شاعري

ننڊ وليون

شيخ اياز اسان جي دور جو تمام وڏو شاعر آھي. ھي ڪتاب سندس شاعريءَ جي صنف ”ڏيڍ سِٽن“ تي مشتمل آھي. مھاڳ ۾ شيخ اياز لکي ٿو ” هي ڏيڍ سٽا فارسيءَ جي مستزاد ۽ پنجاپي گيت ماهيا جو ميل جول آهن ۽ سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ نئين صنف آهن، جي آسانيءَ سان ڳائي سگهجن ٿا. انھن ۾ ڪجهه مفعول مفاعيلن، ڪجهه فاعلن مفاعيلن، ڪجهه مفعول فاعلاتن جي وزن تي آهن ۽ ٿورا ماترائن جي حساب سان لکيا ويا آهن.  آخر ۾ مان رڳو اهو لکندس تہ شاعري منھنجي سڀ کان پياري محبوبا رهي آهي ۽ اُن سان مون توڙ تائين نڀايو آهي، “

  • 4.5/5.0
  • 14
  • 2
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book ننڊ وليون

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر شيخ اياز جي شاعريءَ جو مجموعو ”ننڊ وليون“ اوھان اڳيان آڻجي ٿو.
شيخ اياز اسان جي دور جو تمام وڏو شاعر آھي. ھي ڪتاب سندس شاعريءَ جي صنف ”ڏيڍ سِٽن“ تي مشتمل آھي. مھاڳ ۾ شيخ اياز لکي ٿو ”هي ڏيڍ سٽا فارسيءَ جي مستزاد ۽ پنجاپي گيت ماهيا جو ميل جول آهن ۽ سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ نئين صنف آهن، جي آسانيءَ سان ڳائي سگهجن ٿا. انھن ۾ ڪجهه مفعول مفاعيلن، ڪجهه فاعلن مفاعيلن، ڪجهه مفعول فاعلاتن جي وزن تي آهن ۽ ٿورا ماترائن جي حساب سان لکيا ويا آهن.  آخر ۾ مان رڳو اهو لکندس تہ شاعري منھنجي سڀ کان پياري محبوبا رهي آهي ۽ اُن سان مون توڙ تائين نڀايو آهي، “
ھي ڪتاب 1992ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو. ڪتاب جي اسڪين ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان اوهان سان شيئر ڪجي ٿي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

انتساب

اي موھن جي دڙي جي ڌرتي !
جي مان ٻيھر ڄمندس تہ وري تنھنجي واريءَ ڏانھن موٽي ايندس،
مون کي ٻي ڌرتيءَ تي ننڊ نہ ايندي.

مهاڳ

مان ۽ رباني جڏهن شڪوهيءَ ۽ شيلا وٽ رات جي مانيءَ تي ايراني ڪلچرل سينٽر ۾ هوندا هئاسين ته پنهنجيءَ ڪيفيت ۾، اڌ رات جو گڏجي امير خسروءَ جو هيٺيون شعر گنگنائيندا هُياسين:-

همہ آهوانِ صحرا سَرِ خود نهاد برکف
به اُميد – آن که روزي بشکار خواهي آمد

(ترجمو:رڻ جا سَڀ هَرڻ پنهنجا سِرَ تريءَ تي رکي آيا، انهيءَ اُميد تي ته تون ڪڏهن نه ڪڏهن شڪار ڪرڻ ايندين)

مون تي جڏهن شاعريءَ جي ڪيفيت طَاري ٿيندي آهي (اڳي مهينو کن ٿيندي هُئي ۽ هاڻي سال کان وڌيڪ وقت ٿي ويو آهي ته اوڙڪون ڪري وسي رهي آهي). تڏهن ڪائنات جو هر ذرو سِرُ تِريءَ تي کنيو بيٺو هوندو آهي ته مان تنهنجي شڪار لاءِ آهيان. ڇا چنڊ، ڇا ستارا، ڇا ڪَتيون، ڇا هي اکٽ سنسار، ڇا اُن جا وَن واس وارا ڦول، وليون ۽ هرڻيءَ جي اکين واريون ۽ گهنگهور گهٽائن جهڙيون من – موهڻيون ناريون، سڀئي پنهنجو پاڻ آڇي چوندا آهن ته اسان کي منظوم ڪر، اسان جي حُسن کي پايندگي عطا ڪر، زندگيءَ ۾ موت کي مسترد ڪري، اسان کي ان ازل ابد سان همڪنار ڪري ڇڏ جو تُنهنجيءَ شاعريءَ ۾ ڇوليون هڻي رهيون آهي؛ تون جو موت کان مٿانهون آهين، اسان کي اُن امرتا مان چُڪي ڏي جا، اسان جي سونهن کي ڄم موت جي چڪر مان آزاد ڪري ڇڏي.
ان تي سوچيندي مون کي آندري بريتون جو هيٺيون سُوريئلي شعر ياد ايندو آهي.

* ڪَويءَ جو ٻک
پيارَ جي ٻَک وانگر
جيستائين ٻکيو رهندو آهي،
تيستائين هن سنسار جو دُکَ ۾
واپس وَرڻ نه ڏيندو آهي.

ماضيءَ، حال، مستقبل جي ڌارا روڪجي ويندي آهي ۽ منڇر جي ڇَر ٿي ويندي آهي، جنهن تي مانگهه جا تارا، مڇين وانگر نه رڳو پاڻيءَ ۾ ٽُٻڪندا آهن پر اُنهن آڙين جي اکين ۾ به ٽمڪندا آهن، جيڪي ڪنهن وقت سَرِن ۾ ڪائي سَر سراهٽ ٻُڌي جاڳي پونديون آهن ۽ ڇَر تي مَست هوا مون کي پنهنجي آغوش ۾ وٺي چوندي آهي، ’هر ڪو ئي توتي اَڪن ڇَڪن آهي. اُنهن کي پنهنجي اَمرتا ڏي، اَمرتا جا تُنهنجي ٻولي اُن لفظ سان وراهي ٿي، جنهن ”ڪُن“ چئي هئي ۽ جو ڪجهه به ڪو نه هو، اهو وجود ۾ آيو هو، نيستي هستيءَ ۾ ڦلي ڦولي هئي؛ تُنهنجي تخليق جنهن جو تون خالق آهين، پنهنجي پاڻ ۾ اِهو اِسرار سَمائي ٿي جو تون به شعوري طرح نه ٿو ڄاڻين!‘
اٺين صديءَ جي مشهور هندستاني فلسفيءَ شنڪر آچاريا کان ڪنهن پُڇيو هيو ” تون اسان کي هيءَ سِرشٽيءَ سمجهائي سگهندين؟“ اِن تي شنڪر اَچاريا چيو هو: ”ڌرتيءَ تان هي بڙ جو ٻج کَڻ! انهيءَ کي ڀڃي ڏس ته اُن ۾ ڇاهي؟“
سوال ڪندڙ ٻج ڀڃي چيو هو ته ”اُن ۾ ته ڪجهه ڪونهي“ تنهن تي شنڪر اَچاريا چيو هو”ان ’ڪجهه به نه‘ مان هي سارو وڻ ۽ ان ۾ سڀ ڪجهه پيدا ٿيو آهي“.
انسان جو ’ڪجهه به نه‘ آهي،’ڪجهه به نه‘ ۾ موٽي وڃي ٿو، پاڻ ۾ انهيءَ ٻج جو صلاحيتون ڪيئن سانڀي ٿو، جو اهو نه رڳو سائي دار بڙ ٿئي ٿو پر اُن جي چوٽيءَ تي پوئين پَن مٿان هڪ نرم ۽ نفيس ڪيڙي وانگر هن ڪائنات جو مشاهدو ماڻي ٿو ۽ اُن بڙ ۾ جيڪي ڌرتيءَ کان ٻاهر آهي، ان حصي کان گهٽ اهم آهي جو ڌرتيءَ جي اندر آهي ۽ ان مان خورش حاصل ٿو ڪري ۽ اُنَ کي واچوڙي ۾ جَهل ڏئي بيٺو آهي.
مون ان شاعريءَ ۾ فرائڊ واريءَ اندرئين حقيقت کي به ڏٺو آهي ۽ اُن سان گڏ آندري بريتون، لوئي آراگون، ترستان زارا (Tristan Tzara) جو نظم ۾ ٻاهرينءَ حقيقت سان هيگل جي فلسفي وانگر نڀاءُ ۾ به ڏٺو آهي، مون خود محسوس ڪيو آهي ته ڪيئي شيون گڏجي مون کي چَون ٿيون ”اسان کي پنهنجن تُنرن ۾ تُڙڳڻ ڏي“. مون ويهارو سالن جي هڪ عجيب و غريب عورت ڏٺي، جنهن کي هرڻيءَ جهڙيون اکيون هُيون، اهڙيون اکيون مون اڳي ڪٿي نه ڏٺيون آهن. ڪُومَل، ملايم، گهريون، موهڻيون، مقناطيسي اکيون، جن ۾ حرص و هوا جو ٻارڻ ٻري رهيو هو، هُن کي ڀورا ناسي وار هُيا جي هُن جي مُنهن تي ڄَرڪي رهيا هيا. اُن پنهنجين اکين سان اِلتجا ڪئي ”مون کي منظوم ڪر!“
مون ڪٿي پڙهيو آهي ته پئرس ۾ اهڙو دؤر به هُيو جڏهن دي آنيونزو (D’Annunzio) جي پوڄا اهڙيءَ چوٽَ تي پهتل هئي، جو هُن جي دور جون ڪيتريون ئي خوبصورت عورتون هُن سان عشق ڪرڻ لڳيون هيون. اُن وقت هن پنهنجي هر لاڏلي ۽ گهڻگهري جي ويس کي جرڪائي ڇڏيو هيو. انهن مان هر هِڪ فاني بَنِي بشر کان مٿي ٿي لڳي، ڄڻ عجيب و غريب تجلي جي گهيراوَ ۾ هئي، ڄڻ وڄ ۾ ڪائي زيتونن سان ڀرپور ٽاري لڳي رهي هئي. جڏهن شاعر جو پُور پورو ٿيو، تڏهن تجلي گم ٿي وئي ۽ عورت ساڌارڻ مٽيءَ جي مور تي نظر آئي، جنهن پاڻَ به نه ٿي ڄاتو ته هن کي ڇا ٿي ويو هو، پر هُن کي معلوم هو ته هُن جا پير ڌرتيءَ تي وري کُتا آهن. اها ڪيفيت ڀٽائيءَ يا منهنجيءَ شاعريءَ ۾ نه آهي. ڪُنن جا ڪڙڪا ۽ وڄ جا ڪڙڪاٽ ٿي رهيا آهن. ڀيلو ڀَڄِي پيو آهي، سُهڻي چَنڊ جي روشنيءَ ۾ اڳي وانگر سهڻي آهي ۽ درياهه ائن ڦيراٽيون کائي رهيو آهي، جيئن مستانا پيرن جا زنجير گهليندا آهن. نه مون سهڻيءَ کي ٻوڙيو آهي، نه ڀٽائيءَ ٻوڙيو آهي. جِيئَن ڀٽائي جي ’منڌ مهراڻ کي ٻوڙيو آهي، اِئين مُنهنجي سُهڻي تا اَبد لهرين ۾ لُڙهندي رهندي ۽ ٻُڏي نه ٻڏندي، مون شاعريءَ کان دم – عيسيٰ ۽ يد – بيضا وارو ڪم ورتو آهي ۽ جڏهن شعر لکيو آهي تڏهن ماضي، حال ۽ مستقبل ساهه کڻڻ ڇڏي ڏنو آهي ته جيئن منهنجيءَ تخليق ۾ مُخل نه ٿين.
ان ريت نه فقط خوبصورت عورتون پر آرٽ جا ڪيئي شهپار مُنهنجي تحت الشعور ۾ رهيا آهن، جنهن وقت مون شعر لکيو آهي. (هونءَ به خدا جميل آهي ۽ يحب الجمال آهي. هر خوبصورت شيءَ هُن پنهنجي خاص تُوجّہ سان ٺاهي آهي). هِن وقت جڏهن مان بستري داخل آهيان، (مون کي ريمبرانٽ (Rembradnt) جي تصوير پول گهڙي سوار(Polish rider) ڪيئي ڪَهاڻيون ٻُڌائي رهي آهي. ان تصوير ۾ رومان آهي، تنهائيءَ جو شدت سان احساس آهي، اِهو خطرو به نظر اچي رهيو آهي جو جنگ ۾ ڪنهن به سپاهيءَ کي پيش اچي سگهي ٿو. آس پاس کنڊر آهن ۽ گهوڙي جي مُنهنَ توڙي گهوڙي جي تاڻيل ناسن مان اُن جا جاکوڙ پڌري آهي. اِن هوندي به سوار بي ڀَئو آهي ۽ سِرَ جو خيال لاهي وڃي رهيو آهي. ممڪن آهن ته جنهن انڌيري مان هن کي وڃڻو آهي، اهو ئي موت جو انڌيرو ثابت ٿئي. اها تصوير منهنجي اکين ۾ آهي، جڏهن نرس اچي مون کي پئٿيڊرن جي انجيڪشن هڻي ٿي ۽ ٿوري دير ۾ مون تي بيهوشي طاري ٿي وڃي ٿي.
جيئن ئي زندگيءَ جي اختتام جو احساس مون ۾ وڌي ويو آهي اُئين مون پنهنجي نثر ۽ نظم کي تيز تر ڪري ڇڏيو آهي ۽ بقول علامه اقبال:

هستم اگر مي رَوَم، گَر نه رَوَم نيستم
(آهيان جي هلان ٿو ۽ جي نه ٿو هلان ته نه آهيان)

