سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر شيخ اياز جي شاعريءَ جو اوائلي مجموعو ”جل جل مشعل جل“ اوھان اڳيان آڻجي ٿو.
مھاڳ ۾ محمد ابراھيم جويو لکي ٿو: ”اياز جي شاعري سنڌي ٻوليءَ جو هڪ ڪرشمو آهي، ٻولين جا اهڙا ڪرشما جُڳن کان پوءِ ظاهر ٿيندا آهن ۽ جڏهن ٿيندا آهن، تڏهن اُهي، ٻولين سان گڏ، پنھنجي پنھنجي دور جي ڪايا پلٽ جا داعي ۽ اٽل سبب بنبا آهن. سنڌي ٻوليءَ جي هن ڪرشمي پاڻ سان گڏ پنھنجي دور کي ٻيا شاعر ۽ ٻيا اديب بہ ڏنا آهن. هن سر زمين تي، انساني عظيم جي نئين انقلاب جي سج-اُڀار جا اهي بہ داعي آهن ۽ سڀ گڏجي ان جو سبب بڻبا.“
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1967ع ۾ ڇپيو ھيو، ٻيو ڇاپو 2019ع ۾ سنڌ راڻي پبليڪيشن حيدرآباد پاران ڇپايو ويو آھي. ڪتاب جي اسڪين ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان اوهان سان شيئر ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي