شاعري

ڪونجون ڪرڪن روھَ تي

ھن ڪتاب ۾ چئوسٽا، بيت، دوھا، وايون ۽ ترائيل شامل آھن. مھاڳ ۾ شيخ اياز لکي ٿو؛ ”مون باهوءَ تان چؤسٽي جو فارم کنيو آهي جيئن ساميءَ تان سلوڪ ۽ ڀٽائي تان بيت جو فارم کنيو آهي. ’ڪونجون ڪَرڪن روھ تي‘ ۾ باهوءَ جي مابعد الطبيعات (Metaphysics)  نہ آهي ۽ منھنجي شاعري ۾ جو فلسفو آهي ان جي ڪائي هڪ سٽ باهوءَ سان يا ٻي ڪنھن سان نہ ٿي ملي. ها، اهو ضروري آهي تہ ڪيترن چؤسٽن ۾ مون پنھنجي نقطہ نگاھ کان هن ڪائنات جي وحدت بيان ڪئي آهي. انھن ۾ ڪجهه چؤسٽا ڪراچيءَ جي حالات جي باري ۾ بہ آهن. اُن دؤر جي دهشتگرديءَ جي عڪاسي ڪن ٿا.“

  • 4.5/5.0
  • 10
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book ڪونجون ڪرڪن روھَ تي

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر شيخ اياز جي شاعريءَ جو مجموعو ”ڪونجون ڪرڪن روھ تي“ اوھان اڳيان آڻجي ٿو.
شيخ اياز اسان جي دور جو تمام وڏو شاعر آھي. ھن ڪتاب ۾ چئوسٽا، بيت، دوھا، وايون ۽ ترائيل شامل آھن. مھاڳ ۾ شيخ اياز لکي ٿو؛ ”مون باهوءَ تان چؤسٽي جو فارم کنيو آهي جيئن ساميءَ تان سلوڪ ۽ ڀٽائي تان بيت جو فارم کنيو آهي. ’ڪونجون ڪَرڪن روھ تي‘ ۾ باهوءَ جي مابعد الطبيعات (Metaphysics)  نہ آهي ۽ منھنجي شاعري ۾ جو فلسفو آهي ان جي ڪائي هڪ سٽ باهوءَ سان يا ٻي ڪنھن سان نہ ٿي ملي. ها، اهو ضروري آهي تہ ڪيترن چؤسٽن ۾ مون پنھنجي نقطہ نگاھ کان هن ڪائنات جي وحدت بيان ڪئي آهي. انھن ۾ ڪجهه چؤسٽا ڪراچيءَ جي حالات جي باري ۾ بہ آهن. اُن دؤر جي دهشتگرديءَ جي عڪاسي ڪن ٿا.“
ھي ڪتاب 1997ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو. ڪتاب جي اسڪين ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان اوهان سان شيئر ڪجي ٿي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

انتساب

پنهنجي پيش رو سنڌ جي عظيم شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي نالي

تون پارس مان لوهه، سڃي ته سون ٿيان

تنهنجي جُتي جي مِٽي

شيخ اياز

مهاڳ

اصل شهود و شاهد و مستهود ايک هي
حيران هون پهر مشاهده هي کس حساب مين

(غالب)

حيرت جو اهو احساس آهي جو وحدت الوجود جي نظرئي جو بنياد آهي. جتي به تصوف هڪ عوامي تحريڪ جو روپ ورتو آهي اُتي اُهو پنهنجي خاص ماحول ۽ مذهبي روايتن کان مٿي اُڀريو آهي ۽ هڪ ئي شڪل ۾ نظر اچي ٿو ۽ اُن ۾ اختلاف بدران هڪجهڙائي ۽ ايڪتا ملي ٿي. مون وٽ تصوف تي اُردو ۽ انگريزيءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب آهن. هڪ ڪتاب آهي ’تصوف قبل از اسلام‘ تصوف اُن ڪتاب جي مصنف سريت پسندي (Mysticism) کي ڪوٺيو آهي. اُها نفس جي گهراين مان اُڀري ٿي ۽ مشاهدي ۽ ڪشف جي نالي ڪوٺجي ٿي. اُها سائيريا جي ايسڪي مو، اتر ۽ ڏکڻ آمريڪا، آفريقا، يونان، هندستان ۽ چين ۾ تائو ۽ ڪنفيوشس مت ۾ ملي ٿي. اسلامي تصوف تي يوناني ۽ هندي سريت پسنديءَ جو گهرو اثر آهي. اسلامي تصوف کي ٻه ڳالهيون زياده اُڀاريون ٿيون ۽ اُهي آهن ته (1) الله رگِ گردن کان ويجهو آهي ۽ (2) الله نور السماوات والارض آهي. اهي مشاهدي ۽ ڪشف جو وارداتون نه فقط صوفين پر فلسفين ۾ اُلجهاوَ جو سبب ٿي وڃن ٿيون ۽ اُنهن ۾ تضاد اُڀري اچن ٿا. خدا ۽ انسان جي وچ ۾ ڪهڙو تعلق آهي؛ وحدت ۽ ڪثرت جون جڙون ڪٿي ملن ٿيون ۽ عشقِ مجازيءَ جي ڪيتري اهميت آهي؟
فاني انسان لافانيءَ هستيءَ جو مشاهدو ڪيئن ڪري سگهي ٿو ۽ اهڙا ٻيا ڪيئي سوال آهن جي حڪيم، صوفيءَ ۽ فلسفيءَ ۾ مونجهارو پيدا ڪن ٿا. ڀٽائي چيو آهي:

واٽون ويهه ٿيون، ڪُهه ڄاڻان ڪاڏي ويا؟

هڪ صوفي جا تجربا شڪ ۽ شبهي کان مٿي سهين، پر اُهي جڏهن ٻوليءَ ۾ اچن ٿا ته تجربن جي ماهيت ۽ نوعيت بدلجي وڃي ٿي. ڳالهه ايستائين پهتي جو هو مطلق هستيءَ کي نيستي چوڻ لڳا، اُپنشدن ۾ ‘نيتي نيِتي‘ چوڻ لڳا ته ابنِ عربيءَ ۾ عبداللڪريم الجباليءَ اُن کي اعليٰ ۽ عدمِ محض ڪوٺيو.
پنجاب ۾ سلطان باهو، بلهي شاهه ۽ شاهه حسين اُن جا بهترين مثال آهن ۽ سنڌ ۾ شاهه، سچل ۽ سامي کي هرڪو ٽه مورتي ڪوٺي ٿو. سامي هندو ته هيو پر هڪ وحدت پرست شاعر هو.
اي – او – جونس (E.O.Jones) چيو آهي ته، ”مذهب جي صحيح وصف ۽ شرح ۾ اهو سمايل آهي ته دنيوي زندگيءَ کان ماورا پاڪيزه نظام سان خوشگوار تعلق پيدا ڪيو وڃي جو هن ڪتاب ۾ ظهور پذير آهي. ”انهيءَ معيار تي سنڌ ۽ پنجاب جا صوفي شاعر پورا اچن ٿا.
اهو مارواتي رجحان مذهبن ۾ لاڳاپو پيدا ڪري ٿو. فقط آسمان جي نيري گُنبذ ڏانهن ڌيانُ قديم شعور ۾ هڪ مذهبي تجزئي کي جنم ڏنو آهي. هن ڪائنات جي پراسراريت ۽ اَکٽ ۽ اڪٿ ڦهلاءُ، هڪ بعيہ از فهم هستيءَ جو احساس ڏياري ٿو. ڪائنات جو ڪوئي ته باني آهي، اُن ۾ مستقل موجود آهي ۽ اُن کي ٺاهي ٿو ۽ ڊاهي ٿو. هي انساني زندگي هڪ ماڪ جي قطري کان وڌيڪ اهميت نه ٿي رکي. ڪيترا رعب داٻ، ٺٺ ٺانگر وارا ڏاڍا مڙس مٽيءَ سان مٽي ٿي وڃن ٿا ۽ نه رڳو اُنهن جو نانءُ نشان نه ٿو رهي پر هنن جي ساري پٽ کوهه وئرٿ وڃي ٿي. قاتل ۽ مقتول، ظالم ۽ مظلوم، جابر ۽ مجبور، سڀ هن مٽيءَ جي امانت آهن. نه رڳو اهو پر سياڻا ۽ اياڻا، جوڳي ۽ ٺوڳي، دنيا ڍونڍ جا طالب ڪُتا سڀ مٽيءَ ۾ سمائجي وڃن ٿا. ماڻهو رڳو مٽيءَ چاڻو آهي، لحد هن جو ابد تائين مهد آهي. ان ڪري ئي انسان جو ڌيان اُن هستيءَ ڏانهن وڃي ٿو جو اَربين کربين سالن کان باقي آهي، جنهن ڪروڙين چنڊ، سج ۽ سج کان به هزارين ڀيرا وڌيڪ ڳورا ستارا پيدا ڪيا آهن، جي ڪيئن گردش ڪن ٿا ۽ ڪيڏانهن وڌن ٿا، اهو هڪ راز آهي دنيا ۾ انهيءَ حقيقت جو رنگا رنگي جو ظهور ڏسي، شاعر چئي اُٿي ٿو:

جب که تجهه بن کوئي نهين موجود،
پهر يه هنگامه اي خدا کيا هي.

(غالب)

فارسي شاعر به ساڳيءَ حيرت جو اظهار ڪيو آهي ته:

ماز آغاز و ز انجامِ جهان بي خبريم،
اول و آخرِ اين کهنه کتاب اُفتاد است.

(ترجمو: اسان هن جهان جي آغاز ۽ انجام کان بي خبر آهيون، هن پراڻي ڪتاب جو پهريون ۽ پويون پنو ڦاٽي ويو آهي.)

مون پنهنجي هڪ نوٽ بُڪ ۾ لکيو هو ته پيٽرول پمپ جي بتي پنهنجي هڪ ٽنگ تي کڙي آهي ۽ آئي وئي لاءِ رابعه بصريءَ وانگر چوڌاري روشني ڦهلائي رهي آهي.“ هن تشبيهه کي جديد دنيا جي نڪته نگاهه کان ڏٺو وڃي.
رابعه بصريءَ تي مون مارگريٽ سمٿ جو هڪ ڏاڍيءَ محنت سان لکيل ڪتاب پڙهيو جنهن ۾ هڪ ٽنگ تي هن جي عبادت جو ذڪر هو، ان ڪري جديد دؤر ۾ مون کي مٿين تمثيل سمجهي آئي هئي. ٻين صوفين وانگر رابعه جي زندگيءَ ۾ به ماورائيت جي ڪيفيت هئي.
مٿين ڪتاب ۾ هڪ هنڌ لکيل آهي ته ڪنهن رابعه کان هڪ ڀيري پڇيو، ”تون ڪٿان آئي آهين؟“
”دنيا مان“، هن جواب ڏنو.
پوءِ هن کان پڇيائين، ”تون ڪيڏانهن ٿي وڃين؟“
”ٻي دنيا ڏانهن.“ هن جواب ڏنو.
وري هن کان پڇيو ويو، ”تون هن دنيا ۾ ڇا ٿي ڪرين؟“
”مان غم زده آهيان.“
”ڇا لاءِ؟“
”ان لاءِ ته مان ماني هن دنيا جي کاوان ٿي ۽ ڪم ٻيءَ دنيا لاءِ ڪيان ٿي.“
اهو پڙهي منهنجي هانوَ ۾ ڌڪ لڳو. ڇا هيءَ منهنجي شاعري ٻي دنيا لاءِ ڪم ۾ شمار ٿي سگهي ٿي؟
ڇا هي ڌرتيءَ ۽ عوام سان وابستگي رکڻ وارا شاعر سڀ غلط آهن؟ ڇا منهنجي شاعري رابعه بصريءَ جي آدرش تي پوري اچي سگهي ٿي؟
مسيحي روايت موجب عيسائين ۾ رابعه جهڙي محبت سينٽ ٽيريسا ۾ هئي ۽ هندو مت ۾ مورتيءَ پوڄا جي باوجود، ميران ٻائيءَ ۾ هئي.
ديوبند جي هڪ اِشاعت ’الغزالي‘ ۾ مون ڪٿي پڙهيو هو، ”هي مان حافظي مان ٿو لکان ته ”چيني مصورن جا ٻه ٽولا درٻار ۾ آيا ۽ ٻنهي کي رُڪ جي ديوارن تي تصويرون ٺاهڻ لاءِ چيو ويو، جي هڪ ٻئي جي آمهون سامهون هيون.
جڏهن انهن اهي مڪمل ڪيون تڏهن حاڪمِ وقت اُنهن جي رونمائي ڪئي. ٻنهي ديوارن تي عين بين ساڳيون تصويرون نڪتل هيون. دراصل هڪ ٽولي هڪ رُڪ جي ديوار تي تصوير ڪڍي هئي ۽ ٻئي ٽولي ٻيءَ ديوار کي صيقل ڪري آئيني وانگر بڻايو هو ۽ سامهون رُڪ جي ديوار تي نڪتل نقش ٻيءَ ديوار ۾ نظر ٿي آيو. دراصل مقصد اندر کي اُجارڻ جو آهي.
امام غزالي طوس ۾ 450 هجري ۾ ڄايو هو. ڪتاب ’الغزاليءَ‘ ۾ لکيو ويو آهي ته غزاليءَ جي دؤر ۾ چار فرقا هيا. متڪلمين، باطني، فلاسفه ۽ صوفيا. اُهي فرقا علم ۽ عقيدي ۾ مختلف هيا. پوءِ ته فرقا اسلام ۾ اهي وڌندا وڌندا ويا، يوناني فن ۽ علم جو صوفين تي ڪافي اثر ٿيو ۽ ارسطوءَ جي فلسفي جي ڪافي اشاعت ٿي، يعقوب ڪندي، حڪيم يحييٰ بن ابي منصور، عباس بن سيد جوهري ابوالطيب سند بن علي، ابو نصر فارابي، محمد بن ذڪريا رازي، ابنِ مسڪويه، اخوان الصفا، شيخ بو علي سينا، ابو ريحان بيروني، امام غزالي ۽ ٻيا جي برصغير کان ٻاهر پيغام ڏيندا ها، اُنهن جي باري ۾ مون شيخ محمد اڪرام جا ٽي حصا آبِ ڪوثر، موجِ ڪوثر ۽ رودِ ڪوثر پڙهيا آهن. اڪثر صوفين جو پيغام شاهه لطيف وارو آهي.

’سڀت پچار پرينءَ جي سڀت هوت حضور‘

ادريش شاهه پنهنجي انگريزيءَ ۾ ڪتاب (Sufism) ۾ لکي ٿو ته ڪنهن صوفيءَ کان سِريت پسنديءَ جي تجربي جي باري ۾ پڇيو ويو ته هن جواب ڏنو، ”چار ڄڻا، هڪ ايراني، هڪ تُرڪ، هڪ عرب ۽ هڪ يوناني ڪنهن گهٽيءَ ۾ بيٺا ها. هو چارئي مسافر ها ۽ هنن کي فقط هڪ هوڪو هو ۽ هو ان تي بحث ڪري رهيا ها ته هُو اهو ڪيئن خرچ ڪن.
ايرانيءَ چيو مونکي ”انگور گهرجي“، تُرڪ چيو ته ”مون کي عظوم (Uzum) گهرجي“، عرب چيو ته ”مون کي عناب گهرجي ۽ يوناني چيو ته ”مون کي اسٽافل(Stafil) گهرجي.“ اُتان هڪ ٻيو مسافر لنگهي رهيو هو، جو ماهرِ لسانيات هو. هن کين ٻڌي چيو، ”مان سڀني جي خواهش پوري ڪري سگهان ٿو. مون کي پنهنجو سڪو ڏيو.“
پهرين ته هنن هن تي اعتبار نه ٿي ڪيو، پر آخر هن کي سِڪو ڏنائون. هو هڪ ميوه فروش جي دڪان تي ويو ۽ چار انگور جا ڇڳا وٺي آيو.
ايرانيءَ چيو، ”هي منهنجو انگور آهي. ان تي ترڪ چيو ته مان انهيءَ کي عظوم چوندو آهيان.“ ساڳيءَ طرح عرب ۽ يوناني چيو ته عناب ۽ اسٽافل به اها ساڳي شيءِ آهي.“
هڪ قابِل ذڪر واقعو اتر هندستان جي ڪن اهڙن بزرگن جو ٿيو جن هندن ۽ مسلمانن جي عقيدن کي ملائڻ چاهيو ۽ اهڙن فرقن جو آغاز ڪيو جن ۾ ٻنهي مذهبن جا عقيدا شامل ڪيا ويا. انهن بزرگن ۾ ڪبير پهريون هو. هو 1440ع ۾ پيدا ٿيو هيو ۽ 1518ع ۾ وفات ڪري ويو.
تذڪرة اوليا ۾ هن جو نالو شيخ ڪبير جولاهو قدس سره لکيل آهي ۽ اهو به چيو ويو آهي ته هي شخص شيخ تقي سهرورديءَ جو خليفو هو ۽ زماني ۾ مشهور ماڻهن مان ٿيو آهي. هن پنهنجي ولايت کي ملامتيه فرقي ۾ ڇپايو هو ۽ پنهنجي وقت جي هر موحد کان ممتاز هو. هن ڪجهه ڏينهن رامانند بيراڳيءَ جي صحبت ۾ رهي، هندي زبان ۽ شاعريءَ تي عبور حاصل ڪيو ۽ هندي ٻوليءَ ۾ بي مثال دوها چيا جن ۾ پهريون ڀيرو هن معرفت جو بيان ڪيو. هن جي تعليم جي پيروي گرونانڪ ڪئي جنهن جي گرنٿن ۾ ڪجهه سنڌي بيت به اچي ويا آهن. هو پنهنجي دور ۾ ڏاڍا مقبول ها پر ورهاڱي کان پوءِ هندستان جي تهذيب جو حصو ته ٿي رهيا پر پنهنجي اهميت وڃائي ويٺا. هنن جا پوئلڳ ڪبير پنٿي ۽ سک اڃا تائين هندستان ۾ آهن پر پاڪستان ۾ هڪ به ڪبير پنٿي نه آهي.
ڏکڻ هندستان ۾ جتي مسلمان پهريون ڀيرو آباد ٿيا ها، اُتي هنن هندن جي مذهبي ۽ معاشرتي خيالن ۾ ڪافي تبديليون آنديون هيون، جن مان ڪيتريون ئي مشهور فلسفي شنڪر آچاريا شوِمت ۽ وشِنومَت جي ساڌوئن معرفت ڦهلايون هيون. رامانج انهن کي خاص تربيت ڏني هئي ۽ ڀڳتي تحريڪ کي فلسفي جو بنياد ملي ويو هو. ڀڳتي يا پريم يا عبادت جو مذهب آهستي ڏکڻ ۽ اُتر ۾ ڦهلجي ويو هو پر پوءِ تاريخ پلٽو کاڌو ۽ هاڻي ته بي جي پي ۽ راشٽر ميوڪ سنگهه ٽن هزار مسجدن جون لسٽون ٺاهيون آهن جي هو مسمار ڪرڻ چاهن ٿا ۽ مسلمانن کي چوٿين درجي جو شهري بڻائي مسلم حڪومت جي هڪ هزار سال جو نئين نسل سان پلئه ڪرڻ چاهن ٿا.
سلطان باهوءَ، شاهه حسين ۽ بلهي شاهه جا نه رڳو ڪتاب مون وٽ آهن پر مان هنن جي ڪلام جا ڪئسيٽ به ننڊ کان اڳ ۾ ٻڌندو آهيان. باهو چؤسٽا لکيا آهن. پنجابيءَ ۾ دوها ٻه سٽا به هوندا آهن، جيئن فريد شڪر گنج جا دوها آهن ۽ چؤسٽا به هوندا آهن جيئن سلطان باهوءَ جا آهن. باهو جي هر سٽ جو پهريون لفظ هُو، آهي جو انساني روح کي ڪٿان جو ڪٿي پهچائي ڇڏي مون هر دوهي ۾ هو به لکيو آهي. باهوءَ جو تعلق شاهه جهان جي دؤر سان هيو. هو جهنگ جي موضع اعوان ۾ پيدا ٿيو هو. هو دارا شڪوه جو همعصر هيو 1230 هه ۾ جنهن نه رڳو سڪينته الوليا ۽ سفينته اوليا جهڙا ڪتاب لکيا ها پر ڪابل ڏانهن ڪاهه ڪندي رستي تي فارسيءَ ۾ اپنشدن جو ترجمو به ڪيو هائين. هن جي انسان دوستي ضرب المثل ٿي چُڪي آهي. انهيءَ ۽ هن جي مرشد ميان مير باهو وانگر قادريه سلسلي ۾ بيعت ڪئي هئي. ميان مير اصل سيوهڻ جو سنڌي هيو.
جيتوڻيڪ ان وقت چشتيه، نقش بنديه، سهرورديه طريقا مقبول ها ۽ عوام ۽ خواص ۾ اهڙو ڪوئي شخص نه هو جو ڪنهن نه ڪنهن سلسلي سان وابسته نه هو.
هونءَ ته وحدت الوجود جي تصوف جي دنيا ۾ پراڻي ريت آهي، پر اُن کي ابِن عربيءَ جي فڪر ۽ حسين بن حلاج منصور جي خون هڪ زنده حقيقت بڻايو، جنهن پنجاب جي مٿي ذڪر ڪيل فرقن کي هڪ لوڪ شاهي ريت ۾ سمائي ڇڏيو هو. پنجاب جي صوفي شاعر سيد علي عباس جلال پوريءَ جون هيٺيون سٽون اڃا تائين عوام جي زبان تي آهن.