مون اڳ ۾ ئي چيو آهي ته هيگل ٻاهرينءَ حقيقت تي زور ڏيندو هو پر مون هينئر ٻاهرين حقيقت ۽ اندرين حقيقت کي ائين پيش ڪيو آهي، جو اهو اندازو لڳائڻ مشڪل آهي ته اوليت ڪنهن کي آهي. ٻاهرين حقيقت جا به مُنهنجيءَ شاعريءَ تي ڪافي پاڇاوان آهن. مون قَدر ڪڏهن به اضِافي (Relative) نه سمجهيا آهن، جيئن اشتراڪي دانشور ڪرسٽافر ڪاڊ ويل (جو اسپين جي جنگِ آزادي ۾ ماريو ويو هو) پنهنجن ٻن ڪتابن مرندڙ ثقافت جو مطالعو (Studies in dying Culture) ۽ ’مرندڙ ثقافت جو وڌيڪ مطالعو‘(Further Studies in dying Culture) ۾ ڏيکاريو آهي ۽ اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته محبت، دوستي، وفاداري، غيرت، شرافت، عزت نفس وغيره جاگيرداري دؤر جا قدر آهن. مون هميشہ اهي قدر مستقل (Absolute Values) سمجهيا آهن. سونهن جو تصور، جو مون هن ڪتاب ۾ ڏنو آهي، اهو به ڪراسٽافر ڪا ڊويل جي تصور کان مختلف آهي، جنهن جا قدر مان بلڪل مسترد ڪيان ٿو ۽ اُنهن جي مادي تاويل کي ڪميونزم جي تباهيءَ جو ڪارڻ ۽ اُن ۾ ابليس صفت انسانن جي موجودگيءَ ۽ نماينده حيثيت جو سبب سمجهان ٿو، جنهن ڪري يو – ايس – ايس – آر ختم ٿي وئي.
تائوءَ (Tao) جي هڪ پُراڻِي چوڻي آهي ته ڪنهن بزرگ ننڊ ۾ خواب ڏٺو هو ته هُو پوپٽ آهي. جڏهن هن کي ننڊ مان جاڳ ٿي ته ان ڳالهه تي اچرج کاڌائين ته خواب ڪير ڏسي رهيو هو! ائين ته نه هو ته هو پوپٽ هو ۽ تصوّر ۾ ڏسي رهيو هو ته هُو فلسفي هو؟
بيماريءَ ۾ به منهنجو من پوپٽ وانگر ڦلواڙيون ڦرندو رهيو هو؛ نه رڳو من – موهڻا ماڻهو اکين اڳيان ڦرندا ها پر اهي صحبتون، اُهي سير، اُهي سفر، اُهي گل، ٻوٽا، وَليون، واهه، رستا، رَميل راتيون، ڄَميل ڪچهريون، اهي چهرا جي تاريخ جي طوفان ۾ اخبار جي پنن وانگر اُڏامي ويا، اهي پيار جي سياست جي ستم ظريفيءَ جي باوجود زندهه رهيا ۽ ائين ٽِڙي پيا جيئن برسات ۾ ٿَرُ ٽِڙي پوندو آهي ۽ جڏهن مورُ رقص ڪندو آهي. تڏهن ڪڪر اُن کي جهُڪي داد ڏيندا آهن ۽ شفق انهن ڏانهن اشرفيون اُڇليندي آهي. اهي سڀ ياد اچي رهيا ها. مُنهنجو بيماريءَ جو بسترو ته نه هو اُمراءُ جان اَدا جو مُجرو هو ۽ نيم خوابيءَ ۾ هر ڊاڪٽر مرزا رُسوا وانگر نظر اچي رهيو هو. ڪيئي يادگيريون سانوڻ جي گهنگهور گهٽائن وانگر ڇانئجي ويون هُيون. پنهنجو ننڍپڻ ياد اچي رهيو هو. شڪارپور جا باغ، پڌرا ۽ لوڙها، کوهه ۽ کُهاڏا، هُرلا ۽ نار، واهه ۽ ڪَڙيا، ڪَنواٽيون ۽ پاڃاريون، وڌندڙ اوڀَڙ ۽ ٻارا، انهن ۾ وِڇايل واهه جي مٽي، قَلم ۽ اوڌ، ڪُونڊيون ۽ ٽيڪُون، ڪوڏريون ۽ چنجُور، رَنبا ۽ ڏانداريون .... ڇا ڇا نه پئي ياد آيو....! هو سوُٻٽ، جن کي مان احتياط سان کڻندو هوس ته جيئن اهي پوپٽ ٿي اُڏري وڃن ۽ ايئن ئي انهن جا ڪچا پر پٽجي نه پون ۽ هو ٻوساٽجي نه مرن (جا ڳالهه مون کي اڪثر پيار جي معاملي ۾ ياد ايندي آهي) هو ماڪوڙين ۽ ڪِوِلين جا ٻِرَ جن تي مان لَت ڪڏهن به نه ڏيندو هوس، هو ڳاڙهين ٽنڊڻيون جي تازا ساوا پن کائي وينديون هُيون، جيئن ڳڀرو الهڙ جوانيءَ ۾ عشق ڪندا آهن، هو ڏيڏريون جن کي چيڀاٽڻ گناهه سمجهيو ويندو هو، توڙي هُو ٽَر ٽَر گهڻي ڪنديون هيون، هوءَ وڻن جي ڇانگَ جا موت وانگر با معنيٰ هئي ته جيئن نوان گؤنچ ڦٽي سگهن ۽ انهن جي اُؤسر ۽ والار لاءِ جاءِ بچي سگهي، هُو باغن ۾ تورين ۽ ڪريلن جو وليون جن جا ڌرتيءَ تي اڇا ۽ پيلا گل، ٻارن جي چمين وانگر پکڙيل هوندا ها! هو ڀٽائي جو تمثيلي اطلاع ’سوئا، پالڪ چوُڪا‘ جو هاڻي مونکي بار بار ياد اچي رهيو آهي. ’پلڪ ستين ته چُڪِي وئين‘ ۽ مان جنهن وقت ننڊ جي گورِي وٺندو آهيان تنهن وقت خدا کي چوندو آهيان ته ’يا خدا، تو وٽ پنهنجي زندگي رات جو امانت رکان ٿو ۽ صبح جو توکان موٽائي وٺندس‘. جڏهن صبح جو ننڊ مان اُٿندو آهيان ته خدا جو شڪر ڪري چَوَندو آهيان ته ’تو مون کي هڪ ٻيو به ڏينهن ڏنو‘؛ جڏهن سج جي تيک ۾ سورج مُکيءَ جا گُلَ ٽِڙندا تڏهن ممڪن آهي ته سورج مکيءَ جا کيت ڏسي دنيا ۾ هڪ ٻيو به وان گوگ پيدا ٿي پوي! آخر دنيا هڪ ئي ته وان گوگ پيدا ڪيو آهي، جنهن آرٽ کي پنهنجو جِيوَن اَرپن ڪيو، جنهن جا پيلا رنگ ڏسي ماڻهو ائين چوڻ کان نه رهندا ها ته خدا کي جي ڪوئي رنگ هجي ها ته اُهو پيلو هجي ها. پيلو رنگ معصوميت جي نشاني آهي ۽ منهنجو پسنديده رنگ آهي. معصوميت معصيت جو ضد آهي ۽ خدا ٻنهي کان مٿي آهي ۽ اُن جو ڪو رنگ ٿي نه ٿو سگهي.’بي رنگيءَ رنگ بنايا اي‘ شايد سچل سرمست جي سِٽَ آهي. (سچل کي خبر نه هئي ته سندس نالو اِضافي آهي ڇو ته سرمست سڀ سچل ٿيندا آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته سڀ سچل سرمست نه ٿيندا آهن).
سو مون چيو ٿي ته بيماريءَ ۾ مون کي ڪيئي گل به ياد اچي رهيا ها، جن جي وچ ۾ مون زندگي گذاري هُئي ۽ مان چئي نٿو سگهان ته بهشت جي باغ ۾ ايترا گل هوندا يا نه! انهن گلن ۾ هڪڙو گل رابيل جو هو ۽ فرشتا هوندا ته اُنهن جا ڳل اُنهيءَ گل جهڙا هوندا(تڏهن ته امير خسرو پنهنجي فارسي شاعريءَ ۾ ٺٽي جي موتئي جو ذڪر ڪيو آهي)، ۽ هوءَ جا رابيل جهڙي هوندي هئي ۽ اڃا تائين منهنجي من ۾ ڪڏهن به نه مُرجهائي آهي! هو رابيل جهڙا قرني جا گل جن سان شاهي باغ جهنجهيو پيو هوندو هو ۽ جن جي تيز خوشبو انهن محبوبائن جي شوخي ياد ڏياريندي هئي، جي پيار جي اظهار کان وَنءُ وينديون هيون. مون ننڍپڻ ۾ ڪيئي شرم ٻوٽيون ڏٺيون. جيستائين هڪ سورجُ مکيءَ سان ملاقات ٿي، جنهن پيار جي تاوَ ۾ پنهنجو پتيون کولي ڇڏيون هيون. هُو شاهي باغ ۾ جُهڙالا ڏينهن ۽ چانڊوڪيون راتيون، هو غالب جي فارسي غزلن وانگر رنگا رنگ گلاب، دائودي، نازبو، زندگي، چنبيلي، مُگرا، ڇمڪڻيءَ جا پيلا ڇُڳا، جيءَ ۾ پيهي ويندڙ جَرينيم، گل عباسي، گل اشرفي، هو واڱڻائي، ڪاري، لال تُلسي ۽ رام تُلسي جنهن کي هندو پوڄيندا ها ۽ مون هڪ هندوءَ ڇوڪريءَ کي چيو هو ’هائو، تون تُلسيءَ جي ٻوٽي وانگر پَوتر آهين پر توکي به جي پاڻي نه ملندو ته مرجهائجي ويندينءَ‘.
ٻيا به ڪيترائي گل ٿيندا ها شاهي باغ ۾، ۽ هو توت، انب، زيتون، انجير جن تي هيڙها ۽ طوطا اُڏامي ايندا ها، هو بيگاري ۾ ٽُٻڙڪا ڏيندڙ مَڇيون – اُهي سڀئي مون کي چوندا ها ’ائين نه وڃ، اسان کي پنهنجي شاعريءَ ۾ اَمر ڪري وَڃ!‘ مان چئين بجي صبح جو باغ ۾ ويندو هوس، جڏهن چنڊ رستي تي شوالي جي ڪَلس تي بيٺو هوندو هو ۽ نيرن وقت موٽي ايندو هوس. وَري باغ ۾ موڪل جي ڏينهن ڪتاب کڻي ويندو هوس ۽ سڄو ڏينهن اُتي گذاريندو هوس ۽ اُتي ئي مون شاهه، سچل ۽ سامي پڙهيو ۽ انهن جا بيت، ڪافيون ۽ سلوڪ رابيل ۽ قرني جي خوشبوءَ سان واسجي ويا.
رلڪي چيو هو ته هڪ مشاهدي کي شعر جي سٽ ٿيڻ لاءِ ڪڏهن چاليهارو سال لڳي وڃن ٿا. مان جڏهن بيمار هوس ته اسپتال جي ڪمري ۾ هوندي به ڄڻ هڪ وڏي باغ ۾ هوندو هوس ۽ جڏهن ڪوئي دوست گل شبو تحفي طور موڪليندو هو، تڏهن ڄڻ ڪنهن بهشت جي شاهي دروازي جو ڪلف کولي ڇڏيندو هو.، مون کي پَڪ هئي ته موت مون کي ماري خساري ۾ ويندو ڇو ته اُنهيءَ ٽجوڙيءَ جون ڪُنجيون ته هُو مون کان کسي نه ٿو سگهي جنهن ۾ مون وٽ اُهي هِيرا آهن، جي سومنات جي هِيرَن کي به مات ڏئي سگهن ٿا، جي غزنيءَ کڄي ويا ها. هو اُهي سرءُ ۽ سيارا، بسنت ۽ اونهارا ڪداچت وڃائڻ نه چاهيندو جي مون من ۾ سانڀي رکيا آهن ۽ ان انتظار ۾ آهن ته ڪڏهن ٿا اسان ڪويتا جو روپ وٺون!
اِهي سڀ جاڳ – سُپنا مُنهنجي من ۾ هڪ سرئيلسٽ شاعر وانگر ايندا ها، سرئيلسٽ شاعرن شاعريءَ جي شروعات فرانس ۾ ڪئي هئي ۽ جي قبل از وقت ختم ٿي ويا، ڇو ته اُهي فرائڊ ۽ هيگل جا مداح ها، جي ٻئي جرمنيءَ جا ها ۽ فرانس جون جرمنيءَ سان جنگيون ڇڙي پيو هُيون ۽ هنن جي آرٽ تعصب جي زد ۾ اچي ويو هو ۽ اُها تحريڪ گهڻو وقت هلي نه سگهي هئي، نه ته اپالو نيئر ئي ’هڪ رانجهو لَکا دا مٽ‘ هو آندري بريتون ته اڃا ٻي انمول شيءِ هو.
شايد قدرت چاهيو ٿي ته مان پنهنجي زندگيءَ تي سارو وقت سوچي سگهان ۽ ان ڪري مون کي بستري داخل ڪيائين، ڇو ته مان به ته غالب وانگر چوندو رهندو آهيان:-

فکر دنيا مين سَر کهپاتا مين
مين کهان اور يه وبال کهان!

منهنجي هن ڪتاب ۾ حقيقت نگاري به آهي ۽ سرئيلزم به آهي. مان ڀانيان ٿو ته سرئيلزم سئلويڊار ڊاليءَ جي موت سان گڏ ڪجهه سال اڳ مُئي نه آهي ۽ دنيا ۾ وَري ڪنهن وقت اُڀري ايندي ۽ خواب ۽ حقيقت هڪ اِڪائيءَ وانگر ٿي ويندو.
حقيقت مري ويندي آهي، خواب نه مرندا آهن. خواب فقط ٿوري وقت لاءِ وسري ويندا آهن. ڪنهن وقت اُهي خواب – پريشان وانگر ٽُٽِي مونجهاري ۾ ڇڏي ويندا آهن، پر شاعري جنهنجو بنياد خواب آهن، اَمر هوندي آهي ۽ اُن کي ڪوئي زلزلو ڊاهي نه سگهندو آهي.
مون بيماريءَ ۾، ڊاڪٽرن جي مشوري خلاف شاعريءَ جا ٽي جلد (اٽڪل پنڌرنهن سَؤ صفحا) ’ڪتين ڪَرَ موڙيا جڏهن‘ جي نالي سان، ٻه جِلد ’سورج مکيءَ سانجهه‘ (اٽڪل ڇهه سو صفحا) جي نالي سان ۽ نثري شاعريءَ جا ڇهه جلد ’سر لوهيڙا ڳڀيا‘ جي نالي سان (اٽڪل 1400 صفحا) لکيا ۽ هي ڪتاب ’ننڊ وليون‘ به لکيو. مون موت کي چيو ته ’ترس‘ مون تي ڪيترين ئي محبتن جو قرض آهي، ڪيترن ئي ڳِلن، ڳچين ۽ چَپن جو قرض آهي جي مون چُميا ها ۽ جن وَرائي مون کي چميو هو، انهن ڊگهن وارن جو قرض آهي جي مون لَسايا ها ۽ جي ڳراٽين پائيندي منهنجن ڪُلهن تي ڪِريا ها، انهن راتين ۽ اُنهن باکن جو قرض آهي جي منهنجي ٻک ۾ گذريون هُيون. مون کي اهو قرض لاهڻ ڏي! انهن سڀني کي شاعريءَ، ۾ زندهه جاويد ڪرڻ ڏي! مان هي دنيا هڪ مفرور قرضيءَ جي حيثيت ۾ ڇڏڻ نٿو چاهيان‘؛ ۽ پوءِ هن مون کي مهلت ڏني آهي، منهنجيءَ مرضيءَ موجب مهلت ڏني آهي. اڃا ته منهنجي اندر جي مانسروور مان ڪيئي نديون ڦٽڻيون آهن ۽ گڙگاٽ ڪري وَهڻيون آهن. ڏسجي ته موت ڪيترو وقت انتظار ٿو ڪري! متان مان هُن کان وِسري وڃان!!
هي ڪتاب ڏسي جيڪڏهن ڪو اشتراڪي آدرشي پنهنجي نَڪ کي موڙو ڏئِي ته مان هن کي پڪاسو جي زندگيءَ مان هڪ واقعو ٻڌائيندس:-
هڪ ڀيري ڪميونسٽ پارٽيءَ جي ڪانگريس ڪيترائِي اهم ماڻهو، پِڪاسو سوڌا * وارسا ۾ گهرايا هئا. پول گهڻو ڪري فراخدل ۽ خودمختيار رهيا ها (هاڻي ته ماسڪو جي غلاميءَ مان آزاد ٿي چُڪا آهن ۽ اُتي ليڪ وليسا جي ساليڊارٽيءَ جي حڪومت آهي) ۽ اُنهن کي اهو خواب خيال به نه هُيو ته اُتي ڪوئي پڪاسو جي مصوريءَ تي سياسي تنقيد ڪندو. مانيءَ جي خاتمي تي، جڏهن شراب جا جام پيتا وَيا، تڏهن سوويت جي عيوضين مان هڪ اُٿي بيٺو ۽ چيائين ته هو اهو ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو هو ته پڪاسو به ڪانگريس ۾ آيو هو پر ان کان پوءِ چيائين ته ’اها افسوس جي ڳالهه آهي ته پڪاسو جي مصوّري تخريبي آهي ۽ هو مغرب جي بدترين بورجوا ڪلچر جو نمائيندو آهي‘. هن پڪاسو جي مصوّري کي اِمپريشنسٽ – سَرئيلسٽ (Impressionist-Surrealist) مُصوّري ڪوٺيو. جڏهن هو ويهي رهيو ته پڪاسو اُٿي بيٺو ۽ هُن کي چيائين:’مون کي اهو نه ٿو وڻي ته ڪوئي پارٽيءَ جو وَهُو ڍڳو (Party hack) مُنهنجي باري ۾ اِئين ڳالهائي. بهرصورت مونکي اِمپريشنسٽ – سَرِئيلسٽ مصوّر چوڻ ايترو اثرائتو ڪو نه آهي؛ جيڪڏهن هُن کي منهنجي توهين ئي ڪرڻي آهي ته هو درست اصطلاح ڪم آڻي ۽ ڪيوبزم (Cubism) جي باني هجڻ جو الزام مون تي ڌري‘، پِڪاسو وڌيڪ چيو ته مون کي ”جرمنيءَ ۽ فرانس ۾ نازين اِهو چئي نِنديو هيو ته مان يهودي – مارڪسٽ (Judaeo - Marxist) مصوّر آهيان ۽ اهڙي قسم جي گفتگو تاريخ جي بُري دؤر ۾ ٿيندي آهي ۽ اهي ماڻهو ڪندا آهن جي تڇ هوندا آهن ....“ اِن تي ڪانگريس ۾ آيل عيوضي جوش ۾ اَچي ويا ۽ هيڏانهن هوڏانهن جا اعتراض ٿيا. پولَن سڀني کي ٿڌو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ چيو ته ’شايد پڪاسو جون ڪجهه تصويرون تخريبي هُيون پر روسين کي هُنن جي مهمان جي توهين ڪرڻ جو حق نه هيو.“
اِهي روسي بيوروڪرئٽ جي آرٽ جي باري ۾ نِرا ڍڳا هُيا، انهن کان ته گوئرنگ هزار ڀيرا چڱو هيو، جنهن يورپ مان ڦُر ۾ هَٿ آيل آرٽ پنهنجي قبضي ڪيو هو ۽ ان کي جِند جان کان وڌيڪ پيارو ڀائيندو هو.
اڄ ڪلهه ماسڪو ۾ اُهي گدام کوليا ويا آهن، جتي آرٽ جا شهپارا، جي بورجوا ۽ تخريبي چئي هڪٻئي مٿان سَٿيا ويا ها ۽ گدامَن ۾ تالي چاٻيءَ هيٺ رکيا ويا ها. ساڳيءَ ريت منهنجن ڪتابن تي اسلام آباد جي بيوروڪريسيءَ بندش وڌي هئي، جا ڪُند فهميءَ ۽ ادب کان اڻ ڄاڻائيءَ ڪري وڌي وئي هئي. هتان جا فاشسٽ حاڪم ته گوئرنگ ۽ ڪائونٽ ڪِيانو جهڙا ماڻهو به پيدا نه ڪري سگهيا آهن!
مون کي معلوم آهي ته قطب مينار جيڏو ٿيڻ چڱو نه آهي ۽ ايتري قدآور شخصيت کي فقط سرمد جهڙو ماڻهو سمجهي سگهيو ٿي ۽ اُها سمجهه هر انهيءَ شخص ۾ نه هئي جو دهليءَ ۾ جامع مسجد جي ڏاڪي تي سُمهندو هو. فن جي پَرک ۾ اورنگزيب ۽ *مُلا قوي، ٻئي نااهل ها جي تلوار سرمد جي هٿ ۾ هجي ها ته هُو اهو چئي ٻنهي جي جان بخشي ڇڏي ها ته ’اوهان تڇ آهيو، اوهان منهنجي تلوار جي ڌڪ جي لائق نه آهيو.‘
ٽن سالن کان مٿي عرصو ٿيو آهي ته مان ڪراچيءَ ۾ رهان ٿو، جا ڪنهن وقت سنڌ جي دل هئي ۽ هن وقت اُن جو مفلوج عضوو آهي. هاڻ سنڌ جا هنومان ۽ اُنهن جي سِياسِي باندر سئنا هِتي رهي ٿي ۽ هِتي وڏا بنگلا ٺَهرايا اَٿائون ۽ اُهي سنڌي عوام، عوام ته گهڻو ٿا ڪن پر باندر پنهنجي پُڇ مان پَري کان پَڌرا هوندا آهن. جڏهن هُو مون کي ڪنهن سرڪاري تقريب تي صدر يا مهمان خصوصي ڪري، منهنجي عزت افزائي ڪندا آهن ته منهنجي دل ۾ فرينچ مصوّر وان گوگ وارو سوال ايندو آهي ته ’ڪيرُ ڪَنهنجي عزت افزائي ڪَري رهيو آهي؟‘ بهرصورت مان مجبوريءَ کان هن درندي صفت شهر ۾ رهيو پيو آهيان جو ديو مالائيl ڊنوسار(Dinosaur) وانگر روز بروز وڌي رهيو آهي. دراصل مان سکر مان ڪراچيءَ شرنارٿي ٿي آيو آهيان، جو هر وڏي شهر وانگر ميڪانڪي ۽ مصنوئي آهي، جنهن ۾ سرمايداري ته آهي پر هڪ فلاحي مملڪت جو تصور به ڪري نه ٿو سگهي، جنهن ۾ ڪيئي ماڙِ اوچا ماڙا آهن ۽ انهن سان گڏ ’غريبن جون جهوپڙيون آهن جي مينهن ۾ جُهري پون ٿيون‘ ۽ انهن کي ”بيوس“ جي دعا به بچائي نه ٿي سگهي، جتي جُڙتو ڪمپنيون آهن جي بيواهن ۽ پير سَنن کان ساريءَ عمر جي بچايل پُونجي، کين ڀنڀلائي ڦري وٺن ٿيون، جتي قتل، ڊاڪه زني ۽ اغوا جا واقعا ڏينهن رات ٿين ٿا، جتي گاڏيون انهيءَ نيت سان تيز هلايون وڃن ٿيون ته ڀل ٻار چيٿاڙجِي، چپجي وڃن ۽ مسافر توڙي راهگير ڪَلٽيون کائي ڪِرن ۽ جتي منشيات ۽ عصمت فروشيءَ جا اڏا عام جام آهن ۽ پوليس انهن ۾ حصي دار آهي، مطلب ته جي شيطان مصوّريءَ جو ماهر هجي ها ته دوزخ جي تصوير انهيءَ کان مڪروهه نموني نه ڪڍي سگهي ها. اها ساڳي حالت مان بمبئيءَ ۾ ڏٺي، جتي اسانجي صاف سٿري ’روز ووڊ هوٽل‘ جي سامهون، ماڻهو سارو فوٽ پاٿ والاريون پيا هوندا هئا. ڌنڌو به اُتي ڪندا ها، سُمهندا به اتي ها، سروسامان به اُتي رکندا ها؛ نئينءَ بمبئيءَ ڏانهن ويندي ته هو رستي جي هڪ پاسي جهوپڙين ۾ رهندا ها، جن ۾ اڌ فوٽ سِم جو پاڻي ڀريل هوندو هو. مون کي هر دوست ٻڌايو ته جيئن شهر وڏو تيئن اُن ۾ تنهائيءَ جو احساس گهڻو آهي. هنن چيو ته تون آيو آهين ته دور دور تان هندستان مان، هانگ ڪانگ مان، دبئيءَ مان، لنڊن مان سنڌي ڪَٺا ٿيا آهن نه ته اسان ته بمبئيءَ ۾ ٽِن سالن ۾ به هڪ دفعو گڏجي نه سگهندا آهيون. اُن وقت مون کي دَلِت ادب لاءِ جواز محسوس ٿيو جو اَئبميڊ ڪَر جا پوئلڳ پيدا ڪري رهيا آهن ۽ جي پاڻ تي گانڌيءَ جي رکيل نالي هريجن ۾ پنهنجي بي عِزّتي محسوس ٿا ڪن ۽ مون مشهور دَلِت شاعر نامديو جي شاعرانا بغاوت اِنهيءَ ماحول جي پيدائش سمجهي.
مان گذريل ٽن سالن کان اڳ ڪيئي سال اندرونِ سنڌ رهيو آهيان، جتي ماڻهپو آهي، مريادا آهي فطرت سان لڳاءُ آهي، جتي ڪونجون ڪَر ڪَر ائين ڪن ٿيون ڄڻ ڀٽ شاهه تي ڀٽائي ڳائجي رهيو آهي. ٻهراڙيءَ جي زندگي منهنجي رڳ رڳ ۾ آهي. ان ڪري مان بمبئي کان 70 ميل پري لونا وِلا هل اسٽيشن تي هليو ويو هوس جتي اڌ بنگلا سنڌين جا ها، جي هنن پنهنجين موڪلن جي ڏينهن گذارڻ لاءِ يا مهمانن لاءِ رکيا هُيا ۽ اُتي ڪونڪَني نوڪرياڻيون رکي ڇڏيون هيون جي انهن بنگلن جي هيٺان پنهنجن ڪُٽيائن ۾ رهنديون هيون ۽ اُنهن بنگلن جو به خيال رکنديون هيون. آڏواڻيءَ جي رٿ ياترا سبب مان پنهنجو دهليءَ ڏانهن سفر ملتوي ڪيو ۽ هوائي جهاز ۾ گوا هليو ويس جنهنجو ذڪر مون ’هينئڙو ڏاڙهونءَ گل جئن‘ جي مهاڳ ۾ ڪيو آهي. اتي مون اُتر ۽ ڏکڻ ۾ اوٽ موٽ ارڙهن سو ميل رستي ذريعي سفر ڪيو ۽ گوا جي گاديءَ پڻجيءَ ڀرسان مانڊويءَ نديءَ تي سير سفر ڪيو ۽ گواني ناچ ڏٺا ۽ پورچوگيز موسيقي ٻڌي ۽ دل تي جا بمبئيءَ جي دونهاٽيل گهٽ ٻوساٽ ڇانيل هُوئي گهٽجي وئي ڇو ته گوا ۾، اُتر توڙي ڏکڻ ۾ فقط ڏامر جو رستو ظاهر هو ۽ چوڌاري وڻ ئي وڻ، گل ئي گل، گاهه ئي گاهه هُيو.
مان هاڻي سکر ته موٽي نه ٿو سگهان ڇو ته منهنجي گهر جي چوڌاري دهشت گرد رهندا آهن جن نه رڳو سارو سرو سامان چوري ڪيو آهي پر گهر جا دروازا به پٽي ويا آهن ۽ جاءِ ڀڙڀانگ پئي آهي. اِها اڄوڪيءَ سنڌ جو سمبل آهي ۽ ائين رهي ته بهتر.
شهر ۾ ساندهه رهي اندرونِ سنڌ جون يادگيريون ته اچن ٿيون پر شهر جو به شاعريءَ تي اثر ٿئي ٿو، جو هن ڪتاب تي به آهي. دنيا ۾ ٽي شاعر ٿيا آهن، جن شهري زندگيءَ جي باري ۾ بهترين شاعري ڪئي آهي. مايا ڪوفسڪي، ڪرين(Crane) ۽ بودليئر. پهريون روسي هو، ٻيو آمريڪي ۽ ٽيون فرانسيسي. پر پهريون ٽي. ايس. ايليٽ جو ذڪر ڪريان، جنهن جي شاعريءَ ۾ مخصوص شهري جديديت آهي. هو چوي ٿو:

