شخصيتون ۽ خاڪا

سامي سُهاڳي

اقرار پيرزادي جي ھن ڪتاب ۾ مختلف شخصيتن تي 56 خاڪا لکيل آھن. اقرار جي نج ڳوٺاڻي ٻولي، پھاڪن جو استعمال، ڳوٺن جو لکيل ڳالھيون، يادون، اٿڻ ويھڻ، ميل ملاقاتون، سنڌ جي ريتن رسمن، ميلن ملاکڙن، ڀاڳين، چورن، ڌاڙيلن، استادن، شاگردن، موالين، راڳين، طبلي نوازن، سازندن، لطيف جي عاشقن، شاعرن، مولودين، سگهڙن، پوليس وارن، نانگ منڊيندڙن، جهاڙ ڪندڙن، ملاحن، پاتڻين، موھن جي دڙي، ٻلھڙيجي، سنڌ جي ڪچي ۽ پڪي، سنڌو درياءَ، سنڌ جي پوکن، فصلن، سنڌ جي دردن جا داستان آھن ھن ڪتاب ۾. ٻيو تہ ٺھيو پر ڳوٺن جي ڪلاسيڪي گارين، گاريل مردن ۽ ماين کي ھن ڪتاب ۾ منفرد نموني پيش ڪيو اٿس جيڪا ليکڪ جي سچائي ظاھر ڪري ٿي.

  • 4.5/5.0
  • 24
  • 8
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book سامي سُهاڳي

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ليکڪ اقرار پيرزادي جي لکيل خاڪن جو مجموعو ”سامي سھاڳي“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيو.
اقرار پيرزادي جي ھن ڪتاب ۾ مختلف شخصيتن تي 56 خاڪا لکيل آھن. اقرار جي نج ڳوٺاڻي ٻولي، پھاڪن جو استعمال، ڳوٺن جو لکيل ڳالھيون، يادون، اٿڻ ويھڻ، ميل ملاقاتون، سنڌ جي ريتن رسمن، ميلن ملاکڙن، ڀاڳين، چورن، ڌاڙيلن، استادن، شاگردن، موالين، راڳين، طبلي نوازن، سازندن، لطيف جي عاشقن، شاعرن، مولودين، سگهڙن، پوليس وارن، نانگ منڊيندڙن، جهاڙ ڪندڙن، ملاحن، پاتڻين، موھن جي دڙي، ٻلھڙيجي، سنڌ جي ڪچي ۽ پڪي، سنڌو درياءَ، سنڌ جي پوکن، فصلن، سنڌ جي دردن جا داستان آھن ھن ڪتاب ۾. ٻيو تہ ٺھيو پر ڳوٺن جي ڪلاسيڪي گارين، گاريل مردن ۽ ماين کي ھن ڪتاب ۾ منفرد نموني پيش ڪيو اٿس جيڪا ليکڪ جي سچائي ظاھر ڪري ٿي.
ھي ڪتاب مرڪ پبليڪيشن، ڪراچيءَ پاران 2019ع ۾ ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آھيون مرتضيٰ لغاريءَ ۽ إقرار پيرزادي جا جن ڪتاب سنڌ سلامت ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي)، ڪراچي
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

ويراڳي واڳِي، ڏين ڏهاڙي ڏيل کي،

ويراڳي واڳِي، ڏين ڏهاڙي ڏيل کي،
راولَ رَتين مولهين، سامي سُهاڳِي،
جن سين لنئوُن لاڳي، سي جوڳي پسان ته جئان.

(شاهه)

ارپنا

شهيد سرويچ پيرزادي جي والد ۽
ڀٽائي سرڪار جي عاشق
لطف پيرزادي
جي نالي

جنهن جو ڏکن ڏاکڙن سان هونئن ته پينگھي کان پيچ پيل هو، وردي پوشن هٿان پٽ جي کنڀجڻ ۽ نوَن مهينن جي اذيتناڪ گمشدگي، شهادت ۽ پنهنجي وصال تائين؛ زندگيءَ جي عرصي دوران، هن جو روز جو معمول ئي تبديل ٿي چڪو هو. صبح جو سوير اُٿي، چانھه ڪاڻ کير ۽ سرويچ لاءِ تازا گل وٺي اچڻ هن جو پهريون ڪم هو. گھران چانھه پِي، گل سرويچ جي مزار تي اچي نڇاور ڪندو هو. ڪجھه دير قبرستان ۾ ترسڻ بعد سيٺ قاسم جي دڪان تي ويهي اخبار پڙھي، چانھه چڪي پِي واپس گھر هليو ويندو هو، جتي پنهنجي ٻارڙن سان گڏ شاهه جي رسالي جو مطالعو به ڪندو ته لکندو به رهندو هو. وري شام جو گھران نڪري، بازار مان ڀاڄي ڀُتِي وٺي گھر ڏيئي، سخي شاهه جمال واري مئخاني تي اچي ويهندو هو. سرويچ جي شهادت کان پوءِ اهو لطف جو روز جو معمول هو.
ڪڏهن به لڱن تي لحم نه چاڙھيائين ... “هنج هميشه ڏُٻرا ...” هونئن به مڙس سنگل پاسيري هو پر پنهنجي ڳڀرو پُٽ جي شھادت کانپوءِ جسماني طور گھڻو ڪمزور ٿي ويو هو. هاڻي سندس سماعتون به متاثر ٿيڻ لڳيون هيون، البت هن جوحوصلو ڪڏھن به هيڻو ڪونه ٿيو.
سرويچ جي شھادت تي سڄي سنڌ ساڻس سور ڀائي ٿي هئي. سڀن ساڻس پير ڀريو هو، البت ويجهن عزيزن ۽ رشتيدارن دلاسا ۽ دلداريون ڏيڻ بدران کيس لفظن جا ڏنڀ ڏئي ڏکويو هو: “... گھڻو پڇجي تن کي، جن وٽان هوت وڃن ...” پر ان جي ابتڙ، اهي کيس چوندا هئا ته: “سرويچ جي شھادت جو ذميوار تون پاڻ آھين. تو ٻارن جي تربيت ئي اهڙي ڪئي ... کين روڪڻ بدران ويتر سندن ساٿاري ٿي بيٺين...!” تڏھن ڀائو لطف چوندو هو: “يار، سرويچ کي باغي مون نه پر ڀٽائي سرڪار بڻايو. جيڪڏهن شاهه سائين رسالو نه لکي ها ته نه آئون ئي ڦٽڪا کانوان ها ۽ نه ئي سوين سرويچ ڄاڻي واڻي ڄيري ۾ پون ها. جيستائين ظلم ۽ ناانصافي هوندي تيستائين سرويچ پٽ باغي بڻجندا رهندا، جو کين حوصلي ڏيڻ وارو اصل محرڪ موجود آهي، جيڪو انهن کي آڏي ڍال ڍارڻ بدران ويريءَ مٿان وار ڪرڻ جو ڏس ڏيندو رهي ٿو.”
ڀائو لطف، سرويچ جي پهرين ورسي پنهنجي پاران ملهائڻ جو اعلان ڪيو. شاهه سائينءَ جي راڳائي فقيرن کي پروگرام جي دعوت به ڏئي آيو هو پر هن واري اعلان جي ٻن ڏينهن کان پوءِ هڪ سياسي جماعت ساڳئي ڏينهن ۽ ساڳئي هنڌ تي سرويچ ۽ ٻين شھيدن جي ورسي پروگرام جو اعلان ڪيو ته هن راڳ جو پروگرام ڪينسل ڪري ڇڏيو. ان ڏينهن پروگرام ختم ٿيندي ئي ورديءَ وارن ٻلهڙيجيءَ تي چڙهائي ڪري شاگرد اڳواڻ حفيظ پيرزادي کي گرفتار ڪري ورتو. لطف ان واقعي کي ايئن محسوس ڪيو ڄڻ سرويچ کي ٻيهر کنڀي گم ڪيو ويو هجي.
سرويچ جي شهادت کان پوءِ ڀائو لطف شاهه سائينءَ جا ٽي ميلا ڪيا. هونئن ته هر ميلي کان هفتو کن اڳ اچي ڀٽ شاهه پهچندو هو ۽ ميلي کان پوءِ به هفتو کن رهي پوندو هو. سڄي شهر مان هٿ ڪيل کاڌي پيتي جا ٿانوَ، هنڌ کٽولا، رليون، گودڙيون، تڪيا وهاڻا، چادرون ۽ توشڪون؛ مطلب ته هر شيءِ ڌڻين کي سنڀالي ڏئي، حساب ڪتاب ڇڏائي، سيدن فقيرن کان موڪلائي پوءِ نڪرندو هو پر پويان ٽي ورهيه هن مختصر ميلا ڪيا. ٻه ڏينهن مس رهي ڳوٺ يا ڪراچيءَ هليو ويندو هو. سرير جي صحت کيس گھڻي اوجاڳي جي اجازت نه پئي ڏني. توڙي جو پاڻ نشا پتا ڇڏي چڪو هو پر سنگت لاءِ بندوبست ڪرڻو پوندو هئس.
لطف بي سمرن جو سمر هو. قرض کڻي به کٽل دوست جي پورت ڪبي. 2017ع ۾ شاهه جو آخري ميلو ڪيائين. اتي ڪن دوستن کان اڌارا ڏوڪڙ وٺي فقراءَ کي شاميانا ۽ ٻيو سامان وٺي ڏنائين. منهنجي ڀاءُ انصار جي وفات تي دعا گھرڻ لاءِڳوٺ ڪرم خان نظاماڻيءَ کان منهنجا دوست مظهر شيخ، اسد الله نظاماڻي، علي بخش سڪندر ۽ خالد نظاماڻي ٻلهڙيجيءَ آيا ته ٻئي ڏهاڙي واپسيءَ تي کين دڪاندار لاءِ پئسا ڏنائين. مون چيس: ”ڀائو، ميلي ۾ ڪجھه مهينا ته وڃي بچيا آھن، اتي هلي قرض لاهي ڇڏينداسين.“ چوڻ لڳو:”نه يار، هُنن کي متان ضرورت هجي، ٻيو ته حياتيءَ تي به ڀروسو ناهي. سانگي سان سنگت آئي آهي، اهو بار لٿل هجي ته ڀلو.”
ڀائو لطف وڏي جگر وارو شخص هو. گھڻو وقت سرويچ جي مزار جي سيوا ۾ مصروف رهندو هو. پر ماڻھو جڏھن کانئس ان بابت پڇندا هئا ته دل جو سور دل ۾ لڪائي، کين سرويچ جي کنڀجڻ کان وٺي شھادت تائين سڄي ڳالھه ايئن ٻڌائيندو هو ڄڻ ڪو خاطو پرائي وارتا بيان ڪندو هجي. ٻڌندڙ روئي ويهندا هئا پر ڀائو لطف لڙڪ نه لاڙيندو هو.
سور ڀريائين سي، ڳالھه ڪيائين جن سين...
هزارين سور اندر ۾ سانڍيل هئس. مجال آ جو ٻاڦ به ٻاھر ڪڍي.
حياتيءَ جي پڇاڙڪن چئن سالن واري عرصي دوران ڪراچي يا ڳوٺ ۾ رهيو. ڪراچيءَ ۾ سندس ٻئي پٽ (عنايت ۽ شعور) سوٽ ميهر، ماما، ماروٽ، ماسات ۽ پڦاٽ رهندا آھن. ڳوٺ کان وڌيڪ هن لاءِ ڪراچي بهتر هئي ڇاڪاڻ جو اتي هن جو وقت تي دوا درمل ٿي پئي سگھيو. اتي هن کي لکڻ پڙھڻ کان سواءِ ٻيو ڪم نه هو. يار تان گھر جو ڪم به معاف هو. بس، فقط لکڻ پڙھڻ ئي هن جو مشغلو ھو. پوئين ٽن چئن سالن دوران ھن، شاهه سائين ۽ شاهه ڪريم جي شاعريءَ تي تحقيقي مضمونن کان علاوه ٻين به ڪيترن ئي موضوعن تي لڳاتار لکيو. آئون کيس پنهنجي آتم ڪٿا لکڻ لاءِ ستائيندو رهندو هئس. مون کي خبر هئي ته ڀائو لطف اهو ڪم ڪراچيءَ ۾ رهندي ئي ڪري سگھي پيو. ان ڪري منهنجي خواهش ھوندي هئي ته ڪراچيءَ ۾ رهي پر ڳوٺ ۾ سندس ٻالڪا هن لاءِ پريشان هوندا هئا، جن جو هي مسيحا به هو ته ڀرجهلو به. همراهن سان ڪهڙو به مسئلو هجي، هن سان ضرور سليندا هئا ۽ هي به سندن آزار ختم ڪرڻ لاءِ وسئون نه گھٽائيندو هو. جنهن جهڙي تڪليف بيان ڪئي، ان مهل ئي قلم ڪڍي نسخو لکڻ لڳندو. همراهن کي هن ۾ ايترو ويساهه هوندو هو جو ڀلي ته پاڻهي ڄاڻي ٺيڪ ٿي وڃن پر ڪمال هن جي وڏڦ ۽ سنڍ واري نسخي جو سمجهن. ها، ان مهل پريشاني ضرور ٿيندي هئس جڏهن مون پارو ڪو سنگتي ڪا مجبوري بيان ڪري کانئس ڏوڪڙ گھرندو هو، جو هُو پاڻ به کٽل هوندو هو پر وس ڪري مسئلو حل ڪري ڏيندو هو. ان ڪري سنگت جي خواهش هوندي هئي ته لطف هِت گھرجي ۽ سچ ته مون کي به هن جي ورونهن جي ٻاڙ لڳندي هئي. خوش دلي ۽ مزاح واري حس آخر تائين برقرار رهيس. ڪڏھن ته کلائي کلائي کيرو ڪري ڇڏيندو هو ۽ ڪڏهن وري اهڙا قصا ڇيڙيندو هو جو ڳلن تان هنج هٽندا ئي نه هئا.
شاهه جا بيت هن جي ڪمزوري هئا. جڏھن چڱيءَ مهل تائين بيت نه ٻڌندو ته شاهه جي راڳائي فقيرن وانگر هونگر ڏيندو هو:”وو ميان ...“ ان جو مطلب اهو هوندو هو ته ٻيلي، ڀٽائيءَ جو بيت ته ٻڌايو ... ۽ پوءِ شاهه سائينءَ تي ڪچهري شروع ٿي ويندي هئي.
وصال کان ڪجھه ڏينهن اڳ سندس زرعي زمين تي مسئلو ٿيو. هن ڪچي واري پنهنجي حصي جي ٻني پيڙھياتن هارين کي وڪڻي ڏني هئي. هنن ڪيترا سال فصل کنيو پر ڏوڪڙ نه ڏنائونس. نيٺ همراهه سان اهو ڦڏو ڪيائون ته سندس زمين ڄاڻايل ايراضيءَ کان ٿوري آهي، جنهن جي ٻيهر ماپ ٿيڻ گھرجي. هي پنهنجي سنگت وارن کي ٻڌائي آيو ته ڦلاڻي ڏينهن ٻنيءَ جي ماپ ٿيندي، اوهان به گڏ هججو. ان ڏينهن پاڻ منهنجي ننڍي ڀاءُ اسرار عرف مٺوءَ سان موٽر سائيڪل تي چڙھي ڪچي ويو. پتڻ توڙي دڳ تي ساڻن سنگت مان ڪوبه ماڻھو نه ٽڪريو، جنهن تي مايوسيءَ جو اظهار ڪندي چوڻ لڳو:”مٺو، ماڻھو شل غريب نه ٿئي. ڏس، چوڻ جي باوجود به ڪوئي نه آيو، هاڻي پاڻ ٻن ڄڻن جي ڪهڙي ڳالھه هلندي...“ سرزمين تي جو پهتا، ڏسن ته حفيظ پيرزادي، انور جونيئر، اظھار ۽ مامي بشير سميت ويهارو کن همراھ ويٺا آھن. هن کي ڏسندي حيدري نعري سان آجيان ڪيائون ته خوشيءَ مان لڙڪ لڙي پيس ۽ مٺوءَ ڏي ڏسي چوڻ لڳو: “ڇوري اجايو پاڻ کي نڌڻڪي سمجهي رهي هئي، يار، اها ته ڌڻڪي آ ...!”
ڀائو لطف جا بلڙي شاهه ڪريم ۽ ميران پور جهوڪ ڏي به پنڌ هوندا هئا. هڪ ميلي ۾ جهوڪ جو گادي نشين پنهنجي مخصوص بيٺڪ ۾ چونڊ ماڻهن سان راڳ جي محفل ٻڌي رهيو هو ۽ عام خلق کي اتي وڃڻ جي اجازت نه هئي. ان تي ڀائوءَ چيو ”هي ڪم شاهه شھيد جي فڪر جي بنھه ابتڙ آھي. صوفي سائين حاڪمن، وڏيرن، پيرن، سردارن ۽ ڪامورن سان ناتا ٽوڙي عام ماڻھن ۽ هارين نارين سان پيچ پاتو ۽ سندن اڄوڪا گادي نشين وري عام آزاريندڙن جي گھيري ۾ آھي.“ صوفين لاءِ مرشد ئي سڀ ڪجھه ھوندو آھي، ان ڪري کين ڀائوءَ جي ڳالھه تي ڏاڍي مٺيان لڳي پر ماٺ رهيا جو لطف سراسر سچ چيو هو ۽ ان معاملي ۾ ڪابه مصلحت نه ڪندو هو.
9 سيپٽمبر2018 تي ڳوٺ جي هاڪاري ڪردار مرحوم قربان پيرزادي جي سالگرھ ملهائي ويئي جتي هن زندگيءَ جي آخري تقرير ڪئي. ان ڏينهن هن قربان صاحب جون ساروڻيون ساريندي کيس ڀٽائيءَ جي بيتن ۽ لڙڪن سان ڀيٽا پيش ڪئي. ان بعد هن ۾ ٻاروتڻ وارو شوخ ۽ چلولو لطف سمائجي ويو. هن پنهنجي ننڍپڻ جي يار غلام حيدر پيرزادي عرف ڏاڏي هادن سان اهڙا چرچا ڪيا جو سڀني جا پيٽ ۾ هٿ هجن ... ٻئي ڏينهن 28 ذوالحج جي تاريخ هئي. محرم ۾ اڃا ٻه ڏينهن هئا. اسان جيئن ئي مئخاني تي آياسين ته مامي سرور چيو: “يار، اڳي اوهان محرم ۾ ڪيڏارو پڙھندا هيئو، محرم به گھڻو پري ناهي پر دل چئي ٿي اسان کي اڄ ئي ڪيڏارو ٻڌايو.” لطف جو حافظو به گھٽجي ويو هو پر بيت ياد ايندا ويس. محرم کان اڳ ئي موڪلاڻي طئي هئي، ان ڪري هن آخري ڪيڏارو پڙھيو. بيت پڙھندي رسالي واري ترتيب نه رهي ۽ هن سرويچ جي مزار ڏانهن نهاريندي ڪيڏاري جو آخري بيت پڙهيو:
منهن مٿاهان جن جا، سي پِٽيو ڪڍن پار
جيڏيون! هن جهونجهار، اجاري اڇا ڪيا.
صبح جو جاڳي دستور موجب کير ۽ گل وٺڻ لاءِ بازار ويو. واپس گھر پهچي پنهنجي وڏي ڌيءَ سمبل کي چيائين: “امي، ڪنڌ کي ته زور ڏي، لڳي ٿو معدي ۾ ٿوري تڪليف ٿي پئي آھي...” سمبل زور ڏيندي ٻن منٽن کان پوءِ ساڻس ڳالهايو. تيسين هو پيا جي ديس پهچي چڪو هو.

پبلشر نوٽ

انفارميشن ٽيڪنالاجيءَ واري انقلاب ۽ سوشل ميڊيا جي يلغار باوجود، ڪتابن جي اشاعت جو سلسلو جاري آهي. هڪ پاسي هر ٻيو ماڻهو اِن راءِ جو اظهار ڪندي نظر اچي ٿو ته ڪتاب پڙهڻ جو رجحان ڏينهون ڏينهن گهٽجندو پيو وڃي ۽ انٽرنيٽ ذريعي دنيا جي ڪُنڊ ڪُڙڇ ۾ ٿيندڙ اُٿل پٿل کان سيڪنڊن اندر آگاهه ٿيڻ جي آساني ميسر ٿي پئي آهي، ڪتابن جي اڳ واري اهميت نه رهي آهي. ٻئي پاسي هيءَ به حقيقت آهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ مختلف موضوعن تي ڪتاب شايع ٿي رهيا آهن. اشاعتي ادارا اڄ کان چاليهارو سال اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پروفيشنل انداز ۾ ڪم ڪندي نظر اچن ٿا. ان کان علاوه انفرادي سطح تي پڻ ڪتابن جي اشاعت جاري آهي. اهڙي صورتحال ۾ سوال ٿو پيدا ٿئي ته جيڪڏهن ڪتابن پڙهڻ جو لاڙو گهٽجي ويو آهي ته پوءِ اهو اشاعتي سلسلو لڳاتار ڪيئن جاري آهي؟ جيڪڏهن پڙهندڙن جو تعداد نالي ماتر رهجي ويو آهي ته پوءِ اهڙي خساري واري مشق ايتري عرصي کان ڪهڙي ڪارج لاءِ جاري آهي. اسان جي خيال ۾ نه ته ڪتابن پڙهڻ جي رجحان ۾ ڪا ماٺار آئي آهي، نه وري انفارميشن ٽيڪنالاجيءَ جو سيلاب ڪتابي دنيا کي لوڙهي کڻي ويو آهي. دراصل ان قسم جا سوال گهڻو ڪري اهي ماڻهو اٿاريندا رهندا آهن جن پاڻ ڪتاب پڙهڻ ڇڏي ڏنا آهن. ويجهي ماضيءَ ۾ سياسي طور انتهائي سرگرم رهندڙ انهن ماڻهن جون ترجيحون تبديل ٿي چڪيون آهن، ڪتابن سان سندن اڳوڻو چاهه ختم ٿي ويو آهي. ان ڪري هنن پنهنجي طور اهو مفروضو قائم ڪري ورتو آهي ته هاڻي ماڻهو ڪتاب پڙهڻ تان هٿ کڻي ويا آهن! حقيقت اها آهي ته اڄ به ڪتاب ڇپجن ۽ پڙهجن پيا. ها، البت پڙهندڙ ڪنهن حد تائين تبديل ضرور ٿيا آهن. فيشني انداز ۾ ان قسم جا سوال اٿارڻ بدران ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته معياري ادب جي هر سطح تي پذيرائيءَ لاءِ ڪوششون تيز ٿيڻ گهرجن. ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جو لحاظ ڪرڻ بدران بي ريا ٿي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو وڃي ته جيئن صحتمند تنقيدي روايتن کي سگهارو بڻائي سگهجي.
”مرڪ پبليڪيشن“ جي وس آهر اها ڪوشش رهي آهي ته معياري مواد پڙهندڙن جي هٿن تائين پهچي. ڀلوڙ نثرنگار محترم اقرار پيرزادي جو خاڪن تي ٻڌل هيءُ ڪتاب ان سلسلي جي اهم ڪڙيءَ طور پيش ڪندي خوشي محسوس ڪري رهيا آهيون. ڇو ته ههڙو ڪلاسيڪل نثر اها سگهه رکي ٿو جنهن سان ڪتابن کان بددل ٿيڻ واري بي جواز تاثر جو ازالو ممڪن آهي.

مرتضيٰ لغاري

03005182494

مهاڳ

حيرت جو هڪ سبب اڻ ٿيڻِي ڳالھه جو ٿي پوڻ هوندو آهي. اقرار پيرزادي جا لکيل خاڪا پڙهي لڳو ٿو اڻ ٿيڻيون ڳالهيون ٿي پيون آهن پر مون کي حيرت ان ڪري نه ٿي جو ان ڳوٺ بابت ٻڌل ڳالهيون ڪنهن حد تائين مون اڳيان ٿي چڪيون هيون. ويهه سال لاڙڪاڻي ۾ پڙهندي پڙهائيندي ڪيترن ئي دوستن سان ڪچهريون ٿيون. مون ان پراسرار ڳوٺ بابت گھڻو ڪجھه ٻڌو هيو پر اقرار اڃا به گھڻو ڪجھه ٻڌايو آهي. منهنجي تصور ۾ ٻلهڙيجي گارشيا جي ڳوٺ “ماڪوندو” کان مختلف نه آهي.
گارشيا جي ٽن عظيم ناولن جو مرڪز ماڪوندو جو ڳوٺ آهي. هو، ڦري گھري ڳالھه اچي ماڪوندو جي ڳوٺ تي کُٽائي ٿو. هُن وٽ ورجاءُ ان ڪري آهي جو ماڪوندو ڪوهيڙي جيان سندس من کي ويڙهيل آهي ۽ هر جادوئي ڏيک ۾ پراسراريت پردي پويان موجود آهي. اقرار به اهڙي ڳوٺ جا در کوليا آهن. لاتعداد لافاني ۽ هر ڪردار سان جُڙيل انيڪ ڪهاڻيون. هيءُ ڪتاب نه آهي، اکيون آهن ۽ اهي اکيون هر صفحي مان ٻاهر نهاري ڪجھه ٻڌائڻ چاهين ٿيون.
ناسٽلجائي ڪتاب ڄڻ قبرستان هوندا آهن ۽ هر صفحي جي قبر مان ماضيءَ جو آواز اگربتيءَ جي دونهين جيان اڀري اڪيچار دائرا ٺاهي نت نوَن منظرن ۾ تبديل ٿيندو رهندو آهي. ڏک جون لهرون جسم ۾ ڇوليون هڻي اکين مان پلٽجي پونديون آهن. ماڻھو مٽيءَ ۾ دفن ٿئي ٿو ۽ يادون ڪتابن ۾. مٽيءَ ۾ دفن ٿي ماڻھو مِٽجي وڃي ٿو ۽ ڪتابن ۾ اچي جيئرو ٿي پوي ٿو. وڏڙا جيئرا آهن ته ننڍڙا انهن جي ميراث آهن، وڏڙا گذاري وڃن ٿا ته ننڍڙا انهن جا وارث آهن. سندن يادون اسان جي ميراث آهن ۽ اقرار پنهنجو فرض نڀائيندي هر هڪ ڪردارکي ائين ساريو آهي جو اهو يادگيرين ۾ سمائجي ٻيهر جيئرو ٿي پيو آهي.
هڪ ڳوٺ ۽ ان چوڌاري ايڏا منفرد ڪردار! منهنجي بدنصيبي چئجي جو ان ڳوٺ ۾ پيدا نه ٿيس نه ته انهن ڪردارن تي گھٽ ۾ گھٽ ويهه ناول ته ضرور لکان ها.
منهنجو ڳوٺ منهنجن وڏڙن جو ڳوٺ هو. مان شهر ۾ ڄايس ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڳوٺ وڃڻ ٿيندو هو. اُن ڳوٺ جا ڪردار اڄ به منهنجي ذهن ۾ آهن، جڏهن ته شهر جا ڪردار دونهين ۽ رش ۾ گم ٿي چڪا آهن. منهنجين ڪيترين ئي ڪهاڻين ۾ ان ڳوٺ جو ذڪر آهي. افسوس! اهو ڳوٺ هئو پر هاڻي ڳوٺ نه رهيو آهي. ڪجھه عرصو اڳ اُتي وڃڻ ٿيو. ماڻھو نظر آيا، پکي نظر نه آيا.
اقرار جا خاڪا پڙهي مان ان رستي ۾ تبديل ٿي ويو آهيان جيڪو منهنجي ڳوٺ ڏي ويندو هو. ان رستي جي پاسي ۾ هڪ پراڻو خشڪ کوهه هو. ماڻھو مئل اٺ ان کوهه ۾ اڇلائيندا هئا. کوهه مٿان کبڙ جي ڏنگن ڦڏن وڻن ۾ پاريهرن جي اکين جهڙا ڳاڙها پيرون، موسم جي سموري سموري سواد کي جذب ڪيو پکين کي پاڻ ڏي سڏيندا رهندا هئا. ان کوهه مان ڪڏهن به مئل اٺن جي بوءِ نه آئي. ماضي به اهڙي کوهه جيان آهي جنهن ۾ يادن جا اٺ دفن آهن. اٺ، جن تي ڪڏهن حال سواري ڪئي ۽ اسين وقت جو مستقبل، جيڪي حال ۾ ويهي انهن کي ساريون ٿا.
“سامي سُهاڳي” کان اڳ مون اقرار پيرزادي جو هِن کان پهريان شايع ٿيل ڪتاب “جن سين لنئُون لاڳي“ پڙهيو، جنهن ۾ هن جو پنهنجي والد صاحب، اڪن پيرزادي تي لکيل خاڪو پڙهي تعجب ۾ پئجي ويس ڇو جو ڪجھه لکندڙن جون لکڻ وقت همدرديون ڪردارن سان هونديون آهن. اهي وچٿرو قلم نه هلائيندا آهن پر اقرار جنهن طريقي سان لکي ٿو، ان طريقي ۾ ڪا به طرفداري نه آهي، پڙهندڙ پاڻ منصف ٿي راءِ قائم ڪري ٿو ته اهو ڪردار ڪهڙي حيثيت لهڻي. پڙهندڙ پاڻ ان ڪردار جي گُڻن اوگڻن جي ڪٿ ڪري ٿو.
هي خاڪا پڙهي محسوس ٿيو ته رنگ، رنگ سان ملي هڪ نئين رنگ ۾ ظاهر ٿئي ٿو.
سنڌ جا ڪي ڳوٺ اهڙا آهن جن ۾ رهندڙ سڀ مذهبي خيال ملان نظر ايندا، سندن مقصد نماز پڙهڻ ۽ پڙهائڻ آهي. ڪي اهڙا ڳوٺ به آهن جن ۾ موالين جي اڪثريت آهي پر ٻلهڙيجيءَ جو رنگ ڏسي يقين نٿو اچي ته سنڌ جي ڪنهن ڳوٺ ۾ ماڻهن کي اهڙو مختلف ماحول به ميسر آهي: راڳ رنگ جون محفلون، ساز ۽ آواز، وقت جي مشهور ڳائڻن ۽ ڳائڻين جا ڊاٻا ... ائين لڳي ٿو ڄڻ ڳوٺ جو هر ڪردار هڪ آرٽسٽ آهي. شعر ۽ ادب ته پنهنجي جاءِ تي پر فن جي ٻين صنفن سان لڳاءُ هِنن ڳوٺاڻن جو غيرروايتي پڻو آهي. اقرار ڪردارن جي نفسياتي روين کي جنهن ڏانءُ سان بيان ڪري ٿو، اهو ڏانءُ فطرت جي ويجهو نظر اچي ٿو. هن وٽ وڌاءُ نه آهي پر ڪردار جيئن آهن تيئن سچائيءَ سان ظاهر ٿين ٿا. هو ٿورن لفظن ۾ گھڻو ڪجھه بيان ڪري ٿو. هن جون يادگيريون اهڙو ڪشادو ميدان آهن، جنهن ۾ ڪردار پنهنجي پنهنجي خوبين توڙي خامين سميت آسانيءَ سان سمائجي وڃن ٿا، جيئن هي ٻڌائي ٿو ته سلامت علي خان پنهنجي پٽ شرافت علي خان کي ڄمندي ئي ڪن ۾ سمپورڻ راڳڻيءَ جي اذان ڏني هئي. ايئن ئي اقرار به هيءُ ڪتاب لکي پڙهندڙن جي ڪن ۾ سرٻاٽ ڪيو آهي ۽ ان سرٻاٽ کي پڙهندڙ ماضيءَ جي پراسرار گونج جيئن ڪنائيندا رهندا.
اقرار پيرزادي کي هر ساز ۽ ان جي ادائيگيءَ جي باري ۾ ڄاڻ آهي. هر ڪردار جي هر ڳالھه سندس ذهن ۾ آهي. هن جو حافظو تيز آهي جيڪو هر منظر سان نروار ٿيندو رهي ٿو.
ڪاريهر فقير جيڪو يڪتاري ۽ چپڙيءَ تي ڳائيندڙ فنڪار هو، ان جي چهري جي منظر نگاري، الميو ۽ ڳائڻ جو انداز، کيس هڪ منظر جيان سامهون آڻي ٿو.
ڪلاونت واپاري ڪٽنب جي باري ۾ هو لکي ٿو: “چوندا آهن فنڪار سٺو دڪاندار نٿو ٿئي پر منهنجي ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ ۾ هڪ ڪلاونت ڪٽنب ٽن پيڙهين تائين فن ۽ دوڪانداريءَ سان واهه جو نڀايو.”
اهو سچ آهي ته فنڪار دنيا ۾ بک مري ٿو، خاص ڪري سنڌ ۾، جتي فن جو قدر نه آهي پر هڪ اهڙي ڪٽنب جو ذڪر جيڪو فن سان لاڳاپيل هوندي به پنهنجن پيرن تي بيٺل هو، فنڪارن لاءِ حوصلي جو سنيهو آهي.
اقرار پيرزادي جا ڪردار عام رواجي انسان آهن ۽ اهي اهڙي زندگي گذاري آيا آهن جيڪا زندگي انهن کي الڳ ڪري، اڳيان آڻي ٿي. اهي مٽي ۽ ڳوڙهن جا ڳوٿل ماڻھو، جن جو لباس به مٽي آهي. بظاهر ميرا پر اندر جا اجرا ۽ ماضيءَ جي ڌوڙ ۾ دفن ٿي ويل ... سندن اکيون ۽ چپ. ڏسندڙ، ڳالهائيندڙ. پيچرن تي ڇڏيل سندن پيرن جا نشان ۽ انهن نشانن ۾ يادن جي ڌڙڪندڙ دل لحظو لحظو، لمحو لمحو ۽ گھڙي گھڙي، گھڙيال جي پوئتي ڦرندڙ ڪانٽن ۾ صدا بنجي گونجي ٿي.
اقرار ٻلهڙيجيءَ جي ماڇين جا ڀوڳ بيان ڪندي لکي ٿو: “هِنن وٽ چرچن جي معاملي ۾ ننڍ وڏائيءَ جو لحاظ ڪار نه آهي، ٺهي آيو ته پٽ پيءُ کي ڀوڳ وهائي ڪڍندو. ان ۾ ڪنهن سان به ڪا رعايت نه ٿيندي. رڳو مڙس ڍاڪ تي چڙهي اچي، اصل مٿو مٿي تي ايندس. گفتو نڪرندي ئي ڪچهريءَ ۾ موجود هر ماڻھوءَ جا پيٽ ۾ هٿ هوندا، اصل کُڙيون پيون لڳنديون پر مجال آهي جو پاڻ ڳالھه پوري ڪرڻ کان اڳ کِلن.”
اقرار وٽ ڪردار نگاريءَ جو ڏانءُ آهي. هر ڪردار حقيقت جو روپ وٺي سامهون اچي ٿو. ”سيدن جا قصا“ ۾، هو انهن جا عجيب ۽ غريب داستان بيان ڪري ٿو. سيد جيئندل شاهه جو ذڪر ڪندي لکي ٿو: “اڪثر سرخ رنگ جي ڀلي گھوڙي تي سوار هوندو هو. مٿي تي سدائين پٽڪو ٻڌل هوندو هئس. سائينءَ جي ڪرائيءَ ۾ بهترين واچ ٻڌل هوندي هئي پر کيس ٽائيم جي خبر نه پوندي هئي. جڏهن ڪو کانئس ٽائيم پڇندو هو ته، واچ ان جي آڏو جهلي چوندو هو: چڱو مون کي به ٻڌاءِ ته ٽائيم گھڻو ٿيو آهي.” اهڙي طرح انهن منفرد ڪردارن جي لڪيل نفسيات، وضاحت کان سواءِ پاڻ ظاهر ٿي سامهون اچي ٿي. مزاح جا عنصر پڙهندڙ کي تازو رکن ٿا جنهن ڪري هي خاڪا پڙهندي ٿڪاوٽ محسوس نٿي ٿئي. جيئن سيد ڪاشل شاهه واري خاڪي ڏسي ٿو ته ملان هارون سومرو نماز پڙهي موالين جي ڪونڊي مان ڏوڏيءَ جو گلاس ڀري پِي وڃي ٿو ۽ ان جي جاءِ تي گھڙي مان اوتري ئي مقدار ۾ پاڻي ڀري ڪونڊي ۾ وجهي، واردات ڦٽائي گم ٿي وڃي ٿو. هوڏانهن ڏوڏيءَ جا موالي ڪاشل شاهه، وڏيرو حسن علي ۽ ملان جمن جڏهن ان پاڻيءَ مليل ڪونڊي مان ڏوڏي پيئن ٿا ته کين نشو نٿو ٿئي!
هو فقيرن، پيرن ۽ سيدن جا قصا بيان ڪري ٿو جن مان ڪي سخي آهن ته ڪي بخيل. سندس لکڻين مان لڳي ٿو ته هن انهن جي ويجهو رهي مشاهدو ڪيو آهي. هن وٽ ويڄن جي وِڄا جا قصا پڻ آهن، جيئن حاجي فقير ڪلهوڙو، جيڪو حڪمت سان گڏ ستارن جو علم به ڄاڻي ٿو.
الاهي بخش ڍڍيءَ جهڙا ڪردار مون به ڏٺا جن وٽ مخصوص نعرو هوندو هو. ان ئي خاڪي ۾ ڪنزرويٽر صديقيءَ جو دکدائڪ واقعو جنهن کي نيٺ فقير کان معافي وٺڻي پئِي هئي.
ڪلڪل فقير جيڪو مائين کان نفرت ڪري ٿو. ماڇين، ڪاسائين، موچين ۽ عورتن سان هٿ نٿو ملائي. ان وٽ پنهنجا وهم ۽ عقيدا آهن، سنس خيال موجب ڪنهن کان به کاٻي هٿ سان ڪا شيءِ نه وٺبي، نه ڏبي. ڪچهريءَ ۾ ڪنهن کي ڪانڀ ڪڍي ويهڻ نه ڏيندو. ڪو هٿن ۾ منڊا ڏئي ويٺو ته ان کي ڇڙٻ ڏيندو. گھر واريءَ جي وفات کان پوءِ ان جو پاڙي واري مائي خيران سان جهيڙو.
انور پيرزادي، مير محمد پيرزادي ۽ قربان پيرزادي جا خاڪا پڙهي يقين نٿو اچي ته اهڙا املھه ماڻھو ڏيهه ڇڏي ويا.
ان لکيل پڙهيل ڳوٺ جي نوجوانن جون قربانيون به اڻ ڳڻت آهن. کنڀجڻ کان پوءِ جون پيڙائون ۽ عظيم شهادتون ڪنهن کان وسرڻ جهڙيون نه آهن.
هي خاڪا پڙهڻ کان پوءِ ائين لڳي رهيو آهي ڄڻ مون ڪتاب نه پڙهيو هجي پر اهڙي ميلي مان موٽيو هجان جنهن ۾ ڪيترائي ماڻھو مرڪندا هجن، روئيندا هجن، ڳائيندا هجن، ملاکڙا هجن. ملان، موالي، ويڄ، ڀوڳائي، پير مريد، استاد شاگرد، اديب شاعر، شهيد ۽ سورهيه سرويچ گھمندي ڦرندي نظر آيا هجن.
هيءُ ڪتاب ان ڪري به منفرد جو سنڌي ادب ۾ شخصيتن کي ايئن ياد نه ڪيو ويندو آهي جيئن اقرار پيرزادي هتي انهن کي ياد ڪيو آهي.


رسول ميمڻ

ڌاڳي وانگي ٻانهن ۾ ويڙهجي ويندڙ نثر

تاريخي طور تي شاعرن ۽ اديبن جو، ٻلهڙيجي هڪ ٻيلو آهي! ٻلهڙيجي جيڪا ڳيريلي جي پاسي ۾ ڪنهن سپھ سالار جيان بيٺل آهي ۽ موهن جي دڙي جي ڀر ۾ ڪنهن باغي مُلڪ وانگي آباد آهي... ٻلهڙيجيءَ جي شاعرن ۽ اديبن جي ڊگھي قطار ۾ اقرار پيرزادي جي نالو اُڀ ۾ سانجهيئڙي جيان نمايان آهي. هو موهيندڙ ۽ نماڻو نثرنويس آهي... هن ڪتاب ۾ هُو وسريل يادگيرين سان ڀريل ۽ نينهن جي نيزي تان نثر لاهي نروار ٿيو آهي.سندس نثر هڪ ڪويل آهي!سندس سهڻي نثر جي ڪُوڪ سڄي ڪتاب ۾ پري پري تائين پکڙيل آهي. هي ڪتاب، نه صرف هڪ ڪتاب آهي پر تاريخ جي کليل هڪ نئين دري به آهي انهن شخصيتن جي باري ۾، جيڪي ٻلهڙيجيءَ جي ٻانهن ۾ وڏا ٿيا، جيڪي سنڌ ۾ سَلي وانگي ڦُٽي اُڀريا ۽ سنڌ کان ٻاهر جا زنده دل پڻ!
خاڪن جو ڪتاب نثرنويس جي پاران ڪنهن شخصيت جو ٺاهيل پورٽريٽ هوندو آهي. هن ڪتاب ۾ تمام گھڻيون تصويرون ۽ پورٽريٽ آهن جن مان هر ڪنهن جو پنهنجو رنگ ۽ ڪئنواس آهي. خاڪن جي ڪتابن جي عالمي ليول تائين ادبي اهميت آهي. اوريانا فلاشيءَ جو "تاريخ سان ملاقات" هڪ حسين ڪتاب آهي، جيڪي نه صرف انٽرويوز آهن پر آئون انهن کي خاڪا به چوندي آهيان ڇو جو اوريانا هر شخصيت جو انٽرويو پيش ڪرڻ کان اڳ ۾ ان شخصيت سان ملاقات ممڪن ٿي سگھڻ جي ڪهاڻي ۽ انهيءَ شخصيت متعلق پنهنجا ويچار نثر جو انتهائي اعلي نمونو اختيار ڪري لکيا آهن ۽ پوءِ انٽرويو ڏنو آهي، مثال طور: هوءَ هڪ جڳھ تي جنرل گياپ جي متعلق لکي ٿي: "گياپ ايترو غيردلچسپ ماڻھو آهي جيترو هڪڙو برسات وارو ڏينهن ٿيندو آهي. "اهو ڪتاب دنيا جي چوڏهن مشهور شخصيتن جي انٽرويوز تي مشتمل آهي ۽ جڳ مشهور ڪتاب آهي. اهڙي طرح هي ڪتاب پڻ شاندار خاڪن جو باغ آهي... اقرار پيرزادي ڪتاب جو نالو به ڏاڍو سهڻو ۽ چونڊي رکيو آهي. ٻارن جا نالا رکڻ کان به ڪتابن جا نالا رکڻ تمام ڏکيا هوندا آهن... پر هن ڪتاب جو نالو ڪنهن سهڻي پُٽ جي ڳولي ڳولي رکيل نالي کان گھٽ نه آهي: "سامي سهاڳي"
اقرار پيرزادي جا لکيل خاڪا پڙهي آئون هڪ اهڙي پراسرار دنيا ۾ داخل ٿي وڃان ٿي جيڪا هڪ جادوئي ۽ ڪلاسيڪل دنيا آهي، جنهن جي هڪ دري منهنجي ڳوٺ ۽ منهنجي ماضيءَ ڏانهن به کُلي ٿي، جنهن ۾ هڪ هارمونيم آهي ۽ هارمونيم تي جيڪي هٿ آهن، انهن جهڙا هٿ مون وري ڪٿي به ناهن ڏٺا ...هونءَ ته "سامي سهاڳي" جهڙا ڪردار سنڌ جي هر ڳوٺ ۾ موجود آهن پر اقرار پيرزادي جو اهو ڪمال آهي جو هن انهن سمورن ڪردارن کي يادگيرين جي لڙهيءَ ۾ پوئي ٻيهر زنده ڪري ڇڏيو آهي... درياھ جو ذڪر پڙهي دل به درياھ جيان ٿي وڃي ٿي. اهو درياھ جڏهن تو ڏٺو ته مٿان کان بادل ڀريا بيٺا هئا ۽پُسيل ٻيڙين تي سانوڻ وسي رهيو هو. درياھ کي جڏهن مون ڏٺو ته چانڊوڪيءَ ۾ سُتو پيو هو، ٻيڙين ۾ گيت ٿي گُونجيا ۽ مڇين بُل ٿي ڏنا... بلڪل اهڙي طرح هن ڪتاب ۾ شامل درياھ جهڙين شخصيتن جا اهي اجالي جهڙا پاسا اجاگر ڪيا ويا آهن جن کي جيئن اقرار پيرزادي ڏٺو... نه ته هونئن انهن مان ڪافي نالن کان اسين سڀ واقف آهيون پر انهن جي لڪل ۽ خوبصورت ڀير تي اقرار جي نظر ايئن پئي آهي جيئن: "لڪڙياريون آڱريون، ٻاروچاڻو ڀير، اچو ڏٺم سرتيون تازو پنهونءَ پير.“ جهڙي طرح "ڪهاڻي نثر ۾ چيل شعر آهي،" اهڙي طرح هيءُ ڪتاب به سڄو افسانو يا ستعارن، سامونڊي تشبيهن، خوبصورت تمثيلن ۽ سٽن ۾ چُرندڙپُرندڙ۽پاسا بدلائيندڙ خيالن سان ڀريو پيو آهي...اقرار پيرزادي جو قلم جڏهن سِٽ جي سيني ۾ خنجر وانگي کُپي ٿو ته اتان يادگيرين جي رت ۾ رڱجي ٻاهر نڪري ٿو ... (هيءَ اجائي، ظالماڻي لفاظي آهي... علي)
هن ڪتاب ۾ اهو سڀ ڪجھه آهي جيڪو هڪ فڪشن جي ڪتاب ۾ هجڻ گھرجي. هن ڪتاب ۾ راڳ جون يادگار محفلون آهن. هن ڪتاب ۾ دليون جوڙيندڙ شهنشاهه ڪلاڪار ۽ لوڪ موسيقيءَ جا بادشاهه پنهنجا خيما کوڙي ويٺل آهن. هن ڪتاب ۾ ڪاريهر فقير کان ويندي ماڻهن کان بيزار جانور دوست سيلاني سبحان شاهه ۽ الڪيف شاهه جهڙا پراسرار مست الست ماڻھو به ڪانڀ ڪڍي ويٺل آهن ته مهدي حسن جھڙابين الاقوامي شهرت يافته راڳي به ساريل آهن ته ڪلڪل فقير جهڙن ماڇين، موچين ۽ مائين جي دشمنن جهڙن عجب رنگ ڪردارن کان ويندي مُلاڻڪي گھر ۾ پيدا ٿيل موالي جهڙين ممتاز شخصيتن سان سڄو ڪتاب پنهنجي موج جي اوج تي بيٺل آهي. هن ڪتاب ۾ شاگردن کي سنهي بُهه مان ڪڍندڙ سخت گير استاد به آهي ته ڳڻن جا ڳهير ٿر واسي به ٿَڪُ ڀَڃڻ لاءِ اچي گوڏو ڀڃي ويٺا آهن. هن ڪتاب ۾ ڏيھ جا ڏوٿي، مال قربان حال قربان ڪرڻ جهڙا انوکا ماڻھو به موجود آهن.
هن ڪتاب ۾ دنيا جا اهي ڏکايل ماڻھو به شامل آهن جيڪي چرچا، ڀوڳ ۽ چالاڪيون ڪندا آهن ... هي ڪتاب آرٽ جو بهترين نمونو آهي. هي ڪتاب ڪنهن سياسي وڏيري جي شان ۾ چيل ڪِريل قسم جو قصيدو ناهي، نه ئي ڪنهن ڪمشنر جي مانَ ۾منٿ جهڙو ڪتاب آهي پر هي ڪتاب حقيقي زندگيءَ جو وارث ڪتاب آهي. هيءُ جهنگ جي جھانگين، پنڌ جي پانڌين، مسڪينن، فقيرن، بادشاهن، راڳدارين، شهنشاهن، طبلي نوازن، ملتاني ڪافين، موالين ۽ مولائين جو هڪڙو ڊگھو داستان آهي... هي ڪتاب روزمره جي گذرندڙ سچي زندگيءَ جي سامهون جهليل آئيني جهڙو ڪتاب آهي...
”سامي سُهاڳي“ ۾ اقرار پيرزادي جي پيشڪش ۽ ٻهڳڻي ٻولي ڪتاب ۾ سون تي سهاڳي وارو ڪم ڪيو آهي... اچو ته ٿورو سندس ڳالھه ڪرڻ جي انداز ۽ نثر جي نواڻ تي نظر وجهون:
" خالي پيٽ سان ماڻھو راڳ جو مقابلو نٿو ڪري سگھي. شرافت علي خان کان جڏهن سندس هڪ دوست سندس پسند جي شين بابت پڇيو ته استاد معصوميت سان جواب ڏيندي چيو: گانا اور کانا. " يا... " هن کي پنهنجي والد جيان ملتاني ڪافيءَ تي دسترس هئي. خواجه غلام فريد جا ٻول، شام چورا سي گھراڻي جو انگ ۽ لوڪ موسيقيءَ جو امتزاج ماڻھوءَ کي ونگ وجهڻ لاءِ ڪافي آهي "!
اها نثر جي اها سدابهار ٻولي آهي جيڪا ڪتاب ۽ ليکڪ کي ڪڏهن به مرڻ نٿي ڏئي، اها ٻولي ليکڪ ۽ ڪتاب جي عمر ِلازوال جو ثبوت آهي.
هي ڪتاب اهڙي ئي نثر ۽ عجيب ترين واقعن ۽ ڪردارن سان هر پل ڇرڪ ڀرائيندو ۽حيران ڪندو رهي ٿو ... هن ڪتاب ۾ نثر جو حُسنِ ڪَمال پڙهي ماڻھو موٽي اچي ان جڳھ تي بيهي رهي ٿو جتان ٿوري دير اڳ ۾ گم ٿي ويو هو!هي ڪتاب ماڻھوءَ کي مڪمل طرح گم ڪري ڇڏي ٿو. ڪتاب ۾ ڪابه خوشي يا مصنوعيت ڳولڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي. آرٽ جي دوستن، مصنوعيت کان ونءُ ويندڙن۽ مسڪينن، فقيرن، بادشاهن، راڳين، طبلي نوازن، ملتاني ڪافين، موالين ۽ مولائين جو جهان ڳوليندڙن کي خوش آمديد!

روبينه ابڙو

پنهنجي پاران

شخصي خاڪن تي ٻڌل منهنجو ٻيو ڪتاب اوهان جي هٿن ۾ آھي. پهريون ڪتاب”جن سين لنئون لاڳِي“پنهنجي ڳوٺ ٻلهڙيجي، مهيندڙي واري تر ۽ ڳوٺ سان پير ڀريندڙ ٻاهرين ڪردارن تي مشتمل هو، جنهن کي سڄي سنڌ پسند ڪيو ۽ بي حساب محبتون ڏنيون. ساڳئي وقت ان کي انجمن ترقي پسند مصنفين پاران انٿروپالاجيءَ جي شعبي۾ سال 2015 جي بهترينڪتاب جي ايوارڊ سان به نوازيو ويو.پهرئين ڪتاب جا ذري گھٽ سمورا ڪردار روائتي معنيٰ ۾ نالي چڙهيا نه هوندي به پنهنجي پنهنجي ڪرت جا شاهه ڪاريگر ۽ دلربا ماڻھو هئا. سمورا پورهيت طبقي سان واسطو رکندڙ ڪردار، جن جي دم سان هيءَ دنيا قائم آھي پر مٿن بنھه گھٽ لکيو ويو آھي. آئون به ان ئي طبقي سان تعلق رکان ٿو ۽ منهنجو اٿڻ ويهڻ، کلڻ روئڻ به انهن مٽيءَ جي ماڻهن سان آھي. شايد اهو ئي سبب آهي جو مون انهن تي لکندي ڪڏهن به ڪا رڪاوٽ محسوس نه ڪئي آهي. زندگيءَ ۾ ڀانت ڀانت جي ماڻھن سان ملڻ ٿيو. ھر ماڻھوءَ جي پنهنجي پنهنجي ڪاڪ ۽ پنهنجو پنهنجو راڻو، پنهنجون پنهنجون عجب جيهيون عادتون، طور طريقا ۽ پنهنجو رنگ ڍنگ آهي؛ سڀ ڪنهن جي پنهنجي ڪرت ۽ پنهنجيپنهنجي ڪهاڻي آهي.تڏهن ئي ته سهڻي شاعر اياز گل چيو آھي:
دک جي نه پڄاڻي آ
هر شخص ڪهاڻي آ
سو، جڏهن هر انسان ڪهاڻي آهي ته ان کي پنهنجي پنهنجي انداز ۾ بيان به ڪري سگھجي ٿو. ان تي ڪا ڪهاڻي، ڪو شعر، ڪو مضمون ۽ خاڪو به لکي سگھجي ٿو ۽ دل چاهيندي آ ته هر ان ڪردار تي خاڪو لکان، جنهن پنهنجي ڏات / ڏانءُ سان مونکي متاثر ڪيو آھي. هي خاڪا پڙهندي جيڪڏهن پڙهندڙ کي ڪردارجي تصوير ذهن ۾ چٽي وڃي ٿو ته اها ڪاميابي آهي پر جي خاڪو پڙهندي ڪردار واضح نٿو ٿئي ته اها خامي ۽ کوٽ آهي جنهن جي پڙهندڙ کي نشاندهي ڪرڻ گھرجي. ”سامي سهاڳي“ جا به گھڻا ڪردار مٽيءَ هاڻا ماڻھو آھن جيڪي توهان کي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ نظر ايندا. انهن جي ڪرت ۽ ڪم تي هِينئون حيرت ۾ پئجي ويندو پر مٿن قلم نه کنيو ويو آھي. اهي پنهنجي سمورين خوبين سميت مٽيءَ ماءُ ۾ سمائجي وڃن ٿا. جيڪڏهن سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود اهڙن ڪردارن تي لکيو وڃي ته ٻِي دنيا کي، سنڌ کي سمجهڻ ۾ آساني ٿي پوندي. ”سامي سهاڳي“ ۾ ڪجھه اهڙا ڪردار آھن جن گھڻو ڪجھه حاصل ڪيو، نالو ڪمايو ۽ محبتون ماڻيون جن ۾ صحافي انور پيرزادو، شاعر ميرمحمد پيرزادو، لوڪ ادب جو وڏو نالو استاد ملوڪ عباسي، شھنشاهه غزل استاد مهدي حسن، ڪلاسيڪل گويو استاد شرافت علي خان، پهلوان شير ميربحر ۽ ٻيا شامل آھن. جن کان آئون گھڻو متاثر رهيو آھيان، انهن مان فقط استاد مهدي حسن اهڙو آھي جنهن جي چرن ڇُهڻ جي آس پوري نه ٿي، باقي سڀني سان منهنجي نيازمندي رهي.
هن ڪتاب ۾ شامل ڪجھه خاڪا مختصر ۽ ڪجھه تفصيل سان لکيل آھن، ان جو سبب اهو آھي ته جنهن شخص کي جيترو سڃاڻان يا ان جي باري ۾ جيترو تفصيل ملي سگھيو، ان تي ايترو لکيو اٿم. هن ڪتاب جا امر ڪردار سائين عبدالواحد ميمڻ، سبحان شاھ، استاد وريلداس تلريجا، چاچا سهراب چانڊيو، چاچا نواز علي کوسو ۽ سانوڻ هڱورجو منهنجي تر جا نه آھن پر سندن شخصيتن مون کي متاثر ڪيو، جنهن ڪري کين هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو اٿم.
ماڻھو ماڻھو آھي، ان ۾ چڱايون به آھن ته لڱايون به آھن. عيب به آھن ته ثواب به آھن، جن جو ذڪر نه ڪرڻ تاريخي بدديانتي ٿيندي. هن ڪتاب جا گھڻا ڪردار منهنجي ڳوٺ ۽ تر جا آھن، سي سڀ جا سڀ مهنجا ڏٺل ۽ قرب وارا هئا، البت هڪ ٻه اهڙا ڪردار آھن جيڪي مون ٻاروتڻ ۾ ڏٺا پر سندن تذڪرو سڄي عمر ڪَنين ٻُرندو رهيو. ايئن سمجهو ته وڏڙن کان ٻڌل ڳالهيون جيئن جو تيئن لکيون اٿم. ڏٺو وڃي ته هي ڪردار ”ٽڙيل پکڙيل سنڌ عجائب گھر“ جو سڀ کان اهم حصو آهن، جنکي پنهنجي ٻنهي ڪتابن ۾ يڪجا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم. هاڻ دور بدلجي ويو آھي. جيئن شيون نج نه رهيون آھن، تيئن ماڻهن مان به نجپڻو وڃي ٿو ختم ٿيندو. هن ڪتاب ذريعي صحرائي گلن جي سڳنڌ پڙهندڙن تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم، ان ۾ ڪيترو ڪامياب ٿيو آھيان، اهو پڙهندڙ ٻڌائي سگھن ٿا.
“جن سين لنئون لاڳِي” لکندي به طبيعت چاڪ نه هئي پر هيءُ ڪم ڪندي ساڳي تڪليف ۾ ٻيڻي اضافي سان گڏ روح به زخميل هو، جنهن جو سبب پنهنجي ننڍي ڀاءُ انصار عليءَ جو دائمي وڇوڙو آھي. انصار علي مون کان ست ورهيه ننڍو هو پر هن وڏو ڀاءُ بڻجي سڀني گھر ڀاتين، خاص ڪري مون کي پاليو سنڀاليو. هن جي هوندي مون تان گھر جو ڪم معاف هو. هن، پنهنجي حياتيءَ ۾ مون کي ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪرڻ نه ڏنو ۽ سندس وئي کانپوءِ ٻين جهنجهٽن سان به منهن ڏيڻو پئجي ويو آھي. انصار منهنجو جانٺو ۽ پهلوان ڀاءُ هو پر آخري ٽن ورهين اندر گڙدن جي خرابي، بلڊ پريشر ۽ شگر جي مرضن ۾ وٺجي چڪو هو. اهڙي حالت ۾ کيس مون سان گڏ گرفتار ڪري پورو هفتو مختلف اڻ ڄاتل هنڌن تي اکيون ٻڌي ۽ ڏنڊا ٻيڙي هڻي وِهاريو ويو. توڙي جو شگر جي بيماريءَ سندس نظر به وِهاري ڇڏي هئي ۽ گرفتاريءَ کان هفتو اڳ هو اکين جو آپريشن ڪرائي آيو هو. اسان جي اها گرفتاري 14 آگسٽ جي ڏينهن تي احتجاج کي مدنظر رکندي ڪئي وئي هئي حالانڪه انصار جو سياست سان ڪو به تعلق نه هو، هو ته سچن ٽنڊولڪر سان شِو ڀڳوان جيتري محبت رکندڙ، ڪرڪيٽ کيڏاڙي هو. ان کان به اذيتناڪ لاهن چاڙهن باوجود زندگي رڳو رَسوَل جهڙي ڪڙي نه آهي پر اها مصري ڳڙيءَ کان مٺي به آھي. زندگيءَ ۾ خوشيون به آھن ته گيت ۽ ناچ به آهي، کجڪارون ۽ ٽاڙھيا به آھن ته مرڪون ۽ نينهن نينڍون به آھن، جن جا عڪس اوهان کي هن ڪتاب ۾ جابجا نظر ايندا.
وڏا وڙ نامياري ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار سائين رسول ميمڻ جا جنهن مهاڳ لکي ڏنو ۽ وڏي مهرباني موجود دور جي خوبصورت شاعره سانئڻ روبينه ابڙو جا جنهن سوين مصروفيتون پاسي تي رکي هن ڪتاب بابت لکت ۾ راءِ ڏني. علي حسن چانڊئي کان سواءِ آئون اڌورو آھيان. اسان جون هڪٻئي ۾ پتيون آھن. هن نه رڳو لکڻ ۾ منهنجي اصلاح پئي ڪئي آهي پر زندگيءَ جي هر مامري ۾ مون کي صحيح مشورو پئي ڏنو آهي.سَوَ کن ڪردارن جاخاڪا لکڻ باوجود لڳي ٿو ته اڃا سوين ڪردار رهيل آھن. اهو وچن آهي ته پڙهندڙن کي سنڌ جي روح ۾ جهاتي پارائڻ لاءِ آخري هڏڪي تائين لکندو رهندس.


اقرار پيرزادو

مائي جيوڻي: راڳ جي هڪ يادگار محفل

منهنجو ڳوٺ ٻلهڙيجي سُر سنگيت سان چاهه رکندڙ شائقن جو ڳوٺ آهي، جتي هر دؤر ۾ موسيقيءَ جون محفلون ٿينديون رهيون آهن. ڪجھه ماڻهن لاءِ اهي تفريح جو ذريعو ته ڪن لاءِ وري عبادت جو درجو رکن ٿيون. ڳوٺ ۾ ڪو ڪاڄ هجي ۽ راڳ ويراڳ نه ٿئي، اهو ڄڻ کوڙو ئي نٿو لڳي. هر ڪاڄ ڪندڙ کي پنهنجي حال سارو محفل منعقد ڪرڻي پوي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو گذريل هڪ صديءَ جي عرصي دوران ڪيترائي ڪلاسيڪل، نيم ڪلاسيڪل فنڪار، ڀڳت، نٽ، قوال، صوفي ۽ لوڪ فنڪار هتي پنهنجو فن پيش ڪري ويا آهن.
هتي اهڙيون ته يادگار محفلون ٿيون، جيڪي اڄ به ڪچهرين جو موضوع هونديون آهن. اهڙي ئي هڪ محفل 1944ع ۾ خدابخش پيرزادي عرف ڪاڪي خدوءَ جي وهانءَ تي ٿي هئي، جنهن ۾ سنڌ جي مشهور فنڪاره جيوڻي ٻائيءَ سُر وکيري ميلن تان ماڻھو موٽايا هئا. مون اها محفل ته نه ڏٺي جو ان وقت بابو ئي نه ڄائو هو، البت اهڙن ماڻهن جون ڪچهريون ضرور ٻڌيون، جن اها محفل پنهنجي اکين سان ڏٺي هئي. اڌ صدي گذرڻ کانپوءِ به جهونڙا ايئن ڳالھه ڪندا هئا، ڄڻ هاڻي هاڻي اها محفل ٻڌي آيا هجن. ماضيءَ جي انهيءَ يادگار محفل بابت ڳالهيون ڪندڙن ۾ فقير يارمحمد، وڏيرو امام بخش پيرزادو، گل فقير مڱڻهار، الهڏنو مڱڻهار، استاد علڻ، ميان علي حيدر پيرزادو ۽ ٻيا شامل هئا.
ان وقت نه ته ڪي روڊ رستا هئا، نه وري سوارين جو ڪو بندوبست هو. اچ وڃ جو وڏو ذريعو ڏاند گاڏيون، ريل گاڏي يا وري ٻيڙيون هونديون هيون. تڏهن محفل هزارن جي نه پر رپين جي ٿيندي هئي. ماڻھو آنو ٽڪو انعام ۾ ڏيندا هئا. جيوڻيءَ جو ٻڌي پري پري کان ماڻھو پيرين پنڌ اچي پهتا هئا پر ڪنهن سبب مائيءَ کي ڪاڄ ۾ پهچندي گھڻي دير ٿي، جنهن ڪري خلق مايوس ٿي موٽي وئي. جيوڻي جنهن مهل پنڊال ۾ پهتي ته اتي ڪجھه ساڏِي ويٺل هئا پر گھڻا ماڻھو واپس وڃي چڪا هئا. جيوڻيءَ سان سنڌ جو انتهائي سريلو ڪلاسيڪل فنڪار خانصاحب استاد خيرمحمد ماڙيچو به ساڻ هو، جيڪو استاد عاشق علي خان، بڙي غلام علي خان، استاد الهڏني نوناري ۽ بيبي خان جي جوڙ جو گوَيو هو. هو، راڳ وديا جي وڏي ڄاڻ رکڻ سان گڏ انتهائي مٺي آواز جو مالڪ هو، پر هاڻي سپڙتائي ڪري رهيو هو، معنيٰ هُو فنڪاره جو فقط سازيندو هو. جيوڻي ٻائيءَ جي دير سان پهچڻ تي ڪاڄ ڌڻين ڪاوڙ ڏيکاريندي چيو “مائي، دير ڪري آئي آهين، ماڻھو انتظار ڪري موٽي ويا، هاڻ ڪنهن کي راڳ ٻڌائيندينءَ!؟” جيوڻي کانئن پڇيو، “ڀلا، ماڻھو ڪيترو پري ويا هوندا؟” جڏهن کيس ٻڌايو ويو ته ماڻھو ٻه اڍائي ميل جهاڳي ويا هوندا. تڏهن جيوڻي چيو “اجهو ٿي کين واپس آڻيان!” ايئن چئي ڪن تي هٿ رکي آلاپ ڪيائين. وڏو، چٽو ۽ درديلو آواز، عشق جي آهه جهڙو آواز. اهڙو اتاهون ۽ نرالو آواز جنهن جي به ڪن تي پيو، تنهن اتان ئي ٻلهڙيجيءَ ڏي موٽ کاڌي، ايئن ڪلاڪ اندر ميدان ماڻهن سان ڀرجي ويو.
اڄ جي دؤر ۾ ڪنهن به فنڪار جو ايترو آواز ناهي جو ميلن جي پنڌ تان ٻڌڻ ۾ اچي. ائين به ٿي سگھي ٿو ته ان وقت آوازي گدلاڻ بنھه ڪا نه هئي. نه گاڏين جا آواز هئا، نه لائوڊ اسپيڪر ۽ ڌمچر، جنهن ڪري ماڻهن جون سماعتون تيز هيون. تڏهن سڀ فنڪار ائين ئي ڳائيندا هئا. بهرحال جيوڻي ٻائيءَ جا گھڻن فنڪارن کان وڏا آواز هئا.
اسان جي ڳوٺ ۾ وڏڙا ميان علي حيدر، ميان جان محمد، ميان غلام حسين، حسن علي پيرزادو ۽ ٻيا ڪلاسيڪل راڳ جا وڏا شوقين هئا، اهي استاد خير محمد جي فن کان سٺي نموني واقف هئا، سو خانصاحب کي راڳ ٻڌائڻ لاءِ ستائڻ شروع ڪيائون، جنهن تي استاد، جيوڻي ٻائيءَ جي ناراض ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪندي معذرت ڪئي. مون اڳ به عرض ڪيو ته جنهن ميدان تي جيوڻي راڳ ڪري رهي هئي، اهو ايڪڙن ۾ پکڙيل هو ۽ جيوڻي ٻائي سڄي ميدان ۾ نچندي ڳائيندي انعام وٺندي پئي وتي. هوءَ جڏهن سازيندن کان گھڻو پري هلي وئي، تڏهن شوقينن خانصاحب کي ڏوهيڙو ڏيڻ لاءِ ستايو ته هن سندن دل رکڻ لاءِ هلڪي آواز ۾ بيت جي هڪ سٽ مس ڳاتي ته جيوڻي پري کان مردن واري ڪچي گار ڏيندي چيو: “...خيرا، نٿو مڙين!” اهڙي تنبيهه تي استاد کي بس ڪرڻي پئجي وئي.
“خانصاحب جي راڳ جي اهڙي دهشت چڙهيل هئس، جو مائيءَ کان راڳ ئي نه هلي ها، ان ڪري کيس ڳائڻ کان منع ڪري رهي هئي.” استاد علڻ چيو. “ها، سائين، مائي تو اسان کان وڌيڪ راڳ ٻڌڻ واري ۽ سمجهو هئي. خان صاحب ڳائي ۽ هوءَ ٻڌي نه- ۽ هوءَ به جي ويهي راڳ ٻڌي، ته پوءِ پئسا ته ڪو نه ملنس ها- ان ڪري هوءَ خانصاحب کي ڳائڻ کان جهلي رهي هئي.” الهڏني مڱڻهار به استاد علڻ جي ڳالھه جي تصديق ڪئي.
اُها يادگار محفل صبح جو فجر نماز تائين جاري رهي، جنهن ۾ جيوڻي ٻائيءَ سر وکيريا، البت راڳ جا شوقين خانصاحب استاد خير محمد خان جو راڳ ٻڌي نه سگھيا ۽ ساڳي وقت ڳوٺ جي اڌ آبادي يعني عورتون به جيوڻي ٻائيءَ کي ڏسڻ کان محروم رهيون، جنهن جو ٽوڙ اهو ڪڍيو ويو ته ٻئي ڏينهن جيوڻي ٻائي گھرن ۾ عورتن کي محفل ٻڌائيندي ۽ خان صاحب ۽ سازيندا مئخاني ۾ محفل ڪندا. ائين ئي ٿيو. تر وارن جو راڳداريءَ سان چاهه ڏسي خانصاحب کي چوڻو پيو ته “اڃا به ڪي ماڻھو آهن، جيڪي اهو راڳ ٻڌن ٿا- باقي قدر وارا ڪم ٿيندا پيا وڃن.”
جيوڻي ٻائيءَ جي اها پهرين محفل هئي، جنهن ۾ ڳوٺ جي عورتن به راڳ ٻڌو. ان بعد مائي بيگم فقيرياڻي پڻ گھرن ۾ ڪجھه محفلون ڪيون، جيڪا پنهنجي مرشد ڀائي ماڇين فقيرن وٽ سائين ولايت شاهه ۽ بگن شاهه سان گڏ هتي ايندي رهندي هئي.
***

مهدي حسن: دليون جوڙيندڙ شهنشاهه ڪلاڪار

منهنجي ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ جو صوفي راڳي استاد علي بخش علڻ انصاري نرالي مزاج جو مالڪ شخص هو. سندس روبرو جڏهن به ڪنهن فنڪار جي تعريف ڪبي هئي ته منهن ڦلِهڙو ڪري ان گائڪ جي ڪا نه ڪا وِڏ ضرور ڪڍندو هو پر هن جي سامهون جڏهن خانصاحب مهدي حسن جو نالو کَڄندو هو ته استاد پنهنجون ٻئي شاهد آڱريون نَڪ تي گَھڪائي، ڪنن جون پاپڙيون پڪڙي چوندو هو: “مهدي حسن ڪون سڏاوي!”
واقعي، مهدي حسن جو آواز سراسر عشق جي آهه آهي. وٽس فن جا واهڙ ائين پيا وهندا هئا جو رڳو استاد علڻ ڇا، دنيا جو هر فنڪار مهدي حسن جو نالو ٻڌندي ئي تائب ٿي ويندو آهي.
مهدي حسن، ميراثي خاندان سان واسطو رکندڙ پيڙهياتو فنڪار هو. سندس ڪلاونتي خاندان صدين تائين موسيقيءَ جي خدمت ڪئي پر جيڪا پذيرائي مهديءَ کي ملي، ان لاءِ وڏا وڏا گائڪ ۽ گويا به سڪندا ۽ سَڌون ڪندا رهجي ويا.
مهدي حسن 18 جولاءِ 1927ع تي راجسٿان (هندستان) جي جئه پور ضلعي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ “لونا” ۾ پيدا ٿيو. سندس والد استاد عظيم خان ۽ چاچو اسماعيل خان ڪلاسيڪل فنڪار هئا ۽ ٻئي بڙودا جي مهاراجا جي درٻار سان واڳيل هئا.
مهدي حسن راڳ جي بنيادي تعليم پنهنجي ئي خاندان ۾ ورتي. پنهنجي والد جي ڪري کيس فقط اٺن ورهين جي ڄمار ۾ مهاراجا بڙودا آڏو ڳائڻ جو موقعو مليو: انهيءَ محفل ۾ ويٺل سمورا ماڻھو راڳ جي باريڪين کان واقف هئا. سندن آڏو هيءُ اٺن سالن جو ٻالڪ ڇا ڳائي سگھندو؟ اهو سوال سڀني جي ذهن ۾ هو. ان محفل ۾ مهدي حسن خيال شروع ڪيو. چاليهن منٽن واري مالڪؤنس جي خيال سڄي محفل کي منڊي ڇڏيو. بڙودا جي مهاراجا بيخود ٿي هن ننڍڙي مهدي حسن کي پڳ ٻڌرائي سونا ڪنگڻ دان ڪيا. ان وقت سندس پيءُ ۽ چاچي جي اکين ۾ خوشيءَ جا لڙڪ تري آيا پر کين اها ڳالھه ذهن ۾ ئي نه هئي ته اڳتي هلي هي ٻالڪ اُها مڃتا ماڻيندو جيڪا اڃا تائين سندن خاندان جي ويهن پيڙهين کي گڏيل طور به نصيب نه ٿي سگھي هئي.
1947ع ۾ ورهاڱي بعد مهدي حسن سر ۽ سنگيت وارو ديس راجسٿان (ڀارت) ڇڏي نئين ملڪ پاڪستان هليو آيو. نوجوان مهدي حسن جي دل تي ورهاڱي وڏو اثر ڪيو، جنهن سندس آواز کي وڌيڪ دردناڪ بنائي ڇڏيو پر هاڻ سندس خاندان جي اُها حيثيت نه هئي. هن کي پنهنجي گھرڀاتين جي روزي روٽيءَ جو بندوبست به ڪرڻو هو. ان ڪري هو ڊرائيونگ ۽ گاڏين جي مڪينڪ سميت ڪيترائي ننڍا وڏا ڪم ڪندو رهيو، جن تي به سندس تعريف ئي ٿيندي هئي. هو پنجاب ۽ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مختلف ڪم ۽ نوڪريون ڪندو رهيو ۽ موقعو ملندي راڳ به ڳائي وٺندو هو. جنهن به سندس راڳ ٻڌو، ان کيس پسند ڪيو. اهڙي ئي هڪ محفل 1952ع ڌاري ٿي، جنهن ۾ مرحوم قاضي عبدالمجيد عابد پڻ موجود هو. مهدي حسن کي به فن جي مظاهري جو موقعو مليو. جيئن ته قاضي عبدالمجيد عابد پاڻ به راڳ جو ڄاڻو هو ۽ هن محسوس ڪري ورتو ته نوجوان مهدي حسن کي جيڪڏهن ريڊيو تي پنهنجي فن پيش ڪرڻ جو موقعو ملي ته ڪر هِي سڄي دنيا جي انسانن جون ٽٽل دليون ڳنڍي سگھي ٿو. پوءِ قاضي صاحب کيس ريڊيو پاڪستان تي وٺي ويو. ريڊيو تان سندس آواز ڇا گونجيو، هنڌين ماڳين هُوءِ پئجي وئي ۽ سندس شهرت ملڪن جون سرحدون لتاڙي پرکنڊين پهچي وئي. ٿورن ڏينهن اندر مهدي حسن معروف، مقبول ۽ مصروف فنڪار بڻجي ويو. فلمي گيتن لاءِ سندس گھر آڏو فلمسازن جي لائين لڳي رهندي هئي پر هن کي شاعريءَ جي صنف ۾ غزل پسند هو، ان ڪري هن غزل ڳائڻ کي نه رڳو ترجيح ڏني پر غزل گائڪيءَ کي هڪ نئون رنگ ڏنو.
شاعريءَ ۾ عشق ۽ محبت جي اظهار جو اهم ذريعو غزل رهيو آهي. ايران جي ڌرتيءَ تي جنم وٺندڙ شاعريءَ جي هن صنف جڏهن ننڍي کنڊ ۾ پير پاتو ته اها وڌيڪ دلڪش ۽ حسناڪ ٿي پئي. ننڍي کنڊ جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ سڀ کان وڌيڪ غزل سرجيو وڃي ٿو، ان ڪري هاڻ غزل رڳو عورت سان محبت واري گفتگوءَ جو موضوع نه رهيو آهي پر ان جي زمين تمام گھڻي وسيع ٿي چڪي آهي. ننڍي کنڊ جي اها مقبول ترين صنف هتان جا راڳي ٺمريءَ ۾ چوندا هئا ته عام راڳي وري ان لاءِ ڀڄن يا ڪافيءَ وارو انداز اختيار ڪندا هئا. غزل گائڪيءَ جو بنياد توڙي جو قصوري خاندان جي گوَين استاد بڙي غلام علي خان ۽ برڪت علي خان وڌو پر ان کي وسعت مهدي حسن ڏني جو اڄ غزل گائڪي ننڍو کنڊ لتاڙي سڄي دنيا ۾ پکڙجي وئي آهي ۽ جتي جتي به غزل ٻڌو وڃي ٿو اتي مهدي حسن جو نالو هڪ اوتار جيان کنيو وڃي ٿو.
دنيا جي هڪ عظيم فنڪاره لتا منگيشڪر ڪيترائي ڀيرا اهڙو اظهار ڪيو ته مهدي حسن جي ڳلي ۾ ڀڳوان ويٺل آهي. هندو مٿالاجيءَ مطابق ڀڳوان ساڌُن جي دلين ۾ نه پر پيار سان ڳائيندڙ ڀڳتن جي ڳلي ۾ وسي ٿو.
مهدي حسن نه رڳو اردوءَ جي ڪلاسيڪل غزل گو شاعرن مير تقي مير، بهادر شاهه ظفر، خواجه مير درد، ذوق، مرزا اسدالله خان غالب، داغ دهلوي ۽ مومن جي غزلن کي نئين انداز ۽ صحيح تلفظ سان ڳائي عوام تائين پهچايو پر ساڳي وقت پنهنجي دؤر جي نوجوان شاعرن جا غزل ڳائي کين شهرت جي ستين آسمان تي پهچائي ڇڏيو. شعري مجموعن ذريعي جيڪا مڃتا کين سالن کان پوءِ مس ملي سگھي ها، اها مهدي حسن واتان هڪ غزل ڳائڻ سان حاصل ٿي وئي آهي.
جيئن موهن جو دڙو سڄي دنيا جو ثقافتي ورثو مڃيو ويو آهي، بلڪل اهڙيءَ ريت خانصاحب مهدي حسن موسيقيءَ جي دنيا جو گڏيل ورثو آهي. کيس شهنشاهه غزل جو لقب ڏنو ويو آهي پر ماڻھو ڪنهن به شهنشاهه سان اهڙي محبت نه ڪندا، جيڪا هن دليون جوڙيندڙ گائڪ سان ڪن ٿا.
مهدي حسن کي داد ۽ دان مليو، هن کي نيپال جو سڀ کان وڏو ايوارڊ ڏنو ويو ۽ اتي کيس هڪ ملڪي سربراهه جيترو مان ڏيندي ايڪويهن توبن جي سلامي به ڏني وئي هئي.
پنهنجن سُرن ۽ بي مثال آواز سان راجا پرجا موهيندڙ هي مثالي منگتو برقعو مٽي وڃي ڏاتار سان مليو.
ڏاتار ۽ مڱڻي ڪونه وسيلو وچ
سا ئي تال تندن جي، سا ئي چارڻ چِت
جي هِتي، جي هتُ، ڳالھه مڙيوئِي هيڪڙي.

موت هر انسان تي اچڻو آهي، اهو مهدي حسن تي به آيو پر موسيقيءَ جي حوالي سان خانصاحب جيترو ڪم ڪري ويو آهي، اهو کيس صدين تائين زندهه رکندو.
***

استاد شرافت علي خان: شام چوراسي انگ ۽ لوڪ موسيقيءَ جو امتزاج

ڪلاسيڪل راڳ جي حوالي سان دنيا تي راڄ ڪندڙ شام چوراسي گھراڻي جو پڳدار خانصاحب استاد شرافت علي خان به ان منزل ڏانهن اسهي ويو، جتان ڪو به واپس ناهي وريو. ها، موت انسان تي اوس اچڻو آهي، امير هجي يا غريب، شاهه هجي يا گدا، نواب هجي يا فقير، هر ڪنهن کي موت جو ذائقو چکڻو آهي. هي جهان هلڻهارو آهي. خالق سنجھه صباح ڪنهن کي به ڪوٺي سگھي ٿو. هن فاني جهان ۾ ڪنهن کي به ڪل ڪانهي ته سندس زندگيءَ جو پکيئڙو ڪنهن وقت ٿو اڏار ڪري پر انسان جو ڪيل ڪم ۽ ڪردار موت کي مات ڏئي سگھي ٿو. استاد شرافت علي خان جو ڪلاسيڪي موسيقيءَ تي ڪيل ڪم به کيس يقيناً صدين تائين زنده رکندو.
هن خطي جي ماڻهن لاءِ راڳ وڏي وٿ آهي. راڳ ئي روح جي راحت ۽ قلب جي ڪس ڪوري ڪڍڻ واري سراڻ به آهي. راڳ سان ئي مئل دليون جياري سگھجن ٿيون. راڳ پنهنجي ڪرامت سان پٿر دل انسان کي ميڻ وانگر نرم ڪري سگھي ٿو. هونئن به هن خطي ۾ راڳ تفريح ۽ وندر کان وڌيڪ تصوف جي پرچار جو موثر ذريعو رهيو آهي پر برصغير جي صوفين جو چوڻ آهي ته انساني عادتن ۽ دستور کي درست ڪرڻ جو بهترين ذريعو راڳ آهي ۽ جڏهن ڪو من موهيندڙ ڪلاڪار وڇڙي وڃي ٿو ته دل ۾ سور جي سٽ اُڀري اچي ٿي.
استاد شرافت علي خان 1957ع ۾ دنيا جي مڃيل ڪلاسيڪل فنڪار خانصاحب استاد سلامت علي خان جي گھر ۾ جنم ورتو. هو پنهنجي ٻنهي ڀائرن شفقت علي خان ۽ لطافت علي خان کان وڏو هو ۽ پهريٺي پٽ هئڻ ڪري پيءُ کي گھڻو پيارو هو ۽ هُن مٿس تمام گھڻو ڌيان ڏنو.
ميراثي خاندان رڳو راڳ ئي ميراث آهي. ان ڪري سندن ٻار بلورن بدران راڳ سان ئي راند ڪندا آهن پر شرافت علي خان راڳ سان راند به ڪئي ته عشق به ڪيو. هن راڳ جي تربيت به ورتي ته ان جي پرورش به ڪئي. هن پنهنجو پاڻ کي راڳ ۾ گم ڪري ڇڏيو هو. اهو ئي سبب هو جو هن پنهنجي ڀائرن ۽ سؤٽن وارو رستو نه ورتو ۽ ٽي وي چئنلن جي فرمائشن تي ڌيان ڏيڻ بدران درگاهون ڀيٽڻ شروع ڪيون، ڇاڪاڻ جو اتي راڳ کي عبادت جو درجو حاصل آهي ۽ راڳ جي باريڪين کي سمجھڻ وارا به صوفياڻين خانقاهن تي ئي ملندا آهن. درگاهون ڀيٽيندي لاهور جو هي لعل ۾ پهريون ڀيرو سنڌ پهتو.
منهنجي ساڻس پهرين ملاقات 2002 ۾ سچل سائينءَ جي ميلي تي ٿي. ان وقت سندس چاچو مرحوم ذاڪر علي خان به ساڻس گڏ هو. هُو فقرائن وانگر هڪ کان ٻِي ڪافيءَ تي ڳائيندا رهيا ۽ پوءِ اسان کيس سيد نياز شاهه جي بيٺڪ تي وٺي آياسين، جتي مرحوم انور پيرزادو، قربان پيرزادو، قاسم پيرزادو، منظور معرفاڻي ۽ ٻيا دوست موجود هئا. اتي جڏهن کانئس مختلف راڳن جون فرمائشون ٿيون ته اصل گل وانگر ٽڙي پيو ۽ هن اهي سڀئي فرمائشون پوريون ڪيون. تن ڏينهن منهنجي دوست ميهر پيرزادي جي شادي ٿي رهي هئي. ان شاديءَ جي پروگرام لاءِ جڏهن کيس فون تي دعوت ڏني سين ته هو لاهور کان ٻلهڙيجيءَ پهچي ويو. هفتو کن اسان وٽ رهيو. انهيءَ دوران کيس ٻڌڻ ۽ سمجھڻ جو موقعو مليو.
عام طور اڪثر فنڪار اڳ ۾ محفل ڪري پوءِ ماني کائيندا آهن پر منهنجي ڳوٺ جا وڏڙا ٻڌائيندا آهن ته استاد منظور علي خان ان معاملي ۾ ٻين کان مختلف هو. هو “پهرين طعام پوءِ ڪلام” جو قائل هو. شرافت علي خان ان حوالي سان استاد منظور علي خان کان به ٻه رتيون اڳرو هو. ميهر واري شاديءَ جي ڏينهن شام جو چئين بجي هن موهن جو دڙو گھمڻ جي فرمائش ڪئي. اتان موٽندي ڇهين بجي کيس ماني کارائي سين. اسان جو خيال هو ته هاڻي استاد محفل ڪري پوءِ ماني کائيندو پر جڏهن رات جو ڏهين بجي کيس محفل شروع ڪرڻ جو چيوسين ته هو اهو چئي پڙ ڪڍي بيهي رهيو ته ماني کائڻ کان اڳ راڳ نه ڪندس. استاد محفل هلندي به ٻه دفعا چانهه سان ماني کاڌي. هن جو چوڻ هو ته ڳائڻ جي لاءِ کائڻ ضروري آهي، خالي پيٽ سان ماڻھو راڳ جو مقابلو نٿو ڪري سگھي!! اتي جڏهن هڪ دوست کانئس سندس پسند جي شين بابت پڇيو ته استاد معصوميت سان جواب ڏيندي چيو، “گانا اور کانا” ۽ حقيقت به اها آهي ته هن رڳو ڳاتو ۽ صرف کائڻ واري عياشي ڪئي، باقي منجهس ڪو به عيب نه هو. نه سگريٽ ڇڪيندو هو، نه پان واپرائيندو هو، نه ڪنهن سان گھڻو ڳالهائيندو هو. هر وقت جهونگاريندو رهندو هو، رڳو راڳن سان رهاڻ هوندي هيس. نه ڪا راند ڪندو هو، نه ئي مڌ جو متوالو هو. هر گھڙي ڳائيندو رهندو هو. ان وقت ساڻس گڏ طبلي نواز ارياب خان هو جنهن کي سڄو سڄو ڏينهن استاد سان سنگت ڪرڻي پوندي هئي.
شرافت علي خان کي ڏسي مون کي ڪنفيوشس جو قول ياد آيو، جنهن چيو هو ته “جڏهن ڪو راڳ ۾ مهارت حاصل ڪري پنهنجي هانوَ کي ان مطابق هيري ٿو ته هُو سالم ۽ شريف انسان ٿئي ٿو ۽ سندس هردو سولائيءَ سان ترقيءَ جون منزلون طئي ڪري روحاني خزانو هٿ ڪري وٺي ٿو.”
ها، شرافت علي خان کي ڄمندي ئي سندس آرٽسٽ والد استاد سلامت علي خان ڪومل سرن ۾ سمپورڻ راڳڻيءَ جي ڪن ۾ اذان ڏني هئي ۽ هن جو راڳ سان تنهن وقت کان جيءُ جڙجي ويو هو. شرافت علي خان کي پنجاب کان وڌيڪ سنڌ ۾ محبت، مڃتا ۽ عزت ملي. هن سنڌ جي ڪيترين ئي درگاهن تي حاضري ڀري. سچل جي ديس درازا ۽ حاڪم شاهه پَٽ واري وٽ ته اڪثر ايندو رهندو هو. ان کان علاوه هن گھوٽڪيءَ جي انور شاهه، ناري جي ولي محمد تراب سميت ڪيترائي ميلا ڪيا. استاد سلامت علي خان جتي پڪي راڳ ۾ مخصوص انداز سبب ڪلاسيڪي موسيقيءَ جي دنيا ۾ نالو ڪمايو، اتي هن ملتاني ڪافي ڳائي عوامي مقبوليت ماڻي. هن کي پنهنجي والد جيان ملتاني ڪافيءَ تي وڏي دسترس حاصِل هئي. خواجا غلام فريد جا ٻول شام چوراسي گھراڻي جو انگ ۽ لوڪ موسيقيءَ جو امتزاج ماڻھوءَ کي ونگ وجھڻ لاءِ ڪافي آهي.
شرافت علي خان پوءِ جڏهن به لاهور کان سنڌ آيو ته اسان جي ڳوٺ ٻلهڙيجي ضرور آيو. هڪ دفعو هو ڪنهن شاديءَ جي دعوت تي شهدادڪوٽ آيو ۽ اتان اسان جي هڪ دوست ۽ موسيقيءَ جي شوقين عبدالستار ڌوتئي سان گڏجي اسان وٽ آيو. ان ڏينهن سخي شاهه جمال جي درگاهه تي سومر رات جي محفل هئي، جنهن ۾ مقامي فقراءَ شريڪ ٿيندا آهن. استاد شرافت علي خان يادگار محفل ٻڌائي. انهيءَ محفل ۾ هن شاهه سائينءَ جون ٻه وايون “جادو لائي ويا جيءَ ۾” ۽ “ڪيچي قول ڪري ويا” ٻڌايون جيڪي اسان وٽ رڪارڊ ٿيل آهن. توڙي جو محفل ۾ گھور نه برابر پئي پر هن روايتي فنڪارن وانگر ڪو به ماڻو نه ڪيو ۽ پرهه ڦٽيءَ تائين سرن جي ورکا ڪندو رهيو.
اهڙي نموني هڪ ڀيرو شڪارپور جي ڪلاسيڪل فنڪار استاد وريلداس جي دعوت تي سندس استاد خانصاحب هادي بخش ميمڻ جي ورسيءَ ۾ شرڪت لاءِ آيو ۽ اتان ٻلهڙيجي پهتو. لاهور جو هڪ نوجوان طبلي نواز به ساڻس گڏ هو. ان ڏينهن اسان ڳوٺ جا پنجويهه ٽيهه ڄڻا مرحوم انور پيرزادي جي اڳواڻيءَ ۾ ڪچي پنهنجي ٻنين ڏانهن مڇيءَ جي شڪار تي سنبريا بيٺا هئاسين. خانصاحب جي پهچڻ سان سنگت جي خوشي ٻيڻي ٿي ويئي. پتڻ تي پهچڻ مهل استاد ٻڌايو ته هو زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو ٻيڙيءَ تي سوار ٿي رهيو آهي. پرار تي پهچي واريءَ ۽ گپ جي پنڌ جا ٻه ميل جهاڳي جانيئڙي سنڌيءَ جي لانڍي ءَ تي پهتاسين. ڪچي ۾ استاد کي وڏو مزو آيو. رات جو بار بار اها ڳالھه پيو ڪري ته “مان هيئن آسمان به پهريون ڀيرو ڏسي رهيو آهيان.” ڪچي جا ماڻھو اڃا تائين بجليءَ کان محروم آهن پر اها چانڊوڪي رات هئي. ڪچي جي مختلف ڳوٺن کان ڪجھه سنگيت پريمي به اچي ڪٺا ٿيا هئا. ان محفل ۾ شرافت علي خان مڪمل فقيراڻو رنگ اختيار ڪيو. هن بلهي شاهه، حسين شاهه، خواجا غلام فريد، سچل سائين، مهدي شاهه، ولي محمد بو تراب ۽ عثمان فقير سانگيءَ جون سرائڪي ڪافيون ٻڌايون ۽ جڏهن سچل سائينءَ جي ڪافي “سئيان ميڏي دل تي ماهي ديان جهوڪان” قوالي واري انداز ۾ ڳاتي ته سڄي محفل مدهوش ٿي وئي. ان شاندار محفل جي رڪارڊنگ به اسان وٽ موجود آهي. ان وقت پيرين اگھاڙن ماڻهن وٽان ڀرپور داد ملڻ تي استاد اصل ٻهڪي رهيو هو. سندس چوڻ هو ته سنڌ مذهبي تعصب جو شڪار نه آهي، تڏهن ئي ته هتي عام ماڻھو به راڳين کي دان ۽ داد ڏين ٿا. ان رات جڏهن هو اسان کي ديسڪار ۽ سر سورٺ جو فرق مخصوص آلاپن سان سمجهائي رهيو هو ته مون محسوس ڪيو ته استاد شرافت علي خان فقط راڳ جي ڪري ئي جنم ورتو آهي. هي ٻيون سڀئي ٻن ڏئي فقط راڳن سان رهاڻ رچائيندو رهيو آهي. هو، زماني جي تلخين ۽ بي قدريءَ جا سڀئي روڳ، ڳائڻ سان وساري ٿي ويٺو. هن کي ائين صبح کان شام ۽ رات کان پرهه ڦٽيءَ تائين ڳائيندو ڏسي مون کي رانيل اوڪانيل جا لفظ ياد اچي ويا، هن چيو هو“ڇڏيو ته آئون قوم کي راڳ جو هديو پيش ڪريان، مون کي پرواهه ناهي ته قانون ڪير ٿا ٺاهن، آئون راڳ کي وڌيڪ اهم سمجهان ٿو.”
خانصاحب عبدالڪريم خان ۽ برڪت علي خان کي پسند ڪندڙ هن انمول فنڪار گڙدن جي تڪليف وگھي ٻاونجاهه ورهين جي ڄمار ۾ وڇوڙي جو وڍ ڏئي رات پساهه پورا ڪيا.
***

وريلداس گرنو مل تلريجا

ماضيءَ ۾ شڪارپور جِي، گھڻن ئي حوالن سان هنڌين ماڳين هاڪ هئي. هر سال موسيقيءَ جا هانڊا مچندا هئا ۽ سڄو شھر سنگيت جي سرن سان گونجي اٿندو هو. ننڍي کنڊ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان گويا، نائڪ ۽ سازيندا اچي گڏ ٿيندا هئا. سازن سرودن سان جڏهن ڪو گوَيو تانَ هڻندو هو ته ٻڌندڙن جي تن من جون تارون به وحدت سر وڄڻ لڳنديون هيون. سر سنگيت کي سمجهڻ واري اها شڪارپور ورهاڱي وڃائي ڇڏي پر استاد وريلداس 2005 تائين اهڙا ميڙا مچائيندو رهيو جنهن ۾ سڄي سنڌ کان علاوه سرائيڪي وسيب، پنجاب، پختونخواه، بلوچستان ويندي افغانستان جا ڪلاسيڪل فنڪار به اچي شريڪ ٿيندا هئا.
استاد وريلداس ڪو سنڌ ورڪي ڀائيبند نه هو جنهن وٽ ڌن دولت جون ٽجوڙيون ڀريل هجن. هو سريلو فنڪار، گويو ۽ نائڪ هو. اهي سڀ فنڪار هن جي محبت ۾ ڪهي ايندا هئا. ڪاڪو وريلداس پنهنجي استاد مرحوم هادي بخش ميمڻ جي هر سال ورسي ملهائيندو هو. اها سالياني تقريب هڪ قسم جو هانڊو هئي. اتي مون افغانستان جو گويو استاد پائيند خان، ڪوئٽا جو وجي ڪمار ۽ لاهور جو گويو شرافت علي خان به ايندي ڏٺا ته سنڌ جا سمورا ڪلاسيڪل توڙي نيم ڪلاسيڪل فنڪار به ڏٺا ۽ سندن راڳ به ٻڌو. استاد وريلداس توڙي جو ايم اي انگلش هو پر هن انگريزي استاد جي نوڪري به ڇڏي ڏني، ان جي باوجود فن کي معاش جو ذريعو هرگز نه بڻايو. سونارڪي ڪرت هن جو خانداني ڌنڌو هئي جنهن مان هي گھر هلائيندو هو ۽ راڳ مان پوندڙ گھور ۽ ڪلب مان ملندڙ في رڳو استاد جي ورسيءَ تي خرچ ڪندو هو.
وريلداس جو ٻاروتڻ کان سنگيت سان پيچ پئجي ويو. پرائمريءَ کان همراھ پيو مندرن ۾ ڀڄن ڳائيندو هو. شروعات ۾ پاڙي جي هڪ لوڪ فنڪار جو شاگرد ٿيو پر پوءِ ڪنهن کيس ڪلاسيڪل راڳ سکڻ جي مت ڏني ۽ هي وڃي استاد هادي بخش ميمڻ جو شاگرد ٿيو جيڪو شڪارپور جو رهاڪو ۽ شھر جو سٺو درزي هو. هن کي راڳ جي سکيا گواليار خاندان جي گوين ڏني جن پڻ شڪارپورين جي فن سان قدرداني ڏسي اتي اچي پکڙا اڏيا هئا. هادي بخش ميمڻ ڄڻ ته گواليار خاندان جو اتر سنڌ کي ڏنل تحفو هو. هن ڪيترائي شاگرد ڪيا جن مان موندر خان مڱڻهار، وريلداس ۽ استاد ارباب خان کوسو گھڻو مشھور ٿيا پر استاد جي پڳ وريلداس جي نصيب ۾ آئي، ان جو سبب اهو به هو ته هن پنهنجي استاد جي سڀ کان وڌيڪ خدمت ڪئي هئي. استاد جي چاليهي تي گواليار خاندان جي استاد قدرت الله کيس استاد جي پڳ ٻڌرائي ۽ سنگيت چيئرمين جو لقب ڏنو. استاد هادي بخش ميمڻ جي وفات بعد هن لاڳيتو 32 ورسي پروگرام ڪيا ۽ ان ۾ ڪابه وٿي نه وڌي.
استاد وريلداس سان منهنجي ملاقات ان وقت ٿي جڏهن منهنجو پيارو دوست انجنيئر قطب جتوئي سندس شاگرد ٿيو، جنهن عمر ۾ ماڻھو راڳ سکي روزگار سان لڳندا آھن. ان کان اڳ ۾، مون سندس نالو به نه ٻڌو هو. منهنجي دوست قطب جا آواز ڪجھه مزي وارا نه هئا، ان ڪري هو ڳائڻو ته نه ٿي سگھيو، البت اهڙو ٻڌندڙ ضرور ٿي ويو جيڪو راڳ تي نالو رکڻ سان گڏ ان جي آروهي امروهي به ٻڌائي وڃي. قطب جي ڪري ئي استاد وريلداس سان قرب ڪڙي ۾ آيم. پوءِ خبر پئي ته استاد سڄو سارو سنگيت آهي. هن راڳ تي هڪ ڪتاب به لکيو هو،جنهن ۾ سو کن راڳن جو تعارف، انهن جي آروهي امروهي ۽ ٽاٽا پڻ بيان ڪيل هئا.ان سان گڏاستاد شڪارپور جي ڪيترن ئي فنڪارن کي راڳ جي سکيا پڻ ڏني جن سڄي سنڌ ۾ نالو ڪمايو پر جيئن ته استاد گھڻو رڪارڊ نه ٿيو، ان ڪري کيس عوامي پذيرائي پلئه نه پئجي سگھيو ۽ هو نه ريڊيو تي ويو، نه ئي ٽيليويزن تي کيس ڪڏهن موقعو مليو. نه وري هن ڪڏهن ڪا ڪيسٽ ئي جاري ڪئي. ٻيو ته کيس رواجي شهرت جي ڪا طلب به ڪانه هئي. هونئن به استاد جو هڪ معيار هو. هو غيرمعياري شاعري ڳائڻ جو سوچي ئي نه پيو سگھي، جنهن ڪري هن کي عوامي مڃتا نه ملي پر فن جي دنيا سان لاڳاپيل گھڻا ئي ماڻھو کيس سڃاڻيندا هئا. استاد وريلداس جوانيءَ ۾ ملھه پهلوان به هو. هن شڪارپور جي سنڌ واهه تي يادگار ملاکڙا ڪيا. هن جي بدن تي کل لڙڪيل نظر ايندي هئي جنهن مان واضح ٿيندو هو ته جوانيءَ ۾ سندس بدن ڪثرتي هو. استاد جو شڪارپور جي ڍڪ بازار ۾ اسٽيورٽ گنج واري علائقي چبوتري چوڪ وٽ سونارڪو دڪان هو جنهن جو مٿيون حصو سندس سنگيت ڪلب ”وريل سنگيت ڪلا“ لاءِ مخصوص هو، جتي هارمونيم، طبلو، سرمنڊل، تانپورو ۽ ڍولڪ رکيل هوندا هئا جن تي سندس شاگرد سکيا ڪندا رهندا هئا. استاد وريلداس جهونجهڪڙي جو جاڳڻ بعد سنان پاڻي ڪري سوامي نارائڻ داس مندر هليو ويندو هو، جتي ڪلاڪ ڏيڍ سرن جي ڀيٽا پيش ڪرڻ کان پوءِ گھر اچي نيرن ڪري دڪان کوليندو هو. شام جو ڇهين بجي دڪان بند ڪري گھر ورندو هو. گھر جو ڪم ڪار لاهي، ماني ٽڪي کائي وري اٺين بجي رات جو اچي ڪلب کوليندو هو جنهن جو ٽائيم ڏهين بجي تائين هوندو هو پر ڪڏهن ڪڏهن گھڻي دير به ٿي ويندي هئس.
هڪ ڀيري وريلداس کي سخي شاهه جمال جي ٻارهي تي ٻلهڙيجي اچڻ جي دعوت ڏنم. قرب ڪري پنهنجي سڀن شاگردن سميت آيو. سڄي رات ڳايائون. صبح جو سندس ٻيا شاگرد ته واپس روانا ٿي ويا پر استاد وريلداس پنهنجي هڪ شاگرد سلمان سمي سان گڏ رهي پيو جنهن جي عمر ان وقت ڏهه سال مس هئي. ان رات واري محفل ٻڌڻ بعد اسان کي خبر پئي ته استاد وريلداس ڇا آهي. ٻنهي مان هڪ ڳائي ته ٻيو طبلي تي سنگت ڪري رهيو هو. اسان جي ڳوٺ جي ننڍي ٽهيءَ وارن نوجوانن جا نالا: ڏاهر، ٻيجل، ڏياچ، جهونجهار، وينجهار، حسناڪ، مڌ، چندن، ليار وغيره ٻڌي عجب ۾ پئجي ويو. چوڻ لڳو: ”پنهنجي ملڪ ۾ ماڻھو يا ته هندو هوندا آھن يا مسلمان پر اوهان ٻلهڙيجيءَ وارا سراسر سنڌي آھيو.“ هڪ ڀيري سيٺ قاسم سان گڏجي شڪارپور ويس. استاد ڪنهن محفل ۾ وڃڻ لاءِ تيار ٿيو بيٺو هو. اسان کي به هلڻ لاءِ چيائين. ڊکڻن جي ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ پهتاسين جتي هر ماڻھو هٿياربند نظر آيو. مون سمجهيو ته فائرنگ ۾ راڳ ٻڌي ئي نه سگھبو پر هڪ به فائر نه ٿيو. ان ڳوٺ ۾ ڌرين جي هڪ ٻئي سان دشمني هئي. چڱو ڀلو به اتي وڃڻ کان ڪيٻائيندو هو پر هي هندو ٿي ڪري به بي ڌڙڪ هليو ويندو هو، ڇاڪاڻ ته هي سراسر ساڌو هو. هن جي ڪنهن سان به دشمني نه هئي. چوندو هو: جڏھن اسان ڪنهن جا مدا ناهيون ته ڪير اسان جو ڇو مدو ٿيندو؟
هڪ ڀيري استاد هادي بخش ميمڻ جي ورسي تقريب ۾ استاد وريلداس مون کي خان بابا لوڌيءَ سان ملايو. هو ڪوئيٽا جو پٺاڻ هو. سندس پيءُ پوليس جو رٽائرڊ ايس پي هو. خان بابا کي اک اٽڪائڻ تي شھر نيڪالي ملي هئي، ان ڪري پيءُ کيس گھٽ ڀائيندو هو. اهڙي وقت هي اچي استاد هادي بخش جو شاگرد ٿيو. ايس پي صاحب جي واپس ڪوئيٽا بدلي ٿي پر خان بابا سکر نه ڇڏيو ۽ هميشه لاءِ هتان جو ٿي ويو. ان مهل خان بابا سڄو سارو گيڙو ويس ۾ ملبوس هو. اسان کي مڌ پيئڻ جي صلاح ڪيائين. مون سمجهيو ته همراھ مان پٺاڻڪي صفا نڪري وئي آ. اها ئي گھڙي، پيئڻ دوران بانگ آئي ته پنهنجو گلاس منهنجي سنڀال ۾ ڏئي خدائي فرض ادا ڪرڻ لاءِ روانو ٿي ويو. اتي سيٺ قاسم چيو: ته سومهڻيءَ جي نماز آهي، خانصاحب ڪلاڪ کن ڇٽو پر اهائي گھڙي، خان بابا موٽي اچي پيئڻ لڳو. بس هن فرض تي قناعت ڪئي هئي. وري جڏهن ڳائڻ جو وارو آيس ته ٽين کڙڪائي ڇڏيائين. ٻڍل فقير جي ڪافي ”تنهنجي اکڙين جي اسرار، هزارين حيران ڪيا...“ اهڙي ته پختي ۽ وڻندڙ انداز ۾ ڳاتئين جو جتي هو سو اتي سڪ ٿي ويو. گھڻن جي اکين جا بادل برسي پيا.
خان بابا لوڌيءَ جي ڳالھه وچ ۾ اچي وئي، ڳالھه پئي هلي استاد وريلداس جي... جيئن مون شروع ۾ ٻڌايو ته استاد هادي بخش ميمڻ جي هر ورسي هڪ ننڍڙو هانڊو هوندي هئي، جتي گھڻي ڀاڱي راڳي ۽ سازيندا هوندا هئا پر آخري ڏينهن ۾ هن هڪ زبردست هانڊو به ڪرايو، جنهن ۾ چئني ايڪاين ويندي افغانستان کان به گويا ۽ نائڪ پهتا هئا. اهو پروگرام شڪارپور جي مقامي هال ۾ ڪرايو ويو هو جنهن جي معمولي ٽڪيٽ به رکي وئي هئي. اهو پروگرام جنهن به ڏٺو هوندو ان کان عمر ڀر وسري نه سگھندو.
استاد وريلداس هفتي جو هڪ ڏينهن دڪان بند ڪندو هو ۽ سندس اهو سڄو ڏينهن راڳ حوالي هوندو هو. استاد ڪڏهن شڪارپور جي مسيحي راڳين سان رهاڻ رچائيندو هو ته ڪڏهن وري صوفي راڳين سان ڪنهن نه ڪنهن درگاھ تي محفل مچائيندو هو. استاد کي هڪ ڏينهن شڪارپور جي هڪ درگاھ تي ٻارهي جي دعوت مليل هئي. پنهنجي سمورن شاگردن سان پهچي ويو پر اتي خبر پيس ته ٻارهو اڄ نه پر هفتو پوءِ ساڳئي ڏينهن تي آهي. اتي هن ساز کولايا. راڳ ڪندي سندس طبيعت خراب ٿي پئي. شاگردن کيس گاڏيءَ ۾ کڻي اسپتال پهچايو جتي کين خبر پئي ته “راجا راڳائي، هردوئي هيڪ ٿيا...” ***

ڪاريھر فقير: ايءَ تان آه عشق جي

عشق جي چوٽ، مائٽن مِٽن جي رويي ۽ ڌڻيءَ جي ڏنل ڪوجهڙي صورت ڪاريهر فقير کي سراپا سور بڻائي ڇڏيو هو. فقير، جڏهن اهو سمورو درد پنهنجي آواز ۾ اوتي راڳ جي صورت ۾ ٻاهر ڪڍندو هو ته هر دل ڌڻيءَ کي ڄيري جي ڄراٽ شدت سان محسوس ٿيندي هئي ۽ ايئن لڳندو هو ڄڻ سندس اندر جي ٻريل مچ مان ڪو ڪانڊو ٽانڊو اُٿي، ٻڌندڙن جي دلين تي ڪريو هجي. هن جو راڳ ته نه هو، روڄ هو، پِٽڪو هو، ڀنڻ هو، ماتام هو! ڳائڻ دوران سندس ڳلن تي هنج ته هوندا ئي هئا پر ٻڌندڙن جي حالت به جيءُ جهوري رکندي هئي: ڪو سينو ڪُٽيندو هو ته ڪو منهن مٿو پِٽيندو هو- ڪو سُڏڪندو ته ڪو پار کڻندو هو. ماڻھوءَ جي اندر ۾ به سهسين سور سمايل آهن، بس ڪڏهن ڪهڙو ته ڪڏهن ڪهڙو چت تي چڻڪي اچي ٿو. ڪاريهر فقير جي آواز ۾ اهڙو اثر هو، جو سڀ ڪنهن کي پنهنجا سور سامهون اچي ويندا هئا. “پٿر پرائو سور سڀڪو پنهنجا روئي” وارو سوڳوار ماحول برپا ٿي ويندو هو. ڪاريهر فقير جي محفل ۾ هڪڙا ماڻھو روئيندا هئا ته ٻيا کين مٿڙن تي هٿڙا ڦيري پيا پرچائيندا هئا ۽ لوڪ کي متيون ڏيندي پاڻ به ڍنڍڪرن ۾ پئجي ويندا هئا.
علي نواز عرف ڪاريهر فقير شيخ يڪتاري ۽ چپڙيءَ تي ڳائيندڙ صوفي فنڪار هو. ڳائيندو فقط درد ۽ فراق واريون صوفين جون ڪافيون هو. ڪافيءَ جي هر مصرع کان پوءِ شاهه سائين ۽ ٻين صوفي شاعرن جا ڦوڙائي ۽ فراق وارا ڏوهيڙا ڏيئي ٻڌندڙ جو اندر اڌ ڪري وجهندو هو. دردناڪ آواز هئس. اسان کيس فراقي فقير سڏيندا هئاسين. هي جڏهن ڀٽائي سرڪار جي سٽ “پوندو فلق فراق جو ” پڙهندو هو ته صفا وٽجي سٽجي ويندو هو، ايئن محسوس ٿيندو هو ڄڻ کيس فراق جا ڦٽ هجن ۽ مجاز کيس ڇني ڇيتيون ڪري ڇڏيو هجي.
ڪاريهر جو نالو شايد سندس رنگ ڏسي مرشدن تجويز ڪيو هجي، پر هن جو راڳ ٻڌڻ به ڪاريهر تي پير پوڻ برابر هو. قد جو ڊگھو، رنگ جو ڪارو، منهن تي گھرا ماتا جا سنيارا ۽ ساڄي ڳل تي ڪهاڙيءَ جي گھاءُ جو نشان هئس. ڪاريهر فقير 1932ع ڌاري باقراڻي شهر ڀرسان مبارڪ شيخ جي وانڍ ۾ ڄائو. غريب ڪٽنب سان تعلق هئس. سندس پيءُ جي گذر سفر جو ذريعو فقط هارپو هو. چئن ڀائرن ارباب علي، علي نواز، درگاهي ۽ مريد فقير مان فقط ارباب سُر سنگيت کان پري رهيو، باقي ٽنهي ڀائرن جو ڳائڻ وڄائڻ سان شوق رهيو. سندن ڏاڏاڻڪي ڪر ۾ ان کان اڳ ڪو ڳائڻ وارو نه رهيو هو، هنن کي اهو ونڊ پنهنجي ناني فقير ميهر عليءَ وٽان مليو، جيڪو صوفي فقير ۽ راڳ ويراڳ جو شائق هو. ڪاريهر اسان واري تر جي فنڪار حسين علي ابڙي جو شاگرد ۽ صوفي چيزل شاهه جو طالب هو. حيرت جي ڳالھه اها هئي ته فقير، گيڙو ويس فقط پنهنجي مرشد جي سامهون ڪندو هو، نه ته اڪثر ڪارا ڪپڙا ڪندو هو. مون پنهنجي ڄمار ۾ ٻئي ڪنهن به صوفيءَ کي ڪڏهن ڪاري ويس ۾ نه ڏٺو آهي. اسان جي ڳوٺ جا ڪجھه صوفي جڏهن کيس ڪارا ڪپڙا پائڻ کان منع ڪندا هئا ته هي بيت ڏيئي ڍنڍڪرن ۾ پئجي ويندو هو:
ڪارا ڪنديس ڪپڙا، سرتيون مون نه سري،
هڪڙا ڦٽ فراق جا، ٻي اندر آڳ ٻري،
جي وڃان ڀونءِ تري، ته به سور نه لهي سڄڻين.