ماهِي ماهِي ڪُوڪَندي مين آپي ماهي هوئي
رانجهن رانجهن سب ڪَهي، آکي هير نه ڪوئي
رانجها رانجها ڪُوڪَندي مئن آپي رانجها هوئي

مون باهوءَ تان چؤسٽي جو فارم کنيو آهي جيئن ساميءَ تان سلوڪ ۽ ڀٽائي تان بيت جو فارم کنيو آهي.’ڪونجون ڪَرڪن روهه تي‘ ۾ باهوءَ جي مابعد الطبيعات (Metaphisics) نه آهي ۽ منهنجي شاعري ۾ جو فلسفو آهي ان جو ڪائي هڪ سٽ باهوءَ سان يا ٻي ڪنهن سان نه ٿي ملي.
ها، اهو ضروري آهي ته ڪيترن چؤسٽن ۾ مون پنهنجي نقطه نگاهه کان هن ڪائنات جي وحدت بيان ڪئي آهي. انهن ۾ ڪجهه چؤسٽا ڪراچيءَ جي حالات جي باري ۾ به آهن. اُن دؤر جي دهشتگرديءَ جي عڪاسي ڪن ٿا.
منهنجو پيءُ مون کي ننڍي هوندي باهوءَ جي هيٺين سٽ ٻڌائيندو هو (هو باهوءَ جو معتقد هو ۽ ڪيئي ڀيرا هن جي مزار تي ويو هو)

تن من ميرا ليران ليران جون درزي دي ليران هو
(ترجمو: منهنجو تن من ليڙان ليڙان آهي، جئن درزيءَ جو ليڙان آهن.)

اها سٽ منهنجي دل تي اُڪرجي وئي هئي ۽ اڃا ياد آهي. مان باهوءَ جي هيٺين دوهي سان هي مهاڳ ختم ٿو ڪيان.

عشق دي اولڙيان گلان جيهڙا دور ٿين شروع هٽاوي، هُو
قاضي ڇوڙ قضاوين جاوَن جو عشق طما چين لاوي هُو
لوڪُ اَياڻي مَتين ديوَن عاشقان مَت نه ڀاوي، هُو
مڙن محال تِنهان نون باهو، جنهان صاحب آپ بلاوي هُو

(ترجمو: عشق جون ڳالهيون نراليون آهن جيڪي شرع کي دور هٽائي ڇڏين ٿيون
قاضي قضائون ڇڏي وڃن ٿا جڏهن انهن کي عشق چپاٽ هڻي ٿو.
اياڻا لوڪ ته مَتيون ڏين ٿا پر عاشقن کي ڪائي مت ڀانءِ نه ٿي اچي.
انهن جو مُڙڻ محال آهي باهو، جن کي صاحب گهرائي ٿو.)

باقي هڪ سوال: ”باهو! گهڻا مجازي عشق ڪيا هُي؟ ڇا تون ڄاڻين ٿو ته معرفت جي راهه تي اچڻ کان اڳ مون گهڻا ڪيا آهن!“

شيخ اياز

4 – ڊسمبر 1996ع

چوسٽا (سلطان باهوءَ جي نالي)

ساري رات اسان جاڳون ٿا جهونجهڪڙي اکِ لڳي هُو
ورهڻ جئن ڪا ڪاري اُڀ ۾ تارا تڪي تڳي هُو
ڇا ڇا پٺتي رهجي ويو آ ڪير نڀائي اڳي هُو
حال ته اچڻو وڃڻو آهي حال ته سڀ کي ٺڳي هُو

*

ڳاڙهي ڊاک اُنهيءَ جي وَل تي هي چانڊوڪي هُو،
رُت بسنتي آئي آهي، ٻيرِ ته ڏس ڪئن ٻوڪِي هُو
سورَ اُڀاريا ڪُوڪي ڪويل ڇو نه ڪيو ڪجهه تو ڪِي، هُو
گَرچه گلاب جيان اڄ تازي ناهي پريت پروڪي هُو.

*

بيٺو عشق نچائي ڪنهن کي ٿيا ٿيا هُو
ڪُن اندر ڦيراٽيون کائي پيئي نيا هُو
هيءَ اڪيلي ناوَ انهيءَ جو ڪير کِوَئيا هُو *
اونداهي اڌ رات انهيءَ جي هيا هيا هُو.

*

چنڊ کجيءَ جي ٻانهن ڳچيءَ ۾ پائي هيٺ نهاري هُو
نيرو نَڀ درياهه جيان ٿو چندر مان کي تاري هُو
پِپل پاڙ ٻَرن ٿا ڏيئا ويو ٽارين کي ٽاري، هُو
نيڻ اڃا تائين ٿا لوچن ساڳي نينهن نظاري، هُو.

*

باهو تو جو عشق ڪيو سو نانهه اَجايو وڃڻو هُو،
مان ڄاڻان ٿو جنهن جنهن تڙ تي آ توکي ڀيرو ڀڃڻو هُو،
چنڊ ڇڪي ٿو سينڱ، انهيءَ کي تيرُ ته توتي سڃڻو هُو
هُو هڪڙي ڏينهن ته اچڻو آهي، ماڻهوءَ موتُ ته مڃڻو هُو.

*

سِجُ ٻڏي ويو پاڻيءَ ۾ ۽ نديءَ تي آ سانجهي هُو،
چوڌاري وڻ سانت سمايا، اونده ڪنهن آڳانجهي، هُو
سانت سمندر وانگر ڇُلڪي، موڙهو من جو مانجهي هُو
ٿو جهوپيءَ ۾ ڏيئو ٽمڪي، ٿالهيءَ ٿالهيءَ ڪانجهي هُو.

*

هي جا پوڙهي چيلهه چٻيءَ سان ڪاٺيون ڍوئي هُو،
مڙس اُنهيءَ جو ڪئِن نه اگهائيءَ ۾ ٿوروئي، هُو
گهر پهچي هوءَ هُن لَئهِ چانور ويٺي سوئي، هُو
ڀاڳ اڳي جئن ساڳ سرنهن جو، ڪنهن کي لوئي، هو؟

*
هو باهو سلطان به آهي، بُلي شاهه به هُو،
ڄڻ ته ڀٽائيءَ جي آويءَ ۾ آ اوچو اوڙاهه به هُو
شال فريدا هن کي سمجهين مهر به هُو ۽ ماهه به هُو
آهي امن پيام انهيءَ جو، سڀ سان آهي ٺاهه به هُو.

*

دم مان آهه عدم نڪتو ۽ دم مان نڪتو آدم هُو، هر
هَر ڪنهن کي جي مرڻو آهي، موت اجايو آ غم هُو،
سهڻي تنهنجا وارَ هوا ۾ ڇا زلفِ پُرخم هُو
موت اڳيان ميهار نه ڪوئي، ناهي ڪوئي ڄڻ ڏم هُو.

*

آڪاس سمندر وانگر آ، ۽ چنڊ تري ٻيڙي جان هُو
آنءُ ته ڪوئي ڪوڏ به ناهيان، سُرکي ڪيئن سمايان، هُو
ماهيگير گهريا گهڙن ۾ گهِلي ڄار مڇين سان، هُو هُو
جيڪيو سڀ کي رزق رسائي، واري آنءُ انهيءَ تان، هُو.

*

موٽي ڪو به نه آيو آهي، ڏَس ڏئي جو ڪوئي هُو
مٽيءَ هيٺان ڪو به نه ٻولي آهي سانت سڀوئي هُو
ساکَ نه رهندي ڪنهن به سَکيءَ جي لاکَ نه هوندي لوئي هُو
ڪنهن کي سار نه رهندي باهو ڇا پاتي ڇا کوئي، هُو. *

*

ڪنهن کي ڪَل نه آهي ڪائي، ڪنهن نه سڀاڻو ڄاتو هُو،
نيٺ ندي جا سمنڊ سمائي تنهنجو انت نه پاتو، هُو،
جهرڻي وانگر گيت اچي ٿو، ڪير چوي ڪنهن ڳاتو هُو!
پريت ته آئي نشي وانگر، ڇا ڪنهن يار سڃاتو هُو؟

*

جوٺي جڳ جي جُٺ وساري ائٽ مٿان ٿي ڪَتي هُو
پير پٿون ۽ راهه اڻانگي پنڌ ڪندي ٿي وتي هُو

لُوهَ لڱن کي لهسايس پَروئي ڏهاڙي تتي هُو
عُمر انهيءَ لئه سوال مُنجهايا مڌ مزي تي مَتي هُو.

*

ڪنهن جو ڪنهن جو ڏک روئيندين ڪيئي گل ۽ لالا هُو،
غالب وانگر ڪيئي تن جا ڪالهه غزل سراها، هُو،
رَبا! سُهڻيون تو دنيا ۾ خلقيون آهن ڇا ڇا هُو

نقش مٽائين ٿو ائن تن جا جيئَن مصوَر پردا، هُو.

*

وڻ جون ٽاريون چانڊوڪيءَ ۾ جيئن لڏن، تئن ٻانهون، هُو
ڪيڏيون سانت سمايون آهن در دوندن جون دانهون هُو؟
اُتر واءُ ته ناهي سَر تي آهن ڪيئي آهُون هُو!
ٻيا سڀ جا رستا باهو سپنا سپنا راهُون هُو.

*
مسجد جي مينار مٿان جيئن چنڊ رُلي ٿو، هُو
قطرهءِ شبنم شاخِ گل تان جِيئن ڪِري ٿو، هُو
’هو‘ ئي ’هو‘ جو وَرد ڪبوترَ جيئن ڦِري ٿو، هُو
منهنجو روح تڏهن گنبذ ۾ ايئن گهِري ٿو، هُو.

*

’رانجهو‘ ’رانجهو‘ هير ڪري ٿي رانجهو جهنگِ سيال ڪٿي هو؟
رانجهو سوچي رانجهو لوچي، رانجهو سنگَ خيال ڪٿي هُو؟
هير سدائين ڳولي پنهنجو مستقبل ۽ حال ڪٿي؟ هُو
مڇي ڳولي باهو، هُن لئه جڳ ۾ ڪيڏا جال ڪٿي؟ هُو *

*

عشق الله سان جنهن کي ڪونهي باهو ڪهڙو ماڻهو، هُو
هر ڪنهن کي ٿو چيري ڦاڙي چيتي جهڙو ماڻهو، هُو
جيڪيو اُڃ اُجهائي سڀ جي پاڻيءَ ٻهڙو ماڻهو، هُو
ڪک به هلڪو آهي جنهن کان اهڙو اهڙو ماڻهو، هُو.

*

سورج مُکيءَ جي کيت جيان مان ننڊ ڪيان ٿو، هُو
سجَ اُڀري کان اڳ ۾ ئي ڇا لاءِ اُٿان ٿو، هُو
سج اُڀري ٿو دور اُفق ۾ آنءُ ڏسان ٿو، هُو
تون ڇا ڄاڻين آنءُ عبادت ڪيئن ڪيان ٿو، هُو.

*

ڪويل ڪوڪي ٿي سانوڻ ۾ مينهن پوي ٿو، هُو
ڪو ته اُنهيءَ آواز ۾ آهي ڪجهه ته چوي ٿو، هُو
ڌرتيءَ کي آڪاش منجهاران ڪو ته سڏي ٿو، هُو
عشق الله جو توکي پنهنجي طرف ڇِڪي ٿو، هُو

*

سڀ ماڻهو مهمان هيا گهر ڪنهنجو ناهي، هُو
ڪيڏا نه پرندا اُڏري ويا سَر ڪنهنجو ناهي، هُو
روز سڀان پَرُ ٿيڻو آ پَرُ ڪنهنجو ناهي، هُو
موت رڳو پاڇائون آڏَر ڪنهنجو ناهي، هُو.

*

هو چوڏس جو چنڊ ٻري ٿو، سَهو گوارِ ٿو کائي، هُو
ڪَنڊيءَ پٺتان دور شڪاري، ڪاتَر ٿو اُڇلائي، هُو
چنڊ ڏسي ٿو اُن کي پرتان بيوس ٿي ٻاڏائي، هُو
ڪهل نه ڪائي ڀيلَ، چپن تي مُرڪ پئي لهرائي، هُو.

*

باهو، چانئٺ تي آيو ٿي، دروازو ڪئن ٻوٽين، هُو
آهي هي آواز ازل جو ان کان ٻوڙو ڇو ٿين، هُو
هو جو ايڏو ويجهو آهي، تنهن لئه ڇو ٿو ڪاهين، هُو
جيءَ ۾ جهاتي پاءِ ڙي باهو، سڀ ڪجهه تون آهين، هُو

*

توريت پڙهيو، انجيل پڙهيو، قرآن پڙهيو سي هُو
رومي، سعدي، حافظ جو ديوان پڙهيو هُو
آهه اهو ئي ڏک نه ڪڏهن انسان پڙهيو سي هُو
ڪو نه سڃاتا درد سندس، درمان پڙهيوسي هُو.

*

باهو تو پنجاب ڏٺو آ، سنڌ به ڏيکاريانءِ، هُو
چولستان جيان هت ٿر ۾ ڪرهي تي تاريانءِ، هُو
جي ٻاجهر ڪاٿي ٻاجهه ڪري مان سنگ پَٽاريانءِ، هُو
چوڄ منجهان ڍوڍي جي ڳٽي مان کاريانءِ، هُو.

*

ڀَتُ، پُلاءُ نه سيرو آهي، لاشَ ڪرن ڪِئن، هُو
سج چڙهي ويو آ پورهئي ۾ ڪير وَهي هِئن، هُو
لاسيا ڪَمُ ٻنيءَ ۾ ڪن ٿا ڍور ڍڳي جئن، هُو
همرچو جئن ٿو ڪو ڳائي تيز ٿين تئن، هُو. *

*

سُگهڙ آءُ تڏي تي منهنجي هيءَ ڳجهارت ڀَڃُ، هُو
”اڳتي نهر مٺي پاڻيءَ واريءَ مان تون وَڃ“، هُو
سانجهي اُڀ مان ايئن لهي ٿي جئن اَمڙ جي ٿڃ، هُو
ٿڪجي ويهه نه ڪنهن وڻ هيٺان ڳالهه ته منهنجي مڃ هُو.

*

ميان متان تون لاهين پنهنجِي کائُڙَ کٿِي، هُو
ان وانگر هن ٻوريءَ ۾ ڪا چيز نه اَٿي، هُو
هيڏيءَ رستيءَ مان ميڙي جا، تو آ سَٿي هُو
ان کٿيءَ جي تو نه ڪڏهن آ قيمت ڪٿي، هُو.

*

گڏجي ٻوريون ٿا هو ڪاهن ڪير اُٺن تي، هُو،
چانڊوڪيءَ ۾ جن کي ڪارا کيسَ پُٺن تي، هُو
مولا مهر ڪئي آهي تو هيل مُٺن تي، هُو
هيل وڌي ولهار ويا ڪيڏا نه بُٺن تي، هُو.

*

رات لڙي آ اُڀ ۾ تارا ٽِم ٽِم ڪن ٿا، هُو
هيءَ ڪتيءَ جي مُند، ڪڪر ڇو رم جهم ڪن ٿا، هُو
آهه طلسمي رات ستارا سِم سِم ڪن ٿا، هُو
جنهن ۾ ڪيئي چانڊوڻا ڄڻ چِم چِم ڪن ٿا، هُو.

*

باهو آءُ ڀٽائيءَ کي تون تنبوري تي ڏِسُ، هُو
جنهن جا بيت ٻڌي بادل مان چَنڊ ڪڍبو سسُ، هُو
ڇا هن جي وائي آهي، ڪو ناهي جنهن جو جَسُ، هُو!
وک وڌائي جنهن تي ڪرهو لاهي آرِسُ، هُو.

*

ڏينهن تتي جو پاڇاوان ڪن جيئن کجيءَ جا ڦرها، هُو
سانوڻ سارَ اچي ٿي ڏاڍي، ڏينهن جڏهن ٿين سَرها، هُو
مينهن ڦڙيءَ بن ماروئڙا اڄ ڪيڏا آهن اَرها، هُو
شال ڀِٽن تي آنءُ ڏسان ڪلهه وانگر ڪَرها، هُو.

*

اَنُ جڏهن ايمان ٿئي ٿو، رب ٿئي ٿو مانِي، هُو
هيءَ صدي گذري ويئي جا آهه رڳي ناداني، هُو
هيئن ڪڏهن اڳ ۾ ماڻهوءَ لئه ٿي آ ماني ڪانِي؟ هُو
هيئن ڪڏهن اڳ ۾ ماڻهوءَ جي جيءَ نه ڳوليو جاني؟ هُو.

*

باهُو، ڪئن ڪرلاهو ٿيندا مئا مصنف، هُو
زنده ماڻهو ڪو نه لڀن ٿا مليان پيو ڪَف، هُو
ڪالهه سموري سنڌ ڪَٺِي هئي ڪيڏي هئي صف، هُو
ورلي ٿي ٿو پنهنجو ڪنهن سان هاڻِ تعارف، هُو

*

تو به ائين پيريءَ ۾ پاتو باهو سَچُ اَڪيلو؟ هُو
يا ته هئي تنهنجي محفل ڪو ماڻهوئڙن جو ميلو، هُو
تولئه مون جئن تنهائي هئي ڇا ڪو وِهه جو ويلو؟ هُو
ڀانت ڀانت جا نار رهن ٿا، هونءَ ته دنيا ٻيلو، هُو.