يروشلم، اَٿينس، اِسڪندريه
وِيانا، لنڊن
*غير حقيقي

هو انهيءَ نقطي جي تلاش ۾ هو جو دائري جي تَري ۾ هوندو آهي ۽ هن کي اُميد هئي ته تاريخ جو ڦيٿو ڦري رهيو آهي ۽ اُهو نقطو نيٺ اُڀري اَچڻو آهي. هن شهري عوام ۾ رڳو بگاڙُ، ڪَپُوتي ۽ اَسڦلتا ڏٺي ۽ مسيحيت ۾ پناهه ڳولي. اڄ ماديت جي تباهيءَ کانپوءِ ٽي. ايس. ايليٽ جي دور انديشيءَ جي صحيح ثابت ٿيڻ جو امڪان آهي.
مايا ڪوفسڪي ۽ ڪرين غير حقيقي شهر جي غير حقيقت، آرٽ جي ناڪاميءَ سان منسوب ڪئي آهي. ڪرين هيلن آف ٽراءِ کي ٽرام (Street Car) ۾ سفر ڪندو ڏسي ٿو ۽ مايا ڪوفسڪي شهري پرولتاريت کي گد گد ٿي صدين جو ڪرتا سمجهي ٿو. ٻنهي جي شاعري شهري زندگيءَ کي نئين زندگي عطا ڪئي پر پوءِ ڪرين 1933ع ۾ پاڻ کي ٻوڙي ماريو ۽ ماياڪوفسڪيءَ 1930ع ۾ ريوالور سان خودڪشي ڪئي.
اِها ڳالهه شهري شاعري جي انقلابي نظرئي تي هڪ اُٻاڻڪي ۽ ڏک ڀَرئي ٽيڪا ٽپڻي آهي. اِتي بودليئر ياد اچي ٿو جو چئي ٿو ته انبوهه ۽ اَڪيلائي ٻئي مَٽا سَٽا وَارا سَنڌا آهن. شاعر شهر ۾ به پنهنجي رومانيت پيدا ڪري سگهي ٿو.
نورالهديٰ شاهه جي ڪتاب ’قيدياڻيءَ جون اکيون ۽ چَنڊُ‘ تي نصير مرزا ڪجهه دوستن سان گڏجي منهنجي صدارتي تقرير ٽيپ ڪرڻ آيو هو، ڇو ته مان صدارت لاءِ حيدرآباد جي سفر جو اڃا اهل نه هوس. جڏهن هو آيو ته منهنجي فلئٽ ٻاهران ڪاريڊار جي کليل دريءَ مان ڪلفٽن جي بتين جي جهرمر ٿي نظر آئي. هو ۽ هن جا ساٿي، منهنجي لئبرري ۾ آيا ته ڇت ۾ شاند ليئر لَڙڪي رهيو هو ۽ پاسي سان بلب ٻري رهيا ها ۽ چوڌاري ڪتاب رکيا ها جن ۾ گهڻو ڪري دنيا جا سڀ اهم اديب موجود هُيا. اوچتو بتي وسامي وئي. مان اندران ٻه ميڻ – بتيون کڻي آيس ۽ هن کي تقرير ٽيپ ڪرايم. ان وقت مون کي بودليئر جي نظم جو هڪ بند ياد اچي رهيو هو:
”کليل دريءَ مان جي تون ٻاهر ڏسندين ته ايترو ڏسي نه سگهندين جيترو اندر ڏسي سگهندين. ڪجهه به ان کان وڌيڪ ڳوُڙهو، وڌيڪ ڳجهو، وڌيڪ رَچناتمڪ، وڌيڪ روُيا وارو ۽ وڌيڪ تِرمرائيندڙ نه آهي جيتري هڪ دَرِي ميڻ بتيءَ جي جوت ۾“
ان وقت ڪنهن دَرِيءَ تان پردو هٽائي، هوا لاءِ دري کولي ڇڏي هئي ۽ مون نصير مرزا کي پنهنجي ساري تقرير ميڻ بتيءَ جي روشنيءَ ۾ ٽيپ ڪرائي هئي – ڪجهه وقت پوءِ بودليئر جو هڪ ٻيو نظم به ياد آيو هو:
’تون مون کي ضرور چوندين ته تُنهنجي ڳالهه سچي آهي يا نه؟ مون کي دنيا جي حقيقت جي ڪهڙي پرواهه آهي! اُها رڳو مون کي ان ۾ مدد ڪري ٿي ته مان زندهه رهان، مون کي اهو احساس ڏئي ٿي ته منهنجو وجود آهي ۽ مان آهيان.“
پر ڇا دنيا جي حقيقت هڪ سنڌيءَ کي ڪراچيءَ ۾ اُهو احساس ڏئي ٿي؟ آخر ڪراچي پئرس ته نه آهي ۽ اسان اُن ۾ پئرس جهڙي رومانوي فضا پيدا ڪري ته نه ٿا سگهون! اندرون – سنڌ ته تباهه ٿي چُڪي آهي ۽ ماضيءَ جون ڪجهه يادگيريون ئي آهي. ان ڪري ڪراچيءَ جي شهري زندگيءَ ۾ اندرون سنڌ جي يادگيرين جون پرڇائيون ئي ته هن ڪتاب ۾ اچي سگهيون آهن.
اهو ڪتاب اڌ رات جو ننڊ مان اُٿي مون هڪ نيم شعوري ڪيفيت ۾ اوندهه ۾ لکيو آهي، جيئن بيماري ۾ ۽ اُن کان پوءِ مون سموري شاعري پاڻيهي هلندڙ تحرير (Automatic writing) ۾ لکي آهي. اِهي مُنهنجي ماضيءَ جي کنڊرن مان لڌل اڻ – لڀ شيون آهن يا منهنجيءَ شهري گوشه نشينيءَ ۾ تنهائيءَ جي احساس جو اظهار آهن ۽ انهن جي ادبي اهميت نوادرات جيتري آهي يا نه، اِن جو جائزو مان پڙهندڙن تي ڇڏيان ٿو.
هي ڏيڍ سٽا فارسيءَ جي مستزاد ۽ پنجاپي گيت ماهيا جو ميل جول آهن ۽ سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ نئي صنف آهن جي آسانيءَ سان ڳائي سگهجن ٿا. انهن ۾ ڪجهه مفعول مفاعيلن، ڪجهه فاعلن مفاعيلن، ڪجهه مفعول فاعلاتن جي وزن تي آهن ۽ ٿورا ماترائن جي حساب سان لکيا ويا آهن.
آخر ۾ مان رڳو اهو لکندس ته شاعري منهنجي سڀ کان پياري محبوبا رهي آهي ۽ اُن سان مون توڙ تائين نڀايو آهي، جي وچ ۾ ڪا وٿي پئي آهي ته ان جو ذميوار ماحول جو جبر آهي جو ڪڏهن اڏول پهاڙ جئن آڏو اچي وڃي ٿو ۽ سارو شفق جو منظر اکين کان ڍڪي ڇڏي ٿو. جي ٻيون زندگيون آهن ته مان وري وري شاعر ٿي وجود ۾ ايندس ۽ هاڻي به دور ويندس، هڪ پنڇيءَ وانگر، اُفق کان دور، اُن جي ڪَڍ جو مُنهنجي اوڏو به آهي ۽ جنهن جي آڏو اڃا گهڻو ڪجهه آهي.


شيخ اياز

13 آگسٽ 1992ع

__________
* The poetic embrace like the carnal, while it endures
Forbids all lapse into the
Miseries of the world
(Andre Breton)
* وارسا:پولنڊ جي گادي.
* مُلا قَوِي:اورنگزيب جي دؤر ۾ قاضيءَ القضات، جنهن فويٰ ڏني هئي ته سرمد واجب القتل آهي.
l ڊنوسار: هڪ وَڏِي بلا جا قديم ماضيءَ ۾ هوندي هئي ۽ جنهن جو وجود ختم ٿي چڪو آهي.
* Unreal

ڇا عمر ڪيا ڌوڪا

ڇا عمر ڪيا ڌوڪا،
ڪنهن وقت کجورين تي ٿا ياد اچن ڏوڪا.

*

ڪلهه ٻَکِ اسان ٻيئي،
ٿا انب لڏن وَڻ ۾، تون ياد اچين پيئي.

*

کَٽ واڻَ بنا ڇا هي؟
هي تانگَهه سندءِ دل ۾، ڪنهن تاڻَ بنا ڇاهي؟

*

ڪيڏيون نه ڪَپر چوٽيون!
ميهار ڪٿي آهي مينهون ته اچن موٽيون!

*

ٿي اُٺّ ڏِنا لوڏا،
اي ڪنوار ورايا تو، ڪئِن چنڊ کِڙي گوڏا؟

*

جنهن وقت ڪَتِي ايندي،
تنهن وقت تتر کرڙي تو لاءِ نهاريندي!

*

اِئن چَٽّ هُئينءَ ڇوري!
پر هونءَ ڇُهڻ ۾ ڄَڻ تون پَٽّ هُئينءَ ڇورِي!

*

گوڏو نه گَڏي وهندينءَ؟
هي پِينگهَه جڏهن هَلندي لوڏو نه گَڏي وِهندينءَ؟

*

اڌ راتِ اِئين ڪنهن سان،
تو چنڊ لِڪي وڻ ۾ ڪئي باتِ ائين ڪنهن سان؟

*

اڌ رات، چُميون ڏيئي،
هي بلب ڪٿان آندءِ، ڪيڏو نه ٻَرين پيئي!

*

اَڄ سرد هوا آهي،
ٿي باهه ٻَري ڀرسان ۽ پيارُ جدا آهي!

*

ڪيڏو نه ڪَجل نيڻَن!
تو ڏانهن پَريان تاڙي ٿي رات ڏٺو سيڻَن!

*

اڌ رات حويليءَ مان،
ڪيڏانهن وڃين پيئي تون سَڙڪَ اَڪيليءَ تان؟

*

جنهن وقت ملين ٿي تُو،
تنهن وقت وڇوڙي جا ٿا ڏَنگَ هڻن ڏينڀوُ!

*

ڪلهه سوٽَ هُيئِه سينو،
تو لاءِ پيو روئي اڄ رات ته آئينو!

*

هي مينهن مَهل آهي،
ڏس آنءُ اڪيلو هان تو ۾ ته ڪَهل نَاهي!

*

ڪيڏانهن وڃين ٿي تون؟
اڳتي ته گجي ٿو رِڻ جيڏانهن وڃين ٿي تون!

*

ڪيڏي نه مِٺِي ٻولِي!
تو پَٽّ ڏٺو هوندو، ان جيِئَن نه پاٽولِي!

*

اَچ ويهُه گهَڙي، ڀَرسان،
مون سَنجَ وڌا گهوڙي، تو لاءِ پيو تَرسان!

*

تنهن وقت رُلِي ويندينءَ
هي راهه سڌِي جي تون ڪنهن وقت ڀُلي ويندينءَ.

*

ٿو ڳالهِه ڪَندي ٻَهڪين؟
ڪنهن ساڻُ لَوَڻ ۾ هَئن ڇا لاءِ پيو سَهڪين؟

*

ٿي ڪالهه نَچِي ڪوڻي،
ڇا لاءِ ڇِڳِي آهي تو هيءَ ڪَچِي ڪوڻِي؟

*

دِل ڪانه ڀَرِي آهي
پر پيار ٿَڪو آهي ۽ رات ٺَرِي آهي!

*

تون آءُ بنا اُلڪي!
آڪاسَ وِسايو آ، اڄ راتِ ستارن کي.

*

اڄ رات ڪِٿي آهين؟
ٿي سال ويا ڪيئِي ٻيهار مِلي ناهين!

*

ٻيهار سرِنَهن گل ڪيا،
تون آنهه ڪِٿي خوشبو؟ ٿي سانجِهه، پَکين هُل ڪيا.

*

دل آهه چڪُيءَ ٿيڙِي،
ٿو آنءُ کڻان تُنهنجِي اڄ رات ته ساهيڙِي.

*

ڪيڏانهن وئي آهين؟
تو نانهه اُها خوشبو، ٻي ڏانهن وئي آهين!

*

اڌ – رات، اَچي پيئي،
ميهار ملڻ ويلا، هو روڊُ ٽَپي پيئي.

*

ڇا نانءُ ڏيان توکي؟
جي گُلّ ڇِني ايڏا ٿو آنءُ ڏيان توکي!

*

اي ڪاش سدائين تون،
مون لاءِ هجين نورِي ۽ وَنجَهه هلائين تون!

*

ڪيڏو نه ڪُڙهي پيئِي!
تون ڪو نه جڏهن آئينءَ دل رات لُڙهي پِيئي.

*

ڪُوڙِي نه ڪڏهن ٿيندينءَ،
اڄ چَنڊ اَٿِي چوڏيِنهن، پَر پو به لِڪي ايندينءَ!

*

جَنهن ڏانهن ڏسان ٿو اِئن،
اي روز – ازل! تنهنجي ڇا باکَ هُئي اُن جِئن؟

*

ڪيڏو نه رُني آهينَ
ڪلهه رات ته ڏيڍوڻي، اڄ رات مُنِي آهين!

*

تو ڏانهن نهاريان ٿو،
تون آنهه اُها جنهن تي مان ساهُه به واريان ٿو!

*

سپنا نه اَچو اُڀرِي!
اڄ ڪالهه ته هوءَ ناهي اڄ ڪالهه ته آهي ٻِي!

*

ڪيڏانهن پئي ڪاهِين
جئن باکَ ڦٽي ٽانِگر تون ايئَن ٽِڙي آهين!

*

هي ڏس ته گُلابِي گل
آ ماڪ پئي اُن ۾ ڪيڏو نه شرابِي گُل!

*

تون نانهه رَهِي ساڳِي
ڄڻ واڳ ڇِڄِي پيئي جنهن ساڻُ هُئِينءَ واڳِي.

*

پائي به نه پاتو مون
هِي چنڊُ نديءَ ڪيسين؟ ڇو ايءُ نه ڄاتو مون.

*

ٻي لاءِ مَرين پيئي!
هي ڳالهه ڳَڙي وانگر ڇا لاءِ ڪَرين پيئي؟

*

وَل پَٽِ نه گِدرَن جي!
ڪلهه رات جَهلي هَٿ کي تو ڳالهه ڪَئِي تَن جي.

*

آ اُڃَ ڪيو آتو!
ڇُلڪي نه پوي هاڻي ائن جام ڀريو آ تو!

*

آ نِنڊَ به مڌُ ماتِي.
ڄڻ ٿيڙَ پئي کائي تو لاءِ وِجهي جاهتِي!

*

ها باک بهارنَ جي

ها باک بهارنَ جي،
تَنُ آهه پرين تنهنجو ڄڻ شاخَ انارن جي.

*

انجيرَ پٽيان ٿو پيو
محسوس ٿيو ڪَنهنجي تقدير پٽيان ٿو پيو.

*

اي ڏائِڻيُون موٽو!
اڄ هانوُ ڪڍو مُنهنجو، مون ڏانهن ڪَري چوٽو!

*

lاڄ رات وَرِي سَئفو!
مون ڏانهن وڌي آئي، هوءَ پيار ڀَرِي سئفو!

*

مون لاءِ نَيون نِياريون،
هان آنءُ تماشائي ڀَل پيارُ ڪَريو پِياريون!

*

ڪنهن کي ته پيو ڦولين!
ڦاٽي نه پوي ڌرتِي، سَسئِي ته نه ٿو ڳولين؟

*

ڇا نازُ ڪرين ٿي پَئِي
جئن ڊيل ڊُڪي اَهڙو انداز ڪرين ٿِي پَئِي!

*

آ چَنڊُ ڇُپيو جُهڙ ۾؟
درياهُ ته سڄو ڳوليو ڪيڏانهن وَئِي لُڙ ۾!

*

ٻيو پارُ مَري ويندو
سهِڻي ته بَچِي ويندِي ميهارُ مَرِي ويندو!

*

پَر رات پَکِي تُنهنجا؟
مون لاءِ کُلي ٻوٽيا، ڇا لاءِ سَکِي تُنهنجا.

*

هي هَٿَ سريرن تي!
هيڙها ته نه ها جي ڪَن ڪُجهه ٽُڪَ انجيرن تي!

*

ڄڻ چَنڊ چَڙهيو چِکيا،
u ائن وَرڌ اَوسِٿا ۾ تو رات ڏِنِي بِکيا!

*

پِيري ته نه آهي هِي!
ٿي تيزُ وڃَي نَدّي ڌيرِي ته نه آهي هِي!

*

تو ليکُ پڙهيو آهي؟
ڏِس، ويرِ پئي اُڀري، ڏس سَمنڊُ چڙهيو آهي!

*

ڇا راهه ڀُلي آهين
هن وقت گِهٽيءَ مُنهنجي ڪِئَن هِيرَ گُهلِي آهين؟

*

هو چنڊ گلابي آ،
ٿِي هيرَ گهُلي اَهڙي ڄڻ راتِ شرابي آ!

*

تو ياد پَئي آئينءَ،
هي عمر نديءَ وانگر تون مينهَن جيان ڇانئينءَ!

*

جي مَورُ نه، ڇا وانگر؟
ٿو آنءُ نچان تون لَئِه، گهنگهور گهٽا وانگر.

*

اَڌ رات فساني جان
ڪنهن وقت هلِي ايِندينءَ مون ڏانهن بهاني سان!

*

هي پيارَ نئون توسان،
هي چَنڊُ نئون توسان، سَنسار نئون توسان!

*

ڪنهن لاءِ پَري نڪتينءَ؟
هي پاند مريڙي سان ڪيڏانهن ڀَري نِڪتينءَ.

