الطاف شيخ ڪارنر

ڪراچي کان ڪوپن ھيگن

الطاف شيخ هن سفرنامي ”ڪراچيءَ کان ڪوپن هيگن“ ۾ ڪڙيون ۽ سچيون حقيقتون کڻي اسان اڳيان آنديون آهن. هن ڀيري کلائيندي کلائيندي اسان کي روئاري بہ ڇڏيو اٿائين-  ذهني طور جهنجهوڙڻ جي ڪوشش بہ ڪئي اٿائين. هن سفرنامي ۾ الطاف شيخ جي ڏنل معلومات ۽ پنھنجي سماج جي ٻين ملڪن جي سماج سان ڀيٽ ۽ حقيقت تي ٻڌل تجزيو خاص طرح اسان جي نئين ٽھي ۽ شاگردن لاءِ نھايت اهم آهي.

  • 4.5/5.0
  • 25
  • 2
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book ڪراچي کان ڪوپن ھيگن

حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

نيو فيلڊس پبليڪيشنس جو ڪتاب نمبر هڪ سئو ٻيانوي

ڇپائيندڙ نيو فيلڊس پبليڪيشنس ٽنڊو ولي محمد، حيدرآباد، سنڌ.
ڇپيندڙ ذڪي پرنٽنگ پريس ڪراچي.
ڪمپيوٽر ڪمپوزر بشير جمالي
ٽائيٽل ڪئليگرافي علي اڪبر
پهريون ايڊيشن مارچ 1995ع
ٻيو ايڊيشن ڊسمبر 1998ع
قيمت -/80 رپيا
پڪي جلد سان -/100 رپيا

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com

(سڀ حق ۽ واسطا قائم)
KARACHI KHAA COPANHAGAN - A Travelogue of Europe
(Sweden) by ALTAF SHAIKH, Published by New Fields Publications,
Tando Wali Muhammad, Hyderabad. Sindh. Pakistan. First Edition
March 1995. Second Edition December 1998. Price per Copy Rs. 80/-
Book No. 192

  انتساب

ٻن پيارن انسانن ۽ دوستن نالي:

ڊاڪٽر سرفراز شاهه
ڪن نڪ ۽ ڳلي جي ماهر سرجن
عباسي شهيد اسپتال ڪراچي

۽

مير افسر دين ٽالپر
سيڪريٽري
پورٽ قاسم اٿارٽي، ڪراچي

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري سفرنامانگار ۽ مئرين انجنيئر الطاف شيخ جو يورپ خاص ڪري سئيڊن بابت لکيل سفرنامو ”ڪراچي کان ڪوپن ھيگن“ اوهان اڳيان پيش آهي.
الطاف شيخ هن سفرنامي ”ڪراچيءَ کان ڪوپن هيگن“ ۾ ڪڙيون ۽ سچيون حقيقتون کڻي اسان اڳيان آنديون آهن. هن ڀيري کلائيندي کلائيندي اسان کي روئاري بہ ڇڏيو اٿائين- ذهني طور جهنجهوڙڻ جي ڪوشش بہ ڪئي اٿائين. هن سفرنامي ۾ الطاف شيخ جي ڏنل معلومات ۽ پنھنجي سماج جي ٻين ملڪن جي سماج سان ڀيٽ ۽ حقيقت تي ٻڌل تجزيو خاص طرح اسان جي نئين ٽھي ۽ شاگردن لاءِ نھايت اهم آهي.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو نيو فيلڊس پبليڪيشن پاران 1995ع ۽ ٻيو ڇاپو 1998ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون سائين الطاف شيخ جا جنھن ھن ڪتاب جي نئين سر ڪمپوزنگ ڪرائي ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪلي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

الطاف - هڪ تاثر

الطاف کي عام طور تي سنڌ جو ابن بطوطه ۽ مارڪوپولو چيو ويندو آهي. اها ڀيٽ انهيءَ حد تائين ته صحيح آهي جو الطاف به انهن وانگر دنيا جي سياحت ڪئي آهي (۽ اڃا ڪري پيو).
پر الطاف کي الله تعاليٰ انهن بزرگن جي ٻين خصوصيتن کان پناهه ۾ رکيو آهي. ابن بطوطه بابت ٻڌو اٿئون ته همراهه هر سفر ۾ ڊزن کن زالون ۽ ڪنيزون گڏ کڻندو هو ۽ خراب موسم اچڻ تي غوراب کي ٻڏڻ کان بچائڻ لاءِ وزن گهٽائڻ جي شروعات نسبتاَ پوڙهين ۽ بدصورت زالن کي سمنڊ ۾ اڇلائڻ 'Jettison' سان ڪندو هو، انهيءَ جي اُبتڙ اسان جو الطاف پنهنجي سڪيلڌي شريڪ حيات مستوران کي بَحر ۽ بَـرَ ۾، هر هنڌ، ساهه ۾ سانڍيندو وتي. ابنِ بطوطه وقت جي حاڪمن جي خوشنوديءَ ۽ کانئن فائدو وٺڻ خاطر ٿوري گهڻي چغل خوري، جاسوسي ۽ زماني جي دستور مطابق بخشش ڏيڻ وٺڻ کي مباح سمجهندو هو، هوڏانهن الطاف رشوت ۽ خوشامند جي پاڇي کان به پري، مارڪو پولو جي سفرنامن ۾ سچ ٿورو، ٻٽاڪون گهڻيون، بنيادي طور مارڪو پولو توڙي ابن بطوطه مهم جُو (Adventurers) هئا. سندن زندگي ڪنهن اعليٰ مقصد کان وانجهيل هئي. انهن جي برعڪس، الطاف ڇا آهي، انهيءَ سوال جو جواب آءٌ پنهنجي خيال موجب ڏيڻ جي ڪوشش ڪندس.
ويهارو کن سال اڳ هڪ نهايت فڪر انگيز ۽ دلچسپ ڪتاب مارڪيٽ ۾ آيو هو. انگريزي زبان ۾ لکيل هن عجيب ڪتاب دنيا ۾ هلچل مچائي ڇڏي هئي. ڪتاب جو نالو عجيب هو.
“Jonathan Living Seagull”
هن ڪتاب جو مرڪزي ڪردار جوناٿن (Jonathan) نالي هڪ سامونڊي پکي (Seagull) آهي، جنهن کي انهيءَ راز جو عرفان هو، ته زندگي صرف کائڻ، پيئڻ يا اقتدار لاءِ جنگ ڪرڻ جو نالو نه آهي، انهيءَ جو حقيقي مقصد پنهنجي اعليٰ صلاحيتن کي وڌ ۾ وڌ اجاگر ڪرڻ، پاڻ کي ڪامل (Perfect) ڪرڻ ۽ پنهنجو پاڻ کي زمان ۽ مڪان جي قيد کان آزاد ڪرڻ آهي. انهيءَ عمل دوران حاصل ڪيل خوشي ۽ تجربي سان ٻين کي آگاهه ڪرڻ انهن کي متحرڪ (Motivate) ڪرڻ ۾ حقيقي مسرت ۽ ڪاميابي سمايل آهي.
سامونڊي پکي ”جوناٿن“ هڪ سالڪ وانگر پنهنجي اندر جي اُمنگ ۽ روشنيءَ جي آڌار تي اُتانهين ۽ تيز اُڏام سان آڏو ايندڙ زمان ۽ مڪان جون مڙيئي رڪاوٽون دور ٿو ڪرڻ چاهي. انهيءَ راه ۾ ابتدائي ڪاميابيون حاصل ڪرڻ تي، پنهنجي ولر طرفان مَانُ ۽ شابس ملڻ بدران کيس لعنت ۽ ملامت نصيب ٿي ٿئي. ولر جا بزرگ کيس غير جوابدار، ڀٽڪيل، فتني باز ۽ مردود قرار ڏيئي ولر مان خارج ڪن ٿا. ردعمل طور جوناٿن کي پاڻ سان ٿيل انهيءَ بي انصافيءَ تي ڏک ته ڪونه ٿو ٿئي، البته هُو انهيءَ ڳالهه تي مغموم آهي ته ولر جا نادان ساٿي پنهنجي جاهليت ۽ تڪبر ڪري ڪيئن نه زندگيءَ جي اصل مقصد ۽ انهيءَ مان ملندڙ خوشيءَ کان منهنجا موڙي رهيا آهن!
بهرحال پنهنجي ولر جي جهالت، تڪبر ۽ ٽرڙائپ کان بي نياز، پنهنجو پاڻ ۾ مگن، جوناٿن اڪيلو ئي اڪيلو ترقيءَ جون راهون طئي ڪندو ٿو رهي، تان جو اهو ڏينهن به اچي ٿو جڏهن پکين جو هڪ ٻيو انتهائي ترقي يافته ولر کيس پنهنجي دنيا ۾ گهرائي، پاڻ ۾ شامل ٿو ڪري. سادو سودو جوناٿن انهيءَ ڳالهه تي حيران آهي ته انهن اعليٰ پکين منجهس ڪهڙي خوبي ڏٺي آهي جو کيس ايڏو مرتبو ڏنو اٿن! جواب مليس ٿو:

“The only answer I can see, Jonathan, is that you are pretty well a one-in-a-
million bird. Most of us came along ever so slowly, we went from one world
into another that was almost exactly like it, forgetting right away where we
had come from, not caring where we were headed, living for the moment.

Do you have any idea how many lives we must have gone though before we even gotthe first idea that there is more to life than eating, or fighting, or power in the Flock?
A thousand lives, Jon, ten thousand!

And then another hundred lives until we began to learn that there is such a thing as perfection, and another hundred again to get the idea that our purpose for living is to find that perfection and show it forth. The same rule holds for us now, of course; we choose our next world through what we learn in this one. Learn nothing, and the next world is the same as this one, all the same limitations and lead weights to overcome.”

شروع شروع ۾ جوناٿن انهيءَ نئين دنيا کي بهشت ٿو سمجهي، پر ٿوري ئي عرصي کان پوءِ اڃا به وڌيڪ سکڻ جي امنگ کيس بي چين ٿي ڪري. هو پنهنجي اُستاد وٽ ٿو وڃي ۽ کانئس هٻڪندي هٻڪندي پڇي ٿو:
Chiang, this world isn't heaven at all, is it?” Well, what happens from here? Where are we going? Is there no such place as heaven?”

اُستاد وراڻيس ٿو:
“No, Jonathan, there is no such place. Heaven is not a place, and it is not a time. Heaven is being perfect.”

بهرڪيف ٿوري ئي عرصي ۾ جوناٿن اُڏام جي سمورن مرحلن تي عبور حاصل ڪري زمان ۽ مڪان جي قيد مان آزاد ٿي وڃي ٿو. ڪمال جي انهيءَ درجي تي پهچڻ کان سندس اُستاد کيس آخر ۾ اهم ترين سبق ڏيئي ٿو:
“And then you will be ready to begin the most difficult, the most powerful, the most fun of all. You will be ready to begin to fly up and know the meaning of kindness and of love.”

۽ انهيءَ سبق جو جوناٿن تي ڪهڙو اثر پيو؟
“…And the more Jonathan practiced his kindness lessons, and the more he worked to know the nature of love, the more he wanted to go back to Earth. For in spite of his lonely past, Jonathan Seagull was born to be an instructor, and his own way of demonstrating love was to give something of the truth that he had seen to a gull who asked only a chance to see truth for himself.”

مون کي الطاف ۾ انهيءَ تمثيلي پکيءَ جوناٿن جي جهلڪ ڏسڻ ۾ آئي. دنياوي مان، مرتبي، اقتدار، دولت ۽ آسائش کان قطعي بي پرواهه - بلڪه انهن کان بيزار، دنياجو سفر سنڌ واسطي ڪري ٿو ۽ جيڪي ڏسي ٿو سو پنهنجن ديس واسين تائين پهچائي ٿو. پنهنجي شخصيت ۽ ڪردار کي هميشه Refine ڪرڻ جي اون - هر وقت علم حاصل ڪرڻ جي جستجو، هر اعليٰ ۽ ادنيٰ مان ڪجهه نه ڪجهه پرائڻ جي ڪوشش - هر ننڍي وڏي کان پاڻ کان وڌيڪ سمجهڻ “آءٌ وڏو - آءٌ عظيم” جي موذي مرض کان آجو- خودنمائيءَ جي خباثت کان پري. اها ڪا معمولي ڳالهه نه آهي ته 30-35 طويل سفرنامن ۾ الطاف پنهنجي باري ۾ يا پنهنجي ثنا خوانيءَ ۾ هڪ جملو به نه لکيو آهي! اسان جا سياح هر سفر ۾ ڊزن کن عشق ته ڪن ئي ڪن، جتي وڃن اُتي اڇيون اجريون، سدا سهڻيون، پڙهيل لکيل ڪنواريون انهن واسطي جڳ جهان ڇڏڻ واسطي آتيون. ٻڌو اٿم ته اسان جي هڪ سنڌي جوان سياح جي عشق ۾ ته هڪ نابالغ ڇوڪري مٽ مائٽ ڇڏڻ واسطي آتي ٿي وئي. رڳو اسان جي جوان جي “ها” ڪرڻ جي دير هئي (پر عين وقت تي کيس شايد ديسي زال جا پادر سجهي آيا!)
هڪ ڳالهه ۾ بهرحال الطاف جوناٿن کان به مختلف آهي. محبت ۽ پنهنجي ولر ڏانهن واپس وڃڻ جو سبق، جوناٿن سڀ کان آخر ۾ ٿو سکي، جو اهو سبق سڀ کان وڌيڪ ڏکيو سمجهيو ٿو وڃي، پر الطاف زندگيءَ جي سفر جي شروعات ئي محبت سان ٿو ڪري! سندس محبت ۽ Commitment سموريءَ انسانذات سان ته آهي ئي آهي، پر سنڌ ۽ سنڌين جو عشق ڄڻ ته کيس جيئڻ جو جواز ٿا بخشين. سندس عشق سڪڻي سنڌ ماءُ واروعشق نه آهي. جنهن ۾ کيس پنهنجو اڌ چريو پٽ به سقراط جو ثاني ٿو لڳي. هو سڄي دنيا جون چڱايون ڏسي ٿو، محسوس ڪري ٿو ۽ چاهي ٿو ته اهي چڱايون سندس ملير جا ماروئڙا به اختيار ڪن ۽ جديد دنيا سان گڏ عزت ۽ آبروءَ سان مادي ۽ روحاني ترقيءَ جون منزلون طئه ڪن. هو مون کي شاه ڀٽائيءَ وارو ڀونر ٿو لڳي جيڪو سڄو آڪاس ڦري وري ڪنول ڏانهن ٿو موٽي، جنهن جون پاڙون پاتال ۾ آهن.
پنهنجي انهيءَ خواهش جي تڪميل، هو وڏن وڏن فيلسوفانيه ۽ سمجهه ۾ نه ايندڙ نظرياتي ليڪچرن سان نه ٿو ڪري. نه ئي وري هو غريب سنڌين تي گارين جو وسڪارو ڪري ويچارن کي وڌيڪ ٿو هيسي. انهيءَ واسطي هن سفرنامن لکڻ جي Technique اختيار ڪئي آهي.
الطاف جي لکڻين جي مقبوليت هڪ معجزي کان گهٽ نه آهي - انهيءَ جو مثال ڏيڻ کان ذهن عاجز آهي. نعري بازيءَ، سياست، سنسني ۽ فحاشيءَ کان قطعي وانجهيل لکڻين جو ايڏي پيماني تي مقبول ٿيڻ ڪم از ڪم سنڌ ۽ هند جي ڪنهن به ٻوليءَ ۾ هڪ بيمثال ڳالهه آهي. سندس ڪتابن ۾ نڪو آهي “عشق محبت جي چاشني”، نه ڪا “اسلامي نظريه حيات” جي تبليغ، نه آرسين لوپن ۽ بليڪ جاسوس، نه ’نظريه پاڪستان لاءِ خطري جي گهنٽي،‘ نه ’تنهنجو ديس _ منهنجو ديس‘ جو نعرو، نه ’تنهنجي ٻولي _ منهنجي ٻولي‘ جو مامرو _ پوءِ آخر بنا ڪنهن گروهي يا Institutional حمايت جي سندس ڪتاب ايترو ڪيئن ۽ ڇو ٿا وڪامن؟ منهنجي خيال ۾ الطاف جي لکڻين جي سادگي، سچائي ۽ خلوص هر ننڍي وڏي اعليٰ ادنيٰ کي چقمق وانگر پاڻ ڏانهن ڇڪين ٿا. مايوسي، نااميدي ۽ سياسي ۽ طبقاتي ڇڪتاڻ سان ڀريل ٻوسٽ وار ي ماحول ۾، سندس لکڻيون پڙهندڙن واسطي تازي هوا ۽ روشني ڏيندڙ درين مثال آهن. سندس ڪتاب پڙهندڙن کي غير محسوس طريقي سان نئون ولولو ۽ تازگي عطا ڪن ٿا. انهن کي هٿ ۾ کڻندي ئي پڙهندڙ پاڻ کي بين الاقوامي شهري سمجهي ٿو- هو الطاف سان گڏ گهمي ٿو- نوان نوان ملڪ - عجيب عجيب ماڻهو - سندن مسئلا - سندن غم - سندن خوشيون - سندس ماحول ڏسي ٿو - سندس دل ۾ اڳتي وڌڻ جي چاهنا پيدا ٿيئي ٿي - سندس مغز مان محض ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ راشي ڪاموري ٿيڻ جو ڀوت (ڪم از ڪم وقتي طور تي) ڀڄي وڃي ٿو - سندس ازلي احساس ڪمتريءَ جون زنجيرون ٽٽڻ لڳن ٿيون - سندس دل ۾ ساڻيهه ۽ ديس واسين لاءِ سڪ ۽ همدردي پيدا ٿئي ٿي. الطاف پاڻ سان تعلق ۾ ايندڙ هزارين ماڻهن سان ٿيندڙ ڪچهرين ۾ اسان کي شريڪ ٿو ڪري. پنهنجي پڙهندڙن کي پاڻ سان ايڏو Involve ڪرڻ جي ڏات اسان جي موجوده اديبن ۾ شايد الطاف کي ئي عطا ٿيل آهي.
ڊئنمارڪ ۽ سئيڊن ۾ منهنجيون الطاف سان ڏاڍيون ڪچهريون ٿيون. هن فطرتاَ شرميلي ۽ پنهنجي باري ۾ گهٽ ڳالهائيندڙ شخص کي “چالو” ڪرڻڪا آسان ڳالهه نه هئي. هڪ دفعي مون کانئس پڇيو ته کيس جيڪڏهن مئٽرڪ کان پوءِ پنهنجي تعليم ۽ آئيندو ٻيهر ترتيب ڏيڻ جو موقعو ملي ته جيڪر ڇا ڪرين؟ مون سمجهيو ته هو Typicalسنڌيءَ وانگر ضرور ڊاڪٽر، انجنيئر يا C.S.S ٿيڻ جي ڳالهه ڪندو يا لٿي پٿي پنهنجو ڀرم رکڻ لاءِ پنهنجي موجوده لائين جي ئي واکاڻ ڪندو، پر سندس جواب مونکي بنهه حيرت ۾ وجهي ڇڏيو – چي:”مو نکي جي پنهنجو آئيندو نئين سر شروع ڪرڻ جو موقعو ملي ته جيڪر واڍو يا درزي ٿيان - فرنيچر ۽ ڪپڙن جانوان نوان ڊزائين تخليق ڪريان - پنهنجو پاڻ کي انهيءَ ڌنڌي ۾جديد ٽيڪنڪ سان منظم ڪريان ۽ پنهنجي تر جي همرائن کي منظم طريقي سان ترقي وٺرايان!”
سندس موجوده پيشي کيس مالي لحاظ کان محض ماني مڇي وارو ڪيو آهي - پر انهيءَ جو کيس يا سندس سدا ملوڪ سلڇڻيءَ شريڪ حيات ۽ سدورين نياڻين کي ڪوبه ملال نه آهي. اهڙو مطمئن، قانع، خوشيءَ ڀريو گهراڻو مون ورلي ڏٺو.

شل الطاف جيئي ۽ اسان کي جيئاريندو رهي!


محمد علي ڏيپلائي
ڪراچي
1994-12-9

منهنجا تاثرات

ڳوٺ مان پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ نوابشاهه ويس، اتي فقط منهنجي مرحوم ڀاڻيجي بشير احمد لاڙڪ کي ادب سان دلچسپي هئي. هو پنهنجا ڪتاب اسان ٻارن کان لڪائي الماريءَ ۾ بند رکندو هو. ڇوڪريون لئبرريءَ مان ايم سلطانه فخري، رضيه بٽ جا ناول پڙهنديون هيون ۽ ڇوڪرا جاسوسي ناول پڙهندا هئا. مون کي نڪي جاسوسي ناول سمجهه ۾ ايندا هئا نڪي روماني ناول مزو ڏيندا هئا. انهن ڏينهن ۾ شهر کان ٻاهران ڪوبه مائٽ گهر ايندو هو ته هڪ هٿ ۾ سوٽ ڪيس، ٻئي هٿ ۾ الطاف شيخ جو سفرنامو ضرور هوندو هئس ۽ هو اتي ئي ڪٿي ڪنڊ ۾ رکي ڇڏيندو هو – مان اهو ڪتاب کڻي ڇت تي هلي ويندي هئيس، جيستائين ڪتاب ختم نه ٿئي، ڳولهي نه لڀندي هئس. رومانوي ناول پڙهندڙ پنهنجي مائٽياڻين کي سفرنامي ۾ لکيل ٽوٽڪا ۽ دلچسپ ڳالهيون ٻڌائي پڙهڻ لاءِ هرکائيندي هئس. هو چونديون هيون ته سنڌي ڪتاب پڙهڻ ۾ مزو نٿو اچي (سنڌي ميڊيم هوندي به) سو تون انهن ٽوٽڪن کي انڊر لائين ڪري ڏي ته پڙهون - ۽ پوءِ آهستي آهستي هنن کي اهڙي عادت پئجي وئي جو منهنجي لاءِ مصيبت بڻجي ويون. ڪتاب مون کي ملي ئي نه.
مون کي الطاف شيخ جي سفرنامن ۾ هڪ ڪشش محسوس ٿيندي هئي. ننڍپڻ ۾ اڻڏٺل دنيا جون هي اڻٻڌل ۽ اڻ سوچيل ڳالهيون جادو نگريءَ جيان لڳنديون هيون. مون ته اڃا ڪراچيءَ وارو سمنڊ به نه ڏٺو هو.
ذهني پختگيءَ سان گڏ الطاف شيخ جي سفرنامن ۾ مون کي طلسمي ماحول کان وڌيڪ حقيقت نظر اچڻ لڳي. دلچسپي ٿيڻ لڳي ته ٻين ملڪن جي تاريخي اوسر، جاگرافيائي حالت، رهڻي ڪرڻي. تهذين ۽ تمدن بابت ڄاڻ حاصل ڪري سگهان. ان کوجنا ۾ ٻئي ادبي مطالعي سان گڏ الطاف شيخ جا سفرناما به منهنجي ذهني اوسر کي اڳتي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيا.
الطاف شيخ جا سفرناما پڙهندي مان هميشه ان تجسس ۾ رهيس ته ان سفر ۾ سندس زال ڪٿي آهي؟ هوءَ ان کانسواءِ ڪيئن وقت ٿي گذاري! جي گڏ آهي ته ان سيلاني زندگيءَ کي هوءَ ڪيئن ٿي ڏسي ۽ سفرنامي ۾ ڀلجي به سندس ذڪر الطاف شيخ نه ڪيو آهي. فهميده حسين جي لکيل پيش لفظ مان خبر پئي ته ها ٻيلي ان جو ڪو وجود آهي ته سهي .... وري قمر شهباز جي لکيل پيش لفظ جي هڪ جملي مان خبر پئي ته هو ٻارَ سفر ۾ ساڻ وٺي ويندو آهي.
هڪ مئگزين ۾ پس منظر جي شخصيت جي سلسلي ۾ انٽرويوز ڪرڻ لاءِ سڀ کان پهريائين مون کي شيخ اياز ۽ الطاف جي گهر وارين جو خيال آيو هو. ڏسجي ته ان پس منظر جي شخصيت سان ڪڏهن ٿي ملاقات ٿئي.
هن وقت اسان وٽ سفرناما ۽ ڪالم لکڻ جي صنف فيشن جو روپ اختيار ڪري وئي آهي. اڳي اسان هروڀرو اهو سمجهندا هئاسين ته سفرنامو لکڻ لاءِ سرحد پار ڪرڻ ضروري آهي. اڄڪلهه ته گهر جي چانئٺ ٽپڻ سان ئي سفرنامو لکجي وڃي ٿو. ڪنهن به ادبي محفل يا سيمينار ۾ وڃو، اتي ڪا به عورت توهان کي شڪل ۾ چڱي لڳي ۽ يقيناَ ڪا نه ڪا ته ضرور لڳندي. بس هٿ ڌوئي ان جي پويان لڳو. ڏند ٽيڙي کلو. دوستن سان ان بابت ايئن ڳالهايو ڄڻ ڪڙهائي گوشت جي پيا ڳالهه ڪيو. جي هوءَ توهان سان مرڪي ڳالهائي ته پوءِ هوءَ هڪ آزاد عورت آهي ۽ جي اگنور ڪري ته پوءِ هوءَ بي حس بي نياز آهي. ٻيو ڀيرو هن جي شهر ۾ وڃي سندس در جي خاڪ چپٽي نشاني طور کڻي اچجو. ان بابت به چڱا پنا ڪارا ڪري سگهجن ٿا.
ڇاڪاڻ ته توهان اديب آهيو، ان ڪري توهان جي هر ڳالهه وڏي آهي. توهان کي يا توهان جي دوستن کي نڇ اچي يا اوٻاسي ٿي اچي ته ضرور لکو، جو توهان جي هر چرپر تاريخ جو حصو ۽ سنڌي ادب جو جياپو آهي سو اسين پنهنجن ڪيترن مشهور اديبن جا اهڙا ڇسا ۽ هلڪڙائپ واري سوچ تي ٻڌل سفرناما پڙهون ٿا. جن ۾ هر هنڌ عورت هن کي هڪ ڊش وانگر لڳي ٿي ۽ هو ان جي ذائقي جو تصور ڪندي چاٻا ڏيندي، سفرنامو لکي ٿو. هڪ اديب جڏهن آمريڪا وڃي ٿو، صبح جو هوٽل جي ڪمري جو پڙدو هٽائي ڏسي ٿو ته عورتن کي سئمنگ ڪندي ڏسي، سندس عقل دنگ رهجي ٿو وڃي. انهن جون گلابي سٿرون، اسان جي شاعرن جي ذهن ۾ لطيف جذبا پيدا ڪن ٿيون. اها ڳالهه هو لکت ۾ آڻي اسان کي ان ڪري ٻڌائي ٿو ته جيئن اسان به سندس جمالياتي ذوق مان لاڀ حاصل ڪري سگهون.
الطاف شيخ جي سفرنامن ۾ عورتن متعلق سندس اهڙا خيال نه پڙهي، عورتن کي اگهاڙو نچندي ڏسي به سندس اندر ۾ جمالياتي ذوق پيدا ٿيندو نه ڏسي- سندس ڪتان جا پيش لفظ لکندڙ اسان جا ليکڪ/ ليکڪائون الطاف شيخ جي ذهني حالت بابت شڪ ۾ مبتلا ٿي وڃن ٿا. چون ٿا ته “هو پنهنجي بابت ڳالهه سچي نه ٿو ڪري”، “جهاز ۾ گهڙڻ شرط شرافت جي ٽوپي پائي ٿو ڇڏي”، ڪلب ۾ گهڙندي يا عورت جو ذڪر ايندي، ڳالهه ئي بدلائي ٿو ڇڏي، وغيره. الطاف شيخ جا جيترا سفرناما مان پڙهي سگهي آهيان ته کيس ذاتي طور نه سڃاڻندي به سندس باري ۾ اهو اندازو لڳائي سگهي آهيان ته جهڙي طرح اسان جي سماج جون ڪي ڪي عورتون سيڪس جي معاملن ۾ ائبنارمل ٿين ٿيون ته اتي ڪڏهن ڪڏهن ڪي ڪي مرد الطاف شيخ وانگر نارمل به ٿين ٿا. هو عورت کي پنهنجي وندر جو ڪو رانديڪو سمجهي مزو وٺڻ بدران ان عورت جي سماجي ڍانچي مطابق سندس نفسياتي جائزو پيش ڪندي، انهيءَ ملڪ جي قائدن قانونن ۽ ريتن رسمن بابت ڄاڻ ڏئي ٿو.
الطاف شيخ هن سفرنامي ۾ “ڪراچيءَ کان ڪوپن هيگن” ۾ ڪڙيون ۽ سچيون حقيقتون کڻي اسان اڳيان آنديون آهن. هن ڀيري کلائيندي کلائيندي اسان کي روئاري به ڇڏيو اٿائين- ذهني طور جهنجهوڙڻ جي ڪوشش به ڪئي اٿائين.
ايشيا جي غريب ملڪن لاءِ يورپ وارن وٽ جيڪا مت ڀيد ۽ ڌڪار آهي – اها ڳالهه انهن کي وڌيڪ دل سان لڳندي جيڪي ڪجهه عرصو ٻاهر رهي آيا آهن- جيڪي ٻاهر وڃڻ جا خواب ڏسن ٿا ته انهن جي ذهن ۾ ناگوار تاثر اڀرندو.
پاڪستان جي ماڻهن جو ملڪ کان ٻاهر وڃي پاڻ کي ۽ ملڪ کي بدنام ڪرڻ شرمندگي جي ڳالهه آهي، پر اسين ڪيستائين شرمندا ٿينداسين. اسان جو ايندڙ نسل پڻ ان ماحول ۾ اک کولي ٿو. جتي سياست ڪڪڙن جي ويڙهه يا گهوڙن جي ڊوڙ وانگر آهي. گولين وسڻ جي مند ٻارهن مهينا ٿي آهي. ان حال ۾ ڪير مري وڃي ته حادثو ۽ بچي پئي ته معجزو آهي. تعليم اسان وٽ چواٽي تي بيٺل ٻير جو وڻ آهي، جنهن کي جيتريون “ڊگريون” وڻن وڃي پٽي جهول ڀري. هر فرد چئي ٿو ته پنهنجي سِـرَ تان مٿي سج اڀري يا نه اڀري. الطاف شيخ ۽ عبدالحميد قاضي، برازيل ۽ گئاٽا مالا جي دوستن اڳيان پنهنجي ملڪ جا رپيا، جن تي پان جا ڳاڙها نشان لڳل آهن، ڏيکاريندي شرمندا ٿا ٿين، پر اسان جي شهرن جا روڊ ۽ رستا جيڪي روز رت سان ڳاڙها لڳا پيا آهن اهي دنيا اڳيان ڪيترو لڪندا.
الطاف شيخ ۽ محمد علي ڏيپلائيءَ سان ڊئنمارڪ ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه اسان جي تمام گهڻن ماڻهن کي پسند نه ايندي. جي اسان کي اهي سموريون ڳالهيون سمجهه ۾ اچي وڃن ته سمورا سياستدان واندا ٿي وڃي گهر ويهي رهن ۽ اديبن کي ڪالم لکڻ لاءِ مواد ڳوليو نه لڀي. سندن پڙهندڙ تمام ٿورا رهجي وڃن – اخبارن جو وڪرو گهٽ ٿي وڃي. ڪيسٽي شاعرن ۽ ڳائڻن جو ڌنڌو بند ٿي وڃي- اسان جو سماج پاڻ پڻي جي ان ٿنڀ جي ٽيڪ تي ٻيٺو آهي- جهڙي طرح مسلمان کي اها پڪ آهي ته ڪلمي پڙهڻ جي ڪري نيٺ هو بخشيو ويندو ۽ جنت ۾ ويندو. سو اسان سنڌين کي به اها پڪ آهي ته موهن جي دڙي جي عظيم الشان تهذيب سبب اسين بس هر حال ۾ هميشه هڪ عظيم قوم آهيون – هن ڳالهه ٻولهه کي الطاف شيخ جيئن جو تيئن پيش ڪيو آهي، ان ڪري ٻٽا لفظ ۽ گرامر جون غلطيون نظر اچن ٿيون.
هن سفرنامي ۾ الطاف شيخ جي ڏنل معلومات ۽ پنهنجي سماج جي ٻين ملڪن جي سماج سان ڀيٽ ۽ حقيقت تي ٻڌل تجزيو خاص طرح اسان جي نئين ٽهي ۽ شاگردن لاءِ نهايت اهم آهي. هي سفرنامو به اڳين سفرنامن جيان سنڌي ادب ۾ اهم جاءِ والاريندو۽ ممڪن آهي ته اسان جي نوجوان نسل جي ذهن ۾ مثبت سوچ جا ڪي ڪرڻا اڀارڻ ۾ به ڪامياب وڃي.


عطيه دائود

پاسپورٽ جي پريشاني

ملڪ کان ٻاهر نڪرڻ وارن لاءِ ضروري آهي ته هو پئسي ۽ پاسپورٽ جي جان وانگر حفاظت ڪن.
پرديس ۾ پرس چوري ٿيڻ بعد ڪو دوست ساٿي ڳولي نٿو ملي ۽ خدا خير ڪري جي پاسپورٽ گم ٿي وڃي ته ان جهڙي ٻي پريشاني ٿي نٿي سگهي. خاص ڪري هڪ پاڪستانيءَ لاءِ. ڇو ته پاڪستانيءَ وٽ پاسپورٽ، ويزا ۽ سفر خرچ لاءِ پنهنجا پئسا ۽ ٻيا گهربل ڪاغذ پٽ هوندا آهن ته به اميگريشن آفيسر کان سيڪيورٽي پوليس، ڪسٽم آفيسر کان سامان ڍوئڻ وارو پورٽر، هن کي شڪ جي نگاهه سان ڏسي ٿو. يورپ جي هوائي اڏي تي ڪارن وارن وارا- يعني غير يورپي ماڻهن جو هونءَ ئي خير ناهي، ويتر جي خبر پوين ٿي ته مسافر پاڪستاني آهي ته وس آهر ان جا ڪاغذ پٽ ۽ سامان سڙو چڱيءَ طرح جانچين ٿا ته متان پاسپورٽ ڪوڙو ته نه اٿس. ملڪ ۾ اندر اچڻ جي ويزا به اٿس يا نه، ۽ ائين ته نه ٿيندو ته ملڪ ۾ اچي ٻاهر نڪرڻ- يعني پنهنجي وطن ورڻ کان پڙ ڪڍي بيهندو. سامان ۾ ڪا نشي پتي واري شيءِ يا بم بارود يا اليڪٽرونڪ جو ڪو اهڙو ڳجهو سرڪٽ ته نه اٿس، جنهن سان جهاز يا ايئرپورٽ تي ڌماڪو پئدا ڪري.
هينئر لنڊن ۾ IMO جي ميٽنگ اٽينڊ ڪري اسانجو سڄو گروپ سئيڊن واپس وڃي رهيو هو. گروپ ۾ اسين تيرهن ملڪن جا هئاسين. کلندا ڪڏندا آڪسفورڊ اسٽريٽ جي Tottenham ڪورٽ روڊ واري انڊر گرائونڊ ريلوي اسٽيشن تان ٽرين ورتيسين، جنهن اچي هيٿرو ايئرپورٽ تي ڇڏيو. سامان ڏيڻ لاءِ سڀ هڪ قطار ۾ اچي بيٺاسين. چئن پنجن ڄڻن بعد منهنجو به وارو آيو ۽ هوائي جهاز ڪمپني واري سامان توري بئگيج ڪارڊ ڏنو ۽ پوءِ پاسپورٽ ڏسي – يعني ان مٿان پاڪستان جو نالو پڙهي پٽي (Moving Belt) يعني baggage carousel تي رڙهندڙ سامان کي يڪدم روڪي پڇائين:
“هيءَ بئگ ۽ ٿيلهو تنهنجو ئي آهي؟”
“جي ها.” مون وراڻيو.
“پئڪ ڪرڻ وقت توئي پئڪ ڪيو هو؟”
“ها.” مون وراڻيو. ان سوال تائين مونکي اهو ڌيان ۾ نه پئي آيو ته هي اهڙا سوال ڇو پيو ڪري. پر پوءِ وڌيڪ سوال ڪرڻ تي سمجهي ويس ته توڻي کڻي آئون ٻين ساٿين وانگر UN جي هڪ اداري سان تعلق رکندڙ آهيان، پر لنڊن توڙي يورپ ۽ آمريڪا جي پوليس لاءِ پاڪستاني کڻي ڪليسا گهر جو پادري هجي ته به هو مجرم سمجهيو وڃي ٿو. ۽ هيءَ سڄي مهرباني مون سان انڪري ٿي رهي آهي جو آئون پاڪستان جو باشندو آهيان.
توهان بذات خود کڻي چور، چرسي موالي هجو پر توهانجي ملڪ جو نالو مٿاهون آهي ته توهان کي احترام جوڳو سمجهيووڃي ٿو. ساڳي وقت توهان جي ملڪ جو نالو بدنام آهي ته پوءِ توهان جهڙو بدترين ٻيو ڪونهي. توهان کڻي نيڪ ۽ نامور هجو پر دنيا توهان کي نالائق، نڪمو ۽ نيچ سمجهي ٿي. توهان ڀلي کڻي پنهنجي ملڪ جا قابل انجنيئر، ڊاڪٽر، وزير، سفير هجو يا ڄاڻو واڍا، رازا، مستري يا مذهبي ملان، نيڪ انسان هجو، توهان کي يورپي، آمريڪي، ويندي پنهنجا عرب سڳورا ٺڳ ۽ چور سمجهندا. ڇو ته توهانجو واسطو پاڪستان جهڙي غريب ملڪ سان آهي، اهوئي سبب آهي جو مونکان اڳ قطار ۾ بيٺل سعودي عرب. پورچوگال، جپان ويندي ملائيشيا ۽ سنگاپور جي همراهه کي ترسڻ لاءِ نه چيو ويو.
“ڀلا پئڪ ڪرڻ بعد هي سامان ڪنهن ٻئي جي حوالي ته نه ڪيو هئانوَ؟”
سامان وٺندڙ وري سوال ڪري مونکي خيالن جي دنيا مان جاڳايو.
“نه. نه.” منهنجي دل ۾ هن سوال پڇندڙ لاءِ نفرت ٿيڻ لڳي.
“منجهس ڪو ريڊيو يا اليڪٽرانڪ جي ڪا شيءِ ته نه آهي؟” هن پڇيو.
“آئون اجايو هن جي سوالن کي غلط سمجهي رهيو آهيان.” مون دل ۾ سوچيو. “هي شريف ماڻهو ته منهنجو خيال ڪري ريڊيو وغيره جو پڇي رهيو آهي، جيئن منهنجي بئگ کي سٺي هنڌ تي رکرائي. ڇو جو وڏي سفر ۾ يا لاغرضيءِ سان سامان کي اڇلڻ سان رکڻ ڪري ڪيترا دفعا بئگون ڀڄيو پون.”
“ها. ها. ٽرانسسٽر ريڊيو آهي،” مون کيس ٻڌايو ۽ پوءِ يڪدم چيومانس، “پر ڪو اهڙو خاص يا نئون ناهي.”
“اسان سامان کولي ڏسي سگهون ٿا؟” هن پڇيو. ۽ اهو سوال فقط تڪلف خاطر سوال يا “اجازت نامون” هوندو آهي. جنهن جي جواب ۾ توهان کي هائوڪار ئي ڪرڻي پوندي آهي. ڇو جو ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا هوندا آهن ۽ انڪار جي صورت ۾ به هو کولڻ کان باز ته نه ايندا. ويتر شڪ ۾ مبتلا ٿي ويندا.
هاڻ قطار ۾ بيهي بيهي منهنجي ۽ منهنجي پويان منهنجن ٻنهي ساٿين جي حالت خراب ٿي رهي هئي پر سائين توهان ڇا ٿا ڪري سگهو. پرائي ملڪ ۾ ڪهڙا جهانگيري گهنڊ وڄائيندائو. هو منهنجي بئگ ۽ ٿيلهي مان هڪ هڪ شيءِ ڪڍي غور سان جانچڻ لڳو ۽ بئگ مان نڪتل ننڍڙي ريڊيو ٽرانسسٽر کي اليڪٽرڪ اوزار سان چيڪ ڪرڻ لڳو. جڏهن ڏسي مطمئن ٿيو ته پوءِ سامان کي بند ڪري (اها سو مهرباني ضرور ڪيائين جو سامان کي اهڙي ئي نموني سان چڱيءِ طرح بند ڪيائين) ۽ پاسپورٽ منهنجي هٿ ۾ ڏئي ٿئنڪ يو چيو.
سامان جو ڪم اڪلائي هوائي جهاز ۾ چڙهڻ واري لائونج (ڪمري) ۾ پهتاسين ته مختلف ملڪن جا ساٿي ورائي ويا.
“ماءِ فرينڊ! تو ٻڌايو ڇو ته تو وٽ ريڊيو آهي؟”
“هن جي پڇڻ تي ڇا ڪوڙ ڳالهايانس ته ڪونهي.”مون چيو مان.
“ها چئينس ها ته ڪونهي. اسان کان ته پڇي ها ته اسين ’نه‘ چئونس ها.” هنن وراڻيو ۽ مون دل ۾ چيو ته منهنجو پاسپورٽ سعودي عرب، ڪاسٽاريڪا، پورچوگال ويندي تنزانيا جهڙي آفريڪي ملڪ جو به ناهي جنهن جي زور تي ڪـُڏُ ڪريان. اسانجو ملڪ ته ٿرڊ ورلڊ نه پر فورٿ ورلڊ جو ملڪ آهي ۽ بقول هڪ سنڌيءَ جي “اسين ته فورٿ ورلڊ ملڪ جا به ففٿ گريڊ Citizen آهيون”.
“ڪوڙ ڳالهائي ’نه‘ چوانس ها ۽ پوءِ بئگ کولڻ مهل ڪوڙ پڌرو ٿيان ها ته هونءَ نه ته ان بهاني مونکي هتي ويهاري ڇڏي ها. سو به لاڪ اپ ۾.” مون کلندي هنن درويشن کي سمجهايو.
“پوءِ ڇا ٿيو. پنهنجي ائمبسي وارن کي فون ڪرين ها ته يڪدم اچي مدد ڪن ها. آخر ڌارين ملڪن ۾ سفارتخانا ڇا لاءِ آهن.”
کين ان جو جواب ڏيڻ بدران کلندو ئي رهيس. پر دل ۾ اهوئي چيم ته هنن کي ڪهڙي خبر اسانجي ۽ اسانجي سفارتخانن جي حالن جي. الله خير ڪري شل نه ڪنهن پاڪستانيءَ کي پرديس ۾ ڪو پرابلم ٿئي. جڏهن پاسپورٽ سان ئي اهو حال آهي ته بنا پاسپورٽ واري جو ڇا حشر ٿي سگهي ٿو. ۽ اهو اهڙو مسئلو آهي جنهن جو بحث ڪرڻ سان حل نٿو نڪري. پاڪستاني عوام اهوئي چوندي رهي ٿي ته اسان جا سفارتخانا ڪجهه نٿا ڪن ۽ سفارتخانن جا آفيسر اهوئي چون ٿا ته پڪ ڪرڻ لاءِ ته گم ٿيل پاسپورٽ وارو همراهه واقعي پاڪستاني آهي يا نه، ان لاءِ وقت لڳي ٿو، ۽ ولائت ۾ پهتل افغاني، بنگالي، بهاري، برمي پنهنجي ملڪ جو اصلي پاسپورٽ پاڻهي ئي غائب ڪري پاڪستان پهچڻ لاءِ پاڪستاني سڏائين ٿا. ۽ جي پڪ به ٿي وڃي ته پاڪستاني آهي (يا ويندي اهي ماڻهو جيڪي پنهنجو پاسپورٽ نئون ڪرائڻ چاهين ٿا) ڪم جهٽ نٿو ٿئي جو ايمبسيءَ ۾ اسٽاف جي کوٽ آهي. آفيسر ٻين اهم مسئلن ۾مشغول آهن وغيره.

اسانجي سفارتخانن جو حال

سئيڊن ۾ رهندڙ پاڪستانين کان ته ان قسم جون ڪيتريون ئي ڳالهيون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون ته پاسپورٽ نئون ڪرائڻ لاءِ ان کي پاڪستان جي سفارتخاني ڏي پوسٽ ذريعي موڪلڻ سان هيٺ مٿي ٿيو وڃي. ان ۾ هتي (سئيڊن) جي پوسٽ جو ڏوهه نه پر سفارتخاني جي هيٺين عملي لاءِ پاڪستانين کي شڪايتون آهن. هنن جو اهو خيال گمان آهي ته پاسپورٽ ڄاڻي ٻجهي گم ڪيو وڃي ٿو ۽ پوءِ بنگالين، برمين ۽ ٻين کي وڪيو وڃي ٿو.
ياد رهي ته سئيڊن پاڪستان وانگر اتر کان ڏکڻ ڏي ڊگهو ملڪ آهي. سندس گاديءَ جو هنڌ اسٽاڪهوم (جتي اسان جي ملڪ جو سفارتخانو آهي) اسلام آباد وانگر مٿي آهي ۽ گهڻي کان گهڻا پاڪستاني ڏکڻ جي پچڙيءَ واري شهر مالمو ۾ رهن ٿا جيڪو ائين آهي جيئن اسلام آباد کان ڪراچي. هاڻ هٿو هٿ پاسپورٽ کڻي مالمو کان اسٽاڪهوم ريل يا بس ذريعي پهچڻ ۽ گهٽ ۾ گهٽ ٻه ٽي ڏينهن هوٽل ۾ رهڻ لاءِ تمام گهڻو پئسو کپي. جيڪو هتي جو ڪو امير پاڪستاني به نه چاهيندو، ڇو جو هيڏانهن مهانگائي ايتري گهڻي آهي جو سستي کان سستي هوٽل جي رهائش به ٽن هزار رپين کان گهٽ ناهي ۽ سستي کان سستي ماني به هڪ ويلو، اڍائي سئو رپين کان گهٽ ناهي. ان ڪري هن پاسي جي ملڪن ۾ رهندڙ ڌارين ملڪن جا رهاڪو پاسپورٽ ۽ پاسپورٽ جي Renewal Fee پنج سئو ڪرونا (ٻه هزار رپين کن) رجسٽرڊ پوسٽ ذريعي اسٽاڪ هوم پنهنجي سفارت خاني ڏي موڪليندا آهن.
هتي سئيڊن ۾ رهڻ دوران منهنجو پاسپورٽ به جڏهن پورو ٿيڻ کي ويجهو پهتو ته نئون ڪرائڻجو سوچيم. پر مونکي اهو ڊپ ڊاءُ نه هو جو پاسپورٽ ٺاهڻ وارن سان فون تي منهنجي ٻي چار دفعا عليڪ سليڪ ٿي هئي ۽ کين خبر هئي ته ظفر شيخ (ڪويت جو سفير) معرفت منهنجي سندن سفير سان واقفيت آهي.
پر پوءِ جڏهن پاسپورٽ نئون ڪرائڻ لاءِ کين فارم موڪلڻ لاءِ خط لکيم ۽ هڪ ٻه دفعو فون ڪيم، پر ٻه ٽي هفتا گذرڻ بعد ٺلهو فارم جو پنو به نه آيو، ته مونکي هڪ اَڄاتو خوف ورائي ويو ته ٺلهي ها ها پئي ٿئي، اچي ته فارم به ڪونه ٿو. سڀان پاسپورٽ موڪلڻ بعد چون ته پاسپورٽ نه مليو يا چون ته اسان ته توڏي موڪليو، توکي نه مليو ته پوءِ تهمنهنجا ته هٿ پير ڪٽجي ويندا ۽ پوءِ بنا پاسپورٽ جي ته سفر ڪرڻ به جوکم جو آهي، جو هنن ملڪن ۾ اسانجهڙن ملڪن جي ماڻهن لاءِ پاسپورٽ هر وقت کيسي ۾ هجڻ ضروري آهي.
ڏينهن ٻه وڌيڪ انتظار ڪري پنهنجي يونيورسٽي جي سئيڊش انتظاميه سان اچي حال اوريم ته ٽپال خرچ ۽ پاسپورٽ نئين (Renew) ڪرڻ جي في وغيره سڀ ڪجهه مونکان وٺو پر منهنجو پاسپورٽ توهان (Renew) ڪرائي ڏيو. گهڻو ئي چيائون ته اها ڪا ڏکي ڳالهه ئي نه هجڻ کپي. سئيڊن ۾ته اهڙا ڪم ڪلاڪن ۾ ٿيو وڃن ۽ ٽپال کاتو ايترو ايماندار ۽ چست آهي جو ڪا دقت ئي نٿي ٿئي. دل ۾ چيم اهو توهان جو ٽپال کاتو ايماندار ضرور هوندو، پر اسان لاءِ ڏٺو پير پُني مراد آهي. مهرباني ڪري توهان ئي ٺهرائي ڏيو. وچ ۾ توهان جو هٿ هوندو ته پوءِ اُٺ سئيءَ جي پاکي مان لنگهي ويندو نه ته بقول هتي جي هڪ ڏکويل پاڪستانيءَ جي اسانجي ملڪ جي آفيس ههڙن سڌريل ملڪن ۾ ته ڇا ڀلي کڻي سرڳ ۾ هجي، ڪم پوندڙ جو ساهه ڪڍي ڇڏيندا.
دنيا جو شايد ئي ڪو ملڪ هجي جنهن ۾ پاڪستاني نه رهندا هجن ۽ سندن تڪليفن جون خبرون پاڪستان مان توڙي پاڪستان کان ٻاهر نڪرندڙ اخبارن رسالن ۾ اينديون رهن ٿيون. جنگ اخبار ۽ اخبار جهان رسالي ۾ آئون به پڙهندو آهيان جيڪي سئيڊن جي هن شهر مالمو جي سڀني لئبررين ۾ اچن ٿيون.
هڪ اڳ جي اخبار جهان (10 مئي 93) ۾ ناروي کان ڪنهن پاڪستانيءَ هن پاسي جي ملڪن (ناروي، سئيڊن، فنلئنڊ، ڊئنمارڪ) ۾ رهندڙ پاڪستانين ۽ سفارتخانن بابت لکيو آهي ته هي اهي ملڪ آهن جن ۾ يونيورسٽيءَ جي ريسرچ ورڪ ڪارڻ منهنجو پڻ اچڻ وڃڻ ٿيندو رهي ٿو.
هن پاسي جي ٻن عورتن: فنلئنڊ جي مسز نوراهل برگ ۽ ناروي جي مشهور تعليم يافته عورت مسز تورون پنهنجي پي ايڇ ڊي جي ريسرچ واري مقالي لاءِ هن پاسي ڏي رهندڙ پاڪستانين جي مسئلن جو جائزو ورتو آهي.
دنيا جي مختلف ملڪن ۾ اڌ ڪروڙ کن پاڪستاني رهن ٿا پر ان هوندي به کين پاڪستان جي سمنڊ پار وزارت کان ڪي هڙ حاصل ٿي نه سگهيو آهي. وري به ڌارين عورتن پاڪستانين جي ڏکڙن بابت قلم کنيو، پر پنهنجن کان ڪجهه نه وريو آهي. پاڪستاني سفارتخانن کان هي پرديس ۾ رهندڙ پاڪستاني نه ڪا اميد رکي سگهن ٿا ۽ نه وري انهن سفارتخانن جي عملي ۾ ايتري اهليت ٿئي ٿي جو پاڪستانين جا مونجهارا سلجهائي سگهن. تقريباَ سڀني ملڪن ۾ موجود پاڪستاني سفارت خانن جي گڏيل صورتحال جو وچور بيان ڪيو وڃي ته اهو ئي تاثر پئدا ٿئي ٿو ته هر هڪ سفارت خاني (Embassy) ۾ سفير صاحب (Ambassador) پنهنجي وقت جو گهڻو حصو هيٺين عملي جي زندگي تباهه ڪرڻ، انهن کي ناڪارو ثابت ڪرڻ، انهن کان پنهنجا ذاتي ڪم وٺڻ، سفارتي مليل سهوليتن ذريعي پنهنجا کيسا ڀرڻ، سفارت خاني جي فنڊن کي پنهنجن ذاتي ڪمن تي خرچ ڪرڻ۽ مڪاني ماڻهن کي حيران پريشان ڪرڻ ۾ وڃائي ٿو. اهڙي طرح سفير صاحب جي هيٺان ڪم ڪندڙ عملو پڻ ڪاري صاحب جي خوشامد ۾ غير سرڪاري ڪم ڪارين ۾ زياده ۽ ملڪي خدمت ۾ گهٽ رڌل رهن ٿا. پاڪستان جا ڪيترائي سفارتڪار ڪيترن قابل اعتراض ڪمن ۾ ڦاٿل رهن ٿا. ان ملڪ ۾ آيل پاڪستانين سان رعيت وارو سلوڪ ڪن ٿا ۽ اها پاڪستاني برادري جيڪا ان ملڪ جي رهاڪو (Citizen)ٿي چڪي آهي، انهن کان پاڻ کي هميشه مٿڀرو سمجهڻ جي ڪامپليڪس ۾ مبتلا رهن ٿا.

ڪجهه نسل پرستي ۽ تعصب بابت

ناروي ۾ هن وقت نسل پرستي ۽ تعصب جي وڏي لهر آيل آهي. ڪارن (آفريڪن) ۽ رنگدار (ايشين) تي نارويجن نوجوانن جا حملا روزمره جو دستور بنجي ويو آهي. ناروي ۾ ايندڙ شايد ئي ڪو ڀاڳ وارو پاڪستاني هجي جيڪو هتي جي (ناروي جي) ڪسٽم ۽ اميگريشن جي بددماغيءَ جو نشانو نه بڻيو هجي. جيڪڏهن ڪنهن اڏام ۾ ڪو هڪ پاڪستاني به اچي ٿو ته ڪسٽم جي سڄي شفٽ گڏجيو سندس ڪپڙا لهرايو وٺي ۽ هوڏانهن گورا اسمگلر اطمينان سان هيروئين کڻي بازار ۾ “پاڪستاني هيروئين” جي نالي سان وڪرو ڪن ٿا. ائين ناهي ته پاڪستاني ڪو ڏوهه جهڙا ڪم نٿا ڪن. نشي پتي جي ڏوهن ۾ ناروي جي اڍائي هزار قيدين ۾ چاليهه کن پاڪستاني به آهن پر هندستان ۽ اسرائيل جي اها ئي پروپئگينڊا آهي ته ناروي ۾ جيڪا هيروئين اچي ٿي اها پاڪستاني کڻي اچن ٿا ۽ اهي ئي اهو ڪاروبار ڪن ٿا.
ناروي ۾ پاڪستانين جي هڪ انجمن پڻ آهي جيڪا بهبوديءَ جا ڪم ڪري ٿي. انجمن جي ميمبرن سعودي عرب، لبيا، مصر، انڊونيشيا ۽ ترڪيءَ جي سفيرن جي مدد سان شهر جي وچ ۾ اسلامي مرڪز ۽ مسجد جي ٺاهڻ لاءِ هڪ وڏو پلاٽ حاصل ڪري ورتو جيڪو بنا ڪنهن قيمت جي مليو. پر انجمن ۾ اقتدار جي رساڪشي ڪري ڪيترن سالن تائين نه فقط مسجد جو ڪم شروع ٿي سگهيو پر ان جي مرمت لاءِ ضروري چندا حاصل ڪرڻ جو مسئلو پڻ حل ٿي نه سگهيو. آخرڪار شهر جي لارڊ ميئر 1980ع ۾ پاڪستانين کي مسجد لاءِ ڏنل هي پلاٽ رد ڪري ڇڏيو ۽ ڪروڙين ڊالرن جي ماليت جو هي پلاٽ هڪ هوٽل حوالي ٿي ويو. هيءَ هوٽل هن وقت هن تر (Scandinavia) جي سڀ کان وڏي هوٽل آهي، هيءَ ڳالهه پڻ اهم آهي ته پاڪستاني سفير نه هن پلاٽ کي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڏني ۽ نه رد ٿيڻ بعد ان کي روڪڻ لاءِ ڪجهه ڪيو. سڄي مدد سعودي عرب جي سفير ڪئي پر پاڪستانين جي پنهنجن جهيڙن جهٽن هن کي به بي وس ڪري ڇڏيو.
اڳواڻ ٿيڻ جي ويڙهه ۽ اندروني ڇڪتاڻ هن انجمن کي ڪيترن ئي پارٽين ۾ ورهائي ڇڏيو آهي. هي پارٽيون مذهب، فرقي، برادري، زبان، ذات ۽ عقيدي جي بنياد تي قائم آهن. ان ڪري سڀني پاڪستاني مسلمانن جو هڪ هجڻ وارو فلسفو ناڪام ٿي ويو آهي ۽ ناروي جي واسطيدار عملدارن سان سٺي لهه وچڙ نه هجڻ ڪري ڪيترائي بنيادي مسئلا وري ڪـَرَ کڻي رهيا آهن.

غربت ۽ رنگ خلاف نفرتون

فنلئنڊ جي گاديءَ واري شهر هيلسنڪيءَ ۾ ڪجهه عرصو رهڻ بعد هاڻ وري سئيڊن موٽيا آهيون. هيلسنڪي کان ڪوپن هيگن ايئرپورٽ تائين هوائي جهاز ٽي ڪلاڪ ورتا. اسان کي مالمو (سئيڊن) اچڻو هو. ڪوپن هيگن جي ايئرپورٽ تان ٻاهر نڪتاسين ته بندرگاهه ڏي وڃڻ لاءِ بسون ائين بيٺيون هيون، جيئن ڄامشوري ريلوي اسٽيشن ٻاهران ڪراچي لاءِ ويندڙ بسون. اسان هڪ ۾ چڙهي بندر گاهه ڏي روانا ٿياسين، جيڪو هوائي اڏي کان چڱو پري آهي. ڪوپن هيگن جي بندرگاهه تان سڄو ڏينهن ڪيترن ئي هنڌن ڏي فيريون (پاڻيءَ جا جهاز) وڃن ٿيون، جيئن ته مالمو (سئيڊن)، گوتن برگ (سئيڊن)، سيچن ۽ گڊانسڪ (پولئنڊ)، ويندي راسٽڪ (جرمني) ۽ راٽرڊم (هالنڊ). اسانکي بالٽڪ سمنڊ جو ڪجهه حصو لتاڙي ٻي ڀر مالمو وڃڻو هو، جيڪو ايترو ويجهو آهي جو صاف ۽ چٽي موسم ۾ هڪ شهر کان ٻيو شهر ڏسي سگهجي ٿو. مالمو سئيڊن جو اهو شهر آهي جتي اسان جي مئريٽائيم يونيورسٽي آهي ۽ سال ڏيڍ کان اسين اتي رهيل آهيون. اسان ڪجهه پاڪستانين کان علاوه دنيا جي هڪ سئو کن ملڪن جا ٽي سئو کن ٻيا به شاگرد آهن جن جو واسطو پڻ اسان وانگر جهازن جي دنيا سان آهي. پوءِ ڪي جهازن جا انجنيئر آهن ته ڪي ڪئپٽن. ڪي سرويئر ته ڪي نيول آرڪيٽيڪٽ. ڪي بندرگاهن جا مئنيجر/ ڊائريڪٽر آهن ته ڪي مئرين اڪيڊمين جا سينئر آفيسر.
جيئن ئي بس ڪوپن هيگن جي فيري واريبس اسٽاپ تي پهتي ته هرڪو پنهنجو سامان کڻي فيري اسٽيشن جي گيٽ ڏي ڀڄڻ لڳو. ڊئنمارڪ کان سئيڊن ويندڙ هيءَ آخري فيري هئي ۽ هر ڪنهن، ٿڪل هجڻ ڪري چاهيو ٿي ته فيريءَ ۾ وهڻ لاءِ سيٽ ملي وڃي، نه ته ٻي صورت ۾ ڏيڍ ڪلاڪ جو سفر بيهي پورو ڪرڻو پوندو. اسين ايشيا ۽ آفريڪا جي مختلف ملڪن جا ڪل اٺ ڄڻا هئاسين. بس ۾ ٿائلينڊ جي سوتي چائي ۽ منهنجو سامان سڀ کان هيٺ هجڻ ڪري آخر ۾ لاٿو ويو. تيسين بس جا ٻيا مسافر تکا تکا فيريءَ ڏي هليا ويا. ويتر بس اسٽاپ کان فيري اسٽيشن واري رستي وارن دڪانن مان هڪ ڊيوٽي فري شاپ تان سوتيءَ سگريٽ ورتا ته هيڪاندي دير ٿي وئي. ان فيريءَ ۾ ايئرپورٽ کان ايندڙ مسافرن کان علاوه ٻيا به هِتان هـُتان کان آيل ڪيترائي ڪوپن هيگن شهر جا مسافر هئا، جيڪي مالمو رات ٽڪڻ لاءِ وڃي رهيا هئا يا مالمو جا هئا، جيڪي ڪم ڪاريون لاهي هاڻ موٽيا پئي. سواءِ اسان جي باقي سڀ هنن ملڪن جا گوري اڇي رنگ ۽ ڀورن ڳاڙهن وارن وارا هئا. ان ڪري پري پري کان اسان پنهنجا ايشيا ۽ آفريڪا جا ڪارا سانورا ساٿي ڏسي سگهياسين پئي.
سگريٽ وٺي فيري اسٽيسن جي در ويجهو پهتاسين ته اعلان ٿيو: “فيري هلڻ ۾ باقي ڪي چند منٽ آهن. مسافرن جو تعداد وڌي رهيو آهي ان ڪري اسان فيري اسٽيشن جو دروازو بند ڪرڻ وارا آهيون. باقي رهيل مسافر سڀان جي فيريءَ ۾ موٽي سگهن ٿا.”
مسٽر سوتي چائيءَ کي چيم: “تنهنجي سگريٽن جي پنجاهه ڪرونا (ٻه سئو رپيا کن) بچت ڪري اڄ ماڳهين رات ڪوپن هيگن ۾ گذارڻي پوندي. هن پاسي سستي کان سستي هوٽل به پنج سئو ڪرونا (ٻه هزار رپين) کان گهٽ ناهي. نه وري هي ڪراچي، بئنڪاڪ يا سنگاپور آهي جو رات جا چار پهر ڪنهن ريلوي اسٽيشن، پارڪ يا ڪنهن دڪان جي دڪيءَ تي ويهي گذاري صبح ڪجي. هتي ته پاري جهڙي سيءُ ۾، بس مان لهي رڳو اڌ فرلانگ پنڌ ڪري فيري اسٽيشن تائين اچڻ ۾ هٿ پير ڄمي ويا آهن.”
ڪوپن هيگن کان مالمو تائين هلندڙ هنن فيرين ۾ ٽي سئو کن سيٽون ٿين ۽ اهڙا سئو کن مسافر بيهي سگهن ٿا. بگڙيل سمنڊ (Rough Sea) ۽ سخت سامونڊي قانونن ڪري ان کان وڌيڪ مسافر کڻڻ خطري کان خالي نٿو رهي. ان ڪري فيري وارا “First Come First Serve” جي اصول تي پهرين آيلن کي پهرين کڻن. فيريون صبح جو اٺين کان شام جو اٺين تائين ڪلاڪ ڪلاڪ جي ساهيءَ سان هلن. ان بعد بچيل مسافرن کي ٻئي ڏينهن لاءِ ترسڻو پوندو آهي.
بهرحال اسان سامانن جون هڙون گهليندا اچي فيري اسٽيشن تي پهتاسين ۽ جيئن ئي اندر گهڙياسين ته منٽ ٻن بعد دروازو بند ٿي ويو. سوتي چائي چيو:
“رات هوٽل ۾ گذارڻ جي خرچ کان ته بچي وياسين، هاڻ هلي ڳوٺان (مالمو کان) نڪربو. پر اهو آهي ته وهڻ جي جاءِ نه ملندي.”
“سوتي چائي فڪر نه ڪر. وهڻ لاءِ جاءِ ملڻ جو پاڻ وڏو آسرو آهي.” مون چيو.
“اهو ڀلا ڪيئن؟ مسافرن جي ڊگهي قطار ۾ سڀ کان آخري ٽولي ۾ پاڻ آهيون.” سوتي چائي حيرت مان پڇيو.
“ڏس!” مون سامهون فيريءَ جي ڏاڪڻين وٽ پهتل پهرين مسافرن ڏي اشارو ڪري چيومانس: “پاڻ وارو فلپيني ساٿي گلبرٽ، تنزانيا جو دوبيلو، گهانا جي مس ائمي ۽ سعودي عرب جو خالد نظر اچي رهيا آهن.”
“پر انهن کي سيٽ رکڻ لاءِ پاڻ چيو ئي ڪونهي.” سوتيءَ چيو.
“هو رکن يا نه رکن پر تون ڇا ٿو سمجهين ته هتي جو اڇي کل وارو يورپي، هنن ڀرسان وهندو؟ مري پوي نه وهندو. سندس ڀر واريون سيٽون آخر تائين خالي رهنديون.” مون خاطري ڏنيمانس ۽ سوتيءَ ٽهڪ ڏيئي وراڻيو:
“ڳالهه ته واهه جي ڪئي اٿئي، تنزانيا جو دوبيلو ته رڇ جهڙو ڪارو آهي، ائمي به ڪاري آهي، سعودي عرب جو خالد سانورو آهي سو انهن ٽن کي ته آفريڪن ۽ ايشين سمجهي هتان جا يورپي ونءُ ويندا. باقي فلپين جو گلبرٽ تمام اڇي رنگ جو آهي. تنهن کي ڀُل مان پنهنجو ’ميلي ۾ گم ٿي ويل ڀاءُ‘ سمجهي کڻي ڪا پوڙهي پڪي سندس ڀر ۾ ويهي به رهي.”
“ڪڏهن به نه، ڏهين رپئي جي اسٽامپ پيپر تي لکائي وٺ،” مون سوتي چائيءَ جي ڳالهه کي رد ڪندي سمجهايو، “هن جا وار ته ڪارا آهن. هتي جا ماڻهو اڇي کل نٿا ڏسن جو کين خبر آهي ته اڇي کل وارا ته ڪيترا ترڪ، عرب، چيني، موراڪن ۽ ٻيا ايشيائي پڻ آهن. ان ڪري هو غير يورپي جي سڃاڻپ هن جي’وارن‘ مان ڪن ٿا.”
فيريءَ جي آفيسر مسافرن کان ٽڪيٽون وٺي کين اندر گهڙڻ لاءِ چيو ۽ فيري اسٽيشن جي هال ۾ گڏ ٿيل هجوم آهستي آهستي جهڪو ٿيندو رهيو. آخر ۾ اسين هئاسين جيڪي ٻين پويان رڙهندا رهياسين. آخر اسانجو وارو فيريءَ ۾ چڙهڻ جو آيو. فيريءَ ۾ اندر گهڙڻ سان در وٽ ئي مسافرن جي انبوهه کي بيٺل ڏٺوسين. سوتي چائي چيو:
“هاڻ ڏي منهن، وهڻ ته ٿي پري جي ڳالهه رڳو بيهڻ به ملي.”
“تون منهنجي پٺيان پٺيان اڳتي وڌندو آءُ ته پنهنجن ڪارن ڀائرن کي ڳوليون.” مون سوتيءَ کي چيو ۽ هجوم کي چيريندا ان وڏي هال ۾ پهتاسين جتي مسافرن جي وهڻ لاءِ سيٽون هيون. سڄو هال ويٺلن سان ڀريل هو پر وچ وچ ۾ ڪجهه سيٽون صاف خالي نظر اچي رهيون هيون، جيڪي اسان جي ايشين ۽ آفريڪن جي ڀر واريون هيون. اسين سڌو وڃي انهن تي ويٺاسين. جائتا ٿي ويهڻ بعد سوتي چائيءَ کي چيم:
“ڏٺئي منهنجا ايشيائي ڪارا ڀاءُ! اسان کڻي ڪيترا به ٽپ ٽاپ ٿي هلون، خوشبوءِ وارن صابڻن سان وهنجي سهنجي، ڪمپليٽ سوٽ پائي مٿان لوشن عطر هڻي نڪرون. ڪيترو به پڙهيل ڳڙهيل انجنيئر، ڊاڪٽر، وڪيل هجون، پر اسان ايشيا ۽ آفريڪا جا آهيون – جن لاءِ هنن يورپين جي دماغ ۾ اهو ئي آهي ته اسان بيماري، بک ۽ بڇڙائي جي پاڙ ۽ علامت آهيون. اسان جي پاڇي کان به هو پري رهڻ چاهين ٿا.”