ڪاريهر اٽڪل پنجويهن ورهين جي عمر ۾ هو جو معمولي ڳالھه تي سندس ننڍي ڀاءُ سان مائٽن جو جهيڙو ٿي پيو. هيءُ ڀاءُ جون رڙيون ٻڌي، کيس ڇڏائڻ لاءِ هٿين خالي اتي پهتو ته هڪ همراهه خوف ۾ ڪهاڙي وهائي ڪڍيس. ڪهاڙيءَ جو ڦر ڳل ۾ لهي ويس، ڌڪ ته اُڦٽ مار لڳو هئس پر بچي ويو. چار جوابدار گرفتار ٿيا، سال سوا جيل ۾ رهيا، پوءِ ڀلا سونهارا کڻي، نياڻيون ميڙ ڪري کيس پرچايائون. هن ميڙ کي مان ڏيندي کين معاف ڪري ڇڏيو ۽ کانئن ڪو به ڏنڊ ڏوهه نه ورتو.
ڪاريهر فقير جو مڱڻو ننڍي لاڪون پنهنجي سؤٽ سان ٿيل هو پر چاچهنس کيس ڌيءَ جو سڱ نه ڏنو. ڀائرن کيس پرڻائڻ لاءِ وڏا وس ڪيا پر ڪو به مائٽ مِٽ هن کي سڱ ڏيڻ لاءِ راضي نه ٿيو. ڪاريهر فقير زندگيءَ جي سمورين تلخين، محرومين ۽ دردن کي پنهنجي آواز ۾ جذب ڪري ورتو هو. اهو ئي سبب هو جو هن جي هر محفل شام غريبان ٿي ويندي هئي. هي اهڙن راڳين مان نه هو، جيڪي پئسن کي ڏسي زور لائيندا آهن. ڀلي هڪ ئي ٻڌڻ وارو هجي، رات وهائي ڏينهن ڪرڻو آ. ڳائڻ مان ڪڏهن نه ڍاپيو، جنهن به جيڏي مهل ڳائڻ جي فرمائش ڪيس، ان مهل يڪتارو کولي سور سلڻ شروع ٿي ويندو هو.
ڳوٺ ڀرسان شهيد پير جي درگاهه ڪاريهر فقير جو آستان هو، (جتي هاڻ سندس هڏڙا پوريل آهن ) اتي جمعي ڏينهن راڳ ٿيندو هو. ڪٿي ۽ ڪهڙي به حالت ۾ هجي جمعي ڏهاڙي درگاهه تي ضرور پهچندو. اها سندس ڊيوٽي هوندي هئي. ان کان سواءِ هو تر جي بهترين ٻڌندڙن بيخود فقير باقراڻيءَ واري، ڳوٺ خير محمد آريجي واري وڏيري محمد آريجي ۽ فقير يارمحمد پيرزادي وٽ ٻلهڙيجي ايندو رهندو هو.
ڪاريهر فقير جي پرستارن جو وڏو حلقو هو، مايون توڙي مرد سندس راڳ تي موهت هئا. وڏيرو محمد آريجو سندس وڏو قدردان هو. وڏيري محب علي ابڙي جو ڪاريهر فقير مٿان قرض چڙهيل هو. فقير ۾ ته قرض لاهڻ جي سگھه ئي ڪانه هئي. وڏيري محمد آريجي پنهنجي زرعي زمين جو ٽڪرو وڪڻي سندس قرض به چڪايو ته کيس ڳوٺ ۾ نلڪو به هڻائي ڏنو، اهو ڳوٺ ۾ پهريون نلڪو هو، نه ته ان کان اڳ کوهه کوٽيل هئا.
ڪاريهر فقير جو پنهنجو انداز هو. سندس هر ڪلام اثر انگيز هو پر هيءَ ڪافي بار بار چوندو هو:
تنهنجي مست نگاهن، مونکي خون ڪيو،
سوين طبيب گھرايا نه علاج لڳو!

ايئن ئي ٿيو، هڪ ڏينهن اهڙو به آيو، جو ڊاڪٽرن کيس لادوا ڪري ڇڏيو. همراهه سڄي ڄمار دليؤن ڳايو هو، سو سندس جگر کاڄي چڪو هو. سُر ساٿ ڇڏي ويا هئس، آواز ئي وڏي مشڪل سان نڪري سگھندو هئس. هن جي اِها حالت ڏسي سندس ڀاءُ درگاهيءَ ته پڪواز وڄائڻ ئي ڇڏي ڏني. آخري ڏينهن ۾، بيماريءَ جي بستري تي، جمعي ڏهاڙي ڀاءُ کي چوڻ لڳو “درگاهي، تون شهيد تي پڪواز کڻي وڃي ڊيوٽي ڏئي آ.” درگاهيءَ جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو، چيائين: “ادا، توکان سواءِ منهنجو ٻيو ڪهڙو فنڪار آهي، جنهن سان پڪواز وڄائيندس!”
ان تي ڪاريهر زور ڀريندي چيس“درگاهي، تون پڪواز کڻي وڃ، شهيد توکي پاڻهي فنڪار ڏيندو.” درگاهي ڪاريهر جي زور ڀرڻ تي پڪواز کڻي شهيد پير تي ويو. شام جو واپس وريو ته ڪاريهر فقير ڦوڙائي فراق کان مڪتي ماڻي چڪو هو. فقير جي لاڏاڻي کان پوءِ سندس ننڍي ڀاءُ مريد فقير به ڳائڻ شروع ڪيو، جنهن جي آواز ۾ ڪاريهر جي جهلڪ آهي. ٽن مهينن کان پوءِ درگاهيءَ کي پٽ ڄائو، جيڪو هن وقت مشهور فنڪار آهي. درگاهي فقير پنهنجي پٽ ارباب کي ڪاريهر فقير جي دعا سمجهندو آهي.
***

ڪلاونت واپاري ڪٽنب

چوندا آهن ته فنڪار سُٺو دڪاندار نه ٿي سگھندو آهي. فن وارو ماڻھو دنيا جي ٻين جهنجهٽن کان دور هوندو آهي، ان ڪري هو پنهنجي فن ۾ جهڙي پرفارمنس ڏيندو آهي، اهڙي ڪارڪردگي ڌنڌي ۾ نه ڏيکاري سگھندو آهي، پر منهنجي ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ جي هڪ ڪلاونت ڪٽنب ٽن پيڙهين تائين فن ۽ دڪانداريءَ سان واهه جو نڀايو.
ٻلهڙيجيءَ جي پيرزادا برادريءَ جي مورياڻي پاڙي سان تعلق رکندڙ هن خاندان جو وڏو ميان دين محمد پيرزادو هو، جنهن گھڻو اڳي دڪان کوليو، نه ته ان کان اڳ اهي مالوند ماڻھو هئا. ميان دين محمد عرف ڪاڪي ديني جي دڪان ۾ ٻارن جي دلچسپيءَ جون ڪجھه شيون ۽ روزاني استعمال وارا چند وکر رکيل هوندا هئا. اسان جڏهن کيس ڏٺو ته هو سٺ ورهين جي عمر کان چڙهي هليو هو. ننڍڙي اڇي ڏاڙهي ۽ بوسڪيءَ جي پٽڪي سان ٺهيو ٺُڪيو، پنهنجي ننڍڙي دڪان ۾ ويٺو بينيون وڄائيندو هو. همراهه هئو به پنهنجي طبيعت وارو. ٿوري ٿوري ڳالھه تي توائي ٿي ويندو هو. الغوزي ۾ مگن هوندو هو ۽ گراهڪ انتظار ۾ هوندا هئا ته ڪڏهن ٿو لهرو پورو ٿئيس. روح ۾ رحم اچي ويس ته گراهڪ سان ٻه لفظ ڳالهائيندو، نه ته هڪ هٿ بين مان ڪڍي، اهڙو اشارو ڪندو جو آڏو وارو سمجهي ويندو ته کيس گيٽ آئوٽ چئي تڙي رهيو آهي.
ميان دين محمد شوقيه فنڪارهو، البته سندس وڏو ڀاءُ ميان جان محمد پيرزادو راڳداريءَ جي علم کان واقف هو. اسان نه ڏٺو. ميان ديني کي سدائين اڪيلي سر بينيون وڄائيندي ڏٺوسين، البته ردم تي الغوزو وڄائي نه سگھندو هو. هي الغوزي نواز سان گڏ سُٺو سائيڪلسٽ به هو. جوانيءَ ۾ قلندر لال شهباز ۽ ڀٽ ڌڻيءَ جا ميلا سائيڪل تي ڪيائين. اسي ورهين جي عمر ۾ به کيس سائيڪل هلائيندي ڏٺوسين. سندس پُٽ غلام رسول پيرزادي کي ٻڪرين جو ڌڻ هوندو هو. هي ٻلهڙيجيءَ جو پهريون آرٽسٽ هو، جنهن جا ڪلام ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان نشر ٿيا. ميان غلام رسول پيرزادو 1932ع ڌاري ڳوٺ شاهه جمال ۾ ڄائو. هن کي وڏي عمر ۾ ڳائڻ جو شوق ٿيو. راڳداريءَ جا شروعاتي سبق غلام قادر منگي ۽ استاد علڻ کان ورتائين، وڌيڪ سکيا لاءِ استاد منظور علي خان ڏانهن ٽنڊي آدم ويو، جنهن راڳ ٻڌي کيس استاد گلزار علي خان دائي ڏي وڃڻ جو چيو. خانصاحب چيس ته “گلزار تنهنجي شهر لاڪاڻي ۾ رهي ٿو، جتي توکي وڌيڪ آساني ٿيندي. باقي مون پنهنجو سمورو علم کيس ڏئي ڇڏيو آهي.” ان بعد غلام رسول پيرزادو استاد گلزار علي خان کان باقاعده ڌاڳو ٻڌرائي سندس شاگرد ٿيو.
گلزار علي خان وٽ جڏهن هي همراهه پهتو، ان وقت سندس عمر وڌي چڪي هئي، جنهن تي استاد چيس: “تون ڪلاسيڪل راڳ سکڻ جي ڪوشش نه ڪر، ان ۾ تنهنجي عمر پوري ٿي ويندي، باقي اهڙو فن ڏيندوسانءِ جيڪو توکي مڇي مانيءَ لائق بڻائي ڇڏيندو.” استاد گلزار علي خان دايو پنهنجي اوائلي شاگردن مان عبداللطيف مهر ۽ غلام رسول پيرزادي کي گھڻو ڀائيندو هو. سندس چوڻ هو ته هِن به اِهو پنهنجي شاگرد غلام رسول پيرزادي کان سکيو ته شاعري درست تلفظ سان ڳائڻ گھرجي.
غلام رسول پيرزادو سنهڙو، سيپڪڙو هو پر هن جا جلوا پنهنجــي پــيءُ دين محمد جهڙا هئا. اڃا به رتي وڌ، گھٽ صفا نه. همراهه ڪجھه سال گلوڪاريءَ کي پروفيشن بڻايو ۽ ريڊيو حيدرآباد تي ويهارو کن ڪلام به نشر ٿيس. هڪ ڏينهن استاد منظور علي خان ۽ استاد گلزار علي خان ٻلهڙيجيءَ ۾ محفل ڪري سندن دڪان تي اچي ويٺا، جتي استاد منظور علي خان کيس سمجهايو ته “هن دڪان مان ڪڏهن به هٿ نه ڪڍجان، اصل ڌنڌو هيءُ اٿئي. آواز ڪنهن به وقت منهن موڙي سگھي ٿو. اڄوڪي ماحول ۾ ماڻھوءَ جي روزگار جو دارومدار ڳائڻ تي نه هجي ته بهتر. ”
استاد منظور علي خان جا سُخن سندس دل تي ويهي ويا. پوءِ هن ٻڪريون کپائي پيءُ جي دڪان کي وڌايو ۽ چئن سالن تائين مسلسل محفلون ڪيون. اصل رات خالي نه هوندي هيس. همراهه ماڻهن جي مزاج مطابق راڳ ٻڌائي گھڻو داد ۽ دان وٺي ويندو هو. جڏهن سندس ڪاروبار ڄمي ويو ته هن باجو بند ڪري سڄو ڌيان دڪان تي ڏنو. نه رڳو پاڻ باجو بند ڪيائين پر پنهنجي والد ميان دين محمد کي به بينيون بند ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيائين.
ميان دين محمد جو وڏو پرستار جرمن آرڪيالاجسٽ مائيڪل جانسن هو، جيڪو کيس دڪان تان وٺي وڃي سندس بينيون ٻڌندو هو. ميان غلام رسول اٽي جي چڪي به هلائي، جنهن جي نگراني سندس وڏي پُٽ سيٺ قاسم جي ذمي هوندي هئي. استاد گلزار علي خان جي وفات بعد ان جي وصيت مطابق سندس هڪ هارمونيم غلام رسول پيرزادي کي مليو. پنهنجي استاد جي وفات بعد هن جذباتي ٿي ٻيهر راڳ شروع ڪيو. ان جو ٻيو سبب اهو هو ته سندس ننڍو پُٽ شرافت به راڳ سکڻ ۾ دلچسپي ڏيکارڻ لڳو هو. هن پنهنجي پُٽ کي راڳ سيکاريو، جنهن جا وڏا آواز نه هئڻ ڪري هو سُٺو ڳائڻو ته نه ٿي سگھيو، البته سُٺو سازيندو ضرور آهي. وٽس اليڪٽرڪ ڪي بورڊ آهي. مختلف فنڪار پاڻ سان محفلن تي وٺي ويندا اٿس پر هي به پيءُ وانگر دڪان کي گھڻو ٽائيم ڏئي ٿو.
ميان غلام رسول ريڊيو پاڪستان خيرپور ويو، جتي کيس آڊيشن ڏيڻ لاءِ چيو ويو، جنهن تي هن حيدرآباد ريڊيو جون ڪجھه رڪارڊنگون کين ٻڌايون. ان بعد پروڊيوسر مختيار ملڪ کيس ريڊيو حيدرآباد تان ٽي سي وٺي اچڻ لاءِ چيو، پر پوءِ هن جي دلچسپي ختم ٿي وئي. ميان غلام رسول مون کي ٻڌائيندو هو ته ريڊيو حيدرآباد تي استاد جمن جو ڪنٽرول هوندو هو. سڄي سنڌ کان ايندڙ فنڪار ريڊئي جو اڪيلو باجو ملڻ جي انتظار ۾ هوندا هئا، جنهن تي استاد جمن پنهنجي پُٽ شفيع محمد کي ويٺو راڳ سيکاريندو هو. ميان غلام رسول چوندو هو ته ٽي وي هجي يا ريڊيو، ٻنهي ۾ اهو ڪامياب آهي جيڪو پروڊيوسرن جو آڳو پيڇو ڪري، فن ۽ ڪلا کي اُتي اهميت نه آهي. هِن ٽي ويءَ تي به هڪ پروگرام ڪيو. سندس پهريٽي پُٽ سيٺ قاسم پيرزادو پاڻ ڳائڻو ته ناهي، باقي راڳداريءَ جو علم ضرور رکي ٿو. هو شاعر به آهي ته شاهه ۽ سچل جي شاعريءَ جو شائق به. هتي ڪيترائي اهڙا فنڪار آهن، جيڪي مختلف راڳڻيون ڪري ته ويندا آهن، پر کين اها خبر نه پوندي آهي ته اُها ڪهڙي راڳڻي آهي، ان حوالي سان سيٺ قاسم سيبتو آهي. هڪ ڀيري ڳوٺ بگيءَ ۾ استاد گلزار علي خان سانگھڙائي جي محفل هئي، راڳ هلندي اهڙي ڪيفيت پيدا ٿي وئي جو ڳائيندڙ، سازيندا ۽ سموري محفل روئي ويهي رهي. سڀني ڏٺو ۽ ٻڌو ته سيٺ قاسم ٻه ڀيرا رُنو. پهريون سڀني سان گڏ ۽ پوءِ اڪيلي سِر هن ٻيهر پار کڻڻ شروع ڪيا. ان تي ڪنهن پڇيو “ڇا ٿيو؟” هانءُ ڦاڙ اُٻاٻ ڪندي چيائين “الله سڀ ڪجھه ڏنو، رڳو آواز نه ڏنو، مان ڳائڻو نه ٿي سگھيس!” سندس اهڙي جواب تي گھڻن کان ٽهڪ ڇڏائجي ويا.
ميان دين محمد سن 2000ع ۾ وفات ڪئي، ان وقت سندس عمر اسي ورهيه هئي. مون کي 2016ع جي آگسٽ مهيني ۾ قومي ڪارڪنن سان ساٿ جي الزام هيٺ کنڀي هفتي کن لاءِ ڳجهي هنڌ تي رکيو ويو. آزاد ٿيڻ بعد خبر پئي ته سنڌ جو سرموڙ ڪهاڻيڪار علي بابا، منهنجي پُڦاٽ زيب النساءِ ۽ ڪاڪو غلام رسول پيرزادو هي ڏيهه ڇڏي چڪا آهن.
***

سچيت ملاح ڪٽنب

ڏهين فيبروري 2017ع تي اسانجي تر ۾ فتح پور پتڻ وٽ محبڻ شاهه جي ميلي تي ويندڙ ياترين جي ٻيڙي ٻني لڳي ۽ لوڏو کائي اونڌي ٿي پئي. اٽڪل سَٺ ڄڻن مان تيرهن کي گھڙيءَ ۾ درياهه بادشاهه نهوڙي نيو. رات ٿي وئي هئي، جنهن ڪري درياهه ۾ لهڻ ممڪن نه هو. رات وچ ۾ ئي سکر کان نيويءَ جا ٽوٻا مڪمل تياريءَ سان پهچي ويا، جن کي آڪسيجن ماسڪ، لانچون ۽ ٻيو به گھڻو سامان ساڻ هو.
هيڏانهن منهنجي ڳوٺ جا ملاح به ڏينهن ٿيڻ جي انتظار ۾ هئا. هيءُ اهو هنڌ هو، جتي گذريل سال ٻوڏ ۾ اسان بيد مشڪ جا شاهي وڻ چوٽيءَ تائين ٻڏندي ڏٺا هئا. اتي پاڻيءَ جي گھرائي اٽڪل پنجاهه فوٽ هوندي. درياهه شاهه هڪ هنڌ تي لٽ اڇلائي رهيو هو. صبح ٿيندي ئي ٻئي ڌريون پنهنجي ڪم ۾ جنبي ويون. سوين ڳوٺاڻا ڪنڌيءَ تي بيهي اهو سڀ ڪجھه پنهنجي اکين سان ڏسي رهيا هئا. نيويءَ جا ٽوٻا ڪلاڪ کن تياري ڪري، منهن ڪائي ۾ وجهي، ورديون پائي پاڻيءَ ۾ لٿا، جڏهن ته مقامي (ٽوٻا) ملاح سهه سياري ۾ فقط لانگوٽا ٻڌي پاڻيءَ ۾ پاڻ اڇلي رهيا هئا. نيويءَ وارن ٽوٻن جي ٽٻيءَ جو دورانيو پنجن منٽن کان به مٿي هو ۽ مقامي ملاحن جي ٽٻيءَ جو دورانيو ٻه منٽ مس هو، ان جي باوجود مقامي ٽوٻا تري تائين پهچي پي ويا، جڏهن ته نيويءَ وارا ٽوٻا ويهه فٽ هيٺ مس وڃي پئي سگھيا. هر مقامي ملاح ٽٻي ڏيڻ بعد جڏهن نڪتو ٿي ته پاڻ سان گڏ تري جي ڪا نه ڪا نشاني جهڙوڪ ڪوڏ، مٽي، کڳا ۽ مڇي وغيره کنيو ٿي آيو. ڏهه لاش مقامي ملاحن هٿ ڪيا، انهن مان ٻن لاشن مٿان ته ريٽ وري ويو هو. ٽيون لاش ريٽ هٽڻ بعد تري پاڻيءَ جي سطح تي ظاهر ٿيو، جنهن کي نيويءَ جي ٽوٻن لانچ جي مدد سان ڪڍي ٻاهر ڪيو.
ملاحن جي اها قابليت سندن ورثو آهي. هنن جي وڏن جون عمريون درياهه بادشاهه سان کيڏندي ۽ جهيڙيندي گذريون هيون. تڏهن درياهه تي ڪا هڪ اڌ پل هئي، روڊ رستا به نه هئا. سنڌوءَ تي نه ڊيم هئا، نه ئي ان جي ايتري ناجائز روڪ ٿيندي هئي. تڏهن سنڌو سمونڊ جي ڏِک ڏيندو هو ۽ اُن جي پيٽ ۾ جهاز ۽ وڏا ٻيڙا هلي سگھندا هئا، جيڪي مختلف قيمتي وکر هڪ کان ٻي هنڌ آڻيندا نيندا رهندا هئا. تنهن زماني ۾ منهنجي ڳوٺائي ڏاڏي نورل، صديق ۽ امام بخش جهڙن سچيت ملاحن کي پري واري درياهي سفر تي لازمي ساڻ کنيو ويندو هو، جو سندن اک درياهه کي سمجھڻ واري هئي. سندن جواني سکر کان ٺٽي تائين ٻيڙيون هلائيندي گذري هئي. ٻوڏ واري وقت ۾ سڄو ڪچو پاڻيءَ سان تار ٿي ويندو هو. ٻنهي بچاءَ بندن جي وچ تي رڳو ڇر ئي ڇر! ڪچي ۾ ويٺلن کي هڪدم پڪي ڏانهن منتقل ٿيڻو پوندو هو. ملاحن توڙي مالڪن جي خواهش هوندي هئي ته گھر جي ڪا به شيءِ پويان رهجي نه وڃي، ان ڪري ماڻهن، مال ۽ اَن سميت هر قسم جو سامان به کڻڻو پوندو هو. درياهه ۾ ڇا ته دهشت هئي. هڪ ئي ڇولي ماڻھوءَ جو هيانءُ کائڻ لاءِ ڪافي هوندي هئي. جيڏانهن ڪيڏانهن درياهه ڪُن ڪندو رهندو هو.
ٻيڙي ڪنهن مهل هڪ پاسي لوڏو کائي ته اسان ٻئي پاسي لڙي پيا پئون، ناکئو هڪ هنڌ ويهڻ جي سختيءَ سان تاڪيد پيو ڪري ته ماٺڙي ڪري هڪ هنڌ ويهي رهو، ڪجھه به نه ٿيندو. توهان چرندؤ پُرندؤ ته ٻيڙي ٻُڏي سگھي ٿي. ان ڏينهن فتح پور پتڻ تي به ٻيڙيءَ کي ڪجھه نه ٿئي ها، جيڪڏهن مسافر آرام سان ويٺل هجن ها. ٻيڙِيءَ کي ڪناري ڀرسان ڏسي اوچتو ئي سڀ مسافر اٿي بيهڻ لڳا، جنهن ڪري ٻيڙيءَ جو توازن برقرار نه رهيو ۽ اونڌي ٿي پئي.
مون کي ياد آيو ته ڏاڏي نورل جي پوٽن هڪ ڀيري اَن لڏيل ٻيڙي ماري وڌي هئي، جنهن ۾ ڪو جاني نقصان ته نه ٿيو، البت سمورو ان لڙهي ويو هو. ڏاڏي نورل پنهنجي همراهن کي گھرائي ٻيڙيءَ مارجڻ جا تفصيل وٺي سندن سـٺي تاريخ ڇڏائي هئي، “مون سڄي ڄمار ٻيڙي هلائي، ان وقت ته درياهه به وڏو هوندو هو ته خطرا به جهجها هئا. اسان کان ڪڏهن به ٻيڙيءَ نه مُئي ۽ توهان ان جاءِ تان ڪيئن ٻيڙي مارائي آيا آهيو! توهان ڪهڙا ملاح ملاحن جا پٽ آهيو.” هن پنهنجي پوٽن کي ڇنڊ پٽيندي چيو هو.
ٽنهي ڀائرن وڏي ڄمار ماڻي وفات ڪئي. هي، اسان جي تر جي ملاحن جو سريال گھراڻو هو. ڪنڀرن واري/ ٻلهڙيجي پتڻ جا پاتڻي اهي هئا. ڪاڪي نورل جي حياتيءَ ۾ ئي ملاح برادريءَ جي چڱ مڙسيءَ جي پڳ ڪاڪي ڪريم بخش ملاح جي حصي ۾ آئي، جيڪو ڏاڏي نورل جو وڏو پٽ هو. ڪي ٻه چار درجا پڙهي سگھيو پر وڏو تجربو هئس، ڄائو ئي ٻيڙيءَ تي هو. سُچيت ملاح جو پٽ هو. پيءُ سان گڏ سڄي سنڌ گھميو. درياهه جو ڪو به تڙ هن کان ڳجهو نه هو. جوانيءَ ۾ سمونڊ تي هليو ويندو هو. هي ئي همراهه هو جنهن لئي مان ٺهيل ڪِڙين جو ڪاروبار سنڌ کان ٻاهر شروع ڪري، پورهيت ملاحن کي پاڻ سان کڻي سندن آمدنيءَ ۾ ڪافي اضافو ڪيو. هي ڪڙين جون ٽرڪون ڀرائي ڪوئٽا کڻي ويندو هو، هاڻ ته اهو ڪاروبار ڪيترائي ملاح ڪري رهيا آهن. اسان ڪاڪي ڪريم بخش ملاح جو اوج ڏٺو، کيس چار پنج ٻيڙيون هونديون هيون. سندس گھر واري ٻيڙي اهڙي ته سينگاريل هوندي هئي ڄڻ ڪو محل هجي. پتڻ تي به اهڙي ٻيڙي هوندي هيس جنهن ۾ هڪ ئي وقت پنجاهه کن ماڻھو ۽ ڏهاڪو کن ڍور اڪاري سگھندو هو ۽ سڀئي پور ڀريل هوندا هئا.
تر وارن سان سندن آهت وارو وهنوار هو. اهي فصل لهڻ تي کين لاپو ڏيندا هئا، باقي ماڻهن کان پتڻ وٺندا هئا. سامان سان ڀريل ٻوريون روز پتڻ تان ٽپنديون هيون. پتڻ ڪريم بخش جو ننڍو ڀاءُ راجا ملاح ۽ سندس سؤٽ واحد بخش ملاح هلائيندا هئا. هنن جو سؤٽ واحد بخش عرف واحدو ملاح ڄڻ هڏائون پڃرو هو پر واهه جو ماڻھو هو. جهڙو درياهه شاهه جو ڄاڻو ۽ پنهنجي ڪرت ۾ ماهر هو، اهڙو ئي بار کڻڻ جو به ڀلو هو. اڍائي مڻ جي ٻوري پٺيءَ تي کڻي ٻيڙيءَ ۾ وجهندو هو. ڪڏهن نه مڙس کي ٿڪل ڏٺوسين. ٻوريون چاڙهڻ هن لاءِ ايترو مسئلو نه هو جيترو ڍور چاڙهڻ. ٻيا ڍور ته جيئن تيئن ڪري چڙهي ويندا هئا پر گور ڳاوا ٽاهڙ ڍڳا ۽ اٺ ٻيڙيءَ تي چاڙهڻ وڏو مسئلو هوندو هو. سلام آهي واحد بخش کي جيڪو ساڻن مقابلو ڪري ٻيڙيءَ تي چاڙهيندو هو. “اٺ جو پتڻ تي ڪُٽجڻ” محض هڪ محاورو نه آهي؛ جنهن پتڻ تي ٻيڙيءَ ۾ اٺ چڙهندي ڏٺو هوندو، انهيءَ کي ئي خبر هوندي. هونئن پتڻ تي مار اٺ کي ملندي آهي پر ان کي مار ڏيندڙ به صفا وٺجي ويندا آهن.

ڪاڪي ڪريم بخش جو ننڍو پٽ سمونڊ ۾ مڇي ماريندي انڊين نيويءَ هٿان گرفتار ٿي ويو، الائجي مارجي ويو، اها خبر نه پئجي سگھي. هر چئن پنجن ورهين کان پوءِ کيس ڪٿان نياپو پيو ملندو هو ته اڪبر انڊيا جي فلاڻي جيل ۾ آهي. پنجويهن ورهين جي عرصي دوران الائجي ڪيترا مهاڻا انڊيا مان آزاد ٿي گھر پهتا آهن، پر اڪبر اڃا نه موٽيو آهي، نه ئي سندس وارثن ڪو آسرو پليو آهي. ڪاڪي ڪريم بخش کي اڃا اڪبر جي ملڻ جي آس پوري نه ٿي جو سندس وڏو پٽ ممتاز لاڙڪاڻي ۾ دوستن جي اتفاقي گولي لڳڻ سبب مري ويو. هن وقت پتڻ سندس آخر پٽ هلائي رهيو آهي ۽ واحد بخش جو پٽ ان سان ساٿ ۾ هوندو آهي، جيڪو به پيءُ وانگر آهي لڦ جو لڦ پر پنهنجي ڪرت جو ماهر آهي. اڄ ڪنڀرن واري پتڻ جو اهو اوج ته ناهي پر پوءِ به پتڻ هلندو رهي ٿو.

***

پهلوان شير ميربحر : جڳ مشهور ملھه پهلوان

ملھه سنڌ جي قومي عوامي راند آهي. هيءَ راند صدين کان سنڌ ۽ ان جي سرحدي خطن ۾ کيڏي وڃي ٿي. ملھه هر دور ۾ سنڌ جي مقبول ترين راند رهي آهي. ميرن جي صاحبيءَ ۾ ملھه کي سرڪاري سرپرستي حاصل هئي. انگريزن جي ايامڪاريءَ ۾ به نواب، سردار ۽ راڄيا ملھه جا سرپرست رهيا. ويجهي ماضيءَ ۾ درگاهن جا فقير، هاري ناري ۽ پورهيت پنهنجي قوت گذران مان حصو ڪڍي ملھه کي قائم دائم رکندا آيا آهن.
ملھه به سنڌ ڌرتيءَ وانگر سنئين سڌي راند آهي، جنهن ۾ ٻه پهلوان سندرا ٻڌي، سينا ملائي ڀاڪر وجهي هڪ ٻئي کي دسڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. ريسلنگ ۽ پهلوانيءَ جي ٻين راندين ۾ مخالف کي مات ڏيڻ لاءِ هر قسم جو جائز ناجائز وار ڪيو ويندو آهي پر ملھه ۾ “ڪُپت” ڪارِ ناهي. برابر ملھه سان ملندڙ جلندڙ رانديون ته پوري دنيا ۾ کيڏيون وڃن ٿيون پر هن راند جا اصول، قاعدا ۽ قانون جهڙوڪ سندرا ٻڌڻ، هٿ وجهرائڻ ۽ هٿ نڪري وڃڻ جي صورت ۾ ساهي کڻي (پاڻي ڪرڻ ) ٻيهر هٿ وجھڻ ۽ پوئين ملھه تي هار جيت جو فيصلو، هن کي ٻين راندين کان مختلف ۽ بهتر بنائين ٿا. ملھه جو مقصد مخالف کي پٽ تي ڪيرائڻ آهي. ان لاءِ طاقت سان گڏ هنر، حرفت ۽ ڪاريگريءَ جي ضرورت هوندي آهي. جيئن ڪرڪيٽ راند ۾ گھڻا تڻا اهڙا کيڏاڙي هوندا آهن، جيڪي ڪجھه شاٽ کيڏي سگھندا آهن ۽ هر قسم جي بال کي منهن ڏيڻ سندن وس ۾ نه هوندو آهي پر ڪي کيڏاڙي اهڙا به ٿيندا آهن، جيڪي هر قسم جو شاٽ مزي سان کيڏي ويندا آهن ۽ هر قسم جي بال کي ڪاريگريءَ سان ڪڍي ويندا آهن. اهڙي طرح، ملھه جا سڀ پهلوان به سمورا داءُ پيچ استعمال نه ڪري سگھندا آهن پر ڪي يگانا پهلوان هر قسم جو انگ استعمال ڪري ڄاڻن. اهي مخالف پهلوان کي جانٺا، ونگ، اندريان، ٻاهريان، پٺيان، پاسا، من ڦيريون، اکريون مهريون ۽ ٻلهڻ ڪري دسي وجهندا آهن. ملھه جا ڪجھه پهلوان واري ڪرڻ کان قسم کڻي ڇڏيندا آهن. اهي پهلوان کي هٿ وجهي ان آسري تي پوئتي مضبوط ٿي بيهي رهندا آهن ته مخالف اڳ وارو ڪري ته کيس کُٽائي دسي وجهن. اهڙن پهلوانن جي ملھه مزي واري نه هوندي آهي. اهڙِي راند، ڏسندڙ کي لطف بدران ڪوفت ۾ مبتلا ڪندي آهي. جيڪو ملھه هٿ پوڻ سان وڄ بڻجي وارا ڪري ان کي ئي پسند ڪيو ويندو آهي ۽ ان جي هنڌين ماڳين هاڪ پئجي ويندي آهي. رستم سنڌ پهلوان شير ميربحر به اهڙن ئي گڻن ۽ اکرن وارو ملھه هو، جنهن به ماڻھو سندس ملھه ڏٺي، اهو يا عُمر هن کي وساري نه سگھندو.
شير ميربحر خانواهڻ جي ڀرسان ڀونئر ڳوٺ ۾ 21 جون 1924ع تي فاريسٽ آفيسر علي محمد ميربحر جي گھر ۾ جنم ورتو. هن 1942ع ڌاري ملھه جي شروعات ڪئي، انهن ڏينهن ۾ ميلن کان علاوه شادين جي ڪاڄن توڙي خيراتن تي به ملھه جا مقابلا ٿيندا هئا. انهن ملاکڙن ۾ اسان جي تر جا شير ميربحر ۽ غوثو ڪلهوڙو ٻئي جوڙ ۾ مڃتا ماڻي پهرين جوڙ ۾ داخل ٿي چڪا هئا. ٻنهي جي ياري به مثالي هئي. غوثو ڪلهوڙو وڏي ڄمار ماڻي گذاري ويو. هو به شير ميربحر جيڏو ئي قداور مڙس هو. چون ٿا ته هُو موجود هوندو هو ته شير جي دل ٻيڻي ٿي ويندي هئي ۽ ڪڏهن جي شير مارجي ويندو هو ته غوثو ئي ان جو پلاند ڪندو هو پر جيڪا مشهوري شير ميربحر جي حصي ۾ آئي، ان کان غوثو ڪلهوڙو محروم رهيو.
شير ميربحر ڏيک ويک ۾ به سراسر پهلوان هو: ڊگھو قد، موڪرو منهن جنهن تي ماتا جا نشان اڃا به سندس سونهن سرس بنائيندا هئا. موڪري منهن تي ڊگھا وريل شهپر، رنگ جو نه ڀورو نه سانورو. اڪثر پهلوانن جا وهي چڙهڻ سان گڏ پيٽ ٻاهر نڪري ايندا آهن، جنهن ڪري اهي بي ڊولا لڳندا آهن پر پهلوان شير ميربحر کي زندگيءَ جي ڪنهن به حصي ۾ اهڙو مسئلو پيش نه آيو. شير جهڙو هو مهانڊي ۾ موچارو اهڙو هو ملھه جو ڪاريگر. ان ڪري هن سڄو ملڪ مطيع بنائي ڇڏيو هو. سندس پرستارن ۾ رياست جي واليءَ کان وٺي وزير، پير، مير، سردار توڙي عام ماڻھو شامل هئا. وڏا ماڻھو شير جي مهماني پنهنجي لاءِ فخر سمجهندا هئا ۽ هي جڏهن ڪٿان گذرندو هو ته کيس ڏسڻ لاءِ ماڻھو گڏ ٿي ويندا هئا. اڄ به شير سنڌ جا همعصر ٻڌائين ٿا ته “شير ميربحر وانگر ملھه ۾ بيهڻ ۽ ٻانهينءَ ۾ گھمڻ ٻئي ڪنهن ملھه کي اچي ئي نٿو.”
شير ميربحر ڪيترن ئي پرڏيهي پهلوانن سان به مقابلو ڪيو، جن ۾ چيڪو سلواڪيا جو زيبسڪر، هندستان جو گرنام سنگھه ۽ انگليند جو آسٽن شامل هئا، جن کي هن پنهنجي هنر سان قابو ڪري ڪيرايو ۽ برطانوي پهلوان جا ته هڏ به ڀڃي وڌا. ان وقت سنڌ جا پهلوان ڪي گھٽ نه هئا: آچار شيدي، قلب علي جتوئي، انب شيدي، تڳيو ڦل، لالو ڦل ۽ ٻيا به ڪيترائي پهلوان هئا، جن کي به وڄ جا پاڻي هئا ۽ شير سنڌ جا ساڻن اڪثر مقابلا ٿيندا رهندا هئا. ملھه ترڪڻ بازي آهي. سدائين ساڳيو پهلوان نٿو جيتي سگھي پر شير ميربحر انهن سڀني کي سوايو ماريو. منهنجا وڏڙا جيڪي ملھه جا شوقين ۽ قدردان هئا، اهي شير ميربحر جي مقابلن جو اڪثر ذڪر ڪندا رهندا هئا، جيڪي هنن راڻيپور، ڀٽ شاهه ۽ ٻين ميلن تي اکئين ڏٺا. هنن جو چوڻ آهي ته شير ميربحر جي هر ملھه يادگار ٿيندي هئي.
جهڙي ريت فٽبال، هاڪي، ڪرڪيٽ، والي بال ۽ ريسلنگ وغيره ۾ ميچ فڪسنگ جون خبرون ٻڌجن ٿيون، ملھه به ان الزام کان آجي ناهي. ملهن تي به اهي الزام لڳندا رهندا آهن ته اهي پهلواني ڏيکارڻ لاءِ ملھه ڪُملھه ڪن ٿا ۽ جنهن پهلوان کي وڌيڪ پئسو پوي ٿو، ان کي هٿ سان راند ڏني ويندي آهي. ڪجھه پهلوان ان حوالي سان شير ميربحر تي به آڱريون کڻن ٿا ته صلاح واري ملھه جي شروعات شير ميربحر ڪئي پر پنجاسي ورهين جو حامد چنو اهڙي ڳالھه کي سختيءَ سان رد ڪندي چوي ٿو ته: “ان وقت وارا پهلوان ڪُملھه کي عيب سمجهندا هئا، اهي هڪ ٻئي سان گڏجي ماني ئي نه کائيندا هئا، چي: جيڪو پٺيءَ کان ٻانهن ورائي هٿ وجهي ان سان ڪهڙو کائڻ پيئڻ!” حامد موجب، “مون جوانيءَ ۾ شير ميربحر کي اڳوڻي ايم اپي اي سردار واحد بخش ٻگھئي جي طهر واري ڪاڄ تي ملھه وڙهندي ڏٺو، جنهن ۾ اتر ۽ لاڙ جا پهلوان آيل هئا. آچار شيدي غوثي ڪلهوڙي کي ماري ويو. ان وقت لائوڊ اسپيڪر نه هئا، شير رڙيون ڪري آچار کي مقابلي لاءِ للڪاريو پر هن شير سان ملھه وڙهڻ بدران وڃي ڪپڙا پاتا. اهڙي طرح سرائيڪي وسيب جي پهلوان دوست محمد لاءِ مشهور هو ته اُهو جنهن به ملھه سان ڏمرجي وڙهي، اهو مري نه ته کري ضرور پر ان تي به شير ميربحر جي اک ئي نه ٻڏي ۽ ٽيئي ڏينهن کيس وارا ڪري ماريائين.”
منهنجو نانو مرحوم يعقوب پيرزادو ٻڌائيندو هو ته شير ميربحر راڻيپور جي پيرن کي تمام گھڻو پيارو هوندو هو ۽ عوام جي اکين جو تارو بڻجي ويو هو. هو جڏهن راڻيپور جي ميلي ۾ ڪرندو هو ته ميلو ئي ڦٽي ويندو هو، ملاکڙي مان مزو هليو ويندو هو، دڪانداري ختم ٿي ويندي هئي. ان ڪري پهلوان به اهو چاهيندا هئا ته شير ميربحر ملاکڙي ۾ چڙهيل هجي. اهو سندس پڇاڙيءَ وارو دور هو پر پوءِ به چئي نٿو سگھجي ته شير ڪا ڪُملھه ڪئي، ڇاڪاڻ جو ڀٽ شاهه جي ميلي ۾ سڄي سنڌ جا پهلوان پهچندا هئا ۽ اتي ڪُملھه جو تصور ئي نه هو، تڏهن به هن پوڙهي شير کي پهلوان ڏکيو ماري سگھندا هئا.
هر راند ۾ ڪجھه رانديگر اهڙا ضرور هوندا آهن، جيڪي فڪسنگ جهڙو عمل ڪندا آهن پر سمورن کيڏارين تي اهڙي تهمت هڻڻ غلط آهي. اڄ به سنڌ ۾ اهڙا ملھه پهلوان آهن، جن لاءِ صلاح واري ملھه گار برابر آهي، اڄ به اهڙا پهلوان آهن، جيڪي شير ميربحر ۽ قلب علي جتوئي جون سڪون لاهين ٿا. اهڙا پهلوان رڳو ڀٽ ڌڻيءَ جي ميلي واري ملاکڙي ۾ ڏسي سگھجن ٿا، جتي ڪٿي ميسر نٿا ٿي سگھن. منهنجي تر جي پهلوان پرويز اعواڻ لاءِ به ڪُملھه مهڻي برابر هئي، جنهن ننڍي قد هئڻ باوجود وڏن وڏن پهلوانن سان مقابلا ڪيا ۽ پنجٽيهن ورهين جي ڄمار ۾ ملھه کان رٽائرمينٽ ورتي. اها به حقيقت آهي ته سڌي ملھه کان ڪُملھه وڌيڪ مزيدار ٿئي ٿي ڇاڪاڻ جو ٺاهه هئڻ جي صورت ۾ راند چڱو وقت وٺي ٿي. سمجهو سمجهي ويندا آهن ته ڪُملھه پئي ٿئي، نه ته عام ماڻھو سچي ملھه کي ڪملھه ۽ ڪملھه کي سڌي راند سمجھڻ جي غلطي ڪري وجهندو آهي. انعام به ڪُملھه ڪندڙ کي سچي ملھه واري کان جهجهو پوندو آهي، جنهن ڪري ڪيترا پهلوان ڪملھه ڪرڻ تي مجبور ٿي پوندا آهن. وڏڙا ٻڌائين ٿا ته رستم سنڌ شير ميربحر پنهنجي دور جي سمورن پهلوانن کي سوايو ماريو، رڳو رستم پاڪستان سيد سمن شاهه ئي اهڙو پهلوان هو، جنهن شير کي گھڻو ماريو جو ان وقت هِي جواني چڙهي پيريءَ ۾ پير پائي چڪو هو ۽ سيد سمن شاهه ڦوهه جوانيءَ ۾ هو. هڪ ڀيري محبڻ شاهه جي ميلي تي شير ميربحر جي پٽ منور کي پهلوان علي حسن شيخ جي ننڍي ڀاءُ الھه بچائي شيخ ڌڪ ڏئي ٻئي ملهون ماريون. ان وقت شير سنڌ جو منهن ڪاوڙ ۾ لال ٿي ويو. ملاکڙي ۾ ويٺل پنهنجي دوست کي چوڻ لڳو: “پهلواني هنن کان زور آهي، ان وهيءَ ۾ اسان سان جيڪو هڪ ملھه وڙهندو هو سو ٻِي ملھه ڪندو ئي نه هو ۽ هي هيٺيون پاسو ڪنهن کي به نٿا ڏين!”
پهلوان شير ميربحر کي 1947ع ۾ ملهن جي قومي ڪوچ جي ذميواري سونپي وئي، جنهن کي هو خوش اسلوبيءَ سان نڀائي رهيو هو پر جڏهن 1977ع ۾ وردي پوش ڊڪٽيٽر جنرل ضياءَ پاڪستان جي اڳوڻي وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ته شير ميربحر جي نوڪري ختم ڪئي وئي، جنهن خلاف هن عدالت ۾ ڪيس ڪيو. ڪورٽ سندس حق ۾ فيصلو ڏنو پر جڏهن 1984ع ۾ کيس گڙدن جي بيماري وڪوڙي وئي، تڏهن سرڪار هن عظيم پهلوان جي سهائتا ڪرڻ بدران سندس قومي ڪوچ واري نوڪري به ختم ڪري ڇڏي.
جرمن چوڻي آهي ته “جنهن قوم وٽان راندين جا ميدان ختم ٿي وڃن سمجهو ته اها زوال طرف وڌي رهي آهي.” شير ميربحر جي دور ۾ ڀارت ۾ ڊوڙ جو عظيم رانديگر مليکا سنگھه موجود هو. اڄ انڊيا ۾ مٿس فلمون پيون ٺهن. ايئرپورٽ کان وٺي ڪيترائي ادارا ان جي نالي منسوب ڪيا ويا آهن پر اسان واري سرڪار پهلوان شير ميربحر جي نالي سان سکڻو ايوارڊ ئي جاري نه ڪيو آهي. ڀلي ته سرڪار سڳوريءَ کي تاريخ جو هي املھه پهلوان ياد نه هجي پر هو سنڌي ماڻهن جي دلين ۾ زندهه آهي ۽ سندس نالو صدين تائين ساڳي عزت ۽ احترام سان کنيو ويندو.
***

انور پيرزادو: ڀٽائيءَ جو شِش، سنڌپرست قلمڪار

کاهوڙي اديب، صحافي، کاٻي ڌر جي نظرياتي سياسي ڪارڪن، ڪورٽ مارشل ٿيل فلائيٽ آفيسر، ڀٽائيءَ جي شِش ۽ سنڌ پرست انسان انور پيرزادي جي شخصيت ۽ ڪم بابت گھڻو ڪجھه لکجي چڪو آهي، ان ڪري ورجاءَ کان بچڻ لاءِ آئون ساڻس گھاريل گھڙين جو ذڪر ڪندس. وڏيءَ وٿ جهڙيون اهي يادگيريون ٽيويهن ورهين جي عرصي تي ڦهليل آهن. سالن جي صحبت باوجود هن جي ڪچهريءَ جي اُڃ سدائين سائِي رهِي. جهڙو صورت جو سدا ملوڪ هو، اهڙو ئي ڳالھه ڪرڻ جو ڏانءُ هئس. پنهنجي به ٻڌائبي پر ٻئي کي به ڌيرج سان ٻڌبو ۽ ڳالـھه دل سان لڳي ته بي اختيار اهڙو داد ڏبو جو آڏو واري ماڻھوءَ جي دل جي مکڙي ٽڙي پوندي.
ڳوٺ جي رواج مطابق اسان وٽ پاڻ کان وڏي کي ڀائو، پيءُ جي عمر جيڏي کي ڪاڪو ۽ پيءُ کان وڏي کي ڏاڏو چئي مخاطب ٿبو آهي. سو انور صاحب، اسان هڪ جيڏن جو ڪاڪو انور هو. آئون پنجن ورهين جو هوندس جو ڏسندو هئس ته هُو صبح جو سوير فقير يارمحمد جي مئخاني تان نڪري اتر رخ رکندو هو. موهن دڙي جي کنڊرن کي ڏسي، اوڀاريون پاسو وٺي وڃي سنڌوءَ جي ڪپ تي پهچندو ۽ اتان ڏکڻ ڏئي ٻلهڙيجيءَ جي ملوڪ شاهه درگاهه وٽان چڙهندو؛ ڪي پل اتي ويهي ڪنڀرن جي آويءَ تي پهچندو هو.
هن جو پرائمري استاد ٿيڻ، پرائيويٽ ايم اي انگلش ڪري سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ انگريزي پاڙهڻ، اتان ڪميشن ڪري پاڪستان ايئر فورس ۾ فلائيٽ آفيسر ٿيڻ ۽ ڪورٽ مارشل ٿي قيد ڪاٽڻ، اسانجي عمر کان اڳ جا واقعا آهن، جيڪي ٻاروتڻ ۾ وڏن واتان ٻڌاسين. ان کان علاوه سندس مشهور نظم “اي چنڊ ڀٽائيءَ کي چئجانءِ” به ڪيترن ئي ڳوٺائين واتان ٻڌي چڪو هئس پر ڪاڪي انور سان دوستاڻي ويجهڙائپ 1983ع ۾ تڏهن ٿي، جڏهن آئون ڇهين درجي ۾ پڙهي رهيو هئس. فقير يارمحمد جو مئخانو سندس ٿاڪ هوندو هو. اتي ڀٽائيءَ جي بيتن تي فقير يار محمد، انور، ڀائو لطف، ميهر ۽ ٻين جا بحث مباحثا جاري رهندا هئا پر فقير يار محمد جي موجودگيءَ ۾ سياست تي ڳالهائڻ ممنوع هو، جڏهن ته اهو زبردست نظرياتي سياست وارو دؤر هو. فقير جي غير موجودگيءَ ۾ سياسي گفتگو به ٿي ويندي هئي. ڪاڪو انور ڪميونسٽ پارٽيءَ سان سلهاڙيل هو ۽ آئون جيئي سنڌ جي ذيلي تنظيم لطيف سنگت ۾ هئس.
سخي شاهه جمال جو ٻارهو هو. ڪاڪو انور بابي کي چوڻ لڳو: “ادا اڪن! اقرار هاڻ اسان سان ڪچهريون ۽ بحث مباحثا ڪري ٿو، سڀاڻي جي ڪافر ٿي وڃِئي ته اسان کي ميار نه ڏجانءِ.” بابا انهيءَ ڳالھه جو ايڏو اثر ورتو جو ڪجھه ڏينهن بعد مڊل اسڪول موهن جو دڙو جي هيڊ ماستر سائين شاهنواز جوڻيجي وٽ پهچي ويو. سائين مڙيوئي ڪنن کان ڪجھه گھٻرو هو، ان ڪري بابا کي ڳالھه سمجهائڻ ۾ وڏي محنت ڪرڻي پئي. پر جڏهن مقصد جي ڳالھه ڪري چڪو ته “اقرار کي اسڪول ۾ قرآني تعليم به ڏيو” تڏهن سائين شاهنواز جوڻيجي چيس: “تو وارو ڇورو هونئن ئي نڀاڳو ۽ ٽوٽي آهي، ويتر عربيءَ جو بار وڌوسين ته باقي نور به چٽ ٿي ويندس. الله گنج ڏنو اٿئي، پُٽ کي حافظ ڪري پِن جون مانيون کارائيندين ڇا؟” بابا اسڪول کان موٽڻ بعدڏاڍو ڏکارو هو، ڄڻ کيس وهم ويهي ويو ته سندس ڇورو دين ايمان کان ويو!
ڪاڪي انور سان وڌيڪ ويجهڙائي تڏهن ٿي جڏهن ايم آر ڊي تحريڪ جي رپورٽنگ ڪرڻ واري ڏوهه ۾ جيل ڪاٽي ٻاهر آيو. تڏهن ساڻس منهنجون ڪچهريون منهنجي تنظيمي دوستن کي نه وڻنديون هيون، کين اهو ڊپ هو ته متان سندن تيار ڪيل قومپرست ڪارڪن ڪميونسٽن جي اثر ۾ نه اچي وڃي. منهنجي ننڍپڻ جي دوست ۽ سياسي رفيق انور جونيئر به هڪ ڀيري اهڙو خدشو ظاهر ڪيو ته چيومانس: “سائين جي ايم سيد جي اکين واري سنڌ ته ڪاڪي انور جي ڳالهين ۾ موجود آهي.” پوءِ انور جونيئر به اسانجي ڪچهرين ۾ شامل ٿيڻ لڳو ۽ مون کان وڌيڪ ڪاڪي انور جي قرب ۾ ڪڙجي ويو.
1986ع ۾ ڪامريڊ ڄام ساقيءَ جي آزاديءَ کان پوءِ ڪميونسٽ پارٽي ٻن گروپن ۾ ورهائجي وئي پر هي يار ٻنهي کان ڪنڊائتو رهيو. انهن ڏينهن ۾ اسان ڳوٺ ۾ جيئي سنڌ جو يونٽ کولي، هڪ چوڪ تي ڪهاڙيءَ وارو ڳاڙهو جهنڊو جهولايو ته اها ڳالھه اسان جي ڪميونسٽ دوستن کي ڏاڍي ڏکي لڳي هئي. جيئن ته اسان کي ان وقت سياسي ڄاڻ به گھٽ هئي ۽ ڪميونسٽ دوست اڪثريت ۾ به هئا ۽ اڪثر بحث مباحثا ڪندا رهندا هئا. اسان جڏهن دليلن ۾ کٽي پوندا هئاسون ته ڪاڪو انور اسان جو وڪيل بڻجي ويندو هو ۽ کين اهڙيون سڌيون ٻڌائيندو هو جو ڪميونسٽن جي ڪنن جو پاپڙيون ڳاڙهيون ٿي وينديون هيون ۽ اهي خائف ٿي چوندا هئس “اڇا! جي ايم سيد جيئي سنڌ محاذ جو چيئرمين اوهان کي مقرر ڪيو آهي! اسان ته عبدالواحد آريسر ٻڌو آ.” سچ به اهو آهي ته ڪاڪو انور جيئن جيئن ڪميونسٽ پارٽيءَ کان پري ٿيندو ويو، تيئن تيئن سنڌ ۽ ڀٽائيءَ ۾ مستغرق ٿيندو ويو ۽ سڄي سنڌ جي اکين جو تارو بڻجي ويو، هن جي شخصيت غير تڪراري بڻجي وئي ۽ سنڌ جو هر ساڃاهه وند ساڻس غيرمشروط محبت ڪرڻ لڳو.
انور صاحب جي شخصيت جو اهم پاسو ملنساري ۽ عواميت هئي. هن کي عوامي رنگ ۾ رڱجڻ لاءِ ڪو ڏيکاءُ ڪرڻ جي ضرورت نه پوندي هئي. هُو هارين نارين، ڌنارن ۽ ملاحن سان ڀاڪر پائي ملندو هو. کانئن سندن ڪرت بابت پڇندو هو ۽ اهي کيس ڏسي ٺريو پيا ٺرندا هئا. انور صاحب شاهه جي رسالي ۾ سنڌ ڳوليندو هو. هن ڀٽائيءَ جي پينارن جو پيڇو جاري رکيو، ان ڪري هن سنڌ جا سڀئي طبعي ڀاڱا به ڀيٽيا ته لس ٻيلو، روهي ۽ سنگھر پٽيون به گھميو ۽ جتي جتي به ويو، اتي ڀٽائيءَ جي لفظن جي نت نئين معنيٰ معلوم ڪيائين، جيڪا جڏهن علمي محفلن ۾ انور جي واتان بيان ٿيندي هئي ته ٿڌن ڪمرن جي هيراڪ دانشورن کي ڏندين آڱريون اچي وينديون هيون. سنڌ گھمندي اتان فون تي ٻڌائيندو هو ته ڀٽائيءَ جو هي لفظ هِن جاءِ تي هِن معنيٰ ۾ استعمال ٿي رهيو آهي. ڀٽائيءَ کي سمجھڻ جي حوالي سان هن جو وڏو ذريعو ڌراڙ، پنهوار، هاري ناري ۽ مٽيءَ جا ماڻهو هئا. هڪ ڏينهن فون ڪري ٻڌايائين ته “لاڙ جي هڪ ڳوٺاڻي اسان کي صلاحيندي چيو ته “چوکن کي ڏنءُ ڏنو آهي، اهي کائي پوءِ وڃو. سو مسٽر، ڀٽائي چوي ٿو ته “مون کي ڏنءُ ڏيئي، وڃي ڍوليو ڍٽ قراريو” معنيٰ ته اها سنهڙي ۽ اثر واري باهه آهي، جيڪا چانورن کي ڳاري ٿي.” اهو سندس مخصوص انداز هو.
ڪاڪو انور جڏهن ڳوٺ هوندو هو ته اسان جا مهين دڙي، ديهه لانياري، ڪچي توڙي پڪي جا پنڌ هوندا هئا. نئين وٽ وٺڻ، ٻير ميڙڻ، پلي پٽڻ، پيرون ۽ ڪارڙا کائڻ، هنداڻا، گدرا يا ڏڌڻي کائڻ لاءِ نڪري پوندا هئاسين. هو ڪچي واسين کان اتان جي وٿن بابت احوال وٺندو رهندو هو. هڪ ڏينهن گورک پان ڪاڙهي پيارڻ جي فرمائش ڪيائين ۽ اڌ ڪلاڪ تائين ان جي فائدن تي ڳالهائڻ بعد هڪ ڳوٺاڻي کي چيائين “اهو ٻڌاءِته گورک پان ڪهڙي هنڌ تي ٿيندو آهي؟” همراهه شرمائيندي جواب ڏنس: “جتي گڏهن جي لڏ سڏ هوندي آهي، گورک پان اُتي ٿيندو آ سائين.!”
هڪ ڏينهن ڪچي وڃڻ لاءِ سنبريو، شاهنواز پيرزادو به ساڻس گڏ هو. درياهه ٽپندي رات پئجي وين. پاتڻي کين لاهي روانو ٿي ويو. ٿورو اڳتي هليا ته پاڻي ڏسڻ ۾ آين. هنن پاڻيءَ ۾ گھڙڻ جو جوکم کڻڻ بجاءِ ۽ رات اتي ئي رهڻ جو فيصلو ڪيو. همراهه جهونجهڪڙي تائين لئي جي ٽارن کي وڇاڻو ڪري ويٺا رهيا. صبح ٿيڻ تي خبر پين ته اتي پاڻي پنيءَ ٻوڙ به نه هو ۽ ٿورو ئي اڳيان ته سُڪ لڳي پئي هئي!
ڪاڪو انور چوندو هو ته سنڌ جي دردن جو درمان ڀٽائيءَ جي فڪر ۾ آهي. اسان اهل ڪتاب قوم آهيون، جنهن وٽ پنهنجو رسالو آهي. دنيا لاءِ پيغام آهي، ڀٽائيءَ جو فڪر ۽ فلسفو ئي ڪُل عالم کي امن جو آماجگاه بڻائي سگھي ٿو. فلسفو هيءُ آهي “مفتي منجھه وهار ته قاضي ڪاڻيارو نه ٿئين.” ڪاڪو انور چوندو هو ته سنڌ جا احسان ته ڳاڻيٽي کان ٻاهر آهن پر ڀٽائي سنڌ کي به وسعت ڏني آهي. شاهه پنهنجي شاعريءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جا سمورا لهجا ڏئي سبي، مڪران، لس ٻيلي، ڪاڇي، ٿر، ڪوهستان، ڪڇ ڀڄ ۽ لاڙ اتر کي گڏي ڇڏيو آهي. اڄ جيڪڏهن انهن علائقن جا ماڻھو هڪ ٻئي جي ٻولي سمجهن ٿا ته اها ڀٽائيءَ جي ڪرامت آهي ۽ هاڻ سنڌي ٻوليءَ کان سندن سَڱ ڪير به ڇني نٿو سگھي:
ڇنڻ تان مَ پيو، هي سڱ نه ڇنڻ جهڙو...
انور صاحب جو خيال هو ته شاهه جا رسالا مرتب ڪندڙ سمورن محققن جو شهرن سان تعلق رهيو، جن جو لهارڪي، ڪنڀارڪي ۽ ڪورڪي ڪرت سان ڪو به واسطو ناهي. نه اهي سنڌ جي جانارن کان واقف آهن، نه ئي ولين ۽ وڻن جي سُڌ رکن ٿا. انهن کي “ڪپر ڪارونڀار” جي ڪهڙي خبر؟ اهو ته اسان کي هاري ناري، ڌراڙ، پنهوار، کوهاڻا، ٻيڙياتا، لوهار، ڪنڀار، جت ۽ اوٺي ٻڌائي سگھن ٿا. برابر اسان جي شارحن قرآني آيتن، صوفياڻن اصطلاحن، عربي ۽ فارسيءَ جي عبارتن جون صحيح معنائون ته ڏنيون آهن پر بنيادي سنڌي لفظن جي معنائن ۾ ڌُڪا هنيا آهن، جيئن سوئيرو جي معنيٰ سوئو ڄاڻائي ڇڏيائون.
هڪ ڏينهن انور صاحب سنڌيءَ جي هڪ پاڻ مرادي وڏي شاعر جو مضمون پڙهي باهه ٿي ويو. اُن شاعر صاحب فرمايو هو ته ڀٽائيءَ جي ٻولي متروڪ ٿي وئي آهي. اسان کي مخاطب ٿي چوڻ لڳو “اسان جا وڏا شاعر ۽ عالم پنهنجي گھر کان ٻاهر نٿا نڪرن ۽ وڏي نڪ نرڄائيءَ سان چون ٿا ته ڀٽائيءَ جي ٻولي متروڪ ٿي چڪي آهي. ڀٽائي جي ٻولي ته اڄ به ڳالهائي وڃي ٿي پر ان لاءِ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ لتاڙڻي پوندي.”
1994ع ۾ انور صاحب سان اخبار ۾ گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. روزاني “برسات” ۾ کانئس هڪ ڪم نه ورتو ويندو هو. ڪڏهن نيوز ڊيسڪ ته ڪڏهن ايڊيٽوريل پيج، ڪڏهن رنگين ته ڪڏهن ييلو پيج سندس حوالي هوندو هو جنهن ۾ اقتصادي خبرون ۽ اسٽاڪ مارڪيٽ جا شيئر ريٽ وغيره ڄاڻايل هوندا هئا. اتي به هن ڀٽائيءَ جا بيت ڏيڻ شروع ڪيا. انشورنس جي موضوع تي ، “وت ويمي جو جي لهين ته ٻي ڪار نه ڪرين ڪا...” جهرا بيت ڇاپي هڪڙي اخبار ۾ ڪم ڪندي ڪڏهن به آدم بيزار نه لڳو. سندس ٽيبل آڏو مهمان ويٺا ئي ويٺا هوندا هئا. ساڻن ڪچهري به هلندي رهندي هئي، پنهنجو ڪم به ڪندو رهندو هو. ان جي ابتڙ سندس ويجهو دوست بدر ابڙو ان معاملي ۾ ڏاڍو حساس آهي. گوڙ شور ۾ ڪم نه ڪري سگھندو آهي. ٻنهي کي آفيس جو هڪ ئي ڪمرو مليل هو. بدر صاحب ڪمري جي ڀت تي هڪ نوٽيس هڻي ڇڏيو هو: “دوستو، مهرباني ڪري آهستي ڳالهايو” ۽ انور صاحب ان جي هيٺان ئي لکي ڇڏيو هو: “سينٽرل جيل ڪراچي!”
ڪاڪي انور کي اسان سندس لکڻيون شايع ڪرائڻ لاءِ پيا ستائيندا هئاسين پر هن جو سدائين ساڳيو جواب: “ها ڪتاب ضرور آڻبو، ڪجھه واندڪائي ٿئي- هي ته اخبارن جو پيٽ ڀرڻ لاءِ رف ڪم ڪيو اٿم!” سندس شاعريءَ جو ڪتاب “اي چنڊ ڀٽائيءَ کي چئجانءِ” به شاهه محمد سموريون حُجون هلائي ڇپرايو هو. ڪجھه وقت کان پوءِ نامياري اديب ۽ سندس دل گھرئي دوست محمد علي پٺاڻ هن جي هڪ ڪتاب “ڀٽائي” جو مسودو کڻي سندس آڏو رکندي چيو ، “هن ۾ ٿوري ڪريڪشن ڪري ڏيو، هفتي ڏيڍ اندر ڪتاب آڻيون ٿا.” انور صاحب چيو ته “هي ڪتاب ايڊٽ نه پر ري رائيٽ ٿيندو. گھڻن هنڌن تي مون کان غلط معنيٰ لکجي وئي هئي، جيڪا هاڻ سمجهي اٿم. ٻيو ته هن ۾ ڪجھه اهڙا مضمون آهن، جن تان هٿ کڻي ويو آهيان.” محمد علي پـٺاڻ مايوس ٿي موٽي ويو. انور صاحب جي وفات کان پوءِ “ڀٽائي” توڙي سندس ٻيون لکڻيون جيئن جو تيئن ڇاپيون ويون. جيڪڏهن انور صاحب پاڻ انهن کي نظر مان ڪڍي ها ته اڄ انهن جي شڪل يقيناً ٻِي هجي ها ۽ اهي سنڌ جو قومي ورثو قرار ڏنيون وڃن ها.
ڪاڪي انور جي خواهش هئي ته ڀٽائيءَ جو هڪ اهڙو ڪمپيوٽرائيزڊ رسالو تيار ڪجي، جنهن ۾ جيڪڏهن “هاڙهو” لفظ ٽائيپ ڪجي ته هاڙهي جي تصوير اسڪرين تي اچي وڃي. ان جي ڊيگھه- ويڪر سميت سمورا تفصيل بيان ٿيل هجن: هاڙهي ۾ ڪهڙيون ذاتيون رهن ٿيون، اتي ڪهڙِيون پوکون ٿين ٿيون، اها سڄي معلومات هڪ ڪِلڪ سان ڪمپيوٽر جي اسڪرين تي اچي وڃي. اهڙي طرح هيءَ به سندس خواهش هئي ته سنڌ ۾ هڪ مثالي وسندي هجي، اتي ايتري ته صفائي سٺائي هجي جو ماڻھو بنا جتيءَ جي پيو گھمي ڦري.
مان کيس سندس ماضيءَ جي حوالي سان کوٽيندو رهندو هئس. هُو اسان کي پنهنجي عشقن جا داستان، جيل جا تجربا ۽ ان دؤر جا سياسي ۽ ادبي قصا ٻڌائيندو رهندو هو. هو ٻڌائيندو هو ته سندس پهرين گرفتاريءَ وقت جيل بنگالين سان ڀريل هوندا هئا، جيڪي چانور کائڻ جا شوقين هئا. بنگالي ٻين قيدين کي ماني ڏئي کانئن چانور وٺندا هئا. گھڻو ڪري سڀ قيدي ساڻن کاڌي جو تبادلو ڪندا رهندا هئا پر هن ڪڏهن به اهڙو واپار نه ڪيو. انور چوندو هئن “اسان لاڙڪاڻي واسي به چانورن جي ملڪ جا آهيون، مان پاڻ ٻين قيدين کي ماني ڏئي چانور وٺندو آهيان.”
ڪورٽ مارشل ٿيڻ واري واقعي کانپوءِ ميان لعل بخش پيرزادي ميڊم اشرف عباسيءَ معرفت ڀٽي صاحب کي انور لاءِ سفارش جي درخواست ڪندي چيو: “اسان جي لاڙڪاڻي جي هڪ نوجوان سان ايئرفورس ۾ زيادتي ڪئي وئي آهي...” تڏهن، عوام کي طاقت جو سرچشمو قرار ڏيندڙ ذوالفقار علي ڀُٽي بيگم اشرف عباسيءَ کي مخاطب ٿيندي چيو: “توهان جو اهو لاڙڪاڻي وارو نوجوان هاڻي ته خير سان گھر پهچي ويو آهي پر جهڙو هن خط لکيو هو، اتي جي مان هجان ها ته کيس زندهه نه ڇڏيان ها.”
ڪاڪي انور کي ضيائي مارشل لا ۾ 6 مهينا ڊٽين ٿي. هو اهو سمورو عرصو سکر سينٽرل جيل ۾ رهيو، جتي ايم آر ڊي ۾ شامل ڪيترين ئي جماعتن جا اهم اڳواڻ به قيد هئا. اسان کي ٻڌائيندو هو ته ڊٽين پوري ٿيڻ تي هن کي ٻن جي يو آءِ اڳواڻن سان گڏ هڪ فوجي آفيسر وٽ پيش ڪيو ويو، جنهن جو قد ننڍو ۽ ڪن وڏا هئا. آفيسر ٽنهي همراهن کي غور سان ڏسڻ کان پوءِ چوڻ لڳو: “سکر ضلعي ۾ لکين هندو رهن ٿا، توهان کي غيرت نٿي اچي، اسلامي حڪومت خلاف بد شد ڳالهائڻ بدران انهن سان وڙهي نٿا مرو!”
ڪاڪو انور سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي اڳواڻن بابت ٻڌائيندو هو ته مرحوم رشيد ڀٽي ۽ تاج بلوچ اليڪشن ڪرائڻ کان قسم کڻي ڇڏيو هو، کين ڊپ هو ته سنگت جون چونڊون ٿيون ته قومپرستن جا حامي کٽي ويندا، جنهن جي هنن سخت مخالفت ڪئي. ان سلسلي ۾ ثريا مخدوم اليڪشن ڪرائڻ لاءِ سيڪريٽري جنرل ڏانهن خط لکيو، ته جوابي خط ۾ سيڪريٽري جنرل جيڪا ٻولي استعمال ڪئي، اها نامناسب ۽ انتهائي ڪريل هئي، جنهن تي اسان جدوجهد ڪري کين سنگت جي اليڪشن ڪرائڻ تي مجبور ڪيو. چونڊن ۾ ڌانڌليءَ جي دانهن ڪندو رهندو هو ۽ اڪثر هي مثال ڏيندو هو ته هڪ ڪائونسلر اهڙو به هو جنهن کي رجسٽر تي پنهنجو نالو به صحيح صورتخطيءَ ۾ لکڻ نه پئي آيو. ڀلا جنهن کي پنهنجو نالو لکڻ نه اچي، اهو ڪهڙو ادب تخليق ڪندو. ان وقت تاج بلوچ کيس ٻه ڀيرا بائيڪاٽ ڪرڻ جو مشورو ڏنو پر هن سنگت جي وسيع تر مفاد ۾ بلوچ جي صلاح تي غور نه ڪيو البته ايترو مڃيندو هو ته جي هُو سنگت جو سيڪريٽري ٿي به وڃي ها ته تاج جوئي جيترو ڪم نه ڪري سگھي ها. انور صاحب تاج جوئي جي صلاحيتن جي تعريف ڪندو هو. اهڙي نموني مرحوم منير احمد ماڻڪ جي حوالي سان به اعتراف ڪندو هو ته پاڻ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي اثر هيٺ کانئس پري رهيو، نه ته پارٽي اندر ماڻڪ جي ليول جو ڪو به ماڻھو نه هو، ان ڪري اهي کيس سمجهي نه سگھندا هئا. ماڻڪ ۽ انور رشين ايمبسيءَ ۾ گڏجي ڪم ڪيو پر ڪميونسٽ اڳواڻن جي چوڻ تي انور ماڻڪ کان پري پري رهيو.
انور صاحب شاهه سائينءَ تي ڪيل ڪم جي حوالي سان معمور يوسفاڻيءَ جي تعريف ڪندو هو، چوندو هو: “يوسفاڻي صاحب ساڄي ڌر جو هو، جنهن ڪري کانئس دور رهيس پر مون کي نظرياتي وابستگيءَ کان مٿاهون ٿي کانئس سکڻ گھرجي ها.”
اسان کيس ڳائيندي ڪڏهن نه ٻڌو پر جوانيءَ ۾ اهو شوق به ڪيائين، البته پڇاڙيءَ تائين ڳوٺ جي راڳي فقيرن سان سنگت ۾ شامل ٿيندو رهندو هو. ڪڏهن مٽيءَ تي هٿ هڻندو هو، ڪڏهن ٽلي وڄائيندو هو. شروع ۾ ڏاڏي وريل سان ڍولڪ تي سنگت ڪندو هو. ڳوٺ جي جوڙ کي ٽلي به پاڻ عنايت ڪيائين. سنڌي ڀيروي ۽ سورٺ سندس پسند جا راڳ هئا. اڪثر فنڪارن کي انهن جي فرمائش ڪندو رهندو هو. ڪلاسيڪي موسيقيءَ سان چاهه هئس. 2001ع ۾ آمريڪا ويو ته، اتان مشهور گويي خان صاحب محمد حسين سر آهنگ جون نوَ عدد آڊيو ڪئسٽون آندائين. انور صاحب چوندو هو ته ڀل ڀلان جو ڇيهه ئي ناهي پر صوفي فقيرن ۾ جيئن عثمان فقير ڀٽائيءَ کي پڙهي ٿو، ائين ٻيو ڪو نٿو پڙهي.
ڪاڪو انور لکڻ لاءِ سدائين همٿائيندو رهيو. هن مون کي ڪيترائي ڀيرا سياست کان پاسيرو ٿيڻ لاءِ چيو. مون کي چوندو هو ته: “تنهنجو سياست سان ڇا وڃي، تو ۾ سياستڪار وارو روح ئي ڪونهي. تون بس لکندو رهه!” مان ساڻس ان ڳالھه تي اختلاف ڪندي چوندو هئس ته سڀني سنڌين جو فرض آهي ته قومي غلامي خلاف جدوجهد شامل هجون.” ان تي چوندو هو ته: “تون جيڪا لکڻ سان سنڌ جي خدمت ڪري سگھين ٿو، اها سياسي ڪارڪن جي حيثيت سان نٿو ڪري سگھين. سڀ ماڻھو ووٽر ته ٿي سگھن ٿا پر سياستدان نه.” چوندو هو: “مان سنڌ جي آزاديءَ لاءِ توهان سان متفق آهيان پر هاڻ قومي آزادي گوريلا جنگ سان نٿي وٺي سگھجي. توهان تعليم ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۾ اڳڀرا ٿيو ۽ دنيا سان انٽرنيٽ ذريعي ڳنڍجي وڃو ته اوڀر تيمور وانگر سنڌ کي به آزاد ڪرائي سگھو ٿا.”
ڪاڪو انور 2001ع ۾ سانا جي دعوت تي آمريڪا ويو هو، جتي کيس سانا پاران نڪرندڙ مئگزين جي ايڊيٽر جي ذميواري ڏني وئي پر هڪ پرچي کان پوءِ کانئن ڌار ٿي ويو، واپسيءَ تي ٻڌايائين ته: “ڏيساور جا سمورا سنڌي سنڌوديش جا حامي آهن ۽ سڀ جا سڀ اتي سيٽ ٿي ويا آهن. سندن سنڌ ورڻ جو ڪو امڪان ۽ ارادو ڪونهي پر اسان کي سنڌ ۾ رهڻو آهي، ان ڪري اسان اهڙي ڳالھه نٿا ڪري سگھون. ” پر پوءِ جڏهن نواب اڪبر بڳٽيءَ کي شهيد ڪيو ويو، تڏهن هن هڪ ڪالم ۾ لکيو ته “اسان سنڌي ۽ بلوچ اوڳي اٺ جيان آهيون، جنهن کي ڀلي اوهان مهارون ۽ ناڪيليون هڻو، نيئر ۽ ڏانوڻيون وجهو پر اُٺ جي دشمنيءَ کي هرگز نه وسارجو. اُٺ جڏهن مستيءَ ۾ اچي سوار سان وڙهندو آهي ته اُن جا هڏ گُڏ ڀڃي سندس سيني تي چڙهي ويهي رهندو آهي ۽ ڪن ڏئي سندس دل جي ڌڙڪن ٻڌندو آهي ته ڪٿي ساهه ذري باقي ته نه بچي اٿس!”
ڪاڪي انور آمريڪا ۾ ورلڊ ٽريڊ سينٽر جي عمارت به گھمي ڏٺي، جيڪا ان کان هفتو کن پوءِ دهشتگرد حملي ۾ زمين بوس ٿي پنهنجو وجود وڃائي ويـٺي. اسان ڀوڳن ۾ کيس چوندا هئاسين ته اوهان کي پينٽاگون به ڏسڻ گھرجي ها.
ڪاڪي انور ۽ مون ٻلهڙيجي هسٽاريڪل سوسائٽي ٺاهڻ لاءِ وڏا وس ڪيا، پر ڪامياب نه ٿياسون، جو اسان کي سنگت جي گھربل مدد نه ملي سگھي. هڪ اهڙو ڳوٺ جنهن ۾ شاعرن ۽ صحافين جو انگ 100 کان مٿي هجي ۽ ان ڳوٺ جي 100سالن جي تاريخ تي ڪو ڪم نه ٿيو هجي ته، اها مايوس ڪندڙ ڳالھه ضرور هئي. پوءِ اسان ڪم شروع ڪيو. مون شاعرن، دڪاندارن، کوهاڻن، رانديگرن ۽ ٻين ڌنڌن سان منسلڪ ماڻهن جي فهرست ٺاهي. اڪيلي سر ڪو به ڪم نٿو ٿي سگھي. هر ڪم همراهن سان ٿئي ٿو. ڪچهرين ۽ گھمڻ ڦرڻ ۾ ته ڪيترائي دوست گڏ هوندا هئا پر سندن عملي سهڪار نه ملي سگھيو ۽ اسان ناڪام رهياسين. ها، محمد علي پٺاڻ اسان سان هر ڪم ۾ ساڻ هوندو هو پر تيستائين جيستائين انور پيرزادو ڳوٺ ۾ موجود هوندو هو، ان کان پوءِ نظر ئي نه ايندو هو. اصل ۾ محمد علي، انور صاحب جو عاشق هو. ڪاڪو جڏهن به ايندو هو ته محمد علي پنهنجون سموريون مصروفيتون ختم ڪري ٻلهڙيجي پهچي ويندو هو. پوءِ ٻئي ڪڏهن ڪچي ته ڪڏهن ڪاڇي، جبل، ڀٽ شاهه يا ٻئي ڪنهن ميلي ملاکڙي تي روانا ٿي ويندا هئا. اسان محمد عليءَ کي ڳوٺ ۾ ڏسندا هئاسين ته سمجهي ويندا هئاسين ته ڪاڪو انور يا ته پهچي چڪو آهي يا پهچڻ وارو آهي. ڳوٺ ۾ ڊاڪٽر بشير، انسپيڪٽر طارق، ماما غلام شبير پيرزادو، لطف، انور جونيئر، اصغر انصاري، استاد اختيار پيرزادو، سيٺ قاسم پيرزادو، جانيئڙو سنڌي، پيرباغ علي ۽ ٻيا سندس ساٿ ۾ هوندا هئاسين. گڏجي سچل جي ميلي تي ويندا هئاسين، جتي سندس وارهه جا ذاتي دوست به پهچي ويندا هئا. هن جي سرڪاري اديبن سان گھٽ پوندي هئي، ان ڪري هو عام ماڻهن ۽ فقراءَ وانگر ميلو گھمندو هو. هي فقراءَ جي اکين جو تارو هو، اهي به سندس اچڻ لاءِ باسون پيا باسيندا هئا.
2004ع ۾ انور صاحب جي پهريٽي پٽ زبير ڦوهه جوانيءَ ۾ لاڏاڻو ڪيو ته هن جي ڪاڪ ئي ڪومائجي وئي. زبير هن جو پٽ به هو ته دوست به هو، جيڪو سندس مڌ جي محفلن ۾ ساقي هوندو هو. زبير جا ٻچڙا ننڍڙا هئا. اهو ڪاپاري ڌڪ هو. اسان سمجهيو ته ڪاڪو انور اهو ڌڪ پچائي نه سگھندو پر هن وڏي بهادريءَ سان صورتحال کي منهن ڏنو. برابر هن جو اندر اڌ ٿي چڪو هو پر جي هي به رڙي روئي ته زبير جي ٻچڙن کي پرچائي ڪير؟ زبير جي ٽيجهي واري ڏينهن ڀٽائي سرڪار جو ميلو به شروع ٿي ويو هو. ميلي تي سدائين گڏ ويندا هئاسين، پر هن دفعي اسان پروگرام ڪينسل ڪري ڇڏيو. صبح جو تڏي تي پهتس ته پڇيائين “ميلي جو ڪيئن پروگرام آهي؟” چيم “ڪاڪا! هن ڀيري ميلي تي نٿا هلون. ايندڙ سال گڏ هلنداسين.” توقع جي ابتڙ ردعمل ڏيکاريندي چيائين: “ڪيئن نه هلنداسين يار! ٻيو ڪهڙو در آهي، جتي هلي سور وياڇينداسين؟ مون کي زبير جي موت جي ايف آءِ آر به ڀٽ ڌڻيءَ جي عدالت ۾ درج ڪرائڻي آهي. سامان کڻي اچو، هلون ٿا ميلي تي.” ڀائو لطف کيس سمجهايو ته “تعزيت لاءِ مهمان اچي رهيا آهن، اوهان کين نه ملندؤ ته اُهي مايوس ٿيندا. اسان ماهه پهرين جمعي تي هلنداسين.” چيائين “ٺيڪ آهي پر اقرار ۽ سيٺ قاسم منهنجو خط کڻي ڀٽ شاهه وڃن.” ان وقت جوهيءَ کان ڪجھه دوست تعزيت لاءِ آيل هئا، کين چيائين ته هنن ٻنهي همراهن کي دادوءَ تائين جيپ ۾ کنيو وڃو. اسان ڪاڪي انور جو اهو خط ڀٽ ڌڻيءَ جي پيرانديءَ کان بيهي پڙهيو، جنهن ۾ لکيل هو:
نيل سلامن سپرين، لِک سلامن لوءِ
پهرين چئج پرينءَ کي، پر کي چئج پوءِ
جو ڳڻن سين ڳِڌوءِ، تنهن بندي ٿي بندگيون چيون.

انور صاحب ڪميونسٽ پارٽيءَ مان نڪرڻ بعد سوشلزم ۽ سوشلسٽ اڳواڻن تي وڏي واڪ تنقيد ڪندو هو پر ڄام ساقيءَ وانگر مذهبي نه ٿيو. چوندو هو ته “صوفي وڏا انقلابي ۽ نواڻ پسند آهن، بنياد پرستي ۽ مذهبي تنگ نظريءَ خلاف جيڪا صوفين جدوجهد ڪئي آهي، اها ترقي پسند توڙي ڪميونسٽ به نه ڪري سگھيا آهن.” الله سائينءَ جي تشريح ۾ ڀٽائي صاحب جو هي بيت اڪثر پڙهندو هو:
سو هي سو هو، سو اجل سو الله،
سو پرين سو پساهه، سو ويري سو واهرو.

اهڙي طرح سچل سائينءَ جي هيءَ سٽ به ور ور ڪري پڙهندو هو:
“ديس سچل دا درس درازي، مڪو، نا ملتان...”
چوندو هو: مڪو روحاني مرڪز ۽ ملتان سياسي عسڪري طاقت جو مرڪز هو پر سچل ٻنهي کان درازا واري ديس ۽ ان جي پيغام سان وڌيڪ محبت ڪري ٿو.
2006ع ۽ سندس وني تاج خاتون به وفات ڪئي. جيئن ته چاچي تاج کانئس عمر ۾ به وڏي هئي، ان ڪري جوانيءَ وارن ڏينهن ۾ ڪاڪي انور کيس انتظار ۽ اوجاڳا ڏنا پر جيئن جيئن هن جي عمر وئي وڌندي تيئن تيئن سندس آر پنهنجي ونيءَ تي ٿيندو ويو. جڏهن اهڙِين ڳالهين تي اسان کيس ٽوڪيندا هئاسين ته پنهنجي مخصوص انداز ۾ چوندو هو: “مسٽر ! جڏهن توهان جي عمر پنجاهه ورهيه ٿيندي، تڏهن ان جو اوهان کي احساس ٿيندو، في الحال ڀلي پيا گھمو ڦرو.”چاچي تاجل جي وڇوڙي کيس نهوڙي ڇڏيو. بيماري به سندس جيءَ کي وئي وڪوڙي. زبير جي ٻارن کي به گھڻو ٽائيم ڏيڻو پوندو هئس. ان جي باوجود موقعو ملندو هئس ته سنڌ جون حسناڪيون پسڻ لاءِ نڪري پوندو هو. جيئن اسان واري علائقي جي ڪچي جا ماڻھو سندس اچڻ جو انتظار ڪندا هئا، تيئن جبل جا معرفاڻي به هن لاءِ دڳ ۾ ديد وجهيون ويٺا هوندا هئا. منظور معرفاڻي ساڻس سکر سينٽرل جيل ۾ گڏ رهيو هو، جنهن جي ڪري سڄو تر انور جو واقف ٿي ويو هو. معرفاڻي هر ڀيري کيس کيرٿر جو ڪو نه ڪو گوشو گھمائيندا رهندا هئا. ائين ٿر ۾ به هن جون پڇائون ٿينديون رهنديون هيون.
21 جنوري 2007ع تي سندس ساهه جو پکيئڙو پرواز ڪري ويو. ڪاڪي انور جي لاڏاڻي کان پوءِ ٻلهڙيجيءَ ۾ لطيفي ڪچهرين ۽ بحث مباحثن جو ڄڻ باب ئي بند ٿي ويو آهي:
متارنئون پوءِ، مِٺا مَٽَ مِٽي ٿيا...!

مير محمد پيرزادو

ٻلھڙيجي پنھنجي بيھڪ ۾ اڄ به سنڌ جي ھڪ سهڻي وسندي آھي پر چاليهارو سال آڳاٽي ٻلھڙيجيءَ جي اوڀارين بند تي بيھي ڏسبو ھو ته سنڌوءَ جي سيني تي ترندڙ ٻيڙين جا وڏا وڏا سڙهه نظر ايندا ھئا ۽ پريان نيڻ نھار تائين ٻيلو ھو، جتي تترن جون ٻوليون ٻرنديون رھنديون ھيون ۽ مال جي چڙن جي چونگار ٻڌڻ ۾ ايندي ھئي. اُن ٽاڻي ڪنھن ڌراڙ جي بانسريءَ جي دانهن ڪن پوندي ھئي ته ماڻھو منڊجي ويندو هو. شام ٿيندي ئي درگاھن تي صوفين جا ٻول ٻُرڻ لڳندا ھئا ۽ رات وھامي ڏينھن ٿي ويندو ھو. اھڙو ماحول شاعريءَ لاءِ سازگار ھوندو آھي پر شرط اھو آھي ته آدمي اک الٽي ڌاريندو هجي ۽ سائين مير محمد پيرزادي سان ننڍي لاڪون اهو قلم لاڳو هو. ان ڪري ئي سندس شاعري پڙھندي جتي نج ڳوٺاڻي ٻولي ملي ٿي، اتي اسان ھڪ صدي اڳ واري سنڌ جي سونھن به پسي سگھون ٿا. ساڳي وقت ھن جي شاعري پڙھندي پرينءَ سان ملڻ جي سڪ ويتر وڌي وڃي ٿي. ھي سنڌيءَ جو خواجه غلام فريد آھي، جنھن جي شاعريءَ ۾ موسيقي، ترنم ۽ مٽيءَ جي مھڪ آھي. جيئن خواجه غلام فريد کي روھيءَ جي سونھن شاعر بڻايو، ايئن مير محمد پيرزادي کي مھين دڙي جي ملهائتي مٽيءَ شاعر بنائي ڇڏيو.
ننڍپڻ ۾ ئي ھن جي مشاھدي واري اک غضب جي ھئي ۽ ھو ٻالاپڻ ۾ به شاعر لڳندو ھو. ھن کي قدرتي نظارن، ڪتابن ۽ سر سنگيت سان دلچسپي ھئي. اھو سھڻين اکين وارو ٻالڪ هڪ جيڏن کان اک بچائي وڏن جي ڪچھريءَ ۾ وڃي ويھندو ھو. ھن کي ڏک به پلئه پيا ته محبتون به بي انداز مليون. چئن ڀيڻن جي هِن اڪيلي ڀاءُ تي دعا جو نالو جڙيو رکيل ھو ۽ کيس تقريباً اڌ ڳوٺ جڙيو يا جڙيل سڏيندو ھو.
ميرمحمد پيرزادي جي وڏن جو واسطو درگاه لواري شريف جي نقشبندي صوفين سان آھي، جن جي طريقت ۾ ساز جي ممانعت آھي پر ٻلھڙيجيءَ جا پيرزادا راڳ جا شوقين آھن ۽ انھن ڪڏھن به اھا پابندي قبول نه ڪئي. سائين ميرمحمد جو والد رحمت الله پيرزادو ناجيه جماعت جو اھم اڳواڻ ۽ شاعر ھو. سندس گھڻي شاعري پنھنجي مرشدن جي شان ۾ آھي، جنھن کي اھي قصائص پاڪ جو نالو ڏين ٿا. هُن جون ڪجھه مجازي ڪافيون پڻ چيل آھن. وٽس سڄي سنڌ جا ناجي ايندا رھندا ھئا جن جي ڪچھرين جو موضوع تصوف ۽ علم ادب هوندو ھو. ميرمحمد ننڍي لاڪون اھي ڪچھريون ٻڌندو رھندو ھو. اڄا ٻار ئي ھو جو سندس والد لاڏاڻو ڪري ويو. هن کي پنھنجي چاچي دوست علي پيرزادي پاليو ۽ پڙھايو جيڪو ننڍڙو سرڪاري ملازم ۽ وڏو عيالدار شخص ھو، باقي اھڙو سيبتو، سڄاڻ ۽ ھرفن مولا جو ماڻھو سندس ڏاھپ ڏسي دنگ رھجي وڃن. گھر جي جاءِ ٺاھڻ وقت پاڻ سرون ڪاٿائين، کورو ٺاھي پچايائين. جاءِ جي اوساري پاڻ ڪيائين. ان ۾ ڪرڙ جي ڪاٺين جون پٽيون وڌائين جيڪي به پاڻ وڍيائين ۽ ٺاھيائين. ان جي صحبت ۾ سائين مير محمد گھڻو ڪجھه سکيو.
سنڌ جو هيءَ البيلو شاعر 1944ع ۾ مُهين دڙي جي هنج ٻلهڙيجيءَ ۾ ڄائو. پرائمري پاس ڪري ڏوڪري ھاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتائين. 10 ڪلوميٽر ڏور ڏوڪري رستو نه ھئڻ ڪري ٻلھڙيجيءَ کان ويهن ڪلوميٽر جي پنڌ برابر ھو، جو ان لاءِ بچاءُ بند وٺي حسن واھڻ وڃڻو پوندو ھو، جتان ڏوڪريءَ لاءِ سڙڪ نڪرندي ھئي. ايتري پنڌ تي روزانو اچ وڃ جي ڏکيائيءَ جي ڪري ھيءُ پنھنجي پيءُ جي دوستن وٽ رھيو، جيڪي لوھارڪي ڪرت ڪندڙ ۽ سندن مرشد ڀائي ھئا، جن جا پونئير ھاڻ پٺاڻ سڏائن ٿا. ان دور ۾ ڏوڪري ناجين جو ڳڙهه ھو. قاضي، جوڻيجا، ڀيڄا، ٻُٽ، لوھار ۽ ديوان وڏي زور شور سان چوٿين پاڪ ملھائيندا ھئا. ناجي جماعت وارا صوفي پنھنجي جماعت جي ماڻھن کان علاوه ٻي ساري مخلوق کي غير ناجي سڏيندا آھن. اهي غيرن سان کائڻ پيئڻ، ڀت برادري ۽ سنگت صحبت کان ٽارو ڪندا ھئا پر سائين مير محمد، ڳوٺ جي فقيرن ۽ الھداد ٻوھئي صاحب جھڙن لائق استادن جي صحبت ۾ گھڻو ڪجھه سکيو جن کيس سراپا سيڪيولر بڻائي ڇڏيو ھو، تنھن ڪري ھن ناجين سان بغاوت ڪري غيرناجين سان مجلسون ۽ محفلون ڪيون ۽ پير ڀائين کي ٻڌايو ته سندن اھو عمل حضرت سلطان الاولياءَ جي تعليم جي بنهه ابتڙ آھي، جنھن ۾ ھي گھڻي قدر ڪامياب ويو ۽ اڄ صورتحال اڳي کان مختلف آھي.
سائين ميرمحمد جو چاچو ڪريم بخش عرف ڪلو قلندري طريقت وارو جلالي فقير ھو، جنھن جو ڳوٺ ٻاھران آستانو ھو، جتي ٻه ٻارا سبزي به ڪندو ھو. ھُو نشي پتي کان پري ھو. پنھنجي طبيعت وارو ماڻھو ھو. ھمراه جي زال ذات سان ھرگز نه پئِي. مائيءَ جي ھٿ جي پچايل ماني به ناھي کائڻي. ‘پاڻ پچايون پاڻ ئي کائون’ وارو ڪم ھو. ڪڏھن اوتاري ۽ دل جا اڱڻ هر ڪنهن لاءِ کولي ڇڏيندو ھو ته ڪڏھن جلالپ ۾ اچي ڪنھن کي به ويھڻ ئي نه ڏيندو ھو پر ھن، پنهنجي ڀائٽي جو سدائين خيال ڪيو، جو اھو ھن لاءِ مُئيءَ مٽيءَ جي نشاني ھو ۽ ٻيو ته هيءُ سٻاجھو ۽ انتھائي ھوشيار شاگرد ھو. مئٿ ۽ الجبرا جو ماھر ھو ۽ اسڪول واري زماني ۾ به ٻارن کي مئٿ جي ٽيوشن ڏيندو ھو جنھن ڪري ڏاڏي ڪَلي سميت علم ادب سان چاهه رکندڙ کيس ڀائيندا ھئا. ھي اڃا مئٽرڪ ۾ ھو ته فقير يار محمد، سخي شاهه جمال جي درگاهه تي مئخانو قائم ڪيو، جنھن جي ڏاڏي ڪلي سخت مخالفت ڪئي. (فقير يارمحمد ليکڪ ۽ صحافي انور پيرزادي جو وڏو ڀاءُ ۽ سائين مير محمد جو ماسات ھو) ڏاڏو ڪلو پاڻ بگي ڳوٺ ٻاھران درگاهه حمر پير تي آستانو اڏي ويٺو.
فقير يارمحمد جي مئخاني اڏڻ کانپوءِ ٻلھڙيجي ڄڻ ته سُر وادي بڻجي وئي، جتي ھر وقت تند تنوار پئي گونجندي ھئي. ڪڏھن ڪڏهن ڪلاسيڪل فنڪار به پهچي ويندا ھئا، نه ته يڪتاري ۽ کڙتال تي ڳوٺ جا فقير پيا ڳائيندا ھئا. ان دوران شاهه جي بيتن تي قيل مقال به ٿيندي رهندي ھئي. ان ئي دور ۾ سائين مير محمد ۽ انور صاحب ڀٽائيءَ کي پڙھڻ شروع ڪيو. فقير، شاهه سائينءَ جا بيت عقيدت ۾ پڙھندا ۽ ان جي پنھنجي سوچ مطابق تشريح ڪندا ھئا پر سائين مير محمد انھن جي نئين نموني سمجهاڻي ڏيندو ھو. باقي راڳ ۽ موسيقيءَ سندس جيءُ جڪڙي ڇڏيو ھو. ھن جو گھڻو ويھڻ فقير يارمحمد جي مئخاني تي ٿيندو ھو، جتي مريد ماڇي، جھانگي ماڇي، ھاشم فقير ممڻاڻي ۽ ٻيا ويراڳ ڪندا ھئا ۽ ھي کانئن مختلف راڳن جون فرمائشون ڪندو رھندو ھو. اُتان اٿي ڀرپور فقير جي مئخاني تي پھچندو جتي کوھيءَ تي نار چڙھيل ھوندو ھو. اهو اسان جي تر جو سڀ کان سهڻو ۽ ڪلاسيڪل مئخانو هو. گرميءَ جي موسم ۾ سڄو ڳوٺ ڀرپور فقير جي مئخاني تي اچي سنان ڪندو ھو. فقير خوشيءَ سان ماڻھن کي وھنجاريندو رهندو هو پر جي اتي ڪنھن وضو ڪيو ته فقير ان کي مئخاني مان ئي تڙي ڪڍندو ھو. سائين مير محمد روزانو ڀرپور جي مئخاني تي اچي سنان ڪندو ھو، جتي هن سان شاهه جو رسالو ساڻ ھوندو ھو. اتي وھنجي سھنجي فقيرن کي ڀٽائيءَ جا بيت ٻڌائي ملوڪ شاهه جي درگاهه تي پھچندو ھو جيڪا ٻلھڙيجيءَ جي ڏکڻ اوڀر بچاءَ بند ڀرسان ڪچي ۾ آھي. اهو انتھائي خوبصورت ماڳ آھي پر ان جو اڳوڻو حسن اڃا به اؤر ھو. ٻٻرن، ٽالھين، نمن ۽ ٻيرن جا وڏا وڻ ۽ سامھون مست الست سنڌوءَ جون موجون... ملاحن جي ٻيڙين وارو ڳوٺ ۽ ڪنڌيءَ تي نسريل ڪانھن...!
درگاهه جو ٻھاريدار مزنو فقير ننھن کان چوٽي تائين سراسر راڳ ھو. ڇماھيءَ تي سندس مرشد کيس درشن ڪرائڻ ايندا ھئا ۽ ٻلھڙيجي گيڙو رنگ ۾ رنگجي ويندي ھئي. راڳ تي سائين مير محمد جي ڪچھري جاري رھندي ھئي. ان وقت انور پيرزادو، مرحوم بيگ محمد پيرزادو، مرحوم خان پيرزادو، مرحوم محمد بخش پيرزادو، مرحوم گل حسن پيرزادو (جيڪو پڻ خوبصورت شاعر ھو)، محمد قاسم عرف جانيئڙو سنڌي ۽ ننڍي عمر جو لطف پيرزادو سندس ساٿ ۾ شامل ھوندا ھئا، جيڪي سڀ جا سڀ شاعريءَ سان چاهه رکندڙ ۽ راڳ سان محبت ڪندڙ ھئا. سائين ميرمحمد کانسواءِ ٻيا سمورا والي بال کيڏندا ھئا ۽ سائين وري شام جي وقت سندن راند ويھي ڏسندو ھو. هن جو باقي وقت موسيقيءَ لاءِ مخصوص ھو. ھمراھن جا ٽنھي مئخانن ڏانھن پنڌ ھوندا ھئا. تڏهن لائوڊ اسپيڪر نه ھئا. گوڙ گھٽ ھو، آواز پري پري تائين ٻڌبو ھو. جتي راڳ ھلندو ھوندو، ھمراھن جي ٽولي اتي پھچي ويندي ھئي. سڄي رات راڳ ۽ ڪچهري... جڏھن ڪُڪڙ پويان دس ھڻندا ته ھي مئخاني مان اٿي گھر موٽندا ھئا. ان ٽاڻي جنڊ جا گھرڪا ۽ ولوڙن جون وايون، هن ڳالھه جي ڄڻ شاهدي به هيون ته ڀاڳيا پنھنجو مال ڇوڙي جهنگ پاسي اُسهي چڪا آهن. مير محمد پيرزادي جي شاعريءَ ۾ اهي منظر اڄ به پسي سگھجن ٿا:
چوڌاري چڙن، رات رڱي آ راڳ سين،
تن کي وڌ وڻائيو، دس ھڻي ڪُڪڙن،
جيڏيون جِھو جنڊن، مزو موسيقيءَ ڪيو.