*

آ ڳوٺُ سڄو دانهِين،
تو گوار پَٽي گورِي ڪيڏانهن هَلِي آهين؟

*

تون آ ته کِڙي مُکڙِي!
تون باک جيان آهين اچ اچ ته ٽِڙي مُکڙِي!

*

مان ڪيئن مِليو آهيان!
تو لاءِ صديون ترسِي اَڄ هيئَن مِليو آهيان!

*

uسِر کَنڊ خسيس آهي!
تون نانهه ته اڄ ڪيڏو هُو چَنڊُ خسِيس آهي!

*

هو نيڻ ٻه چَؤنرا ها،
گَهگهّو ته گُلن وارو هيٺانهن ٻه ڀَؤنرا ها!

*

ڇو چاهُه هَليو ويو آ!
ڇا لاءِ حياتيءَ مان ويساهُه هَليو ويو آ؟

*

تون ڇو نه اَچِين ٿِي پَئِي؟
اڄ رات اُماس آهي تون ڪو نه اچين ٿِي پَئِي؟

*

v هر وقت ڏَمرڙو ٿِي!
مون ڏانهن وري ايندينءَ ڪنهن وقت ڇَمرڙو ٿِي؟

*

اِئن سَرد لڳين ٿو پيو!
اي چنڊ جيان چهرا، ڇو زرد لڳين ٿو پيو؟

*

ٿو روز وڃين کِسڪي
ڪنهن وقت ته ڪَر ڳالهيون ڪنهن وقت ته پِي وسڪي!

*

تون آنهه پَري اُڀ ۾،
uهي راتِ رَڱاوَت ڏِسُ، ٿو چَنڊُ ٻَري اُڀ ۾!

*

ٻَلهار ٿيان توتان!
مون ڏانهن اِئين آئينءَ، تون ڄڻ ته ڏياري آن!

*

تون پو به جُدا آهين!
ٻي لاءِ ته ماڻهو آن، مون لاءِ خُدا آهين!

*

ڪيڏو نه مِٺو آهين!
ڄڻ عيد سڀاڻي آ، ڄڻ چَنڊُ ڏِٺو آهين!

*
ڇوري به ته هئي ڇورِي!
ڪهڙو به پتنگ آيو، ڏورِي به ته هئي ڏورِي!

*

ڪئن ڪالهه ڀڳئه چوڙي.
چَؤ! سچ نه ٻُڌائيندينءَ، هو ڪيرُ هيو ڪوڙي؟

*

گَهگهِرو ته ڀِڄايو ٿي،
هو کوهُه مَٿان ڇورو، جنهن ڪوسُ ڇِڪايُو ٿي!

*

تو پوکَ جڏهن پيٺينءَ،
ڪو پَهر ويو گذري، جئن وَنئڻَ اڳيان ويٺينءَ!

*

ٿو انت چَوين ڇا کي!
هي پيارُ ڪٿان آيو تون سوچ ته مَمتا تي!

*

هو سونهَن اَجهاڳُ آهي،
جيڏانهن وڃان ٿو مان، ايڏانهن ته ماڳُ آهي!

*

ڇا حُسن پرست آهيان؟
تو ۾ ته اَلوٽُ آهيان، ڪو مستِ اَلست آهيان!

*

هي راتِ اَزلُ آهي،
تون ياد اَچين پيئي، هر باتِ اَزلُ آهي.

*

بَس لڙڪ رُڳا ٿيندو،
ٿي دير وَئِي آهي موٽينءَ به ته ڇا ٿيندو؟

*

اڄ ڪارِ پنهونءَ کي آ
سسئي نه خبر ڪائِي ٻِي يارِ پنهونءَ کي آ!

__________

l سئفو:يونائي شاعره، مان پنهنجي هڪ محبوبه کي سئفو ڪوٺيندو هوس.
* وَرڌ اوسٿا:وِچين وَهي.
* سرکنڊ:چَندن – صندل.
* ٿي:اُتر ۾ اَٿي کي ”ٿي“ به چئبو آهي.
* رَڱاوت:رنگيني.

مومَل ته ڇَڏيو راڻو

مومَل ته ڇَڏيو راڻو،
سوُمَل، نه سُتي راتيون مَنُ اَڄّ به ويڳاڻو!

*

تون خُوابُ ته ڪو نه آهين؟
جو آب اَندر لرزي، مهتابُ ته ڪو نه آهين؟

*

اڄ پياسَ لڳِي ڏاڍي،
اي پيار ڪِٿي آهين، آ تاسَ لڳي ڏاڍي!

*

وَئِي عُمر ڪُراڙِي ٿي،
ٿي دل ته چيو ڏاڍو ٻيهارَ ڪهاڙِي ٿي!

*

ڪيڏي نه حَسِينُ آهين؟
ٻي لاءِ هجين ڇاڀِي، مون لاءِ ته دينُ آهين!

*

اڄ نِنڊَ ڦِٽِي آهي،
تون ياد اچين ٿِي پَئِي، ڇا ياد چٽِي آهي!

*

uاي ڇيلَ ڇٻيلي تُون،
ڪيڏانهن هلي آهين، اڌَ راتِ اڪيلي تُون؟

*

ڇوري ته رُڳي ناهي!
vٻَڪرارِ کنوڻ آهي، گهَرِ پو به پُڳي ناهي!

*

جي ڳالهه کُٽِي کَٽَ ۾،
ٿو ڪيرُ ڏسي ڪنهن جي ڪلهه رت ڄُنڊا پَٽَ ۾!

*

تو کان به مِٺِي آهي؟
توکي ته ڏٺو ناهي، ماکِي ته ڏِٺي آهي!

*

تون سَڏُ هنئينءَ سَرتِي!
ڇا وَجهُه وڃايو مون توکان نه چُمِي وَرتِي؟

*

اَچُ، شيامَ ڳَڻيون گوپيون!
ڄڻ آنءُ کَنڀيون آهن، توکان به گهڻيون گوپيون!

*

ڇا لاءِ جُدا آهين،
اي عشق ڀَلِي آئين تون ئي ته خُدا آهين.

*

هو چَپَ گُلابي ها،
جن ماڪَ جيان پِيتو، ڪيڏا نه شرابي ها!

*

تون آءُ، سَهيلي آن!
ٿِي ناوَ اچي تون ڏي ڇو اِيئَن اَڪيلي آن!

*

تو لاءِ ته سانورڙِي،
مون چَنڊُ جَهليو آهي، ڪُجهه بيهه ته بانورڙِي!

*

ڄڻ جيءُ جَهٽين ٿِي تون!
جئن ٽار نِوائِين ٿِي، رابيلَ پٽين ٿي تون.

*

ڇا پيارَ سچا آهن؟
مون کي به ته تو وانگر ڪجهه ٻار ٻچا آهن!

*

تو ساڻُ سَجائِي وَئِي،
ٿو ڪير چَوي مُنهنجي اِئن عمر اَجائِي وَئِي!

*

گُل مَهر کڙِيا آهن
جِئَن ماڪَ پَئِي آهي تو جِيئَن ٽڙيا آهن!

*


هڪ راتِ اُڌاري ڏي!
اي عُمرِ! پِرينءَ سان ٻِي برسات اُڌارِي ڏي!

*

تون وَٽِ به گهَڻِ گوپيون،
اي شيام سنڌؤَ ڀرسان مُنهنجون به ته ڳَڻِ گوپيون!

*

اوهِي نه پَهي آهي،
جا عمر رهِي آهي تو لاءِ رهي آهي.

*

اڄ رات اَڇِي آهي،
ڦاساءِ انهيءَ کي تون ماڱر به مَڇِي آهي!

*

تون پاڻ هَلي آئين،
اي عشق فرشتي جئن هيڏانهُن ڀَلِي آئين!

*

جنهن وقت مجاز آهين،
اي عشق عبادت آن تون عين نماز آهين!

*

تون راتِ لِڪي ايندينءَ،
جنهن وقت به چانڊوڪي ٿورِي به ڦِڪي، ايندين!

*

ڇا رَبَ رکيون مُنهنجون؟
تو ڏانهن ڏسڻ ڪارڻ هر وقت اَکيُون منهنجون!

*

اي پوپٽڙا ڪيڏانهن؟
هي گُل ته ڇڻي ويو آ، ٻيا واسَ وَيا ڪيڏانهن؟

*

هي چَپَ چَپن وانگر،
مون سان ته مليا آهن درياهَ – ڪَپن وانگر!

*

ڇا چَڳَ – سڳنڌ آهي!
ڪيڏا نه بسنت اُن ۾ ڇا سَڳَ – سُڳنڌ آهي.

*

برساتِ ڏِسي پيئي،
ڇا هيءَ اُها آهه جا ڪلهه راتِ ڏِسي پيئي؟

*

ڪنهن جاءِ ته هوندينءَ تون؟
مون کي ته وساريو ٿي ٻي لاءِ هوندينءَ تون!

*

ڪيڏو نه وڻين ٿي تون،
برسات جيان ڇَن مان، هر روز ڇڻين ٿي تون!

*

سَڀ چاهَه پَيا چاهيون،
درياهه جيان دل آ، مون لاءِ سَوين سانِهيون!

*

وسرن نه گهِٽيُون ۽ گهَرَ،
uتون آنهه اَکين اڳيان، هن وقت به هاٿيدرَ!

*

ڏوريون به ته ڏِسُ پَٽَ جون!
هي پيار به پيار آهي، ايڏي ته نه ڏي سَٽ تون!

*

هِي هونءَ ته پلَ جيڏِي!
تون نانهه ته ڄَڻ آهي اڄ راتِ اَزلَ جيڏِي!

*

اِئن ساڙَ سَڙِي ويندين!
ڪا لهس نه تو ايندِي جنهن وقت لَڙِي ويندين.

*

هُئو ڪَمُ ته چوراڻو،
راڻو به هيو راڻو، مومل نه ڪَيو ماڻو!

*

تو ڇا نه چڱو ڳايو!
uاِئن ڳاءِ نه لوڙائو، آ چنڊ لَهِي آيو.

*

تون ڏانهن ڪڏهن گهُورِي،
ڪيڏو نه ڏِٺو ماضِي، مون آهه آکيون پُوري!

*

ڪِٿ رات سَکِي هوندينءَ،
ڪو ڪئتُ نه تون ڪَنهن وَٽ پيار پَکي هوندينءَ!

*

تقدير ته ڪا نه آهين؟
جي آنءُ نه هان رانجهو، تون هِيرَ ته ڪا نه آهين!

*

مون ڀَڳو، ڀَڳو کوڙو،
چاندنيءَ ۾ پيارو ڪيترو لڳو جوڙو!

____________
* ڇَيل ڇَٻيلي:نازنين.
* اتر مان کنوڻ کڄندي آهي ته ان کي ٻڪرار کنوڻ چئبو آهي.
* شڪارپور جو هڪ محلو (هاٿيدر)
* لوڙائو: هڪ سنڌي لوڪ گيت جو قسم.

ڪر ياد نه پيارن کي!

ڪر ياد نه پيارن کي!
ڪجهه جهونجهڪڙو آهي، آ نِنڊِ ستارن کي.

*

هُٻڪارَ هَوائن ۾!
ڪنهن وقت اچي ملندين آ سارَ هوائن کي.

*

تَسڪين اچي پيئي،
هر چيز هٽائي ڇڏ هو ’ڪيِن‘ اَچي پيئي!

*

ڪو انت نه پارُ آهي!
ٿو چنڊ وڃي اُڀ ۾ هيٺانهن پِيار آهي.

*

ٻاهر ته بتيون ڪيئي،
پر جوتِ ننڍي گهر ۾، جا شمع ڏئي ويئي!

*

ڪجهه ڏينهن بهارَن تي،
ايڏو ته نه ڀُل ڀُورِي، تون لالُ لَيارَن تي!

*

اِظهار نه آ ڪوئي،
ائن سمجهه نه پر توسان مون پيار نه آ ڪوئي.

*

ٿي پيرَ سَرءُ ساهي،
گُل ناز ڪيو ڪيڏو؟ اڄ مُندَ هَٿان ڇاهي!

*

پو ڇو نه وڻيون آهن؟
جِن وارَ هُيا گهاٽا تو جِيئَن گهڻيون آهن!

*

ڪيڏانهن وَري نيندينءَ؟
ٿو چنڊُ چَوي مون کي، ڪَر نِنڊَ نه، تون ايندينءَ!

*

هي هُٻَ هَوا جهوٽو!
ڇو چَئن کَسي وَيو ائن، ڪا سارَ ڏئي ٻوٽو؟

*

تو لاءِ ته سانورِڙِي!
پر سال! ڪَنان آهي دل ڪيئَن نه بانورِڙي!

*

هِي روحَ رَتو چونڊي،
انبوهه منجهان مون کي تو ڪيئَن وَتو چونڊي؟

*

ڪَهڙيون نه اکيون آهن!
جن لاءِ صديون ترسيم سي ڄَڻ ته سکيون آهن!

*

هي چَپَ پرِين تُنهنجا
دريَاهه جَيان مَن ۾ ٻئي ڪَپَ پِرين تُنهنجا.

*

اِئن چاهُه هُيو دِل ۾
ڄڻ سِجَ لٿي ڪوئي درياهُه هيو دِل ۾.

*

تون هاڻِ نه ٿِي وِسرين!
آن چنڊ جيان ڪائِي چانڊاڻِ نه ٿِي وِسرين!

*

ڪيڏانهن ڌِڪين ٿِي تون؟
جئن مالهه ڇڪي ڪِنگريون اِئن روح ڇِڪين ٿي تون!

*

هي لانِ مٿان ساڙهِي!
ڪيڏي ته ڇَٻَر سائي ڪيڏِي نه شفق ڳاڙهِي!

*

تون اڳ به هُئينءَ منهنجي،
ڀاڪرُ نه ڀُلو آهي، خوشبوءِ اها تُنهنجِي!

*

ڪاڏانهن وَئي آهين؟
تون آنهه شفق وانگر تيڏانهن وئي آهين؟

*

ڪو ڏينهُن تَتو ڪونهي!
گهَر ڇو نه سندءِ ڳوليان پَر ڪو به پَتو ڪونهي!

*

ڪيڏي نه سُڳنڌ آهي!
ڏس مُند اچي وَئي ڇا؟ موتيو ته کِڙيو ناهي؟

*

سَنجوڳُ بُرو آهي!
uڪنهن راتِ چيو مونکي، هر ڀوڳُ برو آهي؟

*

اي پيار بسنت اَهڙو!
هِن ريت ٿيو ناهي ڪَنهن وقَتِ به ڦوٽهڙو!

*

سوغاتَ ڏيان توکي!
مون ته وَٽ رُڳي دِل آ شيءِ ڪا ته ڏيان توکي!

*

تون وارَ نه هَل ڇوڙي!
ڏِس، خلق سَڄِي نظرون تو ڏانهن پَئي مَوڙي!

*

تو لاءِ جَٽائون آ،
اڄ شامَ ڪَراچيءَ جي گهنگهور گهَٽائون آ.

*

مان ساز منجهان ڄاڻان،
تون ڪيرَ؟ ڪٿي آهين؟ آواز منجهان ڄاڻان.

*

ٻانهون ته هُيون دانهون!
پر آنءُ پَرارِ آهيان درياههُ رُڳو آهون!

*

ٿِي رُتِ ڏئي ڌوڪا،
۽ مِينهنُ پَوي سَڀ تي، جئن ڏُڪَ تئين ڏوڪا!

*

ڇِمڪاءِ نه اِئن ڇيرُون!
ڪيڏانهن هَلِي آهين اڄ ڏينهن ڏِٺي جو تون؟

*

آ ڏينهن ته ڏورُين ۾،
ڪنهن وقت ته ڇُل ڇوري، اَچ رات کجورين ۾.

*

جِت ڪانوَ اکيون نِڪرن!
ٿي رَتُ ڪري ريلا جنهن وقت ٻَکيُون نڪرن!

*

اڄ رات سِکي توکي،
هُو ٻانهَن وَرِي آهي ٻيهارِ ٻَکِي توکي.

*

تو لَئِه ته پَکِي آهي،
مون لاءِ ته سڀڪجهه هُو هر وَقت سَکِي آهي.

*

چُپ چاپ، لِڪي چوري!
چوڏارِ ڏسي ٻَاهر پو آءُ ڇِتِي ڇورِي!

*

هُو ڪجهه ته اچي ٿو پيو!
uآ ڇَٻَ اِئين پياري ڄڻ مورُ نچي ٿو پيو!

*

آئينءَ ته اُتر وانگر،
هر چيز پَکيڙي وَئيِنءَ، گهَرُ آهه نه گهَرَ وانگر!

*

تون ڪيئن مِلِي آهين؟
اڄ رات سُڃاتو مون، ڪلهه جيئَن مِلي آهين!

*

u سنجوڳُ وڻيو توکي؟
مون لاءِ هيو پياري ڄَڻُ ماءُ ڄَڻيو توکي!

*

هي شِڪل ڏٺِي آهي،
ٻيهار ملِي آهي، ڪيڏي نه مِٺي آهي!

*

ڪنهن صبح سَلوُڻي ۾،
توساڻُ مليو آهيان، ڪنهن ڌُنڌَ اڳوڻي ۾!

*

جنهن وقت مِلينءَ گهر تي.
تو ياد ڏياريو ٿي ڪو ڌُنڌُ سَمندر تي!

*

اڄ نيٺِ ڏِٺِي آهين!
رَسُدار چَپن وارِي، ڪيڏي نه مِٺِي آهين!

____________
* نوٽ: ’ڀوڳ‘ هنديءَ ۾ وصال کي چئبو آهي. اِهو لفظ سنڌي هندو، سنڌيءَ ۾ عام طرح ڪم آڻيندا آهن.
* ڇَٻّ: صورت، اُردوءَ ۾ هنديءَ ۾ ڇَب چئبو آهي.
* سنجوڳ:وصال.

ڪيڏي نه مِٺي آهين!

ڪيڏي نه مِٺي آهين!
تون بند لفافي ۾ هن جِي ته چٺِي آهين!

*

مون لاءِ ته ڄڻ ناهِين!
هِڪ ڏينهَن ڪٿي آهين، ٻِي ڏينهَن ڪٿي آهين!

*

تو راتِ ڪِٿي پيئِي؟
هي ڪار هُئي تُنهنجي ڪيڏانهن لنگهي ويئي؟

*

ڇا جيءَ جهميلو آ!
هي شهر وَڏو آهي، ماڻهو ته اڪيلو آ!

*

گُل ماڪَ ته گهُرندو آ،
جيڏانهن اُڏي اهڙا افلاڪَ ته گهرندو آ!

*

سَمجُهئِه نه، ڀُلي آهين!
ڪيڏو نه چڱو ٿيو جو، اڄ رات کُلي آهين!

*

هي رات اَزل جي آ،
تو نانهه وَڏِي آهي، جي آنهه ته پل جي آ!

*

تون مدام اَهڙي آن؟
ڄڻ شفق کِڙي آهي ڄڻ پُسيءَ جهڙي آن!

*

ڏينهن هُو جوانيءَ جا،
ڪيترا پڪل ميوا، ڪالهه عمر فانيءَ جا.

*

ڪير آنهه ڪهڙي آن؟
تو جيان نه ٻي بُربل، تون پسيءَ جهڙي آن!

*

ننڊ ڪو نه ٿيون چاهن،
راتڙي پئي آهي، ڳالهڙيون کُٽيون ناهن!

*

عشق سان سَجائي آ،
حسن کانسوا منهنجي زندگي اَجائي آ.

*

هيءَ جا جواني آ،
تيزُ ڪيترِي آهي ڄڻ ندي رواني آ!

*

ٻِيا تاڙِ وَڃِي تڙ تُون
ڇا لاءِ ٽپي پيو آن هِت چَنڊَ ٽياڪَڙ تون؟

*

عجب آهه هيءُ ناتو،
توکي ڏسي پرين مون پهرينءَ گهڙِيءَ سڃاتو!

*

ڪنهن چَؤ دڳي ڏٺا ها!
هي نيڻ سمنڊ وانگر مون ڪِٿ اڳَي ڏٺا ها؟

*

تو ساڻ پيارُ منهنجو،
آيو ڄَڻ آهه پياري موٽِي بهارُ منهنجو!