جپانين طرفان نفرت

يورپين جي ان نفرت، ان ڏمر کان فقط هڪ ايشيائي ملڪ – جپان بچيل آهي، پر جپان به وري الٽو کـُليءَ طرح ايشيا ۽ آفريڪا جي ماڻهن کان پاسو ڪري ٿو – خاص ڪري ننڍي کنڊ جي ماڻهن کان – جن ۾ پاڪستاني، هندستاني، بنگالي ۽ سري لنڪائي اچي وڃن ٿا. اها ٻي ڳالهه آهي ته جپاني واپار جي ڪري مجبور آهن ان ڪري ڊپلوميسيءَ کان ڪم وٺي ٻاهرين ڏيک خاطر مڙيئي ڏند ڪڍي مرڪي ڳالهائين ٿا.
يورپ جي وڌندڙ Racism نسل پرستي بابت پنهنجن پاڪستاني ساٿين سان گفتگو ڪندي ڳالهه ڪيم:
“يورپ کان ته جپان سٺو آهي. هرڪو سٺي طرح ملي ٿو. هتي ته ڪنهن کان رستو پڇ ته هو اهو به ٻڌائيندي سور ٿو محسوس ڪري. ڪو دوستي رکڻ يا ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهي. جپان ۾ ته ڇوڪريون به زوريءَ زوريءَ پيون ڳالهائينديون هيون.”
منهنجو اهو چوڻ ته راحت عزيز يڪدم مرڪندي چيو:
“سائين منهنجا! اهي ڳالهيون ڪنهن جي جواني جون پيا ڪريو؟”
“ڇا مطلب! پنهنجي ئي ڦوهه جواني ۽ اڌوڙٽ جوانيءَ جون پيو ڪريان.” مون کي کلندي وراڻيو مانس.
“توهان هينئر جپان وڃو ته خبر پوناوَ ته هنن کي اسان سان ڪيتري نفرت آهي. آئون آخري دفعو 1990ع ۽ 1991ع ۾ ويو هئس. حالت اها هئي جو گس پنڌ جنهن جپاني کي خبر پيئي ٿي ته اسين پاڪستاني آهيون ته هن پاسو ڪيو ٿي.”
“ڇو ڀلا؟” مون پڇيو مانس.
“بس ان ۾ به اسان پاڪستانين جو ڏوهه آهي. هنن جي قاعدي قانونن جي ايڏي ڀڃڪڙي ڪئي اٿئون جو هنن کي سختي ڪرڻي پئي آهي. جپان وڃڻ لاءِ اسان پاڪستانين کي اڳواٽ ويزا وٺڻ جي ضرورت نه هوندي هئي. ٽوڪيو ايئرپورٽ تي پهچڻ سان ملي ويندي هئي. ان سهوليت کي نظر ۾ رکي اسانجي ملڪ جا ڪيترا ماڻهوءَ اسيءَ جي پهرين اڌ واري ڏهاڪي ۾ گهڻي کان گهڻا جپان اچڻ لڳا. ڪجهه پاڻمرادو ڪجهه ٺڳ ايجنٽن جي معرفت. هو گهمڻ لاءِ (Visit-visa) تي اچي نوڪريون ڪرڻ لڳا. ويزا جو مدو ختم ٿيڻ تي موٽڻ بدران اتي ئي رهي پيا ٿي ۽ لڪ چوريءَ نوڪريون ڪندا رهيا.
ان موقعي تي ناجائز فائدو وٺندڙ- جپاني ڪارخانيدارن ۽ هوٽل وارن، کين گهٽ پگهار تي ڏکئي ۽ خراب ڪمن تي نوڪرين ۾ لڳايو- جن نوڪرين کي جپان ۾ “ٿري-ڊي” نوڪريون سڏجي ٿو. يعني ڊئنجرس (خطرناڪ)، ڊرٽي (خراب) ۽ ڊمانڊنگ (گهڻي ڪم واريون). انهن نوڪرين ۾ جپاني معيار کان پگهار گهٽ ضرور هو پر پاڪستاني رپين ۾ اهو به ڏهه ويهه هزار ٿيو ٿي. ايڏي وڏي اگهه جو ٻڌي پاڪستان کان ٻيا به ان طريقي سان جپان پهچڻ لڳا. اهو پگهار جپان جي حساب سان ڪو ايترو نٿو ٿئي جنهن مان ٽوڪئي جهڙي شهر ۾ ٻه ويلا به ڪي سولا کائي سگهجن. سٺي رهائش ۽ ڪپڙو گندي ته ٿيو پري جي ڳالهه. نتيجي ۾ اسانجي ملڪي ڀائرن ان پگهار مان گذارو ۽ بچت ڪرڻ لاءِ بهرن ۽ گدامن جهڙن هنڌن تي، اٺ اٺ ڏهه ڏهه ڄڻا گڏجي مسواڙ جي هڪ ڪمري ۾ رهڻ لڳا. ان ئي ڪمري ۾ رڌ پچاءُ ڪيائون ٿي. پاڻي (خاص ڪري گرم پاڻي) جپان جي هر شهر ۾ مهانگو هجڻ ڪري ڪپڙا توڙي پنهنجو جسم ڌوئڻ ۾ ڏينهن جو ويڇو وڌو ٿي. ان ئي ڪمري ۾ سيءَ کان در دريون بند ڪري رڌ پچاءُ ڪرڻ، سگريٽ ڇڪڻ ۽ هڪ ڄڻي جي ٽوائليٽ ۾ ڏهه ڄڻن جي استعمال ڪرڻ سان ڪيترن کي ڏڍ ۽ خارش جهڙيون چمڙيءَ جون بيماريون يا آنڊي ڦڦڙن جي سوڄ جهڙيون بيماريون ٿيڻ لڳيون. علاج لاءِ ڊاڪٽرن وٽ نٿي وڃي سگهيا، جو جپان ۾ هڪ ته ڊاڪٽري علاج تمام مهانگو آهي جنهن لاءِ وڏو خرچ کپي ۽ ٻيو ته جپاني شناختي ڪارڊ يا پنهنجي ملڪ جو پاسپورٽ ڏيکارڻ ضروري آهي. پاسپورٽ جي ختم ٿيل ويزا جي ڊپ کان، افسوس جو هو چڱي طرح علاج به ڪرائي نٿا سگهيا. نتيجي ۾ ڪيترائي نه فقط پاڻ وڌيڪ بيمار رهڻ لڳا پر ٻين ۾ به اهي بيماريون پکڙجڻ لڳيون. ان دوران جپاني حڪومت به وٺ پڪڙ شروع ڪري ڏني. جيڪي پاڪستاني جهلبا ويا انهن کان نه فقط لڪ چوري نوڪري ڪرڻ ۽ رهائش جو پڇندا رهيا پر اهو سڀ ڪجهه ٽي ويءَ تان پنهنجي عوام کي به ڏيکاريندا رهيا ته پاڪستاني ڪيئن غيرقانوني طرح جپان ۾ اچن ٿا. ڪيئن گهٽ پگهار تي نوڪري ڪن ٿا ۽ ههڙي سڌريل ملڪ ۾ ڪيڏي گندگي گدلائي سان (Unhygienic) طريقي سان رهن ٿا. کين ڪيئن ۽ ڪهڙيون بيماريون لڳل آهن جن مان ڪيتريون وچڙندڙ آهن. وغيره وغيره.
ان قسم جون خبرون ۽ ڊاڪيومينٽري فلمون ڏسي جپاني نه فقط وائڙا ٿي ويا پر ڊڄي ويا. هاڻ اهو حال آهي ته سامهون ڪو پاڪستاني ايندو ڏسن ٿا ته رستو ئي بدلايو ڇڏين. ڀر ۾ وهڻ نٿا چاهين. ڪيترا اسان کي هٿ ڏيندي گهٻرائين ٿا ته متان اسان مان کين، ڪا وچڙندڙ بيماري نه لڳي وڃي.

اُلٽي اچيم ٿي

جپان ۾ اڄ ڪلهه جن نگاهن سان پاڪستانيءَ کي ڏٺو وڃي ٿو ان بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪري رهيا هئاسين ته اسان جو ٽيون پاڪستاني ساٿي ڪئپٽن سليم قاسم اندر آيو. پاڻ ان سلسلي عمر دراز (جنگ اخبار جي نمائندي) جي حوالي سان جيڪا خبر پڙهي آيو هو ان چيف انجنيئر راحت عزيز جي انهن ڳالهين جي تائيد ڪئي ٿي جيڪي هو ٿوري دير اڳ ٻڌائي رهيو هو ته جپان ۾ اڄ ڪلهه نسل پرستي جو رجحان هيڪاندو وڌندو وڃي.
اها خبر ٻئي ڏينهن مون پڻ پڙهي. ان جا ڪجهه حصا هتي ڏيڻ ضروري سمجهان ٿو ته جيئن اسانکي خبر پوي ته اڄ ڪلهه ٻاهر جي دنيا ۾ هڪ ٻئي لاءِ خاص ڪري اسان لاءِ ڇڪتاڻ ڪيڏي وڌي وئي آهي.
سٺ سالن جو مسٽر ماساد ڪوڪوبو جپان جي هڪ اهم سياسي شخصيت آهي. هو هيگو صوبي جي اسيمبليءَ ۾ لبرل ڊيمو ڪريٽڪ پارٽيءَ سان تعلق رکڻ وارو ميمبرآهي. پاڻ تعليم خاطر 1950ع ۾ لنڊن ويو هو جتي BBC جي جپاني شعبي ۾ پڻ ڪم ڪيو هئائين. ان کان پوءِ هن روم ۾ جپان ايئر لائنز جي آفيس ۾ ڪم ڪيو. روم (اٽليءَ) مان موٽڻ بعد هن کي ڌارين ملڪن جي ماڻهن ۽ انهن جي زبانن جي واقفيت هجڻ ڪري اسيمبلي جي هڪ سيٽ تي چونڊرايو ويو.
ڪوڪوبو صاحب ان کان پوءِ به ڇهه دفعا صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو آهي. پاڻ صاحب اسيمبليءَ ۾ نهايت اهم بجيٽ ڪميٽيءَ جو ميمبر آهي. خبر ناهي کيس ڪهڙو پُور پيو، ٻه چار ڏينهن اڳ بجيٽ ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ بيهي چوڻ لڳو:
“آئون جڏهن به ڪنهن هنڌ پاڪستانين ۽ هندستانين کي ڏسان ٿو ته اُلٽي اچيم ٿي.” وڌيڪ اهو چوڻ لڳو: “مون کي خبر آهي ته ڪجهه بيوقوف جپاني زالون اسانجي ملڪ ۾ آهن، جيڪي انهن ڪارن سان شادي ڪن ٿيون.”
ان رمارڪ بعد ڪجهه پاڪستاني هندستاني ماڻهن هن سان ملڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ هو مس مس ڪامياب ٿيا. ڪوڪوبو پنهنجي ان رمارڪ تي ته جپاني زالون ڪارن سان ڇو ٿيون شادي ڪن، تي معافي ورتي، پر پهرين رمارڪ تي هو اڃان تائين قائم آهي ڇو جو هن جي چواڻي پاڪستاني ۽ هندستاني ميرا گدلا رهن ٿا ۽ هر وقت ٽولا ٺاهي هلن ٿا.”
هو صاحب دوران گفتگو پاڪستانين لاءِ Paki (پاڪي) لفظ استعمال ڪندو رهيو. “پاڪي” لفظ توڙي پاڪستانين لاءِ نفرت جو اظهار ڪري ٿو جيڪا نفرت، لڳي ٿو ته انگلنڊ ۾ رهڻ دوران هن جي دماغ ۾ پئدا ٿي ۽ ڏينهون ڏينهن وڌندي وڃي.

ڪهڙي شام ٿي ڪهڙي نما شام

پاڙي ۾ رهندڙ فلسطيني عرب عمر سلامه کان خالي کوکن جو پڇيم، جيئن انهن ۾ ڪتاب ۽ ٻيو سامان وجهي پاڻ سان ڪراچيءَ کڻي وڃان.
چئي اچي ڦاٿس. عمر سخت مشغول ماڻهو، روز وسريو وڃيس. ياد ڏياريانس.
“او آئي ايم ساري! منهنجي دوست وٽ جام کوکا پيا آهن. اڄ ئي کڻي ايندس.”
وري ٻئي ڏينهن اهڙي جو تهڙو. فون ڪرينس ته گهر ۾ موجود نه. سامهون دريءَ مان ايندو ڏسانس. جيسين ٻاهر نڪرڻ لاءِ سئيٽر، ڪوٽ ۽ وڏو ڪوٽ پائي ست ماڙيون (لفٽ ۾ ئي سهي) لهي وري سندس گهر جيڪو ٽماڙ تي بنا لفٽ جي آهي، ان جون ڏاڪڻيون چڙهي پهچان ته سندس زال کان معلوم ٿئي ته هو انهي پيرين موٽي ويو. چاٻي کڻڻ آيو هو يا ڪو فائيل ٿي کتس. اهو کڻي اجهو اهو پيو وڃي.
نيٺ ٻئي کان کوکا وٺي سامان بند ڪيم ۽ کائنس پڇڻ ڇڏي ڏنم. ٻن يا ٽن ڏينهن بعد شهر جي هڪ دڪان ۾ سندس مونتي پري کان نظر پيئي، مينهن واءُ ڪندو سڌو مون ڏي آيو.
“الطاف! آئي ايم ويري ساري! اڄ دوست وٽان کوکا کڻي ايندس. تون به مونسان هلجانءِ. ان دوست وٽ ڪافي به پيئنداسين. واندو آهين نه شام جو؟” هن مون کان پڇي پڪو پروگرام ٺاهڻ چاهيو ٿي.
“ها. بلڪل واندو آهيان. شام جو تيار ٿيو ويٺو هوندس.” مون وراڻيومانس.
هاڻ پاڪستان جي شام معنا جنهن وقت سج جي تپش گهٽجي وڃي. يعني پنج ڇهه يا وڌ ۾ وڌ سج لهڻ جو وقت ست وڳا. پر هتي سئيڊن ۾ شام ڪٿان کان ڪٿي سمجهجي، سو به سياري جي مند ۾؟ جڏهن ته سج صبح کان ئي نظر نٿو اچي! ڪو خوش نصيب ڏينهن هوندو جنهن ۾ ڪلاڪ ٻه کن اس نظر ايندي. سا به لڳاتار نه. پنج منٽ ڪنهن وقت ته ڏهه منٽ ڪنهن وقت ۽ اهو سڀ وقت ملائڻ سان جي جملي ڪلاڪ به ٿيو ته اهو ڏينهن سٺو ڏينهن ٿيو. سني ڊي (Sunny-Day) ٿيو. ۽ هنن ٿڌ ۽ پارن جي ملڪ ۾ “سـَني” معنا سهاڻو ڏينهن. ٻارن کي به لاڏ مان سڏين سـَني! ڀلي سڏين. پر اسان وٽ الائي ڇو پيار مان ٻار کي Sunny ٿا سڏين! اسان وارو سـَني-ڊي سج وارو ڏينهن معنا جيئري جهنم. پوءِ اسان ڇو اهڙي نالي کي سٺو سمجهون. اڃا به جهڙ، ڪڪر، بادل، ماڪ، هير، شبنم جهڙن نالن سان دل ٺريو وڃي. ۽ هتي اتر يورپ جي ماڻهن لاءِ اهڙا نالا معنا ڪچي گار.
سئيڊن جي شام جي ڳالهه پئي ڪئيسين. هڪ ته هتي سج اڀري لهيو وڃي پر گهاٽن ڪڪرن، ڌنڌ، مينهن ۽ برفباري ڪري نه اس نظر اچي ۽ نه سج جو ديدار ٿئي. اسان وٽ ڪهڙو به جهڙ هجي ته به سج جي خبر پئجي ويندي آهي ته آسمان ۾ ڪهڙي هنڌ آهي. هو ڪڪرن پويان هوندو آهي ته به آسمان تي ٽيوب لائيٽن ۽ مرڪري بلبن جي روشني هوندي آهي، ڇو جو هڪ ته اسانجهڙن خط استوائي ۽ ٽراپيڪل ملڪن ۾ سج جي تپش ۽ روشني گهڻي ٿي ٿئي ۽ ساڳي وقت ڪڪرن جا تهه ۽ ٿولهه ايتري گهڻي ناهي جو ان روشنيءَ کي روڪين. سج ته ڇا پر ڪڏهن ڪڏهن چنڊ جي به خبر پئجي ويندي آهي ته ڪهڙي ڪبوتري ڪڪر پويان رمندو وڃي. پر هنن اتر يورپ جي قطبي ملڪن ۾ اهو معلوم ڪرڻ ڏکيو آهي. ڪئلينڊر ۽ جنتريءَ مان سج اڀرڻ ۽ لهڻ جو وقت پڙهي پوءِ پنهنجي واچ ڏسي چئي سگهجي ٿو ته هينئر ڏينهن آهي. جيئن اڄ ڪلهه نائين بجي ڌاري سج اڀري ٿو ۽ ٽين بجي ڌاري لهي ٿو. سو ان حساب سان ڏينهن فقط ڇهن ڪلاڪن جو ٿئي ٿو- جيڪو ايندڙ مهيني اڃا به ننڍو ٿيندو.
سو سياري ۾ نه فقط ڏينهن ننڍو ٿئي ٿو پر سڄو ڏينهن هڪ جهڙو نرم، ٿڌو ۽ جهڙالو ٿئي ٿو. هاڻي اهڙي صورت ۾ ڏينهن کي حصن ۾ ڪيئن ورهائي چئجي ته هي صبح ساجهر آهي ۽ هي وڏو صبوح. هاڻ سج مٿي چڙهي چڪو آهي ۽ هيءَ ڪچي ٻپهري آهي. هي ٽاڪ منجهند آهي ۽ هاڻ اڳينءَ جو وقت هلي رهيو آهي. هي ٽپهري آهي ۽ هيءَ شام ۽ وڏي پيشين آهي. هيءَ نما شام ۽ سانجهي ٿيڻ واري آهي. سو اسان وٽ شام معنا ڇهه وڳا کن جنهن وقت سج جي تپش ڪجهه گهٽجي ٿي ۽ ٻاهر نڪرڻ وقت گهڻي گرمي محسوس نٿي ٿئي. پر هتي سئيڊن ۾ اهو عالم صبح کان وٺي آهي.

ڪِلڪِل ختم ٿيڻ کپي

بهرحال هنن ملڪن ۾ هر شيءِ سج جي چرپر بدران گهڙيال جي ڪانٽن جي چرپر مطابق ماپي ۽ مئي وڃي ٿي. آفيسن جو وقت پنجين تائين آهي ۽ ان بعد اٺين تائين شام آهي- پوءِ کڻي سياري ۾ ٽي بجي سج لهڻ بعد اونداهه ڪانڀار هجي يا اونهاري ۾ ان وقت جهڙي ٽاڪ منجهند هجي (جو اونهاري ۾ سج رات جو ڏهين يارهين لهي ٿو). هتي هر ڪم واچ تي هلي ٿو. سو ستين بجي عمر کي فون ڪيم. جيئن ئي مون “هيلو” ڪيو ته منهنجو آواز سڃاڻي چيائين:
“هيئن ڪر. ڏهن منٽن بعد وري فون ڪر. تيسين آئون دوست کي فون ڪري ٿو ڏسان ته هو گهر ۾ آهي يا نه.”
“ڏاڍي ڳالهه ٿي!” مون دل ۾ سوچيو، “هاڻ رڳو جان ڇٽي!”
عمر جي طبيعت کان واقف هوس. جي چوانس ها ته مون کوکا ٻئي کان وٺي ڇڏيا آهن ته ان جو ويتر ڏک ٿئيس ها ته هو ڪنهن جيڪم نه اچي سگهيو. خاص ڪري مونکي ته، جڏهن کان واقفيت ٿي هئي، هر وقت چوندو رهندو هو ته ڪو ڪم ڪار ٻڌاءِ، ۽ هاڻ ٻه سال پاڙي ۾ رهڻ بعد کيس اهو ڪم چيو هوم- سو به پنهنجي ضرورت کان وڌيڪ سندس خوشيءَ لاءِ.
پورن ڏهن منٽن بعد وري فون ڪيم. سندن ڏهن سالن جي نينگريءَ کنيو. کيس رڳو عربي ۽ سئيڊش اچي ٿي، سو رڳو اين اين (ڪير ڪير) ڪندي رهي.
“ڪال پاپا- آئي ايم الطاف” مون رڙيون ڪري کيس سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي جو بئڪ گرائونڊ ۾ سندس ننڍي ڀاءُ خضر جو فل واليوم تي روڄ پئي هليو. هوءَ ماڳهين فون ڇڏي گم ٿي وئي. نه سندس اتو پتو نه عمر جي خبرچار. منهنجي “ڪال پاپا” کي هن الائي عرب وارو قال يا قول سمجهيو يا ڪجهه ٻيو.
مس مس عمر جي پيرن جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. “ماءِ فرينڊ! آئي ايم سوري، آءِ واز ان ڊبليو سي. (آءٌ ٽوائليٽ ۾ هوس). مون وارو دوست گهر ۾ ڪونهي. جيئن ئي ايندو ته هلنداسين.”
مون ٿوري جان ڇڏائڻ جي ڪئي ته ٺهيو کوکا اهڙا ضروري نه آهن ته عمر پاٻوهه مان سمجهايو ته اڄ ضرور هلنداسين.
“توکي مون واري دوست سان ملي خوشي به ٿيندي.”
“اوڪي” جواب ڏنومانس ۽ دل ئي دل ۾ سوچيو ته اڄ کوکا ملي ويندا ۽ اجائي ڪـِلڪـِل کان جان ڇٽي ويندي.
نئين سال جي آيل همراهن ۾ اسانجو پاڪستاني ڪئپٽن اشرف ظفر چرچو ٻڌائيندو آهي ته ڪنهن سک جو پاڙيسري مينهن وٺي آيو. ان بعد هن جي گهر اڳيان لنگهندي هن کي هر وقت اها سوچ ايندي هئي ته “مينهن جي سڱن ۾ جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جون ٽنگون وچڙي پون ته ان جو ڇا حال ٿيندو.” نه فقط مينهن تي نظر پوڻ تي هن جي دماغ ۾ اهو سوال اڀرندو هو پر هاڻ ته هر هنڌ- گهر توڙي دڪان تي به هن جو دماغ اهو معمو حل ڪرڻ ۾ مشغول رهيو ٿي. آئي وئي کان به پڇندو هو ته جيڪڏهن ائين ٿي وڃي ته ڇا ٿي سگهي ٿو.
نيٺ هڪ ڏينهن سک صاحب تجربي خاطر مينهن مٿان لانگ ورائي جهڙيون پنهجيون ٽنگون مينهن جي سڱن ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪئي ته مينهن ڦيرائي کڻي پٽ تي هئينس. همراهه جي هڪ ٽنگ ڀڄي پيئي. ۽ پوءِ ته ڪي مهنا ٽنگ تي پلاسٽر چاڙهي ڏنڊي تي منڊڪ منڊڪ ڪري پئي هليو. ڪو دوست يار همدردي خاطر افسوس ڪندو هو ته جواب ڏيندو هوس:
“ادا مڙيئي خير آهي. ٽنگ سا ڀڳي پر روز روز جي ڪـِلڪـِل مان جان ڇٽي. پر هتي مالمو ۾ ان ڪـِلڪـِل ختم ٿيڻ جو نالو ئي نٿي ورتو. ڏهين يارهين تائين عمر جي فون جو انتظار ڪري نيٺ سمهي رهيس.

آئي ايم ساري !

ٻئي ڏينهن کان پوءِ سوچيم ته هاڻ عمر کي کوکن لاءِ چوندس ته “کپن ئي ڪونه”. ڪوشش ته اها ڪندس ته کيس سامهون ايندو ڏسي لڪي وڃان. جيتوڻيڪ پاڙيسريءَ کان ماڻهو ڪيترو لڪي ڪيترو لڪندو. پر آئون ٽن ڏينهن کان هن جي نظر کان پاڻ بچائيندو رهيس. ڪالهه چوٿون ڏينهن هو. ڪمپيوٽر تي ڪجهه ڪم ڪري، ضروري پنا پنهنجي يمني ڪلاس ميٽ کي سندس گهر پهچائڻ لاءِ تيار ٿي رهيو هوس ته ٽيليفون جي گهنٽي وڳي. مون “هيلو” ڪيو ته ٻئي پاسي کان عمر جو آواز گونجيو.
“ماءِ فرينڊ! آءِ ايم ويري ويري ساري! اڄ ساڍي اٺين بجي هلنداسين. آئون تو وٽ پاڻ اچي حاضر ٿيندس ۽ پوءِ گڏجي هلنداسين.”
“چڱو ڀلا مهرباني.” مون وراڻيو مانس.
واچ ۾ وقت ڏٺم ساڍا ڇهه ٿيا هئا. يعني رات جا يا کڻي چئجي ته شام جا – جيڪي چئجي صحيح آهي، جو ٽي بجي سج لهڻ تي اونداهه ٿيو وڃي – رات ٿيو وڃي. ستين بجي ڌاري پنا کڻي يمني دوست ڏي وڃڻو هوس پر پوءِ سوچيم ته خبر ناهي ڪنهن وقت موٽان سو ان وٽ وڃڻ جو ارادو لاهي عمر سان هلڻ جو پڪو پهه ڪيم. اڄ بلڪل پڪ لڳي رهي هئي ته اها ڪـِل ڪـِل ضرور ختم ٿيندي.
ساڍا ست ٿي اٺ ٿيا ۽ جڏهن ساڍا اٺ ٿيا ته دل ئي دل ۾ سوچيم ته عمر ڏاڍي ٻڌائي. ان کان ته يمني عرب سان ڪيل وعدي مطابق ڪاغذ پهچائي اچان ها. عمر اڄ به نه هلندو. ۽ پوءِ پوڻين نائين بجي ڌاري يمني دوست وٽ وڃڻ لاءِ تيار ٿي ٻاهر نڪتس ته هيٺ لفٽ ٻاهران عمر ملي ويو.
“او! آئي ايم ساري الطاف! هلو ته هلون.”

سئيڊن جو روشن ڳوٺ

عمر وٽ هڪ پراڻي اسٽيشن وئگن آهي پر هيٽنگ سسٽم صحيح اٿس. گاڏي اسٽارٽ ڪري هيٽر آن ڪيائين. برف جهڙي ٿڌي ڪار ۾ جيڪا اسان کيوهڻ وقت ڏڪڻي ٿي رهي هئي سا ڪار جي گرم ٿيڻ تي ختم ٿي وئي ۽ هاڻ فرحت محسوس ڪرڻ لڳاسين.
سندس دوست جو گهر ڪو پري نه هو. “هولما” جتي اسين رهون ٿا اتان کان “ڪروڪس بئڪ” تائين-جتي سندس دوست جو گهر هو ائين پنڌ هو جيئن مهراڻ يونيورسٽي کان لياقت ميڊيڪل ڪاليج. پر ٻاهران مين روڊ تان ڦري وڃڻو پيو.
“سندس نالو شيخ سعيد آهي.” رستي تي عمر ٻڌايو، “اسانجي مسجد جو امام آهي. پاڪستان ۾ به رهي چڪو آهي. ڪجهه ڏينهن پشاور ۾ هو مجاهدين فورس ۾ هو ۽ افغانستان کان پوءِ هيڏانهن سئيڊن هليو آهي. اصل ۾ مون وانگر فلسطيني آهي.”
سندس گهر پهچڻ بعد سعيد اسانجو گرمجوشيءَ سان آڌر ڀاءُ ڪيو. پاڻ ٽيهارو سالن جو ڊگهو جوان آهي. سهڻو، رنگ جو اڇو ۽ ڏاڙهي ڪاري چاپئين. پاڻ ٻڌائين ته هو ويهن سالن جو هو ته ٻين دوستن سان گڏ جهاد لاءِ افغانستان رهيو هو.
“اسان مان ڪيترائي اتي مارجي ويا جو روسين وٽ وڙهڻ لاءِ وڏي طاقت هئي،” هن ٻڌايو، “پر اسان اسلامي جذبي سان بنا ڪنهن دنيائي لالچ جي وڙهندا رهياسين.”
سعيد گلاسن ۾ ڪوڪا ڪولا وجهي اسان جي پيئڻ لاءِ اڳيان رکي. تيسين پاڻ بالڪني ۾ رکيل ڀاڄي ۽ سامان جي خالي کوکن مان ڪي سڄيرا ڳولڻ لڳو. کوکن جي هاڻ ضرورت ته نه رهي هئي پر پوءِ مڙيئي ٻه کن کوکا چونڊي ڌار ڪيم. ان بعد سعيد ڪنهن دوست وٽ وٺي هلڻ لاءِ ڪوٽ پائڻ لڳو.
“هن جا ٻه اردني دوستآهن، انهن سان هو ملڻ چاهي ٿو، تون به هلندين؟” عمر ترجمو ڪري سعيد جا عربيءَ ۾ چيل جملا ٻڌايا.
“ڀلي هلو.” مون هائوڪار ڪئي.
رستي تي يمني ڪلاس ميٽ جي گهر سندس پنا ڏنم. ڪنهن به ساڻس ملڻ جو نه خيال ڏيکاريو ۽ نه وڌيڪ پڇيو. عرب دنيا ۾ يمن هڪ اهڙو ملڪ آهي جنهن کي ٻيا سندس پاڙيسيري ۽ هم زبان اڇوت ڪري سمجهن ٿا. شايد ان ڪري جو اهو غريب ملڪ آهي- پئسي ۾ به، ته ٽيڪنالاجي ۾ به. منجهس نه سياسي Stability آهي ۽ نه سماجي اتمپڻو.
ان بعد اسان روزن گورڊ ڏي رخ ڪيو. هتي جي زبان سئيڊش ۾ گورڊ جي معنا جاگير يا علائقو آهي. روزن گورڊ نالي ۾ گلاب جي گلن جو علائقو آهي، پر توهانکي ڏسڻ ۾ فقط عرب ايندا. قسمين قسمين عرب. هر ملڪ جا عرب- مڊل ايسٽ کان موراڪو تائين جا عرب. مالمو شهر ۾ سڀ کان گهڻا عرب هن علائقي (روزن گورڊ) ۾ رهن ٿا. ڪو ٿورن کي ڇڏي باقي اهڙا استاد ۽ ٺڳ قسم جا، جو کانئن يورپي ته ڇا ايشيا جي ملڪن جا به پاسو ڪن ٿا. سندن هنگامن ۽ جهڳڙن جا قصا سڄي سئيڊن ۾ مشهور آهن. اسانجو هڪ سک دوست “ستنام سنگهه” روزن گورڊ کي تڪڙ ۾ “روشن ڳوٺ” سڏيندو آهي.
“روشن ڳوٺ ۾ مونکي تمام وڏو گهر هو. پر پوءِ جيئن جيئن حالتون خراب ٿيڻ لڳيون ته آئون اهو گهر وڪڻي ٻئي پاسي اچي رهيو آهيان.” هن ٻڌايو هو. سو سئيڊن جي هن شهر مالمو ۾ سڀ کان گهڻا جهيڙا فساد هن علائقي ۾ ٿين ٿا. هن علائقي ۾ توهانکي پوليس جي گاڏي هر وقت “رون-رون” ڪندي نظر ايندي. پر اها ڳالهه آهي ته “روشن ڳوٺ” جتي جهڳڙالو قسم جا عرب رهن ٿا اتي عرب ۽ آفريڪا جي ملڪن جا پڙهيل ڳڙهيل ۽ عالم پڻ رهن ٿا. ڪيتريون ئي سئيڊش ڇوڪريون اهڙن نيڪ ۽ فضيلت وارن نوجوان عربن کان متاثر ٿي مسلمان ٿيون آهن ۽ ساڻن شادي ڪئي اٿن. ڪيترن عالمن مولوين پنهنجي مثالي ڪردار ذريعي يورپي ماڻهن کي مغربي پريس طرفان پيش ڪيل روپ کي غلط ثابت ڪري ڏيکاريو آهي. ساڳي وقت ڪيترن ڦڏي باز ۽ غلط حرڪتون ڪندڙ عربن پنهنجين لچائين ذريعي اهو تاثر ڏنو آهي ته جيڪو عربن بابت هتي جي ٽي وي ريڊيو غلط تاثر ڏئي ٿو. اهو ان کان به وڌيڪ خراب آهن.

کريل ۽ ڪڙهيل کير پيون

روزن گورڊ (روشن ڳوٺ) جي جن اردني دوستن وٽ اسانجي مسجد جو امام شيخ سعيد وٺي هليو پئي، انهنلاءِ هن ٻڌايو ته هي ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي جا آهن.
“آئون به ساڳي يونيورسٽيءَ جو آهيان،” مون کيس ٻڌايو.
“۽ اهي عبدلڪريم الفلاح ۽ عايد لطف ته نه آهن؟”
“ها. بلڪل تون سڃاڻين؟” عمر پڇيو.
“منهنجا ڪورس ميٽ آهن. عبدالڪريم جهازن جو انجنيئر آهي ۽ عايد شپنگ ڪمپنيءَ جو مئنيجر بيهي آهي جيڪو، هتي ’چارٽرنگ ۽ ايڪانامڪس‘۾ ماسٽرس ڪري آهي.”
شيخ سعيد ٻڌايو ته هن جي ساڻن ملاقات مسجد ۾ ٿي ۽ هي ٻين عربن وانگر عياش نه آهن.
“بلڪل صحيح ٿو چئين،” مون سندس ڳالهه جي تائيد ڪئي. “هو نه فقط پڙهائيءَ ۾ سٺا آهن پر اخلاق ۾ پڻ. ڪلاس هلندي ٻيو ڪو کڻي نماز دير سان قضا ڪري پڙهي پر عبدالڪريم ڪلاس مان اٿي ويندو. ۽ هن ملڪ ۾ ڳرا ڪوٽ، سئيٽر،، بوٽ جوراب لاهي ڪڏهن ٿڌي ڪڏهن ڪوسي پاڻيءَ سان وضو ڪري نماز پڙهڻ وڏي جهاد جو ڪم آهي. پر اهڙا به نيڪ ماڻهو پياآهن جن سان ههڙن ملڪن ۾ به مسجدون ڀريون پيون آهن.”
اتي عبدالڪريم وارن جي گهر وٽ پهچي وياسين ۽ هيٺان ئي سندن فلئٽ جو وساميل بتيون ڏسي سعيد چيو ته عبدالڪريم وارا ڪونه آهن.
“پوءِ ڀلي ڪٿي هلي قهوو پيئجي.” عمر چيو.
“حسن جي گهر ڇو نه هلجي. شاديءَجي مبارڪ به هلي ڏجيس.” سعيد چيو.
عربن جو قهوو به عجيب شيءَ آهي. ڪٿي ڪهڙو ڪٿي ڪهڙو. چانهه ۽ ڪافيءَ جون ڪيتريون ئي ورائٽيون استعمال ڪيون وڃن ٿيون. مون ته سمجهيو سري لنڪا وارا هڪ ئي قسم جي چانهن ٺاهين ٿا، جيڪا انگريز ۽ جتي جتي انگريزن حڪومت ڪئي، انهن ملڪن ۾ استعمال ٿئي ٿي. پر عربن لاءِ ڪيتريون ئي جنسون آهن، جيڪي اسان واري چانهه کان وڌيڪ مهانگيون، نرم، خوشبودار ۽ ڪچڙن پنن مان ٺاهيون وڃن ٿيون. اسانجا عرب سڳورا ان ۾ کير سو ڪونه وجهن، باقي کنڊ جو ٻڪ وجهن. پهرين ته اهي پساريءَ جي دڪان وارا نسخا پيئندي عجيب لڳندو هو پر هاڻ اهي ڦاها ڦڪي ڦڪي ٽيسٽ Develop ٿي ويو آهي. ايتري قدر جو هاڻ لڳندو آهي ته بيوقوف عرب نه پر اسين آهيون جو چانهن جو اصل سواد ماڻڻ بدران ويٺا کريل ۽ ڪڙهيل کير پيون.

جيسين چانهن ٺهي تيسين ٿڌو

هن فلسطيني دوست جون ڏاڪڻيون چڙهڻ وقت عمر ۽ سعيد ٻڌايو ته هن جي گذريل هفتي شادي ٿي آهي. “نج اسلامي رسم رواج” مطابق ٿي آهي. اهو وسري ويو ته پڇانس ته “نج اسلامي رسم رواج” مان سندس ڇا مطلب آهي. ٿي سگهي ٿو سندس اهو ئي مطلب هجي ته اها شادي ائين نه ٿي آهي جيئن اسان وٽ طهر ٿيندا آهن. سنت پوري ڪرڻ وقت رنڊين جا ناچ گانا ٿيندا آهن. گجرانوالا، لاهور ۽ ٻين مشهور چڪلن کان ڳائڻيون اينديون آهن ۽ شراب جو دور هلندو آهي. هاڻي جي خبر ناهي پر اهڙن طهرن جا فنڪشن سٺ ۽ ستر وارن ڏهاڪن ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ مون به ڪافي اٽينڊ ڪيا.
هاڻ ته دنيا ئي بدلجي وئي آهي. تن ڏينهن ۾ نه هو VCR نه ٽي ويءَ تي ايندڙ انٽرنيشنل چئنل. تڏهن سنڌ جي شوقينن کي سائينوال جي “ڪجن بانوءَ” جون رڙيون به پيون روح کي راحت رسائينديون هيون. هن جهڙين جون چرٻيءَ چڙهيل رانون به وڻيون پئي. “واهه واهه” ۽ “نوٽن” جي ڌم هوندي هئي.
حسن در جي ٻاهران ئي اچي اسان جو آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ عربيءَ ۾ هر هڪ سان ڪا دير کيڪارون ٿينديون رهيون. مرحبا! مرحبا! حياڪ الله- وغيره وغيره. آخر ۾ آئون هوس. ميزبان مونکي به عرب سمجهي عربي ڳالهائڻ لڳو. مسٽر عمر جيڪو انوقت چانئٺ ٽپي گهر اندر گهڙي چڪو هو ان کي رڙ ڪري مون انگريزيءَ ۾ چيو:
“ڪوٽ جوتا پوءِ لاهه پهرين پنهنجي سنگتيءَ سان منهنجو تعارف ڪراءِ ته مونکي عربي نٿي اچي.”
حسن جي گهر سندس شاديءَ جي مبارڪ ڏيڻ لاءِ سندس ٻه ٻيا دوست به آيل هئا. هڪ جو خالد ۽ ٻئي جو فاطمي نالو هو. ٻئي سعيد جيڏا لڳا ٿي – يعني ٽيهارو کن ورهن جا. خالد پڻ افغانستان ۾ مجاهدين سان گڏ روسين خلاف جهاد ۾ حصو وٺي چڪو آهي. پشاور ۾ ڪجهه عرصو گذارڻ ڪري ڪجهه ڪجهه اڙدو به آيس ٿي.
حسن يڪدم ڪوڪا ڪولا جا گلاس کڻي آيو. اسان اڳهين برف ٿيا پيا هئاسين. ڪوڪا ڪولا جي گلاسن ۾ برف جا ڳوڙها ڏسي ڏڪڻي ٿي ٿي. عمر جي ڪار ته گرم هئي پر بدقسمتي سان پارڪنگ جي جاءِ پري ملي هئي سو فرلانگ کن پنڌ اسانکي ڪلفي بڻائي ڇڏيو هو. هٿن تي دستانا نه هئا سو ڪا دير ٽـُنڊا ٿي پيا هئا. خبر ناهي عمر گهران ڇا کائي آيو هو جو اڌ گلاس ڪوڪا ڪولا جو پي ويو. سعيد ۽ مون ڪافي يا چانهن پيئڻ چاهي ٿي. يا ڪو زهر ئي سهي پر گرم گرم پيئڻ چاهيوسين ٿي. عربن جي گهر ۾ ڪڇڻ جي ضرورت ناهي جو ٿڌي بعد آٽوميٽڪلي عربي چانهه/قهوو يا ڪافي اچي ويندي آهي. يعني ٿڌو ۽ گرم ٻئي ملندا آهن، توهان کڻي ڇا به گهرو. اسان واري ڪئپٽن بشير وسطڙو کان ڪڏهن پڇبو آهي ته “چانهه پيئندي يا ٿڌو؟” ته ٺهه پهه وراڻيندو آهي:
“جيسين چانهه ٺهي تيسين ٿڌو.”
پر مالمو ۾ رهندڙ عرب نه ان بابت پڇن ۽ نه اونڌا ابتا جواب ٻڌن.
ٿوري دير بعد چانهه آئي جيڪا کير بنا ڪاري هئي.

يورپ جي ملڪن کي جس هجي

“دودهه مانگتا هي ؟” خالد اڙدوءَ ۾ مونکان پڇيو.
“نه” وراڻيومانس.
سڀ تعجب کائڻ لڳا ته خالد ڪهڙي زبان ۾ مونسان ڳالهايو. پوءِ کين ٻڌائين ته اڙدو هن پشاور ۾ سکي. ان بعد هو ڪا دير هنن سان عربيءَ ۾ ڳالهائيندو رهيو. حليب ۽ دودهه جا لفظ سمجهه ۾ آيم. عمر ٻڌايو ته کير کي عربي ۾ “حليب” چون ٿا. دودهه لفظ عربيءَ ۾ جانور جي پيشاب لاءِ آهي.
“اهڙا اتفاق ڪيترائي ٿين ٿا. جيئن ملئي زبان ۾ کير کي سـُوسو (Susu) چون ٿا، جيڪو لفظ ٻين ٻولين ۾ خراب سمجهيو وڃي ٿو.”
عمر ملائيشيا ۽ انڊونيشيا ۾ به رهي آيو هو، جن ملڪن جون ڪا دير ڳالهيون ڪندا رهياسين. خالد ۽ فاطمي زالن سان آيا هئا، پر جيئن اسان وٽ سنڌ ۾ رواج آهي، تيئن هتي ڪيترن عرب گهرن ۾ آهي. زالون زالن سان ڪچهريون ڪن، مرد ڌار اوطاقن يا ڊرائنگ رومن ۾ ويهي جيڪي زبان تي اچين اهو آزاديءَ سان ڳالهائين. ٻڌن گهٽ ڳالهائين گهڻو. زبان جي ڇڙواڳي ۽ اجائي سجائي چرچي گهٻي ڪري اڪثر ڪنهن جي دل آزاري به ٿيو وڃي، جنهن ڪري پنهنجو پاڻ ۾ رنجش پئدا ڪن. يونيورسٽيءَ ۾ مون سان پڙهندڙ عرب ڏسندو آهيان ته پاڻ ۾ ملڻ وقت وڏي آڌر ڀاءُ ۽ ٽهڪن سان کيڪار کڙي ڪري ملندا ۽ پوءِ آخر ۾ تکو ٿي ويندا آهن. غلط سلط ڳالهائي هڪ ٻئي جي دل رنجائي وهندا آهن. ۽ ڪيترين حالتن ۾ وڙهي يا رسي اُٿندا آهن ۽ ٻياماڻهو مٿانئن کلندا آهن.
بهرحال هن وقت هي سڀ مهذب ۽ مذهبي قسم جا هئا ۽ منهنجي ڪري سڀني کي انگريزي ڳالهائڻي پوي ٿي. جنهن ڪري هر هڪ آهستي آهستي ۽ گهٽ ڳالهايو ٿي- سواءِ عمر جي جنهن کي سٺي انگريزي آئي ٿي.
ڪلاڪ کن ويٺاسين ۽ جيئن ئي چانهه پي بس ڪئيسين ته اٿي کڙا ٿياسين.
عمر جي فلسطيني دوستن وٽ جيڪي خبرون يا ڳالهيون ٿيون انهن مان ڪن جو تت هن ريت آهي:
فلسطيني پڙهيل ڳڙهيل آهن. کين پنهنجو الڳ ملڪ ملي وڃي ته سڀني عربن کان سڌريل ثابت ٿين.
عمر چيو ته هنن (يورپ جي) ملڪن ۾ هر شيءِ پئسي دولت جي ساهميءَ ۾ توري وڃي ٿي. پوءِ ٿڌو ساهه کڻي چيائين وري به يورپ جي هنن ملڪن کي جس هجي.
هتي اسان هٿين خالي بکيا پهتاسين، اڄ اسان کي مٿو لڪائڻ لاءِ ڇت آهي. ٻه ويلا ماني ڍءُ ڪري کائون ٿا. ٻاهر رستن تي بي ڊپا ٿي هلون ٿا. حفاظت آهي. قاعدو آهي. قانون آهي. سڀ ڪجهه آهي. شڪر ڪرڻ کپي. اسين هتي ڌڻن جا ڌڻ پهتا آهيون. ايتري قدر جو هنن ملڪن جي ايڪانامي خراب ٿي وئي آهي، تڏهن به اسان کي سماجي ۽ سياسي حق اهي ئي ڏنا اٿن جيڪي کين آهن. پاڙي اوڙي ۾ اسان جا پنهنجا هم زبان، هم مذهب ملڪ آهن پر نه سعودي عرب نه ڪويت نه بحرين نه دبئي وارا اسانکي رکڻ چاهين ٿا.
“ائين ڀلا ڇو آهي-؟” مون عمر کان پڇيو.
“ان لاءِ جو اسين پڙهيل ڳڙهيل آهيون، سعودي عرب کي موڳيون رڍون کپن جيڪي ڪنڌ هيٺ ڪري “جي سائين جي سائين” ڪن. هو نٿا چاهين ته سندن ملڪ جي ماڻهن ۾ سياسي شعور اچي.” عمر ٻڌايو.
عراق جي جنگ ۾ ياسر عرفات ۽ فلسطين سعودي عرب ۽ ڪويت جو پاسو کڻڻ بدران عراق جي صدام حسين جو کنيو. نتيجي ۾ سعودي عرب ۽ ڪويت وارا فلسطيني ماڻهن سان هاڻ اها همدردي نٿا ڪن جيڪا پهرين هين. ان ڪري عمر جهڙا فلسطيني حقئون به ته ناحقئون به سعودي عرب وارن تي چڙيل آهن.
لبيا جي ڳالهه نڪتي ته مون چيومان: “پاڪستاني قذافيءَ کي پسند ڪن ٿا. سندس نعرن مان متاثر آهن.”
“ڌوڙ آهي قذافيءَ کي پئي.” سڀني قذافيءَ تي چڙ ڪئي.
“سخت جاهل ماڻهو آهي.” هڪ چيو.
“اسلام ۽ مسلمانن کي دنيا ۾ بدنام ڪيو اٿس.” ٻئي چيو.
ٻچاپڙو آهي. مسلمانن سان مسلمانن جهڙو، يهودي ۽ ڪافرن سان انهن جهڙو. هيڏو تيل ۽ پسئو هوندي به ملڪ جي ايڪاناميءَ جي ستياناس ڪري ڇڏي اٿس.” ٽئي چيو.
“قذافيءَ کي رڳو پنهنجي تعريف ۽ پنهنجي پروپئگنڊا کپي. تازو آيل هڪ همراهه چيو ته لبيا جي آدم شماري چار ملين نه پر اٺ ملين آهي. چار ملين جيئرا جاڳندا ماڻهو آهن ته چار ملين قذافيءَ جا پوسٽر آهن جيڪي سڄي ملڪ ۾ جتي ڪٿي نظر اچن ٿا.” عمر چيو.

پنهنجي دوستي ڪيئن ٿي سگهي ٿي

واپس اچڻ مهل هڪ دفعو وري عبدالڪريم ۽ عايد جي فلئٽ تي وياسين پر اهي موجود نه هئا. رستي تي هڪ اردنيءَ جو وڏو ڊپارٽمنٽ اسٽور آهي. سعيد ان وٽ عمر کي گاڏي روڪڻ لاءِ چيو.
“هلو ته هلي ڏسون، هي عبدالڪريم وارن جو ڳوٺائي آهي. ۽ ڪڏهن ڪڏهن عبدالڪريم وارا هن وٽ ڪچهريءَ لاءِ ايندا آهن.” سعيد چيو.
“انهيءَ Stupid وٽ آئون نه هلندس. تون ٿي اچينس.” عمر سعيد کي چيو ۽ سعيد دروازو کولي رستو ٽپي دڪان ڏي وڌيو.
“مون سان اردني دڪاندار دوستي رکڻ جي ڪئي پر آئون اڳتي نه وڌيس،” عمر ٻڌايو، “هي ڪهڙو ماڻهو آهي جو دڪان تي نه فقط شراب ۽ خنزير وڪڻي ٿو پر پاڻ به کائي ٿو. سندس زال ۽ ڌيءَ ڊسڪوٿي ۾ ڊانس ڪري ٿي. توبه توبه! اسانجي ماڻهن کي ڇا ٿي ويو آهي. هتي اچيو پنهنجو دين ڌرم توڙي رسم ڪلچر وساريو ڇڏين. مون کيس صاف صاف چيو ته پنهنجي دوستي ڪيئن هلي سگهي ٿي، جڏهن آئون انهن شين کان پاسو ڪريان ٿو ۽ تون انهن کي واپرائين ٿو، سڀاڻي آئون جي تنهنجي گهر اچان ته تو وٽ نه آئون ماني کائي سگهندس نه ڪنهن گلاس ۾ پاڻي پي سگهندس. ان کان بهتر آهي ته دوستيءَ کي اتي ٻنجو ڏجي.”

جوابدار کي جهلڻ کپي

ٿوري دير بعد سعيد موٽيو. “هتي به ڪونه آهن هاڻ ته ڪافي دير ٿي وئي آهي. هلو ته پنهنجي پنهنجي گهرن ڏي هلون.”
گهر موٽڻ وقت رستي تي سعيد کي چيم: “هڪ ڳالهه ته ٻڌاءِ. هنن ملڪن ۾، اڄ کان ويهارو سال اڳ جڏهن آئون آيو هوس ته نه هن وڏي تعداد ۾ ايراني هئا ۽ نه مصري، شامي، عراقي ۽ ٻيا عرب. ڪٿي ڪٿي ڪو ورلي پاڪستاني يا ترڪ ملندو هو- سو به مرد ماڻهو. مسجد مندر جو ته نالو ئي نه هو. نه عربن جون هي ڪوابن ۽ گوشتن جون هوٽلون ۽ نه ايراني نانوائين ۽ پسارين جا دڪان. هينئر چوڌاري عرب، ايراني ۽ آفريڪي نه فقط مرد ماڻهو پر اوتريون ئي عورتون ۽ ٻار جتي ڪٿي رستن تي، دڪانن ۾، بس اسٽاپن وٽ نظر اچن ٿا. نيم اگهاڙي لباس وارن اڇن جي ملڪ ۾ اسان جون مسلمان ڪاريون عبايا (جـُبا) پائي، مٿي تي حجاب (روسريون) ٻڌي ايڏي پڙدي ۾ ڍڪجي سڪجي هلن ٿيون جو ان حساب سان پاڪستان هندستان ۾ ساڙهي دوپٽي ۾ هلندڙ عورتون به ڄڻ بي پردگيءَ جو مظاهرو ڪري رهيون آهن. سو اهڙي حالت ۾ هتي جي تهذيب، تمدن ۽ ثقافت تي اثر ته پيو هوندو. ان سلسلي ۾ هتي جا سئيڊش ماڻهو ايران، عربستان، آفريڪا ۽ ايشيا کان آيل پناهه وٺندڙن، خاص ڪري مسلمانن جي لاءِ، ڪهڙي سوچ رکن ٿا، جن سندن ڪلچر کي پنهنجو ڪرڻ بدران هتي جي حالتن ۾ تبديلي آندي آهي.”
“ان سوال جو جواب عمر صحيح طريقي سان ڏئي سگهي ٿو” سعيد چيو.
“ڳالهه هيءَ آهي.” عمر چيو، “سئيڊن جا جيڪي پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو آهن، انهن کي اسان لاءِ نفرت گهٽ آهي. باقي مزور طبقو يا بي روزگار پنهنجي مالي مشڪلات جو ڪارڻ اسانکي سمجهي ٿو. قدرتي طور سڄي دنيا ۾ هنن چند سالن ۾ ڪافي مهانگائي ۽ ناڻي جي کوٽ ٿي پئي آهي جنهن جو سيڪ سئيڊن کي به رسيو آهي. بلڪه سندس ڀائر ملڪن: ناروي ڊئنمارڪ وغيره کان به گهڻو رسيو آهي، جو سندن سِڪي جي قيمت به ڪري پئي آهي. ساڳيو حال نوڪري ۽ ڌنڌي ڌاڙي جو رهيو آهي. پر ان لاءِ هنن کي اسان تي چڙ ٿي پئي آهي ۽ ان جو ذميوار اسانکي سمجهن ٿا. خاص ڪري مسلمانن کي. اسان جي خلاف ڪيتريون ئي طاقتون ڪم ڪنديون رهن ٿيون، پر اسان مسلمانن جي پاران ڪوبه اسانجي سوچ ۽ نظريو هنن کي نٿو سمجهائي. هڪ ٻه دفعو مون هتي جي ريڊيو تان تقريرون ڪيون آهن ته “بابا اسلام امن جو نالو آهي. اسان مسلمان توهان جي ملڪ ۾ Aids نه آندا آهن. اسان توهان جي ملڪ ۾ چرس نه آندو آهي. اسان ته شريف شهري ٿي رهڻ چاهيون ٿا،” وغيره وغيره. ۽ هو ان کي ٻڌن به ٿا ۽ وڏو فرق پوي ٿو. پر بدقسمتي اها آهي ته اسان مسلمانن ۾ ٻڌي نه آهي. پنهنجو پاڻ ۾ وڙهندا رهون ٿا. هر ڪو ان ڪوشش ۾ آهي ته سنئون سڌو يا ٺڳي لچائي به ڪري پنهنجو گهر ڀرجي پوءِ منهنجو ملڪ، قوم يا مذهب بدنام ٿئي ته ڀلي ٿئي. دراصل اسانجو ڪو سٺو ليڊر نه آهي. “ليڊر”، “پروپئگنڊا”، ۽ ٽيون “معلومات ڏيڻ جو طريقو” تمام ضروري شيون آهن، جن بنا اسين هميشه گمنام ۽ سختيءَ هيٺ رهنداسين. ڪنهن هڪ جي ڏوهه ۾ سڀ لوڙهيندا رهنداسين. هتي جيڪي عراق، لبنان توڙي فلسطين پاڪستان ۽ سوڊان سوماليه کان آيا آهن، جيڪي پئسي ذريعي پٺئين در کان هتي اچي نڪتا آهن _هو هتي به ساڳيا ڏوهه ڪندا رهن ٿا، جيئن هفتو ٻه اڳ هڪ پاڪستاني مسلمان کي پڪڙيو ويو آهي، جو عورتن سان زوريءَ زنا ڪندو هو. اسان کي اهو ثابت ڪري ڏيکارڻو آهي ته ان جو مطلب اهو ناهي ته ڪو سڀ پاڪستاني يا مسلمان اهڙا آهن. ڪيترائي عرب سمگلنگ يا چوري ڪندي جهلجهن ٿا، ان جو مطلب اهو هرگز نه آهي ته سڀ عرب اهڙا آهن. اسانکي اهو هتي جي حڪومت ۽ عوام کي ٻڌائڻو پوندو. کاريءَ ۾ هڪ سنگتڙو خراب آهي ته معنا سڀني جو خراب هجڻ لازمي ناهي. اسلام ڪڏهن به اهڙيون ڳالهيون نٿو سيکاري. ڪنهن خراب ڪم لاءِ جوابدار کي جهلڻ کپي ۽ نه سڀني مسلمانن لاءِ اهو رويو اختيار ڪرڻ کپي.” عمر ٻڌايو.
گاڏي اچي اسانجي گهرن ويجهو پهتي هئي ان ڪري عمر سان وري ملڻ جو وعدو ڪري موڪلايوسين.

اڇي ڏاڙهيءَ جو خيال ڪجي

مٿي ذڪر ڪيل پاڪستاني جنهن جو نالو “بِلي بٽ” آهي، اڄ ڪلهه ريڊيو، ٽي وي ۽ اخبارن جي زينت آهي ۽ نه فقط هتي سئيڊن ۾ پر اوسي پاسي جي يورپي ملڪن ۾، جنهن تنهن جي وات تي بِلي بٽ جو قصو آهي. هڪ ترڪ همراهه جيڪو هتي جو رهاڪو آهي ۽ نه فقط سئيڊش پر انگريزيءَ جو به ڄاڻو آهي، تنهن کان بِلي بٽ بابت پڇيم جو اسانکي ته سئيڊش اچي ڪانه ٿي جو کڻي پاڻ اخبار پڙهون.
“منهنجا ڀاءُ! دراصل ڳالهه اها آهي جو پروپئگنڊا اهڙي شيءِ آهي جنهن جي چنبي ۾ سئو مان نوانوي ماڻهو اچيو وڃن،” هن اصل ڳالهه ٻڌائڻ کان اڳ “پروپگئنڊا” بابت ٻڌايو ۽ پوءِ چيو:
“بِلي بٽ لاءِ اهو چيو وڃي ٿو ته هن ڪيترين ئي ڇوڪرين کي ڏٽا ڏيئي هنن سان ڏوهه جهڙا ڪم ڪيا. هن جي رڪارڊنگ ڪمپني آهي ۽ وڏو پئسي وارو آهي. هاڻ پهرين ڳالهه تي هن جو پاڪستان سان ڪو واسطو ناهي. هن جا پاڪستاني دوست ضرور آهن پر هو ڪشمير جو آهي ۽ پاڻ کي ڪشميري سڏائي ٿو. پر هنن يورپي ملڪن ۾ اهائي پروپئگنڊا ٿيل آهي ته هر اهو ايشين جيڪو لِڪ چوريءَ يورپي ملڪن ۾ اچي ٿو، جيڪو چرس جي سمگلنگ ڪري ٿو، جيڪو هٿيار رکي ٿو، جيڪو جهيڙا جهٽا ڪري ٿو، جيڪو نوڪري ۽ پورهيو ڪرڻ بدران پِن ۽ پراون پئسن تي گذر ڪري ٿو يا ڪو ٻيو غلط ڌنڌو ڪري ٿو اهو پاڪستاني (پاڪي) آهي پوءِ اصل ۾ کڻي هو نيپال، برما يا هندستان جو هجي، سري لنڪا، بنگلاديش يا ڀوتان جو هجي.
“پاڪستاني کڻي ڪيڏو به سٺو هجي، هُن لاءِ ماڻهن جي دلين ۾- خاص ڪري هتي يورپ ۾- خراب اثر ويٺل آهي. انگلينڊ ۾ ته اسڪول جا ننڍا ٻار به پاڪستاني توڙي بنگالي ۽ انڊين ٻارن کي نفرت مان پاڪي (Paki) سڏين ٿا. ان جو مطلب اهو آهي ته هو گهرن ۾ پنهنجن مائٽن کان ٻڌن ٿا. وڏن جي دماغن ۾ اهوئي ويٺل آهي ته پاڪي-يعني پاڪستاني غلط قسم جا ماڻهو آهن. خبر اٿئي جڏهن ٽي ويءَ تان ڪورٽ جو فيصلو ٻڌائي رهيا هئا ته مون پنهنجي پٽ کان پڇيو ته اهو مجرم ڪهڙي ملڪ جو آهي. هن وراڻيو پاڪستاني آهي.”
“مون ان وقت چيو: پڪ سزا لڳندس ۽ ٿيو به ائين! هن کي ڏوهه سال ٽيپ اچي وئي. هاڻ ان جاءِ تي جي ڪڏهن ڪو جپاني، آمريڪي يا ويندي هندوستاني به هجي ها ته هو بچي وڃي ها. سڀ چون ها ته ڇوريون ڪوڙيون آهن، اڄ ڏينهن تائين ته ڪنهن انڊين اهڙي بڇڙائي ڪئي ڪانه. وغيره. سو ’پروپئگنڊا‘ اهڙي شيءِ آهي جيڪا انصاف يا صحيح فيصلي کان اڳ ئي مقرر ڪيل راءِ لاءِ ميدان هموار ڪريو ڇڏي.”
ڪجهه دير سگريٽ جا ڪش هڻي هن وڌيڪ ٻڌايو:
“ٻي ڳالهه اها ته، ٿي سگهي ٿو، ان ۾ ڪا حقيقت نه به هجي، ڇو جو سڀئي عورتون جن بٽ صاحب لاءِ ڪورٽ ۾ پڪاريو آهي اهي ارڙهن سالن کان مٿي آهن يعني هو عاقل بالغ ۽ سمجهه واريون آهن. ۽ ڪيترا مهينا ماٺ ۾ گذارڻ بعد هاڻ هنن دانهيو آهي. ان لاءِ هو چون ٿيون ته هو ماٺ ۾ ان ڪري هيون جو هنن کي شرم ٿي ٿيو ته سندن مائٽن، دوستن ۽ سوسائٽيءَ ۾ خواري ٿئي ٿا. پر کانئن ڪو پڇي ته “مئو پر، پٽجي هيل” مطابق ڀلا هاڻي ڇو اٿيون آهيو؟ ۽ ٻيو ته انهن مان ڪيترين بٽ صاحب سان ٽي ٽي چار چار ڏينهن لنڊن ۽ ٻين ملڪن جو سير سپاٽو ڪيو. هاڻي هو جيڪڏهن ساڳي آفيس يا ڪاليج يونيورسٽي مان آفيشل ٽوئر تي نڪرن ها ۽ پوءِ بٽ صاحب ڪجهه ڪري ها ته چئجي ها ته هن زوريءَ زنا ڪئي. هتي هڪ هڪ ٿي، پنهنجي رضامنديءَ سان دوست جي حيثيت ۾ هن سان گڏ گهمڻ لاءِ نڪتي آهي. هوٽل جي ساڳي ڪمري ۾ رهي آهي. پوءِ جي ڪجهه ٿيوآهي ته معنا هڪ ٻئي جي رضا خوشيءَ سان ئي ٿيو آهي. هتي رضا خوشيءَ سان بالغن جي گڏ گڏ هلڻ، رهڻ، سمهڻ تي ڪابه قانون طرفان جهل پل ناهي. ها ايترو ضرور آهي ته بٽ صاحب جسماني ڏاڍ مڙسيءَ بدران دماغ کان ڪم وٺي کين گشن پتن ذريعي راضي ڪيو آهي ۽ بيوقوف بنايو آهي. جيئن هڪ ڇوڪريءَ ڪورٽ ۾ اهو چيو ته بِلي بٽ هن کي “بلف” ڪيو آهي. کيس هن چيو ته هو کيس رڪارڊنگ ذريعي مٿاهين درجي تي آڻيندو. پر ان جو مطلب اهو هرگز ناهي ته اها عورت پنهنجو پاڻ ان جي حوالي ڪري ڇڏي. بهرحال ڪورٽ کي بِلي بٽ بابت ٻين به ڪيترين جُرمن جا ثبوت مليا آهن. نتيجي ۾ پيريءَ ۾ نه فقط پاڻ خوار خراب ٿي ويو، پر پاڪستان جو نالو بدنام ڪري وڌائين. چاليهن کان ماڻهو مٿي ٽپي ته خراب عادتن واري کي به کپي ته اهي ڦٽيون ڪري ڪجهه نيڪ ٿي هلي. اڇي ڏاڙهيءَ سان پنجاهه کان مٿي عمر واري هڪ مسلمان بابت جنسي ۽ شهواني قصا پڙهي هتي جا سئيڊش توڙي ڌاريان ماڻهو ڇا اثر وٺندا هوندا، اهو پاڻ سوچي سگهو ٿا.”