*

ڦِرندو واءُ، ٻنيءَ ۾ رهندو سنگ نه ڪانو، هُو
ڪنهن کي ڪو به بقاءُ نه آهي، ڇا تي ٿين ديوانو، هُو
ڀل تون مال ڏسي وٺ پنهنجو کولي ڏِس تون خانو، هُو
ناهه ڪفن کي ڪوئي کيسو، هرڪو ايئَن روانو! هُو.

*

موتي آنءُ ورهايان ويٺو ڪو به نه جهَلي جهولِي، هُو
آنءُ خزاني وانگر پنهنجي آهه ڪويتا کولي، هُو
ديشَ ديشَ ڪَويءَ ڪنهن ناهي، مون وانگر هئن ٻولي، هُو
سِٽ سِٽ پچڪاري آهي ڄڻ، ٻول ٻول آ هولِي، هُو.

*

مينهن جيان تون منهنجي من ۾ لاتا اڄ وسڪارا، هُو
سِٽ سِٽ ۾ ڀرجي آيا ڪيئي ڪڪر ڪارا، هُو
ڪو به اُڃارو نانهه ڀريا مون تن لئه ٽوڀا سارا، هُو
تن ۾ ڪئن نه تَرن ٿا اڀ جا ٽمڪي ڪيئي تارا، هُو.

*

باهو تولئه ٽاهو ها ڇا ڌرتيءَ جا سُک، هُو
تو به ڏٺا ها مون وانگر ڇا ڏونگر جيڏا ڏک، هُو
ڪيڏيءَ ٻوسٽ ۾ گذري آ، ڪائي وائُک، هُو؟
ڪيڏي ڀينگ اٿم چوڌاري ڪيئن لهي بُک، هُو.

*

باهو هڪ الله ته آهي سڀ ڪنهن جو رکوالو، هُو
ماڻهوءَ پنهنجي من تي ڇاجي لاءِ هنيو تالو، هُو
ڌوٻيءَ وانگر مون من ڌوتو، آهه اڃا ڪجهه آلو، هُو
ڇاتي هي انسان ڪُڏن ٿا؟ نالو! ڇاهي نالو، هُو؟

*

ڪورو آهه ڪڏهن کان پيارا آءُ اُمايون دلو! هُو
ماڻهوءَ جو ايمان ٿيو آ رب مان ڪيڏو ڍلَو! هُو
ڄڻ سارو ويران لڳي ٿو روحانيت – ڳِلو! هُو
آ اڳ جئن ويساهه ڀَلو، اڄ تَنهن جو ڪَيون بِلو! هُو.

*

بادل مان سانجهي بکي ٿي، سونُ بکي جئن ڏنگي، هُو
توکي ديد پوي ٿي ڪائي انڊلٺ ڪنهن هئن ونگي، هُو؟
رات لٿي آ، چندرما جو ناهي ساٿي سنگي، هُو
حيرت ۾ حيران ٿيان ٿو رنگ بڻائي رنگي، هُو.

*

ڪنهن ڪيئن ڏٺو، ڪنهن ڪيئن ڏٺو، تون رب ته ساڳو سائين، هُو
تون بادل ٿي برسائين ٿو، تون ڪويل ۾ ڪُرلائين، هُو
تون وڻ وڻ ڦُڙ ڦُڙ وانگر آن تون وسڪارا وَرجائين، هُو
هي باهو تنهنجوئي بندو آ شال اُنهيءَ ڳَرلائين، هُو.

*

ساري ڌرتي رَتُ جا ٽوڀا ماڻهوءَ اُڃ نه لٿي، هُو
مٽي ڍيرَ ڪري ڪنهن آهي سِر سِر مٿان سَٿي، هُو
سون جيان درياهه وهي ٿو، آهي سانجهي لَٿي، هُو
باهو عمر گهڻا پَل آهي عمر نه ڪنهن ڪَٿي، هُو.

*

بندي وان ته آنءُ به آهيان گهَر جي بندي خاني ۾، هُو
سارو ڏينهن وڃي ٿو گذري غالب جئن ويراني ۾، هُو
هاڻي اوتَ به ڪا نه وجهان ٿو مان پنهنجي پيماني ۾، هُو
ايئَن تصور ڇانيو آهي ڄڻ آهيان مئخاني ۾، هُو.

*

ڪورنگيءَ ۾ ڪير مُئو آ، ڇا هِي ماڻهو ناهي، هُو
هي لانڍيءَ ۾ لاش کڻن ٿا، ڪير پُڇي ڪير اهي، هُو
شهر ڪراچي ڪيئي مردا، ڪو به نه رکي ٺاهي، هُو
ميڙاڪو ڏِس آهه ڪيو ڪيڏو نه ڳِجهن چؤراهي، هُو.

*

لَٽو ناهه لڱن تي هن کي سيءُ پيو ٿو ساڙي، هُو
اَڪ سُڪا ٻاري ڪاٽي ٿِي رات جڏهن ڪا پاڙي، هُو
ڪوئي مسافر آيو تنهن ۾ آ ليڙي کي لاڙي، هُو
کَٽ ڍلي مهمان ملي آ، تانگهَه پيو ڄڻ تاڙي، هُو.

*

آهه اکين ۾ واري هن جي لُوءَ ۾ پئي لُوساٽي، هُو
کبڙ ڇانوَ پيو هو ڳولي جنهن ۾ منجهند ڪاٽي، هُو
ڪنڊيءَ پَن چَري ٿو هن جو اُٺ اُڀاري ڳاٽي، هُو
ڪير مٿي تي آڻي پيئي گهر مان لسيءَ ماٽي، هُو.

*

نِم جي ڇانوَ ٿڌي آ ڪيڏي آءُ ته ڪو دم ويهون، هُو
پاڻُ به ڄڻ آڪاس جيان آ، آءُ انهيءَ ۾ پيهون، هُو
هن ڌرتيءَ جون ڪوڙيون ڳالهيون چئجن ڪيهون ڪيهون، هُو
ٻار ته ڪيڏو خوش لڳي ٿو کائي ويٺو پيهون، هُو.

*

باهو نانءُ خدا جو سچو ٻيو سڀ آهي فاني، هُو
جڳ گهڙيءَ جو ميلو آهي ڪوئي خان نه خاني، هُو
حرص هوس انسان ۾ آهي ڄڻ ساري ناداني، هُو
هي جيڪو مانڊاڻ، انهيءَ جو ڪو ته لڳي ٿو باني، هُو.

*

باهو مون شيطان ڏٺا اسٽالَن وانگر، هُو
نيٺ ڀڄِي پيا اُتر واءُ ۾ ڪانن وانگر، هُو
ڄڻ ته ٽٽل تنبوري نڪتل تانن وانگر، هُو
پو به ڳچيءَ ۾ آهن ڪِن جي ڳانن وانگر هُو.

*

هاڻي ڇا ٿيندو بس ويئي منهنجي عمر اَجائي هُو،
اُن جي ڪيئن تلافي ٿيندو بيت هجي يا وائي هُو
نيٺ ته مٽي آ پاينده ناهي صورت ڪائي هُو
باهو جي مون مرشد گهرجي ڪافي آهه ڀٽائي هُو.

*

ڪو به نه وهڻو آهي باهو هرڪو مِٽي هُو
قبر مٿان چانڊوڪي آهي سڀ جي چٽي هُو
ڪير نه آهي جنهن هن جڳ سان ڪو نه ڪئي آ ڪِٽي هُو
انڪاري آ ڪير خدا کان، ڪنهن جي قسمت ڦٽِي هُو.

*

ڪو به انهيءَ کان ڪو نه بچيو آ موت مِڙن ڏي اچي هُو
ڪاريهر جئن ڪاٽ انهيءَ کي ڪير انهيءَ کان بچي هُو
عمر ڪري ٿو ضايع پنهنجي جو دنيا جي ڏچي هُو
ڪيڏو خوش آن هٿ وتو آ تنهنجو مرشد سچي هُو.

*

باهو ڪاهوءَ تي بيهان مان يا هڙپا ۾، هُو
هي شي آهه فنا جي زد ۾ فرق ڏسان ڇا ۾، هُو
آ انسان حقيقت ڪهڙي؟ قطرو دريا ۾، هُو
ڪهڙي معنيٰ رکندو آهي ذرو صحرا ۾، هُو.

*

باهو رنگ برنگي دنيا ڪيسين رهڻي آهي، هُو
دُک جي دين اُنهيءَ ۾ توکي ڪيسين سهڻي آهي، هُو
نيٺ ته ٻيڙي سِير وٺي ٻي پاسي ڪهڻي آهي، هُو
ماڻهوءَ کي ٻيو جيون ملندو موت ته ننهڻي آهي، هُو.

*

سَهو مري ٿو جيئن اچانڪ ڪولهيءَ جي گهوٻاٽي، هُو
لاڙي ايئن اچانڪ هرڪو پنهنجي ڳاٽي، هُو
موت جيان آرام نه ڪوئي، ماڻهو ناهي گهاٽِي، هُو
ڪو به نه رهڻو آهي، هرڪو ڏينهن وڃي ٿو ڪاٽي، هُو.

*

ڪير چوي هي رات ڪٽي، مان ننڊ منجهان جاڳان، هُو
ڪير چوي ڪنهن وقت مهارون موڙيان ماڳان، هُو
ڪير چوي ڪنهن وقت کَٽِي ٿئي دل منهنجي راڳان، هُو
ڪير چوي ڪا چيز ملي آ مون کي اڄ ڀاڳان، هُو.

*

هُو ۽ تو ۾ فرق اجايو، وچ ۾ آهه حياتي، هُو
هو ته ميان آئينو آ، تو اِن ۾ جهاتي پاتي، هُو
آ ڪنهنجي تقدير وري اڄ انالحق لئه آتي، هُو
آنءُ چوان ٿو، ڏَرُ نه انهيءَ کان ناهي موت مماتي، هُو.

*

نيٺ ته وسڻو آهي، ڪلهه کان وِڄ پئي ٿي چِمڪي، هُو
ڪاري اُڀ ۾ ڪوئي تارو ٽِم ٽِم ٽِمڪي، هُو
ڇا هو اچڻو آهي هئن ڇو جيءُ پيو ٿو جهمڪي، هُو
منهنجي من ۾ ڇو وسڪارو ڇَم ڇَم ڇِمڪي، هُو.

*

هاڻي ڇا کي ياد ڪرين ٿو جا گذري سا گذري، هُو
اَڀريءَ واءُ لڳِي گل ڇاڻيا، خواب جيان خوشبُو ٿي، هُو
هاڻي سارَ اجائي آهي ڇا ڏکي ڇا سُکي، هُو
آهي آخر سمنڊ سمائي ڪهندي ڪهندي ندِي، هُو.

*

موت ملاقاتي ٿيڻو هو، آنءُ لنوايو هُن کي هُو
هونءَ ته هڪ عمر ملي هئي آنءُ گنوايو اُن کي هُو
ندي تارئون تار وهي ٿي، آنءُ وساريو ڪُن کي هُو
سڙهه جڏهن ڦاٽي ويا سارا، مان وساريان ٿو تُن کي هُو.

*

تارن جي تِر مِر ائِن مون کي ساري رات سَتائي هُو
جئن تنبوري تڻ تڻ منهنجي من کي پيئي گهائي هُو
تنهنجو نالو جو وِسري ويو واهوندو ورجائي هُو
تون جا رويا آهين ڪئن ڪو توکي تن سان لائي هُو.

*

توبِن ڪئن ڪاٽيان مان هيڏي رات پهاڙن جيڏي، هُو
ڪيئن چئجي مان ننڊ مان اٿندس ننڊ اچي پئي ايڏي، هُو
بَند نه مون دروازو هوندو جي تون ايندينءَ جيڏي، هُو
تنهنجي ٺڪ ٺڪ نيٺ نه آئي، آس هئي مون ڪيڏي، هُو.

*

آهه هَڏي جِي هيرَ انهيءَ کي نفس ته آهي ڪُتو، هُو
هُن جو شوق شراب اهو ئي جهڙو پاڻي تُتو، هُو
ساري ساري رات نه آهي ڇا لئه باهو سُتو، هُو
ننڊ انهيءَ کان دور رهي آ ننڊ نه آهي ڇُتو، هُو.

*

باهو دنياداري آهي ڪوُڙي ساري هُو
چانڊوڪيءَ ۾ سون جيان آ ساري واري، هُو
ساوا پَن ڏين ٿا من کي ڪئن دلداري، هُو
وَر ساري سان ڌرتي اڳ کان آهي نياري هُو.

*

لکُ به آهي ڪَکَ برابر، سڀ لئه موت پڄاڻان، هُو
پوءِ حياتيءَ کان ڇا آهي آنءُ اُهو ڪي ڄاڻان، هُو
پوئين ننڊ جڏهن تو ايندي هوندءِ ڪو نه وهاڻان، هُو
ڪيڏي ڀينگ لڳن ٿا سارا ڌرتيءَ هيٺان ڀاڻان، هُو.

*

باهو ڪوڙ فريب ڪيئه سو آڏو ايندءُ، هُو
رب سوا ٻي واهر ڪهڙي؟ ڪو به نه ڏيندءُ، هُو
رب سوا ٻيو مُرشد آخر ڪهڙو ٿيندءُ، هُو
در ٻوٽيندين، پوءِ به باهو موت سڏيندءُ، هُو.

*

باهو رب رکي ٿو جنهن کي لُوهَه نه تنهن کي لڳي، هُو
هر شيءِ ڪو پاڇائون آهي جڳ ته سڀ کي ٺڳي، هُو
آندو چنڊ پلئه ۾ پنهنجي آ ڪنهنجي رت جَڳي، هُو
سمنڊ ازل کان ڇوليون ماري اَبد ڪنان ڀي اڳي، هُو.

*

باهو اڄ افطار ڪري، هت رهڻو ناهي هلڻو آ، هُو
هي جڳ سارو جوٺ، اُنهيءَ ۾ ڪيسين جيءُ بهلڻو آ، هُو
سنڀت ڪر اي سنگي ساٿي ٽاڻو مورُ نه ٽلڻو آ، هُو
هر شيءِ هت ئي رهڻي آهي جيءُ اجايو جلڻو آ، هُو.

*

آکيرن ۾ ننڊ ڪندا سڀ ٻولڙيون ٻولي، هُو
ڪئن چئجي اڄ تير اڏامي ڪنهن کي ٿو ڳولي؟ هُو
موت شڪاري پنڇيءَ وانگر نڪتو آ پر کولي، هُو
ايِئن لڳي ٿو اڳتي صحرا ٿو ڪوئي ڇا ڇولي هُو.

*

موت ته هر ڪنهن ڏي اچڻو آ موت ته وڃڻو ناهي، هُو
ايِئَن لڳي ٿو خالي هَٿين هيل نه ٽرڻو آهي، هُو
هن کي ڪا پرواهه نه آ، جي ٺاهه پيو ڪو ٺاهي، هُو
ماڻهن کي هو پيرن هيٺان ڳاهه جيان ٿو ڳاهي هُو.

*

الف الله انهيءَ کي اڳتي باهو ڪجهه ڀي ناهي، هُو
ب کان پوءِ بلائون ڪيئي ڏاهه رڳو ڪنهن ڏاهي هُو
هي دنيا سَؤ رنگ ڪري ٿي تنهنجي من کي ٽاهي هُو
پاڻ پَويِن ڇالاءِ پيو تون پنهنجي ڦندي ڦاهي هُو.

*

آنءُ فنا جي زد ۾ جئن تون، باقي باهو الا هُو
سڀ ڪو آهه قبر جو لقمو آنءُ به تو جئن اي باهو
مٽيءَ هيٺ اڪيلو ماڻهو ڪو به نه جنهنجو ڪرلاهو
ٺڪر ٺوٻر آهي گهُر گهُر، انت ته سڀ جو آ ڪاهو. *

*

خُم تي خُم ڀر ڀر اي ساقي، ساغر ڪهڙي شيءِ آهي
روح ٿيو مدهوش، پيو ٿو ڪاهڪشان ڏي ڪاهي
ماڻهوءَ مورک کان پڇجي، جي آخر ڇا ٿو چاهي
توکي ڪو نه وَراڻي سگهندو هن کي ڪو به پتو ناهي.

*

بالڪنيءَ ۾ چار ڪبوتر شام لٿي خاموش لڳالا،
سارا در ٻوٽي ٿي جڳ تي، ننڊ الله تعاليٰ جا تالا،
باهو تون ڇو جاڳين ويٺو ننڊ ته آهي مڌ جا پيالا،
ڪنهنجي سارا اچي ٿي توکي تنهنجا نيڻ ٿيا ڇو آلا.

*

خانه بدوشو ڪهڙي تر ۾ خيما کوڙيو ٿا،
ڇا جي لاءِ سفر ۾ پنهنجي، ايڏو لوڙيو ٿا،
آهه حياتي پَٽ جيان ڇو رنڍا روڙيو ٿا،
هِن جنم کي پنرجنم سان ويٺا جوڙيو ٿا.

*

باهو آهن مينهن ڦڙين جئن تون وٽ ڪيئي ڪتاب، اَلا!
ڪو نه سوالَ سلن ٿا توکي تن جا ڪي به جواب، اَلا!
آءُ، سڏيو وهندي نديءَ ۾ آ توکي مهتاب، اَلا!
باهو سنگُ ڪرين جي سمجهي ڇو ٿِين خوار خواب اَلا!

*

ڪٿ به نه بيٺي لهر، هلي وئي اڳتي منجهه چناب اَلا!
جندڙي ماڻهوءَ جي آهي ائِن ساري خيال خوابُ اَلا!
تند ڇڳي جي چُپ ٿي ويندو پنهنجو روح ربابُ اَلا!
ڪو به گناهه نه آهي باهو ناهي ڪو به ثواب اَلا!

*

پڃري طوطو روز رڙي ٿو پنهنجي مانيءَ لاءِ
وڻ تي ڪالهه تنواريندو هو پنهنجي جانيءَ لاءِ
ڪيئن وَري اُن کي موٽائين ڪهڙي موٽَ جوانيءَ لاءِ
پيريءَ آندي آهي پنهنجي سوچ فقط سرگردانيءَ لاءِ.

*

ڪيئن دريءَ مان چنڊ ڏسين ٿو، هيرايل ميدانن جا؟
پنهنجو ڪمرو نيٺ وسائيئه ايذايل انسانن جا!
موم بتيءَ تي بيت لکين ٿو، کيتن جا کليانن جا
*من ۾ جهاتي پائي باهو ڍِڳ ڏسين ٿو ڌانن جا.

*

جوڀن جو رس آهي ائن جئن ڪارونجهر ماکِي
شايد تو نه ڏٺي آ ٿر ۾ ڪائي ويساکِي
نانهه ٿيو تون وارياسي تي چانڊوڪيءَ ساکِي
تون ڇا ڄاڻين ڪنهن ڌرتي جو تون آهين راکِي!

*

واهوندي جو واءُ لڳي ٿو لوڪ چوي ٿو سيءُ ويو
آهه لڳي پئي اچ وڃ ڪنهنجي ماءُ وئي يا پيءُ ويو
ڪنهن تي ڪو ويساهه نه آهي هوءَ يا هيءُ ويو
ڇا ڪنهن سوچيو آ ماڻهوءَ تي ڪاڏي هُن جو جيءُ ويو.

*

جُڳ جگانتر گذري ويا انسان اڳي جئن آهي
چيري ڦاڙي هن ۾ جو حيوان اڳي جئن آهي
ساري دنيا ناس ڪندو، نادان اڳي جئن آهي
درد اڳي جئن آهي ۽ درمان اڳي جئن آهي.