*

ڌرتي! ته ڪجهه به ناهي،
توکان چُمي وتي جا سَرتي اُها ڪجهه آهي.

*

پيو چنڊ کِلي پوڙهو،
تو جيِئَن ٽَپي پِرَ ڏي اڌ راتِ وَئينءَ لوڙهو!

*

اي پيار ڪٿي آهين؟
هن راتِ اَڪيليءَ جا سنسارَ ڪٿي آهين؟

*

* ڪلهه تون شيريٽَن ۾،
دعوت ۾ موجود هُئينءُ ڪيڏانهن وئينءَ کن ۾؟

*

هي ٽي – ويءَ تي تون؟
آنءُ ته سَمجهو آهين، دل ۾ مُنهنجي تون!

*

چاڪي واڙي ۾،
ڪير رهي ٿو ڀرسان منهنجي پاڙي ۾؟

*

راتِ منهوڙي ۾،
ڪيڏو سمنڊ ڇُلي پيو آهي، اڄ ته وڇوڙي ۾؟

*

نديءَ نالي ڪير؟
مينهن پوي ٿو، اُڀري آيو هِيئَن پيالي ڪير؟

*

برساتِ پهاڙين تان،
ائن شعر پئي آئين، ڪلهه راتِ پهاڙين تان!

*

ٽمٽار ٽِڀو آهي،
ٿو چنڊ مصوّر جئن ڪجهه نقش منجهس ٺاهي!

*

جا ڪالهه ڪتابن سان،
اُن کان ته چڱي گذرِي هي رات رَبابن سان.

*

اوٺار ٻُڌو، بيِهو!
ٿو لاتِ لَنوي وَڻَ تي، هر وقت نه ٻاٻيهو!

*

جنهن وقت ويون ڪَونجون،
اي روهه سندءِ راتيون ڪيڏو نه پَئي گونُجون!

*

تون آنهه نه گهرڙي ۾،
ڄڻ پَنُ اُڏامي ويو ڪلهه رات اُتَرڙي ۾!

*

ڪجهه جِيءُ به هاڻي تون!
هان، مَڌ متو آهي ڪجهه پيءُ به هاڻي تون!

*

آ پَنڌُ پَري ڏاڍو،
چوٽيءَ ته پُڳو آهي، آ هَٺُ چَري ڏاڍو!

*

ڪو دؤر مري ويو آ،
ٿي هِندُ ٻُڌي خبرون ٽئگور مري ويو آ!

*

هو صبح ٿيو آهي،
آ هيٺ پَئِي مِينا هِن وقت سُتو آهي!

*

پَنڇِي به اٿيا ناهن
مان شعر لکان ويٺو سڀ نِنڊ پيا آهن!

*

مون مَڌُ چُڪِي پيتي،
* تو وڪٽَرِ هارا کي ڳائي به نه دل جيتي

*

ساڃاهه صدين جي هان،
تون ڊاهه صدين جي آن مان ڏَاهه صدين جي هان.

*

ڇا لاءِ سُتو ناهين؟
آ ميڙُ پيا ڪَن جو، دَرَ ٻوٽُ گتو ناهين!

*

هِي زهر پيالو پِي!
ڪا ڏِکُ نه ڏي ڏکَ جي، تون جيءُ اَڃا ڪُجهه جِي!

*

ڇا چِٽُ بڻي آهين،
پنجاهه ورهيه ٿي ويا، پوءِ سِٽَ بڻي آهين.

*

اي نارِ ڀَلِي آئينءَ!
تون رنگَ منجهان نڪري ڪلهه ڪيِئَن هلي آئينءَ؟

*

جيڪي به ٿِئي، ٿي سو،
مون ڏاتِ کنئي آهي، تو آهه کنيو پيسو!

*

هي کوٽَ کڻين وڃ تون
مان شعر کڻان پنهنجان، سڀ نوٽَ کڻي وڃ تون.

*

يَرَ! ايئَن ڀِنڀوريءَ جا
ڇا لاءِ ڇنين ٿو تون پَرَ ايِئَن ڀنڀوري جا!

__________
* شيريٽن: ڪراچيءَ جي فائيو اسٽار هوٽل جو نالو.
* وڪٽر هار: چليءَ جو راڳي شاعر.

مَن مان – سروور آ،

مَن مان – سروور آ،
ڪيڏيون نه نديون آهن، جن لاءِ اها گهَرُ آ؟

*

تنهن وقت خُدا آهيان،
جنهن وقت مصّور جئن سنسارُ پيو ٺاهيان!

*

ويندانت ته ڪُجهه ناهي!
هَر چِيز ٻَري پيئي هِت شانتِ ته ڪجهه ٺاهي!

*

جئن ڄارَ پکِي ڦاسن،
uاَڄ مائِڪو فسڪيءَ جا ٿا نظم ڦِڪا ڀاسن.

*

رُت آهه رَبابن سان،
ٿي رات چَڱِي گذري صد بار ثوابن کان!

*


نارو ته وٺي ويندين،
واڳون به اَٿيئِي پر، چارو ته وٺي ويندين.

*

انجامُ پيو آهي،
هو رِند ڪٿي آهن؟ هڪ جامُ پيو آهي!

*

آ گوڙُ گهٽائن جو،
ڪئن مور رُکيُئِه پِڃري هي ديِپُ هوائن جو!

*

اُٿ باک ڦٽِي آهي!
تو لاءِ ڇُٽِي ڪهڙي؟ جڳَ لاءِ ڇُٽِي آهي!

*

مون ڪالهه ٻُڌ ڏاهو،
هي موت ته نانگ آهي پر ڏاتِ به آ ڄاهو!

*

ڪيڏيون نه ڀَليون آهن!
ڇا ڇا نه کِڙيون تِنِ ۾ هي ننڊَ وَليون آهن!

*

تون ڪيرُ؟ ڀٽائي آن!
تون اڄ به تنبورو آن، تون اڄ به ته وائي آن!

*

ٿا پير کڄن دل تي،
تو ناچ ڪيو، گهنگهرو ٿا ڄڻ ته وَڄن دل تي!

*

”ڇو ڏات اُٻهري آ؟“
”ٿو ڪانو لنوي نِم تي ٿِي ڄاڻُ ٽِپهڙي آ!“

*

من مان – سَرووَر آ،
ڀَربو ته ننديون ٿيندو، جِن کي نه ڪِٿي تَر آ.

*

پينارُ وڏو آهين،
ٿو جهول جَهلي پنهنجِي، سَنسارُ سڄو چاهين!

*

آوازُ ته سڀ ڪجهه آ،
جو سازَ ڇپايو آ، سو رازُ ته سڀ ڪجهه آ.

*

ڄَڻ ڌَڻُ ته ٻَري ٿو پيو!
توکي ته لڳو سائو، هِي وَڻُ ته ٻَري ٿو پيو!

*

ڪا آڳَ ٻَري ٿِي پَئِي،
هَر هَنڌِ اُلا ان جا، هر ماڳَ ٻري ٿِي پَئِي!

*

هر روز وڄائين ٿو،
تو ڪَنٺُ ڪَپي پنهنجو مُرلي نه بڻائين ٿو!

*

ٿو راڳُ ٻَري ٻاري،
چَپڙيون ته هندو ناهن، ڪو ڌَرمُ نه يَڪتاري!

*

ڄڻ ڀانءِ ته کوري تي!
جو گيت پَئي ڳاتو مون ڪالهه تنبوري تي.

*

ڪهڙو نه تنبورو آ؟
ٿِي باهه ٻري جنهن مان هٿ لاءِ ته کورو آ!

*

ٿي رات وَڳِي ٺُمرِي؟
ڪو دور درخت آ ڇا، جيڏانهن ڀَڳِي قُمرِي؟

*

هي گيتُ اُمنگُ آهي،
ڄڻ رات ڀِني آهي ۽ دُورِ ڪُهنگ آهي!

*

ڀَرِ پاند نه ٻَارن جا!
اِئن وَڻ ته ڇَڻِي ويندا هِي لال ليارَن جا!

*

ٿو گيتُ وَڃي ڪَهڙو؟
جو آهه صدي گاڏِي ۽ وقت جِئين وَهڙو؟

*

تو ۾ ته پَيو جيِئان!
جو جام نه ٿي خالِي، تنهن مان ته پيو پيئان!

*

کامِي نه وسامي ٿي،
ڪائي ته ڄِڀِي آهي جيڪا نه اُجهامي ٿي!

*

هي هَٽ ڪلاڪن جا!
کولي ته ڏسو يارو اَڄُ مَٽَ ڪلاڪن جا!

*

هو چَنڊ ڪَتيءَ جو آ،
درياهه پيو جَهلي چمڪاٽُ بتيءَ جو آ!

*

تيسِين ته صَديون ڪُرندو،
ٻيهار اَچِي جيسِين ڪا سَئنَ هَڻي سُرندو!

*

مون وٽ ته فقيري آ،
هو ڏانهن لِڙي وڃ تون، هوڏانهن اَميري آ!

*

ڇا پاڻُ ٻُجهايان مان؟
ٿو چَنڊ ٻَري ٻاهر ڇا لاٽَ وِسايان مان؟

*

هي ننڊ وليون آهن،
ڪيڏو نه ڀِنيون آهن، ڪيڏو نه جَليون آهن!

*

تون جنهن به گهِٽيءَ وِيندين،
اي شِام وَرِي منهنجي ٿي ڪَڪّ مِٽيءَ اِيندين.

*

ان لاءِ ته مان آهيان،
چاهين ته اڃا تُنهنجو مان ڳاهُه پيو ڳاهيان!

*

ڇا لاءِ وِڌءُ ٽِمجَهڻُ
سنسار سڄو ئي ٿي، هان آءُ ڪَوِي تون کَڻُ!

*

ها، موڪَ ٿيو آهي!
ڇو ايئن ڏِسِي تُنهنجو، منهن سوڪَ ٿيو آهي؟

*

ايڏو ته عَلَم ٺاهيو،
آڪاس رَسي جيڪو اهڙو ته قلم ٺاهيو!

*

تون اَچُ ته سانورڙي!
هي آهه نئون مندر ڪُجهه نَچّ ته سانورِڙي!

*

ڏِسُ، ميلُ ڏِياٽيءَ ۾!
سُرهو ته وڌو ڪيڏو تو تيلُ ڏياٽيءَ ۾!

*

uمان ڪيرُ اڙي بُلاّ!
تو لاءِ جُتِي آندم، ڪجهه لڙڪ جَڙي بُلاّ

*

* اڄ رات ته رِلڪي کي
ٿو آنءُ پڙهان ليٽِي ڄَڻُ سَمنڊَ ڌُنڌِلڪي کي.

*

* ايندا ته جِئين سانا.
انسان ڪروڙين پر ايندو ته نه سنتيانا!

_______________
* مائڪو فسڪي: روس جو انقلابي شاعر.
* بُلا: پنجابي شاعر بُلي شاهه.
* رِلڪي: جرمنيءَ جو مشهور شاعر.
* سنتيانا: جارج سنتيانا امريڪي فيلسوف.

ٽَڪراو پيالن جا،

ٽَڪراو پيالن جا،
فانوس ٻَرن ٿا پيا اڌ رات جِيالن جا!

*

* ڇا ويڄَ! ڪِري آهي؟
آ تَؤُنس لڳي تَن کي، ڄڻ مُندَ ڦِري آهي!

*

ٻَهروپَ هُيا ٻوليءَ،
تو چنڊُ ڏٺو آهي، ڪنهن وقت اسان ٽوليءَ؟

*

دَفَ جِيئَن وڄايان ٿو،
هُو چَنڊُ، جڏهن توکي اڌَ راتِ نچايان ٿو!

*

هي ڏيڍ سٽا آهن،
جئن چنڊ گَهٽائن ۾ هي ايئَن چٽا آهن.

*

هِي ڪير جَٽائن ۾؟
ڪنهن وَيرَ نه واهيرو جِن لاءِ گهٽائن ۾!

*

ٻيلو ته اڪيلو آ!
ڄَڻُ رات پئي ڇُلڪي، ڪوئي ته پتيلو آ؟

*

* ڪنهن راز جيان سُونڊا
اَڌ رات ٿِئي پيئي آ سازَ جِيان سُونڊا!

*

* پَڙلاءُ هِلايا ۾،
مان شعر لکان ويٺو هي واءُ هِلايا ۾!

*

دونُهون ته وڃي ٿو پيو!
ڄَڻ مِلُ ويائي آ ڪُونهون ته وڃي ٿو پيو!

*

ڪيڏو نه مُٺو آهين!
تون ڪُڙم منجهان هوندي ڇا لاءِ ڪُٺو ناهين؟

*

درياهه مَٿان کِلندِي،
ميهارَ ملي ويندا، سُهڻِي نه وَري مِلندِي!

*

ڄَڻ مَنڊُ گهُري ٿو پيو!
برسات جيان ٻيجل، ٻيهارُ ٻُري ٿو پيو!

*

ڏس رات ڀِني آهي!
هر رات جيان ڪَوتا تو اڄ به ڏنِي آهي!

*

چَوَندين ته رباب آهي،
ٿو آنءُ سِگهان خوشبو، مون لاءِ گلاب آهي!

*

هي راهه عقابن جي.
ٿا ابر اچن وڄُ ٿي، آ ڪاهَه ربابن جي!

*

ٻيهار اهو ٻُرندو؟
ڪيڏانهن وَئين ٻِيجل، تون سازُ کَڻِي سُرندو؟

*

هي ڏينهُن ڏَرڙ جئن آ،
جنهن مَنجهه ڇُپيل منهنجو ڄڻ شعر گَرڙ جئن آ!

*

ٿو مورِتِيُون ٺاهِين،
هر روز اُهي ڊاهي، هر روز ٻِيُون ٺاهين!

*

هر شعر شباب آهي،
هر سِٽَ صراحي آ، جنهن منجهه شراب آهي.

*

رنگ رَنگ ٻوليءَ ۾،
جئن بسنت ايندو آ هيل آءُ هوليءَ ۾!

*

اُستاد هُيو فاني،
جنهن وقت مليو مون سان ڪلهه ياد هيو فاني.

*

مون شاعرِي کنئي آ
تو سَو خوشيون کنيون، پَر مون هڪ خوشي کنئي آ!

*

اڌ رات راڳُ ڳائي
uآڪاشِ تو پُڄايو مارُو بهِاڳ ڳائي.

*

مونکان ڇا ٿو چاهين؟
غالب! تنهنجو شعر هتي آ تون ته ڪٿي ناهين؟

*

جوش مليح آبادي؟
اهڙي ڪا به عَدالت، جنهن ۾ آنءُ ٿيان فريادِي؟

*

جي واٽَ ڀُلِي ويندين،
سنسارُ وڏو آهي اي يارَ رُلِي ويندين!

*

ٽيشن نه ڪِٿي ايندي؟
ڪيڏانهن پَٽا ڇُهندِي ڇا ريلَ هلي ويندي؟

*

چوڏس ته چٽاءُ آهي،
پر مون نه ڏٺو اُن ۾ آخر ته خدا ڇاهي!

*

سڀ ڀولَ ڀڃون ٿا پيا،
پرڏيهه اُڏارون ڏئي ڪيڏانهن وڃون ٿا پيا.

*

ڪا گهرج نه ٻاهرَ جي!
uٿي راس اَچي ايڏِي تُلسيءَ هوا گهَرَ جِي!

*

سَپنا به عجيب آهن!
مان دُور اُهي توسان ڪيڏو نه قريب آهن!

*

رهندينءَ نه ته ڇا ٿيندو!
اي عمر! اڃا اڳتي ڪَهندينءَ نه ته ڇا ٿيندو!

*

مهمان سرا آهي،
ڪو ڪيئن چَوي اَچڻِي ڪنهن وقت قَضا آهي!

*

ٿو ماڪَ مٿان لاهي،
رابيلَ ٽِڙي پَؤندِي، چَوندين ته خدا آهي.

*

ڄڻ مَنڊُ وَڌي اڳتي!
تون ٻيلهه، هَنو ساڳو، ٿو چنڊ وَڌي اڳتي!

*

تو تارِ تَرِي ويندين؟
ڇا لاءِ اَٻالو آن جي نيٺ مَرِي ويندين!

*

آيو ته اَٽل آهي؛
ڄڻ چورُ پَٻَن تي آ، هِي ڪير؟ اَجل آهي!

*

زيتُون ڪِريو ٺهه پَهه،
ٿي ٽارِ مٿان آئي، جنهن وقت چَتونءَ چَهه چَهه!

*

ڪو خوابُ هئي گاڏِي،
هو ماءُ ٻَچن سوڌي هو ڏُڌَ ڀري چاڏِي!

*

ڪُجهه گهارِ سَرائُن ۾!
آ نيٺِ هِتان هَلڻو ٻي، پارِ قَضائن ۾!

*

هِي گهاٽَ مٿان ڪيئِي،
ٻيڙي ته وئِي ڀَرجِي، ويئِي به اَڙي ويئي!

*

اي موتَ اَڃا جيِئان!
آ ڍُڪُ بَچيو باقِي، ڪُجھه تَرسُ اُهو پِيئان!

*

ڀانيُئِه ته مَرِي ويندس؟
سنسارَ! هميشہ لَئِه مان ڪو نه تَري ويندس!

*

ٿو وَٽُ جيان کامان،
uڪا مَتِّ نئين آهيان تو جيئن ڪبيرا مان!

_________
* ڪِري:پرهيز
* سُونڊا: هڪ ڳوٺ.
* هلايا: هڪ ڳوٺ.
* مارو بهاڳ: هڪ راڳڻيءَ جو نالو.
* تُلسي: ٻوٽي جو نالو، جو هندو گهر ۾ رکندا آهن.
* ڪبيرا: اي ڪبير!(ڪبير:هنديءَ جو شاعر)

بيڪار نه ڪَرڻِي آ،

بيڪار نه ڪَرڻِي آ،
اوندهه ته نه آ هر شيءِ، ڪا جوتِ نه مرڻي آ.

*

تولاءِ ته پارَت آ،
جنهن لاءِ به آيو آ، هي موتُ ڳجهارَت آ!

*

* ڇا تون ته سَڌارت نانهه؟
ڇو پيار سَوا تُنهنجو ڪوئي به پدارٿ نانهه!

*

تون ڪونه مَرِي مَرندين،
ڪجهه ڏينهن رَهِي پاسي، ڀانيان ته وَرِي ورندين!

*

هي موتُ اکر آهي،
ڏِسُ هِيءُ به ساڃاهي، هر چيز اَمر آهي.

*

اي موت جڏهن اِيندَين،
تون گيتَ ٻُڏي مُنهنجا، ڪجهه وقتُ ته سوچِيندين!

*

ڪيڏانهن وَٺِي ويندين؟
هر طرف ته مان آهيان جيڏانهن وَٺِي ويندين!

*

ٻِيهارَ جِياري ٿي،
هي کوهَه اڳيان نيسَر ڪا ياد ڏياري ٿي!

*

هي چانهِه مَرِي وَئي آ
هوڏانهن ڪَنڊِي ڪائي، جئن هيٺ ڪِري پَئي آ!

*

سوگهو ته هيو ڏاڍو،
هي ڏار هوائن کان، پر ڪَيرُ چَوي؟ واڍو!

*

ٿا پاڻ رَکُون خبرُون،
هڪ طرف سَٽون تُنهنجون ٻي طرف سَوين قبرون!

*

ٿي لاٽَ ڪَري سانجِهي،
ڪو ٿاهه نه ساگر جو، هو هيکلِڙو مانجهي!

*

اڄ رات خُدا ايندو،
تون آڻ ٻه تازا گل، جو موتُ جُدا ايندو!

*

ڇا زَهر پِيارندين؟
سقراط جيان مونکي ٻيهار جِياريندين؟

*

بَس! آنءُ رُڳو آهيان،
آ سمنڊ اڳيان ڪيڏو، ڪيڏانهُن پُڳو آهيان!

*

اي موت! ڀَلِي اَچ، ويهُه!
تون لاهه جُتِي ٻاهر ۽ پوءِ اسان وٽ پيهُه!