پيئڻ آيا آهيو يا ڳالهائڻ

هيلسنڪي (فنلئنڊ جي گاديءَ واري شهر) جي هوٽل اسڪاٽا (جنهن مان هي لکي رهيو آهيان) ۾ گهڻو تعداد جهازين جو رهيل آهي. ڪي جهازن تان لٿا آهن ۽ هاڻ پنهنجي پنهنجي شهر يا ملڪ وڃڻ جي انتظار ۾ آهن ته ڪي پنهنجو جهاز Join ڪرڻ لاءِ پنهنجي جهاز جي اچڻ جو انتظار ڪري رهيا آهن. جهاز کي هلائڻ وارن کان علاوه جهازي دنيا سان واسطو رکندڙ انجنيئر، سرويئر، جهاز تي سامان موڪلڻ ۽ لاهڻ وار ۽ ٻيا ڪيترا ترسيل آهن.
جهازين کي هن هوٽل ۾ پنهنجو Seamens’-Card (يا ڪو ٻيو اهڙو ثبوتي سرٽيفڪيٽ ڏيکارڻ سان ته هو جهازن تي آهن يا ڪنهن زماني ۾ جهاز تي هئا) عام ماڻهن کان گهٽ مسواڙ ورتي وڃي ٿي. هن هوٽل کان بندرگاهه به ويجهو آهي.
شام جي وقت جيڪو اڪيلائي محسوس ڪري ٿو يا منجهي ٿو ته اهو هيٺ بهري (Basement) ۾ ٽيبل ٽينس کيڏڻ لاءِ پهچيو وڃي. جمناسٽڪ ۽ سانا (Sauna) جو پڻ بندوبست آهي يا هوٽل جي لابيءَ ۾ رکيل وڏي ٽي ويءَ اڳيان ويهي پنهنجن پراون سان ڪچهري ڪري ٿو. سڀني غير ملڪين کي اها شڪايت آهي ته Scandinavia ملڪن جا رهاڪو گهٽ ڳالهائو آهن. مڙيئي خير آهي. اسان ايشين آفريڪن پنهنجو پاڻ ۾ کوڙ آهيون، گهمڻ ڦرڻ يا ڪچهريءَ لاءِ.
هڪ ڏينهن، هڪ گوري همراهه سان خبر چار ڪندو رهيس. بلڪه ڳالهائڻ جي هن پاڻ ئي شروعات ڪئي. پنج ڇهه منٽن کان پوءِ حيرت مان پڇيومانس:
“هتي جو فنش آهين يا سئيڊن جو رهاڪو؟”
“نه نه، آئون هن پاسي جو نه آهيان،” هن ٻڌايو، آئون بيلجم جي شهر انٽورپ جو آهيان.”
کلي چيومانس: “اها ڳالهه ڪر. آئون به چوان ته اڄ سج ڪٿان اڀريو آهي جو هڪ اسڪينڊينيويا جو همراهه پاڻهي ڳالهائي پيو.”
ٽهڪ ڏيئي پاڻ به ان جي مڃتا ڪيائين، چوڻ لڳو:
“خبر اٿئي هنن اتر وارن ملڪن جا اهڙا چنڊا اٿئي جو اسان بيلجمي يورپين کي به ڪٿ ۾ نٿا آڻين. اسانکي منهن تي چوندا آهن ته اسين ڏکڻ جا اڻ سڌريل آهيون. هونئن گهٽ ڳالهائڻ سندن عادت به آهي.”
هي بيلجم جو همراهه فنلئنڊ جي اسڪالر تي پنهنجي ملڪ کان هتي هيلسنڪيءَ جي يونيورسٽيءَ ۾ ائگريڪلچر سائنس جهڙي سبجيڪٽ ۾ پي ايڇ ڊي ڪرڻ آيو آهي. هتي جي يونيورسٽين جي دنيا ۾ چڱي هاڪ آهي ۽ ڪيترن ئي ملڪن کان هتي تعليم لاءِ اچن ٿا. اڄ شهر ۾ ڪجهه آفريڪن شاگرد پڻ مليا، جيڪي ميڊيڪل ۽ سائنس جهڙن سبجيڪٽن ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن.
گهٽ ڳالهائڻ تان اسانجي ميزبان ڪئپٽن پيڪا چيو:
“اسين ٻين ماڻهن وانگر جلدي فري نٿا ٿيون جو ننڍي هوندي کان گهٽ ڳالهائڻ جي عادت اٿئون. سياري جا اٺ مهينا سيءَ ۽ اونداهه ۾ گهر جي ڪمرن ۾ اڪيلو ڪتاب پڙهندي گذرن ٿا. اونهاري ۾ ڏينهن وڏا ٿين ٿا پر هڪ ته هنن ملڪن ۾ عوام گهٽ آهي ۽ ٻيو ته هرڪو پورهئي ڌنڌي ۾ ايڏو مشغول آهي جو هن کي ٻئي سان ڳالهائڻ جو وقت ئي ناهي، پر جيڪڏهن دوستن يارن سان گڏ آهيو ته به اونهاري ۾ به سخت سيءَ ڪري هلندي چلندي ڳالهائي نٿا سگهون. گهڻي وات کولڻ سان ٿڌي هوا نڙگهٽ يا ڦڦڙ خراب ڪري سگهي ٿي. بهرحال گهٽ ڳالهائڻ مان اهو هرگز نه سمجهي ته ڪي اسان دوستي ياريءَ ۾ صفا ويل آهيون.”
“اهو ڪيئن-؟” مون پڇيومانس.
ڏس!” ڪئپٽن پيڪا مونکي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي:”اسين ڌارين سان جهٽ فري نٿا ٿيون پر جڏهن ٿيون ٿا ته پوءِ هن کي پنهنجو سمجهون ٿا. اسان لاءِ جتي اهو چوڻ مشهور آهي ته اسين گهٽ ڳالهايون ٿا، اتي اهو به چيو وڃي ٿو ته جنهن سان دوستي ڪريون ٿا ان سان ڏکي وقت ۾ نڀايون ٿا. آئون مڃان ٿو ته ايشيا، آفريڪا يا يورپ جي ٻين ملڪن ڏي ٻه اکر ڳالهائڻ سان ڌاريان به اهڙو فري ٿيو وڃن ڄڻ سالن جا واقف هجن ۽ هڪ ٻئي جا هاڻ پڪا دوست ٿي ويا آهن، پر پوءِ ڏکيو وقت اچڻ تي هو جوابداري کڻڻ بدران ڀڄڻ جون راهون ڳوليندا آهن. پر اسان Scandinavian ماڻهن وٽ اهو ناهي. اسين اهو چوندا آهيون ته سوچي سمجهي دوستي ڪجي. ۽ هڪ دفعو دوستي ٿي وڃي ته پوءِ صحيح طرح نڀائجي.” ڪئپٽن پيڪا پوءِ کلي چيو:
“باقي اهو صحيح آهي ته دوستي کان اڳ يا پوءِ اسين گهڻو نٿا ڳالهايون. اسان گهڻو ڳالهائڻ ۽ يڪدم فري ٿي وڃڻ کي سٺو نٿا سمجهون. اسان لاءِ لطيفو مشهور آهي ته ٻه فنش (فنلئنڊ جا رهاڪو) دوست ڪنهن هوٽل ۾ پي رهيا هئا. اڌ ڪلاڪ بعد هڪ ٻئي کي چيو: “اڄ موسم ته واهه جي آهي.” جواب ۾ ٻيو اڌ ڪلاڪ سوچيندو رهيو پوءِ ناراضگيءَ جو اظهار ڪندي چيو:
“پاڻ هتي پيئڻ آيا آهيون يا ڳالهيون ڪرڻ؟”

ملئي ۽ ڏيپلائي ميمڻ

هونئن منهنجي خيال ۾ گهڻي ڳالهائڻ کان گهٽ ڳالهائڻ سٺو ئي آهي. آخر الله تعاليٰ هر انسان کي ٻه ڪن ڏنا آهن ۽ وات فقط هڪڙو. شايد ان ڪري ته جيئن گهڻو ٻڌجي پر ڳالهائجي ٿورڙو. ۽ هو ڇا انگريزيءَ ۾ چوندا آهن ته “Least said soonest mended”– يعني جيڪو ماڻهو جيترو گهٽ ڳالهائي ٿو اوتروئي گهٽ چڪون ڪري ٿو. پر جي ڪجهه غلطيون ڪري به ٿو ته انهن جي درستي يا ازالو جلدئي ڪريو وٺي.
سئيڊن ۾ اسانجي سامهون واري بلڊنگ ۾ شڪارپور پاسي جو سنڌي همراهه “وزير سومرو” رهي ٿو. سندس فلئٽ جي سامهون واري فلئٽ ۾ سندس پراڻو دوست ڪوئيٽا جو عبدالواحد بلوچ رهي ٿو. ٻنهي جو زالون سئيڊن جون آهن. ٻنهي گڏ شادي ڪئي ۽ اتي هڪ ٻئي جي آمهون سامهون بنا ڪنهن جهيڙي جهٽي جي رهندا آهن. سڄو ڏينهن ٻنهي جا در کليل هوندا آهن ۽ ٻار هڪ ٻئي جي گهر ايندا ويندا رهن ٿا. وزير عليءَ جڏهن پهرين ڏينهن مونکي ٻڌايو ته هو ڏهن يارهن سالن کان هيئن گڏ رهندا اچن ۽ اڄ تائين زالن جي کٽ پٽ نه ٿي آهي، ته مونکي تعجب لڳو.
هڪ ڏينهن وزير عليءَ سان سندس گهر بالڪنيءَ ۾ ويٺو هوس. سندس زال لينا ڀر واري ڪمري (جيڪو ڊرائنگ روم آهي) ۾ ويٺي اخبار پڙهي. ٿوري دير بعد عبدالواحد جي زال مسز اينگر واحد آئي ۽ کيڪاري اچي لينا جي ڀرسان ويٺي.
آئون عليءَ وٽ ٻه ڪلاڪ کن هوس. ٻئي ڪلاڪ اسان جي بڪ هلندي رهي. مون ڳالهائڻ بس ٿي ڪيو ته وزير علي ٿي شروع ٿيو. ۽ هن ٿوري ساهي پٽڻ جي ڪئي ٿي ته مون پنهنجو رايو، خيال يا صلاح پيش ڪئي ٿي. يا ڪو نئون عنوان کنيو ٿي. ڪڏهن ته ڪنهن بحث ۾ ٻنهي گڏ ڳالهايو ٿي ۽ هڪ ٻئي جي ڳالهه نٿي ٻڌيسين. هر هڪ اهو ٿي چاهيو ته فقط سندس ڳالهه ٻڌي وڃي. هڪ اڌ سياسي ڳالهه جي بحث ۾ تکا به ٿي وياسين ۽ وڙهندي وڙهندي بچي وياسين.
اهو سمورو وقت، وچ وچ ۾ چانئٺ جي هن پاسي ڊرائنگ روم ۾ ويٺل سئيڊن جي عورتن: لينا ۽ اينگر کي به ڏسندو رهيس، جيڪي پرسڪون انداز ۾ هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ماٺ ڪري سگريٽ ڇڪي رهيون هيون. رکي رکي ڪا ڳالهه هنن چپن ۾ ڀڻڪي ڪئي ٿي نه ته اها ئي ماٺ.
اٿڻ مهل کين چيم: “شاباس هجانـَو. مون توهانکي سمورو وقت جانچيو پئي، واقعي سئيڊش ماڻهو گهٽ ڳالهائين ٿا. مون سمجهيو ته هو رڳو بسين ۾ ڌارين ماڻهن اڳيان ماٺ ڪري وهن ٿا. پر هاڻ اندازو لڳايم ته هو گهرن ۾ به پنهنجي زبان کي ڪنٽرول ۾ رکن ٿا.”
۽ پوءِ عليءَ کي چيم: “ههڙي نموني سان سئيڊش عورتون ڀلي سئو سال گڏ هڪ گهر ۾ هجن ته به ڪنهن ڳالهه تان جهيڙو جهٽو ٿيڻ جو امڪان تمام گهٽ آهي.”
عليءَ چيو: “سڀ سئيڊش ائين نه آهن. ڪي ڪي ماڻهو گهڻو به ڳالهائين ٿا.”
“ها. پر اهي اٽي ۾ لوڻ برابر هوندا. اسانجي پاسي عرب ملڪن جا هجن يا سنگاپور جپان هانگ ڪانگ جا- سڀني ايشين کي جهرڪين واري چِرچِر آهي. ڪي گهٽ ڳالهائو به ضرور آهن جيئن ملائيشيا جا ملئي يا ڏيپلي جا ميمڻ، پر ڏيپلائين لاءِ اهو وهم گمان فقط تيستائين هوم جيسين ڪئڊٽ ڪاليج جي بشير ميمڻ، نواز ميمڻ، عبدالرحمان عمر ۽ ڊاڪٽر الهه ورائي سان مليو هوس. جڏهن کان مرحوم محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي پٽ محمد علي سان (جيڪو ڀر واري شهر ڪوپن هيگن ۾ پاڪستاني ايمبسيءَ ۾ قونصلر هو) ۽ آفتاب ميمڻ سيڪريٽري سنڌ حڪومت سان ملاقات ٿي آهي ته ڏيپلائين لاءِ به اهو خيال دل مان ڪڍڻو پوندو. اها ٻي ڳالهه آهي ته سندن گفتگو علم ۽ ادب سان ڀريل ٿئي ٿي.

اڃان جوان آهي/ مٺي ڊش جو انتظار

فنلئنڊ جي رهاڪن کي “فِنش” سڏجي ٿو ۽ جڏهن به فنش ماڻهن بابت لکان ٿو ته ڏنگين ۾، پڙهندڙن جي يادگيريءَ لاءِ (فنلئنڊ جا رهاڪو) پڻ لکان ٿو، ڇو ته انگريزيءَ ۾ لفظ “فنش” (معنا ختم ٿيل) هڪ عام لفظ آهي. هتي به اسين ڪيترا دفعا ان لفظ تي ڀلجندا آهيون. (۽ اسان پاڪستانين لاءِ “فنش” نه فقط فنلئنڊ جا رهاڪو آهن پر “فنش” مڇر مارڻ جي دوا پڻ آهي).
وئن ۾ رستي تان لنگهندي، رستو ڪراس ڪندڙ هر سهڻي ڇوڪريءَ لاءِ يمن جو مسٽر مبارڪ اسان جي ميزبان، ڪئپٽن پيڪا، کان پڇندو آهي ته اها ڪير آهي.
“Who is She?”
يعني هتي جي ئي مڪاني ڇوڪري آهي يا ڀرپاسي واري ملڪ پولئنڊ، ايسٽونيا، لٿونيا، بيلاروس يا روس جي آهي. ءِ پوءِ اسانجو ميزبان ڪئپٽن پيڪا اسٽيرنگ ويل تي کاڏي رکي ڇوڪريءَ جي وارن ۽ منهن جي نڪ نقشي- خاص ڪري هن جي نيرين اکين ڏي غور سان ڏسي اعلان ڪندو آهي:”فِنش! فِنش!” يعني هيءَ حور پري سندن ئي ملڪ فنلئنڊ جي آهي.
سندس فِنش فِنش چوڻ تي، ٿائلنڊ جو جهازي سرويئر مسٽر سوتي چائي مرڪندي چوندو اٿس:
“ڪئپٽن پيڪا! ائين ته نه چئه. شي از ناٽ فنشڊ! شي از اسٽل ينگ” (هوءَ وهي وڃائي نه چڪي آهي. هوءَ ته اڃان ڪچڙي آهي).
“اسانجي قوميت (فِنش) اهڙي آهي،” ڪئپٽن پيڪا ٻڌايو، “جنهن جي اچار وارو لفظ ڪيترين ئي زبانن ۾ مختلف معنائن وارو ٿي پيو آهي. ان تي ڪيترائي چرچا ٺهيل آهن. پر ٻڌائيندوسانوَ ڪونه.”
“پرواهه نه ڪر،” مبارڪ چيس، “ٻه هفتا فنلئنڊ ۾ رهڻ دوران جهازن جي سروي گهٽ ڪنداسين، پر توهان بابت چرچا ضرور معلوم ڪنداسين.”
فنلئنڊ جي ماڻهن “فنش” وانگر سئيڊن جي رهاڪن “سئيڊش” بابت به ڪيترائي دفعا مونجهارو ٿئي ٿو. سئيڊن جي هڪ شهر اسٽاڪهوم ۾ هڪ مسافر جهاز جي مالڪن اسانجي گروپ کي جهاز گهمڻ جي دعوت ڏني جيڪا ان وزارت سان تعلق رکندڙ سئيڊن جي ڊائريڪٽر سان گڏ اٽينڊ ڪئيسين. بلڪه ڊائريڪٽر اسان جي گروپ جو ليڊر ٿي اسان کي جهاز تي وٺي هليو.
جهاز گهمڻ بعد جهاز وارن اسان لاءِ هلڪي لنچ جو به بندوبست ڪيو هو. اها کائي بس ڪئيسين ته چانهه يا ڪافيءَ جو پڇڻ لڳا. پر اسانکي دير ٿي رهي هئي. هر هڪ جهاز ڇڏڻ لاءِ تيار هو- ۽ جهاز وارن کي به هلدي هئي جو هنن جي لنگر کڻڻ (Sailing) جو ٽائيم اچي ڀريو هو. اسين ڌارين ملڪن کان آيل ته سڀ موجود هئاسين پر اسانکي هتي وٺي آيل سئيڊش همراهه (ڊائريڪٽر) لنچ کائي الائي ڪهڙي واش روم ۾ گم ٿي ويو هو يا ٻاهر جهاز جي ڊيڪ تي سگريٽ ڇڪڻ لاءِ هليو ويو هو. اسان مان هر هڪ جي نظرن ان کي پئي ڳوليو ته اچي ته اٿڻ جي ڪريون.
اسانکي اڃا ڊائننگ هال ۾ وهندو ڏسي، جهاز جا آفيسر توڙي اسٽيورڊ ذري ذري چانهه يا ڪافيءَ جو پڇن ته اسان ان لاءِ “نه” ڪري پنهنجي سئيڊش همراهه جون پڇون ته “ويئر از سئيڊش؟” يا چئون:
“We are looking for Swedish”
وينزوئلا جي چيف انجنيئر مسٽر ايفرين ته پنهنجي آخر واري ڪرسيءَ تان ئي ويٺي ويٺي رڙ ڪري چئين: “We are waiting for Swedish”
اسان سڀني غير سئيڊش ماڻهن پنهنجي غير مادري زبان انگريزيءَ ۾ جڏهن “سئيڊش” چيو ٿي ته هنن ڪجهه ٻيو سوچي سس پس ڪئي. ۽ پوءِ نيٺ اسان وارو همراهه پهچي ان کان اڳ هڪ دفعو وري صاف ڪيل ٽيبل تي اسان اڳيان خالي پليٽون، چمچا ۽ ٽشو پيپر رکيا ويا ۽ ان بعد ٻه وڏا پيالا آئس ڪريم جا اچي رکيائون. اسان به ان شيءِ کي ڇڏڻ بدران بالم ٿي کائڻ لڳاسين ۽ مٿين دل سان چيوسين ته اها تڪليف ڇو ڪيانـوَ. نيٺ ميزبانن مان هڪ بي شرم ٿي چيو.
“توهان ته چيو، توهان کي سئيٽ ڊش کپي-دئٽ يو آر ويٽنگ فار Sweet Dish”
سو “سئيڊش” (Swedish) لفظ به ڪڏهن ڪڏهن “فنش” وانگر رولو پيدا ڪري ٿو. اها ٻي ڳالهه آهي ته فنش پاڻ کي Finn به سڏائين. اهڙي طرح سئيڊش پاڻ کي Swede (سئيڊ) سڏائين ۽ ڊئش (ڊئنمارڪ جا رهاڪو) Dane ڊين پڻ سڏائين.

پاڪستانين سان مقابلو نٿا ڪري سگهون

هيلسنڪيءَ جي هوٽل Skata ۾ ٻه شامي عرب پڻ رهيل آهن. چڱا صحت مند، قداور ۽ يورپين وانگر اڇي رنگ جا آهن پر سندن ڪارا وار ۽ ڪاريون اکيون ڏسي اسين به هاڻ سمجهي ويا آهيون ته ڪير ڪهڙي کنڊ جو آهي.
هي ٻئي “شام” ملڪ جي شهر “دمشق” جا آهن. عربيءَ کان علاوه انگريزي پڻ اچين ٿي پر جيئن ته اسان ۾ عربي ڳالهائڻ وارو مبارڪ موجود آهي، ان ڪري هنن کي مبارڪ سان پنهنجي مادري زبان ڳالهائيندي مزو اچي ٿو. هر وقت مبارڪ جو پڇندا رهن ٿا پر پوءِ جڏهن هو نٿو ملين ته اسان سان به ڳالهائڻ لاءِ آتا هوندا آهن. پاڻ واپار جي سلسلي ۾ آيل آهن پر منجهن اها واپارين واري هوشياري ۽ تيزائي نه آهي. هن پاسي جي ملڪن ۾ پهرين به اچي چڪا آهن، پر فنلئنڊ جي هن شهر Helsinki ۾ سندن هي پهريون دفعو آهي.
پاڻ پراڻين يا رد ٿيل ڊيزل انجڻين جي ڳولا ۾ آهن، جيڪي پنهنجي ملڪ موڪلي اتي انهن کي ٿورو گهڻو صحيحڪري پوءِ وڪڻندا.
“انهن جي خريداري ڪيئن ڪريو؟” مون پڇيو مان.
“هتي بئنڪ اڪائونٽ کولي پئسا ان ۾ گهرايا اٿئون. روز لک سوا کيسي ۾ وجهي سودي لاءِ نڪرندا آهيون. پوءِ جنڪ-يارڊ، موٽر گئراجون، فئڪٽريون جتي خبر پوندي آهي اتي پهچي ويندا آهيون. اتي جو اتي سودو طئي ڪري پئسا ڏيندا آهيون. آئون ڏيتي ليتي، امپورٽ ايڪسپورٽ جي طريقن ۽ قانون کان واقف آهيان ۽ هي منهنجو پارٽنر انجڻين سڃاڻڻ جو ماهر آهي. هو جانچي ڏسندو آهي ته آيا سٺي ڪنڊيشن ۾ آهي يا نه. مرمت بعد وڪڻڻ تي چار پئسا بچائي ڏيندي يا نه. هيستائين ڏيڍ ڪنٽينر جيترو مال گڏ ڪري چڪا آهيون. جيئن ٽن دٻن جيترو مال ٿيندو ته مال موڪلڻ واري ڪمپنيءَ کي چونداسين. جيڪي سڀني هنڌان مال ميڙي ڪنٽينرن ۾ وجهي پاڻي رستي روانو ڪندي.” هنن ٻڌايو.
“ڀلا توهان جي ملڪ شام ۾ امپورٽ ايڪسپورٽ جا طريقا ۽ قاعدا قانون سولا آهن يا مونجهاري وارا-؟” مون پڇيومانس.
“سولا به آهن ته پيچيده به. ڪڏهن ڪڏهن ڪسٽم وارا يا سرڪاري آفيسر اجايو رولڙو به پيدا ڪن ٿا.”
“ههڙي مهانگي ملڪ ۾ هوٽل ۾ رهائش جو خرچ، سامان ڍوئراڻي، هر هڪ ڪنٽينر جو “شام” تائين هڪ هڪ لک رپيا کن ڀاڙو. پنهنجي ملڪ ۾ پهچي ڪسٽم ڊيوٽي ڏيڻ، ان بعد انجڻين کي صحيح ڪرائڻ تي خرچ ۽ Risk ڇا اهو سڀ ڪجهه هوندي به سمجهو ٿا ته فائدو ٿيندانو؟” مون پڇيومان.
بس الله ۾ آسرو آهي. واپار آهي ئي توڪل تي. بزنيس از بزنيس. پنهنجي حساب سان ته پوري ڪوشش ڪريون ٿا ته جيئن هر شيءِ سستي پوي ۽ خرچ گهٽ اچي. اتي پهچي هڪ طرف ٻين دوڪاندارن جي مقابلي ۾ سستي وڪڻجي جيئن مال جو جهٽ نيڪال ٿئي ۽ ٻئي طرف ڪجهه فائدو به ٿئي ته جيئن گاڏي اڳتي هلي سگهي ۽ واپار لاءِ وري نڪري سگهون. الله خير ڪري وڏا نقصان اسان جهڙن سيکڙاٽ واپارين جون چيلهيون ڀڃيو ڇڏين.”
هن کان اڳ هو سبيل ڪپڙن جو واپار ڪندا هئا.
“پر ان ۾ توهانجا پاڪستاني زور آهن،” هنن ٻڌايو، “نه فقط ڪپڙي ۾ پر هر شيءَ ۾! پاڪستانين کي سڀ کان وڏو فائدو اهو آهي ته دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سندن هم وطن، عزيز، دوست رهن ٿا، جيڪي هنن پاران اڳهين مال ڳولي ٻولائين ٿا. پوءِ پنهنجن کي ان ملڪ ۾ سڏائي خريداري ڪرائين ٿا. پر اسان کي هر شيءِ هتي پهچي پوءِ ڳولڻي ۽ سوچڻي پوي ٿي ته آيا خريد ڪجي يا موٽي وڃجي.”
هنن ٻڌايو ته پاڪستانين ۾ Adoptability به ڏاڍي آهي. هو وڏي توڙي ننڍي هوٽل ۾ رهيو وڃن. دوستن جي گهرن ۾، ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ پٽ تي به چادر تاڻي سمهيو رهن. کائڻ جي معاملي ۾ به گوشت مليو ته ڇا دال ۽ رٻ ملي ته ڇا. ٺلهي چانهه روٽي يا بک تي به هليو وڃن. ساڳي وقت اس هجي، جهڙ هجي، سيءُ هجي گرمي هجي، گاڏي هجي، پنڌ هجي، هر ڳالهه ۾ پاڪستاني ڪم جو مڙس ماڻهو ۽ عقل وارو آهي.
“ٿي سگهي ٿو پاڪستاني واپار وڙي ۾ انڊين يا چينيءَ کان گهڻو تيز نه هجي پر اسان عربن کان ته هر صورت ۾ مٿي آهي. سادگيءَ ۾ رهڻ ڪري، جنهن کي واپار ۾ Per Head Expenditure چئجي، اهو هنن کي گهٽ پوي ٿو. جڏهن ڪا شيءِ بنهه سستي پوي ته پوءِ ماڻهو بي الڪو رهي ٿو. ٿوري اگهه ۾ وڪامڻ تي به فائدو ٿئي ٿو. دمشق ۾ ڪجهه پاڪستاني همراه چانور، ڪڻڪ ۽ دالين جا واپاري آهن، هو جنهن ريزڪي اگهه ۾ وڪڻن ٿا ان ۾ ته اسانکي ٻڌو مال گهر ۾ به نٿو پوي. نتيجي ۾ اسان هنن جو مقابلو پنهنجي ملڪ ۾ به نٿا ڪري سگهون.”
دمشق ۾ رهندڙ ڪيترائي پاڪستاني هنن جا به سڃاڻا آهن، جن جا هو نالا وٺندا رهيا ٿي. ٻه منهنجا به واقفڪار نڪتا. هڪ کي اتي گئريج آهي ۽ ڪنهن زماني ۾ اسان وٽ جهازن تي هو ۽ ٻيو عنايت سهاڳ جيڪو ڪنهن زماني ۾ سکر جي ڪمرشل انسٽيٽيوٽ ۾ هو ۽ اسانجي ڳوٺائي، نواب شاهه جي ڪمرشل انسٽيٽيوٽ جي پرنسپال حميد شهيد ميمڻ جو ڪليگ هو. هڪ ڪامن سڃاڻو نڪرڻ ڪري نه فقط هنن کي پر مونکي به تعجب لڳو ته هيءَ دنيا ڪيتري ننڍڙي آهي.

ڊنر ۽ سپر

دنيا جي هنن اتراهن ملڪن (ناروي، ڊئنمارڪ، فنلئنڊ وغيره) ۾ سياري ۾ ڏينهن بيحد ننڍو ٿئي ۽ اونهاري ۾ تمام وڏو. سياري ۾ شام نه برابر ٿئي ٿي. اهائي منجهند اهائي شام سمجهڻ کپي. سياري ۾ نائين ڏهين بجي ڌاري سج اڀري ٻي اڍائي بجي ڌاري لهيو وڃي. پوءِ رڳو اونداهه ۽ اونداه. سياري جا اهي ننڍڙا ڏينهن به نه برابر روشن ٿين. چار پنج ڪلاڪ جيڪو ڏينهن هوندو آهي اهو به ڪارن گهاٽن ڪڪرن هجڻ ڪري اونداهو هوندو آهي.
سو هنن ملڪن ۾ اها خبر نه پوندي آهي ته ڪنهن وقت منجهند شروع ٿي ۽ شام ٿي وئي. گهڻو تڻو صبح ۽ رات جو حساب هلندو آهي. پنج وقت نمازي هنن ڏينهن ۾ خوش هوندا آهن جو هڪ ئي وضوءَ ۾ ڪلاڪ ڏيڍ جي فرق سان اڳين، وچين، سانجهي ۽ سمهڻي نمازون ٿي وينديون آهن. ۽ آفيس دوران ئي اهي سڀ نمازون ٿي وينديون آهن- بلڪه فجر جي به. ڇو جو آفيس ٽائيم اٺين کان شام جو پنجين تائين آهي ۽ سج آفيس ۾ پهچڻ بعد ڏهين بجي اڀريٿو. مغرب نماز ٻي اڍائي بجي ۽ سمهڻي چيئن پنجين ڌاري پڙهي گهر موٽبو آهي.
سئيڊن جي اڃان به اتراهن شهرن ڪرونا، ڪاريسائنڊو ڏي ۽ ناروي جي ٽرنڍام کان مٿي ڏي سج اڃان به دير سان اڀري ۽ جهٽ لهي. آفيس مان موٽڻ مهل ائين لڳندو آهي ڄڻ آڌي رات ٿي وئي هجي. پر هنن ملڪن ۾ هر شيءِ سج جي اڀرڻ لهڻ تي نه پر گهڙيال جي سوئين تي هلي ٿي. سو ان آڌي رات هوندي به گهر موٽي پوءِ مارڪيٽ وڃجي ٿو ته به چهل پهل آهي، ڇاڪاڻ جو دڪان ته ستين بجي بند ٿين ٿا.
اونهاري ۾ وري حساب ڪتاب ابتو رهي ٿو. ڏينهن ايڏا ڊگها ٿين جو سج آسمان مان لهڻ جو نالو نه وٺندو آهي. پاڪستان ۾ اونهاري ۾ سج جلد جلد ته به ساڍي پنجين ڇهين بجي اڀري ٿو. پر هتي ان کان به ٽي ڪلاڪ کن اڳ – يعني ٻي اڍائي ڌاري اڀريو وڃي. ۽ پاڪستان ۾ ستين، ساڍي ستين بجي سج لهي ٿو ۽ هتي لهڻ ۾ به دير ڪري ۽ ٽي چار ڪلاڪ وڌيڪ آسمان ۾ رهي پوءِ يارهين بجي ڌاري لهي ٿو. ان بعد رات جي اونداهيءَ جا باقي ڪلاڪ ئي ڪيترا ٿين ٿا! پر اهو آهي ته اونهاري ۾ ڏينهن وڏو ٿيڻ يا روشنيءَ ڪري دڪان کليل نٿا رهن. دڪان اهي ئي مقرر وقت تي- يعني ستين بجي بند ٿيو وڃن ۽ ان بعد رستا مارڪيٽون جهٽ سنسان ٿيو وڃن چاهي چوڌاري اس لڳي پئي هجي. هرڪو گهر ڀيڙو وڃيو ٿئي. رات جي ماني ٽڪيءَ جو ڪم لاهي، درين تي ٿلها پڙدا ڏئي هرڪو سمهڻ جي ڪري ٿو، جيئن مقرر ڪلاڪ ننڊ ڪري سگهي ۽ ٻئي ڏينهن آفيس/ اسڪول ۾ تازو ٿي وڃي. وڏڙن جو قول مطابق هنن شهرن ۾ ڪو سج لهڻ تي سمهي ۽ اڀرڻ کان اڳ اٿي ته اونهاري ۾ ننڊ جا ٻه ڪلاڪ به نصيب نه ٿينس.
ڪينيا جو عبدالله آدم ههڙن هنڌن تي اونهاري ۾ ستين بجي ئي ڊنر کائي سمهي رهندو آهي ۽ پوءِ چئن ڪلاڪن بعد- يعني يارهين بجي، سج جي لهڻ وقت اٿي سانجهي (مغرب) جي نماز پڙهندو آهي.
باوجود عادت ۽ ڪوشش ڪرڻ جي، چوڌاري سج ۽ اس هجڻ ڪري اونهاري ۾ هرڪو نفسياتي طرح سمهڻ ۾ دير ڪري ٿو ۽ هفتي جا ڪيترا ڏينهن رات جو يارهن ٻارهن ٿيو وڃن.
اسين به هتي هيلسنڪي (فنلئنڊ) ۾ ڪافي دير تائين جاڳون ٿا. ڪاسٽاريڪا (وچ آمريڪا) جو هڪ انجنيئر (مسٽر هورهي) ۽ ٽباگو ٻيٽ (ويسٽ انڊيز) جو مسٽر هئڪيٽ ته سج لهڻ مهل پارڪ ۾ واڪ لاءِ وڃن ٿا- يعني روشني ضرور ٿي پر وقت جي حساب سان ته آڌي رات ٿي.
رات جي ماني جنهن کي انگريز ڊنر Dinner سڏين ٿا ڇهين ستين بجي ڌاري کائي ڇڏيندا آهيون. پر پوءِ روشنيءَ ڪري گهڻي دير جاڳڻ ۽ هيڏانهن هوڏانهن هلڻ ڪري ڏهين يارهين ڌاري وري بک لڳندي آهي ۽ پوءِ ٿائلنڊ جو مسٽر سوتي چائي بيضي يا پنير ونگيءَ جون سئنڊوچون ٺاهي ڏيندو آهي. يمن جي مسٽر مبارڪ چيو ته حق تي انگريزن ڊنر کان پوءِ هڪ ٻيو ويلو ايجاد ڪيو آهي جنهن کي Supper سپر سڏين ٿا.

زاهده شيخ ۽ مريم پليجو جو “فنش” زبان ۾ انٽرويو

ڪالهه پنهنجي ڪمري ۾ ويٺو هوس ته شام جو اٺين بجي ڌاري ٿائلنڊ واري همراهه سوتي چائيءَ جون فون آيو ۽ ان سان گڏ دري کولي سڏڻ لڳو. هيلسنڪي (فنلئنڊ) جي هن هوٽل ۾ منهنجو ڪمرو چوٿين ماڙ تي آه ۽ منهنجي ڪمري جي بلڪل هيٺيان ٽي ماڙ تي سوتي چائيءَ کي ڪمرو مليو آهي.
“ٽي ويءَ تي پاڪستان جو ڪو پروگرام اچي رهيو آهي. جلدي ڪري ڏس متان ختم نه ٿي وڃي.” هن چيو.
پنهنجن ملڪن کان پري هنن ڏورانهن ملڪن ۾ جڏهن دوستن جي ملڪن جي ڪا خبر اخبار يا ٽي ويءَ تي ايندي آهي ته يڪدم ان کي اطلاع ڪندا آهيون.
مون جلدي ٽي وي کي آن ڪري چئنل بدلايو پر جڏهن جلد هٿ نه آيو ته سوتي چائيءَ کان چئنل نمبر جو پڇيم.
“نمبر جي ته مونکي به خبر ناهي، ڪو لوڪل چئنل آهي. منهنجي ڪمري ۾ ئي اچي ڏس.” هن چيو.
ڊوڙ پائي سندس ڪمري ۾ ويس. پروگرام شروع ٿئي ڪجهه دير ٿي وئي هئي. پاڪستاني عورتن تي ڪجهه پروگرام هو ... شايد عورت جي ڏکن دردن بابت-خاص ڪري سنڌ جي عورتن بابت هو. ڪجهه مذهب بابت هو ته هي جيڪو ملڪ جا ملان مذهب جي نالي ۾ سخت پڙدي لاءِ چون ٿا ان بابت عورتن جو ڇا خيال آهي. چڱي طرح نٿو چئي سگهجي ته اهو ڪهڙي موضوع تي پروگرام هو جو اهو هن ملڪ (فنلئنڊ) جي فنش زبان ۾ “ڊب” ٿيل هو. انٽرويو وٺڻ وارا به هتي جا هئا ۽ پنهنجي زبان ۾ ڳالهائي رهيا هئا. بس رڳو شروع جا ڪجهه لفظ يا جملو اڌ سنڌي اڙدو زبان ۾ اچي ويو ٿي.
ان پروگرام ۾ محترما بينظير کي به ڏيکاريائون. ان کان علاوه جرنلسٽ نفيسا هودڀائي، حنا جيلاني، زاهده شيخ ۽ مريم پليجو جا پڻ ڪافي ڊگها انٽرويو هئا. ٻه سال هتي رهڻ بعد به اسان کي هتي جي زبان جو ڪو جملو سمجهه ۾ نٿو اچي-ڳالهائڻ ته ٿيو پري جي ڳالهه. پر هيءَ سنڌ جي ڪنهن ڳوٺ قمبر، جنگشاهيءَ جي زاهده ۽ مريم، لڳو ٿي ته نه فقط هتي جي زبان “فنش” سمجهي رهيون هيون، پر جواب به پاڻ ئي ڏئي رهيو هيون. کين سنڌيءَ ۾ تقريرون ڪندي مون پهرين ضرور ٻڌو هو پر هينئر تڪڙو تڪڙو فنلئنڊ جي زبان ڳالهائيندي حيرت ٿي.
هونئن هن پاسي جي ڪجهه چئنلن، جهڙوڪ، BBC، ڊسڪوري، ايم بي سي، فرينچ ٽي وي تان اسان جي ملڪن ۽ انهن جي مسئلن بابت ڪافي پروگرام اچن ٿا. جن مان ڪيترائي انگريزيءَ ۾ هوندا آهن ته ٻيا هن پاسي جي ملڪن جي مڪاني ٻولين ۾ ڊب ٿيل هوندا آهن. گهڻو مشهور ٿيل پروگرام ورائي ورائي به ڏيندا آهن. اهڙن پروگرامن مان هڪ سنڌ بابت BBC جو پروگرام “قرآن سان شادي” هن سال وري ڏيکاريو ويو جيڪو سڄي يورپ ۾ ٽيليڪاسٽ ٿيو ۽ ٿي سگهي ٿو جن وٽ طاقتور ائنٽينائون هجن انهن پاڪستان ۾ به ڏٺو هجي.

قرآن سان شادي

BBC انگلنڊ وارن طرفان ٽي ويءَ تان نشر ڪيل Women of the Quran نالي پروگرام نه فقط بي بي سي جي ٽي وي چئنل تان پر يورپ جي ٻين ملڪن جي ٽي وي اسٽيشنن تان پڻ ڪيترائي دفعا براڊ ڪاسٽ ٿي چڪو آهي. هي پروگرام سنڌ جي هڪ رسم “قرآن سان شادي” بابت آهي.
Women of the Quranڊاڪيومينٽري فلم ۾ انهن عورتن جا انٽرويو ڏنا ويا آهن جن جي شادي سندن مائٽن قرآن سان ڪرائي، نياڻين جي شاديءَ جو فرض جيڪو والدين تي آهي اهو هنن کان بخشرايو آهي، جنهن کي “حق بخشرائڻ” جي رسم سڏيو وڃي ٿو. عورتن جا انٽرويو ڏيندي وقت انهن جا اڌ منهن ڍڪيل هئا جيئن سندن سڃاڻپ نه ٿي سگهي. آخري حصي ۾ هڪ اهڙي به عورت ڏيکاري وئي جنهن مائٽن جي ان فيصلي خلاف بغاوت ڪري پنهنجي سئوٽ سان ڀڄي وڃي شادي ڪئي ۽ ڏيکاريو اٿن ته غربت هوندي به هوءَ پنهنجي مڙس وٽ خوش آهي.
ان قسم جي شاديءَ جي حقيقت جا سبب معلوم ڪرڻ لاءِ BBC جا نمائندا ڪيترن ئي ماڻهن، وڏيرن، سياستدانن، اديبن، مولوين ۽ اخبار نويسن سان مليا آهن.
پروگرام جي شروعات هڪ اهڙي عورت جي انٽرويو سان ڪئي اٿن جنهن جي شادي قرآن سان ٿي چڪي آهي ۽ هاڻ هوءَ گهر ۾ “بيبي صاحبه” ٿيو ٻارن کي قرآن پڙهائي رهي آهي. رکي رکي ڪا ڳوٺاڻي عورت تعويذ لکائڻ يا ڌاڳو وٽائڻ لاءِ اچي ٿي.
“منهنجي هن شاديءَ تي” هن سنڌيءَ ۾ ٻڌايو جنهن جو ٽي ويءَ جي اسڪرين تي انگريزيءَ ۾ ترجمو ايندو رهيو ... “مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ پنهنجي پيءُ لاءِ نفرت ٿي. ان وقت مون سوچيو ته ان کان ته آئون ان دور ۾ پيدا ٿيان ها جنهن ۾ عرب پنهنجيون ڌيئرون جيئري دفن ڪندا هئا ته اهو وڌيڪ بهتر هو.”
ايترو ٻڌائڻ بعد وري ٻي سنڌي عورت کي ڏيکاريائون. “منهنجي عمر پندرهن سال هئي ته منهنجي قرآن سان شادي ڪئي وئي.” هن سنڌيءَ ۾ ٻڌايو. “هن وقت منهنجي عمر اوڻيهه سال آهي. مون کي ياد آهي ته شاديءَ جي وقت اسانجي گهر تمام گهڻا مهمان آيا هئا. منهنجي هن قسم جي شاديءَ جو فيصلو گهر جي وڏن ڪيو هو. پوءِ منهنجي شادي قرآن سان سرانجام ڏيڻ جي رسم ادا ڪئي وئي. مونکي سٺا سٺا زيور ۽ ڪپڙا پهرائي ڪنوار وانگر سجايو ويو هو. پوءِ سڀني جي موجودگيءَ ۾ قرآن منهنجي اڳيان رکيو ويو. مون صفحو اڌ پڙهيو ان بعد دعا گهري وئي. اهڙي طرح منهنجي قرآن سان شادي ٿي وئي.”

اهڙي شاديءَ جا سبب

ان بعد BBC جي نمائندي ٽي وي ڏسندڙن کي انگريزيءَ ۾ ٻڌايو ته هنن عورتن کي نه مغرب واري آزادي آهي ۽ نه اسلام موجب آزادي آهي جنهن ۾ عورت جي شادي والدين تي فرض ڪئي وئي آهي. خاندان جي کوکلي شان ۽ وڏ ماڻهپي برقرار رکڻ لاءِ، ملڪيت جي ورهاڱي کي روڪڻ لاءِ هي نياڻيون سڄي عمر گهر اندر قيدي بڻجيو وڃن.
مٿيان جملا چوڻ وقت بي بي سي جي نمائندي جو فقط آواز هو. اسڪرين تي سنڌ جا مختلف ڳوٺ ۽ درگاهون ڏيکاريندا رهيا. (ڇا اهي خاص ڳوٺ ۽ درگاهون ڏيکارڻ سان BBC وارا ڏسندڙن جي ذهن ۾ اها ڳالهه وجهڻ ٿا چاهين ته “قرآن سان شادي” انهن ڳوٺن ۾ عام آهي؟- مون طرفان سوال). ان بعد سنڌي راڳ:
“امان! او مونکي ڪاري ڪري ماريندا.” هلي ٿو. اسڪرين تي انگريزيءَ ۾ ترجمو به ڏين ٿا جنهن جون ڪجهه سٽون هن ريت هيون:
Mother! I haven’t even
Touched my bridal dress
But they are coming to kill me
Mother, these People with Black
Souls will kill me.
As though I am a Sinner
They are coming to kill me….)
ان بعد سنڌ جا (خاص ڪري ڏکڻ سنڌ جا) هڪ ٻه شهر ڏيکاري انهن جا نالا وٺي ڪمينٽيٽر ٻڌائي ٿو ته مٿين قسم جون شاديون انهن شهرن جي پسگردائيءَ ۾ به عام آهن.ان بعد نورالهديٰ شاهه کان ورتل انٽرويو جو هڪ ٽڪرو ڏيکارين ٿا جنهن ۾ پاڻ ٻڌائي رهي آهي ته:
“قرآن سان شاديءَ جي ڪابه مذهبي حيثيت ناهي. هي منهنجو ذاتي خيال آهي ته هن جو هندو ڪلچر سان تعلق آهي. سنڌ ۾ جڏهن اسلام آيو ته اهو هندو جيڪو مسلمان ٿيو يا اهو ٻاهريون مسلمان جيڪو سنڌ ۾ آيو تنهن پنهنجو پاڻ کي اتم مڃائڻ لاءِ هن رسم کي جنم ڏنو.”
ان بعد وري نفيسه هود ٻائي جو انٽرويو جو هڪ حصو ڏنو ويو. نفيسه هودٻائي جو ڊان اخبار سان واسطو آهي. هن ٻڌايو: “حق بخشڻ يا قرآن سان شادي جو سبب خاندان جي ملڪيت خاندان ۾ رهڻ آهي. هڪ ٻيو سبب اهو آهي ته جيئن ته اسلام ۾ نياڻين جي شادي والدين تي فرض ڪئي وئي آهي، پر سست ۽ غير جوابدار والدين ان فرض تان پاڻ کي بري رکڻ لاءِ هن رسم جو سهارو وٺن ٿا جيئن جيڪڏهن ڪو هنن تي آڱر کڻي ته هو چئي سگهن ته هنن جي ڌيءُ حق بخشيو آهي. قرآن سان شادي ڪئي آهي ۽ هو ڳوٺ ۾ ڪنڌ مٿاهون کڻي هلي سگهن ته هن تي جيڪا ڌيءَ جي جوابداري هئي، ان کان هو هاڻ آجا ٿيا. 

منهنجيون پڦيون پاڳل ٿي ويون

ان بعد نيلوفر احمد جو انٽرويو ڏنو ويو، آئون کيس نه سڃاڻي سگهيس پر سندس نالي هيٺان Daughters of Islam ڏنل هو. لڳي ٿو ته هن ان عنوان تي (اسلام جون نياڻيون) ڪو ڪتاب يا مضمون لکيو آهي. هن ان قسم جي شادي جو سبب جائداد جي ورهاڱي کان بچائڻ ٻڌايو. ان بعد وري پهرين عورت کي ڏيکاريو ويو، جنهن جي قرآن سان شادي ٿي آهي. هن پنهنجي ڪهاڻي هن ريت بيان ڪئي:
“منهنجي شادي منهنجي چاچي جي پٽ سان ٿيڻي هئي. ننڍپڻ ۾ اها ڳالهه هئي پر منهنجي پيءُ ۽ چاچي جو پاڻ ۾ ملڪيت تان جهڳڙو ٿي پيو، ان ڪري ان شاديءَ کي ختم ڪيو ويو. منهنجي ماءُ منهنجي شاديءَ لاءِ هڪ ٻيو رشتو ڳولهي، منهنجي پيءُ کي ڏاڍو سمجهايو ته گهوٽيتن طرفان اهو چون ٿا ته هنن کي اسان جي جائداد يا ملڪيت مان ڪا طمع ناهي، فقط نياڻي جي ٻانهن ڏيو، پر منهنجي پيءُ چيو ته ان ۾ منهنجي بي عزتي آهي، ماڻهو چوندا ته هيڏو وڏو زميندار آهي پر اولاد کي ڪجهه به نه ڏنائين.”
ان بعد ڏيکارين ٿا ته اها عورت هاڻ تعويذ لکي ڳوٺ جي عورتن کي ڏئي رهي آهي ۽ ڳوٺ جون عورتون هن کي، هن جي قرآن سان شادي ٿيڻ ڪري اتم روحاني انسان سمجهن ٿيون. پس منظر ۾ بي بي سي جو ڪمينٽيٽر ٻڌائي رهيو آهي ته هن ويچاري عورت جي شادي لاءِ ماءُ گهڻي ئي ڪوشش ڪئي پر پيءُ اڳيان بيوس هئي.پيءُ ڪنهن ٻئي جي ڳالهه ٻڌڻ نٿي چاهي. ان قسم جي مردن کي جيئن وڻي تيئن پاڻ عياشي ڪن ٿا، هو پنهنجي لاءِ هڪڙا قانون ٺاهين ٿا ۽ پنهنجين نياڻين لاءِ ٻيا قانون ۽ اهي ٻئي قانون غير اخلاقي ۽ غير اسلامي آهن.
ان بعد قرآن سان شادي ڪيل اها ساڳي پهرين ئي عورت ٻڌائي ٿي:
“اسان وٽ پنهنجي پيءُ سان اکيون ملائي ڳالهائڻ کي وڏي گستاخي سمجهيو وڃي ٿو. سو اسين شاديءَ بابت ڪيئن زبان چوريون پر آئون ايترو ضرور چونديس ته اسان جي پيءُ جائداد، ملڪيت بچائڻ لاءِ اسان جي جذبن جو خون ڪيو آهي.”
ان بعد قرآن جي شادي جي هڪ ٻئي پهلو بابت نفيسه هودٻائي اظهار ڪري ٿي:
“قرآن سان شادي بعد عورت سڄي عمر ڪنواري رهي ٿي، هن لاءِ سڱ اچڻ بند ٿيو وڃن ۽ ان کي مرد جي ويجهو وڃڻو ناهي. معنيٰ هوءَ باعصمت (Virgin) رهي ٿي ۽ سنڌ ۾ ڪنواري عورت (نياڻي) ستن قرآنن برابر سمجهي وڃي ٿي. ٻين لفظن ۾ هوءَ عورت پاڪ پوتر ۽ اتم سمجهي وڃي ٿي ۽ اها ڳالهه هن کي سوسائٽيءَ ۾ اعليٰ درجو (Status) ڏئي ٿي. ايتريقدر جو هوءَ پير برابر سمجهي وڃي ٿي. سنڌ ۾ مذهبي رهنما کي پير سڏجي ٿو. ۽ اهڙي ريت هن عورت جون ڪيتريون ئي پوئلڳ ۽ مريدياڻيون ٿيو وڃن. هو اگهائي سگهائي، شادي غمي، واپار نوڪري ۽ دل جي هر مراد لاءِ هن وٽ فالون ڪڍائڻ ۽ دعا ڌاڳا گهرڻ لاءِ اچن ٿيون.”
نفيسه هو دٻائِيءَ جي مٿين احوال بعد هنن وري ساڳي قرآن سان شادي ٿيل عورت کي سندس گهر ۾ ڏيکاريو آهي، جيڪا هڪ ڳوٺاڻي عورت جي بيمار ٿيڻ تي ڦيڻا پڙهي رهي آهي. ان بعد سندس شروع ۾ ڏنل انٽرويو جو باقي حصو ٻڌائين ٿا ته هوءَ چئي رهي آهي: “مون وانگر منهنجين پڦين جي شادي به سندن مرضيءَ خلاف قرآن سان ڪئي وئي. هو ويچاريون ان صدمي ۾ سوچي سوچي پاڳل ٿي ويون.”

سنڌياڻي تحريڪ

۽ پوءِ نفيسه هود ٻائي ٻڌائي ٿي ته هن قسم جون نياڻيون اڳتي هلي پاڻ کي ويتر اڪيلو سمجهن ٿيون. ڀائر شاديون ڪريو زالن سان وڃِيو سکيا ٿين ۽ پنهنجو گهر وسائين ۽ هي انهن جي ٻارن جي ٽهل ٽڪور ڪن. ۽ پوڙهن ماءُ پيءُ جي خدمتن ۾ بس ٿيو وڃن. ويتر جي پيءُ جو به کين پيار ناهي (يا هن جي گذاري وڃڻ تي) هو اڪيلو محسوس ڪن ٿيون ۽ پوءِ اڪيلو اڪيلو چرين وانگر گهر جي ڪوٽن ۾ موڳيون ۽ Hysterical ٿيو پون. پر سادا ماڻهو ان کي به ابتو رنگ ڏئي چوندا آهن ته هوءَ هاڻ پهتل ٻانهي ٿي وئي آهي. غيب جون ڳالهيون ٿي ڪري. يا چوندا “جن”‏ پيو اٿس.
ان بعد قرآن سان شاديءَ بابت سنڌ جي ڪجهه اهم شخصيتن (ڪراچي جي مولانا نوراني ۽ پروفيسر شاهه فريد الحق سميت) پڇيو ويو ته آيا اها حقيقت آهي يا غلط بياني. ڪن اڻ ڄاڻائي ڏيکاري. ڪن ٻڌايو ته هنن ٻڌو آهي ته ان قسم جون شاديون يا زوريءَ حق بخشرايا وڃن ٿا پر سندن علم ۾ ڪا اهڙي فيملي ناهي. هڪ ٻڌايو ته ان قسم جون شاديون ڪن ماڻهن ۾ عام آهن.
ان بعد جنگ اخبار جي ڪالم نويس زاهده حنا ڏيکاري وئي جنهن ٻڌايو ته سنڌ مان ان ظالم رسم جي خلاف سال ۾ ويهه پنجويهه خط اچن ٿا جن مان پاڻ هڪ اڌ پڙهي ٻڌائين.
“سنڌ ۾ عورتن جي تعليم گهٽ آهي. ان ڪري اڃان ايترا خط نٿا اچن ۽ نه وري عورت کي ايڏي آزادي آهي ته هوءَ ٻاهر وڃي خط پوسٽ ڪري.”
انهيءَ گفتگو کان اڳ ۽ پوءِ وچ وچ ۾ جنگل ڊرامي جا ڪجهه سين انگريزي ترجمي سان ڏيکاريا ويا جيڪي ان شاديءَ جي عڪاسي ڪن ٿا.
ان بعد بي بي سي جي ڪمينٽيٽر سنڌ جي عورتن جي تحريڪ سنڌياڻي بابت ٻڌايو ته اها تحريڪ تمام مشهور آهي ۽ ڪيترين غريب عورتن لاءِ پاڻ پتوڙي رهي آهي. “هن تحريڪ جي ميمبر شپ جو تعداد پنجاهه هزار ميمبرن کان به مٿي آهي. اهي هن قسم جي شادي واري مسئلي کي Condemn ڪن ٿيون ۽ هڪ ڳوٺ کان ٻئي ڳوٺ تائين عورت کي ان ظلم کان نجات ڏيارڻ ۾ مدد ڪن ٿيون.”
ان دوران پس منظر ۾ ڪجهه سنڌي ڳوٺاڻيون ڇوڪريون سنڌي راڳ “او ساٿي باک ڦٽي ٿي ..” ڳائيندو ڏيکارين ٿا ۽ آخر ۾ مريم پليجو جو پڻ مختصر انٽرويو ڏنو ويو. مريم جنهن جو تعلق سنڌياڻي تحريڪ سان آهي ان مسئلي ۽ ان جي حل تي ڪجهه روشني وجهي ٿي.

ڇا مسلمان اهڙا خطرناڪ آهن

يورپ پاسي جي ٽي وي يا اخبار رسالي تي غور ڪبو ته ان ۾ هڪ ڳجهو پهلو پڻ نظر ايندو. اهو آهي ايشيا ۽ آفريڪا جي ماڻهن کي هيٺاهون ۽ نيچ ڏيکارڻ. انهن ۾ به وري مسلمانن کي سڀ کان وڌيڪ ڏيکاريو وڃي ٿو. ٽي وي پروگرام توڙي اخباري مضمونن ذريعي هن پاسي (يورپ) جي رهاڪن کي اهو محسوس ڪرايو ويندو آهي ته يورپ جي مقابلي ۾ آفريڪا ۽ ايشيا جا ماڻهو اڻسڌريل آهن ۽ مسلمان ته هيڪاندا جاهل، ظالم ۽ ڦڏا ڪندڙ آهن يعني اسلام چڱايون نه پر برائيون سيکاري ٿو.
ان پروپئگنڊا ٺاهڻ ۽ پکيڙڻ ۾ هي يورپي تمام ماهر ۽ موقعي پرست آهن. مثال طور ٽي وي تان سنڌ ۾ ٿيندڙ “قرآن سان شادي” بابت ڏيکاريل فلم ۾ اهو تاثر ڏنو ويو آهي ته مسلمان چريا ۽ جاهل آهن. جيتوڻيڪ ڏٺو وڃي ته اها خامي يا مسئلو ڪو گهڻائيءَ جو ناهي. ايشيا کنڊ جي هڪ ملڪ پاڪستان جي هڪ ننڍڙي صوبي سنڌ جي چند شهر جي ڪجهه رهاڪن جو آهي.هاڻ اهو مسئلو، ان جي خرابي يا ان جو غير اسلامي هجڻ پنهنجي جا ءِ تي ضرور صحيح آهي، پر اهو ڪو اهڙو مسئلو به ناهي جنهن کي يورپ ۾ هر هر صبح شام ڏيکاريو وڃي. جڏهن ته ان کان وڏا وڏا مسئلا يورپ جي شهر شهر ۾ نظر ايندا. ٻيو ته ٺهيو فقط سڏ پنڌ تي بوزنيا ۾ دنيا جا مهذب يورپي ڏيڍ ٻن سالن کان انسان ذات تي اهي اهي ظلم ڪري رهيا آهن، جو هٽلرکي به شرم ۽ رحم اچي وڃي. پر ويندي پاڙي جا ملڪ ڪن لاٽار ڪري پيا هلن ۽ اهڙن وڏن مسئلن کي ظاهر ڪرڻ بدران دنيا کي اهو ٻڌايو پيو وڃي ته “ڏسو ڏسو ظلم ٿي رهيو آهي. سنڌ جي فلاڻي ڳوٺ جو فلاڻو پنهنجي ڌيءَ جي شادي قرآن سان ڪرائي رهيو آهي. مسلمان ڪيترو جاهل آهن.” وغيره.۽ اهڙي قسم جا پروگرام هڪ دفعو نه پر هر هر ڏيکاريا وڃن ٿا. ان ۾ بي بي سي وارا ته هيڪاندا ماهر آهن.
“قرآن سان شادي” وارو ٽي وي پروگرام، بي بي سي وارن گذريل ڏهه مهينن ۾ چار دفعا ڏيکاريو آهي. گذريل دفعي ته صبح جو ڏيکاري وري منجهند جو ڏيکاريائون. جيئن جن کان رهجي ويو هجي اهي پڻ ڏسي وٺن. ان فلم بعد ويندي اسان جي يونيورسٽيءَ جا غير مسلمان عربن، ايرانين، ملئي، انڊونيشي ۽ اسان پاڪستانين کان پڇندا رهيا ته ڇا اسلام ۾ ائين به آهي ڇا؟ هاڻ ٻين کي ته ڇا خبر پر پاڪستانين کي به اهو پهريون دفعو معلوم ٿيو ته سنڌ ۾ ائين ٿيندو آهي. اسان جو ڪلاس ميٽ چيف انجنيئر حميدقاضي سنڌ جو آهي پر ان کي به اها ڄاڻ نه هئي. افسانن ڪهاڻين ۾ يا شايد ڪنهن واتان مون ضرور ٻڌو آهي پر بقول ممتاز ڀٽي جي اها ڄاڻ نه آهي ته اها رسم ڪهڙين فئملين ۾ اڃان قائم آهي. سو ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اها ڪا رسم عام يا هر مسلمان خاندان ۾ نه آهي، جيتوڻيڪ پنهنجي جاءِ تي ان جو وجود ضرور آهي.
پاڪستان ٽي وي تان ڏيکاريل “جهنگل” ڊرامي يا بي بي سي وارن سنڌ ۾ وڃي قرآن سان شادي ٿيل عورتن جا انٽرويو ورتا آهن ته ان ۾ حقيقت ضرور هوندي ۽ هر هڪ کي اهڙين عورتن سان همدردي هئڻ کپي ۽ ساڳي وقت جيڪو به مسلمان ائين ڪري ٿو اهو غلط ڪري ٿو، جنهن لاءِ اسلام هرگز نٿو چوي، ۽ ان لاءِ اسلام يا سنڌين يا پاڪستانين کي جوابدار نٿو ٺاهي سگهجي، ۽ اهو پنهنجي جاءِ تي مسئلو ضرور آهي پر اهو ڪو اهڙو مسئلو به ناهي جنهن لاءِ بي بي سي وارا هتان انگلينڊ يورپ کان پڳ ٻڌي پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ڪن ٻهراڙين مان فلمون ڀري آيا آهن ۽ گذريل سال کان سڄي يورپ کي ڏيکاري رهيا آهن ته ڏسو ڏسو مسلمانن يا سنڌين پاڪستانين جا هي حال آهن! جڏهن ته ڏٺو وڃي ته ان کان ڪئين وڏا ۽ ڳنڀير مسئلا هن يورپي ۽ مغربي سوسائٽي ۾ موجود آهن. پر هتي جي ٽي وي، خاص ڪري سوويت روس جي ٽٽڻ بعد، اڄڪلهه سڄو زور ان ثابت ڪرڻ ۾ لڳائي رهي آهي ته مسلمان خطرناڪ آهن انهن کان ڀڄي پاسو ڪجي. اهو ئي سبب آهي جو مغربي ٽي ويءَ تان ڪنهن عرب، مولوي يا مسجد کي اهڙي نموني ڏيکاريو وڃي ٿو جو کل ۽ ٺٺولي لڳي.

ڀنڀٽ پاڻهي ٻريو وڃي

ڪجهه ڏينهن اڳ انڊيا جي مذهبن ۽ ريتن رسمن بابت سئيڊن جي ٽي ويءَ تان ٻن ٽن ڪلاڪن جي فلم ڏيکاري وئي. اها فلم انگلينڊ يا فرانس وارن ٺاهي آهي. ان کي سئيڊش عنوانن سان هتي ڏيکاري وئي. ان ۾ هندو، عيسائين ۽ سکن جي شادين مرادين جون رسمون توڙي عبادتن جا هنڌ صاف سٿري نموني جا ڏيکاريا ويا آهن. انهن جون شاديون پڻ وڏي گهراڻن جون ۽ هوٽل ۾ سهڻي نموني سان اوچن ويس وڳن ۾ ڏيکاريون ويون آهن، پر مسلمانن جي شاديءَ جي رسم هڪ غريب پٺاڻ جي گهر ۾ اهڙي نموني ڏيکاري وئي آهي جو دلچسپ گهٽ پر ٺٺولي آموز گهڻي لڳي ٿي. ساڳي طرح مسلمانن کي مسجد ۾ عبادت ڪندو ڏيکارڻ بدران کين هڪ درگاهه ۾ دفن ٿيل ڪنهن بزرگ جي قبر مٿان روئندو پٽيندو ۽ دعائون گهرندو ڏيکاريو ويو آهي. جنهن کي ڏسي عرب دنيا جي مسلمانن کي ئي نفرت ۽ چڙ وٺي وئيهوندي ته هيءَ الله جي عبادت ته نه پر شرڪ جهڙو ڪم ڏيکاريو پيو وڃي. ان بعد درگاهه جي در وٽ لَنگر جي ڀَتَ تان مسلمانن کي وڙهندو ڏيکاريو ويو آهي. جنهن ۾ به نمازي گهٽ هئا پر درگاهه ٻاهر ويٺل چرسي موالي ۽ اڌ اگهاڙا باگڙي فقير ۽ مايون گهڻيون آهن.
اهڙي نموني جي فلم ڏيکارڻ سان فلم ٺاهڻ ۽ فلم هلائڻ وارا پنهنجي مقصد ۾ ضرور ڪامياب ويا هوندا ڇاڪاڻ جو اهڙي فلم ڏسڻ بعد ڏسڻ وارن کي هندستان ۾ رهندڙ مسلمانن بابت خاص طرح ۽ دنيا جي ٻين مسلمانن بابت عام طرح جيڪو دماغ ۾ اثر ويٺو هوندو ان بابت هرڪو سمجهي سگهي ٿو.
هڪ ٻي ڊاڪيومينٽري فلم جيڪا بي بي سي وارن ڀري آهي ۽ بي بي سي سان گڏو گڏ يورپ جون ٻيون اسٽيشنون پڻ ڏيکاري رهيون آهن اها آهي عرب رياستن ۾ اٺن جي ڊوڙ بابت. جنهن ۾ پاڪستان، بنگلاديش ۽ انڊيا مان آندل ننڍن ٻارن کي استعمال ڪيو وڃي ٿو. شاهوڪار عرب ٻارن جي مائٽن کي اهو چئي سندن ٻار وٺيو اچن ته هو کين گهر جي ڪم ڪار لاءِ وٺي وڃن ٿا ۽ پوءِ کين اٺن تي ٻڌي ويهاريو وڃي ٿو ۽ سندن لڪڻ هڻڻ يا ڊپ کان رڙيون ڪرڻ تي اٺ تکو ڊوڙي ٿو. ڪجهه اهڙا به واقعا ٿيا آهن جن ۾ ٻار زخمي ٿي پيا آهن ۽ مري به ويا آهن.
بهرحال اهو پڻ پنهنجي جاءِ تي هڪ اهڙو مسئلو آهي جنهن تي نه فقط پاڪستان پر انڊيا ۽ بنگلاديش جي حڪومت پڻ سختي ڪري رهي آهي ته ننڍا ٻار عرب رياستن ۾ پورهئي لاءِ نه وڃن پر جنهن نموني سان هي پروگرام بار بار ڏيکاريو پيو وڃي ان ۾ به حبِ حسين کان وڌيڪ بغض معاويه وارو عنصر سمايل آهي، يعني ان ۾ نه اسان جي ملڪن سان همدرديءَ جو پهلو آهي ۽ نه ٻارن تي ڪهل جو، پر ڪنهن طرح عربن کي ذليل ڪيو وڃي ۽ ساڳي وقت ٻين مسلمان ملڪن کي عربن سان دوستي ڪرڻ بدران نفرت ڏياري وڃي.
اٺن جي ڊوڙ فلم ۾ هڪ هنڌ ڊوڙ جي پڄاڻيءَ مهل عرب خوشيءَ مان اٿي بيهي تاڙيون وڄائين ٿا ته سندن اٺ سٺا ڊوڙي رهيا آهن، پر ان سين کي ڏيکارڻ کان اڳ پنجاب جي هڪ ڳوٺ جي فيمليءَ کي ڏيکاريو ويو، جيڪا پنهنجي ٻار سان ٿيل ظلم جو احوال ٻڌائي رهي آهي ته پنجاهه هزار رپيا کين ڏئي سندن ٻار کي وٺي ويا. “اتي اسان جي ٻچي کي هر مهيني ڏهه هزار رپيا کن پگهار ڏين ٿا جيڪو هو اسان کي باقاعدي موڪليندو رهي ٿو پر ماني پوري ساري کارائنس ٿا، عرب پنهنجن اٺن کي ته اوچا کاڌا ۽ ڏريا، مال پڙا ڏريا ڏين ٿا پر اسان جي ٻارن جو خيال نه اٿن.” وغيره وغيره.
اهڙي طرح ڏسڻ وارن کي عربن تي چڙ ڏياري پوءِ مٿين سين ڏيکاري وئي ته اٺن جي ڊوڙ تي هو ڏند ڪڍي خوش ٿي رهيا آهن، ظاهر آهي ان وقت ڏسڻ وارن کي عربن تي وڌيڪ چڙ لڳي ٿي ته مروان موت ملوڪان شڪار آهي. معصوم ٻارن يا گگدام جانورن جو خيال نه اٿن، رڳو پنهنجي عياشي ۾ محو آهن.
۽ اها فلم ڏيکارڻ وارن جو به اهو ئي مقصد آهي ته عربن جا عيب ظاهر ڪيا وڃن ۽ جن جن ملڪن جا ٻار آهن انهن ملڪن ۾ گوڙ مچايو وڃي. ڇو ته کين خبر آهي ته اسان جهڙن ملڪن ۾ فقط چڻنگ دکائڻي آهي، عوام ايڏو جذباتي ۽ جلدباز آهي جو منجهس دونهين دکڻ بعد پاڻهي ڀنڀٽ مچائي ڇڏيندو.