ھن جا دوست ٻڌائين ٿا ته ھمراهه جي راڳ سان اھڙي لنئون لڳي جو نه رڳو مروج راڳ ۽ راڳڻيون سمجھي سگھندو ھو پر وڏن وڏن راڳن تي به نالا رکندو ھو. سھڻي، سنڌي ٽوڙھي، ڪوھياري، ڪلياڻ ۽ سورٺ جھڙيون ڏکيون راڳڻيون به ڪري ويندو ھو. ھمراهه جا آواز سٺا ھجن ھا ته حسابن جي عالم، شاعر ۽ ليکڪ سان گڏ سندس سڃاڻپ ڪلاسيڪل راڳيءَ واري به ھجي ھا پر آواز خدا جي دين آھي. ٻيو ڪنھن جاءِ تي کيس کُٽڻو به ضرور ھو. انور صاحب سان به اھا ئي مجبوري ھئي ۽ اھو وري ڍولڪ وڄائي دل جي باهه ماريندو ھو. جڏھن سمورا فنڪار ڳائي ويندا ھئا ته آخر ۾ ڏاڏي وريل کي وارو ملندو ھو جنھن کي سازن جي گھڻي ضرورت نه پوندي ھئي. يڪتاري تي ڳائيندو ھو ۽ ڪاڪو انور ڍولڪ کڻي سندس پاسو وٺندو ھو. ايئن ٻئي ڄڻا پنھنجي پنھنجي منھن سان فن جي مظاهري ۾ مصروف رهندا هئا.
سائين مير محمد مئٽرڪ دوران ئي شاهه جي رسالي جي مطالعي سان گڏ مصري شاهه، سچل، بيدل، حمل فقير، خوش خير محمد ھيسباڻي، نانڪ يوسف، فيض دريا، ولايت شاهه ۽ ٻين صوفي شاعرن جو ڪلام پڙھي ورتو هو. ڳوٺ جي راڳي فقيرن کي انھن جون ڪافيون لکي ڏيندو ۽ ياد به ڪرائيندو ھو ۽ ڪافين جي مناسبت سان کين ڀٽائيءَ جا بيت به ٻڌائيندو ھو. وڏڙن چواڻي: ان وقت فقير يار محمد جي مئخاني تي سڀ دونھيندار فقير ۽ ڦٽيل عاشق اچي آھٽ ٿيندا ھئا، جتي سر سنگيت، شاعري ۽ ڀٽائيءَ جا بيت ھوندا ھئا. لڙڪن لارون ھونديون ھيون. آھون ۽ دانھون ھونديون ھيون. اهي دل جو درد شعرن ۽ ڪافين ڪلامن ۾ پيش ڪرڻ چاھيندا ھئا جو سندن محبوب به آس پاس محفل ۾ موجود ھوندا ھئا. گھڻن مشقِ سخن ڪئي. ان وقت اسان جي تَر ۾ اڃا ترقي پسند ادب ۽ فڪر نه پھتو ھو، البت بزم طالب الموليٰ جي پليٽ فارم تان مخزن شايع ٿيندا ھئا، جنھن ۾ مخدوم صاحب جون ڪافيون شايع ٿينديون رھنديون ھيون. سائين ميرمحمد اھي ڪافيون فقيرن کي پڙھي ٻڌائيندو ھو. گڏوگڏ پنھنجي شاعري به مخدوم صاحب جي نالي سان ٻڌائڻ شروع ڪيائين. سڀني واهه واهه ڪئي، ڪن ٿڌا ساھه ڀريا. ڏهه ٻارھن ڪافيون ٻڌائي اعلان ڪيائين ته اھي ڪافيون هِن پاڻ لکيون آھن ته انور صاحب سميت سندس سمورا دوست ۽ فقير يارمحمد، وڏيرو امام بخش، ڏاڏو غلام حسين ۽ ٻيا پارکو حيران ٿي ويا ۽ ان کانپوءِ سائين ميرمحمد کي ھڪ وڏي شاعر جيتري مڃتا ڏيڻ لڳا.
زرعي ڪاليج ٽنڊو ڄام ۾ داخلا وٺڻ کانپوءِ کيس مطالعي جو سٺو موقعو مليو. اڳتي هلي جيئن ئي هن چئن سالن جو ڪورس پورو ڪيو ته کيس سڪرنڊ فارم تي ريسرچ آفيسر جي نوڪري ملي ۽ ھُو اُتان جو ٿي ويو. منھنجي ڳوٺ جا ماڻھو سائين مير محمد جي لاءِ اھا ميار ڏيندا آھن ته ھُن ٻلھڙيجيءَ کي بلڪل وساري ڇڏيو آھي پر آئون چوندو آھيان ته سندن شاعريءَ ۾ ٻلھڙيجي موجود آھي.
مير محمد پيرزادي 1980ع ڌاري ٻلهڙيجي ڇڏي وڃي سڪرنڊ جا وڻ وسايا. اسان جي ٽهي کيس ٻلهڙيجيءَ ۾ نه ڏٺو. سڪرنڊ ۾ کيس وڏن شاعرن، اديبن ۽ قومي ڪارڪنن جي صحبت ملي. اڄ سائين مير محمد کي بھترين شاعر، نثرنويس ۽ فڪرِ سيد جي پرچارڪ طور سڄي سنڌ سڃاڻي ۽ پيار ڪري ٿي. ميرمحمد پيرزادي جي شاعريءَ ۾ سنڌوءَ جي رواني، موج مستي، صوفين واري سرشاري، بيباڪي، حسن پرستي ۽ سڄي سنڌ جي سونھن سمايل آھي. سندس شاعري سورهن ورھين جي ڪنهن الھڙ کي به متاثر ڪري سگھي ٿي ته عمر ڀر آزاديءَ لاءِ وڙھندڙ جونجهار کي به حوصلو بخشي ٿي.
‘مکڙيون ماڪ ڦڙا’ ۽ ‘ليار نيڻن ۾ ڦُٽا’ جھڙا شاعريءَ جا ڪتاب ڏيندڙ سُھڻو سرجڻھار سڪرنڊ ۾ ڪيئن ٿو گھاري؟ اھو ته سڪرنڊ جا دوست ئي ٻڌائي سگھن ٿا. منھنجو دوست سائل پيرزادو جيڪو پاڻ به خوبصورت نثرنويس ۽ شاعر آھي، ان وٽان خبرون پونديون آهن ته اڄ به سائين مير محمد نوجوان شاعرن جي ايئن رھنمائي ڪري ٿو جيئن ننڍپڻ ۾ اسڪولي شاگردن جي مئٿ ۽ الجبرا ۾ رھنمائي ڪندو ھو، جن مان ڪيترن مون کي ٻڌايو ته کين ٻين استادن کان ڪڏھن به مئٿ ۽ الجبرا سمجھه ۾ نه آئي پر سائين مير محمد جي سمجھاڻي سندن ذھن ۾ ويھي ويندي ھئي. جيڪڏھن کين سائين ميرمحمد جو ڌيان نصيب نه ٿئي ھا ته اھي مئٽرڪ ۾ مئٿ جو پيپر ڪڍي نه سگھن ھا جو تڏھن ڪاپي جو تصور ئي نه ھو.
قومي تحريڪ جي حوالي سان سائين مير محمد جو تمام گھڻو ڪم آھي. 1976ع ۾ جيئي سنڌ محاذ جو ميمبر ٿيو ۽ اڃا تائين محاذ سان لاڳاپيل آهي. مختلف وقتن تي قومي تحريڪ مٿان ڪيترائي حملا ٿيا ڪڏھن سوشلزم جي نعري کي بنياد بڻائي ٽوڙ ڦوڙ ڪئي وئي ته ڪڏھن مزاحمتي جنگ جا نعرا ھڻي قومي هلچل جي پٺيءَ ۾ خنجر ٽنبيو ويو پر سائين مير محمد چواڻي : “سنڌ سمورن نظرين کان اتم ۽ اعليٰ آھي. نظرين جي آڙ ۾ قومي تحريڪ کي ٽوڙڻ سنڌ سان غداري برابر آھي.” سياست ۽ ادب ۾ سائين مير محمد جيترو ڪم ڪيو آھي ان حوالي سان کيس اھا مڃتا نه ملي سگھي آھي جيڪا ھي لھڻي پر منھنجو اھو ايمان آھي تاريخ ڪنھن به انسان جي پورهئي ۽ سچائيءَ کي ضايع نه ڪندي آهي.
**

استاد ملوڪ عباسي؛ سگھڙائپ ۽ سنڌي ثقافت جو مجدد

اسان جي ڳوٺ ۾ مڱرين فقيرن جي ڪاڄن تي سگھڙن جي محفل ڏسڻ وٽان هوندي هئي. سگھڙ ثقافتي ويس وڳا ڪري اسٽيج تي پلٿي ماري ويهندا ۽ جوڙي جوڙي ٿي فن جو مظاهرو ڪندا هئا. ويٺلن مان ٻه سگھڙ اٿي هڪٻئي جي سامهون اچي بيهندا؛ هڪڙو چئي بس مس ڪندو ته ٻيو شروع ٿي ويندو هو. هڪڙي جوڙي ويندي هئي ته ٻي اچي وارو وٺندي هئي، ايئن رات وهامي ڏينهن ٿي ويندو هو.
سگھڙن جي محفل ۾ هر رنگ هوندو هو: الله، رسول، پنجتن پاڪ ۽ بادشاهه پير جي ثنا. نبين، ولين، پيرن فقيرن جي ڪرامتن جا منظوم قصا، سنڌ جا رومانوي داستان ۽ لوڪ ڪهاڻيون، سورهن سخين ۽ ڏهن ڏاتارن جي شان ۾ ڪلام سان گڏ مجازي رنگ ۾ مزاح جي چاشنيءَ وارا شعر، وچ وچ ۾ سوکڙي (ڳجهارت) به اچي ويندي، پوءِ ته هرڪو ان کي ڀڃڻ ۾ مصروف ٿي ويندو: ڪو پکين جا نالا کڻندو، ڪو ذاتيون ڳڻائيندو، ڪو شهرن، ڪو جانورن، ڪو انساني عضون ته ڪو وٿن ۽ وکرن جا نالا کڻندو. مان ته سگھڙن جي قابليت تي حيران ٿيندو هئس ته انهن کان پنهنجي ديس جي ڪابه ڪنڊ، ڪو به وکر ۽ ڪا به ڳالھه ڳجهي ڪانهي.
سگھڙن جي محفلن جو صدر ۽ ڪاروائي هلائيندڙ ساڳيو ئي ماڻھو استاد محمد ملوڪ عباسي هوندو هو، جنهن تعلق مهين دڙي واري تر سان هو. جهڙو نالو هئس، اهڙو ئي ملوڪ هو. سگھڙ شروع ٿيندا هئا ته بس ڪرڻ جو نالو ئي نه وٺندا هئا. هڪ لحاظ کان اهي استاد جو استحصال ڪري ويندا هئا، جو کيس سڀني کان آخر ۾ شعر پڙهڻو پوندو هو، تيستائين گھڻا ماڻھو وڃي چڪا هوندا هئا پر ايترو ضرور هو ته اڪثر سگھڙ گھڻو ڪري پنهنجي استاد ملوڪ جا ئي شعر چوندا هئا.
استاد محمد ملوڪ عباسي 4 آگسٽ 1944ع تي ڳوٺ محمد خان ڪلهوڙو ۾ پيدا ٿيو. اهو ڳوٺ سندس پڙڏاڏي جي نالي تي موهن جو دڙو- باڊهه روڊ تي ملان ساريا ڀرسان آباد آهي. اهي تر ۾ تسرا ڪلهوڙا سڏبا آهن. ڪلهوڙا ٺيٺ سنڌي آهن، عباسين جي حڪومت اچڻ کان به گھڻو اڳ هي سنڌوءَ جي ٻنهي ڪنڌين تي ويٺل هئا. ڪلهوڙا عباسي ڇو ۽ ڪيئن ٿيا؟ ان سان في الحال پنهنجو ڪو مطلب ناهي. استاد ملوڪ ڪلهوڙو يا تسرو سڏائڻ بدران عباسي سڏائڻ پسند ڪيو پر تر ۾ ملوڪ تسرو ئي سڏبو هو. شڪل شبيهه ۾ به سراسر سنڌي هو ته ويس به سنڌ ديس وارو هوندو هئس: قداور مڙس، موڪرو منهن، ويڪرو سينو، وڏيون اکيون، چاپئين ڏاڙهي، وڏا شهپر، کسي ڳلي واري ڊگھي قميص، ملهن واري ويڪري شلوار، ڪلهن ۾ اجرڪ ۽ مٿي تي بوسڪيءَ جو پٽڪو؛ ڪنهن ڏي رڳو ابتي اک کڻي نهاري ته ڏيل ئي ڏاري وجهي پر هن ڏاڍ مڙسي ڇڏي فقيري کنئي، ان ڪري ميڻ کان به نرم هو. صوفين وانگر ملڻ جلڻ ۾ صفا ڀلو، هر ڪنهن سان هٿ جوڙ، هر ڪنهن سان نياز نوڙت، هر ماڻھوءَ کي ٻٽا ٻٽا ٻَک ۽ ڳراٽڙيون، اخلاق ۽ ادب جو پتلو- ڀٽائيءَ جي هِن سٽ جي هوبهو تصوير:
اُٿينِ گھڻي ادب سين، ڳالهائين نرم...
هر ماڻهوءَ کي ڀاڪر ۾ ڀري هي جملو چوندو هو ”آهين ته منهنجو نه!” چون ٿا ته اڌ وهيءَ ۾ اهو رنگ لڳس نه ته جوانيءَ ۾ ٺاهوڪو چور هوندو هو. مڙس کي اڍائي هٿ ڳن واري اڇي ڪهاڙي سدائين ساڻ هوندي هئي. محمد ملوڪ، واحد بخش ۽ رانجهن تسري جو جوڙ هوندو هو. اصل مڙسن جي رات هئي. تر ۾ ڀاڳين جا کنڌا کڻي ڇڏيائون. مال ٻڌڻ ۽ گھرن کي کاٽ هڻڻ جا ته ماهر هئا پر ٻين چورن کان چوري ڪيل مال به ڦري وٺندا هئا. ڪيترن ئي چورن سان اهڙي ڪار ڪيائون. چور پري کان شڪار ڪري دس جهاڳي جيئن ئي هنن جي جوءِ ۾ پهچن ته سٽجي وڃن. اهڙي ئي هڪ چڪريءَ دوران محمد ملوڪ تر جي ڏنگي چور قادن عرف قادي شيديءَ هٿان سخت زخمي به ٿي پيو هو. ڪيترائي ڀيرا پوليس ٻڌس. مارون کاڌائين، چالان ٿيو پر همراهه نه مڙيو، جيئن ٿڌ تيئن وڌ. هڪ دفعي گرفتار ٿيو ته پٺيان سندس والد صالح عباسي گذاري ويو. ان واقعي جو مٿس وڏو اثر پيو ۽ پوءِ چوري ڇڏي ڏنائين.
1975ع ڌاري همراهه هفتي کن لاءِ ڪنهن ڪم ڪار سانگي ڪاڇي ويو، جتي سندس ڪچهري اهڙن سالڪ سگھڙن سان ٿي، جن وٽ جلال کٽيءَ جي ڪلام جو وڏو ذخيرو موجود هو. هن کي جلال کٽيءَ جي سينگار وارن بيتن تمام گھڻو متاثر ڪيو. هڪ هفتي جي ورونهن سندس زندگي ئي تبديل ڪري ڇڏي. لوڪ ادب سندس هٺ ختم ڪري ڇڏيو. ان وقت اسان جي تر ۾ سگھڙ ته تمام گھڻا هئا پر وٽن ڳجهارت کان سواءِ ٻيو فن بنهه نه هو.
استاد ملوڪ سگھڙ مريد زهراڻي سونهري پل واري جو شاگرد ٿيو. مريد ڪو وڏو شاعر نه هو، باقي ڳجهارتن ڳولڻ جو ماهر هو. ڪا به ڏٺ يا پرولي جڏهن ٻيا سگھڙ ڀڃي نه سگھندا هئا، تڏهن مريد زهراڻيءَ سان رابطو ڪندا هئا ۽ هُو هڪ ئي ڌڪ هڻندو هو ته وهوا ٿي ويندي هئي. استاد ملوڪ عباسيءَ جو چوڻ هو ته “استاد وٺڻ ضروري آهي، استاد فقط دعا ڏيندو آهي، باقي ماڻھوءَ کي ڪم پاڻ ڪرڻو پوندو آهي.” حقيقت ۾ استاد ملوڪ ظاهري شاگرديءَ وارو ڌاڳو مريد زهراڻيءَ کان ٻڌرايو پر سندس روحاني استاد جلال کٽي هو، جنهن سان کيس تمام گھڻي عقيدت هئي ۽ وڏي احترام سان سندن نالو کڻندو هو. سينگار وارن بيتن ۾ مٿس جلال کٽيءَ جو واضح اثر واضح آهي:
حسن شان حيران لکين ٿيا، مانجهي مير ملنگ،

وهه وا رات به راول رنگ.
پردو صحابي پاڪ پري ٿو، جهرمر جهومن جهنگ،

وهه وا رات به راول رنگ.
پٽ پٽيهر پوش هزاري، ڏوڏر ڏاڙهون ڏنگ،

وهه وا رات به راول رنگ.
ڏهه ڏهه پيرا ڏور پري کان، وار وجهن پيا ونگ،

وهه وا رات به راول رنگ.
عاشق گل عباسيءَ جهڙا، ناز نهوڙيا ننگ،

وهه وا رات به راول رنگ.
***
پرين پاتيون جڏهن جهاتيون، ڪهن ڪاتيون اکيون آتيون، عجب عاليشان
ڪيني ڪاريون، ڍولڻ ڍاريون، ڇڏن ڳاريون، وڃن ماريون، نين ڪري نيشان
چشمن چهٽيون پوءِ نه هٽيون، ٻڌن پٽيون، وٺن وٽيون، مئي تي هيون مستان!
روئي رٺيون، اکيون اٺيون، سانوڻ سٺيون، ماکيءَ مٺيون، ڀڄايو برستان.

استاد ملوڪ پوءِ پنهنجون سموريون صلاحيتون فن لاءِ وقف ڪري ڇڏيون ۽ ان لاءِ هن کي ٻيڻي ٽيڻي محنت ڪرڻي پئي: هن نه رڳو لوڪ ادب جي سمورين صنفن تي طبع آزمائي ڪئي پر ان سان گڏ سگھڙن جا ميلا به مچايا. هن سڄي سنڌ مان لوڪ ادب سان چاهه رکندڙ ماڻھو ڳولي لڌا، انهن کي همٿايو ۽ اتر سنڌ مان ذري گھٽ ختم ٿي ويل سگھڙائپ واري فن کي نئين سر جياريو. هن سنڌ سگھڙ ڀلائي تنظيم قائم ڪئي، جنهن جو پاڻ تاحيات صدر رهيو. تنظيم رجسٽر ڪرائڻ ۾ مشهور ليکڪ ۽ محقق ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جو ساڻس مڪمل ساٿ ۽ سهڪار شامل رهيو. استاد ملوڪ عباسي پهرين سگھڙ جي حيثيت سان پي ٽي وي تي پروگرام ڪيو، جنهن جو پروڊيوسر اعجاز عليم عقيلي هو، جنهن بعد ان پروگرام ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي سگھڙن کي نمائندگي ڏني وئي. استاد چند سالن اندر سڄي سنڌ ۾ پنهنجا سوين شاگرد ٺاهيا، جن لوڪ ادب ۾ پنهنجي حيثيت باقاعده مڃرائي، انهن مان ڪجھه ته کانئس عمر ۾ به وڏا هئا پر جيئن ته استاد محنت ڪري فن کي جياريو هو، تنهن ڪري اهي خوشيءَ سان سندس چرن ڇهي شاگرد ٿيا. سنڌ جا تمام سٺا سريلا سگھڙ لقمان کوکر، مٺل جهتيال، روشن ڪوري، غلام رسول کوکر، شفن چنو، ديدار سيال، رحمت الله عباسي، محمود حسين شر، رحيم بخش سومرو، الهڏنو دايو، قائم الدين سهتو، ڏاڍو ڏتل ابڙو، عبدالحليم سومرو، محمد سومر سومرو، سليمان کوسو، اميد علي ماڇي، منظور سوهو، هادي بخش چنو ۽ ٻيا ڪيترائي سندس ڌاڳي ٻڌا شاگرد آهن.
1992ع ۾ سندس پيارن شاگردن لقمان کوکر، منظور سوهو ۽ ٻين استاد سان بغاوت ڪري پنهنجي ڌار تنظيم قائم ڪئي. ان جو وڏو سبب اهو هو ته استاد پاڻ سان گڏ پنهنجي شاگرد محمدمٺل جهتيال کي کڻندو هو، جو وٽس موٽر سائيڪل هئي. لقمان کوکر سمجهيو ته کيس گھربل اهميت نٿي ڏني وڃي، سو هن پنهنجي يارن دوستن آڏو استاد خلاف شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا. اهي جڏهن استاد کان شاگرد جي ناراضگيءَ جو سبب پڇندا هئا ته هي کلي چوندو هو ته لقمان ‘اجايو’ رٺو ٿو وتي. ان تي لقمان هي شعر ٺاهيو:
ڀري ٻيڙيءَ ۾ ڄڻ اسان بار هئاسين،
نه ڪنهن جا سڃاتل نه ڪنهن جا يار هئاسين،

ڏئي ننهن نڙيءَ تي گُھٽي تن گھٽيو آ،
اڃا ڀي چون ٿا ته اجايو رٺو آ.

جواب ۾ استاد ملوڪ به هڪ شعر ٺاهيو هو:
جن جو مان استاد تن جو يار ناهيان!؟
اکيون کوليو ظالم، ننڍو ٻار ناهيان.

ستت ئي ناراض شاگردن کي ڳالھه سمجھه ۾ اچي وئي، پوءِ هنن سڄي سنڌ جي دوستن جو ميڙ وٺي پنهنجي استاد کي پرچايو.
استاد ملوڪ عباسيءَ جا پنهنجا حياتيءَ ۾ اٺ ڪتاب شايع ٿيا ۽ تقريباً ايترن ئي ڪتابن جو اڻ ڇپيل مواد سندس پونئيرن وٽ موجود آهي. استاد کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هي پهريون سگھڙ هو، جنهن جو سندس حياتيءَ ۾ ڪتاب شايع ٿيو، نه ته هن کان اڳ ڪنهن به سگھڙ جو اُن جي زندگيءَ ۾ ڪتاب شايع نه ٿيو هو. ان بعد ٻين سگھڙن به پنهنجا ڪتاب آندا. استاد جي ڪتابن مان “گلشن ڏور”، “موتي مور ملوڪ جا”، “موتين مٺ ملوڪ جي”، “منهن مٿانهان جن جا” ۽ “ماڻڪ موتي ملوڪ جا” شايع ٿي چڪا آهن. سندس ترتيب ڏنل هڪ ڪتاب “موتين مالها ملوڪ جي” اڃا تائين شايع نه ٿي سگھيو آهي. استاد ملوڪ عباسي کي شهباز ايوارڊ، سچل ايوارڊ، ٻيڙو فقير ميڊل ۽ سهڻي ميهار ميڊل سميت ڪيترن ئي انعامن اڪرامن ۽ اعزازن سان نوازيو ويو.
1984ع ۾ هن کي تنظيم فڪر و نظم جي ليٽر پيڊ تي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو خط موصول ٿيو، جنهن ۾ کيس مبارڪ ڏيندي ٻڌايو ويو هو ته صدر ضياءَ کيس لوڪ ادب جي خدمت تي صدارتي ايوارڊ ڏيڻ چاهي ٿو پر استاد ملوڪ اهڙي ايوارڊ وٺڻ کان انڪار ڪيو.
مقامي سطح تي استاد ملوڪ مرحوم غلام حسين ۽ الطاف انڙ جو ساٿاري هو. هن سندن اليڪشن ورڪ به ڪئي ته انڙن جي ساراهه ۾ نظم به لکيا، جنهن تي تر جا ترقي پسند مٿس تنقيد ڪندا رهندا هئا. حالانڪ کوڙ سارا ناميارا ترقي پسند ڪارڪن ۽ ليکڪ پاڻ به انڙن جي حمايت ۾ آرٽيڪل لکندا رهندا هئا. ان کان علاوه غريبن جي حقن جي دعويدار وڏي جمهوري پارٽي به انڙن کي پارٽي ٽڪيٽ ڏيڻ جي سخاوت ڪندي رهندي هئي. 1994ع ۾ انڙ خاندان، استاد ملوڪ ۽ مٺل جهتيال کي پنهنجي خرچ تي عمرو ڪرايو. ان حوالي سان هن منظوم سفرنامو به لکيو، جنهن ۾ انڙ خاندان ۽ منور عباسي سميت دوستن، گھڻ گھرن، مٽن مائٽن، شاگردن ۽ سعودي عرب ۾ پنهنجي ميزبانن جا نالا کڻي انهن لاءِ دعائون گھريون اٿائين.
استاد ملوڪ جي شاعريءَ ۾ مذهبي رنگ جابجا ڏسي سگھجي ٿو. پاڻ ملتان جي غوث بهاءُ الحق زڪريا جو خانداني مريد هو، غوثيه جماعت وارن فقيرن سان نهايت احترام وارو رستو هئس، آخري عمر ۾ مذهب سان گڏ ديس ۽ ديس واسين جو درد سندس شاعريءَ ۾ غالب پوندو ويو.
پسي روضو محمد جو، ملوڪ موٽي مران سنڌ ۾،
خدا ڄاڻي مارن سان، مونکي ايڏي عقيدت آ.

پنهنجي ڪتاب “منهن مٿانهان جن جا” ۾ ڌرتيءَ ۽ قوم لاءِ قربانيون ڏيندڙ اڳواڻن سائين جي ايم سيد، ذوالفقار علي ڀٽي، فاضل راهو وغيره جو خاص طور ذڪر ڪيو اٿس. بينظير ڀٽو جي دور ۾ جڏهن سائين جي ايم سيد ۽ ٻين قومپرستن کي جيلن ۾ وڌو ويو، تڏهن محترمه سان هيئن مخاطب ٿيو :
پراون جي خاطر، تون پنهنجا ٿي مارين
نه ڪِي دوست دشمن سڃاڻي سگھين ٿي.

استاد ملوڪ برادريءَ جي سردار طور منور عباسيءَ جو تمام گھڻو احترام ڪندو هو ۽ چوندو هو “منور اسان جو پڳدار آ، ان جي عزت ڪرڻ اسان تي فرض آهي، جڏهن اسان ذات وارا ئي سندس عزت نه ڪنداسين ته ٻيا ڪيئن ڪندا؟” توڙي جو استاد عباسي- ڪلهوڙا تنظيم جو ميمبر به نه هو، ان جي باوجود تنظيم سندس پنجن مان ٽي ڪتاب پنهنجي خرچ تي شايع ڪرايا ۽ هر سال لوڪ ادب تي ڇهه ايوارڊ به ڏئي ٿي.
اڳ ۾ به عرض ڪيم ته استاد ملوڪ هٺ ۽ وڏائيءَ کي هميشه لاءِ ختم ڪري ڇڏيو هو. هن جو گھڻو اٿڻ ويهڻ باگڙين، جوڳين، ٻاليشاهين ۽ سماج جي ڌڪاريل ماڻهن سان هو. باڊهه جي ڪيترين ئي باگڙياڻين ۽ جوڳياڻين کي ڀيڻ بنايو هئائين، جن مان هڪڙيءَ کيس دانهن ڏني ته مون سان آشنا ناراض ٿي ويو آهي، هلي مون کي پرچائي ڏي. استاد ملوڪ ان مائيءَ سان گڏجي همراهه جي ڳوٺ وڃي پهتو. هڪ جوڳياڻي تي هيئن نظم لکيائين:
منهنجي ڀيڻ پياري، ٿي رلي راڄ راڻي،
پني پيٽ پالي ٿي، جيجل جوڳياڻي،
ڏکاري ٿي ڏسجي، ڪتن تنگ ڪئي آ،
جوڳڻ جنگ ڪئي آ، سهڪي ٿي ساڻي.

منهنجي به ساڻس نيازمندي هئي، جڏهن به استاد نظر اچي ويندو هو، اهو ڏينهن ساڻس ڪچهريءَ ۾ گذاري ڇڏيندو هئس. سن 1989ع ۾ جيئي سنڌ تحريڪ سائين جي ايم سيد جي گرفتاريءَ خلاف جيل ڀريو تحريڪ شروع ڪئي جنهن ۾ مون به ارشاد سوهي سان گڏ لاڙڪاڻي ۾ گرفتاري ڏني. اسان کي پوليس ڊرگھه ٿاڻي تي رکيو، جتي رهڻ لاءِ هڪ کليل جاءِ ڏني وئي ۽ شهر جي هوٽل تي وڃي چانهه پيئڻ جي به اجازت مليل هئي، جتي استاد ملوڪ پنهنجي شاگرد منظور سوهو سان گڏجي اسان جي ملاقات لاءِ آيو هو. اسان کين چانهه پيارڻ لاءِ ڊرگھه شهر جي هڪ هوٽل تي وٺي وياسين، جتي شهر ۽ آسپاس جا ماڻھو وڏي تعداد ۾ موجود هئا. استاد کي سڃاڻي ساڻس اچي مليا. استاد عوامي مقبوليت ماڻي چڪو هو، جتي به ويندو هو، اتي عزت پلئه پوندي هيس.
آخري عمر ۾ هن شاهه جي رسالي جو مطالعو شروع ڪيو ۽ ڏينهون ڏينهن سندس شاعريءَ ۾ پختگي ايندي وئي:

الله ڏسان اکين سان، سدا سنڌ سکي
رهي ڪا نه راڄ ۾، ڪا دائي در دکي،
مور نه پسان ملوڪ چوي، هاڻي ڏاج ڏکي
ڪائي ڀيڻ بکي، مونکي سائين نه ڏيکارين سنڌ ۾.

استاد ملوڪ کي ٽن پٽن ۽ ٽن نياڻين جو اولاد آهي. سندس ٽيئي پٽ ممتاز علي، غلام شبير ۽ محمد علي سگھڙ شاعر آهن جن مان ممتاز علي شڪل شبيهه توڙي اٿڻ ويهڻ ۾ پيءُ جي سڪ لاهي ٿو. استاد ملوڪ عباسي 1993ع ۾ وفات ڪئي. چوونجاهه ورهين جي ڄمار ۾ هن لوڪ ادب جي حوالي سان جيڪو ڪم ڪيو آهي، اهو کيس صدين تائين زندهه رکندو.
***

عبدالرحيم پيرزادو: زندگي فلم جو حقيقي ايڪٽر

گورو جهڙو انگريز، سنهڙو سيپڪڙو، اڇا وار، وڏا شهپر، هٿ ۾ پرنسٽن برانڊ ڊگھو سگريٽ، ڪڙڪيدار آواز... اِهو هو ڊاڪٽر عبدالرحيم پيرزادو جنهن کي هڪ جيڏا گِلو به سڏيندا هئا. هرفن مولا هو. بنيادي سڃاڻپ ته اداڪار واري هئس پر بئنجي نواز به هو ته صوفي ڪلامن جو شائق به. شاعريءَ وارو شغل به ڪندو هو ته صحافت سان به ساٿ نڀائيندو رهيو. اهي سموريون خوبيون پنهنجي جاءِ تي، ڪاڪو عبدالرحيم اول آخر پورهيت هو. سڄي ڄمار پورهيو ڪندي گذري هيس. يارن جو يار، دوستن لاٰءِ هر رسڪ کڻي ويندو هو، ان معاملي ۾ صفا “سِر چٽ مال نيلام ” واري رمز رکندڙ شخص هو. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ دوست هئس، ڪچهريءَ جو ڪوڏيو، جتي به ويندو هو، اتي عزت ملندي هئس. ڳالھه ڪرڻ جو ڏانءُ هئس. هن جي ڪچهريءَ مان ماڻھوءَ کان اٿڻ نه پڄندو. لطيفا، ٽوٽڪا، بيت ۽ ٻِٽا ٻِٽا ٽهڪ ڇڏي اُٿي به ڪير؟
عبدالرحيم 1936ع ڌاري ٻلهڙيجيءَ ۾ امام بخش پيرزادي جي گھر ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ پڙهيو، جتي استاد غلام رسول منگي شاگردن کان اسٽيج ڊراما ڪرائيندو هو، جنهن ۾ هي به حصو وٺندو هو. ان وقت سڄي تعلقي ۾ ٿيندڙ اسٽيج ڊارمن ۾ کيس ڪو نه ڪو ڪردار ضرور ڏنو ويندو هو. ننڍي لاڪون پيءُ جي شفقت کان محروم ٿيو ۽ ڪچڙي وهيءَ ۾ ئي مٿس گھر جو بار پئجي ويو.
1950ع ۾ فائنل پاس ڪرڻ کان پوءِ سول جج مخدوم عبدالواليءَ جو بورچي ٿيو، جيڪو سندن خانداني مرشد به هو. مخدوم صاحب جي پٽن مخدوم احمد، مخدوم خالد، مخدوم زاهد، ڌيءَ ثريا مخدوم کي هن پاليو، جيڪي پڻ هن جي، خاندان جي بزرگ جيتري عزت ڪندا هئا. هن گھرداري به ڪئي ته سنگت به واهه جي هلائي. سوين پورهيا ۽ ڪم ڪيا. جانورن جي ڊاڪٽري به ڪئي ته دوائون به سيل ڪيون. هوٽل به هلايو ته ڪيتريون ئي سرڪاري غير سرڪاري نوڪريون به ڪيون. 1964ع ۾ اينيمل هسبنڊريءَ ۾ ڪمپائونڊريءَ جو ڪورس ۽ ڪراچي بورڊ مان پرائيويٽ مئٽرڪ به ڪيائين، جنهن بعد کيس ايس پي سي اي “سوسائٽي فار پريوينشن ائنڊ ڪريلٽي فار اينيمل” ۾ انسپيڪٽر جي نوڪري ملي. اها اين جي او ليڊي ڪنسٽائن پاران رجسٽر ڪرائي وئي هئي، جيڪا هڪ انگريز چيف جسٽس جي گھر واري هئي. انهيءَ تنظيم جا رضاڪار زخمي جانورن کي پڪڙي، پيور هائوس ۾ رکي انهن جو علاج ڪندا ۽ مالڪن کان ڏنڊ وٺي جانور کي ڇڏيندا هئا. ڪاڪو عبدالرحيم ٻڌائيندو هو ته “توڙي جو اهو ادارو جانورن سان رحم ڪرڻ واري جذبي تحت قائم ڪيو ويو هو پر ان جو عملو انتهائي بي رحم هو. ايتري قدر جو کين زخمي جانور نه ملندو هو ته پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ اهي ٺيڪ ٺاڪ جانور کي پاڻ زخمي ڪري ڇڏيندا هئا. اداري جو هڪ اهلڪار ته ليڪو ئي لنگھي ويو هو. هُن، ريس جي گڏهه کي بليڊ سان زخمي ڪري پيور هائوس پهچايو. ٻن ڏينهن کان پوءِ ان اهلڪار کي گڏهه جي مالڪ خنجر جا لڳاتار وار ڪري ماري ڇڏيو. ان واقعي بعد ڪاڪي عبدالرحيم اها نوڪري ئي ڇڏي ڏني. پوءِ کيس ريس ڪورس (ڪينٽ اسٽيشن) ڪراچيءَ ۾ ڪمپائونڊري ملي،. بعد ۾ ڪراچي گئو شالا ۾ يارهين گريڊ جي وٽرنري آفيسر جي نوڪري ڪيائين. گئوشالا کي ان وقت ايويڪيو ٽرسٽ پراپرٽي بورڊ هلائيندو هو، جنهن جي آفيس موسميات ۽ ٽي بي سينوٽوريم جي ڀرسان آهي.
عبدالرحيم دوست ته ڊاڪٽر محمد حسن پيرزادي جو هو پر انور پيرزادي جي صحبت کيس انقلابي بنائي ڇڏيو. انور صاحب کي جڏهن ايئرفورس مان ڪورٽ مارشل ڪري پشاور جيل ۾ رکيو ويو، تڏهن هي واحد ماڻھو هو، جيڪو ساڻس ملاقات ڪرڻ لاءِ وڃي پشاور پهتو هو. ان وقت ٻيو ڪو به ڳوٺاڻو پشاور وڃڻ جو سوچي به نه پيو سگھي.
عبدالرحيم پي ٽي وي جي اٽڪل ٽيهارو کن ڊرامن ۾ ڪم ڪيو. اتي کيس ننڍڙا ڪردار ڏنا ويندا هئا، پر اسان حقيقي زندگيءَ ۾ ته هُن جِي، ان کان به لاجواب اداڪاري ڏٺي. 1980ع ۾ ڪراچيءَ ۾ سندن گھر تي ڇاپو لڳو. ان وقت عبدالرحيم سان گڏ سندس ٻه پٽ ذلف ۽ اعجاز، ڀائو لطف، ڪامريڊ ڄام ساقيءَ جو ڀاڻيجو سڪندر جنجهي، ڪميونسٽ اڳواڻ غلام حسين شر ۽ سندس ننڍو ڀاءُ لياقت شر موجود هئا. ان وقت ڪاڪي عبدالرحيم سمورن همراهن جا فرضي نالا کڻي کين پڪو ڪري ڇڏيو ۽ اهلڪارن کي چيو ته: “هي ڪميونسٽ لٽريچر ذلف ۽ لطف جو آهي، انهن سان اسان جو ڪو به واسطو ناهي، باقي سمورا بي گناهه ڳوٺاڻا آهيون!” پندرهن ڏينهن همراهه ڪراچيءَ جي سي آءِ اي سينٽر ۾ پڇاڳاچا هيٺ رهيا، پر هنن ڪنهن کي به منجھه نه ڏنو. نيٺ اهلڪارن ذلف ۽ لطف کان سواءِ باقي همراهن مان هٿ ڪڍيا. هن پنهنجي اداڪاريءَ ذريعي موسٽ وانٽيڊ ڪامريڊ غلام حسين شر کي بچائي ورتو.
گئوشالا واري نوڪريءَ تان جواب ملڻ کان پوءِ هن ڳوٺ ۾ پهريون هوٽل کوليو، جتي پهريان بليڪ اينڊ وائيٽ ۽ پوءِ رنگين ٽي وي رکيائين. 1986ع ۾ ڳوٺ کان ڏوڪري هلندڙ سوزوڪين وارن سان شاگردن جو ڦڏو ٿي پيو. جيئن ته سوزوڪين جا مالڪ تر جا ڍِنگ وڏيرا هئا، انهن جي هشيءَ تي پوليس انسپيڪٽر، اهلڪارن جي وين ڀرائي شاگردن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ پهچي ويو. انسپيڪٽر ڪجھه شاگردن جا نالا کڻي کين پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ڪاڪي عبدالرحيم جو ان ڳالھه تي زور ته پهريان سوزوڪي مالڪ گرفتار ڪر، پوءِ مان شاگردن کي ٿاڻي تي وٺي اچان ٿو. اها ڳالھه ٻولھه انگلش ۾ هلي رهي هئي، جيڪا ڪاڪي کي پوري ساري ايندي هئي. نيٺ جڏهن انگريزيءَ ۾ کٽو، ته انسپيڪٽر کي انگلش اسٽائيل سنڌيءَ ۾ داٻو ڏئي چوڻ لڳو، “مان توکي ڊان ۾ دٻيندس!” ان کان پوءِ ڳالهيون ته ختم ٿي ويون پر ڪاڪي عبدالرحيم کي گجندو ڏسي شاگردن توڙي ڳوٺاڻن ۾ همت پيدا ٿي ۽ هنن اهلڪارن ڏانهن وڌڻ شروع ڪيو ۽ پوليس وارن ڀڄڻ ۾ ڀلو سمجهيو. ان واقعي جي هڪ ڪلاڪ اندر پنجن ڇهن گاڏين ۾ پوليس جي وڏي نفري پهچي وئي. ٻيا همراهه ته هيڏي هوڏي ٿي چڪا هئا، باقي ڪاڪو عبدالرحيم سندن سامهون اچي ويو. ان وقت کيس گوڏ ٻڌل هئي. اهلڪارن کي ڏسي لٺ هٿ ۾ کڻي لڏندو لمندو هوٽل مان ٻاهر نڪتو. پوليس وارن کيس بنهه نه سڃاتو، الٽو کانئس عبدالرحيم پيرزادي جو پڇيائون ته همراهه آواز ۾ جهونڙن واري لرزش پيدا ڪندي کين خبردار ڪيو ته: “اهو وڏ¬و ڦڏي باز ماڻھو آهي، وتي ٿو ڇوڪرن کي جنهن تنهن سان ويڙهائيندو. اسان ڊيگھه ئي نه ڪيونس.” ائين چئي پوليس کي سرمو پارائي کسڪي ويو.
ڪاڪي عبدالرحيم ڪاڇيلو فروٽ فارم تي اسٽاڪ اسسٽنٽ طور به ڪم ڪيو، جتي سنڌيءَ جو بهترين ڪهاڻيڪار ڪيهر شوڪت به ساڻس گڏ هو. فارم تي ڪم ڪندڙ پورهيتن کي مهينن جا مهينا پگھار نه ملندي هئي ۽ ساڻن غلامن جهڙو سلوڪ ڪيو ويندو هو. اهڙي انياءَ تي هي ٻئي مڙس ماٺ نه رهي سگھيا، تنهن ڪري سندن اکين ۾ ٿي پيا. سيکت طور هنن جون پگھارون به بند ڪيون ويون، جنهن تي ڪاڪو عبدالرحيم، ڪاڇيلي جا ٻه ڀلا ڍڳا وڪڻي، اتان پندرهن ويهه همراهه وٺي واپس موٽيو، پر ٿيو هيئن جو ان وقت سندس وڏو پٽ ذلف پيرزادو ۽ ڳوٺ جو هڪ نوجوان موسيٰ انصاري فارم تي پهتا، جن کي اهڙي صورتحال جي خبر ئي ڪا نه هئي. ڪاڇيلو فروٽ فارم جي مئنيجر ٻنهي ڄڻن کي ٻڌي ويهاري ڇڏيو.
ڪاڇيلو ان وقت ڏيساور ۾ هو. ڪاڪي عبدالرحيم کي جڏهن ان ڳالھه جي خبر پئي ته هن اداڪاريءَ واري آزمايل صلاحيت ڪم آڻيندي ڪاڇيلو فروٽ فارم جي مئنيجر ڏانهن فون ڪئي ۽ آواز تبديل ڪري چيو “آئون ايس پي ٿو ڳالهايان. ڊاڪٽر پيرزادو اوهان مٿان ٻن ڇوڪرن جي اغوا جو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ پهتو آهي. منهنجي رفيع صاحب سان ڄاڻ سڃاڻ آهي، ان ڪري اوهان کي ٻڌايان ٿو ته ڇوڪرن کي ڇڏيو، ورنه آئون ڇاپو هڻڻ تي مجبور ٿي پوندس.” جهٽ رکي وري پنهنجي آواز ۾ فون ڪري چيائين “ڇوڪرن کي ڇڏيو ٿا يا پوليس وٺي اچان!” فروٽ فارم جي مئنيجر دهلجي همراهن مان هٿ ڪڍيا.
مون 1981ع ۾ پهريون ڀيرو کيس ايڪسائيز پوليس سان جهيڙو ڪندي ڏٺو. پوليس سندس هوٽل ۾ گھڙي ماڻهن کان تلاشي ورتي ۽ ڪجھه نه ملڻ باوجود بدشد ڳالهايو ته هي مڇرجي پيو ۽ اهلڪارن کي جتيون ڇڏي ڀڄڻو پئجي ويو.
پهرين آڪٽوبر 1988ع تي ڪراچيءَ جي ڊرگ ڪالونيءَ ۾ لساني دهشتگردن جي حملي ۾ سندس دل گھريو دوست منظور چهواڻ ۽ پنهل ٻگھيو شهيد ٿي ويا. ان واقعي کيس گِهرو صدمو رسايو. منظور چهواڻ خرڪارن سان ڪم ڪندڙ هڪ اڻ پڙهيل نوجوان هو. ڪاڪي کيس ان ماحول مان ڪڍي پڙهايو، شهر ۾ رهايو ۽ پرائيويٽ نوڪري وٺي ڏني هئي.
بلدياتي اليڪشن ۾ ڪاڪي عبدالرحيم جي موجودگي ڳوٺ سڌار سنگت جي ڪارڪنن لاءِ وڏي آٿت هوندي هئي. وڏيرا ۽ سندن چمچا ڪاڪي کي ڏسي ڪن ڇٻا ڪري نڪرڻ جي ڪندا هئا. جيئن ته همراهه دوستن لاءِ هر خطرو کڻي ويندو هو، ان ڪري ڪي دوست کيس استعمال به ڪري ويندا هئا. مون انور پيرزادي، هدايت منگي، قربان صاحب ۽ ٻين سان سندس ڪچهريون ٻڌيون، هي سڀني کي چرچن ۾ مات ڏئي ڇڏيندو هو. سندس دوست گھڻا هئا. لاڙڪاڻي جو خوبصورت شاعر واجد منگي سندس دل گھريو دوست هو، جنهن پنهنجو هڪ شعري مجموعو عبدالرحيم پيرزادي جي نالي ڪيو آهي. عمر جي آخري حصي ۾ اسان سان سنڌي ادبي سنگت ۾ گڏ هوندو هو. اتي ڪڏهن ڪڏهن شاعري ۽ نثر جا اسم به پيش ڪندو هو. سنڌ سجاڳ اخبار جو موهن جو دڙو کان عيوضي به هو ته مئخاني ۽ راڳ ويراڳ سان ناتو به آخر تائين قائم رکيائين. ڪاڪو وڏي ڪهول وارو مڙس هو، کيس اٺن پٽن ۽ ٽن نياڻين جو اولاد ٿيو، جن مان هڪ ارشاد علي ننڍپڻ ۾ گذاري ويو. سندس سڀئي پٽ مختلف صحافتي ۽ ادبي ادارن سان وابسته آهن.
ڪاڪي عبدالرحيم 1994ع ۾ وفات ڪئي.
***

قربان پيرزادو: ٻلهڙيجيءَ جو سلڇڻو ٻالڪ

سانچي ساپ نه لاگيئي، سانچي ڪال نه کاءِ
سانچي ڪو سانچا ملي، سانچي ماهه سماءِ.
سنت ڪبير چوي ٿو: سچي ماڻهوءَ کي نه پِٽ لڳي، نه ئي ان کي موت ماري سگهي ٿو. سچو انسان سچي سائينءَ سان ملي ان ۾ سمائجي وڃي ٿو. ڀائو قربان به هوءِ سان ملي هوءِ ٿي ويو. فڪري طور وحدت الوجودي صوفي هئڻ جي ناتي هن لاءِ هتي يا هتي ڳالهه مڙيو ئي هڪڙي هئي پر سندن ظاهري وڇوڙو ٻلهڙيجيءَ جي ڪرنگهي ۾ ڪانُ برابر آهي ۽ هن جي جدائيءَ ڪيترين ئي دلين جي ڀتين ۾ ڀنگ وجهي ڇڏيو آهي. انور پيرزادي کان پوءِ هي شخص ئي ٻلهڙيجيءَ جي سمورن نسلن جي وچ ۾ هڪ پل هو. قربان پيرزادو وڏي فڪر وارو ماڻهو هو، هن ڳوٺ وارن کي ڇڄڻ نه ڏنو ۽ پرت جي اُميري پائي سدائين ڳنڍي رکيو. جيئن اسان سندس موتئي جهڙي ويس تي ڪڏهن ڪو چُٽو لينگهو لڳل نه ڏٺو، تيئن هن جو ڪردار به بي داغ رهيو چوٽيھن ورهين جي سرڪاري ملازمت ۾ ڪرپشن جي ڪوئلي سان هٿ ڪارا ڪرڻ بدران رڳو حق حلال جي پگهار کاڌي، جنهن کي هاڻوڪو نسل عقلمندي نٿو سمجهي پر اها ئي هن جي ميراث هئي. هي پنهنجي مرشد جي ڏکي طريقت تي ثابوتيءَ سان قائم رهي سِير ۾ به پسڻ کان پالهو رهيو. اطلاعات کاتي ۾ وڏو آفيسر هئڻ ۽ لاتعداد موقعن باوجود هن وزيرن مشيرن سان ڪي به واسطا نه وڌايا پر پاڻ جهڙن سِڌن سادن ماڻهن سان پيچ پاتو. ڪنهن به وزير جو پي آر او توڙي پيارو ٿيڻ کي پاڻ لاءِ اعزاز نه سمجهيو پنهنجي پروفيشن جي حوالي سان هي ساکائتو هو، اطلاعات کاتي ۾ مرحوم علي احمد بروهي کان وٺي ميڊم مهتاب اڪبر راشديءَ تائين سڀ سندس ڪم جي حوالي سان تعريف ڪندڙ آهن، ان ڪري وزيرن کي ته اهڙن آفيسرن جي ضرورت هئي پر هن گرهوڙيءَ جي چوڻ تي مڪمل عمل ڪيو:
متان کائين کچڻي، حاڪماڻي هنڌان
رڌي هوندائون رت ۾، ماري مسڪينان.
هن ڪڏهن به وزيرن جي درن تي حاضري نه ڀري، رڳو پنهنجي ڪم سان ڪم رکيو. هي پنهنجي وجود ۾ هڪ اوطاق هو، جتي به رهيو، اتي وٽس محبتي ماڻهن جا ميڙ لڳاپيا هوندا هئا. وڏيرن جي درن تي خوشامدي ۽ چاپلوس ويندا آهن ۽ هن سان اهل دانش جون مجلسون ٿينديون هيون.
قربان صاحب غربت ۾ ڄائو، نپنو ۽ وڏو ٿيو هو. هن سڄي عمر غربت خلاف جنگ جوٽي پر ان ۾ پنهنجا اصول ڪڏهن به نه اورانگهيا. پورهئي ۽ پگهر مان ڪمايل ڪڻِي به گهڻي ڄاتي.
قربان صاحب منهن مهانڊي ۾ ملوڪ، ڳڻن جو ڳهير ۽ ڪچهريءَ جو مور هو. هن جي مجلس اهڙي ڦلواڙي هئي، جتي ٽهڪن جا ٽانگر ٽڙندا رهندا هئا. زندگيءَ سان ڀرپور انهن ٽهڪن ۾ ڪا به مصنوعيت نه هوندي هئي، ان ڪري اهي ٽهڪ ماڻهوءَ جي من جا مونجهارا مِٽائي کيس تازو توانو بنائي ڇڏيندا هئا، تڏهن ته هرڪو ماڻهو ساڻس ملڻ لاءِ مشتاق هوندو هو.
قربان صاحب منهنجو پڦاٽ، ادبي استاد ۽ دوست هو. عمر ۾ مون کان 23 ورهيه وڏو هو، آئون جڏهن سمجهه ڀريو ٿيس، تڏهن هي تعليم مڪمل ڪري، سرڪاري نوڪري وٺي ٻارن ٻچن جو پيءُ بڻجي چڪو هو. ڪتابن پڙهڻ جي هير مون کي پنهنجي چاچي جانيئڙي سنڌي وڌي پر اسان جي سڄي ويڙهي ۾ ڪتابن سان ڀريل وڏو ڪٻٽ فقط قربان صاحب جو هوندو هو، جنهن تائين بهرحال منهنجي پهچ ممڪن هوندي هئي. هن جي هر شيءِ ايتري قدر صفائي، سٺائي ۽ ترتيب سان رکيل هوندي هئي جو سندس ڪتاب پڙهي واپس رکندو هئس ته به کيس خبر پئجي ويندي هئي ته ڪا واردات ٿي آهي. پنجٽيھن ورهين جي عرصي ۾ سندس ڪي ٻه ٽي ڪتاب سنگت ھڻي وئي ته ٻي ڳالهه آهي، باقي مون سندس سڀ ڪتاب پڙهي واپس ڪيا پر جڏهن به سندس ڪو ڪتاب گم ٿيندو هو ته شڪ ڇا کيس پڪ پئجي ويندي هئي ته ڪتاب اقرار لمائي ويو. ان حوالي سان اسان جو ڪڏهن به جهيڙو نه ٿيو، باقي جھيڙا به جھيڙا ٿيا. اسان جا جهيڙا اڪثر سياست تي ٿيندا هئا. نه هو ئي ڪنهن سياسي پارٽي جو باضابطه ميمبرهو، نه آنءُ ڪنهن جماعت جو ڪارڪن هئس. ڀائو قربان چوندو هو ته هن ملڪ جي مسئلن جو حل فقط مضبوط جمهوريت ۾ آهي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي ئي وڏي جمهوري پارٽي آهي، جنهن جي مخالفت نه ڪرڻ گهرجي، ان ڪري پيپلن جا وڏا وڏا ڏوهه به کين ننڍڙا لڳندا هئا ۽ قومپرست ڪارڪنن جون ننڍڙيون غلطيون به عظيم غلطيون لڳنديون هيون، جنهن ڪري انور جونيئر ۽ منهنجو ساڻس جهيڙو جاري رهندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته پري پهچي ويندا هئا سين. جهڙا سخن هُو ڪڍندو هو، اهڙا اسان جي زبان مان به نڪري ويندا هئا. اها ئي گهڙي، هو ته سڀ ڪجهه وساري ڇڏيندو هو پر اسان ڦوڪيا وتندا هئا سين پر جڏهن به منهن سامهون ٿيو ته سندس اکين ۾رُس مَ رسڻ ۾، ڇاهي راڻا ... ماسٽر چندر جي ڪافي لهي ايندي هئي:
قربان صاحب نفيس، صفائي پسند ۽ ترتيب وارو انسان هو. صبح جو اٿي، روزانو شيوِ ڪندو هو، وهنجي سهنجي نيرن ڪرڻ کان پوءِ ڏندڻ ڪري گهران نڪرندو هو. ان جي بنهه برخلاف عادتن جي ڪري هر روز شيو نه ڪرڻ، وار نه ٺهرائڻ ۽ بنا استري ٿيل ڪپڙا پائڻ تي منهنجي سٺي عزت افزائي ڪندو هو. هي ٻلهڙيجيءَ جي ان نسل جو ماڻهو هو، جن لاءِ ڳوٺ هڪ گهر ۽ ان جا سڀ رهواسي ڀاتي هئا، ان ڪري ڪنهن جي به غلط ڳالهه ڪن پيس، ان جي اصل لاک لاهي وجهندو هو، ان ڪري ڪجهه همراهه کانئس ڪن ڇٻا ڪري ڀڄڻ جي ڪندا هئا پر مون کي سندس صحبت جي هميشه هاج رهي، ڇاڪاڻ جو هي ئي اهڙو ماڻهو هو جنهن سان آئون پنهنجي ڳالهه رکي سگهندو هئس ۽ هن سان هر موضوع تي کلي ڳالهائيندو هئس، هونئن به جنهن تنهن سان هر ڳالهه سلي نٿي سگهجي. وڏڙن به اهو ڏس ڏنو آهي ته ”نه ڏسندڙ جي اڳيان ڳوڙها نه ڳاڙجن” ۽ مرشد جو سنيهو به اهو آهي ته
اکر ڇُتي هيڪڙي، ٻهون جي نه ٻُجهن
ڪوه ڪبو کي تن، سڄي سڻائي ڳالهڙي.
قربان صاحب هونئن ته انگريزي ۽ سنڌي ٻولين جو خوبصورت نثر نويس هو پر هن بنهه گهٽ لکيو. آئون سمجهان ٿو ته ان جو سبب اهو هو جو آفيس ۾ هي هدايتون ڏيندو ويندو ۽ ٻيا ملازم اهو لکندا يا ٽائيپ ڪندا ويندا هئا، ان عمل کيس رعايت پسند بنائي ڇڏيو هو ۽ هي چاهيندو هو ته آفيس وانگر گهر ۾ به هي چوندو رهي۽ لکڻ وارو ڪم ڪو ٻيو ڪري. سندس آتم ڪٿا لکڻ لاءِ آئون تيار هئس پر “هِڪي ٻانهي چِت ۾، ٻي جا ڪري الله” واري ڪار ٿي. قربان صاحب کي رٽائرمنٽ کان پوءِ بيماريءَ ٻلهڙيجي ڇڏائي، جنهن جي ڪري سندس اهو ڪم نه ٿي سگهيو، جيڪو تمام وڏو نقصان ٿيو. هونئن قربان صاحب جي ڪچهري به ڪئين ڪتاب هئي. هر موضوع تي دسترس هئس. سنڌيءَ جا سوين پهاڪا ياد هئس ۽ انهن جي پس منظر ۽ بڻ بنياد کان به واقف هو. ڪچهريءَ ۾ موقعي مهل مطابق شاهه جا بيت پڙهندو هو. ان سان گڏ کيس سوين لطيفا ياد هوندا هئا، جيڪي به ڪچهريءَ جي نوعيت مطابق ٻڌائي محفل کي خوشگوار بڻائي ڇڏيندو هو. هن جي ٻولي جيتري شاهوڪار هئي ايتري ئي کيس مزاح واري حس هئي. هن جي گفتي نڪرڻ سان ٽهڪن جا ٽاڙهيا پئجي ويندا هئا. ڪمال جو حاضر جواب انسان هو. ان کان سواءِ هي لائي نڀائڻ وارو شخص هو، جيڪو به سندس دوستيءَ جي ڌاڳي ۾ آيو، اهو آخري ساهه تائين ساڻس سلهاڙيل رهيو، پوءِ اهو سندس ننڍپڻ جو ساٿي ممتاز مگسي هجي يا جوانيءَ جو دوست مينهون خان ٻروچ. هن جا دوست فقط هن سان نه پر سندس سڄي ويڙهي جي ڏک سک ۾ شامل هوندا هئا. هونئن ته هي سنڌ جي سمورن ثقافتي جزن سان محبت ڪندڙ هو پر هن جو راڳ سان روح هو، راڳ هن لاءِ اتم عبادت هو.
ٻلهڙيجيءَ ۾ شادين تي راڳ ڪرائڻ واري روايت تمام پراڻي آهي پر 1990ع واري ڏهاڪي ۾ ان ۾ گهٽتائي اچي چڪي هئي. قربان صاحب پنهنجي برادريءَ ۾ اعلان ڪيو ته جيڪڏهن گهوٽ ڪنوار کي رڳو ٽڪر هڻائي شاديءَ وارو فرض ادا ڪرڻو آهي ته ٺيڪ باقي جيڪو وڏي رهاڻ جو سڏ ڏئي ٿو، ان کي راڳ به ڪرائڻو پوندو، نه ته ان جو ڀت نه کاڌو ويندو. هن جي اهڙي اعلان تي سندس ويڙهي سان گڏ پوري ڳوٺ عمل ڪري ڏيکاريو ۽ هاڻ هر شاديءَ تي راڳ جي محفل ضرور ٿيندي آهي. قربان صاحب جو والد وڏيرو حسن علي به صوفياڻي راڳ جو شائق هو، ڪڏهن ڪڏهن صوفين سان يڪتاري تي ڪافيون به چوندو هو. قربان صاحب جا به آواز سٺا هئا. هي وري ڪڏهن ڪڏهن بنا سازن جي ڳائي وٺندو هو، ٽوڙي سندس پسند جو راڳ هو. قربان صاحب راڳيءَ کان ڪنهن ڪافيءَ جي فرمائش ڪرڻ بدران راڳ جو نالو کڻي ان مان ڪا به ڪافي ٻڌائڻ لاءِ چوندو هو. هن جي شوق سبب اسان استاد محمد يوسف، وحيد علي، فتح خان، شرافت علي خان، سينگار علي سليم، پيرل گولي، جمال فقير، سهراب فقير، عثمان فقير سميت ڪيترن ئي سريلن ڪلاڪارن کي سامهون ٻڌو. هي چوندو هو ته جڏهن ڪنهن جي ڄمڻ تي خوشيءَ ۾ راڳ جي محفل ٿئي ٿي ته مرڻ تي به اهڙي محفل ٿيڻ گهرجي. هن پنهنجي پٽ حسن عليءَ کي وصيت ڪئي هئي ته سندس جنازو ساز آواز ۾ کنيو وڃي. سندس چاليهي جي موقعي تي راڳ ڪرائڻ سندس اها وصيت پارڻ آهي.
قربان صاحب پاڻ سان گڏ حسناڪ روايتون به ساڻ کڻي ويو. هاڻ شاهه جي بيتن تي ڪچهرين ۾ قيل مقال نٿي ٿئي. انور ۽ قربان کان پوءِ ٻلهڙيجيءَ جي حالت هيئن ٿي وئي آهي:

وجهيو منهن مَٽن ۾، موکي اُڀي روءِ
متارا مري ويا، اڱڻ اچي نه ڪوءِ
متارنئون پوءِ، مِٺا مَٽ مِٽي ٿيا.
*

نواز علي کوسو ۽ سانوڻ هڱورجو: ڳڻن جا گھير ٿر واسي

ڀٽائيءَ جا فقير ڳڻن جا ڳهير ٿيندا آهن. ڪڏهن به اوڳڻ اوڏا نه ٿين. اهي سڙي به جڳ لاءِ سهائو بڻجندا آهن ۽ سدائين سچ جو پرچار ڪندا رهندا آهن. اهڙن املھه انسانن کي پنهنجو ذاتي درد ياد ئي نه رهندو آهي پر وطن ۽ ويڙهيچن جو سور وهلور ڪري وجهندو آهي. اهڙن ئي انسانن ۾ اَريجي ڀونءِ سان واسطو رکندڙ ٻن مور ماڻهن کي مان به سڃاڻان. برابر چاچي نواز علي کوسي ۽ سائين سانوڻ هڱورجي سان روح رُچندو رَڄ ته نه ڪري سگھيس پر ساڻن ڪجھه گھڙين جي صحبت، سڄي زندگيءَ جي انتهائي سجائي ۽ ساهه سيباڻي ياد بڻجي هِنئين ۾ هرندي رهندي.
“صحبت جا سنديانِ، آئون نه جيئندي ان ري”
(شاهه)
ڪارونجهر جي ڪک ۾ ويٺل چاچي نواز علي کوسي کي لڳ ڀڳ سڄي سنڌ سڃاڻي. هو سنڌي ۽ ڍاٽڪي لوڪ ادب جو ڄاڻو، ٿر جي ڀٽ ڀٽ جي سربستي ڄاڻ رکندڙ جاگرافي دان، شاهه، سنت ڪبير ۽ تلسي داس جو شارح ۽ مٽيءَ سان محبت رکندڙ مانائتو انسان آهي. هن کي ٿر جي هڪ هڪ ڀٽ سان لاڳاپيل سوين قصا ڪهاڻيون ياد آهن ۽ ڪارونجهر جي هر ٽڪري هن جي ماپيل آهي. مون کي ڪاڪي انور پيرزادي ٻڌايو هو ته: “جيڪڏهن ڪو ماڻھو ننگرپارڪر وڃي ۽ اتي نواز علي کوسي سان نه ملي ته ان ڄڻ ته ڪارونجهر ڏٺو ئي ڪونه.”
سنت نيڻو رام جو ميلو گھمي جڏهن اسين صبح سوير ننگر پارڪر پهتاسين ته شهر جي ننڍي وڏي شخص هن مڻيادار ماڻھوءَ جو ڏس ڏنو ۽ اهو به ٻڌايو ته اڄڪلھه سندن طبيعت چاڪ نٿي رهي. جڏهن مان علي حسن چانڊئي، مظهر شيخ، اسد الله نظاماڻي، سڪندر نظاماڻي، سانول ۽ خالد خاصخيليءَ سان گڏ سندس چونئري ۾ داخل ٿيس، ته هن جو هيڻو حال ڏسي ڳوڙها ڳڙي پيا. ڪارونجهر جي هزارن سالن جي تاريخ سيني ۾ سانڍيندڙ سناسيءَ کي مرضن مروٽي ڇڏيو آهي. لاڳيتي بيماريءَ کيس هڏڙن جي مٺ بڻائي ڇڏيو آهي. بيماريءَ سبب سندس هٿ پير سُڄيل هئا. اهڙي حالت ۾ به هو اسان سڀن سان اٿي بيهي ڀاڪر پائي ملي ٿو ۽ پڇي ٿو: “سنڌ ڪيئن آهي؟” علي حسن کيس سنڌ جي سياسي سماجي صورتحال جي سرسري ڄاڻ ڏئي ٿو ته هن جي اکڙين جا آگم ڇلڪي پون ٿا ۽ اسين کيس ڄڻ ڀٽائيءَ سرڪار جي بارگاهه ۾ دانهين ٿيندي ڏسون ٿا:
“پاٽوندر پيا، اچي ڪينجهر ڪنڌئين...”
چاچي نواز علي کوسي جي اگھائيءَ کي ڏسندي هرگز نه پيو جڳائي ته کيس وڌيڪ ڳالهائڻ لاءِ مجبور ڪجي، پر هي قسمت جا ميلا آهن، وري الائجي ڪڏهن ننگر پارڪر اچڻ ٿئي! اها ڳالھه ڳڻي اسان کيس ڀٽائي سرڪار جا بيت ٻڌائڻ لاءِ وينتي ڪريون ٿا. هو اسان کي سُر سارنگ، مارئي ۽ سسئيءَ مان بيت ٻڌائڻ سان گڏوگڏ ڏکين لفظن جون معنائون ٻڌائي ۽ سمجهاڻي ڏني. برابر مرحوم سائين صالح محمد شاهه، سائين سيف ٻنوي صاحب، محترم رسول بخش پليجو ۽ ڪراچيءَ جي رزاق آباد وارو سيد غفور شاهه، ڀٽائي سائينءَ جا بيت ڏاڍي وڻندڙ انداز سان پڙهي ڄاڻن پر چاچو نواز علي انهيءَ حوالي سان انهن سڀني کان اِن ڪري مختلف لڳو ته شاهه جو بيت پڙهڻ سان ئي سموري ٿر جو درد به سندس ڳلي ۾ اوتجي پئي آيو.
چاچي نواز علي کوسي اسان کي ٻڌايو ته: “سڄو سارو ٿر 22 هزار چورس ميلن تي پکڙيل آهي پر 1947ع واري ورهاڱي ٿر کي به سوڙهو ڪري ڇڏيو آهي. ” هو اسان کي ٿر جي سمورن طبعي ڀاڱن: پارڪر، وٽ، سامروٽي، مهراڻي، ڍاٽ ۽ کائڙ بابت معلومات ڏئي ٿو ۽ انهن سڀني علائقن جون جاگرافيائي حدون به سمجهائي ٿو. هو ٻڌائي ٿو ته ڪارونجهر جبل تي اهو نالو ان ڪري پيو جو انهن پٿرن تي ڪارا پٽاپٽي چٽ آهن. پٿر سڀ جو سڀ گرينائيٽ آهي جنهن مان ٽائيلس وغيره ٺهن ٿيون. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ٿر جي دولت پوءِ اها گرينائيٽ جي صورت ۾ هجي يا ڪوئلي جي صورت ۾، ان مان فائدو مقامي ماڻهن بدران ڌاريا وٺي وڃن ٿا ۽ ٿر واسين جي حالت ٻارهوئي ڀٽائي سرڪار جي هن سِٽ جهڙي آهي ته:
“ڏکي توءِ ڏڪار، توڻي وسن مينهڙا... ”
چاچو نواز علي کوسو انگريزن سان چوٽون کائيندڙ روپلي ڪولهيءَ کي ڪارونجهر جو رکوال سڏيندي، پارڪر جي بيوسي بيان ڪندي ٻڌائي ٿو ته: “هاڻ ولايتي ماڻھو ٿر کي مفتوح علائقو سمجهي، گولين سان مورن جا سينا پروڻ ڪري رهيا آهن.” هو ٻيهر ڀٽائيءَ جو بيت پڙهي ٿو:
“هنج نه قيد ڪجن، مور نه وجهجن پڃري...”
چاچو نوار علي کوسو مارئيءَ کي قومي غيرت ۽ وطن پرستيءَ جي علامت سڏيندي چوي ٿو ته کيس انهن اقتدار پرست مائين تي مٺيان وٺي ٿي، جيڪي وقت جي عمر سان کلون به پائين ٿيون ۽ پاڻ کي ماريون به سڏائين ٿيون! اسان نه چاهيندي به هن عظيم انسان کان موڪلايون ٿا. سندس ڪچهريءَ دوران مون کي ڪاڪي انور جي اها ڳالھه سمجھه ۾ اچي وئي ته علم فيلڊ ۾ آهي، باقي لائبريرين ۾ رڳو ڪتاب هوندا آهن. اسان جي منٿن باوجود هي عظيم انسان چونئري کان ٻاهر اچي اسان کي الوداع ڪري ٿو. اسان سندس پير ڇهون ٿا؛ اهي پير جن پنجهتر ورهين تائين سراسر سچ جو سفر ڪيو آهي. کانئس موڪلائيندي، بلڪه سڄو ٿر گھمندي اِها ئي گونج ٻُرندي ٻڌون ٿا ته:

تان ڪي ساڻن اور، جان آهن اوطاقن ۾،
ڏهه ڏهه ڀيرا ڏينهن ۾، پاڻ مٿانئن گھور،
ويا جي هنگلور، سي ڪرم ملندئي ڪاپڙي.

سيپٽمبر 2012ع ۾ ٿر جي سفر دوران جنهن ٻئي مور ماڻھوءَ سان ملاقات ٿي، ان جو نالو آهي: محمد سانوڻ هڱورجو. هيءُ مٺي شهر کان اٺن ڏهن ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي ٻگھار ڳوٺ ۾ رهي ٿو. استاد سانوڻ خان هڱورجو به فقير منش انسان آهي، کيس شاهه سائينءَ جا سوين بيت برزبان ياد آهن. ان کان علاوه کيس ڍاٽڪي ۽ مارواڙي ٻولين تي به دسترس آهي. هن مڻيادار ماڻھوءَ جي ڏنل محبت ڪڏهن به وسري نه سگھندي. اسان رات جو دير سان سلام ڪوٽ مان واپسيءَ تي وٽس پهتاسين. هن پنهنجي پٽن کي ماني ڪرائڻ لاءِ هڪل ڪئي ته علي حسن کيس ٻڌايو ته: اسين ماني کايو پيا اچون، ته صفا ڪاوڙجي پيو. سانوڻ خان هڱورجو، علي حسن چانڊئي جي والد چاچا سهراب جو پڳ مَٽ دوست آهي، جيڪو راڳ رنگ، شاعري ۽ لوڪ ادب جو شائق ۽ کاهوڙي انسان هو. استاد سانوڻ خان اسان کي سڄي رات شاهه سائينءَ جا بيت ۽ سنت ڪبير جا دوها ٻڌايا. جڏهن اسانجي دوست اسد الله خان نظاماڻي کانئس پڇيو ته: “اوهان جا ڳوٺ جي هندن سان تعلقات ڪيئن آهن؟” ته وراڻيائين، “اسين وحدت الوجودي آهيون. اسان جي ڀائپيءَ ۾ ڪڏهن به دين ڌرم ديوار نه بڻيو آهي”- سنت ڪبير جي شاهدي واريندي چيائين:
“ڪبيرا ڪُنوان ايڪ هي، پانهياري انيڪ
برتن سڀ ڪي نياري، پاني سڀ مين ايڪ

اسان صبح جو سائين سانوڻ وٽ نيرن ڪري نڪتاسين. نيرن ۾ کارايل تازي مکڻ، لسي ۽ ٿر جي مخصوص ڀاڄيءَ سان گڏ هن جو خلوص به شامل هو، جيڪو ڪڏهن به وسري نٿو سگھي.
***

سهراب چانڊيو: حال قربان، مال قربان

ڀٽائيءَ جو شائق، راڳ جو چاهڪ، سير سفر جو شوقين، ڪچهريءَ جو ڪوڏيو، هر ڪنهن سان هٿ جوڙ، حسن پرست، غريب پرور، فقير طبيعت، يارن تان ساهه صدقو ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار... اهو هو لاڙ پٽ جو ٻهڳڻو انسان چاچو سهراب چانڊيو، جيڪو ڪنهن وقت “ميانجي” ۽ اسي واري ڏهاڪي بعد ڪامريڊ سهراب سڏبو هو. قد جو پورو، مضبوط هڏ، ننڍڙي اڇي ڏاڙهي، مٿي تي پوتڙو يا سنڌي ٽوپي، لباس، گفتار توڙي ڪردار ۾ سراسر سنڌي. سنڌ ڌرتيءَ جهڙي دل رکندڙ. چڱن سان ته هر ڪو چڱائي ڪندو آهي پر هن بُرن ۽ بدخواهن سان به وڙان نه وڃايو.
سهراب چانڊيو لواري- نندو روڊ ويجھو سنهي گوني شاخ جي ڪڙ تي آباد ڳوٺ علي مراد چانڊيو ۾ 1936ع ڌاري ڄائو. پڙهيو ته ڪي ٻه کن درجا سنڌيءَ جا پر ڪڙهيو گھڻو. ننڍي هوندي کان ئي اهڙن ماڻهن جو ساٿ ۽ صحبت نصيب ٿيس، جيڪي علم پرور، لوڪ ادب جا مشتاق، ڳڻن جا ڳهير ۽ پنهنجي ملڪ ۽ مارن سان بي پناهه محبت رکندڙ هئا. هي يار به سندن رنگ ۾ رڱجي ويو.
لوڪ ادب جي حوالي سان لاڙ سنڌ جو انتهائي شاهوڪار خطو آهي، جتي جابجا ڀٽائي سرڪار سان منسوب ماڳ مڪان ۽ تڪيا آهن. هزارين رومانوي ۽ رزميا داستان سگھڙن ۽ شاعرن کان ٻڌي سگھجن ٿا. اوطاقن ۾ ٿيندڙ ڪچهريون به ان حوالي سان اهم هيون. عيد براد ۽ ٻين موقعن تي مولودن جون محفلون به ٿينديون رهنديون هيون. هي يار به شروعات ۾ مولود چوندو هو. سندس نالي سان “ميانجي” واري نسبت جو سبب اهو ئي هو.
1980ع ڌاري سياست سان لنئون لڳس. شهيد فاضل راهو کان متاثر ٿي عوامي تحريڪ ۾ شامل ٿيو. ان کان پوءِ هن جي نالي مان “ميانجي” واري نسبت جيئن پوءِ تيئن ڌنڌلي ٿيندي وئي ۽ ان جي جاءِ “ڪامريڊ” والاري ورتي. عوامي تحريڪ ۾ شامل هوندي به هن مولود ڳائڻ نه ڇڏيا. اُهي ته هن لاءِ مارن سان ملڻ جو ذريعو هئا. هن پئسي خاطر مولود نه چيا. تر ۾ ٿيندڙ دوستن جي ڪاڄن ۾ اهڙيون محفلون ٿينديون هيون. اُتي شاهه سائين، سچل، حمل ۽ مولوي احمد ملاح جون ڪافيون ڳائيندو هو ته اها شاعري به پڙهندو هو جنهن ۾ ديس وارن جا درد بيان ڪيل هوندا هئا. اُتي جيڪي پئسا پوندا هئس، اُهي ڪاڄ وارن کي پهو ڏئي واپس ورندو هو. 1990ع تائين عوامي تحريڪ ۾ سرگرم رهيو. فاضل جي شهادت ۽ عوامي تحريڪ ۾ ڌڙابنديءَ بعد سياسي طرح گھڻو سرگرم نه رهيو. هن جِي سياستدان بدران صوفيءَ واري دل هئي. سياستدانن واريون گوهيون ۽ اٽڪلون نه ڄاڻندو هو، ان ڪري هن پنهنجا پير سنڀالي ورتا.
چاچو سهراب چانڊيو بنيادي طور هاري ۽ مالوند ماڻھو هو، پنهنجا ڪجھه ڍور ۽ ٻه چار ٻنيءَ جا ٻارا هئس. سندس وڏي عيال جو گذر سفر ان تي ئي هو، بس هي سڄو سال کائي پي چڙهندو هو پر جڏهن دوستن تي ڏکيو ڏينهن اچي ويو، ته ٻچڙن جي کير وارو ڍور کپائيندي به دير نه ڪندو.
هن وارو فصل وڏي عيال جي کاڌي جي ضرورت پوري ڪندو هو، اُتي ٻارڙن جي لٽي ڪپڙي، ڪتاب، قلم ۽ ڪاپين جو خرچ به مهيا ڪندو هو پر جڏهن ته سڄي عيال جون خواهشون گھُٽي، ڇهن مهينن جي بُک قبول ڪري، فصل وڪڻي سنگت جي هاج پوري ڪندو هو. ايئن هڪ نه پر کوڙ ڀيرا ڪيائين. هڪ ڀيري ننگر پارڪر جو هڪ ڪولهي دوست وٽس مالي مدد لاءِ هلي آيو، ان وقت ٻيو ته وٽس ڪِي ڪين هو، بس فصل پڪو بيٺو هو، جيڪو وڪڻي سندس ضرورت پوري ڪيائين. هن، دوستيءَ ۾ هندو مسلم جي حدبنديءَ کي ڪڏهن به ليکي ۾ ڪو نه آندو. مذهبي رواداريءَ جو قائل هو. هر مذهب جو احترام ڪندو هو، باقي دوستيءَ ۾ سر چٽ مال نيلام ڪرڻ وارو هو.
چاچي سهراب سنڌ جي سونهن پسڻ لاءِ سيلاني ٿي سفر ڪيو. برابر اُتر سنڌ ڏانهن سندس اچڻ بنهه گھٽ ٿيو پر سامونڊي پٽي، رڻ، لاڙ ۽ ٿر جا ڀيرا ڀريندو رهندو هو. هر سال رڻ راهي ٿيندو هو، پنجويهه کان ٽيهه ساٿي ساڻ هوندا هئس. رڻ ۽ رُڃ جو پنڌ، جتي پاڻيءَ پاءُ لاءِ ماڻھو سِڪي، اُتي اها يارن جي صحبت ئي هئي، جيڪا کين وري وري اوڏانهن وٺي ويندي هئي. اهڙي نموني بدين جي ساحلي پٽيءَ ۾ به سندس گھڻي اچ وڃ رهي. مهينن جا مهينا وڃي اُتي رهندو هو. ٻيڙياتن سان هوڙن تي رس رهاڻيون به هلنديون رهنديون هيون.
جڏهن مئي 1999ع ۾ خطرناڪ سامونڊي طوفان سوين مانجھي ماري ۽ هزارين جھڳا برباد ڪري ڇڏيا، تڏهن هي يار به “وِهڻ مون نه وڙاءُ” چئي نڪري پيو ۽ وڃي ڀائرن ڀيڙو ٿيو. اُتي هن ڊٺل جھڳا ٻيهر اڏڻ ۾ سندن مدد ڪئي ۽ جوانن جي ڪمهلي موت تي وارثن کي دلاسا ۽ دلداريون ڏنيون. طوفان جي اثر، گھڻي ڪم ۽ هڻ وٺ همراهه کي بيمار ڪري وڌو. هي ته اگھن جي تيماداريءَ لاءِ پهتو هو، سو کانئن پنهنجي درد جو دارون ڪيئن ڪرائي. بيماريءَ جي حالت ۾ واپس ڳوٺ پهتو. دوا درمل وٺڻ سان جيئن ئي سرير ۾ صحت جو احساس ٿيس ته وري سامونڊي پٽيءَ ڏانهن سِڌ ڪيائين، جتي اڃا به ڳوٺاڻا جھريل جھوپڙا جوڙي رهيا هئا. چاچي سهراب نه رڳو سامونڊين جي مدد ڪئي، پر اُها سڄي وارتا قلمبند به ڪئي، جنهن کي سال 2000ع ۾ سندس پُٽ علي حسن چانڊئي “تڙ تڙ تي طوفان” جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.
ٿر تان هر سال ڀيرو ته هن جو معمول بڻجي چڪو هو. سڄي ٿر ۾ سندس واسطو ۽ دوستي هئي. هي ان وقت کان ٿر ويندڙ هو، جڏهن ڇڪڙا به نه هليا هئا ۽ اُٺ کان سواءِ ٻي ڪا به سواري نه هوندي هئي. زندگيءَ جو آخري عرصو ڪارونجھر جي محبت ۾ مبتلا ٿي ويو. سال ۾ ٻه ڀيرا ٿر ضرور وڃي. هونئن ته هن، پنهنجي ذاتي ضرورت جي ڪنهن شيءِ لاءِ علي حسن تي ڪڏهن زور نه ڀريو پر جيئن ئي ٿر تي وڄڙين وراڪا ٿيندا هئا، ته هي به سارنگ گنگنائڻ لڳندو هو ۽ عليءَ کي فون ڪري چوندو هو “پئسا موڪل، ڪارونجھر پيو سڏي!” هي سياح ٿي ٿر ڪڏهن به نه ويو، جتي به ويندو هو، اُتان جي ماڻهن سان پير ڀريندو هو، ساڻن ڏُک سُک ۾ شريڪ ٿيندو هو. هن آخري دم تائين ساڻن اهو تعلق قائم رکيو.
مون کي هن مڻيادار ماڻھوءَ سان فقط هڪ هفتو گڏ گذارڻ جو موقعو مليو. ڳوٺ علي مراد چانڊيو ۾ سندس ڪتاب “تڙ تڙ تي طوفان” جي مهورت ٿي رهي هئي. مان ۽ مظهر شيخ سنبري پياسين. سندن ڳوٺ جي هڪ نوجوان جي حادثاتي لاڏاڻي سبب مهورتي تقريب ته ملتوي ڪئي وئي پر هفتي جي اُها صحبت اڃا تائين هنيانءَ ۾ هرندي رهي ٿي. سنڌ جو خوبصورت وائلنسٽ ۽ ميوزيشن استاد انور شيخ لاڙڪاڻي وارو به اسان سان گڏ هو، جيڪو وائلن ۽ هارمونيم سان اوچتو پرگھٽ ٿيو، پوءِ ته رنگ رچي ويا. ڪنهن وقت استاد اسان کي وائلن تي مشهور ڌنون ٻڌائي رهيو هو ته ڪڏهن باجي تي راڳ ڳائي رهيو هو. جڏهن استاد انور ٻن چئن ٻولن کان پوءِ ٿڪجي بس ڪندو هو ته مان چاچي سهراب کي مولود ٻڌائڻ جي فرمائش ڪندو هئس. اهڙي طرح اسان جي ڪچهريءَ ۾ ڀٽائيءَ سرڪار ۽ سانوڻ فقير جا بيت به ٿيندا هئا. لطيفا ۽ حڪايتون به هلنديون هيون ته چرچا به ٿيندا رهندا هئا. چاچو سهراب اسان سان ايئن مليو، ڄڻ ورهين جا واقف هجون، ڪچهريون، مارڪا شروع ٿي ويا. هن اسان کي سڄو تر گھمايو، اُتي اندازو ٿيو ته چاچي سهراب گوني واسين کي ڳڻن سان ڳنهي ڇڏيو آهي.
هڪ موقعي تي جڏهن استاد انور شيخ ٿر جي هڪ اڀرندڙ ڪلاسيڪل فنڪار جي تعريف ڪئي ته چاچو سهراب وري ان فنڪار جي ڍولڪ نواز نينگر جي تعريف جا ڍُڪ ڀرڻ لڳو، ان تي سندس ڀاڻيجو شفيع محمد، عليءَ کي اک هڻي چوڻ لڳو: “پڇوس ته ڍولڪ نواز رنگ جو ڪيئن هو؟” عليءَ جڏهن کانئس پڇيو ته بابا هي همراهه ته ڪجھه ٻيو ٿا چون. ان تي چاچي سهراب ايئن شرمايو ڄڻ سندس چوري پڪڙجي پئي هجي، پوءِ چيائين: “هي مون سان ايئن چاڳ ڪندا آهن.” پوءِ ته استاد انور شيخ کي موقعو ملي ويو، چئي: “توهان مولودي، توهان جو سازن سان ڇا وڃي. اسان سازيندا آهيون، اسان تعريف ڪيون ته ٺهي به ٿي، توهان کي ان جو حق ناهي.”
جعفر سمون دٻهڙي وارو چاچي سهراب جو پڳ مٽ يار هو، ٻئي هڪ ٻئي جا عاشق هئا. هفتو هڪ ٻئي کي نه ڏسن ته وهلور پيا ويندا هئا. اهڙي ريت پنهنجي ڳوٺ ۾ هن جا دل گھريا دوست سندس ڀاڻيجو شفيع محمد چانڊيو ۽ قومپرست شاعر محمد بخش ويڳاڻو هئا، جيڪي کانئس عمر ۾ ته ننڍا هئا پر جيئن ته دوستيءَ ۾ ننڍ وڏائي نه ٿيندي آهي، ان ڪري اُهي کيس گھڻو ستائيندا هئا. هي به ساڻن چرچا ڀوڳ ڪندو هو پر چاچي سهراب ڪڏهن به ڪچو لفظ نه ڪڍيو.
مون هڪ هفتي دوارن اهو به ڏٺو ته هو هڪ هنڌ تي ويهي قرار ڪرڻ وارو نه هو. جيڪڏهن اسان ساڻس گڏ هلڻ لاءِ تيار نه ٿيندا هئاسين ته اڪيلو ئي نڪري ويندو هو: “فلاڻي سان هي مسئلو ٿيو آهي، فلاڻي سان هو مسئلو ٿيو آهي، فلاڻي جو لابارو آهي، فلاڻي جو مال بيمار آهي، همراهن کي پُڇي اچان!”
ٻين وانگر مون به ايئن ئي محسوس ڪيو ته هي ڄڻ علي حسن جو عاشق هجي ۽ عليءَ کي هڪ لاپرواهه محبوب وانگر ڪا به ڳڻتي نه هوندي هئي. چاچو سهراب سڄي راڄ ڀاڳ، پنهنجي سنگت توڙي عليءَ جي دوستن سان به اٿندو ويهندو رهندو هو.
5 اپريل 2014ع تي عليءَ جو فون تي مختصر ايس ايم ايس آيو “اڄ آئون يتيم ٿي ويس!” ايس ايم ايس پڙهڻ سان لڙڪ لاڙي ويٺس، ڇو جو هُو منهنجي يار جو نه رڳو والد پر عاشق ۽ دوست به هو. هن جي هوندي علي لاپرواهه ۽ بي اونو هو، پر هاڻ اُهو وقت ويندو رهيو:
ساٿي نه پسان سِي، جي هُئم هِئين ٿوڻيون....
***

استاد عبد الواحد ميمڻ: مثالي استاد ۽ مانائتو انسان

ملڪ سڄو مايا جي چڪر ۾ آھي، پنجن مان پندرهن ڪرڻ لاءِ سڀڪجھه روا ٿي پيو آهي. ان ڪري ضمير ۽ اصول کي گھڻي اهميت ڪانه ٿي ڏني وڃي پر هن جندڙيءَ اهڙا به انسان ڏٺا جن سدائين اصولن کي اهميت ڏني ، جيڪو کاڌو حق حلال کاڌو ۽ فرض ۾ ڪابه ڪوتاهي نه ڪئي. اهڙو ئي هڪ مانائتو شخص سن شھر جو سائين عبدالواحد ميمڻ هو، جنهن پنهنجي ڄمار جا 68 ورهيه درس تدريس کي ڏنا. هن ٻه سرڪاري نوڪرين ڪيون. سائين عبدالواحد پهريون پرائمري استاد ۽ پوءِ سن ۾ پوسٽ ماسٽر مقرر ٿيو. ٻئي ڊيوٽيون ائين ڪيائين جو ڪير ڪري ئي نه سگھي. هن کي اکين تڏهن اوڙکيو جڏهن1985ع ۾ خط پوسٽ ڪرڻ لاءِ سن جي پوسٽ آفيس ۾ وڃڻ ٿيو.
سائين عبدالواحد بت ۾ ڀريل ۽ دراز قد هو. سندس اکين ۾ ڪا اهڙي ڏيا هئي جو ساڻس نظر ملائي نه سگھبي هئي. مون پهريون ڀيرو کيس هڪ نظر ڏسي اهو اندازو لڳايو هو ته هيءُ ڪو عام ماڻھو ناهي. سائين عبدالواحد اجايو نه ڳالهائيندو هو. ڪم جي ڳالھه ڪبي. هڪ ڀيري خط پوسٽ ڪرڻ وياسين، اسان جا حساب ڪتاب ۾ سائينءَ ڏانهن چار آنا رهيا جيڪي وٽس کليل نه هئا. اسان ان کي خير جهڙي ڳالهه سمجھي واپس موٽڻ جو ارادو ڪيو ته اسان کي هٿ سان ويهڻ جو اشارو ڪيائين ۽ پنهنجي هڪ ساٿيءَ کي ڏهه رپيا کُليا ڪرائڻ لاءِ ڏنائين. اتي هڪ همراھ ٻڌايو ته اهي ته چار آنا هئا پر جي پنج پئسا به توهان جا بچن ها ته سائين سؤ رپيا کليا ڪرائي به اوهان کي ڏئي ها ۽ جي اوهان ڏانهن پنج پئسا رهن ها ته به اوهان کي هرگز نه ڇڏي ها، ضرور وصول ڪري ها. هي اهو وقت هو، جڏھن اهڙيون شڪايتون به ٻڌڻ ۾ اينديون هيون ته پوسٽ ماسٽر لفافن تي لڳل ٽڪليون به لاهي ٿا وٺن ۽ ماڻهن جا خط رليو وڃن. اتي اها خبر پئي ته پوسٽ ماسٽريءَ کان اڳ سائين پرائمري اسڪول سن جو هيڊ ماستر هو۔ ھن ساندهه چوويهه ورهيه سن ۾ ڊيوٽي ڪئي. سندس سوين شاگرد وڏن عهدن تي وڃي رسيا پر هن ڪڏهن کين جائز ڪم به نه چيو.
سائين عبدالواحد سن شھر ۾ محمد عرس ميمڻ جي گھر 1913ع ڌاري جنم ورتو. پرائمري تعليم سن جي هندو استادن کان ورتائين. فائنل پاس ڪري 1930ع ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو. تڏهن سن شھر ضلعي ٺٽي ۾ ھو، ان ڪري هن جي پهرين پوسٽنگ ٺٽي ۾ ٿي.1931ع ۾ دادو ضلعو ٿيڻ کانپوءِ سندس بدلي تعلقي ڪوٽڙيءَ جي ڳوٺ قبي ۾ ٿي. ان سال ئي هن پي ٽي سي ڪئي، جتي سندس استاد مشهور اديب ۽ تعليمي ماهر سائين محمد صديق مسافر هو. پاڻ اهڙن ئي مخلص استادن جي صحبت ۾ رچي ريٽو ٿيو هو. ٽريننگ کانپوءِ کيس پرائمري اسڪول مانجھند ۾ مقرر ڪيو ويو. مانجھند ۾ ڊيوٽيءَ دوران روزانو آئوٽ بيڪ ڪندو هو. تنهن وقت گاڏين جي ڪابه سهولت ڪانه هئي. سن کان مانجھند جو پنڌ 20 ڪلوميٽر هو۔ هن وٽ نه ته ڪا موٽر هئي، نه وري ڪو وهٽ هو جنهن تي چڙهي منزل رسي، ان ڪري سائين، اڌ رات جو اٿي هيڪل هلي پوندو هو ۽ نماز مهل اچي لاکن ۾ پهچندو هو. لاکن ۾ نماز ادا ڪري وري پنڌ کي ڇڪيندو هو ۽ ٽائيم کان اڳ اسڪول رسندو هو. پورا پندرهن ورهيه سندس اهو معمول رهيو. پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ مين پرائمري اسڪول سن جو هيڊ ماستر مقرر ٿيو ۽ 1971 ۾ رٽائر ڪيائين پر پڙھڻ پڙھائڻ کان ناتو نه ڇنائين.
تعليم کاتي مان رٽائر ڪرڻ کانپوءِ شاهه حيدر ايجوڪيشنل سوسائٽي سن جي پليٽ فارم تان تعليمي خدمتون جاري رکيائين، جنهن جو پاڻ باني ميمبر ۽ ٻٽيهه ورهيه جنرل سيڪريٽري ٿي رهيو. شاهه حيدر ايجوڪيشنل سوسائٽي قائم ڪرڻ رهبر سنڌ جي لائق فرزند سائين امداد محمد شاهه جو ڪارنامو آھي. ساڻس ساٿ ۾ کوڙ سارا ماڻھو هئا جن پنهنجي وت ۽ وس آھر ڪم ڪيو پر ان ۾ سائين عبدالواحد جو ڪردار ناقابل فراموش آھي. اصل ۾ سائين امداد محمد شاهه 1958 ع ۾ پرڏيهه مان تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ واپس اچي ان ڪم جي شروعات ڪئي هئي. هن، ايجوڪيشنل سوسائٽي قائم ڪرڻ کان اڳ سائين عبدالواحد سان ڊگھيون ڪچھريون ڪيون ۽ ساڻس ان سلسلي ۾ مشورا ڪيا. ان دور ۾ شاهه حيدر سوسائٽيءَ پاران مڊل اسڪول ۽ بورڊنگ هائوس قائم ڪيو ويو، جنهن ۾ لڪيءَ کان پيٽاري تائين جا شاگرد پڙھندا هئا جن کي کاڌو پيتو ۽ ڪتاب ڪاپيون مفت ملندا هئا ۽ سائين اهي پنهنجي هٿن سان شاگردن ۾ ورهائيندو هو. 1971 کانپوءِ سوسائٽيءَ پاران مختلف ڳوٺن ۾ اسڪول کوليا ويا جن کي پڻ يونيفارم، ڪتاب ڪاپيون وغيره مفت ڏنا ويندا هئا جيڪي سائين عبدالواحد بسن ۾ چڙھي اتي پهچائي ايندو هو ۽ ان ڪم ۾ دير نه ڪندو هو. هو حقيقي سماج سڌارڪ هو، کيس پنهنجي قوم جي تعليم جو اونو هو. هو اهو ڄاڻي پيو ته تعليم ئي قوم جي قسمت بدلائي سگھي ٿي.
سائين عبدالواحد روزي، نماز جو پابند ۽ تهجد گذار هو. مذھبي حوالي سان ديوبند فڪر سان لاڳاپيل هو، البت سياست کان ڪناره ڪش رهيو ۽ دين ۾ سياست جو قائل هرگز به نه هو. بيجا خرچ نه ڪندو هو، باقي ڀنهنجي پگھار مسجد ۽ نمازين تي خرچ ڪري ڇڏيندو هو.
جواني کان وٺي پيريءَ تائين ميمڻ مسجد جي سيوا ڪيائين. نمازين جي سک ۽ آسائش لاءِ سدائين انتظام ڪندو رهندو هو. مسجد جي صفائي پاڻ ڪندو ۽ نمازين جي وضوءَ لاءِ پاڻي به پورهيت ٿي ڀريندو هو. سياري ۾ تهجد گذارن لاءِ گرم پاڻيءَ جو به انتظام ڪندو ھو. مسجد جو وڏو خرچ ھو: بجلي، گئس ۽ ٻيون سهولتون اچڻ کانپوءِ ڪم ته گھٽيو هو پر ان لاءِ خرچ وري به ضروري هو. پکن، نکن ۽ مرمت لاءِ پئسن جي ضرورت پوندي رهندي هئي، جنهن لاءِ سرنديءَ وارن کان چندو ڪرڻو پوندو هو. چندي واري چڪر کان بچڻ لاءِ هن پنهنجي گريجوئٽي جي پئسن مان ڊيڪوريشن جو سامان وٺي رکيو ۽ ان جي سڄي ڪمائي ميمڻ مسجد جي سار سنڀال لاءِ استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪري ان تي عمل به ڪيو. ان سان گڏ ڪميونٽيءَ لاءِ به ڊيڪوريشن مفت ڏني ويندي رهي، جتي برادريءَ جي شادين غمين جا ميڙاڪا ٿيندا رهندا آھن. سائين عبدالواحد جوانيءَ ۾ شادي ڪئي ۽ کيس پٽ جو اولاد به ٿيو پر ستت ئي ٻئي ماءُ پٽ بيماريءَ وگھي هي جهان ڇڏي ويا. سائينءَ ٻي شادي نه ڪئي ۽ پنهنجي ڀائٽي کي پاليو.
چون ٿا ته هي سيد امير حيدر شاهه ۽ سيد امداد محمد شاهه جو به استاد رهيو جيڪي سندس وڏو ادب ڪندا هئا. پاڪستان ٺھڻ بعد جيئن ئي ملڪ مسلم بيوروڪريسيءَ جي هٿ آيو ته بدعنوانين ۽ ڪرپشن جا واھڙ وهي پيا. رات وچ ۾ ڪک پتي ڪروڙ پتي ٿي ويا. سر سامهون هجي ته ڪير جل مان ٻُڪ نه ڀريندو پر هيءُ ڀٽائي سرڪار جي بي داغ ڪردارن وانگر پاتال ۾ به پُسڻ کان پالهو رهيو. هن ٻين وانگر پنهنجي مالڪ سان ٺڳي هرگز نه ڪئي جيڪي رشوت وٺي ٻه رڪعتون نماز ادا ڪري ڇڏيندا آھن ۽ سجدي ۾ سڻڀيون پوسٽون طلبيندا رهندا آھن. هي الله کان ڊڄڻ وارو هو ۽ ان کي حاضر ناضر ڄاڻي ان جي احڪامن جي ڀڃڪڙي نه ڪندو هو. ڪنهن جي به سفارش نه ٻڌندو هو، پوءِ ڀلي ڇا به ٿي پوي. هن سدائين ميرٽ کي مانَ ڏنو. حقدار جي حق جو قائل هو. اهڙي ايمانداريءَ هن لاءِ کوڙ مسئلا به پيدا ڪيا. اسان جا ماڻھو بي ايمانن جي بي ايمانين جا پٽڻا ته پٽيندا رهندا آھن پر ايماندار ماڻھو به کانئن برداشت نه ٿي سگھندو آهي. سائين عبدالواحد ڪنهن به ماڻھوءَ کي رنج نه رسايو پر سندس ايمانداريءَ ڪري ڪجھه ماڻھو کانئس ارها به هئا جنهن جي هن کي ڪابه پرواهه نه هئي. جيئري جھميلا ڪندڙ ماڻھو سندس مرڻ کانپوءِ ايمانداريءَ جي مثال ۾ سندس ئي نالو کڻندا آھن.
سائين عبدالواحد 25 اپريل 1999ع تي وفات ڪئي. کيس پير حيدر قبرستان ۾ لحد ۾ لاٿو ويو. اڄ به سندس ڊيڪوريشن وارو سامان هن جا پيارا شاگرد سردار علي سولنگي ۽ نبي بخش ميمڻ سنڀالي رهيا آھن، جنهن مان مسجد ۽ ڪميونٽيءَ جو خرچ پکو هلي ٿو.
سائين عبدالواحد جهڙا ماڻھو هاڻ ڪوهين نٿا لڀن. مون کي پڪ آهي ته جڏهن به سن جي تاريخ بيان ٿيندي ته شھر جي عظيم هستين ۾ سندس نالو ضرور شامل هوندو. سائين عبدالواحد ميمڻ پاڻ به عظيم هو ۽ هن، عظيم ماڻھن کي سنواريو سڌاري پارس بڻائي ڇڏيو.
***

استاد غلام رسول منگي: ذميوار تعليمدان

1900 ڌاري پوندڙ لوڙهه سبب ڳوٺ شاهه جمال ۾ رهندڙ منگي برادريءَ جا سڀئي ماڻھو اجل جو کاڄ بڻجي ويا. فقط هڪ نينگري سماهبي زنده بچي، جنهن کي ڳوٺ جي چڱي مڙس حاجي لعل بخش شيخ پالي نپائي اگھم ڳوٺ جي هڪ نوجوان محمد سومر منگيءَ سان پرڻائي ڳوٺ ۾ رهايو. شاديءَ کان پوءِ 1915ڌاري کين پهريٽي پٽ غلام رسول ڄائو، جنهن اڳتي هلي تر اندر تعليم جي واڌاري لاءِ وڏو ڪم ڪيو. هزارين شاگرد پيدا ڪيا ۽ کين نصابي تعليم سان گڏ غير نصابي سرگرمين لاءِ به اتساهيو. نوجوان غلام رسول منگي فائنل پاس ڪري ويهن ورهين جي عمر ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو.
اسان جي تر ۾ ادبي، علمي توڙي سياسي سجاڳيءَ ۾ سائين غلام رسول منگيءَ جي ڪردار کي ڪڏهن به فراموش نٿو ڪري سگھجي. سائين، اسڪول ۾ ڊراما ڪرائيندو هو جنهن ۾ ڳوٺ سميت سڄي ٿر جي ماڻهن کي دعوتون ڏئي گھرائيندو هو. ڊراما گھڻو ڪري پاڻ ئي لکندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ٻين ليکڪن جا ڊراما به اسٽيج ڪندو هو، جنهن ۾ شيڪسپيئر جا ڊراما به شامل هوندا هئا. ڊرامن جا اداڪار سندس اسڪولي شاگرد هوندا هئا، جن مان ڪيترن اڳتي هلي اداڪاريءَ کي پروفيشن بڻايو. ان کان سواءِ هن، پنهنجي شاگردن ۾ ٻئي علم سان گڏ شاعري ۽ سنگيت سان به چاهه پيدا ڪيو.سائين غلام رسول جي وقت ۾ سنڌي ست درجا پڙهائي ويندي هئي، جنهن کي فائنل چوندا هئا. ان دور جي سنڌي فائنل اڄوڪي مئٽرڪ کان وڌيڪ ڏکي ۽ محنت طلب هوندي هئي. وڏي ڳالھه ته ان دور ۾ ڪاپيءَ جو ڪو تصور ئي ڪو نه هو. سائين غلام رسول شاگردن کي فائنل جي تياري ڪرائيندو هو. اسان جي ڳوٺ جي استاد لعل بخش پيرزادي، صحافي انور پيرزادي، ڊاڪٽر محمد حسن پيرزادي سميت ڪيترن ئي ماڻهن ابتدائي سبق هن عظيم استاد کان ورتا ۽ اهي وڏي فخر سان اعتراف ڪندا هئا ته “سندن زبانن تي چڙهيل تالا سائين غلام رسول منگيءَ لاٿا.” اڄ هو اسٽيج تي اچي بي ڌڙڪ ڳالهائين ٿا ته اهو سائين غلام رسول منگيءَ جي محنت جو نتيجو آهي.
سائين غلام رسول جو هڪ ويجھو عزيز علي نواز به سندس شاگرد هو جنهن کي هو پنهنجي ڊرامن ۾ هيروئن جا ڪردار ڏيندو هو. علي نواز شڪل صورت جو به چڱڙو هو. زنانا ڪپڙا پائي جو ڊانس ڪندو هو ته ماڻھو اول گھول پيدا ويندا هئس. بس پوءِ ته جتي به ڊرامو ٿئي، هيروئن جو ڪردار علي نواز کي ملي. اهڙي ناماچاري اسان جهڙي جاگيرداراڻي معاشري ۾ بدناميءَ جو باعث بڻجي ويندي آهي. اهو ئي علي نواز سائين غلام رسول جي ڌيءَ سان مڱيل هو پر لوڪ ٻوڪ جي ڳالهين ۾ اچي هن کي ڌيءَ ڏيڻ کان نٽ نٽاءُ ڪرڻ لڳوته ڪنهن سالڪ پڇيس: “سائين اهو ڇا ٿا ڪيو؟” چي: “اهڙي ماڻھوءَ کي ڪيئن ڌيءَ ڏيان، جيڪو وتي ٿو مائين وارا ڪپڙا پائي نچندو.” تنهن تي همراهه چيس “سائين، ان جا ذميوار به اوهان پاڻ آهيو، شروعات ۾ توهان هن کي ڊرامن ۾ زنانا ڪردار ڪرايا، هاڻي هو مشهور ٿي ويو آهي ته اوهان ئي ان جا مخالف ٿي ويا آهيو!” سائينءَ کي ستت ئي ڳالھه سمجھه ۾ اچي وئي ۽ ڌيءَ جو سڱ نه ڏيڻ واري ضد تان لهي ويو.
1936 ۾ سائين غلام رسول ٻين ڳوٺاڻن سان گڏجي ٻلهڙيجيءَ ۾ اچي ويٺو، جتي هن شادي ڪئي، جنهن مان استاد غلام اڪبر منگي ۽ صحافي هدايت منگي ٻلهڙيجيءَ ۾ ڄاوا. سائين غلام رسول جو ننڍو ڀاءُ غلام قادر منگي به راڳ ويراڳ سان چاهه رکندڙ رنگين طبيعت جو مالڪ هو. ... ڌاري استاد غلام رسول ۽ سندس ڀاءُ پوءِ ٻلهڙيجيءَ مان لڏي وڃي بگيءَ ۾ ويٺا، جتي هن کي سڪندر علي، منظور علي ۽ عبدالغني عرف حاڪم منگي پيدا ٿيا. سائين غلام رسول منگي حسابن جي علم جو ماهر هو. اسان جي تر جا اڪثر ماڻھو چوندا آهن ته کين حساب ڪتاب سائين غلام رسول منگيءَ سيکاريا. هن حسابن جو ڪتاب به لکيو، جنهن کي غلام رسول منگيءَ جي انگي سڏيو ويندو هو. اهو ڪتاب ڪنهن به پريس ۾ شايع نه ٿيو، وٽس هٿ اکرن ۾ موجود هوندو هو. ڪڏهن ڪهڙو ته ڪڏهن ڪهڙو استاد وٺي ويندو هئس. هاڻي اهو ڪتاب سندس وارثن وٽ موجود ناهي. جيئن سندس ٻيو مواد وڃائجي ويو تيئن ”اخبار تعليم“ مئگزين ۾ هن جا لکيل مضمون، ڪهاڻيون ۽ شعر به سندس پونئير سانڍي نه سگھيا.
ان وقت استادن کان پڙهائيءَ کان علاوه ٻيا ڪم به ورتا ويندا هئا، جيئن اڄوڪي دور ۾ ورتا ويندا آهن. ان دور ۾ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ کي سندس ئي ڳوٺ ٻنڊيءَ ۾ نظربند ڪيو ويو هو، جنهن جو اچڻ وڃڻ فقط گھر ۽ پنهنجي باغ واري اوطاق تائين محدود هو. سرڪار سڳوري سائين غلام رسول منگيءَ تي سوڀي جي نظرداريءَ جي ذميواري رکي ۽ کيس چيو ويو ته سوڀي وٽ جيڪي مهمان اچن ٿا، هي انهن جي رپورٽ پيش ڪندو رهي. استاد غلام رسول اها ذميواري قبول ته ڪئي پر ڪڏهن به سوڀي گيانچنداڻيءَ بابت منفي رپورٽ مٿي نه پهچائِي، اڃا به هي پنهنجي پٽن کي هدايت ڪندو رهندو هو ته سوڀو سٺو ۽ هوشيار ماڻھو آ، اوهان کي انگريزي سکڻي آهي ته سوڀي وٽ وڃو، ان کان سکو. اهڙي طرح سندس پٽ هدايت منگي ڄڻ ته سوڀي جو صلو بڻجي ويو. استاد غلام رسول منگيءَ ٻلهڙيجيءَ سان ناتو ڪڏهن به نه ٽوڙيو. هر محرم جو پهريون ڏهو ٻلهڙيجيءَ ۾ گذاريندو ۽ اتي جنگ نامو پڙهي ٻڌائيندو هو. ڳوٺ جا سڀ ماڻھو پٽ تي ويهي ڪربلا جوقضيو ٻڌندا هئا. سائينءَ جي آواز ۾ ڪو اهڙو اثر هو، جو سمورا ماڻھو روئي وهندا هئا. سائينءَ کي ان دور جي مجازي شاعرن جو چڱو خاصوڪلام ياد هو ۽ پاڻ به اهڙي ئي شاعري ڪندو هو. هن 53 ورهين جي ڄمار ۾ 1968ع ۾ وفات ڪئي. سندس امڙ سماهبي عرف امان سمي ان کان گھڻو پوءِ اٽڪل هڪ سو ورهين جي ڄمار ۾ هيءُ جهان ڇڏيو.