*

ڄڻ هيلَ ته آڻِ آهي!
هي روز تِکا چاقو، ڪيڏي نه سَراڻِ آهي!

*

ٿو جاڳَ نه چاهين تون؟
ڪا ننڊَ انوکي آن، ڇا موتُ نه آهين تون؟

*

تون ڪيرُ؟ نه ٿو ڄاڻان
ڇا لاءِ ڀَڳو آهيان مان هِيئَن ڪڏهن پاڻان!

*

تون ڪيرُ؟ اَجل آهيان
مون ڏانهن اَچين ٿو تون؟ پر مان ته اَزل آهيان؟

*

توتي ته رَکِي آهي!
سُقراط ته ناهيان مان پر زهر چَکي آهي.

*

گهوڙو نه جَهليو، ويندس!
بَس هاڻ گَهڻو پِيتو، بس هاڻِ هَليو ويندس!

*

ڄڻ چنڊ به ڀيلو آ!
ميهار ويو ڪاڏي؟ اڄ روحُ اَڪيلو آ!

*

آ موتُ وڏو ڌوڏو،
هر ڳالهه وساري ٿو، اُن جو ته رڳو لوڏو،

*

اي! موتَ نه ماريندين،
تون آنهه رڳو ڏيِئو، بَس راتِ اُجاريندين!

*

اي موتَ ڪَڪَرَ آهين،
گهنگهور گهٽا وانگر ڪيڏا نه چَڪَرَ آهين!

*

مون کان به پَراهون ٿِي،
ٿو موتَ مَري هَرڪو تُون موتَ مَٿاهون ٿِي!

*

ڀاڻو ته اِهوئي آ!
تون آءُ پَکِي، دل جو داڻو ته اِهو ئي آ!

*

سنسارُ مَڇيري جو،
ٿو روز مَڇيُون ماري، هِي ڄارُ مَڇيري جو!

*

هِي سمنڊ اَجهاڳُ آهي،
جنهن لهر مٿان آهين سا لهر ته ماڳُ آهي!

*

ڪنهن کي به پَرو ناهي!
ٿو سمنڊ هڻي ڇوليُون ڪوئي به تَرو ناهي!

*

ڪيڏانهن اڳي نِيندين؟
اي موت! مسافر آن ڪِٿ راتِ گذاريندين؟

*

تون موتَ – گهڙي آهين؟
ڇا لاءِ ڊڄان توکان ايڏي ته ڪَڙي ناهين!

*

اي موت مِٺو آهين،
جئن آنءُ ڏٺو توکي ٻي ڪنهن به ڏٺو آهين؟

*

تو ڪجهه ته چَيو آهي!
هئن وَڏ ڦڙو مون تي ڇا لاءِ پَيو آهي؟

*

اَڄُ رات رَتَل آهي،
اڄ رات هتان هلجي ميڙو ته مَتل آهي؟

*

تون ڪيرُ مُگَر آهين؟
درياهه وهي ٿو پيو، ڇا نِنڊَ ڪَپَر آهين؟

*

سنسارُ به مايا آ،
جو چنڊ وڇايو آ سو ڄارُ به مايا آ!

*

ڇا ڏيههُ ڇَڏين ٿو تون؟
جي هَيلَ پُنِي آهي، ڪيڏانهن لَڏين ٿو تون؟

*

تون مان ته مڇيون آهيون!
ٿو موت جڏهن ماري ڪيڏيون نه اَڇيون آهيون!

*

جي موتَ ڏِنو ڀِيڙو،
خود چُهنب منجهان ڪرندو، اي ڪاٺ ڪُٺا ڪِيڙو!

*

وَڻ کي به ته پَر آهن!
تون چانهِه ڏٺا ڪونَهن اُڻ لئه به سفر آهن!

*

ٻيهار ڪڏهن ملندو؟
اي راهگذارو هو ڪيڏانهن ويو کِلندو؟

*

ڪيڏانهن وقئينءَ کِلڻِي؟
تون نانهه وري، مُونکي ٻيهارِ ڪڏهن مِلڻي؟

*

ڇا آنءُ اِڪيلو هان؟
’تون‘ ساٿُ ڇڏي ويندين، ’هو‘ آهه سدا مون سان.

_________
* سِڌارٿ:گوتم ٻُڌ جو نالو.

هَل وقت پُنو آهي؛

هَل وقت پُنو آهي؛
اهڙو به پکي آ، جو وَڻ لاءِ رُنو آهي؟

*

ڇا جهونجِهڪڙو آهي!
ڪائي ته بُٺي آهي ڪوئي ته ڀِڙو آهي!

*

رت پونءِ رُڳو ماڻهو،
ٿو موتِ مَري پَنهنجي، جي ڀونءِ رُڳو ماڻهو!

*

تون ڪَير؟ ملايَڪُ آن،
ڇا آهه به ڪجهه اڳتي؟ مون لاءِ وڏو شَڪُ آن؟

*

ڪوئي ته چوي ساڌُو،
سنسار کُٽو آهي يا آهه ٿيو واڌُو؟

*

ڪيڏو نه ڦَڏو آهين!
تون ڪيئن آ‎ڻو هوندين ايڏو ته وَڏو آهين!

*

ٿو ڳَجُهه سَلِڻ چاهِين؟
ڏسجانءِ متان پنهنجو تون پاڻُ رڳو ڊاهِين!

*

تون نانهه پَري سائِين!
مون سَمنڊُ پئي سُونجهو، ڇا لاءِ تَري تائِين!

*

آ پارِ پُڳي ٻيڙِي،
ڪوئي ته پتڻ تي آ، يا آهه رُڳِي ٻيڙي؟

*

نادانَ پيو ڳوليان،
تُنهنجو نه پتو جَن سي اِنسانَ پيو ڳوليان.

*

ڇا راهه ڪَٺِي ويندين؟
تون هَٿّ ڏنو آهي ڪيڏانهن وَٺِي ويندين؟

*

ڇا لاءِ پيو دانهين؟
جا روز سَڏي پيئِي تنهن آد جيان آهين!

*

شهناءِ جيان آهيان،
ڪنهن آهه وَڍيو مون کي جو هاءِ جيان آهيان؟

*

ٿو سورُ ڏَئِي مارِين،
پيڙا ته ٺهيو، ڇو ٿو، تون پورُ ڏَئِي مارين؟

*

مان موتَ مَٿاهون هان،
جي ڏورُ ڏسين مون کي اڳ کان به آڳاهون هان!

*

ڇا رُوءِ زمين آهين؟
ڪِٿ ناهه مڪان اهڙو، جت تون نه مَڪين آهين!

*

هَرِ رَرڙ به ته آ مايا!
تاريخَ سَڄِي ٻيهرَ جي گَهڙ به ته آ مايا!

*

ٿو هانءُ هِڄي – سَپنو!
ٿو ڊَپُ ٿِئي ڪَنهنجو؟ ٿو ڪيرُ ڊِڄي – سَپنو!

*

هي نادَ وڳا ڪنهن لِئه؟
ڪوئي ته گوُالو مُئو ڇِرڪيا ته ڍڳا ڪنهن لئِه؟

*

موتُ هڪ جُدائي آ،
جا اڳي ڪڏهن توسان آنءُ آزمائِي آ!

*

هڪ نئون نِکار آهي،
جي اچي خزان کان پو موت هڪ بهار آهي.

*

زندگي پِرولِي آ،
پر ڏسين اگر سوچي موت کان به سولي آ.

*

آ ڪائنات ڪيڏِي!
اي چنڊ! اي ستارو!، ڪنهن جي برات ايڏي؟

*

اوچِي نِهارَ ڪنهن جِي؟
اي ڪائنات تو ۾ ايڏي اُڏار ڪنهن جي؟

*

ڪهڙو پَکيئَڙو آن؟
توڙي وئين اُڏامي تون اڄ به لِيئَڙو آن!

*

وقتَ جِئَن نه ٺَڳُ ڪوئي!
عمر کان کسي ڳَٺڙي هِئن ويو نه آڳُ ڪوئي.

*

ٿو وڃان پَري تائين،
اي اَنَنت ڳولها ۾ سمنڊ جي تري تائين.

*

ايڏو به نه ٿي پَڏڻو!
آ ڪيرُ هِتي جنهن کي آهي نه هِتان لَڏڻو.

*

سپنا اياز سائين!
ڇو ائن ڇڏي وَئين تون، ساڀيا اياز سائين؟

*

سُک ڄاڻُ ته آهي ڇا؟
دُک آهه سندس ڪارڻ دکُ ڄاڻ ته آهي ڇا؟

*

هي جو ڇَڙو ڇانڊُ،
ڪيڏِي تتيءَ باهه سان ٻري ٿو برهمانڊُ!

*

تنهنجا پارَ اَپارَ
ڪويل جي ٺَهه پهه پُڳِي ڪَتِين ۾ ڪوڪارَ.

*

ڏولي ته اچي ٿِي پئي،
ڪو آهه پٺيان پردي، ٻولِي ته اچي ٿي پئي!

*

ٻولِي ته سندءِ سولِي،
مون لاءِ ته تون ائن آن، جئن ماءُ ڏِئي لولِي!

*

خاموش! خُدا آهي،
تو لاءِ جُدا هوندو، مون لاءِ جُدا ناهي.

*

ڄڻ سُنبَ پيا تِرڪن،
ڪوئي ته مَرِي ويو آ؟ گهوڙا ته پيا ڇِرڪن!

*

توکان ته وڏو آهيان،
ٿا سَمنڊُ چون توکي، ڇا آنءُ ڦڙو آهيان؟

*

ڇا تارِ تران توسان؟
درياهه ته آ ڪيڏو، ٻي پارِ تران توسان؟

*

ڪجهه سوچ ته سَرتا آ
هوڏانهن ٻه ٽي ڪِيڙا، هيڏانهن اَمرتا آ!

*

تون ئِي سَهارا آن،
سنسار نديءَ وانگر، تون ڪَپَ ڪنارا آن.

*

تائِيدَ ته ڪا ناهي،
مان هيل بچي ويندس اُمِيد ته ڪا ناهي!

*

هي ساهُه به تون آهين،
سيسارُ به تون آهين، درياهُه به تون آهين!

*

هي تارَ به تون آهين،
ميهارُ به تون آهين، سيسارَ به تون آهين.

*

بَسِ آن هليو ويندس،
هِي آهه سِڌو توڏي، گَسِ آنءُ هليو ويندس.

*

ڪا باکَ اِئين ايندي،
مان ننڊ پيو هوندس ڌونڌڙا پئي ٿيندي!

*

پيرو ته اڃا ساڳيو!
ڪيڏو نه پري اُڏرِي هان ننڊ منجهان جاڳيو!

*

وَڃُ دُور مُدامي وَڃ!
تون سار نه پڃري کي، ڪنهن وقت اُڏامي وَڃ!

*

اي عُمر وڃين پيئي؟
درياهه پيو ڇُلڪي تون بَندَ ڀَڃين پيئي؟

*

اڄ ڳاٽُ چُمِي تُنهنجو،
في الحال ٻَڌي ٻيڙِي، مون گهاٽُ گهمِي تنهنجو.

*

جي چَنڊَ جَهلِيو ويندس!
ڪيڏو به ڪَپَر ڪُرندا، اي ناوَ، هليو ويندس!

*

ڪيڏو نه مِٺو سپنو!
آ باک ڦُٽِي” پنڇي تو راتِ ڏِٺو سپنو!

*

هي ساهه گهڻو رهندو؟
اي ناوَ! هَليو ويندس درياهَ پيو وَهندو؟

*

تو نيٺِ مَڇِي ماري!
ٿو واهُه ڇُلي اُن ۾ بي ساهُه نه سينڱارِي!

*

ها چَنڊُ مَڇِي آهي،
پر ماڱِريو سارو هِي مَنڊ مڇي آهي!

*

چوڏول پيو ڦِرندو،
تون هيٺ مَٿي ويندين، هو گولُ پيو ڦِرندو.

*

ڇا لاءِ وِڌُءِ گهانگهرو؟
ڪيڏي نه مزي سان ٿي ڪلهه رات ويو ڄانگهو؟

*

جي راتِ وَهيا ٿِيندِي!
تِن شامَ کَجيءَ تي ئي ڪُجهه نِنڊَ اچي ويندي!

*

منهنجو به خُدا آهي،
ڪنهن وقت گلاب آهي ڪنهن وقت صبا آهي.

*

ڇا پَنڌُ پُڄائيندا؟
uڪنهن وقت هَڏا منهنجا شرناءِ وَڄائيندا؟

*

اي پوپٽڙا ڪيڏانهن؟
جيڏانهن نظر آيو تو آهه خُدا تيڏانهن؟

*

ٻي کي به پِراڻُ آهي!
جي ڄاڻَ اِها ڄاڻِين خَنجر به مِياڻُ آهي.

*

تون تيزُ ڪَٽارِي آن،
uمرهم به ته تون آهين، تون وارُ به ڪارِي آن!

*

ٻيهار نه هِي ايندو،
پَل گُلَ جِيان آهي، ويندو ته ڇڻِي ويندو.

*

اي موتَ! ڀَلِي آئين!
موڪل نه وَتَئِه مونکان، جنهن وقت هَلِي آئين!

*

ڇو ڏاتِ وِسامي ٿِي؟
ڇا باک ڦُٽِي آهي ڇا راتِ وِسامي ٿِي؟

*

کاري به نه کيڙائو!
ٿو سَمنڊُ ڏِسين ڇا لئه تون سجَ لَٿي ڀائُو؟

*

مون لاءِ گهَڻا ڪُپڙيءَ؟
ڪي ڏينهن اڃا هَلندا، هي ڪُجُهه ڪَڻا ڪُپڙيءَ!

*

ٻيهارَ به ملنداسِين،
ڪنهن دورُ ستاري تي ٽيهارَ به ملنداسِين.

*

بس ڄاڻُ پُني آهي،
مون لاءِ رَڌي تو هيءَ ڇاڪاڻ ڪُني آهي؟

*

آ جاڳَ وَڌِي ويتر!
ٿي جهونجهڪڙو جيسِين تو ننڊَ نه آ تيتر!

*

جِئَن ماڪَ اڏامي ٿي،
اي آدِميو! آخر هي خاڪَ اُڏامي ٿي.

*

آهي به ته ڇا آهي؟
جنهن جوڙَ سَڄِي جوڙِي ڪوئي ته خدا آهي!

*

تون عرش پُڇائين ٿو؟

هِي پيرَ پَري ويندا جن لاءِ ڪَنائين ٿو!

*

هي گهاوَ هُيا تُنهنجا؟
ٿي آنءُ انالاحق چيو، پَٿراوَ هُيا تُنهنجا.

*

اي موت لَهِي سگهندين؟
ايڏو ته پَري آهيان تون ڪِيئَن ڪَهِي سگهندين؟

*

تون ڳولَ خُدائيءَ ۾!
آ ڪيرُ ڪَٺو توسان هر وقت جُدائيءَ ۾؟

*

اڳتي به سفر آهي،
uاستاد بخاريءَ کي، چَؤ پيرَ ته ڪجهه ساهي!

*

چوڌار ڪَتيون آهن،
سنسار ٻَري ٿو پيو، ڪيڏيون نه بتيون آهن!

*

ڪجهه وقت ٽَري ويندو،
جي موت گهٽائن کي ڏِسندو ته ٺَرِي ويندو!

*

ڪنهنجي نه مڃي ٿِي پَئي،
سَئو ڏَڍَ ڏِيو يارو، هي دل ته وَڃَي ٿي پئي!

*

ڪا موتَ مَهل آهي؟
ڪنهن لاءِ ڀُڏي ڀوپي ڪائي به ڪَهل آهي؟

*

ٿي دانهن ته دُورين مان!
جنهن وقت وَهيا ڪيريا، بَندوقَ کجورين مان.

*

ڇا نِنڊَ سَڏي ٿي پَئِي؟
ڪيڏا نه وَڄائي اَڄ هئِن گهنڊَ سَڏي ٿي پَئي؟

*

سنسارُ ڏسان توسان،
اي چَنڊَ اگر ترسِين ٻيو پارُ ڏسان توسان!

*

ڄڻ دُور پِيارن سان،
مون ايئَن ڪيون ڳالهيون، ڪلهه راتِ سِتارن سان!

*

سنسارَ جيان سپنو؟
جنهن نِنڊَ اکين ۾ آ، تنهن ٻارَ جيان سپنو!

*

هي موتُ ته پَلُ آهي،
جنهن راتِ ملين ٿي تون سا راتِ اَزَلُ آهي!

*

آ جَڳّ سَڄو سَپنو،
هِي ماڳُ به اُن وانگر، جِئن دَڳّ سڄو سَپنو،

*

اَڳُ مور هُيس ڇا مان؟
اڄ رات گهَٽا وانگر، گهنگهورُ هيس ڇا مان؟

*

جنهن وقت مَرِي ويندس،
درياهه وهي ٿو جو تولاءِ تَرِي ويندس.

*

هِن لوڪَ منجهان لَڏجِي،
هَٿُ نانهه، رهيو هَٿ ۾، ڪيڏانهن وَيو ڇَڏجِي؟

*

ڪنهن جاءِ مِليون ڊيلون؟
ڪيڏانهن وئي ڪُٽيا، جنهن جاءِ ٽِليون ڊيلون؟

*

ڪيڏيون نه ڳِليون آهن؟
سَوَ سال اڳي پياريون، جنهن جاءِ مِليون آهن!

*

اي موت سندءِ ٻولي،
ايڏِي ته مِٺي آهي، جئن ماءُ ڏئِي لولي!

*

چُونڊِي ته ڳِٽي ڏاڍِي!
اي موت! سُمهڻ ڏيندين ٿي نِنڊ ڦِٽي ڏاڍِي.

*

قدرت ته حساب آهي،
هَر انگُ اکر اُن جو محفوظ ڪتابُ آهي!

*

موت جي قريب آهين،
پو به ايتريون مَستيُون، ڪيترو عجيب آهين!

*

ڪو نه ٿو لڳي کوڙو،
موت هڪ ڪهاڻي آ، جا ٻُڌي پيو ٻوڙو!

*

درَدُ آهه ڇاتيءَ ۾!
پو به ڪيترو آهي آسرو حياتي ۾!

*

uهِي جاءِ ادب آهي،
هت آءُ جهُڪي ويجهو، اي موت جُتي لاهي!

*

اي موت! جڏهن ايندين،
ڪنهن وقت به مون غافل پَل لاءِ نه پائيندين!

*

اي موت! پُڇيئِه ڪنهن لاءِ؟
هر وقت ته ٻاهر آ، ڪنهن جاءِ ڪڏهن ڪنهن جاءِ!

*

ڪو ڪئت نه هاڻي جو،
ڪيڏو نه مگر سوچيو تو آهي سڀاڻي جو.

*

هي پَٽُ منجهان پينگهون،
تو لاءِ اسان باقي، ڪجهه سالَ پيا اِينگهُون!

*

ڪئن ڳوٺُ ڇڏيندس مان!
جنهن قت سکر آيس تو ڏانهن به ايندس مان.

*

اوٺارَ اچن ٿا پيا،
تون آنهه لَڏي سان گڏ، آثار لڳن ٿا پيا.

*

هي پَنڌُ پَهاڙن جو!
هيسِين ته ڀُلو ناهيان ڪو هَنڌُ پَهاڙن جو!

*

ڪيڏانهن جُهڪي ڏاچِي،
اڄ ڪالهه سياست جي مون واڳَ پَئي جاچِي.

*

هِڪُ مِيهُن ڪَري ڪَڙڪا،
ٻيو وِڄُ وراڪا ڏي ۽ رعد ڏِئي دڙڪا.

*

طوفان لڳا ڏاڍا،
ڪيڏيون نه ٽُٽيون ٽاريون، ڏِسُ ڏارَ ڀَڳا ڏاڍا!

*

پورِي ته ٿِئي پَن ڇَڻَ!
ڏسجانءِ جڏهن پائن، پهراڻ نوان وَڻَ ٽَڻ،

*

سُو سِجّ کِڙي پوندا،
جنهن وقت بسنت ايندو گُل اِيئَن ٽِڙي پوندا!