دنيا اکيون ۽ ڪن بند ڪري ڇڏيا آهن

مزي جي ڳالهه اها ته ان اٺن جي ڊوڙ واري فلم ۾ عربن جي وچ ۾ مهمان خصوصي طور ويٺل ڪو عرب يا مسلمان، يا ايشيا جو باشندو نه پر انگلنڊ جو شهزادو چارلس آهي، جيڪو عربن کان وڌيڪ ڏند ٽيڙي تاڙيون وڄائي خوشيءَ جو اظهار ڪري رهيو آهي. فلم ٺاهڻ وارن ان کي غائب ڪرڻ جي گهڻي ئي ڪوشش ڪئي آهي پر ڪيترين جهلڪن ۾ هو نظر اچي ٿو، ۽ ظاهر آهي مون جهڙن ڪيترن ڏسندڙن جي دل ۾ اهو سوال پيدا ٿي سگهي ٿو ته تيل جي دولت ۾ محو امير عرب ۽ پنهنجا ٻار موڪلڻ وارا اسين غريب ملڪن جا ماڻهو ته ضرور جاهل ٿياسين، پر هي انسانن توڙي جانورن سان ظلم خلاف جنگ جوٽڻ وارو اسان جو “چيمپئن” شهزادو چارلس ان قسم جي مقابلي کي ندڻ بدران ڇو واڇون ٽيڙي عربن جي همت افزائي ڪري رهيو آهي؟ ان سڄي راند کي ڇو داد ڏئي رهيو آهي؟
پر ٽي ويءَ جا استاد ۽ ان قسم جي فلم ٺاهڻ وارا به هوشيار آهن، شهزادي چارلس جون هڪ ٻئي پويان ٻه چار جهلڪون اچڻ بعد ڪمينٽيٽر يڪدم چوي ٿو: “هن کي خبر ناهي ته عرب هنن غريب ٻارن کي ڌارين ملڪن مان وٺي آيا آهن ۽ نه ته هو اهڙي دعوت کان ئي ونءُ وڃي ها.”
سو ان قسم جي فلمن ڏيکارڻ سان انسان ذات سان ڪا همدردي يا انهن ڏوهن جو تدارڪ نظر نٿو اچي، پر هڪ قسم جي نفرت پيدا ڪرڻ جو ئي پهلو آهي. جي دل ۾ همدردي هجي ها ته پاڪستان ۽ عرب رياستون ته پري، خود سندن پڙهيل ڳڙهيل ۽ قانون تي هلندڙ يورپ جي ملڪن ۾ روزانو جيڪو ايشيا جي ماڻهن سان، خاص ڪري مسلمانن سان ظلم ٿي رهيا آهن پهرين ته انهن بابت آواز اٿارين.
هتي يورپ ۾ سندن ماڻهن يا ايشيا آفريڪا جي ماڻهن سان ٿيندڙ ظلمن وقت خبر ناهي ڇو انساني حقن (Human Rights) جو نه آمريڪا کي ۽ نه ڪنهن يورپي ملڪ کي ڪو خيال اچي ٿو. جيئن انگلنڊ جي هڪ اخبار ۾ ڪنهن جو مضمون هو ته آمريڪا يا يورپ جڏهن اهو ٻڌي ٿو ته عرب يا مسلمان ملڪ ۾ چوريءَ جي ڏوهه ۾ چور جو هٿ ڪپيو وڃي ٿو ته ان کي ظلم سڏي ٿو ۽ کيس اک جو بدلو اک، ڏند جو بدلو ڏند وارو قانون سٺو نٿو لڳي، پر آمريڪا پاڻ جارج بش تي ڪوڙي سچي حملي بعد بنا ثبوت ۽ گڏيل قومن جي بنا اجازت جي فقط صدام کي نقصان پهچائڻ بدران غريب عراقين تي بمن ۽ گولين جو وسڪارو ڪريو ڏئي ته ڪنهن کي به ان تي آڱر کڻڻ جي همت نٿي ٿئي.
گذريل مهيني جي هفتيوار “ايشيا ويڪ” ۾ ملائيشيا جي اڳوڻي ڊپٽي پرائيم منسٽر ۽ U.N Commission on Human Rights جي موجوده ميمبر موسيٰ حطام جو انٽرويو آيو آهي جنهن ۾ هڪ هنڌ هو خوب چوي ٿو:
“مغربي ملڪ سمجهن ٿا ته انساني حقنجو ڪو هو ئي خيال ڪن ٿا پر حقيقت ۾ انهن مغربي ملڪن ۾ ڪيترا اهڙا ملڪ آهن جن جي ظلمن جا داستان عام آهن، ٻيو ته ٺهيو پر سندن در اڳيان _ يعني بوزنيا ۾ ٻن سالن کان انسان ذات تي ظلم ٿي رهيا آهن، پر آمريڪا توڙي يورپ وارا ماٺ ۾ آهن، هوڏانهن عراق کي پادر هڻن لاءِ آمريڪا رڳو جوتي ۾ هٿ وڌو ته سڀني مغربي ملڪن آمريڪا جو پاسو وٺي عراق کي موچڙا هڻڻ شروع ڪري ڏنا. هاڻ بوزنيا جي معاملي ۾ ماٺ ۾ آهن. ڇا ائين ته نه آهي ته بوزنيا ۾ جيڪي ظلمن ۽ غمن ۾ چيڀاٽجي رهيا آهن، اهي ٻيا نه پر مسلمان آهن، ان ڪري انهن سان ڪو همدردي نٿو ڪري. گڏيل قومن جي انساني حقن جي هن ڪميشن ۾ ڪم ڪرڻ بعد مون کي اهو ئي تجربو ٿيو آهي ته توهان ڪهڙو به ظلم ڪري بچي سگهو ٿا، بشرطيڪ توهان مغربي طاقتن سان ها ۾ ها ملائيندا اچو. بوزنيا ۾ ٿيندڙ ظلمن خلاف قدم کڻڻ بدران آمريڪا ڪانڀ ٻڌي منهن ورائي ماٺ ڪري ويهي رهيو آهي. هن کي ڏسي سڄي دنيا پڻ ظالم کي سزا ڏيڻ بدران اکيون ۽ ڪن بند ڪري ڇڏيا آهن.”

ڪن جا ٻول بمن کان به طاقتور آهن

هن سال جون ۾ ورلڊ ميري ٽائيم يونيورسٽيءَ، جنهن سان منهنجو واسطو آهي، کي ڏهه سال پورا ٿيا آهن. ان سلسلي ۾ هتي سڄو هفتو فنڪشن هلندا رهندا.
دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جا نمائندا سئيڊن جي هن شهر مالمو ۾ آيل آهن، جتي هيءَ يونيورسٽي آهي. ڊئنمارڪ، سئيڊن ۽ ٻين پاسي وارن ملڪن جا ته ڪيترائي اهم عهديدار آيل آهن، جهڙوڪ: وزير، شهرن جا ميئر، نيول ايڊيوڪيشن سان واسطو رکندڙ پروفيسر ۽ واسطيدار آفيسر، جهونا جهازي ۽ جهاز سازي جا ماهر، انجنيئر، نيول آرڪيٽيڪٽ وغيره. سئيڊن ۾ جن جن ملڪن جا سفارتخانا آهن انهن جا سفير يا سيڪريٽري نمائندگي طور آيل آهن. ڪن ملڪن جهڙوڪ: نائيجيريا، سعودي عرب، گهانا، ايران، ترڪي، هندستان کان انهن ملڪن جي وزارت مواصلات يا دفاع جا سيڪريٽري پڻ آيل آهن.ڏينهن جو هن يونيورسٽي جي واڌاري ۽ بهتري لاءِ ميٽنگون ۽ پريس ڪانفرنسون هلن ٿيون ۽ رات جو ڊنر يا هلڪي ڦلڪي دعوت ۽ ورائٽي پروگرام.
سومر ڏينهن شام جو ستين بجي ڌاري هتي جي سٽي هال ۾ يونيورسٽي وارن انهن نمائندن، شهر جي معزز ماڻهن ۽ يونيورسٽي اسٽاف، شاگردن ۽ سندن فيملين کي دعوت ڪئي، ان ۾ يونيورسٽي جي شاگردن پنهنجي پنهنجي ملڪ يا علائقي جو ڪو راڳ يا ناچ وغيره ڏيکاريو.
ايراني مڙيئي اهڙين دعوتن ۾ نه ايندا آهن جو هو ان محفل کان پاسو ڪن ٿا، جنهن ۾ شراب جو واهپو يا ڊانس هجي، ۽ هن پاسي جيڪي دعوتون ٿين ٿيون انهن ۾ کاڌو گهٽ، شراب وڌيڪ هلي ٿو. سڪون سان ويهي ڳالهائڻ گهٽ، ميوزڪ ۽ گوڙ گهمسان گهڻو ٿئي ٿو. هڪ ٻئي سان کيڪار کڙي يا ڄاڻ سڃاڻ گهٽ، نچڻ ٽپڻ وڌيڪ آهي. ان ڪري يونيورسٽي جي شاگردن جي دعوت ٿيندي آهي ته به ايراني نه ايندا آهن، پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته انهن مان هڪ ٻه نوجوان بنا فيملي وارا ايراني، هئو مئو ٽرڻ بعد، ڪڏهن پيئندا به آهن ته يونيورسٽي جي شاگردياڻين خاص ڪري ڏکڻ آمريڪا جي ڇوڪرين ۽ مهمان طور آيل شهر جي عورتن سان ڊانس به ڪندا آهن. هڪ ٻه ايراني ڪڏهن ڏاڙهي رکندا آهن ته ڪڏهن پاڪي گهمائي پيا هلندا آهن. بهرحال دنيا جو واحد ملڪ ايران آهي جنهن جا گهڻي ڀاڱي شاگرد اهڙين دعوتن ۽ ڳالهين کان پاسو ڪن ٿا.
پر هن دعوت ۾ نه فقط سڀ ايراني آيا پر ٻارن ٻچن کي به وٺي آيا، ايران ۾ ڇوڪري نون سالن جي ٿيڻ تي مٿو ڍڪي هلي ٿي ۽ جنهن چورس پوتي نما ڪپڙي جو ٽڪنڊو ٺاهي مٿي کي هوءَ ڍڪي ٿي ان کي روءِ سري سڏجي ٿو. (عرب ان کي “حجاب” چون ٿا ۽ ملئي “تودونگ”).
هن وقت اسان جي بئچ ۾ ڇهه ايراني آهن ۽ اسان کان هڪ سال جونئر بئچ ۾ يارنهن آهن، انهن ۾ ڪي جهازن جا ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر آهن ته ڪي بندرگاهن جا آفيسر ۽ واسطيدار وزارتن (Ministries) مان آهن. سندن ٻارن ٻه فارسيءَ جا راڳ ڳايا. جن مان هڪ جو ٿلهه هو: الله اڪبر-خميني رهبر.
“زنجير اساتعمار مردانه بگستيم
رزدام اهريمن باياد حق ريستم
مانغمه الله اڪبر بر زبان داريم
ماچون خميني رهبري روشن بيان داريم
الله اڪبر، خميني رهبر”
اسان غلاميءَ جي زنجير کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري آزادي حاصل ڪئي آهي.
خدا کي ياد ڪري اسان شيطان کان نجات حاصل ڪئي آهي.
الله وڏو آهي، اهو نغمو اسان جي زبان تي هر وقت آهي.
اسان کي امام خمينيءَ جي رهبري جي ضرورت آهي، جنهن جا قول روشن آهن.
الله وڏو آهي- خميني اسان جو رهبر آهي.
ڪنهن پروفيسر، شايد چرچي ۾ چيو هون ته گانو ضرور ڳائجو پر خميني خميني گهٽ ڪجو.
“ڀلي ڪو ڇا به چوي، اسين خمينيءَ جو نعرو ضرور هڻنداسين.”منهنجي هڪ ايراني ڪلاس ميٽ حسين علي غوليزاده ٻڌايو، جنهن جي ٽن ڌيئن هر هڪ ريحانه، فائزه ۽ فاطمه ٻين سان گڏجي مٿيون راڳ ڳايو، ان ڳائڻ وارين ڇوڪرين جي ٽولي ۾ به ٽي ته پنجن ڇهن سالن جون به ٿينديون (يا شايد قد بت ۾ هلڪيون لڳي رهيون هيون) پر اهي به مٿي تي روءِ سري ٻڌي آيون هيون. هنن سڀني کي وڏا چوغا پهريل هئا جن مان فقط هٿ ۽ منهن نظر آيو ٿي.
اسٽيج تي اچڻ سان ڪيترن ئي سندن فوٽا ڪڍيا، دنيا جي هن ملڪ (سئيڊن) ۽ هن ماحول جي رهاڪن لاءِ هيءَ اچرج جهڙي ڳالهه هئي. اهو ڏسي تعجب ته سعودي عرب، الجيريا، نائيجيريا ۽ ٽيونيشيا، ملائيشيا کان سوماليا ۽ اٿوپيا جي مسلمان شاگردن کي به لڳي رهيو هو ته ننڍڙيون ڇوڪريون، جيڪي هونءَ مٿو اگهاڙو ڪري پيون کيڏن پر هاڻ اهي به ڍڪجي شڪجي آيون آهن.
“اسلام کان غير واقف ڇا سوچيندا ته ڇا اسلام ۾ پڙدي جي ايڏي سختي آهي!” منهنجي ڀر ۾ نائيجيريا جي شاگرد علي جمبا چيو.
بهرحال ايران جي هيءَ قوم پنهنجي امام خمينيءَ جي حڪم جي پوري پوري پوئواري ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. مرد ڏاڙهيون ۽ عورتون نه فقط پڙدو ڪن ٿيون، پر هر ڳالهه اسلام جي نقطه نگاهه سان ڪن ٿيون. امام خمينيءَ کان اڳ بڇڙاين ۾ ايران اسان جهڙن ملڪن کان به گهڻو اڳتي نڪتل هو. ميءَ، جام، ساقي، شراب، شباب، رباب- ڇا ڇا نه ٿي هليو، پر هاڻ خميني بعد ڳالهه ئي ٻي ٿي وئي آهي، جيئن “شمن چوي ٿو ته ويهي رهو ته سڀ ويهي رهن.” امام خمينيءَ حڪم ڪڍيو ناهي ته پوئواري ٿي ناهي، پوءِ دنيا کڻي ڇا به چوي.
گذريل سال بارسلونا (اسپين) ۾ اولمپڪ جي راندين جي افتتاح وقت هر ملڪ جي رانديگرن اڳيان ميزبان اسپيني ڇوڪريءَ ان ملڪ جي جهنڊي مان ٺهيل اڌ اگهاڙي ڊريس ۾ “مارڪر” ٿي هلي، پر ايران ئي هڪ واحد ملڪ هو جنهن اهڙي مسخري کان صاف صاف منع ڪئي. رانديگرن واري ٽولي ۾ به هنن ڪابه عورت نه رکي. اسپين ۽ اولپمڪ راندين جا قانوندان اعتراض ڪندا رهيا پر ايران پنهنجي اصول تي اٽل رهيو. تڏهن ته شيطاني آيتون Satanic Verses لکڻ واري سلمان رشدي جو به ايران جي فتوا بعد ئي ساهه سڪيو. نه ته ان کان اڳ پاڪستان، هندستان، ملائيشيا، بنگلاديش جا ماڻهو سلمان رشدي خلاف جلسا جلوس ڪڍندا رهيا، سندس بوتا ٺاهي ساڙيندا رهيا، سندس ڪتاب ۽ ڪتاب وڪڻندڙ دڪانن کي باهيون ڏيندا رهيا، پر “همراهه” ڏند ڪڍي کلندو رهيو. نه فقط عوام پر ڪيترن ملڪن جون حڪومتون پنهنجن سفارت خانن ذريعي پنهنجي اعتراض جو اظهار ڪنديون رهيون، پر هي همراهه بالم ٿي هلندو رهيو. پوءِ جيئن ئي امام خمينيءَ سندس قتل جي فتوا ڏني ته همراهه جو مٿو چڪرائجي ويو ته صحيح طرح مصيبت هاڻ اچي ويو آهيان. اهو ڏينهن اڄ جو ڏينهن سلمان رشدي لڪندو وتي. هو ڇا چوندا آهن ته ڪن حاڪمن ۽ اڳواڻن جي لفظن کي، بمن بارودن کان به وڌيڪ طاقت ٿئي ٿي.

ائمي اهڙي به چري ناهي

ايرانين کان اڳ فلپين جي ست کن شاگردن _ جن ۾ چار مرد ۽ ٽي عورتون هيون، ٽولي جي صورت ۾ نچي راڳ ڳايو. ان بعد بانس جا ڏنڊا هڪ ٻئي سان ملائيندا رهيا، جن جي وچ وچ ۾ قدم رکي اسان جي هڪ فلپينو ڪلاس ميٽ ڊيزي نچندي رهي. هي هڪ مشهور فلپيني لوڪ ناچ آهي جيڪو فلپين ۾ عام هلي ٿو.
ڊيزيءَ جو سڄو نالو ڊيزي جيولي آهي. پاڻ پنهنجي ملڪ مان نيول آرڪيٽيڪٽ انجنيئرنگ جي ڊگري حاصل ڪري، هاڻ وڌيڪ علم حاصل ڪرڻ لاءِ هتي M.Sc. لاءِ آئي آهي. پاڻ گورنمينٽ آفيسر آهي ۽ منيلا ۾ “انجنيئرنگ ريسرچ ۽ ڊولپمينٽ ڊويزن” ۾ سينيئر پوسٽ تي آهي. اسان وارو ڊاڪٽر ديدار جوڻيجو چوندو آهي ته انجنيئرن يا ڊاڪٽرن کي کپي ته پنهنجي پروفيشن سان گڏ ڪجهه ٻيا ڪم به ڪن، مثال طور ادبي، سماجي وغيره. ان حساب سان ڊيزيءَ جو جواب نه آهي. پاڻ انجنيئر آهي. سٺي بورچياڻي آهي. هتي جي اخبارن ۾ مضمون لکندي رهي ٿي. سٺي ڳائڻي ۽ سٺي ڊانسر آهي. ڪنوارين عورتن ۾ هڪ هيءَ آهي جيڪا عشق جي چڪر ۾ نه آهي، نه ته اسان جي هن يونيورسٽيءَ ۾ مختلف ملڪن کان آيل “شاگرد-عورتون”، خاص ڪري ڏکڻ آمريڪا، ايشيا مان هانگ ڪانگ، ٿائلينڊ ۽ فلپين جون ۽ ويندي آفريڪا جون حبشياڻيون ان چڪر ۾ آهن ته يورپ پاسي جي ڪنهن همراهه سان نينهن ناتو ٿي وڃي ته پنهنجي ملڪ موٽڻ بدران يورپ جي ٿڌن ملڪن ۾ ئي ٽِڪي پئجي.
هڪ اڌ تقرير بعد گهانا جي ايميءَ ۽ نائيجيريا جي جوزفين ۽ مارگريٽ پنهنجي قومي لباس ۾ ناچ ڏيکاريو ۽ راڳ ڳايو.
موراڪو جي اڪوح عبدالوهاب کي چيم:
“تون به ڪا آفريڪن ڊانس ڏيکار”
وراڻيائين: “ان ڪم ۾ اهي شيدياڻيون ڀڙ آهن.”
اڪوح عبدالوهاب پاڻ اڇو ۽ عرب نسل جو آهي. هو پاڻ ۽ مٿيون ٽئي شيدياڻيون هڪ ئي فيلڊ ’پورٽ مئنيجمينٽ‘ ۾ M.Sc. ڪري رهيون آهن.
ايميءَ جا حال افحال ڏسي شروع جي ڏينهن۾ کيس چوندو هوس: “ايمي! مون کي ته ڪنهن به ڪنڊ کان نٿو لڳي ته تون سينيگال جي وڏي بندرگاهه (ڊڪار) جي آفيسر (ڊائريڪٽر) آهين!”
ٻين کي به چوندو هوس ته هن جي هٿ هيٺ تمام وڏو عملو ڪم ڪري ٿو. انهن کي ته الائي ڪيئن رعب هلائيندي هوندي، ڏسڻ ۾ ته جهڙي الڪان چري، هر وقت مرڪندي رهي ٿي.
پوءِ هڪ دفعي گروپ ڊسڪشن ۾ هن جو نالو نه فقط اسان جي ڏهن ڄڻن جي گروپ ۾ آيو پر اسان جي چيئرپرسن به هيءَ چونڊي وئي. چونڊي ڇاهئي، ڪُڻن ڪڍڻ تي هن جو نالو نڪري آيو. اسان جي ان گروپ کي “سمنڊ کي تيل ۽ ٻئي گند ڪچري کان بچائڻ لاءِ ڪجهه اپاءُ ڳولڻا هئا.” مون ته دل ۾ چيو ته ايمي چري چيئرپرسن ٿي آهي، سمجهو ته موڪل ٿي وئي، رسيس ۾ ڪئنٽين ۾ پنهنجي پاڪستاني ڪلاس ميٽ (چيف انجنيئر راحت عزيز) چانهه پيئڻ تي جلدي جلدي ڪئي ته ان کي به چيم ته لالا! فڪر ئي نه ڪر، اهڙي به ڇا جلدي آهي، آرام سان ويهه سئنڊوچ به ٺهرائي ٿا کائون.
ٻيا همراهه هليا ويا، اسان ٻئي چانهه ٺرڻ جو انتظار ڪري رهيا هئاسين ته مٿان مينهن واهه ڪندي اچي ايمي نڪتي. اسان ٻنهي کي نه فقط سمجهاڻي پر دڙڪا ڏئي وئي، چي! “هي ٽيم ورڪ آهي، سڀني کي حصو وٺڻو آهي، حصو کڻي نه به وٺو ته به وقت جا ته پابند ٿيو.”
پهرين ته اسان وائڙا ٿي وياسين ته هن گونگي گانءِ کي ٿيو ڇا، پر پوءِ ڪو بهانو ٺاهڻ ۾ ئي شرافت سمجهيسين.
“ايمي اسان جي طبيعت ٺيڪ ناهي.” مون چيومانس.
“طبيعت ٺيڪ ناهي يا جوابداريءَ کان ڀڄو ٿا.” ائين چئي هلي وئي. جڏهن ڪئنٽين جو به در لتاڙي ٻاهر پهتي ته راحت ٽاءِ جي ڳنڍ ٺيڪ ڪندي (چڙ ۾ هو هميشه ائين ڪندو آهي يا قميص جي مٿئين ٻيڙي کي جهلي بيهندو آهي) چيو:
“ڇوري نڀاڳي! ننڍ وڏائيءَ جو به خيال نه اٿس، ڪنهن گروپ جو آئون چيئرمئن ٿيان ته هنن فرينچ ڳالهائيندڙن کي به ايترو ڪم ڏيندس جيترو انگريزي ڳالهائيندڙ ملڪن وارن کي.”
۽ پوءِ ٿوري دير هڪ ٻئي جو منهن ڏسي فيصلو ڪيوسين ته ڪلاس روم ۾ ئي هلڻ کپي، ايمي واقعي زور آهي.
۽ هاڻ ڪوبه ايمي کي چوندو آهي ته “ايمي بندرگاهه جو ڪم ڪيئن ٿي هلائين” ته آئون کلي چوندو آهيانس : “ايمي جون خبرون مون کان پڇو، هوءَ اهڙي به چري ناهي جهڙي سمجهوس ٿا، اسان سندس دڙڪا کايو ويٺا آهيون. اهو به شڪر جو اهي انگريزيءَ ۾ ڏنائين، جنهن ۾ هوءَ هوشيار ناهي، پنهنجي ملڪ جي آفيس (ڊڪار) ۾ فرينچ ۽ پنهنجي قبائلي ٻولين ۾ ته ماڻهن جو ساهه ڪڍندي هوندي.”

انگريزي به ڪا زبان آهي

نائيجيريا جي جوزفين ڏي اشارو ڪري يمن جي محمد مبارڪ کي چيم ته جارڊن جو “مسٽر عايد خلف” ان لاءِ چوي ٿو ته نئين سال جي شاگردياڻين ۾ اها سهڻي ۾ سهڻي آهي.
“اها...؟” مبارڪ رڙ ڪري تعجب مان پڇيو، “اها ڪاري شيدياڻي سهڻي آهي؟”
“ٻيلي مون سان نه وڙه،” مون مبارڪ کي هٿ جي اشاري سان دانهون ڪرڻ کان جهليندي چيو، “آئون ڪونه ٿو چوان، عايد ٿو چوي.”
“پر هيءَ ته ڪاري آهي!” مبارڪ حيرت مان چيو.
“نائيجيريا جا سڀ ماڻهو ڪارا آهن، مصرين ۽ توهان يمني عربن وانگر ڪجهه ڪارا شيدي ڪجهه اڇا شيدي نه آهن.” مون مبارڪ کي سمجهايو.
“پر جوزفين ڪاري ٿي سهڻي ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟” مبارڪ پنهنجي ضد تي قائم رهيو.
“توسان ڳالهه ڪري چڱو ڦاٿس،” مون چيومانس، “ڀلا جوزفين ڪاري ٿي ڪري سهڻي ٿي ته ڪو ڏوهه ته نه ڪيائين، توکي اهي سوال مجنون کان ڪرڻ کپن.”
“ڪهڙي ڪورس ۾ ايم ايس سي ڪري رهيو آهي؟ ’پورٽ مئنيجمينٽ‘ ۾ آهي يا ’جنرل مئريٽائيم ائڊمنسٽريشن‘ ۾ ¬_؟” مبارڪ يڪدم پڇيو.
“ڪير-؟” مون پڇيو مانس.
“مجنون.” وراڻيائين.
“بابا مجنون غريب ته ميٽرڪ به نه ڪري سگهيو هو.” مون مبارڪ کي سمجهايو، ۽ دل ۾ چيم ته هن کي ليلا مجنون جي مشهور عشقي داستان جي به خبر ناهي، پر پوءِ خيال آيم ته مجنون شايد ايران جو هجي ۽ هن غريب عرب کي ان جي ڪهڙي خبر.
“مبارڪ! مجنون هڪ مشهور تواريخي عاشق ٿي گذريو آهي جنهن جي محبوبا “ليلا” جوزفين وانگر ڪاري هئي پر سڄي دنيا ۾ هن لاءِ ليلا ئي سهڻي هئي.”
“اوه! مگنون!” مبارڪ وڏو ساهه کڻي چيو، “قيص!مگنون!”
“ها مگنون” هاڻ آئون به کلڻ لڳس.
“ڇو، کلين ٿو؟” مبارڪ پڇيو.
“کلان تو تان ٿو. توهان عربن جي به خبر نٿي پوي، ڪڏهن “ج” کي “گ” پڙهو ۽ ڪڏهن گ کي ج. مجنون کي مگنون، جمال کي گمال، گئرنٽي کي جئرنٽي، ايجنڊا کي ايگنڊا....”
ڀر ۾ ملائيشيا جو زينورين بيٺو هو، تنهن اسان جا آخري جملا ٻڌي چيو: “۽ عرب سڳورا پ کي “ب” ٿا پڙهن، پاڪستان کي باڪستان پڙهندا. Prevention of Port Pollution کي چوندا بروينشن آف بورٽ بالوشن، شپ کي شب چوندا....”
“۽ يوناني ۽ آفريڪا جا فرينچ ڳالهائيندڙShip کي Sheep (رڍ) چون، ۽ ويٽنامي، چيني شِپ کي Chip پڙهن.”
“انگريزي آهي به ته اهڙي ڏکي،” ماريطانيا جي چيف انجنيئر شيخنا چيو،”اسان سان فرينچ ۾ ڳالهايو ته خبر پئونَوَ، باقي انگريزيءَ ۾ لکجي هڪ ٿو ته پڙهجي ٻيو.”

گنيز بڪ لاءِ نئون رڪارڊ

ان رات جي دعوت ۾ کائڻ لاءِ ڪو خاص نه هو. شراب سو جام هو پر کاڌي ۾ ڊبل روٽيءَ جا ننڍڙا ننڍڙا ٽڪرا هئا، جن مٿان نالي ماتر مڇيءَ جو ذرڙو يا ونگيءَ جو ڳترو هو. هونءَ به سئيڊش دعوتن ۾ کاڌو نالي ماتر ٿئي ٿو. اهي پاڪستاني، هندستاني يا عربي، ايراني، ملئي دعوتن وانگر نه هونديون آهن. تڏهن ته سئيڊن جي ماڻهن کي گهر ۾ دعوت لاءِ گهرائي ٻه ڊش به رکبا آهن ته هو منجهي پوندا آهن ته پهرين ڇا کائجي پوءِ ڇا. بهرحال اسان سندن دعوتن مان پيٽ ڀري نه کائي سگهندا آهيون. ڪجهه دير بعد جنهن جنهن کي بک گهڻو ستائيندي آهي اهو گهر جو رخ اختيار ڪندو آهي. زالن کي خبر هوندي آهي ته همراهه سئيڊن وارن جي دعوت تي ويل آهي ڪجهه رکي ڇڏجي، موٽِ گهر پڻ اچي کائيندو.
ٻئي ڏينهن (يعني ڪالهه) هن شهر مالمو جي ساڳي City Hall ۾ ڊنر جي دعوت هئي، پر هيءَ دعوت مالمو شهر جي سٽي ڪائونسل وارن ڪئي هئي. شهر جي معزز ماڻهن، جهازن سان تعلق رکندڙ وزارتن جي سيڪريٽرين، واسطيدار وزيرن ۽ اسان جي يونيورسٽي جي پروفيسرن ۽ اسٽوڊنٽس ڪائونسل جي ٽن اهم عهديدارن کي دعوت هئي. ان ڪائونسل جو وائيس پريزيڊنٽ هجڻ ڪري مون کي اها دعوت اٽينڊ ڪرڻ جو موقعو ملي ويو.
مٿي واسطيدار هڪ وزير بدران گهڻا وزير ان ڪري لکيا اٿم جو اسان وٽ پاڪستان ۾ ته جهاز، جهازي اڪيڊميون ۽ ڪاليج، بندرگاهه ۽ شپ يارڊ مڙئي هڪ وزارت Ministry of Communication ۾ اچيو ٿا وڃن، پر ڪن ملڪن ۾ هڪ بدران ٻه وزارتون جهازي دنيا جون مختلف شيون ڏسن ٿيون.سڀ ۾ عجيب مثال ناروي جو آهي، جتي ملڪ جا مئرين ڪاليج ۽ اڪيڊميون وزارت تعليم ۾ آهن. مئريٽائيم ائڊمنسٽريشن وزارت خارجه ۾، جهاز، فيريون ۽ انهن ۾ سواري جي نگهباني وزارت مواصلات جي هٿ ۾ آهي. شپ يارڊ ۽ جهاز سازيءَ جو سمورو ڪم Ministry of Industry حوالي آهي. مڇين ڦاسائڻ جا سمورو مسئلا، لائيٽ هائوس ۽ بندرگاهه جا ڪم Ministry of Fisheries ۾ اچن ٿا. جهاز راني ۽ جهاز سازيءَ تي لڳندڙ ٽئڪس وزارت خزانا جي بلي آهي. سمنڊ ۾ تيل هارڻ تي بندش کان بندرگاهن ۽ ڪنارن کي صاف سٿرو رکڻ وزارت Environment Protection جي جوابداري آهي. جهاز تان ڪرندڙ ماڻهن ۽ منجهي ويل ٻيڙين بتيلن جي ڳولا ۽ بچاءُ وزارت عدل (Justice) جي ذمي آهي. وزارت عدل جو ڪم جهازن جي هلڻ چلڻ جا قاعدا قانون ٺاهڻ پڻ آهي. سمنڊ مان پيٽرول ڪڍڻ جي Rigs جي سلامتي لوڪل گورنمينٽ جي جوابداري آهي. سامونڊي پوليس (Coast Guard) وزارت بچاءُ جي هٿ ۾ آهي ۽ جهاز تي نوڪري ڪندڙن جي پينشن وغيره جو ڪم وزارت سوشل افيئر جي حوالي آهي. آئون اهو ئي سمجهندو هوس ته ناروي ۾ فقط هڪ وزارت اهڙي آهي جنهن جو سامونڊي دنيا سان ڪوبه تعلق ناهي. اها آهي Ministry of Agriculture .
پر هاڻ معلوم ٿيو اٿم ته مڇين، گانگٽن جا فارم ۽ مڇين بابت کوجنا ائگريڪلچر واري وزارت ۾ اچن ٿا. سو ناروي جي مئرين افيئرس ۾ اتي جي ڪنهن وزارت جي ٽنگ آهي ته ڪنهن جي ٻانهن، ته ڪنهنجو پُڇ.
پر ان مان اهو اثر بلڪل نه وٺڻ کپي ته ناروي يا هن پاسي جي ملڪن ۾ اسان جي ملڪن وانگر گهڻا وزير آهن. خاص ڪري جيترا وزير نواز شريف جي حڪومت ڊاهڻ بعد صدر غلام اسحاق خان نگران حڪومت ۾ رکيا هئا. هن پاسي جي ڪنهن اخبار ۾ ان بابت Comment آئي هئي ته “گنيز بڪ آف رڪارڊس” وارن کي ان نئين رڪارڊ بابت پنهنجي ڪتاب ۾ ڏيڻ کپي ته پاڪستان جهڙي غريب ملڪ ۾ هڪ عارضي حڪومت ۾ پنجاهه کان مٿي وزير رکيا ويا آهن.

يتيم يتيم- نڌڻڪا نڌڻڪا

ڊنر جو ٽائيم ست وڳا هو. ڇهين بجي گهران نڪتس. اڄڪلهه ساڍي ڏهين بجي ڌاري (10:30 PM) سج لهي ٿو ۽ ان بعد به ڪلاڪ کن روشني رهي ٿي. يعني ڇهين ستين بجي شام ڌاري ائين لڳي ٿو ڄڻ منجهند جي مانيءَ تي وڃي رهيو هجان ۽ مانيءَ جي به پڪ هيم ته سئيڊن جي دعوتن ۾ ماني نه برابر هوندي آهي. پر اهو هو ته ان دعوت ۾، هڪ ئي وقت ڪيترن ئي ماڻهن سان ملڻ جو موقعو ملي ويندو. خاص ڪري آئي ايم او (I.M.O) جي اڳوڻي جنرل سيڪريٽري سري واستاوا، هاڻوڪي جنرل سيڪريٽري اونيل، IMO جي سفير مسٽر زئگورين، هتي جي وزيرن، ڌارين ملڪن کان آيل نمائندن خاص ڪري ايران، مصر، جارڊن (اردن)، نائيجيريا، گهانا وغيره جي سفيرن ۽ جهازي کاتن جي سيڪريٽرين وغيره سان.
مڪاني وزيرن ۽ ڌارين ملڪن جي اهم نمائندن جي حفاظت لاءِ سٽي هال ٻاهران ڪافي پوليس جون گاڏيون ۽ گارڊ بيٺل هئا. آئون پنهنجو دعوت نامو کڻي نه آيو هوس پر پوءِ يونيورسٽي طرفان مليل سڃاڻپ ڪارڊ ڏيکاري اندر گهڙيس. اندرين دروازي تي ڊنر لاءِ آڌر ڀاءُ ڪرڻ واري همراهه ڊائننگ روم ۾ وڃڻ جو نقشو ڏنو جيڪو ڦڻيءَ جي شڪل جو هو. يعني هڪ تمام ڊگهو ٽيبل جنهن تي چاليهه پنجاهه کن ماڻهو ويهن ۽ ان سنا گڏ ڦڻيءَ جي ڏندن وانگر ڪيترائي اٺن اٺن ماڻهن جي ويهڻ جا ٽيبل هئا. منهنجو نالو هال ۾ گهڙڻ سان پهرين پاسيري ٽيبل تي هو. ڀر ۾ هڪ پاسي ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي جو سئيڊش پوڙهو پروفيسر ارڪسن هو ۽ ٻئي پاسي مصر کان آيل ڊاڪٽر پروفيسر احمد منصف هو. پروفيسر ارڪسن منهنجي ٿيسز جو سپروائيزر هو، پاڻ سئيڊن جي مئريٽائيم ائڊمنسٽريشن جو رٽائرڊ ڊائريڪٽر جنرل آهي ۽ ڳپل عرصو اڳ بين الاقوامي اداري IMO جو سيفٽي ڪاميٽيءَ جو چيئرمين پڻ رهي چڪو آهي.
ڊاڪٽر منصف هن يونيورسٽي جي شروع وارن ڏينهن ۾ هتي پروفيسر ۽ هيڊ آف ڊپارٽمينٽ رهي چڪو هو ۽ هتي جا ڪافي ماڻهو سڃاتائين ٿي.
ٽيبل جي سامهون وهندڙن ۾ هڪ ته ايران جو وزير مواصلات محمد مدد هو جيڪو ايران جي بندرگاهن ۽ جهاز رانيءَ جو ڊائريڪٽر جنرل پڻ رهي چڪو آهي. بلڪل سامهون نائيجيريا جو ڪميونيڪيشن سيڪريٽري مسٽر اوموتايو هو. نائيجيريا جو سفير پڻ اسان واري ٽيبل تي ڪنڊ تي هو.
ڊائننگ روم ۾ گهڙڻ کان اڳ ڪلاڪ کن رسيپشن روم ۾ غير رسمي کيڪار کڙي ۽ ڪچهري هلندي رهي. پيئڻ لاءِ ڇهه ست ميزبان عورتون ٽري ۾ هڪ اڇي رنگ جا جام جهلي بيٺيون هيون. ايران جي وزير مسٽر مدد سافٽ ڊرنڪ لاءِ پڇيو.
“ان لاءِ بندوبست ته ضرور هوندو،” مون کيس ٻڌايو، “هونئن ته کڻي نه ڪن پر هنن کي خبر آهي ته سندن مهمانن ۾ وڏو تعداد مسلمان ملڪن جو آهي. جن ۾ ڪيترا الڪوحل نٿا واپرائين.”
پڇڻ تي معلوم ٿيو ته شراب پيش ڪندڙ عورتن مان هڪ وٽ Non Alcoholic ڊرنڪ آهن. کانئس اسان گلاس گلاس ورتو. ان بعد سعودي عرب جي ڊائريڪٽر جنرل علي جبراه غابان پڻ گلاس کنيو. کين مون ٻڌايو ته يونيورسٽي ۾ 120 کن ملڪن جا جيڪي 200 شاگرد پڙهن ٿا انهن ۾ اڌ کان وڌيڪ مسلمان ملڪن جا آهن ۽ انهن جو خيال رکي، يونيورسٽيءَ وارن هاسٽل، ميس توڙي يونيورسٽي ڪئنٽين ۾ سوئر جي گوشت ۽ شراب جهڙين شين جي واهپي تي بندش وڌي آهي. جيتوڻيڪ يونيورسٽيءَ کي ڪمرن جي سخت کوٽ آهي ان هوندي به هڪ ڪمري کي مسجد ٺاهيو اٿن ۽ ان ڳالهه تان ڪيترن غير مسلم شاگردن اعتراض ورتو آهي ته يونيورسٽيءَ جي اندر فقط مسلمانن جو عبادتگاهه ڇو ٺاهيو ويو آهي؟ ائين ته پوءِ عيسائي، يهودي، هندو، سِک، ٻڌ شاگرد به رهن ٿا. مالمو شهر ۾ ته وري به ٻين مذهب جي ماڻهن لاءِ ڪليسا گهر، Synagogue، مندر ۽ مسجدون آهن، پر جپان، چين، ٿائلينڊ، برما ۽ سريلنڪا جي ٻڌ شاگردن لاءِ ويجهي ۾ ويجهو پگوڊا به اسٽاڪهوم ۾ آهي. بهرحال اهڙن اعتراضن تي يونيورسٽي جي انتظاميا شروع کان ڪن لاٽار ڪندي اچي. بقول ڪنهن جي ته يونيورسٽي ۾ گهڻا شاگرد ترقي پذير ملڪن جا اچن ٿا جن ۾ گهڻائي مسلمانن جي آهي. ٻي ڳالهه ته يونيورسٽي کي پئسي جي کوٽ آهي. ڏينهون ڏينهن ڪامن ويلٿ، UNDP، جپاني ڪمپني ساسا ڪاوا جهڙا ادارا شاگردن لاءِ اسڪالرون (Fellowship) ڏيڻ گهٽائيندا وڃن. اهڙي صورت ۾ سعودي عرب ۽ ايران جا شاگرد يونيورسٽيءَ لاءِ فائديمند ثابت ٿين ٿا جو سندن ملڪ هر شاگرد لاءِ 30 هزار کن آمريڪي ڊالر- يعني ڏهه لک رپيا ڪئش ڏئي ٿو. ان ڪري ٻين ملڪن مان هڪ يا ٻه شاگرد گهرايا وڃن ٿا پر ايران جهڙي ملڪ مان _ جنهن کي انگلينڊ يا آمريڪا پنهنجي ملڪ جي تعليمي درسگاهن ۾ داخلا نٿو ڏئي، پر هي يونيورسٽي وارا بنا تعداد مقرر ڪرڻ جي کين داخلا ڏين ٿا، جيئن سندن گهڻي کان گهڻي ڪمائي ٿئي. اسان واري سال ۾ چار سعودي ۽ ڇهه ايراني شاگرد آهن ۽ اسان کانپوءِ واري سال ۾ ايران جا يڪا يارنهن شاگرد آيا آهن ۽ يونيورسٽي وارن لاءِ جهڙو هڪ شاگرد تهڙا ويهه وڌيڪ. فقط ڪلاس روم ۾ ڪرسيون ۽ ٽيبل وڌائڻا پون ٿا. پروفيسر جهڙو ويهن شاگردن اڳيان ليڪچر ڏيندو تهڙو ٽيهن اڳيان، سو هو مسلمان شاگردن کي خاص ڪري سعودي عرب ۽ ايران وارن کي هر طرح سان خوش رکڻ چاهين ٿا.
پر منهنجي ڀر ۾ بيٺل ايران جو هي وزير سئيڊن وارن تي، خاص ڪري سئيڊن جي اميگريشن کاتي تي سخت ناراض هو.
“هو ايراني شاگردن کي سندن زالون ۽ ٻار گهرائڻ وقت ويزا ڏيڻ ۾ دير ڪن ٿا. يونيورسٽيءَ جي پرنسپال کي کپي ته ان معاملي ۾ شاگردن جي مدد ڪري. هن يونيورسٽيءَ جا شاگرد ننڍا ٻار ته نه آهن جو ٻه سال اڪيلا رهن.”
مون کيس ٻڌايو ته هتي جي حڪومت اهو قانون سڀني ملڪن سان لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. اسان کان اڳ جي آيل شاگردن جي فئملين کي هفتي اندر ڪراچيءَ مان ئي ويزا ملي وئي ٿي, پر اسان جي فئملين کي ويزا جي لاءِ اسلام آباد انٽرويو ڏيڻو پيو. نه فقط زالن کي پر ٻارن کي به وڃڻو پيو.
“اهو دلشڪستو ڪرڻ وارو سلسلو سئيڊن حڪومت کي بند ڪرڻ کپي, جو هيءَ يونيورسٽي سئيڊن حڪومت جي نه آهي پر يونائيٽيڊ نيشن جي آهي ۽ جڏهن سئيڊن حڪومت ان کي هلائڻ لاءِ مهمانوازيءَ جا حق ادا ڪري ٿو ته ان کي چڱي طرح ادا ڪري.” ايران جي وزير چيو.
گذريل ٽن ڏينهن کان ڏسان پيو ته ايران کان آيل هي وزير توڙي سعودي عرب جو ڊائريڪٽر جنرل، هر وقت يونيورسٽي جي انتظاميا سان ميٽنگن ۾ آهن يا پنهنجي ملڪ جي شاگردن سان مختلف مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ڪندا رهن ٿا. ننڍي عمر جا آهن. امير ماڻهو آهن. چاهين ته هتي گهمڻ ڦرڻ ۽ عياشي ڪري سگهن ٿا پر نه. هنن کي پنهنجي ملڪ توڙي ماڻهن جو فڪر سڀ کان اول آهي ۽ هو جنهن ڪم لاءِ آيا آهن, ان کي پهرين فرض سمجهي نڀائيندا اچن. انهن ڳالهين تي غور ڪجي ٿو ته جواب مليو وڃي ته، سائنسي ڄاڻ توڙي تعليم ۾ گهٽ هي عرب ۽ ايراني، پئسي ۾ گهٽ ڪيترا آفريڪي ملڪ، ترقيءَ جي Dوڙ ۾ اسان جهڙن ملڪن کان اڳتي نڪرندا وڃن. اهڙن ملڪن جي اڳواڻن توڙي واسطيدار عملدارن جي دلچسپي ڪري سندن ماڻهن جو خيال رکيو وڃي ٿو ۽ هوڏانهن اسان جهڙا به ڪيترا آهن، جيڪي ڀلي نمبر کڻن، مقابلي ۾ سڀ کان اڳيان نڪرن، ته به جهڙا يتيم يتيم، نڌڻڪا نڌڻڪا.

سئنڊوچ گهران کڻي اچو

رسيپشن دوران ڪجهه آفريڪا جي ملڪن کان آيل نمائندن سان ملڻ جو پڻ موقعو مليو. اڄ جو آفريڪي ماڻهو اهو اڳوڻو هيسيل ۽ يورپ جي ٺٺ ٺانگر کان گهڻو مرعوب نٿو لڳي. هنن آفريڪي نمائندن کي نه فقط سٺي انگريزي ڳالهائڻ آئي ٿي پر معلومات به هين. ان ڪري پنهنجي هر ڳالهه، هر مسئلو نه فقط سمجهائي سگهيا ٿي، پر سوال جواب به ڪري سگهيا ٿي. ٻيا ته ٺهيو پر سعودي عرب جو نمائندو _ ڊائريڪٽر جنرل علي نه فقط سرڪاري ڪامورو آهي پر پنهنجي فيلڊ جو ماهر پڻ آهي. پاڻ مئرين انجنيئر رهي چڪو آهي _ يعني ڪيڏو به کڻي امير يا وڏو ماڻهو هجي پر ان عهدي تي پهچڻ لاءِ هن کي بين الاقوامي قانون مطابق ڪيترائي سال ڍانگري (بئالر سوٽ) پائي جهاز جي تيل ۽ گريز هاڻي گرم انجن روم ۾ ڏينهن رات ڪم ڪرڻو پيو هوندو. ايران جو محمد مدد ته بين الاقوامي قاعدي قانون جو به ماهر ڏٺو ٿي، جو ڪنهن کي به وٺ نٿي ڏنائين. گهڻن جا ڪن ڪپيو ويٺو هو.مون نوٽ پئي ڪيو ته ڪيترا يورپي عرب ۽ ايران جي هنن نمائندن کي پهرين ڄٽ سمجهي، ساڻن وائڙي نموني مليا ٿي، پر پوءِ گهڙي کن بعد ڇرڪ ڀريائون ٿي.
مانيءَ وقت آئون، ڀر ۾ ويٺل مصر جي پوڙهي پروفيسر ڊاڪٽر احمد منصف سان ئي ڳالهائيندو رهيس. مختلف قسمن جا پهرين شراب پيش ٿيندا رهيا. “نه-پيئڻ” وارن جي اڳيان پاڻي ٿي رکيائون، پوءِ ٻه يا ٽي دور هلڻ بعد مس مس ميزبان عورتون هر هڪ لاءِ ڌار ڌار کاڌي جي پليٽ کڻي آيون. سامهون ويٺل نائيجيريا جي همراهه اوموتايو ان کي پورڪ (خنزير) سمجهي وٺڻ کان انڪار ڪيو ته ڀر ۾ ويٺل سئيڊش ٻڌايس ته مڇي آهي _ يعني کائي سگهين ٿو. مون ان گول نرگسي ڪوفتي جهڙي بال کي ڪپ سان ٻه اڌ ڪيو. اندر بٽير (تتر) جو بيضو هو جنهن مٿان ڪوفتي وانگر مڇيءَ جو ٿلهو تهه چڙهيل هو. مڇيءَ ۾ ککاڻ گهڻي هئي ان کان علاوه اهو مرچ مصالن بنا فروزن هو _ يعني برف وانگر ٿڌو هو. آئون هاڻ ٻي ڊش اچڻ جو انتظار ڪرڻ لڳس. ان وچ ۾ شهر جي ميئر تقرير ڪئي. پوءِ کاڌو کارائيندڙ عورتون نمودار ٿيون ۽ سڀني اڳيان خالي پليٽون ميڙڻ لڳيون. ان بعد ڪا دير هو نظر نه آيون. پوءِ مس مس ڪچن جو در کليو ۽ خدمتگار عورتون نڪتيون پر کين هٿن ۾ کاڌي جي خومچن بدران وري شراب جون بوتلون هيون. وري سائين شراب جو دور هلڻ لڳو. ان دوران سئيڊن جي وزير تقرير ڪئي. پوءِ مس مس اوٻاريل پٽاٽن جا ڀريل ٻه ڊش هر هڪ ٽيبل تي اچي رکيائون ته اهي اسين پاڻ ئي کڻون. باقي تريل بدڪ جا ڊبل روٽيءَ وانگر ٿيل پترن مان ٻه ٻه، هر هڪ اڳيان هو پاڻ رکڻ لڳيون. مون پٽاٽن جو ڍير پنهنجي پليٽ ۾ وڌو ڇو جو سئيڊن ۾ ڏيڍ سال کن رهي، هاڻ هوشيار ٿي ويو آهيان ته پٽاٽا مليا ته اهو ئي گهڻو ڪجهه آهي. پوءِ ڊبل روٽيءَ يا چانورن جو آسرو نه ڪرڻ کپي. سٺي ۾ سٺو ۽ اهم ڊش اها بدڪ هئي. اسان جي سامهون ويٺل نائيجيريا جي ڪميونيڪيشن سيڪريٽري مسٽر اوموتايو کي اها شايد نه وڻي ۽ ٽڪرو چکي پري ڪري ڇڏيائين. پٽاٽا وڌيڪ کڻڻ لاءِ چيومانس پر اهو به هڪ ٻه کڻي خبر ناهي ته ڇا چيائين ته وائي آهن يا بادي. پوءِ اهو ٿيو جيڪو ٿيڻو هو. يعني مٺو اچڻ لڳو. معنيٰ جهڙا ميڙا جت تهڙا ميڙا تت. چيومانس،”تو صفا نه کاڌو آهي، ڪسٽرڊ يا جيڪا به مٺي شيءِ ٺاهي اٿن، اها ٻيڻي وٺي کائجانءِ.”
چوڻ لڳو:”ڊائبٽيس جو مريض آهيان، مٺو کائڻ کان منع اٿم.” ان بعد وري شراب اچڻ لڳا.
“منهنجي خيال ۾ ڊنر ختم ٿي؟” اوموتايو مون کان آهستي پڇيو.
“بلڪل صحيح خيال اٿانو.” وراڻيو مانس.
ڀر مان لنگهندڙ خدمتگار عورت کي سڏي چيائينس:”پيئڻ ۾ ڪجهه ٻيو ملي سگهندو؟”
هن ٻن ٽن وڌيڪ شرابن جا نالا ورتا.
“نه منهنجو مطلب آهي ڪافي يا چانهه ملندي؟” اوموتايو پڇيو.
“ڪوشش ڪريان ٿي.” عورت وراڻيو.
“مهرباني ڪري مون کي بنا کنڊ جي چانهه جو ڪوپ آڻي ڏي.”
۽ پوءِ چانهه اچڻ تي ٻه چار ڍڪ ڀري مون کي چيائين: “هن پاسي جون عجيب دعوتون آهن.اسان وٽ ڪو غريب دعوت ڪندو ته به هڪ ئي ٻوڙ پر چڱيءَ طرح کارائيندو.”
مون کلندي چيومانس: “اهو به شڪر ڪجي، جو هنن ڪجهه کارايو. نه ته هتي جي دعوت ۾ ميزبان اڪثر اڳواٽ نياپو ڪندا آهن ته کائڻ لاءِ هرڪو پنهنجي پسند جي سئنڊوچ پنهنجي گهران ٺهرائي کڻي اچي.”

نائيجيريا جو سيڪريٽري

مختلف شراب پيش ڪرڻ دوران هڪ ڳاڙهي رنگ جو شراب (Wine) پڻ ڏنائون جيڪو اسان نه پيئندڙن جي گلاسن ۾ به اهو چئي وجهي ويا ته هي Non-Alcoholic آهي. منهنجي لاءِ اها نئين ڳالهه هئي ته ڪو شراب به بنا نشي واري جز جي هجي. ڀر ۾ ويٺل ڊاڪٽر احمد منصف کي ڏٺم ته هن اهو پيتو. ۽ منهنجي پڇڻ تي هن ٻڌايو ته ان قسم جو Wine سعودي عرب ۾ به ڏاڍو پيتو وڃي ٿو. ان ۾ نه نشو آهي ۽ نه الڪوحل. سامهون نظر ڪيم ته سعودي عرب کان آيل همراهه به اهو پي رهيو هو. پر ايراني وزير محمد مدد اهو ته ڇا پر مڇي ۽ بدڪ به نه کاڌي. هن جي اڳواٽ ڏيکاريل مرضيءَ مطابق کيس اوٻاريل ڀاڄيون مليون هيون جيڪي کائي رهيو هو.
مون ان وائين جو ڍڪ ڀريو. منجهائس ڪچن انگورن جي رس جي ٿوري خوشبوءِ اچي رهي هئي، باقي منجهس ڪوبه سواد نه هو. نه مٺو نه تکو، نه لسو نه چڀندڙ. مون گلاس واپس رکي پيئڻ لاءِ سوڍا واٽر وارو گلاس کنيو.
“ماني گهٽ باقي رڳو ڊرنڪس ڏنيون اٿن.” مون ڊاڪٽر احمد منصف ۽ سامهون ويٺل نائيجيريا جي سيڪريٽريءَ کي چيو.
“اها ته ڳالهه آهي” نائيجيرين وراڻيو.
“هونءَ هتي جا ماڻهو ايترو پيئن به ڪونه ٿا.” مون چيو.
“نه. تمام گهڻو پيئن ٿا.” مصر جي پروفيسر ڊاڪٽر احمد منصف چيو، جيڪو هتي چار سال کن رهي چڪو آهي.
“ڪيئن ڀلا؟” مون پڇيو.
“هنن ملڪن ۾ سياري جي مند ڇهن مهينن کان به وڏي ٿئي ٿي، جنهن ۾ راتيون تمام ڊگهيون ٿين. شام جو اڍائي ٽي بجي ئي سج لهيو وڃي ۽ پوءِ اوڻيهه ويهه ڪلاڪن بعد ٻئي ڏينهن نائين ڏهين بجي ڌاري سج اڀري ٿو. ڊگهين اونداهين راتين، اڪيلائي ۽ ڊپريشن کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ هي ماڻهو ڏوگهه ڏوگهان ڪن ٿا ۽ گهڻي پيئڻ جا عادي ٿيو وڃن. اها ٻي ڳالهه آهي ته هتي جي ماڻهن کي شراب پيئڻ کان دل شڪستو ڪرڻ لاءِ شراب تي وڏا ٽئڪس هڻي قيمت وڏي ڪئي وئي آهي. هر دڪان تي شراب جي وڪري کي روڪي، فقط چند دڪان ان لاءِ مخصوص ڪيا ويا آهن ۽ اهي ٻين دڪانن کان اڳ بند ڪيا وڃن ٿا. يعني ٻيا کاڌي پيتي جا دڪان شام جو اٺين بجي بند ٿيڻا هوندا آهن ته شراب جا پنجين بجي ئي. ان بعد شراب فقط ڪلبن ۽ هوٽلن ۾ هيڪاندين ڳرين قيمتن تي پيش ٿي سگهي ٿو.”
نائيجيريا جو اوموتايو وڏي عهدي جي لحاظ کان عمر ۾ تمام ننڍو ٿي لڳو. ٽيهه پنجٽيهه سالن جو مس ٿيندو. اعليٰ مقابلي جا امتحان ڏئي ان عهدي تي پهتو هجي يا سياسي تعلقات هجڻ ڪري اهو عهدو ماڻيو هجيس. مون اخلاقي طرح سندس ملڪ جي شاگردن بابت ساڻس خبرچار ڪئي.
“مون واري سال ۾ توهان جا پنج کن نائيجيرين شاگرد آهن، ٻه عورتون، جوليانا ۽ آرت جيڪي جنرل ائڊمنسٽريشن ۾ ايم ايس سي ڪري رهيون آهن ۽ ٽي مرد: ايڊي، چيپا ۽ عثمان آهن، جيڪي پورٽ ائنڊ شپنگ ائڊمنسٽريشن ۾ ايم ايس سي ڪري رهيا آهن. سڀ دوستي ياريءَ ۾ به سٺا آهن ته پڙهائي ۽ ذهانت ۾ به.”
“مهرباني.” هن چيو.
“توهان هنن سان مليا آهيو؟” مون پڇيو مانس.
“نه، آئون دراصل اڄ هتي پهتو آهيان. جرمنيءَ ۾ هڪ ٽريڊ پروموشن جي بين الاقوامي ميٽنگ اٽينڊ ڪرڻ لاءِ آيو هوس ته اتي مون کي حڪومت کان نياپو مليو ته هيڏانهن اچان. سو توهان وٽ مالمو هليو آيس.”
“هتي مالمو ۾ ڪٿي رهيل آهيو.” مون پڇيو مانس
“شيرٽن هوٽل ۾.”
“اها ته ان هاسٽل کي تمام ويجهي آهي جنهن ۾ توهان جا شاگرد رهن ٿا. هينئر ڊنر کانپوءِ يا سڀاڻي هنن سان ملي سگهو ٿا.”
“پر لڳي ٿو ته آئون شايد نه ملي سگهان. ڊنر ختم ٿيندي ٻارنهن هڪ ٿي ويندو ۽ سڀاڻي صبح ساڻ مون کي لنڊن لاءِ جهاز تي پهچڻو آهي.”
“توهان پنهنجن شاگردن کي سڃاڻو؟” مون پڇيو.
“مون ئي ته سندن علمي ۽ ذهني قابليتون جانچي کين هيڏانهن اچڻ لاءِ چونڊيو هو. هونءَ عثمان کي ته چڱي طرح سڃاڻان.” هن وراڻيو.
مون ٻئي ڏينهن ڪلاس روم ۾ عثمان سان سندس ملڪ جي هن سيڪريٽريءَ جي ڳالهه ڪئي.
“ڏاڍو سٺو ماڻهو آهي،” عثمان چيو، “منهنجي ساڻس ڄاڻ سڃاڻ آهي. بيحد نيڪ ۽ مذهبي ماڻهو آهي. ههڙن ملڪن ۾ به هو پنهنجن اصولن کي قائم رکندو اچي.”
“بلڪل صحيح چوين ٿو. هڪ نوجوان، وڏو آفيسر، سهڻو سمارٽ ۽ پئسي وارو ٿي ڪري به ايڏو سادگي ۽ شرافت ۾ رهڻ حيرت جي ڳالهه آهي. اها توهان جي ملڪ جي ترقيءَ جي اڳڪٿي ڪري ٿي. سياستدان، فوجي ۽ سرڪاري ڪامورا ئي ملڪ کي ٺاهين ٿا. اهي ئي تباهي آڻين ٿا.”