سائين نور الله آگرو: سخت، رعبدار ۽ اصول پسند استاد

سائين نورالله آگرو هئو ته پرائمري استاد باقي رعب تاب ۽ سزا ڏيڻ ۾ سنڌ جي ڪنهن به ڏنگي صوبيدار کان گھٽ نه هو. هو، استادن جي ان گروهه مان هو جيڪي مار کي سنوار سمجھڻ جا قائل هئا، ان ڪري شاگردن کي سڌارڻ لاءِ کين طرحين طرحين تڪليفون ڏيندو هو. ڪچي جا ماڻھو هن جي مار ڏسي چوندا هئا “جيڪو به ڇورو استاد نور الله جي مار پچائي ويو، ان کان پوليس به ڏوهه باسرائي نه سگھندي!” چور هن جي مار ڏسي ٻئي هٿ ڪنن تي رکي چوندا هئا “مالڪ جا ڪروڙين ڪرم جو سائين نور الله استاد ٿيو، جيڪڏهن هي پوليس آفيسر ٿئي ها ته اصل کنڌا کڻي ڇڏي ها.”
سائين نور الله اٺن ڏهن ورهين جي ٻالڪ جي ترين تي چار پنج لئيءَ جا لڪڻ ته ضرور ڀڃندو هو. اها سزا ته ڪا ڳالھه ئي نه هئي. ايتري عمر جي ٻارڙن کي 100 کان 200 ڀيرا ڪن گوشي ڪرائڻ، سياري ۾ آڱرين ۽ ڏوڏين تي لڪڻ وسائڻ، ڳٽن تي زوردار چماٽون هڻڻ، پٺيءَ تي مڪون توڙي پيٽ ۾ لتون ٺوڪڻ ايڏيون اذيتناڪ سزائون نه هيون؛ هن جو هڪ ٻيو وار ته صفا خطرناڪ بلڪ وحشتناڪ هو: ڇا ڪندو جو ٻار جي ڇاتين ۾ هٿ وجھي، وٺي کڻي مٿي کڻندو. ان مهل ٻار بي آب ماهيءَ جيان ڦٿڪندو رهندو هو ۽ سندس دل چوندي هئي ته ساهه نڪري ته جند ڇٽي.
سائين نور الله محبت ديري جتوئي ڀرسان آگرا ڳوٺ جو ويٺل هو. مشهور ليکڪ غلام رباني آگرو سندس ڳوٺائي، ويجھو عزيز ۽ هم عمر هو. قد بت، رنگ ۽ نقش و نگار ۾ خوبصورت جوان هو. بت ۾ ڀريل، ڊگھو قد، رنگ جو ڀورو، ڪڙڪيدار آواز. سدائين خوش پوشاڪ، ڪڏهن نه سندس ڪپڙن ۾ ڪو گھنج يا داغ ڏٺوسين، توڙي جو هيءُ ڪچي ۾ رهندو هو، جتي سڄو ڏينهن ڌوڙ وسندي رهندي هئي.
سائين نور الله 1974ع ڌاري ڏوڪري تعلقي جي ڪچي واري ڳوٺ وزير ممڻاڻيءَ ۾ پرائمري ماستر ٿي آيو. هفتي جا ڇهه ڏينهن اسڪول جي ڀرسان وڏيري علي محمد ممڻاڻيءَ جي اوطاق تي رهندو هو. تڏهن جمعي جي ڏينهن موڪل هوندي هئي. خميس تي اڌ ڏينهن اسڪول وٺي ڳوٺ روانو ٿي ويندو هو ۽ ڇنڇر تي صبح جو واپس پهچي ويندو هو. ان وقت ٻين اسڪولن ۾ آفيسر وزٽ تي ويندا رهندا هئا پر هن اسڪول جي وزٽ ڪرڻ سندن وس کان ٻاهر هو، ڇاڪاڻ جو ان لاءِ درياهه ۽ ڍنڍ پار ڪري پهچڻو ٿي پيو. ان وقت ڪچي ۾ پوکون گھٽ، جھنگ ۽ ٻيلا گھڻا هوندا هئا. آفيسرن جي اچڻ جا خاص انتظام ڪيا ويندا هئا: ٻيڙين جو بندوبست ڪبو هو، اٺن جو انتظام ڪبو هو. سالياني امتحان لاءِ مهينو کن اڳ ۾ ٻڌايو ويندو هو، جيئن گھربل بندوبست ڪري سگھجي. اهڙي هنڌ تي اسڪول هئڻ جي ڪري استاد نور الله ڊيوٽيءَ کان گسائي ها ته ڪو به کيس روڪڻ وارو نه هو، پر هن ڪڏهن نه گسايو. صبح جو اٺين کان شام جو پنجين بجي تائين پڙهائيندو رهندو هو. ٻارن کي منجھند جي ماني پاڻ سان کڻي وڃڻي پوندي هئي. سندس چوڻ هو ته موڪل کان پوءِ واندو ويهڻو ٿو پوي، ان ڪري ٻارن کي، شام تائين پڙهڻو پوندو. اسڪول ۾ “سنڌي سونهون” (گائيڊ) استعمال ڪندو هو. لفظن جون معنائون ياد ڪرائي ٻڌندو ۽ ٻارن کي هڪٻئي کان چماٽون هڻائيندو هو. جيڪڏهن ڪنهن ٻار ڪهل ڪري ساٿي شاگرد کي هوريان ٿڦ هنئي ته استاد پاڻ ان کي صحيح نموني چماٽ هڻي ڏيکاريندو هو ته معصوم ٻالڪ جو لوڻو ڦري ويندو هو. ان خوف کان شاگرد هڪٻئي کي چماٽون هڻي سڄائي ڇڏيندا هئا.
سائين نور الله وقت جو پابند، کائڻ پيئڻ ۾ وضعدار ۽ وڏو سليقيدار شخص هو. اجايو خرچ نه ڪبو. ڳوٺ کان سائيڪل تي اسڪول ايندو هو. اسڪول پهچي سائيڪل شاگردن کان شيشي وانگر چمڪائي ان کي تالو هڻي بيهاري ڇڏيندو. جنهن ڏينهن ڳوٺ ويندو، ان ڏينهن سائيڪل جو تالو کلندو، ٻيهر ٿوري صفائي ٿينديس ۽ پوءِ ان تي چڙهي روانو ٿي ويندو هو. ڪنهن کي به جرئت نه ٿيندي جو سائينءَ کان سائيڪل گھري سگھي. سورهن سالن کان پوءِ سائيڪل کپايائين ته ان ٻيڻي رقم ڪئي، ڇاڪاڻ جو انهيءَ عرصي دوران مهانگائي به چوٽ چڙهيل هئي. ٻيو ته سائينءَ جي سائيڪل بلڪل نئين لڳي پئي هئي. ان بعد موٽر سائيڪل ورتائين جيڪا آخر تائين وٽس هئي. سائين نورالله جنهن ڳوٺ ۾ ڊيوٽي ڪندو هو، اتي فقط هڪ ڄڻو سرور صاحب پڙهيل لکيل هو، اهو به گھڻو وقت نوڪريءَ سانگي ٻاهر رهندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ڳوٺ ايندو هو، جنهن سان گڏ سائين نور الله بي بي سي ٻڌندو هو، باقي ته چوراڻو راڄ هو، ڄٽڪو ماحول هو، هڪ ٻئي سان ڪچا چرچا هئا، ٻڌي ڇوڙيءَ جون ڳالهيون هيون، جن کان سائين الڳ ٿلڳ هو، ان ڪري رات جو وقت دوائون ٺاهڻ ۾ گذاريندو هو. سائين حڪمت سان گڏ ايلوپيٿيءَ جو به ٿورو تجربو رکندو هو ۽ ڪچي جي ماڻهن جو علاج ڪندو هو. هن زندگيءَ ۾ ڪو به نشو نه ڪيو ۽ نه ڪڏهن سگريٽ واپرايائين.
وڏيري علي محمد جي اوطاق تي ڳوٺاڻن جي وندر لاءِ تاش به رکيل هوندي هئي پر سائين ڪڏهن به پتن کي هٿ نه لاتو. ڳوٺاڻا راند لاءِ صلاحيندا هئس ته کين چوندو هو: “مان پتا نه سڃاڻي سگھندو آهيان.” رٽائرمينٽ کان پوءِ اسان جي تر جي ماڻهن جڏهن کيس پنهنجي ڳوٺ ۾ تاش کيڏندي ڏٺو ته چيائون: “سائين، اسان سان ته اوهان ڪڏهن نه کيڏيا، هتي ڪيئن پيا کيڏو؟” تڏهن چوڻ لڳو : “ايئن راند ڪيان ها ته شاگردن تي خراب اثر پوي ها ۽ ڳوٺاڻا به حجائتا ٿين ها، ان ڪري اتي راند نه کيڏيم.”
مان ٽئين درجي تائين سائين نورالله وٽ پڙهيس، جڏهن چوٿينءَ ۾ پهتس ته سائين رٽائر ڪري ويو، جنهن بعد مون پرائمري اسڪول حاجي لعل بخش ۾ داخلا ورتي. هونئن سائين نور الله ٻلهڙيجيءَ جي شاگردن لاءِ به نئون نه هو. ڪچي ۾ ٻوڏ ايندي هئي ته سائين ٻلهڙيجي اسڪول منتقل ٿي ويندو هو. هتي ڪچي جي ابتڙ، والدين ٻارن جي سفارش لاءِ ايندا رهندا هئا ۽ سائينءَ جو اهو اصول هو ته سفارشي ٻار کي سٽڪي ضرور ڏيڻي آهي، پوءِ گسائڻ تان نه ته سبق تان يا وري شرارت تان، ان ڪري پرائمري اسڪول حاجي لعل بخش جا ٻارڙا دل سان دعا گھرندا هئا ته الله ڪري ڪچي ۾ ٻوڏ نه ٿئي. ان دؤر جا اڪثر استاد شاگردن کان گھر جو ڪم ڪار ڪرائيندا رهندا هئا، جنهن ۾ ڪاٺيون ۽ مال جو گاهه ڪرائڻ ۽ اٽو پينهائڻ جهڙا ڪم شامل هوندا هئا. توڙي جو سائينءَ جو هتي گھر نه هو پر ڪچي ۾ رهڻ ڪري ٻين کان ٻيڻو ڪري ويندو هو. ڪچي ۾ جيڪي به وٿون ٿينديون هيون، اهي مند سان کيس ضرور ملنديون هيون، جهڙوڪ چڻن جي پلي، سرنهن جو ساڳ، مٽرن جون ڦريون، چڻن جا ڦوٽا، ٻير، کنڀيون،داليون وغيره ته وٺي ويندو هو، ان سان گڏ سال ۾ ٽيهه سير کن ماکي ۽ اڌ مڻ مکڻ به گڏ ڪري ويندو هو. اهڙي طريقي سان شاگردن کان مڃ پِڃائي اها اڌ تي ڏئي سال ۾ ويهارو کن کٽن جو واڻ به وٺي ويندو هو. کٽن جي ٻانهين لاءِ ٻير جون ڪاٺيون به مفت ملي وينديون هئس. هر سال امتحان تي ٻه اڍائي کارا ڪڪڙين جا به وٺي ويندو هو. ان حوالي سان سندس هڪ ئي نعرو، هڪ ئي اعلان هوندو هو: “ڪڪڙ ڪري ٽان، پاس ڪيانءِ مان.” شاگرد جي ڪارڪردگي سٺي هجي يا خراب، کيس امتحان تي ڪڪڙ ضرور ڏيڻو پوندو هو.
سائين نورالله معصومن کي ايڏي مار ڏيڻ باوجود قرار محسوس نه ڪندو هو، ماري ماري هچ ٿيڻ کان پوءِ چوندو هو “خدا جي خوف کان ٿو ڊڄان، نه ته جيئري گڏهه جي پيٽ ۾ سبرائي ڇڏيانءِ ته وتين هينگون ڏيندو!” اهو ته چڱو جو سائينءَ کي خوفِ خدا هو، نه ته معصوم ٻارن سان ان کان وڌيڪ الائجي ڪهڙو قهر ٿئي ها. سائين نوڪري پوري ڪرڻ کانپوءِ رٽائرمينٽ ورتي. اڃا سندس عمر سٺ ورهيه نه ٿي هئي. پينش وٺڻ لاڙڪاڻي ويندو هو، ته اسان جي اوطاق تي ضرور ايندو هو. رٽائر ٿيڻ کانپوءِ ٽريڪٽر ورتائين. پنهنجي زمين پاڻ کيڙيندو هو.
سائين نور الله دل جي دوري سبب 1992ع ۾ وفات ڪئي. مڙسي ۽ شرافت سان وقت گذارڻ سبب اڄ به اسان جي تر ۾ کين سٺن لفظن ۾ ياد ڪيو وڃي ٿو.
***

استاد لعل بخش پيرزادو

سائين لعل بخش اسان جي ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ جو شروعاتي انگريزي استاد بلڪ استاد ابن استاد هو. سندس والد سائين الله بخش پيرزادو به پرائمري استاد ٿي رهيو جنهن اٽڪل چاليھ سال ڳوٺ ۾پڙھايو. سائين لعل بخش استاد ھئڻ سان گڏ شھسوار، سياستدان، شاعر، گلن جي جنس جو واپاري ۽ آبادگار به هو. پنهنجن سمورن ڪمن ۾ جيترو هوشيار ۽ چتر هو، اوترو ئي سادو به هو. اڳلو سندس ڳالھه توڙي جو ڀرپور دلچسپيءَ سان ٻڌندو هجي، پوءِ به ان جو هر هر پاڻ ڏي ڌيان ڇڪائڻ سندس مزاجي مجبوري هئي. ڳالھه ڳالھه تي ”ٻڌو“ سندس تڪيه ڪلام هو. سائين نه رڳو انگريزن وانگر سنڌي ڳالهائيندو هو پر شهپرن جي معاملي ۾هٽلر کان متاثر نظر ايندو هو، بلڪه ان معاملي ۾ اڃا به وڌيڪ نفاست جو نمونو هو، شهپر ته نه، بلڪ نڪ جي هيٺان ڄڻ ننڍڙي اُڀي ليڪ هجي.
هن 1937 ۾ اکيون کوليون. پنهنجي والد ۽ ٻين سچيت استادن وٽ پڙھيو. مئٽرڪ 1956 ۾ ۽ ايم اي 1966 ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. 1957 ۾ پرائمري استاد ٿيو جنهن بعد جي ايس ٽي ٿيو ۽ ايڇ ايس ٽي جي حيثيت سان رٽائرڊ ڪيائين. آئون ته سائين لعل بخش وٽ نه پڙھيس پر سينئر دوستن کان هن جا ڏاڍا قصا ٻڌم. سائينءَ جي مار جو بيان ڪندي توبھ توبھ جي تنوار سان گڏ نڪ گِيس به پئي هلندي هئن. ساڳئي وقت اهي، سائين لعل بخش جي قابليت،وقت جي پابندي ۽ محنت جي به تعريف ڪندا رهندا هئا. اهو اهڙو دور هو جنهن ۾ استاد جي مار مباح هئي. ڪي ڪي اهڙا استاد هئا جيڪي ٻار جي نفسيات پرکي ان مطابق ساڻس پيش ايندا هئا باقي ته آرام شاهه جي استعمال کي ئي ڪارگر سمجھندا هئا. ان سان ائين به ٿيندو هو ته گھڻا هوشيار شاگرد به سختيءَ سان پيش ايندڙ اهڙن استاد جي خوف کان اسڪول ئي اچڻ ڇڏي ڏيندا هئا. سائين لعل بخش جي مار جو شڪار اڪثر ڳوٺ جا شاگرد ٿيندا هئا. ڪو به شاگرد کيڏندي سامهون آيو يا گھٽيءَ ۾ مليو ته صبح تي سٽجي ويندو هو. ان دور ۾ ڳوٺ ۾ بجلي ڪانه هوندي هئي جنهن ڪري گاسليٽ واريون بتيون ٻاريون وينديون هيون. سائين جاسوسن وانگر ڳوٺ جي دڪاندارن کان پڇندو وتندو هو ته ڪهڙا شاگرد گاسليٽ وٺڻ آيا؛ مطلب ته ڪهڙن شاگردن رات جو بتيءَ تي ويهي پڙهيو. جيڪو گاسليٽ وٺڻ نه ويو اهو صبح تي سٽڪو ضرور کائي. سائين اهو نه ڏسندو هو ته دڪاندار کان ڪنهن جو نالو وسري به ته سگھي ٿو يا شاگرد بدران سندس ڀاءُ يا ڪو ٻيو ڀاتي به گاسليٽ وٺي وڃي سگھي ٿو؛ مطلب ته سائينءَ جو هر شاگرد پان کي چوويهه ئي ڪلاڪ ڪلاس ۾ حاضر محسوس ڪندو هو. سائين مار ۾ ڪنهنجو به لحاظ نه ڪندو هو. هن کي پنهنجو پهريٽي پٽ عبدالرحمان ڏاڍو پيارو هوندو پر غلطيءَ تي ان کي به معاف نه ڪندو هو. هوشيار شاگرد غلطي ڪئي ته ڄڻ ڪلھه مري ويو!
سائين لعل بخش ننڍي لاڪر ئي شھسوار هو. اسڪول به گھوڙي تي چڙهي ويندو هو ۽ سندس گھوڙا گھڻو سينگاريل هوندا هئا. گھوڙن جي سينگار واريون شيون هي پاڻ ٺاهيندو هو. ان حوالي سان سندس دلچسپيءَ جو اندازو هن ڳالھه مان لڳائي سگھجي ٿو ته هُن گھوڙي جي سنجن ۽ سينگار تي هڪ ڪتاب به لکيو جيڪو چوندو هو ته ڊاڪٽر قاسم ٻگھئي کي ڇپائڻ لاءِ ڏيندو. اها خبر نه پئِي ته هن اهو ڪتاب ڊاڪٽر قاسم کي ڏنو، هيٺ مٿي ٿي ويو يا سندن گھر ۾ رکيل آھي.
سائين لعل بخش تصوف جي نقشبندي طريقي جي درگاھ لواري شريف سان پيڙھين کان لاڳاپيل هو. درگاھ جي ڇهين گادي نشين پير گل حسن جي وفات کان پوءِ سندن ناجيه جماعت ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي: هڪڙا خليفي فيض محمد دمائي قاضي احمد واري کي ۽ ٻيا پير گل حسن جي ڏوهٽي پير حسن قادر کي گادي نشين مڃڻ لڳا. سائين لعل بخش جو والد سائين الله بخش، سندس ٽي پٽ بيگ محمد، محمد بخش ۽ شمس الدين ڏوهٽي واري گروپ ۾ هئا ۽ رڳو سائين لعل بخش وابستگي خليفي واري گروپ سان رهي جنهن ڪري گھڻو ڪجھه ڀوڳڻو پيس. سائين لعل بخش جا قومي اسيمبليءَ جي اڳوڻي اسپيڪر بيگم اشرف عباسيءَ سان برادرانه تعلقات هئا جنهن سبب هي پ پ پ ۾ شامل رهيو ۽ ڪيترا ئي سال پ پ يونين ڪائونسل بگيءّ جو صدر به رهيو. اليڪشن وارن ڏينهن ۾ گھڻو سرگرم هوندو هو. اسان ساڻس بحث مباحثو به ڪندا هئاسين. سائين جيڪي ڳلهيون ڪندو هو، انهن ۾ ٿورو مبالغي کان به ڪم وٺندو هو. چوندو هو ته بيگم نصرت ڀٽو مون کي نالي سان سڃاڻيندي آھي ۽ محترمه بينظير مون کيس چاچا چئي مخاطب ٿيندي آهي. اسان هڪ ڏينهن سائين سان ڪچهري ڪندي کيس عرض ڪيو ته اسان کي نوڪري ته وٺي ڏيو. سائين چيو: ها، اڄ مان بيگم نصرت ڀٽو سان ملندس جيڪا ويچاري پاڻ به چوندي آ ته لعل بخش، توهان ڪوبه ڪم نٿا چئو. هاڻ جو مان کانئس توهان جي نوڪري گھران ته هوءَ چوندي ڪهڙي کاتي ۾ جاءِ خالي آ. ان ڪري مهرباني ڪري اهو به ٻڌايو. اسان کيس چيو ته ايئرپورٽ سڪيورٽي فورس ۾ جايون خالي آھن. تڏهن سائين لعل بخش چوڻ لڳو: نه بابا، اوهان قومپرستن تي اعتبار ناهي، اتي اوهان جهاز اغوا ڪري سگھو ٿا. ٻيو ڪو کاتو ٻڌايو.
سائين لعل بخش 1982 ۾ پري ميچوئر رٽائرمينٽ ورتي. ان کان پوءِ گلن جي ٻجن جو واپار به ڪيائين ته ڪراچيءَ جي ٻن نيم سرڪاري اسڪولن ۾ انگلش ٽيچر به ٿي رهيو، اتان ملازمت پوري ڪرڻ بعد وونئڻن جون باٺيون وٺي ٻارن کي ڏيندو هو ته هن مان ڪڪڙا ڪڍي ڏيو ۽ ڪاٺيون وڃي پاڻ ٻاريو. ٻارن کي ٻه ٻه رپيا خرچي به ڏيندو هو. اصل ۾اهو واپار اشرف عباسي صاحبه جا پٽ ڪندا هئا جن لاءِ هي واهڻن مان ٻج وٺندو هو. سائين اڌ عمر کانپوءِ حڪمت به ڪئي. چوندو هو: وڏن جا نسخا ڏسي مڙيوئي ستيون ڦڪيون ٺاهيان ٿو، ڏيڻ وارو شفا ڏئي ٿو. سائين لعل بخش ليسوڙي جي پنن تي ڪجھه لکي ٻارن کي ڏيندو هو ته هي مَٽن ۾ وجھو ته پاڻي ٽڌو رهندو. , شاعر به هو. وزن بحر ۽ عروض واري علم کان واقف هو. اسان کي پنهنجا بيت ٻڌائيندو رهندو هو جيڪي مون کي ياد نه آھن، ٿي سگھي ٿو سندس پٽن وٽ اهي محفوظ هجن. سائين لعل بخش کي پنج پٽ ڊاڪٽر عبدالرحمان، محمودالرحمان، عزيزالرحمان، خليل الرحمان ۽ حبيب الرحمان ٿيا جن مان سندس ٻيو نمبر پٽ محمودالرحمان جوانيءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. محمود يار ويس ۽ سڄي ڳوٺ جو ساھ هو. ان جي وڇوڙي به سائينءَ کي ڇني ڇيتيون ڪري وڌو هو. سائينءَ سان ڪيترا ڀيرا ڪراچيءَ کان ڳوٺ ريل يا بس جو سفر گڏ ٿيو. هر موضوع تي دسترس هيس. ڳالهين ڳالهين ۾ سفر ختم ٿي ويندو هو. سائين لعل بخش سان منهنجو هوندو ته ٺاھ ھئو پر ڪڏهن ڪڏهن اختلاف به ٿي پوندا هئا. اسان هڪٻئي سان ڀٽائيءۡ جي بيتن ۾ ڳالهائيندا هئاسين. ٻلهڙيجيءَ جي هن خوبصورت ڪردار2008 ۾ وفات ڪئي.

حاجي فقير ڪلهوڙو: درد- وَندين جو داروُن

ڪچي جو علائقو، ماحولياتي گدلاڻ جو نالو نه نشان. نه شور شرابو، نه هل هنگامو، نه لائوڊ اسپيڪر، نه گاڏين جا زوزاٽ، نه ڪو ڌمچر. سڏ ڪر ته ڪوهين هڪ جهڙو ٻڌجي. ڳوٺ هڪٻئي کان ڪجھه وٿيرڪا پر ڏک سک ۾ سڀئي هڪ ٻئي سان گڏ.
“هل حاجي!”
سڏ ٻڌندي ئي لٺ کڻي نڪري پوندو، اهو الڪو ئي نه هوندس ته ڪهڙي پهر موٽ ٿيندي. اتي ماني به ملندي الائجي ويلا ويهڻا پوندا! بس صدري ۽ گوڏ سان نڪري پوندو، اڪثر جتي پائڻ به وساري ويهندو. سڏ جو ٿيو آ ته ضرور ڪو اهنج ۾ هوندو، ڪنهن سان لاچار هوندو، ان ڪري سستي يا دير هرگز نه ڪبي، سيگھه ۾ ڀائرن ڀيڙو ٿبو. اهڙو ڳڻوان حاجي فقير ڪلهوڙي کان سواءِ ٻيو ڪير هوندو. خوبين جي کاڻ هو. نانگ ڪکئي جو ديسي طريقي سان علاج ڪندو هو. منتر پڙهندو ۽ ڦيڻا رکندو هو، ان ڪري ماڻھو کيس “حاجي مانڊو” به سڏيندا هئا. رڳو ايتري خبر پويس ته ڦلاڻي ڳوٺ ۾ ڪنهن ماڻھوءَ کي نانگ ڪکي وڌو آهي ته هيءُ پنهنجا سمورا ڪم ڪار ڇڏي اتي پهچي ويندو. جھاڙ ڦيڻا شروع ٿي ويندا، ان سان گڏ مريض کي ڪچا بصر کارائيندو ۽ ديسي گيهه جا ڍڪ ڀرائيندو ته جيئن الٽي اچيس.
حاجي فقير موهن جي دڙي سامهون درياهه جي کاٻي پاسي واري ڪچي جي ڳوٺ گلشير ڪلهوڙي جو ويٺل هو. ٻوڏن دوران ڪچي ۾ جتي ڪٿي پاڻي هوندو آهي. سڪيءَ تي نانگ بلائون، ڪنڊاوان رستا، ڪٿان پاڻيءَ مان ترڻو پوي، ڪٿان گپ مان گذرڻو پوي ۽ ڪٿي ڪتن سان منهن ڏيڻو پوي پر هي هر مشڪل سان منهن ڏئي مريض وٽ پهچندو ۽ ان جي خدا ڪارڻ خدمت ڪندو. ڪو به معاوضو نه وٺندو، جيڪڏهن ڪنهن پنهنجي رضا خوشيءَ سان ڪجھه ڏنو ته به اهو نه وٺبو ۽ مريض کي دعائون ڏيندي، انهن پئسن مان يارهين ڪرڻ جي صلاح ڏيندو. مريض لاءِ مکڻ، گيهه ۽ ڪڪڙ جي چوزي جو اڳواٽ انتظام به پاڻ ڪيون ويندو.
هونئن سنڌ جي اٻوجھه لوڪن کي تعويذ ڪندڙن، ٽوڻي ڦيڻي وارن، مانڊن، جوتشين، ٺوڳي پيرن فقيرن ۽ ملن ڏاڍو ڦريو لٽيو آهي. حاجي فقير به پنهنجي مهارت، ڏاهپ ۽ محنت کي ڪمائيءَ جو ذريعو بڻائي ها ته چڱو خاصو مال ميڙي ها، پر هن کي گندي ۽ گراهه سان گڏ نام ناموس جي به ڳڻتي نه هئي، هن کي ته بس راڄن سان پير ڀرڻو هو. ڪنهن جي خوشيءَ ۾ ڀل شامل نه هجي پر غميءَ ۾ گڏ ضرور هوندو. آئون نٿو سمجھان ته ڪو هن جي ڦيڻن منترن ۾ ايڏو اثر هو پر هُو سماجي سائنس جو ڄاڻو هو. ستارن ڏانهن ڏسي وقت، گرمي سردي، ڏڪار سڪار، ارءُ توڙي ٻوڏ جون اڳڪٿيون ڪندو هو. نانگن جي نکن ۽ ذاتين جي ته هن کي ڪافي ڄاڻ هئي. کيس ڀليءَ ڀت خبر هئي ته ڪهڙو نانگ ماري ۽ ڪهڙو سپ سڄي عمر صحت لاءِ سڪائي سگھي ٿو. هونئن ته هر نانگ جو ڏر ٿئي ٿو: “سپ نه ماري، سپ جو سراپ ماري!” نانگن بلائن جي سڃاڻپ به ايتري قدر جو همراهه زمين تي پٽو ڏسي نانگ جو نالو کڻندو هو.
ان زماني ۾ اٺ ۽ ڏاند گاڏيءَ کان سواءِ ڪچي ۾ ٻي ڪا به سواري ڪانه هئي. درياهه لانگھو، وڏو پنڌ، غربت وارو جهان... ان صورت ۾ حاجي فقير ئي سڄي تر جو ويڄ ۽ تن طبيب هو، جنهن کي ڏسڻ سان ئي مريض جي پِيڙ پري ٿي ويندي هئي ۽ هو تن ۾ تازائي محسوس ڪرڻ لڳندو هو:
اُس نے جلتی ہوئی پیشانی پہ جب ہاتھ رکھا
روح تک پھیل گئی تاثیر مسیحائی کی۔

حاجي فقير 1930ع ڌاري تعلقي ڪنڊياري جي ڪمال ديري ڳوٺ ڀرسان پيدا ٿيو. سال سوا جو مس هو ته سندس والد لاڏاڻو ڪري ويو ۽ هن جي امڙ جي ٻي شادي گلشير ڪلهوڙي سان ڪرائي وئي. هي پليو نپنو ۽ وڏو گلشير جي گھر ۾ ٿيو. مالوند ماڻھو هو. مال جي بيمارين جي ديسي علاج جو ماهر هو. ڪنڊياري تعلقي جي بکري وارن سيدن جو مريد هو، ان حوالي سان فقير ڪوٺبو هو. سندس گھر واري خديجه به سگھڙ سياڻي ۽ الھه لوڪ مائي هئي. الله ٻنهي کي هڪ روح ڏنو هو! لوڪ سان چڱائي ڪرڻي آ، مدائي ڪنهن سان به ناهي ڪرڻي. ٻئي زال مڙس خلق جي خدمت ۾ مصروف رهندا هئا. ٻئي نانگ کاڌن کي جھاڙ رکندا ۽ بيمارن لاءِ ستيون ڦڪيون به هڙئون وٺندا هئا. خدا ترس ۽ سخي به ايڏاجو ڪوبه ماڻھو ڏهڻ لاءِ ڳئون يا مينهن گھرندو هئن ته ڏئي ڇڏيندا هئس، پوءِ جي اڳلي واپس ڪئي ته ٺيڪ، نه ته هي وساري ڇڏيندا هئا. ڪيترائي ماڻھو سندن ڍور کائي ويا پر هنن ڪنهن جي به ان حوالي سان شڪايت ڪانه ڪئي. پهريائين ڍور کائي ويندڙ ماڻھو ٻيهر درد جو داستان ۽ غم جو فسانو ٻڌائي کانئن وري به ساڳي گھر ڪندو هو ته هي ڪو به مهڻو ميار ڏيڻ کان سواءِ ان کي ٻيو ڍور به ڏئي ڇڏيندا هئا.
حاجي فقير جھنگ جو ماڻھو هو، پنهنجي علائقي جي وک وک کان واقف. صبح جو جُوءِ گھمي ٻڌائيندو هو ته اڄ ڪو پهرو (جانور) يا مرون (درندو) جُوءِ ۾ لٿل آهي يا هيءُ اوپري ماڻھوءَ جو پير آهي.
حاجي فقير نماز پنج وقت پابنديءَ سان پڙهندو هو پر هن قسمت سان ڪڏهن باجماعت نماز ادا ڪئي هجي ته هجي، نه ته مال چاريندي يا گسين پنڌين اڪيلائيءَ ۾ جتي موقعو مليس، پڙهي وٺندو هو. اهڙي نموني رمضان جا به ٽيهه ئي روزا رکندو هو پر ان لاءِ به ڪو جو خاص اهتمام نه ڪندو هو. پٽڙي ڀت ۽ کير سان سحري ڪري سڄو ڏينهن ڪم ڪار ڪندو رهندو هو ۽ ڪچي لسيءَ سان افطار ڪندو هو. روزي سان هوندي به مسافر کي لسيءَ پاڻيءَ جي صلاح ضرور هڻندو. کير مکڻ، ڏهي ۽ ڏڌ هن جي خوراڪ هئي. حاجي فقير ڏيکاءَ کان پري هو. هن پاڻ تي ڪو به مذهبي مسلڪي ٺپو نه هنيو. نه ته ڪي ويس وڳا ڪيا، نه وري سائي، اڇي، ڪاري يا گيڙو پٽڪي پاتي. هن سڄي ڄمار ٽائر جي چپل، صدري ۽ گوڏ سان گذاري. سڄي عمر ڪنهن سان ڏاڍيان نه ڳالھايائين، نه وري ڪڏهن مٿو اگھاڙو ڪيائين. مٿي تي انگوڇي جي پٽڪِي ٻڌل ئي ٻڌل هوندي هيس.
اسانجي تر جا ويساهه وسوڙل ماڻھو حاجي فقير کان ڊڄندا به ڏاڍو هئا. ملاحن کي اهو وهم ويٺل هوندو هو ته “سندن مڇي حاجي مانڊو منڊي ٿو وڃي!” ڪيترا ئي ڀيرا ملاح، تر جا چڱا مٺا وٺي وڃي تڏي تي پهتس ته “ٻيلي، اسان جو ڏوهه ڪهڙو، جو تون اسان جي مڇي منڊي ٿو وڃين؟” هي شريف ماڻھو کين چوندو هو ته “مان رڳو نانگن جو مانڊو آهيان، مڇي هوندي ئي گھٽ ته ڪيئن مرندي؟” پر ملاحن کي ويساهه ئي نه اچي، ان ڪري هنن پنهنجي ننڍن کي چئي ڇڏيو هو ته حاجي فقير ڀلي مڇي نه کڻي ته به ضرور کڻائجوس. اهڙي طرح تر جا ڌنار به هِن جي مال مان چڙيون نه لاهيندا هئا، هونئن جھنگ ۾ مال جي چڙين جي چوري عام هئي.
حاجي فقير کي تر جا ڪي ماڻھو ڪاني ڪرامت جو صاحب سمجھندا هئا. ننڍي عمر ۾ مان به ائين سمجھندو هئس پر پوءِ هڪ واقعي مون کي اها ڳالھه سمجھائي ته جتي جھاڙ جو اثر ختم ٿي وڃي ٿو، اتان ڊاڪٽرن جو ڪم شروع ٿئي ٿو. ٿيو هيئن جو اسان جي پاڙي ۾ هڪ ماڻھوءَ کي ڪک سنگھي ويو. حاجي فقير زخم ڏسندي ئي مريض جي وارثن کي چيو: “هن کي بي پيري بلا کائي وئي آ، جنهن تي اسان جو منڊ اثر نه ڪندو آهي. هڪدم اسپتال کڻائي وڃوس.” چون ٿا ته دنيا ۾ جيترا به نانگ آهن، انهن مان زهريلا فقط 10 سيڪڙو آهن. منڊ هجي يا نه هجي پر اها قابليت ضرور آهي ته ماڻھو زخم ڏسي اهو پرکي وٺي ته همراهه ڪهڙي سپ جو ڪکيل ۽ سپ ڪيترو زهري آهي.
حاجي فقير جي قابليت جو هڪ ٻيو قصو به ياد ٿو اچي: هڪ دفعي اسان جي دوست ابراهيم بهڻ جي امڙ کي ٻوڏ واري وقت ۾ نانگ ڪکي وڌو. نانگ بروقت ماريو ويو. اهي فقير جي ڳوٺ کان پنج ڪلوميٽر اتر طرف ويٺل هئا ۽ وچ ۾ ڍنڍ به هئي جيڪا ٻانهن تي تري وٽن پهتو. کيس ڪراڙيءَ جو زخم ۾ ماريل نانگ ڏيکاريو ويو. فقير نانگ کي ڏسندي چيو: “صبح جو امڙ جي ٻانهن يا سٿر تي نانگ ڇاپجي پوندو. الله وڏو آهي. امڙ کي ٿوري تڪليف ضرور ايندي، باقي ان جي زندگيءَ کي ڪو خطرو ناهي.” صبح جو هنن ڏٺو ته سندن امڙ جي ٻانهن تي ڪارا ڪارا وڍا ٺهيل هئا، ڄڻ ڪو نانگ ڇپيل هجي. انهيءَ پوڙهيءَ هفتو کن تڪليف ۾ گذاريو پر ٺيڪ ٿي وئي.
حاجي فقير هاري ۽ ڀاڳيو هو. وٽس ڏاندن جا 12 جوڙا هوندا هئا، ٻه کن جوڙا پاڻ وٽ بيٺل هئس، باقي ڏهه جوڙا ٻين جي حوالي هوندا هئا. هڪڙا ٻني کيڙي بس ڪندا ته وري ٻيا ڪاهي ويندا هئا. فقير کي خبر ئي نه هوندي هئي ته اهي ڀٽارا ڪهڙي هاريءَ وٽ آهن. ڪڏهن پاڻ کي ضرورت پئجي ويندي هئس ۽ پنهنجو جوڙو ڪنهن کان گھرندو هو ته اڳلا ٺپ جواب ڏئي ڇڏيندا هئس: “نه فقير ائين نه ڪر، اسان جي سڀاڻي ونگار آهي.” ائين فقير واپس موٽي ويندو پر ڪڏهن به توائي نه ٿيو. غريب غربي جي شادي توڙي غميءَ ۾ حاجي فقير جو گھر ڄڻ ڊيڪوريشن جو دڪان هو، جتان ضرورت پوڻ تي ڏهاڪو کن کٽون، ويهارو کن بسترا، ٻه عدد ديڳيون، ٻه گھڙا کن کير جا، ٻه چار ڌونئري جون دکيون، سير ڏيڍ مکڻ ۽ ٻه چار لسيءَ جون گھاگھريون مفت ۾ ملي وينديون هيون. گھڻن ضرورتمندن کي ته اهو سمورو سامان پنهنجي بيل گاڏيءَ ۾ لَڏي پهچائي ايندو هو. سواليءَ کي هٿين خالي موٽائڻ سِکيو ئي نه هو. گھڻو سوال ان، گاهه، ڍور ڍڳي جو ٿيندو هئس. پاڻ وٽ مهل تي شيءِ موجود نه هوندس ته اوڌر تي وٺي به سواليءَ جو ڳهو چاڙهيندو.
جڏهن ڪچي ۾ ڌاڙيوالي شروع ٿي، تڏهن فقير به ٻين ڳوٺاڻن وانگر ڏاڍو ڀوڳيو: ٻه ڀيرا پوليس گرفتار ڪري ويس. هڪ دفعو مال به ماري ويس، انهن سان به سڌي ڳالھه ڪيائين ته “ماني منهنجي نه پر الله جي آهي، اها توهان کي به کارائيندس ته ڌاڙيلن کي به کارائيندس.” باقي فقير تڏهن پنهنجي ڳوٺ وارن کي چئي ڇڏيو هو ته “جيڪڏهن ڌاڙيل اوهان کان ماني گھرن ته اها منهنجي گھران کڻي کارائجونِ.” ڇاڪاڻ جو فقير کي خبر هئي ته ڳوٺ وارا غريب آهن. ڪڏهن آهي ڪڏهن ناهي. ڌاڙيلن کي ماني نه ملي ته اهي ساڻن وڙهندا. فقير جي گھر ماني لسي جھجھي هئي.
حاجي فقير سن 2000ع ۾ ائين، گھمندي ڦرندي وفات ڪئي. هن جي وفات بعد سندس گھرواريءَ سان ملاقات ٿي ته پنهنجي مخصوص انداز ۾ چوڻ لڳي: “اقرار، ابا مڙيوئي مرندم رمضان جي مهيني ۾!” واقعي واعدو نڀايائين. ڪراڙي خديجه 2010ع واري ٻوڏ ۾ وفات ڪئي، اهو رمضان شريف جو مهينو هو. کيس ٻلهڙيجيءَ جي صالح سوائي قبرستان ۾ جاءِ ملي.
***

حاجي عثمان ممڻاڻي: وِلهين جو وارث، سخي ڀاڳيو

اسان جي تر ۾ جڏهن به ڀاڳين جي ڀاڳ جون ڳالهيون نڪرنديون آهن ته حاجي عثمان ممڻاڻيءَ جو نالو ضرور کڄندو آهي. هُو مال سان گڏ اصولن ۽ اکرن ۾ به مالامال هو. حاجي عثمان ممڻاڻي مالوندن جي ان قبيلي سان تعلق رکندو هو، جيڪي خميس ڏينهن کير ڄمائڻ کي ڏوهه سمجھندا هئا ۽ ان ڏينهن کير ڀٽارو دستگير بادشاهه جي نالي تي وِرهائي ڇڏيندا هئا. هونئن حاجي عثمان جي حياتيءَ تائين کير جو واپار نه ٿيندو هو البته کير ڄمائي مکڻ ڪڍي وڪرو ڪيو ويندو هو. هر هفتي واڻيو سندس مکڻ کڻڻ ايندو هو. چون ٿا ته کٽ تي اڇي چادر وڇائي ان تي مکڻ رکندو ويندو هو ۽ واڻيو اتان مکڻ کڻندو هو.
وڏڙا ٻڌائين ٿا ته حاجي عثمان سخي به وڏو هو. ڪو ماڻھو ٻه چار ڀيرا کير وٺڻ لاءِ ايندو هئس ته ان کي سوئا مينهن ڏئي ڇڏيندو هو. اهڙي نموني اوطاقي مڙس به هو. جڏهن ٻوڏون ٿينديون هيون ۽ ملاح ٻيڙين وارو ڳوٺ سندس ڀر ۾ هڻندا هئا تڏهن اهي حاجي عثمان جون مينهون پاڻ ڏهندا، پاڻ کير ڄمائيندا ۽ پاڻ ولوڙيندا هئا. “اڻ ڏڌيون ڇُڙڻ” سکڻو محاورو نه آهي، اسان جي تر ۾ حاجي عثمان ممڻائيءَ جهڙا سخي ڀاڳيا ان جو مثال رهيا آهن.
چون ٿا ته سندس برادريءَ جي ڪا به جوان عورت رنڙ ٿيندي هئي ته هن جي ننڊ ڦٽي ويندي هئي. اول ان جي وارثن کي مائيءَ جي ٻي شادي ڪرائڻ لاءِ راضي ڪندو، پوءِ ان لاءِ گھوٽ ڳوليندو. ڪو ڪنوارو سمجھه ۾ نه آيس ته پرڻيل کي به چوندو ته ڦلاڻي مائي وٺ. ورندي ملنديس “ماما مان اڳ ۾ ئي پرڻيل ۽ ٻارن ٻچن وارو آهيان، مان ڇو وٺان؟” ته کيس چوندو “اڙي لابارو ڪرائجانس، ڍور ڍڳو به چاري وٺندي، توکي ڪهڙو خرچ ٿيندو، اڃا ويچاريءَ جي مند آهي، هروڀرو پئي لوڙهي کان ٻاهر نهاريندي.” اهڙي نموني مائيءَ کي پرڻائي ساهه پٽيندو هو.
اڄ به ڀاڳيا چوندا آهن ته مال جي سيوا ڪئي ته حاجي عثمان ڪئي. ڀليون مينهون پاڻ بيهي ڏهائيندو ۽ روزانو کير جو مقدار معلوم ڪندو. جيڪڏهن ڪنهن ڀٽاريءَ گھٽ کير ڏنو ته ڳڻتي ورائي ويندس ۽ ان جو سبب ضرور معلوم ڪندو. اڄ به ڪچي ۾ ڪجھه هنڌن تي ‘حاجي عثمان جي گٺ’ نالي سان ڪجھه دڳ آهن، جتان هلي هلي ڀٽاريون لاهِين يا ترائي ٺاهي ڇڏينديون هيون. هڪ دفعي هن جي هڪ مينهن معمول کان گھٽ کير ڏنو. ان تي هن پنهنجي پٽن کي گھرائي پڇيو ته “اڄ ڀٽاريءَ کي جھنگ ۾ ڪو ٿاٻو ته نه آيو آهي؟” همراهن ٻڌايو ته “اسان ته ساڳي جُوءِ ۾ ئي ويندا آهيون، اتي ته اهڙي ڪا ڳالھه نه ٿي، باقي کير الائي ڇو گھٽ ڏنو اٿائين.”
اها ڳالھه ٻڌي لٺ کڻي مينهن واري دڳ سان نڪري پيو. جھٽ پنڌ ڪرڻ بعد هن کي گٺ تي هڪ ڍنگھر ڪريل نظرآيو. ڍنگھر پري ڪري واپس گھر پهتو ۽ پٽن کي چيائين “اوهان ڪهڙا ڌنار آهيو جو مال سان گڏ نٿا هلو. ڪجھه ڍور گذريا ته ڍنگھر دڳ تي ڪريو. مينهنِ کي دڳ نه مليو ته اهي پندرهن فٽ مٿي چڙهيون، ان ڪري ئي هن مينهن گھٽ کير ڏنو آهي.”
عثمان ممڻاڻيءَ حج به پيادل ڪيو هو. هن کي ٽي پٽ صاحبڏنو، خدابخش ۽ مير خان هئا، جيڪي ڪچي جي رواج مطابق چور ۽ پاٿاريدار ٿيا. ڪاڪي عثمان 1982ع ۾ جيئن ئي وفات ڪئي ته ڀائر هڪٻئي کان ڌار ٿي ويا ۽ هن جو ڌڻ ٽن حصن ۾ ورهائجي ويو. ڄڻ ته سمورو ڀاڳ به حاجي عثمان پاڻ سان گڏ کڻي ويو. مرحوم جا ٻه پوٽا اصغر ولد ميرخان ۽ خادم ولد خدا بخش عرف خدن ڌاڙيل ٿيا، جنهن مان خادم کي فوجي ڪورٽ ڦاسيءَ جي سزا ٻڌائي پر 1986ع ۾ پنجٽيهن ساٿين سان گڏ سکر سينٽرل جيل مان ڀڄي نڪتو. ڪجھه سال ڌاڙيوالي ڪرڻ کانپوءِ فوج جي هڪ ڪرنل اڳيان گرفتاري پيش ڪيائين. ڏهاڪو کن سال قيد ڪاٽي آزاد ٿيو. سندس ٻيو پوٽو اصغر پوليس مقابلي ۾ زخمي ٿيو، جنهن بعد گرفتاري ڏنائين. اهو به ڏهاڪو سال جيل ڪاٽي ٻاهر آيو.
***

فيض علي فقير: نصيري جماعت جو وزير اعظم

ارباب علي جوڻيجي المعروف فيض علي فقير جي لاڏاڻي جو ٻڌي سوين ماڻھو سندس آستاني لال باغ تي جمع ٿي ويا. جنازو گھر کان آستاني تي آندو ويو. نماز جون تياريون شروع ٿيون. ڪي ماڻھو وضو ڪري چڪا ته ڪي اڃا ڪري رهيا هئا، جو ماڻهن ڏٺو ته جنازي نماز لاءِ صفون اولھه بدران اوڀر منهن ڪري ٻڌيون پيون وڃن! اهو ڏسي ڪيترائي ماڻھو صفن کان ٻاهر ٿي بيهي رهيا. ڪيترن احتجاج شروع ڪيو ته “ائين نه ٿيندو.” ڪجھه ماڻهن “ڪفر ڪفر” جون صدائون بلند ڪيون پر ان جي باوجود ڪيترن ئي ماڻهن فقير سان محبت ۾ پنهنجا مذهبي عقيدا پاسي تي رکي اوڀر رُخ ڪري جنازي نماز ادا ڪئي. فيض علي فقير جي گور به اولھه - اوڀر آهي، هونئن عام طور اسان وٽ قبرن جو رخ اتر ڏکڻ هوندو آهي.
فيض علي فقير 1940ع ڌاري ڏوڪري شهر ۾ پيدا ٿيو. هر دلعزيز شخص هو. سڄي ڄمار پورهيو ڪندي گذري هيس. سندس والد رائيس ريسرچ انسٽيٽيوٽ ڏوڪري زرعي فارم تي هاري هو. ارباب علي ڪي ٻه درجا مس پڙهي سگھيو ۽ پوءِ پيءُ جو هارپي ۾ هٿ ونڊائڻ لڳو. 1960ع ڌاري ڏوڪري شهر ۾ مانيءَ جو هوٽل کوليائين. شروع کان ئي طبعيت فقيريءَ ڏانهن مائل هيس. هن جو ادب اخلاق اهڙو جو سندس هوٽل تي ماڻهن جا ميڙ لڳا پيا هوندا هئا. ڏوڪري شهر ۾ نوڪريون ڪندڙ ٻاهر جا ماڻھو، رائيس ريسرچ انسٽيٽيوٽ جا ملازم توڙي هاءِ اسڪول جي هاسٽل ۾ رهندڙ مختلف ڳوٺن جا شاگرد وٽس مهيني جي حساب سان ماني کائيندا هئا. هيءُ رس ڪس ۾ هلڻ وارو روادار شخص هو. زندگيءَ ۾ ڪنهن سان به ٻاڙو نه ٻوليائين.
ارباب علي 1970ع ۾ سليم شاهه سلطانيءَ جي صحبت ۾ آيو ته فقير فيض علي نصيري ٿيو. نصيري علي الله جو نعرو هڻندا آهن. سليم شاهه سلطاني هئو ته پنجاب جي ڪنهن علائقي جو پر پوءِ سنڌ ڌرتيءَ کي پنهنجو مسڪن بڻايائين. هو ايم بي بي ايس ڊاڪٽر ۽ جراح هئڻ سان گڏ مڪينيڪل انجنيئرنگ جو به ڄاڻو هو. هن ڏوڪري شهر ۾ ڪلينڪ به کولي. شهر توڙي آسپاس جي درگاهن تي به ويندو رهندو هو. ٻلهڙيجيءَ ۾ به فقير يار محمد سان رهاڻيون رچائڻ ايندو هو. راڳ جو وڏو شوقين هو. ڪجھه ماڻھو سندس ڪرامتون بيان ڪري کيس ولي الله چوندا هئا ته ڪي وري هن کي جادوگر، بازيگر ۽ ڪرتب باز سڏيندا ۽ سمجھندا رهيا. چون ٿا ته چانهه جي ڪوپ کي هٿ هڻي چوندو هو: “چلو” ته اهو هلڻ لڳندو هو. اهو هپناٽزم آهي يا ڪو ٻيو فن، اها خبر خدا کي. سيلم شاهه سلطاني پنج ڪتاب به لکيا. ڏوڪريءَ کان پوءِ قمبر شهداد ڪوٽ ۾ وڃي رهيو. شهدادڪوٽ ۾ هن لوهه جي ٽڪرن مان گاڏي ٺاهي، ان ۾ ڪاٺ جون سيٽون وڌيون ۽ اها ٻيڙيءَ جي ويڻي وانگر هلائي ويندي هئي. اها انوکي گاڏي شهر جي روڊن رستن تي سندس فقير هلائيندا رهندا هئا. اڄ به اها گاڏي شهدادڪوٽ ۾ موجود آهي پر جھوني هئڻ ڪري هاڻي هلائي نٿي وڃي.
ارباب علي فقير نصيري جماعت جو وزيراعظم هو. هن جماعت ۾ وزير اعظم، صدر ۽ ڪوٽوال جا عهدا ٿيندا آهن. هنن وٽ به مسلمان صوفين ۽ هندو يوگين وانگر پنهنجو گرو (مرشد) وٺڻ ضروري آهي. فيض علي فقير کي پنهنجي مرشد سيد سليم شاهه سلطانيءَ طالب (مريد) ڪرڻ جا اختيار ڏئي ڇڏيا هئا پر هن پنهنجو ڪوبه طالب نه ڪيو ۽ اهڙي طلب ڪندڙ کي ڪنهن ٻئي مرشد جو ڏس ڏئي روانو ڪري ڇڏيندو هو. ان جي باوجود ڏوڪري ۽ شهدادڪوٽ جا اٽڪل ٻه درزن کن ماڻھو اڃا تائين به کين پنهنجي مرشد جهڙي تعظيم ڏيندا آهن.
فيض علي فقير ڏوڪري شهر جي انهن اوائلي رهواسين منجھان هو، جن کي انگريزي ايندي هئي. اها هن ڪنهن مڪتب يا اسڪول مان نه پر پڙهيل لکيل ماڻهن جي ڪچهرين ۾ ويهي سکي هئي. چون ٿا ته سليم شاهه سلطاني ۽ ڏوڪريءَ جو پورهيت ۽ سيلاني شاعر موريل زهراڻي انگريزيءَ ۾ ڪچهري ڪندا هئا، جن کي ٻڌي هي به انگريزي سکي ويو. سائين موريل زهراڻي به انگريزي گھمندي ڦرندي سکيو هو پر شاگردن کي ٽيوشن به ڏيندو هو. ان کان علاوه هن کي عربي ۽ فارسيءَ تي به چڱي خاصي دسترس هئي. ان وقت ٽرانسپورٽ جو وڏو ذريعو ريل گاڏي هئي. ڏوڪري اسٽيشن جو سرڪاري نالو موهن جو دڙو اسٽيشن آهي. موهن جو دڙو گھمڻ ايندڙ سياحن کي ٽانگي وارا اسٽيشن تان کڻي ڏوڪريءَ ۾ فيض علي فقير جي هوٽل تي ڇڏيندا هئا. فقير کانئن حال احوال وٺندو، مهين جو دڙو گھمائيندو ۽ آخر ۾ ماني کارائيندو هو جيڪا کين آسانيءَ سان هضم ٿي ويندي هئي. سياح سندس قرب کان متاثر ٿي کيس پنهنجي پنهنجي ملڪن مان خط لکندا رهندا هئا، جن کي باقاعدگيءَ سان جواب ڏيڻ به هن پنهنجو معمول بڻائي ڇڏيو هو.
موهن جي دڙي ۾ ڪنهن پراجيڪٽ تي ڪم ڪندڙ، هڪ فرينچ آرڪيالاجسٽ فقير جو دوست ٿي ويو. هو، پنهنجي آرڪيالاجسٽ گرل فرينڊ سان گڏ ڏوڪريءَ ۾ اچي رهيو هو. ولايتي ناري سنڌي عورتن وانگر هار سينگار ۽ ويس وڳا ڪري شهر ۾ ٿيندڙ ڪاڄن ۾ شريڪ ٿيندي هئي، عورتن جا سهرا ٻُڌندي ۽ انهن سان گڏ جھمريون پائيندي وتندي هئي. سنڌ ڇڏڻ وقت سڏڪا ڀري روئي رهيا هئا. واپس وڃي ٻنهي شادي ڪئي. ڪجھه سالن اندر طلاق به ٿي وين، ان جي باوجود ٻنهي جي، فقير سان خط و ڪتابت جاري رهي. فيض عليءَ جي هيڻائي ۽ بيماريءَ جو ٻڌي سندس ان فرينچ دوست فقير جي پٽن ڏانهن خط لکيو ته هو ڏيساور ۾ فقير جي علاج ۽ سفر جو خرچ ڀرڻ لاءِ تيار آهي...” پر فقير پنهنجي پرديسي دوست کي دعائون ڏيندي سندن مدد وٺڻ کان انڪار ڪيو.
شروع ۾ ذڪر ٿي چڪو ته فقير فيض عليءَ جو تعلق نصيري جماعت سان هو، جيڪي عليءَ کي الله چوندا آهن. اسان ننڍپڻ ۾ اهي ڳالهيون به ٻڌيون ته نصيري نئين ڄاول ٻار کي جبل تان هيٺ اڇلائي چوندا آهن: “عليءَ جو بندو هوندين ته بچي ويندين!” فقير اهڙِين ڳالهين جي ترديد ڪندي چوندو هو “اهي هٿ ٺوڪيون ڪهاڻيون آهن- باقي رڳو اسان نصيري ڇو، سڄي ڪائنات عليءَ جي آهي.” ڪن همراهن جو خيال هو ته هي اصل نصيري نه پر نصيري قلندري آهن. ان فرقي جو باني سليم شاهه سلطاني آهي. نصيري ٿيڻ کان پوءِ فقير کان، ڏوڪريءَ جا شيعا توڙي سني سخت ناراض رهندا هئا. سندن چوڻ هو ته “نصيري ڄاڻي واڻي قرآن شريف کي غلط اچارين ٿا. علي عليه السلام کان سواءِ ٻين امامن توڙي معصومن کي گھربل اهميت نٿا ڏين. نماز کان انڪار جهڙيون غلط ڳالهيون ڪن ٿا. بندي کي الله سڏڻ شرڪ آهي. اهي نوجوان نسل کي ڀٽڪائي رهيا آهن... وغيره وغيره.
مذهبي رواداري وڃي پئي ختم ٿيندي، ان ڪري هر فرقو ٻئي فرقي جي وجود جو ويري نظر اچي ٿو. اسان جو اهڙين ڳالهين سان واسطو ناهي پر نصيري فقيرن جي ڪا نک سورج ونسين سان ضرور ملي ٿي، ڇاڪاڻ جو هي هڪ لحاظ کان سج پوڄاري به آهن. چوندا آهن: ڪائنات کي سج جو سهائو هلائي رهيو آهي. زندگيءَ جو دارو مدار سورج جي حرارت ۽ روشنيءَ تي آهي، ان ڪري سمورين تعظيمن ۽ بندگين جي لائق سورج آهي. اهوئي سبب آهي جو اهي اولھه اوڀر رخ ۾ دفن ٿيڻ پسند ڪن ٿا، جيئن سج اڀرڻ سان بندي جي چهري جو رخ پورب پاسي هجي.
فيض علي فقير جي نصيري ٿيڻ ڪري جڳ جهان ته ناراض ٿيو پر سڀ کان وڌيڪ رد عمل سندس والد ڏيکاريو. هن اخلاق ۽ ادب سان مخالفن کي منهن ڏنو، جنهن ڪري اهي کانئس ڇڄي نه سگھيا ۽ دنياداريءَ وارن مامرن ۾ ساڻس گڏ هلڻ تي مجبور ٿي پيا.
فيض علي فقير 35 ورهيه ڏوڪري شهر ۾ هوٽل هلايو، جيڪو لوڪل گورنمينٽ جي ملڪيت هو. 1994ع ۾ مرحوم غلام حسين انڙ لوڪل بورڊ جي سموري ملڪيت وڪڻي ڇڏي. هن دڪانن جي قبضيدارن کي اها ملڪيت خريد ڪرڻ جي آڇ ڪئي. ڏوڪريءَ جي ڪيترن ئي ماڻهن دڪان ۽ پلاٽ خريد ڪيا پر فقير مال ميڙيو ئي نه هو، تنهن ڪري هو اهو هوٽل خريد نه ڪري سگھيو ۽ کيس هوٽل واري ڌنڌي تان هٿ ڌوئڻا پئجي ويا. ان کان اڳ 1980ع ۾ جڏهن فقير ڏوڪريءَ جي سونهري روڊ تي مئخانو قائم ڪيو ته هاءِ اسڪول انتظاميا ۽ ايريگيشن کاتي وارن ڪيس داخل ڪرائي کيس گرفتار ڪرايو پر هن اهو پلاٽ ٻيلي کاتي وارن کان ليز تي حاصل ڪيو هو، جتي پاڻ ابدي آرامي آهن.
فيض علي فقير 2008ع ۾ وفات ڪئي. فقير جي وصال پڄاڻا اهو مئخانو هن جا چارئي پٽ سنڀالي رهيا آهن، جتي نصيرين جي اجتماعن سان گڏ سياسي، سماجي ۽ ادبي تنظيمون به ميڙاڪا ڪنديون رهنديون آهن.
***

سبحان شاھ: آدم بيزار، جانور دوست سيلاني

سبحان شاهه وانگر جانورن سان محبت ڪندڙ ٻيو ماڻھو مون پنهنجي زندگيءَ ۾ نه ڏٺو. هن جي ماڻھن سان گھٽ پوندي هئي، باقي جانورن تي ساهه صدقو ڪندو هو، گگدامن سان وڏو چاھ ۽ قرب هئس. هن جون ڳالهيون، روح رهاڻيون، اندر اوراڻا سڀ بي زبانن سان هئا؛ ائين ڀاسندو هو ڄڻ ھڪٻئي جي ٻولي سمجھندا هجن. سبحان شاهه سيلاني درويش هو، هڪ هنڌ ٺڪاڻو نه هئس، مختلف هنڌن تي سالن جا سال رهيو. جتي به ٿاڪ ڪندو ان ھنڌ کي اصل چڙيا گھر بنائي ڇڏيندو هو. ڪتن جي ته لوڌ ھوندي هئس، ان کان سواءِ ڀولا باندر، رڇ، نانگ ۽ ڀانت ڀانت جا پکي به ڌاريل هوندا هئس، مجال آ جو اهي جانور هڪٻئي تي گِرن يا پاڻ ۾ وڙھن، سبحان شاهه وٽ سمورا جانور امن امان ۽ ميٺ محبت ۾ رهندا هئا، بلڪل شاهه سائينءَ جي سٽ جيان ته:
ڏسي نه ڏاڙھين شبان جي سڳ کي...
سبحان شاهه جو لباس سراسر قلندري جلالي فقيرن وارو هو: ڪارا ڪپڙا، مٿي تي ست رنگي فقيراڻي ٽوپي، بيراڳڻ يا ڪارو حيدري ڏنڊو هٿ ۾. شاهه صاحب منهن مهانڊن ۾ به سادو هو. قد جو نه بندرو نه ڊگھو. هئو ته الائجي ڪٿان جو پر سن شھر ۾ ڪي سال اچي رهيو هو. مون به کيس 88-1987ع ڌاري سن شھر ۾ ڏٺو، جتي سائين جي ايم سيد جي درياهه واري بنگلي جي ڀر ۾ رهندو هو. صوفي شاعر ۽ درويش صفت انسان سائين علي محمد شاهه سنائي کيس سن ۾ آڻي ويهاريو هو. چون ٿا ته هي علي محمد شاهه کي لاهوت لامڪان واري کٽ جبل تي مليو هو جتي ماڻھن کان پري جبل جي هڪ چُر ۾ جانورن سان رنگ رهاڻين ۾ مشغول هو. ڪجھه ماڻھن جو چوڻ ھو ته علي محمد سنائي سندس دست بيعت ۽ طالب هو، جو هنن سدائين سبحان شاهه کي کٽ جي سيراندي ۽ علي محمد سنائيءَ کي سندس پيرانديءّ کان ويٺل ڏٺو.
هونئن جانورن سان محبت جي حوالي سان لاڙڪاڻي جي درويش جمعي فقير جون ڳالهيون اڄ به ڳايون وڃن ٿيون. مون پنهنجي اکين سان جمعو فقير نه ڏٺو پر وڏڙا سندس ڳالهيون ٻڌائيندا رهندا آهن. چون ٿا ته پيرسن جمعو فقير اڪثر گڏھ تي سوار هوندو هو ۽ پٺيان ڪتن جي لوڌ هوندي هئس جيڪي پاڻ ۾ ڪڏهن نه وڙھيا، جمعو فقير انهن ڪتن جي کاڌي پيتي جو بندوبست ڪندو هو، باقي مٿس هر ڪم معاف هو. ڳالھه ٿا ڪن ته لاڙڪاڻي جا سياستدان، زميندار، سيٺيون توڙي عام ماڻھو جمعي فقير کي جھجھو ڀائيندا هئا، جن ۾ اڳوڻو وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو به شامل هو. چون ٿا ته ڀٽي صاحب جي ڪابينا ۾ شامل لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ هڪ وزير جمعي فقير جي گڏھ جي پاسي ۾ پنهنجي ڪار بيهاريندي کيس دعا ڪرڻ لاءِ چيو، جنهن تي فقير چيس: دعائن جا حقدار غريب آھن، توکي دعا جي ڪهڙي گھرج، وزير آھين، هر گنج اٿئي، باقي پنهنجي ڪار مون کي ڏي ۽ منهنجي گڏھ تي چڙھ ته کوڙ دعائون کٽندين.” جمعو فقير هڪ ڀيري ڀٽي جي بنگلي المرتضيٰ ھائوس پهتو، پرائيم منسٽر صاحب سڀ کان اڳ کانئس مسئلو پڇيو. جمعي فقير چيس: “سائين، منهنجي گڏهه ويچاري جھوني ۽ ضعيف ٿي وئي آھي، ٿورو پنڌ ڪري ٿي ته ٿڪجيو پوي، مهرباني ڪري مون کي ڪا تازي تواني گڏهه وٺي ڏيو.” اهو ٻڌي ڀٽي صاحب بروقت ايس پي پڃل کي فقير لاءِ زيرو ميٽر گڏهه هٿ ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا.
جمعو فقير لاطمع ۽ غريبن سان محبت ڪندڙ درويش هو، ان جي ڀيٽ ۾ سبحان شاهه ٻئي قسم جو ماڻھو هو. ڪوئي نذرانو ڏيندو هئس ته ان سان تمام مٺو ڳالھائيندو هو باقي ٻين ماڻھن تي جڪون ۽ ڪرٽيون کائيندو رهندو هو. سندس آستاني تي سوين ڪڪڙيون چڳنديون رهنديون هيون، جيڪي رڳو ڪتن جي مهمانيءَ لاءِ ھيون. سبحان شاهه اهي ڪڪڙيون ڪهي ڪتن کي کارائيندو هو، مجال آ جو ڪنهن ماڻھوءَ کي هڪ ٻوٽي به ڏئي. کير جيترو به ملندو هئس، اهو ڪتن ۽ نانگن کي پياري ڇڏيندو هو پر فقراءَ کي چانھه لاءِ ڏيڻ تي به پيو ڪرڪندو هو، حالانڪ اهو مال سندس نه پر علي محمد شاهه سنائيءَ جو هو. وڏي واڪ چوندو هو: ڪتا ماڻھن کان ڀلا آھن، انهن وٽ وفاداريءَ وارو گڻ آھي. ماڻھو بي ڳڻا آھن، انهن سان چڱائي ڪڏهن نه ڪجي. علي محمد شاهه سنائيءَ کي مخاطب ٿي چوندو هو: هنن (مئخاني تي ويهندڙ فقراءَ ) کي کارائڻ بدران ڪو ٻلو يا نور ڌار، هنن کي تنهنجو قرب نه پر چرس ٿو هتي آڻي، اهو بند ڪرينِ ته هڪ به ماڻھو هيڏي نه ايندئي، اڪيلو ڪن ڪڍيو ويٺو هوندين.”
آدم بيزار هن شخص جو جانورن سان روح ريڌل رهندو هو. ڪتن کي مٿي تي هٿ رکندو، ڀاڪر پائيندو ۽ مٺيون ڏيندو هو. جانورن کي به شايد هن مان خلوص جي بوءِ ايندي هئي جو شھر جا رولو ڪتا به هن کي ڏسي گرڻ بند ڪري ڇڏيندا هئا. محرابپور وارو سيد رکيل شاهه ايم اين اي سيد شبير شاهه جو ڊرائيور هو. مائٽن سان سڱاوتي تڪرار سبب ڳوٺ ڇڏي لڏي پنهنجن ڏوهٽن وٽ ٻلهڙيجيءَ ۾ اچي رهيو هو، تنهن ٻڌايو ته“اسان سن ويجهو لاکن جي ڳوٺ ۾ سيد امير حيدر شاهه جي ٻار توري رهيا هئاسين جو سبحان شاهه اتان اچي گذريو. ياعلي مدد ڪري اڳتي وڌي ويو، ڪجھه پرڀرو ٿيو جو اسان جي نظر لاکن جي ڪتي تي پئي. جيڪو ماڻهن کي هٿن مان کائي ويندو هو. اسان کانئن هئاسين ۽ ڪتو سبحان شاهه جي اچي ويجھو پيو هو. اسان پريشان ٿي وياسين جو سيد سڳوري کي بچائي به نه پيا سگھون. ڪتو جڏهن ڏهن پندرهن وکن جي فاصلي تي سندس سامهون ٿيو ته ان جي ٽور ئي بدلجي وئي. ڪتي پنهنجون اڳيون ٻئي ٽنگون مٿي ڪري، پوين ٽنگن تي گوڏڙ رڙهڻ شروع ڪيو ۽ اچي پنهنجو مٿو سبحان شاهه جي قدمن تي رکيو ۽ شاهه ڪتي جي مٿي تي هٿ گھمائي چوڻ لڳو: “الي بابلو، نه شڃاتو ڇا!!”
1987ع ۾ سبحان شاهه بابت اهڙيون ڳالهيون به ٻڌڻ ۾ آيون ته هو سيد ناهي، شڪارپور جو ڪوري آهي، اهو علي محمد شاهه کي ڪهڙو فيض ڏيندو!؟ پنهنجي ئي شھر مان نيڪالي مليل اٿس ته هتان وارن سان ڪهڙيون چڱايون ڪندو...” وٽس گھڻا مريد به سنڌ سرائيڪي وسيب دنگ جا ايندا هئا. سندس اصل نالو امام بخش هو پر علي محمد سنائي عقيدت مان کيس سبحان سائين سڏيندو هو، جنهن کي ماڻھن شاهه ڪرڻ ۾ دير ئي نه ڪئي ۽ هي سبحان شاهه ٿي ويو. علي محمد سنائي پنهنجي ڪجھه ڪافين ۾ به سبحان شاهه جو عقيدت سان نالو کنيو آهي پر بعد ۾ انهن ڪافين ۾ ڦيرڦار ڪئي ويئي ۽ خبر ناهي ڇو سبحان جو نالو گم ڪيو ويو.
سنڌ جي ڪنهن به ڪنڊ جو ماڻھو سن شھر ۾ ڳجھو نٿي رهي سگھيو خاص ڪري سن جي سائينءَ جي موجودگيءَ ۾. سو سبحان سرڪار جن به لڀي پيا. ڪن دوستن جو چوڻ آھي ته علي محمد شاهه کي ان جي خبر هئي ڇاڪاڻ جو طريقت جي واٽ ۾ سيد امتيءَ جو ڪو سَنڌو نه ٿيندو آھي. سنائي سيدن جو جد امجد سيد حيدر شاهه سنائي به سما ذات سان تعلق رکندڙ مخدوم بلاول جو خاص خليفو هو. سنائين جي اڄ تائين ان درگاھ سان عقيدت برقرار آھي، ديش ڀڳتيءَ جي چُڪي به کين اتان نصيب ٿي آھي. سو، علي محمد سنائي ڪوري هئڻ ڪري سبحان سائينءَ سان لاڳاپا نه ٽوڙيا. توڙي جو اڳتي هلي هُن تي ڪجھه اهڙا به الزام لڳا جيڪي سنڌ ۾ عيب سمجھيا ويندا آھن، ان ڪري هي هاڻ سندس نالو کڻڻ لاءِ به تيار ناهن. نوي واري ڏھاڪي ۾ سن جي خاڪروبن سبحان شاهه مٿان ڇوڪِري اغوا ڪرڻ جو الزام لڳايو، ان وقت هن جي عمر 65 ورهين کان وڌيڪ هئي، چون ته اهو ڪارنامو سندس هڪ مريد ڪرڻ فرمايو هو پر ان ۾ سبحان شاهه جي رضا به شامل سمجھي وئي، سو ان واقعي بعد سن ڇڏڻو پئجي ويس. سبحان سائين جي سن مان نڪرڻ کانپوءِ علي محمد سنائيءَ کي فقراءَ ۾ وڏي مشھوري ملي، ان جا نعرا ٺاهيا ويا پر اهي ڳالهيون به هلنديون رهنديون هيون ته علي محمد سنائي ڪنهن به درگاھ جي اندر نٿو وڃي، نه پنهنجي مرشد جو نالو کڻي ٿو ، بس ٻاهر بيهي دعا گھري ٿو.
سن کان پوءِ سبحان شاهه سيوهڻ ۾ چوٿنڀيءَ ڀرسان اچي رهيو جتي ڊي سي پاران کيس پلاٽ جا ڪاغذ ڏنا ويا. اتي به خاڪروبن سان ڦڏو ٿي پيس، هڪٻئي تي ڪيس داخل ڪرايائون، نيٺ مٿس ٻي ڇوڪريءَ جي اغوا جو ڪيس داخل ٿيو، گرفتار ٿيو پر الزام ثابت نه ٿي سگهيو. جيل مان نڪرڻ کان پوءِ گُم ٿي ويو. 2015ع تائين زندهه رهيو. سن ڀرسان برهماڻي جتن ۾ پنهنجي هڪ مريد وٽ ايندو رهندو هو. هيءُ پراسرار آدم بيزار شخص آخر تائين جانورن جي محبت ۾ سرشار رھيو.
**

الڪيف شاهه : انگريزي دان پراسرار مست الست

سيد الڪيف شاهه مست اصل ڪٿان جو هو، ڪير هو، ڪٿي پڙهيو، ڪٿي ڪٿي گھميو ڦريو، ان بابت پڪ سان چئي نٿو سگھجي. ماڻھو کيس چريو چوندا هئا پر هن ڪڏهن به چرين وارو ڪو عمل نه ڪيو. نه ڪڏهن لٽا لاٿائين، نه ڏاڍيان ڳالهايائين، نه وري ڪنهن کان ڪجھه گھريائين. اڪثر خاموش رهندو هو، ڪير ساڻس ڳالهائيندو ته ان کي جواب ڏيندو هو، نه ته بس.
لڳ ڀڳ پنجٽيهن ورهين جي عمر ۾ اسان جي علائقي واري ٻيلي ۾ ڪاڪي قادر بخش ممڻاڻيءَ کي هٿ آيو، جيڪو کيس اسان جي اوطاق تي ڇڏي ويو. اسان وٽ هفتو کن رهيو، ماني آڏو رکندا هئاسين ته کائيندو هو، نه ته زبان سان گھرندو نه هو. ٻارن سان محبت هئس، ساڻن کيڏندو هو يا وري ماٺ ڪيو ويٺو هوندو هو. جڏهن کانئس پڇندا هئاسين ته ڪٿي ويٺا آهيو ته جواب ڏيندو هو: “شاهوءَ جي ڳوٺ ٻوڙي ۾، جتي بندوقون هلنديون آهن، جوان ۽ ٻار مرندا آهن!”
پوءِ فقير يار محمد کيس ٻلهڙيجي وٺي آيو، جتي ٻه مهينا کن وٽس رهيو. اتي، گل شاهه کي جڏهن به ڏسندو ته چوندو هو: “سائين، هي چريو آهي، ڪو به نقصان ڪري سگھي ٿو، ان تي نظر رکندا ڪريو.” الڪيف شاهه غلامو ٻالي کي جڏهن به ڏسندو هو ته ان جي تعظيم ۾ اٿي بيهي رهندو هو. جڏهن کانئس ان جو سبب پڇبو هو ته چوندو هو: “سائين هي آسماني ايڪٽر آهي، ان کي ڪجھه نه چوندا ڪريو.” ڪجھه ڏينهن کانپوءِ اها به خبر پئي ته الڪيف شاهه انگريزي سميت ٻه چار ٻوليون ڳالهائي سگھي ٿو. انور پيرزادي سان انگريزيءَ ۾ ڪچهري ڪندو هو ۽ ڪاڪو انور سندس انگلش جي تعريف ڪندي چوندو هو “افسوس جو يار پنهنجي وس ۾ ناهي.” ڪجھه ماڻھو کيس ديسي /پرديسي ادارن جو جاسوس سمجھندا هئا، سندن خيال هو ته هتي مست جي روپ ۾ پنهنجي ڊيوٽي ڪري رهيو آهي- پر وٽس پنهنجي سادي لباس جي ٻيو ڪجھه به نه هو. هڪ ڏهاڙي فقير يارمحمد جي مئخاني ۾ ويٺلن کي چوڻ لڳو: “هاڻي مان موليٰ عليءَ جي غلام بنايل زجن جو اوهان کي ديدار ٿو ڪرايان، هُو اوهان کي ڏيکاري ڏئي واپس هليو ويندو، توهان ان کان ڊڄجو نه، رڳو هن باهه ۾ ڏسو!” ڪچهريءَ ۾ ويٺل همراهن کي اهڙي دهشت چڙهي وئي، جو ڪو به ماڻھو باهه ڏانهن ڏسڻ جي همت ئي نه ساري سگھيو.
1982ع ڌاري مرزان جو لاشاري فقير الڪيف شاهه کي پنهنجي ڳوٺ وٺي ويو، جتان پوءِ سونهاري گاڏهيءَ ۾ وڃي رهيو. سونهارو گاڏهي ڳوٺ ڏوڪري تعلقي جي آخري حد واري ڪچي ۾ آهي، جتي نانگي شاهه جي تمام پراڻي درگاهه آهي. هتي الڪيف شاهه جو مسڪن هڪ ڪکائين مسجد هئي. ڪڏهن ڪڏهن سگريٽ ڇڪيندو هو، باقي ڪنهن به نشي جو عادي نه هو. 1980 ع وارو سڄو ڏهاڪو سنڌ ڌاڙيلن جي نشاني تي هئي، جن جو وڌيڪ زور ڪچي ۾ هو، جو اتي جھنگ ۽ ٻيلا هئا. ڌاڙيلن ڪڏهن به الڪيف شاهه سان کنؤس نه ڪئي پر جڏهن آرميءَ آپريشن ڪيو تڏهن کيس پرڏيهي جاسوس سمجھي گرفتار ڪيو ويو، مٿس تشدد به ڪيائون. همراهه وٽ پاتل ڪپڙن کان وڌيڪ ڪجھه هجي ته برآمد به ٿئي، نيٺ هفتي بعد هن مان هٿ ڪڍيائون.
1995ع ۾ شاهن ممڻائي ڳوٺ تي ڌاڙيل حملو ڪري تيرهن ڄڻن کي گوليون هڻي ماري ڇڏيو، جن ۾ پوڙها، عورتون ۽ پندرهن کان ويهن ورهين جا نوجوان به شامل هئا. اهڙي قتلام کي الڪيف شاهه جي اڳڪٿي سمجهيو ويو، ماڻهن جو چوڻ هو ته هو شڪارپور جي ڪچي واري علائقي شاهو ڪوٽ جو ويٺل هو، جتي به ذاتي جھيڙن سبب اهڙو ئي ڪيس ٿي چڪو هو ۽ هي هوش وڃائي اتان ڀڄي نڪتو هو. ٻنهي ڳالهين جي ڪا به تصديق نه ٿي سگھي.
الڪيف شاهه منهن مهانڊي ۾ سهڻو، رنگ جو ڀورو ۽ ٺيٺ سنڌي وصفن وارو شخص هو، البت قد جو ننڍو هو. هن سن 2000ع ۾ وفات ڪئي ۽ اتي ئي مدفون آهي.

غلام نبي شاهه مست

هڪ ڏهاڙي همراهن الائي ڪهڙي خيال سان هيءَ ڳالھه هُلائي ڇڏي ته “سائين غلام نبي شاهه مست پندرهين ڏينهن وفات ڪري ويندو، جنهن کي به دين دنيا ۾ سرخرو ٿيڻو آهي، اهو سائينءَ کان ڌاڳو وٺي وڃي!” بس اعلان جي دير هئي، هزارين ماڻھو ڌاڳا وٺڻ جي لاءِ پهچي ويا. ايترا ماڻھو اچي گڏ ٿيا جو ڏوڪري شهر مان ته ڪارا ڌاڳا ختم ٿي ويا پر ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي ڳوٺ بکي ديري کان وٺي ڪامريڊ سوڀي جي ڳوٺ ٻنديءَ تائين ڪنهن به دڪان ۾ ڪارو سڳو نه رهيو. مست جو ڌاڳن سان ڇا؟ هو پاڻ ته ڪنهن کي به ڌاڳو نه پيو ڏئي پر ڌنڌوڙي خليفا هن جي هٿ سان ڌاڳا گسائيندا، ڳنڍيون ڏيندا ماڻهن کي ڏيندا رهندا هئا. هڪ ڌاڳي جو هديو پنج رپيا، پوءِ به روز جي ايتري اوڳاڙي ٿيندي هئن جو ڳڻڻ کان ڳالھه چڙهيل هئي. پندرهن کان ويهه ڏينهن گذري ويا پر سائينءَ جن حال حيات رهيا. اصل ۾ ڌنڌوڙين مست جي طبيعت خراب ٿيندي ڏسي اهو اندازو لڳايو ته هيءُ بيماريءَ مان نه چڙهي سگھندو، ان ڪري آخري جھٽڪي ۾ جيترو هٿ هڻڻو آ سو هڻي وٺجي پر مست جي صحت ويتر سڌرڻ لڳي. اهي همراهه ته کيس ماريندي به دير نه ڪن ها پر مراد وند عقيدتمندن جو انگ وڌي چڪو هو، جيڪي ڏينهن رات مست جي خدمت ۾ موجود رهندا هئا، ان ڪري واندن ۽ موالي مريدن جي ڪا به لڙهي نه لڳي. سائينءَ جن جو پيالي ڪرڻ وارو ٻُڌايل مدو پورو ٿيو، پوءِ به ماڻهن جي عقيدت برقرار رهي. هڪڙن چيو “برابر ملڪ الموت سائين جن وٽ آيو هو پر مست ان کي ايئن چئي موٽائي ڇڏيو ته اسان ڪجھه وقت اڃا به هتي رهڻ گھرون ٿا.” ڪن ماڻهن جو خيال هو ته مست پنهنجي مرڻ جي ڪا به اڳڪٿي ڪانه ڪئي هئي، اهو صرف انهن پيداگيرن جو ٽڪساٽ هو.
غلام نبي شاهه مست 30/1920 ڌاري وڪڙي ۾ پيدا ٿيو. هنن کي لوڙهائي سيد سڏيو ويندو هو. هيءُ ماءُ پيءُ جو اڪيلو پٽ هو. والدين وڪڙي ۾ ئي گذاري ويس. ورهاڱي کان اڳ سيد، وڪڙو ڇڏي مختلف هنڌن تي وڃي ويٺا. هي ۽ سندن سوٽاڻا سوٽ نازڻ شاهه، مصطن شاهه ۽ محمد شاهه تر ۾ رهيا، جن مان محمد شاهه کان علاوه ٻيا سڀ مستانا هئا. محمد شاهه پنهنجي ڀائرن کي ته پاڻ سان رهايو پر غلام نبي شاهه کي پنهنجي حال تي ڇڏي ڏنو ۽ هن درويش وڃي وڪڙي جي قبرستان کي پنهنجو مسڪن بڻايو. ڪجھه سالن کان پوءِ اچي ڏوڪري شهر وسايائين. زندگيءَ جا چاليهارو کن سال ڏوڪريءَ ۾ خدا جي نيري ڇت جي ڇانوَ هيٺ مٽيءَ سان کيڏندي گذريس … الائي مٽي ساڻس کيڏندي رهي! ”اِها مِٽي حڪم ڪريندِي هزار...“
سياري توڙي سانوڻ ۾ پراڻي، گپ سان ڀريل رلهي ڪلهي تي هوندي هيس. مهيني ماسي شنان پروگرام ڪندو هو. وڏي گپ گاري واري جاءِ ڏسي سڄي جسم کي ميٽ وانگر گپ ٿڦيندو هو. جڏهن جسماني طور هيڻو ٿي ويو ته هڪ هوٽل مزدور احمد مڱڻهار ۽ خانڻ سومرو کيس ريهي ريبي هڪ دڪان ۾ وٺي آيا، جتي هو رات گذاري صبح جو وري وڃي مٽيءَ هاڻو ميدان وسائيندو هو.
مست کي وصال ڪرائڻ واري منصوبي جي ناڪاميءَ کان پوءِ مال جا مشتاق مکڻ مان وار وانگر نڪري ويا ۽ انهن جي جاءِ اچي ٻين والاري. هاڻي سيدن به وارثي ڪرڻ شروع ڪئي. ڪو چوي: اسانجي ڏاڏاڻڪي نُک مان هو، ڪو چوي: اسانجي ناناڻڪي نک مان هو. ايئن سيد محمد شاهه سندس وارث ٿي ويهي رهيو. غلام نبي شاهه مست فوتگيءَ جي اعلانيل تاريخ کان چوڏهن پندرهن ورهيه پوءِ به زندهه رهيو البت جن سندس مرڻ جي ڳالھه هُلائي هئي انهن مان گھڻا ته کانئس اڳ مري کپي ويا.
ڏوڪري ۽ آسپاس جو هر ماڻھو مست کي سُڃاڻي. اڄ به هِن تر ۾ ۾ غلام نبي شاهه مست جي وڏي هاڪ آهي. پڙهيا اڻ پڙهيا، امير غريب، هندو مسلمان سندس معتقد ۽ مريد آهن. ڊگري ڪاليج جي ساڄي پاسي غلام نبي شاهه مست جو روضو شهر جي سمورين عمارتن کان اوچو ۽ پري کان ڏسڻ ۾ ايندو آهي. درگاهه تي روزانو سوين ماڻھو زيارت لاءِ ايندا آهن، جن ۾ ڪو به صنفي فرق ناهي. عورتون به سندس نام تان صدقو پيون ٿينديون آهن. غلام نبي شاهه مست مون سميت ڏوڪري ۽ پسگردائيءَ جي اٽڪل چئن نسلن ڏٺو. همراهه سرمد شهيد وانگر سدائين بي لباس رهيو. ڊگري ڪاليج ڏوڪريءَ کان وٺي چنا پل تائين سڄو ميدان سندس حد هوندي هئي. ڪنهن نه ڪنهن جاءِ تي مٽيءَ سان ويٺو کيڏندو هو. ڏسڻ وائسڻ ۾ صفا لِيڙ هو، جهڙو هڏائون پڃرو. ان جو خاص سبب هيءُ هو ته کاڌو صفا گھٽ کائيندو هو. هن پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪڏهن به ڪنهن کان مانيءَ جي گھر نه ڪئي. جيڪڏهن ڪو ماڻھو کيس ماني آڻي ڏيندو هو ته هڪ ٻه گرهه وات ۾ وجھي هٿ ڪڍي ڇڏيندو هو. گھر رڳو ناس جي ڪندو هو. ناس جو وڏو مواليهو.
غلام نبي شاهه مست تمام گھٽ ڳالهائيندو هو. ڪير ساڻس ڳالهائڻ چاهيندو هو ته ان کي چوندو هو “وڃ وڃ ناس وٺي اچ.” باقي هو اکين سان ڳالهائڻ جو قائل هو، ڪير به ڏانهس ڏسندو هو ته هيءُ به ان ڏانهن اک کڻي نهاريندو هو. جيترا ڀيرا به ڪوئي ڏِسيس، هِي به اوترا ڀيرا ساڻس اکڙي ضرور ملائيندو هو.
1980 واري ڏهاڪي ۾ هن سان هڪ هندو نوجوان هرداس جي عقيدت ٿي جيڪو هن لاءِ ماني کنيون سندس پويان هلندو وتندو هو، جتي به مست روح ۾ رحم پوي ته ماني وٺي ٻه گرهه وات ۾ وجھي وري پنڌ پوندو هو ۽ هرداس سندس بچايل ماني کائي واپس ورندو هو. 1990 کان پوءِ سائينءَ جي هيٺين ڌڙ ۾ طاقت نه رهي ۽ گھمڻ ڦرڻ بند ڪري ڇڏيائين. هن کي ته ڪنهن به شيءِ جي گھرج نه هئي، رڳو ناس جي گھر ڪندو هو، جيڪا کيس ڪلراٺي زمين ۾ به ملي ويندي هئي پر مت مُوڙهن ماڻهن کي هن جي گھڻي گھرج هئي، انهن مان گھڻن هيروئن ۽ ٻين فعلن ۾ پنهنجي سموريون ملڪيتون وڃائي ڇڏيون هيون. ٻار به جھجھا هئن ته نشي جي هاج به پوري ڪرڻي هئي، ان ڪري هنن مست کي سائو جبو پارائي، پير ڪري شهر جي هڪ خالي دڪان ۾ آڻي ويهاريو، جتي مست سڄو سڄو ڏينهن ستو پيو هوندو هو ۽ چوڌاري عقيدتمند ويٺا هوندا هئا. ايئن ڏسندي ئي ڏسندي رنگ رچي ويو.
غلام نبي شاهه جي جيئري ئي ماهه پهرين جمعي جي محفل شروع ڪئي وئي. مست کي جنهن دڪان ۾ آڻي ويهاريو ويو هو، مالڪن ان کي خالي ڪرڻ جي گھر ڪئي.ان تي سندس عقيدتمند هرداس پنهنجي سيلر اڳيان پلاٽ ڏنو ۽ ٻاهران جيڪي ڀانڊا ٺهيل هئس، انهن تي به سيدن ۽ فقيرن قبضو ڪري ورتو. مست اتي ئي 2004 ۾ پيالو ڪيو، جنهن بعد محمد شاهه سندس گادي نشين ٿي ويٺو. درگاهه جي ڪمائي سندس هٿ هيٺ هوندي هئي. ڏوڪريءَ جي تاريخ ۾ غلام نبي شاهه جي وڏي ۾ وڏي جنازي نماز ٿي. ڪاليج کان ٻاهر واپڊا ڪالوني تائين سڄو ميدان ماڻهن سان ڀريل هو. سندس جنازي نماز قمبر واري نقشبندي بزرگ سيد حسين شاهه پڙهائي. ان وقت غلام نبي شاهه جي ڪفن دفن تان ڏوڪري ۽ وڪڙي جي ماڻهن ۾ ڦڏو ٿي پيو. سيد حسين شاهه پهريان چيو ته جيئن ته ڏوڪريءَ ۾ مست هندوءَ جي جاءِ ۾ ته رهيل هو پر کيس اِتي دفنائي نٿو سگھجي. ان تي کيس ٻڌايو ويو ته زمين واڻئي کان لکت ۾ ورتي وئي آهي. تڏهن شاهه صاحب به ڏوڪريءَ ۾ دفنائڻ جي ڳالھه ڪئي. وڪڙي جا ڪجھه ماڻھو پوءِ به نه مڙيا ۽ هنن مست جي کٽ کڻڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي جھيڙو به ٿيو، جنهن ۾ ڏوڪريءَ وارن جي سرسي ٿي. ايئن مست کي ان ئي ڪوٺيءَ ۾ دفنايو ويو جتي هن پساهه پورا ڪيا هئا. اتي نذراني جي پيتي به رکجي وئي جيڪا سيد محمد شاهه سنڀاليندو رهيو پر هن ستت رضا ڪئي. جيئن ته کيس ڪو به اولاد نه هو، ان ڪري مست جِي، گادي نشينن جي چڪر مان جند آجي ٿي. ان بعد ڪيترائي انچارج ۽ چاٻي بردار ٿيا. اڪثر چاٻي بردار پاڻ مال روڙي ويندا هئا. ان ڪري مست جا ٻيا مريد سندن مخالف ٿي بيٺا. نيٺ سڀ مريد هرداس جي نالي تي متفق ٿيا ۽ چاٻي سندس حوالي ٿي.هن درگاهه جي ڪمائيءَ مان مست جو روضو ٺهرائڻ شروع ڪيو، جنهن ۾ ڏوڪري ۽ آسپاس جي ڪيترن ئي ماڻهن جو سهڪار به شامل هو، جن ۾ فقير عابد علي ٻگھيو، نواب ڏيرو، اختيار پيرزادو ۽ ڪجھه ٻيا ماڻھو خاص ڊيوٽيءَ ۾ هوندا هئا. ائين روضو به ٺهي ويو. روضي اندر شيشي جو شاندار ڪم ڪرايو ويو آهي. هرداس، مست کي پوندڙ نذرانو فقيرن ۽ مختلف ڪمن لاءِ ماڻهن ۾ ورهائيندو آهي. جيئن ئي روضو تيار ٿيو ته پهريان ان تي “غلام نبي شاهه جيلاني” لکرايو ويو. جيئن ته مست تي ايندڙن جو وڏو انگ شيعن جو به هو، جيلاني لکڻ سان مست سني پي ٿيو، ان ڪري هنن نالي ۾ ترميم ڪندي “مست غلام نبي شاهه بخاري” جي تختي هڻي کيس شيعو بڻائي ڇڏيو.
آخري ڏهاڪو کن سالن وارا سندن صحبتي ٻڌائيندا آهن ته مست ڪڏهن ڪڏهن چوندو هو “فقير کي چاءِ پياريو” يا وري چوندو هو ته “اٿو اٿو سڀڪو پنهنجي گھر وڃي، ڪوري ڏاڍا آهن، توهان سان وڙهندا”. چون ٿا ته ڪنهن وقت ۾ ڪوري ذات جي همراهه کيس لڪڻ هنيا هئا، جنهن بعد هي ڪورين کي ايئن ياد ڪندو هو. اها ڳالھه به ڪن ٿا ڪجھه وقت کان پوءِ اهو ڪوري چورن هٿان مارجي ويو ۽ ماڻهن ان واقعي کي غلام نبي شاهه مست جي ڪرامت قرار ڏيڻ ۾ دير ئي نه ڪئي. غلام نبي شاهه جي درگاهه تي صبح، منجھند چانهه جو پيالو ۽ شام جو لنگر ٿيندو آهي جيڪو هندو، مسلمان توڙي ڀيل باگڙيءَ کي بنا تفريق ملندو آهي. ان سان گڏ رات گذاري لاءِ مسافرن کي هتي رلي گودڙي به ملي ويندي آهي. مست جي درگاهه جي هڪ ڪنڊ ۾ ناس جو ڍير پيل آهي، جيڪا سندس عقيدتمند تحفي طور آڻيندا آهن. چون ٿا ته بخار، مٿي جي سور، کنگھه، زڪام کان مست جي ناس هڪ ٽِڪ آهي.