*

هي روجُهه هيو رِڻِ ۾،
جو رات ڇلانگَن سان ڪيڏانهن ويو کِڻ ۾!

*

ٿِي بَسّ وڃي تڪڙِي،
هِي شهَر وَڌي ٿو يا ٿِي ڄارُ اُڻي مَڪڙِي!

*

ڪو چَرس ڇڪي اڳيان،
آ بَسِّ هوا وانگر ٿو موت وڃي دَڳ تان.

*

جي پارِ پُڳا ڪَرها،
ڇا لاءِ پُڇيُئِه هاڻي اَرهاڪهِ هُيا سَرها!

*

ڪا باکَ اُڀِرڻي آ،
هن سجَ جيان سَچ جي ڪا ساکَ اُڀرڻِي آ!

*

تون سوچ ته پَنٿُ آهيان،
نانڪ به گرنٿ آهي ۽ مان به گرنٿ آهيان.

*

جا واٽَ وڃان ٿو مان،
پيرا ته چِٽا آهن اي ماٽَ وڃان ٿو مان.

*

ڀانيان ته ڀُلو آهي،
پنجاب نه ٿو ڄاڻي باهو ڪِه بُلو ڇاهي!

*

مون لاءِ ڀٽائيءَ جو،
ڇا لاءِ سدائين هو پيغام جدائيءَ جو؟

*

هر وقت سندءِ سارُون،
تون دورُ سَهين ٽِڙڪن، ڪنهن وقت به ديوارون.

*

آ پارِ پتڻُ ڪَرڻو،
ريڍارُ ته سڀ کان پو، اڳواٽ ته ڌَڻُ ڪرڻو.

*

هِي سِرَ نه سِرُون آهن!
جيڏانهن به ڏيس ٻيلو ڪيڏا نه مِرُون آهن!

*

ويساهه ڪيو ويڙها،
ڪنهن وقت وري ايندا شهتوت مٿان هيڙها!

*

گهنگهور گهٽائن کان،
هوڙا ته بچي ويندا، پَر تيزُ هوائن کان؟

*

اڄ چَنڊُ ته ساڻُ آهي،
تون وَڳَ وٺي ويندين؟ ڪجهه دورُ وٿاڻ آهي!

*

اي خواب! ٽِڙيا ماشا!
ڄڻ ڳاهُه ڳُجُهن جو ها ڪنهن هَنڌِ سَوين لاشا!

*

ڪجهه ڍُونڍَ پئي تاڙي،
ڪا هِلِّ هوا ۾ آ هيڏانهن ڳِچي لاڙي!

*

ڪيڏانهن ڪَهن ٿا پيا؟
گهوڙا ته سَوين نُقرا ڄَڻ هيٺِ لَهن ٿا پيا!

*

هي جَهنگُ وَڏو آهي.
هيڏانهن لَڙُون هاڻي، ايڏانهن کَڏو آهي!

*

تون آنهه ته پاڻيءَ ۾؟
هوشو به مُئو هو پَر ٿِي ويڙِهه مياڻي ۾؟

*

هاڻي ته دَرندا ها،
ڪنهن وقت ته ڄڻ مون وٽ انسان پرندا ها!

*

تون هونءَ مَرِي ويندينءَ،
اي سِنڌُ بَچِي ويندينءَ جي هاڻِ ٽَرِي وينديءَ.

*

ڪيڏِي ته ڪُڌي ڪُرسي،
مونکي ته اچي ڪرِسي، ٿو نانءُ ٻُڌي ’ڪُرسي‘!

*

هي شهر ته ٻيلو آ،
ڪيڏا نه مِرُون آهن انسان اَڪيلو آ!

*

ڇا لاءِ جُهرِين ٿو تون!
جي روس اهو ناهي ڇو پاڻُ نه ٿِين ٿو تون؟

*

وِجهُه ڌُوڙ سياسَت ٿي!
انسان رَهيو آهي ڪنهن وقت به هڪ مَتِ تي؟

*

ماڻهو به مرُون آهي،
هُو ’آنءُ‘ رڳو آهي، ڪنهن وقت به تون ناهي.

*

ڪجهه وقت ’اسان‘ آهي،
تاريخ پڙهي ڏسندين بالاَخِرِ ’مان‘ آهي!

____________
* شرناءِ: شرنائي، شهناءِ
* ڪاري وارُ: خطرناڪ حملو.
* استاد بخاري: سنڌ جو مشهور شاعر.
* جاءِ ادب: ادب جي جاءِ. زير اضافت ڪم آندل آهي.

اي ڪَکّ! سياست جي،

اي ڪَکّ! سياست جي،
ٿو روز هڻين مونسان ڇو جَکَ سياسَت جِي!

*

تو ڇو نه ٻُڌو مونکي؟
ٿو ڪوڙ هلي ڪيڏو تو ڪو نه ٻُڌو مونکي.

*

هڪڙا ته سَهن وانگر،
ٻيا ڏِس ته لڳن ٿا پيا نَاهر جي نَنهَن وانگر!

*

تون قومَ ڪٿي آهين؟
تون خود به نه ڄاڻين ٿو، چاهِين به ته ڇا چاهين!

*

تون خَبط ُ صدين جو آن،
سمجهين ته ائين ٿو ڄَڻ تون رَبطُ صدين جو آن.

*

اي مِينهَن! مَرَڻ ايندا،
تون تارِ تَرائِي ڪَر، هَر راتِ هَرڻ ايندا!

*

اي هُٻَ هَلِي ويندينءَ!
ڇا ڪو نه وسائِيندينءَ ٿِي اُٻَ هلي ويندينءَ؟

*

ڇا لاءِ ڀَلا واريءَ؟
طوفان ڍَڪيا آهن، هر وقت سَلا واريءَ!

*

اي ٻاٽَ ڪري ڏاڍا،
هوءَ چِٻَ وَئِي اُڏرِي، چرڙاٽَ ڪري ڏاڍا!

*

ائن وَهٽُ نه پاڃاريءَ،
اِن رِيت لکيو آهي هي ليکُ به ليکاريءَ!

*

مون کي نه ميارون ڏي!
uڄڻ وِڄُ ڪِري پَئي آ اڄ دَنِّ مٿان تنهنجي.

*

vتوئي ته گهُريون ڇورا!
ٿَر ڪالهه وَيا ٿيلهي، تون کاءُ ڪُريون ڇورا!

*

جنهن وقت پَوي پارو،
گورو به ڏَڪي تَنهن ۾ ٿو جيئَن ڏَڪي ڪارو.

*

ٻِي ڪا به دوا ڪيِنَ آ!
هِي مرض سياست جو، تَنهن لاءِ گِلوٽِين آ؟

*

تولاءِ ته گهاٽُ آهي،
ڪِن لاءِ ندي جنهن مان ٿي ناوَ اُچاٽُ آهي.

*

هي شهرُ به مانگرڙا،
جِن پيٽُ نه ٿو ڀَرجي، هر چيزَ لڳي ذررڙا!

*

ٿا واتَ هلن هِتڙي،
مانگر به مِلَن هتڙي، ويسَر به پَلن هتڙي!

*

هي ٽِنڊ مٿان ٽوپي!
ڪيڏي نه لٻاڙ آهي، ڪلهه رات هنئي تو، پِي!

*

ڪيڏو نه هيو گِيدِي!
جو ڪالهه مُئو ڀَڄندي ڌاڙيل مُحَب شيدِي!

*

قانون به تون آهين،
قارون مُئو ناهي، قارُون به تون آهين!

*

ڇا ٽياس مٿان ٽنگجُون؟
بي موت مَرُون يارو! ڳالهيون نه ڪيون جنگ جون؟

*

آثار چون ٿا پيا،
هو اُٻَ پَئِي اُڀري ڇَنڊا به پون ٿا پيا!

*

ٿَڻُ آهه ته آهي ٿرُ،
ڪاراڻ ٿِيو آهي هن وقت اُتر اوڀَرُ.

*

تون چُڀِ ته ڪَرِ چَرڙِي!
ٿو اُڀُ لڳي سارو ڪيڏِي نه تِتَر کَرڙِي!

*

ملهار ته ڪجهه ڳايو،
هن وقت ڏکڻُ اولهُه، آيو ڪه اِجهو آيو.

*

تاڙا به تنوارن ٿا،
ڪجهه مورَ ڪري دانهون، اي اُڀَ پُڪارن ٿا!

*

ڇا لاءِ کَنَهيَئِه ڪِياڙِي؟
سَچ چَئه ته بري بُک کان ڇا آهه نه ٻُوٿاڙي؟

*

ڪجهه خوابَ ڇُپائي رک،
ٻِي راتِ به اچڻي آ، اُن لاءِ بَچائي رک،

*

ڄڻ ڪُتِّ سَتائي ٿي!
اي موتَ اِئين مون کي هي رُتِّ سَتائي ٿي!

*

هُو چَنڊُ مٿان چَڪلي،
ڪجهه لوڪ لَڄا واريُون ڪيڏانهن پَيو هَڪلي؟

*

هي ڀاڙِ سياست جي!
ڪيڏو نه وئي وِچڙي ڪو راڙ سياست جي!

*

جنهن وقت پَکِي ايندا،
منڇر به مَلهي ويندو تو گهَرِ به سَکِي ايندا!

*

هن وقت ته ڀَر ڀيڙي،
ماني به پَچي ٿِي پَئِي گهر گهاٽُ به آ ٻيڙِي.

*

ڪو ڦَٽُ سُڪو ناهي،
آ مَڌُ چُڪي باقي ڪو مَٽُ سُڪو ناهي!

*

ڇا سَچُ مَرِي ويندو؟
ڇا رَکَ وَڃِي رهندِي، هي مَچُ ٻري ويندو؟

*

ڪيڏو نه سَڙيِن ويٺو!
ٿو ڪجهه نه ڦَٻي توکي پر گهاٽ گهَڙِين ويٺو!

*

ڪيڏِي نه وَڏِي آهي!
ڪيئِي ته ڪُٺا اِن تي هِي آسَ – اَڏِي آهي!

*

هي ٿَنڀَ ڏِسو ٿاڻَن!
آ ڍَڪُ وَڏو تِن تي جيڪا به وَڍِي ماڻَن!

*

سَڀ ڏارَ ڪَپيل آهن،
جنهن وقت رڍون آيون ريڍارَ ڪَپيل آهن.

*

هي ڀيڄَ ڀنيءَ ڀاڻان!
تون آءُ وري موٽِي ٻي ڳالهه نه مان ڄاڻان.

*

ڏِس سانتِ اَڪيلِي آ،
تون آءُ هلي تو لَئِه ڪيڏي نه حَويلي آ!

*

اڄ ڪالهه مَکين وانگر،
انسان ڪڏهن ٿيندا آزاد پَکين وانگر؟

*

* اڌ رات رُڳي ڪانجهي!
ٻيڙي ته ٻَڌءِ ڀَرتي ڪجهه وقت اَڳي مانجهِي!

*

* هي کامڙِيا آهن
کامو به پيا کوٽن، ماني به پيا کائِن.

*

ڄڻ تيز ڇُرو آهين!
تون دوست به آن منهنجو، دشمن به بُرو آهين!

____________
* دَنِ: گاهه يا اَنُ ڪٺو ڪري اوکي وقت لاءِ دَن ٺاهيندا آهن، جيڪا باهه سان نه سڙندي آهي.
* ڪُريون:هنداڻي جا سُڪل ٻج.
* ڪانجهي: ڏاڍا پترا چانور، گهڻي لوڻ وارا.
* کامڙيا: مزور.

ڪنهن وقت سَتائين ٿو،

ڪنهن وقت سَتائين ٿو،
پڇتاءُ به پاڻ آهين جي ڪَنڌُ ڪَپائِين ٿو!

*

هي سُرخ سلام آهي،
ڪنهن کي ته مُئا ڪن ٿا ڪوئي ته مقام آهي!

*

ڇا گهنڊَ رُڳو گِرجا؟
uتون آنهه پروهت پَر پَربِين اَٿي پِرجا!

*

ٿو ڪانوَ تَڙي ماڙهو!
هي ماچ چَڱِي ناهي گَهٽ کاءُ اڙي ماڙهو.

*

ڇا وَسَ رُڳو واڪو؟
ٿو لَڪُ وَڃي آڏو ڪيڏو ته نه چاڙهاڪو!!

*

ڪَنهنجِي نه مَڃِيندي آ،
ڌَرتِي ته سَهي وانگر هَر وقت ڄَڻيندي آ!

*

اِئن ساڙَ سَڙِي ويندين!
ڪا لهس نه تو ايندي، جنهن وقت لَڙِي ويندين.

*

بُک ۾ ته ڪَچا کائي
ڌَرتِي ته ڪُتِي آهي، ٿي روز ٻَچا کائي!

*

گڏ آنهه نه گَڏڙي ۾؟
تون دُور لڳين ڪيڏو پيو هونءَ ته سَڏڙي ۾!

*

گڏ آنهه ته گوڙيءَ ۾؟
هي چنُ ڪِ چيرولِي آ وَقتَ – ٽِجوڙيءَ ۾!

*

ڇا موت بُرو آهي،
پر هيءَ حياتي خود، هڪ تيرُ ڇُرو آهي؟

*

تون وَٽِ ته ٻه ٽي مينهون!
گهر گهاٽُ ڇَڏي ڪنهن لَئهِ درياه پيهون!

*

اڄ رات اُکيڙي ٿِي،
ڪيڏا نه سَلا پاڙَؤن برسات اُکيڙي ٿي!

*

ڪئن لُونءَ ڀُلي لولِي!
تون ٿَڃُ جيان ڪنهنجِي، ڪَنهن وقت هُئينءَ ٻولي!

*

* آ مُندَ نه اَمَن جِي،
توکي ته اڃا عادت بي وقت اُڏامَن جي!

*

بندوق نه تو تاڻِي،
ٿو جَجُ ڏئي فتويٰ، ڪنهن لاءِ اهو ڄاڻِي!

*

واپارَ سُمهي پيا سَڀُ!
ڪيڏا نه هَڏا چوسي هاتارَ سُمهي پِيا سَڀُ.

*

ڪهڙي نه صَدي آهي!
واڳون نه جِتي ڪيئِي اهڙِي به ندي آهي؟

*

اڳ جيِئَن نه جوکو ٿي،
هاڻي ته هَلو سوچي، ٻيهار نه دوکو ٿي!

*

تون دوست ڪِٿي؟ وِڇُون!
حيوان چڱا آهن انسان نه آهين تون!

*

اي شمع ٻُجهي ويندينءَ!
آ رات وَڏِي، ڪيسِين تون روشنيون ڏيندينءَ؟

*

توڙي ته پُراڻو آ،
هِن هَنڌ وَڏا پوريل، هي شهر اباڻو آ.

*

بيڪار وئي گولِي،
ڌوڙيو ته ڪٿي ناهي هر هنڌ رُڳي هولِي!

*

ڪنهن لاءِ اهي قبرون؟
اخبار پراڻيءَ تي تون آنهه رڳو خبرون!

*

انسان جِئَين ڪُتاّ!
ڏِسُ ڍونڍُ ڏِسِي تِن جا، ڪئن ڏَندَ وڃي کُتّا!

*

ڪهڙو نه شهَر آهي!
* آ چنڊ اُهو پيالو، جنهن منجهه زهر آهي.

*

هي سَڙڪ سويري ۾!
اچ وڃ ته اُداس آهي، ڪيڏي نه اَنڌيري ۾!

*

ٻيهارَ به واچوڙُو!
ڇا جِندُ ڇَڏائيندو هاڻي به نِمي ٻوڙو؟

*

ٿِي پير ڏَنڀي ڌرتِي،
چُپ چاپ رهان ٿو مان ۽ روزُ رَنڀي ڌرتي.

*

ڇا رات اڪيلي آ!
ڪوراڙِ جيان ٻيلو، ڪوئي به نه ٻيلي آ!

*

* ڇا ڳالهه اَدلَ آهي؟
سَکرّ ته ٿڌيرو آ يا مُندَ بدل آهي!

*

آهي نه اڃا ٽيڙهي؟
ٿِي ساهُ ڪڍي وڻ جو اُڀري به ته وَڻ ويڙهِي!

*

ڪيڏانهن وَڃِين ٿِي تون؟
آ تِکّ گهڻي اڳتي ڇا لَئِه نه مَڃين ٿِي تون!

*

اي لاڙَ! ڏکيو آهِين،
هو چَنڊُ، هَوا ڏاڍِي، پر تون ته بُکيو آهِين!

*

بي حياءُ پاڙو آ،
آدمي ازل کان جِت موتَ جِئَن اگهاڙو آ.

*

وَڏ ڦُڙو پيو ٺاهي،
* ڪوئَلون وَريُون آهن، اُٻَ اُڀَ ۾ آهي.

*

جِن وَٽِ سِڪّا سُنهِرا،
ڪيڏي اَٿاهه اوندهه سي چَنڊ چَنڊ چهرا!

*

هو هونءَ ته دنيا ساريءَ ۾،
* پر جام َ جيان گلرنگ لڳو ٿي فيضُ لياريءَ ۾.

*

ويٺا چَنڙّ کيڏن!
ڄاڻن ٿا گهيراءءُ ڪيو آ تن جو لِياريءَ ڪيڏَن!

*

گَهرُ گَهرُ گهاڻي ۾،
ٿاڻيدار ته ويٺو آهي، پنهنجي ٿاڻي ۾!

*

ڪيڏو دونهون آ!
هي رستو ڪيڏانهن وڃي ٿو، ڪوئي سونهون آ؟

*

هِن ويراني ۾،
ڏِس ڪيڏِي ڦُر مارِ هلي ٿِي جوئا خاني ۾؟

*

ساڳي دنيا ناهي؟
ڪو ڀيرو مل هوندو پر ٻِي هيءَ ڪراچي آهي!

*

سيّدَ، سيّدَ تون!
ڳالهه ڪرين ٿو ايڏي ڇا لَئه، ڏيئي شَد مَد تون؟

*

آءُ ڪِلفٽن آءُ!
سَمنڊ جيان جو کارو آهي، ڀاءُ نه ڄاڻي ڀاءُ!

________________
* پَربِين: باشعور.
* آم: انب
* سنڌيءَ ۾ شهر ۽ زهر ۾ ’هه‘ متحرڪ آهي. اُنکي ساڪن ڪرڻ فضول آهي.
* ادل: ادل سومرو.
* ٿر ۾ ڪارن ڪڪرن کي ڪوئلون به چوندا آهن.
* فيض:فيض احمد فيض.

سنڌي ڇوريءَ کي

سنڌي ڇوريءَ کي،
ڇَڏّ کڻِي تون، ڏاج مليو آ ڪيڏو بوريءَ کي؟

*

بِي بِي سي ٻُڌندين؟
روز ٻُڌين ٿو ڪُوڙيون خبرون، ڪا سَچِي ٻُڌندين؟

*

ڪيئي واتَ وَڏا!
مورِڙيا! هِڪُ مانگر ناهي، ڪُنَ ڪلاچيءَ جا!

*

ڏس ٻير پَڪا ڏاڍا،
گَهر آءُ رُلِي تُنهنجا اڄ پَير پَڪا ڏاڍا.

*

ڀَؤ ڀول هليو ويندو،
هِي چنڊُ چُمِي ڏيئِي پو رول هليو ويندو!

*

پِي کُوهه تَري تائين!
هي چَنڊُ به پي وڃ جو، آ هيٺ پَري تائين!

*

جي جيءُ جَڏو آهي،
ڇو ڌيان ڏِيان ان تي، ڪيڏانهن لَڏو آهي؟

*

اڄ جَهڪّ لڳي ٿِي پَئِي،
تون نيٺ هلِي ايندينءَ مون پَڪّ لڳي ٿِي پَئِي!

*

جئن پاڻ جُهلائي ٿِي،
اڄ آهه بسنت آيو، هِي ٻيرِ ٻُڌائي ٿِي.

*

اڄ جِيئَن نه واڙيءَ تي!
هي رات مٿي گذري جيڪر ته پهاڙيءَ تي!