*

ڄاڻي ڄاڻڻهار اَزل کان اڄ تائين سڀ ڪجهه
اُن جو غيب اگر تون ڄاڻين، تون پائين سڀ ڪجهه
تون هستيءَ جو تاڃي پيٽو، کولائين سڀ ڪجهه
ڳاتو ٿي سنسار جڏهن کان، تون ڳائين سڀ ڪجهه.

*

لنگهُه اڳيئي طي آ باهو عشق انوکي گهِٽي،
ڪنهن سان اڙبو انگ، اِئين جئن چانڊوڪي چٽي،
وقت وڃي ٿو گذري سڀ جو موت ڪري ٿو مِٽي،
ڪير جدا ٿيو، ڪنهن پياري کان، ڪنهنجي قسمت ڦٽي؟

*

منهنجو پيار ڪٿي آ ڪوئي ڏس نه ڏيندو ڇا؟
هن جو پار ڪٿي آ، هُن ڏي گسَ نه ويندو ڇا؟
هن تي ڇانوَ گهڻيري هوندي سِجُ مڃيندو ڇا؟
ٿوري ننڊ ڪري هو مون ڏي موٽي ايندو ڇا؟

*

ڪويل جو آواز اچي ٿو اُٻَ هلي پيئي
واهوندي جو واءُ ويو دک ڌرتيءَ جا نيئي
نينگرُ نينگرِ اِيئَن لڳن ٿا وَلِ ڦُٽا ٻيئي،
ميوا، مڃر، ماکيون آهن ماروئڙن ڪيئي.

*

رستي تي هو ايِئَن ڪريو جئن پکي ڪري روڙهي *
لاش پيو آهي ڪو اونِي لوئيءَ کي اوڙهي
ڪيئي ڪاروُن روُڪي رکيون پوءِ ته دڳ سوڙهي
اک منجهاران لار نه ڪئي پر ڪنهن جي ڀي ڳوڙهي.

*

باهو تون جو ڪُجهه چاهين جو ٿيڻو آ سو ٿيڻو آ،
ٻاهر جو سنسار ٻَري ٿو ڏنُ انهيءَ کي ڏيڻو آ،
تنهنجي وَس نه آهي پيارا ڪيسين توکي جيڻو آ،
جيڪو ڪوئي جام ڀري ٿو توکي ان کي پيڻو آ.

____________
* کِوَئي (هندي): ناکئو.
* کوئي (اردو):وڃائي.
* جال: ڄار.
* نوٽ: لاس، ليڏاڻ ڪڍڻ يا لاباري وقت ڪبي آهي. ان لاءِ مزوري نه وٺبي آهي، رڳو کاڌو کارائبو آهي.
* ڪاهو:ڪاهوءَ جو دڙو.
* ڌان: ٿر ۾ اَن کي چوندا آهن. اصل سنسڪرتي لفظ آهي.
* روڙهو:ڄار جي ڪام جا گهوٻاٽي وانگر ڌڪ هڻڻ لاءِ ڪم آڻيندا آهن.

بيت

مون سان مُنهنجي شاعري رهي راتِ،
جيسين ٿي پرڀاتِ، سِجُ اُڀاري سون جان.

­متان چئين شاعري، ”ڪو نه نڀايو تو“
پوئينءَ گهڙيءَ جو تنهنجا ڳل ڇُهي ڏٺا.

­اڄ تائين اَلهام جئن پيو شعر اَچي،
جِيئين مورُ نچي ڪارونجهر جي ڪورَ تي.

ڇِڊيءَ تانيءَ جو اوڄو ناهي شاعري،
گهاٽي کان گهاٽو اُڻيو آ اڄ ڪالهه مون.

ساري عمر چئن آ ڪو نه ڏٺو آئون،
لائون ڏنائون مونکي توسان شاعري.

­ننڊ اچي به ته ڪيئن، ٿي ڌونڌاڙي شاعري،
چوي پئي هيئن ”لک، اڃا لکڻو اٿي.“

هو جيڪي سُرخاب اُڏرن پيا آب تي،
ايئين منهنجا خواب توکان مٿي شاعري.

رستو اَؤکو شاعري، ورتو آهي تو،
پرتو آهي تو جيڪي هن جنسار ۾.

منهنجي لاءِ نجات تون ئي آهين شاعري،
سارِي رات جيڪا مون جاڳي لکي.

ميان تنهنجي شاعري اَجرڪ تي ڇاپو،
تون منهنجو آپو سمجهي سگهندين ڪينيڪي.

پاڻ وهيڻي ڪا نه آهه هي جا منهنجي ڏات،
مون کي آڌيءَ رات لِکائين ٿو تون ميان!

جيئين ڪرڻا چنڊ جا، سِٽون آڻين تون،
تن کي ماڻين تون، ايڏيءَ اوندهه ۾ پڙهي.

اڃا اڱر رکَ ٿي اُجهاڻا ناهن،
چڻنگن جئن آهن سٽون اڃا ساهه ۾.

ائن ٿو لکين بيتَ جئن ڪرِين ٿو اَنَ ڇاڻ،
پوءِ ڪڍين ٿو پاڻَ ڏڏر هر هڪ سٽ مان.

­هر ڪو هِڪَ تصوير، بيتُ نه آهي ماڻهئو!
ٻي شاعرَ تقدير ناهي هيءَ مصوري.

شاعر پکي پار جا سڀني نه ڪُڙلاءُ،
ڪوڪي پکي واءُ ٻُرِي ڪري ٻولڙيون.

­ڀٽائيءَ جو بيت جئن ڪالهه هيو آيت،
ڪا به وِلايت مَٽُ نه تنهنجي شاعري.

­مان ئي بلي شاهه هان، مان ئي هان باهو،
تنهنجو ڪرلاهو، گهايل تنهنجي گهاوَ سان.

­ڪهه مڪرني ناهيان اُتيئي آئون،
خسرو ڏنائون مونکي پوري کنڊ ۾.

غالب وانگر ڇو نه ننڊ اچي ٿي رات جو،
شايد آهه پتو نه اڳتي ڪاڏي ٿا وڃون!

جان جو پڙهيو غور سان، مون ابنِ عربي،
هر دنيا طلبي، ڄڻ دل مان ڌوپي وَئي.

­بيٺو اوهيڙا ڪري جڏهن وسڪارو،
*ٿر مٿان ٿارو، ڪاش ڏسين ها ڏانگڙو!

­lڪڏهن کاري ڇاڻ ۾ تون مان رباني،
ڳاتي زباني ساڳي سِٽَ اتفاق سان.

­ڪيڏا ڪيا واهَڻين سنڌريءَ سان وَڙَ، بيتَ!
ٻُڌي مون نَڙَ بيت گهُوري ڏٺو ڳائڻو.

­اڃا منهنجي ڏات کي ٻه سَؤَ سال کَپن،
جن تان انت ٽپن درد ڀريا هي دوهڙا.

­ڪاڪ وري جڙندي ٻيهر ايندا مينڌرا،
رچنا ته مڙندي پاڻ ڊهي ٺهندي پئي.

اُٿي پوئين پهر جو اِئين اوندهه ۾،
پکين چَههَ چَههَ ۾ تنهنجا گيت سمائيا.

هلي پيو ٿو نار، کوهه کٽيئي ڪو نه ٿو،
ڪوئي انت نه پارُ آهي منهنجي ڏات جو.

­ويرو تار وجود ۾ آهين ئي آهين،
ناهين پراهين مون کان ڪويتا ڪٿي.

­بيماريءَ جو بسترو مان ۽ قلمَ ساکَ،
جيسين اُڀري باک چوڌاري چانگارَ سان.

اَڃا منهنجو پنڌڙو کُٽو نه آهي،
وَڌيا ڪُجهه ساهي، ڏکن پيڙا پيرڙا.

ڪَتيون راسيون سانجهه کان بيٺي ڏٺائين،
پَرهو تو تائين پهتو نه آڪاس ۾.

هيڊَ ڳڙيءَ جا ڪيترا آهن پساري،
ڪيڏي نِڪاري تِن جي ادب ڳالهڙي.

جئن سِم ۾ اَؤڀڙ، اڄڪلهه دانشور ائين،
ان ۾ اوچا بڙ اُڀري سگهندا ڪينڪي.

­ايڏا شاعر شاعريءَ آنا ڪانيءَ ۾،
مڇردانيءَ ۾ مڇر ڀُون ڀُون ڪن پيا.

پوءِ به چڙهي ڀِٽَ تي ڀريان آنءُ گهَڙا،
توڙي ڀٽوُنئڙا ڏنگن منهنجي ڏاتِ کي.

متان سمجهين کوهَه جو مون کي ڪاڻيارو،
مان جو پاڻيارو مون لئه واٽهڙيون گهڻيون.

­ڪالهه ٻُڌايا ڀَٽَ جو گَنگ ڪويءَ جا گيت،
مون ۾ ڇا ڇا گيت صدين کان پوءِ اڀريا.

جنهن تي ٻه ٽي ڪنگ سو نديءَ پيٽ ڏسو،
لکو يا نه لکو آهه ته جيئرو هائڪو.

­ٻاهر بارش ٿي وسي ڪيڙا ڪتابِي!
اُفق عنابي آهي ڄڻ ته شراب جئن.

ڪونجون ڪرڪن روهه تي ڇيڙي سانتِ – ستار،
ڄڻ ڪنهن موسيقار جي موسيقي واءُ ۾.

ٻيجل پنهنجيءَ تند سان ڪاٽيو پنهنجو ڪنڌ،
ڇا نه سُريِلو پنڌ، راڳيءَ ڪيو راهه ۾!

­ٻيءَ لئه رت وهانءِ جا ڳائي پئي ڳيچ،
مُنڊي پائي چيچَ، وَر وَر ڏسي ٽِڪَ کي.

­ٻُڌي تنهنجي کنجرِي نچن پيا پير،
چئُه تون آهين ڪيرَ، نينگر نَگر پارَ جي؟

­وَڄن پيون کنجريون آڌيءَ جو ڪنهن جون،
نانهه سڃاتو مون اڃا ان آواز کي.

ڪارائي ڪائي آ تنهنجي آواز ۾،
ڪونج ڪري وائي وڍي وئينءَ انگڙا.

­مانڌاڻيءَ آواز آيو اَسُر وير جو،
اڱڻ ۾ ڪو قاز، ڪَرڪي پيو مُنڌ جي.

ڇوريون ڪيئي ڇيڄ ۾ پنڙا لڏن ٿا،
تارا ٻڏن ٿا پرڻي رات رمي وَئي.

­اڃا سوجهاڪو چَهه چَهه آهي ٻيرِ تي،
ڄڻ پورو خاڪو آهي ڪنهن تصوير جو.

­توکي پٿر مان گهڙي ڏنم جيڪو روپ،
اُهو روپ انوپ ڏِسي ڏات ڏڪي وئي.

ڇيڻِي سنگ تراش جي پَٽ تي ڏٺي مون،
”ڪٿي آهين تون؟“ مُرڪي سوچيو مورتيءَ.

ڪهڙي ڪاشيگر جوڙيو توکي نينگري؟
چَئُه، تون ڪهڙي گهَر، ٿيندينءَ پيالي پريت جي؟

­رُنو بت تراش بُت ڏسي سِرَ کانسواءِ،
پوء، هُن سوچيو ”ڪاش مان به هجان ها جنگ ۾!“

­ڪَنڌَ ٽُٽي ويا ڪانهن جئن، ناهي جام ٽُٽو
مئخانو نه کُٽو، ڪيئي رند رَمي وَيا.

رات مڌو شالا جهونجهڪڙي ۾ ائن لڳي، *
ڄڻ ته سندم پيالا اُڏريا ٿي آڪاس ۾.

­آخر رهندي ڪيترو اِها سُرت اَڃان،
ساقي ڪيئن چوان اوتيندو رَهه اوت کي!

ڳاڙهي غاليچي مٿان نيرِي صراحي،
چاهي نه چاهيِ جرڪي پئي جام ۾.

­اکين – صراحيون ڀرجي ڀرجي ٿيون اچن،
جام و مينا جون ڪري ڪري ڳالهڙيون.

­جوئر جا ڪانا وَڏا ٿيا ٻنيءَ ۾،
هُرکر وَنيءَ ۾ سينڌو نه ٿي سامهون.

ڇا هِي پڙو، ٻانڌڻي اُنهيءَ جي آهي،
ڀَر تي ٻَئِي لاهي جيڪا آهه نياڻ ۾.

­ڇٻر تي ليٽي آريٺي جي ڇانوَ ۾،
هوءَ ننڍي نيٽي ڀري پئي گهاگهرو.

رَنيون چوڙين کانسوا مُرن وٽ ساٽيون،
اُنهن ڪئن ڪاٽيون تارن ڀريون راتڙيون!

­ڪِن جي لاءِ وجهن پيا سِڪ وچان ليئا،
ڏهرن ۾ ڏيئا ۽ تارا آڪاس ۾؟

لالڻ ميندي لاءِ، سڀان ڏينهن وهانوَ جو،
اُٿِي ريٽو پاءِ، آيو آهي رنگجي!

­چنڊ وڌائون پاکڙي هڪڙي پاسي ڏي،
ٻي پاسي توکي، جيئَن نه نِوي پاکڙو.

­ٻوليءَ ۾ ٻيهارَ، آنءُ نه اچڻو آهيان،
هونءَ ته اڪيچار ايندءِ نَؤٽڻ کيڏڻا.

­اڳتي ننڊ گهڻي ميان هاڻي ڪهڙو ننڊ؟
پوپٽُ مٿان گهنڊَ رهي رهندو ڪيترو!

دل کولي رابيل، توکي سڳنڌون ڏنيون،
هاڻ به وڃڻ ويل خزانا خوشبوءِ جا.

جيئن ڪرڻا چنڊ جا لهرن مَٿ لُڇن،
تيئين منهنجي مَن، آهن تنهنجون ڳالهڙيون.

­جيئين تتر ڪارڙا پڃري ۾ ڦٿڪن،
تيئين منهنجي مَن، آهن تنهنجون ڳالهڙيون.

­پرين تنهنجي ويڙهَه تي منهنجو جيءَ جڙاءُ
جنهن ڏي هَٿَ وڌاءِ، چنڊ ڏسي ٿو عيد جو.

­جيئين مڻئي ٽِڪ، ايئين نينهن نگاهه ۾،
مون کي تُنهنجِي ڇِڪَ، ڇِڪي پنهنجي پاڻ مان.

­هَٿ پرينءَ مينديءَ رتا جهڙا گُل انارَ،
جيئن ڪيائين پيارَ منهنجا ڳل ٽڙي پيا.

­تنهنجو بدن بوسڪي، جنهن جي مٿان گج،
ليئا ٿو سورج پائي لئيءَ جي پٺيان.

­پُٺي کُنڀيءَ وانگيان ظاهر هئي گَج منجهان
پريان توکي مان ڪيئن سُڃاتو سُندري؟

سائو گَجُ گلن سان، ڪُلهي ڪيائين ٻانهَن،
دل مان نڪتي دانهن، جوڀن جاڙَ ڪري وئين.

­تنهنجو تَنُ ايئين پرين جيئين اَڇو پَٽُ،
پَريان ئي پَرگهٽ، ڍيرا ٻه ڊولائتا.

­ڇا ڇا لڄاريءَ لوئيءَ سان پنهنجا ڍڪيا،
پر چوليءَ ڄاريءَ اڳ پسايا انگڙا.

­ڇا جيڪو ميهار هو، هُيو سهڻيءَ خوابُ؟
چوڏينهن رات چنابُ پُڇي پئِي چنڊ کان.

هندورو هالارُ آ منهنجي لاءِ ته هوتَ،
ناهي ڪا ڳڻ ڳوت مونکي تنهنجي پيار ۾.

نه ڪي دڙ درياهه جا نه ڪي ڀَؤُ سيسارَ،
سهڻيءَ کي ميهار ڇڪيو ايڏي ڇوهَه ۾.

­پکو پونهارن سان متان جوڙين تون،
جي تون مڃين مون، چيتِ نه تن جو چانئنٺون.

مون کان پنڌ نه مورُ، اڳتي ٿي ڀنڀور ڏي،
ٿيندو نيٺ اَ سورُ، آرياڻيءَ هِن رات جو.

توڙي هُيسِ ڪَڇَ ۾ ککيءَ جو کارو،
ڪينجهر ڪنارو، نوريءَ ويندي واسيو.

نوري کٿوري هئي توڙي اَڏيءَ اوٽَ،
ڄام تماچيءَ گهوٽَ چونڊي ورتي چاهه مان.

گذري ڪَتِي ناهرِي مٿان آيو پوهُه
راڻا ايڏو ڊَوههُ! مومل سوچي ماٺِ ۾.

­نيٺ ته ايندو واهرو کاهيءَ مان کڻندو،
نيٺ ته مون وڻندو سائو گاهه پٽن تي.

­هي جو چاهَت چِت ۾ ان جو انت نه مُور،
پويون ناهي پُور ڪڏَهن جيوَن ناوَ جو.

ڪيئي پيارا نانوَ وٺي سگهان ڪينڪي،
هُرن اندر هانوَ ڪُرن مون ۾ ڪيترو!

هُئِي بيتِي پاڻ تي اڃا اڌوري،
ڪالهه اُها پوري آنءُ ڪئي هئي روس ۾.

­هو جا آئي گارگِي ڪاريءَ گَجَر جيئن،
سا مون ڪارڻ ڪيِئَن ڪَپي وئي پاڻ کي!

­ڇانگا مانگا ۾ هُن سان لٿا ڏينهڙا،
ڄڻ ڪنهن ڇايا ۾ گذري ويئون ڪي گهڙيون.

­۽ هو جيڪا ماٺ، ٻاڦ نه ٻاڦي ٻاهران،
توڙي ڪاٺَئون ڪاٺِ ساهه انهيءَ سان سنگهرين.

ڇُڙئي پاڻيءَ ۾، توسان روح رچنديون،
عمر وهاڻيءَ ۾ ڇاڇا مون آ سارِيو؟

­ڪيڏيءَ شدت سان وري مون اڄ ياد پيون،
منوءَ ڪيئن سَڳيون ڇوڙي پَئي ٻَڌيون. *

­ڪاڏي هلينءَ ڪامڻي، تون پائي پَنڙا؟
ڪيسين هي ڪَنڙا لوڏيندا تَن لوءِ ۾!

تنهنجي چاهَه چُرون، ڪَيون پنهنجي ساهَه ۾،
ڪهڙي طرف سُرون، چئني طرفين تون هئينءَ.

ماضيءَ جهڙي اي ڪَوي ميڙي چونڊي ناهه
جيڪي چاهين چاهِه سار – ٽجوڙين ڪيتريون.

مُسرت جا ڏينهڙا ڪڪر ڪتيءَ جا،
پاڇا بتيءَ جا ڪاري ڪارونڀار ۾.

ٺٽي نگر راتڙي ڀوريءَ ماڃر ساڻُ، *
ڀانيان پنهنجو پاڻُ آهه تماچي تڙ – ڌڻي.

­اَلا هڪ گهڙي مِلي کسيئهِ سڀ ڄمار،
مون سان تنهنجي تارَ ڳنڍي رهي ڳجهه ۾.

صدين جي سيلاب ۾ ڏٺو هوندو سانءِ،
ايِئَن لڳي ٿو ڀانءِ پل لئه ڪٿ آهين ملي!

آهي ڪنهن ڪنهن روپ ۾ چنبيليءَ – خوشبُو
اڳ به آهي توُ واسيو منهنجي واٽ کي.