WMU سئيڊن جي يونيورسٽي ڪيئن ٺهي

تقريرن ۾ هتي جي وزير ۽ مالمو شهر جي ميئر اهو ئي ٻڌايو ته کين خوشي آهي ته هن قسم جي بين الاقوامي ۽ دنيا ۾ فقط هڪڙي يونيورسٽي سندن ملڪ ۾ ۽ سندن شهر ۾ آهي. “هن يونيورسٽي ڪري سئيڊن کي، خاص ڪري مالمو کي، دنيا جي ملڪن ۾ سڃاڻپ ٿي آهي. دنيا جي شايد ئي ڪا ٻي عام يونيورسٽي هجي جنهن ۾ هڪ ئي وقت ايترن ملڪن جا شاگرد پڙهندا هجن. ڏهن سالن اندر 900 کن شاگرد هتان گريجوئيٽ ٿي، پنهنجن ملڪن ۾ روانا ٿيا آهن. اهي شاگرد نه فقط پنهنجي ملڪ جي اهم جهازي کاتن ۾ اعليٰ آفيسر آهن، پر اسان سمجهون ٿا ته اهي اسان جا سفير پڻ آهن، جيڪي هن شهر مالمو ۽ ملڪ سئيڊن بابت پنهنجي ملڪ ۾ پرچار ڪري سگهن ٿا.”
آءِ ايم او جي هاڻوڪي جنرل سيڪريٽري وليم اونيل سندن ٿورو مڃيو.
مسٽر سري واستاوا جي تقرير سڀني کي ڏاڍو متاثر ڪيو. پاڻ پنجهتر سالن جو ٿيندو. برما جو اوٿانت، مصر جو بطرس علي ۽ هندستان جو هي پوڙهو جهازي چندريڪا پرساد سري واستاوا انهن آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ايشين مان آهن، جيڪي پنهنجي قابليت تي بين الاقوامي وڏي ۽ اهم عهدي تي پهتا. سري واستاوا IMO جو تمام محنتي ۽ هوشيار جنرل سيڪريٽري رهي چڪو آهي. هيءَ ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي نه فقط سندس خواب هو پر ان کي ساڀيان پڻ سندس ئي اڻ ٿڪ ڪوشش بنائي. يونيورسٽي جي اهميت ۽ ان جي وجود ۾ اچڻ بابت پاڻ ٻڌائين:
“دنيا جي هڪ ملڪ جون ضرورتون ٻيو ملڪ پوريون ڪري ٿو. ميوي ڀاڄيءَ ۽ ڪڻڪ چانورن کان موٽرڪارون، دوائون، ڪيميڪل هر شيءِ ڍوئڻ لاءِ جهاز کپن. ۽ جهازن کي سمنڊ تي هلڻ لاءِ سخت قاعدا قانون کپن ۽ انهن قانونن جو بين الاقوامي هجڻ ضروري آهي. موٽر لارين جي هلڻ لاءِ ته هر ملڪ پنهنجي پنهنجي مرضي جو قانون ٺاهي سگهي ٿو. مثال طور آمريڪا، سعودي عرب، دبئي ۾ ساڄي پاسي هلائجن ٿيون ۽ انگلينڊ، نائيجيريا، بنگلاديش ۽ ٻين ملڪن ۾ کاٻي پاسي، پر جهاز جيڪي بين الاقوامي سمنڊن ۾ هلن ٿا، انهن لاءِ جي هر ملڪ پنهنجا پنهنجا قانون ٺاهيندو ته نتيجو حادثاتي موت ٿيندو. ان لاءِ ضروري آهي ته سامونڊي دنيا ۽ قاعدي قانون ۾ دنيا جا سڀ ملڪ _ باوجود سندن مختلف زبانن مذهبن، ڪلچرن، سياسي نظرين جي، هڪ ٿي قانون ٺاهين ۽ نه فقط قاعدا قانون پر جهاز هلائڻ، ٺاهڻ، سامان چاڙهڻ، لاهڻ، بندرگاهن ۾ رکڻ ۽ بندرگاهن جو نظام هلائڻ لاءِ نه فقط ترقي يافته ملڪن جا ماڻهو ان ڪم ۾ ڀڙ هجڻ کپن پر ترقي پذير توڙي ننڍن ۽ غريب ملڪن ۽ ٻيٽن جي ماڻهن جو پڻ ايترو ئي Expert هجڻ ضروري آهي. ان لاءِ ضروري هو ته ڪو اهڙو انٽرنيشنل ادارو هجي، جنهن ۾ دنيا جي سڀني ملڪن جي بندرگاهن ۽ جهازن جا ماهر مختلف مئريٽائيم سبجيڪٽن ۾ وڌيڪ علم اچي حاصل ڪن.”
سري واستاوا ٻڌايو ته اهڙي اداري لاءِ جڏهن هنن جي کاتي IMO يونائيٽيِڊ نيشن جي سيڪريٽري اڳيان رٿ پيش ڪئي ته جواب اهو ئي مليو ته خيال تمام سٺو آهي ۽ ان کي عملي شڪل ڏني وڃي پر پئسي جو پورائو پاڻ ئي ڪريو ۽ پوءِ جڏهن IMO جي ميمبر ملڪن اڳيان اها رٿ پيش ڪئي وئي ته سئيڊن جي نمائندي يڪدم چيو ته هنن جي حڪومت اهڙي يونيورسٽي هلائڻ لاءِ خرچ جو ٽيهه سيڪڙو ضرور ڏيندي بشرطيڪ UNDP (يونائيٽيڊ نيشن ڊولپمينٽ پروگرام) UNO جو هڪ ٻيو گهڻ قومي ادارو، پڻ ان ۾ مدد ڪري.
“۽ جڏهن UNDP وارن وٽ پهتاسين ته انهن وري اهو ئي شرط رکيو ٿي ته ٺلهه تي اسان مدد نه ڪنداسين. پهرين سئيڊن يا ٻين ملڪن کان ڪجهه خرچ پکو هٿ ڪريو. ان بعد آئون سئيڊن حڪومت ڏي ويس. سئيڊن جي وزيراعظم سان ڳالهه ڪيم. تنهن ڳالهه هينئين سان هنڊائي واسطيدار کاتي جي اعليٰ عملدار کي گهرائي اصولي طرح مدد ڏيڻ جو واعدو ڪيو. اسان جهڙو ملڪ هجي ها ته ڪاغذ پٽ ۽ ٻيون سرڪاري Formalities پوريون ٿيڻ ۾ ڇهه مهينا لڳي وڃن ها پر سئيڊن حڪومت ان ۾ هفتو به نه لڳايو. آئون اتان ٿي واپس پنهنجي آفيس (لنڊن) پهتس ته سئيڊن حڪومت طرفان ٽيهه سيڪڙو خرچ ڏيڻ جي قبوليت جي ٽيليڪس رکي هئي. ڏاڍو خوش ٿيس ۽ پوءِ ته UNDP وارا به مڃي ويا. ۽ ان ڪم ۾ نه فقط سئيڊن حڪومت مدد ڪئي پر پوءِ ناروي، ڊئنمارڪ، فنلينڊ، جرمني ۽ ٻين ڪيترن ملڪن جي حڪومتن، جهاز ران ڪمپنين ۽ امير ماڻهن دل کولي پئسو ڏنو. پر شروع کان اڄ تائين سڀ کان گهڻي مدد سئيڊن ڪندو اچي. پئسي جي آڇ بعد يونيورسٽي لاءِ عمارت جي ضرورت هئي. ان لاءِ سئيڊن جي ڏاکڻي شهر مالمو جي چونڊ ڪئي سين، جيڪو بندرگاهه به آهي ۽ ڏکڻ ۾ هجڻ ڪري سئيڊن جي اتراهن علائقن کان وري به سيءُ گهٽ آهي. ۽ سندس ڀر ۾ ڪوپن هيگن، هيلسنڪي هئمبرگ، بريمن ۽ يورپ جا ٻيا ماڊرن بندرگاهه آهن، جتي جهازن جي اچ وڃ ۽ ڪارخانن ڪري هن يونيورسٽي جا شاگرد نه فقط عملي ڪم جو جائزو وٺي سگهن ٿا پر انهن ادارن جا ماهر يونيورسٽي اچي ليڪچر به ڏئي سگهن ٿا.”
بلڊنگ بابت سري واستاوا ٻڌايو ته سئيڊن حڪومت هي موجوده عمارت ڏيکاري، ۽ چيو ته اها هو مفت ۾ ڏئي سگهن ٿا. هيءَ عمارت ان وقت سئيڊن جي ميرين اڪيڊمي هئي. عمارت سٺي هئي پر ڪمرن کي رنگ روغن جي ضرورت هئي. فرنيچر به ڪو اهڙو خاص نه هو. پر پوءِ سئيڊن حڪومت هن عمارت جي نه فقط مرمت مفت ۾ ڪرائي ڏني پر سڄو نئون فرنيچر وٺي ڏنو.
“پوءِ جڏهن ان عمارت جي نئين ٿيڻ بعد ڏسڻ لاءِ آيس ته مون کي هڪدم ڌيان ۾ آيو ته يونيورسٽي ته ٺهي وئي پر ان ۾ پڙهڻ لاءِ هن شهر مالمو جا ماڻهو ته نه ايندا. ان جا شاگرد نه فقط ٻاهرين ملڪن جا هوندا پر اهي ننڍا ٻار نه پر پنهنجي ملڪن جا اعليٰ آفيسر هوندا، جنهن ڪري انهن جي رهائش لاءِ نه فقط هاسٽل هجي پر تمام سٺي هنڌ تي هجي ۽ ان جا ڪمرا وڏا ۽ ڪشادا هجن جيئن ڪو شاگرد شادي شده هجي ته زال سان گڏ رهي سگهي ۽ ساڳي وقت ڪو شاگرد ڪنهن ڏينهن- خاص ڪري موڪل واري ڏينهن عام ميس ۾ ماني کائڻ بدران پنهنجي ملڪ ۽ پسند جي پچائڻ چاهي ته ان لاءِ رڌ پچاءُ جو بندوست ضرور هجڻ کپي.
“ان لاءِ مالمو شهر جي ميئر مون کي شهر جي مرڪز ويجهو Disponent Gatan روڊ تي پنج ماڙ هينرڪ سمٿ بلڊنگ اچي ڏيکاري، جنهن جي Basement ۾ هوٽل، ٽيبل ٽِينس، جمنازيم ۽ (Sauna) سانا جا پڻ ڪمرا هئا. رهائش جا ڪمرا، جهڙا مون سوچيا هئا، انهن کان به سٺا هئا. هر ڪمري کي رڌ پچاءُ جو الڳ الڳ بندوبست ۽ وهنجڻ جاءِ هئي. ڪپڙن ڌوئڻ لاءِ الڳ بندوبست، هر ڪمرو ڪشادو هو جنهن ۾ پلنگ، لکڻ پڙهڻ لاءِ ٽيبل ڪرسيون ۽ مهمانن کي ويهارڻ لاءِ صوفا سيٽ رکڻ لاءِ چڱي خاصي جاءِ هئي. مون واسطيدار اداري سان ان هاسٽل جي مسواڙ يا هميشه لاءِ وڪڻڻ لاءِ قيمت پڇي. “ڪجهه به نه، توهان يونيورسٽي جي شاگردن لاءِ ائين ئي کڻو ۽ اسان ان جي لائيٽ پاڻي ۽ هر ڪمري جي رڌڻي جي ٿانون ٿپن ۽ اليڪٽرڪ اوون ۽ ريفريجريٽرن جي بدلائڻ يا مرمت جو پڻ خرچ ڀريندا رهنداسين.” هن چيو. آئون وائڙو ٿي ويس، خوشيءَ مان ڪپڙن ۾ نه پئي ماپيس. انڌو گهري هڪ اک هتي ٻئي پيون ملن. ۽ پوءِ هلڻ مهل سيڪريٽريءَ کي چيم ته اڃان به هڪ ڳالهه ڪرڻ چاهيان ٿو. هن هاسٽل ۾ دنيا جي ملڪن کان جيڪي شاگرد ايندا اهي آفيسر آهن ۽ ڪيڏو نه سٺو ٿئي جيڪڏهن ڪن ڪمرن جا ميرا پڙدا ۽ غاليچا بدلايا وڃن. ان تي هن ڪنڌ ڌوڻي هائوڪار ڪئي. واپس لنڊن اچي مون سوچيو ته ٿي سگهي ٿو اها ڳالهه وسري به وئي هجيس. پر پورن پندرنهن ڏينهن بعد هي سئيڊن جو سيڪريٽري جيڪو هاڻ رٽائرڊ ٿي چڪو آهي ۽ هن وقت اسان سان گڏ هن ڊنر ۾ ويٺو آهي ۽ منهنجي هڪ هڪ لفظ جي صحيح هجڻ جي گئرنٽي پڻ ڏيندو، منهنجي آفيس ۾ پهتو. سندس هٿ ۾ وڏي بئگ هئي، مون سمجهيو هو شايد اڳتي نيويارڪ ڏي وڃي رهيو آهي ۽ ويندي ويندي هتان مون وٽان ٿيندو وڃي پر نه، هو خاص مون سان ملڻ لاءِ آيو هو.
“۽ ٻڌائين ته هو هاسٽل جي سڀني ڪمرن جو فرنيچر نئون ڪرائي رهيو آهي ۽ ساڳي وقت پڙدا ۽ غاليچا پڻ سڀني ڪمرن جا بدلائي نوان ڪرڻ چاهي ٿو. هن بئگ کولي پاڻ سان آندل پڙدن ۽ غاليچن جا نمونا (سئمپل) منهنجي حوالي ڪيا ته اسان جي آفيس انهن مان بهتر کان بهتر رنگ ۽ نمونو چونڊي سگهي ٿي. آئون دل ئي دل ۾ سوچڻ لڳس ته انسانن ۾ ڪيترا سخي ضرور آهن، پر ڇا ان حد تائين به وڏي دل وارا ٿي سگهن ٿا. بهرحال اڄ هن ڀري محفل ۾ سئيڊن وارن جو ٿورو مڃان ٿو ۽ IMO اداري طرفان آئون اهي ٿورا کڻي لاهي نه سگهيو آهيان پر سوين سرڪاري توڙي نجي محفلن ۾ ڳائيندو رهان ٿو. اهو ته هو هڪ مثال سئيڊن جو، اهڙي طرح پوءِ “ناروي” اڳيان وڌيو، هن پهرين سال ئي هڪ ملين ڊالر يونيورسٽيءَ کي مدد ڏني. ٻئي سال ان کان ٻيڻي ۽ اڄ ڏهن سالن گذرڻ بعد اها مدد گهٽائي يا بند نه ڪئي آهي پر اڄ هو ان کان ستوڻي وڌيڪ رقم هر سال ڏئي ٿو. اهڙي طرح ٻيا ڪيترائي ملڪ آهن. بلڊنگ ۽ فرنيچر بعد پڙهائڻ لاءِ پروفيسرن جي ضرورت هئي، ان ۾ ڪئناڊا، آمريڪا، فرانس، جرمني، جپان، مصر ۽ يورپ ۽ ايشيا جي ٻين ملڪن جي حڪومتن پنهنجي خرچ تي سندن ملڪ جا جهازي دنيا جا ماهر ۽ مختلف علمن جا ڄاڻو موڪليا.
۽ پوءِ يونيورسٽي جو پهريون سال شروع ٿيو ۽ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ کان شاگرد اچڻ لڳا. چين، جپان، ڪوريا نه ڏس ته گئاٽامالا، پاناما، وينزوئلا نه ڏس، پاڪستان، هندستان، ايران، عراق، مصر نه ڏس ته گهانا، نائيجيريا، ڪينيا، موريطانيا نه ڏس! نه فقط وڏن ملڪن جا پر ڪيپ ورڊي، فجي، سولومن، مارشل، ونتالو ۽ ٻين دور دراز ننڍن وڏن ٻيٽن جا نمائندا هن ننڍڙي شهر، يونيورسٽي ۽ هاسٽل جي ننڍڙي عمارت ۾ اچي گڏ ٿيا ۽ اها گڏجاڻي چند ڪلاڪن جي هئي نه چند ڏينهن جي پر يڪي ساري ٻن سالن جي هئي. جنهن ٻڌو ٿي ان تعجب کاڌو ٿي ته مختلف مذهبن، زبانن، قومن، ڪلچرل، سماجي سياسي سوچن ۽ نظرين جو ايڏو وڏو مڪسچر هڪ ڇت هيٺ هيڏي وڏي عرصي لاءِ ڪيئن رهي سگهندو. مختلف سوادن ۽ نمونن جا کاڌا کائڻ وارا هڪ ميس ۾ ڪيئن ماني کائي سگهندا پر پوءِ دنيا ڏسندي رهي ته جتي انسان تشدد پسند آهي اتي ان کي امن ۽ سڪون ۾ رهڻ لاءِ الله تعاليٰ دماغ ڏنو آهي، ان جو مثال هيءَ يونيورسٽي آهي جتي هيترا شاگرد دوستن وانگر رهن ٿا، گڏ کائين ٿا، رانديون ڪن ٿا. کلن ۽ ٽهڪ ڏين ٿا، نه ته اڄ جي دنيا ڏي نظر ته ڪريو. جتي ڪٿي هنگامو ۽ مار مارا آهي. خون قتل انسان انسان جي رت جو اڃايل ٿي پيو آهي. پر ان دنيا ۾ هن يونيورسٽيءَ جي هڪ ٻي ننڍڙي دنيا آهي جتي عيسائي، يهودي، هندو مسلمان، ٻڌ توڙي انگريزي عربي، فارسي، اسپيني، چيني ڳالهائيندڙ، ڪارا توڙي اڇا، غريب توڙي امير ملڪ جا باشندا، سڌريل توڙي سڌرندڙ ملڪ جا ماڻهو، گڏ گڏ پيار محبت ۾ وقت گذاري رهيا آهن. پهرين ڏينهن ملڻ تي هن دنيا جا شاگرد کلي کيڪارين ۽ پنهنجي سڃاڻپ ڪن ٿا ۽ آخري ڏينهن تي هڪ ٻئي کان جدا ٿيڻ تي ڳوڙها ڳاڙين ٿا. هر سال هڪ سئو کان مٿي ملڪن جا شاگرد هن يونيورسٽي ۾ داخلا وٺن ٿا ۽ هن سال جي آخر ڌاري هن يونيورسٽي مان گريجوئيٽ ٿي پنهنجن ملڪن ڏي روانو ٿيندڙن جو تعداد هڪ هزار کان به مٿي ٿي ويندو، اهي پنهنجن ملڪن ۾ IMO جي ان متي: “Safer Ships, Cleaner Oceans” جي پوئواري لاءِ جدوجهد ڪري، هن ڌرتيءَ جي گولي ۽ انسان ذات کي تباهه ٿيڻ کان بچاءُ ۾ حصو وٺي رهيا آهن.”

اها آهي ڊبليو ايم يو (WMU). ...

تقرير جي وچ ۾ مالمو جي هڪ اسڪول جي ڇوڪرين ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي بابت هيٺيون راڳ ڪورس جي انداز ۾ ڳائيو:
1. Away from home in beautiful sweden
Overlooking enchanting Copenhagan
Erecting right near the gorgeous beach
Maritime experts come here to teach
That’s WMU!
2. Students far from all over the world
Where certain places no one knows
French, English, Spanish, Russian, Chinese
All communicate in one language.
That’s WMU!
3. Professors, students in different accent
Just like radio with multi-wave
Under one roof they interact
Unsimilar cultures enhance learning in fact
That’s WMU!
4. However, different back ground different mentality
Many students have their own priorities
Some for days never come to school
Others turn up even in hurricane Andrew
That’s WMU!
5. Some make University feel so bad
Booting disks missing in computer lab
If you need a new phone from Televerket
High deposit will empty your pocket
That’s WMU?
6. Seminars are what one souls cherish
They deliver knowledge wide and rich
Top experts here to share experience
In hoping students will turn brilliant
That’s WMU!
7. Hope will make full use of the two years
Equip oneself with powerful gears
Return to serve the nation in intentional sense
Make maritime industry upward in trends
That’s WMU

مسلمان ته ڪي خطرناڪ ماڻهو آهن

ڊنر دوران منهنجي گهڻي ڳالهه ٻولهه مصر جي پروفيسر ڊاڪٽر منصف سان ٿي. ڪجهه عرصو اڳ نيويارڪ جي ورلڊ ٽريڊ سينٽر تي ڦاٽل بم بابت ڊاڪٽر صاحب جي راءِ پڇيم جنهن لاءِ اهو ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته ان ۾ مصر جي هڪ نابين مذهبي رهنما عبدالرحمان جو هٿ آهي.
“آمريڪا جهڙي وڏي طاقت کي جيئن وڻي تيئن ڪري سگهي ٿي.” هن چيو. “جنهن کي وڻي تنهن کي چور چئي جهلي. جنهن کي چاهي ساڌ قرار ڏئي ڇڏي ڏي. هن وٽ انصاف جي هڪ زبان نه آهي پر ٻه زبانون آهن. حالت اها آهي ته ٻن سالن کان بوزنيا ۾ مسلمانن جو ڪوس ٿي رهيو آهي ته ان تي نه آمريڪا کي دل ۾ رحم ٿو اچي نه يورپ کي. جرمني، فرانس، اٽلي، انگلينڊ يا ناروي، ڊينمارڪ، سئيڊن کان يوگوسلاويا ڇا پري آهي؟ پر هر ڪو پنهنجي عياشي ۽ سک چين ۾ مگن آهي. ڄڻ اهو ڪي ڪجهه ڪنهن ڏورانهين ڏيهه ۾ اسٽيج تي ڊرامو ٿي رهيو آهي. ائڪٽنگ ٿي رهي آهي. جنهن کان متاثر نه ٿجي، اهو سڀ ڪجهه ان ڪري جو ظلم مسلمانن تي ٿي رهيا آهن. ان جاءِ تي ڪنهن هڪ به يهودي، آمريڪي يا برطانوي عيسائيءَ جو قتل ٿئي ها ته سڀني کي انساني حق رکڻ جو اونو ٿي پوي.
“ساڳيو حال اسرائيل ۾ فلسطينين سان ٿي رهيو آهي. اسرائيلين کي موچڙو هڻڻ بدران انهن کي هيرو بڻايو پيو وڃي. اڳ ۾ اسرائيلي اهو چئي آمريڪا جي مدد لاءِ همدردي حاصل ڪندا هئا ته هو آمريڪا جي مفاد ڪارڻ ڪميونسٽ دنيا کي منهن ڏيو ويٺا آهن. هاڻ ان ڪميونزم ۽ ان روس جو ڍونگ ختم ٿيو آهي ته ان جي جاءِ تي ٻيو شروع ڪيو اٿن. هاڻ هو آمريڪا کي اهو نقشو پيش ڪري رهيا آهن ته مسلمان خطرناڪ ماڻهو آهن، جيڪي آمريڪا ۽ سڄي دنيا کي تباهه ڪرڻ چاهين ٿا. آمريڪا انهن کان بچڻ گهري ٿو ته اسرائيل کي طاقتور بڻائي _ جيئن اسرائيل مسلمان تحريڪن کي ٻنجو ڏئي سگهي. نيويارڪ جي ورلڊ ٽريڊ سينٽر ۾ بم جو اهو ڌماڪو ان ڏينهن ٿيو آهي جنهن ڏينهن اسرائيل جي وزيراعظم کي آمريڪا جي صدر سان واشنگٽن ۾ ملڻو هو. هاڻ خبر ناهي اسان جي هن مولويءَ اهو بم ڦاڙايو يا اسرائيلين پاڻ، جيئن آمريڪا مسلمانن جي انهن ڪمن کان ڊڄي اسرائيل کي اڃان کارائي پياري متارو ڪري.”
“اڄ ڪلهه جي دنيا تي نظر ڪجي ته جتي ڪٿي مسلمانن لاءِ مشڪل ٿيندو وڃي”، مون ڊاڪٽر منصف کي چيو، “پوءِ ڪٿي مسلمان مسلمانن جون ٻوٽيون پيا پٽين ته ڪٿي غير مسلم قومون مسلمانن کي تباهه ڪرڻ ۾ رڌل آهن. عراق ايران سان وڙهندو رهيو. آخر تائين وريو ڪجهه ڪونه. ٻنهي ڌرين جو مال ۽ ماڻهو مرندا رهيا، پوءِ ايران کي ڇڏي عراق پنهنجي عقل تي يا آمريڪا جي اڻ سڌي چرچ تي ڪويت جا ڌاڻا ڪڍيا. وري آمريڪا اچي عراق جي ستياناس ڪئي ۽ نه فقط عراق کي ڪمزور ڪيو پر ننڍن وڏن عرب ملڪن کي ڊيڄاري ڇڏيو. ترڪي، شام، عراق ۽ ايران گڏجي ڪردن کي ماري رهيا آهن ۽ بقول توهان جي وزيراعظم حسني مبارڪ جي سوڊان مصر لاءِ ٻائيتال پيدا پيو ڪري. اهي ته اهڙا مثال آهن جنهن ۾ پنهنجا هٿ پنهنجين ڳچين ۾ آهن. ان کان علاوه يوگوسلاويا جو حال ڏسو، هندستان ۾ مسلمانن جو حال ڏسو، ويندي سوويت روس جي آزاد ٿيل رياستن ۾ مسلمان رياستون عتاب ۾ آهن، ان بابت توهان جو ڇا خيال آهي؟”
“دراصل اڄ جي دور ۾ هيءَ جنگ جاهل ۽ عقلمند جي هلي رهي آهي.” ڊاڪٽر منصف مختصر جواب ڏنو.
“ڇا مطلب؟” مون وضاحت معلوم ڪرڻ چاهي.
“هي آمريڪا، انگلينڊ ۽ يورپ جا ملڪ ڇا آهن؟ اهي وڏا عقلمند آهن. تمام هوشياري سان جنگ وڙهي رهيا آهن. ٻئي پاسي اسين ڇا آهيون _ بيوقوف ۽ ڇسا آهيون. هيتري آدمشماري، هيترو تيل نڪرڻ باوجود ۽ دولت جا مالڪ هجڻ بعد به Ediots آهيون. پاڻ ۾ ٻڌي نٿا پيدا ڪري سگهون. يورپ جا ڏهه مختلف زبانون ڳالهائيندڙ ڏهه ملڪ يورپين ڪميونٽي ٺاهيو وڃن، اسان جا چار ننڍڙا ملڪ ساڳي زبان ڳالهائڻ جي باوجود به هڪ ٿي نٿا سگهون. سڀ ڪجهه هوندي به پنهنجو پاڻ کي به پريشان ڪريو ويٺا آهيون ته ڀر واري ڀاءُ ملڪ کي به. پاڻ ۾ ئي وڙهيو هڪ ٻئي کي ڪمزور پيا ڪريون، غير سان ڇا مقابلو ڪنداسين. غير ته اسان جو تماشو ڏسي مزو پيو ماڻي.”
ڊاڪٽر منصف بيحد حقيقت پسند لڳو ٿي، سندس ڪجهه ٻيون ان قسم جون ڳالهيون جيڪي هن وقت ياد اٿم ۽ هتي قلمبند ڪرڻ چاهيان ٿو اهي هن ريت آهن:
• اسان مسلمانن کي تاڪيد ٿيل آهي ته “اسلام جي رسيءَ ۾ ٻڌجي هڪ ٿي وڃون ۽ ڇڙوڇڙ نه ٿيون.” پر اڄ جي حالتن موجب اسان مسلمان ڪو ان تي عمل ڪريون ٿا ؟
• تازو ڪراچيءَ ۾ ٻاونجاهه کن مسلمان ملڪن جا وزير (وزير خارجه) مليا ۽ اسلامي بئنڪ ڪاريءَ کان وٺي جمهوريت جي بحاليءَ بابت ڳالهائيندا رهيا پر ورلي ڪنهن ڳالهه تي سڀني ڪا قبوليت ڏيکاري.
• عيسائيت جي دنيا ۾ مسلمانن جي اها سڃاڻ وڃي رهي آهي ته مسلمان هر غلط ڪم ڪري ٿو.
اسان مسلمانن خلاف زهر اوڳاڇيندڙ مغربي پريس نه فقط بنيادي دشمني ڪارڻ پر ساڙ ۽ حسد خاطر دنيا کي مسلمانن بابت اهو ئي اميج ڏئي ٿي ته هو اڇي چوغي (جبي) وارا ماڻهو آهن. هنن جي گهر جي بُهري(Basement) ۾ بم ٺاهڻ جي فيڪٽري آهي. هن جا ٻار ڪلاشنڪوف بندوق جا پرزا پرزا ڌار ڪري وري ڳنڍي سگهن ٿا. گهر ۾ چار زالون رکڻ جا شوق اٿن. پنهنجي جاهليت کي خوش نصيبي سمجهن ٿا ۽ سڄو زور ان ڳالهه تي اٿن ته سندن زالون ستن پڙدن ۾ ڍڪجي هلن ۽ پاڻ ٻين جي زالن کي ڪرڙين نگاهن سان تاڙيندا وتن. ان قسم جا ماڻهو نظر اچڻ تي مغربي دنيا جي هڪ سٺي شهريءَ جو اهو فرض آهي ته هو هڪدم CIA کي اطلاع ڪري.
• اسلام کان لکين اڻ واقف عيسائين لاءِ اسلامي دنيا هڪ خوف ۽ خطري جو ويڙهو آهي، جنهن جو مول مقصد مغربي حڪومتن خلاف جهاد ڪرڻو آهي. ان ڊيڄوڙي ۾ هر مغربي ملڪ بنا ڪنهن سوچ سمجهه جي مسلمانن کي خطرناڪ سمجهندو وڃي. فلسطيني جڏهن پنهنجي وطن لاءِ وڙهن ٿا ته مغرب جا ماڻهو اهو نٿا سمجهن ته هو هڪ قومي مقصد لاءِ وڙهي رهيا آهن. هو قوم پرست آهن، هنن کان سندن ڌرتي کسي وئي آهي. هو ان کي واپس وٺڻ لاءِ وڙهي رهيا آهن. انهن ۾ سڀ مسلمان نه پر عيسائي به آهن. مشهور آزادي جي تحريڪ پي ايل او (Popular Front for Liberation of Palestine) جو ليڊر جارج حباش ڪير آهي؟ هو هڪ عيسائي عرب آهي پر مغرب جا ماڻهو سمجهن ٿا ته PLO يا ان جهڙيون تحريڪون پاڳل مسلمانن جون آهن ۽ هو خوامخواه دنيا جي گولي تي هنگامو پيدا ڪري رهيا آهن. اهو ڪوبه نٿو سوچي ته هنن جي ٻچن ٻارن کي بي گهر ڪيو ويو آهي.
• هوڏانهن بوزنيا ۾ عيسائي مسلمانن کي ماري رهيا آهن ته انهن کي عيسائي نٿو سڏيو وڃي. هر وقت سرب ڪروٽ ۽ مسلم چيو وڃي ٿو.
• پر اسان وٽ جهاد جي لفظ جو جيترو غلط استعمال اسان جا مسلمان سياستدان ڪڍن ٿا اوتروئي غير مسلم ان کي سمجهڻ ۾ غلطي ڪن ٿا. افغانستان ۾ هاڻ مسلمان مسلمانن سان وڙهي رهيا آهن. ٻئي ڌريون ان کي جهاد سڏين ٿيون. “جهاد جو مطلب آهي دين اسلام کي خطري کان بچائڻ”، پر ڪيترائي دفعا مغربي پريس، ريڊيو ٽيليويزن قومي تحريڪن کي مذهبي جنگين جو رنگ ڏئي پيش ڪن ٿيون. اسان مسلمانن لاءِ Fundamentalist Fanatic جهڙا لفظ ۽ لقب گهڙين ٿا.
• فلسطيني جنگ به هڪ قوم پرستن جي جنگ آهي. جنهن ڳالهه جي سچائيءَ جي ساک جارج حباش به ڏيندو. ڪراچيءَ ۾ O.I.C جي ميٽنگ ۾ اها ئي ڳالهه فلپين جي مورو نئشنل لبريشن فرنٽ جي مسٽر نور مشوريءَ ڪئي ته ان کي مذهبي رنگ نه ڏنو وڃي.

ڪوڪارا ماڪارا

Marine Casualties (جهازي حادثن) بابت “قانوني طرح پڇا ڳاڇا” جي عنوان تي ليڪچر ڏيڻ لاءِ آمريڪا کان اتي جي ڪوسٽ گارڊ جو “ائڊمرل” رئنڪ جو هڪ وڏو آفيسر اسان وٽ سئيڊن ۾ آيو. هو فقط چئن ڏينهن لاءِ آيو هو سو ان ٿوري عرصي ۾ سڄو سبجيڪٽ چڱيءَ طرح پڙهائڻ ته ناممڪن ڳالهه هئي. هن رڳو ڪجهه اهم Topics تي ليڪچر ڏيڻ چاهيا ٿي ۽ پوءِ آخري ڏينهن تي، آخري پيرڊ ۾، ٽيسٽ وٺڻ جي خبر اڳواٽ ٻڌائي.
“ڪهڙي قسم جو ٽيسٽ ٿيندو-؟” اسان پڇيو.
“توهان ڪهڙي قسم جو چاهيو ٿا-؟” جواب بدران ائڊمرل صاحب سوال ڪيو.
“اوپن بڪ وارو- يعني ان ۾ ڪتاب ڏسڻ جي اجازت هجي.” ٽيونشيا جي فرينچ ڳالهائيندڙ عرب چيو.
“نه نه. ان کان Close Book وارو بهتر آهي. کليل ڪتاب وارو امتحان ڏکيو ڪيو ويندو ۽ ڳالهه ساڳي ٿيندي. جنهن اڳواٽ پڙهيو هوندو، اهو ئي صحيح طرح جواب ڳولي لکي سگهندو.” تنزانيا جي شيدي جهاز-انجنيئر دوبيلو پهرين کي سمجهايو.
“بند ڪتابن وارو امتحان هجي پر مضموني ٽائيپ بدران Objective نموني جو هجي. يعني سوال جي جواب ۾ اسان کي رڳو “ها” يا “نه” لکڻو پوي.” فلپين جي نيول آرڪيٽيڪٽ انجنيئر عورت ڊيزيءَ صلاح ڏني.
ائڊمرل چيو: “هاڻ مون کي گهڻيون صلاحون نه ڏيو. پيپر مون اڳ ئي ٺاهي ڇڏيو آهي ۽ MCQP هوندو. يعني “Multiple Choice Question Paper” (هن قسم جي امتحان ۾ هر سوال جا ٽي يا چار جواب ڏنل هوندا آهن، جن مان جيڪوگهڻو صحيح هجي، ان تي منڌيئڙو ڏيڻو پوندو آهي.)
سڀني “بئڊلڪ” چئي پنهنجي اڻ-پسنديدگيءَ جو اظهار ڪيو جو اهڙي امتحان ۾ ممتحن جي مرضي هلي ٿي ته هو ڪهڙي جواب کي صحيح سمجهي ٿو، ڇو جو ڪڏهن ڪڏهن ڏنل سڀ جواب صحيح هوندا آهن. مثال طور سوال هجي ته: حيدرآباد ڪٿي آهي؟” ۽ ان جي ڏنل هيٺين چئن جوابن مان ڪهڙو صحيح جواب ٿي سگهي ٿو:
1. حيدرآباد ايشيا ۾ آهي.
2. حيدرآباد سنڌ ۾ آهي.
3. حيدرآباد ٽنڊي ٺوڙهي ڀرسان آهي.
4. جتي ريشم گلي آهي.
هاڻ اهڙن جوابن مان (جيڪي ظاهري طرح سڀ صحيح آهن) صحيح ڳولڻ ايترو ئي ڏکيو ڪم آهي، جيترو هڪ ڏينهن جي جهرڪي جي ٻچي جي جنس ٻڌائڻ ته نر آهي يا مادي. سو ظاهر آهي اسان سڀني اڻ وڻت جو اظهار ڪيو. سواءِ وينزويلا جي چيف انجنيئر مسٽر ايفرين جي. هو ڪنڊ ۾ بيهي تاڙيون وڄائڻ لڳو ۽ ويري گڊ ويري گڊ چوڻ لڳو.
منهنجي ڀر ۾ ويٺل يمن جي محمد مبارڪ آهستي چيو: “انهي چرئي اسپيني ڳالهائيندڙ کي ائڊمرل جي آمريڪن اسٽائيل انگريزي سمجهه ۾ نه آئي آهي. ٺلهه تي ويٺو تاڙيون وڄائي.”
چانهه جي ساهيءَ ۾ ٻاهر نڪري مسٽر ايفرين کي چيم: “ايڏو خوش ٿي رهيو هئين. ان کان ته آبجيڪٽو ٽيسٽ صحيح هو، سڀني سوالن جي جواب ۾ فقط “ها” يا “نه”لکي اچون ها ته به پنجاهه سيڪڙو مارڪون ملي وڃن ها، ڇو ته ان ۾ ڌيءَ نه ته پٽ وارو حساب آهي ئي آهي. پر هاڻ هنن ٽن يا چئن جوابن مان هڪ صحيح ڳولڻ ڏکيو ڪم آهي. ۽ تو ٻه ڏينهن ليڪچر به اٽينڊ نه ڪيا آهن.”
“اميگو! تڏهن ته خوش ٿي رهيو آهيان،” ايفرين چيو. هو هميشه انگريزيءَ جي هر جملي ۾ هڪ اڌ اسپيني لفظ ڳالهائيندو آهي. “هاڻ ايترن جوابن مان هڪڙو صحيح جواب عقل سان نه پر فال سان ڳولڻو پوندو ۽ سڀ ۾ اسپيني بهتر “ڍار” آهي: “ڪوڪارا ماڪارا تيتري فئي پيغالي پيغالي ڪي ايجا فئي.”
جنهن جواب تي آخري لفظ ’فئي‘ اچي اهو ٿيو صحيح جواب.”
مٿيون اسپيني راڳ ائين آهي جيئن پاڻ وٽ “ارچڪ مرچڪ ڌما ڌرچڪ.”
يا انگريزن وٽ:
“اِني مِني مئني مور.”

منهنجي منجي ڀڃي ڇڏ

هن پاسي جون زبانون-يعني ڊئنمارڪ، ناروي ۽ سئيڊن جون زبانون پاڻ ۾ ايترو ملن ٿيون جيترو پنجابي سنڌي، ان کان به گهڻو. ڇو جو پنجابي سنڌيءَ ۾ به ڪيترائي ٻيا لفظ آهن پر هنن ٻولين ۾ ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ٻيو لفظ آهي، باقي رڳو لهجي جو فرق آهي. جيئن سنڌي زبان ساڳي آهي پر اترادي، لاڙي يا ٿري ماڻهن جي لفظن ۽ لهجي ۾ فرق آهي.
سئيڊش زبان جا ڪيترائي لفظ انگريزيءَ تان کنيل آهن (يا انگريزن هنن ٻولين تان کنيا آهن)، جيڪي هڪ ٻئي سان گهڻو ملن ٿا. جيئن “تون” کي انگريزيءَ ۾ You چئجي ٿو ته سئيڊش ۾ DU. ٻار کي انگريزي ۾ “بيبي” چئجي ٿو ته سئيڊش ۾ “بارن”- يعني New Born پر بارن (Barn) جي اسپيلنگ “او بدران “اي” سان ٿئي ۽ ٻار جي گاڏي کي Baby Cart بدران “بيبي وئن” چئجي ٿو پر وئن جي اسپيلنگ Van بدران Vagn لکي وڃي ٿي.(سئيڊش ۾ “G” يا “J” جو ڪٿي ڪٿي اچار “ي” آهي). انگريزيءَ يا سنڌيءَ ۾ ڌار ڌار لفظ لکڻ بدران يڪو هڪ لفظ “Barnvagn” ٿيو وڃي. جيئن فارسيءَ ۾ “آستانِ مرشد”، “شهنشاهه ِ هند” وغيره. پر سئيڊش ۾ ٻه ڇا ٽي چار لفظ ته آرام سان ملائي هڪ نئون لفظ ٺاهڻ جي عادت عام آهي. جنهن دڪان تي ننڍن ٻارن لاءِ مٿي ذڪر ڪيل گاڏا ۽ ٻيو سامان ملي ٿو ان جو نالو آهي: “Barnvagnspecialist” ۽ هڪ ٻيو دڪان جتان اسان جو گهڻو لنگهه ٿيندو آهي جيڪو يا ته ڪنهن ناروي جي رهاڪوءَ جو آهي يا ان ۾ ناروي جا ٺهيل گاڏا رکيل آهن جو ان دڪان جو نالو آهي: “Norgebarnvagnspecialis” نارج ناروي لاءِ استعمال ٿئي ٿو.
آئون نٿو سمجهان ته فارسيءَ يا ٻي زبان ۾ ايترن لفظن کي ملائي هڪ نئون لفظ لکڻ جو طريقو هجي. وڌ ۾ وڌ “ننها ميان گلفروش” يا “شڪرقندي حلوه” يا “بادبانِ ڪشتي ايران”- پر انهن ۾ به هڪ هڪ لفظ الڳ ٿيو وڃي سواءِ گلفروش ۽ شڪرقنديءَ جي. پر هتي سئيڊن ۾ سڀني لفظن جا اکر گڏيل نظر ايندا. هي ائين آهي جيئن ننڍا ٻار ڳجهارت طور جملي جا يڪا لفظ ملائي ٻين کان پڇندا آهن: “منهنجيمنجيڀڃيڇڏ” ڇا ٿيو؟- يعني “منهنجي منجي ڀڃي ڇڏ.” سو سئيڊش زبان به ڪجهه ائين لڳي ٿي.ڪجهه ٻيا لفظ جيڪي دڪانن ۽ عمارتن مٿان ايندي ويندي پڙهندا آهيون انهن ۾ هڪ “Sjukhuset” آهي جيڪو سرڪاري اسپتال ٻاهران لکيل آهي Sjuk سيوڪ يعني بيمار (Sick) ۽ سئيڊش ۾ گهر کي هوسٽ چئبو آهي. سو ٿيو “بيمارن جو گهر”- يعني “اسپتال”. اهڙي طرح “Barn Klader Huset” ٻارن جي ڪپڙن ملڻ جو گهر. ڪپڙن (Clothes) کي سئيڊش زبان ۾ Klader سڏجي ٿو ۽ نارٿ کي نارڊ- جيئن هتي جي مشهور بئنڪ آهي Nord Banken ملڪن جي بئنڪ، ۽ ڪانٽئڪ لينسز جي دڪان ٻاهر لکيل هوندو آهي: Kontaktlinser.

ساڳي زبان ڪري جدا ٿيل ملڪ

آمريڪا کان آيل پروفيسر انگريزي زبان تان چرچا ڪندو رهيو. بلڪ انگريزن جي انگريزي ڳالهائڻ واري نموني تي کلندو رهيو.
آفريڪا جي هڪ ملڪ ائنگولا جي جهازي ڪپتان اٿي چيو: “ساڳي زبان هجڻ ڪري آمريڪا ۽ انگلينڊ جي ماڻهن جي ته دوستي هجڻ کپي. جيئن ائنگولا ۽ موزمبق ۾ پورچوگالي ڳالهائي وڃڻ ڪري اتي جا ماڻهو پاڻ ۾ ويجهڙائي محسوس ڪن ٿا. جيتوڻيڪ موزمبق هندي وڏي سمنڊ ۾، آفريڪا جي اوڀر ڪناري تي آهي ۽ اسان جو ائنگولا ائٽلانٽڪ سمنڊ ڏي اولهه آفريڪا ۾ هجڻ ڪري جاگرافي طور هڪ ٻئي کان ڌار آهيون. يا جيئن هندستان ۽ پاڪستان سياسي طرح کڻي پاڻ ۾ نٿو ٺهي پر اردو ۽ هندي ساڳي زبان هجڻ ڪري عام ليول تي عوام جي دوستي رهي ٿي.”
“پر،” آمريڪا جي هن پروفيسر چيو، “انگلينڊ ۽ آمريڪا اهڙا ملڪ آهن جن جي ساڳي زبان هجڻ ڪري اسان جي هڪ ٻئي تي چڙ آهي.
“UK and USA are two countries separated by common language.”
مٿئين پروفيسر جنهن عنوان تي سڀ کان سٺو ليڪچر ڏنو اهو هو:
“What cannot be measured cannot be controlled”
(جيڪا شيءِ حد کان ٻاهر آهي اها ضابطي کان ٻاهر آهي.)

مڙس هڪ نه ٻئي ڏينهن زال کي ماري ٿو

ٻاهران ايندڙ پروفيسرن (Visiting Professors) مان پروفيسر جرزي لسونڪ پولينڊ کان اسان جي يونيورسٽيءَ ۾ هر سال ڪجهه هفتن لاءِ پڙهائڻ ايندو آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هو دلچسپ شخصيت ۽ سڀ کان گهڻو پسند ڪيو وڃي ٿو پر ان کان وڌيڪ ٻيا سبب جيڪي هن کي سٺو ماستر بڻائين ٿا اهي هي آهن: هو پنهنجي سبجيڪٽ جو ماهر آهي. هن کي پڙهائڻ جو طريقو اچي ٿو ۽ خوش مزاج آهي. هر وقت مرڪندو رهي ٿو. محنتي ۽ صابرين پڻ آهي جو ڪيترائي شاگرد خاص ڪري جن جي انگريزي سٺي ناهي، ساڳي شيءِ کيس هر هر سمجهائڻ لاءِ چوندا آهن ته به هو ٿڪبو ناهي.
پروفيسر جرزي (Jerzy Listewing) پولينڊ جو رهاڪو آهي. اسان وانگر جهازن جو ميرين انجنيئر هو. جهاز جو چيف انجنيئر ٿيڻ بعد ڪيترين ئي جهاز ران ڪمپنين ۾ آفيس سپرنٽينڊنٽ انجنيئر پڻ ٿي رهيو. سنگاپور جي Neptune Line ۾ پڻ چڱو عرصو نوڪري ڪيائين. سنگاپور ۽ ملائيشيا پاسي جا پراڻا جهازي کانئس چڱي طرح واقف آهن. سندس جهازي نوڪريءَ جو هڪ تمام وڏو حادثو مشهور آهي. آفريڪا جي هيٺان ڦيرو ڪرڻ وقت، ڪيپ آف گڊ هوپ جي خراب موسم ۽ خراب سمنڊ ۾ سندس جهاز ٻڏڻ کان ته بچي ويو پر ان جو پروپيلر (جهاز کي هلائڻ جو پنکو) شئفٽ ڀڄڻ ڪري نڪري ويو. پنکي بنا جهاز ائين آهي جيئن رڻ پٽ ۾ ٽرڪ جي ٽاءِ راڊ ڀڄي پوي. انجڻ پئي هلندي پر ڦيٿا چرڻ کان پڙ ڪڍي بيهندا آهن.
پر هن همراهه جهاز کي بچائي ورتو. ڪجهه عقل ۽ علم سان ڪجهه ضرور الله تعاليٰ کي ٻاڏائڻ ۽ دعائن سان، تڏهن ته هو ڪميونسٽ ملڪ جو ٿي ڪري چوندو آهي ته ڪوبه جهازي دهريو ٿي نٿو سگهي _ خاص ڪري ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾.
پروفيسر جرزي مئرين سائنس ۾M.Sc. ڪرڻ بعد جهازي انجڻين جي ڪنهن پهلوءَ تي پي ايڇ ڊي ڪئي. پاڻ انگلينڊ جي انسٽيٽيوٽ آف مئرين انجنيئرس جو فيلو ميمبر پڻ آهي. سندس ٻين قابليتن ۾ اها پڻ آهي ته ڪلاس ۾ ليڪچر ڏيڻ وقت وچ وچ ۾ ٺهڪندڙ چرچا ڀوڳ ۽ پهاڪا ٻڌائيندو آهي. ان ڪري هن عمر ۾ به مشينن جي بور دنيا جون ڳالهيون به دلچسپ لڳن ٿيون.
انجڻين جي پرزن کي گسڻ، گرم ٿيڻ ۽ آواز کان بچائڻ لاءِ چڪني تيل (Lubricating- Oil) جي اهميت ۽ خاصيت تي ليڪچر ڏيڻ کان اڳ چوڻ لڳو: “One who Lubricates well travels well”
سندس ٻٽي معنيٰ واري جملي تي ڪا دير سڄو ڪلاس کلندو رهيو. سلائي جي مشين هجي يا موٽرڪار ۽ جهاز جي انجڻ، جيترو سٺي طرح ليوب آئل يا گريز هڻندائو اوترو سٺو ۽ گهڻي عرصي لاءِ لڳاتار هلندي رهندي ۽ سفر دوران توهان کي تڪليف نه ٿيندي.
مٿيون اشارو رشوت ڏي پڻ آهي. پولينڊ جهڙن ڪيترن ملڪن ۾ ٻين جي هٿن کي گريز هڻڻ معنيٰ رشوت ڏيڻ آهي. سو ڪيترا ماڻهو اهو سمجهن ٿا ته زندگي جي گاڏي بنا رنڊڪ جي ان جي هلي ٿي جيڪو گهڻي کان گهڻو تيل هڻي ٿو. يعني رشوت ڏئي ٿو. ٻين لفظن ۾:
“ڏنو پٽ ڇٽي جو، ذات جو آسودو.”
دنيا جي جهازن تي استعمال ٿيندڙ مئرين انجڻين بابت Statistics تي ليڪچر ڏيڻ کان اڳ هن کلي چيو: “دوستو! Statistics پڙهائڻ منهنجو ڪم آهي پر ان ۾ يقين نٿو رکان ڇو جو “Statistics does not really reflects the correct situation”
Statistics (شماريات) مان حالات جو صحيح جائزو نٿو لڳائي سگهجي.”
“ڪيئن ڀلا-؟” اسان اچرج مان سوال ڪيس.
“ان جو اندازو توهان هن ننڍڙي مثال مان لڳائي سگهو ٿا. هڪ ماڻهو پنهنجي زال کي هر روز ماري ٿو. ۽ ٻيو ماڻهو بلڪل نٿو ماري. پر Statistics مطابق هر ماڻهو پنهنجي زال کي هڪ نه ٻئي ڏينهن ماري ٿو.”

چانهه بنا ڪهڙي زندگي

پنهنجي پولش پروفيسر کان هڪ ڏينهن پڇيوسين ته دنيا ۾ ڪهڙي “جهازي انجڻ” بهتر آهي؟ جرمنيءَ ۾ ٺهندڙ M.A.N، انگلينڊ جي “ڊاڪسفورڊ”، جپان جي “متسوبشي” يا سئٽزرلينڊ جي Sulzerانجڻ جيڪا پولينڊ ۾ پڻ گذريل ويهن پنجويهن سالن کان ٺهي رهي آهي.
جواب ۾ انجڻ جو نالو ٻڌائڻ کان اڳ پهاڪو ٻڌايائين:
“پولش زبان جو مشهور پهاڪو آهي ته بگهڙ لاءِ سندس پڇ کان وڌيڪ ٻي ڪا سهڻي شيءِ ناهي. سو اهڙي طرح مون لاءِ “سلزر” انجڻ آهي جيڪا اسان جي ملڪ پولينڊ ۾ به ٺهي ٿي. پر هونءَ اها حقيقت آهي ته سلزر انجڻ وڌيڪ ڪامياب وئي آهي.”
وچ ۾ هي پروفيسر هڪ هفتي لاءِ اسان سڀني کي پولئنڊ وٺي هليو، جتي هن انجڻ جو ڪارخانو ڏيکاريو جيڪو ڪارخاني جي مالڪ مسٽر سيجلسڪي (Ceigelski) جي نالي سان مشهور آهي. مسٽر سيجلسڪي سائڪالاجيءَ ۾ Ph.D. ڪئي، ان بعد خبر ناهي ڪهڙي جهوجهڪي آيس جو يونيورسٽي ۾ پڙهائڻ ڇڏي، الهه تلهه وڪڻي مشينون ٺاهڻ لاءِ هي ڪارخانو کوليو. ڪارخانو تمام ڪامياب ويو پر پوءِ ٻي لڙائي وارن ڏينهن ۾ جرمنن ان تي قبضو ڪري ورتو. جنگ بعد وري روس راڱا ڪندو رهيو. شروع کان اڄ تائين هن ڪارخاني ۾ ٺهندڙ مشينن ۽ ڪم ڪندڙ مزدورن جي درد جي داستان جي تواريخ هن ڪارخاني جي ميوزيم ۾ موجود آهي.
پروفيسر جرزي لسونڪ ۾ فقط هڪ خرابي آهي ته هڪ دفعو ليڪچر شروع ڪرڻ بعد کيس اها سڌ نٿي رهي ته چانهه لاءِ رسيس ٿي وئي. پوءِ ليڪچر ٻڌندڙ پهرين سرٻاٽن ۾، پوءِ دٻيل آواز ۾ ۽ نيٺ رڙ ڪري ياد ڏياريندا اٿس ته سائين هاڻ ٿوري رسيس ٿي وڃي، سر ٿو وڃي. ڇو جو هڪ ته سئيڊن جهڙي ملڪ جي ٿڌ کان بچڻ لاءِ چانهه ضروري آهي. ٻيو ته پروفيسر جرزيءَ جا اسين سڀ شاگرد جهازن جا انجنيئر آهيون. ٻين لفظن ۾ کيس به احساس آهي ته اسان مسترين لاءِ ذري ذري چانهه جو نشو ضروري آهي. ان ڪري هر وقت دير ٿيڻ تي افسوس ڪري پنهنجو ليڪچر ان ئي مهل بند ڪندو آهي ۽ پوءِ ٿڌو ساهه کڻي چوندو آهي: “واقعي چانهه بنا ڪا زندگي ناهي.”
“There is no life withouttea?”
سندس مٿيونسوال سوال گهٽ Statement (بيان) وڌيڪ هوندو آهي.

ٻين شهرن کي خوبصورت ڪرڻ جو طريقو

سئيڊن جي گاديءَ جو هنڌ اسٽاڪهوم آهي پر جهازن جي سرڪاري آفيس ۽ ٻيون ڪيتريون ئي اهم آفيسون اسٽاڪهوم ۾ هجڻ بدران سئو ميل ڏورانهين شهر “نورشوپنگ” ۾ آهن.
“ائين ڇو آهي-” اسان هڪ سرڪاري عملدار کان پڇيو.
“اهو ان ڪري جيئن ملڪ جي آدمشماري هڪ ئي شهر ۾ ڳهت ٿيڻ بدران مختلف شهرن ۾ ورهايل رهي، ساڳي وقت فقط گاديءَ وارو شهر سهڻو ٿيڻ بدران سئيڊن جا ٻيا شهر به سهڻا ٿين.”
جپان ۽ ٻيا به ڪيترائي ملڪ ويندي ملائيشيا به ان پاليسيءَ تي عمل ڪري پنهنجن ڳوٺن کي بهتر ڪن ٿا.

هاڻي ٽيون مڙس سوچي ڪنديس

هتي جي سئيڊش سوسائٽي ۾ “شادي” اهو ادارو ناهي، جنهن جو تصور اسان وٽ ايشيا، آفريڪا يا ويندي يورپ جي ٻين ملڪن ۾ آهي، هتي ڪيتريون ئي عورتون ٻار پهرين ڄڻين ٿيون ۽ شادي جو پوءِ سوچين _ ۽ شاديءَ بعد ٿوري ئي “تو تو” ٿي يا پئسي جي ضرورت ته هڪدم جدائي اختيار ڪن. ڇو ته طلاق بعد عورت کي ٻين الائونسن کان علاوه سرڪارطرفان ۽ مڙس وٽان پڻ “جُدائي-الائونس” ملي ٿو. طلاق تي ڄڻ ته عورت لاءِ بانڊ کليو.
اسان جي ملڪن ۾ طلاق بعد عورت جو سر ويندو آهي. پر هتي سئيڊن ۾ (۽ ناروي ڊئنمارڪ ۾ پڻ) مرد جو حال برو ٿيندو آهي ۽ عورت مالا مال ٿيندي آهي. طلاق جي صورت ۾ گهر تي قبضو عورت جو ٿيندو آهي ۽ مرد کي ٽن ڪپڙن ۾ قميص پتلون مفلر ۾ گهر ڇڏڻو پوندو آهي. مرد جي گهر ڇڏڻ بعد زال سندس سامان جي هڙ ٺاهي ڪچري جي وڏي دٻي ۾ وڃي اڇلي ايندي آهي يا شهر ۾ هر هفتي لڳندر نين- پراڻين شين جي مارڪيٽ ۾ وڃي “تين وال” ڪندي آهي.
هڪ ڏينهن اهڙي مارڪيٽ ۾ هڪ ويهه پنجويهه ورهين جي عورت ڪپڙا وڪڻي رهي هئي. هن وٽ تمام سٺيون ٽائيون ۽ پلاسٽڪ جي ٿيلهيءَ ۾ پئڪ ٿيل نيون قميصون پڻ هيون. ان کان علاوه ٻيو به گهر جو سامان هوس. هڪ ٻه قميصون ڪڍي پنهنجي قميص مٿان ئي پائي ڏسڻ جي ڪوشش ڪيم، پر سڀ سوڙهيون هيون.
“آئون اڳهين اهي قميصون ڏسي چڪي آهيان.” مون کان اڳ ئي اتي بيٺل منهنجي يونيورسٽي جي ڪليگ جوليانا چيو، “سڀ سوڙهيون اٿس نه ته توکان اڳ مون کي پنهنجي مڙس لاءِ وٺڻ جو ارادو هو.”
جوليانا نائجيريا جي آهي ۽ هتي سئيڊن ۾ پنهنجي مڙس ۽ ٽن ٻارن سان رهي ٿي.
مون به افسوس ڪندي قميصون واپس ڪيون.
“ڇو کڻو ڇو نٿا؟ چئو ته اڃان به اگهه گهٽ ڪريان.” قميصون وڪڻندڙ عورت مون کي ۽ جوليانا کي چيو.
“وٺڻ ته چاهيون ٿا پر سڀ قميصون سوڙهيون آهن، لڳي ٿو ته تنهنجو مڙس سنهو آهي.” مون چيومانس
“آهي نه، پر هو.” هن درستي ڪئي.
“ڇو ڀلا هاڻ جاگنگ ڇڏي ڏني اٿس ۽ ٿلهو ٿي ويو آهي ڇا-؟”
مون سمجهيو هوءَ سندس جسم بابت ڳالهه ڪري رهي آهي پر جوليانا يڪدم سمجهي وئي ۽ کلي سڄي رام ڪهاڻي ٻڌايائين جيڪا قميصون وڪڻڻ واريءَ، منهنجي اچڻ کان ٿوري دير اڳ جوليانا کي ٻڌائي چڪي هئي ته ڪيئن سندس مڙس سان ٺاهه نه ٿيو ۽ کانئس جدا ٿي ان کان آزاد ٿي آهي ۽ هاڻ سندس سامان نيڪال ڪري رهي آهي جو طلاق بعد مڙس جو سامان زال کي ملي ٿو.
جوليانا جي ڳالهه ٻڌي، سامان وڪڻندڙ سئيڊش ڇوڪري کلڻ لڳي ۽ جوليانا جي ڳالهه جي تائيد ڪندي مون کي انگريزيءَ ۾ چيو: “شي از رائيٽ.”
هاڻ مون کان هن سان هڪ ڏينهن به گهاريو نٿي ٿيو. ان ڪري چيومانس ته مون کان ڌار ٿي وڃ. تنهنجي مهرباني. هن هائوڪار ڪئي ۽ کيس ريلوي اسٽيشن تي ڇڏي آئون هتي آئي آهيان.”
“ان کان ته ڪچري جي دٻي ۾ اڇلي اچين ها.” مون صلاح ڏني مانس.
“ڪنهن کي-؟ ان مڙس کي؟” هن کلندي پڇيو.
“نه هن جي سامان کي.” مون وضاحت ڪئي.
“مڙس کي جيڪر اڇلڻ ممڪن هجي ها ته ائين به ڪريان ها. اڇلڻ ته هن سامان کي به کپي پر هن جا مون کي چار پئسا ملي ويندا.”
“ڀلا هاڻوڪو مڙس ڪيئن اٿئي؟” چرچي جي موڊ ۾ ڏسي مون سوال ڪيومانس.
“اهو به اهڙو ئي سنهو آهي، پهرين جهڙو.” هن وراڻيو.
اهو ٻڌي مون کي تعجب لڳو ته جڏهن هي نئون مڙس پهرين جي هڏ ڪاٺ جهڙو آهي ته پوءِ ههڙيون نيون اڻ پاتل قميصون ڦلن مٺ ۾ وڪڻڻ بدران ان کي ڇو نٿي ڏئي. ان ڪري کانئس يڪدم ان بابت پڇيم بلڪ صلاح ڏني مانس.
“نه، نه” هن چڙ مان وراڻيو، “ان کان باهه نه ڏئي ڇڏيانس.”
“نئين مڙس کي؟” هاڻ جوليانا ماحول خوشگوار بڻائڻ لاءِ چيو.
“او نو. نو. نئين مڙس کي نه پر پراڻي مڙس جي هنن ڪپڙن کي. آئون هرگز نٿي چاهيان ته ان چنڊي (يعني پهرين مڙس) جو ڪو رول خيال، ڪا وائڙي ياد، ڪا اڻ چٽي سوچ به مون کي سندس احساس ڏياري.”
“ويري گڊ” اسان چيس، “پر افسوس جي اها ڳالهه ته هاڻ وري جي طلاق ٿي ته هن تنهنجي نئين مڙس جون قميصون به نه مون کي فٽ اينديون نه جوليانا جي شيدي مڙس کي.”
“ان بعد ٻيو مڙس يا يار ڪيم ته ڪجهه ٿلهڙو ڪنديس، بس؟” هن کلندي جواب ڏنو ۽ اسان کيس “هاءِ دو” چئي اڳتي ٻئي اسٽال ڏي رڙهياسين. واٽ تي جوليانا کي چيم: “ڏٺئي هتي جا حال؟”
“هتي جي ماڻهن جون ان قسم جون رسمون رواج ۽ رهڻ جا طور طريقا ڏسي واقعي تعجب لڳي ٿو.” جوليانا چيو.
“بهرحال قميصون پنهنجي نصيب ۾ نه هيون. خبر ناهي سندس سابق مڙس ڪيترو سنهو هو” مون چيو.
ٻئي ڏينهن صبح جو نيرن ڪري رهيو هوس ته جوليانا پنهنجي ٽيبل تان اٿي مون وٽ آئي ۽ ڪن ۾ آهستي چيو: “ڪالهه واري سئيڊش مائيءَ جو مڙس معلوم ڪرڻ چاهين ٿو ته ڪيترو سنهو هوندو ته پٺيان ڏس.”
ڪنڌ ورائي ڏسان ته اسان وارو ترڪيءَ جو يار حسن بڪال ڪالهه وارين قميصن مان هڪ پائي ميس ۾ گهڙي رهيو آهي. مون کان ۽ ساڳي وقت جوليانا کان ٽهڪ نڪري ويو. اتي حسن بڪال به اچي ويجهو پهتو.
“آهي ته خير-؟” هن تعجب مان پڇيو.
جواب ڏيڻ بدران جوليانا سوال ڪيس: “واهه جي قميص اٿئي ڪٿان ورتي اٿئي-؟”
حسن بڪال لاهه ماڻهو. ڪٿي ٿو وٺ ڏئي. نڪ جو پڪو ٿي چيو: “ههڙي اوچي ڪپڙي جون قميصون منهنجي شهر استنبول ۾ ٺهن ٿيون.”
اهو چئي اڳتي وڌي ويو، اسان ٻئي ڄڻا چوندا رهياسينس ته ان تي لکيل ته Made in Norway آهي، پر مجال آهي جو هو ٻڌي ۽ ٽِڪي باسي.

شان نه ڪرڻ کپي

سيڪنڊ هئنڊ مارڪيٽ جو سئيڊش نالو Lopis آهي جيڪو دراصل انگريزي لفظ Low-Price جي کار آهي. ان ئي ڏينهن Lopis جي هڪ ٻئي اسٽال تي هڪ سئيڊش عورت گهر جون مختلف نيون شيون وڪڻي رهي هئي. ان ۾ ڪجهه ڪرسٽل (شيشي تي ٽُڪ جو ٿيل ڪم) جون شيون پڻ هيس. انهن مان هڪ ڪرسٽل جو گلدان مون وٺڻ چاهيو ٿي. ٻاهر دڪان تان نئون هڪ سئو ڪرونا ۾ ملي رهيو هو پر هن ٽيهن ۾ وڪڻڻ چاهيو ٿي، اها ٻي ڳالهه هئي ته بلڪل تهدر نئون نه هو. ڪٿي ڪٿي لينگها لڳل هئس، پر ان هوندي به نئين جهڙو چئي سگهجي ٿو. سئيڊن جي سڪي جو نالو ڪرونا آهي ۽ هڪ ڪروني ۾ اڄڪلهه پاڪستاني چار رپيا کن آهن. مون ٽيهن بدران پنجويهه ڪرونا ڏيڻ چاهيان ٿي. پر هوءَ اگهه گهٽ ڪرڻ کان پڙ ڪڍي بيٺي.
“ٽيهين ڪرونن کان گهٽ نه ڪنديس، اڳهين سستو پئي وڪڻان.”
“ان ۾ ڪو شڪ ناهي، آئون به مڃان ٿو پر هن مارڪيٽ (Lopis) ۾ ته ان کان به گهٽ اگهه تي شيون ملن ٿيون، ۽ هي تنهنجو مقرر ڪيل اگهه جيتوڻيڪ گهٽ ئي آهي پر منهنجي مالي حيثيت جي ڀيٽ ۾ اڃان به وڏو آهي. آئون هتي جو نه آهيان، ۽ نه مون کي توهان جي حڪومت کان سوشل الائونس ملي ٿو. منهنجي ملڪ پهچڻ تي ان تي اڃان ڪسٽم ڊيوٽي به ڏيڻي پوندي. سو ان حساب سان ٽيهه ڪرونا گهڻو آهي.”
“ماءِ ڊيئر فرينڊ!” دڪاندار عورت، هڪ سٺي واپاريءَ وانگر مون کي مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، “اڄڪلهه سئيڊن جي سڪي (ڪروني) جي Value ئي ڇا رهي آهي، سئيڊش ڪرنسي دنيا جي مارڪيٽ ۾ ڪيڏي ته ڪري پئي آهي.”
“سئيڊش اهڙا واپاري طبيعت جا ڪڏهن کان ٿيا آهن، هنن کي ته مون هميشه پئسو خرچ ڪندي ڏٺو آهي.” مون به کلندي چيومانس.
ان بعد سندس دماغ ۾ ڪا سوچ اچي وئي جيڪا منهنجي فائدي ۾ ثابت ٿي ۽ يڪدم ڪرسٽل جو گلدان منهنجي حوالي ڪندي چيو:
“ چڱو ڀلا ٽيهن بدران ويهه ڏي.”
“ويري گڊ! آئون ته پنجويهه ڏيڻ لاءِ تيار هوس، هي يڪا ڏهه ڪرونا ڪهڙي خوشيءَ ۾ ڇڏي ڏنئي؟” مون پڇيو مانس.
“بس مون سوچيو ته سئيڊن جو ڪرونو (سڪو) ته کڻي ڪري پيو آهي...”
“پر سئيڊن جي ماڻهوءَ جو شان ته نه ڪرڻ کپي.” مون سندس جملو اڌ ۾ ڪٽي وڌيڪ پنهنجي طرفان چيو.
“بلڪل صحيح ٿي چئين.” شيون وڪڻندڙ عورت چيو.

