
رُت آئي ڳاڙھن ٻيرن جي
ڊاڪٽر اسحاق سميجو لکي ٿو: ”اياز اُن ڌُنڌَ ۾ سِجَ جو اُهاءُ ٿي اُڀريو، هُن جو شعر نئن جي تِکَ ۽ طوفان جي زورَ جيان آيو ۽ نہ فقط پاڻ کان اڳ وارين سمورين ادبي روايتن کي اُڏائي کڻي ويو، پر همعصر دور کي بہ ايترو متاثر ڪيائين، جيترو شايد ئي ڪنھن ٻئي شاعر جي ڪلام پنھنجي دور کي متاثر ڪيو هجي.“