الاهي فقير ڍڍي: نياڻي سياڻيءَ جو نگھبان نعريباز ملنگ

الاهي فقير سولا سکيا ڏينهن به ڏٺا ته دنيا تياڳي بکن ۽ فاقن سان به پيچ پاتو. سيارو هجي يا سانوڻ، هر وقت مٿو ۽ پير اگھاڙا. هن جي سڃاڻپ نعريباز ملنگ واري هئي. پنهنجو هڪ نعرو ٺهيل هئس جيڪو ڪجھه ڊيگھارو ۽ لانڍ سان هو. الاهي فقير نعرو هن طرح هڻندو هو:
“يا علي حيدر، مولا، صبح جا آهيون سوالي، ڪڏهن نه وينداسين خالي، صبح جو سوال آ ته بُري ۽ بيمان کان بچاءِ، سڄڻ پيو سامهون هردم هلاءِ، عليءَ جا مَندئِي، ڏنڊو... ۾ هجئي، هت هجين يا دبئي، حسنين جي بابي جا دشمن ٽڙ ٿي، نياڻي نماڻيءَ جا مندا ٽڙ ٿِي، اوڙي پاڙي جا بي شناس ٽڙ لعنت صبح شام ڀيڄو بيٺو آهيانءِ، ٻيو ڪم گھٽ ڪندو آهيانءِ...!”
الاهي فقير جڏهن “ٽڙ” ڪندو هو ته باقاعدي رائيفل جي گوليءَ واري ٽڙ ٿي ويندي هئي. وڻن ويٺل پکي ٽاهه کائي اڏامي ويندا هئا. فقير پنهنجي انهيءَ نعري ۾ وقت به بوقت ضرورت پوڻ تي اضافا به ڪندو رهندو هو.
الاهي فقير 1940ع ڌاري ڳوٺ گاجي ديري ۾ پيدا ٿيو، جيڪو مهين دڙي کان ست ڪلو ميٽر ڏکڻ طرف آهي. سندس وڏڙن کي ڪلهوڙا دؤر ۾ سرائيڪي وسيب کان ميان گاجي خان ڀاڳت هتي لڏائي آيو هو. ڍڍي سيالن جو پاڙو آهي.
الاهي فقير کي پنهنجي وڏڙن جي ورثي مان چڱو خاصو مال مليو. هن کي ديهه گاجي ديري ۽ نصير آباد ۾ چڱي خاصي زمين هئي، ان کان سواءِ چوپايو مال به گنج هئس. مڙس ٺاڪ ڦوڪ وارو هو. وڏي اٿي ويٺي هئس. تر جي سمورن وڏيرن سان سنگت هئس پر اڳتي هلي هن، مضبوط ڪردار جي مالڪ فقير منش، بدڪردار وڏيرن جا پرڪار ڏسي ساڻن اٿڻ ويهڻ ڇڏي ڏنو.
1980ع ڌاري موهن جي دڙي تي چوڪيدار مقرر ٿيو. اتي هن هڪ دڪان به کوليو، جيڪو ڄڻ ته مني مارٽ هو، جنهن ۾ ڪرياني کان وٺي ضرورت جو سمورو سامان موجود هوندو هو. مهين جو دڙو گھمڻ ايندڙ سياح به سندس دڪان تان سامان خريد ڪندا هئا ته ايئر پورٽ جا ملازم به گھر جو سيڌو سامان هن کان وٺندا هئا. همراهه ڏينهون ڏينهن ترقيءَ جا ڏاڪا طئي ڪندو ويو. ان دؤر ۾ ملازمن جي پگھار سَوَن ۾ هوندي هئي پر هن جي روز جو ڌنڌو هزارن ۾ ٿيندو هو. تن ڏينهن موهن جي دڙي تي ڪم ڪندڙ ڪنهن به ملازم وٽ موٽر سائيڪل نه هوندي هئي، تر جي تمام ٿورن ماڻهن وٽ اسڪوٽر هوندا هئا، جن ۾ الاهي فقير به شامل هو.
الاهي فقير توڙي جو رنگ جو سانورو هو پر سندس چهري جا نقش نگار انتهائي خوبصورت هئا. قد جو ڊگھو هو. دڙي ۾ ڪنهن پراجيڪٽ تي ڪم ڪندڙ هڪ يورپي آرڪيالاجسٽ عورت مٿس موهت هوندي هئي، اها هن سان دڙي جي مختلف سائيٽن تي گھمندي ڦرندي رهندي هئي. ساڻس ويجھو ٿيڻ جي ڪوشش ڪيائين پر الاهي فقير پنهنجي حد ۾ رهيو، ٻئي جي ننگ ڏي ڏسڻ هن لاءِ گناهه هو- باقي هن جون مس سلميٰ سان اکيون ضرور اڙيون ۽ ماڻھو چون ٿا ته دنيا کان لاتعلق کيس مس سلميٰ جي محبت ڪيو ۽ اها انسيت يقيناً هڪ طرفي هئي. مس سلميٰ 1984ع ڌاري موهن جي دڙي تي ڪنزرويٽر ٿي آئي هئي. مائي ڪراچيءَ جي رهواسڻ هئي، آفيسرياڻي هئڻ ڪري ٿوري کڙڪي سڙڪي جي قائل هئي. حسن جو هٿيار به هئس ته هر ماڻھوءَ سان اکڙي ملائي ڳالهائڻ وارو گر به هئس. الاهي فقير تي اکين جي سيف سڌي ڪيائين ته همراهه سڄو سارو شڪار ٿي ويو – نه مائيءَ جي سامهون اکيون کڻي سگھيو، نه ئي ڪڏهن چپن مان ڀڻڪو ڀُڻي سگھيو. هيڏانهن واهڻ جو ويچارو سادو ماڻھو، هوڏانهن شهر جا سياڻا واپاري! مائي صاحبه ڌڙاڌڙ سندس دڪان تان سامان کڻڻ شروع ڪيو. مهيني بعد ٻيا ملازم حساب ڪتاب ڪري ويندا هئا پر مس سلميٰ اهڙي ليکي وهنوار کان آجي هئي. الاهي فقير جو دڪان ته مس سمليٰ جي حوالي هئو ئي پر ڪچي توڙي پڪي جي فصلن مان به هُن جو باقاعدي حصو نڪرندو هو. مائي جيترو وقت موهن جي دڙي تي رهي، ان عرصي دوران سندس گھر ڀاتين اٽي وٺڻ جي به ڪڏهن تڪليف ڪانه ڪئي! مس سمليٰ جڏهن به ڪراچيءَ وئي ته پاڻ سان گڏ چانورن جو اٽو، سرنهن، چڻا، مٽر توڙي مکڻ ماکي کنيون وئي.
مائيءَ جي ڪراچي بدلي ٿي ته الاهي فقير جي دنيا ئي بدلجي وئي، هن کي اهڙو رنگ لڳو جو هي عليءَ جو ملنگ بڻجي ويو. الائجي مس سلميٰ جي فراق جو نتيجو هو يا ڪو ٻيو حادثو، هن جِي، دنيا مان دل کٽي ٿي وئي. دڪان، ٻني ٻاري، مال رزق، نوڪري توڙي ٻارن ٻچن مان دلچسپي ختم ٿي وئي، ايتري قدر جو هڪ ڏينهن دڪان جي کنڌي وارو رجسٽر ساڙي اعلان ڪيائين ته “هاڻي نه منهنجو ڪنهن ڏي حساب ڪتاب، نه مون ڏي ڪنهن جو لهڻو ليکو!” دڪان ڀريو پيو هئس، جنهن به عليءَ جو واسطو وجھي جيڪا شيءِ گھريس “ياعلي” چئي ان کي ڏئي ڇڏيائين. سڄو دڪان ختم ٿي ويس، جتي پائڻ ڇڏي ڏنائين، باقي رهيس موٽرسائيڪل. سندس خانداني مرشد کي جو الاهيءَ جي سخاوت واري جهان ۾ اچڻ جي خبر پئي ته ان به موهن جي دڙي تي پهچي، عليءَ جي واسطي موٽر سائيڪل جي گھر ڪئي. الاهي فقير ياعليءَ جو نعرو هڻي چاٻي سيد سڳوري جي حوالي ڪئي. اهڙي نموني جنهن به عليءَ جي نالي تي ڍور ڍڳي جي گھر ڪيس، ان کي نعرو هڻي ڏئي ڇڏيائين. اها حالت ڏسي سندس سهرو فقير جي گھرواريءَ ۽ ٻارن کي باقراڻي وٺي ويو. هن جي جاين ۽ پلاٽ تي مائٽ ويهي ويا ۽ ٻني به انهن پاڻ ۾ ورهائي کنئي. فقير کي ڪنهن به شيءِ جي طمع نه رهي. ان کان پوءِ به هن پنج ورهيه ڊيوٽي ڪئي، نيٺ نوڪريءَ مان به دلچسپي ختم ٿي ويس پر آرڪيالاجي انجنيئر موهن لعل کيس نوڪري جاري رکڻ تي مجبور ڪيو. ڳڙهي ياسين جو موهن لعل پير فقير کي مڃڻ وارو انسان هو. فقراءَ کي قلندر لال شهباز ۽ ٻين درويشن جي ميلن ملاکڙي تي وٺي ويندو هو. هن ئي الاهي فقير ۽ ڪجھه ٻين ماڻهن کي، موهن جي دڙي تي ڊيوٽي ڏياري هئي. ان جي موجودگيءَ ۾ الاهي فقير کان پڇا ڳاڇا معاف هئي، باقي جيئن ئي پگھار ملندي هيس ته ڪو نه ڪو ماڻھو عليءَ جو واسطو وجھي يا ٻچن جي بيماريءَ جو ڪوڙو سچو پٽڻو پٽي کانئس سڀ پئسا وٺي هليو ويندو هو ۽ الاهي فقير توڪل بر خدا مهينو ڪاٽي چڙهندو هو.
1990ع ۾ موهن لعل جي جيئن ئي بدلي ٿي ته ان وقت جي ڪنزرويٽر عرفان صديقي فقير جي نوڪري چٽ ڪري ڇڏي. پندرهن ورهيه نوڪري ڪرڻ باوجود ڪجھه نه مليس، نه ئي هن، ان لاءِ ڊڪ ڊوڙ ڪئي. ڪيترن ئي ماڻهن عدالت ۾ وڃڻ جو چيس، ان لاءِ وڪيل ڪري ڏيڻ جي آڇ به ڪيائون پر هن، ان سلسلي ۾ گھربل سرگرمي نه ڏيکاري. نوڪري ختم ٿي ويس پر موهن جي دڙي کي نه ڇڏيائين.
چاچي معروف ماڇي ۽ سندس ڀاءُ رستم علي کي شبستان هوٽل جو ٺيڪو هو، جتي الاهي فقير ڊيوٽي ڏيندو هو. گراهڪن کي چانهه وغيره پياريندو هو. اتي طرحين طرحين طعام پچندا رهندا هئا پر الاهي فقير ڪڏهن لوڻ به نه چکيو. موهن جي دڙي تي سياحن جا ٽولا اچي لهندا هئا، جن ۾ نوجوان ڇوڪرا ڇوڪريون شامل هوندا هئا. ڇوڪريون پارڪ ۾ ويهي چانهه جو آرڊر ڏينديون هيون، ڪي نوجوان ساڻن پوز بازي ڪن ته الاهي فقير کين تاڙي وٺي ۽ هڪدم نعرو بلند ڪري: “هلا ٿِي نياڻي نماڻيءَ جا مندا، ٽڙ لعنت ٿِي...” هن جي نعري سان آڏو واري همراهه کي خبر پئجي ويندي هئي ته اها لعنت مٿس وسي رهي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ڇوڪريون به کيس فرمائش ڪن: “فقير اهو نياڻي سياڻيءَ وارو نعرو ٻڌاءِ!” اهڙي نموني شبستان هوٽل ۽ ان جي آسپاس سندس نعرا گونجندا رهندا هئا. فقير کي جنهن به وقت نعري جي فرمائش ٿي ته، اها ضرور پوري ڪندو هو.
ڪنزرويٽر عرفان صديقيءَ کي هن جي نعرن تي ڏاڍي ڪٽ چڙهندي هئي، سو هڪ ڏينهن کيس آفيس ۾ گھرائي چيائين: “الاهي بخش، نعرا درگاهن ۽ بارگاهن ۾ هڻبا آهن، سرڪاري جاين تي نه هڻبا آهن، توهان دڙي جي حد مان نڪري ڀلي نعرا هڻو، باقي ٻيهر هتي نعرو منهنجي ڪن نه پوي!” فقير اها ڳالھه هڪ ڪن مان ٻڌي ٻئي مان ڪڍي ڇڏي. عرفان صديقيءَ جي صبر جو پيمانو لبريز ٿي ويو ۽ هڪ ڏينهن الاهي فقير جو اڳ جھلي کيس زوردار چماٽ وهائي ڪڍيائين. چماٽ لڳڻ سان ئي فقير نعرو بلند ڪيو: “ياعلي!” آفيسر ٻي چماٽ وهائي ڪڍيس، ان تي به هن ساڳيو نعرو هنيو. ڪنزرويٽر کيس هڪٻئي پٺيان ٽي چار چماٽون وهائي ڪڍيون پر هن جي هر چماٽ تي ساڳي ڪار، ساڳيو نعرو: “ياعلي!” اهو لقاءُ سمورن ملازمن ڏٺو. صديقي هٿ مهٽيندو ۽ چپن ۾ بڙبڙائيندو آفيس روانو ٿي ويو ۽ الاهي فقير تهائين زوردار نعرا هڻندو وڃي شبستان هوٽل تي ويٺو.
ڪنزرويٽر صديقي پٽ جي اولاد جو سڪايل هو. پنهنجي پوڙهي ماءُ، پنجن نياڻين ۽ گھر واريءَ سان دڙي تي رهندو هو. هن جي گهر واري انهن ڏينهن ۾ اميد سان هئي. عجيب اتفاق، جو ان واقعي جي ڪجھه ڏينهن بعد مائيءَ جو ٻار (پُٽڙو) ضايع ٿي ويو. صديقيءَ کي وهم ويهي ويو ته کيس الاهي فقير جي بددعا لڳي آهي. پوءِ ته هو پنهنجي پوڙهي ماءُ، گھر واري ۽ پنجن ئي نياڻين کي ميڙ وٺي الاهي فقير کي پرچائڻ آيو. فقير جو نياڻيون ميڙ ٿي آيل ڏٺيون ته روئي ويهي رهيو، چي: “امڙيون، اسان فقير نه ڪنهن کي پٽيندا آهيون، نه ڪنهن ڳالھه جو ڏک ڪندا آهيون!” پوءِ ته عرفان صديقيءَ جو سڄو گھر سندس مريد بڻجي ويو. هر جمعي رات مٺي ڪني ڪري فقير ڏانهن موڪليندا هئا. جڏهن صديقيءَ جي بدلي ٿي ته الوداعي پارٽيءَ ۾، الاهي فقير کي رنجائڻ جو اعتراف ڪيائين ۽ چيائين ته فقيرن جو حساب ڪتاب، وٺڻ وارو پاڻ وٺي ٿو.
الاهي فقير زندگيءَ ۾ پنج ڀيرا سيوهڻ واري لال باغ کان لاهوت تائين سفر ڪيو. پنج ئي سفر ريءَ سمر ڪيائين. 1996ع ۾ پهريون لاهوت ڪيائين. سيوهڻ جي حدن ۾ ئي پير رتورت ٿي ويس. ڀت جبل پار ڪرڻ کانپوءِ همراهه کي جنهن به ڏٺو، ان کي يقين ٿي ويو ته فقير نه بچندو. چهنگڻ واري منزل کان اڳ سندس قافلي جي سالار سيد يتيم شاهه (منهنجي دوست سيد احمد شاهه سوڀي ديري واري جو والد جنهن زندگيءَ ۾ 50 کان وڌيڪ لاهوت جا سفر ڪيا.) سمجھائيندي چيس: “الاهي فقير جبل جو اڻانگو ۽ اوکو پنڌ آهي، ڌر تتل، ڪوسا ڪڪرا ۽ نوڪدار پٿر آهن، تنهنجا پير اڳ ئي ڦٽيل آهن. الائجي ڪيترا لاهوتي پنڌ ۾ پورا ٿيو وڃن. ڏاهو ٿي، چنگھڻ جي چاڙهي جُتي پائي چڙهه، پوءِ ڀلي اڳتي لاهي ڇڏجان.” اهڙي مت ڏيڻ تي فقير سيد سان ناراض ٿي پيو. چي: “سائين، جتي جات نه پائيندس، باقي تو واري چُنگھڻ چِنگھندي رهندي ۽ مان اُن جي چوٽ تي پير ڌريندو هليو ويندس.” گھڙيءَ کان پوءِ قافلي کي ڪُوچ ڪرڻ جو حڪم ٿيو. سمورا لاهوتي هڪٻئي پويان هلي پيا. چنگھڻ جي چوٽيءَ تي الاهي فقير جي پڇا ٿي. ڪو پتو ئي ڪو نه! سڀ لاهوتي چون: هلي ته اسان سان گڏ پيو، الائجي ڪيڏانهن غائب ٿي ويو! سڏ واڪا ڪيا ويا پر همراهه لڀي ئي ڪو نه. سيد يتيم شاهه سميت هر ماڻھوءَ کي پڪ ٿي ته الاهي فقير پيالو ڪري ويو. چنگھڻ واري لاهين لهِي سيد يتيم شاهه الاهي فقير جي ايثال لاءِ دعا گھري. قافلي ۾ ڀائو لطف، انور ڏنگڙائي، ميهر ابڙي ۽ ميهر فقير سميت کوڙ سارا تر جا ماڻھو شامل هئا، جن سفر جي اڳين منزل لطيف جي کهيءَ تي ڏک ۾ ماني ئي نه کاڌي. ان کان پوءِ جڏهن سندن قافلو حاجي ڪنڙيءَ واري منزل تي پهتو ته الاهي فقير جا نعرا ڪن پين. الاهي فقير کي زنده ڏسي سڀ خوش ٿيا. فقير جو چوڻ هو ته “اسان واري قافلي ۾ سڀ زوراور مڙس هئا، اهي هروڀرو جتي پائڻ لاءِ تنگ ڪن ها ۽ سفر جو مزو خراب ٿي وڃي ها، ان ڪري مان هڪ ٻئي قافلي سان نڪري پيس.”
منهنجي الاهي فقير سان 1990ع ۾ دوستي ٿي. شاهه، سچل ۽ تر جا ڪيترائي ميلا گڏ ڪياسين. هڪ دفعي ته پورو هفتو ڀٽ شاهه جي مور نگر ۾ گڏ رهياسين. ڳوٺ هوندو هو ۽ کيس ماني کائڻ تي مجبور ڪندو هئس ته گھڻي ستائڻ تي چوندو هو: “مانيءَ جي اصل ڳالھه نه ڪر، باقي چانور هجن ته ٿورا کڻي آ.” جڏهن کانئس ان جو سبب پڇندو هئس ته چوندو هو: “ماني کانوان ٿو ته زال سان صحبت جي سَڌ ٿي ٿئي، ان ڪري ماني کائڻي ئي ناهي.” الاهي فقير چانهه جو وڏو موالي هو. آفيم ذري ۽ وزم به ڇڪيندو هو. بک تي نشا ڪرڻ خودڪشيءَ جو سولو ۽ آسان طريقو آهي، جيڪو هو اختيار ڪري چڪو هو. لڄارو به اهڙو جو مرندو مري وڃي، ڪنهن کان به ڪجھه نه گھري.
هڪ دفعي ڀٽ شاهه ۾ گھمندي کيس هوٽل تي چانهه پيارڻ وٺي ويس. اسان واري ٽيبل جي سامهون ڪجھه همراهه ويـٺا هئا، جن مان ٻه ڄڻا شهري ۽ هڪ پسگردائيءَ جو معلوم ٿي رهيو هو ۽ پنهنجي سڄي ڏينهن جي ڪارگذاري بيان ڪندي پنهنجي دوستن کي چوڻ لڳو: “جڏهن ڪٿان به ڪم نه ٿيو، تڏهن سوچيم ته ڀٽ شاهه وڃي جنسي اڃ اجھائي اچان.” اهي لفظ ٻڌندي ئي الاهي فقير تبرن ۽ نعرن ۾ شرو ع ٿي ويو: “ٽڙ ٿِي نياڻي نماڻيءَ جا مندا، درويش جي آستاني تي برائي ڪندڙ ٽڙ ٿي... اوڙي پاڙي، سيد پير جا بي شناس ٽڙ ٿي!” هوٽل ۾ هاهاڪار مچي وئي. همراهن کي چڱي طرح اندازو ٿي ويو ته اها عزت افزائي سندن ٿي رهي هئي. اوسي پاسي جي دڪاندارن ۽ ايندڙ ويندڙ ماڻهن جا ڪن کڙا ٿي ويا. همراهه ته مرم ۾ مري ويا. مان چانهه اڌ ۾ ڇڏي اٿي دخل تي پئسا ڏئي، فقير کي ٻانهن کان وٺي ٻاهر نڪري آيس. واپس ايندي چيومانس “فقير سائين! اوهان به صفا لاهي پاهي ٿا بيهو، جنهن تنهن تي تبرو، جنهن تنهن تي لعنت، هلا ٿِي نياڻيءَ جا مندا، اوڙي پاڙي جا بي شناس... اوهان به ته مس سلميٰ ۾ اکيون وڌيون هيون!” منهنجي گستاخيءَ تي ناراض ٿي پيو، جذباتي ٿي چوڻ لڳو “منهنجي مس سلميٰ ۾ ڪا ٻلي واري اک نه هئي، باقي توهان ڪنهن کان به پوڄا جو حق کسي نٿا سگھو. عشق ٻي شيءِ آهي، هوَس ٻي شيءِ آهي.”
موهن جي دڙي تي ساڻس گڏ ڪم ڪندڙن هن کي زندگيءَ ۾ رڳو هڪ دفعو ڪنهن کي سڌيون گاريون ڏيندي ڏٺو. الاهي فقير شبستان هوٽل تي ٽيبل مين واري ڊيوٽي ڪري رهيو هو. موٽر سائيڪل تي سوار نوجوانن جو ٽولو ٽبيل تي اچي ويٺو. الاهي فقير سندن آڏو پاڻيءَ جو جڳ رکندي پڇيو: “بابا، حڪم ڪيو؟”هڪ نواجون پڇيس: “هتي ڇا ملندو؟” هن ٻاجھاري ٻوليءَ ۾ وراڻيو “بابا، چانهه، بوتل، ماني...” تنهن تي نوجوان چيس “اهي شيون ته اسان وٽ به ملنديون آهن، اسان کي ٻيو ڪجھه کپي.” اهي لفظ ٻڌندي ئي فقير ڏمرجي پيو.
اهو منجھند جي مانيءَ جو وقت هو، دڙي جا ملازم ڪئنٽين اندر ماني کائي رهيا هئا، تن جو الاهي فقير جون گاريون ٻڌيون ته سمجھيائون ته ڪوئي فقير سان بي واجبي ڪري رهيو آهي. سڀ جا سڀ بورچيخاني مان سونٽيون کڻي نڪري آيا. نوجوانن ٽيهارو کن مڙس سونٽين سان جو ايندي ڏٺا ته کين سنڌين وارو پويون عقل اچي ويو ۽ هنن الاهي فقير جي پيرن تي ڪري کانئس معافي ورتي ۽ پنهنجي غلطي مڃي گولِي ٿي ويا.
پڇاڙيءَ ۾آفيم ۽ چرس جي واهپي ۽ بکون ڪاٽڻ جي ڪري سندس صحت ڏينهون ڏينهن وئي ڪرندي. همراهه کي ويٺي ويٺي چڪر اچي ويندا هئا، هلندي هلندي ڪِري پوندو هو. جڏهن صفا هلڻ چلڻ جهڙو نه رهيو ته وارث کيس باقراڻي کڻائي ويا، جتي 2003ع ۾ وفات ڪيائين.
***

ڏاڏو ڪلڪل فقير: ڪِريءَ وارو فقير

ڏاڏو ڪريم بخش عرف ڪلڪل المعروف ڪلو فقير جلالي قلندري درويش هو. سندس سڄو خاندان درگاهه لواري شريف سان لاڳاپيل هو پر هن يار جا پنڌ پري هئا. ڪيئن ۽ ڪنهن جو طالب ٿيو، اها ته خبر ناهي پر سيوهڻ جي اولادي امير ڪافيءَ ۾ سندس گھڻو اچڻ وڃڻ ٿيندو هو. هن همراهه کي تر جا ماڻھو “ڪريءَ وارو فقير” ڪوٺيندا هئا. نشي پتي کان بلڪل پري، جتي به رهندو هو، اتي ڪنهن مُقام جي ڪنڊ تي آستانو ٺاهيندو هو. مختلف وقتن تي ٻلهڙيجيءَ جي سخي شاهه جمال واري مقام، لاڙڪاڻي ڀرسان اگھم ڳوٺ جي قبرستان ۽ بگيءَ ڳوٺ ٻاهران حمر پير جي درگاهه تي آستانا اڏيائين. پنهنجي مختصر اصولن تي سختيءَ سان ڪاربند رهيو: “ٻني ٻارو به ڪبو، سبزيءَ لاءِ واڙي به پاڻ ڪبي. پاڻ پچائبو، پاڻ کائبو. مسافر مڙي لاءِ مَٽي به سائي رکبي. ”
فقير هونئن ته وڏو محبتي ۽ مڻيادار ماڻھو هو پر زال ذات ۽ پنهنجي گھر ڀاتين سان هرگز نه پيس. گھر ڀاتين ۽ عورتن سان هن جو رويو نه رڳو سخت پر انتهائي جارحاڻو هو. هن جي ڪِري يا رک اها هئي ته ماڇين، ڪاسائين، موچين ۽ عورتن سان هٿ هرگز نه مِلائبو. نه ئي سندن هٿ جي پچايل ماني کائبي. بنا ڇلر واري مڇيءَ توڙي سهي ڏانهن ڏسبو به نه. ڪنهن کي به کاٻي هٿ سان ڪا شيءِ نه ڏبي نه وٺبي. مچ تي ڪنهن کي به پير سيڪڻ يا ان ۾ ماچيس جي تيلي توڙي سگريٽ جو ٽوٽو اڇلڻ نه ڏيندو. ڪچهريءَ ۾ ڪنهن کي به ڪانڀ ڪڍي ويهڻ نه ڏيندو- ڪو هٿن جا منڊا ڏئي ويٺو ته ان کي اهڙي ڇڙٻ ڏبي جو آڏو واري شخص جو هانءُ کاڄي ويندو. ڪوشش ڪري بازار جي شيءِ نه واپرائبي. گيهه مکڻ به ديسي کائبو، اهو به ڪوشش ڪري اتان وٺبو، جتان اها پڪ هوندي ته مکڻ ٽاڻڻ وارا صفائي پسند آهن. ڪلڪل فقير ديسي گيهه جا ٽين آڻي گھر ۾ رکندو هو پر سندس گھر واري جيئن ئي اُن گيهه سان ڀاڄي ٺاهي، مکڻ سان مانيون مکي سندس آڏو رکندي هئي ته هي رڙيون ڪري گھر مٿي تي کڻي کڻندو هو: “اڙي، ڏسو ته رن جا ڪم، منهنجو سڄو گيهه پاڻ کائي مون لاءِ وري ڊالڊا ۾ ڀاڄي ٺاهي آئي آ!” ائين چئي ڀاڄي هاري آکاڙي ڏانهن پنڌ پوندو هو.
جھونڙي جيئن جيئن ڏاڏي ڪلي کي سک ۽ آرام پهچائڻ جا جتن ڪندي تيئن تيئن ويندي هئي ڦاسندي. ويچاريءَ جي جان تڏهن ڇٽي جڏهن سندس عمر پوري ٿي ۽ پوءِ ڏاڏي ڪلي به سک جو ساهه کنيو. گھر واريءَ جي وفات کانپوءِ هن جو سڄو ڏينهن پنهنجي پاڙيسرياڻي مائي خيران سان جھيڙو ڪندي گذرندو هو. پاڙي وارا، فقير وارا اصول ته اختيار نه پي ڪري سگھيا، البته فقير جو گلاس ۽ ٻيو سامان وغيره استعمال ڪري وڃن پيا. مائي خيران سان جھيڙو چوٽان چوٽ هو، ايتري تائين جو ٻليءَ کي ڏسندو ته ان کي به چوندو “سڃاتو اٿم توکي، خيران آهين، ٻليءَ جو روپ ڪري آئي آهين!” آستاني تي ڪا ڪٻر ٽيڪيندي ته ا ن کي به مخاطب ٿي چوندو: “تون کڻي ڪيڏي به ڪوشش ڪر پر خيريءَ کي ٽيڪي ۾ ماري نٿي سگھين!” يا چوندو: “ڪٻر جي روپ ۾ آهين خيري نڀاڳي، سڃاتو اٿيمانءِ!”
چون ٿا ته همراهه سيوهڻ جي فقيرن لاءِ ڀنگ چپٽي وٺي رکي ڇڏيندو هو پر ٻئي ڪنهن کي همت نه ٿيندي جو اها کانئس گھري سگھي. ڏاڏو ڪلو جيئن ته قانوني ماڻھو هو ۽ پوليس وارن جي منهن پوڻ نه چاهيندو هو، تنهن ڪري انتهائي کوٽ واري وقت ۾ ڪو شخص اچي اوڀاريون لهواريون ڪندي ٻڌائيندو هوس ته “ڏاڏا، ڳوٺ ۾ پوليس آئي آهي، لڳي ٿو ڪٿي ڇاپو هڻندي.” ان تي ڪلو ڀنگ سندس حوالي ڪندي رازداريءَ ۾ چوندو هو، “ابا هيءَ چپٽي مون وٽ پئي آ، انهيءَ کي ته ڪٿي گم ڪر!” پوءِ همراهه اها ڀنگ کڻي موج ڪندا هئا.
ڏاڏو ڪلو، فقير يارمحمد پاران ڳوٺ ۾ مئخانو قائم ڪرڻ تي ناراِض ٿي بگيءَ ٻاهران حمر پير جي درگاهه تي آستانو اڏي ويٺو. اگھمن ۽ بگيءَ وارن لاءِ ڪلو فقير خدا جو پهتل بندو ۽ ڪاني ڪرامت وارو درويش هو. بگي ڳوٺ توڙي تر وارا اڄ به اها ڳالھه ڪندا آهن ته هڪ ڀيري فقير ناري ۾ ٽپو ڏنو ۽ ٺيڪ ٽئين ڏينهن ساڳي جاءِ تان نڪتو. اها ڳالھه به ڪندا آهن ته فقير کي هڪ ڀيري ڳوٺ جي ماڻهن مينهن وسائڻ لاءِ تنگ ڪيو. سندن زور ڀرڻ تي فقير چرين وانگر کٻڙن کي لٺيون هڻڻ شروع ڪيون. اوچتو بادل ڀرجي آيا ۽ ٽهه ٽهه مينهن ٽمڻ لڳو. ٽوڀا، ترايون تار ٿي ويون ته به بادل بس نه ڪن. نيٺ وري ڳوٺ جا ماڻھو فقير وٽ پهتا ۽ کين مينهن بند ڪرڻ لاءِ عرض ڪيائون، جنهن تي فقير چينِ ته مينهن بند ڪرائڻ منهنجي وس ۾ ناهي، اچو ته گڏجي ڌڻيءَ کي ٻاڏايون. اهي ڳالهيون بگي، ٻنڊي ۽ آسپاس وارن ڪيترن ئي ڳوٺن جي رهواسين کي اڄ به زبان تي آهن. اهو اتفاق به ٿي سگھي ٿو، ڇاڪاڻ ته اسان جا سادڙا سنڌي هر پير بزرگ يا درويش سان اهڙا معجزا منسوب ڪندي دير نه ڪندا آهن. فقير کي بگيءَ جي هڪ عقيدتمند ٽي جريب زمين ڏني هئي، جنهن جي سالياني اُپت اَن جي صورت ۾ پهچندي رهندي هئي. هاڻي اها زمين سندس پونئيرن اصل وارثن کي وڪڻي ڏني آهي. اهڙي طرح اگھمن جي ڳوٺ ۾ به فقير کي عقيدتمندن چار جريب زمين ڏني هئي، جيڪا به سندس وارث وڪڻي چڪا آهن.
ڪجھه عقيدتمندن جو خيال آهي ته سانئڻ عابده پروين کي ڪلي فقير جي دعا هن منزل تي پهچايو آهي. عابده پروين جي امڙ ممتاز بيگم حمر پير جي درگاهه تي حاضري ڀرڻ ايندي هئي ۽ ننڍڙي عابده به ساڻس گڏ هوندي هئي، جنهن کي فقير گھڻو ڀائيندو هو. ٻارن سان تمام گھڻو پيار ڪندو هو. ٻلهڙيجيءَ جي پيرزادن جا ٻار فصل جي ٻارين واري موقعي تي کانئس ان وٺڻ ويندا هئا. هر ٻار کان پيءُ جو نالو پڇي، ان کي ٻه چار گاريون ڏئي ٻارن کي ان ڏيندو ويندو هو.
ڏاڏي ڪلڪل 1984ع ۾ اٽڪل پنجهتر ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪئي. کيس ٻلهڙيجيءَ ۾ سخي شاهه جمال جي روضي جي اوڀارئين پاسي جاءِ ڏني وئي.
***

ڪاڪو پريمچند : روادار سنڌ جو روح

ان ڏينهن منهنجي پياري دوست معصوم سنديلي جي والد چاچا حبيب الله فون ڪري هڪ ڪتاب “ڪالڪي اوتار” ڳولڻ لاءِ چيو. پاڻ رڳو ڪتاب جو نالو ٻڌايائون، ليکڪ جو نالو شايد ان وقت کين ياد نه هو. خبر پئي ته اهو ڪتاب هڪ هندو ليکڪ پنڊت ويد شرما سرڪار دو عالم صه جن جي شان ۾ لکيو آھي. فضلي سنز ڪراچيءَ پاران ترجمو ڪَرائي شايع ڪيل اهو ڪتاب ته نه ملي سگھيو پر استاد خالد وٽان ايتري سا خبر ضرور پئي ته ڄاڻايل ڪتاب ۾ مسلمانن جي نبيءَ سڳوري کي ڪل عالم جو اوتار سڏيندي پراڻن گرنٿن ۾ سندن اچڻ جون اڳڪٿيون بيان ڪيون ويون آھن. هڪ هندو ليکڪ پاران ڪيل اهڙين ڳالهين تي مون کي گهڻي حيرت نه ٿي جو مون اها ڳالھه پهريون ڀيرو ننڍي لاڪر ڪاڪي پريم چند کان ٻڌي هئي.
ڪاڪو پريم چند ڇا ته شخص هو. ڳالهائي ته ويٺو ٻڌجيس. منهنجي سنڌ جو سيڪيولر روح سمايل هو منجھس. هو سڀني مذهبي پيشوائن جو هڪجيترو احترام ڪندو هو. ان ڪري سڀني مذهبي ڏڻن تي سرگرم رهندو هو سواءِ قربانيءَ واري عيد جي، جو ان ۾ رڳو ڪٽارو ۽ ڪوس آهي ۽ هن شخص ڪڏهن رت ڏٺو ئي نه هو. گھڻو پڙھيل لکيل نه هو، صرف سنڌي فائنل پاس هو پر هن کي استاد اهڙا مليا هئا جن کيس انسانيت جو سبق ڏنو، جيڪو هن پنهنجي دل جي ڦرهيءَ تان ڪڏهن به ميسارجڻ نه ڏنو. ڪاڪو پريم چند 1925ع ڌاري ڳوٺ خير محمد آريجا ۾ پيدا ٿيو. جنس جو واپار ڪندو هو، ان ڪري اسانجي تر واري ڪچي جي ڳوٺن ۾ گھڻو ايندو هو ۽ رهندو اسانجي اوطاق تي هو. سراپا ويشنو هو، ڪڏهن نه ماس چکيائين، نه ته گھڻا هندو دوست رڳو وڏي گوشت کان ٽارو ڪن، اهو به ننگر فقر ۾ ھلي ويندو آهي پر ڪاڪو پريم چند آنو به نه کائيندو هو. شايد اهو ئي سبب هو جو پڇاڙيءَ تائين ڳاڙھو ڳٽول ۽ هشاش بشاش رهيو.
ڪاڪو پريم چند ڪچھريءَ جو مور هو. ڳالھه ڪرڻ جو ڏانءُ هئس. ھر ڳالھه تمثيل ۾ ڪبي. ڪچھريءَ ۾ مهاڀارت، رامائڻ جا قصا، روميءَ جون حڪايتون ۽ اڪبر ۽ بيربل جا ٽوٽڪا به ٻڌائيندو رهندو هو.
هڪ دفعي ارباب ممڻاڻيءَ کي سودي ۾ مينهن ڏنائين. ممڻاڻي مينهن ڪاهي رات جو گھر ٻڌي. صبح تي جو ساري ته مينهن مئي پئي آهي. هن جا تاڪ نڪري ويا. چوراڻيون سٽون سِٽڻ لڳو. وڏيرن ننڍيرن، پاٿاريدارن، ڪاٽڪن توڙي چڱن مَٺن کي دانهن ڏنائين. سڀڪو کيس چوي ته سودو ٿي چڪو هو، ڳالهين ۾ اسان کٽل آھيون پر آڏو به ممڻاڻي هو. اسان جي تر ۾ مشھور چوڻي آهي ته “ممڻاڻيءَ مان مُور واڻيو وٽيندو ڪين ڪي.” نيٺ فيصلو ٿيو. فيصلي ۾ سڀني ڪاڪي پريم کي سچو قرار ڏنو. ان جي باوجود ارباب آخري چال چلندي سامهون واري مسجد مان ڀلو سونهارو کڻي پهتو ۔ ڪاڪي پريم قرآن کي ڏسندي ئي پنهنجي ڪنن ۾ کڻي هٿ وڌا ۽ وڏي آواز ۾ چوڻ لڳو: “اري! هن کان قرآن شريف وٺو۔ مان مينهن مان هٿ پٽيا!” پوءِ ڪاڪي پريم قرآن شريف جي مٺائيءَ لاءِ ڏهه رپيا به ڪڍي ڏنس. مرندي مري ويو وري اها ڳالھه زبان تي نه آندائين. ڪاڪو پريم گفتي جو پڪو هو. خام لفظ زبان مان نه نڪرندو هئس. خوش مزاج ۽ کرو انسان هو.
هڪ ڀيري اسانجو هڪ ويجھو عزيز عشر ڪاميٽي جي اليڪشن ۾ بيٺو. تر جا همراهه ٺهيل نه هئس. ورڪ تي نڪتو، چي: ادا آيو ووٽ لاءِ آھيان، ڪنهن کي به ڪونه پرچائيندس. ڪير ووٽ ڏئي ته ڏئي، نه ڏئي ته وڃي “اٺ” تي چڙھي.... اليڪشن خير سان ٿي. همراهه وڏي مارجن تان هارايو. ڪاڪي پريم چيس: “وڏيرا ڏي حوال، هاڻي اٺ تي تون چڙهي وئين يا ووٽر؟”
ڪاڪو پريم هئو به سخن بي ريا، جيڪا ڳالھه دل ۾ آيس، اها چئي ڏيندو، پوءِ ڀلي ڇا به ٿئي. هڪ دفعي اسان جي تر جي هڪ وڏيري کيس بنگلي تي گھرائي چيو: “يار مان ٿورو کٽي پيو آھيان، ڪيسن هڻي ڪنگال ڪري ڇڏيو آھي. گھڻا نه فقط پنج ڇهه لک ڏي.” ان وقت لک رپيا به وڏا هئا، ڪاڪي چيس: “بهرحال وڏيرا سائين! توهان ڪيترا به ڪنگال هجو، پوءِ به مون کان سگھا آھيو... آئون پئسن ڏيڻ جهڙو ناهيان.” وڏيري چيس: “مان توکان اڌارا ٿو گھران، اوڌر جي ماءُ ناهي مئي.” نيٺ سڌو جواب ڦهڪائيندي چيائين “وڏيرا ڀلي توهان اوڌر گھرو پر واپس نه ڪندؤ، فلاڻن فلاڻن کان پئسا وٺي واپس ڪيا اٿؤ؟ اهي ته وڏيرا ۽ ڏاڍا مڙس آھن، انهن جي ڀيٽ ۾ مان ته ڪچي پنڊي آھيان.”
ڪاڪو پريم ڪجھه عرصو سڳين شھر ۾ به رهيو، اتي دڪان کوليائين. هي اهڙو وقت هو جو سڳين جي شھر ۾ دڪان کولڻ يا ڌنڌو ڪرڻ ڏکيو ڪم هو جو اهو شهر ڪچي ڀرسان هئڻ ڪري ڌاڙيلن جي نشاني تي هو. پر ڪاڪي پريم کي ڪوبه خوف نه ھو. آخري ڀيرو ٻلهڙيجيءَ ۾ ساڻس ملڻ ٿيو. همراهه ڪجھه پوڙھو ضرور ٿي ويو هو پر ٽاڪنگ پاور ساڳيا ئي هئس. ان ڏينهن چوڻ لڳو ته “سڄي زندگي مزي سان گذاري آ، باقي هڪ ڪمي رهجي ويئي، جو مون اڃا تائين مرشد نه ورتو آ، ان سلسلي ۾ منهنجي مدد ڪيو. اهڙي ماڻھوءَ جو ڏس ڏيو جيڪو روحاني دولت سان سرشار هجي.” تڏهن مون پنهنجي تر جي هڪ مشھور پير جو نالو کنيو ته کلي چيائين: “ان ڏانهن ويو هئس پر مطمئن نه ٿيس” هن ماهر ڳالهير وانگر قصو کڻندي چيو: “مان سائينءَ جن جي خدمت ۾ حاضر ٿيس، هٿ ملايائون. ان بعد مون کان تعارف پڇيائون. جڏھن مون پنهنجو نالو پريم چند ٻڌايو ته سائين جن ناراض ٿي چوڻ لڳا: “توهان مون کي اڻڄاڻ رکيو، مون کي خبر نه هئي ته اوهان هندو آھيو، ورنه مان اوهان سان هٿ نه ملايان ها. اصل ۾ آئون غير مسلمانن سان هٿ نه ملائيندو آھيان.” تڏھن مون هٿ ٻڌي عرض ڪيو: “قبلا، اسان ٻڌو هو ته سائين جن جسماني طور هِت هوندي به نماز مڪي پاڪ ۾ ادا ڪندا آھن پر اوهان ته مون کي به سڃاڻي نه سگھيؤ ته آئون هٿ ملائڻ جي لائق به آهيان يا نه!”
***

پنهل فقير ابڙو: ملاڻڪي گھر ۾ مولائي

مان ملوڪ شاهه جي ميلي تي ملاکڙو ڏسڻ لاءِ وڃي رهيو هئس ۽ هو ميلي مان واپس ڳوٺ ڏانهن اچي رهيو هو. پڇيومانس “فقير، اهڙو شاندار ملاکڙو ڇڏي واپس وڃي رهيا آهيو، خير ته آهي!؟” چيائين: “يار! وڏي شوق سان ملاکڙو ڏسڻ ويو هئس پر ملھه هڪٻئي کي اهڙا ڌڪ ڏئي رهيا هئا، جو مان ڏسي نه سگھيس. ابا! ٻه جوان ته اصل ڏندڻجي ويا. توهان پهلواني ڏيکاري هڪٻئي کي ڪيرايو يا ڌڪ ڏيئي هڪٻئي جا هڏ گڏ ڀڃي ڇڏيو! هيءَ موليٰ واري پهلواني ته نه ٿي، سراسر ظلم ٿيو!” پنهل فقير ڪنهن جو ڏک ڏسي نه سگھندو آهي. هر ماڻھوءَ سان ڀاڪر پائي کيس نور جهان جي گاني واري دعا ڏيندو آهي: “سلامت رهو ميري وطن ڪي نوجوان.”
پنهل فقير ابڙو ٻلهڙيجيءَ جي ابڙا برادريءَ جي چڱي مڙس حاجي حسين ابڙي جو ننڍي ۾ ننڍو پٽ آهي. 1930ع ڌاري ڄائو. حاجي حسين 1984ع ۾ 120 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪئي. وفات وقت به سندس سمورا ڏند سلامت هئا. ساڳي وقت ڏسڻ ۽ ٻڌڻ وارا حواس به سالم هئس. پنهنجي ٻني ٻاري ۽ مال رزق وارو ماڻھو هو. سندس وڏو پٽ عبدالهادي هڪ مدرسي مان سند وٺي حافظ قرآن ۽ پنهنجي پاڙي واري مسجد جو پيش امام ٿيو. هن ڳوٺ ۾ مسلم اسڪول جو بنياد رکيو، جيڪي ان وقت سالياني گرانٽ تي هلندو هو ۽ پوءِ سرڪاري پرائمري اسڪول ٿيو. استاد عبدالهاديءَ جي ڪري سڄو خاندان مُلان سڏجڻ لڳو، ڇاڪاڻ جو نڪاح به اهي پڙهندا هئا ته جنازي نماز به. ڳوٺ ۾ ختما به کانئن ڏياريا ويندا هئا ته ٽڪيون به اهي وٺندا هئا. سائين عبدالهاديءَ جو پٽ ملان لطيف پنهل فقير جو سن هو، جيڪو اڳتي هلي پيءُ جو جانشين بڻيو. ملان عبدالهادي ۽ ملان لطيف ظاهري شريعت جا پابند هئا پر پنهل فقير دين ڌرم کان دور هو.
ملان عبدالهادي اعلان ڪيو ته “هاڻ برادريءَ جي ڪنهن به ڪاڄ ۾ دهل نه وڄندو، جو اها بدعت آهي، شريعت ان کي حرام قرار ڏنو آهي، اڄ کانپوءِ جنهن به ڪاڄ تي مڱڻهار گھرايا انهن سان کائڻ پيئڻ ختم!”
برادري ان علان تي ردعمل ظاهر ڪري ئي ڪري، ان کان اڳ ئي پنهل فقير اهڙي پابندي نه قبوليندي ان جي ڀرپور مزاحمت شروع ڪري ڏني- ڇاڪاڻ جو هن کي ننڍي کان ئي اهڙن فقيرن جي صحبت نصيب ٿي هئي، جن جو راڳ سان روح هو. پنهل فقير لاءِ به راڳ ويراڳ افضل عبادت جو درجو رکي ٿو ۽ ان سان ساز لازم ملزوم آهي. ان معاملي ۾ حاجي حسين پنهنجي ننڍي پٽ پنهل جو ساٿ ڏنو، ايئن دهلن دمامن تي پابنديءَ واري اعلان تي عمل نه ٿي سگھيو.
پنهل فقير 1930ع ڌاري پيدا ٿيو. غير فطري ورهاڱي وقت سترهن ورهين جو نوجوان هو. ورهاڱي کان اڳ جيڪي به ڳوٺ ۾ راڳ جون محفلون ٻڌيون هئائين، انهن جو ايئن ذڪر ڪندو هو ڄڻ هاڻي هاڻي ٻڌي آيو هجي. 1960ع کان اڳ واري ڪنهن فنڪار جي رڳو “ها” ڪن پويس، ٺڪ ان جو نالو کڻندو.
ڏاڏو پنهل قد ۾ ننڍو ۽ صفا سوتليءَ جهڙو مڙس هو پر جنهن ڪم ۾ هٿ وجھندو، ان کي پورو ڪري ساهه پٽيندو. سڄي ڄمار هارپو ڪيائين، گھر به هلايائين ته نشا پتا به واهه جا ڪيائين. جڏهن ڀرپور فقير ڳوٺ ۾ مئخانو قائم ڪري رهيو هو، تڏهن ملان عبدالهادي، ملان عبداللطيف ۽ ٻين سندس وڏي مخالفت ڪئي. همراهه هر حوالي سان ڀرپور کان ڏاڍا هئا، جڏهن ته شهر جا چڱا مڙس ۽ سيد به ملن سان ٻڌل هئا. ان وقت پنهل فقير ڀرپور جو ڀرجھلو ٿي بيهي رهيو، ايستائين جو صبح جو ننڊ مان اٿي اچي ڀرپور فقير سان مئخاني ۾ ويهندو هو ۽ رات جو دير سان گھر موٽندو هو. هي يار سڄو ڏينهن فقير سان رياضت ۾ هوندو هو. وڻن جا چلها ڪڍڻ، ٻوٽا پوکڻ، انهن کي پاڻي ڏيڻ، لوڙهو ڏيڻ جهڙن ڪمن جو پاڻمرادو ذمو کڻي ورتو هئائين. ڀرپور فقيرکي ڪير به ڪجھه نه چئي سگھيو، همراهه وفد ٺاهي وري حاجي حسين وٽ پهتا، جنهن وري به پنهل جو پاسو کنيو ۽ پنهنجي وڏي پٽ عبدالهادي کي چيو “جيئن اوهان کي شرعي زندگي گذارڻ جو حق آهي، تيئن ڀرپور ۽ پنهل کي به فقيراڻي زندگي گذارڻ جو حق آهي!!” ان کان پوءِ ٻنهي فقيرن جي جند آجي ٿي.
پنهل فقير نشا به ڏاڍا ڪيا. آفيم ذري به واپرائيندو آهي ته ڦوڪڙي به ڀريندو آهي. هڪ ڏينهن سنگت کي چانهه پيارڻ جي صلاح ڪيائين. همراهه کي سرنهن به پوکڻي هئي. سرنهن جو ٻج ۽ کنڊ کڻي گھران نڪتو. ٿوري دير بعد چُنگيون هڻي واپس آيو ۽ چانهه ٺاهي سنگت کي پيش ڪيائين. همراهن چانهه جو ڍڪ ڀري چيس: “فقير چانهه مٺي ته ناهي!” ٺهه پهه وراڻيائين: “سرنهن ٻج سان چانهه مٺي ڪيئن ٿيندي! لڳي ٿو کنڊ جون چنگيون هڻي آيس.” اوهان سمجھندا هوندا ته اهو رات جو ٽاڻو هوندو، ان ڪري فقير اوندهه سبب سرنهن ۽ کنڊ ۾ فرق نه ڪري سگھيو پر اهڙي ڳالھه نه هئي، اهو ڏينهن جو وقت هو پر پنهل فقير جون به شاهن فقير منگيءَ وانگر هر وقت اکيون ذري گھٽ ٻوٽيل هونديون آهن.
شاهن فقير جي به ڪهڙي ڳالھه ڪجي! هڪ ڏينهن ڏهاڪو کن ماڻھو کٽ تي هڪ لاش کڻي ڪچي واري اسان جي اوطاق تي پهتا. خبر پئي ته اهي بگيءَ جا ابڙا هئا، جن وٽ رات جو شاهن فقير منگي پيالو ڪري ويو ۽ اهي سندس لاش وارثن کي پهچائڻ لاءِ سڳيين کڻي وڃي رهيا هئا. شاهن فقير جڏهن لٺ هٿ ۾ کڻندو هو ته ايئن لڳندو هو ڄڻ لٺ کي هٿ ۾ لٺ هجي پر هن ڀيري فقير ڪانڌين کي صفا ساڻو ڪري وڌو. درياهه تي کين بُک به ڏاڍي لڳي. پنڌ به واريءَ جو هو. همراهه مانجھاندو ڪرڻ ۽ ڏينهن ٺارڻ لاءِ اسانجي اوطاق ڏي لڙيا. اڃا به کين ڇهه ڪلوميٽر پنڌ ڪرڻو هو. بگيءَ وارا همراهه به واقفڪار هئا ته شاهن فقير سان به وڏن کان وٺي سنگت هئي، اسان وٽ اڪثر ايندو رهندو هو. هڪ ڀيري ته پورا ٻه سال اسان جي ڳوٺ ۾ آڪهه سميت اچي رهي پيو. اسان جي ناني مرحوم موالي فتح محمد پيرزادي کٽ تي پيل مڙهه جو منهن ڏسي پنهنجا کيسا ڦٿولڻ شروع ڪيا ۽ آفيم ذري ڪڍي ڳاري شاهن فقير جي وات ۾ وجھي ڄڻ انتظار ڪرڻ لڳو. وات ۾ پاڻي پوڻ سان فقير ٿورو چريو پُريو. نانو موالي ڊڪ پائي گھران ٻيو آفيم به کڻي آيو، اهو به هن جي وات ۾ وڌائين ته فقير چاٻا ڏيڻ شروع ڪيا ۽ ڏسندي ئي ڏسندي اٿي ويهي رهيو. ڪانڌين کي شاهن فقير جي بچڻ جي خوشي گھٽ پر پنڌ کان ڇٽڻ جو ڏاڍو اطمينان ٿيو. شام ٿيندي ئي همراهه واپس وريا پر کٽ اسان وٽ ڇڏي ويا. شاهن فقير هفتو کن اسان وٽ رهيو پيو هو.
شاهن فقير منگي سڳين جو ويٺل هو. اهي ڏنڊائي فقير سڏبا آهن ۽ پاڻي پڙهندا آهن. تر جي ڀاڳين جو مٿن اهڙو ته اعتقاد ويٺل هو جو جڏهن سندن مال ۾ بيماري پوندي هئي ته علاج بدران فقيرن کان وٿاڻ پڙهائيندا هئا. شاهن فقير کي هڪ اڀري گھوڙي هوندي هئي، جيڪا ٻن ڪلاڪن جو پنڌ سڄي ڏينهن ۾ مس ڪري سگھندي هئي. آفيم هوندو هئس ته ٺيڪ ٺاڪ هوندو هو، ختم ٿيندو هئس ته پاڻ به ختم ٿي ويندو هو. فقير وڌيڪ ٻه ورهيه زندهه رهيو. پر شايد ويجھن عزيزن کي تڪليف کان بچائڻ جي خيال کان هن قسم کڻي ڇڏيو هو ته درياهه جي ساڄي ڪنڌيءَ تي دم ڏيندو، نيٺ ٿيو به ائين.
پنهل فقيرن نشن ۾ هڪ دفعي “پير فقير يا علي مدد” چوڻ بدران “پير پير کدر” چئي سنگت کان موڪلايو، جنهن تي سندس حجائتا دوست کيس ڪارڙو تتر ڪوٺيندا هئا. اسان جي ڳوٺ ٻاهران ڪجھه وقت پئرا ملٽري فورس وارن ڪئمپ قائم ڪئي. اهلڪار پتڻ تي ايندڙ ويندڙ مسافرن جي تلاشي وٺندا رهندا هئا. تر جي ماڻهن کي تنگ ڪندا هئا. ڌاڙيلن سان وڙهڻ سندن منشور ۾ ئي نه هو، ڌاڙيلن ۽ ڳوٺاڻن ۾ بظاهر ڪو فرق نه هو: روايتي سنڌي ڏاڙهيون، وڏا شهپر، ڊگھيون قميصون، وڏيون شلوارون، سنڌيءَ کان سواءِ ٻي ٻولي نه ڳالهائين، نه وري سمجھن. هڪ دفعي پنهل فقير دڳ تي ملي وين. کين هٿيار به ساڻ نه هئا. هنن فقير کان پُڇيو، “چاچا! اهي فورس وارا ماڻهن کي تنگ ته نٿا ڪن؟” پنهل فقير کين سڃاڻي نه سگھيو ۽ چيائين: “ابا ماڻهن سان انهن ڪيو آ آزار، اصل غريب غربي جو... پٽي ٿا وڃن، اهڙا ته بکيا آهن، جو غريبن کان ڪڪڙيون به کسيو وٺن.” اهي پنهل فقير جو سچ برداشت نه ڪري سگھيا ۽ کيس ٻڌي سخت تشدد ڪيائون.
ڏاڏو پنهل ٻارن وارا روپ ڪندو آهي، ڪڏهن رنگين ڪاغذن جي ٺهيل ٽوپي پائيندو آهي، ڪڏهن ڪاغذي هار ڳچيءَ ۾ پاتل هوندا اٿس. ڪڏهن انتهائي سادن مڻين جي مالها ڳچيءَ ۾ پيل هوندي اٿس. نوجوانن کي کيڏندو ڏسي مستيءَ ۾ اچي هڪ آئٽم پيش ڪندو آهي: منڍي هيٺ ڪري هٿن جون تريون زمين تي کُپائي ڄنگھون مٿي ڪري جيترو وقت چاهي بيهي سگھندو آهي. هن کي ڏسي ٻيا نوجوان به ايئن ڪرڻ جي وڏي ڪوشش ڪندا هئا پر ڪڏهن ڪامياب نه ٿيا. پنهل فقير کي ٽي پٽ واحد بخش، الاهي بخش ۽ علي گل آهن، جن مان واحد بخش فوت ٿي چڪو آهي. فقير جا سمورا پٽ به پوٽن ڏوهٽن وارا آهن.

مريد، جھانگي ۽ ميرل: ماڇين ۾ معتبر

مريد، جھانگي ۽ ميرل ماڇي اسان جي ڳوٺ جا اوائلي فنڪار هئا. مريد فقير يڪتاري تي ڳائيندو هو. جھانگي پڪواز ۽ ميرل گھاگھر وڄائيندو هو. چوندا اُهي ئي صوفين واريون ڪافيون هئا. ٽنهي جي پنهنجي پنهنجي طبيعت هئي. مريد، فقير هئڻ سان گڏ واڍڪو ڪم به ڪندو هو ته ڳوٺ وارن جو مهاڙ تي مال به چاريندو هو. صبح جو اٿي مال ڪاهي نڪرندو هو، ڊکاڻڪن اوزارن جي هڙ به پـٺاڙن سان ٻڌل هوندي هيس. جھنگ ۾ مال ڇڏي، ڪنهن وڻ جي ڇانوَ ۾ ويهي سڄو ڏينهن واڍڪو ڪم ڪندو رهندو هو. شام جو مال ورائي واپس موٽندو هو ته پاڻ سان گڏ ڏوئيون، مانڌاڻيون، دال منڌيئڙا ۽ ٻيون شيون ٺاهيون کنيون ايندو هو، جيڪي ڳوٺ جا ماڻھو کانئس گھران خريد ڪري ويندا هئا. ڊکاڻڪي ڪم سان گڏ مريد فقير کارا به ٺاهيندو هو، ساڳئي وقت مڇيءَ جي شڪار جو به وڏو شوقين هوندو هو. ٻئي ڀائر مريد ۽ جھانگي پارئي سان گندڻ ماريندا هئا ۽ سڄي سڄي رات درياهه تي ويٺا هوندا هئا. پارئو گودي جهڙو هڪ قسم جو رڇ آهي، جنهن سان گندڻ جو شڪار ڪيو ويندو آهي.
مريد فقير مال تان موٽڻ کان پوءِ هٿ منهن ڌوئي فقير يار محمد جي مئخاني تي اچي ويهندو هو. ان وقت اتي ڪو نه ڪو شوقين ريڊيو چالو ڪيو ويٺو هوندو هو. هي گھڙي کن ريڊيو ٻڌي پوءِ چوندو: “هاڻ جھٽ گھڙي ريڊيو بند ڪر ته مان ٻه ڪافيون چئي وٺان.” ايئن ٻه چار ڪافيون ڳائي حقو کڻي ڪنڊ وٺي ويهي رهندو هو.
فقيرن جا گھر سخي شاهه جمال جي درگاهه ڀرسان آهن. 1936ع کان اڳ اهي شاهه جمال ڳوٺ ۾ به درگاهه جي ڀرسان ئي ويٺل هئا، اهو ڳوٺ درياهه پائي ويو. اتي به درگاهه جا مقرر راڳي ڪريم بخش بِهڻ ۽ مريد فقير هوندا هئا. مريد فقير انتهائي غريب هئڻ جي باوجود پنهنجي برادريءَ جو چڱو مڙس هو. هنن جا باقراڻي، ٻيڙي چانڊئي، حاجي مشوري، ڳيريلي ۽ ڍوڍن (هالاڻي) ۾ ويجھا مائٽ ويٺل هئا، سڀني جو چڱو مڙس مريد ماڇي هو. برادر ۾ جتي به ڪاڄ ٿيندو اتي مريد فقير، اڇو پٽڪو پائي ڏاڍا رنگ روغن ڪري، دهل کڻي پهچي ويندو هو. مايون سهرا ڳائينديون ۽ جھمريون هڻنديون رهنديون هيون ۽ مريد فقير سندن وچ ۾ بيٺو دهل وڄائيندو هو. مائين جي محفلن ۾ گھڻي دلچسپي ۽ مصروفيت جي ڪري برادر جي فيصلن ڦڙن کي گھٽ ٽائيم ڏيئي سگھندو هو، ان ڪري هن اها چڱ مڙسي پنهنجي سؤٽ ميرل ولد هاشم جي حوالي ڪئي پر ڪاڄن تي دل سان دهل وڄائڻ واري ڪرت تيسين بند نه ڪيائين، جيسين سندس هٿن هلڻ نه ڇڏيو.
هاشم فقير جو ڀاءُ جھانگي به مريد فقير وانگر هڏڪاٺ ۾ هيڻو مڙس هو. اڇو پٽڪو ٻڌندو هو. سڄو ڏينهن ٻنيءَ تي هوندو هو. صبح جو ڏسندا هئاسين ته حقو کڻي گھران نڪرندو هو، هڪ ٻڪري سندس پٺيان پئي ويندي هئي ۽ شام جو ساڳي جوڙ سان واپس ورندو هو پر جڏهن فصلن ۾ لابارا پوندا هئا ته کٽ کڻي ٻنيءَ تي رکندو هو. حقو به ساڻ هوندو هئس ته ٻڪري به. چانهه جي طلب ٿي ته ٻڪري ڏُهي اُتي ئي چانهه ڪبي. ماني گھران پهچندي هئي. زرعي مشينري اڃا ڪانه آئي هئي، لابارن کان وٺي بٽئيءَ تائين جھانگي فقير حقي ۽ ٻڪريءَ سان گڏ ٻنيءَ تي هوندو هو. مجال آ جو ڳوٺ اچي. ان دوران نکمڻا دنگئي هاري پنهنجي ٻنين تي ويندا ئي نه هئا، ڪڏهن ڪڏهن چڪر هڻندا هئا. هيڏانهن جھانگي فقير وري ٻنيءَ مان نڪرندو ئي نه هو، ڄڻ ته سڀني جي ٻنين جو سماءُ ڪندو هو. ان جي عيوض هن جي ٻڪريءَ کي هر ڪنهن جي پوک مان ڀيل جي اجازت هوندي هئي. جھانگي ڳوٺ موٽندو ته فقير يار محمد جي مئخاني تي اچي ويهندو هو. جھانگي پڪواز وڄائيندو هو.
ميرل ماڇي سندن سؤٽ هو. هي به سنهڙو سيپڪڙو مڙس هو. ايريگيشن کاتي ۾ مقدم هو. بچاءَ بند تي ڊيوٽي هوندي هيس. بند سان ائين پيار ڪندو هو، جيئن ماءُ پنهنجي ٻار سان ڪندي آهي. ڪنهن به ڌنار کي جرئت نه ٿيندي هئي جو بند تي ڍور چاڙهي، ڀلي ڪنهن ڀوتار جو ماڻھو ڇو نه هجي.
بچاءَ بند جي هيٺان ڪچي سڙڪ هوندي هئي، جنهن تان سواريون گذرنديون هيون ته رڳو ڌوڙ پئي وسندي هئي. موٽر گاڏيون نه هيون. ويجھي سفر جو سؤکو ۽ سٺو ذريعو ٽانگو هو. ٽانگن وارا ڪڏهن ڪڏهن عام سڙڪ ڇڏي، بند تي چڙهندي ئي اصل سٽجي ويندا هئا. ميرل، اهو نه ڏسندو هو ته ٽانگي تي ڪو ڀوتار يا وڏيرو سوار آهي. لٺ جو ڦهڪو هوندو هئس، ان ڪري ٽانگن وارا ڪچي سڙڪ وٺي هلندا هئا. جيڪڏهن کين بند تي چڙهڻ لاءِ چئبو هو ته ٽانگي وارن جو هڪ ئي جواب هوندو هو: “پوڙهي ڏسي ورتو ته مصيبت ۾ پئجي وينداسين.”
اسان جي تر جو مشهور زميندار موسيٰ خان ٻگھيو ٻه ڀيرا ايم پي اي به ٿي رهيو هو. هڪ ڀيري ٽانگي تي چڙهي گاجي ديري روانو ٿيو. ٽانگي واري جڏهن ڊسڙ منجھان ڪچي سڙڪ ورتي ته وڏيري موسيٰ خان کيس بند تي چڙهڻ لاءِ چيو. ٽانگي واري لنوائيندي چيو: “سائين، پوڙهو بيلدار ڪنهن کي سڃاڻي ئي نٿو، ڌڪ هڻي ڪٿي منهنجو نقصان نه ڪري وجھي.” وڏيري موسيٰ خان جي زور ڀرڻ تي ٽانگي وارو بند تي ته چڙهيو پر اڃا ٿورو ئي اڳتي مس هليو ته ميرل ماڇيءَ جي نظر پئجي ويس. اتان ئي ٽانگي واري کي گاريون ڏيندو ڊڪندو آيو. هن کي ڏسندي وڏيري ٽانگي واري کي چيو: “واقعي يار، هي ٻئي قسم جو ماڻھو ٿو لڳي، هاڻ تون سائيڊ سان ٽانگو بيهار ته مان ٿو ڳالهايانس.” موسيٰ خان ڪجھه اڳتي وڌي ساڻس تعارف ڪرايو، جنهن بعد کين بند تان وڃڻ جي اجازت ملي. ڪاڪو ميرل هر روز صبح شام بند تي ڇڻڪار ڪندو هو. ان وقت سڄي تر ۾ ڏوڪري پوليس اسٽيشن هوندي هئي. پوليس وارا ٽانگن تي بند سان وڃڻ کي پنهنجو موروثي حق سمجھندا هئا پر ميرل ماڇي کين ڪڏهن به بند تان وڃڻ نه ڏنو.
اڄ به ان دؤر جا ملازم ڪاڪي ميرل جون ساروڻيون ساريندا رهندا آهن ته هو ڪيئن نه بيلدارن جي ڪري آفيسرن سان اٽڪي پوندو هو ۽ کين چوندو هو ته اوهان جي عزت هي ننڍا ملازم بچايون ويٺا آهن، اوهان وري انهن جي بيعزتي ٿا ڪريو! ڪاڪي ميرل کان اڳ وارا ملازم برابر اهڙا هئا پر هيءُ ان دؤر جي ڄڻ ته آخري نشاني هو، ان کان پوءِ ته بچاءَ بند لاوارث، ڇورو ڇنو ۽ نڌڻڪو ٿي پيو آهي. ميرل جي هوندي بند تي نمن مان ڪو ماڻھو ڏندڻ ڀڃڻ جي جرئت به نه ڪري سگھندو هو. ان کان پوءِ ته بيدرديءَ سان نه رڳو وڻ وڍجي ويا پر انهن جا لاهه به ڪڍي وڪرو ڪيا ويا. ڪاڪي ميرل جي هوندي ڪو ڍور بچاءَ بند تي نه چڙهندو هو. ان کانپوءِ ته ڀاڳيا ڌڻن جا ڌڻ بندن تي ويهارڻ لڳا. تڏهوڪي دور ۾ بند مضبوط هوندا هئا، هاڻ ته سڄو بند گھارا گھارا لڳو پيو آهي ۽ ان مٿان ڌوڙ اڏامندي رهي ٿي.
مريد فقير کي ٽي پٽ جاڙو خان، ڌڻي بخش ۽ جواڻ علي ٿيا، جيڪي هاڻي هن دنيا ۾ نه رهيا آهن پر سندن خوش مزاجيءَ جا قصا هلندا رهندا آهن. جھانگيءَ کي ٻه پٽ ملوڪ ۽ احمد ٿيا. احمد کي ايئرپورٽ سڪيورٽي فورس مان برطرف ڪيو ويو ۽ ملوڪ موهن جو دڙو اٿارٽيءَ مان ننڍي ملازم جي حيثيت ۾ رٽائر ڪيو آهي. ميرل کي ٻه پُٽ محمد هاشم ۽ فيصل هئا، جن مان ننڍو فيصل وفات ڪري ويو آهي، جيڪو پيءُ وانگر گھاگھر وڄائيندو هو. وڏو ٽوڻائي مڙس هو.
اسان جي ڳوٺ ۾ ماڇي برادريءَ مان مريد، شريف ۽ گابر اڄ به ڪچهريءَ جا ڪوڏيا ۽ اڪابر مڃيا ويندا آهن، جيڪي اسان واري اڳِين پيڙهيءَ ڏٺا، جن لاءِ اڃا به هيءُ پهاڪو ٻڌڻ ۾ ايندو آهي ته:
ماڇين ۾ معتبر اهڙا
مريد، شريف، گابر جهڙا.

انو ابڙو: ٽانڊي تپڻو پڪوازي

راڳ لندي هن جي هٿن جون آڱريون وڄت مطابق حرڪت ۾ هونديون هيون. گُر تي ڪلهي ۽ ڪنڌ جو اهڙو استعمال ڪندو هو جو سامهون ويٺل کان بي اختيار کل نڪري ويندي هئي. هن کي ڏسي ايئن لڳندو هو ڄڻ همراهه ڪڏهن به اَنُ چکيو ئي ناهي، جو هڏن تي ماس ئي ڪونهيس- نالو هئس علي انور ابڙو پر هڪ جيڏا “انو” ۽ اسان کيس “ڪاڪو انو” ڪوٺيندا هئاسين.
سر ۽ سنگيت جو شائق هي شخص نرالي طبيعت جو مالڪ هو. هئو ته هڏڙن جي مٺ پر هئس ڄانڀي جا پاڻي! ٿوري ٿوري ڳالھه تي چاٻي کڻندو ۽ آپي مان نڪري ويندو، جيڪو لفظ زبان تي آيس ڦهڪائي ڪڍندو پر ويرم نه گذرندي ته سڀ ڪجهه وساري ويهندو، ڄڻ ڪجھه ٿيو ئي نه هو... پر اسان کي لُڙ ۾ مزو، سو هُن جي غصي، غضب، ڪاوڙ ۽ ڪروڌ واريون ڳالهيون سندس ئي آڏو ويٺا ورجائيندا هئاسين. ڪاڪو انو سُر سنگيت ۽ مئخاني جو ماڻھو هو. ورهيه گڏ گذريا هئا، سو ماضيءَ جي بي ضرر رنج رسامن جون يادون ڪڏهن ڪڏهن نيڻ آلا ڪري ڇڏينديون آهن.
انو، ٻلهڙيجيءَ جي وڏيري خاڪي ابڙي جو ننڍو پٽ هو. سندس هڪ ڀاءُ وڏيرو نواب ابڙو جوانيءَ ۾ ملھه پهلوان ۽ باقي عمر ملھه راند جو سرپرست ٿي رهيو. سندس ٻيو ڀاءُ قادن ابڙو ڪاٽڪو مڙس هو، جنهن سکر سينٽرل جيل ۾ پساهه پورا ڪيا. انو ٻنهي ڀائرن جي ابتڙ هاري، پورهيت ۽ مالوند ماڻھو هو.
ڪاڪو انو 1950ع ڌاري ٻلهڙيجيءَ ۾ پيدا ٿيو. سنڌي ٻه درجا مس پڙهي سگھيو، پوءِ پنهنجو مال چارڻ لڳو. ان وقت اسانجي ڳوٺ ۾ استاد علڻ، ميهر فقير ۽ مزني فقير جو جوڙ هوندو هو، جن جي سنگت ۾ انو به راڳ کي آڏا ابتا جانٺا هڻڻ لڳو. فنڪارن کي پيڇو ڳارائيندو هو. اڳتي هلي هن، ڳائڻ تان ڌيان هٽائي پڪواز ۾ دلچسپي ورتي ۽ پڪواز به جوانيءَ کان پيريءَ تائين اهڙي وڄايائين جو نه وڄائي ها ته ڀلو! ان جي باوجود همراهه ڳائڻن جي مجبوري بڻيل هو، ڇاڪاڻ جو مزني فقير جي مُئي پڄاڻا ڳوٺ ۾ ٻيو ڪو پڪوازي ئي نه ٿيو.
پهريان ئي عرض ڪيم ته همراهه هئو ٽانڊي تپڻو. هڪ دفعي ٻاهران آيل مهمان هن کي سندس وڏو ڀاءُ قادن سمجھي ساڻس چرچو ڪيو، جنهن تي هي چڙي پيو ته مهمان کي پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿيو، سو کيس صحيح سڃاڻي چوڻ لڳو: “اڙي ابا، تون طبلائي آهين، يار معاف ڪجانءِ! مون توکي قادن سمجھيو. ادا طبلائي، واقعي توسان پنهنجي اهڙي حجت ناهي.” ان ڳالھه تي ڪاڪو انو ويتر باهه بڻجي اُلا اوڳاڇڻ لڳو، باقي سڀ ماڻھو کل ۾ ٻُٽيا پيا هئا.
ٻئي ڀيري ڀر واري ڳوٺ جو هڪ فنڪار يڪتارو ڪلهي تي ڪري ٻلهڙيجي پهتو. ٻيو ڪو سازيندو ساڻ نه هئس. ڪاڪي ان کي ساڻس سنگت ڪرڻ لاءِ راضي ڪيو. ان ڏينهن معمول جي ابتڙ ڪاڪي اني به وڏا وس ڪيا. محفل ختم ٿيڻ تي فنڪار جي ٿي ڦِٽي، سو ڪچهريءَ وارن کي مخاطب ٿي چوڻ لڳو: “اڃا وڄتو مزي وارو نه هو، نه ته محفل اور ٿئي ها!” هن جو اهو گفتو ڪڍڻ ۽ ڪاڪي اني جو توائي ٿيڻ! چي: “تو وري ڪهڙيون تانون ويٺي هنيون. جهڙي نموني مون ڪلها پئي هنيا، اهڙي نموني تو به ٻوٻراٽ پئي ڪيا. بي سُرا، يڪتاور کنيو پنندا ٿا وتو. اڙي، هجو ها فنڪار ته هٿڙيو ساڻ هجيوَ ها!” ويچاري فنڪار کڻي ماٺ ڪئي پر هي يار اصل جھلجي ئي نه.
هڪ دفعي گاجي کهاوڙ جو فقير حسين لاشاري اسان جي ڳوٺ ۾ آيو، جيڪو ڪنن کان گھٻرو آهي ۽ ڳائڻ جو علم به نه اٿس. نه ئي وري ڪي آواز ئي چڱا اٿس. ملوڪ شاهه جي درگاهه تي محفل جاري هئي. گُر گسڻ مهل حسين فقير چيس: “ڳالھه ٻڌ، اسان سان جيڪو پڪوازي گر تي گسندو آهي، تنهن کي چماٽ وهائي ڪڍندا آهيون!” ڪاڪو انو صفا ڳاڙهو ٿي ويو. ٻئي هٿ حسين فقير جي ڳچيءَ ۾ وجھندي چيائين: “اسان کي به جيڪو ائين چوندو آهي، ان جي ڳچي پڪڙيندا آهيون!” حسين فقير جا دوڏا نڪري آيا. نيٺ اسان وچ ۾ پئي کين ڇڏائي ورتو.
هونئن ڪاڪي اني جي هٿ ۾ بنهه مزو نه هو پر گُر جو پڪو هو. هڪ ڏينهن استاد علڻ جي مئخاني تي ٻارهينءَ جو وار هو. ڪاڪو انو پڪواز کڻي پهتو پر ڪو ڳائڻ وارو موجود نه هو. نيٺ هڪ شوقيه فنڪار ديدار انصاري ڳائڻ لاءِ تيار ٿيو. ڳائيندي، ديدار جو گُر تي نه آيو ته ڪاڪي کيس ڇڙٻ ڏئي چيو “اڙي، اهو ڇا ٿو ڪرين!” ديدار پنهنجي غلطي تسليم ڪندي چيو “انا، معاف ڪجانءِ!” “معاف ڪجانءِ” جا لفظ ٻڌندي ئي ڪاڪو پاڻيءَ مان نڪري ويو، چي: “ڪهڙو منهنجو خون ڪيو ٿِي، ڪهڙا ڏنڊا هنيا ٿِي جو معاف ٿو ڪرائين يا مان ڪهڙو توکان پنان ٿو جو معافي ٿو گھرين!” ويچاري ديدار جيئن تيئن ڪري جان ڇڏائي.
ڪاڪي اني ڏهاڪو ورهيه ڳوٺ ۾ هوٽل به هلائي. 1985ع ۾ مهين جي دڙي تي واپڊا اسڪارپ جي هڪ پروجيڪٽ ۾ ڪچو ملازم ٿيو. اڳتي هلي ڪجھه ملازم واپڊا ۾ ضم ٿيا، باقي ماڻهن کي نوڪرين تان جواب ڏنو ويو. ڪجھه ورهين کان پوءِ ڪاڪي اني کي مُهين جو دڙو اٿارٽيءَ ۾ ٻيهر ڪچي ملازم طور ڀرتي ڪيو ويو. عمر گذري ويس پر پڪو نه ٿيو، اها ٻي ڳالھه آهي ته مستقل ٿيڻ لاءِ همراهه پنهنجي عمر به اٺ ورهيه گھٽ لکرائي هئي. شادي دير سان ڪيائين، گھر واري جلد گذاري ويس. هن کي ٻه پٽ ٿيا، جيڪي پنهنجي ناناڻن وٽ ڀر واري ڳوٺ ڍنڍ ۾ رهيا ۽ هيءُ پنهنجي ڀاءُ ۽ ڀائٽن سان گڏ رهيو. هن آسودائپ به ڏٺي ته غربت ۾ به گذاريو. عمر جي آخري حصي ۾ به ڪو نه ڪو ڍور هوندو هئس، جنهن جي لاءِ گاهه پٺي جو انتظام ڪرڻ ڄڻ سندس ڊيوٽيءَ ۾ شامل هو. هڪ پراڻي سائيڪل هوندي هيس، جنهن تي چڙهي ڊيوٽيءَ تي ويندو هو ۽ اتان سنگت ساٿ سان ڪچهري ڪري کانئن گاهه وٺي سائيڪل تي رکي واپس ڳوٺ پهچندو هو.
هڪ ڏينهن اسان مئخاني ۾ ويٺا هئاسين جو ڪنهن ٻڌايو ته ڪاڪو انو سائيڪل تان ڪِري بيهوش ٿي ويو آهي. استاد اختيار۽ ممتاز موٽر سائيڪل تي چڙهي وٽس پهتا، تيستائين ڪاڪو انو سامت ۾ اچي چڪو هو پر سائيڪل هٿ تي ڪاهيون پئي آيو. همراهن کانئس سائيڪل وٺڻ جِي ڪندي ڀرجھلو ٿيندي پڇيو: “ڪاڪا ڇا ٿيو؟”هن، سندن سهڪار قبولڻ بدران همراهن جي چڱي خاصي لفظي مرمت ڪئي: “اڙي، ڇاٿيو آ مونکي؟ تماشائي ڀيڻان. هاڻي وڃي سڄي ڳوٺ کي ٻڌائجو. بي حيا، بي شرم!” سائين اختيار ۽ ممتاز چڱائيءَ جي بدلي ڇڙٻ کائي ڀيلڙو منهن ڪري واپس موٽي آيا.
ڪاڪي اني ٻه ڀيرا سيوهڻ کان لاهوت لامڪان جو پيادل سفر ڪيو. اسان سان شاهه، سچل، لال شهباز قلندر ۽ ٻين ميلن ملاکڙن تي هلندو رهندو هو. ڪلاسيڪل راڳ جو وڏو شوقين هو. شاهه، سچل ۽ مصري شاهه جي شاعريءَ جو شائق هو. ٻين نوجوانن جي ڀيٽ ۾ سائين اختيار ۽ مون سان سُٺو هلندو هو. اسان کيس پنهنجي پسند جي موضوع تي ڦيري ٿلھه ٻڌي پوءِ چرچا ڪندا هئاسين، جنهن کان پوءِ سندس چڙ ختم ٿي ويندي هئي ۽ ڪوڙي ڪاوڙ ڏيکاريندي اڪثر چوندو هو: “آهيو ماستر، باقي سڌريا ڏاڍا آهيو!”
2015ع جي آخر ڌاري قوم پرست شاگرد اڳواڻ حفيظ پيرزادي جي گرفتاريءَ تي ڳوٺاڻن ڀرپور احتجاج ڪيو. ٺيڪ ٻن ڏينهن کان پوءِ رينجرز ڳوٺ تي وري ڇاپو هنيو. جمعي جو ڏينهن هو، ملوڪ شاهه تي جمعي جي محفل ٿي رهي هئي. رينجرز خوف پکيڙڻ لاءِ فائرنگ ڪئي، ڳالھه هُلي وئي ته سڄي ڳوٺ جي تلاشي وٺندا. ڪاڪي اني جي کيسي ۾ وزم ذري پيل هئي. همراهه جهنگ جي خيال سان اٿي روانو ٿيو. محفل ختم ٿي. خبر پئي ته ڳوٺ ۾ خير آ، رينجرز به واپس وڃي چڪي هئي. اني گھر وڃڻ بدران کٻڙ جاچڻ شروع ڪيا. صبح تي خبر پئي ته همراهه، ٻڌجڻ جي خوف کان اهو وزم، پنج هزار رپيا روڪ ۽ پنهنجو سڃاڻپ ڪارڊ ڪٿي پوري رکيا هئا، جيڪي ڪو شاهينگ اتان ڪڍي ويو. پوءِ ته جڏهن به اسان اها ڳالھه ڪڍندا هئاسين ته ڪاڪو انو ان چور جي ابن ڏاڏن کي پيو ياد ڪندو هو.
هڪ ڀيري ٻنڊيءَ جي موسن شاهه واري درگاهه تي ڪاڪي اني کي ڪنڌ هڻندي ڏسي ڪجھه شرارتي ڇوڪرن مذاق ڪرايس ته: “اوهان جي محفل ۾ وڏو مزو آيو، اسان کي ايڊريس ڏيو، اوهان جي دعوت ڪنداسين.” ڪاڪو انو به ڳالھه سمجھي ويو، ٺهه پهه چيائين: “اسان بي سرن جي دعوت ناهيون قبوليندا.” آخري وقت تائين جوهر جھڪا نه ٿيس، جنهن به پڇيس “انا ڪيئن آهين؟” ان کي چڙي جواب ڏنائين: “اڙي، ڪو نپٽ انڌو آهين، نڀاڳا! ڏسين ٿو ته کٽ تان لهي نٿو سگھان، پاڻ کڻائي ٿو پهچان ۽ تون پڇين ٿو ته ڪيئن آهين!؟” وصال کان ٽي ڏينهن اڳ اهڙي گفتگو ويهارو کن ماڻهن سان ڪري چڪو. مان جڏهن ساڻس مليس ته اهي سڀ ڳالهيون کلندي ٻڌايائين، چوڻ لڳو: “يار! سمجھان ٿو ته اهو غلط ٿو ڪيان پر پنهنجي وس ۾ ناهيان، ان ڪري پنهنجا ڇوڪرا ٻاڪرا به ڀڄي وڃن ٿا. هڪ ٻه ڀيرا ڪاوڙ ۾ پنهنجا وار به پٽيا اٿم. ڇا ڪيان، بس، ٿيو وڃي.” ان ڏينهن به اسان جي ڪچهريءَ جا موضوع حسن، عشق، سُر سنگيت ۽ پنهنجي ڳوٺ جا پراڻا فقير ۽ سندن قصا هئا. آخر ۾ هن مون کي چلم پياري وڃڻ جي اجازت ڏني.
4 جون 2016ع تي اسد جتوئيءَ جي ڀاءُ جي وهانءُ تي محرابپور ۾ مون کي ڪاڪو انو ڏاڍو ياد اچي رهيو هو. پاڻ ڀلي ڪهڙو به وڄتو هجي پر گند ڪندڙ فنڪار لاءِ شامت هو ۽ ان جي سٺي “عزت افزائي” ڪري ڄاڻندو هو. اسان رات جو اڍائي وڳي محرابپور مان اٿي ڍنڍ ڳوٺ ۾ صوفي سهڻي فقير جي محفل ٻڌي سج اڀاري نڪتاسين. ڳوٺ پهتاسين ته ڪاڪي اني جو ڀائٽيو اعجاز مليو، جنهن ٻڌايو ته چاچو اڳ جي ڀيٽ ۾ رات مزي سان هو. ڏاڍا چرچا ڪري سڄي گھر کي کلايائين. اڌ ڪلاڪ نه گذريو جو خبر پئي ته ڪاڪو انو به ويو ڏيهه ڇڏي! مان اُٿي سندس تڏي تي آيس. پنج منٽ کن ويٺو هوندس ته موبائيل جي مئسيج ٽون وڳي. علي حسن جو مئسيج هو: “اڄ اسان کان اياز جاني جدا ٿي ويو!” ڪنهن ڏاهي واقعي صحيح چيو آهي ته: “زندگيءَ جي گلستان جو مالهي موت آهي، وڻيس ته پَڪا پٽي، وڻيس ته ڪَچا!” ***

شير محمد ناجي ٻُٽ: صوفي منش قانوني ماڻھو

ناجي ٻُٽ جا وارث سندس لاش ايڪسائيز پوليس لاڙڪاڻي جي آفيس مان کڻائي آيا. مرحيات جي جسم تي تشدد جا واضح نشان هئا. بي موت ماريل هي شخص پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪنهن سان ٽڪي جي به بي واجبي برداشت نه ڪري سگھندو هو ۽ انصاف ٿيڻ تائين قانوني ويڙهه جاري رکندو هو.
شير محمد ناجي ڳوٺ جو سماجي ورڪر ۽ ايماندار سياسي ڪارڪن هئڻ سان گڏ فارسيءَ جو ڄاڻو، تصوف جي راهه جو پرخلوص پانڌيئڙو، علم ادب سان چاهه رکندڙ ۽ فقير دوست انسان هو. 1926 ڌاري ڏوڪري تعلقي جي ڳوٺ غلام حسين ٻٽ ۾ پيدا ٿيو. شروعاتي تعليم ڳوٺ جي ملا مڪتب مان ۽ فائنل جو امتحان ٽاٽڙين جي اسڪول مان پاس ڪيائين. شير محمد ناجيءَ جو تصوف سان خانداني تعلق هو، سندس وڏڙا درگاهه لواري شريف جا مريد هئا. ان حوالي سان هي به ناجيه جماعت جي رنگ ۾ رچيل هو. سدائين سفيد ڪپڙا پائيندو هو ۽ جيڪا ٽوپي مٿي تي هوندي هيس ان تي ناجيه جماعت جو نشان “ڪل” لکيل هوندو هو. همراهه ناجيه جماعت ۾ به سرگرم هوندو هو ته سرڪاري آفيسن توڙي ڪورٽن جا چڪر به هڻندو رهندو هو. سدائين سائيڪل تي سوار هوندو هو. جيڪڏهن وڌيڪ پڙهي پوي ها ته پڪ سان بئريسٽر ٿئي ها پر ان جي باوجود کيس قانون جي وڏي ڄاڻ هئي. قانون جي ڪتابن جي مطالعي سان گڏ قانون جي عملي نفاذ جو مظاهرو به ڪندو رهندو هو.هر قسم جي ناانصافيءَ جي سخت خلاف هو. بيواجبي پاڻ سان ٿئيس يا ڪنهن ٻئي سان، هن کان برداشت نه ٿي سگھندي هئي ۽ ان جي سدباب لاءِ فورن عدالت سان رجوع ڪندو. رڳو خبر پويس ته فلاڻي ماڻھوءَ فلاڻي سان بي واجبي ڪئي آهي. ڌڻيءَ کي ڪن نه جَن، شيرمحمد ناجي ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏيندو. اڳتي هلي ڀلي ته ٻئي ڌريون پاڻ ۾ ٺهي به وڃن پر هن يار جو سڪون ڦٽل هوندو. ڪنهن دڳ سوريو، ڪنهن سرڪاري پلاٽ تي لوڙهو ڏنو، ڪنهن رستي تي گند اڇلايو يا پاڻي ڇڏيو ته دٻي درخواست ڪري ڇڏيندس. ان ڪري ڪي ماڻھو کيس ڪورٽ جو ڪينئون به سڏيندا هئا، جنهن جو اندازو هن مان به لڳائي سگھجي ٿو ته هڪ ڳوٺ جا ڪتا ٻه چار ڀيرا سندس پويان پيا ته انهن جي مالڪن تي به ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيائين.
ورهاڱي کان پوءِ کيس دادو ڪئنال تي مقدم جي نوڪري ملي. همراهه جيئن ته صفا ايماندار شخص هو؛ هوڏانهن هندن جي وڃڻ کان پوءِ اهو کاتو رشوت جو ڳڙهه بڻجي ويو هو. هن، اهڙي عمل خلاف سالن جا سال اڪيلي سر مزاحمت ڪئي. پنهنجي کاتي جي ڪيترن ئي آفيسرن مٿان درخواستون ڪيائين. ڪيترن کي ڪورٽن ۾ گھليائين پر وريس ڪجھه به ڪونه. نيٺ نوڪري ڇڏي ڏنائين، چي: “ڀلي بک ڀرم جي، شل نه وڃي شان.” رشوت وٺڻ ۽ ڏيڻ کي ڪبيرو گناهه سمجھندو هو. بس، هن اسلامي جمهوري ملڪ ۾ هاڻي ته اهڙا چند انسان باقي وڃي بچيا آهن جيڪي بنيادي ۽ اخلاقي اصولن تي عمل ڪندا هوندا، نه ته گھڻائي ان جي بنهه ابتڙ آهن.
صدر ايوب خان جي دور ۾ هيءُ پنهنجي ڳوٺ غلام حسين ٻٽ جي ڳوٺ سڌار تنظيم جو چيئرمين چونڊيو. ان پليٽ فارم تان هن ڳوٺ ۾ ميٽنگون ڪوٺايون، اسٽيج ڊراما ڪرايا، جنهن ۾ مختلف کاتن جي آفيسرن کي به گھرائيندو رهندو هو. ڳوٺ سڌار تنظيم کي ان دور ۾ مختلف جنسن جا ٻج، ڀاڻ ۽ ماڙا سانَ ڏنا ويندا هئا. هن کي جيڪو به ڪجھه مليو، ان جو تنظيم کي مڪمل حساب ڪتاب ڏنو. ڪنهن ٻئي تي ڪا ذميواري رکي وئي ته ان کان به ڇڪي حساب ورتائين. شير محمد ناجيءَ جي شروع ۾ سياست سان ڪا به دلچسپي نه هئي. سڄو زور سماجي ڪمن ۽ ناجيه جماعت جي اجتماعن تي هوندو هئس. درگاهه لوار شريف جو آخري غير تڪراري گادي نشين پير گل حسن به کيس گھڻو ڀائيندو هو. هو کيس نالي سان سڃاڻندو ۽ زيارت لاءِ ايندڙ سندن ڳوٺ جي مريدن کان شير محمد جو ضرور پڇندو هو.
سرائي شير محمد کي سياست ۾ ذوالفقار علي ڀٽي آندو. ايوب خان جي ڪابينا کي خيرباد چوڻ کان پوءِ ڀٽي عوامي رابطا مهم شروع ڪئي ته ڳوٺ غلام حسين ٻٽ ۾ به آيو. مرحبائي تقرير شير محمد ٻٽ ڪئي، جنهن ۾ هن تر جي ڪجھه مسئلن جو ذڪر ڪيو ته ڪي قانوني مسئلا به ڇيڙيا. تقرير ۾ هن هڪ فارسي شعر پڙهي، ان جي تشريح ڪئي ۽ تمثيلي نقطن کي نروار ڪيو. ڀٽو صاحب سندس تقرير مان ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ هن پنهنجي خطاب ۾ ناجي ٻٽ جي تعريف ڪندي چيو ته “مون کي حيرت آهي ته ڪنڊاون لوڙهن واري هن ننڍڙي ڳوٺ ۾ هيڏي دماغ وارو ماڻھو رهي ٿو.” ان موقعي تي هن ڀٽي صاحب کي سندس مرحوم ڀاءُ امداد علي خان ڀُٽي جا اُن ئي ڳوٺ جي هڪ ماڻھوءَ ڏانهن لکيل خط ڏيکاريا. ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي مرحوم ڀاءَ جا هٿ اکر ڏسي روئي پيو. چيائين “هي رڳو پ پ ڪارڪنن جو ڳوٺ ناهي پر هي منهنجي ڀائرن جو ڳوٺ آهي.” ان کان پوءِ ناجي ٻُٽ کي پ پ يونٽ صدر مقرر ڪيو ويو. ڀٽو ملڪ جو صدر ٿيڻ کان پوءِ به سندن ڳوٺ آيو ۽ اُن ڀيري به هن ناجي ٻُٽ جي صلاحيتن جو اعتراف ڪندي کيس مخاطب ٿي چيو “چڱو جو مون سان اليڪشن خان بهادر کهڙي وڙهي، جيڪڏهن توکي اميدوار بيهارين ها ته مان نه کٽي سگھان ها...”
4 اپريل 1979 کان وٺي زندگيءَ جي آخري ڏينهن تائين ناجي ٻٽ، ڀٽي جي ايثال ثواب جي لاءِ روزانو خيرات ڪندو رهيو. ائين نه هو ته ڪو هو روزانو ديڳيون لاهيندو هو، بس پاڙي جا ڪجھه ٻار گڏ ڪري انهن کي طاهري ڀَت کارائي دعا گھري گھر روانو ڪندو هو. ڀٽي جي ڦاهيءَ کان پوءِ ڇهن مهينن تائين روزانو قرآن جو ختم ڪڍندو رهيو. چون ٿا ته قرآن پاڪ ناظره پڙهندو هو پر ايترو تڪڙو پڙهندو هو جو چوڏهن پندرهن سيپارا ٻن اڍائن ڪلاڪن ۾ پڙهي پورا ڪندو هو، باقي اڌ قرآن سڄي سنگت کي پڙهڻو پوندو هو. ڪجھه سيپارا حفظ به ٿيل هئس.
پڇاڙي وارن پنجن ورهين ۾ وڏي رنگ ۾ اچي ويو هو. اڪثر ماڻھو پوڙهائپ ۾ آدم بيزار ٿي پوندا آهن پر هن اچي نوجوانن تي آر رکيو: ڪچهريون، مارڪا ۽ ڊاڙ ٺڪاڙ ... نوجوانن جي خدمت ايئن ڪري ڄڻ اهي دس تان آيل هجن. هوندا سڀ ڀاڻيجا، ڀائٽيا ۽ سوٽن ماساتن جا پٽ هئس يا انهن جا سنگتي ساٿي. ڪچهريءَ مان ڪو ماڻھو کٽل هوندو ته اصل وهلور پيو ويندو: “ڇو ڀلا فلاڻو همراهه اڃا نه پهتو آهي، خير ته اٿس نه...؟” هر هر سندس پڇائون ڪندو. نوجوان اوطاق ۾ ويٺا هوندا، هي ماني کڻي ايندو. ڇوڪرا چوندس: ماما اسان جي گھر ماني رکيل آ، اها وڃي کائينداسين يا ڪو چوندس: چاچا، مان گھران کائي آيو آهيان ته هي چوندو: گھران کائي آيا آهيو ته به هتي کائو، جي گھر ماني رکيل اٿوَ ته اها به وڃي کائجو پر منهنجي ماني اوهان کي کائڻي پوندي.
ناجي ٻٽ پاڻ ته زندگيءَ ۾ ڪو به نشو نه ڪيو پر پڇاڙيءَ ۾ اهڙو موالي دوست ٿيو جو نه ڪو ٿيو، نه ٿيندو. مختلف قسم جون دٻليون کيسن ۾ پيل هونديون هيس. ڪنهن دٻيءَ ۾ ناس هوندي ته ڪنهن ۾ نسوار. ڪنهن ۾ پن جون ٻيڙيون پيون هونديون ته ڪنهن ۾ امل ۽ چرس ذري سانڍي رکيل هوندي. جنهن شيءِ جو موالي نظر آيس، ان لاءِ اها دٻلي کلندي هئي. جيئن ته ڳوٺ ۾ اڪثر موالي غريب هوندا هئا، جن لاءِ پنهنجن پئسن مان نشو وٺڻ مشڪل هوندو هو، اهڙن غريبڙن جا اصل ٺٺ ٿي ويا. ٻاڙائيءَ واري صورتحال ۾ اهي ڪو نه ڪو بهانو بڻائي صدا هڻندا هئا ته سندن مشڪل حل ٿي ويندي هئي. اها سخاوت ئي سندس اجل جو ڪارڻ بڻي. 1985 ۾ هن سائيڪل ڇڏي ياماها موٽر سائيڪل ورتي. ان تي لاڙڪاڻي کان ڳوٺ اچي رهيو هو جو چنا پل تي ايڪسائيز پوليس سندس تلاشي ورتي ته هن وٽان قسمين قسمين دٻليون هٿ آيون. هڪ دٻليءَ ۾ چرس ذري به پئي هئي، نه سير نه پاءُ، نه آنو، نه اڌ آنو. تن ڏينهن شهرن ۾ اڏا سرعام هلندا هئا، جيڪي مڻين مُنهن منشيات هلائيندا هئا پر قانون جي رکوال اهلڪارن کي ناجي ئي وڏو ڏوهاري سمجھه ۾ آيو، ان ڪري کيس گرفتار ڪري لاڙڪاڻي کڻي ويا. جيئن ته هي به ڊڄڻ وارو ماڻھو نه هو ۽ اهلڪارن جي مودبانه گفتگو به جڳ کي ساري پئي آ. ٿي سگھي ٿو ته هن مزاحمت ڪئي هجي ۽ اهلڪار جي ڪنهن ڳجھي ڌڪ ۾ سندس ساهه جو پکيئڙو پرواز ڪري ويو.
هي اهو زمانو هو جڏهن پ پ اڳواڻ پنهنجون ضمانتون ڪرائڻ مان فارغ نه هوندا هئا، تن هن غريب ۽ سچي ڪارڪن جي وارثن جي ڪا به مدد نه ڪئي. سندن وارثن ايڪسائيز اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪيو، جنهن ۾ هنن مشهور وڪيل محمود شاهه جون خدمتون حاصل ڪيون. محمود شاهه جوابدار ڌر کان پئسا وٺي هن صوفي منش جو خون ئي لوڙهي ڇڏيو.

سرائي عبدالرحمان ٻٽ: مشهور سگبان

سرائي عبدالرحمان ٻُٽ مشهور سگبان هو. پيٽ گذر لاءِ هارپو مجبوري، باقي سرس شوق شڪار سان هئس. ڪتن جي لوڌ هوندي هئس. عام ماڻھوءَ لاءِ ته اهي مڙيوئي ڪتا هئا پر شوقين فيصلو نه ڪري سگھندو هو ته سندس ڪهڙو ڪتو صفا ڀلو ۽ ڪهڙو ڪتو ٻين کان ڪسو آهي؛ مطلب ته هن جي لوڌ جو هر موتيئڙو لک لهندو هو. هونئن هيءُ به چئن گھرن جو چڱو هو پر مالي حيثيت مستحڪم نه هئس. گذران تنگ نه هئس، تڏهن به ايترو سکيو هرگز نه هو، جيترا آسودا سندس صحبتي هئا.
سنڌ ۾ شڪاري ڪتن جا شوقين گھڻو ڪري مير، وڏيرا، پير، رئيس ۽ ڀوتار ٿيندا آهن، ڇاڪاڻ جو ڪتي کي کارائڻ پيارڻ ۽ ان جي ٽهل ٽڪور ڪرڻ غريب غربي جي وس جي ڳالھه ناهي ان جي باوجود جيڪڏهن ڪو غريب اهڙو شوق ڪري ٿو ته اهو وڏي دل گڙدي وارو ماڻھو چئبو. سرائي عبدالرحمان جو جنون جي حد تائين شوق ڏسي ڄاڻ سڃاڻ وارا شوقين کيس هڪ پل به پري نه ڪري سگھندا هئا. اهڙن امير شوقينن ۾ راڻيپور وارو مشهور شاعر بزرگ سيد صالح شاهه ۽ سيد احمد شاهه به شامل هئا. هونئن ته هي ڪنڊياري تعلقي جي پپري ڳوٺ وارن پيرن جو مريد هو پر صالح شاهه سان سندس وڏو قرب هو. اهو تعلق شاهه صاحب جي وفات بعد سندس پٽ ميران سائينءَ سان به جاري رکندو آيو. ساڻن گڏ ڪڏهن ڪوٽ ۾ سوئر تي ڪتا بڇيندو هو ته ڪڏهن سير واري بڇ تي جھنگ ۾ هوندو هو.
ڪتا هن جون ڳالهيون سمجهندا هئا. چون ٿا ته هڪ ڀيري سندس ڪڪڙ ڪو گدڙ کڻي ويو. اها ڳالھه جنهن وقت گھر وارن کيس ٻڌائي، ان مهل هو ڪتي کي ماني وجھي رهيو هو. گھر ڀاتين جي اها ڳالھه ٻڌي سرائيءَ چيو “اصل ۾ ڪتا ڀڙوا نه هجن ته گدڙ کي ڪهڙي طاقت آ جو گھران ڪڪڙ کڻي وڃي.” اهو ٻڌي هن جو هڪڙو ڪتو مانيءَ مان منهن ڪڍي گھران نڪري ويو. رات ٿي پر ڪتو نه موٽيو. سرائي به وڃي سمهي پيو. صبح جو اٿي ڏسي ته گدڙ ٻُنڀي تي مئو پيو آهي. هن جي غيرتي ڪتي ان گدڙ کي ماري گھلي گھر جي کڙهه تي آڻي ڦٽو ڪيو هو! شايد اهو ئي سبب هو جو ڪتا به کيس ڀاتين جهڙا پيارا هئا. سرائي ڪنهن به ماڻھوءَ کي پنهنجو ڌاريل ڪتو نه ڏنو. چون ٿا ته پاڪستان جي پهرين جمهوري دور جي هڪ وڏي وزير هن جو هڪ ڪتو ڪوٽ ۾ وڙهندو ڏسي کيس چيو “هن ڪتي جا پئسا ڳالهاءِ، ڪيترا ڏوڪڙ وٺندين؟” ان تي هن ٺهه پهه جواب ڏنس ته “صاحب، ڪتي جي قيمت سڱ آهي.” اهڙو غيرمتوقع جواب ٻڌي حاڪم جا تاڪ لڳي ويا ۽ غصي مان وڃي پنهنجي گاڏيءَ ۾ چڙهيو. ڪن ڏينهن کان پوءِ سرائيءَ جو پنهنجن مائٽن سان ڦڏو ٿي پيو، جيڪي سنڌ جي ڪهنه مشق شاعر پير ذوالفقار راشديءَ جا مريد هئا. شاهه صاحب پنهنجي مريدن جو پاسو کڻندي هن مٿان ڪيس ڪري کيس گرفتار ڪرايو. همراهه جيئن ئي گرفتار ٿيو ته وڏي وزير کي به ڪنهن ڪن ۾ ڦوڪ ڏني ته ڪتي تي سڱ گھرڻ وارو ڏاڍو مڙس فلاڻي ڪيس ۾ گرفتار ٿي چڪو آهي. توڙي جو ان وقت اهو صاحب وڏو وزير نه رهيو هو تڏهن به سندس به سڄي سنڌ خاص ڪري پنهنجي اباڻي ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ته وڏو دٻدٻو هو، سو هن سرائيءَ کي ڏاڍو مارايو، توڙي جو هي ان وقت پوڙهو ٿي چڪو هو.
صبح واري ماني شام ۽ رات جي ماني ٻئي ڏينهن صبح جو کائڻ سندس سڄي زندگيءَ جو معمول رهيو. هي نيرن واري ماني ان ڪري نه کائيندو هو ته متان ڪو سنگتي ساٿي يا مهمان مسافر اچي نڪري، گھڻو بکيو هجي ۽ ترت انتظام ممڪن نه هجي ته پوءِ ڇا ٿيندو. گھر وارن وس ڪيس ته جي مهمان آيو ته ان کي ٻِي ماني پچي ملندي، هيءَ تون کاءُ...! پر هي چي: ”مهمان آيو ته “توهان کي ماني پچائڻي پوندي باقي هيءَ ماني بکايل جي آهي. توهان کي ماني پچائڻ ۾ ڪجھه وقت ته لڳندو ۽ مهمان ۾ بُک سهڻ جي طاقت نه هجي ته پوءِ؟” اهڙي نموني رات واري ماني به رکيون ويٺو هوندو ته ڪنهن به وقت سڏ ٿي سگھي ٿو. رات جو ڪو به مهمان وغيره نه آيو ته اها ماني صبح جو کائي ڇڏيندو هو.
سرائي عبدالرحمان وڏي ڄمار ماڻي. سندس پونئير ٻڌائين ٿا ته “زندگيءَ ۾ هن هڪ ڪتو رڳو ڌاڙيل قادن سرگاڻيءَ کي خوشيءَ سان ڏنو، جيڪو ماضيءَ ۾ سندس شڪاري شاگرد ٿي رهيو هو. ان کان سواءِ هن ڪنهن کي به ڪتو نه ڏنو. پنهنجي عمر 100 ورهين کان به مٿي ٻڌائيندو هو پر سندس ويجھن عزيزن جو خيال آهي ته وفات وقت سندس عمر اٽڪل 85 ورهيه هئي. ان حساب سان سندس پيدائش 1895ع ڌاري ٿي هوندي. پڇاڙيءَ ۾ همراهه اکين کان ويهي ويو. تڏهن به بڇ تي ويندو هو. نظر ته ڪا نه پوندي هيس پر ڪتن جي چهڪارن مان ئي آسيس وٺندو هو. ماضيءَ ۾ اسان جي تر ۾ موسيٰ خان ٻگھيو وڏو زميندار هو، جنهن وٽ سڄي ملڪ توڙي ڏيساور کان شڪاري ايندا رهندا هئا.شڪار جي تڙ لاءِ ڪيترن ئي ڳوٺن جا ماڻھو پهچي ويندا هئا ۽ اهي ماني به پنهنجي ٻڌي ايندا هئا. غريب غربو ته موسيٰ خان سان ڳالهائي نه سگھندو هو پر سرائي عبدالرحمان ٻٽ ان کي به گارين ۾ رهڙي رکندو هو، جو شڪار ۾ گار ڪار آهي.
دلچسپ ڪردار جي مالڪ هن شخص 1985۾ وفات ڪئي.
***

محمد قاسم ٻٽ

محمد قاسم ٻُٽسچيت هاري هو. لاباري کان اڳ ٻنيءَ ۾ بيٺل فصل ڏسي ٻڌائي سگھندو هو ته ٻار هيتري لهندي، ته برابر ايتري ئي لهندي هئي. ان ۾ ڪرامت جهڙي ڪا ڳالھه نه هئي، اهو سڀ حسابن جو علم هو، جيڪو هن سنڌي ٻئي درجي ۾ پنهنجي هندو استادن کان سکيو هو. سارين جو فصل لهڻ کان مرايون ڳڻي ويندو هو. پوءِ سنگ جا داڻا ڪڍي انهن جو وزن ڪندو هو. ان بعد ضرب ڪري ٽوٽل ڪندو هو پر ساريون ڍوئڻ دوران نقصان، هار وِير ۽ جھار جھرڪيءَ جو اندازو هڻڻ ته سندس قابليت هئي. يقينا اهڙو سچيت شخص جيڪڏهن تعليم حاصل ڪري ها ته حسابن جو پروفيسر ٿئي ها پر ان وقت جا سنڌي مسلمان رڳو بنا معنيٰ جي قرآن پاڪ پڙهي عالم ٿي ويندا هئا ۽ هن سان به ايئن ئي ٿيو.
محمد قاسم جو پڙهڻ بند ڪرائي کيس ٻنيءَ جي ڪم سان لاتو ويو. هن جي سڄي عمر کيتيءَ ۾ گذري هئي، پڙهيو ته ڪي ٻه درجا پر هن، پنهنجي هندو استادن طرفان سچائي، ايمانداري ۽ انسانيت جو ڏنل سبق ڪڏهن به نه وساريو. دادو ڪئنال تي بيلدار مقرر ٿيو. ڪئنال جي سار سنڀال سندس ڊيوٽي هئي، ان ڪري ضروري هو ته ڪنهن جو به مال ڪئنال جي ٽاپ تي نه چڙهي. راڄ وارن جا ڍور چڙهيا ته انهن کي هڪلي ڇڏيائين پر پنهنجو مال ٽاپ تي چڙهيس ته اهو ورائي ڍڪ تي ڪاهي ويو ۽ ڏنڊ ڀري ڇڏرائي واپس موٽيو. ان کان پوءِ ٻين جا ڍور به ڍڪ حوالي ٿيندا هئا. سندس اهڙين ڳالهين جي ڪري ڪي ماڻھو کيس صفا سادو ۽ ديوانو ته ڪي وري داناءُ سمجھندا هئا. کائڻ پيئڻ، لٽي ڪپڙي جي حوالي سان همراهه صفا سادو هو. هن جي ڀوڳن ۾ به سادائپ سمايل هوندي هئي. هڪ ڀيري هن چڻن جو فصل ڪيو، هڪ همراهه اچي چيس “چاچا قاسم اجازت هجي ته پليءَ مٺ پٽيان!” هن رعبدار آواز ۾ چيس “بلڪل، مُٺ پلي پٽڻ جي توکي اجازت آ.” جڏهن همراهه مٺ بدران چڱو خاصو کارو پليءَ جو پٽي ورتو ته چاچا قاسم چيس “ڀائو، تو مُٺ پليءَ جي گھري هئي، کاري جي گھر نه ڪئي هئي، هاڻي اها پٽيل پلي توکي کائڻي پوندي، کاءُ ته آئون ڏسان.” کارو پليءَ جو ڪو ڪونهون کائي باقي ماڻھو ڪيئن کائي سگھندو! همراه به ٿوري پلي کائي باقي سڀ هاريِ، چاچي قاسم کي اچي رپورٽ پيش ڪئي، “چاچا، مون پلي کائي ڇڏي، هاڻي گھر وڃان؟” چاچي چيس “چڱو، جيڪڏهن پلي کائي ورتي اٿئي ته هاڻي ايتري پلي ٻيهر پٽي گھر کنيون وڃ.” پوءِ همراهه هاريل پلي ميڙي گھر روانو ٿيو. چاچي قاسم جي وفات وقت عمر 90 ورهيه ته پڪ سان هئي. هڪ به ڏند سلامت نه هئس پر ڦدن ۾ ايتري طاقت هئس جو انهن سان ٻير جي ککڙي ڀڃي ڇڏيندو هو.
محمد قاسم ٻٽ مهين دڙي جي ڏکڻ اولھه طرف ڳوٺ غلام حسين ٻُٽ ۾ ڄائو، جيڪو ان وقت وڏو ڳوٺ هو، جو اتي سنڌي هندن جو به جھجھو انگ رهندو هو. ڳوٺ وارا ڀائرن وانگر هڪٻئي سان ميٺ محبت ۾ رهندا هئا. مذهب ڪڏهن به سندن وچ ۾ ويڇو نه وڌو. هڪ دفعي ڳوٺ جو هڪ هندو ڌرمداس سندس ٻنيءَ تي آيو، جيئن ته هي به خوش طبع انسان هو، ان ڪري اڪثر ماڻھو ساڻس خشالي ڪندا رهندا هئا. ڪاڪي ڌرمداس کانئس گاهه جي سٿريءَ جي اجازت گھري، جيڪا هن خوشيءَ سان ڏنس. ڪاڪو گاهه لڻندو هڪ هنڌ کوڙ ڪندو ويو. محمد قاسم ڏٺو ته ڪم سٿريءَ بدران ڀري کان اڳتي وڌي ٺاهوڪي گڏي تائين پهتو آهي ته هن ڌرمداس ڏانهن ڏٺو، جنهن سندس نگاهن جو مطلب سمجھي چيو: “قاسم ڏس، مون رڳو هڪ سٿري ڪئي آهي، توکي ٻيءَ جاءِ تي گاهه ڏسڻ ۾ اچي ٿو؟“ هي ماٺ رهيو. جڏهنگاهه پورو ڪري ٻڌِي،آخر ۾ ڀري کڻائڻ لاءِ قاسم کي سڏ ڪيو ته هن چيس “ادا ڌرمو، گاهه جي ڀري لڻين ها ته مان توکي بلڪل کڻايان هان پر تو ته رڳو سٿري لُئي آهي، اها پاڻ کڻبي آ. نه مان کڻائيندس، نه ئي ڪو ٻيو ماڻھو کڻائيندءِ، اها سٿري توکي پاڻ کڻڻي پوندي. جڏهن هن پنهنجو بيان تبديل ڪندي چيس ته ميان قاسم، هيءَ گاهه جي ڀري ته کڻاءِ! تڏهن کلي کڻايائينس.
اهڙي نموني چاچي ورند به هڪ دفعي کانئس گاهه لڻڻ جي اجازت ورتي. چاچو ورند ڪجھه جھونو ۽ نفيس قسم جو ماڻھو هو. ان کي ٻه گايون هيون. هن ڏٺو ته گاهه لڻڻ ۾ ئي همراهه کي تڪليف اچي وئي آهي. هن جيئن ئي ڀري ٻڌڻ لاءِ گاهه گڏ ڪرڻ شروع ڪيو ته قاسم لڪي ويو. ڪاڪو ورند کيس ڳولڻ لاءِ اڳتي ويو ته پويان هيءُ گاهه جي ڀري کڻي روانو ٿي ويو. موٽي اچي ڏسي ته ڪاڪو ورند ارمان ۾ ٻني تي ويٺو آهي. ڏانهس وڌندي ڪاڪي ورند کي چيائين: “واهه ڪاڪا، ڏاڍو جلديءَ ۾ گاهه گھر ڇڏي موٽيو آهين.” ڪاڪو کيس ٻڌائي نه سگھيو ته ڪو هن جو ڪيل گاهه بوڇڻ ۽ ڏاٽي سميت چوري ٿي ويو. هن کي مناسب نه لڳو ته هوکانئس ٻئي گاهه جي گھر ڪري. باقي ارمان ڏاڍو ٿيس ته اڄ گائين کي بک تي رهڻو پوندو! اهو سوچي پريشانيءَ ۾ گھر پهتو. ڏسي ته ٻنيءَ مان هن جي چوري ٿي ويلگاهه ڀري گھر جي ٿلهي تي پئي آهي. حيرت مان پتنيءَ کان پڇيائين ته گاهه هتي ڪنهن آندو؟ هن چيس “ميان، تو ئي ته قاسم کي گاهه گھر ڇڏي اچڻ لاءِ ڏنو هو.
هي اهي ماڻھو هئا، جن جي سڄي عمر پورهيو ڪندي گذري هئي. اهي ڪنهن جي مدد ڪرڻ ۾ پنهنجي ڪا گھٽتائي نه سمجھندا هئا. محمد قاسم آخري عمر تائين ٻنيءَ جي ڪم ۽ حساب ڪتاب وارو عمل جاري رکيو. مڙس پوڙهو ٿي ويو، چهري ۾ گھنج پئجي ويس پر دماغ سدائين سالم رهيس. ڇاجي ويسر! ڇاجو غصو! ڇاجي ڪاوڙ..!! ڳائڻ ۽ نچڻ جو به وڏو شوقين هو. اهي ٻئي شعل آخر تائين جاري رکيائين. مائين کان به وڌيڪ سهرا ياد هئس. ساڳي وقت جھمر هڻڻ جو به وڏو شوق هوندو هئس. اهڙا موقعا اڪثر شادين ۽ طهرن جي ڪاڄن ۾ ملي ويندا هئس پر جيڪڏهن ڪاڄ ۾ ڪا دير ٿي ته پاڻ ئي اهڙو رنگ رچائي وٺندو هو: ڳوٺ جا نوجوان گڏ ڪري پاڙي وارن کان دهل وٺي لاڏا ڳائڻ شروع ڪندو. هي ڳائيندو، نوجوان پيا نچندا ۽ انهن کي نچندو ڏسي پاڻ پلي نه سگھندو ۽ ڳائڻ سان گڏ ساڻن ڊانس ۾ شروع ٿي ويندو.
نقش نگارن مان اندازو لڳائي پيو سگھجي ته محمد قاسم ته جوانيءَ ۾ ڪيڏو خوبصورت نوجوان هوندو. سڄي عمر لسي لولو کائي گذاريائين پر پيريءَ ۾ به ڪڏهن بيمار نه ٿيو، نه وري ڪا جسماني محتاجي ڏٺائين. آخر تائين هن جي سماعت ۽ بصارت ڪمال جي هئي. هن 1972 ۾ کلندي کائيندي وفات ڪئي.