سئيڊن ۾ حلوو وڪڻندڙ مسعود

ڪي ڪي سئيڊش لفظ به عجيب آهن، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته انگريزيءَ سان گهڻو ملن ٿا، جيئن ته اڌ کي انگريزيءَ ۾ Half چئجي ٿو ۽ سئيڊش ۾ Halva، پر اهو لفظ Halva ڪٿي ٻئي هنڌ پڙهان ها ته منهنجو ڌيان نه ڇڪائي ها، پر سئيڊن ۾ رهندڙ اسان جي پاڪستاني دوست مسعود ضيغم جي ڪپڙي جي دڪان ٻاهران وڏن اکرن ۾ لکيل Halva پڙهي مون سمجهيو ته مسعود حلوو به وڪڻي ٿو.
ڪپڙي جي دڪان ۾ حلوو وڪڻڻ ڪا تعجب جهڙي ڳالهه ناهي. جپان، سنگاپور، انگلينڊ، جرمني، ويندي آمريڪا جي ڪيترن شهرن ۾ پاڪستاني هندستاني دڪاندار ٻئي سامان سان گڏ پنهنجي ملڪ جي ماڻهن جي ضرورت جي ڪا ديسي شيءِ پڻ وڪڻن ٿا _ جيئن ته پاپڙ، آچار، پڪوڙن لاءِ بيسڻ، ڳڙ، سرنهن ۽ ڄانڀي جو تيل وغيره. سو اهڙي طرح مون سمجهيو مسعود پاڪستان مان حلوو گهرائي وڪڻي ٿو _ احمد، عبدالحنان جو يا ملتاني حلوو.
اها ٻي ڳالهه آهي ته پهرين ئي هفتي ۾ کانئس ڪجهه پڇڻ يا نياپو ڏيڻ لاءِ ٻه دفعا سندس دڪان تي وڃڻ ٿيو ته چانهه پيارڻ جي بهاني سان زوريءَ وهاري چانهه سان گڏ ڪيڪ، بسڪيٽ ۽ ڪٿان مليل برفي پڻ کارائين پر حلوي جو نالو نه ورتائين. پر پوءِ سئيڊن ۾ ڪجهه ڏينهن رهڻ بعد خبر پئي ته سئيڊش زبان ۾ اڌ کي “حلوا” چئجي ٿو ۽ هن مهانگي ملڪ ۾ دڪان ٻاهران Somer Sale (اونهاري جي سيل)، Rea(سستو اگهه) ۽ Halva (اڌ قيمت) جهڙا جلڪندڙ لفظ گراهڪن کي دڪان اندر ڇڪڻ لاءِ چقمق جو ڪم ڪن ٿا. (سئيڊش ٻپليءَ ۾ انگريزيءَ جي لفظ Summer کي Somer چون.)
اهو سمجهه ۾ نه اچي سگهيو آهي ته ٻين دڪانن تي اهي لفظ ڪڏهن ڪڏهن، ڪن خااص موقعي تي، ڪجهه ڏينهن لاءِ لڳايا ويندا آهن، پر مسعود جي هن دڪان “شالامار” جي ٻاهران ٻارهوئي وڏن اکرن ۾ Halva _ “اڌ قيمت” لکيو پيو آهي. هو سڄو سال اڌ قيمت تي شيون ڪيئن ٿو وڪڻي! اهو ڪهڙو Business Tactics آهي. هانگ ڪانگ، ڪوريا، جپان کان گهرايل سامان کيس پئي ئي اڌ قيمت تي ٿو يا اگهه کي ٻيڻو ڪري هر شيءِ تي اها ڊبل قيمت لکي ٿو ۽ پوءِ متين موڙهيل گراهڪ اڌ پئسا ڏئي خوش ٿئي ٿو ته کيس سستي شيءِ پئي. ڪيترن سئيڊش لفظن ۾ رولو آهي، پر لفظ “سئيڊش” به ڪڏهن ڪڏهن مونجهارو پيدا ڪري ٿو. سئيڊن جي ماڻهن ۽ زبان کي “Swedish” چئجي ٿو. جيئن ڪراچي ۾ سئيڊن حڪومت جي آڌار تي ٺهيل هڪ درسگاهه جو نالو “سئيڊش ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوٽ” آهي. مونجهارو ائين ٿو ٿئي جو ڪيترا دفعا تڪڙ ۾ “سئيڊش” ائين ٿو لڳي ڄڻ ڪو “سئيٽ ڊش” (کائڻ جي مٺي طعام) لاءِ چئي رهيو هجي. هڪ دفعي ته اهڙو اتفاق ٿيو جو هڪ گڏيل ملڪن جي ڊنر ۾ ماني دوران جڏهن هڪ آفريڪا کان آيل مهمان وزير کان پڇيو ويو ته Do you like Swedish ته ٺهه پهه انڪار ڪيائين.
ڇا توکي سئيڊن جي زبان پسند آهي؟ سئيڊن جا ميزبان ته وائڙا ٿي ويا پر ان آفريڪن ملڪ جي سفارتخاني وارا به پريشان ٿي ويا ته معزز ميزبان تڪلف طور پنهنجي ماڻهن يا زبان لاءِ پڇي رهيو آهي ته نه وڻڻ جي باوجود به ڊپلوميسيءَ جي اها تقاضا آهي ته کڻي ’ها‘ چئجي. پر هن وزير صاحب کان ميزبان جڏهن وري ساڳيو سوال ڪيو ته توکي سئيڊش پسند آهي ته وري انڪار ڪندي چيائين: “No. not at all”.
سندس ڀر ۾ ويٺل سندس ملڪ جي سفير آهستي چيس ته سائين ائين ته نه چئو، توهانکي سئيڊش ڇو پسند ناهي.
وزير ڪجهه ڪاوڙ ۾ اچي چيو: “ڇو پسند ناهي؟ بابا يو نو آءِ ايم ڊائبيٽڪ پرسن” (آئون ذيابيطس جو مريض آهيان، سو مٺو کاڌو ڪيئن پسند ڪندس).
ساڳيو مسئلو فنلينڊ جي ماڻهن سان به آهي جيڪي Finnis سڏائين ٿا.
فنلينڊ جو ڪو همراهه تعارف وقت چوندو آهي ته آئون فنس آهيان ته اسان چوندا آهيونس: “اهڙي ڪهڙي ڳالهه آهي، اڃان ته تون کڙو تڙو آهين. فنش (Finish) تنهنجا دشمن ٿين.”
هونئن سئيڊن جا رهاڪو پاڻ کي “سُئيڊ” به سڏائين ٿا، پر اهو لفظ ايترو عام نه ٿيو آهي، جو دنيا جا ماڻهو سمجهن ته آياSwede سان مطلب “سئيڊن جو باشندو” آهي يا “سئيڊ مٽيرل” مان ٺاهيل ڪوٽ يا بوٽ.

نماز روزو

مذهب سان واسطو رکندڙ هر لفظ آئون سمجهندو هوس ته عربي زبان جو آهي ۽ واقعي گهڻي ڀاڱي اهي لفظ عربيءَ جا ئي آهن، جيئن ته مسجد، مدرسو معلم، سجدو، حج، زڪوات، وغيره وغيره، اهڙي طرح مون سمجهيو ته نماز ۽ روزو به عربيءَ جا لفظ آهن.
سئيڊن ۾ مون سان گڏ رهندڙ عربن سان ڪڏهن ڪڏهن عربي لفظ ڳالهائي خوشي ۽ پنهنجائپ جو احساس ٿئي ٿو. هنن جي ته انگريزي صفا ڪمزور آهي، سو ڪيترائي عربي جا لفظ انگريزي ۾ ڳالهائيندي بيهي رهندا آهن ۽ معافيون وٺي ساري ساري ڪندا آهن ۽ پوءِ جي اهو لفظ مون کي سمجهه ۾ اچي ويندو آهي ته ٻڌائيندو آهيان ته مون سندس ڳالهه جو مطلب سمجهيو، نه ته سمجهائڻ لاءِ هو ان عربي لفظ سان ٻيا ملندڙ جلندڙ لفظ ٻڌائي مطلب ظاهر ڪندا آهن. ڪڏهن ته ڊڪشنري کولڻي پوندي آهي جيڪا هنن سان هر وقت گڏ هوندي آهي. سعودي عرب ۽ يمن وارن وٽ انگريزي عربيءَ جي، ٽيونيسيا وارن وٽ فرينچ عربي جي ۽ موراڪو وارن وٽ اسپينش عربيءَ جي. (موراڪو جو اتراهون اڌ Spanish پڙهي ۽ هيٺاهون ڏاکڻو اڌ فرينچ پڙهي).
هڪ ڏينهن لائبريريءَ مان اٿيس ته ڀر ۾ ويٺل ڪويت جي انجنيئر پڇيو ته ڪيڏانهن ٿو وڃان.
“Going for Nimaz” نماز لاءِ ٿو وڃان. ٻڌايومانس پر هن کي سمجهه ۾ ئي نه اچي. هو وري پڇي ۽ آئون ساڳيو جواب ڏيانس، پر هن کي بنهه ڌيان ۾ نه اچي. مون سمجهيو چرچا ٿو ڪري سو چيو مانس:
“You Don’t know Nimaz”
“نو” هن وراڻيو.
“يار تون ڪهڙو مسلمان آهين توکي نماز روزي جي خبر ناهي.” مون حيرت مان کيس ڏاڍي چيو.
“نه. اهي ڇا ٿيندا آهن.” هو پنهنجي ڳالهه تي قائم رهيو. دل ۾ سوچيم “عجيب ماڻهو آهي، سڄو ڏينهن مسجد ۾ ويٺو آهي ۽ هاڻ وري پڇي ائين پيو ڄڻ عيسائي يهودي هجي.” وڌيڪ ڳالهائڻ بنا ٻاهر هليو ويس. اڳئين جو وقت هو. بلڊنگ جي ڪنڊ وٽ هڪ ڪمري ۾ ٺهيل مسجد ۾ ٻيا به اچي نماز لاءِ گڏ ٿيا هئا.
واپسيءَ تي ورانڊي ۾ ايران جو ڪئپٽن شهريار مليو جيڪو لائبريريءَ ۾ اسان جي سامهون ويٺو هو. ڪويتيءَ ۽ منهنجي بحث دوران هو اخبار تان اکيون هٽائي اسان جي گفتگو ٻڌي مرڪي رهيو هو. ان مون کي پاسي تي بيهاري چيو:
“مسٽر الطاف! نماز ۽ روزو اسان جي فارسي زبان جا لفظ آهن، ان ڪري تنهنجي ڪويتي دوست کي سمجهه ۾ نه پئي آيا. نماز کي عربيءَ ۾ صلو چوندا آهن (۽ روزي کي ثوم).”
اهو ٻڌي پنهنجي غلطي محسوس ڪيم. لائبريري ۾ آيس ته ڪويتي همراهه ٿيسز لاءِ نوٽيس لکي رهيو هو. ڳراٽڙي پائي چيومانس: “آءِ وينٽ فار صلو”.
“ڪمال ٿو ڪرين مون کي ڇو نه ٻڌائي ته آئون به هلان ها.” هن شڪايت واري لهجي ۾ چيو.
“سر! ٻڌايو هوم پر ان وقت منهنجو منهن ايران ڏي هو.”
پوءِ ته مون به محسوس ڪيو ته واقعي ايرانين جي گهر وڃبو آهي يا نماز جي وقت هو ايندا آهن ته نماز پڙهڻ لاءِ “جا نماز” گهرندا آهن، جيڪو اڙدوءَ ۾ عام لفظ آهي. ۽ عرب “مصلو” گهرندا آهن جيڪو سنڌيءَ ۾ پڻ عام مروج لفظ آهي.
سال اندر هاڻ عربي ۽ ايرانيءَ جا ڪيترائي لفظ سڃاڻي ورتا اٿم ۽ ٻين جي پڻ ان ڏس ۾ ٿوري گهڻي مدد ڪندو آهيان. خاص ڪري ملائيشيا ۽ انڊونيشيا کان آيل همراهن جي _ جن جي مادري زبان ملئي آهي ۽ عربي ۽ فارسي هنن وٽ ايتري عام ناهي جيتري اسان وٽ آهي. مثال طور ملئي زبان ۾ نماز کي “سڀايانگ” چون ۽ روزي کي پئاسا (Puasa).
ڪلاس روم ۾ ڪڏهن ڪڏهن ايراني ۽ عرب شاگردن سان گڏ ويهڻ وقت اسين ڏسندا آهيون ته عربي زبان جا سمورا لفظ ايراني پڙهي/ڳالهائي ويندا آهن پرفارسيءَ جا ڪيترائي اکر عرب اچاري نه سگهندا آهن، جيئن ته: پ، چ، گ وغيره.
اهو آهي ته عربي ۽ فارسي جا سمورا اکر اردو ۽ سنڌيءَ ۾ آهن. ان ڪري اسان پاڪستانين کي ان سلسلي ۾ ڪو مسئلو نه ٿيندو آهي. سنڌيءَ ۾ ته اڃان به گهڻا اکر آهن ان ڪري ويندي ويٽنامي چيني ۽ ٿائي زبان جا ڱ ۽ ڃ جهڙا اکر به سمجهڻ ۾ دقت نه ٿيندي آهي.
اسان جي ننڍي کنڊ تي ايران ۽ عربستان جي ڪلچر جو وڏو اثر رهيو آهي، ساڳي طرح ايراني ۽ عربي زبانن جو پڻ. اڄ به اسان جي ملڪ لاءِ ايران ۽ سعودي عرب سٺا چاچا ماما يا سئوٽ ماسات آهن. پر بين الاقوامي ليول تي انهن ملڪن جي ماڻهن جو پاڻ ۾ ڪڏهن ڪڏهن ننڍين ننڍين ڳالهين تي اختلاف ٿيندو رهي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن هڪ ٻئي سان ڳالهائڻ به ڇڏي ڏيندا آهن، پر اسان پاڪستاني ڪوشش ڪري انهن جي ضد ۽ بحث کان پاڻ کي آجو رکندا آهيون.
هڪ دفعي اهڙي حالت ٿي جو ٻئي ڌريون فيصلي لاءِ اسان وٽ اچي نڪتيون ته نه فقط فيصلو ڪيو پر جنهن جو ڏوهه هجي ان سان اسان به تعلقات ختم ڪيون. پاڪستاني چيف انجنيئر راحت عزيز ۽ ڪئپٽن سليم چيو: “هاڻ ڳالهه ته ڏاڍي ٿي، هي ته واڻئي ۽ شينهن وارو مثال ٿيو، جنهن وٽ ٻه شينهن اچي نڪتا. هڪ چئي ته “آئون سچو آهيان شينهن بيضا لاهيندو آهي‘. ٻيو چئي ته ’آئون سچو آهيان شينهن ٻچا ڏيندو آهي‘. ٻنهي شينهن وارننگ ڏني ته ’جي اسان کي ڪوڙو ڪيو اٿئي ته توکي کائينداسين‘، پر واڻئي عقل کان ڪم وٺي کين اهو چئي ٽاريو ته ’بابا شينهن شير خدا جو آهي جنگل جو بادشاهه! وڻيس ته ڪڏهن آنا لاهي وڻيس ته ڪڏهن ٻچا ڏئي‘. پر هاڻ پاڻ ڇا ڪريون.”
“جلدي سوچي وٺون. اجهو ته مينهن واءُ ڪندا ايراني ۽ عرب پهتا.” مون پنهنجن هم وطنين کي خبردار ڪيو.
“ڪوشش ڪري ٻنهي ڌرين جو پرچاءُ ڪرائبو. نه ته وڙهندا سانَ، لتاڙباسين پاڻ ٻوڙا.” ڪئپٽن سليم اها رٿ پيش ڪئي جيڪا بيحد موچاري لڳي.
هاڻ عرب ۽ ايراني فيصلي لاءِ پهتا. اسان پوري ڪوشش ڪريون پر هو پرچن ئي نه. ٻئي ڌريون چون ته “اسين صحيح، هو غلط.” سليم، راحت ۽ مون کين گهڻو ئي سمجهايو پر هو ويتر گرم ٿيو وڃن ۽ هاڻ عرب اسان کي چون ته توهان ايرانين جو پاسو ٿا کڻو. آخر کين مٿين شينهن واري ڳالهه ٻڌائي ٿورو کلائي چيوسين:
“اسين ڪنهنجو پاسو نٿا کڻون، ايران اسان جي ساڄي اک جو تارو آهي ته سعودي عرب کاٻيءَ اک جو تارو. اسان لاءِ توهان ٻئي هڪجهڙا آهيو، اسان کي ٻنهي لاءِ عزت ۽ پيار آهي ۽ ڪنهن کي به ڇڏي نٿا سگهون.”
ڪڏهن ائٽلانٽڪ سمنڊ تي به طوفانن بعد مٺي سانت اچي ويندي آهي. سو ان رات به قدرت اهڙو ئي ڪرشمو ڪيو. ۽ ٻئي ڌريون کير کنڊ ٿي ويون ۽ ماحول پرسڪون ٿي ويو.
ڪجهه ڏينهن بعد راحت کلي چيو: “ان رات خير ٿي ويو پر جي هڪ ڌر جو پاسو کڻڻو پوي ها ته ڇا ڪريون ها.”
“پوءِ پاڻ پاڪستانين مان اڌ هڪ پاسي ٿيون ها اڌ ٻئي پاسي.” مون چيو.
“پر پاڻ ته ٽي پاڪستاني آهيون، آئون عربن پاسي ٿيان ها تون ايرانين پاسي، ۽ پوءِ سليم جنهن جو پاسو کڻي ها ته ساهميءَ ۾ اهو پڙ زور ٿي وڃي ها.” راحت چيو.
“نه، ان لاءِ سليم کي سمجهائي ڇڏيون ها ته تون ڪنهنجو پاسو کڻڻ بدران قميص جا ٻيڙا کولي راڳ شروع ڪجانءِ ته آئون ته آهيان دل جو مريض، اڃان هاڻ آپريشن ڪرائي هتي آيو آهيان. اعتبار نه اچيو ته ڏسو.”

شراب ۾ قرضي ٿين ٿا

سئيڊن جي هن شهر (مالمو) جي ميونسپالٽي طرفان مليل دعوت ۾ منهنجي ڀر ۾ مصر جو پروفيسر ڊاڪٽر احمد منصف ويٺل هو. دعوت ۾ هر هر شراب پيش ٿي رهيو هو. ماني ڪا نالي ماتر هئي. ڊاڪٽر منصف بيزاريءَ جو اظهار ڪندي چيو: “اجايو آياسين، ماڻهو دعوتن ۾ پيٽ ڀري کائين پاڻ جهڙا بکيا اُڃيا آياسين اهڙو ئي موٽنداسين.”
“سئيڊش ماڻهو ههڙين دعوتن ۾ ئي شراب تي زور رکن ٿا، باقي عام زندگيءَ ۾ تمام گهٽ پيئن ٿا.” مون چيو.
“نه. نه، هو تمام گهڻو پيئن ٿا. پر شراب پي گاڏي هلائڻ يا رستي تي گوڙ فساد ڪرڻ تي سخت سزائون آهن. ان ڪري ظاهر نٿا ٿين. باقي در بند ڪري گهر ۾ تمام گهڻو پيئندا رهن ٿا.”
مصر جو هي پروفيسر پنهنجي ملڪ جي نيول اڪيڊمي جو Dean آهي. سئيڊن جي هيءَ يونيورسٽي ٺهڻ تي ٽي چار سال هتي جي هڪ ڪورس جو “ڪورس پروفيسر” هو. پاڻ وڌيڪ ٻڌايائين ته سياري ۾ ڊگهين ۽ سرد راتين ۽ اونداهن ڏينهن ڪري، هتي جي ماڻهن کي سخت ذهني مونجهه ۽ مايوسي (Depression) ٿئي ٿي. جهڙ مينهن ۽ سخت سيءَ ۾ برف باريءَ ڪري ڪيڏانهن ٻاهر ته نڪريو نٿا سگهن، پوءِ زور هوندو اٿن شراب پيئڻ تي. جيترو به ڪمائين اوترو کپائين. سئيڊ ماڻهو گهڻو قرضي شراب ۾ ٿيندو آهي.

آءِ لائيڪ يورپا

سئيڊن ۾ ڪيتريون ئي عرب (خاص طرح لبنان، عراق، شام ۽ فلسطين پاسي جون) ۽ ايراني (خاص ڪري بَهَائي ۽ امام خميني کانپوءِ جي دور جون) نوجوان عورتون هتي نظر اچن ٿيون. ڪجهه سال هتي رهڻ بعد هتي جي ماحول ۽ ڪلچر ۾ اهڙو ته رچي بسي وڃن ٿيون جو ڇا ڳالهه ڪجي! هتي جون سئيڊ عورتون به سندن ان اڌ اگهاڙي لباس، بي ڍنگي چال چلن، هڪ يار ڇڏي ٻيو ۽ ٽيون رکڻ يا هڪ مڙس پاسي ۾ ته ٻئي لاءِ واجهائڻ جهڙين ڳالهين جو مقابلو ڪري نه سگهنديون! هو ڪلبن ۾ نچندي توهان کي نظر اينديون، رستي هلندي سگريٽن جا ڊگها سوٽا هڻي چپ چٻا ڪري دونهون پاسي کان لنگهندڙن جي منهن ۾ هڻنديون. توهان کي ايشين شڪل جون اهڙيون لوفرياڻيون يورپ جي ٻين ملڪن ۾ گهٽ ملنديون.
هنن فلسطيني، عراقي ۽ شامي عورتن ۾ ڪيتريون ته اڪيليون رهن ٿيون ۽ سندن مائٽ مٽ پنهنجي وطن ۾ آهن. ڪڏهن ڪڏهن کين پنهنجو وطن ۽ مائٽ به ياد اچن ٿا. هڪ ڏينهن رضيه نالي هڪ اهڙي ڪرد مسلمان عورت بس ۾ منهنجي ڀرسان اچي ويٺي. ڳالهين ڪندي هن ٻڌايو ته هن کي سئيڊن حڪومت طرفان بيروزگاري جو الائونس ۽ گهر جو خرچ پکو چڱو خاصو ملي ٿو. ايتري قدر جو هوءَ ان مان ٻه هزار رپيا کن هر مهيني پنهنجي پوڙهي ماءُ پيءُ کي عراق به موڪلي ٿي.
“اڃان به کين گهڻو موڪليان” رضيه ڪُرد چيو، “ پر سگريٽن ۽ شراب پٺيان سڀ ناس ڪريو ڇڏيان. گذريل ٽن مهينن کان کين اهي ٻه هزار به نه موڪلي سگهي آهيان.”
هن ٻڌايو ته عراق ۾ جتي هن جا ماءُ پيءُ ۽ ٻيا ڪرد مائٽ مٽ رهن ٿا اهو جابلو علائقو آهي. ڪو ٻني ٻارو به گهڻو نٿو ٿئي. ڌنڌو ڌاڙي به ناهي. پوءِ ٿڌو ساهه کڻي چيو:
“مون کي اڃان تائين اها ڏکي زندگي ياد آهي ته ڪيئن روزانو صبح ساڻ آئون ۽ منهنجيون ڀيڻون فجر مهل ميل ٻه جابلو علائقي جا لتاڙي پاڻيءَ سان مٽ ڀري اينديون هيونسين. ان بعد جنڊ ۾ ڪڻڪ پيهي ٿلها ڊڳڙ پچائي کائيندا هئاسين. اَنَ ڪڻا به ڪڏهن گهڻا هوندا هئا ته ڪڏهن پيٽ به نه ڀربو هو.”
صدام جي ظلمن ۽ مار مارا ڪري عراق جا ڪيترا ڪرد ۽ شيعا مارجي ويا. ڪيترا بي گهر ۽ لولا لنگڙا ٿي ويا. پوءِ UNO وارن ڪيترن کي اتان بچائي يورپ جي مختلف ملڪن ۾ پناهه وٺرائي ڏني.
“آئون سال ٻه پشاور ۾ رهيس، ان بعد هتي سئيڊن ۾ رهڻ جي موڪل مليم. امان بابا جن ۽ ڪجهه ٻيا منهنجا مائٽ اڃان اتي ئي آهن. ڪڏهن ڪڏهن کين ڏاڍو ياد ڪريان ٿي.” هن ٻڌايو.
“پوءِ اتان ڇو نٿي چڪر هڻي اچين. مائٽن سان به ملي اچ.”
“نه” رضيه ٺهه پهه جواب ڏنو.
“ڇو-؟” مون سبب پڇيو مانس.
“اتي جي گرمين ۽ تڪليفن ۾ هڪ ڏينهن به رهڻ نٿي چاهيان. سئيڊن ڇڏڻ تي دل نٿي چوي. يورپ جهڙو مزو ڪٿي آهي؟ آءِ لائيڪ يورپا!”
(مون کي يورپ پسند آهي).

اسلام ۾ ڪو عيب ناهي

بلڪل سائين يورپ جو شل نه ڪنهن کي چشڪو اچي. پوءِ “چريءَ چکي ڏٺو چي هل ڪالهوڪي هنڌ” وارو حال ٿيو وڃي. اسان جي ڪيترن ئي مسلمان مردن توڙي عورتن جو به اهو حال آهي.
ڪنهن مسلمان کي يورپ پسند آهي يا نه. ڪو شراب پيئي ٿو يا سگريٽ پٺيان پئسو وڃائي ٿو، اها هن جي پنهنجي مرضي آهي. ان ذاتي پسند يا ناپسند ۾ جيڪو کيس نقصان يا فائدو رسي ٿو ته ان جو ذميوار هو پاڻ آهي. پر رات جو ڏهين يارهين کانپوءِ فل آواز تي ٽي وي ريڊيو هلائي پاڙي وارن جو سُکُ ڦٽائڻ، پنهنجن پراون سان راهه ويندي جهيڙا ڪرڻ، چوريون چڪاريون ۽ نشا پتا ڪرڻ ۽ ٻين کي اها غلط راهه ڏيکارڻ، صحيح طرح ڊيوٽي نه ڪرڻ، ملڪ جي قاعدي قانون جو احترام نه ڪرڻ، سامان سڙي کان وٺي انسانن جي سمگلنگ ڪرڻ ۽ ان مٿان هر وقت اهو راڳ آلاپڻ ته “اسين مسلمان آهيون ان ڪري هن ڪافر ملڪ جي پوليس ۽ اميگريشن تنگ ٿي ڪري”، هڪ سلجهيل ماڻهوءَ لاءِ شرم جي ڳالهه آهي. اسلام اهڙين ڳالهين جي ڪڏهن به همت افزائي ته ڇا، اجازت به نٿو ڏئي.
شايد اهڙن مسلمانن جا اهي لڇڻ ڏسي هن پاسي جا غير مسلم تعجب کائيندا آهن ته ڇا اسلام مذهب اهڙو آهي! هڪ اهڙي يورپي باشندي جون اسلام بابت غلط فهميون دور ڪندي، ايران جي ڪئپٽن غلام رضا ايماد فارسيءَ جي هڪ شعر جو ترجمو ڪري کيس ٻڌايو:
“اسلام به ذات خود ندارد عيبي
هر عيب که هست از مسلماني ماست”
(اسلام ۾ بذات خود ڪوبه عيب ناهي، عيب آهي ته اسان جي مسلمانيءَ ۾ آهي).
اسلام هر سٺي ڳالهه لاءِ چوي ٿو.اسلام ۾ ڪابه خامي خرابي ناهي. پر اسان جا اڄ جا مسلمان جيتوڻيڪ اسلام جا Follower سڏائين ٿا پر جيڪي اسلام چوي ٿو ان تي عمل نٿا ڪن. سو ان صورت ۾ مسلمانن جا غلط ڪم ۽ عيب ڏسي اسلام تي ڏوهه نٿو ڏيو سگهجي. ڪو مسلمان کي هن جي ڏوهن ڪري غلط چئي سگهي ٿو، پر اسلام کي نٿو چئي سگهجي.
مصر جو ڪئپٽن حنفي سئيڊن جي ماڻهن کي سچي دل سان ڊيوٽي ڏيندو ڏسي، ايمانداري ۽ شرافت سان واپار وڙو ڪندو ڏسي، ذري ذري چوندو آهي ته لڳي ٿو ته مسلمان مصر ۾ آهن پر اسلام هتي يورپ ۾ آهي.
موراڪو جو عبدالوهاب هتي جي يورپين جي سٺين ڳالهين ۽ عادتن جي تعريف ڪري هر وقت چوندو آهي ته ڪهڙا ته سٺا ماڻهو آهن! ڪلمو سو نٿا پڙهن. سوئر سو کائين ٿا. باقي ٻيا سڀ اهي ڪم ڪن ٿا جيڪي اسلام چئي ٿو.

سهي کي تير هڻڻ

سئيڊن جي شهر ’نور شوپنگ‘کان اوسلو (ناروي) جنهن بس ۾ وڃي رهيا هئاسين، ان ۾ نه بس کي گرم رکڻ جو سسٽم هو ۽ نه Toilet وغيره. سخت سيءَ ڪري ذري ذري پيشاب لاءِ بس بيهارڻي پئي ٿي. خاص ڪري ٿائلينڊ جي جهازي سرويئر مسٽر سوتي چائيءَ کي ته هر وقت بس بيهارڻ جي ضرورت پئي ٿي، جو مثانو خالي ڪرڻ بعد وري دٻي مٿان دٻو بيئر جو پيتائين ٿي.
هڪ هنڌ بس بيهارڻ لاءِ رڙ ڪيائين ته ڊرائيور چيس: “ويري ساري. هن گهاٽي ٻيلي ۾ پنجاهه کن ڪلوميٽرن تائين ڪا هوٽل يا پبلڪ ٽوائليٽ ناهي.”
پر سوتي چائيءَ جي رڙ مٿان رڙ هئي ته بس بيهاريو.
“ڪٿي بيهاريون، ٻيلو ئي ٻيلو لڳو پيو آهي، ٽوائليٽ ته آهي ڪونه.” اڳيان ويٺل اسان جي پوڙهي نارويجين پروفيسر سمجهايس.
منهنجي ڀر ۾ ويٺل پاڪستاني ڪئپٽن سليم کي چيم: “هڪ ته سوتي چائي کي نشو چڙهيو پيو آهي ۽ پروفيسر جي ڳالهه هن کي سمجهه ۾ نٿي اچي. ساڳئي وقت پاڻ پروفيسر سڄي عمر ههڙن ملڪن ۾ گذاري آهي. هن کي ڪهڙي خبر ته ايشيا ۽ آفريڪا جي ماڻهن جو ٽوائليٽ جهنگل ۽ درياءَ آهن. سنڌ جي ڳوٺ ۾ ته ٽوائليٽ لاءِ چوندا ته جهنگ جو خيال ٿيو اٿم. ملائيشيا ۾ “آئر ڪچل” (ننڍو پاڻي) ۽ “آئر بيسار” (وڏو پاڻي) مُٽڻ هنگڻ لاءِ چون. انڊونيشيا ۾ پاڻي بدران سنگائي (درياه) چون- يعني “سنگائي ڪِچل” ۽ “سنگائي بيسار” ۽ ٿائلينڊ ۾ ....
اڃا ان بابت پنهنجي ڀر ۾ ويٺل ڪئپٽن سليم کي ٻڌائڻ وارو هوس ته پٺيان ٿائلينڊ جي سوتي چائيءَ رڙ ڪري پروفيسر کي چيو: “پروفيسر! آءِ وانٽ ٽ شوٽ رئبٽ” (I want to shoot a rabbit) .
“ابا ٻڌينس، ٿائلينڊ ۾ اهو ئي چوندا آهن،” مون سليم کي چيو, “ٿائلينڊجي جهنگلن ۾ وڻ جي ٿڙ وٽ بيهي ماڻهو پيشاب ڪن ۽ ان کي سهي کي تير هڻڻ چون.”
“پروفيسر! I want to shoot a rabbit۔ پليز بس کي بيهار”.سوتي چائيءَ وري رڙ ڪئي.
پروفيسر پاڻ به پي رهيو هو ۽ سرور ۾ هو. ويتر سوتي چائيءَ جي ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي آيس. رڙ ڪري سوتي چائيءَ کي چيائين:
“ناروي ۽ سئيڊن جي ٻيلن ۾ سها نه پر ٻارهن سڱا هرڻ ‘Reindeer’ ٿين ٿا.”
سوتي چائيءَ بيزاريءَ مان پنهنجي مٿي تي هٿ هڻي مون کي چيو:
“مسٽر الطاف!پروفيسر کي تون سمجهاءِ، آئون انگريزيءَ ۾ تمام Poor آهيان.”
آئون ماٺڙي ڪري اٿيس ۽ پروفيسر ۽ ڊرائيور کي سمجهائي بس بيهاريم. سوتي چائي لٿو ۽ ان سان گڏ ڊرائيور به لٿو. “اڄ مون کي به ناروي جي ٻيلن ۾ سهي جو شڪار ڪرڻ ڏيو.” ڊرائيور کلندي چيو.
سوتي چائي واقعي انگريزيءَ ۾ ڪمزور آهي. هتي اچڻ کان اڳ هن اکر به انگريزيءَ جو نه پڙهيو هو. سڄي تعليم پنهنجي مادري زبان ٿائيءَ ۾ حاصل ڪئي هئائين. جيڪي ڪجهه انگريزي سکيو اها هتي ڪورس شروع ٿيڻ کان ڇهه مهينا کن اڳ اچي سکيو ۽ اڃا تائين سکندو رهي ٿو. منهنجي سنگاپور ملائيشيا، ٿائلينڊ پاسي رهڻ ڪري هو مون کي پنهنجو سمجهي ٿو ۽ ان قسم جي ڳالهه لاءِ هڪدم مون وٽ ايندو ته سندس پاسو کڻان.
ٿائي زبان ۾ “R”ڪانهي جيئن جپانيءَ ۾”L” لام ڪونهي ۽ جپاني “لام” وارو اچار “ري” سان ڪڍڻ جيئن All کي Are چون، مون کي الطاف بدران اريطاف چون، تيئن ٿائي ماڻهو وري “ري” واري اچار کي “لام” ڪري پڙهن. (چينين ۽ ويٽنامين جو به ساڳيو حال آهي) پر سوتي چائي ان معاملي ۾ صفا چٽ آهي. روم کي چوندو لوم، اريڪٽ کي چوندو اليڪٽ، ۽ ڪنهن جملي ۾ جيڪڏهن ٻه چار لفظ “R” وارا اچي ويا ته پوءِ ٻڌندڙ ويٺو ڳجهارتون سلي. جيئن “رو رو فيريءَ” کي چوندو “لو لو فيلي”. هاڻ مونجهارو ڇو نه ٿيندو جو “لَولَو” اسان سان گڏ پڙهندڙ مڊگاسڪر جي شاگردياڻيءَ جو نالو آهي، جيڪا اتي جي پورٽ ڊائريڪٽر آهي ۽ “فَيلي” ڪينيا جي شاگردياڻيءَ جو، جيڪا اتي جي Ministry of Communication جي ڊپٽي سيڪريٽري آهي. جن بابت گذريل ڪتاب: “اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا” ۽ “ملير کان مالمو” ۾ مزيدار ڳالهيون لکي چڪو آهيان.

محمد علي ڏيپلائي ڊينمارڪ ۾

اتر يورپ يعني اسڪئنڊينيوين ملڪن جو ذڪر ڪندي محمد علي ڏيپلائي جو احوال نه لکڻ ناانصافي ٿيندو. هڪ ڏينهن يونيورسٽي پهتس ته آفيس سيڪريٽريءَ چيو ته ميمڻ صاحب جو فون آيو هو. هو وري توهان سان ڳالهائيندو. ٻه ڏينهن گذري ويا فون نه آيو. مون کي خواب خيال ۾ به نه آيو ته اهو فون محمد علي ڏيپلائيءَ جو آهي سو به ڀرواري ملڪ ڊئنمارڪ مان. مون ممتاز ميمڻ جو اسلام آباد مان سمجهيو جنهن هيڏانهن چڪر تي اچڻ جو پروگرام ٺاهيو هو.
پوري هفتي بعد، شام جو گهر ويٺو هوس ته فون جي گهنٽي وڳي ۽ محمد علي مختصر رسمي کيڪار بعد شروع ٿي ويو:
“ابا هي ڊئنمارڪ آهي، هي ڪوپن هيگن آهي؟”
“ڇو ڀلا خير ته آهي؟” مون پڇيو.
“اسان تنهنجي ڪتاب ۾ هن پاسي جو احوال پڙهي پنهنجي هيڏانهن بدلي ڪرائيسين. هتي اونداهه ۽ سيءَ جي، ٻيو ته ڪجهه به ناهي! ڪوٽن ٽوپن ۾ به ڪلفي پيا ٿيون.” محمد عليءَ شڪايت ڪئي.
محمد عليءَ سان آئون بيحد فري آهيان. هو پاڪستان ايمبسيءَ ۾ قونصلر (ٽريڊ ڪمشنر) ٿي ڪوپن هيگن ۾ ٽن سالن لاءِ آيو هو.
“يار ڳالهه ته ٻڌ! اهي جيڪي منهنجا شروعاتي سفرناما آهن اهي مون تو پارن اديبن، دانشورن، نيڪ ۽ ذهين سرڪاري آفيسرن لاءِ نه لکيا آهن، اهي لکڻ مهل منهنجي ڌيان ۾ نوجوان رهيا ٿي جيئن اهي مختلف ملڪن جون چَٽپٽيون ڳالهيون پڙهي، اسان جي مرچنٽ نيوي ڏي رخ رکن. ظاهر آهي جي رڳو اهي حقيقتون لکان ها ته سمنڊ تي طوفان آهن. جهاز ٻڏڻ جو خطرو رهي ٿو. ڏينهن رات سخت ڊيوٽي ڪرڻي پوي ٿي. بندرگاهه ۾ به تيل هاڻي انجڻ رو۾ ۾ گرمي ۾ مشينون ٺيڪ ڪرڻيون پون ٿيون ته ڪير هيڏانهن رخ رکي ها؟ پر هاڻ ته گذريل ڏهه سالن کان جتي پاڻيءَ جا جهاز گهٽبا وڃن اتي هر جهاز کي هلائڻ لاءِ ماڻهن جو تعداد به ٿوري کان ٿورو ٿيندو وڃي. نتيجي ۾ ڊاڪٽري انجنيئري وانگر مرچنٽ نيويءَ جو به اهو اسڪوپ نه رهيو آهي.”
“بس ادا اسان کي به ڪو کٽيءَ کنيو جو اچي هتي نڪتاسين جتي ڏينهن جو به رات لڳي پئي آهي.” محمد عليءَ چيو.
“دل وڏي ڪر،” مون کلندي چيومانس، “غلط مند ۾ آيو آهين. ڪجهه مهينن بعد رات جو به ڏينهن نظر ايندئي.” محمد علي ڦوهه سياري ۾ آيو هو ۽ اهي مهينا هن پاسي جو سيءُ الله ڏئي ۽ بندو سهي، وارو حساب هوندو آهي. ان کان علاوه راتيون وڏيون ۽ ڏينهن بنهه چند ڪلاڪن جا ٿين ٿا ۽ اهي ننڍڙا ڏينهن به اونداها ٿين، جو سڄو ڏينهن سخت جهڙ، ڪوهيڙو ۽ ڌنڌ هوندو آهي يا برف باري. سياري جي هنن مهينن ۾ ماڻهو ته ماڻهو جانور به ڇپ هڻي ڪنڊ پاسو وٺي رهن. باقي Migratory پکي جن کي نه هوائي جهاز جي ٽڪيٽ جي ضرورت نه پاسپورٽ جي پابندي، سي پنهنجا پرڙا هڻي فرانس، اسپين، پورچوگال جهڙن گهٽ ٿڌن ملڪن ڏي روانا ٿي ويندا آهن. اتي هنن کي سک نصيب ٿيندو آهي ۽ جن کي کُٽي کڻندي آهي، اهي سنڌ جو رخ ڪندا آهن، جتي اسان جا مڪاني ماڻهو توڙي امير عرب، بندوقون تاڻي هنن پکين جو انتظار ڪندا آهن.
محمد علي ڏيپلائي مرحوم محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو فرزند آهي. والد جو لکڻ پڙهڻ جو ورثو محمد علي ۽ سندس ڀيڻ ثريا سوز ۾ ڪافي آيو آهي. محمد علي جي سڄي زندگي محنت ۽ مفاڪشيءَ جي ڪهاڻي آهي. جن ماڻهن لاءِ “Self Made” چيو ويندو آهي محمد علي انهن مان آهي. هن ننڍي هوندي کان وٺي پڙهائيءَ سان گڏ پورهيا پڻ ڪيا. والد مرحوم جي پريس ۾ ڪم ڪرڻ کان وٺي خانگي نوڪريون ڪيون، پاڻ ايران ۽ سعودي عرب ۾ به ڪافي عرصو نوڪريون ڪري چڪو آهي ۽ اهي نوڪريون هن سفارش تي نه پر پنهنجو قدر مڃرائي حاصل ڪيون. اڄڪلهه هو گورنمينٽ سروس ۾ آهي. ڪجهه وقت هو پاڪستان سيڪيورٽي پريس ۾ ڊائريڪٽر فنانس ٿي رهيو، هاڻ اسان جي ڀرواري ملڪ ڊئنمارڪ۾ ڊپلوميٽ جي حيثيت ۾ آيو آهي.
“يار مس مس تنهنجو فون نمبر مليو آهي، هاڻ جلد هيڏانهن مون وٽ اچ ته ڪچهري ڪريون.” هن مون کي ڪوپن هيگن اچڻ جي دعوت ڏني.
“في الحال مشڪل آهي. فون تي پيا خبرون ڪنداسين.” منهنجي پاسپورٽ تي ڊئنمارڪ جي Visa ختم ٿي چڪي هئي ان کي Renew ڪرائڻ هفتي جو نسخو هو ۽ ان کان علاوه ههڙي سيءَ ۾ يونيورسٽي ئي ويندي مشڪل لڳو ٿي. ٻين جي خبر نه اٿم ته انهن لاءِ هي سيءُ رحمت آهي يا راڪاس پر مون جهڙي همراهه لاءِ جيڪو سنڌ جي تتل وارياسن علائقن ۾ ڄائو نپنو ۽ ننڍپڻ گذاري، هي ڪاٽو نَو ڊگريون سيءُ ۽ طوفاني هوائون ائين آهن جيئن رستو وڃائيندڙ جهازي لاءِ اونداهي رات.
منهنجو ڇوٽ ۾ انڪار ڪرڻ تي محمد علي چڙي پيو ۽ مون کان سبب پڇڻ بنا چيائين: “ادا فيريءَ جي ٻه سئو ڪرونا ٽڪيٽ آئون ڏيندوسائين. بندرگاهه تان گهر تائين وٺي به آئون ايندوسائين. توهان هالا ۽ مٽيارين جا شيخ ۽ ميمڻ اهڙا ڇو ڪنجوس ٿيا آهيو؟”
“آئون هالا جو آهيان، ۽ هي هالا سان گڏ غريب مٽياريءَ جو ڪهڙو ڏوهه!”
بهرحال پوءِ محمد علي ڪري اسان لاءِ ڊئنمارڪ جو شهر ڪوپن هيگن ڄڻ ڳوٺ ٿي پيو. هونءَ ڪوپن هيگن وڃبو هو ته سج لهڻ کان اڳ ڀڄڻ جي ڪبي هئي ته متان رات ٽڪڻي نه پوي ۽ هنن ملڪن جي هوٽلن ۾ رهڻ ڪو سولو ڪم آهي؟ پر محمد عليءَ ڪري رهائش ۽ مانيءَ جو به مسئلو حل ٿي ويو. جيستائين محمد علي ڪوپن هيگن ۾ هو، اسان ڏاڍا چڪر ڪيا. ٻه ٻه ٽي ٽي ڏينهن ساندهه وڃي رهياسين ٿي. سڄو سڄو ڏينهنهڪ ٻئي جي آمهون سامهون رکيل ڪوچن تي ويهي ادب ۽ تاريخ کان سياست ۽ ڪلچر تي بحث ڪندا هئاسين. پوءِ ٿڪجي پوندا هئاسين ته ڳرا ڳرا ڪوٽ مٿان چاڙهي سندس گهر جي در کان بس اسٽاپ تائين اڌ ميل کن جو مفاصلو هلندي بحث ڪندا هئاسين. هڪ ڏينهن به نه سجهيم جو ٻئي گڏجي شهر جي چڪر تي نه نڪتا هجون.

مسئلا ڪنهن کي نه آهن

جيڪي محمد علي جي ويجهو رهيا هوندا،انهن کي خبر هوندي ته هو نهايت مهربان ۽ همدرد انسان ۽ طبيعت ۾ نرم دل آهي پر کيس ڪاوڙ پڻ جلد اچي ٿي. ان ۾ هو صحيح پڻ آهي. هن کي سستي ۽ ٽوٽپڻي تان ڪاوڙ لڳي ٿي. ٿوري محنت ڪري پاڻ کي اهم سمجهڻ واري جي ڳالهه هن کي پسند نٿي اچي. پاڻ بيحد حقيقت پرست Realistic قسم جو آهي ۽ سچ کڻي ڪيترو به ڪڙو هجي، هن کي چوڻ ۾ ڊپ نه ٿيندو آهي. يار رسي ته ڀلي رسي پر حق جي ڳالهه ضرور ڪندو.
“يار اسين سنڌي به عجيب تصوراتي دنيا ۾ رهون ٿا. رڳو ڪوڙي تعريف جا ڍڪ ڀريندا وتون. اسان جو فلاڻو شاعر دنيا جو عظيم شاعر آهي، فلاڻو فنڪار دنيا جو نمبر ون فنڪار آهي. فلاڻو اديب جنهن لکيو فقط هڪ افسانو هوندو ته به دنيا جو مهان اديب پيو سڏبو. پر آئون چوان ٿو ته دنيا ته توهان کي سڃاڻي ڪانه ٿي. جي ايڏي اهم شيءِ آهيو ته انگريزيءَ ۾ ڇو نٿو ترجمو ڪري دنيا کي متعارف ڪرايو.” محمد علي سنجيدو ٿي چوندو آهي. محمد علي سان منهنجو بحث ضرور هلندو آهي پر ڪڏهن به آئون سوڀارو نه ٿيندو آهيان. هو پنهنجي وسيع مطالعي ۽ دليلن جي آڌار تي ڳالهه مڃرائيندو آهي. جذباتي ٿي پنهنجي هر شيءِ جي واکاڻ نه ڪندو آهي. ويندي پنهنجن ٻارن يا مائٽن جي ڪا ڪوتاهي هوندي آهي ته به صاف صاف چوندو آهي. سندس ڌيءَ پڙهائي توڙي ڪمپيوٽر ۽ آرٽ ۾ تمام گهڻي هوشيار آهي پر تڏهن به محمد علي هن کي اڃان به گهڻي محنت لاءِ نصيحتون پيو ڪندو آهي. دراصل پاڻ جيتري محنت ڪري ٿو، هو ڀانئي ته ٻيا به ايتري ڪن. ڪتاب اسين به پڙهون ٿا ۽ ٻين کي به پڙهندو ڏسون ٿا پر جيترا ڪتاب محمد علي، جبار ميمڻ ۽ قمر شهباز کي مون پڙهندي ڏٺا آهن شايد ٻي کي ڏٺا هجن. محمد علي جو سڀ کان دلپسند سبجيڪٽ تواريخ آهي ۽ ٻئي نمبر تي ادب ۽ پوءِ مذهب کان سياست ايڪانامڪس تائين.
محمد علي هن پاسي گهٽ ۾ گهٽ ٽن سالن لاءِ بدلي ٿي آيو هو پر هو ڇا چوندا آهن ته هر ڳالهه نصيب ۽ داڻي پاڻيءَ تي آهي. ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته منهنجو سڀاڻي جو ڏينهن ڪٿي گذرندو. محمد علي دانهون ڪندو ڊئنمارڪ پهتو پر سخت بيزار ٿيو. پر پوءِ آهستي آهستي جيئن هتي دل ٻڌڻ لڳيس ته هڪ ڏينهن سندس بيحد پياري ۽ ننڍڙي ڀاءُ ڊاڪٽر حبيب جي وفات جو اطلاع مليس. يڪدم وطن وريو. ڪجهه ڏينهن بعد موٽي آيو پر خاندان جي مزيد جوابدارين ڪري، سندس هاڻ هيڏانهن پرديس ۾ رهڻ ڏکيو ٿي پيو. سندس اعليٰ آفيسرن به ان ڳالهه جو خيال ڌيان ۾ رکي کيس اسلام آباد گهرايو ۽ اڄڪلهه ڪراچي ۾ پاڪستان انشورنس ڪارپوريشن ۾ سيڪريٽري آهي.
محمد علي سان منهنجون جيڪي ڪوپن هيگن (ڊئنمارڪ) ۾ ۽ مون واري شهر مالمو (سئيڊن) ۾ ملاقاتون ٿيون انهن ۾ سندس ٻڌايل ڪجهه دلچسپ ڳالهيون، ڪجهه فڪر انگريز ۽ فيلسوفانه نقطا، ڪجهه سندس دليل ۽ رايا، مختصر Notes ذريعي پني تي لکندو رهيس ته ڪڏهن فرصت ملي ته انهن ڳالهين تي تفصيل سان لکندس. ڇهه مهينا گذري ويا آهن، پر اڃا وقت نه پيو ملي ۽ ائين عرصي ۾ ڊيگهه ٿيندي ٿيندي ڪٿي نقطا ۽ Notes جيڪي پني ڀورن تي لکي رکيا اٿم اهي به نه گم ٿي وڃن.
• سنڌي زبان بابت: “پنهنجي زبان سان گڏ ٻيون زبانون لکڻ پڙهڻ ڪا خراب ڳالهه ناهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اردوءَ ۾ ڪافي لٽريچر آهي، اها رابطي جي زبان آهي. پاڪستان ٿيڻ کان اڳ به اسان جا ماڻهو اردو سکندا ۽ ڳالهائيندا هئا. ويندي بنگال ۾ به اردو ۽ پارسي پڙهائي وئي ٿي. اردو سان ڪنهن کي به نفرت نه هئي، پر پوءِ جڏهن اردو ذريعي سنڌي ۽ ٻين زبانن جو استحصال ڪيو ويو ته سنڌي ڳالهائيندڙن کي ان تي ڪاوڙ اچڻ هڪ فطري ڳالهه آهي.”
• اهم ماڻهن جي زبان ڄاڻڻ ڪري اسين سندن ويجهو ٿي سگهون ٿا. هندستان ۾ جيئن ئي انگريز آيو ته هندن يڪدم انگريزي سکڻ شروع ڪئي ۽ زبان جي اچڻ ڪري هو انگريزن جي ويجهو اچي ويا ۽ اسان مسلمانن اها ڳالهه هڪ صديءَ بعد وڃي محسوس ڪئي.
• جيڪي ماڻهو عرب ملڪن ۾ نوڪري يا ڌنڌو واپار ڪن ٿا يا مستقبل ۾ ارادو اٿن انهن کي کپي ته عربي سکن. انهن جي زبان سکڻ سان اسان انهن جي ويجهو ٿي پونداسين. هنن جو اسان ۾ اعتماد وڌندو ۽ اسان جو هنن تي اثر رسوخ رهندو. هونءَ به عربي اسان جي مذهبي زبان آهي. قرآن عربي زبان ۾ آهي. عربي ته اسان کي گهڻي ۾ گهڻي سکڻ کپي. اسان مان ڪيترن شايد ان ڳالهه ڏي ڌيان نه ڏنو آهي ته “گلف توڙي عرب ملڪن ۾ اسان مسلمانن کان وڌيڪ هندو سٺي عربي ڳالهائين ٿا، اها ڳالهه سندن ترقيءَ لاءِ راهون هموار ڪري ٿي”.
• اهو ايترو اهم ناهي ته سنڌ ۾ سنڌي گهڻا آهن يا ٻيون قومون. اهو ضروري آهي ته ڪير گهڻو منظم Disciplined ۽ Organized آهي. ائين جي نه هجي ها ته انگريزن جو ڪڏهن به هندستان تي قبضو ۽ ڪنٽرول نه هجي ها، جيڪي سڄي هندستان ۾ ڪل سورنهن هزار هئا.
• اسان کي گهوڙا گهوڙا ڪرڻ بدران ڪجهه هٿ پير به هڻڻ کپن. سنڌ جا ڳوٺ غريب آهن پر اهي اڄ غريب نه ٿيا آهن. پاڪستان کان اڳ به غريب هئا ان بعد به هئا. منجهن بيروزگاري آهي پر اڄ به ڪراچي جهڙي شهر ۾ گلگت، هزاره، سوات جو پٺاڻ گهٽ پگهار تي اچي پورهيو ڪندو، پر سنڌ جو ڳوٺاڻو ڪراچيءَ ايندي ڪيٻائيندو.
“رهائش جا به مسئلا آهن ڪٿي اچي رهن-؟” ڪڏهن ڪڏهن محمد عليءَ سان آئون سوال جواب ڪندو آهيان.
“ادا! مسئلا ڪٿي نه آهن، مسئلا سڀني کي آهن This is really a miserable world جيڪو مسئلن کي منهن نٿو ڏيو سگهي ان جو اڳتي وڌڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. اڄ جيڪو به جنهن هنڌ تي ڏسو ٿا اهو مسئلن کي منهن ڏئي اتي پهتو آهي ۽ هن جي سامهون اڃا به مسئلا آهن. دنيا جي هر سست قوم مسئلن جو عذر ڪندي آهي.

ڪتاب ”فريڊم ائٽ مڊنائيٽ“

• يورپ جي ترقي بابت: ادا هي ملڪ ڪجهه به نه هئا. جهاز ٺاهيائون، سمنڊ پار ڪيائون، پوءِ ڪي مئا ڪي بچيا، ايشيا ۽ آفريڪا کان وڃي نڪتا. اسان جي ملڪن کي ئي لٽي ڦري پنهنجا ملڪ اچي ٺاهيائون. ٻي جنگ ۾ هي قومون وري تباهيءَ جي آخري حد تائين وڃي پهتيون پر هٿ پير هڻندا رهيا. ههڙي سڃ ۽ ٿڌن ملڪن ۾ الائي ڇا جو ڇا ڪري ڇڏيو اٿن.
هنن (يورپين) ۽ اسان (سنڌي پنجابي، پاڪستاني، هندستاني ۽ ايراني عربن ۽ ٻين ايشين آفريڪن) ۾ اهو فرق آهي ته اسان جو هڪ ٻئي سان جهيڙو آهي. زميندار زميندار جي ڏاڙهي پٽ ڪري ٿو. عام ماڻهو عام ماڻهوءَ جي. مطلب ڳالهه جو اهو آهي ته اسان وٽ ماڻهو ماڻهوءَ سان وڙهي ٿو. پر هتي يورپ ۾ ماڻهو قدرتي رڪاوٽن سان وڙهي ٿو. اهو ئي ترقي جو راز آهي. هالينڊ (نيدرلينڊس) جهڙي ملڪ ۾ رهڻ لاءِ زمين ناهي. سمنڊ جون وڏيون ڇوليون خشڪي مٿان ٻوڙ ٻوڙان ڪريو وجهن، پر سڄي قوم ور کنجيو وتي سمنڊ جي پاڻيءَ جو نيڪال ڪندي ۽ سمنڊ کي مٽيءَ سان ڀري زمين ٺاهيندي. سئيڊن ناروي جهڙن برفاني ملڪن ۾ پوک ڪرڻ ڏاڍي ڏکي ڳالهه آهي، پر هتي جا ماڻهو هر قسم جي ڪوشش ۾ لڳا پيا آهن. برف جي بچاءُ لاءِ پلاسٽڪ جون ڇتيون چاڙهي وتن پوکون ڪندا. سندن سامونڊي ڪنارا ٽاڪران آهن ۽ قدرت کين چوڌاري خطرو ڏنو آهي ته به جهاز ٺاهيو سمنڊ ۾ ڌوڪيو پون. قدرت هتي سخت سيءَ ڪري رهائش ڏکي ڪئي آهي. ويتر ڪپهه نه هجڻ ڪري ڪپڙو ناهي، رهيون جانورن جون کلون سي به هتي جيڪي جانور آهن اهي بگهڙ ۽ برفاني رڇن جهڙا خطرناڪ جانور آهن، ته به هتي جي ماڻهن کي پرواهه ناهي. ايامن کان سندن قدرتي مشڪلن سان ويڙهه لڳي اچي. اسان وٽ هر قسم جو آرام آهي ته به رب پاڪ جا شڪر نٿا ڪريون. وتون هڪ ٻئي جا خون ڪندا.
• محمد عليءَ کي تاريخ پڙهڻ جو ڏاڍو شوق آهي پر ساڳي وقت کيس اهو ڏک آهي ته پاڪستان توڙي ننڍي کنڊ جي تاريخ صحيح طرح نه لکي وئي آهي. اسان هر ڳالهه ۾ تمام گهڻو Prejudiced رهون ٿا، اسان جا هر ڳالهه لاءِ ٻٽا ٻٽا معيار آهن. هر واقعي کي پنهنجي مخصوص مذهبي نظرئي سان ڏسون ٿا.
ان سلسلي ۾ هڪ ڏينهن چيائين: “مغلن خلاف شيواجي وڙهيو ان ڪري اسان کي هو پسند ناهي. پر چاندبيبي وڙهي ته اها اسان لاءِ هيروئن سمجهي وڃي ٿي.
“اسان جي وڏي ٽريجڊي اها آهي ته اسان کي صحيح تاريخ پڙهائي نٿي وڃي. توهان ڪنهن Typical پاڪستانيءَ سان ڳالهايو. انهيءَ جي مغز ۾ اها ڳالهه آهي ته بابا ملڪ مسلمانن جو هو. 1857ع ۾ هي جيڪي واپاري هئا، ايسٽ انڊيا ڪمپني وارا، انهن اچي کسيو. وچ وارو عرصو جيڪا تاريخ هئي، اورنگزيب کان پوءِ جي يا ان جي اڳ جي، ان جي ڪا Perception ڪانهي ڪا ته ڪيئن آهستي آهستي خود انڊيا وڃي انگريزن وٽ پهتو ۽ انگريز ڇا ڪيو ڇا نه ڪيو. ان جي به ڪا صحيح سڌ ناهي. اسان جون اخبارون يا وڏا وڏا مضمون نگار لکندا هئا ته به اهو ئي ته اهي هڪڙا وڏا واپاري آيا جن اچي نفاق وڌو ۽ 1857ع ۾ بس مغلن کي ختم ڪري انهن کي موڪليائون برما ۾، پاڻ مالڪ ٿي ويهي رهيا. ائين هسٽري ڪونهي ڪا. آئون جيڪي جيڪي هسٽري جا نوان ڪتاب پڙهان ٿو انهن ۾ ايترو مواد آهي جو گهٽ ۾ گهٽ منهنجي لاءِ عجيب، دلچسپ۽ حيران ڪندڙ لڳي ٿو. ممڪن آهي ته ڪنهن ٻي پڙهندڙ لاءِ اهي رواجي شيون هجن! مون کي خبر ناهي توهان تي ڪهڙو اثر پوي ٿو ٻيا ٻيا ڪتاب پڙهي-؟” محمد عليءَ مون کان پڇيو.
“ها، صحيح چئو ٿا.” مون وراڻيومانس، “جيئن فريڊم ائٽ مڊنائيٽ ڪتاب پاڪستان ۾ بندش هيٺ هو. چيو اهو ٿي ويو ته ان ۾ جناح لاءِ گهٽ وڌ لکيل آهي. پاڪستان کان ٻاهر جڏهن ان کي پڙهڻ جو مون کي موقعو مليو ته آئون اهو پڙهي حيران ٿي ويس ته اهو ڪتاب پڙهندڙ کي اڻ سڌيءَ طرح جناح لاءِ وڌيڪ عزت پيدا ڪرائي ٿو.”
““Freedom at Midnight ڪتاب جو مون تي به عجيب Reaction ٿيو. هن ڪتاب کي پڙهڻ کان اڳ ۾ جناح جي رول بابت مون کي به ڪجهه شڪ شبها هئا، جيڪي ننڍي هوندي کان ڳالهيون پڙهيونسين ته انگريزن پاڪستان ٺاهيو يا جناح ڪو انگريزن جو ايجنٽ هو. فريڊم ائٽ مڊنائيٽ پڙهڻ کانپوءِ جيتوڻيڪ هنن جيڪو ڪتاب ۾ لکيو آهي، ان ڪتاب ۾ گانڌيءَ کي تمام غير معمولي اهميت ڏني آهي ۽ جناح کي هيٺائون ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي اٿن، پر انهيءَ ڪتاب پڙهڻ ڪري مون کي به دماغ ۾ ڪئين اهڙيون نيون ڳالهيون آيون ته پراڻي هسٽري کڻي ڇا به هجي، پر گهٽ ۾ گهٽ اهو جيڪو Phase هو مائونٽ بيٽن وارو (جڏهن هو انڊيا ۾ اچي ٿو، وائسراءِ ٿي، انڊيا کي آزادي ڏيڻ واسطي) انهيءَ وقت جي جيڪا گورنمينٽ انگلينڊ ۾ هئي ان طرفان مائونٽ بيٽن کي هدايتون ٿيل هيون ته بابا انڊيا کي توکي Intact رکڻو آهي. ان کي اسان توکي ورهائڻ نه ڏينداسين. پوءِ هو for good or bad intentions پڇاڙيءَ تائين اها ڪوشش ڪري ٿو ته پاڪستان نه ٺهي- انهيءَ Phase ۾، گهٽ ۾ گهٽ ان عرصي دوران، اهو کڻي چئجي ته 1945ع کانپوءِ وارو وقت، اهو الزام ته جناح انگريزن جو ايجنٽ هو يا پاڪستان انگريزن ٺاهيو، مٿيون ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ، اهو Impression نڪري وڃي ٿو. پاڻ اهو محسوس ٿئي ٿو ته جناح انهيءَ اسٽيج تي جيڪا ويڙهه ڪئي آهي وائسراءِ ۽ ڪانگريس جي خلاف، تمام هڪ وڏي ڳالهه ڪئي آهي ۽ ڪنهن به خيال کان اهو هڪ رواجي ڪم نه هو.

منهنجا هٿ دٻاءِ منهنجا پير دٻاءِ

“سو اسان کي تواريخ ضرور پڙهڻ کپي، پر تواريخ پڙهڻ جو اهو مقصد هرگز نه آهي ته ويهي فتوائون ڏجن ته فلاڻو ماڻهو سٺو يا خراب آهي. يا فلاڻي قوم سٺي هئي يا فلاڻي قوم خراب هئي. تواريخ پڙهڻ جو مقصد اهو هوندو آهي ته ماڻهو انهن ڳالهين مان سبق وٺي ۽ انهن ڳالهين کي سامهون رکي پوءِ موجوده حالتون پرکي. سائنسي Events جو ماڻهو تجزيو ڪري ته هڪڙن Given Circumstances جو هميشه هي نتيجو نڪري ٿو. هنن حالتن جي ڪري هندستان ۾ مغل ختم ٿي ويا. هنن حالتن جي ڪري ڊچ آيا. هنن حالتن جي ڪري مسلمان ختم ٿي ويا. هنن حالتن جي ڪري انگريز ڪامياب ٿي ويا. ڇا اسان وري به اڻ ڄاڻائيءَ ۾ اهي ساڳيون حالتون پاڪستان ۾، سنڌ ۾ پيدا ته نه ڪري رهيا آهيون ۽ انهن حالتن جو نتيجو Scientifically اهو نڪرندو جيڪو اڳهين نڪري چڪو آهي.اهو ساڳيو تجربو وري وري دهرائڻ جي ڪري نتيجو ساڳيو ايندو، ڪا نئين ڳالهه ڪا نه ايندي. پر اسان جي بدقسمتي اها آهي جو اسان کي تاريخ ئي غلط پڙهائي وئي آهي. تنهن ڪري جيڪو واقعو ٿئي ٿو اسان جي واسطي انوکو واقعو ٿئي ٿو. اسان هر واقعي ۾ پيا اسرائيل جون سازشون ڳوليون. هر واقعي ۾ پيا هندن جون سازشون ڳوليون. هر واقعي ۾ پيا آمريڪين جون Plans سوچيون. مشرقي پاڪستان ڌار ٿي ويو ته اها هندن جي سازش ٿي. ائين چئي پنهنجين غلطين تي پيا هڪ قسم جو پڙدو وجهون. اهو ضروري آهي ته ماڻهو تاريخ پڙهي. پر سبق پرائڻ لاءِ ضروري آهي ته ماڻهو Impartial ٿي تاريخ پڙهي۽ جيڪو مواد ملي ان کي پڙهي. رومانٽڪ اسٽڊي نه ويهي ڪري ۽ نه ان Point of view کان ويهي ثابت ڪري ته فلاڻو بادشاهه خراب هو. شير شاهه سٺو هو. اورنگزيب خراب هو. ڀائي انهن جا جيڪي Action هئا توهان انهن کي Analyze ڪريو. هو پاڻ چڱا هئا برا هئا اها ڳالهه ڪجهه حيثيت نٿي رکي. توهان الله تعاليٰ جي درٻار ۾ ويهي جنت ۽ دوزخ جو فيصلو نه پيا ڪريو ته فلاڻو سٺو هو ان ڪري هن کي بهشت ڏيو يا فلاڻو خراب هو ان ڪري هن کي دوزخ ڏيو. ڇا جي ڪري سٺا هئا ڇا جي ڪري خراب هئا، اهي Actions ڪهڙا هئا- اهو تجزيو ڪرڻ ضروري آهي. ان واسطي توهان لاءِ ضروري آهي ته توهان تاريخ جا سٺا ڪتاب پڙهو ۽ رڳو خانبهادر محمد صديق ميمڻ جي لکيل تاريخ يا محمد عثمان ڏيپلائيءَ جا ناول پڙهي پاڻ کي ’عقل ڪُل‘ نه سمجهو ڇاڪاڻ تي اهي تاريخون هڪ خاص Angle کان لکيل آهن. جيڪي Half truths آهن.”
• هر ڪو سنڌي ڀانئي ته ٻيو ڪو ڪمائي اسان کي کارائي. زميندار چاهي ٿو ته ڪمدار ڪمائي کارائي، نوڪري به بادشاهي هجي جنهن ۾ اسان رڳو صحيح گهتيون. انجنيئر چوندو اسين رڳو آفيس ۾ وڃون پگهار کڻي اچون ۽ ڪميشن ملي. هر ڪنهن جي اها فطرت ٿي پئي آهي. الائي ڇو؟ گهر جا به جيڪي ڀاتي آهن سي به چوندا آهن ته وڏو ڀاءُ ڪمائي ته اسين کائون. يا وڏو ڀاءُ چوندو ته پيءُ ڪمائي ته اسين کائون. تمام ڪو Hardly هوندو جو جفاڪش ۽ محنتي هوندو.
• ايم ڪيو ايم ته هاڻ سامهون آئي آهي. سنڌي مسلمان پاڪستان کان اڳ توڙي پوءِ هر دور ۾ سنڌ جي سياست تي حاوي رهيا آهن پر ڪهڙو ٻوٽو ٻاريائون!؟ هن وقت به صوبائي توڙي مرڪزي اسيمبليءَ ۾ سنڌين جي عددي اڪثريت قائم آهي. غير سنڌي (ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾-ڪڏهن جماعت اسلاميءَ پاران _ ڪڏهن مسلم ليگ پاران _ ڪڏهن جميعت پاران) هميشه سنڌ جي شهري آباديءَ جي نمائندگي مرڪز توڙي صوبي ۾ ڪندا رهيا آهن. سنڌ جي ڪئبينيٽ توڙي مرڪز ۾ سنڌ جي ڪوٽا تي مهاجرن کي هميشه مناسب نمائندگي ملندي رهي آهي. سنڌ جو گورنر عام طور تي هميشه غير سنڌي رهيو آهي- اهم انتظامي عهدن، خاص طور تي چيف سيڪريٽريءَ جي عهدي تي غير سنڌي رهيا آهن. تنهن ڪري ايم ڪيو ايم جي نالي مهاجرن جو اسيمبلين ۾ اچڻ Essentially ڪو نئون Development نه آهي. البته انهن جو متحد ٿيڻ اهميت رکي ٿو. بدقسمتيءَ سان انهن سان Negotiate ڪرڻ واسطي اسان وٽ ڪا بااختيار ۽ باشعور ڌر نه آهي ۽ نه ئي ويجهڙائي ۾ انهيءَ جو امڪان آهن. اسان جي سياست وڏيرن جي هٿ ۾ آهي، جيڪي ذاتي، خانداني ۽ قبيلائي سياست کان مٿي چڙهي نٿا سگهن- اهي پاڻ عوامي حقن ۽ جمهوري حقن جا غاصب آهن. انهن سنڌ جي باشعور مڊل ڪلاس کي هميشه ڪُچلڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي. هوڏانهن ايم ڪيو ايم جي شڪل ۾ اسان جو واسطو هڪ انتهائي ذهين، باصلاحيت، تعليم يافته ۽ منظم شهري مڊل ڪلاس سان پيو آهي، جيڪو پنهنجو سياسي حصو ووٽن جي بنياد تي نه پر پنهنجي Effective Role جي بنياد تي گهري ٿو.
• اسان جا سياستدان هيترا سال حڪومتن ۾ رهڻ بعد به قوم لاءِ ڪجهه نه ڪري سگهيا. رڳو قرض کنيائون پنهنجيون عياشيون ڪيائون. آئون سمجهان ٿو ته جي پاڪستان نه ٺهي ها ته مسلمانن جون سڀ زمينون جيڪي هندن وٽ گروي ٿيل هيون هميشه لاءِ هليون وڃن ها. ڪيترن وڏيرن مسلم ليگ ۽ پاڪستان اسلام خاطر نه پر لڳي ٿو پنهنجون زمينون حاصل ڪرڻ ۽ هندن مان جان ڇڏائڻ جي خاطر ڪيائون.
• انگريز جيڪڏهن انڊيا ۾ نه اچن ها ته مرهٽا يا ٻيا جيڪي هندو هئا اهي مسلمانن کي ته بلڪل صفحه هستيءَ تان ختم ڪري ڇڏين ها. انگريز آيا جن اچي Law & Order پيدا ڪيو. هونءَ هو ڪي اسان جي لاءِ نه آيا هئا. بنيادي طرح پنهنجي واسطي آيا هئا، پر ان شر مان وري اهو خير نڪتو ته مسلمان بچي ويا. مثال توهان وٺو ته پنجاب ۾ سک جيڪي آهن سي مشڪل سان پنج يا ست سيڪڙو هئا. پر انهن پنجاب تي حڪومت ڪئي جنهن ۾ مسلمانن ۽ هندن جي گهڻائي هئي. رنجيت سنگهه سڄي پنجاب تي قبضو ڪيو، تنهن کانپوءِ ويندي پشاور تائين هن جي حڪومت هئي ۽ هن جي ايڏي Organized آرمي هوندي هئي جو انگريزن سان هميشه برابري واري ليول تي Negotiate ڪندو هو.
• درحقيقت اهي انگريز ئي هئا جن سنڌ کي سِکَن کان بچايو ۽ هڪ معاهدي تحت رنجيت سنگهه کي سنڌ طرف پيش قدمي کان روڪيو. ميرن ۾ ڪهڙو دم هو جو سکن کي روڪين ها. جڏهن رنجيت سنگهه مئو ۽ سکن جي حڪومت ختم ٿي، تڏهن انگريزن وڃي پنجاب تي قبضو ڪيو ۽ ان بعد پنجابي مسلمانن مس مس وڃي سک جو ساهه کنيو. نه ته انهن سکن اهي اهي ڪم ڪيا هئا جو بادشاهي مسجد ۾ گهوڙا ٻڌندا هئا. اهو مسلمانن سان حال ڪيو هئائون. اڄ به پنجاب جا پوڙها پوڙها ٻڌائين ٿا ته سکن هنن سان اهڙا حال ڪيا جو ڪو مسلمان لنگهندو هو ته چوندا هئس جل هو ئي مسلي! ادهر آ. منهنجا پير دٻاءِ. منهنجا هٿ دٻاءِ. سو ان حساب سان انگريز جيڪو آيو سو رحمت جو باعث ٿي آيو.

