تي غصي جي علامت طاري ٿي وئي هن کي ڏسي چوڻ لڳس..

”هاڻي جيڪر اندر وڃڻ جي ڪوشش ڪئي ته مون کان وڌيڪ برو ڪو به نه هوندو ان ڪري ٻيهر اهڙي غلطي نه ڪجانءِ“
هن... هن کي ڏسي نماڻين نظرن سان هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو ۽ چُپ ڪري وري انتظار ڪندو رهيو ڪندو رهيو پر صاحب سان ملڻ جو ڪو موقعو ئي نه مليس. هن وري ڳوٺ جو رُخ ڪيو ائين ڪندي هن کي ايندي ويندي گهڻا ڏينهن لڳي ويا. صرف ٻڌڻ ۾ اُهو مليس ايم پي اي صاحب ميٽنگ ۾ آهي. هو اُهو ٻڌي هتان هليو پيو وڃي هن کي ايم پي اي صاحب جي واعدي تي اڃان به يقين هو. هو هر روز جيئان ايندو رهيو ايندو رهيو پر هڪ ڏينهن پهريدار هن کي ڪمزور حالت ۾ ڏسي چيو.
”هي وٺ منرل واٽر جي بوتل ڪلاهه مون صاحب کي تنهنجو ٻڌايو هيم ته تون ڪيترن ئي ڏينهن کان اچين پيو سو صاحب کان تنهنجي تڪليف برداشت نه ٿي هڪ منرل واٽر جي بوتل ڏيندي چيائين ڳوٺ وارن سان مون جيڪو واعدو ڪيو هو اُهو پيئڻ جي مٺي پاڻيءَ جو هو.
**