معروف ماڇي: ماهر بورچي، جھمر باز

محمد معروف ماڇي بهترين بورچي ۽ جھومري هئڻ سان گڏ هر مرض جو ڦيڻي ذريعي علاج ڪندو هو ۽ سندس ڦيڻو عام ٽوڻن ڦيڻن کان گھڻو مختلف هوندو هو. ڪاڪي معروف کي تڏهن نوڪري ملي، جڏهن هو اڃا پندرهن ورهين جو ڳڀرو جوان هو. هن کي نوڪري ۽ موهن جي دڙي کي سرڪاري نالو ساڳي ڏينهن مليو، نه ته ان کان اڳ سرڪاري رڪارڊ ۾ دڙي کي ڦٽل شهر سڏيو ويندو هو. باقي مقامي ماڻھو ان کي ”مهين دڙو“ چوندا هئا. موهن جي دڙي جي سڄي کوٽائي سندس اکين آڏو ٿي. همراهه ڄڻ مهين دڙي جي تاريخ هو. افسوس جو هيءُ شخص رڪارڊ نه ٿي سگھيو ۽ سندس مُئي پڄاڻا ڄڻ ته اها تاريخ به دفن ٿي وئي.
ڪاڪو معروف اصل ۾ ڍنڍ ڀر ڳوٺ جو ويٺل هو. اهو ڳوٺ هاڻوڪي حسڻ واهڻ ڀرسان هو، جنهن کي 1936ع ۾ درياهه پائي ويو ۽ اتان جا رهواسي موهن جي دڙي جي اولهندي دنگ تي ساڳي نالي سان ڳوٺ ٻڌي ويٺا. جيڪڏهن ڪاڪي معروف کي نوڪري نه هجي ها ته اتي ڳوٺ ٻڌي نه سگھن ها. همراهه جي هٿ ۽ زبان ۾ اهڙي شيرين هئي جو جنهن به ساڻس ڪچهري ڪئي يا هن جي ماني کاڌي اهو سندس مطيع ٿي ويو. سر جان مارشل کان وٺي ڊاڪٽر ڊيلس ۽ مائيڪل جانسن تائين سمورا يورپي آرڪيالاجسٽ توڙي پنجابي، بنگالي ۽ پٺاڻ آفيسر سندس مانيءَ جا مشتاق هوندا هئا. موهن جي دڙي وارو شبستان هوٽل هي هلائيندو هو. آرڪيالاجي کاتي ۾ بطور ڪڪ ڀرتي ٿيو هو. آفيسرن ۽ اسٽاپ کي ماني کارائڻ کان علاوه ڏيهي توڙي پرڏيهي سياحن جي به خاطر تواضع ڪندو هو. آرڪيالاجي کاتي ان جي کيس اجازت ڏئي ڇڏي هئي ته هو خرچ به پاڻ ڪري ته بل به پاڻ وصول ڪري، باقي رهائش سرڪاري هئي، جنهن جو بل آرڪيالاجي کاتو پاڻ وصول ڪندو هو. هي گوشت توڙي سبزيخورن جو پسنديده بورچي هو. ان ڪري موهن جي دڙي تي ايندڙ آرڪيالاجي آفيسر ڄڻ ته سندس کيسي ۾ هوندا هئا. نوڪري ملڻ کان پوءِ شادي ڪيائين. اٺن پٽن ۽ هڪ نياڻيءَ جو پيءُ بڻيو، افسوس جو انگريزن ۽ ٻين سڌريل قومن جي ماڻهن سان رهندي به پٽن کي تعليم نه ڏياري سگھيو، البته سندس اٺ ئي پٽ موهن جي دڙي ۾ ننڍن ملازمن طور ڀرتي ٿيا، جن مان سبحان کان سواءِ باقي سڀئي رٽائر ڪري چڪا آهن.
ڪاڪي معروف سان گھڻيون ڪچهريون نه ڪري سگھڻ جو ارمان اٿم. هن سان مختلف موضوعن تي ڳالھه ٻولھه ته ٿيندي رهندي هئي پر موهن جي دڙي بابت پيرائتيون ڪچهريون نه ڪري سگھيس. ڪاڪو معروف ٻڌائيندو هو ته جڏهن گريٽ باٿ جي کوٽائي ڪئي وئي ته ڏسڻ سان ايئن پيو لڳي ڄڻ ان کي سُڪي چند ڏينهن مس ٿيا هجن. پاڻيءَ جي سطح جا نشان به ظاهر هئا. ڪاڪو معروف آرڪيالاجي کاتي جي آفيسرن جا احوال به ٻڌائيندو هو. ٻڌائيندو هو ته نوڪريءَ واري عرصي ۾ ڪيترائي سخت آفيسر آيا پر ڊاڪٽر ايف اي خان جهڙو ڪڙڪ آفيسر نه ڪڏهن ٿيو نه ٿيندو. ايف اي خان ڪنهن به ملازم سان نه ڳالهائيندو هو. موهن جي دڙي تي فقط ڪاڪو معروف ماڇي ۽ سائيٽ اٽينڊنٽ اميد علي مشوري سان ڳالهائيندو هو. ٻنهي جي معرفت ڪيوريٽر ۽ انجنيئرن وغيره کي هدايتون ڏيندو هو. ڪاڪو معروف ٻڌائيندو هو ته “جيستائين ايف اي خان ڊائريڪٽر جنرل هو، تيستائين آفيسرن کي قرار نه هو. سڀني کي ڦڦڙي لڳل هوندي هئي. سترهين گريڊ جا آفيسر به اسان ٻئي گريڊ جي ملازمن کان سفارشون ڪرائيندا هئا.” ڪاڪي معروف چواڻي “جڏهن موهن جي دڙي جي کوٽائي ٿي رهي هئي، ان وقت جھنگ ئي جھنگ هئا ۽ هي علائقو ته بگھڙن ۽ ٻين خطرناڪ جھنگلي جانورن جو آماجگاهه هو. اسان رات جو تيل واريون بتيون ٻاري ڪُکين تي پادر ٻڌي گھمندا هئاسين، متان اوچتو ڪو بگھڙ حملو نه ڪري! بگھڙ گھڻو ڪري ماڻھوءَ جي ڪک ۾ چڪ هڻندو آهي. روشنيءَ کان ڊڄندو آهي، ان ڪري رات جو هر ملازم کي تيل واري هٿ بتي لازمي ساڻ هوندي هئي.” ڪاڪو معروف ٻڌائيندو هو ته “سر جان مارشل جيپ کان علاه هڪ گھڙيال ۽ هڪ فرج (ڊيپ فريزر) به پاڻ سان آندا هئا. اسان ملازمن کي هر پنجن مٽن کان پوءِ گھڙيال کي چاٻي ڏيڻي پوندي هئي. ڪوتاهيءَ تي صبح جو آفيسر سخت پڇاڻو ڪندا هئا ۽ ٻڌائيندا هئا ته هن کي هيترا ڀيرا چاٻي نه ڏني وئي آهي. ان وقت بجلي ڪانه هئي. فرج جي هيٺان چمني ٻاريندا هئاسين ته اها پاڻي به ٿڌو ڪندي هئي ته برف به ڄمائيندي هئي ۽ اسان سڀ ملازم حيرت جي جهان ۾ غرق هوندا هئاسين.” آئون سمجھان ٿو ته سنڌي چوڻي “دهل وڄي، دوسو نچي” ڪاڪي معروف جون محبوب ادائون ڏسي ٺاهي ويئي هوندي. رڳو دهل جو ڌڌڪو ڪن تي پويس، جھمر هڻڻ شروع ٿي ويندو هو. رٽائرمينٽ کان پوءِ هڪ ڪاري رنگ جو جبو پائڻ لڳو جنهن سان سندس جھمر وڌيڪ مزو ڪندي هئي. جيستائين سَنڌن ۾ ساهه هئس، جھمر وارو شغل جاري رکيائين. تڏهن ڄڃون بيل گاڏين تي وينديون هيون. ڪنواريتن جي ڳوٺ ويجھو پهچي مڱڻهار گاڏين تان لهي پوندا هئا، جھمر وارا به ساڻن گڏ هوندا هئا. ڪاڪو معروف اهو نه ڏسندو هو ته ڄڃ ڪنهن جي آهي، بس دهل وڄڻ جي دير هوندي هئي.
ڪاڪو معروف هر مرض جو ڦيڻو رکندو هو. مريض کي بخار هجي يا مٿي جو سور، ڪن جو سور هجي يا ڏاٺ جي تڪليف، سور واري جاءِ تي هٿ گھمائي چوندو “سور ڙي سور! الله جي حڪم سان هن بندي کي ڇڏي وڃ!” ٻه ٽي ڀيرا ايئن چوڻ کان پوءِ مريض کان پڇندو “هاڻي ڏي حوال، سور ڪيئن آهي؟” مريض چوندو: “ڪاڪا، سور اوتري جو اوترو آهي، في الحال ڪا جھڪائي ناهي ٿي!” وري چوندو “سور، الله جي بندي محمد معروف ماڇيءَ جي حڪم سان هن کي ڇڏي وڃ!” پوءِ به سور جھڪو نه ٿيو ته بي عزتي ڪرڻ تي لهي ايندو. سور مٿان ڀونڊن ۽ گارين سان گڏ پادرن جا وسڪارا پيا پوندا. سور تي اهي سٽڪا تيستائين جاري رهندا جيستائين مريض رڙيون ڪري نه چوندو ته هاڻي سندس درد دفع ٿي چڪو آهي. توڙ تائين سمجھه ۾ نه آيو ته مريض بي عزتي ۽ موچڙن کان تنگ ٿي چوندو هو ته سور ڇڏي ويو يا انهيءَ جُٺ سان واقعي ان جو آزار ختم ٿي ويندو هو! هن جي مرڻ پڄاڻا به ڪي ماڻھو سندس پونئيرن ڏي ڦيڻي لاءِ ايندا آهن، جيڪي ساڻن ڪاڪي واري ساڳي ڪار ڪرڻ بدران رڳو پاڻي پياري روانو ڪري ڇڏيندا آهن.
ڪاڪو معروف 1973ع ۾ رٽائر ٿيو. رٽائر ٿيڻ کان پوءِ اڪثر ماڻھو چيڙاڪ ۽ بخيل ٿي پوندا آهن پر هي ورائي سرائي کيسي ۾ رکڻ جهڙو شخص هو. ڪاڪو معروف ڳالهين جو ڳهير هو. جڏهن، اردو ٻولي سمجھي نه سگھڻ ڪري مقامي ملازمن سان ٿيندڙ مسئلن جو ذڪر ڪندو هو ته کلائي کلائي پيٽ ۾ سور وجھي ڇڏيندو هو. ٻڌائيندو هو ته هڪ ڀيري ڪنهن آفيسر هڪڙي ملازم کي چيو: “انڊا لي آئو!” همراهه حڪم جي تعميل ڪندي ڪاسائين کان آنڊا وٺي صاحب جي گھر پهتو. هڪ ٻئي ملازم کي صاحب چيو “گوند لي آئو!” سادڙو سنڌي اول ته ڏاڍو پريشان ٿيو پر پوءِ “نوڪري جو ڪرڻي آ ته صاحب جو حڪم ضرور مڃڻو پوندو” واري ڳالھه ڳڻي تازي انساني ڪرڦتي ڪاغذ ۾ ويڙهي آڻي صاحب کي پيش ڪيائين! دلچسپ صورتحال ته ان وقت پيدا ٿي جڏهن هڪ آفيسر پنهنجي ماتحت کي چيو “مين بهت ٿڪ گيان هو، مجھي دبائو!” ڳالھه ٻڌي همراه تڪڙو تڪڙو ٻاهر نڪتو ۽ ساٿي ملازمن کي اچي ٻڌايائين پاڻ وارو صاحب مشائخن واري علت رکندڙ آهي، مون کي پيو چوي “دبائو!” مان ته اهڙو ڪم زندگيءَ ۾ نه ڪيو آ، نه ڪندس، باقي ڪو همراه ثواب کٽڻ چاهي ته ڀلي وڃي دٻيس.”
ڪاڪي معروف جو ننڍو ڀاءُ رستم علي به ساڻس گڏ بورچي ٿيو، جنهن جو اولاد هاڻي به شبستان هوٽل هلائيندو آهي. ڪاڪو معروف تاش جو وڏو شوقين هو. راند کيڏيندي شوقين وڙهي پوندا هئا ته سندن فيصلو ڪاڪي معروف وٽ ايندو هو. هن جي نياءُ جي ڪهڙي ڳالھه ڪجي! جيتري ڏوهيءَ جي بي عزتي، اوتري بي ڏوهيءَ سان جُٺ! فيصلن ۾ جوابدار ڌر گھڻو ڪري سندس پٽ هوندا هئا. جهڙيون گاريون انهن کي، تهڙيون گاريون مدعين کي. پوءِ به ڳوٺ جا ماڻھو فيصلو خوشيءَ سان ڪاڪي معروف کان ڪرائيندا هئا. ڪاڪو معروف گفتي ۾ صنفي تفريق جو قائل هرگز نه هو. جهڙو ڀوڳ مردن سان اهڙو ئي ڀوڳ زائفائن سان. هڪ ڏينهن پاڙي جون ٻه عورتون هن جي گھر آيون، ان وقت ڪاڪو معروف پنهنجي نُهرن کان لسيءَ جي گھر ڪري رهيو هو ۽ اهي کيس لسي نه پيون ڏين، چون: “نه چاچا اڳ ۾ ئي سَنڌ وتا پيا ٿي، لسي پيئندين ته ويتر وٺجي ويندين!” نهرن جي اهڙي جواب تي ٻنهي مان هڪ مائي کين ڪاڪي جي سفارش ڪندي چيو “ته ڇا ٿيندس! ڏيو چاچي کي لسيءَ ڍُڪ.” اهڙي وڻندڙ سفارش تي ڪاڪو معروف گڏ آيل مائيءَ سان مخاطب ٿي چوڻ لڳو “هيءَ سيبتي آ، هن کي هتي ڇڏي وڃ، باقي منهنجي اٺن نهرن مان چونڊي ٻه ڪاهي وڃ.”
ڪاڪي معروف ماڇي ايئن ئي کلندي ڳالهائيندي 1995 ۾ هيءُ جهان ڇڏيو.
***

محمد معروف قريشي: عرب سڳورن جو جانشين

ڪاڪي محمد معروف قريشيءَ جو خيال هو ته دنيا ۾ خلفشار جو وڏو ڪارڻ ملان آهي. ان ڪري ملان هن لاءِ نحوست جي نشاني هو. صبح سوير ملان جي منهن پوڻ کان ڪيٻائيندو هو. آفيس يا دڪان تي ويندي جيڪڏهن ملان منهن پوندو هئس ته اتان ئي موٽ کائيندو هو.
ڪاڪو محمد معروف 1925ع ڌاري ڳوٺ سخي شاهه جمال ۾ پيدا ٿيو ۽ 1936ع واري ٻوڏ ۾ ٻين ڳوٺاڻن سان گڏ لڏي اچي ٻلهڙيجيءَ ۾ ويٺو، جو دريا شاهه ڳوٺ شاهه جمال جو وجود ئي وڃائي ڇڏيو. هيءُ، پاڻ کي پيرزادي بدران قريشي سڏائيندو هو. هن جو چوڻ هو ته اسان جا وڏا عرب جي قريش خاندان مان هئا، ان ڪري وڏن جي ذات تبديل نه ڪبي! سو، پاڻ محمد معروف قريشي سڏبو هو. هن ڪا گھڻي تعليم حاصل نه ڪئي، بس سنڌيءَ جا ڪجھه درجا پڙهيو. اڳتي هلي اينيمل هسبنڊري کاتي ۾ “بُل مين” واري نوڪري مليس. شروع ۾ ڍور کي آرٽيفيشل انيمينشن ڏيڻ بدران ڌاريل سانن ۽ ڍڳن کان ٻج ورتو ويندو هو. سانن کي فِٽ رکڻ لاءِ جانڊهه ۾ به وهايو ويندو هو، جيئن مٿن چرٻي نه چڙهي. ان ڪري ڍور کي پنهنجي چاري جيترو ڏارو ڏرڻو پوندو هو. اينيمل هسبنڊري کاتو مختلف سينٽرن تي ڏاند ۽ سانَ موڪليندو رهندو هو. سانَ جي چاري ۽ گاهه پاڻيءَ جو سڄو ڪم بُل مين جي ذمي هوندو هو، ان کان علاوه هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ سانَ منتقل ڪرڻ واري ذميواري به بُل مين جي مٿان هوندي هئي.
هڪ ڀيري، هيڊ آفيس حيدرآباد کان ميرپورخاص لاءِ سانَ ڪاهي ويو پر اتان جي انچارج ڊاڪٽر ڪاڪي معروف کان ان ڪري سانَ وٺڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو جو وٽس ڊائريڪٽر صاحب جو اهڙو ليٽر نه هو. جيئن ته ان وقت اهڙن ڍورن جي گرانٽ منظوري ٿيندي هئي. ڊاڪٽر سمجھيو ته چاري جو خرچ گھران ڏيڻو پوندو، تنهن ڪري ڦڏو ڪري بيهي رهيو، چي: ڊائريڪٽر صاحب جي ليٽر کان سواءِ آئون سانَ وصول نٿو ڪري سگھان. معروف قريشي حيدرآباد کان مال گاڏيءَ ذريعي سانَ کڻائي ميرپورخاص پهتو هو، جنهن لاءِ ٽڪيٽ وغيره ۽ ٻيا انتظام کاتي طرفان ڪيا ويا هئا پر هاڻي ڍور واپس ڪيئن پهچائي ۽ ان لاءِ چارو وغيره ڪٿان آڻي، ان ڳالھه کيس منجھائي وڌو. هن ڇا ڪيو جو ڊاڪٽر کان اڇو پنو وٺي، ڊائريڪٽر اينيمل هسبنڊريءَ جي نالي سان ليٽر ٺاهي، فار ڪري پنهنجي صحيح وجھي سندس حوالي ڪيو. ان وقت نه ته ڪمپيوٽر هئا، نه ئي وري کاتن کي آفيشل ليٽر پيڊ ئي هوندي هئي. بهرحال ڊائريڪٽر صاحب جي بدران معمولي بُل مين پاران صحي ڪرڻ جو عالمي رڪارڊ ڪاڪي معروف وٽ ئي هوندو. وٽس آمد ۽ روانگيءَ جا ٻه رجسٽر هوندا هئا. ڪو به خط ايندو هئس ته اهو رجسٽر ۾ داخل ڪري ڇڏيندو هو ته اڄ فلاڻي تاريخ تي آفيس مان فلاڻو ليٽر پهتو يا اڄ فلاڻي خان جو خط پهتو. اهڙي نموني پاڻ به جيڪا لک پڙهه ڪندو هو، ان جو رڪارڊ رکندو هو ته فلاڻي ڏانهن فلاڻي تاريخ تي فلاڻو خط روانو ڪيم. رجسٽرن جي گھڻي مطالعي سبب کيس نوڪريءَ دوران آيل سمورن سرڪاري ليٽرن جا آئوٽ ورڊ ۽ اِن ورڊ نمبر به ياد هوندا هئا.
ڪاڪي معروف سڄي عمر نوڪري پنهنجي ضلعي کان ٻاهر ڪئي پر 84-8519 ۾ رٽائر ڪرڻ کان پوءِ اچي ڳوٺ ۾ ٻچڙن ساڻ رهيو ۽ ڏوڪري شهر ۾ ڪرياني جو دڪان کوليائين. ان وقت اڃا ڳوٺ کي روڊ نه هو، بس موهن جي دڙي کان ملندي هئي. آسپاس جا ماڻھو پنڌ جھاڳي موهن جي دڙي پهچندا ۽ اتان ڪنهن سواريءَ ۾ چڙهي شهر ڀيڙا ٿيندا هئا. هي صبح جو تيار ٿي ٻلهڙيجيءَ کان مهين دڙي تائين پنڌ ويندو هو ۽ اتان اٺين بجي واري بس ۾ چڙهي ڏوڪري رسندو هو. ڏوڪريءَ ۾ سندس دڪان بس اسٽاپ کان ٿورو پرڀرو هو. اسٽاپ کان دڪان تائين پنڌ وڃڻو پوندو هئس. ان دوران جيڪڏهن ڪو ملان منهن پئجي ويندو هئس ته دڪان کولڻ بدران اتان ئي موٽ کائيندو هو. اهڙي سخت گير رويي سبب مهيني ۾ ڪي ويهه ڏهاڙا کن دڪان کولي سگھندو هو، جو گھر کان دڪان تائين ڪٿي نه ڪٿي ڪو وڏي ڏاڙهيءَ وارو شخص منهن پئجي ويندو هئس ۽ هي ان ڏينهن روزگار جو ارادو ترڪ ڪري واپس موٽندو هو. ان دور ۾ تفريح جو وڏو ذريعو ٽي وي هئي پر هن کي ٽي وي تي سخت اعتراض هو،ان ڪري نه ته ان سان ڪو بي پردگي يا بي حيائي پکرجڻ جو خدشو هو. اصل ڪارڻ اهو هوته ٽي وي ٽائيم جو گھڻو حصو مُلن کي ملي رهيو هو. هي، ٽي ويءَ تان بانگ نشر ڪرڻ جو به سخت مخالف هو. چوندو هو: بانگ رڳو مسجد ۾ ڏيڻ جائز آهي، گھر ۾ بانگ ڏيڻ گناهه آهي ۽ ٽي وي گھر مسيت بڻائي ڇڏيا آهن. پِي ٽي ويءَوارا هڪ ڪلاڪ ناٽڪ ڏيکاري باقي يارهن ڪلاڪ ماڻهن کي سزا ڏيئي رهيا آهن.
سنهڙو سيپڪڙو ڪاڪو معروف ڪڙڪي سان ڳالهائيندو هو، راءِ ڏيڻ وقت رياءُ ۽ رک رکاءُ جو قائل هرگز نه هو. ڳوٺ سڌار سنگت ٻلهڙيجيءَ جو بنيادي ميمبر ۽ عهديدار هو. ڳوٺ سڌار سنگت جو رڪارڊ هي ٺاهيندو هو. پروگرامن ۾ تقريرون به ڪندو هو. هن جي تقرير تي ماڻهن جا پيٽ ۾ هٿ هوندا هئا. ڪاڪو معروف هر ڳالھه کي لکت ۾ ڪرڻ جو قائل هو، ايتري قدر جو ڳوٺ جي درگاهن تي نذراني جي پيتيءَ ۾ پئسن سان گڏ چٺي به وجھندو هو، جنهن ۾مسئلو بيان ڪيل هوندو هو ۽ ان جي حل لاءِ مودبانه گذارش ٿيل هوندي هئي. ڪاڪي معروف جو خاندان درگاهه لواري شريف جو مريد آهي پر هيءُ، جماعتي ڪمن ڪارين ۾ ڪڏهن به گھڻو سرگرم نظر نه آيو، البته صوفين وارو ڪفر ضرور سانڍيندو آيو.
سندس هم عمر وڏڙا ٻڌائيندا آهن ته اهي پرائمري ڳوٺ غلام حسين ٻُٽ ۾ سائين خليفي محمود وٽ پڙهندا هئا ۽ رهندا به اتي ئي هئا. شاگردن توڙي معلمن جو گذارو ٽڪين تي هوندو هو، جيڪي ڳوٺ وارا ونڊ ۾ ڏيندا هُئن. ٽڪيون وٺڻ لاءِ شاگردن جا وارا ٺهيل هوندا هئا. واري وارا شاگرد رڳواستاد لاءِ سٺو ٻوڙ آڻيندا هئا. چڱڙي ڀاڄي پاڻ دڳ تي ئي چٽ ڪري باقي سادو ٻوڙ اچي سائينءَ جي حوالي ڪندا هئا. کير به رستي ۾ پِي، مڪتب ۾ اچي ٻڌائيندا هئا ته اڃا ڏاچي ڪانه مِڙي هئي. رات واري بچيل ماني شاگرد صبح جو اٿي کائيندا هئا. اهو پاروٿو ٽڪر به فقط سوير اٿندڙ ٻارن کي نصيب ٿيندو هو، نينڊين لاءِ گرهه به نه بچندو هو. اهي به ننڊ مان اٿي پهرين جاچ مانيءَ جي وٺندا هئا پر تيستائين ميدان صاف ٿي چڪو هوندو هو. جيئن ته هي همراهه اڪثر دير سان اٿندو هو، ان ڪري کيس منجھند جي ٽڪين تائين بک تي رهڻو پوندو هو.هڪ ڀيري هن پور پچايو ته صبح جو سوير اٿڻ مون کان نه ٿيندو، ان ڪري اڄ ماني رات جو ئي کائي ڇڏبي. اهي سانوڻيءَ جا ڏينهن هئا. سڀئي ڪچي ڪوٺي جي ڇت تي سمهندا هئا. هيٺ هڪ پاسي ٻڪرين جي واڙ هئي، جنهن کي لوڙهو ڏنل هو. محمد معروف بچيل ماني کڻي ڪوٺي جي هڪ ڪنڊ وٺي کائڻ لڳو. ڪنهن مهل ننڊ جو جھوٽو اچي ويس، سڌو وڃي لوڙهي ۾ ڪريو. اوچتي دانهن تي اوڙي پاڙي جي ماڻهن ۾ رڙيون پئجي ويون: “ڳورپٽ ڙي ڳورپٽ!” گوڙ تي سائين خليفو ۽ شاگرد به جاڳي پيا. پڇڻ تي ماڻهن ٻڌايو ته “سائين، لوڙهي ۾ ڳورپٽ آهي!” سائين خليفي چينِ: “پوءِ ڳورپٽ توهان کي ڪهڙو نقصان ڏيندو؟ وڃي ڏسو، متان ٻيو ڪجھه هجي.“ وڃي جو ڏسن ته محمد معروف ڍنگھرن ۾ وچڙيو پيو آهي.
اهو به ڪو زمانو هو، شايد اڄ ڪاڪو معروف پنهنجي اصولن تي اٽل نه بيهي سگھي ها، ڇاڪاڻ جو اڄ گام گام تي ملان منهن پوي ٿو. اها مخلوق کيس پاڙي ۾ ته ڇا، پنهنجي گھر ۾ به نظر اچي وڃي ها. ڪاڪي معروف کي پنجن پٽن جو اولاد ٿيو. خالد، راشد، طارق، زاهد ۽ نديم، جن مان سندس پٽ راشد اُن ئي کاتي ۾ پي ايڇ ڊي ڊاڪٽر آهي، جتي سندس پيءُ بُل مين هو.
***

غلام شبير پيرزادو

مران، مٿو پٽيان، نهاريان نيڻانِ
صحبت جا سنديانِ، آئون نه جيئندي ان ري.

هل! اهي مڙس به ويا جن جي صحبت سراسر سون جهڙي هئي؛ جن جي ڪري اوطاقون آباد ۽ ميڙا متل هوندا هئا. اهڙو ئي اوطاقي مڙس ۽ ميلا مچائيندڙ مڙس هو اسان جو مامو غلام شبير پيرزادو جنهن کي ننڍو توڙي وڏو ڀائو شبير ڪوٺيندو هو. هي شخص ڪچهريءَ جو مور ۽ لوڪ ادب جو ڀنڊار هو. سنڌ جي سمورن ثقافتي وکرن کان واقف ۽ مٿن ساھ صدقي ڪرڻ وارو،گفتي جو پڪو، خوش مزاج، ڪتاب دوست ۽ راڳ جو شوقين. ڳوٺ جي هر ماڻھوءّ جو جو رت ڀائي. ننڍي توڙي وڏي سان هٿ جوڙ، نياز نوڙت، سڀن کي عزت ۽ مان ڏيڻ وارو. توڙي جو رڳو پرائمري پنج درجا پڙھي سگھيو پر ڳالهائڻ ٻولهائڻ توڙي سندس پرهڻ ڏسي سڀڪو ايئن چوندو ته هي ڪو اعليٰ تعليم يافته شخص آهي.
مامي غلام شبير 1952 ۾ فتح محمد پيرزادي جي گھر ۾ جنم ورتو جيڪو تر ۾ موالي ڦتن جي نالي سان مشهور هو. نانو فتح محمد طبلو به وڄائيندو هو ته ڍولڪ به. وٽس سڄو فقيري ڪشڪول جهڙوڪ بيراڳڻ، ڏنڊو، ناد، ڪنٺا ڪولابا سانڍيل سنڀاريل هوندا هئا. هن وٽ ھڪ ننڍڙو حقو به هوندو هو. سندس حقي جهڙو حقو پوري تر ۾ ٻئي ڪنهن وٽ نه هو. نه ئي هن جهڙي جست جي بيراڳڻ ئي ڪنهن وٽ هئي. ڀائو شبير جي راڳ سان دلچسپيءَ جو سبب سندس والد ئي هو جنهن وٽ تر جا ڳائڻا ۽ فقير پيا ڀيرا ڀريندا هئا جن سان موالي ڦتن طبلي يا ڍولڪ تي سنگت ڪندو رهندو هو.
ڀائو شبير جي تربيت اوطاق ڪئي. ان وقت اوطاقون، اوطاقون هونديون هيون، هاڻوڪا ڊرائنگ روم نه هئا جتي فقط مخصوص ماڻھو ئي براجمان ٿي سگھن ٿا. تڏهين اوطاق ڪنهن نه ڪنهن ماڻھوءَ جي نالي سان هوندي به ڄڻ ڳوٺ جي گڏيل ملڪيت هوندي هئي جتي ڪنهن به ڳوٺاڻي جو مهمان اچي ٽڪندو هو. ان اوطاق جي سيوا ڪير به ڪري سگھندو هو ، جنهن ۾ ٻُھاري ڏيڻ، مَٽِي سائي ڪرڻ، ايندڙ مهمان کي سندس واقفڪار سان ملائڻ ۽ ان جي ماني ٽڪيءَ جو بندوبست شامل هوندو هو. ساڳيءَ طرح ٻلهڙيجيءَ ۾ اوطاقون ته ٻين جي نالي سان هونديون هيون پر انهن کي هلائڻ وارو ڀائو شبير هو.
ڀائو شبير سنڌيءَ جا پنج درجا ٻلهڙيجيءَ جي حاجي لعل بخش شيخ پرائمري اسڪول ۾ پڙھيو جتي سندس هم ڪلاسي لطف پيرزادو هو، جنهن سان مرڻ گھڙيءَ تائين دوستيءَ جي ڌاڳي ۾ پوئيل رهيو. ڀائو لطف ٻڌائيندو هو ته ”شبير هوشيار شاگرد هوندو هو پر اڪثر مار شرارت تان کائيندو هو. هڪ دفعي سائين خليفي ڏنڊا هڻي هٿ جو آڱوٺو ڀڃي وڌس. ڀائو شبير وٽ ڪمال جي مزاح واري حس هئي. سندس حاضر جوابيءَ تي حيرت ٿيندي هئي. اسان جديد شاعري پڙھون يا ڪلاسيڪل؛ هڪ سِٽ پڙهي مڪمل مس ڪيون ته ساڳئي وزن ۾ پنهنجي في البديهه سٽ ڦھڪائي ڏيندو، جيڪا وزن بحر ۾ به پوري هوندي هئي ته قافئي رديف ۾ به تز؛ باقي ان جو مطلب اور هوندو هو. هن جي سِٽ پيش ٿيندي ته ڪچهريءَ ۾ ٽھڪ گونجي پوندا هئا.
هڪ دفعي ڀائو شبير جو ننڍپڻ جو دوست نور محمد پنهنجي پٽ جي شاديءَ جي ڪانڍ ڏيڻ آيو. هڪٻئي کي ڀاڪر پائي وڏي سڪ سان مليا. ننڍپڻ جا قصا کڻي کوليائون، ايتري ۾ ماني اچي ويئي. ڀائو شبير مهمان کي مخاطب ٿيندي ڄڻ نعري واري انداز ۾ چيو: ”آءُ، نورا کاءُ!“ ان تي اسان جو کلياسين ته نور محمد وٺي چاٻي کنئي. ڀائو شبير وڏيون وضاحتون پيش ڪيون ته ادا نورا، مون ٻي ڳالھه ڪئي، ڇورن ڪجھه ٻيو سمجھيو، منهنجو ڪو ڏوھُ ناهي ... پر آڏو به نورل نه کي نَو ڪوٽ ڏئي بيهي رهيو. ماني نه کاڌائين. ڀائو شبير مهمان جي اوچتي ضد آڏو مجبور ٿي چيو ماحول کي خوشگوار رخ ڏين جي ڪوشش ڪندي چيو: ”ادا نورا، ڀلا ڀت جو سڏ ڪڏهن آھي؟“ نورل ويتر توائي ٿي چيس: ”منهنجي ڀائپي آ وڏن سان، اهي ته اوطاق تي آهن ڪونه، باقي توهان ڪهڙا چڱا آھيو جو ڀت جي ڪانڍ ڏيانوَ!“ ايئن چئي نور محمد عرف نورل دعوت ڏيڻ بنا ئي واپس هليو ويو ۽ ٻئي ڏينهن وري ڪانڍ ڏيڻ پهتو ۽ ڪجھه لڄي ٿيندي چيائين: ”ڪالھه وڏي اسپيڊ ۾ هئس, اڄ ٻيهرڪانڍ ڏيڻ پهتو آھيان.“
ڀائو شبير جواني ڪچي ۾ گذارِي جتي اسان جا چار پنج گھر هئا.ان اوطاق جو مني ڀائو شبير هو. هي اوطاق جي بلي هوندو هو. سندس سڀاءُ ۽ قرب ڏسي وڃڻ وارو ماڻھو به رهي پوندو هو. 1982۾ شادي ڪرڻ کان پوءِ اچي ٻلهڙيجيءَ رهيو. ان وقت بچاءُ بند تي پٿرن جو اسپر ڏنو پئي ويو جتي هي منشي ٿيو ۽ ڪجھه سال غلام رسول پيرزادي جي اٽي واري چڪيءَ تي به بطور منشي ڪم ڪيائين، باقي وقت اوطاق جي حوالي. وڏيري اِمن جي وفات کان پوءِ هن اوطاق جي سيوا ڪئي ۽ اهڙو منڊل مچائي ڏيکاريائين جو وهوا!
ڀائو شبير نشا به ڏاڍا ڪيا پر آخر ۾ نشا ايئن چڏي ويو ڄڻ ڪو به نشو ڪندو ئي نه هو. ڪچي ۾ رهندو هو ته وٽس معلومات جو ذريعو ريڊيو هوندو هو پر جڏهن ٻلهڙيجيءَ آيو ته هن اخبار پڙھڻ شروع ڪئي. خبرن سان گڏ ايڊيٽوريل پيج به پڙھندو هو ۽ اخباري ڪالمن تي ٽيڪا ٽپڻي به ڪندو رهندو هو. ڀائو شبير دين ڌرم کان دور هو باقي هن وٽ هر مذهب جو احترام واجب هو.
پڇاڙڪن ڏينهن ۾ سندس ڪمپني انور صاحب، سيٺ قاسم ۽ طارق صاحب سان رهي. هڪ ڏينهن عيد جي موقعي تي ڪو دوست سَئيُون کڻي آيو ته انور صاحب ڀائو شبير ڏي متوجه ٿيندي معلوم ڪيس: ”ادا شبير توهان روزا رکندا آھيو؟”
”نه ادا!“ ڀائو شبير وراڻيو.
ڪاڪي انور ٻيو سوال ڪيس:-”ڀلا نماز پڙهندا آھيو؟”
”نه ادا!“ ڀائوءَ جو ساڳيو جواب.
انور صاحب پڇيس: “ڀلا عيد جون سَئيون کائيندا آھيو؟“
وه ڙي وا ادا انور، صفا ايڏا به ڪافر ناهيون!“
ڀائو شبير جا چرچا جنهن تنهن سان جاري رهندا هئا، البت ڀرپور قسم جي موٽ ملڻ تي ڪڏهن ڪڏهن چڙي به ويندو هو. هن 11 مئي 2010 تي وفات ڪئي.

انور ڏنگڙائي: ڏوٿي منهنجي ڏيهه جو

ڏوڪري شهر جي آسپاس، چشمي پاتل ڪرڙ وڍ شخص کي ڪنهن وڻ هيٺان وڇايل رليءَ تي ڪتابن سان پلٿي ماري ويٺل ڏسو ته ان کي نجومي عرف پروفيسر سمجھڻ جي غلطي نه ڪجو، پڪ ڄاڻو ته اهو انور ڏنگڙائي آهي، جنهن جي اول آخر سڃاڻپ ڀٽائيءَ جي پاٺڪ واري آهي، باقي ته هُو شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ڊرامانويس سان گڏ سنڌي ادبي سنگت ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ جو سرگرم ڪارڪن به آهي. همراهه جي شڪل صورت ۽ سنجيدگيءَ هن لاءِ غلط اندازا قائم ڪرايا آهن. پهرين نظر ۾ اوهان کي ائين لڳندو ڄڻ هاڻي هاڻي کنڊ جو جهاز ٻڏي ويو هجيس. محفل ۾ هن کي ماٺ ڏسي هر ڪو اها راءِ قائم ڪرڻ ۾ دير نه ڪندو ته همراهه انتهائي مغرور، خود غرض ۽ بور شخص آهي.
مان انور ڏنگڙائيءَ کي 1986ع کان سڃاڻان پر سدائين سندس مک تي ڏپهري ڏسي حجت وڌائڻ جي همت نه ڪري سگھيس ۽ ساڻس تعلقات نه جڙي نه جڙيا. اهو زبردست نظرياتي ۽ سياسي ڇڪتاڻ وارو دؤر هو. هن جون جيءَ جڙون ڪميونسٽ پارٽي سان هيون ۽ منهنجي من جا پيچ جيئي سنڌ تحريڪ سان پيل هئا. ٻه مختلف انتهائون. توڙي جو کيس ان وقت ادبي جراثيم لڳي چڪا هئا، هن نه رڳو سياسي ۽ ادبي ڪتابن جو مطالعو شروع ڪري ڏنو هو پر شاهه سائينءَ جي شاعريءَ کي پڙهڻ ۽ سمجھڻ به لڳو هو. اهي سڀ ڳالهيون اسان کي هڪٻئي جي ويجھو آڻڻ لاءِ ڪافي هيون پر هن جو لي آئوٽ ۽ منهنجي فصاحت واري گفتگو ديوار بڻي رهي ۽ اسان 1994ع تائين هڪٻئي سان رڳو هٿ ملائڻ جي جسارت ئي مس ڪري سگھياسين.
انور بگيءَ کان ناري جي مٿئين ڪپ سان ڏوڪري ويندڙ رستي تي ايندڙ ڳوٺ ڏنگڙي جو رهاڪو آهي. ڏنگڙو ۽ ٻڍاڻي ابڙن جا ٻه جاڙا ڳوٺ آهن. سندن مائٽ منهنجي ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ ۾ به ويٺل آهن. تڏهن هي به انور ابڙو سڏائيندو هو، پران وقت ٻيو انور ابڙو اسري چڪو هو، سو هن پنهنجي نالي سان ڳوٺ جي نسبت ڳنڍي پنهنجي الڳ حيثيت مڃائڻ جو اعلان ڪيو. لکڻ جي شروعات ان وقت ڪيائين، جڏهن 1988ع وارين عام چونڊن ۾ ڪامريڊ ڄام ساقيءَ جي اليڪشن مهم لاءِ ٿر ويو، جتي هن ڊائري لکي ۽ ان کي “ڏوٿي انهيءَ ڏيهه جا” جي نالي سان شايع ڪرايو جنهن کي ٿر جو سفرنامو به چئي سگھجي ٿو. انهيءَ اليڪشن ورڪ ۾ مشهور ڪميونسٽ، پورهيت، هاري ۽ شاگرد اڳواڻ به شامل هئا. تڏهن ٿر جي حالت اڄ واري نه هئي. نه بجلي، نه سولر سسٽم، نه موبائل، نه ئي روڊ رستا... رڳو واريءَ جو پنڌ. همراهن جي اچڻ جو ٻڌي ڏڪار به چوي ته هيل نه پوان ته ڪڏهن پوان! ٿرجي چلڪي واري واريءَ تي مڙسن جيئن ئي پير ڌريا ته کانئن دانهن نڪري وئي. ستت ئي خبر پئجي وين ته ٿر ڇا آهي؟ مٿان جهڙو ڪامريڊ ڄام ڪنگال تهڙي ڪميونسٽ پارٽي، ان ڪري لاڳيتو چڀڙن جي ڀاڄي کائي شاگرد اڳواڻ بيزار ٿي ڀڄڻ جون سٽون سٽڻ لڳا. “انقلابين” جي ڌاڙ گھوڙا کان تنگ ٿي پارٽيءَ کين واپس وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي ۽ همراهه اليڪشن کان اڳ ئي واپس پهچي عوام کي وصال جون واڌايون ڏيڻ لڳا. انور ڏنگڙائي هڪ ايماندار صحافيءَ وانگر اها وارتا جيئن جو تيئن بيان ڪري آخر ۾ تبصري طور ڀٽائيءَ جو هي بيت لکيو:

جانڪِي جوڳي ٿيءُ، ناته نرڄا ونءُ نڪري،
ڪُهه ٿو ڪن ڪپائين، جان نه سهين سِيءُ
ڀڄ پرانهون ٿيءُ، متان ٻيا لڄائين!

سفرنامو شايع ٿيو، پنهنجي ڪارگذاري پڙهي شاگرد اڳواڻن انور ڏنگڙائيءَ جا پيرا کڻڻ شروع ڪيا. نيٺ هڪ ڏينهن هيءُ کين ڏوڪري ڪاليج ۾ منهن پئجي ويو، پوءِ ته همراهه اڳ پُٺ ڪري گھيري بيهي رهيس پر وچ ۾ چار چڱا اچي ويا ته بچي نڪتو.
اهڙو سفر هن ٻيو به ڪيو. 1997ع ۾ هيءُ ڀائو لطف، مامي ميهر ابڙي، مرحوم علي شير ٿهيم ۽ ٻي سنگت سان سيوهڻ جي لال باغ کان لاهوت لامڪان روانو ٿيو. جيئن ته اهو سفر عقل وارن بدران عقيدتمندن کي ڪرڻ جڳائي، ان ڪري هن جي عقلي دليلن فقراءَ کي ڪاوڙائي وڌو. اهو مامرو ته جيئن تيئن نبري ويو پر هنن جو ننڍڙين ڳالهين تي هڪٻئي سان اهڙو ٽڪراءُ ٿيو جو وري ڪڏهن نه ٺهيا.
سوويت يونين ٽٽڻ کان پوءِ ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ وڏو ڀونچال آيو. رات وچ ۾ ڪاياپلٽ ٿي وئي. ڪن وڏيون سونهاريون رکرايون، ڪي تبليغي جماعتن ۾ شامل ٿي آخرت جو توشو گڏ ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويا. ڪي چلا ڪڍڻ لڳا، ڪن وڃي مسجدون وسايون. ڪي اين جي اوز ۾ شامل ٿي سماجي انقلاب جا سانباها ڪرڻ لڳا پر انور ڏنگڙائي جيئن جو تيئن رهيو.
2001ع ۾ اخباري نوڪري ڇڏي ڳوٺ واپس وريس. ان وقت سنڌي ادبي سنگت بگي ۽ ٻلهڙيجي شاخون پنهنجو وجود وڃائي ويٺيون هيون ۽ انور سنڌي ادبي سنگت ڏوڪري شاخ ۾ ڪم ڪري رهيو هو. هڪ ڏينهن ٻلهڙيجيءَ ۾ ڀائو لطف سان مليو. اتي مون پنهنجي ڪجھه ڪميونسٽ دوستن لاءِ پيار ڀريا شبد اچاريا ته همراهه بنهه ناراض ٿي ويو ۽ مون کڻي ماٺ ڪئي. سوچيم: هن همراهه سان پنهنجي ڪڏهن نه پوندي، پر پوءِ 2002ع ۾ مهين جو دڙو ميوزيم مان ٿيل چوريءَ خلاف هن عيسيٰ ميمڻ، ادل سولنگي، حاڪم مڱرئي، غفور زهراڻي ۽ ٻين جي سان گڏجي جدوجهد هلائي منهنجي دل کٽي ورتي. هڪ ڏينهن منهنجي دوست احمد جتوئيءَ مون کي چيو: “اچ ته پنهنجي استاد سان ملايانءِ.” احمد سان گڏجي سنوڪر جي هڪ دڪان تي آيس، جتي خبر پئي ته مون واري دوست جو استاد انور ڏنگڙائي هو. ان ڏينهن اسان شاهه جي بيتن ۽ ٻين غير سياسي موضوعن تي ڳالهايو ۽ پوءِ مان به ادبي سنگت ڏوڪري شاخ جو ميمبر ٿيس. ائين هن سان نئون تعلق جڙيو.
ڳالهين ۾ زماني جي بي قدريءَ جو پٽڻو پٽيندو رهندو آهي. اها ته خبر هئي، ته هن جو غريب گھراڻي سان تعلق هو. هن کي پنهنجي وڏڙن جي ملڪيت مان رڳو ڏيڍ جريب زمين ملي. شروع ۾ جڏهن شاهه سائينءَ جو ڪلام پڙهڻ شروع نه ڪيو هئائين تڏهن وٽس رسالي وٺڻ جي سگھه به نه هئي. هن ڀائو لطف کان شاهه جو رسالو وٺي اهو سڄو نوٽ بوڪ تي اتاريو. اهڙي صورتحال باوجود هن جا چار ڪتاب شايع ٿي چڪا هئا، جنهن ۾ ٿر ڊائري “ڏوٿي انهيءَ ڏيهه جا”، ڪامريڊ مانڌل شر جي زندگي ۽ جدوجهد تي “.............”، ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي تي: “موهين جو ماڻھو” ۽ شهيد پڳت ڪنور رام تي مرتب ڪيل ڪتاب “اسان جو ڪنور” شامل آهن. پوءِ به اسان سان زماني جي ناقدريءَ جي شڪايت ڪندو هو ته، کيس چوندا هئاسين: “تون ٽاڪ جو سڃو آهين، تڏهن به تنهنجا چار ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن، ٻيا ڀل اهڙي شڪايت ڪن پر توکي ائين چوڻ بدران شڪر ڪرڻ گھرجي.”
تڏهن به هن وٽ پنهنجا دليل:
صبر ۽ شڪر کي، ڪاڏي آئون ڪندي
آهيان جنهن سندي، سو ته گھرجي ساڻ مون.

هن مطابق سندس اصل ڪم شاهه جي ڊڪشنري آهي، جنهن تي هن 20 ورهيه وهايا. ڊڪشنري شايع ڪرائڻ لاءِ هن وڏا پنڌ ڪيا. پاڪستان جو ڪو به ادارو نه ڇڏيائين پر ڪٿان به سر وارو جواب نه پئي مليس، ان وقت هو ٻن ڄيرن جي وچ ۾ هو. ساڻس ٻه وڏا مسئلا لاڳو هئا. هڪ ڊڪشنري ڇپرائڻ، ٻيو مهاڳ لکرائڻ. مهاڳ لکرائڻ لاءِ وڏا وس ڪيائين پر ڪنهن به نامياري ليکڪ سندس گذارش تي غور نه ڪيو، جنهن ڪري کيس انهن بابت پنهنجي راءِ تبديل ڪرڻي پئي. مهاڳ نه لکندڙ همراهن جي وڏي واڪ مخالفت ڪرڻ سبب انهن جي پرستارن جا جواب به ٻڌڻا پوندا هئس. ويهن ورهين جي لڳاتار ڪوششن کان پوءِ جڏهن صفا مايوس هو ته سندس ٻئي مسئلا حل ٿي ويا. آصف رضا مورئي پنهنجي خرچ تي ڀٽائي ڊڪشنري به ڇپرائي ڏنس ته ان جو مهاڳ به لکيو. ٻه اکر بدر ابڙي به لکيا.
2005ع ۾ سنڌي ادبي سنگت ڏوڪري شاخ جي سيڪريٽريءَ لاءِ سڄي سنگت منهنجي نالي تي متفق ٿي پر ڪائونسلر جي عهدي تي هن ۽ ادل سولنگيءَ ۾ تڪرار ٿي پيو. ان وقت ڏنگڙائي سنگت جي زور ڀرڻ تي ادل سولنگيءَ جي حق ۾ هٿ کنيو. مرڪزي چونڊون ٿي رهيون هيون. سنگت جي هڪ ميمبر تجويز ڏني ته مرڪزي چونڊ ۾ ووٽ ڏيڻ جو فيصلو به جنرل ڪائونسل ڪري، جنهن تي مون چيو ته “ان جو اوهان کي ڪو به حق ناهي، اهو سيڪريٽري ۽ ڪائونسلر جو اختيار آهي.” منهنجي اهڙي جواب تي دوست ماٺڙي ڪري روانا ٿي ويا. ڏٺم ته انور جي اکين ۾ پاڻي هو. چيائين “هن جي دور ۾ به اهڙي تجويز آئي هئي ۽ فيصلي ۾ اهڙي اميداوار جي حمايت ڪئي وئي، جنهن کي هوُ ووٽ ڏيڻ نه پيو چاهي، تنهن ڪري هُو ووٽ ڏيڻ ئي نه ويو هو.”
2006ع واري مرڪزي اليڪشن ۾ اسان جون همدرديون سرڪش سنڌي پئنل سان هيون ۽ انور ڊاڪٽر ذولفقار سيال جو حمايتي هو. انور ڏنگڙائي ووٽر نه هوندي به اليڪشن جو چهچٽو ڏسڻ اسان سان گڏ هليو. جڏهن سيال جي ڪاميابيءَ جو اعلان ٿيو، تڏهن ڏنگرائيءَ جي خوشي ڏسڻ وٽان هئي، واپسيءَ تي اسان کي ڄامشوري مان ٽرين تي چڙهڻو هو، سو حيدرآباد مان ڄامشورو ويندڙ سوزوڪيءَ جي ڇت تي چڙهياسين. انور چئي “هيٺ سيٽن تي ويهو، مون کي پڪ آ ته اوهان هار جو صدمو سهي نه سگھندؤ ۽ ڄامشوري پل تان ٽپو ڏئي پنهنجو انت آڻيندؤ.” ان تي ناراض ته عيسيٰ کي ٿيڻ گھربو هو، جيڪو ضلعي رابطا سيڪريٽريءَ جي چونڊ هارائي چڪو هو. هو به مون وانگر کلي پيو پر اسان جو هڪ ٻيو دوست صفا جذباتي ٿي ويو. پوءِ ته انور کي موقعو ملي ويو ۽ هن باڊهه اسٽيشن تائين بلڪل بس نه ڪئي.
انور ڏنگڙائيءَ سان هاڻ ٻيو مسئلو درپيش آهي، هن جي شاعريءَ جو مجموعو تيار آهي پر وڏي رڪاوٽ وري به مهاڳ آهي. هن جي دلي خواهش آ ته سندس ڪتاب جو مهاڳ ڪا حسن بانو شاعره لکي. همراهه وڏا وس ڪيا. اصل حيلا هلايا پر ناڪامي پلئه پيس. ان جو ذميوار هن پنهنجي شاعريءَ بدران سڃائيءَ کي قرار ڏنو ۽ پوءِ نقادن جو پاسو جھليو، جن جي سنڌ ۾ جھجھائي آهي پر هاءِ ڙي قسمت ! انهن به مختلف بهانا بنائي مسودو موٽائي ڏنو.
انور کي عمر جو پنجاهون سال يعني 2014 ع واهه جو لڳو، جنهن ۾ “ڀٽائي ڊڪشنري” شايع ٿي. ٽي وي ٽي ڊراما نشر ٿيا ۽ شاهه جي حوالي سان هن مختلف پروگرام ڪيا.
هن جي “ٻاجھاري صورت”، حد کان وڌيڪ سنجيدگي ۽ مارڪس ازم سان عقيدت جيتري محبت ڏسي مون ائين سمجھيو هو ته هي دل جو ماڻھو ناهي. ڪنهن حسين سان ملي نه جھومي سگھي ٿو ۽ نه ڪنهن جي ڇڄڻ تي تڙپي سگھي ٿو. اهو خيال تڏهن غلط ثابت ٿيو، جڏهن هڪ رات انور ۽ قربان جتوئي اوچتو منهنجي ڳوٺ پرگھٽ ٿيا ۽ توقع جي ابتڙ مون کان ڪڙي پاڻيءَ جو مطالبو ڪيائون. اها فرمائش پوري ڪيم ته هن مون کي ڀٽائي ٻڌائڻ لاءِ چيو، مون بيت پڙهيو:

تارا تراريون، نيزا نيڻ پرين جا،
هڻن منهن پاريون، سانگو ڪن نه ساهه جو!

بيت ٻڌڻ سان هن اهڙي دانهن ڪئي ڄڻ سندس سيني ۾ نيزي جي نوڪ کپي وئي هجي. اها رات به رات هجي. هڪ جاءِ جي ڇت تي اسان ٽئي ڄڻا ويٺل هئاسين. مان بيت پڙهي رهيو هئس، انور روئيندو ۽ قربان کلندو رهيو. ان کان اڳ مون کي اها به غلط فهمي هئي ته هن جي نظر ۾ قوپرست ڪجھه به نه آهن، اهي مرن يا جيئنِ، تنهن ۾ هن جو ڇا؟ پر جڏهن بشير قريشيءَ جي شهادت تي سنگت ڏوڪري ميڙاڪو ڪوٺايو، دوستن قرب ڪري مون کي ڪاروائي هلائڻ لاءِ چيو ۽ مون جڏهن “آئون نه گڏي پرينءَ کي” وارا بيت پڙهيا ته انور جي اکين جا آگم ڀرجي آيا ۽ ڪجھه دير بعد جڏهن اسٽيج تي آيو ته پنهنجي جذبن تي ڪنٽرول نه ڪري سگھيو ۽ ڍنڍڪرون ڏئي روئي ويٺو.
انور ڏنگڙائيءَ جا ٻئي پٽ هوشو ۽ هيمون توڙي جو اعليٰ تعليم حاصل نه ڪري سگھيا پر هُو پنهنجي ڪم جا سٺا ڪاريگر آهن، جن رڳو گھر جو بار کڻي ورتو آهي پر پيءُ کي به خرچو ڏين ٿا. اهي کيس ڏنگڙي مان ڏوڪري لڏائي آيا آهن، جتي هو صبح جو ڪتاب کڻي ارباب فقير جي آستاني تي انب جي وڻ هيٺان رلهي وڇائي جو لکڻ پڙهڻ واري ڪم ۾ لڳي ٿو ته وري شام جو ٿو اُٿي، ان ڪري چيم ته ڏوڪري شهر جي آسپاس اوهان، چشمي پاتل ڪراڙي شخص کي ڪنهن وڻ هيٺان وڇايل رليءَ تي، ڪتاب ساڻ ڪري پلٿي ماري ويٺل ڏسو ته ان کي نجومي عرف پروفيسر سمجھڻ جي غلطي نه ڪجو، پڪ ڄاڻو ته اهو انور ڏنگڙائي آهي.
***

يارل سومرو ۽ سندس خاندان: مڻيادار ماڻهن جو ويڙهو

ٻلهڙيجيءَ جي جامع مسجد ۾ جمعي جي نماز پڙھندي ناني غلام الله پيرزادي کان خدائي واءُ وهي ويو. ڌماڪو وڏو هو، آواز سڀن جي ڪن پيو. ان کان اڳ جو ٻيو ڪوئي ڳالهائي، ڌڻيءَ پاڻ هيڏانهن هوڏانهن نظر ڦيرائي ڀرسان نماز پڙھندڙ ڪاڪي يارل سومري کي مخاطب ٿي چيو: “يارل اٿي ٻيهر بوضون (وضو) ڪري آ۔” جيئن ته يارل ان ڏوهه جو ڏوهاري نه هو، ان ڪري نه مان نه مان ڪرڻ لڳو، تنهن تي ناني غلام الله وڏي آواز ۾ چيس: “واھ ڙي پڪا مسلمان! هڪ نماز ۾ ٽٽ ڏيو، مٿان وري مسيت ۾ ڪوڙ هڻو. ميان ڪجھه خيال ڪيو.” ايڏي پراعتماد دڙڪي تي ڪاڪي يارل کي ٿورو شڪ پيو ته شايد اها غلطي کانئس ئي سرزد ٿي وئي ۽ هن کي خبر نه پئي۔ وري به شڪ دور ڪرڻ لاءِ هن جماعت کي مخاطب ٿي چيو: “ڀائرو اوهان به نماز ۾ هئا۔ سچ ٻڌايو ته اهو آواز ڪيڏهون آيو ؟” جماعت مان هڪ ڄڻي چيو: “سائين آيو ته ادي يارل جي پاسي کان، باقي وڏيڪ خبر ناهي۔” هاڻي شڪ جي ڪابه گنجائش نه هئي. ڪاڪو يارل پنهنجي جاءِ تان اٿي، شرمائيندو شرمائيندو وضو ڪري ٻيهر نماز پڙهڻ بيهي رهيو، پوءِ ته اهو مسجد جو دستور ٿي ويو، واءُ ڪنهن کان به وهي، ٻيهر وضو ڪاڪي يارل کي ڪرڻو پوندو هو. ان ڳالھه مان ئي هن جي سادگيءَ جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو.
ڪاڪو يارل بِنهه سِڌو سادو انسان، مسجد جو مؤذن ۽ ڌنار هو. صبح جو اٿي ڳوٺ وارن جو مال ڪاهي جھنگ ويندو هو ۽ موٽي اچي مسجد وسائيندو هو. آواز وڏو ۽ مٺو هئس. ان وقت مسجدن ۾ لائوڊ اسپيڪر نه هوندا هئا، ڳوٺن ۾ ماڻهن وٽ گھڙيون ۽ گھڙيال به نه هئا. رات جو ستارا ۽ ڏينهن جو پاڇا ڏسي وقت جو تعين ڪيو ويندو هو. ڪاڪي يارل جي سُريلي ٻانگ ڪوهن تي ٻڌبي هئي. ويجهن ڳوٺن جي ڪيترن ئي هارين نارين ۽ پورهيتن جي چوويهن ڪلاڪن جي شيڊول جو دارومدار ڪاڪي يارل جي بانگ تي هو. اهي بانگ ٻڌي ڪم ڪار لاءِ نڪرندا هئا۔
ڪاڪي يارل کي ٽن پٽن جو اولاد ٿيو. سڀ کان وڏو عبدالرشيد، ٻيو پنهل ۽ ٽيون محمد ڄام. هن جو وڏو پٽ رشيد ڪي ٻه درجا پڙھيل هو ۽ کيس ڳوٺ ۾ ننڍڙو دڪان هو، سنهڙو سيپڪڙو مڙس هو۔ ڪاڪي يارل جو ٻيو پٽ محمد پنهل سومرو پرائمريءَ واري وقت کان ئي هوشيار شاگرد ليکبو هو. والدين جي معاشي حالت پٽ پڙهائڻ جهڙي نه ھئي. پُٽس هوشيار هو، ان ڪري سندس ڪجھه گھڻگھرن ان سلسلي ۾ سندس حوصله افزائي ڪرڻ سان گڏ ھن جي مدد به ڪئي پر گھڻي ٽيڪ وڏي پٽ عبدالرشيد جي هئس، هي اسانجي ڳوٺ جو پهريون گريجوئيٽ ھو. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ ستت نوڪري ملي ويس۔ سندس ننڍي ۾ ننڍو پٽ محمد ڄام انتهائي سادو ۽ درويش قسم جو ماڻھو هو. هر شخص کي سڄي نالي سان سڏيندو هو، يا عمر ڪنهن کي اڌ نالي سان نه سڏيائين. موصوف هڪ درجو به پڙھيل نه هو، تڏهن به “خودرو بيٽ عملدار” جي حيثيت سان روزانو اسڪول جو دورو ڪندو هو. سندس بجڪي ٽافين، قلمن ۽ ٻئي سامان سان ڀريل هوندي هئي ۽ اهي شيون شاگردن ۾ ورهائيندو رهندو هو. جيئن ته هو پاڻ کي صاحب سمجھندو هو جنهن کي ڳوٺ وارن قلب سان قبوليو به هو ۽ “صاحب” سندس نالي ۾ شامل ڪري ڇڏيو هو. اڄ تائين ڄام صاحب ئي سڏجي ٿو. قد جو هلڪو، ننڍڙي چاپئين ڏاڙھي.... فقير يار محمد جي سامهون ٿيندو هو ته، چوندو هيس: “ڄام صاحب ياعلي مدد!” تڏھن هي جواب ۾ چوندو هو: “سائين! اسان اهڙا ناهيون.”
پنهل نوڪري ملڻ کان پوءِ پنهنجي کاتي جي هڪ آفيسر جي ڌيءَ سان شادي ڪئي ۽ ڳوٺ سان ناتو ٽوڙي ڇڏيو. مختلف هنڌن ۽ عهدن تي رهيو۔ جتي جتي به نوڪري ڪيائين اتي فيملي سميت رهيو. جيئن ته غربت واري جهان ۾ مائٽن مان ڪنهن به سندس مدد نه ڪئي، ان ڪري هن پنهنجي مائٽن سان ڪنهن به قسم جو تعلق نه رکيو، البت ڪاڪو رشيد ٻلهڙيجيءَ ۾ رهيو پر پوءِ 1980ع ڌاري هي به ڏوڪري لڏي ويو جتي کيس ننڍڙو دڪان هو. ڏوڪريءَ ۾ ڳوٺ جي ڪنهن به ماڻھوءَ کي ڏسندو ته کانئس حال احوال ضرور وٺندو هو۔ ڪاڪي يارل اتي ئي وفات ڪئي. ڏوڪريءَ جي قبرستان ۾ جاءِ مليس. پنهل کي مون پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪڏهن نه ڏٺو، البت ڳوٺ جي انوکي ڪردار محمد ڄام سان ملڻ ٿيو جنهن کي هڪ دفعو ڪاڪو رشيد ڳوٺ وٺي آيو هو۔ ڏهاڪو سال اڳ، پنهل ۽ اُن بعد ڪاڪو رشيد به وفات ڪري ويو۔ مون سمجھيو ته هاڻي ڪاڪي يارل جي خاندان جو ڳوٺ سان تعلق ختم ٿي ويو هوندو پر ائين نه هو۔ پنهل جي پٽ فهيم سومري پيءَ جا سڀ مٽ ڳولهي لڌا. هن ڏوڪريءَ جي ٻاهران چنا پل جي ساڄي پاسي پنهنجي پيءُ جي نالي سان پنهل آباد ڪالوني قائم ڪئي آھي ۽ پنهنجي آسڻ کي سنڌ جي ثقافتي ماڊل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آھي.
اڄ ڪاڪو يارل مڻين مٽيءَ هيٺ آرامي آھي پر ڳوٺ جا جھونڙا اڃا به چون ٿا ته هن جي نمازن ۽ هر هر وضوءَ جو ئي نتيجو آهي جو اڄ ڪاڪي يارل جو خاندان گھڻن کان آسودو آھي.

مائي ٽمي ابڙو: جفا ڪش هارياڻي

سنڌ جي هر ڳوٺ توڙي واهڻ وستيءَ ۾ اوهان کي مردن سان گڏ زائفائون به کيتن ۾ ڪم ڪندي نظر اينديون. اهي پورهيت عورتون هر ڪاهڻ، رونبو ڪرڻ، جھار هڪلڻ،گُڏ ڪڍڻ، لاباري ۽ ڳاھ ڳاهڻ تائين هر ڪم ۾ مردن سان گڏ گڏ هونديون آهن پر هتي جنهن ڪردار جو ذڪر ڪري رهيو آھيان، ان جا اٺ ئي پهر هارپي جي حوالي هئا. ڊگھو قد، منهن توڙي بت ۾ ڀريل، سدائين ور کُنجيل، اصل گوڏن تي شلوار، پير اڪثر اگھاڙا ۽ مٽيءَ سان ڀريل، گِهرو سانورو رنگ، ڪڙڪيدار آواز؛ اها هئي بگيءَ جي رهواسڻ مائي ٽمي ابڙياڻي. مون جڏهن کيس ڏٺو ته هوءَ پوڙهي ٿي چڪي هئي پر تڏهن به ديهه لانهياري جو ڪوبه هاري هن جيڏِي گاھ جي ڀري نه کڻي سگھندو هو. ها باقي سندس هم عمر ٻڌائيندا هئا ته جوانيءَ ۾ ڪوبه جوان مڙس هن جي ٻڌل گاھ جي ڀريءَ جو هڪ پاسو به نه پٽي سگھندو هو.کيڙيءَ کان ميڙيءَ تائين هارپي جي هر ڪم ۾ ڀڙ ھئي ۽ تر جا جفاڪش هاري به ساڻس مقابلو نه ڪري سگھندا هئا.
ماسي ٽميءَ جون ڪچھريون ۽ حال احوال مردن سان هوندا هئا. هن ننڍپڻ ۾عورتن سان گڏ سهرا لاڏا چيا هجن ته چيا هجن پر جيئن ئي ٻنيءَ سان پيچ پيس ته هن عورتن جي محفلن ۾اٿڻ ويهڻ ئي ڇڏي ڏنو. شادين، ڪاڄن ۽ ٻڪين تي ته هار سينگار جا مقابلا ٿيندا آهن؛ اُتي ڀلا اهڙي عورت ڪيئن وڃي سگھي ٿي جنهن جا گوڏن تائين ور کُنجيل هجن، جنهن جي چولي جي ٻنهي پاسن کي ڳنڍ ڏنل هجي ۽ جنهن جي بدن مان پائوڊر ۽ پرفيوم بدران پگھر بوءِ ايندي هجي.
هڪ اندازي مطابق اندازي مائي ٽمي 1930 ع ڌاري بگي ڳوٺ ۾ ...... جي گھر ڄائي. پندرهن سورهن ورهين جي ڄمار ۾ سندس شادي ڪرائي وئي. هن جو مڙس حسن فقراءَ سڌو سادو شخص هو، جنهن کي ڪن رڳ جي سور جي آئڍ ڏيڻ کان سواءِ ٻيو ڪو ڪم نه ايندو هو ۽ پاڙي وارن جو مال مهاڙ تي چاريندو هو. ٻني ٻاري جي ڪم سان اچيس نه وڃيس، ان ڪري به ماسي ٽميءَ کي هارپو ڪرڻو پئجي ويو پر پوءِ پوکي راهيءَ سان اهڙو پيچ پئجي ويس جو هيءَ ٻنيءَ جي ٿي وئي، باقي دنيا سان هن جي ڪڏهن ڪانه پئِي.آڌي مانجھي هن جي ڊوڙ ٻنيءَ تائين هئي.
اسان جي معاشري ۾ اڪيلي عورت لاءِ گھر کان ٻاهر نڪرڻ ئي وڏو مسئلو هوندو آھي پر ماسي ٽمي لانهياري ديهه ۾ ائين گھمندي هئي ڄڻ پنهنجي گھر ۾ هجي. آسپاس جا ڪتا اچي گڏ ٿيندا هئا، انهن جي باهوڙ پئي پوندي هئي جو چڱا ڀلا به اڪيلي زمينن تي وڃڻ کان ڪئه کائيندا هئا پر ماسي ٽميءَ کي ڪڏهن به ڀئه ڀولو نه ٿيو. وٽس خوف جو نالو نشان ئي نه هو. هن کي سدائين ڏاٽو، پاهوڙي، کرپي، ڪوڏر، ڪهاڙي؛ مطلب ته ڪونه ڪو هارپي جو هٿيار ساڻ هوندو هو. هن جو اڪثر مٿو اگھاڙو هوندو هو يا وري گاهه وارو بوڇڻ مٿي تي ايئن ويڙهيل هوندو هئس جو پهريون ڀيرو ڏسندڙ تڪڙ ۾ نه سمجھي سگھندو ته هي مرد آھي يا عورت! پنيون ڦنڊيل هونديون هيس جنهن مان واضح ٿيندو هو ته هن جي سڄي عمر پورهيو ڪندي گذري آ. ماسي ٽمي پن جي ٻيڙين جي موالڻ هوندي هئي. ان کان علاوه ڀوڳائڻ به وڏي هئي, جهڙي ڀوڳائڻ هئي. اهڙي ئي ڏنگي به هئي. هڪ ڀيري اسان جي ڳوٺ جا ٻه نوجوان سندس ٻنيءَ مان چوريءَ گاھ لڻي رهيا هئا جو ماسي ٽمي اچِي مٿن ڪڙڪِي. همراهه سج اڀرڻ کان اڳ واردات لاءِ آيا هئا پر آڏو به ماسي ٽمي هئي جيڪا به وڏي اسر سان اٿي ٻنيءَ تي آئي هئي. هن ڪڙڪيدار آواز ۾ ھڪل ڪري کين للڪاريو. هڪل سان همراهن جا ڍڍر ڍرا ٿي ويا. ماسيءَ جو ڏاٽو ڏسي هنن کان ڀڄڻ ئي وسري ويو. ماسي ٽميءَ ٻنهي ڄڻن کان گاھه جون ڀريون کڻائي ڏيڍ ڪلوميٽر پنڌ ڪرائي بگيءَ وٺي آئي.
ماسي ٽميءَ جي سخاوت جون ڳالهيون اڃا به پيون ڳائبيون آهن. گھران ٿهو مانين ۽ لسيءَ جي گھاگھرکڻي نڪرندي هئي. رستي سان ٻنين ۾ ڪم ڪندڙ ھر هاريءَ کان پڇندي ويندي: “ابا ماني آئي اٿوَ.” اهي چوندس:امان، اچي ويندي. تڏهن هيءَ چوندن: ”ابا هڪ ڊڳڙي ۽ لسيءَ ڍڪ ڏيانءِ. جيستائين گھران ماني اچئي تيستائين ٻل ڪر!“ ماسي ٽمي محنت ڪري گھر ٺاهيو. مڙسهنس سدائين پرايا ڍور چاريا پر هن پنهنجون مينهون ۽ ڳئون ڌاريون. مال کي پاڻي پيارڻ لاءِ دادو ڪئنال تي ايندي هئي ته اتي ڌنارن جي محفل مچي ويندي هئي. ڪچهري اهڙي مزيدار ٿيندي هئي جو ڌنارن کان اٿڻ نه ٿيندو هو.
ماسي ٽمي اڌ عمر کان پوءِ ھڪ بيک ڪيو. شايد ڪا بيماري هيس پر ماڻھو چوندا هئا ته کيس جن آھي ۽ هن به مڃيو ته ها مون کي فقير آھي. هن جي اعلان جي دير هئي؛ ويساھ وڪوڙيل ڳوٺاڻن کي اعتبار اچي ويو. سندن ڪابه شيءِ گم ٿي ويندي هئي ته ماسي ٽميءَ سان رجوع ڪندا هئا. فقيرياڻي ڪڏهن ڪا درست پيشنگوئي نه ڪئي، مڙئي اونڌا ابتا اندازا، جن جي نتيجي ۾ ڪڏهن ڪڏهن وڏا ڏچا به ٿي پوندا آهن. شڪر جو هن سان اهڙي ڳالھه نه ٿي. مائي صاحبه سائل جي ڳالھه ٻڌي پاڻ کي اڇي چادر ۾ ويڙهي ڄڻ استخارو ڪندي هئي ۽ ٿوري دير کان پو۽ چادر مان نڪري “اصل حقيقت” جو انڪشاف ڪندي هئي. چون ٿا ته هڪ ڀيري ڏنگڙي ڳوٺ جا ڪجھه ماڻھو ڪو مسئلو کڻي وٽس پهتا. مائي ڪا ٻنيءَ تان ٿڪجي موٽي هئي. جيئن ئي چادر ويڙهي ويٺي ته کيس ننڊ وٺي وئي. همراھ ٻه ٽي ڪلاڪ انتظار ڪري ماندا ٿي پيا. نيٺ سڏ ڪيائون. خبر پين ته مائي ننڊ جي واديءَ ۾ وڃي پهتي هئي.
هن کي هڪ پٽ بگن عرف بگو ٿيو جيڪو به هاڻي هن دنيا ۾ ناهي رهيو. مائي ٽمي 2005ع ۾ وفات ڪئي

استاد بچل خان جتوئي: ڪلاسيڪل جيپ ڊرائيور

بچل خان جتوئي هئو ته ڊرائيور پر ٺاڪ ڦوڪ ۽ ڪپڙي لٽي ۾ ڪنهن نواب کان گھٽ هرگز نه هو. لاڙڪاڻي ضلعي جي محراب پور ڳوٺ جو ويٺل هو. هِن ئي ڳوٺ جي مولوي غلام رسول جتوئيءَ جا سنڌيءَ ۾ لکيل خطبا سڄي سنڌ جي مسجدن ۾ اڄ به پڙهيا ويندا آهن. محراب پور جي جتوئي خاندان جو وڏو، رئيس حاجي غلام مصطفيٰ جتوئي هزارين ايڪڙ زمين رکندڙ شريف زميندار آهي. ان کان علاوه پنجاهه کن اهڙا خاندان ٻيا به هوندا جن وٽ 100 کان 500 ايڪڙ زرعي زمين ٿيندي پر بچل خان وٽ هڪ ويسو به ٻنيءَ جو نه هو پر ڳوٺ جو ڪو به رئيس ۽ وڏيرو ڪپڙي لٽي ۾ ساڻس مقابلو نه ڪري سگھندو هو. رئيس غلام مصطفيٰ جتوئي ته سادگي پسند انسان هو، سدائين سنهو پهراڻ ۽ بوسڪيءَ جو پٽڪو ٻڌندو هو ۽ هميشه رک (ڪِري) واري ماني کائيندو هو، جڏهن ته سندس ڊرائيور بچل خان چيئرمين جي ڪپڙي وارو پيڄي لڳل ٻن طرن وارو پٽڪو ٻڌندو هو. جيپ هلائيندي پٽڪي جو هڪ طرو جيپ جي دريءَ مان ٻاهر جھنڊي وانگر ڦڙڪندو رهندو هو. پيرن ۾ مهانگو ولايتي بوٽ سو به ڪپڙن جي ميچنگ تي ۽ ڪپڙن جي سلائي به اهڙي جو ٻيا ماڻھو ويٺا حسرت ڀريل نظرن سان ڏسن! پنهنجي تر ۾ ته خير جهڙي ڳالھه هئي، کيس سڀڪو سڃاڻندو هو. رئيس وڏي جون سنڌ جي مختلف علائقن ۾ زمينون هيون. اوڏانهن جڏهن به گڏجي وڃن ته ماڻھو رئيس کان وڌيڪ بچل خان سان جھڪي ملن پر پوءِ جڏهن کين اصل حقيقت جي خبر پوندي هئي ته اهي خوشگوار حيرت ۾ پئجي ويندا هئا. ٻئي ڪنهن ته ڪڏهن به نه چيس پر هڪ ڀيري شڪارپور ۾ پنهنجي ذات واري هڪ همراهه کيس اهڙي پٽڪي نه ٻڌڻ جي صلاح ڏني ته بچل خان جذباتي ٿي ويو، چي: “پنهنجي پئسن مان پٽڪو ورتو اٿم، ڪهڙو پڻهين جو پاتو اٿم، جو توکي ڳالھه نٿي وڻي!” رئيس غلام مصطفيٰ خان به بچل جو پاسو کڻندي ان همراهه کي سٺي ڇنڊ پٽي. ائين مختلف علائقن ۾ ٿيندڙ دعوتن تي رئيس کي ڪارن مرچن ۾ رڌل دال نصيب ٿيندي هئي پر ڊرائيور بچل خان موچاري مانيءَ کي چڱي خاصي چِٿ ڏئي اٿندو هو. ان جي باوجود سندس ڏيل اهڙو جو ڄڻ مهيني کن کان ڪجھه نه کاڌو هجيس.
بچل خان کي جيئن ته وِڄ جا پاڻي هئا، ان ڪري نوڪريءَ کي لت هڻندي دير نه ڪندو هو، ان جي باوجود کيس بيروزگار نه رهڻو پوندو هو. ڪو نه ڪو ننڍو وڏو رئيس کيس پاڻ وٽ ڊرائيور رکي ڇڏيندو هو، ڇاڪاڻ جو ذات وارو هئڻ ڪري سندن عورتون به هن کان پردو نه ڪنديون هيون. ان ڪري ڪڏهن ڪنهن رئيس جو ته ڪڏهن ڪنهن رئيس جو ڊرائيور هوندو هو پر مجال آ جو سندن اوطاق تي وڃي. هن جي بيٺڪ سرائي شير محمد خان جتوئيءَ جي اوطاق هئي، جنهن کي پنهنجو زمين ٽڪر ۽ ماهيو مال هو. تر ۾ سندس وڏي واقفيت ۽ رهائي رسائي هئي. هن جي پٽن محمد خان، قربان جتوئي، قطب جتوئي، احمد خان جتوئي ۽ طارق جتوئي قومپرست سياست توڙي علمي ادبي کيتر ۾ سڄي سنڌ اندر سٺي سڃاڻپ پيدا ڪئي آهي. سرائي شير محمد خان جي اوطاق سندس پٽ محمد خان هلائيندو هو، جيڪو ان وقت ڳوٺ جي باغي نوجوان طور ڄاتو ويندو هو. پڙهيل لکيل هئڻ سان گڏ قومپرست ۽ ترقي پسند خيالن وارو نوجوان هو. ان سان گڏ شاعري ۽ راڳ سان بي انتها پيار ڪندڙ شخص هو. هن جي اوطاق ۾ مڌ جون محفلون به ٿينديون هيون ته سلفي لاٽون به هونديون هيون. خاصڳالھه ته اتي غريب ۽ امير ۾ ڪو فرق نه هو، ان ڪري بچل خان هن ئي اوطاق تي ايندو هو، جتي کيس پنهنجي پسند جا ٻئي نشا ملي ويندا هئا، چوندو هو: “وڏيرن جي اوطاق تي اهي وڃن، جن کي ڪو به ڪم نه هجي، اسان کي پنهنجي گھر جو ئي ڪم گھڻو آ، بيڪار ناهيان جو بيگر وهان!!”
بچل خان صوفي غلام سرور جتوئيءَ جو به مختلف وقتن تي ڊرائيور ٿي رهيو. صوفي صاحب، سائين چيزل شاهه ڀاڳناڙيءَ واري جو طالب هو. گيڙو ويس ڪندو هو، باقي هئو صوفياڻي مزاج کان ڪوهين ڏور. سال ۾ هڪ ٻه دفعو پنهنجي مرشدن جي شاندار دعوت ڪندو هو. ان پروگرام ۾ راڳ رنگ ۽ ننگر فقير هلندو هو، باقي سڄو سال عوام لاءِ آزار هو. دڳ سان ڪنهن سلام نه ڪيس ته پوليس کي پنج رپيا ڏئي همراه کي قلم 109 يا 110 ۾ چالان ڪرائي ڇڏيندو هو. ماهه رمضان ۾ سڄو ڳوٺ تراويحن جو انتظام ڪندو هو. ڳوٺاڻا مولوي ۽ نعت خوان گھرائيندا هئا، انهن جي کاڌي پيتي لاءِ حلوي جون ديڳيون لاهيندا هئا پر صوفي صاحب سدائين سندن رنگ ۾ ڀنگ وجھندو رهيو. صوفي سرور وري برڪت ڀريو مهينو شروع ٿيندي ئي ڀير گھرائي وٺندو هو. سج لٿي جي نماز کان وٺي فجر جي آذان تائين سندس اوطاق ۾ ڀير وڄندي رهندي هئي. مجال آ جو ڪو ڳوٺاڻو ننڊ ڪري سگھي يا ڪو مسلمان مولود ئي سمجھي سگھي. سڄي رات ڳوٺاڻن جي ننڊ ڦٽائي پاڻ روزو رکي سڄو ڏينهن لت کوڙيون ستو پيو هوندو هو. وري شام ٿيندي ئي ساڳيا لاٽون ساڳيا چگھه. سڀني کي جڪون ته ڏاڍيون اينديون هيون پر مائٽي ۽ وڏن جو واسطو ڏسي سڀڪو ماٺ ٿي ويندو هو. اهڙي شخص سان جالڻ جنجال کان گھٽ نه هو. بچل جهڙي من موجيءَ لاءِ ته نسورو عذاب هو. بچل خان ڪم ڪار کان واندو ٿي سڌو ڀِرا محمد خان جي اوطاق تي پهچندو. صوفي صاحب ڏانهن ڪو به ماڻھو لڙندو ئي نه هو. سو، نيٺ پنهنجي اوطاق واري تنهائي کيس به محمد خان جي اوطاق تي اچڻ لاءِ مجبور ڪري وجھندي هئي.
ڪچهريءَ ۾ هڪ ڏينهن صوفي غلام سرور صاحب ڀِرا محمد خان کي صلاح هڻندي چيو: “سڀاڻي مرشد ڪريم سائين رکيل شاهه جن جو ميلو آهي، هلو ته اوهان کي پنهنجي ڪار ۾ گھمائي اچان، باقي اتي شراب جي اجازت ناهي، نه ڪو ملي سگھندو، اها ڪس توهان کي کائڻي پوندي.” ڀِرا محمد خان چيس: “اسان توسان ميلي تي گڏ هلون ٿا، اتي توکي شراب لاءِ نه چونداسين، باقي جي ملي ويو ته پوءِ اسان جي مرضي آهي.” ان ڳالھه تي صوفي سرور راضي ٿي ويو. همراهه جيئن ئي ميلي ۾ پهتا ته کين پنهنجي سنگت ملي وئي، جن خدمت چاڪريءَ کان پوءِ کين مڌ جون ڪجھه بوتلون به ڏنيون. هنن پنهنجي بيٺڪ تي پهچي گلاس ڀرڻ شروع ڪيا. صوفي صاحب محمد خان ۽ دوست کي ته ڪجھه نه چئي سگھيو، البته بچل خان کي پيئڻ کان منع ڪيائين ته همراهه مڇرجي پيو. ڪار جي چاٻي مالڪ جي منهن ۾ هڻندي چوڻ لڳو: “وٺ پنهنجي چاٻي، مان بس ۾ چڙهي ڳوٺ پهچندس، مان تنهنجو ڊرائيور آهيان، ڪو زرخريد غلام ناهيان. پنهنجي پورهئي جي ٿو پگھار ڏِين. زندگي منهنجي آهي، اها پنهنجي مرضيءَ سان جيئندس.” صاحب في الحال ته چاٻي پاڻ وٽ رکي. هوڏانهن بچل خان ويو گلاس مٿان گلاس چاڙهيندو. ٻئي ڏينهن ٻنهي کي اچي ڳڻتيءَ ورايو ته ڳوٺ تائين ڪار ڪير پهچائيندو. ان مجبوريءَ سبب صوفي صاحب کي گھٽ ٿيڻو پيو. هن بچل خان سان پنهنجي رويي تي معذرت ڪئي. اهو ٺاهه رڳو ڳوٺ پهچڻ تائين هو، واپس محراب پور پهچي ٻنهي هڪٻئي کان رستا ڌار ڪري ڇڏيا.
هڪ ڀيري بچل خان جو ننڍڙو بيمار ٿي پيو. وٽس ڏوڪڙ نه هئا. سرائيءَ کان ڏوڪڙ وٺڻ لاءِ بنگلي تي پهتو پر هن سندس ڳالھه ٻڌي اڻ ٻڌي ڪندي چيو “اسان کي ٻارن سان هينئر ئي لاڙڪاڻي وڃڻو آهي، اسان کي لاڙڪاڻي کڻي هل.” ساڻن رئيس وڏو، سندس گھر واري ۽ ڪجھه صغير ٻار به ويٺل هئا. بچل خان ٿورو اڳتي هلي، جيپ جي اسپيڊ وڌائيندي رئيس کي چتاءُ ڏيندي چيو: “هي توهان جو آخري سفر آ، هاڻي ڪلمو ڀري وٺو. هڻان ٿو جيپ کي رائيس ڪئنال ۾، مان ته مرندس پر توهان جهڙين جزائن مان به خلقِ جي جند ڇٽي پوندي. اڙي، منهنجو ٻچڙو بخار ۾ پيو مري، اوهان لاءِ ڪا ڳالھه ناهي. توهان کي جڏهن منهنجي ٻچن جو احساس نٿو ٿئي ته مون کي توهان جي ٻچن تي ڪهڙي ڪهل پوندي. بس، اڄ مرڻ لاءِ تيار ٿيو!” هن جا اهي سخن جيپ ۾ ويٺلن جي دلي تي ويهي ويا. ان مهل ته ڪنهن به هن سان ڪجھه نه ڳالهايو. البته هڪٻئي کي اهو چوندا رهيا ته بچل خان صحيح ٿو چوي. لاڙڪاڻي پهچي هنن تڙ تڪڙ ۾ گاڏي خالي ڪري بچل خان جي حوالي ڪئي ۽ کيس چڱا خاصا پئسا ڏئي واپس روانو ڪيو.بچل خان 2005۾ اٽڪل 65 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪئي.
***

ماڇين جا ڀوڳ

منهنجي ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ جي ماڇين جي ڀوڳن تي ڪيترائي ڪتاب لکي سگھجن ٿا. سڀ جا سڀ زندھ دل انسان آھن. ڏکن ڏوجھرن ۾ به منهن تي مرڪ هوندي اٿن. غمن گوندرن ۾ کلڻ ته جيڪر هنن کان سکجي. ماڇين جي شادي هجي يا قضيو؛ ان ۾ چرچا ضرور ڪن. هنن وٽ چرچن جي معاملي ۾ ننڍ وڏائيءَ جو لحاظ ڪار ناهي. ٺھي آيو ته پُٽ، پيءُ کي ڀوڳ وهائي ڪڍنڊو. ان ۾ ڪنهن سان به ڪا رعايت نه ٿيندي؛ رڳو مڙس ڍاڪ تي چڙھي اچي، اصل مٿو مٿي تي ايندس. گفتو نڪرندي ئي ڪچهريءَ ۾ موجود هر ماڻھوءَ جا پيٽ ۾ هٿ هوندا، اصل کُرڙيون پيون لڳنديون پر مجال آ جو پاڻ ڳالھه پوري ڪرڻ کان اڳ کِلن. جيئن ته شادين ڪاڄن تي اڄ ڪلھه ٻيا خفڙتال گھڻا ٿيندا آھن، ان ڪري اتي اهو ڀرپور حظ حاصل نه ڪري سگھبو آھي، باقي اها ڪسر سندن تڏي تي پوري ٿي ويندي آھي جو اتي سڀ هڪ هنڌ هٿيڪا هوندا آھن. ڪيترن جا نالا ڳڻائجن. زندگيءَ جو سفر جاري آھي. هڪڙا ڀُونءِ ڀيڙا ٿين ٿا ته ٻيا اچي سندن جاءِ والارين ٿا. ايئن وڏڙن واري زنده دلي به نئين نسل ڏانهن منتقل ٿيندي رهي ٿي. وڏن جي وڏي ڳالھه ھئي پر ننڍا به گھٽ هرگز نه آھن.
خانصاحب محبوب عرف ڪڪو ماڇي، مولا بخش عرف مولائي ماڇي، سعيد خان عرف سعدو ماڇي ۽ سهراب ماڇي هڪ هنڌ گڏ ويهن ته ڀوڳ نگر جڙي ويندو آھي.
سهراب جي وڏي ڀاءُ محراب 23 فيبروري 2018ع تي وفات ڪئي. هن جو پٽ گاجي ماڇي به وڏو چرچائي آھي. هڪ ڏينهن ڪاڪو محراب شھپرن کي خضاب ڪري پُٽ جي هوٽل تي اچي ويٺو. همراهه پنهنجي ليکي ٺهي سنبري آيو هو پر سندس ڏاڙھي ٿورو وڌيل هئي ۽ شھپرن واري رنگ سان ميچ نه پئي ڪري.گاجي پيءُ جو جائزو وٺڻ کان پوءِ ھوٽل تي ويٺل گراهڪن کي مخاطب ٿيندي چيو: ”اچيوَ ٿي، ڀڃو ڳجھارت: اڇو بوٽ ڪاريون ڪهيون ...“ ڪجھه ماڻھن ڌڪ هنيا پر ڪاڪو محراب پُٽس جي معنيٰ خيز مرڪ مان ئي ڳالھه سمجھي ويو ۽ گاجيءَ کي هڪ عدد پيار ڀري گار سان گڏ گھروڙي ڀونڊو ڏئي هوٽل مان نڪتو هليو ويو.
محراب جي لاڏاڻي تي تعزيت لاءِ اسان ڏاڏي وريل فقير جي مئخاني تي پهتاسين. دعا گھرڻ کان پوءِ ماڇين جي نوجوان اسان کي اک ڀڃي سهراب سان ڪچهري ڪرڻ لاءِ چيو. حفيظ ۽ آئون سندس سامهون ٿي ويٺاسين ته هن سُر سمجھندي چيو: ”يار، متان اڄ گھڻيون ڳالهيون ياد نه پون، ان ڪري مولائيءَ کي به سڏائي وٺو.“ مولائيءَ کي سڏايوسين ته سعدو به اچي سهڙيو. ٽيئي همراھ 60 ورهين جي ڄمار کان چڙھي هليا آھن. منهن مهانڊي ۽ قد بت ۾ ھڪٻئي کان مختلف پرٽنهي کي مها داستان گو چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. ان ڏينهن کلي کلي کيرا ٿي پياسين. ها، کلڻ سان گڏ ڪنهن وقت اکين جا آگم به ڇلڪي ٿي پيا. ڪچهريءَ ۾ جيڪي ڳالهيون ٿيون، جيڪي قصا بيان ڪيا ويا؛ دل ته چاهي ٿي ته اهي سڀ ويهي لکان پر ڇا ڪجي جو سندن اڪثر ڳالهيون اخلاقيات جي ماءُ ڀيڻ هڪ ڪري ڇڏينديون.
سهراب پنهنجي ويجھي مائٽ محمد يوسف عرف جوسي ماڇيءَ جو قصو کنيو (جوسو ماڇي قد جو پِستڙو ۽ بت ۾ ڀريل هوندو هو. ڏاندن جي گوءِ جو شوقين هئڻ ڪري سدائين وٽس ڪونه ڪو ڀٽارو بيٺل هوندو هو. هن جي سڀني ڏاندن کٽيو گھٽ ۽ هارايو گھڻو) ”هڪ ڀيري لاڳيتو پنج گويون هارائڻ کانپوءِ مامي جوسي ڇهين گوءِ ٻڌي ته جوڻس ڪاوڙجي پيس، چي: مئا، کٽين ته هڪڙي به گوءِ نٿو، اجايو ڏاند ڀٽاري کي ڊوڙائي ماريو اٿئي...! مامي جوسي اهڙي اعتراض کي بدسئوڻ سمجھندي زال کي پيرين پوندي چيو: هروڀرو وهم نه وجهه، تون رڳو دل سان دعا ڪر، موليٰ سڻائي ڪندو... مائي ويچاري مڙس جي پيرين پوڻ تي صفا ميڻ ٿي ويئي. مڙس جي پٺي ٺپيندي چيائين: چڱو وڃ، دستگير سوڀ ڏيندئي... گوءِ ٿي. معمول جي ابتڙ هن ڀيري مامو جوسو سوڀارو ٿي موٽيو. همراھ ڪپڙن ۾ نه پيو ماپي. ميدان کان ڳوٺ تائين نعرا هڻندو آيو. گھر پهچڻ شرط زال کي ٻِٽا ڀاڪر وجھي، ملهن وانگر مٿي پٽي، ڦيرائي ڦيرائي، خوشيءَ مان گد گد ٿيندي چيائين: صدقو وڃانءِ، شريعت ۾ زال ٿي پئي آھين، باقي دعا ماءُ واري ڪيئِي!”
سهراب ٿوري ساهيءَ کانپوءِ هڪ ٻيو قصو کنيو: ”هڪ ڏينهن هن ئي جاءِ ٿي ويهي رسو وٽي رهيا هئاسين. ٽاڪ منجھند جو ٽاڻو هجي. اصل ڪانوَ جي اک پئي نڪتي جو وڏيرو اِمن اچي پهتو ۽ اچڻ سان ئي پڦڙ قائم جي پڇا ڪيائين. جڏهن کيس ٻڌايوسون ته اهو شھر ويو آ ته وڏيري کان ٿڌو ساهه نڪري ويو. اسان به پريشان ٿي وياسين. پڇيوسين: وڏيرا خير ته آھي، پڦڙ قائم ۾ ڪهڙوڪم هُيوَ؟ وڏيري چيو: يار، اڄ هن مهل تائين ڪوبه اهڙو ماڻھو نه ٽڪريو آھي جنهن کي چيڙايان. ان ڪري هيڏي آيس ته قائم هوندو پر اهو به ناهي، هاڻ منهنجو ڏينهن ڪيئن گذرندو! وڏيري اِمن جي اها ڳالھه ٻڌي کيس مشورو ڏنم ته مامي جوسي کي سڏائي وٺ. وڏيري پڇيو: جوسو چاٻي به کڻندو الائي نه! چيومانس ته اوهان رڳو نياپو ڪري کيس گھرايو، باقي ڪم منهنجو آ... وڏيري ڪنهن ٻار هٿان کيس نياپو موڪليو ته مامو جوسو انگوڇي جي گوڏ سان نڪتو آيو، جنهن کي روايتي طرح پويان ڳنڍ ڏنل هئي. وڏيري اٿي کيس ڀاڪر پاتو ۽ پنهنجي سامهون وهاري ساڻس اوڀاريون لهواريون ڪرڻ لڳو ته ان دوران مان وڏي احتياط ۽ ڪاريگريءَ سان مامي جوسي جي گوڏ جي ڳنڍ کولي ويس. اهو ڪم ڪري، ٿورو پرڀرو وڃي ننڍڙو ڀتر وهائي ڪڍيومانس ته همراهه جيئن ڇال ڏئي اٿيو ته گوڏ اچي پيرن ۾ پيس. پوءِ ته جهڙي گار اسان کي تهڙي وڏيري کي.”
سهراب ڳالھه پوري ڪئي ته حفيظ، مولائيءَ کان معلوم ڪيو:”ڀلا، اها نانگ واري ڳالھه ڪيئن؟” مولائي قصو بيان ڪندي چيو: “سورهن ورهين جو هئس. تڏهن اسان جي ڳوٺ جا ٻه همراھ ٻن ڏينهن اندر ڪکجي فوت ٿيا ته خوف پکڙجي ويو. تڏهن ملڪ مٿان موت جو راڄ نه هو. ڪڏهن ڪو خون ٿيندو هو يا حادثي ۾ ڪو ماڻھو فوت ٿيندو هو ته سڄي تر ۾ هراس پکڙجي ويندو هو ۽ مهينن جا مهينا اها ڳالھه پئي هلندي هئي. ٻن ڏينهن اندر ٻن ماڻهن جي اوچتي موت واري واقعي سڄي ڳوٺ کي ڳڻتي ڏيئي ڇڏي هئي. جاتي ڪاٿي اها پچار هجي. اسان (بابو، ڀائو ۽ مان) بصرن جي پنيري پٽي رهيا هئاسين جو مون ڏٺو ته مار، بابي جا گابا ته ڍڪ تي پيا وڃن! اتي مون نانگ واري ڳالھه به چوري ڇڏي. بابي جو خيال هو ته ٻنهي همراهن کي ساڳئي نانگ کاڌو آ ۽ ان جي هوڙ ۾ ماڻھوءۡ جو رت لڳو آ، تنهن ڪري جيستائين اهو نانگ مرندو نه تيستائين ٻين ماڻهن کي به ڳولي ڳولي کائيندو...! بابي جي ڳالھه جاري هئي جو مون هڪ ڪانو سيري ورتو، جنهن کي ٿوري چهنب به نڪتل هئي. بابي کان نظرون بچائيندي، اهو چهنبارو ڪانو سندس آلت ۾ چُڀائي ڏنم ته هلڪو ڇرڪ ڀري هيٺ جو ڏٺائين ته رت وهندو ڏسي دانهن نڪري ويس:”اڙي، مون کي نانگ کائي ويو!“دانهن ڪري ٻاريءَ ۾ ڦھڪو ڪيائين ته اسان ٻئي ڀائر وٺي ڀڳاسين. پٺيان بابا جي دانهوڙ پئي پوي.ڀرسان ٻنيءَ ۾ بيٺل همراھ هن جي رڙين تي ڀڳو آيو. پڇڻ تي بابي ٻڌايس ته کيس نانگ ڪکي ويو آهي. همراهه پڇيو: ڪٿي؟ بابا چيس: ڏيکارڻ جهڙي جاءِ ناهي. ان تي همراھ ٻاريءَ مان ڪانو کڻي ڏيکاريندي تسلي ڏنس ته نانگ نه کاڌو اٿئي. تو وارا ڇورا هي ڪانو هڻي ڀڄي ويا اٿئي... اهو ٻڌي ابو ڪجھه سامت ۾ آيو ۽ چوڻ لڳو: مون سمجھيو ته نانگ مون کي ڪکي هاڻي منهنجي ڇورن جي پٺيان پيو آھي ۽ اهي ڊپ کان ڀڳا ٿا وڃن...“ رات جو بابا امان کي دانهن ڏيندي چيو ته ”تو وارو مولو مون کي ماري چڪو آھي، رڳو هٿ اچي... ڏسجان، ڪيئن ٿو لٺين مان ڪڍانس...”
هنن جون ڳالهيون ٻڌي مون کي پري ماڇياڻي ياد اچي ويئي جيڪا وڏي چرچائڻ هئي.”جن سين لنئون لاڳي“ ۾ سندس خاڪو شامل آهي. مائي پري سعدوءَ جي ماءُ ۽ مولائي ۽ سهراب جي پڦي هئي. سهراب کان پڇيم: ”ڀلا، پڦي پريءَ جي جوڙ جي ٻي ڪا چرچائڻ مائي به ڳوٺ ۾ ٿي يا نه؟“ ان تي سهراب ٻڌايو ته ”مائي قائمه خاتون جي آڏو پڦي پري ڪجھه به نه هئي. ان کان سڄو ڳوٺ ونءُ ويندو هو. هڪ ڀيري پنهنجي ڌنار پٽ لاءِ ماني کنيو پئي وئي ته دڳ ۾ ھڪ هاريءَ چرچو ڪندي چيس: ماسي قائمه، پٽ لاءِ کير نٿي کڻي وڃين، وهڪجي وئين آھين ڇا؟ان تي ٺهه پهه جواب ڏيندي چيائين: ابا، مون کي ته وهڪئي ورهيه ٿيا، باقي جوڻهين ڏهڻي ڪري آندي هئم پر اها به لڳ تي آهي...”
مولائي اسڪول واري دور جون ساروڻيون ساريندي چيو ”اسان واري زماني ۾ استاد پنهنجي سڄي گھر جو ڪم شاگردن کان ڪرائيندا هئا. ڪم به اهڙو جو چڱو ڀلو مزور به نه ڪري سگھي. اسان ته غريب جا ٻار هئاسين پر وڏيرن جا پُٽ به استادن جو ڪم نوڪر وانگر ڪندا هئا. اصل مالڪن جي منهن تي، استاد کين گڏهه وانگر وهائيندا هئا پر ڪنهن کي اعتراض جي جرئت ڪانه ٿيندي هئي. جيئن ته مان پڙھڻ ۾ به جڏو ته ڪم ۾ به ڏُڏو هوندو هئس. استاد چڻن جي پلي پٽڻ لاءِ ته موڪليندو رهندو هو. مون کان پلي پٽِي نه ٿيندي هئي، ان ڪري چنبو کن پلي پٽي اچي لئيءَ جو پاسو وٺندو هئس ۽ لئيءَ جو ٻُور روڙي ٽٻڻو ٽٻٽار ڪري، پليءَ جو ٻُڪ کن مٿان وجھي اچي اسڪول پهچندو هئس. ڪجھه ڏينهن ته ايئن ڪم پئي هليو. نيٺ استاد کي گھران رپورٽ ملي ته پليءَ ۾ اڌ کان وڌيڪ لئيءَ جو ٻور به اچي ٿو. هڪ ڏينهن جيئن ئي اسڪول پهتس ته پلي وٺڻ بدران در وٽ چُپ ڪري بيهڻ لاءِ چيو ويو. ان جو سبب پڇڻ تي خبر پئي ته اڄ پلي چيڪ ٿيندي! اهو ٻڌندي ئي ٽٻڻو اڇلائي کڻي کڙين تي زور ڏنم...”
” ٻئي ڀيري استاد ڪنهن کان گارو ڪرائي اهو شاگردن کي ڍوئڻ لاءِ چيو. گارو ڏسندي ئي ٻرو چڙهي ويو. ساٿي شاگردن کي چيم: ٻيلي، هي گارو گھڻو آھي، سڄو ڏينهن ڍوئينداسين تڏهن به نه کٽندو. منهنجي صلاح مڃو ته هتي ئي کڏو کڻي گارو ان سان ڀري مٿان مٽي وجھي ٿا ڇڏيون. استاد پڇي ته چونداسين: سائين گارو ايترو هو جيڪو اسان ڍوئيو. صلاح سڀني کي وڻي. هڪدم ان تي عمل شروع ٿي ويو. گھڙي نه گذري ته اڌ گارو کڏي ۾ پئجي ويو ۽ اڌ کڄي ويو. استاد به اچي ويو، کيس ٻڌايوسين ته جيڪو به گارو هو اهو ڍوئي وياسين. استاد ڳالهائيندي ڳالهائيندي کڏي ڏي وڌڻ لڳو جنهن کي مٿان سڪي مٽي وجھي صفا من ڪري، واردات لڪائي ڇڏي هئي سين. استاد کي رنڊائڻ ۽ کڏي ڏي وڌڻ کان روڪڻ جي گھڻي ڪوشش ڪئي سين پر هن دڳ نه مٽيو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي سيني تائين گاري ۾ گپجي ويو. ان مهل سائين جن به ڏسڻ جهڙا هئا پر سڀن کي سر جي لڳل هئي. جيئن تيئن ڪري ٻاهر نڪرڻ کان پوءِ سائين ٻين کي ٿوري مار ڏني پر مون کي سنهي بُهه مان ڪڍي ساهه پٽيائين جو سڀ همراھ منهنجي مٿان بيهي ويا ته اها پلاننگ مولوءَ جي هئي.”
***