جيئن نيري چانهه لڳي شفق رنگ ۾،
ايئين ئي تون آنهه سيني منهنجي سانوري.

­تون ڪئن لڌو اوچتو ڀُلِي منهنجو ڀاڻُ،
سانورڙِي تو ساڻُ منهنجو من اڙجي ويو.

­عينڪ لاهه ته مان ڏسان تنهنجي چهري کي،
چڱيءَ پَر پرکي توکي مُنهنجي عاشقي.

اکيون اکين ساڻ ڳالهائين ٿيون ڳجهه ۾،
آڇي پنهنجو پاڻ آهن ڄڻ آسائتيون.

­سانورڙي توساڻ آ منهنجي سِڪ اِئين،
ٿئي شام جئين سانجهيءَ جي آڪاس ۾.

توڏي ٿَڪُ نه ٿَڪُ، پير نه مون ساهيا ڪٿي،
مون کي سارو لَڪ پَٽُ پٽيهر ٿي لڳو.

­تون ئي نانهه اَنانهه ۾ تون ئي منهنجي آنهه
جيئين ڪائي سانهه اوچي اُڏري واءُ ۾.

پاريهر جهڙا پرين ٻيهر اُڏري آءُ!
تنهنجو لونءَ لڳاءُ مون ۾ ٻَر ٻَر ٿو ٻُري.

­ڪِن ڪِن جي لئه پيا سِڪَ وچان ليِئا
ڏهر ۾ ڏيِئا يا تارا آڪاس ۾.

­پوئين دم ديدار لئه ڪيڏو من وِسڪي،
گوڏن ڀر گِسڪي، جيءُ جڏو تو پار ڏي.

­مون کي چاڙهي چيِئَن تون پو ٿو پڇين ڪيئن؟
”توسان ٿيندو هيئن ايءُ به تو ڄاتو هيو؟“

هوءَ جا نِنائين آئي منهنجي راهه ۾،
انهيءَ سدائين چاڙهيو مون کي چيِئَن تي،

­هيل ته ڏکڻ زور سان لڳي ٿو ڏاڍو،
مون من تو ڪاڍو، ساري توکي سپرين.

­پڃري ۾ ڦاٿِي هئي منهنجي هڪ مئنا،
ڪيڏا بي چئنا اُن به ڏنم ڏينهڙا.

تون بن جيئڻ – ڏنڊ، ڀري ڀريان ڪيترو،
تون جا منهنجو چنڊ آهين آڌيءَ رات ۾.

­تنهائيءَ ۾ تون چمڪين پَئي چنڊ جان،
توسان منهنجِي مون ڄڻ ڇوليون درياهه جون.

­باد – صبا ۾، آ تنهنجي خوشبو پرين،
مان توکي ڇا ۾ ڍڪي ڍڪيان لوڪ کان؟

پاڻ ته وئين ڦهلجي، منهنجو ڪهڙو ڏوهه،
تو ۾ مُنهنجو موهه، ڪيسين گهاري گيِتَ ۾.

­تنهنجا تيل ڦليل ۽ ڦُلن جا جُوڙا،
راتيون راسوُڙا ڇم ڇم سارا ڏينهڙا.

­تو جنهن تورَ تَلور جي ٻيهر ايندينءَ تون،
ويجهي ٿيندينءَ تون منهنجي تورئي کيت ۾.

­ماهي مکڻ جيئَن تنهنجا ڳَل منهنجا پرين،
ٻيو مان ڪيان ڪيئن، ڳُڻ تنهنجي جي ڳالهڙي.

ڪهڙي ڀاوَ مکڻ، تنهنجا ڳَلَ ڏسي پڇيو
”تنهنجو هر لکڻُ، لک لهي ٿو نينگري.“

ڇوريءَ چهرو باهه تي مکڻُ جئن ماٽيءَ
وڌائين ٻاٽيءَ پَلِي سوئي پاند ۾.

هي جا ڏوڌيءَ ڌيءَ آهي اڇي کير جئن
اَک ڏسي آڏيءَ مينهن ڏهي ٿي واڙ ۾.

­ايندينءَ منهنجي در وري ماٽئين ڏيندينءَ کيرُ
تنهنجين اکين نِيرُ، رُڪِي رُڪَندو ڪينڪي.

­ڇاڻين پئي ٻيرَ، ڀرين پئي ٽوڪري،
چئُه تون آهين ڪيرَ؟ ايڏو تون ڇو ٿي وڻين!

ٻهراڙيءَ جي نينگري ڏسي ٿي ڪونجون
سوچي ڪيسين مون، نِيرَ هوندا نينهن تي!

هو جو تنهنجي دَرِ آهي نم جي ڇانوَ جئن،
ڪعبي ڪاشيءَ ڪَرِ موُر نه تنهن لاءِ پنڌڙا.

مَلين پئي ميٽ ۾ جئن ليمي جا پَن
توکي ڏسي مَن ريٽيون ساريون ڪامڻيون.

چنڊ وڌائون پاکڙي هڪڙي پاسي ڏي
ٻي پاسي توکي جيئن نه نِوي پاکڙو.

­ڇوريءَ ڳالهيون ساهه ۾ ڄڻ ٿي آيون وِڄُ
”ڇاتيءَ ايئن نه ڇِڄ ٻاهر سيِرون سيءَ جون.“

­سَوَڙ سوڙهي ڪا نه آ، اوري آءُ سُري
ڪيڏي ناهه لُري لانڍيءَ سنهيون ڪاٺيون!

­آلا ٽوئا راتڙيون ڏک نسورا ڏينهَن،
اَمڙ، مونکي نينهَن، ڇا لئه ڇيڇاڙيو اِئين؟

­ڇوري ڪجهه ته چئي پَئي اکيون ڪري هيٺ،
آهي هن جو نيٺ پَتو پيو پيءُ کي.

­ڇوري ڇتِي رات چوريءَ ٽپي کُڏ تان،
آهي عورت ذات هيريءَ سنديءَ هير سان.

ڪيئن وساري اڄ ڀلا پنهنجيءَ پياريءَ کي،
ڪارو ڪاريءَ ڏي، چنڊ ڇڪي تو چيٽ جو.

­ڪَکن جي پترِي ڏنل آڏيءَ اک ڏسي،
ڇورِي ڇوري کي، سامائِي آ نينگري.

ڏِسي پَتر مان، پوتيءَ ڍَڪي انگڙا،
هوُ جو لؤڻن سان آهه نئون پاڙيسري.

­اَملهه آتڻ تي ڪَهِي، آيو آ مون ڪاڻ،
گهاٽو اَمُل آڻِ، بيٺو آنهه بجير ڇو؟

­لائِي، ڀڳڙا، ريوڙيون ٽيئي هن جي پاندِ
۽ ڪيڏي هيڪاند آهي پِپِر پاڙ ۾.

­ٻهراڙيءَ جي نينگري ولوڙي چاڏِي،
ڪري اَک آڏي، ڏسي پئي ڏير کي.

­ڏهندي مينهِن ڏِسي پيو توڏي ڏوجهارو
ڪيڏو لشڪارو، ڇوري تنهنجا ڏرگلا. *

سکيءَ بئنسر سون جي دهرِي دل ڇڪي
ڪٿي اکِ ٽڪي جهالر ٿي جهلڪا ڪري.

­جيئين چُميون نار جون تيئين ڪيسو ڦُل
ڪيڏا ڪيا هُل اَلن اُتر واءُ ۾.

­جيئين ٻه قيدي وَڃن هڪ هجي زنجير
آهي تيئن اُڪيرَ تنهنجي منهنجي ڳالهڙيءَ.

­جهُري جاڙ ڪَري جڏهن، جوڀَنُ توسان مُنڌَ،
تنهنجي آنءُ سُڳنڌَ هُوندس آدجڳاد ۾!

توسان منهنجو پيارُ، جيئين ماڪ گُلاب تي،
هي سارو سنسارُ خوشبوءَ سان واسي وَيو.

مون ۾ اکيون ڪيتريون تُنهنجون اکيون ٿيون!
ساريُون سَکيون ٿيون، گڏ جمنا ۾ جيءَ جي!

آنءُ ته سوچان ٿو پيو، تون مون لئه آن ڪيرَ؟
آندي آهه اَوير، جنهن هئن رُت رابيل جي!

تنهنجي مُنهن جو موتيو، من ۾ اُترَ هيرَ!
جيءَ پئي ڇو جهير؟ اُن کي مرجهايل ڏسي؟

­تنهنجي منهنجي عاشقي آهي لوڙهي جئن،
پير دنيا کي ڪِئن مان اُن کان ٻاهر رکان؟

­ويندي ڄڻ ته وڄين پئي تنهنجو کُماچ،
نيلوفر جو ناچُ جيئين اُتر واءُ ۾.

هوءَ جا لڇي سور سان اُن سان لڇان آنءُ
آهي منهنجو هانءُ گويا هن جي گود ۾.

­متان ڪَهارو ڏوليءَ کي لوڏو اَچي!
اڄ هن جو سارو ساهه پيو پيڪي وڃي.

­ٽڙن ٿا ڪؤنپل تو ۾ هَٿ – ڇهاوَ سان،
ڌرتي جيئن ڪريَل ڪيڏو ناهين ڪامڻي!

اَڄ به مون ۾ ٿيون وڄن ڄڻ ٿِي سارنگيون،
ڪلهه جي نارنگيون توتان آنءُ ڇني وتيون.

هي جو آهي ٻارڙو، تُنهنجي نشاني،
اَمرتا جاني آهه اسان جي پيار جي.

­هي جا ڳُنڍِ اُڪنڍ جِي، اجائي ناهي،
مون توکي چاهي پاتو سڀ سنسار کي.

­
ٽاريون سلهاڙيون جيئين گهاٽي جهنگ ۾،
تئن تون مون لاڙيون ٻانهون هڪٻئي ڪنڌ ۾.

­
*ڏِسُ هي ٽنڊريل ٽاريون وسي پيو مينهن،
مون ۾ منهنجو نينهن آهي ايئِن کڙي پيو!

­ڪيڏا اُترڙو، ڪَڪا پن ڇاڻي پيو،
ڪيڏو نه ڪَرڙو، ٻهراڙيءَ ۾ وائُرو!

­هي ڏس اوچو بَڙُ، ڦان ٿي ڪِريو اوچتو،
وسري ويندو وَڙُ جو هن ڌرتيءَ سان ڪيو.

­امڙ جهوٽو ٿِي ڏئي پينگهو لُڏي ٿو،
اُن ۾ ڪڏي ٿو ابهم پائي بانبڙا.

ڀُرٽ ٻَڌائين ڳنڍِ، هڪڙي پاسي چيلهه تي،
ڪيڏي اَت اُڪنڍ، ٻي پاسي سان ٻارڙو.

­هي جو اَمڙ پيارُ، آهي پنهنجي ٻار سان،
ڄڻ سارو سنسار، آ اُن جي آغوش ۾.

­توتَڙ ڪيئن ڪڍي ڏارو ايِئين ئي چڱو،
سڀني کي ٿِي ڏي ٿورو ٺڪر ٿانوَ ۾.

­آکيري ۾ آ سُتل، هي جو ڍانڍيئڙو،
ڪهڙو اوسيئڙو آهي اُن جي ننڊ ۾؟

­پکي خواب لهن ساري وطن ٽاريون،
ڪاريءَ رات ڪَهن اونداهي آڪاس ۾.

ائين ڀِٽ جي ڳاٽَ تي بيٺو آهي ڪيرُ،
ڪهڙو مُڙس مٿير، ساري ڪارونڀار کان.

­ٻُنڊو ڏئي واڙ کي ستو گهر ريڍارُ،
بگهڙ ڪيو وارُ چانڊوڪيءَ ۾ چنڊ جي.

وينڊي ڪُتي پونگڙو اُنهيءَ جي لَڪ لَڪ! *
متان ٿئين ڪَڪ! ٻُوٽي رک ڪتاب کي.

­تِڙڪو نانهه تلاءَ ۾ نه ڪو ڀرسان وڻُ،
نه ڪو ڪَنڌيءَ ڌڻ، نيرو پاڻي ماٺ ۾.

­ڇَڄَ، اِها ڇَڙَ ڇَنڊَ، ڪيسين اُتر واءُ ۾،
اَمڙ! تنهنجي جَنڊ آهي اوسيئڙو گهڻو.

هو جو اولهه کان اچي پيو لاڙِي مينهن،
اُنهيءَ اُجلو ڏينهن ڪيڏو ڌنڌلائي ڇڏيو.

­چونڊي ڪَتيءَ جا چڀڙ نينگرڙي وئي گهر
اُٿي، اَمڙ تَر! ڪجهه ته کائون مينهن ۾.

اونهاري جي تِرورن ڀَر ڪري ڀالا،
ماڻهن ميڄالا سيرون ڪَيا سِج سان.

­وسڪاري پاڻيءَ ڏهرن ۾ ٽوڀا ڀريا،
جن تي وهاڻيءَ، ٻَرن پيا ڏيئڙا.

آهِليون، اُڀ ڪَپريون ڀٽون دور وڃن،
افق منجهه ٻُڏن ڄڻ سنجها جي سمنڊ ۾.

ڏکڻ اولهه جي هوا، اڏامي وارِي،
ٿي کامي واري ڪيڏِيءَ تپت لَڪ ۾!

­کائُڙ سريون وِيَروُن وهن ٿيون ٽمٽار،
هن ڀيري وسڪاري ٿر کي ورسائي ڇڏيو.

­رس چُوسي ٿي نينگري جوئر ڪاني جي،
ڪانگڙ تي جهِرڪِي، پيئي ڏسي ريس سان.

هي ڀانڊي ۾ ڀَتُ، اڳيان بکيا ٻارڙا،
ڪيئي ڏينهن اُستُ جيڪي کائي ٿيا کٽا. *

­هي ڪُڙميءَ ڪوڏر جنهن جي دل بيهجي وئي،
سوچي سوچي گهَرِ هن جي سُڌِ رسائيو.

­مٿان ڪکن جهوپڙو، جهرڪيءَ آکيرو،
ڌرتيءَ تي ميرو، پيو آهي اوڍڻو.

ڪپهه جا ڏينو، ڏسِي پيو پوک ۾،
اڃا ته پينو، جڏهن ٻڌي ڳٺڙيون!

­ڪَکَن ڏَروُن اونهيون متان هٿ وجهين! *
يا تن لتاڙين، پانڌي پنهنجي پنڌ ۾.

ڇٻيءَ ۾ ڇالاءِ ٽانگر وڌءِ نينگري،
ڪيڏو سيءُ هواءِ پاڻيءَ ڇنڊو ڪينڪي!

­هو ڪينجهر ۾ ڪانگڻيون ويٺل پاڇل تي،
ڪيئن ته سِج – ٻُڏي ڪارنهن منجهه سمائيون.

­ڪکن ڇٻيءَ ۾ رکيل هي تازا زيتون،
وِلهي ٻارَ جنُونَ، وَنهئي لڳن ڪينئرا.

­مائِي مريڙو پَٽي آئي جهولَ ۾،
گهر ۾ اوسيئڙو، ابهم سڀ آسائتا.

­وليون ٻوٽا ڪيترا، هڪ سرنگهوءَ وڻ،
برسي ٿو سانوڻ، ڀرسان لانڍين جي مٿان.

هوڙيا ٿا ٻوليِن ٻولي پائر پار جي،
جنهن کي ٿا ڳوليِن تنهنجا کائڙ جهوپڙا.
­
ڪينجهر مٿان چنڊ ۽ ڪپر تي ڄاريون،
جن هيٺان کاريون، ڇڏي ويون ماڱريون.

گاڏي پئِي ڪڙٻ جي وڃي رستي تي،
ڏس ته ڪيِئَن ڇڪي، چُوسن ڳنا ٻارڙا.

­ڌؤنرو وِلوڙي، مکڻ چاڏيءَ ۾ ڇڏي،
در ڏي ٿي ڊوڙي، آيو آنوادا ڏئِي.
­
ڀاڻيجيءَ ۾ ڀيڻ ڄڻ پيو آنءُ ڏسان،
چئجي ڪيئن ڪٿان، شروع جو سلسلو.

­رڙيون ۽ ريهاٽَ دادي پرتي رَب کي،
نه ڄاڻان هن جاٽَ کُٽِي ڪهڙيءَ جاءِ تي.

­پيِري پاسيري رکِي مان تو من – مانديءَ
پنهنجي سيرانديءَ هَٿ سَهلايو هَٿ سان.

ميان ويڄ! بُکن جهوريو منهنجي جيءَ کي،
اٿندي هَڏ ڏکن ننڊ نه اچي رات جو.

­ڏس! هو سُڪو وَڻُ، جنهن ۾ گؤنچ ڦٽي پيا،
ڇو توکي اڻ تڻ، هيڻو هاٺيءَ کي ڏسي.

­ٿورو پريان ٿي اچي ڀُورين جي ڀڻڪار،
ڏس هو ڏنورَن ڏار، نمن پيا واءُ ۾.

­متان آکيرو، ڍانڍيئڙي جو ڊاهِئين!
نيٺ ته رُت ڦيرو کائي ۽ موٽي اچي!

­تون جئن نيري چانهه، ڪنڊيءَ تي ڪائي گهڙِي،
يا اُڏري جئن سانهه ڇاڇر ۾ ڇيرون هڻِي.

ڏکڻ اولهه جي هوا اڏارِي وارِي،
ٻهڙو پاڻيارِي، پوءِ به گهر پهچي ويا.

اَڪ، ٿوهر ۽ ڳاڱيون، ارڻي ۽ گگراڻ،
سڀئي مينهَنِ ڪاڻ، ڏسن پيا اُڀ ڏي.

ڌڻي ناهي، ڌڻَ وڃن ٿا گوڌول ۾،
سامهون سُڪا وَڻَ اُفق تائين روشني.

گهرڙا، رستو وائڙو، واريءَ تي ڪُتو
نيٺ وڃي کُتو، ڌَپ وتائين ڍونڍ جي.

­ڪيڏي چپ چپات آ، ناهي ڪو انسان،
آ رستو ويران، گهرڙا بند، ٻه ٻارڙا.

سارو گهر ڀان ڀان ڪري هيکلڙيون ڀينر،
جن مان ونيءَ وَر رات مري ويو ماٺ ۾.

­ڪنڌيءَ ڪيئي جهوپڙا ڊونڊيون هيٺ تَرن،
ٻيڙين منجهه گهَرن دُکي پئي باهڙي.

­هي واريءَ لس ليٽ ۽ وچ ۾ ترائي،
ڪئن ڳلي آئي اُن جي هرڻي اُڃ ۾.

طنبيلو، گهوڙو، جنهن جي سَئس سَماءَ ۾،
ٻُڏي نه ٻوڙو، هيکل جي هڻڪار کي.

آڏا ڏونگر، ڀُئن گهڻي اُڏرِي ٿڪِي ڪونج،
رڳو هن جي گونج رهندي هن سنسار ۾.

­ڦَڳُڻ ڦوڳَ ڦُلاريا نَگر تي نائو،
نيگر هٿ پائو ڇا نه سُريلي جندڙي!

­هنج اڳي جئن هنجرون ڪينجهر لاءِ اچن،
ڇا ڪو آهه وچن جيڪو تن کي ٿو ڇڪي؟

­پوڙهو مُڙسالو پيو، وڃي ٻنيءَ ۾،
آيو وَنيءَ ۾ ’ويٺس ڇو ونهواهه ۾؟‘

­ڇوڪر جهلي ڇيلڙي ڪوسي ڪئي ڪَڇَ،
تَنهنجي پُٺيءَ اڇ ٺهڪِي هن جي هٿ سان.