*

آ ڪَلَ پئِي تو ڪا!
ٿي مُند پئي گذري ۽ ڏنگَ ٿيا ڏوڪا.

*

جهولا به هُيا جهولا،
ڪلهه اَنب ڪِريا ايڏا ٿي لوڪ ڀَريا چولا!

*

ڪلهه راتِ پهاڙن جي،
ٿي چنڊَ ڪئِي مونسان ڪا باتِ پهاڙن جي.

*

ڪيڏا نه پَکِي آيا،
پَر پاٽِ ڀَريئِه جيڏي، ايڏا نه پکي آيا.

*

هيڪار حُبابن کي،
درياهه ڪِناري ڏس، ڏي باهه ڪتابن کي!

*

آ ٻيرِ ڀَرِي ڪيڏي!
سڀ ٻيرَ ڇڻي ويندا، تون ڌوڻَ نه ڏي ايڏي!

*

تون روڪ نه کانڀاڻي!
۽ ڇڏ ته پکي پيئي ڀَل نَهر منجهان پاڻي!

*

نيندينءَ به ته تون ڇا ڇا!
درياهه کڻي ويندو اي نمُ سندءِ پاڇا!

*

هي نِمُ مٿان ڪان ڪان،
ايندو به پرين ڪانگا يا ڪالهه جيان ڪان ڪان!

*

مونکان به ڳُجهون ڳالهيون!
ٿو سونُ ٻَري جِن ۾ سي چَنڊَ مُڪَيَئِه ٿالهيون!

*

ائن ڏينهن تڳن ٿا پيا،
ٿا اَنبَ ٽُڪِن طوطا، جهولا به لڳن ٿا پيا!

*

جئن يارَ چُمِي ٿَڻَ تي،
ٿو ڏار چُمي اُن کي آ چنڊُ لَٿو وڻَ تي.

*

ڪِٿِ رَين بسيرو آ،
اڄ رات ٿَڌِي آهي ٻيو ٻاٽَ انڌيرو آ!

*

ڇا هيل ٽِڙيا آهن!
جيڏانهن به هلنداسين رابيلَ ٽڙيا آهن!

*

ڄڻ ڍَڪُ ڍَڪيو سانوَڻ!
هُو ڏينهَن ڏِٺي تو ۾ درياهَه لڳا ڌانوَڻ!

*

اڄ سُمهه نه هِتي ڇَت تي،
ٿا ڳَلّ ٻَرن تُنهنجا، ٿو چَنڊُ چمي ڄَت تي!

*

هي اَلَ ٽپهريءَ جا،
۽ واءُ سرءُ جي ۾ هِي پَلَ ٽپهريءَ جا!

*

ڀَل گِهنڊَ پيا کَڙڪن،
ٿا ڪو نه مُڙن طوطا، شهتوت پيا لَڙڪن.

*

زيتونَ ڀَري ٻيڙي،
اڄ رنگَ شفق جي ۾ ٿِي، ڪِئَن نه تَري ٻيڙِي!

*

جنهن وقت گهِرينءَ گهر ۾،
۽ گهوٽَ ڏِٺئِه گهُوري تو سَچُ ڇڏيو دَر ۾.

*

جنهن وقت پَڪار آڙو،
تو ڪو نه ٻُڌو مونکي ٿي آنءُ چيو ’ماڙهو‘!

*

هي مِينهن کجورين تي!
جُهڙ آهه ٿِيو گهاٽو هِي ڏينهُن کجورين تي!

*

ها سَسُ ته چُچّي آ!
پو ڪيئن پَروڙي وَئِي هي نُنهَن به ته لُچّي آ!

*

هي ڪاٺ ڪُٽي ڪِيئون!
ڪئن رَنگ ڏِسِي ههڙا برداشت ڪري هِيئون!

*

ڏس رات رَمي پيئِي،
ٽارِي ته ٽڙِي آهي، ڪا چيز ڄَمي پيئي.

*

هي سونَ وَنيون شامون!
ڇا سجُ پَرندو هو اُڏريو ته لُڏيون لامون!

*

ڪيڏيون نه ڇِتيُون ڇوليُون!
اي چَنڊَ پَئي سمجهيون، توئِي ته سَندن ٻوليون!

*

درياهه سِتارن سان،
ٿو چَنڊُ وڃي اُن ۾ ڪيڏانهن ڪِنارن سان؟

*

مون لاءِ فقيرن مان،
تو چنڊُ ستارن سان، سمجهو ته اميرن مان!

*

اڄ رات سُجاول ۾،
آ چنڊ ستارن جي ڪيڏيءَ نه ڊگهيءَ وَل ۾!

*

آ رات لَڙي راڄڙَ! *
قادر ته پَيو، پيئي، آ بُکّ لڳِي راڄڙَ! *

*

آ رات لَٿِي ساٿي،
ڪجهه نانهه صراحيءَ ۾ ڪا ٻِي به اَٿِي ساٿي!

*

ڪَن ڪانوَ پيا ’ڪان‘ ’ڪان‘،
ٿي سانجِهه سرءُ جي آ، مان ڪجهه ته پيو سوچيان!

*

ڄڻ موت هوا ۾ آ،
هي چنڊ سرءُ جو آ، يا آگَ چِتا ۾ آ؟

*

سَڀّ نِمُ ڪِٿي ٿينديون،
اڪثر ته نموريون ائن بيڪار ڇڻي وينديون

__________
* سرفراز راڄڙ.
* عبدالقادر جوڻيجو.

اَڄ چَنڊُ جِهڪو آهي

اَڄ چَنڊُ جِهڪو آهي،
ڦهلاءُ سندس بَڙ تي ڪيڏو نه ڦِڪو آهي!

*

ڄڻ سِجّ سَمائِي آ،
اڄ شام شَفق پَنهنجِي ڄانڀي ته بڻائي آ!

*

ٻيڪارَ اُٿيا آهن!
ٿو چنڊ لَهي هاڻي ريڍارَ اُٿيا آهن.

*

پَل چارِ حياتيءَ جا!
ڇا لاءِ پيو ڳائين هِي گيت ممتائيءَ جا؟

*

اهڙا نه اَننتن جا،
ڪهڙا نه چڱا آهن، هي گيتَ بسنتن جا!

*

رابيل ڦُٽي آهي.
اڳ اِئن نه سُڳنڌ اُن جِي جئن هيلَ قٽي آهي.

*

ڄڻ ڊَيلَ اُڏامي ٿي.
ٿي واءِ اُڏامي يا رابيلَ اُڏامي ٿي؟

*

ٿي دورُ رَئِي جهومي،
آ لُنب سُڪو اُن جِي پيلاڻِ پَئِي جهومي.

*

هي شامَ، شَفق - لاوان
آ لُنب اڃا سائو، ميدان ته ميٽاوان. *

*

مُکڙي تي اَٿِي تِرُ يا،
ڪو مُگ پَيئِه چنِبڙي، تو کيتَ پَئي ڦِريا!

*
هي تَڙ مَٿان هيرَڻُ
پِي ڍُڪَ ٻه ٽي ويٺو ڪا ديرِ مسافر ڄڻ!

*

ڇا لاءِ نِميُون لاڻيُون؟
آ واءُ سرءُ جي يا هُو اُٺُ ڳِچي تاڻيون؟

*

اَڌ رات، کجيون، نِيرو،
ڇا پو به لِڪِي پِيئُون آ چنڊ ته پاسِيرو؟

*

ٿي باک ڦُٽي هاڻي،
تارا به ٻڏن ٿا پيا، ٿي رات کُٽي هاڻي.

*

ٿو روجُهه اَچي وِيريءَ،
ڪيڏو نه اُڃايل آ ڄڻ اوجهُه اَچي وِيريءَ!

*

اَڄ باک پَئِي هاري،
جيڪا به چِڪي پيئي، سا ڊاکَ پَئِي هاري.

*

هي راتِ ڪَچهريءَ جي،
ڪيڏي نه پئي آهي برساتِ ڪَچهريءَ جي!

*

آ سمنڊ ته آئينو،
ڏس ڪئن نه ٽُٻڙڪو ڏئِي ڳِڙڪائي مَڇِي ڪِينو! *

*

برساتِ، اَڪيلائِي؟
ڇا لاءِ وَڻي ٿِي پئي اڄ راتِ اَڪيلائِي!

*

هي راتِ ٺَريءَ باهيون!
آ پَنڌُ پَري ڏاڍو، ڪجهه وقت پَٽيُون ساهِيون.

*

اي هانوَ! لَنوِي ڪنهن سان!
uبَرسيمُ کجورين ۾ ٿو لانوَ لَنوي ڪنهن سان؟

*

ڪيڏو نه اُڀارُ آهي!
آ سمنڊ ٻه پهريءَ جو ڪو آر نه پارُ آهي!

*

هَوڏانهن نِمُون سايون،
هيڏانهن پَڙا پنهنجا سڀ ڳاڙَهه – سَرا پايون!

*

تون آهه اگر واندِي،
ڇا سونهن لتاڙيندينءَ؟ گُل پوکِ نه پيراندِي!

*

ڄڻ گَجَ پَريان ٻاريُون،
ٿي کوهَه مٿان آيون اِئن جهونجهڪڙي ناريُون!

*

اڄ هاءِ کجورين جُون،
اي چنڊ اُڀيون ٻانهون تو لاءِ کجورين جون!

*

ڪيڏي نه ڪُٻي آهين؟
ساريون ته ويون ڪپجي ڄَڻ تون ته ٿُٻي آهين!

*

سارنگُ پيا سارِيون،
ڪيڏي نه اُساٽ آهي، اَڄ اُڃَ جِئين آرِيون!

*

اهڙي ته بُرِي آئِي!
آ ڍيرُ ٿيو گهرڙو، ڪلهه رات لُرِي آئي.

*

هِي مرگَهه ڇپائي ڇڏ!
رينجر به اجهي آيا، اڄ ڪُنوارِ لِڪائي ڇڏ!

*

ٽوڀا ته هُيا ڪيئِي!
ڪنهن جاءِ ڀَري جنڊو، تون راهه رَمين پيئِي! *

*

آ راتِ لَهِي آئِي،
ٿِي جامَ ستارن جا، مون لاءِ ڪَهِي آئي.

*

آکاڙ مَٿان اُڀري،
سج ننِڊَ منجهان نڪرِي ٿو لاڙَ مٿان اُڀري!

*

تون آءُ ته هِي تر آ!
ڇا لاءِ جُتي پائين ڄَڻ پَٽُ پَٽيهر آ!

*

جَهنڪار وڃي ٿِي پئي،
ڪنهن پنڌِ ڇڏيو ويڙهو؟ ڇا ڪنوار وڃي ٿي پئي.

*

آ مُندَ انارن جي،
ڇُلڪاءِ نه ڇورِي تون هي بوءِ بهارن جي!

*

ها، سَر به ته ڪيئي ها!
اي چَنڊَ هُئين جن ۾ ساگر به گهڻيئي ها!

*

ٿي چَنڊَ ڏٺو سِينو،
ڪلهه رات هئي چَؤڏس، هو سمنڊ به آئينو.

*

سُهڻو ته هُيو سپنو!
پر پو به پکيئڙي جو، پڃرو ته هُيو سپنو!

*

مينديءَ رَتل هٿ ۾،
uڪيڏو نه وَڻي پيئِي اڄ ٻارَ ڪَتل هٿ ۾!

*

چُپ چاپ نه هڪ پَل هو!
لهرون ته هُيون لهرون، پَر چنڊ به چنچَل هو!

*

اڄ مِينهُن پيو آهي،
ٿي سانجَهه لَهي سَر تي، ڪُجهه ڏينُهن پَيو آهي.

*

تو ڏانهن ڪَهِي آيس،
اي چَنڊ گهٽائن ۾ مان راتِ رَهِي آيس.

*

هي گهاٽَ مٿان گيڙُو،
تِرسول هيا هيٺان ۽ اُڀَ مٿان ٽيڙو.

*

ڄَڻ پَلَ اُڏامن ٿا.
آ ويلَ ٽپهريءَ جي، اڄ اَلَ اُڏامن ٿا.

____________
* نوٽ: لنب جو ٻوٽو سُڪي، پيلو لڳندو آهي.
* ڪينو: سمنڊ جو پکي.
* بَرسِيم: گاهه جو اُتر ۾ کجورين جي وچ ۾ پوکيندا آهن.
* ٿر ۾ جنڊن ۾ دلا ڀري ٻنهي پاسن کان رکندا آهن.
* ڪتل:کارڪ

ڇا سَردُ فضا آهي!

ڇا سَردُ فضا آهي!
ٿِي رات ٿِئي پُورِي ڪهڙي نه هوا آهي!

*

هي واٽَ وَڇيرن جي!
ڳٽڪار ٻُڌي آهي تو هيئَن به ڳيرن جي؟

*

ڏِسُ، ريت ته آ ڳاڙِهِي!
جئن سجّ لٿو ٿر تي، هر ڀٽّ ٻڌي ساڙهي!

*

اسرارَ ڏسين ٿو تون!
uڄَر واءُ جيان جنهن ۾ سو ڄارَ ڏسين ٿو تون؟

*

هي ٻِرَ ڇَڏي ٽِنڊِڻيون!
ڄڻ ڄَڃَ وَڃي ٿِي ڪا، ايڏيون ته وَڳِيون گهَنڊڻيون!

*

ٿي هيل ڏئي خوشبو،
ڪيڏي نه عجيب اڳ کان رابيل ئي خوشبو.

*

تو سجّ لٿي راڻِي!
آڪاشَ منجهان چوريءَ آندِي ته نه ٻوراڻي؟

*

ٻي کي به ڪَهَل ناهي،
جئن گاههَ مٿان هَرڻِي، تو باکَ مَهَل ناهي!

*

جنهن وقت به ڇانوِرڙو،
۽ اُڀ مٿان بادل، آ سجُ به سانوِرڙو!

*

اڄ ڏينهن ته ڄڻ ٽانڊو!
آ سجُ لَٿو ٻَرٻَر، پَر پوءِ به پوڇانڊو! *

*

بادل نه گُڙيا آهن،
اَڄ سُڃَ اَپار آهي، هيرَڻ نه هُڙيا آهن!

*

هو ڄَار مٿان دوڏو،
ڪيڏانهن ويو اُڏرِي، جئن ٻار ڏنو لوڏو؟*

*

ڄڻ ڪوسُ ڀَوَڻ تي آن، *
هيڪار ڀَري آئينءَ ٻيهار پَوَڻ تي آن؟

*

لُوڻاٺ ائين واريءَ،
جئن سَمنڊُ هڻي ڇوليون! آ واٽَ اَئين وارِيءَ!

*

دَڳُ روز اَلي ويندي،
ڪَنهن وقت سُڳنڌ ايندي، ڪنهن وقت هَلِي ويندي.

*

ڏِسُ سونَ مياڻيءَ تي،
ڪيڏي نه شفق گَهِري ڇا رنگُ نه پاڻيءَ تي!

*

ڪيڏو ته نه آ ڪاڙهو!
آ سجّ تَتو سَسُئِي! ٿو دور وڃي هاڙهو!

*

ڇا سانجِهه سُنهري آ!
پر عُمر ته وَس ناهي هِي ناوَ اُٻهري آ!

*

مَهراڻُ وَهي ٿو پيو،
تارَن ته ڏنا ٽوپا پَهراڻُ ٺَهي ٿو پيو.

*

مانڊاڻُ اُڊيڙيو ٿِي!
اي راتِ، سندءِ جُنگنوءَ پَهراڻ اُڊيڙيو ٿِي!

*

ٿي سيءُ نه ڪارونجَهر!
وَڻ واءُ سُڪايا سَڀُ ڪو جيءُ نه ڪارونجَهر!

*

ڇا راتَ ٻَري پيئِي!
جُگنو ته پيا چمڪن بَرسات ٻَري پيئِي!

*

ٻَهڪي ته پيو مورو!
اڄ مينهن پيو ڏاڍو مَهِڪي ته پيو مورو!

*

ڪنهن مينهَن ڀِنل وَل ۾،
دل ڪِيئَن وَئِي وِچڙي ڪلهه راتِ سُجاوَل ۾!

*

ڪلهه رات سُجاوَل ۾،
جئن پارِ پُڳِي ٻيڙِي، تو ڏانهن ڀَڳُس پَل ۾.

*

ڪلهه سِجُ ته رانڀُوٽا،
اڄ ڏينهن ٺَريو آهي، ڪجهه مينهَن ڀِنَا جُهوٽا!

*

هِي ڳالهڙِيُون هُن سان!
ماڻهو ته نه مِٺڙائو، ڄڻ لاٽَ پيو هان مان!

*

اَڄ رات عَجَبَ آهي!
گجگاٽ ٿيا ڪيڏا، نَئن گاج غضب آهي!

*

ڇا رات رَتل آهي!
رابيل ٽِڙي آ اِئَن، ڄڻ مَڌُ مَتل آهي!

*

هي ڪارِ بتيون آهن،
ٿو لِيڙَ لڳي رَستو، ٽي چار چَتيون آهن!

*

هي رات اُماوَس جِي!
اَڌ راتِ اُٿي ويندينءَ، تو ڳالهه نه وَس جي!

*

ماڻهو ته ڪُٻا آهن!
برساتِ پئي آهي، ڪيڏا نه دُٻا آهن!

*

ڇا جيءَ پيو جِهمڪي!
جي آگ اُجهامِي وَئي، ڏِسُ! وِڄُ پئي چِمڪي.

*

ڪَڙڪاٽ کِنوَڻ جا ٻُڌ!
ڪيڏا نه پَکي اُڏريا ٽڙڪاٽَ ته وَڻ جا ٻُڌ!

*

آ مُندَ نمورين جي،
ڇَڻنديون به ته ڇا ٿيندو، ڏِس ڇيڄَ ته ڇَورين جي!

*

برسات پَئي آ ٿَرَ،
اڄ ڪالههَ نه ڪاريهَر جِئن راتِ کڻي ٿي ڪَرَ!

*

تون آءُ اُٺي سانوَڻ!
ڪر چَنڊَ جِيان سَرچِي پَرچاءُ اُٺي سانوَڻ!

*

هي گهنڊ مٿان پوپٽُ،
جئن گهنڊ وڳو، اُڏريو آڪاسِ ڪَيائين گَهٽُ! *

*

ڪٿ راتِ پئي آهي!
هر جاءِ وُٺو سانوُڻ برساتِ پئي آهي!

*

وَڻ ٽَڻ ته ڌُئاري وَئي،
برساتِ پئِي ايڏِي ٿوهر به ڦُلاري وَئِي!

*

ڏِس، وِڄُ کِلي آهي!
هي بَجِّ گهٽائن جي، ڄڻ راتِ ٻِلي آهي!

*

سنگيت ڇِڙي آهي،
ڄڻ مُند ڦري ويئي، ٽانگر ته ٽِڙي آهي!

*

چَوَندين ته گلاب آهي،
ٿو آنءُ ڏسان خوشبو، مون لاءِ نقاب آهي!

*

جئن ديدَ دَري ٻُوٽِي،
هڪ ڪارِ پئي آئِي، ڪيڏانهن وَئِي گم ٿِي؟

*

رانئِي ريتيءَ رُوءِ،
هي جا ڀِٽُن ڀاڪُرين اهڙي ڪائي جُوءِ!

*

آڌيءَ راتِ اَبوءِ!
ڪيڏا تارا اُڀَ ۾ جن کي ناهي پوءِ!

*

جهونجهڪڙي ۾ ماٽَ!
ڪنهنجا ڪنهنجا ميرا ڪَپڙا توتي ڌوٻي گهاٽ؟


______________
* ڄار:کبڙ جو وڻ.
* پوڇانڊو: جتي ڀٽ جي پڇاڙي هجي، اُن جاءِ کي چئبو آهي.
* دوڏو: بلڪل ڪاري رنگ وارو، ڪانو کان ٿورو وڏو پکي.
* ڀوَڻ: کوهه ۾ ڪُپي جنهن کي ڪوس(ٻوڪو) پاڻي ڀرڻ لاءِ هيٺ لاهبو آهي.
* گَهٽُ: رستو.