انگريزي ۽ اردو تي عبور حاصل ڪجي

• اسان سنڌ جو حال ٿا وٺون ته سنڌ ۾ ڇا هئو؟ سنڌ ۾ ته ڪا حڪومت هئي ڪانه. ميرن سنڌ کي شڪار گاهه ٿي سمجهيو. پنهنجو پاڻ ۾ ڪو ٽنڊو فلاڻو ڪو ٽنڊو فلاڻو. هتي جاگيرون هُتي جاگيرون. Law & Order جو ڪو نالو نه هوندو هو. بس اها ٻروچن جي بادشاهي هوندي هئي. بادشاهي ڇاجي هوندي هئي “نائونمل جي ڊائري” ڪتاب جي توهان پڙهو ته مير پيا هن کي گهرائيندا هئا. پيا هن کي “منٿان” ڪندا هئا. ڪو جاسوسي سسٽم نه هوندو هون. ڪا Regular آرمي نه هوندي هين. هي هڪڙا ننڍڙا ماڻهو هوندا هئا، جن جي انگريزن کي ڪا پرواهه نه هئي. جنهن گهڙيءَ انگريزن فيصلو ڪيو ته هاڻ سنڌ تي قبضو ڪرڻو آهي ته بنا ڪنهن کسٽ جي قبضو ٿي ويو. ڪو مسئلو ئي درپيش نه آيو.
• سنڌ ورهائي پئي هئي ٽنڊن ۾ .... ٽنڊو آغا، ٽنڊو مير محمود، ٽنڊو محمد خان- هاڻ اهي ڇا آهن؟ اهي سڀ ميرن جا نالا آهن جن کي اهي جاگيرون مليل هيون. اهي سڀ جاگيردار هئا. اهي سڀ ٽالپر ٻاهر جا هئا، جن جي حوالي سڀني سنڌين جي قسمت ڪيل هئي. ۽ انهن ڇا ڪيو؟ پنهنجن علائقن ۾ ڪو اسڪول کوليائون؟ ڪا ڊولپمينٽ ڪيائون؟ وري به انگريزن اچي ڪجهه نه ڪجهه سو ڪيو. ۽ سنڌي مسلمان ٽڪو پئسو پڙهي پيا. ٽالپرن ميرن ڪڏهن پنهنجو پاڻ کي سنڌي سمجهيو ڪونه.
“ڀلا پوءِ هينئر به سنڌ ۾ سنڌي ڪير آهن” مون پڇيو مانس.
“ادا اهو وري پوءِ بحث نڪرندو ته هندستان ۾ هندستاني ڪير آهن؟
اهو بحث جيڪو آهي سو هاڻ ڪرڻ ۾ تاريخي اهميت کڻي هجي پر Practical اهميت اها آهي ته سنڌ ۾ هاڻ جيڪي رهن ٿا اهي سڀ سنڌي آهن. انهن ۾ Caste سسٽم نه هجڻ کپي ته فلاڻا مير آهن. هي پير آهن. هي غريب آهن. هاڻ اهو دور ختم ٿيڻ کپي. هاڻ جيڪي سنڌ ۾ رهن ٿا اهي سنڌي آهن انهن سڀني کي زمين ۾، تعليم ۾، نوڪرين ۾، ڊولپمينٽ ۾ ... سڀني کي هڪ جهڙا حق هئڻ کپن. هي مير جو ماڻهو هي پير جو ماڻهو هاڻ ته اهو دور ختم ٿيڻ کپي. هاڻ سڀ سنڌي آهيون ۽ انهيءَ حساب سان توهان کي مهاجرن کي به سنڌي قبولڻو پوندو.
• اسان وٽ سنڌ ۾ اهو امپريشن ڏنو ويو آهي ته قوم ٻوليءَ ڪري ٺهندي آهي. انهيءَ جي ڪري سنڌي قوم جي نوجوانن جا ٽي چار نسل پنهنجي سنڌي زبان جي بقا جي چڪر ۾ ٻيون جيڪي ٻوليون آهن سائنس جون ٽيڪنيڪل، انگريزي، انهن کي ڇڏي ويٺا آهن. مون جيڪو مطالعو ڪيو آهي ان مان مون کي اهو سبق مليو آهي ته ماڻهو ٻولي ٺاهيندا آهن، ٻوليون ماڻهن کي نه ٺاهينديون آهن. قوم ترقي ڪري پوءِ پنهنجي ٻولي کي Develop ڪندي آهي. ان جا بيشمار مثال آهن. اسان جي پاڪستان يا هندستان جو مثال وٺو ته علائقائي زبانن ۾ سڀ کان پوئتي پيل زبان پنجابي آهي، شايد، پر ڇاڪاڻ ته ان جا ماڻهو دنيا ۾ ترقي ڪري ويا آهن، تنهن ڪري دنيا ۾ توهان T.V. Asia به ڏٺو آهي، لنڊن به ڏٺو آهي ته پنجابي زبان کي، چاهي ان ۾ لٽريچر آهي يا ڪونهي، ڪتاب آهن يا ڪونه آهن، ڪا لکڻي اٿس يا ڪانه اٿس پر ان زبان کي Ignore ڪرڻ ناممڪن آهن ڇاڪاڻ جو انهيءَ جا ماڻهو ڏاڍا پاورفل آهن.
• اهڙي طرح اردو زبان کي ڏسو اردو زبان کي قائم دائم رکڻ ۾ انهن ماڻهن جو وڏو هٿ آهي جن عليڳڙهه ۾ انگريزي پڙهي. انهن کي انگريزي پڙهڻ ڪري پاڪستان توڙي انڊيا ۾ اقتدار مليو. هو Services ۾ آيا، ليڊر شپ ۾ آيا جو پوءِ هنن اردو زبان کي هڪ شوق ۽ استحصالي هٿيار طور استعمال ڪيو آهي. اردو شاعريءَ کي اردو ڪلچر کي، پر توهان يقين رکو ته هي جيڪڏهن علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ ۾ انگريزي نه پڙهن ها ته اسان جا هي هندستاني مسلمان به ختم ٿي وڃن ها ان سان گڏ اردو زبان به ختم ٿي وڃي ها.
ٻيو مثال توهان يهودين جو به وٺي سگهو ٿا. انهن جيڪا دنيا ۾ ترقي ڪئي آهي، اها پنهنجي زبان Hebrew جي ڪري نه ڪئي اٿن، پر جنهن هنڌ هو رهيا آهن، ان جي زبان تي عبور ڪرڻ کانپوءِ هنن ان هنڌ تي بادشاهي ڪئي آهي. آمريڪا يا انگلينڊ ۾ هنن انگريزي سکي آهي. فرانس ۽ هالينڊ ۾ هنن فرينچ ۽ ڊچ سکي آهي. يعني حڪومتي زبانون سکي پاڻ کي وڌايو ۽ طاقتور ڪيو آهي، هاڻ اسرائيل ۾ پهچي پنهنجي زبان “هيبريو” جو شوق ڪن ٿا، پر هنن جي دنيا سان اڄ به جيڪا Communication آهي اها انگريزي ۾ آهي. انگريزيءَ کي نٿا ڇڏين. اسان سنڌي مسلمان ان ۾ تمام خوش قسمت هئاسين جو ورهاڱي وقت جيڪو تعليمي سسٽم مليو هو ان ۾ انگريزيءَ کي بنيادي اهميت هئي. تنهن ڪري پڙهيل سنڌي مسلمانن جون جيڪي اسان جون جهونيون نسل آهن انهن جي انگريزي ڏاڍي سٺي آهي ۽ اهو دور 1958ع تائين، جيسين مارشل لا لڳي هئي، سنڌي مسلمان ڏاڍي سٺي نموني آيا پئي. سنڌ يونيورسٽيءَ جا جيڪي گريجوئيٽ هئا سي پاڪستان جي ٻين يونيورسٽين کان تمام بهتر هئا، پر پوءِ جيئن ئي اها قومي زبان جي تحريڪ شروع ٿي ان جي ردعمل ۾ اسان وٽ وري علائقي زبان جو زور شروع ٿيو. ان جي نتيجي ۾ هاڻ اسان وٽ سنڌي زبان ممڪن آهي ڊيولپ ٿي هجي يا نه ٿي هجي، پر اسان جا جيڪي سنڌي ماڻهو آهن اهي سخت پوئتي رهجي ويا آهن. هو دنيا ۾ هاڻ ڪنهن به هنڌ Compete ڪرڻ جي لائق نه رهيا آهن. توهان اهو ڏٺو هوندو ته سنڌ کان ٻاهر دنيا ۾ ڪٿي به سنڌي زبان جو وجود نه هئڻ برابر آهي. اسان کي اهي غلط فهميون آهن يا خوش فهميون آهن ته سنڌي زبان دنيا جي هڪڙي Perfect زبان آهي، يا سنڌي زبان ۾ اسين سڀ اچار چئي سگهون ٿا يا لکي سگهون ٿا. اهي سڀ ٻاراڻيون ڳالهيون يا ننڍڙيون خوشيون ڏيڻ واريون ڳالهيون آهن. جنهن جي ڪابه اهميت ڪانهي ڪا. دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ مڪمل زبان شايد سنسڪرت آهي. يا شايد لئٽن آهي يا عربي آهي پر انهن جي سکڻ ڪري ماڻهو کي دنيا ۾ ڪنهن به هنڌ ڪا روزي نٿي ملي سگهي. تنهن ڪري جيڪي اسان جا سنڌي نوجوان ۽ اديب آهن انهن کي دنيا جي آڏو جيڪڏهن سنڌي ڪلچر آڻڻو آهي، سنڌي لٽريچر يا سنڌي قوم کي اڳيان آڻڻو آهي ته انهن کي لامحالا اردو ۽ انگريزي ۾ هوشيار ۽ ڄاڻو ٿيڻو پوندو. نه ته اسان ڀلي خوش پيا ٿيون ته شيخ اياز دنيا جو وڏو شاعر آهي يا اسين چئون ٿا ته شاهه لطيف وڏو آهي. شاهه لطيف کي وڏو انهن ڪيو جن هن کي انگريزيءَ ۾ آندو. سنڌي پڙهڻ جي ڪري ڪنهن به شاهه لطيف کي پورو نه سڃاتو. جڏهن ڊاڪٽر سورلي هن کي انگريزيءَ ۾ لکي اڳتي آندو تڏهن جڳ سڃاتو. اسان وٽ جيڪي به وڏا وڏا اديب آهن جن لاءِ اسين ويهي خوشيون ڪندا آهيون ته فلاڻو اسان جو تمام وڏو اديب آهي. فلاڻو ناول نگار ۽ دانشور آهي تاريخدان ۽ محقق آهي وغيره وغيره انهن کي اسان انگريزي ۾ نه آندو آهي. اسان وٽ اهڙو ڪو به لکڻ وارو ماڻهو ناهي جيڪو انهن کي انگريزيءَ ۾ آڻي سگهي. شيخ اياز وڏو عالم ۽ وڏو شاعر آهي پر ان جي انگريزيءَ ۾ Contribution نه برابر آهي ان ڪري هن کي سنڌي کانسواءِ ڪو نٿو سڃاڻي (جيترو سڃاڻڻ کپي)، پاڪستان ۾ به ڪو نٿو سڃاڻي نه دنيا ۾. تنهن ڪري جيسين اسين وڏا ماڻهو اهڙا پيدا نه ڪنداسين جيڪي سنڌ جي Case کي انگريزيءَ ۾ کڻن تيسين اسين گهر جو گهر ۾ ويٺا ٻانگون ڏينداسين. لاحاصل ڪوشش آهي. اسان جون سڀ نوجوان Generations تباهه پيون ٿين. ڪجهه نه پيو وري. ڏسو! هينئر ڊاڪٽر محبوب الحق، فيض احمد فيض کي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي. ٽئگور پنهنجي شاعريءَ کي ترجمو ڪيو جيئن ته گيتا انجلي (جنهن تي هن کي نوبل پرائيز ملي هئي) ۽ ان ترجمي بعد ماڻهن کي خبر پئي ته ٽئگور به ڪا شيءِ آهي. شاهه ڀٽائي جو مثال اسان وٽ موجود آهي. جڏهن ڊاڪٽر ٽرمپ ۽ ڊاڪٽر سورلي هٿ وڌو تنهن کانپوءِ ماڻهن کي ڄاڻ پئي ۽ اسان کي Confidence پوءِ آيو جڏهن انهن لکيو. سو شيخ اياز آهي، تنوير عباسي آهي، تاجل بيوس آهي يوسف شاهين آهي يا ٻيا اهڙا وڏا شاعر ۽ شخصيتون آهن جيڪي يقينن وڏيون آهن پر انهن جي وڏپڻ جيسين دنيا ۾ ظاهر نه ٿيندي تيسين انهن جي ڪا حيثيت ڪانهي ڪا.

ٻارن جو مستقبل برباد ٿي رهيو آهي

“ظاهر ٿيڻ مان ڇا مطلب آهي؟” مون پڇيو.
“ظاهر ڪرڻ مان اهو مطلب آهي ته دنيا ۾ جيڪي ماڻهو Matter ڪن ٿا انهن تائين اها ڳالهه پهچي. جهڙي طرح سان هڪڙو ڳائڻو آهي جيسين هو شاهي درٻار ۾ نٿو ڳائي تيسين هن جي اهميت نٿي مڃي وڃي. “جنگل مين مور ناچ،ا کس ني ديکا” وارو حساب ٿئي ٿو. مرزا غالب هو. هو جيستائين دهليءَ جي درٻار ۾ بهادر شاهه ظفر وٽ هڪ طوائف جي معرفت پيش نه ٿيو، تيستائين غالب جي ڪا حيثيت نه هئي. ساڳي طرح سان جيڪڏهن اسان کي دنيا ۾ حيثيت مڃائڻي آهي ته اسان کي اها شيءِ دنيا جي ٻوليءَ ۾ پيش ڪرڻي پوندي. شاهه لطيف کي پڙهڻ واسطي دنيا جا ماڻهو سنڌي نه سکندا.
ڪو هڪڙو ٻه ريسرچ يا شوق خاطر کڻي سنڌي سکي شاهه لطيف کي پڙهي نه ته دنيا ۾ هيترا رسالا ۽ مئگزينون آهن جن ۾ هن جو ڪٿي نالو ڪونهي ڪو. توهان کي هڪڙي عجيب ۽ دردناڪ ڳالهه ٿو ٻڌايانوَ. قمر شهباز جي ڌيءَ جي شادي هئي ۽ اها شادي ٿي هئي مشهور ڪرڪيٽر شجاع (رٽائرڊ ميجر شجاع) جي پٽ سان. ان جي دعوت ۾ شيخ اياز ۽ آئون گڏ ويٺا هئاسين. اتي گهوٽ وارن مان ٻه همراهه آيا. چڱا خاصا پڙهيل ڳڙهيل معتبر ۽ سينيئر قسم جا ماڻهو هئا. ساڻن دعا سلام ٿي، ان بعد مون سندن شيخ اياز سان تعارف ڪرايو ته “يه شيخ اياز صاحب هين، سنڌي ڪي بهت بڙي عظيم شاعر هين”، ته وري وري پيا چون ڪو شيخ اياز؟ نيٺ چيائون ته اسان ته نه سڃاتو. هاڻ ڪراچي جهڙي شهر ۾ ڪو پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو شيخ اياز کي نه سڃاڻي ته معنيٰ اسان صحيح طرح Message ڏئي نه سگهياسين. باقي سنڌي اديبن جون محفلون ٿينديون آهن، وڏيون وڏيون ڪچهريون ٿينديون آهن، اسلام آباد کان وڏا وڏا آفيسر ايندا آهن ۽ اچي تقريرون ڪندا آهن ته اسان سڄي دنيا پڙهي ڏٺي آهي، سڄي دنيا گهمي ڏٺي آهي، بس فلاڻي جهڙو ڪو شاعر ڪونهي ڪو! فلاڻي جهڙو ڪو افسانه نگار ڪونهي ڪو، وغيره. انهن جو لٽريچر آخر ڪير ترجمو ڪندو؟ دنيا تائين ڪير پهچائيندو؟ جيستائين اسان کي انگريزيءَ تي عبور ناهي، شيخ اياز، جمال ابڙي، قمر شهباز، آغا سليم جهڙا سٺا انگريزيءَ جا ڄاڻو ويٺا آهن، اهي ڇو نٿا ترجمو ڪن. ائين ڪرڻ سان اسان جي دور جي نوجوانن ۾ اعتماد پيدا ٿيندو. اسان کي کپي ته اسان سنڌي اديبن ۽ شاعرن کي دنيا اڳيان پيش ڪريون. ڀلي دنيا چوي ته هو سٺا آهن، باقي اهو جيڪو چوندا آهن ته “گونگي گاريون ڏنيون دل ۾” ان مان ڇا ورندو. اسان پنهنجو پاڻ ۾ ڪنڙو ٺاهي بند ڪمرن ۾ ويهي، چئون ته شيخ اياز دنيا جو وڏو شاعر آهي ان سان ڪهڙو فرق پوي ٿو. سو اسان سنڌي گونگن واري چال هلي خوش ٿي رهيا آهيون. پاڻ ۾ ويهي پاڻ پڏايون ٿا. اها بيڪار ڳالهه آهي. الطاف! تون اديب ماڻهو آهين، هن پار (سئيڊن، ڊئنمارڪ وغيره) جو احوال لکين ته منهنجو اهو ئي نياپو Convey ڪجانءِ ته مهرباني ڪري هاڻ “سنڌي زبان منهنجي زبان تنهنجي زبان” “منهنجي ٻولي تنهنجي ٻولي” اهو گهڻو ئي ٿيو. هاڻ Survival جو معاملو آهي ۽ پنهنجي جياپي لاءِ جيستائين دنيا ۾ ڪميونيڪيشن جو آرٽ نه سکندائو، دنيا جي ٻولي نه سکندائو، تيستائين ڪم نه هلندو.
“جڏهن ته سر سيد احمد انڊيا ۾ مسلمانن جي تعليم جو معاملو شروع ڪيو تڏهن هن اها ئي تحريڪ شروع ڪئي هئي ته انگريزي اسان جي ميڊيم رهندي. سڀني ان تي اعتراض ڪيا ته تون هميشه اردوءَ جي ڳالهه ڪندو هئين هاڻ تو پنهنجي Statement ڇو بدلائي آهي؟ ان تي هن چيو ته اردو اسان جي پياري زبان آهي، پر اسان کي Survive ڪرڻو آهي ۽ جياپي ڪارڻ جيڪا حاڪمن جي ٻولي آهي اسان کي اها Adapt ڪرڻي پوندي. هن عليڳڙهه موومينٽ هلائي انهيءَ بنياد تي هئي ته مسلمان انگريزي پڙهن. نتيجو توهان جي اکين اڳيان آهي ته عليڳڙهه جا جيڪي تعليم يافته هئا، انهن نه فقط انگريزن جي دور ۾ انڊيا ۾ عزت ۽ مان حاصل ڪيو، پر پاڪستان جا حاڪم وڃي ٿيا.
“انگريزن جي اچڻ کان اڳ ۾ ننڍي کنڊ ۾ حاڪمن جي زبان فارسي هئي، جنهن لاءِ پهاڪو مشهور آهي ته “فارسي گهوڙي چاڙهسي.” انگريزن جي حڪومت بعد رات اندر فارسي ختم ٿي وئي ۽ انگريزي مٿاهين زبان ٿي وئي. فارسيءَ جا وڏا وڏا عالم جاهل ٿي ويا ۽ چار درجا انگريزيءَ جا پڙهيل آفيسر ٿي ويا. سنڌ ۾ سنڌي هندو هوشيار هئا. جيئن ئي انگريز آيا ته هنن انگريزي پڙهي ۽ پهرين چئن ماڻهن جن ميٽرڪ ڪئي سي هڪدم مختيارڪار ٿيا. انهن جون فيمليون پوءِ سنڌي عاملن جون فيمليون مشهور ٿيون. ديوان جيڪي ٿيا اهي اتان ئي Develop ٿيا. انهن جا پٽ پوءِ ICS ٿيا، اهي انگلينڊ ويا، آڪسفورڊ مان پڙهيا، هتان پڙهيا هُتان پڙهيا. مطلب ڳالهه جو ته هنن انگريزي پڙهي. هنن موقعي کي سمجهيو ۽ ان مان فائدو ورتو نه ته ان زماني ۾ هُو ڪي هو ننڍي کنڊ جي مسلمانن کان وڌيڪ Advanced نه هئا. جڏهن ته انگريز هتي آيا هئا تڏهن هندو ويچارا تمام پوئتي پيل هئا، پر هو انگريزيءَ کي چهٽي پيا. پوءِ جن مسلمانن انگريزيءَ ۾ علم پرايو، اهي به اڳتي وڌي ويا پر As a class جيڪا هندن ڊيولپمينٽ ڪئي سا انگريزي جي معرفت ڪئي. اسان وري انگريزيءَ جا به دشمن ٿي پيا آهيون.اردو جا به دشمن ٿي پيا آهيون. پاڪستان ۾ Survive ڪرڻو آهي ته اردو اسان کي اهڙي اچڻ گهرجي جو اردو وارا به اسان تي رشڪ ڪن. انهيءَ کان سواءِ اسان جو گذارو مشڪل لڳي ٿو. محض سنڌيءَ جي بنياد تي اڳتي اڀرڻ ڏکيو آهي. اڄ اسان جي اڳيان مثال آهي عابده پروين جو. جيستائين هن اردو کي نه اپنايو هو تيستائين هوءَ هڪ محدود لوڪ ريجنل ڳائڻي هوندي هئي. هاڻ اها آل پاڪستان ليول تي آهي. انهيءَ لاءِ هن جو ڪو سنڌي پڻو ختم نه ٿي ويو. هن جي Identity اها ئي آهي ته هوءَ سنڌي ڳائڻي آهي. اهڙي طرح عبدالقادر جوڻيجو، نورالهديٰ شاهه، عزيز شيخ، حسن مجتبيٰ ۽ انور پيرزادي جهڙن جو مثال ڏئي سگهجي ٿو.
“امر جليل، جويو صاحب، سراج ۽ نصرت ابڙي جهڙا به سنڌ جي ڪاز کي انگريزي ۽ اردو ۾ لکندا رهن ٿا.” مون محمد عليءَ کي ٻڌايو.
“سندن لکڻيون منهنجي اڳيان نه گذريون آهن”، محمد عليءَ چيو “پر جي لکي رهيا آهن ته تمام سٺي ڳالهه آهي، جيئن مصطفيٰ قريشي آهي. اهو به سنڌي آهي سنڌي رهندو. يا ان جي زال روبينه آهي، اردو ۾ ڳائڻ يا اردوءَ ۾ ڪم ڪرڻ ڪو گناهه ته ناهي ۽ ان کان ٻيو ڏاڪو انگريزيءَ جو آهي، جنهن ۾ نالو ڪڍڻ ڪو گناهه ته ناهي ڪو. اسان ڇو پنهنجن نوجوانن کي نفرت ڏياريون ٿا انهن شين کان؟ زبان سان نفرت ڇو هئڻ کپي؟ جيڪا به علم جي زبان آهي ان ۾ ئي علم سکڻ کپي ۽ ها جڏهن سنڌي وري اقتدار ۾ اچن ته پوءِ پنهنجي زبان کي Develop ڪن. اها شوق جي ڳالهه آهي.”
“توهان جو مطلب آهي جيئن ملائيشيا ۾ ملئي ڪري رهيا آهن؟” مون وضاحت خاطر پڇيو.
“ملئي زبان ۾ ٻه Stages آيا. پهرين اسٽيج تي هنن اها ئي چريائپ ڪئي جو هنن ملئيءَ جي پويان انگريزيءَ کي ڇڏي ڏنو. پوءِ سٺ جي ڏهاڪي ۾ هنن محسوس ڪيو ته هو پوئتي ٿيندا وڃن، پر انهيءَ اسٽيج تي هنن سان اها ٽريجڊي ٿي وئي جو هنن جي ملڪ ۾ ڪو ماڻهو ئي نه رهيو جو کين صحيح انگريزي پڙهائي. ڪو انگريزي جو سٺو استاد نه پيو ملين. هو انگريزيءَ جي پٺيان يا ملئي زبان کي اپنائڻ ۾ اهڙو اچي لڳا جو ملئي ته اچي وين پر انگريزي جا ماستر امپورٽ ڪيائون. پوءِ هاڻ هنن جي جيڪا ٻي ٽهي آئي آهي اها سٺي انگريزي سکي وئي آهي. اسان وٽ به سنڌ ۾ اهو وڃي حال ٿيو آهي، جو انگريزي پڙهائڻ وارو ڪو ماڻهو نه پيو ملي. اڄ اسان جي سنڌي ايئرهوسٽس کان نرس تائين ۽ پروفيسر کان وٺي ڊاڪٽر انجنيئر تائين انگريزي سٺي نه اچڻ ڪري هن لاءِ ولايت ۾ نوڪري ڪرڻ ڏکيو ڪم ٿي پيو آهي. سنڌ جي اسڪول مان انگريزي پڙهائڻ وارن سٺن ماسترن جي آخري Generation ختم ٿيندي وڃي. هاڻ جيڪي آڱوٺي ڇاپ ماستر اچن پيا انهن کي سنڌي ئي نٿي اچي ته انگريزي ڇا پڙهائيندا. معنيٰ اسان جي سنڌي ٻارن جو مستقبل هٿون برباد پيو ٿئي.

ڇا اسين صفائي پسند آهيون؟

سئيڊن اچڻ وقت پاڻ سان ’ٽائيم پيس‘ کڻي نه آيس. هتي پهچڻ سان ان جي سخت ضرورت محسوس ڪيم. صبح جو اک ڪيئن کلي؟ ڪمري ۾ نه ڪڪڙ جي ٻانگ پهچي نه سج جي روشني. ڪڪڙ، ٻڪري، رڍ جهڙي شيءِ جي پالڻ جي سئيڊن ۾ ڪنهن کي به اجازت ناهي. ڪتو ٻلو پالي سگهجي ٿو، پر اهو ائين سولو ناهي، جيئن اسان وٽ. اسان جي شهرن توڙي ڳوٺن جي سوڙهين گهٽين ۾ مينهن يا ڍڳي به بيهاري سگهجي ٿي. ڪا ڳالهه ناهي، بس رڳو پئسا هجن، بازار مان وٺي اچي بيهاريوس. گهر ۾ جاءِ نه هجي ته گهٽيءَ ۾. پاڙي وارا دانهون ڪري پاڻهي ماٺ ٿي ويندا. ٿاڻي تي رپورٽ ڪن ته پوليس کي ماهوار چار ڏوڪڙ ڏيندا رهجن پاڻهي موچڙو هڻي کين ماٺ ڪرائيندي. پاڙي وارا پٽين ٿا ته ڀلي پيا پٽين. اسان مسلمان ته آهيون پر نه اسلام جي معلومات اٿئون جنهن مطابق پاڙيسريءَ جو خيال رکجي نه اهو ڊپ اٿئون ته غريب جي پِٽ پاراتو يا بددعا ڪيڏي خطرناڪ آهي. نه قيامت ۾ ڀروسو اٿئون ته ان ڏينهن تي ذري ذري جو حساب ٿي رهندو. بهرحال مسلمان سڏايون ٿا پر اسلام تي نٿا هلون نه ته ائين ڇو ڪيون. سو مطلب اهو ته پاڻ وٽ پاڪستان ۾ مينهن ڌارڻ سولي آهي، پر هتي يورپ ۾ ڪتو پالڻ ڏکيو ڪم آهي. هتي ڪتي پالڻ لاءِ رڳو ڪتو خريد ڪرڻ جيترا پئسا هجڻ ڪافي نه آهن. ان ڪتي کي پوليس اسٽيشن تي رجسٽرڊبه ڪرائڻو پوي ٿو. ان بعد حڪومت جي واسطيدار اداري کان ٽئگ نمبر ملي ٿو جيڪو ڪتي جي ڳچيءَ ۾ ٻڌڻ ضروري آهي. جيئن سڀاڻي رسو ڇنائي گم ٿي وڃي ته لڀجڻ بعد مالڪن کي پهچايو وڃي ۽ جي ڪنهن کي ڏاڙهي يا نقصان پهچائي ته نمبر ذريعي مالڪ جو ڏس پتو حاصل ڪري ان کي ڪورٽ ڪچهريءَ ۾ حاضر ڪرائي سگهجي. ڪتي پالڻ جي شوق يا ضرورت جو ڇهين ڇهين مهيني ٽئڪس ادا ڪري رسيد پاڻ وٽ قابو رکڻي پوي ٿي. رات جو دير سان يا ڏينهن جو اجايو سجايو ڀونڪڻ تي پاڙي وارن جو پوليس کي فون ڪرڻ ته ڪتي جي مالڪ تي ڄڻ مصيبت اچي ويندي آهي. ڏنڊ سان گڏ هن کي چتاءُ ملندو آهي ۽ هر چتاءُ (Warning) تي اهو ڏنڊ وڌندو رهي ٿو. ڪتي جي صحت لاءِ مالڪ کي هر مهيني “ڊاڪٽر ڍور” کان پنهنجو جانور چڪاس ڪرائي سرٽيفڪيٽ وٺڻو پوي ٿو ۽ ان کان علاوه ڪجهه اهڙيون دوائون ۽ سيون آهن جيڪي بيماري نه هجڻ جي صورت ۾ به هر پندرهين ڏينهن ڪتي کي کارائڻيون آهن جيئن ننڍن ٻارن کي پوليو، وڏي کنگهه، ماتا وغيره جا ٽُڪا ۽ سُيون لڳنديون رهن ٿيون. مطلب ته سئيڊن جي شهري لاءِ ڪتو پالڻ ايڏو وڏو مٿي جو سور آهي جيڏو غريب ايشيائي ملڪن جي حڪومت لاءِ ايٽم بم ٺاهڻ.
پر وري به ڪتو پالي سگهجي ٿو پر ڪڪڙ، ٻڪري، رڍ هرگز نه. اسان جي پاڙي ۾ رهندڙ فلسطيني عمر سلام نه فقط حلال ڪڪڙ کائي پر پنهنجي اکين اڳيان ڪڪڙ ڪهائي ان جو تازو گوشت گهر ۾ رڌائي. ڪڪڙ جي حلال گوشت جا سمنڊ جي هن پار ڊئنمارڪ شهر ۾ ڪيترائي دڪان آهن، جن تي Frozen گوشت ملي ٿو. اهي ڪڪڙيون ڊئنمارڪ جي ڪنهن دور دراز ڳوٺ جي سلاٽر هائوس (ڪوس گهر) ۾ ذبح ٿي، ڪولڊ اسٽور ۾ ٿڌيون ٿي پوءِ ڪوپن هيگن شهر ۾ وڪامڻ اينديون آهن. سئيڊن جي جنهن شهر مالمو ۾ اسين رهون ٿا، ان جا ماڻهو حلال گوشت وٺڻ لاءِ فيريءَ ۾ چڙهي ڪوپن هيگن ويندا آهن. هاڻي مڙيئي هڪ ٻه دڪان هتي مالمو ۾ کليا آهن، جن تي حلال ڪڪڙ ملي ٿي پر تمام مهانگي. عمر سلام شاهوڪار عرب آهي کيس پئسي جي پرواهه ناهي ۽ هو اسان واري شهر مالمو مان به حلال ڪڪڙ خريد ڪري سگهي ٿو پر جيئن ته مٿي لکيو اٿم ته هو حلال سان گڏ فريش گوشت جي چڪر ۾ هوندو آهي. سو ان لاءِ هفتي ڏيڍ ٻه چار ڪڪڙيون فارم تان خريد ڪري پاڻ حلال ڪندو آهي، پر جيئن ته ميونسپل جي حد کانپوءِ به ويهن ميلن جي گهيري ۾ ڪنهن کي ڪو به جانور ذبح ڪرڻ جي اجازت ناهي، سو موڪل واري ڏينهن هو شهر کان پري وڃي اهو معرڪو سرانجام ڏيندو آهي.
“ڪڪڙ يا ٻڪريءَ کي ڪهڻ جي اجازت ڇو نه آهي؟” مون پڇيو هئوماس.
پنهنجي نڪ کي آڱر سان گهئي، توبهه توبهه ڪندي چيائين “هتي جي حڪومت صفائي جي معاملي ۾ ايڏي خبردار آهي جو رستي تي ڪا جهرڪي يا ڪٻر مري ٿي ته اها به ان ئي وقت فائربرگيڊ جو عملو کنيو وڃي ته متان ان جي آنڊن گُجين ۾ پيدا ٿيندڙ جراثيم بيماري پکيڙين.”
هاڻ ان ڳالهه جي روشنيءَ ۾ اسان جي ملڪ ۾ روزانو ۽ خاص ڪري قرباني واري عيد تي ڇا ٿو وهي واپري؟ اسان مسلمان “صفائي نصف ايمان” چئون ٿا پر عمل ڪيتري حد تائين ٿئي ٿو. ان ڪري ته ڌاريان يعني غير مسلم اهو ئي چون ٿا ته اسين مسلمان سڏرايون ٿا پر اسلام جيڪي چئي ٿو ان تي عمل نٿا ڪريون.

سئيڊن ۾ بجلي هلي وئي هئي

گذريل ويهن ٽيهن سالن ۾ “پاڪستان جي شهرن ۾ ته ڇا ڳوٺن ۾ به ترقي اچي وئي آهي. بجلي، گئس، ٽيليفون گهر گهر اچي ويو آهي ۽ هاڻ ته ريفريجريٽر، ايئرڪنڊيشنر، ٽي وي، وي سي آر، ڊش اينٽينائون ۽ ڪمپيوٽر نظر اچن ٿا. سنڌ جي ڳوٺن ۾ به ڪيترن ئي گهرن ۾ بيد روم, ڊرائنگ روم ۽ فلئش سسٽم Toilets اچي ويا آهن. مرد اليڪٽرڪ شيور، ڊيوڊ ورنٽ ۽ اولڊ اسپائيس جهڙا لوشن ۽ بالي جوتا ۽ مئچ وڳا پائين ٿا. عورتن جي ڊريسنگ ٽيبلن تي اوچا اوچا فرينچ عطر، لوشن نظر اچن ٿا، پر گهر ٻاهران اڄ به مرزيل ڪتا اڌ ننڊ اڌ سجاڳ ۾ ويٺا الٽيون ڪڍن. گهٽين جون ناليون جيڪي پاڻيءَ جي نيڪاليءَ لاءِ آهن اهي ماڻهن جي ڪرفتيءَ سان اوور لوڊ آهن. هر پنجين ڇهين گهر جي ٻاهران گند ڪچري جو ڍير آهي. جنهن جي ڀرسان ننڍا ٻار بلورن راند پيا کيڏن. کين پيٽ جي ڪا بيماري لڳي چڪي آهي يا لڳڻ واري آهي. کين چمڙي جي خارش جي بيماري لڳي چڪي آهي يا لڳڻ واري آهي. پر اسان کي ڪجهه به احساس نٿوٿئي ته هن گندگيءَ ۾ سڌي يا اڻسڌيءَ طرح اسان جو هٿ آهي. اسلام صفائي جي تلقين ڪري ٿو ۽ ان کان اسان ڀڄون ٿا. ۽ اها ته هڪ عام ڏينهن جي ڳالهه آهي. ٻڪراعيد تي ته شهرن توڙي ڳوٺن جون گهٽيون ناليون چوڪ هونديون آهن. جتي ڪٿي سڄيل اوجهريون ۽ مکين سان جهنجهيل وکا ۽ ڇيڇڙا هوندا آهن ۽ اندر گهرن ۾ جيرن بڪين جي ترتران هوندي آهي. مهمانن ۽ دعوتن جو ڦهڪو هوندو آهي. ۽ آيل مهمان ولائتي عطر عنبيرن ۽ پوشاڪن ۾ سجيل، اهي ڍونڍ سان ڀريل گهٽيون لتاڙي، اندر گهرن ۾ ويس وڳن جون ڳالهيون ڪندا آهن يا وري انڊين فلمن جي ڪهاڻين، گانن ۽ ڊانسن جون. اسان مذهبي، اخلاقي توڙي ٽيڪنيڪلي ڪيترو پٺتي وڃي رهيا آهيون، ان جو هاڻ ڪيترن کي احساس ئي نٿو ٿئي. اسان پاڻ ۽ ان سان گڏ اسان جو ملڪ پڻ ڪيترو پوئتي پوندو وڃي، ان جو اسان کي خيال ئي نٿو ٿئي. اسان جو هر ماڻهو، اسان جو هر ادارو سست ۽ ڪاهل ٿيندو وڃي. هر هڪ پورهئي کان ڀڄي ٿو نتيجي ۾ سڄو ادارو بيڪار ثابت ٿئي ٿو. اسپتالون ڏسو چاهي روڊ رستا ۽ بسون ريل گاڏيون، بجلي جو ادارو ڏسو چاهي ٽيليفون ۽ پوسٽ کاتو.
ماڻهو گهرن ۾ بجلي جي اليڪٽرڪ فٽنگ سان گڏ سئي گئس تي هلندڙ گولو (گئس بتي) هڻڻ جو پڻ بندوبست ڪن ٿا ۽ ان سان گڏ گهر ۾ هر وقت ميڻ بتيون به رکن ٿا. ڇو ته کين خبر آهي ته بجلي ته اچڻي وڃڻي شيءِ آهي.
شروع ۾ ٻڌائي چڪو آهيان ته هتي سئيڊن ۾ اچڻ وقت الارم گهڙيال کڻي نه آيس، سج هڪ ته دير سان اڀري ٿو ۽ ٻيو ته آسمان تي هر وقت گهاٽا ڪڪر ڇانيل هجڻ ڪري منجهند مهل به اونداهه انڌوڪار لڳل هوندو آهي. سو هتي صبح جو اٿڻ لاءِ الارم ڪلاڪ Alarm clock ضروري آهي ۽ ان کي خريد ڪرڻ لاءِ ٻئي ڏينهن ئي مارڪيٽ ويس. جنهن دڪان تان پڇايان ته ان تي بيٽري يا چاٻي واري گهڙيال بدران اليڪٽرڪ جو ملي رهيو هو. آئون وٺان ئي نه. هر وقت اهو خيال دل ۾ ته بجلي وڃڻ تي گهڙيال بند ٿي ويندو ۽ وري اچڻ تي هلندو سهي پر وقت صحيح نه ٻڌائيندو. مون سان گڏ سنگاپور ۽ پورچوگال جو همراهه هو. هو ٻئي وائڙا ٿي پڇن ته تون ڇو نٿو وٺين.
“بجلي هلي وڃي ته؟” آخر مون ٻڌايو مان.
“ڇو ويندي” ٻنهي ٺهه پهه وراڻيو.
۽ اڄ ان کي ٻه سال اچي ٿيا آهن. ڪنهن هڪ ڏينهن به هڪ منٽ لاءِ به هتي بجلي فيل نه ٿي آهي. هڪ ڏينهن پنجن منٽن لاءِ ٿي هئي سو به رڳو منهنجي فليٽ جي، ان ڪري جو فليٽ جي مالڪ پراڻو Oven ڪڍي نئون اليڪٽرڪ جو چلهو هڻي ٿي ڏنو، ان لاءِ مون پنهنجي گهر جو Main Switch ٿوري دير لاءِ بند ڪيو هو.

ڇا پيا سوچيو؟

سئيڊن ته کڻي چئجي ته يورپ جو ملڪ آهي، سو به بيحد سڌريل ۽ امير ملڪ، پر يورپ جي پورچوگال جهڙي ملڪ توڙي سنگاپور، هانگ ڪانگ، جاپان ۾ به بجلي ڪڏهن به نٿي وڃي. دنيا جي ملڪن ۾ اها ويندي هوندي پر ائين نه جيئن اسان وٽ وڃي ٿي. ڪجهه لوڊشيڊنگ جي بهاني، ڪجهه ٽرانسفارمر سڙڻ جي بهاني، ڪجهه اڻ ڄاتل سببن بهاني. ڪن ڪن ملڪن جي سرڪاري توڙي نيم سرڪاري ادارن جي ڪارڪردگي کي ڏسي ڪيڏي حسرت ٿئي ٿي ته ڪاش اسان جي ملڪ ۾ به اهڙو نظام هجي ۽ ڪيترن ملڪن کان اسان جي ملڪ جو تمام بهتر نظام هو پر اڄ اسان جو اڳيون نور به چٽ ٿي ويو آهي. اڳتي وڌڻ بدران پٺتي ٿيندا وڃون. ملائيشيا، ڪوريا، سنگاپور جهڙا ڪيترا ملڪ جيڪي اسان کان سکيا، جن جي ٽيليفون ۽ اڏاوت جي ادارن کان وٺي هوائي جهاز ۽ پاڻي جي جهازن جا ادارا، اسان جي پاڪستانين، کين شروع ڪري ڏنا. يا اسان کي ڏسي سکيا. اڄ اسان کان ايترو اڳتي نڪري ويا آهن جو سندن اعليٰ ڪارڪردگي جون ڳالهيون اسان لاءِ خواب آهن. فلپين، ٿائلينڊ، سنگاپور ۽ انڊونيشيا جهڙن ملڪن ۾ ٻارهوئي هيڏو مينهن پوڻ جي باوجود به ڪو رستو نٿو ٽٽي. ڪڏهن لائيٽ بجلي يا فون جو بل غلط نٿو اچي. ڪڏهن ڪنهن بئنڪ يا پوسٽ آفيس ۾ پنجن منٽن کان مٿي بيهڻو نٿو پوي. ڪڏهن بس، ريل يا سرڪاري سواري ۾ ويهي خوف نٿو ٿئي. ٽيليفون جهڙي شيءِ لاءِ ڏهه پنڌ نٿا ڪرڻا پون. ڪنهن وزير يا وڏي ماڻهوءَ کان سفارش نٿي ڪرائڻي پوي. ملائيشيا پهچڻ تي مون جڏهن فون لاءِ فارم ڀري ڏنو ته اٺن ڪلاڪن اندر “ٽيليفون پيس” سميت ڪنيڪشن ڏئي ويا. اٺن سالن بعد جڏهن وڃڻ وارو ٿيس ته منهنجي ملائيشيا مان روانو ٿيڻ جي اڏام اٺين نومبر هئي، آڪٽوبر جي آخري هفتي ۾ ٽيليفون وارن کي وڃي ٻڌايم ته آئون اٺين تاريخ توهان جو ملڪ ڇڏيان پيو، ان ڪري منهنجو فون آڪٽوبر جي آخر ۾ ئي ڪٽي وڃجو ۽ آڪٽوبر جو بل ڏئي ويندس.
“تون اٺين وڃين پيو، هفتو کن اڳ ئي ڇو ٿو فون ڪٽرائين؟” هنن پڇيو.
“پوءِ آخري ڏينهن تي ڪٿي پيو فون ڪٽڻ جي درخواست ۽ بل ڏيندس.” مون چيو مان.
“آخري ڏينهن تي جڏهن آخري فون ڪري بس ڪرين ته اسان کي رڳو فون ڪري ڇڏجانءِ ته اسان ڪٽي ڇڏينداسين.” ملائيشيا جي ٽيليفون آفيس واري انچارج ٻڌايو.
“۽ ڀلا انهن ستن ڏينهن جي بل جو ڇا ٿيندو؟” مون پڇيو مان، ڇو جو اهو ته هر حال ۾ Consumer کي ڏيڻو آهي ۽ جي ڏيڻ بنا هليو ويندس ته پٺيان مون سان گڏ منهنجي ملڪ جي به بدنامي ٿيندي.
“ان جو به بندوبست آهي. گهر ڇڏڻ کان ڪلاڪ اڳ فون ڪجانءِ ته اسان جو ماڻهو بل اچي ڏئي ويندو. جيڪو ايئرپورٽ تي يا پنهنجي ملڪ مان پوسٽ ذريعي موڪلجانءِ”. هن مون کي ٻڌايو، ان بعد کيس ئي ڌيان آيو ته منهنجي گهر ۽ ايئرپورٽ جي وچ ۾ته ٽيليفون آفيس آهي سو هن يڪدم صلاح ڏني.
“هيئن ڪجو. گهران نڪرڻ مهل ٽيليفون پيس پاڻ سان کڻي نڪرجو ۽ هتان آفيس وٽان لنگهندي اسان کي در تي ئي ڏئي وڃجو ۽ توهان جو بل به تيار هوندو.”
گهر ڇڏڻ وقت ٽيليفون پيس کڻي ٽيليفون آفيس وٽ آيس، جنهن آفيس ۾ اٺ سال اڳ فون لڳرائڻ لاءِ فارم ڀرڻ آيو هوس. در تي بيٺل ڪلارڪ مون کان ٽيليفون پيس ورتو. ٽيليفون بل جنهن تي PAID جو ٺپو لڳل هو، يعني پئسا ڀريا ويا ۽ ان سان گڏ 75 ڊالر هئا.
“هي ڇا جا-؟” مون پڇيو.
“سائين فون هڻائڻ مهل ياد نه اٿانو ته سئو ڊالر ورتا هئاسين _ بانڊ طور؟ توهان جو هي هفتو فون استعمال ڪرڻ جو بل پنجويهه ڊالر آيو آهي ۽ باقي توهان جي امانت پنجهتر ڊالر حاضر آهن.”
پئسا ۽ بل وٺي کيسي ۾ وڌم، ملئي ڪلارڪ سان هٿ ملايم. هڪ دفعو ٽيليفون آفيس جي بلڊنگ ڏي نهاريم ۽ پوءِ چوڌاري هن سرسبز سائي ملڪ ڏي جنهن ۾ اٺ سال گذاري هاڻ پنهنجي وطن وڃي رهيو هوس. اڄ کان اٺ سال اڳ جڏهن هن آفيس ۾ فون لاءِ اچي رهيو هوس ته منهنجي دل ۾ عجيب وسوسا هئا ته فون لاءِ الائي ڪهڙا جهد پٽڻا پوندا. ڇو جو پنهنجي ملڪ جا سور سجهيا ٿي. اڄ اٺ سال هن اداري جون خدمتون ماڻي واپس به وڃان پيو. اٺن سالن ۾ ڪڏهن فون خراب نه ٿيو، ڪڏهن بل غلط نه آيو. ڪڏهن ڪنهن پريشان نه ڪيو.
“ڇا پيا سوچيو-؟” ٽيليفون آفيس جي ڪلارڪ پڇيو.
“توهان ۽ توهانجو ملڪ”، مون چيو مانس، “ڪيترين ئي ڳالهين ۾ ماهر آهي، اسان کي توهان کان سکڻو آهي.”
هي اهو جملو هو جيڪو ان ڏينهن کان اٺ سال اڳ ان ملڪ ملائيشيا ۾ پهچڻ تي منهنجي ملئي باس ڪئپٽن حمزه نور مون کي چيو هو. جنهن مون کي سندس ملڪ جي نوجوانن کي جهاز هلائڻ سيکارڻ لاءِ ملائيشيا سڏايو هو ۽ اڄ آئون هنن کي چئي رهيو هوس.

هندستان جي پليگ ۽ يورپ

هندستان جي رياست گجرات جي ڪيترن ئي شهرن سورت، احمد آباد، امريلي، بڙودا وغيره ۾ پليگ (طاعون) جي بيماري لڳي وئي آهي، جنهن ۾ هزارين ماڻهو مبتلا ٿي ويا آهن ۽ سوين مري چڪا آهن. ان بابت خبرون اڄ ڪلهه هن پاسي جي ملڪن ۾ روزانو اخبارن، ٽي وي ۽ ريڊيو تان اچن ٿيون. گذريل ٻن هفتن کان جنهن تنهن جي وات تي ان بيماريءَ جو نالو آهي. اها بيماري جيتوڻيڪ هندستان جي هڪ صوبي جي به چند شهرن ۾ آهي ۽ اڄڪلهه سائنسي دور ۽ جديد دوائن جي زور تي ان بيماريءَ تي سگهو ئي ڪنٽرول ٿي ويندو ۽ هن وقت به هندستان جي ٻين صوبن ۾ زندگي ائين گذري رهي هوندي جيئن پهرين گذري رهي هئي، پر هن پاسي خاص ڪري يورپ جي هنن اسڪينڊينeوين ملڪن ۾ هندستان ته ڇا پر اوسي پاسي جي ملڪن ڏي وڃڻ کان به جهليو پيو وڃي. سياري جي موسم ۾ هتي سخت ٿڌ ٿي ٿئي. ان ڪري هتي جا ماڻهو مهينو اڌ موڪل ڪن ۽ اهي ڏينهن ايشيا جي گرم ملڪن ۾ گذارين جتي جو سيارو هتي جي ماڻهن لاءِ بهار جيان آهي، پر پليگ جو ٻڌي جيڪي هندستان سير سفر تي وڃڻا هئا اهي ته پنهنجون ٽڪيٽون ڪينسل ڪرائي رهيا آهن، پر اهي پڻ جيڪي ملائيشيا، ٿائلينڊ، نيپال، سريلنڪا، موريشس، مصر وڃڻا هئا. (پاڪستان ته ڪو ورلي گهمڻ لاءِ وڃي ٿو- چاهي پليگ هجي يا نه، سياحت (Tourism) لاءِ سڀ ڪجهه هوندي به هتي جي ماڻهن کي اها شڪايت آهي ته پاڪستان ۾ نه سلامتيءَ جي گارنٽي آهي ۽ نه رهائشگاهه ۽ نه وري کاڌو پيتو صاف سٿرو (Hygienic) آهي. يورپ ۽ آمريڪا وارن کي ائين لڳي ٿو ڄڻ پليگ جي بيماري هندستان جي هڪ صوبي ۾ نه پر سڄي ايشيا ۾ پکڙجي وئي هجي.
يورپ جا ماڻهو هونءَ ئي اسان ايشيائي ڪارن کان پيا پري ڀڄندا آهن. ڄڻ اسان پاڻ سان خوفناڪ بيماريون کڻيو هلون. بس لاري، ٽرين، توڙي سئنيما ٿيٽر ۾ ڪيترن جي اها ئي ڪوشش هوندي آهي ته اسان جي ڀر ۾ نه ويهن، پر لڳي ٿو ته اسان جي اٿي وڃڻ تي به ڪيترا ان جاءِ تي ڪا دير نه ويهندا هوندا ته متان اسان جراثيم ڇڏيا هجن ۽ اها Feeling ائين آهي جيئن اسان وٽ ڪو باگڙي ڪولهي جي ڀر ۾ ويهندي ڪيٻائيندو آهي. يا هن جي ٿانو کي استعمال ڪرڻ کان انڪار ڪندو آهي. ايشيا جي غريب ملڪن ۽ يورپ جي امير ملڪن جي ماڻهن جو روز بروز ائين حساب ڪتاب ٿيندو وڃي جيئن شودر برهمڻ جو. ۽ ويتر جي هن قسم جي بيماريءَ جو ٻڌن ٿا ته اسان جي منهن تي کڻي نه پر پنهنجي منهن اهو ئي اسان لاءِ چون ٿا ته اسين ڪيترو ته گدلا آهيون. جهنگلي ڪوئن، بيمار ڪتن ۽ مکين مڇرن جو به خاتمو نٿا ڪريون.
اسان جي ملڪن ۾ ڀلي کڻي سوات، هنزا، گلگت جهڙا سهڻا نظارا هجن، اسلام آباد ڪراچي جهڙيون وڏيون عمارتون هجن، باغ بستان، کيت فصل هجن، پر يقين ڪريو ته هن پاسي جڏهن به ڪا پاڪستان، مصر، هندستان، برما جي ٽي ويءَ تي خبر ڏيندا آهن ته اسان جي ملڪن جي شهرن جا گندا علائقا ڏيکاريندا آهن ۽ مکين ۽ چيلاٽن سان ڀريل ڀاڄي ۽ ميوا مارڪيٽون، ڇڙواڳ ۽ ڪوڙهه لڳل ڪتن ۽ ٻلن سان ڀريل مڇي ۽ گوشت مارڪيٽون، گهرن اڳيان ٻارن ۽ ڪتن کي هڪ وقت هنگندو ڏيکاريندا آهن، جيئن دنيا کي اهو احساس ٿئي ته ايشيا خاص ڪري مسلم دنيا جاهل ۽ گندي آهي. اڄڪلهه ته هندستان کي به نه بخشيو پيو وڃي. اتي ڪنهن شهر جي مندر ۾ هزارين ڪوئا آهن جن کي ماڻهو پوڄيندا آهن. اڄڪلهه هر وقت هتي جي ٽي ويءَ تي ان مندر جي ڊاڪيومينٽري فلم ڏيکاري رهيا آهن ۽ ماڻهن ۽ هزارين ڪوئن کي گڏ گڏ کائيندي، پوڄيندي، چميون ڏيندو ڏسي ماڻهوءَ جي دل خراب ٿئي ٿي ۽ پوءِ ڪنهن به ڏوهه يا خرابيءَ ۾ پاڪستان هجي يا هندستان، ذليل ٻئي ٿين ٿا جو ننڍي کنڊ جي سڀني ماڻهن (بنگالين بهارين کان سنڌي پنجابين) جو هڪ ئي نڪ نقشو آهي.
ائين به نه آهي ته يورپي سڄي قوم ڌارين سان نفرت ئي ڪري ٿي. منجهن ڪيترائي نيڪ ماڻهو ۽ ادارا آهن جيڪي هزارين ميل ڏور رهي به ڌارين جو ڏک درد پنهنجو سمجهن ٿا. انهن لاءِ چندا ۽ دوا درملون گڏ ڪري موڪلي رهيا آهن. پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته انهن غريب ۽ مصيبت ماريل حقدارن تائين فارين جي امداد پهچي ٿي يا وچ ۾ کڄيو وڃي. جيئن ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ سنڌ ۾ آيل ٻوڏن، خاص ڪري منڇر ۽ دادو ضلعي بابت، جي اين مغل جي ڪالم ۾ هو ته ٻوڏ جي غريب ستايلن جي مڪاني وڏيرا يا ڪامورا پاڻ ته مدد نٿا ڪن پر ايڌي ٽرسٽ جهڙا يا ڌاريا ڪا امداد موڪلين ٿا ته اها به کين نٿا رسائين ۽ ان سلسلي ۾ پهرين به هڪ دفعو ڪيترائي مختيارڪار يا اسسٽنٽ ڪمشنر نوڪرين تان لاٿا ويا هئا، جيڪي غريب ماڻهن لاءِ مليل امدادون انهن کي ڏيڻ بدران پنهنجي گهر کڻي پهتا هئا.
پليگ بابت هتي رهندڙ هڪ ٻن ڊاڪٽرن سان ڳالهه ٻولهه ٿي. ان بابت ڪجهه اهم ڳالهيون جيڪي نوٽ ڪري سگهيس هن ريت آهن: انڊيا ۾ جيڪا پليگ هلي رهي آهي اها نمونيائي پليگ سڏجي ٿي. ان جو جراثيم ڪوئي جي چڪ سان انسان جي رت ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ اڳتي وڌي ڦڦڙن تائين پهچي ٿو. ڦڦڙ تي اثر ٿيڻ سان مريض کي کنگهه ٿئي ٿي ۽ پوءِ ساهه رستي ٻين تائين پهچي ٿو. ڦڦڙن تي اثر ٿيڻ بعد مريض يڪدم مريو وڃي. هن بيماريءَ ۾ مريض ۾ هي علامتون نظر اچن ٿيون. هن کي بخار، کنگهه ۽ تڪڙا ساهه ٿين ٿا. اگر وقت اندر علاج نٿو ٿئي ته ساهه کڻڻ ۾ تڪليف ٿئي ٿي. ٿڪ ۾ رت اچي ٿو ۽ آخرڪار ڦڦڙ ڪم ڪرڻ ڇڏيو ڏين. پليگ جي وچڙندڙ بيماري قدرت طرفان انسان ذات تي عذاب سمجهي وڃي ٿي. سڀ کان پهرين هيءَ بيماري سن 542عيسوي ۾ نازل ٿي هئي. هن بيماريءَ جي سڀ کان پهرين وبا جنهن وسيع علائقي کي متاثر ڪيو، اها عرب کا شروع ٿي مصر تائين پهتي. ٻي وڏي وبا چين کان 1333ع ۾ شروع ٿي ۽ سامونڊي جهازن ذريعي يورپ تائين پهتي. چوڏهين صديءَ جي وچ ڌاري پکڙڻ واري هن بيماريءَ جي وبا سڄي يورپ کي لوڏي ڇڏيو هو ۽ هيءَ ڪاري موت (Black Death) جي نالي سان مشهور ٿي. ٽين وڏي ۽ سخت قسم جي وبا 1892ع ۾ يونان کان شروع ٿي ۽ بمبئي تائين پهتي. هن وبا ۾ فقط بمبئي ۾ ئي انيڪ موت ٿيا.
پليگ جي وبا کي پهرين هڪ مصري طبيب سڃاتو، پليگ جي بيماري تواريخ تي به اثرانداز رهي. پهرين وبا جيڪا Justinian پليگ نالي مشهور ٿي ۽ ميڊيٽرينين سمنڊ جي بندرگاهن وارن علائقن ۾ قائم رهي، ڪيترن ماڻهن جو خيال آهي ته هيءَ بيماري روم جي سلطنت جي زوال جو سبب بڻي. هيءَ بيماري Byzantine Emperorجي زوال جو پڻ هڪ اهم حصو هئي. مشهور انگريزي شاعر وليم شيڪسپيئر ذري گهٽ هن بيماريءَ مان بچيو. جڏهن هو ٽن مهينن جو هو ته سن 1564ع ۾ هن بيماريءَ ان سڄي علائقي تي گهيرو ڪري ورتو هو ۽ آدمشماري جو ستون حصو اجل جو شڪار ٿيو.
ماتا جهڙين بيمارين مان ته هميشه لاءِ دنيا جو هي گولو آزاد ٿي چڪو آهي پر سائنس جي هيڏي ترقيءَ بعد به هن بيماريءَ مان ڇوٽڪارو حاصل ٿي نه سگهيو آهي. اڃان تائين هن بيماريءَ جي پاڙ پٽڻ لاءِ ڪي خاص قسم جا ٽُڪا ايجاد ٿي نه سگهيا آهن، جيئن ماتا، پوليو وغيره جا آهن. جيڪي سيون لڳايون وڃن ٿيون اهي ڇهن مهينن لاءِ حفاظت Protection ڏين ٿيون.
دنيا ۾ هن بيماريءَ جي پکڙجڻ جو سبب جهنگلي ڪوئا آهن. يعني ڪارا ڪوئا جيڪي پاڻ وٽ موجود آهن. ڪوئن کان علاوه نوريئڙن، ٻلن ۽ ڪتن مان به پليگ ٿي سگهي ٿي. ڪناري وارن ملڪن ۾ هيءَ بيماري انهن ڪوئن مان پکڙجي ٿي جيڪي جهازن ذريعي هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ جي بندرگاهن ۾ پهچن ٿا.
هن مرض جي اڇت علاج لاءِ Antibodies استعمال ڪيون وڃن ٿيون جن ۾ ٽيٽرا سائيڪلين، اسٽرپٽو مائيسين ۽ ڪلورو مائيسيٽين اچي وڃن ٿيون.