­جهوپِي ڄانڀي کيت ۾، رَڙو رَڙ آئي،
ڪنهن کي هي دائي ڄڻائي وئي ٻارڙو؟

هي جو هَر ڪاهيلُ پريان ڪَنڊيِن اوٽ کُٽي
اُتي ٻني تي، مرندو هو ويڙهاند ۾.

رَنڊا روڙن زائفان، پريان مڙسالو،
پهتا ئي نه اڃان، هر ڪنهن وَرُ پنهنجو ڏٺو.

­مڙس ته دانگوڙو، وَني سوني جي ڏَلِي
ڀڃان ڪئن کوڙو، مان تن جي تقدير جو؟

ٻهڪي پئي نينگري پينگهي پُٽَ لُڏن،
جن کي دعائون ڪَن آيون وَيون وانڍ ۾.

ٻهڪي پئي نينگري در تي دُهل وڄن،
آندو دهلارين اوڙي پاڙي ساڙَ ۾.

ڪڏهن ڪڏهن ڌيئڙيون امڙ سان اورِين،
تُراڙي تورِين پنهنجا سارا ڏکڙا.

­ڪاڏي نِئي ٿِي پَئِي گاڏيي گُجَر کي؟
ساريندي گهَر کي جو ڳوڙها ڳاڙي پئي!

­جوُاني جهوٽو، گهڙيءَ ۾ گذري وئي،
ٻاريندي ٻوٽو رَمي وئي راتڙي.

ڪڏهن گُل گُلاب جا ڪڏهن پَتيون واءُ،
دل ٿي چوي ’آءُ‘ هيرون هرکائن پيون.

­اکيون اوهيڙا ڪري ويڙهي منجهه وَسن،
ڇا ڇا ٿا نه ڇَڏن، ماڻهو سَفَر سانگ ۾!

­تِتر کرڙي اُڀَ ۾ هيٺان هي هالارُ،
ڪيڏو توتي پيارُ، آيو مونکي جندڙي.

­پکين گهُمرا واءُ ۾ ائِين جيئين تون،
نِوِڙي هيٺ لتون پاڻيءَ منجهه پُسائئين.

هي جي ننڍڙا ٻارڙا ڪوهَر کائن ٿا،
توکي ڳائن مُرڪِي پنهنجي ماٺ ۾.

­ڇنڊا اَچن ٿا ڇُلڪا ٿِي ٻيڙي ڪري،
پَلا نچن ٿا ٻني ٿورو ٻاهران. *

پنهنجِي رِڍَ ڏُهي وٽو رکي کير جو،
پيو مڙس ڊَهي ڪيڏا هڻي هڏڙا!

متان ڪچي انبڙي ڌوڻي توکي واءُ،
توکي تنهنجي ماءُ ڪنهن جي لاءِ ڄڻي وئي؟

­انگل آرا ٻار جا اهڙا ٻي ڪا شيءِ،
عُمِر! اڄ مون لئه ڪيڏيون آنديون سوکڙيون.

­ڪجاوي ۾ ڪامڻي، چنڊ به ڏوليءَ سيئن،
آهي ڄاڃيءَ جيئن هُن سان هُن جي واٽ ۾.

­ڪينجهر ڪنڌيءَ اوڏڙا هَنجر ڪُر ڪُر ڪن،
ڇو ائن منهنجي مَنِ پيا ولوڙا اوچتو؟

­پکين ڦڙڪُون واءُ ۾ ڍوري ۾ پاڇا،
ايهِو، ٻيو ڇا ڇا ڪنهن پل ۾ پيهي وَيو!

­لسيءَ چؤنرِي ڪَڇَ تي، اڳيان چَؤڙُن پوکَ،
گهر وارِيءَ کي اوکَ، گهوٽُ لڻي ٿوکيت ۾.

­ولر گهُمرا ڏِين جُهڙالي آڪاس ۾،
بوندون ٽپ ٽپ ٿِين پرڙن مَٿ اڏام ۾.

جَر – ڪاوا جرڪن چانڊوڪيءَ ۾ چيٽ جي،
ڪنڌيءَ سَر سَر ڪن ٻُوڙا پيا واءُ ۾.

­متان سارس مارئين ٻاهر ٻنيءَ ۾،
جنهن جِي وڻيءَ ۾ واءُ کنڍيريا کنڀڙا.

هٿ وڌو نينگَر توڙي گاڏيءَ ڏورڻيءَ،
سارو رستو پَر جهولي پيو پينگهه جئن.

­هُو جا ٻيرِ بهار ۾ مالهيءَ ٿي ڇانڊي
اُن هيٺان لانڍيِ اُترڙو اوتون ڪري!

­شاديءَ کان پو نينگريءَ ڇا آهي چيٺِي،
کٽولي ويٺِي اڱڻ ۾ اوري پئي.

­هي جو ڪُڻڪو ٻار جو بيماريءَ آيو،
دنيا ٻيءَ آيو جاڏي هن جو پيرڙو.

لوُلِي نينگر چيلهه تي گهڙو رَکائي،
سُر ۾ سمائي، پنهنجي اگهائِي هَلِي.

اڇڙِي ڇَڙي ٿِي اُجري ڪَري پاڻ جئن،
منجهند لڙي ٿي، آڀون سيڪي اَن جا.

­ٻار وهاري هنج ۾ ڏَئِي کيڏوڻو،
پکيءَ کي چوڻو کارائي ٿي مائِڙي.

ڏئي ابهمَ لَولڙي ٺري پئي ماءُ،
جيئين ڏکڻ واءُ، هيرون آڻي هنج ۾.

هي جا چانهڪ، سانوڙي انهيءَ مان نينگر، *
وڃي پيئي گهر، گهڙو کڻي ڪَڇ ۾.

­چِٽَ ته هئي چيٽ ۾ پر هاڻي ويساکُ
آهي جيءُ هلاک، ايڏو اُس چڀي پئي.

­ڄڻ ڪي سانجهيءَ ڏيک ۾ آهن وڇونءَ ڏنگَ
مينهون چڙا چنگَ، وڃن پيا واٽ تي.

­lسنگهڙ ڪري ٿيون اچن مينهُون ڍنڍ منجهان
نينگرڙو تن سان موٽي پيو ماڳ ڏي.

ڪيچڙ واريءَ چِڪ مان پاڻيءَ جو ڇپڪو،
ڪَلِ منجهان ٽپڪو، ڇو هئن وڇ ڇرڪي پئِي؟

­پريان پريان اُڀ ۾ ڏس هُو هرڻ کڏيُون،
ڪيڏو دُور ڪُڏيون راسيون، مُنيون، ڪَڍروُن!

هيڙها، ٽاريون توت جون چڙِيون چَهه چَهه ڪن،
سارُون روز اچن بيگاريءَ تي باغ جون. *

­جڏهن سرنهن گُل ڪيا وڌي ويو ويساهه،
آهي ساڳو چاهه منهنجو تو ۾ جندڙي.

­اڃا ڄڻ آڪاس تي آهي ڪُجهه لُڙاٽ،
پوءِ به نکٽَ لاٽ ٿوري ٽِم ٽم ٿي ڪري.

­اُڏرن ٿيون ڪونجون آڌيءَ جو آڪاس ۾،
پر ڌرتيءَ تان تون تن کي ڏسندو ٿو رهين.

وَڻ ڪِناري ڳَهريا، سانجهي، بتيلو
ٻُري ٿو ٻيلو، پکي موٽيا ماڳ تي.

ڪٺا سڀ ڀاتي گاڏين، بيلَ جُٽِن پيا،
ڪُٽيندي ڇاتِي آهن لڏ پلاڻ ۾.

­ڇوڪر آگهيءَ ماءُ سان چمنيءَ جو دونهون،
ٿئي ٿو سونهون آرهڙ جي آڪاس جو.

تئيءَ منجهه تَري پيو ڪيرُ اِهي گهيچا،
نيڻ نه تنهن نيچا اُتَر باهه، اُماڙيون.

­چڙِيون کيت چڳي ويون هاڻي هٿ نه هڻ،
باقي داڻا کڻ جي تن کان رهجي ويا.

­ڇڻي گُل گلاب جي چيو اي خوشبو،
مون ڀانيو ٿي تو، سدا منهنجي ساٿي آن!

­خوشبوءَ پر آهن مگر گلابن پاڙون،
اِنهن کي جاڙون سَهڻيون آهن سيءَ جون.

­دنيا ساري ڌوڙِ ڇو ٿو ڌوڙ ڪَٺِي ڪرين،
ڇو تون ايڏي ڪوڙَ آهين ائن ڪاهي پيو؟

هي جو تنهنجي جيب ۾ غيب ڀريل آهي،
جيب ڀريل آهي، اڻ ڄاتل امڪان سان.

­ڦِر نه لاٽونءَ جيئن تون ڪڏهن ڏَور به ڏس،
جيڏا توکي جِسُ جي تون هَٿُ ڏسي وٺين.

­اهو ممڪن ئي نه آ کوڙي هو مُونو،
ڍڳي جو ٿونو، هَٽِي هَٽي ڪينڪي.

­کارو پاڻي تَر وٺي مِٺو بيهي مَٿِ،
ماڻهوءَ جو مُلهه ڪَٿِ هن جو ڳالهائڻ ڏسي.

­اکين بدران ٿا لڳن هڏن جا کوپا،
ماڻهو يا ڀوپا، وڃن پيا واٽ تي.

­ڏسِي ڏائيءَ اک سان واڻئي وَٽيءَ مَپ
چوي پئي، ”لپَ، اَڃان آهي پَوِڻي“

­هلِيون ڇڇڙن تي جئين ڏين لامارا،
هت ماڻهو سارا دولت ائن ڦاسائِيا.

ڪيڏن نوٽن جي ٿَهي تنهنجي کيسي ۾،
ميان تِيسي ۾، وساريو ٿي ماڻهپو.

­پوکي ڪانڊيرا چاهين پَٽ ڪنوار کي،
ميان من ميرا سڀڪجهه آڏو ٿو اچي.

اَڪُ به آهي کوهه تي سائو ۽ گهاٽو،
ايڏِي وِهه آڇو، هي جو منهنجو سنگتي؟

هن دنيا ۾ دوستيءَ تي جي ڀاڙيندين،
ڳوڙها ڳاڙيندين ٿڌا ساهه ڀري ڪري.

­الله! هي انسان جي ظالم ۽ جاهل،
مون کي آئي کِل انهن کي اشرف چئي.

­ڪوڙُ اٿي ڪوراڙِ جئن وڪوڙي ويندءُ،
نه ڄاڻان نيندءِ ڪهڙي آوهه ۾ ميان!

­بي قدرن کي ڀُلَ جو جيسين ٿي احساس،
تيسين منهنجو سواس رهندو ڪو نه سرير ۾.

دانشور دهڪن تنهنجي ڪوتا کي ٻڌي،
ٽوهه وليون ٽهڪن جئن اونهاري اُس ۾.

­باقي جيئَڻ ڏينهڙا هاڻي تنهنجي ڪَڍ،
مان ماڻهوءَ جا وَڍ سَهِي سهان ڪيترا.

­متان ماڻهوءَ سان، گهڻو ٿين هجائتو،
اڄڪلهه ماڻهوءَ مان نڪري ويو آ ماڻهپو.

ايڏيون ڪَشِ نه ڪوڙڪيون اَڏي ٻه واٽيون،
پکين کنڀڙاٽيون پٽجي اچن ڦٿڪندي.

چوڌاري لوساٽَ اُماڙيون آڪاس ۾،
ڦهلِي ڄَر ڄراٽَ ڪنهن هيءَ ڏني چوچڙي؟

­ڪُني ۾ ڏوئي ڀرسان بکيا ٻارڙا،
پيٽي سڀوئي ڪجهه نه رکي پاڻ لئه.

ڪنهن جي ڪفن کي ڏٺئِه ڪي کيسا،
پئسا ڪندين ڇا؟ پئسا پئسا ٿو ڪرين.

سونجهي سوُنجهي مُنهَن، وَني وٺجانءِ گهوٽ لئه،
متان توکي نُنَهن، اڳتي ڏولاوا ڏئي.

­سنڌڙي تون ائن هيکلي، جيئين راجسٿان،
پر مون سنڌ سمان هيکل ڪا نه ڏٺي هُتي.

­ڀائين ٿي ڌنارَ سڀ، سنڌڙي بگهڙ تون،
تڏهن نانهه مٿئون ٻوٽي توتي ماس جي.

­برقعي مان ٻاهر ڊگهو هَٿ ڪري بيِبي،
اڃا غريبي، ساڳي آهي ڏيهه ۾.

­چڪري ويلڻ ساڻ هوءَ ويلي پئي مانڙي،
آهي سنڌ سٻاجهڙي، صدين کان ساڳي اڃان.

­هي جي ٽانڊا چُلهه ۾ انهن مٿان رَک،
هاڻي ٿيندي ڪَک، ڀڀڙ ٻيا ڀڙڪاءِ ڪي.

­ڪئن تون ننڍي کنڊ ۾ گل بچائي وئين،
توڙي ڏائي وئين، توڙي ساڄي سڏ تي.

پوڇانڊي ويهِي، لاهه نه پنهنجو ڏينهڙو،
ڀِٽَ چوٽيءَ نيهي، ڏس ڳاڙهيءَ ڳاڙهاڻ کي.

­مارڪس، فرائڊ، ڊارون ويهين صديءَ جي،
ڪيڏي کَنڊُ کسي! ۽ پوءِ سڀ کئِه ٿي ويا!

­ڪوڙو ڪُتو سنڌ جي نالي ۾ ڀَؤنڪي،
ڪوئي نه چَؤنڪي، هڏو هن جي وات ۾.

­رني ڪوٽ جي ڀت تان سانڊو ڏسي ٿو،
ٽانڊو ڏسي ٿو ڪوئي آرهڙ اُڀ ۾.

­مذهب توڙي قوم جو نالو ٻوڙيائون،
باهيون ڏنائون ٻار ڪيائون ڪوڪلا.

­ڏهاڙي کاري ڪالهه ويو هڙتال ۾،
ٻچا بُک ماري، چريو ڪنهنجي چُرچ تي.

­هيءَ نه رڪنا باد، هيءَ ته آهي روهڙي،
پوءِ به مون کي ياد اڄ حافظ ڇو ٿو اچي؟

آنءُ ٿنڀي سان ٽيڪ ۽ فتح پور سڪري،
ڪاڏي ويا نڪري هو جي مُهرا وقت جا.

­گانڌيءَ رڙ ڪهڙي ڪئي جڏهن ڍُرڪي ويو؟
نه ڪي ڪنهن ڄاتو ڇا ٿي سوچيو گاڊ سي!

­تولئه لڏون، چور مون هُن لئه رُکو روٽُ،
مان ٿو چوان موٽُ پنهنجي اِن انياءَ تان.

­هوُ جي ڊڳڙُ ٻارڙا ڳڀا ڳڀا ڪَن،
تن جا ٻوڙي دَن ڇا پاتِئه منهنجا ڌڻي!

­سنڌي پنجابي ڪڏهن ڪو نه ڏسي ٿي ٻوڏِ،
سڀني ساڳي گوڏِ سڀني ساڳو چولڙو.

­ماڻهوءَ اندر بُک جا ڀڀڙ ٿا ڀڙڪن،
متان هو ڪڙڪن رنڀي ڪنهن راڪاس جان.

­قُبي ڪڙولو سون جو ڏوران ڏسي ٿو،
پو مَن ڦسي ٿو، هيڻو ڏسي حال کي.

ڄَٽ هنيا جي زَٽ ٿي، مون ته لڳي ويا طاق،
وڏيري اوطاق، ڳالهيون موڙا چم جا.

­سنڌ جو وڏو مرض آ ان جي ڪچهري،
منجهند، ٽپهري، سومهياڻي، گذري وئي.

­مون کي ماضي ئي وڻي، حال نه مستقبل،
جنهن کي ڪوئي حل آهي نه حالات جو.

­چوکنڊيءَ چوڌار ٿي چنڊ ڏنو ڦيرو،
هاري وڏيرو، چار سران ڪاشيءَ سنديون!

­ٽپو ڏيندي لومڙِي ڪوٺي مٿان، سوچِ!
مُري موچَ نه لوچِ، تولئه ٻيا ڀي گهر گهڻا.

­توکي آزادي ڏئي، هي جو ڍوڍو ساڳَ،
۽ پهچائي ماڳَ اِن کان ڪجهه ناهي ڀَلو.

­ڏس، هو اجرڪ جون پڳون کيڙيءَ کُرچيل پير،
ڪَهڙا مُڙس مٿير، جَن ڪُهاڙيون ڪَڇ ۾.

هو جي نازي فوج سان ايڏيو وڙهيو ها،
آخر انهن ڇا ايئين قربانيون ڏنيون؟

­دنيا ستر سال ۾ ڪيڏو ڦِري وئي؟
ايڏو ڦِري وئي ناهي ست سؤ سال ۾.

گُهگهَه ڪيا گرڙاٽ رات لٿي آهي،
پوري ٿي آ جاٽَ ماڳ لڳي ٿو ويجهڙو.

­آهي جڳ – وسار تکيءَ نديءَ وهڪ جئن،
ڪنهن کي هن سنسار سدا ناهي ساريو.

هي سارو سنسار آ سپني جي سپنو،
تو آهي سمجهيو، جنهن سپني کي ساڀيا.

­ڇا سمجهيئه ڪنهن ساڻُ تنهنجي هي ناتو.
ڳوڙهو ڳُجهه پاتو، جنهن ۾ تو سنسار جو.

­سچي ٿيڻي ناهه سا، ڪُوڙي ئي رهندي،
ڊهندي ۽ ٺهندي ڪايا هِن سنسار جي.

تون به ته پهريون لفظ هئين، وئين ڦهلندو،
اڳتي ٽهلندو هن ساري سنسار ۾.

­ڄاتُئِه ڄاڻڻهارَ تو جو منهنجي چِت ۾،
تڏهن تو ٻيهارَ مونکي ڏني جندڙي.

­پورو ڪرڻو آهه مون اڃا سو پيغام،
جيڪو سارو عام هڪٻئي جي ويجهو ڪري.

­مان ئي سارو دشت هان، مان ئي حُدي خوان،
هي منهنجو ايمان واڳون تنهنجي وس ۾.

منهنجي ننڊ ڦٽائين ڇو ٿو ميان تون؟
ڇو ٿو ڏئين مون جاڳڻ جون ايڏيون گهڙيون؟

مان ئي شاهه حسين هان مان ئي بلي شاهه،
منهنجو سارو ساهه توسان واڳيو ديسڙا.

­دنيا طالب ڍونڍ جي ڪُتا ڦيريون ڪَن،
تيريون ميريون ڪن حصي تي هرکي ڪري.

دنيا طالب ڍونڍ جي ڪيڙا ڪيڙا تَنُ،
مور نه آهي مَنُ، جيڪو بُلي آکيو.

­ڏئين ته ڏاتار ٿين، ڏمرجين به ته ڏي،
ويندين هِت ڇڏي سڀ ڪجهه هن سنسار ۾.

­جاڳن ساري رات جي ڀاڳن جَن نه ننڊَ
تِن لئه وڳا گهنڊ ڪو نه سُڃاتئِه ڪاپڙي.

­هي جو تنهنجو دٻدٻو هي جو لوڪَ – وڌاءُ،
نيٺ ته مٽيءَ پاءُ مِٽيءَ سان مٽي ٿئي.