ٻهروپيا سيد

سنڌ جا سادا لوڪ هونئن ته ٻاهران ايندڙ هر ماڻھوءَ کي جيءَ ۾ جايون ڏيندا آهن پر جنهن سيد سڏايو، ان جي خاص خدمت ٿيندي. سنڌي هندو هجن يا مسلمان، سيد جو خاص خيال رکندا. ان کي ٻين کان سٺو بسترو ڏيندا، ٻار کڻندا ته ٽويو سيد سڳوري لاءِ ضرور ڪڍندا. ان کان سواءِ ساڻن هر طرح جو ونڊ ڪندا رهندا. جيڪڏهن سيد ۾ ڪا اوڻائي هوندي ته به ان کي ڍڪيو پيا ڍڪيندا. واندن خليفن جا بار بار بيان ڪيل معجزا، پهاڪا ۽ چوڻيون ور ور پيا ورجائيندا: “سيد ميرو ته به پنج سيرو.” سادڙن سنڌين جو اهو ويساهه آهي ته جيئن ڪنو پاڻي به باهه وسائي ڇڏيندو آهي، تيئن عيبدار گناهگار سيد به سندن ڀرجھلو ٿي سگھي ٿو، سندن دوزخ جي باهه کي ڇنڊو هڻي سگھي ٿو! سنڌي لوڪن جي اهڙي سادگي ڏسي ٻاهران ايندڙ ڌنڌوڙي به اڪثر سيد سڏائي مفت جو مال ڪُٽي روانا ٿيو وڃن. اسان جي تر ۾ مختلف وقتن تي ڪيترائي شاطر شخص ٻاهرون آيا، جن هتي اچي سيد سڏايو. هونئن ته انهن جي وڏي لسٽ آهي پر ڊيگھه کان بچڻ لاءِ اهڙن ٽن ڄڻن (سيد) رڦڙ شاهه، (سيد) ايوب شاهه ۽ (سيد) خضر شاهه جو ذڪر دلچسپيءَ کان خالي نه هوندو.
(سيد) رڦڙ شاهه: سنگل باڊي ۽ وچولي قدر وارو هي همراهه هئو ته پنجاب جي ڪنهن علائقي جو پر گھڻو وقت سنڌ ۾ گذاريائين. سائينءَ جوپڪو سانورو رنگ حبشين کي به شهه ڏيون بيٺو هوندو هو. رات جو ڪپڙا تن تي اوڍيل نه هجنس ته ڪنهن کي نظر ئي نه اچي. همراهه حڪيم ۽ سنياسي هو. ماڻهن جو خانگي موبائيل ڊاڪٽر وانگر علاج ڪندو وتندو هو. دوائن ٺاهڻ ۾ جيڪي ڪم ايندڙ جڙيون ٻوٽيون مفت ملي وينديون هئس. اسان جي تر جي هڪ ڳوٺ ۾ اچي رهندو هو. سڀ ڳوٺاڻا سندس تعظيم ڪندا هئا. سائين جيڪو ڪمائيندو هو، اهو پنهنجي اصل ڳوٺ کڻي ويندو هو، باقي ماني ٽڪي ڳوٺ وارا کارائيندا هئس. ڪپڙو لٽو به اهي ڌورائي ڏيندا هئس. دوائن ٺاهڻ لاءِ اڪ، ٽوهه ۽ ٻيا جھنگلي وکر به کيس نذراني طور ملي ويندا هئا. ان وقت ماڻهن وٽ پئسو به گھٽ هوندو هو، ان ڪري حڪيم سڳوري کي علاج جي فِي طور ڪو ڍور ڍڳو ڏئي ڇڏيندا هئا ۽ اهو به ڳوٺاڻن کي ئي چارڻو پوندو هو. سيد سڳورو ايندي ويندي ٻلهڙيجيءَ ۾ پهر کن ضرور گذاريندو هو.ٿورو آفيم جو موالي به هو، ان ڪري ٻلهڙيجي گھڻو ايندو هو، جو هِتان سندس نشي جو پورائو ٿي ويندو هو.
ڪنهن ڳوٺاڻي جي نياڻي چمڙيءَ جي بيماريءَ ۾ ورتل هئي.پڻهس حال سارو ڌيءَ جو علاج ڪرايو پر ڪٿان به فائدو نه پيس. لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽرن به جواب ڏئي ڇڏيو، سو هن اچي سيد سڳوري کي عرض رکيو ته “سائين منهنجي ڌيءُ به توهان جي آهي، ان جو علاج ڪريو، سڄي عمر توهان جي غلامي ڏينداسين.” رڦڙ شاهه ان جو علاج ڪيو ۽ ڇوڪري چاڪ ٿي وئي. هڪ ڏينهن ڳوٺ وارا ويٺا اوطاق تي ڪچهري پيا ڪن جو رڦڙ شاهه اوچتو اچي ڪڙڪيو، چي:“ڇوڪريءَ جو مان علاج نه ڪيان ها ته مري وڃي ها. هاڻ اها مون کي ڏيو ته ڳوٺ وٺي وڃانس.” اهڙي ڳالھه همراهن کي بتال ڪري ڇڏيو.هنن سوٽيون کڻي رڦڙ شاهه ڏي وڌڻ شروع ڪيو. هڪ اڌ لٺ لڳڻ کان پوءِ هن ڀڄڻ ۾ ئي عافيت ڄاتي. کيس پيرين اگھاڙي پورو ميل پنڌ جو ڀڄڻو پيو. ٽاڪ منجھند جو ٽاڻو هو، ڌر تتل هئي، ڪجھه ٽڪرو ڪلراٺي زمين ۽ کوٻاکڙ هئي، ته ڪٿان ڪانڊيرا ڦٽل هئا پر رڦڙ کي باهه ۾ ڪا خبر ئي نه پئي. فقير يارمحمد جي مئخاني۾ پهتو ته سندس پير سڄيل ۽ رتورت هئا. پيرن ۾ پُرڪڻا ۽ لڦون پئجي ويون هئس. فقير، سندس اهڙي حالت ڏسي ان وقت ئي گُلي گھرائي پاڻيءَ ۾ وجھي، کيس اُن ۾ پير ٻوڙڻ جو چيو ۽ ان بعد هن کان حال احوال ورتا. رڦڙ شاهه ٻڌيو ته هنن جي هڪ همراهه مون کي پاڻ علاج عيوض اُن ڇوڪريءَ جو سڱ ڏيڻوڪيو هو. ان تي فقير يارمحمد چيس “اها ڳالھه صحيح هوندي، باقي جنهن طريقي سان اوهان گھر ڪئي، اهوطريقو نامناسب هو.“ ايتري ۾ وڏيرو اِمن ۽ استاد علڻ به مئخاني ۾ پهتا. استاد علڻ رڦڙ شاهه کي ڏسندي ئي کل ۾ ٻُٽجي ويو ۽ وڏيري اِمن سان مخاطب ٿي چوڻ لڳو: “وڏيرا، هو ڏس! نيرا ٿس پير ۽ ڪارو ٿس منهن ...” ائين چئي استاد وري کل ۾ ويڙهجي ويو. ان واقعي کان پوءِ رڦڙ شاهه جيئن جو ويو ته وري خبر نه پئي ته ويو ڪيڏانهن.
(سيد) ايوب شاهه: ايوب شاهه به ائين ئي اچي اسان جي تر ۾ پرگھٽ ٿيو. همراهه ڪٿان جو هو، ڪير هو؟ ان جي ڪا به خبر نه پئِي، باقي هئو سرائيڪي وسيب جو. ٻڌائيندو هو: ”لال شهباز قلندر جي ميلي تي آيو هئس، هاڻي دل سنڌ ڇڏڻ نٿي چاهي. اصل سبب شايد اهو هو ته هتي بنا ڪنهن محنت مزدوريءَ جي مانَ۽ مانيءَ سميت گھڻو ڪجھه ملي رهيو هو، جيڪو سندس پنهنجي ديس ۾ ملڻ ناممڪن هو. همراهه جو تڪيه ڪلام هو: “چٽڙي پڌر تي دل لُٽائي بيٺي هون” ان ڪري ”چٽڙي پڌر وارو سائين“ سڏبو هو. همراهه ٻلهڙيجيءَ جي درگاهن ۽ مختلف ماڻهن جي اوتارن تي رهيو پيو هوندو هو، جن ڪڏهن به کانئس ڪنهن ڪرامت ڏيکارڻ جي تقاضا نه ڪئي پر همراهه جيئن ته ڪاني ڪرامت جو صاحب هو، ان ڪري پنهنجي ڪرامت جي مظاهري لاءِ بي قرار رهندو هو. هڪ ڏينهن هن اعلان ڪيو ته هو سڀاڻي رات مري ويندو، جنهن کي به ساڻس ڪچهري ڪرڻي آهي، اهو پير باغ علي جي اوطاق تي اچي. اسان جا ٻه همراهه غلام سرور ولد فتح محمد پيرزادو ۽ شبير ولد خدا بخش پيرزادو سندس وڏا عقيدتمند بڻجي ويا. اهي سڄي ڳوٺ کي ڪانڍ ڏئي آيا ته “سائين چٽڙي پڌر وارو اڄ رات پيالو ڪري ويندو، سو سائينءَ سان الوداعي ڪچهري ڪرڻي اٿوَ ته اچو.” اهڙي ڳالھه کي ڪو غلط سڏي پيو ته همراهه وڙهڻ لاءِ تيار ٿي پي ويا. چون: ”اوهان الله کي ئي ناهيو مڃيندا، سيد کي ڪيئن مڃيندا! ڀيڻانءِ،ههڙا تهڙا...!
نيٺ اها ڀلاري رات به آئي. ايوب شاهه کي سائي چادر تي وِهاريو ويو. اچي سڄو ڳوٺ گڏ ٿيو. جيئن ته سائين چرس سان به وڏو چاهه رکندو هو ۽ ٿوري امل ذري به واپرائيندو هو، ان ڪري ماڻهن پاڻ سان آفيم ۽ چرس به آندو هو. اگربتيون ٻري ويون. ڪو پاڻ سان حلوو کنيو پئي آيو ته ڪو سَئيون، ڪنهن گوشت جي ڀاڄي آندي ته ڪو چانهه لاءِ کير کنيو آيو. ائين ڪاٺين جو به ڍڳ گڏ ٿي ويو. سلفين جي دونهين سان سڄي رات شغل جاري رهيو. ايوب شاهه جي مُک تي سَرهائيءَ جا آثار واضح هئا.
“يار مرڻ وارو ماڻھو هيئن خوش نه ڏٺوسين!” ڪنهن سُرٻاٽ ڪيو.
“اڙي مرڻ کان ڊڄندا آهن تو مون جهڙا ماڻھو، سائينءَ جو ته هي به پنهنجو گھر آ ته هو به پنهنجو گھر! مرضي ٿس، هتي رهي يا هُتي!” ڪنهن عقيدتمند دل جي ڳالھه ڪئي.
جڏهن رات لڙي ته اڌ ڳوٺاڻا اٿي ويا، باقي ماڻھو معجزو ڏسڻ لاءِ ترسي پيا. سائين پنهنجي مٿان چادر تاڻي سمهي پيو. سڀن سمجھيو ته هاڻي شاهه صاحب جي دم پرواز ڪرڻ جو ٽاڻو اچي پهتو آهي پر سائينءَ جن زنده رهيا. سائينءَ جي علي الاعلان وصال تي عمل نه ٿيڻ جو سڀ کان گھڻو ارمان سندن وڏي عقيدتمند غلام سرور جن کي ٿيو. نيٺ تنگ ٿي ايوب شاهه جي کٽ جي مٿان بيهي چوڻ لڳو: مرشد، وڏو انتظار ڪرايوٿي، هاڻ آخري هڏڪي ڏي يا ته مان گھٽو ڏئي ساهه ٿو ڪڍانءِ.” شاهه صاحب پهريان ته منهن تان چادر هٽائڻ لاءِ تيار نه هو پر وڏي عقيدتمند پارانبي ادبيءَ واري ڌمڪي ٻُڌي اٿي ويهي رهيو. جيڪڏهن ايوب شاهه مري وڃي ها ته سرور ۽ شبو سندس اولين مجاور ٿين ها پر هاڻي هي مٿس تي ٻري رهيا هئا جو هنن ئي سڄي ڳوٺ ۾ سندس مرڻ جو پڙهو گھمايو هو. نيٺ شاهه صاحب کي ڀاڙي جا پئسا ڏئي رڦوچڪر ٿيڻ لاءِ چيو ويو پر هو ڳوٺ مان نڪرڻ کان پِڙ ڪڍي بيهي رهيو: “اسان آيا به پنهنجي مرضيءَ سان آهيون، وينداسين به پنهنجي مرضيءَ سان!” ان تي هڪ همراهه اکيون ڳاڙهيون ڪندي چئي ڏنس “سرڪار، جڏهن توهان پنهنجي مرضيءَ سان مري نه سگھيا ته پنهنجي مرضيءَ سان هتي رهي ڪيئن سگھندئو! هاڻي توهان کي هتان ٽپڙ گول ڪرڻا پوندا.” پوءِ ته وڏا ڀوڳ ٿيا. همراهه لاءِ سڀ در پورجي چڪا هئا، ان جي باوجود هتان وڃڻ لاءِ تيار هرگز نه هو. اڳ ۾ جيڪي ماڻھو ايلاز ڪري اوطاقن تي وٺي ويندا هئس، اهي به منهن مَٽي ويا. ڪنهن ڏي اوطاق تي لڙي وڃي ته ڪوئي کيس هٿ ڏيڻ لاءِ به نه اُٿي، نه ڪو مانيءَ جي پڇا ڪريس! اهڙي طرح، مئخاني تي وڃي ته موالي نشو پتو لڪائي ڇڏين. سلفي ٺاهين ته پاڻ ڇڪي وڃن ۽ هي ڏسندو رهي، نه ته اڳ ۾ سلفي سَر ٿيڻ بعد پهريان سيد ڇڪيندو هو، پوءِ ٻِي اُمت. همراهه ڄڻ آسمان تان سڌو اچي کُوهه ۾ ڪِريو هو. عقيدتمندن جي بي رخي هن جا هوش خطا ڪري ڇڏيا، هاڻ هو چرين وانگر پنهنجو پاڻ سان ڳالهائيندو وتندو هو. ان دوران هڪ ٻن نوجوانن سان جهيڙو به ڪري وڌائين. ڪنهن وڏي نقصان جي خدشي سبب نيٺ کيسپڪڙي پوليس جي حوالي ڪيو ويو. اتي هن کي پنهنجا وارث ۽ انهن جا فون نمبر ياد اچي ويا، جيڪي کيس ڇڏائي پاڻ سان وٺي ويا. اهي ڏينهن هي ڏينهن، ايوب شاهه وري هن پاسي موٽ نه ڪئي.
(سيد) خضر شاهه المعروف قيدي شاهه:همراهه جڏهن اسان جي ڳوٺ ۾ پرگھٽ ٿيو ته هن جو سڄو جسم لوهه جي زنجيرن سان جڪڙيل هو. پيرن ۾ وزني ڪڙا پيل هئس. ان سان گڏ سيني تي هڪ وڏو تئو به ٻڌل هئس، جنهن تي “سيد خضر شاهه” اسم اُڪريل هو. اٺ ئي پهر اڌمڻ لوهه کڻي هلڻ ڪا گھٽ سزا ڪانه هئي. ان حوالي سان همراهه سيد قيدي شاهه يا قيدي سائين به سڏبو هو. اسان وٽ باقراڻين جي ابڙن سان گڏجي آيو هو. ڪي ٻه سال کن وٽن به رهيو. همراهه جي زنجيري پوشاڪ ڏسي ماڻھو سندس عقيدتمند بڻجي پيا ۽ هي به انهن جو قرب ڏسي هتي رهي پيو. قيدي شاهه جسم تي سنگھرون سجائي گھٽين ۾ گھمندو هو ته ماڻھو عقيدت مان سر جھڪائي ڇڏيندا هئا. ناد وڄائي ان جي ٻوليءَ ۾ “هُو هُو” ڪندو وتندو هو. رنگ جو پڪو سانورو، زٽڪو، قد درميانو، مهينو کن باقاعده فقيرن وانگر چپ رهيو، پوءِ آهستي آهستي کُلڻ لڳو. خبر پئي ته همراهه سيد ۽ فقير هئڻ سان گڏوگڏ ڳائڻو، ڊانسر، ذاڪر ۽ گھوڙي سوار به آهي. اسان جي ڳوٺ ۾ راڳ ويراڳ ٿيندو رهندو هو. ٻين جو راڳ ٻڌي ٻڌي هڪ ڀيري هن جي روح به سٽ کاڌي ته استاد جانو ماڇيءَ کي چوڻ لڳو: ”مان ڳايان ٿو، تون باجو وڄاءِ.“سندس ڳائڻ مان اندازو ٿيو ته هن ڪنهن استاد فنڪار کان راڳ جي سکيا ضرور ورتي هوندي، جو ديسي راڳ راڳڻين سان گڏ پڪو راڳ به ڪري ويندو هو. آواز صفا سٺا نه هئس پر بي سرو به نه هو. ڊانسر به اهڙو جو “ڪيا بات هَي!” هيڏو سارو وزني مڙس هو پر رقص ڪندي انگ انگ وري ويندو هئس. مهينو ٻه ڳوٺ جي آسودن ۽ چرس کپائيندڙن جي خرچ پُکي تي هليو پر ٻيا ڪيترو ڏيندا؛ اها ڳالھه ڳڻي هن ڳائڻ شروع ڪيو. اهڙو فنڪار نه هو، جو سڄي محفل کڻي وڃي پر تر ۾ ڪٿي به ڪنهن شادي وهانءَ ۾ محفل ٿيندي هئي ته سائين جن به اتي پهچي ويندا هئا: “بابا، سيد جو ٻچڙو آهيان، پهريان مون کي ٻه ٻول چوڻ ڏيو.” اهڙي نموني پنهنجي کيسي خرچي ڪڍي وٺندو هو.
قيدي شاهه ذاڪر به هو. محرم جي مهيني ۾ مجلسون پڙهندو هو. وڏن اجتماعن ۾ ته نه باقي ننڍي پيماني تي تر ۾ جيڪي مجلسون ٿينديون هيون، اتي دعوت ڏئي وٺي ويندا هئس.اهو به اعلان ڪيل هئس ته هو جِن ڪڍندو آهي. هونئن ته اسان جي تر ۾ جِن ڪڍڻ وارا ڍونگي هزارين، جيڪي جِن کي موج ۾ آڻڻ لاءِ سُرندي جو استعمال ڪندا آهن. سرندي جي لئي تي همراهه جي لهر پئي لڳندي آهي پر خضر شاهه ان ڪم لاءِ هارمونيم ڪم آڻيندو هو. هڪ دفعي ته اهڙو تماشو مون به پنهنجي اکين سان ڏٺو. هڪ همراهه آيو، جنهن ٻڌايو ته سندس چکڻ واري حِس ختم ٿي وئي آهي. هو کٽي، مٺي، کاري ۽ ڪڙي جو ڪو به فرق نٿو ڪري سگھي، شايد مٿس غيبات جو اثر آهي. ٻلهڙيجيءَ ۾ وڏيري نواب ابڙي جي اوطاق تي جِن ڪڍڻ جو پروگرام رٿيو ويو هو. باجي جا سُرگونجي رهيا هئا.لوبان ۽ اگر جي بوءِ ۾ ساهه ٻوساٽجي رهيو هو. مون کي ته ڪجھه به نظر نه آيو، البت منهنجي دوست اختيار ٻڌايو ته هن ڪا شيءِ قيدي شاهه جي جسم ۾ ويندي محسوس ڪئي ۽ ان وقت ايتري بدبوءِ آئي ڄڻ ماڻھو چمڙي جي ڪارخاني ۾ موجود هجي. استاد اختيار ٻڌايو ته قيدي شاهه وٽ جيڪا جنڙي آهي، اها ڪا باگڙياڻي آهي، جنهن ۾ رڳو ڌپ ئي ڌپ آهي. سائين اختيار جي ڳالھه ٻڌي مون کان کل ڇڏائجي وئي. قيدي شاهه کي جِن ڪڍڻ جي نذراني طور ڪاري رنگ جو وڏو ڇيلو مليو ۽ مريض به ٻڌايو ته هاڻ هو پاڻ کي صحتمند محسوس ڪري رهيو آهي. مهيني ڏيڍ کان پوءِ قيدي شاهه آزاد ٿيڻ جون ڪوششون ڪرڻ لڳو.هن، آهستي آهستي ڪري سڄو قيد لاهي ڇڏيو، باقي وڃي ناد ۽ نالي وارو تئو بچايائين.
ڪجھه وقت کان پوءِ فقيري ترڪ ڪري باقاعده دنياداريءَ ۾اچي ويو. بدن تان لاٿل لوهي قيد به ڏوڪڙن تي کپائي ڇڏيائين. همراهه ٻلهڙيجي ڇڏي درياهه پار ڪچي ۾ هڪ ننڍڙي زميندار جو ڪمدار بڻجي ويو. سڄو ڏينهن هارين تي حڪم هلائيندو رهندو هو. هڪ گھوڙو ڌاريائين، جنهن تي چڙهي سڳين کان ٻلهڙيجيءَ ايندو ويندو هو. اتي همراهه ۾ سنڌين واريون عادتون به اچي ويون: هڪ هاريءَ جي خوبرو نينگر سان اک اڙائي ويٺو. جڏهن اُن نوجوان جي شادي جي تاريخ ٻڌي پئي وئي، تڏهن قيدي شاهه سندن وارثن کي ڏاڍا ايلاز ڪيا ته ڇوڪرو اڃا ڪچو آ، هن کي ٻه اڍائي سال نه پرڻايو پر هنن سيد جي صلاح کي امتيءَ جي ڳالھه جيتري به اهميت نه ڏني. هڪ ڏهاڙي زميندار جي چِٺي کڻي سڳين ۾ جنس جي واپاريءَ کان ٻه ٽي لک وٺي جو غائب ٿيو ته وري نظر نه آيو.

اسان جي ڳوٺ جا سيد سڳورا

اسان جي ڳوٺ ۾ سيدن جا چار پاڙا آهن. پراڻي ڳوٺ وارن جيلاني ۽ متارن جي پنهنجي تر ۾ وڏي مريدي خادمي آهي. نئين ٻلهڙيجيءَ ۾ لڪياري ساداتن جو وڏو ويڙهو آهي. هنن جا پنهنجي تر ۾ مريد نه آهن. سندن ٻيا مائٽ رشتيدار سڪرنڊ ۽ ٽنڊي الهيار ۾ ويٺل آهن. مريد سانگھڙ ضلعي ۾ اٿن. لڪياري سيدن جون بچاءَ بند جي اندرئين پاسي ڪچي ۾ ٻنيون آهن جن ۾ ٻيرين جا وڏا وڏا وڻ آهن. ان سان گڏ چڻن ۽ مٽرن جا فصل به ڪندا رهندا آهن.
سائي ٻنيءَ ڏي سڀ ڪو لڙي پوندو آهي پر سيد اهڙي قسم جي کشٽ سهن ئي ڪونه. ڪنهن ٻير ميڙيا يا ٽاري پٽي ته اُهو سنئين لڱين نه موٽندو. سيد پري کان ئي اهڙي گار ڏيندا جيڪا باقاعدي محسوس ٿيندي، پوءِ جي همراهه ڊڄڻو يا صفا صابرين هوندو ته ماٺڙي ڪري هليو ويندو پر جي ٿورو کٽو هوندو ۽ جواب ڏنائين ته جھيڙو شروع ٿي ويندو. بس هڪل جي دير هوندي. ٻنيءَ کان وٺي گھرن تائين پکڙيل سمورا سيد “نه ويندو، پهتو پهتو” ڪندا گڏ ٿيندا ويندا. پوءِ وفد ڪري ٿاڻي پهچندا. ڦُر جو ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ رڙيون واڪا ڪندا. گھڙي نه گذرندي ته ڳوٺ ۾ رُڳو پوليس ئي پوليس هوندي. ڳوٺ جا وڏڙا ته سيدن جي زمين ڏي لڙندا ئي نه هئا پر ٻار ڪٿي ٿا مڙن! ٻارڙا ٻير ميڙڻ ۽ پلي پٽڻ جو ڪوشش ڪندا هئا پر گار ٻڌندي ئي رکندا هئا کڙين تي زور. رُڳو ايئن نه هو ته سيد سڳورا سدائين اُمتين سان جھيڙا ڪندا هئا. پاڻ ۾ به پاڻي ٿيندا رهندا هئن. جھيڙي جو سبب ٻنين جا دنگ هئا. هر ڇماهيءَ تي تپيدار گھرائي ٻنين جي نئين سر ماپ ڪرائڻ سندن معمول ۽ محبوب مشغلو آهي. اهي سيد سڳورا پهريان حسن واهڻ ڀرسان ڳوٺ ڍنڍ ڀر ۾ ويٺل هئا. ديهه بگي ۽ ديهه ابڙي پوٽا ۾ سندن ڪجھه سروي نمبر هئا. ڍنڍ ڀر ڳوٺ پائجڻ کان پوءِ 1947ع ۾ ٻلهڙيجيءَ مان لڏي ويل هندن جي جاين ۾ اچي ويٺا. ورهاڱي کان پهرين سيد ڪمال شاهه، سيد امام علي شاهه، سيد قاسم شاهه ۽ سيد جيئندل شاهه جا گھر هوندا هئا، هاڻي ته ڪڻي مان ڪيچ ٿي ويا آهن. مون وڏڙن ساداتن مان فقط سائين ڪمال شاهه ڏٺو، ٻيا منهنجي ڄمڻ کان اڳ گذر ڪري ويا. ڪمال شاهه ۽ جيئندل شاهه گھڻا آسودا ۽ وڏي ڳالھه وارا هئا. ٻنهي کي ٻنيون هيون، جيڪي نار وسيلي آباد ڪندا هئا.


سيد ڪمال شاهه
قدآوار ۽ بُت ۾ ڀريل مڙس هو. عربن جي جبي جهڙا وڏا پهراڻ پائيندو هو. سندس ڪنن جي سائيز عام ڪنن کان ٻيڻي ٽيڻي هئي. سائينءَ کي هڪ ڪُميت گھوڙو هوندو هو.
هڪ ڏينهن ڪو اوپرو شخص سندس پُڇا ڪندي اچي ڳوٺ پهتو. حال احوال ڪندي سائينءَ کي چيائين ته : “اوهان جي ڪُميت جهڙو ڪنهن وٽ گھوڙو ئي ناهي، پر ان جي چال ۾ ٿورو ڦير آهي، جيڪو مان ڪڍي سگھان ٿو.” ان ڏينهن گھوڙي جي چال ڏسڻ لاءِ سڙڪ تي سڄو ڳوٺ اچي گڏ ٿيو. اوپري سوار گھوڙي تي چڙهي، ان کي اُتر طرف ڊوڙايو. ٻه چار فرلانگ اُتر وڃي وري واپس موٽيو. چوٿين پنجين ڀيري شروعاتي قدمن تي پهچي وري جو اُتر ڏي آءُ ڪيائين ته ڌوڙ اُڏائيندو اکين کان اوجھل ٿي ويو. حالانڪه سوار کي ڏسندي ئي وڏيري اِمن ڪمال شاهه کي کي ڪن کڻايا هئا ته “سوار ٺڳ ٿو لڳي!” جنهن تي هيءُ چوي ته “ڪمال شاهه سان ڪير ٺڳي ڪري سگھندو!” پوءِ ته شاهه صاحب اٽو ٻڌي چور جي پُٺيان لڳو ۽ پورن ڇهن مهينن کان پوءِ نيٺ جيڪب آباد مان پنهنجو ڪُميت واپس ورائي آيو. سيد سڳوري ڳوٺ جي سمورين برادرين ابڙن، سارين، ماڇين، پيرزادن، ممڻاڻين ۽ جيسرن سان جھيڙا ڪيا. هن کي ٽي پُٽ مکڻ شاهه، سيد شهنشاهه ۽ سيد سبحان شاهه ٿيا. سندس پوٽن جو انگ ايڪويهه کن ٿيندو. ڪمال شاهه جي پُٽ سيد مکڻ شاهه ٻنيءَ مان گاهه ڪرڻ جهڙي معمولي ڳالھه تان ماڇين جي هڪ نوجوان کي قتل ڪري وڌو. پوٰءِ راڄوڻي فيصلي ۾ معافي ملي ويس. ڪمال شاهه 1982ع ۾ وفات ڪئي، ان وقت سندس عمر 80 ورهيه هئي.

سيد جيئندل شاهه:
مون سيد جيئندل شاهه نه ڏٺو، باقي سندس ٻئي پُٽ سيد ڪوڙل شاهه ۽ سيد صابن شاهه ڏٺا. منهنجي سمجھه ۾ اچڻ تائين ٻئي ڪراڙا ٿي چڪا هئا. وڏڙا ٻڌائين ٿا ته سيد جيئندل شاهه سنهڙو، سانورو ۽ قدآور مڙس هو. اڪثر سُرخ رنگ جي ڀلي گھوڙي تي سوار هوندو هو، مٿي تي سدائين پٽڪو ٻڌل هوندو هئس. اسپين جي دونالي بندوق هر وقت ساڻ هوندي هيس. سائينءَ جي ڪرائيءَ ۾ بهترين واچ ٻڌل هوندي هئي پر کيس ٽائيم جي خبر نه پوندي هئي. جڏهن ڪو کانئس ٽائيم پڇندو هو ته واچ ان جي آڏو جھلي چوندو هو: چڱو، مون کي به ٻڌاءِ ته ٽائيم گھڻو ٿيو آهي!
سيد جيئندل شاهه جو پُٽ ڪوڙل شاهه ۽ قاسم شاهه جو پُٽ حاجن شاهه دڪاندار هئا. ٻنهي جي دڪانن جو چلتو گھٽ هو، ان ڪري سڄو ڏينهن هڪ ٻئي سان وات ٽُڪاڻيءَ ۾ گذاري ڇڏيندا هئا. حاجن شاهه وڏو چرچائي ۽ کلڻو مڙس هو، ان جي ڀيٽ ۾ سيد ڪوڙل شاهه چيڙاڪ ۽ جذباتي هوندو هو. ٻئي ڄڻا هڪٻئي ڏي گراهڪ ايندو ڏسي هوڪو ضرور ڏيندا هئا. ڪوڙل شاهه تاش ۽ داڻيءَ تي جوا به کيڏندو هو. ان وقت جواري ڪنهن اوطاق بدران جھنگ يا کامن ۾ لڪي راند کيڏندا هئا. سيد ڪوڙل شاهه گلاسڙيءَ ۾ داڻو وجھي چوندو “آ ته پُٽ ڇڪو!” ان وقت حريف رڙ ڪري چوندا: “تِري!” تِري ٻڌندي ئي سائين چڙ مان گلاسڙي زور سان پنهنجي نرڙ تي وهائي ڪڍندو هو. سيد سڳوري جو نرڙ به مون وانگر ميدان هو، ان ڪري ڌڪ لڳڻ سان رت ٺينڍيون ڪري وهي هلندو هئس. راند ختم ٿيڻ تي جڏهن همراهه ڳوٺ ۾ داخل ٿيندا هئا ته ڀاڻس حاجن شاهه ٽوڪيندي چوندو هئس: “ٻيا همراهه راند تان موٽيا آهن، باقي ڪوڙل شاهه جن ڄڻ ماتام تان موٽيا هجن.” ان تي ڪوڙل شاهه جذباتي ٿي چوندو هيس: “نڀاڳا، تو ته برائي ڏني آهي!”
سائين حاجن شاهه ٻين سيدن وانگر اڳ ۾ ٻنا ۽ ٻاريون وٺندو هو، پوءِ اهو ڪم ڇڏي ڏنائين، ان جو سبب اهو ٻڌائيندو هو ته “هڪ دفعي هڪ ٻار تي ويس. ٻار جي چوڌاري پاڻي بيٺل هو، جنهن هاريءَ کي صفا تنگ ڪري وڌو هو. مون هاريءَ کان پُڇيو: ابا ڪيڏهون اچان؟ جواب ۾ هاريءَ چيو: سائين، ٻيو ته ڪو دڳ ڪونهي باقي مان پنهنجو لام لڪڻ ڊگھو ٿو ڪريان، اوهان ان تي چڙهي هليا اچو! اُهو ڏينهن ڏهاڙو، وري ڪڏهن ٻار يا ٻني تي نه ويس.”
سيدن سڳورن مان امام علي شاهه جو پُٽ دلاور شاهه پهريون ماڻھو هو، جيڪو مولوي محمد قاسم مشوريءَ جو چڳ وڍيو مريد ٿيو. هڪ اهلبيت امتيءَ جو مريد ٿئي، اها ڳالھه سيدن لاءِ ڏاڍي ڏُکي هئي پر جماعت جي مدد سبب دلاور شاهه ٻين سمورن سيدن کان آسودو ٿي ويو. هن پنهنجو وڏو دڪان کوليو ۽ پوءِ ان جاءِ تي مسجد جوڙايائين جتي سندس پيءُ جو مئخانو هوندو هو. دلاور شاهه ساليانو جلسو به ڪرائيندو هو، جنهن ۾ بريلوي جماعت جا خطيب، نعت خوان ۽ مداحي وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيندا هئا. باقي ٻين سيدن جي خبر ئي نه هئي ته اُهي سُني هئا يا شيعا. مسجد ۾ ايندا ئي نه هئا جو خبر پوي ته نماز هٿ ٻڌي ٿا پڙهن يا ڇوڙي. نه ڪي اُهي مجلسون يا ماتم ئي ڪرائيندا هئا. البته محرم ۾ گھرن تي علم پاڪ ضرور چاڙهيندا آهن. سيد ڪوڙل شاهه 1990ع ۾ وفات ڪئي، سيد حاجن شاهه 1982ع ۾ هي جهان ڇڏيو.
اعجاز شاهه: ڪوڙل شاهه جو ڀائٽيو سيد اعجاز شاهه ساڳيو ئي سندس سر آهي. منهنجو هم عمر ۽ هم جماعت رهيو آهي، اسڪول ۾ اعجاز شاهه جنهن تي ناراض ٿيو، تنهن کي مصيبت ۾ وجھي ئي وجھي. ڪيس ٺاهڻ لاءِ ڊوڙي ڊوڙي ڀت کي ٽڪر هڻندو، مٿو ڦاٽي پوندس، پوءِ ته ويچارا ماستر به مصيبت ۾ اچي ويندا هئا. رتو واهه ٿي گھر پهچي ٻڌائيندو هو ته ڦلاڻا ڦلاڻا وڙهيا آهن. پوءِ همراهه سڌو ٿاڻي تي پهچي فرياد داخل ڪرائيندا هئا ته ڦلاڻا بدمعاش اسان جي ڇوڪري کي زخمي ڪري کانئس ٻه هزار رپيا روڪ، منڊي ۽ واچ ڦري ويا آهن! مون وارو هم ڪلاسي جڏهن ست اٺ اهڙيون وارداتون ڪري چڪو، تڏهن وارثن کي به ڳالھه سمجھه ۾ اچي وئي. ان کان پوءِ هِن جي مٿي ڦاٽڻ جو وارثن ڪڏهن نوٽيس نه ورتو. اعجاز شاهه جو والد سيد صابن شاهه بادشاهه سدائين ٻنيءَ تي هوندو هو پر هي يار اوڏانهن لڙي ئي نه. چي: ان ڪم ۾ محنت وڏي ۽ اُپت گھٽ آهي. ان ڪري پاڻ سائيڪل تي گهور ڪرڻ سان گڏ ٻنا به وٺندا رهيا. ان مان کين ايتري بچت ٿي جو هاڻي موٽر سائيڪل ورتي اٿن، جنهن تي چڙهي اڄ ڪلھه پري پري تائين ٻاريون وٺڻ وڃن ٿا. کجين جي مند ۾ خيرپور تائين پهچيو وڃن. ڪجهه سال پهريان سائين اعجاز کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائڻ جي وڏي ڳڻتي هئي، جڏهن چيوسين ته سيد، اوهان کي سڃاڻپ ڪارڊ جي ڪهڙي ضرورت! تڏهن چڙي چيائون: “توهان کي ڪهڙي خبر، پري جا ماڻھو ونڊ گھرڻ تي شناختي ڪارڊ ڏسن ٿا، جو اڄ ڪلھه ڀيل باگڙي به سيد سڏائي ونڊ ورتيون وڃن، ڪنهن جي نرڙ تي ته سيد لکيل ناهي!” سائينءَ جو سگھارو دليل ٻڌي اسان کڻي ماٺ ڪئي.
***

سيد ڪاشل شاهه: ڇنڻ مور نه سکيا

سيد ڪاشل شاهه اسان جي تر جو اهڙو بزرگ هو، جيڪو دعا ۾ به گار جي برڪت شامل ڪري ڇڏيندو هو ۽ گار ڏيڻ ۾ ڪڏهن به جنسي تفريق روا نه رکيائين: جهڙي گار مرد کي تهڙي مائيءَ کي. ماڻھو وڏي چاهه ۽ چاڳ سان سندس گاريون ٻڌي فرحت محسوس ڪندا هئا. مرشد جي ماٺ کين ماندو ڪري وجھندي هئي، ان ڪري ڪا نه ڪا اهڙي حرڪت ڪندا رهندا هئا، جيئن دعا جو در بند نه ٿئي ۽ سائين جن جا لبِ شيرين هر وقت حرڪت ۾ هجن.
سائين ڪاشل شاهه سماج سان پير ڀريندڙ ۽ سڀ جو سڄڻ شخص هو، ٻن برادرين جي وچ ۾ اختلاف هجن يا ٻن ماڻهن ۾ اڻبڻت هجي، جيستائين سندن ٺاهه نه ڪرائي تيستائين ننڊ حرام هونديس. گفتو ئي اهڙو ڪڍندو، جنهن سان ڳالھه ڇڄي. ڳالھه حَق سچ واري ڪبي، رياءَ ڪنهن سان نه ڪبو.
1936ع کان اڳ اسان جي وڏڙن ۽ سائين ڪاشل شاهه وارن جو ساڳيو ڳوٺ هوندو هو، جيڪو هاڻوڪي گاجي ديري سامهون انگريزن پاران کوٽايل واهه جي ڪنڌيءَ تي آباد هو. 1936ع واري ٻوڏ بعد سائين ڪاشل شاهه ڏوڪريءَ ڀرسان ڇتو واهڻ وڃي وسايو، جتي سندس مائٽ ويٺل هئا پر پيرزادن کان ڀيرو نه ڀڳائين. ضعيفيءَ ۾ به ٻلهڙيجي توڙي ڪچي ايندو رهيو. ٻلهڙيجيءَ جا پيرزادا سندس مريد ته نه هئا، البته هن سان ڀائپيءَ وارو رستو هئن ۽ سائين ڪاشل شاهه پيرزادن جي ٻنهي ويڙهن لاءِ خاندان جي بزرگ واري حيثيت رکندو هو. وڏيري حسن علي پيرزادي (قربان صاحب جي والد) سان سندس دوستي هئي. ڊاڪٽر پيرزادي جو والد شفيع محمد عرف ملان جمن مريد ته درٻيلي وارن مخدومن جو هو پر ڪاشل شاهه تي ڄڻ عاشق هوندو هو. سندس خدمت ۾ اڳيان اڳيان هوندو هو. شڪار تي به ساڻس گڏ ويندو هو. ڪاشل شاهه وڏو شڪاري ۽ سگبان به هو. شايد ان ڪري به گاريون سوايون ڏيندو هو جو شڪار ۽ گار جو پراڻو ۽ انتهائي گھاٽو تعلق آهي.
سائين ڪاشل شاهه، وڏيرو حسن علي ۽ ملان جمن ٽيئي ڏوڏي پياڪ هئا. رات جو ڪاٺ جي وڏي ڪونڊي ۾ ڏوڏي پسائي رکندا هئا. صبح جو اٿڻ شرط پيالو پي، ٻي ڏوڏي ڪونڊي ۾ پسائي ڇڏيندا هئا. همراهه کٽن تي آهليا پيا هوندا هئا. نشڙن ۾ نيڻ سدائين ٻوٽيل. ڏوڏيءَ سان ڀريل ڪونڊو گھڙامنجيءَ تي پيو هوندو هو. ملان هارون سومرو نماز پڙهي، پير پير ۾ ڏيندو سندن مٿان اچي بيهندو ۽ هيڏي هوڏي ڏسي، ڪونڊي مان ڏوڏيءَ جو گلاس ڏوگھي، اوتروئي، گھڙي مان پاڻيءَ جو گلاس ڀري ڪونڊي ۾ وجھي، واردات ڊاهي روانو ٿي ويندو هو. هيڏانهن هي همراهه پريشان ته ڏوڏي نشا ڇو نٿي ڪري!جيتري ڏوڏي هي پيئن ٿا ايتري هاٿيءَ کي پيارجي ته ان کي به نشا ٿي وڃن. الائي وٽ کوٽا آهن يا ڦودني ۾ ڦير آ! يا ته ڏوڏي خصلت مَٽائي وئي آ يا ڪو چور لڳل آهي! نيٺ هڪ ڏينهن سائين ڪاشل شاهه ملان هارون کي واردات ڪندي ڏسي ورتو ۽ سنگت کي خبردار ڪندي هڪل ڪيائين: “ابا هو ڀيڻ چوت انڌو ته ڏسو، اسان سڄن کي ڦريو ٿو وڃي...” سنگت بس ايتري سجاڳي ورتي جو چور پڪڙجڻ تي پاڻ ۾ تبصرا تبرا ته ڪندا رهيا پر سُرورن ۾ ملان هارون کي ڪجھه چئي نه سگھيا ته ڇا ٿو ڪرين!
ملان جي ڳالھه تان ياد آيو ته ان وقت اسان وٽ تنگ نظريءَ وارو اسلام نه هو، ڳوٺ ۾ نماز پڙهائڻ، ڪفن دفن ۽ ختما ڏيڻ جي ڊيوٽي ڪو نه ڪو ماڻھو پاڻ تي لازم ڪري ڇڏيندو هو. نه مسلڪ هئا، نه فرقا. اسان جي مسجد جو پيش امام ملان جمن اڪثر اهڙو ته خمارن ۾ هوندو هو جو ڪڏهن ڪڏهن ته بانگ ڏيڻ به وسري ويندي هيس ۽ نورجهان جو گانو ڳائڻ شروع ٿي ويندو هو. رمضان شريف جي مهيني ۾ نماز گھر اندر پڙهندو هو. ڇاڪاڻ جو روزا بلڪل نه رکندو هو، ان ڪري مسجد ۾ به نه ويندو هو ته متان ڪو اهڙو سوال ڪري وجھي. هن لاءِ سڄو ڏينهن ماني پاڻيءَ کان سواءِ رهڻ ايڏو مسئلو نه هو پر اصل آزمائش اِها هئي ته هو ڏينهن جو ڏوڏي پيئڻ واري قرباني نٿي ڏئي سگھيو.
سائين ڪاشل شاهه 1990ع ڌاري ڄائو. بُت ۾ ڀريل ۽ سهڻو جوان هو. بوسڪيءَ جو پٽڪو ٻڌندو هو. وڏو طاقتور ۽ قدآور مڙس هو. ڪُتن جي به لوڌ هئس. سير بڇ جو وڏو شوقين هو. ٻه ٻه ڪُتا جھلي سگھندو هو. ٻڌائين ٿا ته شڪار تي ٻن ڪُتن جون رسيون چيلھه سان ٻڌي هلندو هو. هڪ ڏينهن ڪاشل شاهه کي ڏسي ميان رسول بخش به ايئن ڪيو. ڪُتن جا چهڪار ۽ سوئرن جا ٻهڪار شروع ٿيا ته همراهه گھلبو سهلبو ٻن ڪُتن سميت وڃي کوهه ۾ ڪريو. ميان رسول بخش سائين ڪاشل شاهه جي محبت ۾ شڪار تي ويندو هو، نه ته هو لوڪ ادب جو وڏو شائق هو. چون ٿا ته هڪ ڏينهن ڪو گھوڙي سوار کيس ڳجھارت ڏئي گھوڙو ڪاهي روانو ٿيو ته ميان رسول بخش ان جي پويان ڀڄندو، ڳجھارت کي ڌڪ هڻندو رهيو. نيٺ گھوڙي سوار دانهن ڪئي: “وئي!” ميان رسول بخش ڊوڙندي ڊُڪندي کانئس ڳجھارت سڌي ڪرائي واپس موٽيو. ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو به هن سان رهاڻ رچائڻ ۽ لوڪ ادب بابت معلومات وٺڻ ايندو هو.
چون ٿا ته سائين ڪاشل شاهه جوانيءَ ۾ سائي ٻوٽي به واپرائيندو هو جيڪا ٻين نشن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ محنت ۽ وقت وٺي ٿي. سائين صبح جو چڱو خاصو ڀنگ جو چپٽو کڻي اوطاق تي اچي ويهندو هو ته من ڪو گھوٽڻ وارو اچي وڃي پر مجال آ جو ڪو ماڻھو ظاهر ٿئي. نيٺ مجبور ٿي سائين پاڻ ڀنگ گھوٽڻ شروع ڪندو هو. ڀنگ گھوٽي بس ڪندو ته ٻه چار ڄڻا پهچي ويندا ۽ سائينءَ کان صافو وٺي ڇاڻڻ لڳندا. ڇاڻڻ وارو عمل اڃا جاري هوندو ته ڏسندي ئي ڏسندي اوطاق ماڻهن سان ڀرجي ويندي ۽ هر ڪو سائينءَ کي چُڪي پيارڻ جي گذارش عرض رکندو. موٽ ۾ سائينءَ جي مخصوص صدا محفل کي معطر ڪري ڇڏيندي هئي. سائين نعرو هڻي چوندو:
“گھوٽڻ ويل ڪير ڪو نه، ڇاڻڻ ڪاڻ ڇتا،
پيئڻ مهل ايئن پهچن، ڄڻ ڪاشل شاهه جا ڪُتا.”

سائين راڳ ويراڳ جو به وڏو شوقين هو، کيس روح جي غذا جي باقاعدي طلب ٿيندي هئي. جوانيءَ ۾ پاڻ ۽ وڏيرو حسن علي صوفياڻيون ڪافيون ڳائيندا هئا پر هاڻ پوڙها ٿي چڪا هئا، ان ڪري هفتي ۾ هڪ ٻه ڀيرا ميهر فقير ۽ مزني ماڇيءَ کي اوطاق تي گھرائي ٻه ٻول ٻڌي وٺندا هئا. هڪ ڏينهن راڳ لاءِ ميهر فقير کي گھرايائون پر ان جي پهچڻ کان پهريائين سائينءَ کي پنڪي اچي وئي. ميهر فقير يڪتارو ملائي سائينءَ جي ڪن تي منهن رکي وڏي آواز ۾ “ها” جو ڪئي ته سائين ڇرڪ ڀري اٿيو ۽ گار ڏيندي چيائين: “نڀاڳا، هانوَ ڦاڙيو هُيئي، راڳ آ روح جي راحت يا ڌمچر! ڪاسائي سو ئي ڪاسائي!”
سائين سان ڏهاڪو کن نوجوانن جو جٿو ساڻ هوندو هو، جن ۾ وڏيرو بالڻ ۽ ٻيا شامل هوندا هئا. الهداد عرف جلاليءَ کي سڱ نه پيو ملي، جنهن ۾ وڏي رڪاوٽ ڪنوار جو چاچو هو، جڏهن ته ڪنوار جو پيءُ سڱ ڏيڻ ۾ راضي هو. ڪاشل شاهه ڪنوار جي چاچي سان مليو، چيائينس: “ابا جڏهن ڇوڪريءَ جو پيءُ راضي آهي ته توکي ڪهڙو اعتراض آهي؟” اُن تي هُن وراڻيو: “نه سائين، مان ڇو اعتراض ڪندس، ڀلي ڏين، مان راضي آهيان.” تڏهن چيائين: “چڱو سڀاڻي وهانءُ جي تاريخ طئي ڪنداسين. مٺائي توکي ورهائڻي آهي، اچجانءِ ضرور.” اهڙو ڪو هڪ واقعو ناهي، هاڻ ته اسان وٽ چوڻي آهي ته “ويو ڪاشل شاهه مري، نه ته تون ڪيئن نه پرچين ها!”
سائينءَ کي پُٽاڻو اولاد نه ٿيو. مشهور قومپرست اڳواڻ سيد اصغر شاهه سندس ڏوهٽو آهي. سائين ڪاشل شاهه 1974ع ۾ وفات ڪئي. کيس ڇتي واهڻ ۾ سيد بچل شاهه بُخاريءَ ڀرسان جاءِ ڏني وئي.
***

دريا خان ماڇي: انجمن بي نام جو روح روان

سنڌ جي ڪنهن به حصي ۾ هاڻ اهي جھنگ نه رهيا آھن، نه ته ٽيهارو ورهيه پوئتي مُڙي ڏسبو ته هر هنڌ خاص ڪري ڪچي ۾ ته جھنگ ئي جھنگ هئا، مال جي جُوءِ هئي، ٻيلا هئا، جتي ڀٽاريون ڇيڪ چرنديون وتنديون هيون. جھنگ جي جھانگين ڌنارن جي پنهنجي دنيا هوندي هئي. اهي شهر جُو منهن ئي نه ڏسندا هئا، جھنگ ئي سندن ننگ ۽ ڍڪ هو، البته شھر جي پسگردائي ۽ وڏن ڳوٺن ۾ رهندڙ ڌنارن جي زندگي شام ٿيڻ کانپوءِ ساڳي نه رهندي هئي. اهي سڄو ڏينهن جھنگ ۾ مال چارڻ کانپوءِ، شام جو تيل ڦليل ۽ ويس وڳا ڪري اچي هوٽل تي ويهي جلال جا ڪلام ٻڌندا هئا پر ڪچي جي ڌنارن جي زندگيءَ ۾ تبديليءَ جي رفتار سست هئي. ان بي رنگ زندگيءَ ۾ رنگ ڀرڻ جا جتن جاري رهندا هئا. ڌنار، مال چاري منجھند جو ڇانو ۽ پاڻيءَ واري جاءِ تي ڍور ويهاري ھڪٻئي سان حوالن جا تاڪيا کولي ڇڏيندا هئا. سڀئي پنهنجو پنهنجو فن پيش ڪري هڪ ٻئي کي وندرائيندا رهندا هئا. ڪو نڙ وڄائيندو ته ڪو بين بانسري، ڪو چنگ ته ڪو بوڻينڊو وڄائيندو. ڪو ڪافي چوندو ته ڪو مولود ٻڌائيندو. ڪو لاڏو ڳائيندو ته ڪو مورو.... اهڙي نموني ملھه ، ڪوڏي ڪوڏي، ٻلهاڙي ۽ ٻين راندين جا مقابلا به ٿيندا هئا.
دريا خان ماڇي اهڙي ئي سائي ڍائي ڪچي جو اهو ڌنار هو جنهن زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪنهن شھر جو منهن نه ڏٺو. جھنگ، چوپايو مال، ٻنيون ۽ درياهه ئي سندس ڪل ڪائنات هئي. پنهنجين عجيب ۽ اجھل حرڪتن سبب هڪ لحاظ کان دريا خان ئي پاڻ کي ان ماحول جو محور بڻائي ڇڏيو هو. هو مهين جي دڙي سامهون ڪچي جو ويٺل هو. سندس پيءُ بولو ماڇي هاري ۽ جت هو. هن جا ٻئي ڀائر اسماعيل ۽ سليمان ڀوري رنگ جا قداور مڙس هئا پر نقش نگارن ۾ دريا خان کانئن وڌيڪ هو پر ڳالهائڻ ۾ اهڙو ھٻڪندو جو منٽ واري ڳالھه ڏهن منٽن ۾ مس مڪمل ڪري سگھندو هو. سندس ٻئي ڀائر شھر جو چڪر هڻندا رهندا هئا پر هي ڪچي کان ڪڏهن ٻاهر نه نڪتو. دريا خان ڌنارن جي بي نام انجمن جو روح روان هو. هئو باقي سڄو ڏينهن کشٽ. ھر وقت شرارت لاءِ تيار. ائين سمجھو ته اڳوڻي دور جي درسي ڪتاب واري ڪهاڻي “جعفر ڪوڙي” جو سراسر سر هو. ڪهاڻي موجب جعفر ڪوڙو جھنگ ۾ “بگھڙ ڙي بگھڙ” جون رڙيون ڪندو رهندو هو. ماڻھو ڊوڙي اچي پهچندا هئا ته خير لڳو پيو هوندو هو. اھڙين ٻن ٽن مشڪرين بعد ماڻھن کيس ڪوڙو قرار ڏيئي سندس ڳالھه ٻڌڻ ڇڏي ڏني. هڪ ڏينهن سچ پچ بگھڙن جو ٽولو اچي ڌڻ کي لڳس. هن وڏيون دانهون ڪيون: “بگھڙ ڙي بگھڙ” ماڻھن هن جون رڙيون ٻڌيون ته سهي پر ڪير به مدد لاءِ نه پهتس. سڀني سمجھيو ته جعفر ڪوڙو اجايو خوار ڪندو. ڪو به ماڻھو واهر لاءِ نه پهتو. ايئن هن سڄو ڌڻ بگھڙن ماري ڇڏيو. دريا خان ماڇيءَ جون به ساڳيون ئي حرڪتون هونديون هيون پر جعفر واري انجام کان پناهه ۾ رهيو. دريا خان به جھنگ ۾ “چور چور” جون رڙيون ڪندو هو. اصل وڻن ۾ واڪا پئجي ويندا هئا. هن جي دانهن تي جڏهن سڄي جُوءِ جا ڌنار ۽ ڳوٺاڻا اچي پهچندا هئا ته خبر پوندي هئن ته اها اجائي ڌاڙ گھوڙا هئي. پوءِ سڀئي ماڻھو کيس ٻه چار گاريون ڏئي واپس روانا ٿي ويندا هئا. ماڻهن کي ڇرڪ ڀرائڻ هن جو محبوب مشغلو هو. ڏسندو ته ڪو ماڻھو شھر کان موٽيو آھي ۽ ٺڪر جا ٽاڪوئان ٿانو کنيو پيو وڃي، واٽهڙو پنهنجي خيال ۾ گم هوندو ته اوچتو هن جون رڙيون پئجي وينديون، “ڪتو ڪتو ڪتو” “هلا هلا هلا!” راهرُو اوچتين رڙين تي پنهنجا حواس قائم نه رکي سگھندو ۽ سندس مٿي تي پيل هڙ ڦهڪو ڪري هيٺ ڪرندي ۽ هڪ به ٿانو َ سلامت نه رهندو هو. اهڙو ڪم ڪنهن چيڙاڪ ماڻھوءَ سان ٿيندو هو ته دريا خان کي ڀڄي جان بچائڻي پوندي هئي، نه ته هر ڪو کلي ويهي رهندو هو ۽ ڳالھه آئي وئِي ٿي ويندي هئي.
هڪ ڀيري اسان جي پاڙي جي بليدين جي هڪ پوڙھي گيهه جي ڀريل گھاگھر کپائڻ لاءِ وڃي رهي هئي، ساڻس ٻه ٻارڙا به هئا. پوڙھيءَ جي نظر به ويٺل هئي. دريا خان هنن کي پري کان ڏسي وچ رستي تي چادر وجھي سمهي پيو. پوڙھيءَ ڏٺو ته ڪو مڙس مئو پيو آھي، کيس ڏاڍو ارمان ٿيو. اٿلائي پٿلائي ڏٺائين پر سڃاڻي نه سگھي. بظاهر مڙس ۾ ساهه ھئو ئي ڪين. پوڙهيءَ ارمان مان ٻارن کي چيو: “ڏاڍو سهڻو ۽ جوانيءَ سان هو ويچارو، الائي ڇا ٿيس؟” ائين چوندي گھاگھر کڻي رواني ٿي ته دريا خان دانهن ڪري اٿي ويهي رهيو. حيرت ۽ ڊڄ مان پوڙھيءَ جي هٿن مان گھاگھر ڇڏائجي هيٺ ڪِري اونڌي ٿي پئي. گيهه جو ڦڙو نه بچيس. گھاگھر هارجڻ کان پوءِ پوڙھيءَ چتائي ڏسي چيس: “مئا تون دريا خان آھين، شل خدا جي مار پوندءِ، شل ڪاريءَ تي پير پوندءِ، منهنجو سڄو گيهه هاري ڏنئي. هل ٻليون ته ماڻھين کي ٿي وجھانءِ.”
دريا خان پنهنجي ساٿي ڌنارن کان عمر توڙي قد بت ۾ پڪو هو، ان ڪري پاڻ کي اُٺُ سڏائيندو هو. اٺ وانگر ڀڀڪيون ڏيندو ۽ داڦوڙا هڻندو هو. رڳو “هُولي هُولي” چوڻ جي دير هوندي هئي، پوءِ ته صفا مست بڻجي ويندو هو. مست اُٺّ جي آڏو ڪير اچي، جيڪو آڏو اچي سو سٽجي وڃي. ڪنهن کي مُڪّ ته ڪنهن کي ٿيلهو، ڪنهن کي مٿي کڻي ڦيرائي ڦيرائي اڇلي، ڪنهن کي چڪ هڻي ته ڪنهن کي گوڏا ۽ ٿُڏا... مست اُٺ جو ٿيو.
تنهن وقت ڪچي جي سواري به اُٺ هوندي هئي، نه ته پنڌ ئي اچڻو پوندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ڪي آفيسر وزٽ تي ايندا هئا ته انهن لاءِ وڏا انتظام ڪيا ويندا هئا، باقي تپيدار ۽ ڪوٽوال پنڌ ڪري پهچندا هئا. هڪ دفعي تپيدار ۽ ڪوٽوال جيئن ئي ڪچي ۾ داخل ٿيا ته آڏو پاڻي سندن رستو روڪيون بيٺو هو. درياهه جي وهندڙي وهي آئي هئي، ان ۾ پاڻي وڏو ته نه هو پر چيلھه جيترو ضرور هو. همراهن پاڻيءَ ۾ لهڻ جو جوکم نه کنيو ۽ ڪنڌيءَ تي ويهي رهيا. هيڏي هوڏي جائزو ورتائون ته کين ڌنار نظر آيا. ڪوٽوال کين سڏي چيو ته تپيدار کي پاڻيءَ مان ٽپائڻو آهي، اوهان مان اهو ڪم ڪير ڪندو؟ ڌنارن دريا خان ڏي اشارو ڪندي چيو: “ھي اسان جو اٺ آھي، بار کڻڻ وارو ڪم هي ڪندو آھي.” دريا خان دير ئي نه ڪئي. تپيدار کي ڪلهو ڏئي وهندڙيءَ ۾ گھڙيو ته آسپاس بيٺل ساٿي ڌنار ڪورس جي انداز ۾ “هولي هولي” ڪرڻ لڳا. اٺ کي مستي چڙھي ويئي، سو هن ڄنگھه پوئتي ورائي داڦوڙو هڻي ڀڀڪي ڏني ۽ سوار کي ڦيرائي ڦيرائي کڻي پاڻيءَ ۾ سٽيائين. تپيدار گپ ۾ليٿڙجي ويو. پوءِ چئن چڱن جڏهن دريا خان کان ان ڳالھه جو پڇاڻو ڪيو ته هن ان جو ذميوار “هولي هولي” ڪندڙ ڌنارن کي قرار ڏنو.
دريا خان سان گڏ مال چاريندڙ ٻيا ڌنار کانئس عمر ۾ ننڍا هئا، ان ڪري هي ڄڻ ته سندن سردار هوندو هو. ٻن ڌنارن جي وچ ۾ ٿيل ڦڏي جو فيصلو هي ڪندو ۽ جنهن تي ڏوهه ثابت ٿيو، ان مٿان ماني کارائڻ جو ڏنڊ رکندو هو.
ڌنارن کي سڄو ڏينهن ڄنگھون ھڻڻيون پونديون آھن، ان ڪري جڏهن اهي ٿڪجي سمهي پوندا هئا ته دريا خان وجھه وٺي ننڊ پيل ڌنارن مان ڪڏهن ڪنهن جو شھپر، ڪڏهن ڀرون ته ڪڏهن اڌ مٿي جو ڪوڙي ڀڄي ويندو هو. مڇون ڪوڙڻ ھن جو ٻيو محبوب مشغلو هو. ڪڏهن ڪڏھن ساٿي ڌنار به اهڙي ئي تعدي ڪندا هئس، بهرحال اهڙن مامرن جو ڪڏهن به ڪو جرڳو نه ٿيو. دريا خان ڌنارن سان گڏ چڙهه پروگرام ڪندو هو. هي ساٿي ڌنارن مان ڪنهن تي ڪڪڙ، ڪنهن تي مکڻ، ڪنهن تي چانور ته ڪنهن تي ڪهڙي شيءِ رکندو ۽ پاڻ تي سدائين لوڻ رکندو هو. ڌنارن ۾ اهڙي لئي هوندي هئس جو گھران شيءِ نه ملندي هئن ته چورائي به سندس آڏو پيش ڪندا هئا. انهن ڌنارن مان پوءِ ڪيترائي نامي گرامي چور ٿيا ۽ اهي ٻڌائيندا هئا ته هنن پهرين چوري دريا خان جي لاءِ پنهنجي گھران ڪئي. اڪثر ڌنارن ڏانهن گھران ماني ايندي هئي جيڪا ننڍي عمر جو ڪو ٻالڪ ئي آڻيندو هو. دريا خان اڳ ڏئي ٻار کان ماني کسي ڀڄي ويندو هو. اهو ڦريل ٻالڪ ڪلاڪ کان پوءِ ڌنارن وٽ پهچي ٻڌائيندو هو ته ماني درو کسي ويو.
ڪنهن ڌنار کي رلائڻو هوندو هئس ته ان جي مال کي گھڻو پري هڪلي ايندو هو. ڍورن کي اتر ڏانهن ڇڏي ايندو ۽ جي ڌنار مال جو پڇيس ته ان کي ڏکڻ جو ڏس ڏيندو، پوءِ ته همراهه کي مال ڳوليندي ڏينهن گذري ويندو هو.
جھنگ ۾ ڪٿي ماکي ڏسڻ ۾ ايندي هئس ته ڪنهن ڌنار کي وڻ تي چاڙھي ماکي لاهڻ جو حڪم ڏيندو هو. وڻ تي چڙھيل همراهه کان، هيٺ لهڻ کان اڳ ڪنهن طرح ماکي وٺي ٽاپي ڏيندو. ڀڄڻ ۾ دريا خان کي ڪير پُڄي. سڄي ماکي چٽ ڪري پوءِ ظاهر ٿيندو ۽ وڏي تڪليف سان ماکي لاهيندڙ ھمراهه کي چوندو: “وٺ پنهنجي ٽاري!”
چون ٿا ته جڏهن ويهن ورهين جو نوجوان هو ته عيد نماز پڙھڻ لاءِ ڀر واري ڳوٺ ويو، جتي مسجد ڪانن جي ٺھيل هئي. پيش امام ۽ پهرين صف جا نمازي مسجد جي اندر ۽ باقي جماعت مسجد کان ٻاهر هئي. امام صاحب جي مٿان ئي ککرن جو مانارو هو جنهن تي اوستائين ڪنهن جي نظر ئي نه پئي هئي. سجدي مهل دريا خان پنهنجي جاءِ ڇڏي ٻاهر آيو ۽ ککرن کي ڀينڊ هڻي گولي ٿي ويو. پيش امام جيئن ئي سجدي مان اٿيو ته ڏينڀو چنبڙي ويس. ويجھين ٻن صفن جي نمازين مان ڪنهن جي اک دٻلي ته ڪنهن جو نرڙ سڄيو پيو هجي پر ڪنهن جي به ايمان ۾ خلل نه پيو. ڪنهن به مٿس ڪفر جي فتويٰٰ نه ڏني.
دريا خان 1975۾ پنجيتاليهن سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي.
***

جھنڊو ممڻاڻي

ٽڙياسون دامنِ صحرا ۾، خوشبو ئي اجائي وئي!
شيخ اياز جو مٿيون شعر پڙهي مونکي پنهنجي ڳوٺ جو فنڪار جھنڊو ممڻاڻي ياد اچي ويندو آھي. هو فطري اداڪار هو؛ اها ٻِي ڳالھه آھي ته همراھ ڪو ٽي وي ڊرامو ڪيو ته ڇا پر ڪڏهن ڏٺو به نه هوندو. اوطاق هن جو اسٽيج ۽ تر ۾ ٿيندڙ ڪا نه ڪا وارتا هن جي ڊرامي جو اسڪرپٽ بڻجي ويندي هئي، مثال طور هو خيرات جي ڀت تي ٿيندڙ جھيڙي کان وٺي ٺاھ تائين سڄي وارتا پنهنجي ڊرامي ۾ پيش ڪندو هو. سڀ ڪردار اڪيلو پاڻ ئي نڀائيندو هو.ايترن گھڻن ڪردارن باوجود مجال آ جو ڪنهن به ڪردار سان ناانصافي ٿئي.
جھنڊو ممڻاڻي 1985 ڌاري پراران لڏي اچي ٻلهڙيجيءَ۾ ويٺو. ان کان اڳ ٻلهڙيجيءَ سامهون درياھ جي کاٻي ڪنڌيءَ تي ڪچي ۾ ويٺو هو.تڏهن زندگي انتهائي ڏکي ۽ بي چسي هوندي هئي پر جھنڊي جهڙا زنده دل انسان اتي به ٽھڪن جا ٽانگر ٽيڙي ڇڏيندا هئا. جھنڊو پنهنجي تر جي هر مرد توڙي مائيءَ جي آواز جو نه رڳو نقل ڪري سگھندو هو پر پنهنجو چهرو به هوبهو ڪردار جهڙو ٺاهي سگھندو هو، ان جو سبب اهو هو جو هو ننڍي لاڪر تر مان لسي وٺڻ ويندو هو جنهن ڪري سمورن ڪراڙن توڙي ڪراڙين کان واقف هو.
جھنڊي ممڻاڻيءَ جا ڪجھه ڊراما مون پنهنجي اکين سان ڏٺا. همراھ کي ڪنهن شادي ڪاڄ ۾ رڳو لائوڊ اسپيڪر جي مائيڪ هٿ اچي پوءِ”جو آيو سو ڳايو“ وارو ڪم ٿيندو هو. ڪنهن جو به لحاظ نه ڪبو، ڀلي ڪو ناراض ٿئي ته ٿئي. ڪيترا ماڻھو جھنڊي جي ڪري وهانءُ وارن سان ڪاوڙجي ڀت ڀائپي ئي ڇڏي ويا. هڪ دفعي ممڻاڻين جي هڪ چڱي مڙس جي قلندر لال شھباز تي سُک باسيل هئي، جنهن ڪري هن سڄي برادريءَ کي ساگھري ڪانڍ ڏني. وڏي بس ڀاڙي ڪرائي ويئي. عورتون اندر سيٽن تي ۽ مرد ڇت تي وهاريا ويا. ڄاڃين ۾ هڪڙو مولوي صاحب به شامل هو جيڪو پنهنجي گھر واريءَ سميت ٻئي ڳوٺ کان پهتو هو. همراھ صبح جو ڪو گھڻو کائي بس ۾ چڙهيو هو ته متان ڀَت ۾ دير ٿيڻ تي بک ڪاٽڻي پوي. بس هلي ته مائين لاڏا ڳائڻ شروع ڪيا ۽ مٿي مرد هڪٻئي سان ڀوڳ چرچا ڪري رهيا هئا. هڪ جھنڊو نه هو، اهڙا گھڻا چٽيل هئا. ڪجھه دير کان پوءِ سندن مولوي صاحب کي ضروري حاجت جو خيال آيو ته هن بس روڪڻ لاء دانهن ڪئي، پوءِ ته همراهن کي رونشو لڳو. سڀ بس کي بيهارڻ لاءِ ڌڪ هڻڻ ۽ رڙيون ڪرڻ لڳا. جھنڊو اهڙي هنڌ تي ويٺل هو جتي ڊرائيور جي نظر فقط مٿس پئجي رهي هئي. رڙين تي ڊرائيور مٿي ڏسي ته جھنڊو اشاري سان کيس بس هلائڻ لاءِ چوي ۽ پوء مائٽ سان مخاطب ٿئي:”ادا مان هن ڊرائيور کي سڃاڻان، صفا گھل ٻوڙو آھي، ڪجھه ٻڌي ئي نٿو ته بس ڪيئن بيهاريندو. تون هيئن ڪر جو پٺيان ڏاڪڻين تان لهي هيٺئين ڏاڪي تي ويهي روڊ کي رنگ ڏي.“ هوڏانهن سندن مائٽ گھڻي دٻاءَ سبب ليٿڙيون پائي رهيو هو. جھنڊي جڏهن ڏٺو ته هاڻي مورڳو سڄي بس ڪِنُ ڪندو تڏهن هن، ڊرائيور کي بس روڪڻ جو واضح اشارو ڪيو. رستي جي پاسي کان کاما هئا جن ۾ پن به بيٺل هئي. بس بيٺي ته ملان گوليءَ جي اسپيڊ سان پن ۾ لهي ويو. ان وقت مايون به بس مان لهي پسار ڪرڻ لڳيون. مولويءَ جي گھر واري به انهن سان گڏ لٿي.ڪجھه دير بعد ملان حاجت پوري ڪري جو پن مان نڪتو ته ڄڻ ساڳيو مڙس هئو ئي نه. پن جو ٻُورو سندس سونهاريءَ سان رلمل ٿي چڪو هو. همراھ جا ڪپڙا سڄا پن جي ٻُوري ۽دز ۾خراب ٿي چڪا هئا. جھنڊي ملان تي نظر وجھي مائين سان مخاطب ٿي سهروڳائڻ شروع ڪيو:”ڏسو ڏسو ڙي، آيو ٿوَ صاحبزادو بنڙو ...!“ پوء ته مايون جو کلڻ ۾ ڇٽڪيون، هجي ڪو جو کين بس ڪرائي. ملان سيوهڻ کان واپسيءَ تي اڌ مان لهي پنهنجي ڳوٺ روانو ٿي ويو ۽ ڪيترا سال ساڻن ڀت ڀائپي ختم ڪري ڇڏيائين، نه پاڻ اچي نه سندن نياڻيءَ کي مائٽن ڏي وڃڻ ڏي. وڏا حيلا هلائي کيس پرچايائون پر پوءِ به همراھ وٽن نه آيو، البت سندن نياڻيءَ کي موڪل ڏيندو هو. ھڪ ڀيري سندن برادريءَ جو وهانءُ هجي. اتي هن جو سوٽ سومر خان بوسڪيءَ جو پٽڪو ٻڌي اچي پهتو. سومر خان هوندو به ڪجھه چيڙاڪ هو. انکي پٽڪي سان ڏسي جھنڊي طئي ڪيو ته ڇا به ٿئي اڄ سومر جو پٽڪو لهرائڻو آھي. بس ان وقت اکيون لڳي ويون. هڪ همراھ رڙ ڪري چيو”منهنجا ڏھ رپيا ڪِري پيا آھن.“ جھنڊي پڇيس،”ڪنهن تي شڪ اٿئي؟“ نوجوان چيس، ”شڪ نه مونکي پڪ آھي ته سومر منهنجا ڏھ رپيا پنهنجي پٽڪي۾ لڪايا آھن، مونکي تلاشي وٺي ڏيو.“ هاڻ سڀ چون ته سومر کي تلاشي ڏيڻي پوندي. سومر چوي ته ”مان هاڻي گھران پٽڪو ٻڌي آيو آھيان، ڇو تلاشي ڏيان.“ نيٺ چڱي مڙس جي چوڻ تي هن پٽڪو لاهي کين تلاشي ڏني ۽ ڏيڍيءَ تي بيهي پنهنجي گھر واريءَ کي سڏائي چيو ”بس هل گھر، هنن ڀڙون سان ناهي ڀائپي.“ هاڻي سڀ ننڍا وڏا ميڙ ٿي سومر جي گھر پهتا. اچڻ سان اٺن ڏھن همراهن پنهنجا پٽڪا لاهي مامي سومر جي پيرن تي اڇليا پر سومر ٺري ئي نه، چي: توهان سڀ لوسي آهيو، ڇوري جي چوڻ تي منهنجي بي عزتي ڪئي اٿوَ، ناهي توهان سان ڀت ڀائپي. ڀيڻيان ههڙا تهڙا، نڪرو منهنجي گھر مان ته ڪهاڙين مان نه ڪڍانوَ! نيٺ وري به جھنڊي هڪ پوڙھي مڙس کي اک هنئي ته توائي ٿي سومر تي ڏاڪا ٻڌي چڙهي ويو، ”اڙي ٺھين ٿو يا لاهيان جوتو ...“ مامو سومر کلي ويهي رهيو. نعرا لڳي ويا. مامو سومر وري زال سميت ڪاڄ تي پهچي ويو. هاڻي ته اهڙا ڀوڳ به نه رهيا آھن، جھنڊو ممڻاڻي کائڻ جو به سڄر هوندو هو، تر ۾ ماني کائڻ جا مقابلا ڪندو هو. وات سان دهل ۽ شرناءِ وڄائيندو هو. جتي به هوندو اتي ٽھڪن ٽاڙھيا هوندا هئا. هي کلڻ ۽ کلائڻ وارو ماڻھو اندر ۾ غمن سان چُور هو. هن جي زال به چري هئي ته سندس سس جو به ذھني توازن درست نه هو. ساڳي حالت سالن ۽ سالين جي هئس.سالم ۽ صحتمند شخص سان گھارڻ عام ڳالھه آهي پر گھڻن ناچاڪ ۽ معذورن کي منهن ڏيڻ ڪيڏو مسئلو هوندو ان جو هر ماڻھو ته اندازو به نٿو ڪري سگھي. شابس هجي هن مڙس کي جنهن نڀايو ۽ ڏهاڪو کن ٻار به پيدا ڪيا. سنڌ جو وڏو الميو بي جوڙ شاديون به رهيو آھي. ڪٿي ڪا پدمڻي ڪنهن کَک پوڙهي سان پرڻائي ويندي ته ڪٿي وسن جهڙي مڙس کي ڪنهن رڍ جهڙي رن سان لانئون ڏياريون وينديون. اهڙيون شاديون ماڻهن لئه عمر جون روڳ بنيل هونديون آھن. جھنڊي خان جهڙا نڀائڻ وارا گھٽ ماڻھو ٿيندا آھن. وڏن جي فيصلي کي قبول ڪري ان کي لکئي جو ليک سڏيندو رهيو .جھنڊي سان ڪچهريون ٿينديون رهنديون هيون. وڏا احوال ڪندو هو جن مان گھڻا ته لکڻ جهڙا ئي ناهن. هڪ ڀيري ٻڌايائين ته، ” اسان درياهه تي مال چاري رهيا هئاسون جو تو واري ڏاڏي شاهه مراد پيرزادي تي نظر پيئي. مٿي تي درزن کن دانگيون کنيون پئي آيو. درياخان مون کي چئلينج ڏيندي چيو: وڏيري جون اهي دانگيون ڀڃي ڏيکار ته جوان مڃانءِ! مون ان وقت پاڻ سان مال چاريندڙ محمد خان کي ٻه مڪون وهائي ڪڍيون. محمد خان ڊڪ ڀري شاهه مراد وٽ پهتو ۽ دانهن ڏيندي روئي چيائين: بابا، مون کي جھنڊي ماريو آ... چاچي شاهه مراد دير ئي نه ڪئي، مون کي پهلوانن وانگر مٿي کڻي گھمائڻ لڳو ته مون دانگين کي ڌڪو ڏنو. ايئن سڀ جو سڀ دانگيون ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويون. پوءِ ته مون پيرن تي زور رکيو ۽ تو وارو ڏاڏو ڪلاڪ کن گاريون ڏيئي چلتو ٿيو.
جھنڊو چور نه پر ڪچي جو رهواسي هئڻ ڪري پوليس/ فوج هٿان گرفتار ٿيندو رهندو هو. هي اڪيلو نه هو، اهڙا سوين ماڻھو بيگناهه ٻڌبا رهندا هئا. هڪ طرف ڌاڙيل، ٻئي طرف فوج ۽ پوليس؛ ماڻھو ڄڻ جانڊهه جي ٻن پُڙن وچ ۾ پيسجندا رهندا هئا. عمر جي آخري حصي ۾ حج به ڪري آيو. ويو ته ڪمائڻ جي خيال سان هو پر کيس سنڌيءَ کان سواءِ ٻي ڪابه ٻولي نه آئڙي، ان ڪري حج پڙهي ستت ئي وطن واپس وريو. هنحج تي وڃڻ لاءِ پنهنجي هڪ مائٽ شادي خان کان اڌارا ڏوڪڙ ورتا هئا جيڪي کانئس ادا نه پئي ٿي سگھيا. نيٺ هڪ ڏينهن شادي خان سندس پٽ ملوڪ کانئس اوڌر وارن پئسن ۾ ڏاڍي کسي ويا. صحيح خبر پوڻ تي ماڻهن ۾ ٽهڪ پئجي ويا. پوءِ ڳوٺ وارن کيس ساڳي ڏاچي واپس وٺي ڏني. جھنڊو هڪ درجو به پڙهيل نه هو پر کيس خدائي ڏات مليل هئي. ان جي باوجود کيس نه ته ٽي ويءَ تي موقعو مليو، نه ئي ريڊيو وارن گھرايو. هن جو فن رڪارڊ نه ٿي سگھيو، جيئن استاد بخاريءَ چيو هوته
ٽَڪر ۾ گل ٽڙيو ته ڇا ٿيو
ڪڪر ۾ چنڊ کڙيو ته ڇا ٿيو!
هن جو فن پاڻ سان گڏ دفن ٿي ويو. اهو رڳو هڪ جھنڊي جو الميو ناهي پر اهڙا سوين ماڻھو اڄ به موجود آهن جن کي ڪو موقعو نه ملي سگھيو. هي ڪچي جو اڻ پڙهيل ڳوٺاڻو هو جنهن جي صلاحيتن ڏي ڪنهن جي نظر ئي نه وئي. جيڪڏهن هن کي اهڙو ماحول ملي ها ته يقينن هنڌين ماڳين سندس هاڪ هجي ها. جھنڊو ممڻاڻي اڄ اسان ۾ موجود ناهي پر سندس ڳالهيون هلنديون رهن ٿيون. هن 2018 ۾ اٽڪل 68 سالن جي ڄمار ۾ هيءُ جهان ڇڏيو، کيس ٻلهڙيجيءَ جي صالح سوائي قبرستان ۾ جاءِ ڏني وئي.

حافظ شمس چهواڻ: چند ڪارنامن جو مختصر وچور

حافظ شمس الدين چهواڻ اسان کي ننڍي هوندي قرآن پڙهايو. اکين کان “وڏو ” آهي، ان ڪري عربي قاعدو نه پاڻ پڙهيو، نه وري شاگردن کي پڙهايائين. شروعات ئي ٽيهين سيپاري کان ڪندو آهي. آئون چوٿين درجي ۾ پڙهندو هئس، عربي اعرابن وقوفن جي خبر نه پوندي هئي. ٻه چار ڏينهن ته ڌڪي تي ڪم هلي ويو. هڪ ڏينهن “خناس الّذي” کي ڳنڍيندڙ شد ڀُلجي ٻئي لفظ ڌار ڌار ڪري پڙهيم ته حافظ صاحب سمجھائڻ بدران سونٽيون هڻي ڏورا ئي چاڙهي ڇڏيا. ان ڏينهن جيئن مسجد مان ڀڄي نڪتس ته وري اوڏانهن منهن نه ڪيم. مهينو کن ڏورن ۾ سور برقرار رهيو.
حافظ شمس اسان جي ڳوٺ جي معروف شخصيت آهي، خدا کيس ننڍي لاڪون نور کان محروم ڪري ڇڏيو، نه ته الائي ڪهڙا ڪهڙا ڪارناما سرانجام ڏئي ها. انهيءَ معذوري باوجود همراهه وڏي دنيا ڏٺي، وڏن ماڻهن سان مليو. قرآن جو حافظ هئڻ سان گڏ بي بي سي ريڊيو جو ريگيولر سامع، ڪرڪيٽ راند ۽ راڳ جو به وڏو شوقين آهي.
حافظ شمس الدين 1951ع ڌاري ٻلهڙيجيءَ ۾ ڄائو، اڃا پنجن ڇهن مهينن جو مس هو جو ماتا جي بيماري سندس بينائي ختم ڪري ڇڏي، ان ڪري سندس والد چاچي حمزي قرآن جو حافظ ڪرڻ لاءِ هن کي ڍنڍ ڳوٺ جي مولوي عبدالرحمان ڏيري وٽ ڇڏيو. چون ٿا ته مولوي عبدالرحمان عرف ملان عدر جڏهن شمس کي ڪٽيندو هو ته هن جا ٻرڙاٽ ڀر وارن ٻن چئن ڳوٺن تائين چٽا ٻڌڻ ۾ ايندا هئا. پاڙي واريون توڙي آسپاس جون عورتون هن جون دانهون ٻڌي، اُڀ ڏي هٿ اُڀا ڪري ملان عدر کي پٽينديون هيون. شمس الدين پڙهڻ تان گھٽ پر شرارت، حرڪتن ۽ جاسوسيءَ تان خوب مار کائيندو هو ۽ مار به اهڙي جو موليٰ ڏئي پناهه! هن جا هم ڪلاسي ٻڌائين ٿا ته ملان عدر مسجد ۾ هوندو ته شمس بلڪل ماٺ ڪيو ويٺو هوندو پر هُن، جيئن ئي مسجد مان پير ٻاهر ڪڍيو ته هِن جون مستيون ۽ حرڪتون شروع ٿي وينديون: ڪنهن کي چُهنڊي هڻندو ته ڪنهن کي ڀاڪر، ڪنهن کي ڌڪو ته ڪنهن کي ٺيلهو. مسجد ۾ جيڪو ونڊ آيو، اهو ٻئي کٿابيءَ کي کائڻ نه ڏيندو. نظر کان محروم هوندي به هم ڪلاسين جي سمورين سرگرمين تي “نظر” رکندو ۽ پيو سندن جاسوسي ڪندو. سائين عدر ڪنهن شاگرد سان پيار سان ڳالهائي ته هي چوي “ڪو چڪر ضرور آهي!” جيئن ته ٻين طالبن کان عمر ۾ ڪجھه وڏڙو هو، ان ڪري سائين عدر بانگ ڏيڻ لاءِ شمس کي چوندو هو. ڇوڪرا هن کي اوڀر رُخ تي بيهاري ملان کي وڃي ٻڌائين ته “سائين! هو ڏسو، شمس اوڀر ڏي منهن ڪري بانگ پيو ڏئي!” پوءِ ته ملان عدر سندس کل اڊيڙي ڇڏيندو هو. اڪثر ائين ٿيندو هو ته ٻيا طالب کانئس ڪو ڏوهه جو ڪم ڪرائي واردات هلندي ئي ملان عدر کي اچي مٿان بيهاريندا هئا. همراهه سدائين لٺين جي منهن ۾ هوندو هو سو، ڍنڍ جي رحمدل ڳوٺاڻن چاچي حمزي کي اچي ٻڌايو ته “شمونءَ تي رڳو لٺين جو وسڪارو آ، ان کي ملان عدر وٽ نه پڙهاءِ! اجايو مار ۾ مري ويندو.” چاچو حمزو چئي: “شمون کي فقط ملان عدر سڌاري سگھي ٿو، اسان جي ڀيڻي ناهي، ڀلي ماري وجھيس، مان ان کي ڪجھه به نه چوندس.”
ملان عدر درٻيلي جي مخدومن جو خانداني مريد هو، مهيني ٻئي سندن زيارت لاءِ ويندو رهندو هو. هڪ ڏينهن درٻيلي وڃڻ کان پهريان شمس کي ٻارن جي سبق ٻڌڻ جو تاڪيد ڪري مسجد مان نڪري ٻاهر دريءَ کان ٿي بيٺو. ٻيا ٻار ته ملان کي ڏسن پيا، شمس ڪيئن ڏسي!؟ سو پنهنجي ليکي سائينءَ جي روانگيءَ تي سک جو ساهه کڻندي وڏي آواز ۾ نعرو بلند ڪيائين: “الله ڪندو جيئرو واپس نه ايندو! ڇورا، سڀ چئو الله آمين!” ڇوڪرا ته ماٺ ئي رهيا پر سائين عدر کيس وارن کان وٺي دريءَ ڏي گھلڻ شروع ڪيو. همراهه جي منڍي ٻاهرين پاسي، جنگھون اندر ۽ ڌڙ دريءَ تي. اهڙي حالت ۾ ڏهاڪو کن لڪڻ ڀڳائينس. شمس پاڻ ان ڏينهن واري مار ته زندگيءَ ڀر وساري نه سگھيو هوندو پر جنهن به کيس ايئن سٽجندي ڏٺو، ان کان به اها سيکت اڄ ڏينهن تائين نه وسري هوندي.
1980ع ۾ راولپنڊي وڃي پاڪستان جي صدر آمر جنرل ضياءُ الحق سان ملاقات ڪيائين، جنهن کيس پنج سؤ رپيا خرچي ۽ 16 ايڪڙ زمين ڏني. اها زمين ڏنگن زميندارن جي ڀرسان هئي، ٻيو ته اتي پاڻيءَ جو انتظام ڏکيو هو، تنهن ڪري اها سستي وڪرو ڪري ڇڏيائين. ضياءَ سان ملڻ لاءِ ڳوٺان 50 رپيا کڻي هليو هو. اتي امام بريءَ جي مزار تي رهندو هو، جتي کيس ننگر پاڻيءَ سان گڏ گرم سگريٽ به ملي ويندو هو.
حافظ شمس 1991ع ۽ پوءِ 1998ع ۾ وزير اعظم نواز شريف سان به اسلام آباد وڃي ملاقاتون ڪيون پر هُن، ٻنهي ڀيرن کيس جنرل ضياءَ واري لئي نه ڪرائي، البت ڪجھه ونڊ ضرور ڪرايو. حافظ، بي بي سي اردو سروس جو مستقل ٻڌندڙ هئڻ جي ناتي سياست ۽ دنيا جهان جي تازي صورتحال تي گفتگو ڪرڻ سان گڏ، هر ننڍي وڏي مسئلي تي راءِ ڏيڻ پنهنجو پيدائشي حق سمجھندو آهي، پوءِ ڪنهن کي ڳالھه ڏکي لڳي ته لڳي.
هڪ دفعي درويش صالح سوائيءَ جي فقير مراد ماڇيءَ کي چئلينج ڪيائين ته “اها صالح سوائيءَ جي قبر ناهي، تو هٿ سان ٺاهي آهي، صالح سوائي قبرستان جي اوڀر پاسي نه پر ڏاکڻي پاسي رکيل هو.” مراد فقير چيس “اها ئي صالح سوائيءَ جي مزار آهي،” جنهن تي حافظ چيس: “چڱو قبر کوٽيون ٿا، جيڪڏهن اتان هڏا نڪتا ته جيڪا وڻئي اها مون سان ڪجانءِ پر جي هڏا نه نڪتا ته پوءِ منهنجي مرضي آ.” مراد فقير چيس “ٺيڪ آهي پر حافظ، قبر مان نه کوٽيندس.” حافظ چيو “قبر مان پاڻهي ٿو کوٽيان، تون رڳو هلي اتي بيهه!” حافظ ڪوڏر کنئي، ٻئي ڄڻا قبرستان ڏي روانا ٿيا. پٺيان ڪنهن وڃي چاچي حمزي کي ٻڌايو ته حافظ، درويش صالح سوائيءَ جي قبر کوٽڻ لاءِ ڪوڏر کنيو پيو وڃي. اها ڳالھه ٻڌي پڻهس ڏنڊو کڻي تڪڙو تڪڙو سندن پويان روانو ٿيو. هو ٻنڌ ٽپي رهيا هئا ته چاچو حمزو هڪلون ڪندو وڃي کين پهتو. مراد فقير ڀڄي ويو. چاچي حمزي، شمس کي هڪڙي لٺ هنئي، ٻي هنئي ٽين لٺ جي ڦهڪي کان اڳ، حافظ ڏانهس رومڙ ڪندي هڪل ڪئي: “هاڻي بچائي توکي صالح سوائي!” ائين چئي پيءُ کي اهڙو ته سنڌائتو چڪ هنيائين جو مڙس جا جنڊا مڙي ويا. ٻن چئن همراهن وات ۾ ڪاٺيون هڻي پڻهس کي آجو ڪرايو.
ڳوٺ ۾ چوري ٿي، ڀاڳيا جاڳي پيا، چور چور جون رڙيون ٿيون. شمس به گاسليٽ واري بتي هٿ ۾ کڻي “پهتو پهتو” ڪندو گھٽيءَ ۾ نڪري آيو. تڪڙو اڳتي نڪرڻ جي ڪوشش ۾ وڃي کڏ ۾ ڌُو ڪيائين. همراهه جي ٽنگ ٽن هنڌن تان ٽٽي پئي. ٻه چار مهينا ته کٽ تي پيو هو. ان کان پوءِ ڊگھيون مسافريون ڇڏي ڏنائين. رمضان ۾ تراويحون پڙهائڻ لاءِ ويندو هو، اوڏانهن وڃڻ به ڇڏي ڏنائين. چاچي حمزي ۽ ڀائرن کي شاديءَ لاءِ ڏاڍو تنگ ڪيائين. نيٺ لايو سجايو ٿيو. گھر واري ۽ ٻار جو ٿيس ته سائين امير بخش پيرزادي 1980ع ۾ کيس موهن جو دڙو هاءِ اسڪول ۾ ٻارڙن کي قرآن شريف جو پيرڊ وٺڻ لاءِ مقرر ڪيو، جنهن تي هن کي معمولي پگھار به ڏيندو هو ۽ مهيني تي ٻار به ونڊ ڪرائيندا هئس. سائين امير بخش جي رٽائر ٿيڻ کان پوءِ حافظ کي اتان جواب ڏنو ويو ۽ بعد ۾ سائين علي مردان کيس مڊل اسڪول حاجي لعل بخش شيخ ٻلهڙيجيءَ ۾ ساڳي ذميواري ڏني، جيڪا اڄ تائين نباهيندو پيو اچي.
حافظ شمس الدين چهواڻ صوفياڻي راڳ جو شائق به آهي، ان ڪري جمعي تي سيد ملوڪ شاهه جي درگاهه ۽ ڪڏهن ڪڏهن شبيني يا ختمي تي به پهچي ويندو آهي. اتان موٽي اچي ملن جي گِلا شروع ڪندو، چي: “هر هر وضو ڪندا، انهن کي دين جي گھٽ خبر آهي... مڙيوئي ڦلاڻي جو ايلاز ڪيا ته وڃڻو پيو، ورنه ڪير انهن ملن سان گڏ ويهي... آئون اٺين ڏينهن وضو ڪندو آهيان ۽ وضو اندروني واءُ نڪرڻ سان ٿوروئي ٽُٽندو آهي، ماڻھو جو وهنجي سهنجي ٿو ته وضوءَ جي ڪهڙي ضرورت. ريگستاني عرب مهينن جا مهينا نه وهنجندا هئا، ان ڪري انهن لاءِ نماز ۾ وضو ڪرڻ جو حڪم صادر ٿيو، اسان لاءِ اهو ضروري ناهي!”
اسان جڏهن حافظ جون اهي ڳالهيون سائين امير بخش کي ٻڌايون ته کيس اعتبار ئي نه اچي. چئي “ايئن ڪيئن هوندو، اوهان ڪوڙ ٿا ڳالهايو.” نيٺ هڪ دفعي سائين امير بخش کي پاڻ سان گڏ ويهاري سندس موجودگيءَ جو احساس ڏيارڻ بغير حافظ کي ڇيڙيو سين ته سائين امير بخش تي کوڙ سارا انڪشاف ٿيندا ويا، نيٺ سندس صبر جو پئمانو لبريز ٿي ويو ۽ شمس کي مخاطب ٿي چوڻ لڳو: “حافظ، توهان ئي اهڙيون ڳالهيون ڪندؤ ته پوءِ هنن ڇورن تي ڪهڙي ميار! اڇو منهن ئي اوهان جو آ! مون سمجھيو ته کين سياستدانن ان پنڌ تي پهچايو آهي، پر اوهان جا ئي اهڙا افعال آهن...” حافظ کڻي ماٺ ڪئي پر سائين امير بخش جي وڃڻ کان پوءِ اسان کي چوڻ لڳو: “يار! منهنجي کائڻ پيئڻ وارا دڳ ته بند نه ڪيو، باقي جيڪا ڳالھه هوندي، اها ته پئي ڪبي.”
ڏوڪريءَ جو رکيو ڏيرو موسمي چريو هو، جڏهن به چريائپ واري رنگ ۾ هوندو هو ته سنڌيءَ بدران اردوءَ ۾ ڳالهائيندو هو. ٺاهوڪو چور هو. ڪيترائي ڀيرا جيل ياترائون به ڪيائين. هڪ ڏينهن حافظ جي اوطاق ۾ اچي رهيو. مينهن به ڏاڍو پيو وسي. حافظ ۽ رکئي کان علاوه ٽيون ڪو به ماڻھو اوطاق تي ستل نه هو. صبح جو اُٿي حافظ جو بوٽ پائي روانو ٿي ويو. حافظ کي باهيون هجن، چي: “رکئي کي رڳو هڪ ڀيرو مون سان ملايو، پوءِ اوهان ڇٽل آهيو. مان ڄاڻان رکيو ڄاڻي.” هڪ ڏينهن روڊ ڀرسان ويٺا هئاسين، جو رکئي اچي سلام ڪيو. هو ٻي ڪا ڳالھه ڪري ان کان اڳ حافظ جو ٻک لڳي ويس. بلا مڙس کي دسي سندس مٿان چڙهي ويهي رهيو. رکيو چئي: “حافظ خدا ڪو مانو، ايسا نهين ڪرو!” پر حافظ ڪٿي ٿو جلد هٿ ڪڍيس. چيٿاڙي چِلهي ساڻو ڪري رکيائينس.
ملان مٺاڻ جا شوقين پر حافظ جي مٺاڻ سان هرگز نه پئي. نه شيرو کائي، نه ئي حلوو، نه سئيون کائي، نه ئي طاهري يا ٻي ڪا مٺي شيءِ واپرائي.
حافظ شمس الدين کي پٽاڻو اولاد نه ٿيو، ٻه نياڻيون اٿس جن کي مئٽرڪ تائين تعليم ڏياريائين. هاڻي انهن کي به شينهن ڪلهي چاڙهي ڇڏيو اٿائين.
قرآن جو پهريون پيرڊ وٺڻ لاءِ وقت تي اسڪول پهچي وڃي ٿو، البت ٻارن کي سخت سزا ڏيڻ ڇڏي ڏني اٿائين، ڇاڪاڻ جو هاڻي زمانو بدلجي ويو آهي ۽ هو، هن عمر ۾ عورتن جون گاريون کائڻ نٿو چاهي.
***

غفور موچي: چالاڪيون، چرچا، ٽهڪ

عبدالغفور چنو اسان جي ڳوٺ جو دلچسپ ڪردار هو. سندس وڏا موچڪو ڪم ڪندا هئا، ان نسبت سان کين موچي سڏيو ويندو هو. جتي غفور هوندو اتي ٽهڪ هوندا، چرچا هوندا ۽ ڪا نه ڪا شرارت هوندي هئي. سوين ڌنڌا ۽ ڪم ڪيائين پر سندس پسنديده پيشو خرڪاري هو. جوانيءَ ۾ سرن جو قالبي ۽ خرڪار رهيو. ڪڏهن پراوا گڏهه هڪليندو هو ته ڪڏهن پاڻ وٽ به ڏهه ڏهه گڏهه هوندا هئس ۽ سيٺ سڏبو هو. جتي به هوندو چوري يا ٺڳيءَ کان نه مڙندو. ائڊوانس رقم مليس ته مري وڃي ڪم پورو نه ڪري ڏيندو. نه ڪندو. ٺيڪيدارن جا پئسا کائڻ ۽ خرڪارن جا ڀلا ڀلا گڏهه چورائڻ هن جو محبوب مشغلو هو.
سندس پيءُ جو ڳوٺ الهيار ساريو ۽ ناناڻڪو ڳوٺ گاجي ديرو هو. ٽي ڀائر ٻيا هئس. ننڍي لاڪون کانئن جدا رهيو ۽ شاديءَ کان پوءِ اچي ٻلهڙيجيءَ ۾ رهيو ته اتان جو ٿي ويو. همراهه اڳ ئي “ونٽي”هو، ويتر ٻلهڙيجيءَ ۾ ماڇين جي ڀر ۾ ويٺو ته رهيل ڪسر به پوري ٿي وئي. جيترو ڦڏائي ۽ ڏنگو هو، ايترو ئي ڳالھه ڪرڻ جو ڏانءُ هئس. پنهنجي ڦڏن فسادن ۽ شرارتن وارا ڪارناما وڏي تفصيل سان بيان ڪندو هو. ڳالھه ڪرڻ جو ڍنگ اهڙو جو ٻڌندڙن جا پيٽ ۾ هٿ هوندا هئا پر مجال آ جو پاڻ کِلي.
غفور موچي 1952ع ڌاري گاجي ديري ۾ ڄائو. 1974ع ۾ اچي ٻلهڙيجيءَ ۾ رهيو. ان کان اڳ ڪجھه ورهيه ڍنڍ ڳوٺ ۾ به رهيو پر پنهنجي مائٽن کان پري ئي رهيو. ان وقت ترقياتي ڪم هلي رهيا هئا، بچاءَ بندن کي به مٽي وجھي مضبوط ۽ مٿي ڪيو پئي ويو. کوڙ سارا ٻيا ڪم به جاري هئا. مٽيءَ جو وڏو ڪم هو. ٽريڪٽر ۽ ٻِي مشينري ڪانه هئي، خرڪارن جو وڏو مانَ هو. غفور اوڏن، پٺاڻن ۽ ٻين ٺيڪيدارن وٽ ڪم به ڪندو هو ته هر وقت سندن گڏهه چورائڻ جي تاڙ ۾ رهندو هو، هن جو اصول هو ته اڳواٽ رقم ملڻ کان پوءِ اهو ڪم ناهي ڪرڻو، نه ئي پئسا موٽائي ڏيڻا آهن. ان ڪري ڪڏهن ڪڏهن ڪيس به ٿيندا هئس، پوليس گرفتار به ڪري ويندي هئس پر هن پنهنجي ڪرت جاري و ساري رکي. ٻلهڙيجيءَ ۾ مٿس وڏيري امام بخش پيرزادي عرف وڏيري امن جو هٿ هو ۽ هو، هن جي سڀني عادتن کان چڱيءَ طرح واقف هو، ان جي باوجود وڏيري پنهنجو ڪم هر ڀيري غفور کان ئي ڪرايو، ٻئي ڪنهن به خرڪار کي نه ڏنو. غفور موچيءَ وڏيري امن سان به ٺڳيءَ جون وڏيون ڪوششون ڪيون پر ڪڏهن به ڪامياب نه ٿي سگھيو، سدائين سندس چوري پڪڙجي ٿي پئي، جنهن ڪري کيس ٻيڻو ٽيڻو خفو ڳچيءَ ۾ پئجي ويندو هو.
هڪ ڀيري وڏيري امن پنهنجي پراڻي ڇڙائي پيسائيءَ واري مشين جو دڪو ڊهرائي ان جون سرون ڪڍي ٻي هنڌ پهچائڻ وارو ڪم غفور جي حوالي ڪيو. ٽيوب ويل جي ڀرسان پاڻيءَ جي کڏ هئي، غفور اڌ سرون صاف ڪرڻ کان سواءِ کڏ ۾ غرق ڪري ڇڏيون، باقي اڌ سرون صاف ڪري مقرر جاءِ تي پهچائي ڏوڪڙن جي تقاضا ڪئي. پئسن ڏيڻ کان اڳ وڏيرو امن ڪيل ڪم جو جائزو ضرور وٺندو هو، سو وڃي ڏسي ته واقعي ميدان صاف لڳو پيو آهي. باقي سرون ڪاڏي ويون؟ وڏيري کي شڪ پيو ته پهتل سرون دڪي وارين سرن کان گھٽ آهن. ان ڪري هن پنهنجي هڪ هاريءَ کي کڏ ۾ لهڻ لاءِ چيو. هاريءَ کڏ ۾ لهي وڏيري امن جي شڪ جو ثبوت پيش ڪندي چيو: “سائين، واقعي کڏ سرن سان ڀري پئي آهي.” غفور کي سموريون غرق ڪيل سرون کڏ مان ڪڍڻيون پئجي ويون. اهڙي ريت همراهه کي ٻيڻي ٽيڻي محنت ڪرڻي پئجي وئي. ٻئي دفعي وڏيري امن کيس زمين جو ٽڪرو ڏيندي تاڪيد ڪئي ته ان کي کوٽي، سموري مٽي سندس اوطاق تي پهچائي. ٻنيءَ جي ڀرسان واهه وهندو هو. غفور هڪ چڪر گڏهه ڀري وڏيري جي اوطاق تي مٽي پهچائي ته ٻه ڀيرا مٽي وڃي واهه ۾ پيو لاهي. اهڙي نموني تڪڙو ڪم پٽي وڏيري وَٽ پهتو ۽ کانئس اجرت طلب ڪيائين. وڏيرو تسلي خاطر ڪم ڏسڻ لاءِ سر زمين تي پهتو. هن، آثارن مان اندازو لڳائي ورتو ته اطاق تي پهتل مٽي، کوٽي ڪڍيل مال کان ٿوري هئي. وڏيري وري به پنهنجي هڪ هاريءَ کي واهه ۾ لهڻ لاءِ چيو. همراهه هڪ پاسي کان جو واهه ۾ لٿو ته اتان کيس سيني تي پاڻي اچي رهيو هو، ٿورو اڳتي جو آيو ته پاڻي گوڏن تائين مس ٿي آيو. غفور تڪڙي واردات ڪندي ذري گھٽ واهه ئي لٽي ڇڏيو هو. پوءِ ته هن سان ڏاڍي ٿي. اهو سڄو ڪم ٻيهر ڪرڻو پئجي ويس، همراهه کي سود ته نه مليو، الٽو “بُود” تڪليف ۾ اچي ويس.
هڪ ڀيري سندس ماءُ ۽ ناني گاجي ديري کان ساڻس ملڻ آيون. بچاءَ بند تان هڪ ٻڪري به سندن پويان لڳي آئي. غفور ماءُ ۽ نانيءَ کان پڇيو ته “هيءَ ٻڪري ڪنهن جي آهي؟” مائين جي نيت به پنهنجي وياءَ کان مختلف ڪانه هئي، چوڻ لڳيون: “پنهنجي آهي تڏهن ته اسان جي پويان لڳي ٿي اچي.” غفور به صفا سڃائيءَ ۾ هو، سو چيائين ته “ڀلا اها ٻڪري مون کي ڏيو ته سڀاڻي حلال ڪري گوشت کپايان، ٻه ٽي ڏوڪڙ ملي پوندا.” زائفن بسم الله ڪري ٻڪري سندس حوالي ڪئي. غفور به تياريون شروع ڪري ڇڏيون. ڳوٺ جي سرندي وارن ماڻهن کي ٻڌائي آيو ته سڀاڻي ٻڪري ڪهندم، ڪنهن کي به گوشت وٺڻو هجي ته هليو اچي. هي، اهڙي ڳالھه وڏيري امن سان به ڪري آيو. شام جو جڏهن وڏيري جو مال موٽيو ته سندس هڪ ٻڪري غائب هئي. پڪ ٿيس ته همراهن کي چيائين: غفور کي چئو ته اها ٻڪري ڪاهي منهنجي اوطاق تي اچي ڪوس ڪري. غفور جيئن ئي ٻڪري ڪاهي اوطاق تي پهتو ته وڏيري امن ٻڪري هٿ مان وٺندي دڙڪو ڏنس: “چور پيش ڪر!” پوءِ ته غفور کي به رؤنشو لڳو. گھر وڃي ماءُ ۽ نانيءَ کي چوڻ لڳو. “توهان مون سان ٺڳي ڪئي آهي، ٻڪري به وڏيري امن جي چورائي اٿو! هاڻ وڏيرو چوي ٿو ته چور پيش ڪر. وڏيرو ٻاهر بيٺو آهي، هلي صفائي ڏيو!” زائفائون ڪيئن پيش ٿين. غفور کي ڌڪا ڏئي ٻاهر ڪڍي پاڻ قائم ماڇيءَ جو لوڙهو ٽپي ڳوٺ روانيون ٿي ويون.
هڪ ڀيري ڪنهن ڳوٺ ۾ مٽيءَ جو ڪم ڪري رهيو هو. ليبر به ساڻس گڏ هو. اتي سندس ڪا ڄاڻ سڄاڻ نه هئي، تنهن هوندي به هڪ دڪان تي چڙهي ويو ۽ دڪاندار کان اٽو، چانور، کنڊ، پتي، ڳڙ، گيهه، سگريٽ مطلب ته ضرورت جو چڱو موچارو سامان اوڌر تي طلب ڪيائين. دڪاندار کانئس ضمانت گھري. هن، فورن دڪان ۾ ٽنگيل قرآن پاڪ ڏي اشارو ڪندي چيو: “ابا منهنجو ضامن ته قرآن پاڪ آهي، باقي توکي الائي ڪنهن جي ضمانت کپي!” دڪاندار به ڪو دين ايمان وارو هو. هر شيءِ کڻي ڏنائين. ٻن ٽن ڏينهن بعد جڏهن غفور کي ٺيڪيدار وٽان سٺي رقم ملي، ته ان ئي رات پنهنجا گڏهه ڪاهي گم ٿي ويو. سال ٻن کان پوءِ ساڳئي دڪاندار کي ڪٿي هٿ اچي ويو. دڪاندار اول ته کيس صفا سڱن تي کڻي ڏنو، ان جي باوجود هي سندس داٻي ۾ نه آيو، الٽو ڏاڪا ٻڌي چڙهي ويس؛ چي: “تنهنجي جڏهن مون سان سڃاڻپ ئي نه هئي ته تو ڪنهن جي چوڻ تي مون کي ايترو سامان ڏنو؟” دڪاندار چيس: “ڀائو قرآن پاڪ ضامن هو!” غفور ٺهه پهه وراڻيس: “ته پوءِ ڏوڪڙ به ان کان وڃي وٺ، مون مسڪين جو مٿو ڇو کاڌو اٿئي، مان غريب توکي ايترا پئسا ڪاٿي ڏئي سگھندس.” دڪاندار پنج رپيا مٺائيءَ جا ڏئي هن مان هٿ ڪڍيا.
غفور ڪڏهن ڪڏهن ڪچي مان ڪاٺيون ڪرڻ به ويندو هو. تن ڏينهن پتڻ تي ايف سي اهلڪار مقرر هوندا هئا، جيڪي هر مسافر کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏسي پوءِ ٻيڙيءَ تي چڙهڻ ڏيندا هئا. ان ڪري هن رات جو ئي ڪارڊ هٿيڪو ڪري رکيو ته جيئن صبح جو ڳولڻ ۾ دير نه ٿي وڃي. جيئن ئي پتڻ تي پهچي اهلڪارن کي ڪارڊ ڏنائين ته هنن کانئس پڇيو: “تمهارا نام ڪيا هئي؟” چيائين: “عبدالغفور” ان تي اهلڪار چيو: “اس پر تو غلام فاطمه لکا هوا هئي!” همراهه ڀُل ۾ گھر واريءَ جو ڪارڊ کڻي نڪتو هو، پوءِ ته اهلڪار هن جو نالو ئي غلام فاطمه رکي ڇڏيو.
اهو ڪو پهريون ڀيرو نه هو. هڪ ڀيري ته جھونجھڪڙي جو اٿي گھر واريءَ جو تار تي ٽنگيل چولو پائي ڪاٺيون ڪرڻ نڪري ويو. مرد ۽ عورت جي ڪپڙن ۾ فرق هوندو آهي ۽ مرد به غفور جهڙو ساڍن ڇهن فوٽن جو پر اونداهه ۾ هن کي خبر ئي نه پئي. جڏهن ڪچي ۾ ڪنهن کيس ٻڌايو ته اوهان ڀاڄائيءَ جو چولو پائي آيا آهيو، تڏهن اهو لاهي ڪاٺين ۾ لڪائي ۽ پاڻ پُٺن اگھاڙو گھر پهتو.
غفور سوين ڪم ڪيا پر پڇاڙڪا ويهارو سال ٻلهڙيجي مين روڊ تي پڪوڙا کپائيندي گذاريائين. دڪان ۾ ڪڏهن ڪڏهن سبزي به رکندو هو، هڪ ڏينهن مڙس سنگت ساٿ کان قرض پکو کڻي گيهه، ٽماٽا، مرچ، پٽاٽا ۽ بيسڻ وٺي جيئن ئي دڪان کوليو ته مائٽاڻي ڳوٺ جي هڪ ماڻھوءَ اچي ٺڪاءُ ڪيو ۽ اچڻ سان کيس هڪ رشتيدار جي فوتگيءَ جو اطلاع ڏنائين. مرحوم، هن کان وڌيڪ سندس گھرواريءَ جو ويجھو مائٽ هو. جيئن ته غفور قرض کڻي دڪان کوليو هو. ڪلهي ڪانڌي ٿيڻ لاءِ وڃي ته دڪان بند ڪرڻو پويس، اچڻ وڃڻ لاءِ ڏوڪڙ الڳ خرچ ٿين! اهو سوچي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ آيل رشتيدار کي چوڻ لڳو: “ڀُٽي جهڙا بادشاهه به مري ويا، هي مئو ته ڪهڙو سنڌ کي لوڏو اچي ويندو، مري ويو ته پوري ڇڏيوس، مان ڇا ڪيان؟”
غفور موچيءَ کي جواني ۾ ڪوڏي ڪوڏي کيڏندي به ڏٺوسين ته ملھه وڙهندي به ڏٺوسين. همراهه جيئن ته چرس جو موالي هو، ان ڪري سهڪي پوندو هو. سهڻن جو عشق به ڪيائين. اسان سان ميلن ملاکڙن تي گڏ هوندو هو. هي گڏ هوندو هو ته ڪڏهن به بوريت جو احساس نه ٿيندو هو.
همراهه کي ٽن پٽن ۽ ٽن نياڻين جو اولاد ٿيو. سندس وڏو پُٽ سراج ذهني مريض بڻجي ويو، ٻيو پٽ مجو هڪ ڄنگھه کان معذور آهي، جنهن کي معذور ڪوٽا تي تعليم کاتي ۾ پٽيوالي جي نوڪري ملي، جنهن ڪري گھر جو ڪجھه بار کڻڻ جهڙو ٿيو.
سدائين مرڪون ونڊيندڙ غفور موچيءَ جا آخري ڏينهن ڏاڍا ڏکيا گذريا، هڪ طرف کيس بيماريءَ سوڙهو ڪري وڌو ته ٻئي طرف سندس ڀاءُ احمد کي مائٽن لٺيون ڪهاڙيون هڻي بي درديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو. احمد صفا مڙس ماڻھو هو، کيس ڪو به ڊپ ڊاءُ نه هو. جن کيس خون ڪيو، اهي به ساڻس گڏ هوندا هئا، بس ماڻهن جي ڳالهين ۾ اچي مڙس ماري وڌائون. بيماريءَ جي بستري تي پيل غفور جڏهن احمد جو لاش ڏٺو ته ڪجھه به ڳالهائي نه سگھيو ۽ هفتي اندر گذاري ويو. هن کي اباڻي قبرستان الهيار سارئي ۾ دفن ڪيو ويو، جتي جمعي جي رات راڳ ويراڳ به ٿيندو آهي. توڙي جو غفور جا هڏڙا ٻلهڙيجيءَ ۾ نه آهن پر هن جي ياد هر ٻلهڙيجائيءَ جي سيني ۾ ٽهڪ جيئن ٽڙيل آهي. اهڙن ڪردارن کي سدا گونجندڙ ٽهڪ چئجي ته غلط نه ٿيندو.
***