ڪروڌ

اصل ۾ هو ٻوگهلو نه هيو.. ان جو نالو منظور هو. گهرواريءَ جي ڪمن هن جا ٻار هان وڄائي ڇڏيا هئا پريشانيءَ ۾ ويچارو سڄو ڏينهن وائڙو لڳندو هيو ان جو سبب.. ان جي گهرواري هئي.. جيڪا تمام گهڻي لالچڻ عورت هئي هو هر وقت چاهيندي هئي. منهنجو گهروارو گهڻي کان گهڻي ڪمائي ڪري گهر آڻي ته مان سڀ کان سهڻا ڪپڙا وٺڻ ريشم ڳلي شاهي بازار وڃان. ويچارو ٻوگهلو سڄو ڏينهن ريڙهيءَ تي سبزي کپائي سڄي ڏينهن جي ڪمائي آڻي پنهنجي گهر واري جي اڳيان رکندو هو. گهر واريءَ جي من ۾خواهشن جا آخيرا اڏيل هيا جن کي ٻوگهلو ماڻهو پورا ڪري نه پئي سگهيو. مائيءَ جو حرص ته ايترو هيو جو چوندي هئي ته ريشم ڳلي جي سڀني دڪانن جا ڪپڙا ويڙهي پنهنجي الماڙي ۾ رکان.. ايترو نه جو پنهنجي شهر ۾ زيورن جا دڪان به ٿورا آهن اصل حيدرآباد جي سراپا جا سون به منهنجي در تي ٽنگيل هجن.. ڌن دولت جو ايڏو ته حرص هيس جو ڪارون جو خزانو به ڪجهه ناهي. سوچڻ جي ڳالهه آهي هي مسڪين ماڻهو.. هن جي مغروريت کي ڪيئن منهن ڏئي. هن وٽ ڪو الادين جو چراغ ته ڪو نه آهي جو مائي جون سڀ خواهشون پوريون ڪري. ويچارو جڏهن به ڪنڌ جهڪائي در ٽپندو هو ته مائي جو مڙئي ٻوٿ سڳل هر روز جيئان. بس پوءِ الله ڏي ۽ بندو پيو سهي، مائيءَ الاهي ڪٿان جا الاپ پئي اڇليندي هئي. ويچارو الاهي ڪنهن وقت آرام به ڪندو هو الائي نه. گهرواريءَ جون فرمائشون ٻڌي هن جي ڪنن جا پردا به فاٽي پيا هئا هاڻ ته ويچارو ٻڌڻ ۾ به ڪجهه ٻوگهلو ٿي پيو هيو ايتري قدر جو هڪ دفعي پنهنجي پاڻ کي چيائين.
”اهڙو ڪو هنڌ آهي جتي عورت جو آواز نه هجي.“
هڪ ڏينهن هن جي گهر واري اصلي سڀ حدون اورانگهي زوردار هڪ ڌمڪي ڏنيدي چيائين.
”جيڪڏهن مون کي پنج هزارن واريون ڊرسيون نه وٺي ڏنئي ته مان خودڪشي ڪري ڇڏيندس.
ٻوگهلي جو مٿو ئي فري ويو سوچڻ لڳو. مائي جائي پجائي ۾ ائين ڪري نه وجهي سوچيائين گهر ۾ به اهڙي ڪا شئي ناهي جو کپائي گهرواريءَ جي اڳيان پنهنجو ڪنڌ مٿي ڪري سگهان.. وري خيال آيس هائو ٻيلي ابن ڏاڏن کان وراثت ۾ مليل اٺ سئو فٽن واري جاءِ کپائي مائي کي ويس وڳا وٺي ڏيان. اڃان سوچ جو اهو سلسلو جاري هيس هڪدم مٿي کي ڦير اچي ويس هڪو ٻڪو ٿي پنهنجو پاڻ کي چوڻ لڳو جي جاءِ کپائي ته ٻيلي پوءِ سياري جي سيءَ ۾ ڪاٿي رهنداسين هو اهو ارادو به ڪينسل ڪري ڇڏيو. ٻوگهلي هر روز جيئان صبح سوير پٽاٽن سان ڀريل ريڙهي ٻاهر ڪڍي پنهنجي پر ۾ وڏا هوڪلا ڏئي رهيو هو پٽاٽا ٻارهان روپيا ڪلو پٽاٽا ٻارهان روپيه ڪلو اصل ۾ هن کان آواز نڪري نه رهيو هو. مائيءَ واري ڌمڪي هن جو ساهه سڪائي ڇڏيو هئس. ويچارو پريشانيءَ جي حالت ۾ ايندي ايندي منجهند جا ٻارهان ٿي ويس، جيئن اڏي تي پهتو ٽائيم هوڪا ڏيندو نهاريندو رهيو پر هڪ به گراهڪ ڪجهه وٺڻ ڪونه آيس، آخر سج لهڻ تي آيو. هن دل ۾ سوچيو اڄ ڪجهه وڪيو ناهي سڀاڻي منڍي ڪيئن ويندس بس ويچارو سوچيندو رهيو هڪ جهور وڏي عمر واري عورت ريڙهي ڀريل ڏسي ڀر ۾ اچي پڇا ڪيس:
”ابا مون کي پٽاٽن جي ٻوري کپي گهڻي جي آهي.“؟
”امڙ.! پٽاٽن جي ٻوري کپي يا هڪ ڪلو“
”ابا .. مان توکان پٽاٽن جي ٻوري جو ٿي اگهه پڇان گهڻي جي آهي.
مون کي جلدي ڏي ڪٿ منهنجي لاري (بس) نه نڪري وڃي.
ٻوگهلو عورت جي عمر کي ڏسندي گهٻراهٽ واري انداز ۾ چيائين.
”ٻوريءَ ٻارهان سئو رپين جي آهي امڙ کڻندئين ڇاتي؟“
ڪراڙيءَ وري روعبدار آواز ۾ پندرنهن سئو ڏيندي چوڻ لڳس...
هي وٺ پيسا باقي ٻوري کڻڻ منهنجو ڪم آهي.
ٻوگهلي جا وائيسر ئي وائڙا ٿي ويا. جڏهن ڪراڙيءَ عورت لاءِ پراڊو گاڏي اچي پهتي. ٻوگهلي تڪڙ ۾ ٽي سئو رپيا ڪڍي واپس ڏيڻ جو ڪيائين ڪراڙيءَ چيس.
”ابا..! تون اهي پاڻ وٽ رک اهو چئي جهور عورت گاڏيءَ تي ٻوري کڻائي هلي وئي.
ٽي سئو رپيا اضافي ملڻ تي ڏاڍو خوش ٿيو بس تڪڙ تڪڙ ۾ اچي گهر پهتو. گهرواريءَ ڀر ۾ اچي چوڻ لڳس.
”اڄ تون ڏاڍو خوش ٿو لڳين ڇا منهنجي لاءِ نوان وڳا آندا اٿئي ڇا.“؟ گهر واري وڏي ناز منجهان چيس.
”وڳا ته ڪو نه آندا اٿم ائين سمجهه هاڻ توکي نوان جوڙا جلد پارائيندس.. تون هاڻي گهر ۾ خدا کي مڃ ڪروڌ گهٽ ڪندي ڪر. اڳئي ڏسين ٿي حال پورا آهن باقي تون فڪر نه ڪر الله مالڪ آهي.“
اها رات ٻوگهلي خوشيءَ سان گذاري جيئن ئي فجر وقت سبزي منڊي پهتو ڪجهه سبزيون خريد ڪري دلال کي جيئن پيسا ڪڍي ڏنائين دلال چيس.
”منظور..! توکي اسان ئي صبح سان مليا آهيون جو پنج سئو جو نوٽ نقلي ٿو هڻين؟
دلال جو نقلي نوٽ چوڻ غريب ٻوگهلي جي پيرن مان زمين نڪرڻ.نوٽ هٿ ۾ جهلي ڏسندو رهيو.
”ڇا ٿو سوچين سامان رک، ۽ هتان هل.“ دلال دهمان ڪندي چيس.
پريشاني جي عالم ۾ ٻوگهلو بغير سامان جي اچي گهر پهتو گهرواري هن کي پريشان ڏسي پڇا ڪيس.
ڇو سوير موٽي آيو آهين.؟
چوڻ لڳو.
”تنهنجي ڪروڌ ۽ پٽڪو مون کي ايترو پريشان ٿو ڪري ڇڏي جو اصلي ۽ نقلي نوٽ جي خبر ڪا نه ٿي پوي. هي وٺ تنهنجي پٽڪي جو ميل مون کي انجام.. تو نوان وڳا پهريا، هاڻي بک تي ڏينهن گذار خبر پوي.“
**