واري ذات ڪُذات کي پيار ڪَيان سڀ سان،
ڪبيرا، توکان پوءِ نه آيو مون جيان!

­نانڪ کان پو آنءُ آيو هان اسرار مان،
متان منهنجو نانءُ سمجهو گهٽ گرنٿ کان.

ڪيرِتَنن وانگر ڪهڙي گونج هُئي اِها، *
هيٺ ڪَنن وانگر بادل آيا باک جا.

رات شِوالي مان، جهانءِ ٻُڌي مون جهانجهَه جي،
چيو هاڻ ميان، لڏجي جيڪر لوڪ مان.

ماڻهو سڃاڻو، جي مون کي تاريخ مان،
ڀوريو نه ڀاڻو، آنءُ اوهان لئه جو اَڏيو.

­مان جو چوان ٿو ائين ڪنهن به نه ڄاتو آ
ڪنهن به نه پاتو آ ائين ڳجهيءَ ڳالهه کي.

­ميان ڳالهيون ڳُجهَه جون ڳُجهيون رهڻ ڏي،
تن کي ساهَه سَلي هوند نه هيڪاندو ٿئي.

­ڪهڙيون سليان آنءُ ڳاهُون تنهنجون ڳالهڙيون!
پوءِ به پليان آنءُ پاڻ نه ٿو اسرار کان.

­هو جا لهروئي، وري ايندي ڪينڪي،
ڪنهن هي ڳالهه چئي، آنءُ ته موٽيو آهيان.

­هي جا گهڙي لهر جان وڃِي نه موٽي،
انهيءَ کي جوٽي جيڪر ڪنڌيءَ سان ڇڏين؟

سڀ ڪجهه تنهنجو روپ آ، تون جو آنهه اَروپ
توڙي آنهه الوپ ڄڻ ڪنهن شيءِ ۾ ڪو نه آن.

­قادر مطلق تون، ڦهلي وئين اوچتو،
۽ ڏيکاريئِه مون هي لِيلا سنسار جي.

­اڳ ۾ رڳو هڪُ هيو پوءِ به رڳو هِڪُ
وچ ۾ لِڪو لِڪُ آهي تنهن اسرار جي!

­مون کي ڪنهن جي ڪاڻ آ جي تون پرچين مون،
منهنجو رڳو تون دنيا ڪوُڙا آسرا.

­هاڻي شڪ يقين کان مٿي آهيان آنءُ،
هر شيءِ تنهنجو ٿانءُ ٻُري پيو ٻُوجهه سان.

­ميان، متان موت کان ڪڏهن گهٻرائين!
متان من لائين هن جوٺي سنسار سان.

­ڪيڏِي ڳاڙهي اوتَ بادل ڪَن ٿا شام جو،
پري ڌڪي موتَ، ويجهو آءُ وجود جي.

چکڻو آ، هر شخص کي اِن جو ذائقو، *
ايڏو ڏر آ ڇو، ميان توکي موت جو؟

­ڳالهه ٻُڌِي تو موت جي، خارَ اَچي ٿي پَر
موتُ ته پيغمبر سدا ساريندا هُيا.

­ميان سنئين راهه تي ڪٿي تون ايندين،
تڏهن اوريندين جڏهن موت مٿان اچي!

­آيو آهين موت، ترس ته هلون ٿا ميان!
اڃا آهي اوتَ ٿوري منهنجي جام ۾.

­هٿ مان ڪرِي موت جي جام نه آ ممڪن،
رِندو! پوئين کِن پيو اوتيندس اوت کي.

هرڪو هٿيڪو آهي گهڙيءَ موت جي،
ڪنهن جو ڪو ٺيڪو ناهي هن جهان ۾.

­ڇا ڪو آهي، موت ٿو جنهن نه ڇڏي رڙڪي،
سڀ تي ائن ڪڙڪي وِڄُ ڪري جئن وَڻ تي.

ڇڏيندءُ ڪنهن جاءِ تي متان ڀائين موت،
فاني هرڪو فوت اَوس ٿيندو اوچتو.

­هتان ٽرون ٿا نيٺ ته ٿڌي ساهه سان،
نيٺ ته مرون ٿا، مٽيءَ سان مٽي ٿيون.

­رات کُٽي ٿِي ڏينهن ٿئي، آئي آهه پِرَهه
اسين روز گرهه، ٿيون پيا موت جا.

­نه ڪي ڪنهنجي هار آ نه ڪي ڪنهنجي جيتَ،
موت ڏئي ٿو ميتَ ٽهڪ انهن تي جي مُئا.

ڪنهن کي دهو موت جو اڳ ۾ پوي ٿو،
۽ هو چوي ٿو ڪيئي ڳوُڙهيون ڳالهيون.

­هي جا لاٽ لُڙاٽ آ، هي جا رَئيءَ رَءُ،
مونکي مور نه ڀَوءُ مرڻو ناهي آدمي.

­ڪٿان ٿو ڪوري ڪپي تنهنجا انگڙا،
هن جي ئي ٿوري تون ڄڻ وَڻ اَنار جو.

ڪڏهن هي سوڙها، وَرَ وراڪا راهه ۾،
ڳاڙيندي ڳوڙها ملي ويندا پاڻ ۾؟

­مَٿو نه ڦيراءِ تون ٻيڙيءَ ثمر تي،
پُڳيون نه ڀر تي ڪيئي ٻڏيون سِير ۾.

­جيڪو سڀ ڄمار تو ڪيو اتيا چارُ،
اُن جو توکي بارُ، آهه گهڙيءَ ۾ لاهڻو.

پل جو پاڇائون اَٿي، هي تيرو ميرو،
ڪنهنجو آکيرو سدا لڏيو لام تي؟

­لڳ لاڳاپا لوڪ سان سارِي لب لالچ،
روح نه تنهن سان رَچ ڪجهه به نه آهي جندڙي.

­ڪکن ترها ڪيترو سهارو ٿيندا؟
آخر ٻوڙيندا اچي تکيءَ سِير ۾.

پيسي سان تون مائٽي پئسو ئي سڀڪجهه
ڪيئن پائيندين ڳُجهه اونهي جي اسرار جو.

ڪنهن جي لاءِ ڪٺا ڪَيئِه دَنَ اهي ديرا،
ڇڏيئِه جي پيرا وڏي کيپ کٽي وئي.

سَرايون ڇالئه اڏين، ميان تون مهمان،
آهي ڇا انسان؟ رات رهي رمندو رهي.

­چَتون پڃري ۾ پيو ٻولڙيون ٻولي،
ڪڏهن در کولي اُڏري ويندو اوچتو!

­گانيون، گابا، واڙِ، ماڻهو، مانيءَ جي پنڊي،
پَئي پئِي راڙِ چَٻ چَٻ جي آواز سان.

­ڏاند نه هَڻُ ائن ڏورڻو، متان گاڏيءَ کي،
ايئين ڊوڙائي اونڌي ٿئي اڌ تي!

­سوچي پير وڌائجانءِ وهه گهڻي واٽَن
متان سپ ڪاٽن ڏرڙ نه ڏسين واٽ تي!

­وِهُه گهڻو واٽن جيسين توڙ پُڄائئين،
کپر ٿا ڪاٽن ور ور ويندي ماڳ ڏي.

وجهي پير رڪاب ۾ گهُوريائين منزل،
پوءِ نه وريس دِل، مُنهن موڙيائين ماڳ کان.

ڪاڏي ويو قافلو ائين ڇڏي باهِه،
مَچ اجهاڻو ناهه چڻنگون ڪيڏيون واءُ ۾!
­
رات رهڻ ڏينديم اڄ محفل آهه مَتي،
رِم جهم آهه ڪَتي اَمل پيو اوتجي.

­ميان! تون ڏاتارُ، متان هٿ ڊگهو ڪَرين،
تو وٽ پاراپارُ ٻئي دنيائون مُٺ ۾.

­تو ڇا سمجهيو رزق جو آهيان مان محتاج،
منهنجو سارو ڪاج پاڻ پيو پورو ڪري.

توکي لڳي ڪا نه آ اڃا لهر لپاٽَ،
کُلندءِ نيٺ ڪپاَٽ ڪنڌيءَ ويندين ڪيترو؟

­ڪيئن پيو ٿو رِٿجي ماڻهوئڙن ميلو،
شل نه ڀڄي ڀيلو ترندي ترندي تار ۾!

ڪئن چئجي هي ميز تي آ پوئين ماني،
آهن مهمانِي مڙئي جيئڻ ڏينهڙا.

­ڪوڙي ڪهاڻي جوٺا جوڀن ڏينهڙا،
ماڻِي نه ماڻِي ڳالهه مڙيوئي هڪڙي.

­اڪيلو ايندين ميان، اڪيلو ويندين،
ڪشتيءَ ۾ نيندين ڪو به مسافر ڪينڪي.

­ويا وڃڻهارَ، روڪي روڪيا ڪينڪي،
روئي روئي يارَ سهمِي ويا سانت ۾.

­سارون ئي سارون، اکٽ مون وَٽ سانت ۾،
هي ڪنهنجون ڪاروُن، ڪير ڪَري ٿو سَڏڙا.

­اڌ ۾ ڪير ڪتاب ڇڏي ويو اوچتو،
رُٺو ڄڻ ته رباب، اُن جي تارَ ٽٽي پئي!

­ڇانگون ڪري راتِ، وڳر ويا پار ڏي،
مونکي ڏيئي ماتِ، جر ۾ ڇڏي جيئرو.

ڪالهه ٻڌو مون ڪُنڊ ۾ ڏکويل ڪُڻڪو،
جنهن جو هر ڀُڻڪو، ڀوري هڪ جهان کي.

­آنءُ ته روڪيان ٿو گهڻو رُٺا ڪو نه رهن،
پوئين پهر ڪَهن جونجهڪڙو جهيرو ڪري.

­جيئين پن هواءِ ۾ اهڙو تو اَسٿان،
ميان، تون انسان، آخر مٽيءَ موٽڻو.

ڏِس هوُ اَبُر چِٽَ جا نيري آڪاس ۾،
اُهي منهنجا مِٽ، تو منهنجي ڪهڙي مِٽي؟

دنيا سڀ دوکو، جيڏو سؤلو پنڌڙو
ايڏو ئي اوکو لاڏاڻو هن لوڪ مان.

سڀ ڪجهه رهڻو هِت، آ تنهنجي تون سواءِ،
تون ڇا ڄاڻين جِت تنهنجو پڄندو پنڌڙو.

­هي جا جَبل روڻَ، تنهن مان گهُلي وائرو،
ڪري ڄڻ ته پروڻَ توکي پيو جندڙي.

هو جي جبل لَڪَ مون ماريندا ڪينڪي،
مَٿي سِڌي نَڪ چڙهڻو آهيان چوٽِئين.

­ڪيڏو ڪشالو ڪاريءَ رات ڪُهنگ جو،
ڄڻ ڪوئي ڀالو ويو پئي ڀونءِ تان.

­وڃ نه ويجهو جهنگ جي ڀڀڙ ٿا ڀڙڪن،
ڪوراڙيون ڪڙڪن واٽهڙو ويندا ڏسي.

­ڪيئي چارا پيچرا ڪيئي وڪڙ ورَ،
جيسين پهچو گهرَ ٿاٻا ايندَوَ ڪيترا.

­ميان ماڻهن ساڻ، ٿورو گهارين جي چڱو،
آهي تنهنجو پاڻُ، پورِي دنيا پاڻ ۾.

دنيا ڀن ڀن جانوَر ٻُري ٿو ٻيلو،
تيسين جهميلو جيسين آهين جيئرو.

­ڪاڏي ٿا ڊوڙن وڻ وڻ آهي ڀاڄ ۾؟
صدين کان ووڙن جيڪي ڪُجهه ملي نٿو.

هاڻي جيئين چيچڙو پينهين پيو هڏَ،
هاڻي ڪائي کَڏ آئي آهي ويجهڙي.

­نِهري هوندءِ بانهِڙي، هي پر نه ڄاتوءِ
جيون هڏا هوءِ ڪاٽي پنهنجا ڏينهڙا.

­هي جا آهي ککڙِي انب ٿئي ٿي ڪيئن؟
ڇا ڪو چوندو هِيئن، ڪجهه به نه اچي سوچ ۾!

­سڀ تنهنجي حڪمت هُئِي آنءُ ته ڏٺو هيئن
ڏانڊيءَ ڪيڙو ڪيئن پهتو پنهنجي کاڌ کي.

­ڪيڏا پکي آئِيا پاڻيءَ جون پاٽيون،
لُنءِ لُنءِ بولاٽيون ’تون‘ ’تون‘ جي تنوار جون.

آنءُ اگر هان آنءُ ۽ هوُ آهي مون سان،
’تون‘ جي تات ڪيان، ڪهڙيءَ واهر واسطي؟

­جر تي ڦوٽو جيئن اَڌُ ڪري ٿو وائرو،
تون پڻ آهين تيئن پنهنجي جيءَ جٽاءَ ۾.

هي جيڪو مڻهيار موتي پوئي اُڀ جا،
اُن جو پارُ اَپارُ مون کي جي ڏيئي سگهين؟

­وٽوهڙ ڪنهن ڪاٺ جِي صدا ٿئي ٿو،
ڪجهه ته ڏئي ٿو توکان مڱِي مڱتو!

کنڊ هجي يا کيرُ نينگر ٿورا ڏينهڙا،
نيٺ ته نيڻين نير آهي سڀ لئه انت ۾.

­بئنسر پنهنجي لال جي لاڙئون ڪو نه گهراءِ،
مِٽِي نه بهلاءِ باقي ٿورا ڏينهڙا.

­وڃايئِه اڌ زندگي اجائي پٺتان،
سجائي پٺتان، او شل تو مهلت ملي!

­رُکي ماني کاءُ، سُکيو ڏينهن گذار تون،
ننڊ نه اهڙو سماءُ، جهڙو بکئي پيٽ تي.

­ڪَنڊي ٻيڙي جيِئن پئي لهواري ڌوُڪي،
ايئين پڻ توُڪي گهڙيون آهين سِير ۾.

ڪَرمنڊل ۾ ڪينَ، سامي سَڳَ پٺيان ويا،
هر ڪنهن نيٺ زمينَ، ڪم آڻي ٿي کاڌِ جئن.

­جيئڻ هڪ درياهه آ تون مان ٻه لهرون،
ڪو نه ڪٿي ٺهرون سڌو وڃون سمنڊ ۾.

­اِئين چَئُه ته پڪَ سِجُ سڀاڻي اڀرندو
ميان آڻ نه شڪ اَگهِيءَ آڌيءَ رات ۾.

­ڀِڀُ نه شل ڀرجي ڪڏهن، نِڀُ نه شل وسري
چنڊ ستارن کي، ماڻهو تُڇ چئي ڇڏي!

­ڪَنڌُ ته ڌوڻين ٿو، ڄاڻين ٿو ڇا ٿو پڙهين؟
ڄڻ تون لوڻين ٿو، دلي لوڻيون کارڪون!

­دليون ٺڪر ٿانوَ جئن ٿڌيون ڪرين جي
ڪائي ڳالهه مٿي، ان کان آهي ڪينڪي.

­لاهي وڌيئه لوڪ جا ڪيڏا عمامه!
تنهنجا دمامه واڄٽ ڪن وجود ۾.

جيڪي ڏوران ئي ڏسن سارن رستن کي،
تون تن مستن کي، ڇالئه پيو ڇيڙئين.

­تنهنجا ڀِن ڀِن وَن سورج، تارا ۽ ڪتيون
ٻُڌ هي وڻن – پَن جي توکي ڳائن پيا.

­دستڪَ دَر تي ڏي اڃا سَرلو ڪري سَڏ،
هُو جو توسان گڏ اوري ٿي آواز تي.

­ _________________
* ٿارو: فطرت پرست آمريڪي اديب، ڏانگڙو:- قوس قزح، انڊلٺ
l رباني: غلام رباني آگرو.
* مڌوشالا (هندي): مئخانو.
* مَنو:مصنف جي ڪلاس فيلو، ماضيءَ جو هڪ واقعو.
* مصنف جي ماضيءَ جي هڪ واردات.




* ٻَنو:سنڌ جي هڪ شهر جو نالو.

* چانهڪ ۽ سانوڙي: گاهه جا قسم جي اُتر ۾ مينهن کان پوءِ ٿيندا آهن.

l سنگهڙ ڪرڻ: مينهن جو هڪٻئي پٺيان اچڻ.

* بيگاري: شڪارپور جو هڪ واهه.


* وينڊو ڪُتو:ڪُتي جو هڪ قسم.

* اُست:اُٺڙيءَ جو کير.

* ڪَکَن:نانگن.


* چيِئَن:ڦاهي.

* لشڪارو(پنجابي): چمڪ. *ڏرگلا:ڪنن جا زيور.

* ٽنڊريل ٽاريون: گُلن ۽ پنن جون ڳتيل ٽاريون.


* ڪيرِترن:ڌرمي گيت.

* کُل نفساً ذائقة الموت.