قادن سرگاڻي

سنڌ ۾ هاڻو ۽ ڌاڙيل ايامن کان موجود رهيا آھن. عربن جي سنڌ تي حملي جو جواز به اهڙن قذاقن کي ڄاڻايو ويندو آهي جيڪي وشال سمونڊ جي سيني تي ترندڙ غورابن جو گھيرو ڪري ڦرلٽ ڪندا هئا. برهمڻ دور کان وٺي پاڪستان ٿيڻ تائين هاڻو هميشه موجود رهيا آھن، جن حڪمرانن کان وٺي لشڪرين تائين، ڪنهن کي به سک سان سمهڻ نه ڏنو. هونئن سکيو ستابو هئڻ ڪري منهنجو ديس سدائين ڦورن جي نشاني تي رهيو آهي. هر دور ۾ نوان نادر شاهه سنڌ کي ڦرڻ لٽڻ لاءِ ايندا رهيا آهن. ٻيو ته هتي گھڻو ڪري ڌارين جون حڪومتون رهيون آھن جن جو ڪم عوام کي ڦرڻ، لٽڻ ۽ پنهنجا ڀِڀ ڀرڻ رهيو آهي. اهڙين حالتن ۾ هتان جا ماڻھو باغي بڻجي وڃي جھنگ ۽ ٻيلا وسائيندا آھن. جڏهن رياست مان انصاف جي اميد ختم ٿي ويندي آهي تڏهن ماڻھو باغي ٿي اهڙا عمل ڪندا آھن ۽ ان مان وڌيڪ نقصان وري به عام خلق کي رسندو آھي.
سنڌ ۾ بهرحال سندن ڳالهيون ڳائبيون رهنديون آھن. اوطاقي ڪچھرين ۾ جتي رومانوي داستان ۽ سورهيه سرويچن جا قصا بيان ٿيندا آھن، اتي زورآور جوانن ۽ هاڻُن کي به هرگز نه وساريو ويندو آھي. سندن وارداتن، سفاڪين، بهادري توڙي بزدليءَ ۽ ڀاڙيائپ جون ڳالهيون هلنديون رهنديون آهن. اسان جي تر ۾ ڪيترائي هاڻو پيدا ٿيا. گھڻي مشهوري ماڻيندڙن ۾ قادن سرگاڻي به هڪ هو. همراھ ملڻ جلڻ جو ڏاڍو ڀلو هو. جيئن ته ان دور ۾ ماڻھو پوليس گرديءَ جو شڪار هئا، ان ڪري ههڙن ڪردارن لاءِ نرم گوشو رکندا ھئا پر تاريخ شاهد آهي ته ڌاڙيل انقلابي نه ٿيندا آھن، انهن مان وري به تڪليف عام ماڻهن کي رسندي آهي.
قادن سرگاڻي منهن مهانڊي ۾ ملوڪ هو: ويڪري پيشاني، وڏيون اکيون، ٺھندڙ ڀريل بت، چاپئين ڏاڙھي، ڊگھو قد. بدنام ڏوهاري هوندي به کلڻو ملڻو شخص هو. غريب ۽ هاري ناري به ڀوڳ ڪندا هئس ۽ ڪڏهن ته ڪچيون گاريون به ڏيندا هئس. قادن دادو- لاڙڪاڻي دنگ تي ڳوٺ گھاري جو ويٺل هو جيڪو انتظامي طور دادو ضلعي ۾ آهي. همراهه پنهنجي ٻني ٻاري ۽ مال رزق وارو هو پر جيئن ته ان وقت چوراڻو راڄ ھو، تنهن ڪري سنڌ ۾ وڏي شھرت ملهن ۽ چورن جي هوندي هئي. ٻيو ته ٻيلن ۾ اهڙي شخص جا ئي ڍور ڇيڪ چري سگھن پيا جيڪو پاڻ به ڏاڍو مڙس هجي.
قادن ننڍي هوندي کان ئي چوراڻڪي صحبت ۾ رهيو. ڏوهه ڪير به ڪري، ڪيس هن تي لڳندو هو ۽ سدائين پوليس کيس پڪڙي ويندي هئي. پوليس جي مار به قادن وانگر ڪير نه پچائي سگھندو هو. اهو ئي سبب هو جو ننڍي کان ئي همراھ جي هاڪ پئجي ويئي ۽ کيس مختلف هنڌن تان سنيهڙا ملندا رهندا ھئا.
اسان جي تر ۾ قادن سرگاڻي پنهنجي دوست نوري ڦرڻي جي معرفت آيو، جيڪو ڪلهوڙا ذات سان تعلق رکندڙ ھو. پوءِ ته سڄي تر سان سندس واسطا ٿيا ۽ هتان جو ئي ٿي ويو. هڪ دفعي ڪا ٻانهن کڻي آيو ۽ اها نوري ڦرڻي وٽ ڇڏي پاڻ ڪيڏانهن هليو ويو. مهيني کان پوءِ جو واپس پهتو ته مائيءَ ميار ڏيندي چيس: “مون کي ڪهڙن دوستن جي حوالي ڪري ويو هئين، هِنن مون سان زبردستي ڪئي آھي.” مائيءَ نوري ڦرڻي جي ننڍي ڀاءُ جو نالو کنيو، جنهن تي ڪلهوڙن قادن سرگاڻيءَ کي چيو ته: “اهڙي ڳالھه آهي ته ائين هو اسانجي ڪڙم مان ئي ناهي. تون اسان جو ڀاءُ آھين، هن توسان دوکو ڪيو آھي ته سڀاڻي پنهنجين سڳين ڀاڄائين سان به ائين ڪري سگھي ٿو. تون هن کي جهڙي به سزا ڏيندين، اها اسان کي قبول هوندي.” اهڙين ڳالهين کانپوءِ قادن سرگاڻي نوري ڦرڻي جي ڀاءُ کي بندوق جا فائر ڪري ماري ڇڏيو. اهو 1971 ع جو زمانو هو. ڪلهوڙن ماٺ ڪري لاش دفنائي ڇڏيو، نه ايف آءِ آر داخل ٿي، نه مقتول جو تڏو ڪيائون، ڄڻ ڪجھه ٿيو ئي نه هو. هيڏانهن قادن سرگاڻيءَ سان ساڳي ڀائپي برقرار رکيائون. ان کانپوءِ قادن اسانجي تر ۾ هوندو هو ته ڪلهوڙن ڏانهن ڀيرو ضرور ڀريندو هو. مقتول جون ڀينرون به کيس ڀاءُ سڏينديون هيون ۽ چونديون هيون ته: “اسان کي پنهنجو مارجي ويل ڀاءُ قادن ۾ نظر اچي ٿو. اهو ڏوهي هو يا بي ڏوهي، اسان اهو مامرو خدا جي حوالي ڪري ڇڏيو آھي.” ڪجھه ماڻھن جو خيال آهي ته مقتول بي گناهه هو، اصل ۾ مائي صاحبه پاڻ ان کي گناھ جي دعوت ڏني هئي پر همراهه جي انڪار تي ساڙ ۽ حسد ۾ اچي معاملي کي اهڙو رنگ ڏنائين. ڪجھه ماڻھو چوندا آھن ته مائي سچي ڳالھه ڪئي هئي! وڌيڪ خدا کي خبر، دلين جا راز اهو ئي بهتر ڄاڻي ٿو. باقي مون پنهنجي ڄمار ۾ اهڙو واقعو ۽ اِن نوعيت جي لاڳاپن جو ٻيو ڪو مثال ناهي ٻڌو. ها، اهڙي الزام هيٺ آيل ماڻھوءَ جا وارث گھڻو ڪري زباني ڪلامي ته ڏوهاريءَ جي نندا ڪندا آھن پر اندروني طور جوابدار کي بچائڻ لاءِ وڏا وس ڪندا آھن. البت تاريخ ۾ سامن تي سر گھورڻ جا ڪيترائي مثال ملن ٿا ۽ امانت ۾ خيانت ڪندڙ کي به سنڌ ۾ سٺو نه سمجھيو ويندو آھي.
قادن جو ستر وارو سڄو ڏهاڪو پوليس سان لڪ لڪوٽيءَ ۾ گذريو، ڪڏهن هِن ٿاڻي تي ته ڪڏھن هُن ٿاڻي تي، ڪيس هجي نه هجي گرفتار هن کي ڪرڻو آ. اهڙين حالتن کيس باغي بنائي ڇڏيو. نيٺ 1983ع جي آخر ۾ همراهه چِٽو پِٽو ٿي رائيفل ڪلهي ڪري وڃي ٻيلو وسايو. ساڳئي سال جي شروعات ۾ هن جا پاور مون پنهنجي اکين سان ڏٺا. اڃا هي باضابطا ڌاڙيل نه ٿيو هو. اسان جي ڳوٺ پوليس بابا کي گرفتار ڪرڻ آئي. نه ڪو ڪيس هئس، نه ڪا اهڙي واردات ٿي هئي. بابا پنهنجي اوطاق واري مسجد ۾ نماز پڙھي رهيو هو جو هنن کيس هٿ وڌا. بابا زبرو مڙس هو، ساڻن وڙهي پيو. اهلڪار درزن کن هئا. اوطاق ۾ قادن سرگاڻي به ٽڪيل هو ۽ وٽس هڪ نالي بندوق هئي. گوڙ تي جاڳي پيو، ٻاهر نڪري اهلڪارن تي بندوق سڌي ڪري هڪل جو ڪيائين ته سمور اهلڪار هٿيار ڦٽي ڪري ڪڪڙ ٿي بيهي رهيا. قادن بابا جو دوست هو. دوستيءَ واري معاملي ۾ سر چٽ مال نيلام هو. گھڻيون وارداتون سنگت جي پلاند ۾ ڪيائين. رڳو دوست اچي دانهين ٿئي، دير نه ڪندو هو. گھڻا ڪيس به دوستيءَ ۾ ٿيس. هن جي وڏي رهائي سهائي هئي. گادي نشين، پير وڏيرا سڀئي واسطي وارا هئس. جائز ناجائز سندن مدد ڪيائين، ويندي انهن لاءِ خون به ڪيائين. هن جو اهڙو ئي هڪ زميندار دوست ڄامن سامٽيو هو، جنهن جي ڪري هن ٻن ڌرين سان خوني جھيڙا ڪيا پر ساڳئي دوست کيس پنهنجي اوطاق مان ٻڌي ملٽري فورس جي حوالي ڪيو. هي ته اتي کيس مارائي رهيو هو پر ڄامن جي ماءُ پٽ کي ڀلو سونهارو ڏئي قادن کي مرڻ کان بچائي ورتو. ان کان اڳ 1984ع ۾ سندس ٻن مقابلن جو ذڪر ضروري ٿو سمجھان، جن مان هڪ ٽاٽڙين ڀرسان سراج گاڏهيءَ جي زمين تي ٿيو. گاڏهيءَ جو هڪ سيٽلر سان زمين تي تڪرار هو ۽ اُن کي سرڪاري مدد به حاصل هئي. ٻيو ته گاڏهيءَ سان ڏوهاري به ساٿ ۾ هئا. هڪ ڏينهن 100 کان مٿي فوج جون گاڏيون کين چوڌاري گھيرو ڪري ويون. سراج گاڏھي پيش پيو پر قادن سرگاڻي پنهنجي ڪجھه ساٿين سان گڏجي ساڻن مقابلو ڪيو. هڪ طرف دنيا جي مڃيل ۽ تربيت يافته پروفيشنل فوج هئي ته ٻئي پاسي ڪچي جا ڍڳير چور هئا. همراهن ڪارتوسي بندوقن سان ڪمانڊوز کي هڪ جاءِ تي بيهاري ڇڏيو ۽ سندن گھيرو ٽوڙي نعرا هڻي رمندا رهيا. جن به لشڪر کي مقابلي لاءِ ويندي ڏٺو هو انهن جي خيال هو ته ڪو به ماڻھو زندهه نه بچندو پر قادن سڀ همراهه ڪڍي ويو.
اهڙي طرح 1984ع جي آخر ڌاري اسانجي تر واري موسيٰ ٻگھئي ٻيلي ۾ به قادن جي ٽولي جو پئرا ملٽري فورس سان مقابلو ٿيو. اهلڪارن گاڏيون ڇڏي کڙين تي زور ڏنو. هنن فوجين جون ٻه گاڏيون ساڙي ڇڏيون ۽ انهن جي وائرليس ۽ واڪي ٽاڪي قبضو ڪري ورتي. ان جھيڙي ۾ نادر جسڪاڻي به ساڻس گڏ هو جنهن کي ڌاڙيل “ميانجي” سڏيندا هئا. ڄامن سامٽئي وٽان گرفتار ٿيڻ کان پوءِ قادن تي تمام گھڻو تشدد ٿيو ۽ فوجي عدالت کيس ڦاهيءَ جي سزا ٻڌائي. هي جيل ۾ ھو جو ڌاڙيل اسماعيل جوڻيجي قادن جي پلاند ۾ ڄامن سامٽئي جي ڳوٺ تي حملو ڪيو ۽ سندس ڀاءُ سميت ٻن ڄڻن کي ماري ڇڏيو. 1986ع ۾ سکر جيل ٽٽو جنهن ۾ قادن سميت ٽيهارو کن ڌاڙيل ڀڄي نڪتا. ان تي به تحقيق جي ضرورت آھي ته اهو جيل ڪنهن جي مدد سان ٽوڙيو ويو. سياسي ڌريون ان حوالي سان ان وقت جي وزير اعليٰ سنڌ سيد غوث علي شاهه جو نالو کڻن ٿيون. بهرحال جيل تي حملو ڌاڙيل يعقوب چانڊئي جي اڳواڻيءَ ۾ ڪيو ويو ۽ ان ۾ سمورا مقامي ڌاڙيل ملوث هئا، جن جا عزيز ڦاهي گھاٽ ۾ موت جو انتظار ڪري رهيا هئا.
سکر سينٽرل جيل مان نڪرڻ کانپوءِ قادن سرگاڻي اسانجي تر ۾ باقاعده ڇانوڻي هڻي ويهي رهيو. سندس نوجوان پهريٽي پٽ پنهل به اچي ساڻس گڏ رهيو. هي ته ڏوهن تي نه ويندو هو پر پنهل ويندو رهيو ۽ نيٺ مقابلي ۾ مارجي ويو. هي جيل مان نڪتو ته وڏيري ڄامن سامٽئي ساڻس ٺاهه لاءِ وچ وارن دوستن کي ستائڻ شروع ڪيو ۽ چيو ته “قادن مون کان حساب ڪتاب ته وٺي ويو آھي پر وري به مون سان قرآن تي فيصلو ڪري. مون تي جيڪو به ڏوهه ڏنڊ پيو اهو مان ادا ڪندس.” قادن دوستن کي مان ڏيندي وراڻيو ته “مان هن مهل تائين ڄامن سان ان ڪري نه وڙھيو آھيان جو سندس ماءُ جون اکيون آڏو اچن ٿيون، جنهن مون کي موت جي منهن مان ڪڍي ورتو هو. آئون قرآن پاڪ تي چوان ٿو ته ساڻس ڪڏھن نه وڙهندس، باقي مون کي ساڻس ڀائپي ناهي رکڻي، ان ڪري هن سان ڪو فيصلو به ناهي، باقي کيس چئو ته بي کٽڪو ٿي گھمندو رهي، ساڻس ڪوبه نه وڙهندو.”
قادن کي اڌ رنگ جي سٽ به آيل هئي. آخري وقت ۾ ڌاڙيلن جا پاڻ ۾ جھيڙا ٿيا. هن جو پرو ڪلهوڙي سان وڏو جھيڙو هليو جنهن ۾ قادن جا گھڻا مڙس مارجي ويا. ڌاڙيل سهراب چني ۽ حاجي ڪوريءَ سان جھيڙي کانپوءِ اسان جي جُوءِ ڇڏي پنهنجي علائقي ۾ وڃي رهيو. هاڻ گھڻا تڻا ساٿي مارجي ويا هئس. بيماريءَ به هن کي هڻي نستو ڪري ڇڏيو هو ۽ وهي به کائي هليو هو. سندس ذات وارا همراهه پوليس ۾ هئا، جيڪي سرڪاري هٿيار کڻي وٽس پهتا ۽ چيائون ته اسان پوليس ڇڏي ڀاڳيلا ٿيا آھيون. ائين هفتو کن رهي، کيس ويساهي ننڊ ۾ ننڊ ڏئي ڪم پورو ڪري ڇڏيائون.
***

سچل ممڻاڻي ۽ سندس ڀائر : کوڙيءَ کي ئي گھمرو

محمد سچل ممڻاڻي هڪ پير زمين تي کوڙي ڪنهن به ڍور کي ڀاڪر هڻندو هو ته اهو کانئس ڇڏائي نه سگھندو هو. سچل ست فوٽ ڊگھو بلا مڙس هو. جهڙو قدآور اهڙو ئي بت ۾ ڀريل. اڃا ته سندس هڪ ڄنگھه ماريل هئي. ننڍپڻ ۾ ڪو نانگ کائي ويو هئس. ڪچي جو علائقو هو. علاج معالجي جي ڪابه سهولت ڪانه هئي. جھاڙ ڦيڻي تي ڪم هلندو هو. پوءِ جي همراھ بچي ويو ته معجزو، نه ته مريض پاڻ ڄاڻي۔ سچل جو به شايد ترت علاج نه ٿيو ۽ همراھ جي ھڪ ٽنگ سجي ويئي ۽ ان ۾ اُها طاقت نه رهي. سچل وارا ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جي اوڀر ۾ درياهه جي کاٻي ڪنڌيءَ تي ويٺل هئا.
اسان جي تر ۾ ممڻاڻي برادري جھجھي رهي ٿي بلڪه ممڻاڻي آهن ئي اسان جي تر ۾، ٻي هنڌ ٻڌڻ ۾ نه آيا. هي ٻگھين جو پاڙو آھي. انگريز دور کان وٺي اسان جي تر ۾ ٻگھين جي وڏي زمينداري رهي آھي. خانصاحب عبدالمجيد ٻگھيو، موسيٰ خان ٻگھيو، واحد بخش خان ٻگھيو، نذير خان ٻگھيو ۽ حزب الله خان ٻگھيو سنڌ ۽ مرڪزي اسيمبلي جا ميمبر رهندا آيا آھن. ممڻاڻي برادري سندن هر هاري آهي، ان ڪري ٻگھيا کين اليڪشن وارن ڏينهن ۾ مائٽ سڏڻ واري ڪس کائيندا پيا اچن.
ممڻاڻين جا پاڻ ۾ جھيڙا جھٽا اڪثر ٿيندا رهندا هئا، جن جو ڪارڻ اسهپ کان علاوه ٻيو ڪو به نه هوندو هو. هڪٻئي کي نه سهندا هئا. چوراڻڪو راڄ ھو. هڪ ٻئي جاڍور به ٻڌندا رهندا هئا. هئا به پنهنجو پاڻ ۾، ھڪٻئي جو رت ۽ چم. جھنگ جو قانون هو. هڪ ٻئي سان جھيڙن جا باقاعدي وار رکندا هئا ته فلاڻي ڏينهن ميدان ڪرڻو آهي. ان ڏينهن ٻنهي ڳوٺن جا ماڻھو سري ايندا هئا ۽ وچ تي پڙ ڪڍيو ويندو هو. ان ڳالھه جو خاص خيال رکيو ويندو هو ته ميدان اتي ٿئي جتي پاڻيءَ جي سهولت موجود هجي. پوءِ ڌرين ۾ لٺ لٺيئڙو شروع ٿي ويندو هو. مايون مرد جھيڙي ۾ شامل هوندا هئا. صبح کان شام تائين جھيڙو جاري رهندو ۽ سج لٿي جھيڙي جي نئين تاريخ رکي هرڪو وٿاڻين ورندو هو. جيئن ته ٻگھين زميندارن وچ ۾ ٻنين تي ڦڏا هلندا ئي ھئا ۽ ممڻاڻي وري سڀني ڌرين جا هاري هئا. وڏيرا هڪٻئي سان سڌا نه وڙھندا باقي هارين جا وڏيرن جي ڪري هڪٻئي سان جھيڙا جاري رهندا هئا. ممڻاڻين سان به اهو مسئلو هو.
محمد سچل وارا ست ڀائر هئا: شاهن، ٽوهه، صالح، پنجل، سچل، هاشم ۽ حمزو، ست ئي ڀائر قداور مڙس. هنن جا به مائٽن سان جھيڙا جھٽا جاري رهندا هئا جنهن ۾ ڌريون اڌو اڌ پونديون هيون پر جڏھن سچل ساماڻو ته هنن جو پاسو ڳرو ٿي ويو. ۔پنهنجي ذات وارن سڀني ماڻھن سان جھيڙا ڪيائون. سڀني کي ڏنڊا هنيائون. مٽن مائٽن جي ٻنين تي قبضا ڪيائون. هاشم چالباز ۽ سچل جھيڙي ڪار هو. هر چڙهتُو وڏيري کي سلام. هاشم جي پاليسي هئي. مرحيات غلام محمد مهر وانگر سدائين حڪومتي ڌُر سان گڏ. جڏهن ڏوڪري تعلقي جي لٿي اُڀرئي جو مالڪ موسيٰ خان ٻگھيو ٿيو ته هي سندس ساٿاري ٿي بيٺا. جڏهن جمهوري دور ۾ واحد بخش خان ايم پي اي ٿيو ۽ ٿاڻو سندس هٿ ۾ آيو ته هنن وفاداري بدلائيندي دير ئي نه ڪئي ۽ وڃي سندس سلامي ٿيا. وڏيرن کي به اهڙن ماڻھن جي ضرورت پوي ٿي جيڪي ڪُت خلق کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪم اچي سگھن. ممڻاڻين کي به سچل وارن جو ڍور هٿ ايندو هو ته چورائي وٺندا هئا پر سچل وارن جي ڳالھه ٻِي هئي. اهي ديناداستي مائٽن جا ڍور ڪاهيندا هئا. هنن جي رڳو ٻنيءَ ڀرسان ڪنهن جو مال گذري، اهو ورائي واڙي ڇڏيندا. پنهنجي ذات جي غريب ماڻھن لاءِ ته سراسر آزار هئا پر ممڻاڻين جي چڱن مڙسن وڏيري علي محمد ۽ نبوڙي خان سان به اچايائون جن جي سندن برادريءَ ۾ نيڪنامي هئي.
سچل سدائين بيل گاڏيءَ تي سوار هوندو هو. ڪنهن مخالف تي نظر پوندي ئي گاڏيءَ مان اڏو ڪڍي شروع ٿي ويندو، جنهن کي به هن جو ڏنڊو لڳندو تنهن کان وڙھڻ ئي وسري ويندو ۽ اُن جي ڪوشش هوندي ته کيس سچل جو ڏنڊو ٻيهر نه لڳي.
هڪ ڀيري هنن جو پنهنجي ذات وارن سان جھيڙو ٿي پيو. سچل اتي موجود نه هو. سندس ڀائر وڙھي به رهيا هئا ته سچل کي سڏي به رهيا ھئا: “وارو سچل...!” سچل جيئن ئي پهتو، ڏسي ته جنگاڻ متل آهي. هڪٻئي تي لٺين جا وار آھن. سچل هڪ هڪ ماڻھو کي ڏنڊو هڻندو کيس پٽڪي سان ٻڌندو ويو. ائين هنن 12 ڄڻن کي ٻڌي پوليس حوالي ڪري 109 قلم ۾ چالان ڪرائي ڇڏيو. هي ڪنهن به ذات واري کي نه ڀائيندا هئا البت عبدالڪريم عرف عدلو ممڻاڻيءَ مان خوف ضرور ٿيندو هئن، جيڪو ساڻن چوراڻي گوريلا ويڙهه وڙھندو هو، ان جو ذڪر پنهنجي اڳئين ڪتاب “جن سين لنئون لاڳي” ۾ ڪري چڪو آھيان.
عبدالڪريم جي گوريلا ويڙهه جو کين اهڙو ڊپ ويٺل هو جو هڪ ڏينهن سندن ڀاءُ صالح زمين تي پيرن جا نشان ڏسي سڀن کي خبردار ڪندي چيو: هي ڊگھا ۽ ڪارا پير ڏسو، لڳي ٿو عدلو جُوءِ ۾ اچي ويو آھي- جنهن تي سچل چيس: برابر ڊگھا پير تو ڏٺا هوندا پر ڪارا ڪيئن ڏٺئه؟
ڀائرن ۾ صالح ئي ٻين کان ڪمزور هو جيڪو مخالف مائٽن کي ڪٿي هٿ اچي ويندو هو ته سڀني ڀائرن جون باهيون منجھانئس ڪڍندا هئا. اهو وقت اهڙو هو جو جھيڙي کي مڙسي تصور ڪيو ويندو هو. وڏيرن جي ونگار ۾ هِنن مائٽن سان ڏاڍيون بي واجبيون ڪيون.
اسانجي تر ۾ شنباڻي ٻروچ اچي رهندا هئاجن کي بوجا ڪوٺيو ويندو هو. ٻروڄن کي ڳائو ۽ ماهيو مال جھجھو هو. بوجن جو مال سچل جي ٻنيءَ ۾ پيو ته هن مال کي لٺيون هڻي ڊوڙائي ڇڏيو ۽ ڌراڙن کي به ٺاهوڪي ملڻي ڏني. ان ڳالھه کي هفتو نه گذريو جو بوجن جو مال وري سچل جي پوک ۾ پيو. هن ڏنڊو کڻي سندن گھرن تي ڪاهه ڪئي. بوجن کي هن جا ڏنڊا لڳل هئا سو ويجھو ئي اچڻ نه ڏنائونس ۽ پري کان بندوق جو سڌو فائر ڪري همراهه کي ماري وڌائون. بوجن جو هڪ همراهه ممڻاڻين کي هٿ اچي ويو جنهن کي مار ڪٽ ڪري پوليس جي حوالي ڪيو ويو، باقي ٻيا همراهه گھر خالي ڪري ويا. شنباڻين جي عورتن گھر جي ٻي ڪابه شيءِ نه کنئي باقي پنهنجو سمورو مال ڪاهي روانيون ٿيون. ممڻاڻين جا ماڻھو مال کسڻ لاءِ سندن پويان پيا ته بوجن جي هڪ ويڙهاڪ مائي گوڏو کوڙي مٿن سڌا فائر ڪيا. اهڙي طرح مايون حفاظت سان جُوءِ مان مال سميت نڪري ويون.
سچل جا ٻه پٽ ڌاڙيلن سان جھيڙي عيوض پوليس ۾ ڀرتي ڪيا ويا جن مان سندس ننڍو پٽ انور مقابلي ۾ مارجي ويو، جنهن جا پٽ ٻلهڙيجيءَ ۾ ويٺل آھن. جڏهن ته سندس وڏو پٽ علي حسن قد بت ۽ منهن مهانڊي ۾ پنهنجي پيءَ سچل جي فوٽو ڪاپي آھي. سندن پونئير ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جي ڀر ۾ سنڌوءَ جي ساڄي ڀر تي ويٺا آھن جن هاڻي محسوس ڪري ورتو آھي ته وڏن واري ويڙهه جي واٽ غلط هئي ۽ محبت ۾ ئي مزو آھي.
***

ڪريم بخش پيرزادو

ٻلهڙيجيءَ ۾ پير صاحب پاڳاري جو اڪيلو عقيدتمند فقط ڪريم بخش عرف ڪمون پيرزادو هو. مهينن جا مهينا حرن سان هوندو هو، ان جي باوجود هن پنهنجا مسلڪي عقيدا پنهنجي ٻارن تي نه مڙھيا. ان ڪري سندس پٽ حر جماعت ۾ شامل نه ٿيا. ڪاڪو ڪريم بخش قد جو ڊگھو، لڪ چيتي وانگر؛ ڇا ته همراه جي ڏِک هئي. وڏين اکين واري هن سهڻي جوان کي اسان سدائين چاپئين ڏاڙهيءَ سان ڏٺو. هميشه پٽڪو ٻڌل هوندو هئس.
ڪاڪي ڪريم بخش ٻاروتڻ کان ئي ڏاڍا ڏک ڏٺا. اڃا ننڍڙو هو جو سندس والد گل حسن پيرزادو گذاري ويو. سندس امڙ جي ان وقت عمر 18 ورهيه به نه هئي، ان ڪري جلد ئي اُن جي ٻِي شادي امام بخش پيرزادي سان ڪرائي وئي. تنهن ڪري ننڍڙي ڪريم بخش کي پنهنجي ڏاڏيءَ ۽ پڦين پاليو. ڇوڪراڻي ۾ ئي اهڙن ماڻهن جي صحبت ۾ اچي ويو جيڪي سنڌوءَ جي لهرن ۾ لڙھندا ڪٿان کان ڪٿي وڃي نڪرندا هئا ۽ اتان ڳائو ۽ ماهيو مال هڻي واپس اچي جُوءِ ۾ پهچندا هئا. هيءُ ڏاڍو سياڻو ۽ سُچيت چور هو. چوريءَ کي به پورهيو ئي سمجھيائين ۽ عام چورن وانگر لئي ۾ نه پيو، ان ڪري هن نقصان گھٽ برداشت ڪيو ۽ حاصل گھڻو ڪيائين.
ڪاڪي ڪريم بخش جا ورهاڱي واري وقت کان پيا جيل جا چڪر لڳندا هئا. ان وقت حرن جي آزاديءَ واري جدوجهد هلندڙ هئي جنهن ڪري هِنن لاءِ هيءَ ڌرتي رڻ بنائي وئي هئي. مٿن هر قسم جو ظلم روا رکيو ويو هو. ڪيترا حر ڦاهيءَ چاڙھيا ويا، ڪيترا جيلن ۾ تشدد کي منهن ڏيندا رهيا. گھڻن کي ته هندستان جي ڏورانهن جيلن ۾ رکيو ويو، پوءِ به هنن جا حوصلا هيڻا نه ٿيا ۽ هر ظلم جي جواب ۾ ”ڀيڄ پاڳارا“ جا نعرا هڻندا اڳ کان اڳرا نظر ايندا هئا. حرن جي ثابت قدمي ۽ حوصلو ڏسي الاهي سارن قيدين جون به ساڻن همدرديون ٿي ويون هيون. ڪاڪي جي جي به جيل ۾ ساڻن ياري ٿي جيڪا آخري وقت تائين قائم رکيائين.
ڪاڪو ڪريم بخش پيرزادو درياھ جو شاهه تارُو هو. تڏهن درياھ شاهه به هيئن نه هو، اڇ ئي اڇ هوندي هئي. ڪُنن جا ڪڙڪا ئي ماڻھوءَ جو ساھ سُڪائي ڇڏيندا هئا. هي ٽوليءَ ۾ شڪار ڪرڻ جو قائل نه هوندو هو، اڪيلو واردات ڪندو هو. اهڙي وقت ۾ درياھ ئي سندس ساٿي ۽ صلاحڪار هوندو هو جنهن سدائين کيس ڍڪيو، بچايو ۽ اُڪاري پار پهچايو. 1977 ۾ منهنجي پڦڙ الهورائي وفات ڪئي هئي. تڏهن اسان ٻلهڙيجيءَ جي سامهون ڪچي ۾ ويٺا هئاسين. بچاءُ بند جي ٻنهي پاسن کان پاڻي ئي پاڻي هو. نه ملاح، نه مڪڙي. اطلاع ڏيڻ به لازمي هو، جو فوتيءَ جي ڌيءَ ۽ ٻيا احباب اتي هئا. سج لهي چڪو هو، تڏهن فون ۽ اطلاع واري ٻِي ڪا سهولت به ڪانه هئي. بس، هڪ ئي طريقو ممڪن هو ۽ اهو اِهو ته ڪو مڙس درياهه جھاڳي، تري وڃي ڄاڻ ڏيئي اچي. درياھ جي دهشت سبب ڪنهن به تاروءَ همت نه ساري پر ڪاڪو ڪمون سيڻھ تي درياھ ٽپي پار پهتو. اڪيلو مڙس هو ۽ ٻارن جو ڌڻ ھوندو هئس، تڏهن به وٽس پنج ست مينهون ڌاريل هونديون هيون. توڙي جو وٽس ٻلهڙيجيءَ ۾ ٻني نه هوندي هئي، ڏاڏاڻڪي حصي واري زمين تي وڃڻ لاءِ درياھ ٿي ٽپڻو پيو، ان ڪري ڪاڪو ڪمون تر ۾ فقط گاھ جي چوري ڪندو هو. جوانيءَ ۾ مڙس هڪ بيواھ عورت شهزاديءَ سان عشق ۾ شادي ڪئي جنهن مان ٻن پٽن ۽ چئن ڌيئرن جو اولاد ٿيس. جيئن اولاد جوان ٿيندو ويس تيئن گھر کي وقت گھٽ ڏيڻ لڳو ۽ مهينن جا مهينا سنگت وٽ رهڻ رهيو پيو هوندو هو. ڪابه ڳڻتي نه هئس جو هاڻ سندس پٽ جوان هئا پر اها بي فڪري به نه ڦُريس؛ هن کي پوڙھپ ۾ جوان پٽ جي جدائيءَ جو صدمو سهڻو پيو. پير بخش جو لاڏاڻو هن لاءِ ڪاپاري ڌڪ هو، جنهن تي لکڻ جو آئون به اڃا تائين ست نه ساري سگھيو آھيان. پير بخش عرف پيرل منهنجو دوست ۽ ڏک سک جو ساٿي هو. اسان جي مضبوط دوستيءَ جو بنياد قومي سوچ هئي. سندس ٻيو پٽ غوث پيرزادو شاعر ۽ ليکڪ آهي، هن جي رمز سمجھڻ جيتري آسان اوتري ئي مشڪل به آهي. هو ڪنهن وقت منهنجي دوستيءَ جو اقرار ته ڪنهن وقت انڪار ڪندو رهندو آھي، في الحال ته آئون به هن بابت وڌيڪ لکڻ کان ٽارو ڪيان ٿو جو منهنجو موضوع سندس ابو آھي. جوان پٽ جي جدائيءَ کان پوءِ ڪاڪي ڪمونءَ جي ڪاڪ ئي ڪومائجي وئي. هڪ ته هُن ڦوھ جوانيءَ ۾ موت ماڻيو هو، ٻيو ته پيرل جا پنج ٻچڙا به صغير هئا جن کي ڏسي سندس اندر اڌ ٿي پوندو هو. هي غم وڃڻ جو نه هو، اهو ته سڄي زندگيءَ جو ساٿي هئس پر پڇاڙيءَ ۾ من گھري ونيءَ جي وفات واري صدمي ويتر جيءُ جھوري وڌس. مڙس توڙي جو غمن ۾ چُور هو ته به وڏيءَ دل وارو شخص هو. ان دور ۾ به سندس ڪچهريون جاري رهنديون هيون. حر جدوجھد جا داستان ايئن ٻڌائيندو هو ڄڻ اها ڪالهوڪِي ڳالھه هجي. آخر تائين حافظو قائم رهيس. ٻلهڙيجيءَ جي هن انوکي ڪردار 22 سيپٽمبر 2013 تي وفات ڪئي.

نانو يعقوب پيرزادو

نانو مرحوم محمد ڇُٽل پيرزادو کنگھي کنگهي سامت ۾ اچي، ان کان اڳ سندس ننڍي ڀاءُ محمد يعقوب جو اگھاڙو تير سڌو وڃي نشاني تي لڳندو هو: “لوڙ جوءِ جا.... لوڙ! چڱي طرح ڪارو منهن ڪرڻ لاءِ آفيم کائڻ جي عادت ڪاٿي پهچايو اٿئي!” ان مهل ڀرسان ويٺل اسان جي ناني کِلي، شرمائي ڪنڌ ٻي پاسي ڦيري ڇڏيندي هئي. نانو يعقوب پيرزادو رڳو پنهنجي ڀائرن سان ايئن نه ڳالهائيندو هو پر هن جا الف آجا گفتا جنهن تنهن سان جاري رهندا هئا، پوءِ اهي مرد هجن يا مايون. ناقابل برداشت گاريون ڪڍندو هو پر هن جي انداز گفتگوءَ ۾ اهڙو ته ڪو اثر هو جو ماڻھو سندس گارين جا مشتاق هوندا هئا، جيڏي وڏي گار ڏيندو اڳلو ايڏوئي خوش ٿي ٻين کي ٻُڌائيندو هو ته مامي يعقوب اڄ مون کي بلڪل نئين نڪور گار سان نوازيو آهي.
يعقوب پيرزادو اسان جي تر جو نالي چڙهيو شخص هو. تر جو ڪو به ميلو ملاکڙو نه ڇڏيندو هو.
خيرپور جي يوسي سڳيون کان وٺي مهين دڙي ۽ يوسي ڪاراڻي جو ڳوٺ ڳوٺ هن کان واقف هو. جتي نانو هوندو، اتي چرچا هوندا، ٽهڪ هوندا، کل خوشي هوندي. سڄي ڄمار ڪنوارو رهيو. جتي مائٽن پرڻائڻ چاهيس اتي انڪار ڪري ڇڏيائين، جتي هن پرڻجڻ چاهيو اتي سندس مائٽ راضي نه ٿيا. ايئن هي همراهه رهجي ويو. اسان جي نانيءَ جو وڏي ۾ وڏو ڀاءُ فتح محمد پيرزادو چوندو هو: “هن ان ڪري شادي نه ڪئي ته پوءِ ٻار ڄمندا، اهي ڪنڌ وٺي ويندا، آزادي ختم ٿي ويندي، گھمڻ ڦرڻ نه ٿيندو، ميلا ملاکڙا نه ڪري سگھندو.”... پر اها ڳالھه سڄي سچ ثابت نه ٿي. ان جي باوجود همراهه سان ٿي ساڳي ڪار. پاڻ ته شادي نه ڪري سگهيو پر ڀائرن سان گڏ ڀائيٽن جا ٻار به لاڏ ڪوڏ سان پاليائين ۽ انهن جا انگل آرا به کنيائين.
نانو يعقوب 1940ع ڌاري ٻلهڙيجيءَ ۾ ڄائو. اٺن ورهين جي ڄمار کان ئي ٻلهڙيجيءَ سامهون سنڌوءَ جي کاٻي ڪپ واري ڪچي ۾ رهيو. هن جو پيءُ دين محمد انتهائي سادو ۽ مسڪين ماڻھو هو. سندس ماءُ قلات جي بروهڻ هئي. ننڍو هئڻ ڪري سڀني ڀائرن کي ڏاڍو پيارو هو جن کيس گھر ۽ ٻني ٻاري جو ڪم معاف ڪري ڇڏيو هو. هي سيلاني طبيعت وارو ماڻھو هو. ان جي باوجود سندس اصول هو ته گھر خالي هٿين ناهي موٽڻو، ڪا نه ڪا شيءِ ضرور کڻي اچڻي آ، پوءِ اها قيمتي هجي معمولي.
محمد يعقوب ننڍپڻ کان ئي شرارتي هو. هن جو ننڍي لاڪون جوڙ پنهنجي ويجھي عزيز محمد بچل سان هو، جيڪو پوءِ سندس ڀيڻويو به ٿيو ۽ ان جي ڀيڻ وري يعقوب جي ڀاءُ محمد ڇٽل جي گھرواري هئي. ٻئي ڄڻا ٻارهن چوڏهن ورهين جا مس هئا ته تقي شاهه جي ميلي تي باڊهه ويا. چانهه پيئڻ کانپوءِ محمد يعقوب پنهنجو خالي ڪيل پيالو بچل خان جي ڪوٽ جي کيسي ۾ وجھي ڇڏيو ۽ بيري کي سڏي ٻُڌايو ته اهو ڇوڪرو اوهان جو پيالو چورايو پيو وڃي. بيري همراهه کي پڪڙي تلاشي ورتي ته سندس ڪوٽ جي کيسي مان پيالو نڪري پيو ته هوٽل وارن کيس ڪجھه نامناسب لفظ ڳالهايا. نيٺ محمد يعقوب وچ ۾ اچي معاملو نبيريندي چيو ته: “دراصل هن همراهه ڏي منهنجو حساب ڪتاب رهيل هو، ان لاءِ سندس کيسي ۾ پيالو وجھي توهان کي ٻُڌايم. توهان ته صفا منهنجو روح ٺاري ڇڏيو. هاڻي ڇڏيوس ته وڃون!” همراهه اهڙي انداز سان اها ڳالھه ڪئي جو هوٽل تي ويٺل ڪوبه ماڻھو کِل روڪي نه سگھيو.
هڪ ڀيري وڏيري عمر خان پيرزادي ٻنهي ڄڻن کي خيرپور ضلعي جي ڪنهن ڳوٺ ڪم سان موڪليو. محمد يعقوب گھوڙيءَ تي ۽ محمد بچل اٺ تي چڙهي روانا ٿيا. رستي سان هنن انبن جو باغ ڏٺو. محمد بچل هڪ انب تي نظرون کپائي ڪنڌ ڌوڻيندي چيو “رڳو بابا جو ڪم ڪري موٽون، توهان کي ڏسون ٿا!”همراهه ريڙيءَ مان ڪم ڇڏائي شام جو مائٽن وٽ بهاري ديري رهيا. اڃا اڌ رات مس گذري ته محمد بچل محمد يعقوب کي جاڳائي پنهنجي گھوڙي سنجڻ لاءِ چيو. هن چيس “يار اڃا صبح وارو تارو ئي نه اڀريو آهي، ملان ٻانگ ڏئي ته هلون ٿا” پر بچل خان سندس هڪ نه ٻُڌي. نيٺ همراهه پنهنجا پنهنجا وهٽ سنجي واپس موٽيا.
انبن واري باغ وٽ پهچي واعدي موجب بچل خان ڪارروائي شروع ڪئي. انب پٽڻ دوران رس جا ٽيپا نرڙ ۽ منهن تي ڪرڻ سبب پوري چهري تي داغ ٿي پيس. صبح سان وڏيري عمر خان کي سمورو احوال ڏنائون. وڏيرو پوڙهو ۽ ضعيف ٿي چڪو هو ۽ سندس نظر به ڪمزور ٿي وئي هئي. ان جو پنهنجي پُٽ جي منهن تي نشان ڏٺا ته پڇيائين “ابا، هي منهن ۾ ڇا ٿيو اٿئي؟؟” بچل خان کي پاڻ سان ٿيل حالت جي خبر ئي نه هئي. هو جواب ڏئي ئي ڏئي، ان کان اڳ نانو يعقوب چوڻ لڳو، “چاچا، تون ابو آهين، اسان سڀني جو وڏو آهين. تو سان ڪوڙ هڻي پنهنجي قيامت ڪاري ناهي ڪرڻي. رپڙيءَ کان موٽندي رستي ۾ هڪ باغ مان انبڙي پٽيائين، پوءِ ته باغائي منهن ئي منهن ڪُٽيو اٿس.” اها ڳالھه ٻڌي وڏيري عمر خان کٽ جي پيرانديءَ کان پيل لٺ کڻي، جذباتي ٿيندي چيو: “اڙي تو جهڙي پُٽ کان ته ماڻهين کي ڇڪي اچي ها چڱو هو. وڏيري عمر خان جو پٽ هڪ انبڙيءَ جي ڪري مار کائي! تو جهڙي اولاد کان ته ماڻھو نپٽو آئٽو چڱو، الله اهي ڏينهن ڏيکارڻ لاءِ شايد جيئرو رکيو هو....!” بچل خان کڻي کڙين تي زور ڏنو ۽ ڀڄندي ناني يعقوب کي چيائين “هاڻي انبن جي حصي کان آڱوٺو ته ڏيانءِ!”
نانو يعقوب هڪ ڏينهن پنهنجي امڙ کي سمي کان ٻلهڙيجي بيل گاڏيءَ تي وٺي اچي رهيو هو. رستي ۾ جيڪو به ماڻھو منهن پئيس، اهو ساڻس سلام دعا ۽ مانجھاندي جي صلاح پيو ڪريس. هن جي ماءُ سندس ايڏي واقفيت ڏسي خوش ٿي چيائين “ابا صدقو وڃانءِ نانوَ تان، ڏاڍا يار ٿئي!” هن به ٺهه پهه وراڻيو: “هائو امان، مون کي ايترا يار آهن جيترا تو به نه ڪيا هوندا.”
ناني يعقوب جون ٻلهڙيجي ۽ آسپاس جي ڳوٺن ۾ ڪيتريون ئي ڀيڻون بنايل هيون جن سان ڀائرن وانگر نڀايائين. اِهي، مهيني کان وڌيڪ دير تي پريشان ٿي وينديون هيون. مائين جا مڙس اچي چوندا هئس: “يار، ڀيڻين توکي ساري ٿي، منهن ڏيکاري، دعا جون گاريون ڏئي وڃينس.” هن جا پنهنجي دين جي ڀينرن سان به چرچا جاري رهندا هئا. هڪ ڏينهن ڪچي جي اوطاق تي مهمانن لاءِ ماني کڻي آيو. ٻلهڙيجيءَ جي چرچائڻ مائي ماسي پريءَ جو پٽ ماني ئي نه کائي،چئي “اسان ماني نه کائينداسين، جاءِ ٿا ٺهرايون، امان وري لاءِ موڪليو آهي، ورو ڏيو ته اسان واپس وڃون.” هن چيس ته “اوهان ماني ته کائو، ورو ڪو هتي پيو ته ناهي، جيڪو هاڻي ئي اوهان کي کڻي ڏيان. ووڙ ڏيون ٿا، خبر پوي ته ڪنهن وٽ رکيل آهي ته وٺون ٿا.” همراهه چئي: “ماني ڇاجي، ورو ڏيو ته اسان واپس موٽون.” ان تي ناني يعقوب مخصوص اشارو ڪندي چَينِ “چڱو توهان في الحال هي ورو کڻي وڃو، ماڻهين واري لانڍيءَ تي پورو اچي ته ٺيڪ نه ته ٻيو ڏسنداسين.”
غلام محمد پيرزادو خير محمد آريجا وارو سندس دل گھريو دوست هو، جيڪو پوءِ واپڊا ملازم ۽ يونين اڳواڻ به ٿيو، ان جي شادي کوهارن مان ٿي رهي هئي. بيل گاڏين تي چڙهي ڄڃ کوهارين پهتي. واپسيءَ تي نانا يعقوب گھوٽ ڪنوار واري بيل گاڏيءَ جو هِن شرط تي سوار ٿيڻ قبول ڪيو ته ڪنوار نه روئيندي. غلام محمد پنهنجي گھرواريءَ کي اتي ئي سمجھائي ڇڏيو ته: “سوار ڏاڍو چيڙاڪ ۽ ڏنگو ماڻھو آهي، مهرباني ڪري رستي تي نه روئجان، گھر هلي ڀلي سڄي ڪسر ڪڍجانءِ پر هتي منهنجي عزت رک.” ان دؤر ۾ ڪنوارون شاديءَ واري ڏينهن ڏاڍو روئنديون هيون، سو مائي به روئڻ کان رهي نه سگھي ۽ سڏڪو ڀري ويٺي. ناني يعقوب پوئتي نهاريو. مائيءَ کي ڳالھه ياد اچي وئي ۽ مڙس جي به ٺونٺ لڳي ويس، تنهن ڪري في الحال ماٺ ڪري وئي پر جيئن ئي گاڏي ٿورو اڳتي هلي ته وري سڏڪو نڪري ويس. نانو يعقوب ڏاند گاڏي بيهاري ڪنوار سان مخاطب ٿي چوڻ لڳو “مائي پِٽ وڃي پنهنجن کي، جن ههڙي گھوٽ سان پرڻايو اٿئي، باقي اسان جو بي ڊولو به اگھاڻو.” اهو ٻُڌي مائي ويچاريءَ جو ماٺ ڪئي ته وري نه رني.
ناني يعقوب کي جهڙو ڳالھه ڪرڻ جو ڏانءُ هو، اهڙو ئي صورت جو سهڻو هو. مٿان وري لباس به شانائتو. بوسڪيءَ جو پٽڪو پائيندو هو. اڪثر گھوڙيءَ تي سوار هوندو هو ۽ مرداڻي حسن جو پيڪر لڳندو هو. محبتي ايڏو جو تر جا وڏيرا، زميندار، ملھه پهلوان، چور، فقير فقرا ۽ ديوانا مستانا به سندس مطيع هئا. هر ماڻھو هن جو پڇندو هو. برابر هي ڀوڳ سڀني سان ڪندو هو پر سندن سور ڀائي به هو. ڪنهن به دوست کي اڙيل ڏسندو هو ته ان جو مسئلو حل ڪرڻ تائين گھر نه ويندو. خوشيءَ واري موقعي تي رهجي به ويندو پر غميءَ ۾ ضرور گڏ هوندو. اهڙن ئي گڻن جي ڪري چڱا ڀلا سندس صحبت لاءِ سڪندا هئا. نڀائڻ وارو ماڻھو هو. کير جهڙو اجرو. نه ڪڏهن چوري ڪيائين، نه ڪڏهن ڪنهن جي ننگ ڏي تڪيائين. البت بابا ۽ ٻين جي ڪري گھڻو لوڙيائين ۽ هر مسئلي کي آسانيءَ سان سلجھايائين. ساڻس هر عمر ۽ هر طبقي جا ماڻھو محبت ڪندا هئا جن ۾ آريجا شهر جو سائين ستار شاهه به شامل هو، جيڪو ٻاتو هئڻ ڪري سدائين کيس “ياتب” ڪري مخاطب ٿيندو هو. نانو کيس چوندو هو: “سائين، پير مٿي ڪيو ته قدم بوسي ڪيان.” ستار شاهه پنهنجو هڪ پير مٿي ڪري بيهندو ۽ نانا هيٺ جهڪي ٻنهي هٿن سان سيد سڳوري جي هڪ پير تي هوندا هئا. تعظيم جو عجيب حجائتو انداز هو. تر جي جنهن به ڳوٺ ۾ هوندو، اتي ميلو متل هوندو. سڄو ڳوٺ ماني کڻي ايندس. هي ڳالهائيندو، ماڻهن جا پيٽ ۾ هٿ هوندا. جتي هوندو اتي ٽهڪ پيا گونجندا. سندس گھڻا چرچا لکڻ جهڙا ئي نه آهن.
هڪ ڀيري محبڻ شاهه جي ميلي ۾ ملاکڙي دوران مقامي وڏيري مائيڪ وٺي اعلان ڪيو ته “مون اڄ محبڻ سرڪار وٽ ٻي شاديءَ جي باس باسي آهي، جي منهنجي ٻِي شادي ٿي ته ايندڙ ميلي ۾ سُک کڻي ايندس ۽ هتي اچي ڏاند ڪهندس...” ناني يعقوب جهڙپ ڏئي مائيڪ ڦُري جملو پورو ڪندي چيو: “...۽ وڏيرو سائين پهرين زال منهنجي حوالي ڪندو.” ناني يعقوب سان وڏيري بخشل خان ڪيرئي، امام بخش عرف نانگي آريجي، درل خان آريجي ۽ ٻين جو جوڙ هوندو هو. ڪنهن راڄوڻي فيصلي ۾ هوندا ته سندن ڳالهيون ٻئي قسم جون هونديون هيون. ميلن ملاکڙن ۽ اوطاقن تي هوندا ته ساڻن کنؤس جي ڪنهن کي به همت ڪانه ٿيندي هئي. اهڙن موقعن تي مسخرن سان منهن ڏيڻ وڏو مسئلو هوندو آهي پر هنن جي جوڙ کان مسخرا به لهرائيندا هئا. ڀائٽي جو ڪاڄ ڪيائين. ڪيترائي وڏيرا ۽ چڱا مڙس توڙي پير فقير سڏ ڀرڻ آيس جن پنهنجي حيثيت موجب هزارن ۾ پوئو لکرائڻ چاهيو پر هي هر هڪ کان 200 رپيا وٺي باقي پئسا واپس پيو ڪري، چئي “وڏيرا هجو پنهنجي گھر جا، مون سان ڀائپي اٿؤ ته اهو حساب ڪتاب رکو جيڪو مان ادا ڪري سگھان. هڪ طرفي ڀائپي نه هلندي آهي.”
1986ع ۾ اسان ڪچو ڇڏي ٻلهڙيجيءَ ۾ اچي ويٺاسين ۽ ناني يعقوب وارا ضلعي خيرپور ميرس جي سمي شهر ۾ رهيا. هڪ ڀيري اسان جو مامو خادم حسين پنهنجي دوستن سان پنجاب ويو. هفتي اندر موٽڻ جو چئي ويو هو پر مهينو ٿي ويس، نه موٽيو جنهن ڪري ناني يعقوب کي اڪيلو گھر ڇڏي ٻاهر نڪرڻ ڏکيو ٿي پيو. جيئن ته مامي تي سندس والد جو نالو رکيل آهي، ان ڪري هي کيس بابو چئي مخاطب ٿيندو هو. هڪ ڏينهن اوچتو صبح جو مامو گھر پهتو. نانو يعقوب کيس ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ان لاءِ مڇي وٺڻ ڪاڻ ٻاهر نڪتو. ڏسي ته چوڪ تي ملاحن جون ويهارو کن مايون هڪ جوڳيءَ کي ورايون ويٺيون آهن. جوڳي ڍارو هڻي کين قسمت جو حال ٻڌائي رهيو هو. ان دوران هڪڙي مائيءَ ڍاري واري کي چوڻ لڳي: “منهنجو مڙس مون کي روز ماري ٿو، ڍارو هڻ ته مون سان ڇو ٿو اهو ظلم ڪري؟” جوڳي ڍارو هڻي چيس “تنهنجي مڙس جي ٻي هنڌ اک اٽڪيل آ، ان ڪري توسان اها حالت اڃا چڱو وقت جاري رهندي.” ناني يعقوب ويجھو اچي عورتن کي چيو: “نڀاڳيون توهان ڍارا پوءِ وجھرائجو، منهنجو بابو مهيني کان ناهي موٽيو، اڳ ۾ ڍارو مان وجھرائيندس.” مائين کي ان ڳالھه جي خبر هئي، هنن کيس جاءِ ڏني. جوڳي ڍارو ڍاري چيو: “تو وارو ڇوڪرو سنبري ته دوست کيس جھلي بيهن ۽ سامان کسن... اڃا مهينو نه ايندو.” اهو ٻُڌندي ئي جوڳيءَ کي دڙڪو ڏيندي چيائين: “هل ڙي جوءِ جا.... بابو گھر ويٺو آ ۽ تو وارو ڍارو ٿو چوي مهينو نه ايندو!” پوءِ مائين سان ايئن مخاطب ٿيو جيئن ڳوٺاڻيون ويجھيون سهيليون هڪ ٻئي سان مخاطب ٿينديون آهن. “اڙي.... توهان مڙسن جي حق حلال جا پئسا ڍاري وارن کي جو ڏيندؤ ته پوءِ پادر ڪيئن نه کائيندؤ.” اهو ڏينهن ڏهاڙو مائين وري ڪنهن جوڳيءَ کان ڍارو نه وجھرايو.
هن جا سڀ دل گھريا دوست پاڻ وانگر غريب پر دل جا امير هئا. نانگي آريجي، درل ۽ هن جو جوڙ هوندو هو. هي ٽئي ڄڻا گڏ هجن ته ڀلي سڄو ملڪ مخالف هجين، سڀني کي پُڄي پوندا هئا. هنن ٽنهي کي گڏ ڏسي تر جا چڱا ڀلا ڀوڳائي به ڀڄي ويندا هئا. اسان جي تر جو محمد اسماعيل بهڻ به وڏو ڀوڳائي ۽ چرچائي مڙس هو. ساڍا ڇهه فوٽ قد رکندڙ هن همراهه کي الله سائين زبان به چڱي ڀلي ڏني هئي. اصل اوڙي پاڙي لاءِ آزار هو. اسماعيل بهڻ چرچن سان تر تپائي ڏنو هو پر ناني يعقوب جو مٿس ايترو ته رعب ويٺل هو جو سندس سامهون زبان مان اکر نه اڪلندو هئس. مڙس کي خشڪيون چڙهي وينديون هيون. ناني يعقوب کي پري کان ڏسي ايئن هيسجي ويندو هو ڄڻ ڪڪڙ تي پاڻي پئجي ويو هجي. نانو ٻلهڙيجي ايندو هو ته مامو اسماعيل صفا ميڻ پر ان جي واپس وڃڻ کان پوءِ سڀ باهيون اسان مان ڪڍندو هو. 1990 ۾ جڏهن نانا يعقوب جي عمر پنجاهه ورهين کان چڙهي هلي ته هڪ همراهه کيس سڱ ڏيڻ لاءِ راضي ٿيو. اڌ ڪم ٿيل هو باقي اڌ ڪم اسان کي ڪرڻو هو. مطلب ته ڪنوار ۽ ان جا مائٽ، اسان سڀ راضي هئاسون باقي رڳو ناني يعقوب کي راضي ڪرڻو هو. جيئن ته اسان جي هن آڏو ڪا حيثيت نه هئي، ان ڪري سندس ننڍپڻ جي يار ناني بچل تي کيس راضي ڪرڻ جي ذميواري رکي سون، جيڪو ان وقت تائين پنهنجون ٽي گھر واريون رضا الاهيءَ سان ماريون ويٺو هو. ناني بچل هن کي شاديءَ لاءِ ڏاڍو ستايو پر هو هر ڀيري لنوائي وڃي. هن جي مسلسل ڪن لاٽار ناني بچل کي مايوس ڪري وڌو. هڪ ڏينهن سڄي برادر گڏ ڏسي ناني بچل ساڳي گذارش ورجائيندي چيس: “يعقوب! تنهنجو مکڻ پئي مٿو ڇو ٿو سڙي؟ سهڻي سيبتي ڪنوار ٿي ملئي. لٽو ڪپڙو، سون، سامان اسان ٿا وٺون، جيڪو ڪاڄ تي لک ڏيڍ خرچ آيو، اهو به مان ڪندس، تون رڳو ها ڪر...” ناني يعقوب سندس ڊگھي تقرير ڌيرج سان ٻڌڻ کان پوءِ چيو “بچل، لڳي ٿو تون مائيءَ سان کريل آهين، جو مٿو کائي ويو آهين. اڙي ڪنجوس، تون اسان کي چانهه چڪي پيارڻ ۾ به ڪرڪندو آهين ۽ هاڻي لک لٽائڻ لاءِ تيار ٿي ويو آهين ته معنيٰ پنهنجي لوڙ اٿئي، عادتون ته تنهنجون ننڍپڻ کان ئي خراب هيون پر ڀاڄائين جو به ٿيندين، اها اڄ خبر پئي آ.” غضبناڪ گفتا ٻڌي سڄي ڪچهري کل ۾ ٻُٽجي وئي ۽ نانو بچل گاريون ڏيندو روانو ٿيو.
نانو يعقوب پير فقير کي مڃڻ وارو هو. جڏهن ڪچي ۾ هوندو هو ته محبڻ شاهه درگاهه جي هر سومر تي بٺيءَ جي ڊيوٽيءَ ۾ شامل هوندو هو. پوءِ جو سميءَ ۾ رهيو ته اتي به قاضي ڀٽن ڀرسان درگاهه پير تي ويهارو سال ڊيوٽي ڪيائين. اسان جي برادريءَ جو چڱو مڙس يارمحمد پٽ جاڙو قناصرن ڀرسان پنهنجو ڳوٺ ٻڌي ويٺو. وڏو مهمان نواز هو. ان وقت وٽس هڪ گھوڙو بيٺل هو. يارمحمد جهان ڇڏيو ته گھوڙي جو کائڻ پيئڻ به گھٽجي ويو. ويو سڪندو ۽ ڳرندو. سواري کڻڻ ته ڇا پر هلڻ جهڙو به نه رهيو. يار محمد جا پٽ مالي حوالي سان هن کان سڀرا ستابا هئا. ماڻهن کين چيو ته “اوهان کان گھوڙو پالڻ ڏکيو آهي، پيءُ جي نشاني اٿؤ، اها سندس ڪنهن دوست حوالي ڪيو، چڙهيو وتندو. اجايو هن بي زبان کي نه ماريو. اها ڳالھه ڳڻي هنن ناني يعقوب کي گھوڙو ڪاهي وڃڻ جو نياپو موڪليو پر هن اهو چئي انڪار ڪيو ته: “گھوڙو سالن جو بکايل آ، سگھو ٿيڻ ۾ وڏو خرچ کائيندو. ٻيو ته گھوڙو سگھو ٿيو ته هي ڪو نه ڪو بهانو ڪري وهٽ واپس گھرندا. ان ڪري مان گھوڙو نه وٺندس، ڀلي ڪنهن ٻي کي ڏئي ڇڏيو.” بهرحال وڏيري امن جي چوڻ تي هن گھوڙو ڪاهي پاڻ وٽ جھليو. ڏٻرو وهٽ ڳيريلي کان ٻلهڙيجي تائين ٽن ڏينهن ۾ پهتو. گھوڙي جي اهڙي سيوا ڪيائين جو ڇهن مهينن ۾ تيار ٿي ويو. ان وچ ۾ وڏيرو امن گذاري ويو ته يارمحمد جا پونئير وفد ڪري نانا وٽ آيا ۽ چيائيون “بابا خواب ۾ چئي ٿو ته پنهنجو گھوڙو واپس وٺي اچو” هن چَينِ “اڳئين رات ڏاڏي جاڙي مون کي به خواب ۾ چيو آهي ته گھوڙو وٺڻ ايندئي، مرمت ڪري واپس موڪلجانِ.”
ناني يعقوب پنهنجي سڄي ڄمار کلندي ڪڏندي گذاري هئي. آخري وقت ۾ سندس سڀ وڏا ڀائر ۽ دوست گذر ڪري ويا، ان ڪري کلندي کلندي روئي ڏيندو هو. چوندو هو: “کلڻ به انهن سان هو ته روئڻ به انهن سان هو...” هر دوست جو مٿس وڏو اعتماد هو ۽ دوستن جي ڪري هي به هر رسڪ کڻي ويندو هو. هن جي، جوانيءَ ۾ ڌاڙيل قادن سرگاڻي سان ياري هئي. ان کانپوءِ سڄو تر دوست ٿيس. ساڻن گڏ وارداتون ڪيائين پر جڏهن اڌرنگي جي سٽ آيس ته رڳو ناني يعقوب ڏانهن نياپو ڪيائين، جنهن الائي ڪٿان ڪک وٺي سندس علاج ڪرايو ۽ پنجن ورهين تائين ڪنهن کي منجھه نه ڏنو ته هن کيس ڪٿي ۽ ڪنهن وٽ رهايو. اسان جي تر ۾ ڪنهن کي ڪڪڙ، ڪتي، تتر، طوطي يا ڪنهن ڪشتي راڻي جي ضرورت پوندي هئي ته اهو ناني يعقوب کي چوندو هو ۽ هي ڪنهن نه ڪنهن کان اها شيءِ وٺي کيس پهچائيندو هو. هڪڙن کان شيءِ وٺي ٻين کي ۽ ٻين کان وٺي ٽينِ کي ڏيئي ڇڏيندو هو. سڄي زندگي بيمار نه ٿيو. ڳاڙهو ڳٽول رهيو، اسان ڏوهٽا کيس سڏيندا به “نانو اڇو” هئاسين. 16 سيپٽمبر 2011 تي گھرڀاتين سان ڪچهري ڪندي دم ڏنائين.
***

نذر علي شيخ: غير روايتي ”ڏاڍو مڙس“

چاليهارو سال اڳ تائين به سنڌ۾ چوريءَ کي مڙسيءَ وارو ڪم سمجھيو ويندو هو. ان دور ۾ وڌيڪ ناماچاري چورن ۽ ملهن کي پلئه پوندي هئي، ان ڪري ڪي پَرمتڙيا، چور نه هوندي به پاڻ کي چور سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪندا هئا. اهڙا “پاڻمرادو ڏاڍا مڙس” لاڙ، اتر، وچولي توڙي ڪاڇي ڪوهستان ۾ موچاري انگ ۾ موجود هوندا هئا. گھڻو ڪري جتي ڪٿي ساڳيو جهان هو. اُهي ڪندا ڪجھه به ڪو نه هئا پر ڏِک اهڙي ڏيندا هئا ڄڻ سڄي تر ۾ سموريون وارداتون سندن چوڻ تي ٿي رهيون آهن! رات جو ته گھر کان ٻاهر به نه نڪرندا هئا پر صبح جو ماڪ مان پير ڀڄائي اچي ماڻهن جي ڀر ۾ ويهي، بي نام هلاکيءَ جي دانهن ڪندا هئا، جيئن ماڻھو سمجھن ته مڙس رات “شڪار” تي ويل هو. اتفاق سان ان رات تر مان ڪا چوري ٿيندي هئي ته همراهن کي چٽي ڀرڻي پئجي ويندي هئي. انهن مان ڪي همراهه اهڙا به هوندا هئا، جو جڏهن سندن تر مان ڪا چوري ٿي ويندي هئي ته اجايو سجايو ڀاڳئي آڏو پيا کنگھڪرون ڪندا ۽ مڇون وٽيندا ۽ ايندڙ ويندڙ کي چوندا ته “اسان سان سڌو نه هلندو ته اِها ڪار ڪيئن نه ٿيندس.” پوءِ ته ڀاڳيو به سڄي ڳولا وساري سڌي فرياد سندس خلاف داخل ڪرائيندو، ايئن همراهه کي اڻ ڪيو ڏوهه ڀرڻو پئجي ويندو هو. حيرت جي ڳالھه اها ته بي ڏوهه هوندي به اهڙي قسم جون چٽييون ڀريندا ۽ اصل چور مزي سان پيا ڦرندا هئا. پوليس جي ڳالھه ٻِي آهي، باقي همراهه سدائين چٽيون ڀرڻ لاءِ تيار! سندن مخالف جي ڪا چوري ٿيندي، ماڻھو ڳالھه ڪندا ته هي کين ميڇون ڏيندي چوندا: “اسان نه ته اسان جا سنگتي! ڪهڙو چور اسان کان ڳجھو آ! مان کي ته هفتو اڳ خبر پئجي وئي هئي ته همراهه کي ٻرو ڏيندا!” ائين “سڌڙيا چور” پنهنجي لئه بيهارڻ لاءِ ڦڙڪيون هڻندا رهندا هئا. اجايو سجايو ڪاٽڪن سان سلام دعا ڪندا. هر ڦڏي جي وچ ۾ اچي پوندا. ڀاڳين کي چوندا: “توهان موٽي وڃو، توهان کي چوري نه ملي ته اسان کان وٺجو.” ائين کين اڻ ڪيل چوريون ڀرڻيون پئجي وينديون هيون. جوانن کي خبر ئي نه هوندي پر ڀاڳين سان ائين ڳالهائيندا ڄڻ چوري هجي ئي هنن وٽ. ساڻن ڀنگ طئي ڪندا. ڪڏهن ته ڀنگ جي رقم وٺي به ڇڏيندا! هاڻي کين هجي خبر ته چوري واپس ملي. ان ڪري اجائي هام هڻڻ جا ڪِيتا لوڙڻو پئجي ويندا هئن. اسان جي تر ۾ اهڙا ڪيترائي ڪردار هئا جن ڏيڻي نه وٺڻي ڇاتيءَ تي هٿ هڻي هڪ کان وڌيڪ ڀرڻا ڀريا تن ۾ ڪاڪو جان محمد عرف جانو سومرو، الهڏنو لاکو، سوڍو فقير ماڇي ۽ نذر علي شيخ نمايان هئا.
ڀريل بُت، پورو پنو قد، کسي ڳلي تي وڏي قميص ۽ پٽاپٽي پوتڙي جي گوڏ، نرڙ تي سنڌي ٽوپي، موڪري منهن تي وريل شهپر؛ اصل رپين تي پير ڏيندو ايندو هو. اِهو هو ڏوڪري شهر جو نذر علي شيخ. همراهه جي تر جي سمورن ڪاٽڪن سان ڄاڻ سڃاڻ هئي. جڏهن به چورن جو ٽولو شهر ۾ ڏسندو ته وڌي سندن استقبال ڪندو ۽ کين شهر مان گھمائي آڻي ڪنهن هوٽل تي ويهاريندو. هڪل ڪري بيري کي چانهه ۽ بسڪوٽن جو آرڊر ڏيندو. پوءِ واري واري سان هر هڪ ڪاٽڪوءَ کي ٻاهر ڪڍي، ساڻس ڪجھه دير رازداراڻي نموني سس پس ڪري واپس اچي ويهندو ۽ هوٽل ۾ هر ايندڙ ويندڙ سان، گرمجوشيءَ سان هٿ جوڙ به جاري رکندو.
سڄي شهر ۾ مڙس جي هاڪ هئي، ڇاڪاڻ ته اڪثر ڏوهاري وٽس ايندا رهندا هئا ۽ ڏوڪريءَ جا رهواسي، صبح سوير هن جا گپ هاڻا پير ڏسي سمجھي ويندا هئا ته همراهه رات ڪنهن وڏي شڪار تي هو.
نيٺ ڏوڪري ٿاڻي تي هڪ اهڙو پوليس عملدار آيو، جنهن چورن ۽ پاٿاريدارن لاءِ ٻارڻ ٻاري ڏنو. ڏوهارين جون لسٽون ٺهي ويون، جن ۾ نذر علي شيخ جو نالو ٽاپ تي هو. مڙس گرفتار ٿي ٿاڻي تي پهتو. صوبيدار هڪ نظر هن تي وجھي چيو: “هي ته ڏسڻ ۾ ئي ڪاٽڪو ٿو لڳي، اڙي هڻوس 50 سچو پترا!” همراهه جي بدن مان ساهه ئي ڇڏائجي ويو، هڪ سچو لڳڻ تي ئي رڙين سان سڄو ٿاڻو مٿي تي کڻي ڏنائين. پهريون لڳو سو لڳو، سپاهيءَ کي ٻيو سچو هڻڻ نه ڏنائين. هن کي ٻيهر صوبيدار آڏو پيش ڪيو ويو ته هٿ ٻڌي چوڻ لڳو: “صاحب! منهنجي شڪل چورن جهڙي هجي ته هجي، باقي مان چور ناهيان، مان رڳو لئي جو بکيو آهيان، انهيءَ ڪري منهنجي ڪجھه چورن سان خوامخواه ياري آهي...” ايئن چئي همراهه ڍنڍڪرون ڏئي روئڻ لڳو. چڱا مٺا، رئيس وڏيرا وچ ۾ پيا. ڪجھه ڏي وٺ به ٿي- تنهن جي باوجود صوبيدار، نذرعلي شيخ مان هن شرط تي هٿ ڪڍيا ته: “سڀاڻي جي توکي شهر ۾ گڏهه گاڏو هلائيندي نه ڏٺم ته کل لاهي ڇڏيندوسانءِ!” “بس بابا! ايئن ئي ٿيندو” چئي نذر علي شيخ ٿاڻي مان نڪتو. ٻئي ڏينهن جيئن ئي سورج ديوتا نمودار ٿيو ته هيءُ به گڏهه گاڏو سينگاري شهر ۾ نڪتو. ان وقت پوليس آفيسرن جون بدليون به دير سان ٿينديون هيون. چورن جو دشمن ڏِنگو صوبيدار به پورا ڇهه مهينا ڏوڪريءَ ۾ ئي مقرر رهيو. جڏهن سندس بدلي ٿي ته نذر علي جي گڏهه گاڏي مان جند آجي ٿي. ان کان پوءِ هو ڏوڪريءَ جي الهداد خان قاضيءَ جو ملازم ٿيو، جنهن وٽ هينڊل هڻندي هڻندي نيٺ جيپ هلائڻ سکي ويو هو پر جيئن ته ٻه مهينا گڏهه گاڏو هلائيندي هڪلون ڏيڻ جو هيراڪ ٿي چڪو هو، ان ڪري اڳوڻي عادت جي اثر هيٺ هارن وڄائڻ بدران ماڻهن کي “پري، پري” جون هڪلون ڏيندو گذرندو هو. ان بعد رائيس ريسرچ انسٽيٽيوٽ ۾ ڊرائيور طور ڀرتي ٿيو. اتان رٽائرمينٽ وٺڻ کان پوءِ لڏي اچي ٻلهڙيجيءَ ۾ ويٺو، پر سال کن کان پوءِ جاءِ وڪڻي وري وڃي ڏوڪريءَ ۾ رهيو.
نذر علي شيخ 2011ع وفات ڪئي. هن جو وڏو ڀاءُ رجب ٽانگي وارو به سندس ساڳيو ئي سر هو پر منهن مهانڊي ۾ ڪجھه ڪوجھڙو هو. ٽانگو هلائيندو هو. اڪثر موهن جو دڙو اسٽيشن تان ڏوڪريءَ لاءِ سواري کڻندو هو. تن ڏينهن امن امان جي صورتحال بهتر هئڻ ڪري موهن جو دڙو گھمڻ لاءِ سياحن جا هجوم لٿل هوندا هئا. هڪ ڏهاڙي ڪا انگريز عورت رجب جي ٽانگي تي اچي چڙهي ۽ کيس موهن جي دڙي هلڻ لاءِ چيائين. هن جو اڪيلي پرديسي عورت کي ڏٺو ته نيت ۾ خلل پيدا ٿي پيس. همراهه هرو ڀرو گھوڙي سان ڳالهائڻ ۽ مائيءَ ڏانهن سرڻ شروع ڪيو. مائي به ڳالھه سمجھي وئي. هاڻي جنهن هنڌ تي ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو آهي، ان دؤر ۾ اتي رڳو جھنگ هوندو هو. رجب اتي پهچي ٽانگو سائيڊ تي ڪري بيهاريو. مائي به ٽانگو رُڪجڻ جي انتظار ۾ هئي. اوچتو ريوالور ڪڍي رجب ڏي سڌو ڪيائين ته همراهه جون هيٺيون هيٺ ۽ مٿيون مٿي رهجي ويون. بيوسيءَ وچان خوف مان ٻرڙاٽ ڪيائين: “نو امان، پليز معاف ڪرينگ!” خوف مان اڳيان ٿي واڳ هٿ ۾ جھلي سڄي واٽ “نو امان، نو ادي” ڪندو هليو ۽ مائي مزي سان ٽانگي تي ويٺي رهي. منزل تي پهچي، رجب کي ٻه ٽي چهبڪ وهائي رواني ٿي وئي.

***

ديوان پريم: دين ڪفر کان دور... اول آخر سنڌي

شهيد سجاد مرکنڊ ۽ شهيد عامر کهاوڙ جي چاليهي تي گاجي کهاوڙ شهر ۾ ساڻس ملڻ ٿيو، اتي به هن جي اکين ۾ لڙڪن سان گڏ چپڙن تي مرڪ رقصان هئي. منهنجو هي دوست باغين جي اُن ٽولي ۾ شامل هو، جن سنڌ سنوارڻ لاءِ موت ماڻڻ جو وچن ڪري ورتو هو. هن پاپ نگر ۾ سنڌڙيءَ جو نانءُ وٺڻ ڪاريهر تي پير رکڻ برابر آهي ۽ هِنن ڄڻ ته ڪاريهر تي پير رکي ڇڏيو هو.
ديوان پريم جا ڪهڙا ڳُڻ ڳڻائي ڪهڙا ڳڻائجن. 2004ع ۾ سنڌي ادبي سگنت شاخ ڏوڪريءَ پاران منعقد ڪرايل ماهوار “شاهه لطيف اڀياسي ويهڪ” ۾ ساڻس پهرين ملاقات ٿي ۽ پهرين ئي ملاقات ۾ دوستي ٿي وئي. سندس نمبر سدائين کليل رهندو هو. لاڙڪاڻي يا وارهه جڏهن به وڃڻ ٿيو سدائين ديوان پريم سامهون، ڪلاڪ جي واندڪائي هجي ته پنج ڪلاڪ ويهاري ڇڏي. سندس ڳالهيون کٽڻ جون نه هيون، پر هاڻ هن جو ملڻ محال ٿي ويو هو. بس ڪڏهن ڪڏهن سن واري قومي ڪاڄ، ڪنهن شهيد جي پٿر، ٽيجھي يا چاليهي جي موقعي تي سندس ڀاڪر نصيب ٿيندو هو. پاپ نگر جا لشڪري ڪيترن ئي راڻن کي رات پيٽ ۾ گم ڪرڻ جي ڊيوٽيءَ سان لڳل آهن. سو، اهڙن جوڌن جا سڙيل ڳريل، وڍيل، چيريل ۽ چچريل مڙهه ملن ٿا، جن جي لڱن ۾ لوهه ۽ انگن ۾ انگھون لڳل هونديون آهن، سندن جسمن تي ڊرل مشينن جا سوراخ هوندا آهن ۽ هٿن پيرن جا ننهن جنبورين سان ڇڪي ڪڍيل هوندا آهن. اهو سڀ ڪجھه ڏسندي به هي جھليا جھلجڻ وارا نه آهن. ديوانن جو پنهنجو دستور آهي، هڪڙو ڪنڌ ڪٽجي ٿو ته ٻيو اڏيءَ تي اچي وڃي ٿو، جلاد کي گھڙيءَ لاءِ به ويساند نٿي ملي.
اڳيان اڏين وٽ پوئين سر سنباهيا...
شهيد سجاد مرکنڊ جي پيرانديءَ کان بيهي مان کيس چوان ٿو: “اسان جا بيگناهه نوجوان بي موت ماريا وڃن ٿا. ڀلا ڄاڻي واڻي ڇتي ڪتي جي سامهون بيهي رهڻ ڪهڙي دانشمندي آهي؟” منهنجي سوال تي هن جي اکين ۾ پُراسرار روشني اچي وڃي ٿي ۽ مان سندس گھور جو تاب نه سهي ڪنڌ جھڪائي ڇڏيان ٿو.
هُو چوي ٿو “ادا، آزاديءَ جي پنڌ ۾ ڪجھه به اجايو نه هوندو آهي، هيءَ ته اڃا شروعات آ، هن وقت ته اسان شهيدن کي قومي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪري رهيا آهيون پر اڳتي هلي اسان کي پنهنجا پيارا، اجتماعي قبرن ۾ دفن ڪرڻا پوندا پر اسان جون هي قربانيون ضايع نه وينديون. اسان جو مقصد قوم مان موت جو ڊپ ختم ڪرڻ آهي ۽ اسان ان ۾ ڪامياب ويا آهيون. اڄ گھر گھر مان اها صدا ٻُري رهي آهي: هي ڪنڌ سدا سنڌ مٿان ڀل پيا ڪٽجن...!”
ديوان پريم تقرير جي فن کان اڻ واقف هو. هو اسٽيج تي ٻه جملا به ڳالهائي نه سگھندو هو، هن جي دل سياستدان بدران وحدت الوجودي صوفيءَ واري هئي. هو سياسي اصطلاحن کان ته اڻ واقف هو پر هن جي ازل کان سنڌ سان محبت هئي ۽ ڌرتيءَ جو درد کيس سک سمهڻ نه ڏيندو هو. اهو ئي سبب هو جو هن سياست جي ڪنڊيدار دڳ جي چونڊ ڪئي. ديوان پريم سان روح جا رشتا هئا، ساڻس حجتون هيون، کيس چيڙائڻ لاءِ ڀوڳ ڪندا رهندا هئاسين. مان کيس چوندو هئس ته “اسان سان تون ديوان ٿو سڏائين پر وارهه ٽپڻ کان پوءِ پاڻ کي اميراڻي چانڊيو، يقوب چانڊئي (1986ع ۾ سکر سينٽرل جيل ٽوڙڻ واري واقعي جو مک ڪردار ) جو سؤٽ سڏائيندو آهين. “ان تي کلي چوندو هو: “نه نه، ايئن ڪيئن ٿيندو!”
ديوان پريم دين ڪفر کان دور، اول آخر سنڌي هو. هن لاءِ بهشت دلاسو ۽ دوزخ محض دڙڪو هو. هن روايتي مذهبي ماڻهن وانگر پنهنجي مولا کي ڏور خلائن ۾ نه ڳوليو ۽ سنڌ ڌرتيءَ جي مٽيءَ کي پنهنجو معبود بنائي ڇڏيو هو.
جڏهن بابري مسجد ڊاهڻ جي ردعمل ۾ سنڌي هندن جي گھرن ۽ دڪانن تي حملا ڪيا ويا، مڙهيون ۽ مندر ساڙيا ويا. تڏهن اهڙي غنڊه گرديءَ جي نه رڳو مزاحمت ڪئي پر هن، پنهنجو نانءُ به ‘ديوان پريم’ ۽ جبار چانڊيي پنهنجو نانءُ روپلو رکايو. ديوان پريم ۽ روپلي جا پاڻ ۾ روح جا رشتا هئا. ڌرتيءَ جي محبت جو منجھن اهڙو پيچ پيل هو، جنهن کين ڳنڍي رکيو هو. جڏهن شهيد روپلي چولياڻي جي مڙهه کي عظيم رهبر جي اڱڻ تي جاءِ ڏيڻ لاءِ وڃي رهيا هئاسين، ان وقت ديوان کي ٽن راتين جو اوجاڳو هو. روپلي جي شهادت جو ٻڌي سانگھڙ روانو ٿيو. اتان شهيد جو ميت کڻائي وارهه پهتو. وارهه ۾ جنازي نماز ادا ڪري وري قافلي سان سن روانو ٿيو ۽ اتان واپس وارهه پهچڻ تائين هن اک نه ٻوٽي هئي. ان وقت به روپلي ڏانهن اشارو ڪري مرڪي چيو هئائين: “يار اسان کان گوءِ کڻي ويو پر اسان جو پنڌ به اوڏانهين آهي.”
اول آخر آهه، هلڻ منهنجو هوت ڏي...
ديوان پريم برابر هوت حضور پهچي ويو. ان کان وڌ قومي ڪارڪن لاءِ ڪهڙي سعادت ٿي سگھي ٿي، جو هُو آزاديءَ جي راهه ۾ قربان ٿي وڃي.
مارڳ جي مرن، وڏا طالع تن جا. ...
وحشين کي ڀليءَ ڀت پروڙ هئي ته ديوان پريم سنڌ جي چيڪي مٽيءَ مان ڳوهيل آهي. هو پنهنجي قوم سان ڪريت نٿو ڪري سگھي، سون تي سيڻ مٽائڻ هن جي ريت ئي ناهي. تڏهن ته هنن ديوان کي قيد ڪرڻ بدران مارڻ ۾ پنهنجي عافيت سمجھي. ڏاڍ ڏمر جي قوتن ديوان پريم کي ايئن عذاب ڏئي ماريو، جيئن سندن وڏا انگريزن جي اشاري تي ديش ڀڳتن کي چيچلائي چيچلائي ماريندا هئا. مون کي يقين آهي ته شهيدن جو رت رائيگان نه ويندو ۽ اهو خون اهڙي ٻوٽي جي آبياري ڪندو جيڪو وڌي وڻ ٿي آزاديءَ جي راهه ۾ ضرورڇانوَ ڪندو.
ڪالھه پورن ٻائيتاليهين ورهين کان پوءِ بنگالي ديش ڀڳتن تي ظلم ڪندڙ مولانا قادر ڪاسائيءَ کي ڦاهو ڏنو ويو آهي. سنڌ جا ٽهڪ ڪُهندڙ لٽيرن کي به تاريخ جو حساب ضرور ڏيڻو پوندو.
***

نور الله تنيو: جيئن سڙن تيئن سچ

21 اپريل 2011ع تي ضلعي سانگھڙ جي هڪ سنسان روڊ تي ڊبل ڪئبن گاڏين ۾ سوار چمڙا پوش هٿياربند هڪ ڪار کي روڪي، ان ۾ ويٺل جوانن مٿان گولين جا ڌوڙيا لائي ڏين ٿا. ڪار گولين ساڻ ڇاڻي ٿي وڃي ٿي. ويٺلن جا جسم پروڻ ٿي وڃن ٿا، پوءِ به چمڙا پوش کانئن ڊڄن پيا، تنهن ڪري ڪار تي ڪيميڪل هاري ان کي باهه ڏئي روانا ٿي وڃن ٿا. ڪار مان باهه جا اٿيل شعلا، گولين سان پروڻ ٿيل جوڌن جي جسمن کي جلائي رهيا هئا. ان جي باوجود ڪار سوارن مان هڪ ڄڻي کي هوش اچي وڃي ٿو.
سرزمين تي پهتل آس پاس جي ڳوٺاڻن ڏٺو ته گاڏي سڄي ساري سڙي چڪي هئي. اندر ويٺلن مان ٽي ڄڻا ته رک جي ڍير ۾ تبديل ٿي چڪا هئا، باقي هڪ نوجوان هيٺ پٽ تي پيل هو. سندس ٻئي ٽنگون سڙي چڪيون هيون ۽ جسم ۾ گولين سوراخ ڪري ڇڏيا هئا. هو اکيون پٽي ٿو. گولين لڳڻ ۽ باهه ۾ سڙڻ باوجود نه ڪنجھي ٿو، نه ڪرڪي ٿو، ڳوٺاڻن کي ٻڌائي ٿو ته: “آئون جيئي سنڌ جو ڪارڪن آهيان. آزادي گھرڻ جي ڏوهه ۾ منهنجا هي ساٿي سرائي قربان کهاوڙ، روپلو چولياڻي ۽ نادر بگٽي جيئري ساڙيا ويا آهن. اهو جونجھار بهادر نوجوان ڳوٺاڻن کي پنهنجي دوستن جا نمبر ٻڌائي ٿو ۽ سڄي سنڌ کي ان سانحي جي خبر پئجي وڃي ٿي. اِهو نوجوان شهدادڪوٽ واسي نورالله تنيو هو. واهر لاءِ پهتل ڳوٺاڻن به عمر گذاري هئي. هنن پنهنجي حياتيءَ ۾ ڪيئي مٿير مڙس ڏٺا هئا، جن مهل تي پاڻ ملهايو هو پر هي نوجوان ته ڪنهن ٻي مٽيءَ مان ٺهيل پي لڳو:
“جيئن سڙن تيئن سچ، جيئن سڙن تيئن سنرا... ”
ڳوٺاڻا وڍيل چيريل، چچريل ۽ سڙيل نوجوان کي کڻي اسپتال پهچائين ٿا، جتي ميڊيائي نمائندا به پهچي وڃن وڃن ٿا. هن جو سڙيل جسم ڏسي صحافين جا لڱ ڪانڊارجي وڃن ٿا پر نور الله ساڻن ائين بيخوف ٿي ڳالهائي رهيو هو، ڄڻ ڪجھه ٿيو ئي نه هجي! هن صحافين کي پاڻ سان ٿيل واردات کان نه رڳو آگاهه ڪيو پر ساڳئي وقت پنهنجي تنظيم جو موقف به بيان ڪيو ۽ ٻڌايو ته: “اسان سنڌ جي آزادي چاهيون ٿا، هي جيڪو ڪجھه وهيو واپريو آ، اهو ته ڪجھه به ناهي، آزادي گھڻو ڪجھه گھرندي آهي. ” هن جون ڳالهيون ٻڌي اتي موجود سمورا ماڻھو حيراني گاڏڙ اطمينان جو اظهار ڪن ٿا ته: “جي سنڌ اهڙا سورهيه پٽ پيدا ڪري ٿي ته پوءِ قوم گھڻو وقت غلاميءَ جي زنجيرن ۾ سوگھو نه رهي سگھندي.”
نورالله تنيو نه شعله بيان مقرر هو، نه وري ڪي اٺ ڪتابن جا پڙهيو هو، بس ڌرتيءَ سان محبت سندس ايمان جو جز هئي. اها ئي محبت جنهن مخدوم بلاول کي گھاڻي ۾ پيڙهايو هو. او سنڌ امان، شال توکي هن ڳڀروءَ جي قرباني قبول پوي، جنهن پنهنجي جواني ۽ پنهنجيون سموريون محبتون تون مٿان واري ڇڏيون.
***

حفيظ پيرزادي جي گرفتاري

ٻلهڙيجيءَ ۾ شهيد روشن بروهي، واجد لانگاهه، فهيم ڀٽي ۽ سرويچ پيرزادي جي پهرين ورسي ملهائي ويئي. جيئن ئي پروگرام ختم ٿيو ته مهمانن ۾ لنگر تقسيم ڪيو ويو. ايندڙ صبح تي شهيد سرويچ پيرزادي جي وارثن پاران به خيرات جي مانيءَ جو سڏ ڏنو ويو هو.
مان جھوني قومي ڪارڪن چاچا غلام محمد سنڌيءَ کي ساڻ ڪري دڪان تي سامان لکرائڻ ويس. اسان چيرو لکرائي اڃا چانهه پي رهيا هئاسين جو اوچتو فائرنگ شروع ٿي وئي. ٻاهر نڪتاسين ته ڳوٺاڻن ٻڌايو ته “اهلڪار حفيظ کي کنڀي کڻي ويا آهن.” ڏسندي ئي ڏسندي ماڻهن جو انبوهه گڏ ٿي ويو. سڀني جي اکين ۾ رت هو. مون ڏٺو ته ڳوٺ جا پيرسن، جوان، ٻار ۽ عورتون گھرن مان نڪري چڪا هئا. سندن هٿن ۾ ڏنڊا هئا ۽ سڀني جو رخ لاڙڪاڻي ڏانهن هو. اها گھڙي سانجھڻ واري هئي، ڳوٺ جي اڌ گھرن ماني تيار ڪري ورتي هئي ۽ ڪي اڃا تيارين ۾ هئا جو حفيظ جي کنڀجڻ جي ڳالھه هُلي وئي. جن گھرن ۾ ماني پچي وئي هئي، انهن به نه کاڌي ۽ ڪيترن ئي گھرن جي عورتن رڌ پچاءُ اڌ ۾ ڇڏي ڏنو. ڳوٺاڻن جي انبوهه کي جيڪا گاڏي هٿ ايندي وئي، ان تي سوار ٿيندا ويا، ايئن محسوس ٿي رهيو هو ته کنڀيل نوجوان هر گھر جو ڀاتي هو. گھڙيءَ ۾ سڄي ٻلهڙيجي سنسان ٿي وئي. تقريباً منو ڳوٺ لاڙڪاڻي ۾ لٿل هو، جن ۾ نوي ورهين جون پيرسن عورتون به هيون ته پنجن ورهين جا ٻارڙا به شامل هئا.
اهو حفيظ پيرزادي جي سڀاءُ ۽ قرب جو نتيجو هو. هن ننڍي وڏي سان نياز نوڙت سان هلي هي مقام حاصل ڪيو هو، جو هر نوجوان ايئن پيو محسوس ڪري ته سندس سڳو ڀاءُ ويرين جي ور چڙهي ويو آهي ۽ هر ماءُ کي ايئن پيو لڳي ڄڻ سندس آنڊن ۾ هٿ وڌا ويا آهن. اڌ ڪلاڪ اندر ماڻهن جو اهو انبوهه لاڙڪاڻي جي ايس پي چوڪ تي پهچي ويو، جتي هزارين لاڙڪاڻي واسي به احتجاج ۾ شامل ٿي ويا. ٻلهڙيجيءَ جون ٻاگھيون پنهنجا کير پياڪ ٻار کڻي چوڪ تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيون. گھڙيءَ اندر سوين اهلڪار ڳوڙها آڻيندڙ گئس ۽ لٺين سان چوڪ کي گھيرو ڪري ويا پر مظاهرو ڪندڙن تي ڪو به اثر نه پيو. هنن اهلڪارن جي گدڙ ڀڀڪين تي ڪن نه ڌريو ۽ وڏي واڪ چيو ته “جيستائين حفيظ کي ظاهر نه ڪندؤ، تيستائين هرگز واپس نه وينداسين. ڀلي اسان مٿان گوليون هلايون وڃن.”
ڳوٺ وارن جي ٻڌي ۽ جرئت اهلڪارن کي هيڻو ڪري ڇڏيو ۽ هنن محسوس ڪيو ته سندن ٿورڙي به حماقت وڏو ممڻ مچائي سگھي ٿي. عورتن سان ٿڃ پياڪ ٻار به ساڻ آهن. ٿوري به لٺ بازيءَ سان ڪجھه به ٿي سگھي ٿو. پوءِ هنن مڇريل ماڻهن سان منهن ڏيڻ انتهائي جوکائتو هوندو. اها ڳالھه ڳڻي پوليس اهلڪارن سندس ونيءَ ۽ وارثن کي چيو “حفيظ اسان وٽ صحيح سلامت موجود آهي.اسان کيس سڀاڻي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪنداسين. اوهان اتي ساڻس ملي وٺجو.” ايئن رات جو ٻين وڳي ڳوٺاڻن موٽ کاڌي پر واپسيءَ تي پڻ ڪنهن به ٽڪر ڀور نه کاڌو. صبح ٿيندي ئي ڳوٺاڻا سخي شاهه جمال جي درگاهه تي گڏ ٿيندا ويا. اڃا سج ڪني نه ڪڍي هئي، جو سموريون عورتون به پهچي ويون، ڏهاڪو کن گاڏين ۾ سوار ماڻهن وري لاڙڪاڻي ڏانهن ڪاهه ڪئي. ڇاڪاڻ جو ان کان اڳ سندن ڳوٺ جي هڪ شهزادي سرويچ پيرزادي کي رهزنن ڪراچيءَ مان کنڀي کنيو ۽ 80 ڏينهن کان پوءِ سندس لاش اڇلائي ڏنو هو. ڳوٺاڻا پنهنجي هڪ ٻئي شهزادي کي ايئن وڃائڻ هرگز نه پيا چاهين. قافلو جيئن ئي لاڙڪاڻي پهتو ته کين حفيظ کي اي ٽي سيءَ ۾ پيش ڪرڻ جي خوشخبري ٻڌائي ويئي. ان وقت سندس امڙ، ڀيڻ، وني ۽ سندس ڀائرن کي ساڻس ملايو ويو ۽ پوءِ سوين ڳوٺ وارن حفيظ کي هٿ ڪڙي ۽ ڏنڊا ٻيڙيءَ سان ڏٺو جيڪو ان وقت ڳوٺاڻن کي ڏسي آزاديءَ جا نعرا هڻي رهيو هو. ڳوٺاڻن به نعرن جا جواب ڏئي کيس دلداري ڏني ته تنهنجا واهرو وريا آهن:
وريا واهرو، هاڻو سڀ هيڻا ٿيا...
ان گھڙيءَ سندس گھر ڀاتين، دوستن ۽ سڄي هجوم جا خوشيءَ مان ڳوڙها ڳڙي پيا. ڪالھه کان مختلف خدشن سبب هنن جا لڙڪ خشڪ ٿي چڪا هئا. هاڻي سڀن کي بک جو احساس به ٿيو ۽ هنن ڏسندي ئي ڏسندي ريڙهن وارن جا سمورا پڪوڙا، ڇولا ۽ سموسا کائي چٽ ڪري ڇڏيا. جنهن بعد ٻلهڙيجي واسي سرخرو ٿي دهلن ۽ شرنائين سان ڳوٺ پهتا. سخي شاهه جمال جي درگاهه تي حاضري ڀري، سڄي ڳوٺ جو گشت ڪيو ويو ۽ اهو سرڪس پورا پنج ڪلاڪ جاري رهيو، جنهن ۾ هر عمر جي ماڻھوءَ جھمر هنئي. ٻلهڙيجيءَ جي تاريخ ۾ ڪنهن به ڪاڄ تي مڱڻهارن کي ايتري گھور نه پئي هوندي جيتري ان ڏينهن پئي هئي. ڳوٺاڻن بگھڙ جي وات مان پنهنجو ٻچڙو ڇڏائي ورتو هو ۽ کين پوري پڪ هئي ته دشمن انهيءَ شرمناڪ هار جو ضرور بدلو وٺندو، جنهن لاءِ اهي ذهني طور تيار هئا. ٻئي ڏينهن هٿرادو بم ڌماڪو ڪري ٻلهڙيجيءَ تي ڇاپو هڻي عورتن، مردن ۽ معصوم ٻارڙن تي تشدد ڪيو ويو.
***

اقرار: جيئن مون ڏٺو

اقرار عمر ۾ مون کان ڪي پنج سال کن ننڍو ٿيندو پر اسان ننڍپڻ گڏ گذاريو آهي. هيءُ ننڍي هوندي کان ئي جيترو ذهين هوندو هو، ايترو ئي ڇيڳرو هوندو هو. اسان کي امڙ کان وڌيڪ پيار ڏيندڙ ماسي، امان مشن واريءَ کيس پاليو جيڪا هن جي پڦي هئي. اُها کيس نوان ڪپڙا پارائيندي هئي ۽ هي ان مهل ئي ڪپڙن کي لينگھا هڻي ڇڏيندو هو. جيترو حافظو سگھارو اٿس،ايترو ئي ويسارو به آھي: سالن جون ڳالهيون ياد هوندس پر ويسر به اهڙي جو ڪُلهي تي رکيل شيءِ ڪلاڪن جا ڪلاڪ پيو ڳوليندو.جھڙو ڳالهائيندو اهڙو ئي لکندو،اڃا به لکڻ ۾ ڪجھه فضيلت ڏيکاريندو پر ڳالهائڻ ۾ اها ڪوهين ڏور هونديس، خاص ڪري دوستن سان. دوستن ۾ جنسي تفريق نه ڪندو،جھڙو سُخن مرد کي اهڙو ئي عورت کي. دوستن سان جهيڙو جاري رکندو پر دوستيءَ ۾ وِٿي وجهڻ وارو ناهي. اسان جي به لڙڇڙ هلندي رهندي آ.هن جي ڪري منهنجا ٻار مون سان ڪاوڙجي پوندا آھن ته کين چوندي آھيان:اقرار مونکي توهان کان وڌيڪ پيارو آھي. هن سان ست سڱيڻا پنهنجي جاء تي پر هي منهنجو دوست به آھي ۽ واقعي اسان جي هڪٻئي کان سواءِ سرندي ئي ناهي. رڳو مون سان نه پر سڀن دوستن سان ساڳيو رويو هوندو اٿس. هن کان اڳ شايع ٿيل سندس پهرئين ڪتاب ”جن سين لنئون لاڳِي“ ۾ شامل ڳوٺ جا تقريباسڀ ڪردار مون به ڏٺا.مان سمجهان ٿي ته انهن سڀني ڪردارن جو هن مٿان ٿورو گھڻو اثر ضرور آھي. هڪ جاءِ تي ويهڻ اچيس ئي نه؛ ماني به بيٺي بيٺي کائيندو. مذهب جي بوءِ بانس ئي نه اٿس. بس، هن جو مذھب سنگيت آھي. سياست ههڙن ماڻهن جو ڪم ناهي، باقي سيد جي نظريو هن جي ايمان جو جُز آھي. شاھ جابيت به ڏاڍي سهڻي انداز سان سمجهي پڙھندو آھي. نئين ماڻھوءَ کي اقرار يا ته اُٿندي ئي موهي وجهندو يا صفا نه وڻندو. ڪچهريءَ ماڻھو هن کي ڏسي سمجهندو ته هن جي ڪابه دلچسپي ناهي پر هن جو سڄو ڌيان اوڏاهين هوندو پر لَکائيندو ايئن ڄڻ همراهه ڪنهن ٻئي هنڌ هجي. اقرار منهنجي پياري مامي جو پهريٽي پٽ ۽ منهنجي ننڍي ڀيڻ جو ور به آھي جنهن کان ته ڊڄندو پر مون آڏو سندس ماني ڀاڄيءَ جي ڪا نه ڪا وِڏ ڪڍي مونکي ست سُريون ٻڌائي ويندو. هن کي جوڙي ٻارن جي مَڌ ۽ دُرِشھوار آھن جن ۾ مونکي ننڍپڻ جو اقرار نظر ايندو آھي. اقرار جا هي خاڪا سنڌ جو سدا ملوڪ ورثو۽ اسان سڀن جون گڏيل خوبصورت يادگيريون آهن. ٻلهڙيجيءَ ۾ ليکڪ گھڻا ۽ ڀلا پر اڄوڪي نسل کي اڳوڻي نسل سان ڳنڍڻ وارو فقط اقرار آھي.

- ڪبريٰ پيرزادو