مالمو جا ٻه اهم ماڻهو

مالمو جي شهر ۾ پنج ڇهه روٽري ڪلب آهن، ملاڪا (ملائيشيا) ۾ هوس ته روٽري ڪلب جو ميمبر ٿيو هوس ۽ اڪثر ڇنڇر ڏينهن شام جو ملاڪا جي هوٽل Ramada ۾ ان ڪلب جي ميمبرن جي گڏجاڻي ٿيندي هئي، ان بعد ڪراچي هوٽل پرل ڪانٽينينٽل ۾ هڪ يا ٻه دفعا لنچ وارين گڏجاڻين ۾ وڃڻ ٿيو ۽ هاڻ ڪجهه ڏينهن اڳ هتي سئيڊن جي هن شهر مالمو جي روٽري ڪلب جي هڪ ڊنر اٽينڊ ڪرڻ جو موقعو مليو. ظاهري طرح اهي شهر جي ماڻهن جي گڏجاڻين جا ڪلب آهن، جتي هر ڪو پنهنجي مانيءَ جا پئسا ڀري ٿو ۽ اها گڏجاڻي هفتي ۾ هڪ دفعو ٿئي ٿي. گهڻو ڪري ساڳي هنڌ خاص ڪري هوٽل ۾ ٿئي. پوءِ ڪنهن روٽري ڪلب جا ميمبر شهر جي ڪنهن هوٽل ۾ ڊنر تي ملن ته ڪي لنچ تي ۽ ڪي شام جي چانهه پاڻيءَ تي. ڪراچيءَ ۾ ته ٻڌو اٿم ته هڪ روٽري ڪلب جي گڏجاڻي آوري ٽاور هوٽل ۾ يا جبيس ۾ صبح جو نيرن تي به ٿئي ٿي. گڏجاڻين ۾ پنهنجي فيلڊ يا هنر جي ڪنهن قابل مهمان کي گهرايو ويندو آهي، جيڪو پنهنجي سبجيڪٽ تي اڌ ڪلاڪ کن جو ليڪچر ڏيندو آهي، پوءِ ڪڏهن ڪو اکين جو ماهر سرجن هوندو آهي ته ڪڏهن ڪو يونيورسٽي جو پروفيسر. ڪڏهن پوليس جو اعليٰ عملدار هوندو آهي ته ڪڏهن ڪو ڪامياب واپاري. دنيا جي هر ملڪ جي هر روٽري ڪلب ۾ پهرين ماني يا چانهه جودور هلندو آهي ان بعد آيل خاص مهمان تقرير ڪندو آهي. آخر ۾ روٽري ڪلب جي ميمبر هن کان سوال ڪندا آهن. روٽري ڪلب جي گڏجاڻين ۾ وقت جي پابندي جو خاص خيال هوندو آهي ۽ تعجب جي ڳالهه اها آهي ته ان تي پاڪستان ۾ به عمل ڪيو وڃي ٿو. پوري وقت تي مهمان ايندا. پوري وقت تي مانيءَ جو دور هلندو، ان بعد سيڪريٽري گهنڊ وڄائيندو. نون ميمبرن ۽ نون آيل همراهن جو تعارف ٿيندو ۽ ان بعد خاص مهمان جو ليڪچر شروع ٿي ويندو ۽ ڏيڍ ٻن ڪلاڪن ۾ سڄي ميٽنگ پوري ٿي ويندي آهي. منهنجي خيال ۾ ان پابندي جو وڏو سبب اهو آهي جو مانيءَ جو بندوبست اڳواٽ ڪيو وڃي ٿو ۽ دير سان اچڻ واري کي ماني نصيب نٿي ٿئي. باقي بل هن کي پهچيو وڃي. شادين يا ادبي محفلن ۾ به جيڪر ماني پهرين ٿئي ته ماڻهو وقت تي پهچي وڃن پر اهو ڪم جوکم جهڙو آهي جو گهڻو ڪري آيل مهمان ماني کائي هليا ويندا. باقي گهوٽ ڪنوار ۽ انهن جا ويجها عزيز ئي وڃي بچندا. ادبي محفل ۾ ته ايترا به ماڻهو نه بچندا. فقط اديب صاحب جنهن جي ڪتاب جي مهورت ٿيڻ واري هوندي، چيف گيسٽ ۽ تنبو ۽ ڪرسيون کڻڻ وارا مزور وڃي ترسندا.
روٽري ڪلب وارا سماجي ڪمن جو پڻ Claim ڪن ٿا. گهٽ ۾ گهٽ ملاڪا (ملائيشيا) ۾ ته اسان خير جا ڪم ڪرڻ لاءِ ڪافي سرگردان هوندا هئاسين. پوءِ ڪڏهن اسڪول جا ڪتاب ۽ يونيفارم وٺي غريب اسڪولن جي شاگردن کي ڏيندا هئاسين ته ڪڏهن ٻوڏ جي ستايلن لاءِ سامان گڏ ڪندا هئاسين. پوءِ ڪجهه ٻي جهان خاطر، ڪجهه پنهنجي مشهوريءَ خاطر، ڪجهه ملاڪا رياست جي گورنر ۽ چيف منسٽر کي خوش ڪرڻ ۽ چمچاگيريءَ ڪارڻ، جو اهي ٻئي همراهه اسان واري ڪلب جا ميمبر هئا ۽ خير جي ڪمن لاءِ انهن جو وڏو زور هوندو هو ته جيئن سندن به نالو ٿئي.
ان رات سئيڊن جي هن روٽري ڪلب ۾ ڊنر لاءِ ويس جيڪا سينٽرل اسٽيشن جي سامهون واري هوٽل Savoy ۾ هئي. مون کي ڌاريون مهمان سمجهي خاص ماڻهن سان گڏ ويهاريو ويو. گهڻو مزو نه آيو جو ڪلب جي ڪاروائي ۽ تقريرون سئيڊش زبان ۾ هليون. مون پنهنجو تعارف انگريزيءَ ۾ ڪرايو ۽ ڪيترن منهنجو خيال رکي پنهنجو تعارف ويندي ليڪچر ڏيڻ واري همراهه پنهنجي ليڪچر جو ڪجهه حصو انگريزيءَ ۾ ڏنو پر مون ڏٺو ته ههڙي گڏجاڻي مون لاءِ به مٿي جو سور ته هنن لاءِ به.
اهو ٻڌي ته آئون پاڪستاني آهيان هڪ پوڙهو همراهه منهنجي ڀرسان اچي ويٺو. پاڻ انگريزي تمام سٺي ڳالهائين ٿي ۽ ٻڌايائين ته اسلام آباد ۾ سئيدن جو موجوده سفير سندس ناٺي آهي. پاڻ پنهنجي هڪ ٻئي دوست سان به ملايائين ۽ سندس گهر ساڻس ملڻ لاءِ خلوص دل سان دعوت ڏيندو رهيو. هونءَ جيتوڻيڪ Swedish ماڻهو ڪنهن ڌارئين سان ته ٺهيو پر پنهنجي سان به ايترو جلد فري نه ٿيندا آهن، پر ٿي سگهي ٿو ته اسلام آباد ۾ رهڻ ڪري هن کي احساس ٿيو هجي ته پاڪستاني پاڻ به رلڻا ملڻا آهن. سندن نالو مسٽر اولوف Oluf Madsen آهي ۽ مالمو شهر جي ٻهراڙي واري علائقي فالسٽربو ۾ رهي ٿو.
ان ئي رات ڊنر بعد سامهون سينٽرل اسٽيشن وٽ پنهنجي علائقي هولما ڏي ويندڙ بس لاءِ آيس ته هڪ همراهه گهوڙين (Crunches) تي مون کان اڳ ڪنهن ٻي بس لاءِ انتظار ڪري رهيو هو. وقت پاس ڪرڻ لاءِ مون هيلو هيلو ڪئيمانس ته اهو معلوم ڪري ته آئون پاڪستان جو آهيان وڏي قرب سان هٿ ملائي منهنجي کيڪار جو جواب ڏنائين.
“هي ڇا ٿي پيو اٿئي؟” مون سندس ٽنگن ڏي اشارو ڪري پڇيو.
“حادثو ٿي پيو.” هن وراڻيو.
اسان ماڻهو پنهنجي ملڪ ۾ ٽرئفڪ جا ڪڙايل، هر حادثي کي موٽر لاريءَ جي حادثي سان منسوب ڪندا آهيون. سو مون به پڇيو مانس ته آيا بس يا ڪار ۾ حادثو ٿيو اٿئي يا رستو ٽپندي.
“نه، ڪنهن گاڏيءَ سان حادثو نه ٿيو اٿم، گذريل مهيني دوست سان گڏ جبلن تي وسيل برف تي Skiing راند لاءِ ويس. اتي Out of control ٿي ويس ۽ گوڏي جي ڍڪڻي ڀڄي پئي اٿم.” هن ٻڌايو.
“توهان Skiing راند جا شوقين ٿا لڳو” مون چيو مانس.
“نه، آئون اسڪاش جو شوقين آهيان. منهنجو نالو اُلف لنڊيل آهي” اهو چئي هن مون کي غور سان ڏٺو. شايد هن منهنجي چهري تي آيل ڪو تاثر پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي، پر جڏهن منهنجي چهري مان ڪا شيءِ نمايان نه ٿيس ته پاڻ ئي چيائين:
“لڳي ٿو توهان اسڪاش نٿا کيڏو ۽ ان جون بين الاقوامي مئچون ڏسڻ جو شوق نه اٿانو؟”
“بلڪل صحيح ڳالهه آهي.” مون چيومانس.
“ان ڪري مون کي نٿا سڃاڻو”، هن چيو، “آئون اسڪاش راند جو پنهنجي ملڪ جو چيمپئن هوس. هاڻ رٽائرڊ ٿي چڪو آهيان. 1979ع ۾ مون جهانگير سان سئيڊن ۾ کيڏيو هو پر هو “2 –3” تان کٽي ويو.ان وقت کان جهانگير منهنجو دوست آهي. اڄڪلهه آئون واپار ڪريان ٿو. ڪراچيءَ مان ٽوپين جا بئچ ٺهرائي هتي وڪڻندو آهيان ۽ سيالڪوٽ کان ڪجهه راندين جا سامان پڻ گهرائي مختلف اسڪولن کي سپلاءِ ڪندو آهيان. ان ڪم ۾ منهنجي جهانگير ڪافي رهنمائي ۽ مدد ڪئي.
اسڪاش جو هي سئيڊش رانديگر مسٽر الف لنڊيل اسان واري ئي شهر جي علائقي ڪروسگاٽن ۾ رهي ٿو. پاڻ پنجٽيهه سالن جو ٿيندو.

ڌڪ دشمن جو به نه وڃائجي

ڪجهه ڏينهن اڳ سئيڊن جي هن شهر مالمو ۾ “يورپين سانگ فيسٽيول” ٿيو، جنهن ۾ يورپ جي ويهارو کن ملڪن جي ڳائڻين حصو ورتو. ڪن انگريزيءَ ۾ گانا ڳايا ته ڪن پنهنجي قومي زبان فرينچ، اسپينش، پورچوگالي، اٽالين، ڊئنش وغيره ۾. انهن ملڪن ۾ اسرائيل ۽ ترڪيءَ به حصو ورتو. ترڪي ته کڻي چئجي ته اڌ ايشيا ۾ آهي اڌ يورپ ۾ ان ڪري. پر اسرائيل جو خبر ناهي ڪهڙي خيال کان يورپي ملڪن ۾ نالو ڏنو ويو. شايد سندس ڪلچر عربن ۽ مشرق سان نه پر يورپ ۽ مغرب سان ملي ٿو. بهرحال اها ڪا خاص ڳالهه ناهي، فقط ايشيا جو ٿئي ها ته به عرب ملڪ ان ۾ حصو نه وٺن ها.
ان پروگرام جي ٽڪيٽ جيتوڻيڪ تمام ڳري هئي، جيڪا اسان Afford نٿي ڪري سگهياسين، پر خبر ناهي ته ڪهڙي خيال کان هن شهر مالمو جي ميونسپل کاتي اسان جي يونيورسٽي وارن کي مفت ۾ ڪجهه ٽڪيٽون ڏنيون. مقابلي واري هال ۾ نه فقط يورپ جي مختلف ملڪن کان ماڻهو آيل هئا پر راڳ ۽ ميوزڪ جا شوقين آمريڪا، ڪئناڊا ۽ آسٽريليا، نيوزيلينڊ کان به آيا هئا. ڪنهن ٻڌايو ته هي مقابلو پنجن سالن ۾ هڪ دفعو ٿيندو آهي.
اسان کي ويهڻ لاءِ سيٽون تمام سٺي هنڌ تي مليون ۽ اسٽيج کي نه گهڻو ويجهو هئاسين ۽ نه گهڻو پري. منهنجي ساڄي پاسي منهنجو پاڪستاني ساٿي ۽ ان جي ڀرسان جارڊن جو عرب هو ۽ پوءِ هتي جا يا ڀرپاسي جا ڌارين ملڪن جا هئا. شايد ڊينمارڪ يا بيلجم پاسي جا لڳا ٿي. جڏهن به ڪا ڳائڻي آئي ٿي ته گاني پوري ٿيڻ تي ٻين ٻڌندڙن وانگر اسان به زور زور سان تاڙيون وڄائي هن جي فن کي ڀرپور داد ڏنو ٿي. فرانس، جرمني، هنگري، هالينڊ ۽ ان بعد ترڪيءَ جي ڳائڻي آئي. ان بعد رومانيا جي آئي. رومانيا بعد جنهن ملڪ جي ڳائڻي اسٽيج تي آئي ان جو جيسين نالو ۽ قوميت انائونس ٿئي اسان سندس سريلو جسم ۽ موچاري شڪل ڏسي تعريف ڪرڻ لڳاسين _ يعني آئون ۽ منهنجي ڀر ۾ ويٺل پاڪستاني. اتي انائونسر سندس نالو وٺي، جيئن ئي ملڪ جو نالو ورتو ته اسان کي ڄڻ نانگ سونگهي ويو. هاڻ اسرائيل جي ڇوڪريءَ جي ڪيئن تعريف ڪريون! اسرائيل يا انڊيا جي ڪا شيءِ سٺي هجي ته به گلا ڪرڻ اسان جي نس نس ۾ سمايل آهي. “ڪيسي بي حيا لگ رهي هي، شڪل مان به ته ڪپڙن مان به!” منهنجي پاڪستاني دوست چيو ۽ مون به سندس ڀرپور تائيد ڪئي. يعني ٻئي اصلي رڳ تي آياسين. يعني ڪو ماڻهو يا ملڪ اسان کي نه وڻي ته پوءِ هن جي سٺائي به خراب لڳندي اٿئون. ڇا ڪريون ننڍي هوندي کان پاڪستاني ريڊيو ۽ ٽي وي تان اها ئي سُتي پيتي اٿئون. مزي جي ڳالهه اها ته نڀاڳيءَ جو وري سر به سڀني ۾ سٺو هو ۽ گانو به انگريزي ۾ ڳايائين _ يعني اسان جي سمجهڻ لائق _ سو هاڻ سندس سر ۽ گاني جي ته ڇا گلا ڪريون شڪل ۽ “بي حيا” ڪپڙن جي گلا ڪرڻ لڳاسين. جيتوڻيڪ هن کان ٿوري دير اڳ ترڪيءَ جي ڇوڪري، جنهن ڊريس ۾ هئي اها هن کان وڌيڪ اوگهڙ واري هئي ۽ سندس ناچ نچڪو وڌيڪ بي حيائيءَ وارو هو. پر ترڪي اسان جو مسلمان ملڪ ٿيو ته هن جي هر ڳالهه صحيح حساب ۾ آنديسين. جيئن اسان وٽ اخبارن ۾ هوندو آهي. حيدرآباد، ڪراچي توڙي دادو ۽ ٺٽي ۾ ڀلي پوليس شهر جي چوراهي تي جلوس ڪڍندڙ مردن توڙي عورتن تي ڏنڊن جو وسڪارو پئي ڪري پر ان جو فوٽو نه ايندو. فوٽو ايندو ته انڊيا جي ڪنهن ڳوٺ جو جتي جي پوليس اتي جي ڪنهن بقول اسان جي اخبار جي “هڪ بي ڏوهيءَ” کي ٿڦڙون هڻي ظلم ڪري رهي آهي. سو غير حقيقت پسند ٿيڻ اسان جي عادت ۾ آهي. بهرحال گاني ختم ٿيڻ تي سڄي هال زور سان تاڙيون وڄايون. ويندي اسان جي ڀرسان ويٺل جارڊن جو عرب ڪا دير تاڙيون وڄائيندو رهيو ۽ اسان تاڙيون وڄائڻ بدران شڪي ٿي رهيا هئاسين. اسان کي چپ ڏسي اسان جي جارڊن جي ڪليگ اسان ڏي اچرج مان ڏٺو ته اسان کي ٿي ڇا ويو آهي. پر پوءِ شايد ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويس سو اسان کي ٽوڪ طور چيو: “مڙيئي خير آهيGive Devil its due . هيءَ سياست نه پر ساز جي دنيا آهي. توهان جنهن سان، جنهن ڪارڻ رُسو پيا انهن سان (ياسر عرفات ۽ ٻيا عرب) وڃي پرتا آهن.”

پاڪستاني نوٽ

هتي سئيڊن ۾ جنهن يونيورسٽي (ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي) سان منهنجو واسطو آهي ان ۾ دنيا جي سئو کان مٿي ملڪن جا ماڻهو آهن. انهن مان ڪيترن کي دنيا جي ڪرنسي نوٽن گڏ ڪرڻ جو شوق آهي.
پهرين ڏينهن ئي ڀرواري ڪمري ۾ رهندڙ سينٽ لوسيا ٻيٽ جي همراهه پنهنجي ملڪ جا ٻه ٽي نوٽ ڏئي پاڪستان جي نوٽن جي گهر ڪئي.
مون کي پڪ هئي ته اهڙن هنڌن تي پاڻ سان پنهنجي ملڪ جون ٽڪليون ۽ نوٽ کڻي وڃجن. سو ٻئي سامان سان گڏ هڪ رپئي، ٻه رپئي ۽ پنجين رپين جا ڪيترائي نوٽ بيگ ۾ وجهي ڇڏيا هيم. ايئرپورٽ پهچي آخري لمحي تي باقي سئو ڏيڍ سئو رپيا جيڪي هيم انهن جا پڻ مٿيان ننڍا نوٽ مٽائي اهي ٻٽونءَ ۾ وڌا هئم. هاڻ جڏهن هن همراهه پاڪستاني نوٽن جي گهر ڪئي ته يڪدم هائوڪار ڪري کيسي مان ٻٽون ڪڍي ان مان نوٽ ڪڍڻ لاءِ اڃان هٿ وڌم ته يڪدم ڪو خيال اچي ويو ۽ ٻٽونءَ کي يڪدم بند ڪري چيومانس.
“آءِ ايم ساري! بئگ ۾ نوٽ رکيا اٿم جيئن ئي اڄ سڀاڻ ۾ سامان ٺاهيندس ته توکي ڏيندس”.
“بهرحال توهان اسان جي ملڪ جا نوٽ رکي سگهو ٿا. آئون سڀني کي ڏيندو اچان” ۽ پوءِ هو پنهنجي ننڍڙي ٻيٽ جا چمڪندڙ نوٽ منهنجي ٽيبل تي ڇڏي ٻاهر نڪري ويو. ڪا دير آئون انهن نوٽن کي ڏسندو رهيس. توهان شايد اهو سوال پڇو ته ٻٽونءَ ۾ موجود هوندي مون هڪ، ٻه يا پنجن جا خصيص نوٽ هن کي ڇو نه ڏنا.
مون هن کي نوٽ بلڪل ڏنا ٿي ۽ پرس به ان نيت سان کوليو پر جيئن مون نوٽ ڪڍيا ٿي ته ڏسان ته هر هڪ نوٽ تي پانن جون ڳاڙهيون پِڪون لڳل هيون ۽ هوڏانهن هڪ غريب ۽ ننڍڙي ٻيٽ نما ملڪ جي نوٽن سان پنهنجا نوٽ ڀيٽي، ڏيڻ کان هٿ کڻي ڇڏيم. نوان نوٽ ته هن جا به نه هئا، پر انهن تي ائين پانن جون ٿڪون لڳل ته نه هيون. ان ڪري في الحال هن کي ترسڻ لاءِ چيم جو بئگ ۾ پڻ ڪجهه نوٽ آندا هيم، جن مان ضرور ڪيترائي سٺا ۽ صاف سٿرا هوندا.
ان تان مون کي ياد آيو ته گهڻو اڳ جپان ۾ ڪنهن مون کان نوٽ گهريا ۽ جهڙو ڏنامانس ته يڪدم واپس ڪري چوڻ لڳو “هنن تي رت لڳو پيو آهي.” جپان، ٿائلينڊ ۽ ڏور مشرق جي ڪيترن ملڪن ۾ رت لڳل شيءِ کي اگرو ۽ خراب سمجهيو وڃي ٿو.
ڪجهه ڏينهن بعد سينٽ لوسيا ٻيٽ جو همراهه وري اچي نڪتو، ساڻس گڏ برازيل ۽ گئاٽمالا ملڪن جا همراهه پڻ نوٽ بدلائڻ آيا هئا. مون کين وڏي هاڪار ڪري ڪرسين تي ويهاريو ۽ پڇٽيءَ تان بئگ لاهي ان جي خاني ۾ بند ٿيل لفافو ڪڍي کوليو. ٻه ٽي پنجن جا نوٽ صاف سٿرا هئا پر افسوس جو هڪ۽ ٻن جي ويهارو کن نوٽن مان هڪ به پان جي چُن ۽ ڪَٿي يا پڪ کان بچيل نه هو. ان جو پورائو ڪرڻ لاءِ مون کين ڪجهه سڪا ۽ ڪجهه ٽڪليون ڏنيون. موڪلائڻ وقت هو پنهنجي پنهنجي ملڪ جا نوٽ ڏئي ويا. آئون آرام سان ويهي انهن کي غور سان ڏسي رهيو هوس ته ايتري ۾ مون کان هڪ سال اڳ هتي آيل عبدالحميد قاضي منهنجي ڪمري ۾ داخل ٿيو. منهنجي هٿن ۾ ٻين ملڪن جا نوٽ ڏسي يڪدم چيائين:
“يار ڪجهه نوٽ اٿئي؟ تون تازو پاڪستان کان آيو آهين، پنهنجو ٻٽون کولي ڏس ته ڪو هڪ ٻه نوٽ هجنئي ته مون کي ڏي ته آئون هڪ پورچوگالي سان چينج ڪرايان.”
“هڪ ٻه ڇا ڍير اٿم” مون وراڻيو مانس، “پر سڀني تي پانن جون ڇاپون لڳل آهن، سو اهڙا نوٽ ڏيڻ سان پنهنجي ملڪ جي ناموس بدران بي عزتي ٿيندي.”
قاضيءَ مون سان تاڙي ملائيندي چيو: “واهه جي ڳالهه ڪئي اٿئي، نوٽ ته مون وٽ به پيا آهن پر اهڙا گدلا ۽ Smelly آهن جو ڪنهن کي ڏيڻ تي دل نٿي چوي.”

هتي جو سيءُ

سئيڊن توڙي اتر يورپ وارن ٻين ملڪن ناروي فنلينڊ وغيره ۾ ايڏو سيءُ ٿئي ٿو جو اونهاري ۾ به پنکي (Fan) جي ضرورت ناهي. ان ڪري توهان کي ڪنهن به گهر يا آفيس ۾ نه ڇت جو پکو نظر ايندو نه ڀت جو.
هتي جي ٿڌين هوائن ۽ سيءَ جو اهو عالم آهي جو هر گهر، آفيس دڪان توڙي بس جي دريءَ جو ٻٽو شيشو ٿئي. اهو ان ڪري ته جيئن هڪ ڀڄي پوي ته جيسين ان جي مرمت ٿئي، تيسين ٻيو بچاءُ لاءِ هجي. هتي جي بس توڙي گهر جي دريءَ جو هٿ جي ماپ جيترو شيشو به ڀڄي پوي ته ان ڪمري توڙي بس ۾ ماڻهو ڪلاڪ لاءِ به گهر جي ڪپڙن ۾ نه ويهي سگهي. سئيڊن ۾ ته ان لاءِ سخت قاعدو آهي ته غريب توڙي امير کي دري يا روشندان ۾ ٻه ٻه شيشا هڻائڻا آهن. فنلينڊ ۾ اهڙو قانون ناهي ۽ اتي ڪيترين ئي هوٽلن ۽ گهرن ۾ ڏٺم ته ٻٽي بدران اڪيلو شيشو لڳل هو.
“اهو تمام خطرناڪ آهي خاص ڪري شرابي ماڻهو لاءِ.” اسان جي فنلينڊ واري آفيس جي هڪ همراهه ٻڌايو.
“شيشو ڀڄڻ تي ڪمرو يڪدم برف جهڙو ٿڌو ٿيو وڃي. بلڪه سياري ۾ ته جڏهن ٻاهر جي ٿڌ ڪاٽو ڏهه ٻارنهن آهي ڪمرو برف کان به گهڻو گهڻو ٿڌو ٿيو وڃي. هاڻ نارمل ماڻهوءَ جي ته سيءَ ۽ ٿڌي هوا ۾ يڪدم اک کليو وڃي ۽ ڪمري مان ڀڄيو جان بچائي ٿو پر شرابي ماڻهو ننڊ ۽ غش جي حالت ۾ هوندو آهي. ويتر سيءَ ۾ وڌيڪ نشو ۽ گهيرٽ چڙهي ٿو. پوءِ صبح جو ٻئي ڪمري ۾ رهندڙ اچي ڏسندس ته ويچاري جو ساهه ته هليو ويو پر سڄو ڪلفي ٿيو پيو آهي.
بسن ۾ ٻٽا شيشا ٿين، پر اهي چوڌاري ڦاٿل (Sealed) رهن باقي گهرن جي درين مان هر ڪمري جي هڪ دريءَ جو شيشو هڪ هڪ ڊگري ٿي Maximum فقط پنج ڊگريون کلي ۽ هر ڊگري تي لاڪنگ جو بندوبست ٿئي جيئن جيتري دري کولجي اوترو ئي کليل رهي. اهي پنج ڊگريون جيتوڻيڪ گهٽ وٿي آهي. پر ايتري دري به اونهاري ۾ ڪنهن ورلي ڏينهن تي کولبي آهي. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هتي جو اونهارو اسان جي سياري کان به گهڻو ٿڌو آهي.

عربن جي کيڪار

اسان وٽ هڪ ٻئي سان ملڻ وقت “اسلام عليڪم” چئي کيڪارڻ هڪ عام ڳالهه آهي، هتي سئيڊن ۾ سعودي عرب توڙي جارڊن، مصر، گلف جا ڪيترائي رهن ٿا. جن سان ملڻ وقت اسان ويتر شد مد سان اسلام عليڪم چئي کيڪاريون ٿا پر آئون ڏسان پيو ته هو جڏهن پاڻ ۾ ملن ٿا ته اسلام عيلڪم بدران “حيا ڪلا” چون ٿا.
ان ڳالهه جو مون کي پهرين خودبخود خيال نه آيو پوءِ هڪ ڏينهن ڪوپن هيگن ۾ مرحوم محمد عثمان ڏيپلائي جي پٽ محمد عليءَ سان عربن بابت خبرون ڪري رهيو هوس ته اسين پاڪستاني وتون هنن لاءِ مرندا هو ته اسان کي پڇن به ڪونه ٿا. بلڪه اسان کي هر معاملي ۾ ڄٽ ۽ ڇسو ٿا سمجهن. محمد علي سعودي عرب ۾ ڪافي سال نوڪري ڪري چڪو آهي. اڄڪلهه هتي (ڊينمارڪ ۾) پاڪستاني ايمبسي ۾ قونصلر آهي تنهن کلندي چيو:
“اسين پاڪستاني وتنداسين اسلام عليڪم اسلام عليڪم چوندا هو ورلي ڪو سلام ڪن. ملندا ته هڪ ٻئي کي چوندا “حيا ڪلا”.”
“واهه جي ڳالهه ڪئي”، ان وقت مون سندس ڳالهه جي تصديق ڪئي، “اهو مون پڻ نوٽ ڪيو آهي. پاڻ ايراني سلام به ڪندا ۽ خدا حافظ به چوندا پر عرب نه.”
“خير عربن کي هاڻ ڪهڙي خبر خدا حافظ جي، اهو فارسي لفظ آهي. اهڙي طرح خوش آمديد، شب خير، وغيره وغيره فارسيءَ جا لفظ آهن جن جي غريب عربن يا بنگالين کي ڪهڙي خبر.” محمد عليءَ مون کي سمجهايو.

پورچوگالين جا ڊگها نالا

هڪ دفعو پنهنجي پورچوگالي ساٿي کي سندس ڊگهي نالي ڏي ڌيان ڇڪائي چيم:
“جيمي! تنهنجو نالو (پيڊرو ڊي فگرڊو جيمي ليچا ويگا) ايڏو وڏو ڇو آهي؟”
“فقط منهنجو نالو وڏو ناهي، گهڻو ڪري سڀني پورچوگالين ۽ اسپيني ماڻهن جو نالو وڏو ٿئي” هن وراڻيو.
ان وقت ڪاسٽاريڪا (وچ آمريڪا جي ملڪ) جو جارج لنگهي رهيو هو ان ڏي اشارو ڪري جيميءَ چيو:
“وچ آمريڪا توڙي ڏکڻ آمريڪا جا هي اسپيني يا پورچوگالي زبان ڳالهائڻ وارن جو نالو ته اسان کان به وڏو ٿئي. سندن نالي ۾ سندن نالو، پيءُ جو نالو، پيءُ جي ذات، ماءُ جو نالو ۽ ماءُ جي ذات اچيو وڃي. ڪي ته ان کي به مڪمل نه سمجهن ۽ پنهنجو ڪو تخلص يا پورچوگال يا اسپين جي ڳوٺ جو نالو به گچين، جتان سندن وڏا لڏي آمريڪا آيا. جيئن ائنٽونيو مئنيوئل سرام ڊي سلورا مريم پنهرو.”
“ڀلا ان ۾ سندن نالو ڪهڙو ٿيو” مون پڇيو.
“الطاف! ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي، سچ ته ڪيترن نالن ۾ اها به خبر نٿي پوي ته ڪهڙو نالو سندس پيءُ جو آهي، ڪهڙو ماءُ جو ۽ ڪهڙو ڳوٺ جو” هن کلندي ٻڌايو
“پر پهريون نالو ته سندس ئي هجڻ کپي” مون چيو.
“نه نه” جيميءَ يڪدم درستي ڪئي، “جيئن منهنجو نالو جيمي اڳيان نه پر وچ ۾ آهي. ڪي اڳيان به رکن ڪي وري شهر جو اڳيان رکن. بهرحال هر هڪ جو نالو وڏو مونجهارو ٿئي ٿو.”
پڙهندڙ ان جو اندازو هن مثال مان لڳائي سگهن ٿا، جنهن کي ڪنهن پورچوگالي نالي جو پاڪستاني Version چئي سگهجي ٿو:
“گلشن اقبال نسيم بدر يوسفي نذير روشن” هاڻ ان نالي ۾ اهو چوڻ ڏاڍو ڏکيو آهي ته ڪهڙو نالو ڪنهن جو آهي. ڪراچي جي ماڻهن کي ته کڻي خبر هوندي ته گلشن اقبال هڪ علائقي جو نالو آهي جتان جو هي همراهه آهي پر باقي نالن ۾ ڪهڙو نالو همراهه جو آهي ڪهڙو سندس ماءُ پيءُ جو، ۽ آيل مٿئين نالي وارو مرد آهي يا عورت؟ جو سڀئي نالا: نسيم، بدر، نذير ۽ روشنمردن جا به ٿي سگهن ٿا ته عورتن جا به، بلڪه اڻ واقفڪار ته اهو به سمجهي سگهي ٿو ته همراهه جو نالو گلشن آهي ۽ پٽ يا ڌيءَ اقبال جي آهي.

مسلمانن جا ڪم

سئيڊن (توڙي اسڪئنڊينيويا جي ٻين ملڪن: ناروي، ڊئنمارڪ ۽ فنلينڊ) ۾ حڪومت جي سوشل سِڪيورٽي طرفان بيروزگار کي جيسين نوڪري ملي تيسين ايترو ڀتو ملي ٿو جنهن مان هن جي زندگي جون بنيادي ضرورتون پوريون ٿي سگهن ۽ اهو بيروزگاريءَ جو الائونس نه فقط مرد پر زال کي پڻ ملي ٿو، جو هنن ملڪن ۾ زال ۽ مڙس کي برابر سمجهيو وڃي ٿو.
جيڪي نوڪري ۾ آهن، چاهي سرڪاري يا خانگي نوڪريءَ ۾ ته انهن کي پنجاهه پنجونجاهه سالن جي عمر تي پهچڻ تي کين پينشن ملي ٿي، جيڪا اصلي پگهار جو اڌ ٿئي. مثال طور ڪنهن زال مڙس کي نوڪري ناهي ته هر هڪ کي ڇهه هزار کن ڪرونا ماهوار ملن ٿا ۽ جي زال ڪنهن دڪان تي سيلز گرل آهي يا ڪنهن ڪارخاني ۾ ڪم ڪري ٿي ۽ پگهار چوڏهن هزار ڪرونا اٿس ته پنجونجاهه سالن جي ٿيڻ تي کيس ست هزار پينشن ملي ٿي. ڪنهن کي نوڪريءَ مان جواب ملي وڃي ته ڇهه هزار بيروزگاري الائونس ملڻ شروع ٿيو وڃي. پر نوڪريءَ دوران هن جو ڪو اهڙو جسماني يا ذهني حادثو ٿئي جنهن تحت هو نوڪري ڪرڻ جي قابل نه رهي ته پوءِ پينشن جي عرصي يعني عمر تي پهچڻ تائين هن کي پورو پگهار ملي ٿو.
هتي جا اصلي باشندا سئيڊش اها ئي ڪوشش ڪن ٿا ته هو حڪومت (سوشل سِڪيورٽي وارن) کان پئسو وٺڻ بدران نوڪري ڪري ٽيڪس طور حڪومت کي ڏيندا رهن، جيئن حڪومت ۽ سندن ملڪ ترقي ڪري. پر هاڻ گذريل ويهارو سالن کان جڏهن عربن، آفريڪا ۽ ايشيا جي ماڻهن، پنهنجن ملڪن ۾ ٿيندڙ سياسي ظلمن کان ڀڄي هتي اچي پناهه ورتي آهي، تڏهن کان هتي جي ان سهوليت کي غلط طريقي سان استعمال ڪرڻ شروع ڪيو ويو آهي. ان سهوليت جو ناجائز فائدو وٺڻ وارا هن ملڪ (سئيڊن) جا باشندا نه آهن، پر مٿين ڌارين ملڪن جا آيل آهن. خاص ڪري اسان جا ايشيائي جن ۾ گهڻائي عراقين، شامين، فلسطينين ۽ پاڪستانين جي آهي.
“ايراني به ته هتي جام نظر اچن ٿا؟” مون ڪيترن کان ان بابت راءِ پڇي.
“ايراني محنتي قوم آهي. هو عربن يا پاڪستانين وانگر ٽوٽي ٿي مفت جو پئسو ڦٻائڻ نٿا چاهين. ڪابه نوڪري ملندن ته ڪندا رهندا، نوڪري نه ته ڪو پورهيو يا ڌنڌو ڌاڙي ڪندا. ٻيو نه ته ميوو يا ڀاڄيون وڪڻندا. اهڙي طرح انڊين ۽ بنگالي پڻ.” سئيڊن ۾ جيڪي پاڪستاني رهن ٿا، انهن ۾ فقط چند آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ ماستر آهن. اهڙا ويهارو کن پنهنجا دڪان ۽ڌنڌو هلائين ٿا ۽ ٽيهارو کن وزير سومري، عبدالواحد، دائود جهڙا حق حلال جي نوڪري يا پورهيو مزدوري ڪري روزي ڪمائين ٿا، باقي جيڪو ڏسندائو اهو مفت جي پئسي پويان هوندو. پڙهيل لکيل يا ڪنهن هنر جو ڄاڻو نه هوندو، پر خواب وڏي نوڪريءَ جا ڏسندو. سئيڊن جهڙي ملڪ ۾ ته پڙهيل ڳڙهيل به پيا ٽرڪون هلائين ۽ ٻهارا ڏين، ڇو جو هن ملڪ ۾ ماڻهوءَ جو شان ايمانداريءَ سان پورهيو ڪرڻ ۾ آهي _ پوءِ چاهي هو ڊاڪٽر، انجنيئر هجي يا ماستر، نرس. هتي جي ڪيترن وڏن آفيسرن جون زالون نرسون ۽ اسڪول ۾ صفائي ڪرڻ واريون آهن، پر ان کي خراب نٿو سمجهيو وڃي. پر توهان سئيڊن ۾ اچي ڏسو صبح جي وقت به جڏهن سڄو ملڪ ڊيوٽي تي هوندو آهي عرب ۽ پاڪستاني مرد توڙي عورتون بس اسٽاپن توڙي دڪانن اڳيان وقت وڃائيندي نظر ايندا. نوڪري يا پورهيو حاصل ڪرڻ بدران بي روزگاريءَ جي الائونس تي کڳيون هڻندا وتندا. هن ملڪ ۾ هر ٻار تي وڏو الائونس ملي ٿو ۽ ٻار ڄڻڻ تي جيئن ته ڪا تڪليف ناهي (خاص ڪري مرد حضراتن کي، عورت جو خانو خراب ٿئي ته ڀلي ٿئي) سو گهڻي کان گهڻا ٻار ڄڻي ان ذريعي سان پئسو ڪمائيندا ۽ فخر محسوس ڪندا. ڪيترن کي ته نوڪري يا ڌنڌو ملندو ته يڪدم اها ڪوشش ڪندا ته ڪنهن نموني سان پاڻ کي بيمار Unfit ثابت ڪري، سڄي عمر گهر ويٺي پگهار حاصل ڪجي. پوءِ ڪو چوندو منهنجيون اکيون خراب ٿي پيون آهن، ڪو چوندو ته منهنجي دل ٿي ڌڙڪي. ڪيترن جو ته اهو عام بهانو هوندو آهي ته هڏن ۾ سور (Rheumetism) ٿي پئي اٿم يا پٺيءَ جو سور (Back Ache) اٿم. جنهن ڪوڙ کي ڪو ڊاڪٽر به ثابت ڪري نه سگهي. هتي جا ماڻهو ۽ حڪومت ته ايڏي شريف ۽ سادي آهي، جو سندن ملڪ ۾ رهندڙ هر انسان جي ڳالهه تي يقين ڪري ٿي. يا گهٽ ۾ گهٽ هيستائين ڪندي آئي، هاڻ آهستي آهستي اسان جي ڪڌن ڪرتوتن ڪري، هنن سختي شروع ڪئي آهي.
هنن ملڪن ۾ مٿئين قسم جا غلط ڌنڌا فقط عربن ۽ پاڪستانين جا نه آهن پر ڏکڻ آمريڪا ۽ آفريڪا جي ڪن ملڪن جي پناهه وٺندڙن جا پڻ آهن، پر انهن ماڻهن جو تعداد تمام گهٽ آهي ۽ اسان جي ماڻهن جا اهي ڪم قابل ندامت ۽ ندڻ جوڳا ان ڪري آهن جو اسين مسلمان آهيون ۽ اسلام ڪڏهن به ائين ڪوڙي نموني سان دوکي ۽ دولاب سان پئسو ڪمائڻ لاءِ نٿو چوي. اسلام ڪڏهن به پنڻ جي همت افزائي نٿو ڪري.
اسان جي بلڊنگ جي هيٺين فلور تي چاليهه پنجيتاليهه ورهين جو پاڪستاني همراهه اڪيلي سر رهي ٿو. هر وقت ڏاڙهي وڌيل ۽ ميرا ڪپڙا هوندس. وهنجڻ کي ته ڪي ڏينهن ٿي ويا اٿس (جيتوڻيڪ هتي هر هڪ جي گهر ۾ سرڪار طرفان گرم ۽ تازي پاڻيءَ جو مفت بندوبست آهي). سندس وارن ۾ڄڻ ته ڏامر ڦاٿو پيو هوندو آهي. ميرن ڪپڙن مٿان هڪ چلهي جهڙي جئڪيٽ پائي هلندو آهي. ان جئڪيٽ جي پٺيان انگريزيءَ ۾ وڏن اکرن ۾ Sweden Made Begger لکيل آهي، جيڪو سڀ پڙهندا آهن. اوڙي پاڙي جا کيس “پاڪستاني پاڳل” چون.
هڪ ٻه دفعو مون خبر چار ڪئيمانس ته ڳالهيون ته وڏي عقل جون ڪيائين. پاڻ ويهن سالن کان هتي رهيل آهي. سندس سڃاڻن (پاڪستانين) کان پڇيم ته هيءَ ڪهڙي فلم آهي؟ ڇا واقعي چريو آهي جنهن جو پوز هڻي ٿو؟
“نه نه، بلڪل صحيح آهي. اسان کان به وڌيڪ سياڻو آهي.” هنن ٻڌايو.
“ته پوءِ هي افعال ڪري ڇو پيو هلي؟” مون پڇيو مان.
“حڪومت مان مال ڪڍڻ لاءِ.” هڪ ٻڌايو.
“اهو ڪيئن-؟” مون پڇيو مانس.
“نوڪريءَ ۾ هو. سٺو پگهار پئي مليس پر ٽوٽي آهي، سو ڪيئن گهر ويٺي پئسو حاصل ڪري. ان لاءِ هُن هِن بيماريءَ جو بهانو ڪيو آهي.”
“ڪهڙي بيماريءَ جو؟” مون پڇيو مانس.
“پهرين ته هڏن جي سور جو ڪيائين،” هتي رهندڙ پاڪستانيءَ ٻڌايو، “پر پوءِ ميڊيڪل بورڊ جڏهن کيس ٺيڪ ٺاڪ ثابت ڪيو ته هاڻ پاڻ کي ذهني مريض سڏائي ٿو. ان لاءِ به ٽي دفعا حڪومت نفسيات جي ماهرن ۽ دماغ جي ڊاڪٽرن کان تپاس ڪرايو اٿس. جن رپورٽ ۾ کيس چاق چڱو ڀلو ظاهر ڪيو آهي، پر هن جو ضد آهي ته کيس ڪنهن نموني سان بيمار قرار ڏئي گهر ويٺي هر مهيني سڄو پگهار ڏيندا رهنس.”
هتي طلاق تي زال کي حڪومت طرفان هڪ طلاق_الائونس پڻ ملي ٿو، جنهن بابت هن کان اڳ به لکي چڪو آهيان. هاڻ ان الائونس کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترن پاڪستانين Officially رجسٽريشن آفيس ۾ طلاق لکرائي آيا آهن ۽ انهن ماڻهن جو تعداد ايترو ته وڌي ويو آهي، جو سرڪار کي به خبر پئجي وئي آهي ته ٺڳيءَ ذريعي حڪومت مان پئسو ڪڍيو پيو وڃي ۽ خاص ڪري اهي غير مسلم (عيسائي، هندو، يهودي وغيره) جن کي اسلام جي ڄاڻ آهي اهي اهڙن مسلمانن جا غلط ڪم ڏسي سڄي عالمِ اسلام تان کلن ٿا. کين اسلام ۽ مسلمان خلاف پروپيگنڊا ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو.
هڪ اڻ پڙهيل ۽ بي هنر پاڪستانيءَ کي چيم:”مون ٻڌو آهي توکي مالهيءَ جي نوڪري ملي آهي پر تون ڪرين نٿو؟”“سائين اهڙي نوڪري مون کان نه ٿيندي. هاڻ اهو به ڪو ڪم جو پبلڪ پارڪ مان آئون پَنَ صاف ڪريان” هن وراڻيو.
“پر هتي جا رهاڪو به ته اهو ڪم ڪندا رهن ٿا. ويندي گٽر به ته صاف ڪن ٿا. حلال جي پورهئي ۾ ڪهڙو عار آهي. خاص ڪري ههڙي ملڪ ۾ ته ان کي خراب سمجهيو نٿو وڃي.” مون سمجهايومانس.
“نه سائين جيڪڏهن گٽر صاف ڪرڻا آهن يا مالهيءَ جو ڪم ڪرڻو آهي ته پنهنجي ئي ملڪ نه هليو وڃان” هن حقارت مان چيو.
دل ۾ مون سوچيو ته هيترن سالن کان تون ۽ تنهنجي زال هر مهيني ڇهه ڇهه هزار ڪرونا بيروزگاريءَ جو الائونس گهر ويٺي ويٺا کائو، جيڪو پنجيتاليهه هزار رپيا ٿئي ٿو، باقي پورهئي کان آڱوٺو! نه پڙهيل لکيل آهيو نه ڪو هنر ٿو اچانوَ. اهڙي ماڻهوءَ کي ته پنهنجي ملڪ ۾ مالهي يا گٽر صاف ڪرڻ جهڙو ڪم به نه ملندو ۽ اهڙا جي واقعي غيرت وارا آهيو ته ڌارئين ملڪ ۾ رهڻ بدران پنهنجي ملڪ ۾ هليا وڃو.
۽ اها سوچ فقط منهنجي نه پر هتي جي اصل باشندن جي اسان لاءِ ٿيندي وڃي ته اسين ڪهڙا ماڻهو آهيون.
هڪ ٻيو پاڪستاني ڀر واري بلڊنگ ۾ رهي ٿو. هو ۽ سندس زال نه فقط سرڪار کان بيروزگاريءَ جو ڀتو وٺن پر ڪوڙي طلاق جو بهانو ڪري طلاق جو الائونس به وٺن. ٻيا سمجهائيندا اٿس ته ائين ٺڳي دولاب سان پئسو هٿ ڪرڻ غلط ڪم آهي ته چوندو آهي:
“هن ملڪ جو قانون آهي ۽ قانون جي دائري اندر پئسو حاصل ڪري رهيو آهيان، ڀلي مون کي پڪڙي ڏسن.”
ڪنهن چيس: “اسلامي طرح تو کڻي ٽي طلاقون نه ڏنيون آهن، پر سرڪاري طرح رجسٽريشن آفيس ۾ ائين طلاق لکائي وٺڻ حرام آهي.”
“اڙي ڀائي هي يورپ آهي،” هو وراڻيندو آهي، “بي ايماني سان پئسو وٺان ٿو پر ان مان خيرات به ته ڪريان ٿو.”
سندس بلڊنگ ۾ رهندڙ اسان جو هڪ بنگالي دوست هن همراهه لاءِ چوندو آهي ته جهڙو سندس اسلامي نالو آهي اهڙو ئي اسان مسلمانن کي شرمايو اٿس. سڄي جهان جون برايون ڪندو ۽ پوءِ بقر عيد تي بازار مان ورتل گوشت جو ذرو ذرو هر هڪ جي گهر ۾ ورهائي اسان کي ٽوڪيندو ويندو ته “مسلمان آهيو قرباني ته ڪندا ڪريو.”

سهي جي دعوت

اسان جي ڀرواري بلاڪ ۾ رهندڙ فلسطيني عرب عمر سلام هر وقت بزي ۽ ڀڄ ڊڪ ۾ رهي ٿو. ڇا ڪري، کيس هر وقت ڏهه ڪم هوندا آهن، نوڪري الڳ ڪري، مذهبي ۽ خير جا ڪم الڳ ڪري. ان کان علاوه دوستن يارن سان ملڻ جلڻ ۽ کاڌي خوراڪ جو شوقين آهي.
کيس فرينچ، عربي، انگريزي ۽ هتي جي زبان سئيڊش اچي ٿي، سو ڪنهن نيم سرڪاري فرم ۾ مترجم جا فرائض پڻ انجام ڏيندو آهي. ڪنهن عرب ملڪ کان ڪو ڊيليگيشن هتي سئيڊن ۾ مشينري وٺڻ ايندو آهي ته سندس ڳالهه ٻولهه هي ترجمو ڪري کين ۽ هتي جي ڪارخانيدارن کي ٻڌائيندو آهي، ڪي ڪاغذ پٽ سئيڊش مان عربي يا فرينچ ترجمو ڪرائڻا هوندا آهن يا هتي جي ڪنهن سئيڊش پارٽي کي انگلنڊ ۾ رهندڙ ڪنهن انڊين پاڪستاني دڪاندار سان لهه وچڙهه ۾ اچڻو آهي ته هڪ ٻئي جي ڳالهه سئيڊش ۽ انگريزيءَ ۾ هي سمجهائيندو آهي. ان نوڪريءَ مان هن کي ڪافي پگهار ملي ٿو.
نوڪريءَ کان علاوه شام جي وقت پرائيويٽ ڪم به ڪندو آهي. يعني اهو ترجمو ڪرڻ جو. ملڻ تي ڪيتريون دلچسپ ڳالهيون ٻڌائيندو آهي. هڪ ڏينهن پنهنجن عربن کي گاريون ڏئي رهيو هو.
پڇيو مانس،”ڇو ڀلا؟”
“بس يار اسان مسلمانن جو به ڪارو آهي منهن ٿيو”، وراڻيائين.
“ڪنهن عرب سان جهيڙو ٿي پيو؟” مون پڇيو مانس.
“نه جهيڙو ته ڇا ٿيندو. اڄ هڪ سعودي عرب کان پارٽي آئي، هنن کي هتي جي ڪجهه مشينري وٺي پنهنجي ملڪ ۾ هڻڻي هئي. هي سئيڊش به استاد آهن ۽ اسان جي ڪمزورين مان واقف آهن سو هنن هڪ ٺاهوڪي رن اڳيان ڪري ڇڏي. عرب شيخ جي اصل گگ پئي ڳڙي. نه قيمت تي بحث ڪيائين نه مشين جي ڪارڪردگيءَ تي. ڪيڏو اشارن ڪناين ۾ سمجهايانس پر اصل اک ڇوريءَ ۾ هجيس. مشينريءَ جو ته سودو ڪيائين پر هن ڇوريءَ کي هتي جي پگهار کان به ٻيڻ ٽيڻ جي آفر ڪري پاڻ وٽ گهرايو اٿس.” عمر سلام ٻڌايو ۽ پوءِ ٿوري دير ساهه پٽي چيائين،” اوسي پاسي جا فلسطيني ۽ يمني عرب يا ٻيا غريب مسلمان ڀلي بک پيا مرن، پر هي سعودي آهن سو عياشيءَ ۾ وڃن مال ملڪيت لٽائيندا.”
پاڻ سئيڊن يا ڀر واري ملڪن ڊينمارڪ ۽ ناروي ۾ رهندڙ مسلمانن جون تڪليفون ۽ مسئلا حل ڪرڻ لاءِ پاڻ جهڙن ٻين هم خيال ماڻهن جي تنظيم ٺاهي، هر وقت ماڻهن جي مدد ڪندو رهي ٿو. مذهبي به تمام پڪو آهي. نماز پڙهڻ سان منٽ ڪندو پر پڙهندو ضرور _ پوءِ چاهي نماز جي وقت گهر، آفيس يا رستي تي هجي. ڪوشش ڪري هر وقت وضوءَ ۾ رهندو. جهڙو پاڻ مذهب جو پابند آهي اهڙي سندس زال ۽ ٻار آهن. سانجهي نماز تي يڪدم ٻارين ٻچين هڪ ئي وقت قطار ٺاهي نماز شروع ڪري ڏيندا. پٺيان ڀلي گهر جا در کليا پيا هجن يا در تي ڪو پيو بيل وڄائي ۽ سڏ ڪري. ٽيليفون جو گهنٽيون وڄنديون رهن، جيسين نماز پوري نه ٿئي سندن ننڍو پٽ خضر به نه اٿندو. نماز واريون گهڙيون ڄڻ هن دنيا کان جسماني ۽ ذهني طرح Cut Out ٿي ويندا آهن.
سندس خاص ٻه شوق آهن، هڪ مذهبي ماڻهن سان ملڻ ۽ ٻيو شڪار ڪرڻ. شل نه خبر پويس ته ڪنهن ملڪ مان ڪو عالم دين سئيڊن جي هن شهر مالمو ۾ پهتو آهي. يڪدم ان سان ملڻ ۽ حال احوال وٺڻ ويندس، بلڪه ان ڪم لاءِ ته ڪوپن هيگن ڏي به رخ ڪندو آهي. ڪيترا دفعا مون کي به وٺي هليو آهي. باقي شڪار تي هلڻ لاءِ نٽائي ويندو آهيانس.
“نه يار ! ههڙي برف ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ رڻ پٽ يا جهنگ (Woods) ۾ سهي يا هرڻ لاءِ ڪير ڊوڙندو.”
“تون هڪ دفعو ته هلي ڏس، هيترا دفعا چيو اٿمانءِ”، عمر چوندو آهي.
“توکان وڌيڪ پاڪستان ۾ منهنجي ننڍپڻ جي دوست محسن پنهور چيو هوندو، پر ان کي به چوندو آهيان ته شڪار تون ڪري اچي ڪهاڻي ٻڌاءِ ته اها آئون لکان.”
“چڱو ڀلا ڪهاڻي ته نه پر ان جو گوشت آڻي ڏيندوسانءِ”، عمر سلام چوندو آهي.
سئيڊن ۾ سَها، وڏن سڱن وارا هرڻ (Reindeer) ۽ بگهڙ جام ٿين ٿا. جن جي شڪار لاءِ ڪي مهينا مقرر هوندا آهن، جن ۾ اهي ماڻهو شڪار ڪري سگهن ٿا جن کي سرڪار طرفان لائسنس مليل هوندو آهي ۽ لائسنس فقط وڏن ماڻهن کي نه ملندو آهي پر هر ماڻهو مقرر في ڏئي لائسنس وٺي سگهي ٿو. پوءِ ڪي شوق خاطر شڪار ڪندا آهن ته ڪي روزگار خاطر. يعني هرڻ يا سها ماري انهن جو گوشت وڪڻندا آهن. لائسنس في، ٽئڪس ۽ گولين ڇيرن جي قيمت ڪڍڻ بعد پوءِ ڪڏهن فائدي ۾ رهن ته ڪڏهن نقصان ۾.
هڪ ڏينهن صبح جي وقت عمر سلام مليو، پري کان ئي رڙ ڪري چيائين: “سهي جو گوشت کائيندين؟”
“ڪٿان مليو اٿئي ڇا-؟” مون پڇيو مانس.
“نه،” عمر ٻڌايو “اڄ آئون سهن جي شڪار تي وڃي رهيوآهيان، پنجين ڇهين موٽي ايندس ۽ ڪجهه سها موڪلي ڏيندوسانءِ.”
مون به يڪدم پنهنجن پاڪستاني ساٿين ڪئپٽن سليم ۽ جهازي انجنيئر راحت کي رات جي مانيءَ لاءِ دعوت ڏني. شام کان بصر ڪٽي ويٺا رهياسين. پنج ٿي ڇهه ٿيا. ڇهه ٿي ست، عمر جو نه هي پتو هو نه هُو پتو. آخر ۾ بصرن ۾ بيضا وجهي آمليٽ ڪري کاڌوسين.
ٽن چئن ڏينهن بعد صبح جو آفيس ويندي جڏهن عمر مليو ته پهرين ته سهن واري ڳالهه ياد ئي نه آيس پوءِ ٻڌايائين: “سائوٿ آفريڪا کان هڪ مولوي ڪوپن هيگن اچي ويو سو شڪار جو پروگرام ڪئنسل ڪري واعظ ٻڌڻ لاءِ ڪوپن هيگن هليو ويس.”
بهرحال عمر سلام کان ائين ٿيندو رهندو آهي ۽ اسان دل ۾ نه ڪندا آهيون. ان ڪري جو جيئن پهرين ٻڌائي آيو آهيان ته هن جي مغز ۾ هر وقت ڏهه ڪم هوندا آهن. هڪ ڪم لاءِ پيو ويندو ته اوچتو ٻيو ڪو اهم ڪم ياد پئجي ويندس ته پهريون ڇڏي ٻي ڏي رخ ڪندو آهي. گهر وارا به سندس ان عادت سان ٺهي ويا آهن. بس فقط ٻن ڳالهين ۾ وعدي خلافي يا ڪوتاهي نه ڪندو آهي. نوڪري ۽ نماز ۾. نوڪريءَ جو هڪ هڪ منٽ ڊيوٽي ڏيندو. “ان جو مون کي پگهار ملي ٿو، منهنجو فرض آهي ته چڱيءَ طرح نوڪري ڪري اهو پگهار حلال ڪري کان.”
۽ نماز لاءِ چوندو آهي ته ان لاءِ هر بندو ٻڌل آهي ته ڏينهن ۾ پنج دفعا پنهنجي پالڻهار اڳيان جهڪي. چاهي هو بيماريءَ جي بستري تي هجي يا مرڻ جي ڪنڌيءَ تي هجي. ان ڏينهن جو ٻڌايومانس ته مون سان گڏ منهنجا دوست به سهي جي گوشت جو انتظار ڪري رهيا هئا ته کيس ڏاڍو ڏک ٿيو. مون چرچن ۾ ڇا کڻي چيو يڪدم چيائين: “الطاف اڄ انهن کي منهنجي گهر گهراءِ ته ماني مون وٽ اچي کائين. اڄ توهان کي مون پاران رات جي مانيءَ جي دعوت آهي.”
بهرحال جڏهن منهنجي نه مڃيائين ۽ گهڻو زور ڪيائين ته ايترو چيومانس ته گهڻي تڪليف بدران فقط هڪ ئي ٻوڙ ٺهرائي. هونءَ ته هن پاسي جا ماڻهو اسان وانگر دعوتن ۾ ڪيترا گيهه ۽ تيلن وارا ڊش ٺاهي، پنهنجي پيٽ يا پئسي جو خانو خراب نه ڪندا آهن. وڌ ۾ وڌ سلاد سان گڏ ٿوري مڇي يا گوشت جي ٽڪي فراءِ ٿيل ۽ ڊبل روٽي هوندي آهي. وڏو ڇيهه ته ان سان گڏ پاڻيءَ ۾ اوٻاريل پٽاٽا يا ڪا سائي ڀاڄي. شادين مرادين ۽ وڏين دعوتن ۾ به اهو مينو هلندو آهي. سال جي آخر ۾ اسان جي يونيورسٽي ۾ ڊگريون ڏيڻ وارا ڪنووڪيشن ۾ شهر جي وڏي هوٽل ۾ جيڪا ڊنر ٿيندي آهي ۽ ملڪ جا وزير، سفير ۽ وڏا ماڻهو اچي گڏ ٿيندا آهن انهن جي لاءِ به اهو ئي مينو هوندو آهي، پر عمر سلام اسان پاڪستانين وانگر سڄي ميز کي ٻوڙن سان سجائيندو آهي. عمر سلام ڀلي ايڏا وڏا اهتمام ڪري جو هن جو پگهار به وڏو آهي. پورهيو به سڄو ڏينهن ڪري ٿو ۽ ٻي ڪنهن ڳالهه تي خرچ نه اٿس. نه ڪپڙن گندين تي، نه ڪار ٽيليفون تي، نه جاءِ جڳهه تي، سندس زندگي هر پهلوءَ کان سادگيءَ جو مثال آهي، پر دعوت ۾ وڏو خرچ ۽ خوشي محسوس ڪري ٿو پوءِ جيتوڻيڪ پاڻ گهڻو نٿو کائي. منهنجي زور ڀرڻ تي واعدو ڪيائين ته ڪو گهڻو رڌ پچاءُ نه ڪندو.
“الطاف! هرڻ جو گوشت کاڌو اٿئي؟”
“ها.” وراڻيو مانس.
“ڪٿي؟” پڇڻ لڳو.
“ملائيشيا ۾” جواب ڏنو مانس.
“آئون هتي جو پڇي رهيو آهيان.”
“نه هتي نه کاڌو اٿم.”
“ته بس پوءِ اڄ رات توهان کي هتي جي هرڻ (Reindeer) جو گوشت کارائيندس.”

هرڻ جي دعوت

رات جي ماني لاءِ پنهنجن پاڪستاني دوستن کي اچڻ لاءِ چيم پر ان ڏينهن ايڏي ته برف وسندي رهي جو شام تائين پبلڪ ٽرانسپورٽ به بند ٿي وئي. چوڌاري ايڏي برف ٿي وئي جو رستن جي خبر نه پئي پئي. شام ڌاري عمر سلام جي گهر فون ڪري پڪ ڪيم ته آيا ماني آهي يا عمر سلام کي گهر ڳالهه ڪرڻ وسري وئي. ۽ جي وسري وئي هجي ته اهو ته ڏاڍو سٺو. پر سندس زال ٻڌايو ته نه فقط ڊنر جو پروگرام پڪو آهي پر ماني تيار به ٿي چڪي آهي. “ڪجهه مون گهر ۾ ٺاهي آهي، ڪجهه اسان جي هڪ ٽيونيشيا جي ساٿيءَ تيار ڪئي آهي ۽ عمر اوڏانهن کڻڻ لاءِ ويو آهي.”
اهو ٻڌي آئون يڪدم پنهنجي پاڙي ۾ رهندڙ ملائيشيا جي دوست ڪئپٽن رضا علي ۽ بنگلاديش جي ڪئپٽن حبيب وٽ ويس. ٻنهي پهرين ته نه ڪئي جو مانيءَ جو ٽائيم ٿي ويو هو ۽ گهر ۾ اڳهين تيار ڪري ويٺا هئا.
“يار مهرباني ڪري هلو، منهنجي هڪ دوست مون کي چيو آهي ته يونيورسٽي جي ٻين همراهه کي به وٺي اچان سو ڪيئن به ڪري توهان هلو.”
مون چيو مان ۽ آخر ٻئي زالن سان تيار ٿي ويا.
“هيءَ دعوت آخر ڪهڙي خوشي ۾ ٿي رهي آهي؟” هنن پڇيو.
“بس هو هرڻ جو شڪار ڪري آيو آهي، سو اهو کارائي ٿو.” مون ٻڌايو مان.
“ڀالو. خوب سندر،” ڪئپٽن حبيب بنگالي لهجي ۾ چيو. “اري ڀائي! ڪٿي سانتا ڪلاز دل ۾ ته نه ڪندو ته هن جي سواري جو جانور Reindeer کائي رهيا آهيون؟” ۽ پوءِ اهڙي طرح کلندا چرچا ڪندا عمر جي گهر پهتاسين. دعوت عمر جي هئي پر ميزبان جا فرض مون پئي ادا ڪيا. پنهنجن يونيورسٽي جي دوستن کي هتي جي رهندڙ فلسطيني عرب عمر سلام ۽ سندس زال سان ملايم. مانيءَ جي ٽيبل تي ڀت، نان، پٽاٽن جي ڀاڄي هئي، ٻوڙن جا ٻه وڏا ڊش هئا، هڪ ۾ چمچو وجهي ٻوٽي ڪڍي ملئي دوست علي رضا جي پليٽ ۾ وجهي ٻڌايو مانس ته اهو ڪڪڙ آهي.
“اهو ته آئون به ڏسان پيو ته ڪڪڙ آهي” رضا علي کلندي چيو.
ايتري ۾ ٻئي ڊش ۾ گوشت جو وڏو چمچو ڀري سندس پليٽ ۾ وجهي ٻڌايومانس ته هي هرڻ آهي. ظاهر آهي ٻن ٻوڙن ۾ هڪ ڪڪڙ ته باقي بچيل ٻيو هرڻ ٿيو. ان بعد حبيب جي پليٽ ۾ به مون وڌو. ڪڪڙ کان وڌيڪ هرڻ جو گوشت وڌم. زالن کي به چيم ته هرڻ ٽيسٽ ڪريو. اسان جو دوست عمر سلام تمام سٺو شڪاري آهي. عمر سلام جي زال کي ته انگريزي نٿي آئي سو اها ته هميشه وانگر فقط ماٺ ڪري هر ڳالهه تي مرڪندي رهي، پر مون ڏٺو ته عمر به رڳو مرڪندو رهيو. مون ته چاهيو ٿي ته هو هتي جي هرڻن بابت ڪجهه وڌيڪ ٻڌائي. ڪجهه شڪار بابت، ڪجهه انهن جي نسل ۽ عادتن مطابق پر ڪجهه به نه، بلڪه آئون هرڻ جي ڳالهه ڪريان ته هو وري ٻي ڪا ڳالهه کڻيو ڪڍي ۽ سڀ ان بحث ۾ لڳيو وڃون. بهرحال اهو آهي ته ڳالهيون کڻي هرڻ جو نه ٿيون، پر اسان آيل مهمانن هرڻ جو گوشت کاڌو. اهو هو ئي اهڙو لذيذ. مانيءَ بعد چانهه لاءِ اچي ڊرائنگ روم ۾ ويٺاسين. جنهن صوفي تي آئون ويٺو هوس ان تي وڌيڪ ماڻهوءَ جي ويهڻ جي جاءِ نه هئي ته به عمر سلام سوڙهو سنگهورو ٿي اچي منهنجي ڀرسان ويٺو. ڪجهه منٽن بعد هڪ اهڙي گهڙي آئي جنهن ۾ سواءِ عمر ۽ منهنجي، باقي آيل مهمان ڪنهن عنوان تي بحث ڪندا رهيا. اهو موقعو بهتر سمجهي عمر مون کي آهستي چيو.
“الطاف! ماني ڪيئن لڳي؟”
“تمام سٺي هئي” وراڻيو مانس، “خاص ڪري هرڻ جو گوشت، تو ڏاڍي تڪليف ڪئي.”
۽ پوءِ گهڙي ساعت لاءِ سوچي عمر پڇيو.
“توهان اٺ جو گوشت کائو؟”
“ڇڏ يار” مون وراڻيو مانس.
“سهي ۽ هرڻ جو گوشت ته ٺيڪ هو پر مهرباني ڪري هاڻ اٺ جو گوشت نه کارائجانءِ.”
منهنجو اهو جملو ٻين مهمانن به ٻڌو ۽ سڀ کلڻ لڳا. حبيب ۽ رضا علي ٻنهي هڪ وقت پڇيو: “ڇا اٺ حلال آهي.”
ظاهر آهي هنن لاءِ اٺ هڪ عجيب جانور آهي جيڪو ورلي چڙيا گهر ۾ ڏٺو هوندائون جو ملائيشيا توڙي بنگلادِش بارشن جا اهي ملڪ آهن، جتي اٺ جهڙو جانور (جيڪو پنهنجي مٽ ۾ به ترڪي پوندو آهي) ڪيئن ٿو رهي سگهي. سو انهن ملڪن ۾ اٺ توڙي گڏهه نظر نه ايندو آهي ۽ جڏهن ڪا شيءِ نظر نه اچي ته ان بابت ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته اها حلال آهي يا حرام.
“بلڪل حلال آهي،” عمر سلام ٻڌايو، “ڇا توهان ڪڏهن اٺ کاڌو آهي؟”
“نه نه، توبهه ڪريو.” رضا علي ۽ حبيب هڪ ئي وقت چيو.
“ڀلا الطاف تو-؟” عمر سلام مون کان پڇيو.
“يار مون ته کاڌو آهي. خاص ڪري طرابلس، بيروت، دبئي ۽ دوحا ۾” مون ٻڌايو مانس.
“فراءِ يا ٻوڙ؟” عمر پڇيو.
“دبئي ۾ ته ان جا ڪواب جام وڪامن ٿا” مون ٻڌايو مانس. “يڪو گوشت جو ٽڪرو لوهي سيخ تي ٽنگيل هوندو آهي. شيخ گول پئي ڦرندي آهي ۽ چوڌاري اليڪٽرڪ هيٽرن ذريعي سيڪ پيو ايندو اٿس. پوءِ دڪاندار ڪپ سان ان جي مٿئين تريل حصي جا ٽڪرا ٽڪرا ڪپي ڏيندو آهي.”
“اڙي اهو ته مون به جام کاڌو آهي” حبيب چيو.
“ته اهو ئي ته اٺ جو گوشت آهي.” مون ٻڌايو مانس.
“اوه خانا خراب” حبيب چيو “پر يارو ٿئي ڏاڍو لذيذ ٿو.”
“لذيذ ٿئي ٿو نه –؟” عمر پڇيو.
“هائو”، اسان وراڻيس.
“ڀلا اڄ جو گوشت ڪيئن لڳو؟” عمر پڇيو.
“اهو ته واهه جو هو، هرڻ جي گوشت جو ته جواب ئي ناهي. اسان چيس.
منهنجي ڀرسان ويٺل عمر ان وقت مون کي ڪن ۾ آهستي چيو: “الطاف اڄ جيڪو کاڌانو اهو هرڻ نه پر اٺ جو گوشت هو.”
“قسم سان-؟” مون پڇيو.
“ها. ڇا ٿيو جو هرڻ ملي نه سگهيو. پنهنجي ٽيونيشن دوست کي فون ڪيم ته هن ٻڌايو ته هن وٽ هڪ توڏي (ٻچڙي) اٺ جو فروزن گوشت هينئر هينئر ٽيونيشيا کان آيو آهي. هن جي زال اٺ جي گوشت کي رڌڻ جي به ماهر آهي. سو هن کي چيم ته اڳو پوءِ رڌي ڏي ته کڻي وڃان.”
“ڏاڍي ٻڌائي” مون عمر کي چئي ٻين سان مخاطب ٿيس. “معزز مهمانو ٻڌو، جنهن اٺ نه کاڌو آهي ان کي مبارڪ هجي جو هن اڄ پهريون دفعو اٺ کاڌو.”