دوها

سج لهي ٿو آهه افق تي ڪوئي زرد گلاب،
آهي پوئين پاڇائين سان لهرائيندڙ آب.

l

رنگ شفق جو لائون لائون آهه اُفق تي ڪيرَ؟
آنءُ ڏسان ٿو در تي ڪنهنجا مينديءَ رتڙا پيرَ؟

l

ڇانئي شام، افق پاتو آ، تو جئن کهنبو ويس،
هاڻ ته مان ويجهو ٿو ڀانيان دُکياريءَ جو ديس.

l

ڇانئي شام بجراڻين جئن هي ٻائورُين وَڻَ،
جن هيٺان ليٽي پيا، ڄڻ ڪَڪرين جهڙا ڌڻ.

l

ڇانئي شام ته ويئي رڱجي ڏهر ڏهر ۾ ٻيرِ،
جهانجهر ڇمڪي، ڪيرَ کڙي آ در تي ننگي پيرِ.

l

اُٿ! پکيئڙا اُڏريا اُڀ ۾ آئي اَسُر ويرَ،
دير نه لڳندي سج هاريندو جڳ لئه سوني ڍيرَ.

l

منهنجي ڏات ائين آ اونهي جيئين وڻ جي پاڙ،
تنهنجو وس نه هلندو مون تي، مونکي ائن نه اُکاڙ.

l

توکي ياد نه آهن توڙي توسان منهنجا وَڙ،
ڇايا ڪو نه ڇڏي آرهڙ ۾ آ ڪنهن اوچي بَڙ.

l

ٻير جيان تون ڇاڻي ڪيئي، ٻيهر ٻير ڪندين،
ڪئن چئجي ڪنهن ڪارڻ لئه تون ڌرتيءَ تي ورندين.

l

منهنجي جِندُ ٽٽي پئي آهي، ناهي تَند ٽُٽي،
آنءُ پيو توڏي واجهايان، منهنجي لاءِ ڇُٽي؟

l

جيءُ جَڙي زنجير جيان وئي تنهنجي هِڪَ نگاهه،
تنهنجي لئه ڪيڏو تانگهن ٿا منهنجا پورَ پَساهه.

l

تنهنجو عشق ويو جو وسري، دنيا وسري وئي
ايڏي دير وِڌءِ جو تنهنجي رويا وسري وئي.

l

جي ڪنهن آڌيءَ رات جو مون کي ڳائيندين،
مون کي چاري چنڊ جي چُرندو پائيندين!

l

ڄڻ هيءَ سرِڪي سمنڊ ۾ اُڀ منجهان آئي،
متان ڇڪين تون مَڇِي، ماري سُرمائي!

l

ايڏيءَ ڪوسي رَتُ سان هَٿَ پئي ٺاريَئهِ؟
ڪيڏيون ڪونجون روهَه تي گوليءَ سان ماريَئِه؟

l

هِي منجهند جي ماٺ، تتيءَ جا تاوَ، گهَر ويلا،
پَن ڪوماڻا اُس وِڇاڻا، ٻَر ٻَر ڪن ٻيلا.

l

*آنءُ سکي هِي ڳالهڙي، تُلسي تُنهنجي ساٿِ
”مايا ڪون مايا ملي ڪَر ڪَر لنبي هاٿِ“

l

هاڻي مان سمجهان پيو ڪنهن ڪَلهه ڇاجي لاءِ
lنگر ڍونڍورو هو پِٽيو پِريت نه ڪري ڪاءِ.

l

تون به ته بيجو باورا، جاڳ منجهاران جاڳُ!
ديپڪ ۾ ئي ٿو رهي، اڳ ئي ديپڪ راڳ.

l

ڇا نه بسنتي هيرَ گهُلي ٿِي توتُ پيو جهولي،
ڪيئي پکي ويا پارِ اُنهيءَ تي ٻولڙيون ٻولي.

l

مان ڪاڻيارو تون ڪَرلاهو، ٻاجهارا ڪر ٻاجهه!
جئن چوندو هو بُلو باهو، ٻاجهارا ڪر ٻاجهه!

l

جهڙي ڳالهه فريد ڪئي آ اهڙي ڳالهه نه ٻي،
’نه ڏيک پرائي چوپڙي، نه ترسا اپنا جي‘

l

اهڙي ڳالهه نه ڳاتي آ ڪنهن ويو فريد جا ڳائي،
’پيار ڪئِي سي هو نهين سَڪتا، چاهي جِي للچائي‘

l

موت ته آهي ننڊ جيان، ها، جاڳڻ آهي جند،
جيءُ سڄي جنسار سان پنهنجو واڳڻ آهي جند.

l

هي جڳ ايئين ڇڏڻو ناهي اُٿ اي پوڙها اُگهه
هي جي آليون اکڙيون آهن تن جا ڳوڙها اُگهه.

l

در تي ڪيسين ڪَرهو رهندو ڪو به نه وٺندو واڳ؟
پنهنجي ڏانهن ڪڏهن ٿو ڪوٺين مونکي منهنجا ماڳ؟

l

ڪجهه به نه کڻندين ڪجهه به نه کڻندين ڇالئه ميڙين مالُ؟
سڀ ڪجهه هِت ئي رهڻو آهي، هَئه هَئه تنهنجو حالُ؟

l

چَتونءَ جي چانگار ته ٻڌ ٿو پڃري ۾ ٻولي،
ڪئن چئجي ڪنهن وقت اُڏامي ٻاهر دَر کولي.

l

ڪئن پڃري مان مئنا نڪري ٻيهر موٽي آئي،
ڪو به ته ان جو ڀيد نه ڄاڻي آهي کوج اَجائي.

l

منهنجي دانهن ڪڏهن تون سُڻندين ماٽِئين ڏيندين کيرُ،
ڪيسين زخم پيو کُرچيندين ڪڏهن ته ڏيندين ڌيرُ.

l

ماڻهو واگهه، بگهڙ ۽ چيتو، خوفِ خدا جي ناهه؟
خوفِ خدا ماڻهوءَ ۾ مرِرونءَ کي روڪي بيٺو آهه.

l

سج لهي سانجهي ٿيو آهي، هاءِ وَڃڻ ويلا!
ڪئن چئجي ٻيهار به ٿيندا ماروئڙن ميلا!

l

سج لهي سانجهي ٿيو آهي، ڇا نه وڃڻ وايون
ڪئن تو منهنجي مُک مان سائين آهن ٻولايون!

l

سج لهي سانجهي ٿيو آهي، آئي آهه اذان،
مسجد جا مينار لڳن ٿا جنهن ۾ سون سمان.

l

سجِ لهي سانجهي ٿيو، وَنيون کولي پنهنجا دَرَ،
سُونجهي ميڙ، نهارن بيٺيون ڳولن پنهنجا وَرَ.

l

ٻيهر ايندس ٻاجهه جهجهي ٿي ڪهڙيءَ جهوليءَ ڏي،
لوليءَ ۾ ننڊاکڙو ٿي مان ڪنهنجي ٻوليءَ ڏي.

l

آهي هاڻي پوري ٿي وئي هِي جا وَٽِ ڏيئي،
ڪيسين ڀڙڪا ڏيندي آخر، ڪيسين نيٺِ جيِئي؟

l

هي جو اُٿي رات جو ويٺو آنءُ لکان،
ٻيهر وَجهه ائين نه ڏي مون کي باکَ مَتان!

l

هيءَ ته تون دلجاءِ ڪر موٽي ايندس مان،
ها، پر ڄاڻان ڪو نه ٿو ڪيئن ملان توسان؟

l

تنهنجي خوشبو ئي ته آ، هي جو منهنجو ماسُ،
مالِهڻ! تنهنجي پيار جو ٽاريءَ ٽاريءَ واسُ!

l

ساجن تنهنجي پنڌ جو ڪهڙو پارُ پَتو،
هيٺان ساري ريتِ آ مٿان ڏينهن تَتو!

l

متان ڏيئي ڍُڍڪِرا مون تي تون روئين،
ٿوهر گُلَ ڪٺا ڪري، مون لئه تون پَوئين!

l

مون کي توکان دور پيو ٿو لَهندو سِجُ ڪَري،
ڪئن چئجي ٻيهار ڪٿي هِي ڏيئي لاٽ ٻَري!


____________
* تلسي:تلسي داس.
l ميران ٻائيءَ جي هيٺين دوهي ڏانهن اشارو:
”ساجن جو مين جانتي پريت کري دکهه هوءِ،
نگر ڊهِنڊهورا پيڻتي پريت کري نا کوءِ“

وايون

---

اُڏري آڌيءَ رات

اُڏري آڌيءَ رات
ڪونجون ڪَرڪن روههَ تي.

جڳ نهوڙيو ننڊ ۾ تن کي پنهنجي تات،
اُڏري آڌي رات.

آهي ڪهڙي ماڳ جي وائي وَلَر – وات،
اُڏري آڌي رات.

وينديون ويسر وارجي جڏهن ٿي پرڀات،
اُڏري آڌي رات.

آريٺا ته پُساءِ

آريٺا ته پُساءِ
ميري ٿي وئي ڪنجري.

نئون جوڙو ڪو نه تو آندو وَنيءَ لاءِ،
آريٺا ته پُساءِ.

هي جا گُل جيان اُنهيءَ اڇا وڳا پاءِ،
آريٺا ته پُساءِ.

ماڻهو ڪوٺي ڪوٺ تي تنهن کان پوءِ گهراءِ،
آريٺا ته پُساءِ.

* نوٽ: آريٺا پسائبا آهن ته ڪپڙن ڌوئڻ جي صابڻ جو ڪم ڪندا آهن

سائيءَ ڇٻر تي

سائيءَ ڇٻر تي
ڪيرَ اِئين ليٽي پئي؟

اچِي ڏير ڏٺو، جڏهن ڪو به نه هو گهر تي
ساڳيو ڪتو پالتو ويٺو هو در تي

ٿورا ڏينهن ٿيا هيا هن کي گهر ورتي
واجهائي ٿو چؤطرف هوندي نه پرتي.

اڃا ٻوڙُن هَٿ

اڃا ٻوڙُن هَٿ
پنهنجا نڪتا ڪين ڪي.

لڙهندا وڃن لاهه ۾ ڪيئي يارَن سَٿ

اڳتي اچڻو آهه ڇا، اها ڪنهن کي ڪٿ!

ڪيئن به هجي جندڙي آهي وڏي وَٿ.

ڪنهن مصور جو تصور آهه منهنجي شاعري،

ڪنهن مصور جو تصور آهه منهنجي شاعري،
رنگ و بو جو رقص ڏس!

رونوا جئن مون چٽِي آ آدميءَ جي زندگي *
رنگ و بو جو رقص ڏس!

روح جي تصوير هئي يا ڪنهن نِسائي جسم جي
رنگ و بو جو رقص ڏس!

lمون قلم سان موُ قلم جئن حسن ۾ حيرت ڀري
رنگ و بو جو رقص ڏس!


* رونوا (Renoir):فرينچ تصويريت – پسند مصور.

سَروَ جا وڻ ائن اُڀا ڄڻ وارَ ڌرتيءَ جا پَٽي

سَروَ جا وڻ ائن اُڀا ڄڻ وارَ ڌرتيءَ جا پَٽي
ٿو آسمان!

ڪيفيت ڪهڙِي ازل جي رنگ نيري ۾ جهَٽي
ٿو آسمان!

هارَ ڌرتيءَ جو مقدر، نيٺ اُن کان ڇو کَٽي،
ٿو آسمان!

شام جو اُن سان شفق ۾ رنگ پنهنجو ڇو مَٽي
ٿو آسمان!

l موُ قلم:بُرش.

اڄ مارينديون مون،

اڄ مارينديون مون،
ڳوٺاڻن جون ڳالهڙيون

ٻيجلَ سوا ڪينرو متان سوچين تون!

صدين کان پو وَرِي ڀِرندي تُنهنجي ڀوُن

شل اڳ جي تاريخ مان اسان هيلَ سِکون!

ڪيڏو پنڌ پري اڃا، ڪيڏا پيرَ لڦون!

ٿي نه اوندهه ۾ اُداسُ،

ٿي نه اوندهه ۾ اُداسُ،
چاندني راتيون به اينديون!

مان مڃان ٿو هُونءَ ناهي موت جو ڪو مُند ماسُ
چاندني راتيون به اينديون!

جيِئندو رهه، پيئندو رَهه پو به جيسين آهه سواسُ،
چاندني راتيون به اينديون!

’نانهه‘ ڏي ويجهو وڃين ڇو، نينهن مان تون ٿي نِراسُ
چاندني راتيون به اينديون!

هو جا پَلي پاند ۾ آڻي ٿي پيئي،

هو جا پَلي پاند ۾ آڻي ٿي پيئي،
چلايا جي ويجهڙو گهر ڏي گَسُ ڏيئِي

هِير ڇُهي جنهنجون چڳون ڪينجهر ڏي ويئي،

هُن جا ٿڙن ڏنڀرا ٿِڙن ٿا ٻيئي،

چلايا جي ويجهڙو.

تَڏا تَونريون ڏيِر مان اُڻي ٿي پيئي،

تَڏا تَونريون ڏيِر مان اُڻي ٿي پيئي،
سَجاول جي نينگري ساجُهر سنجهيئي،

ٿڪجِي ليٽِي ٿِي پوي ٻانهن ڳچيءَ ڏيئِي،
مُنهن انڌيري ننڊ ۾ ويئي ڙي ويئي،

پَٽ پٽيهر ٿيا سندس سپنا سڀيئي،
سجاول جي نينگرِي.

هُن جي سُهڻي ڌيئڙي جهڙِي اُماڙِي،

هُن جي سُهڻي ڌيئڙي جهڙِي اُماڙِي،
گاڏيءَ ۾ لاڙِي.

هُن جي پياري جوئِڙي رِم جهم ۾ واڙي،
گاڏيءَ ۾ لاڙِي.

ڪالهه وڏيري جا پئي تاڙ رکي تاڙي،
گاڏيءَ ۾ لاڙِي.

شال نه جُهڙي جهوپڙِي، ٻَنِ پوي ماڙي،
گاڏيءَ ۾ لاڙِي.

توکي ساري سُپرين ڳوڙها ٽَپ ٽَپ ڪَن!

توکي ساري سُپرين ڳوڙها ٽَپ ٽَپ ڪَن!

ٽمي پيو مينهڙو ڇَنا ڇَپ ڇَپ ڪن
ڳوڙها ٽَپ ٽَپ ڪن.

سنڌوءَ سِير وڃي پئي لهرون لَپ لَپ ڪن،
ڳوڙها ٽَپ ٽَپ ڪن.

ڪيسين تولئه جيئرا اَڃا جپ تپ ڪَن،
ڳوڙها ٽَپ ٽَپ ڪن.

ڇا هِي نيڻن ڏيئڙا هاڻي وِسايان؟

ڇا هِي نيڻن ڏيئڙا هاڻي وِسايان؟
باقي باک گهڻو پَري!

ڪيسين واجهه وِجهي ڪري در ڏي واجهايان؟
باقي باک گهڻو پَري!

ڪيسين ڪَڙو کوليان ڪيسين مان پايان؟
باقي باک گهڻو پَري!

هِي اونداهِي راتڙي ڪنهن سان ورهايان؟
باقي باک گهڻو پَري!

ڪيسين تنهنجي ڳُجهه جون ڳاهون مان ڳايان؟
باقي باک گهڻو پَري!

ڪئن اڄ من ۾ اوچتو کٽڻهارَ کِڙيام!

ڪئن اڄ من ۾ اوچتو کٽڻهارَ کِڙيام!
ڪنهن جي سارَ اچي پئي؟

آئي رُت رابيل جي، ڏکڻَ هِير وريامِ
ڪنهن جي سارَ اچي پئي؟

ڇالئه اکيون آگميون، ڇو هئن نيڻ ڀنامِ؟
ڪنهن جي سارَ اچي پئي؟

ڪڪر ڪارونڀارَ ٿي واريءَ مَٿ وسيامِ
ڪنهن جي سارَ اچي پئي؟

پئي بوند وَسي

پئي بوند وَسي
ڪاهيندي ڪوهيار ڏي

پريان پئي پٻ سان ڪڪر ڪورَ گسي

ويندي ڪهڙي ماڳ جا ٿوهر ڏَسَ ڏسي

پنهنجو گهوڙو تير جان ساري واٽَ ڪَسي

ڪئن چئجي هو توڙ تي ڪهڙيءَ ويرَ رَسي!

ڪِن کي ڪالهه سَٿي ڪري دُور وَئي ٻيڙي؟

ڪِن کي ڪالهه سَٿي ڪري دُور وَئي ٻيڙي؟
ڪيرِ پڳا ٻي پارَ تي؟

جاڏي پاريهر ويا تاڏي پاريهڙِي
ڪيرِ پڳا ٻي پارَ تي؟

ڪِن ٿي ڪالهه کراکنيا ڪِن کيتي کيڙِي
ڪيرِ پڳا ٻي پارَ تي؟

ڪانه کڻي ويو پاڻ سان ڪو چونڊي ميڙِي،
ڪيرِ پڳا ٻي پارَ تي؟

ريٽا ڪڪر اُڀ ۾ ريٽِي جر هيڙِي،
ڪيرِ پڳا ٻي پارَ تي؟

ڏسُ، ٻيڙي ٻي ڳوٺ ۾ آهي گهر ڀيڙِي
ڪيرِ پڳا ٻي پارَ تي؟

رَهي ويو راتِ،

رَهي ويو راتِ،
ڪَلجُڳ ۾ ڪو ڪاپڙي

اڄ جَڳ تي هُن کانسوا پَڌري ٿي پرڀات

ساري وَستِي ٿي لڳي ڪيڏي چُپ چُپات!

ڇا هُو مرندو ڪينڪي موت ڪيو جو مات؟

مِٽي مِٽيءَ سان مِلي، ها پر هن جي ڏات.....

ترائيل

---

خدا جي راهه ۾ ڪيڏي خوشي سمايل آ

خدا جي راهه ۾ ڪيڏي خوشي سمايل آ
قدم قدم تي لڳي ٿو گلن جو ڍير آهي
لڳي ٿو هير ڪا خوشبو ڀري ڊگهي وَل آ!
خدا جي راهه ۾ ائن روشني وڇايل آ

لڳي ٿو چنڊ جو قنديل ڄڻ جهُلايل آ
وڃي ٿو تيز اِهو روشنيءَ ۾ ڪيرُ آهي
ترائي لاءِ هرڻ آهه ڄڻ اُڃايل آ
خدا جي راهه ۾ ڪيڏي خوشي سمايل آ!

اگر تون سون ٿيڻ چاهين آنءُ پارس هان

اگر تون سون ٿيڻ چاهين آنءُ پارس هان
ڪڏهن ته چاهه سان تون آءُ منهنجي چائنٺ تي
سدائين چاندين ۾ ٿو تنهنجِي راهه ڏسان
ڪڏهن ته ايندينءَ هوا ۾ هلي تون خوشبوءَ جان

مان توسان پاڻ وراهڻ لئه منتظر آهيان،
متان تون پنڌ ڪري پو هلي وڃين پُٺ تي!
مان پنهنجي ڏات ڇُپائڻ نه چاهيان ٿو توکان،
اگر تون سون ٿيڻ چاهين آنءُ پارس هان.

ڪنن ۾ آڱريون وجهندين ته وڄ ٽري ويندي؟

ڪنن ۾ آڱريون وجهندين ته وڄ ٽري ويندي؟
گهٽا گجي ٿي ٻنا ٻوڙ نيٺ وسڻي آ!
پنهون تلاش ڪندي سسئي مري ويندي؟
ڏِسي درياهه جا دڙ، عاشقي ڏري ويندي؟

هزار بار ٻُڏي ڀل وري وَري ويندي
پرينءَ جي پار ڏي اُن جي سدائين ڏَسڻي آ
رُڪي ڪٿي ٿي؟ پئي چاهه ۾ چري ويندي
ڪنن ۾ آڱريون وجهندين ته وڄ ٽَري ويندي؟

صدين کان پوءِ اگر سمجهندين ته ڇا ٿيندو؟

صدين کان پوءِ اگر سمجهندين ته ڇا ٿيندو؟
هڏن کي ڪا به تسلي ملي ملي نه ملي
لکي ٿو هٿ، لکڻ کان ڪڏهن جُدا ٿيندو؟
فضائون ڪيئي صبا جيئن روح جهاڳيندو؟

چوان مان ڪيئن، ڪڏهن منهنجو خاتمو ايندو؟
گهٽائون جيسين اچن ٿيون پيو ٿو مورُ ٽِلي،
خبر نه آهه ته آگم اِهو ڪٿي نيندو؟
صدين کان پوءِ اگر سمجهندين ته ڇا ٿيندو؟

علي الصباح اچي مئفروش ٿو در تي

علي الصباح اچي مئفروش ٿو در تي
ڦٽائي ننڊ ڏئي ناو و نوش جو هوڪو
گهٽيءَ گهِري ٿو پُڪاري اداس گهر گهر تي
اڃا ته ننڊ ۾ هر ڪوئي آهه ڄڻ پَر تي

وڃي پڳو آهي ڪنهن جُگ تي جڳانتر تي
اچي ٿو تَنهن جو فجر وقت هوش جو هوڪو
اڃا ته ڪنهن جي به دل سُرڪي نانهه ساغر تي
علي الصباح اچي مئفروش ٿو در تي.

خبر نه آهه ته ڇا موت اڌُ – ٻُڙي آهي؟

خبر نه آهه ته ڇا موت اڌُ – ٻُڙي آهي؟
خبر نه آهه ته جملو ڪٿي کُٽي ٿو پيو!
خبر نه آهي ته ڪنهن پنڊ جي ڪُڙي آهي
اُنهيءَ سان پريت سندم هيئن ڇو جُڙي آهي.

ڪڏهن ته چئن سان بيٺي سندم کُڙي آهي
خبر نه آهه ڪٿي سلسلو ٽُٽي ٿو پيو!
خبر نه آهه ته ڪيڏانهن هُو مڙي آهي!
خبر نه آهه ته ڇا موت اڌُ – ٻُڙي آهي؟