مختلف موضوع

اسان کان پيار لکرايو

امر ساھڙ جي ھن مجموعي ۾ مختلف موضوعن تي مضمون، اديبن ڏانھن خط ۽ ڏات ڌڻين تي لکيل خاڪا شامل آھن. امر ساھڙ جي ٻولي مٺاس سان ڀريل ۽ نج آھي جنھن ۾ مھراڻي جو لھجو ۽ ميٺاج شامل آھي. سندس لکڻين ۾ ڪا مصنوعيت ناھي. امر ساھڙ جي مختلف عنوانن سان لکيل مضمونن ۾ عوامي عنوان ۽ مسئلن تي قلم کنيل آھي. سندس لکيل خاڪن ۾ تاريخ، سماجيات، انساني تعلق ۽ ھمعصر حالتن جي جهلڪ پَسي سگهجي ٿي.

  • 4.5/5.0
  • 33
  • 7
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book اسان کان پيار لکرايو

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران شاعر ۽ نثر نگار امر ساھڙ جي لکيل متفرق تحريرن جو سھيڙيل ڪتاب ”اسان کان پيار لکرايو“  اوھان اڳيان آڻجي ٿو.
امر ساھڙ جي ھن مجموعي ۾ مختلف موضوعن تي مضمون، اديبن ڏانھن خط ۽ ڏات ڌڻين تي لکيل خاڪا شامل آھن. امر ساھڙ جي ٻولي مٺاس سان ڀريل ۽ نج آھي جنھن ۾ مھراڻي جو لھجو ۽ ميٺاج شامل آھي. سندس لکڻين ۾ ڪا مصنوعيت ناھي. امر ساھڙ جي مختلف عنوانن سان لکيل مضمونن ۾ عوامي عنوان ۽ مسئلن تي قلم کنيل آھي. سندس لکيل خاڪن ۾ تاريخ، سماجيات، انساني تعلق ۽ ھمعصر حالتن جي جهلڪ پَسي سگهجي ٿي.
ھي ڪتاب 2022ع ۾ ڪنول پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو. ڪتاب جي پي ڊي ايف ڪاپي امر ساھڙ ۽ ڪنول پبليڪيشن جي سھڪار سان اوهان سان شيئر ڪجي ٿي. 



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

BOOK NO: (342)

ڪتاب جو نالو: اسان کان پيار لکرايو
موضوع : (متفرقہ تحريرون)
ليکڪ: امر ساهڙ
پھريون ڇاپو: مئي 2022ع
ڪمپوزنگ: مڪيش هميراڻي
ڪئليگرافي: محبوب رضا راھو
ٽائيٽل اسڪيچ: اي. آر. آزاد
ڇپيندڙ : ڪنول پبليڪيشن
ڪنول پبليڪيشن/ پرنٽر & بڪ شاپ، سيد آرڪيڊ، گاڏي کاتو- حيدرآباد.
: 0333-7523132
قيمت: 400 روپيہ

ASAN KHAN PAYAR LAKHRUO
) Miscellaneous Writings (
Amar sahar
1st Edition: May 2022
Published by: Kanwal Publication

ISBN: 978-969-2252-22-5

ڪـتـاب مـلـڻ جـا هـنـڌ،
ڪنول پبليڪيشن& بڪ شاپ، سيد آرڪيڊ، گاڏي کاتو- حيدرآباد.
ڀٽائي بڪ اسٽور، ڪويتا ڪتاب گهر، حيدرآباد - رومي ڪتاب گهر، گدو چونڪ حيدرآباد -
دانيال ڪتاب گهر، قاسم آباد. نئون نياپو ڪتاب گهر، سچل ڳوٺ ڪراچي. الاحسان ڪتاب گهر، ميھڙ
- مرڪ پبليڪيشن هائوس، ڪراچي - ڪاٺيواڙ بڪ شاپ، اردو بزار ڪراچي
سنڌيڪا بڪ شاپ، لاڙڪاڻو - رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو. المھراڻ ڪتاب گهر، سانگهڙ - سليمان برادرس، نواب شاه - مدني بڪ اسٽور، دادو سنڌيڪا ڪتاب گهر سکر- سارنگ ڪتاب گهر، سکر ٿرڪتاب گهر، مٺي- سنڌ بڪ اسٽور پڪا چانگ، سراج بڪ اسٽور، قنبر علي خان

ارپنا

پنھنجو هيءُ قلمي پورهيو؛

پنھنجي محسن، سنڌ جي روشن خيال؛
ڏاهي ۽ تعليمي ماهر؛ عزيز مھراڻوي،

۽ پنھنجن پيارن ٻچڙن؛
شاهد نظير؛
۽ زاهد نظير ساهڙ

جي نانءُ

- امر ساھڙ


ڪڏهن انڪار لکرايو،
ڪڏهن اقرار لکرايو.
قسم سنڌوءَ ڪنارن جو،
اسان کان پيار لکرايو.

(ايوب کوسو)

ڳالھايل ٻوليءَ ۾ ڳاڙهيون ڳالھيون

مھراڻو ٿر جو مھندار ڀاڱو آهي جنھن جون تليون، اڻاٺو پاڻي، وسيع سيمون ۽ محبت ڪندڙ ماڻھو ان جي سُڃاڻپ آهن. مھراڻي نالي جي نسبت ڪن ليکڪن ''مھراڻ '' نديءَ سان ڏني آهي تہ ڪن وري ٻي ڪا ڳالھہ ڪئي آهي پر لفظ مھراڻي تي نظر وجهجي ٿي تہ اهو ٻن لفظن ''موهر'' ۽ ''آڻو'' جو ميلاپ نظراچي ٿو. موهر يا مھر جي معنى آهي ''اڳ وارو'' يا ''اڳ ۾ '' ۽ ''آڻو'' لفظ ''آئڻ '' مان نڪتل آهي جنھن جي معنى ''اچڻ'' آهي. مھراڻو اهڙو علائقو آهي جيڪو ڪنھن نياري ڀون سطح واري ڌرتيءَ کان اڳ اچي ٿو. سنڌوءَ جي پيچ واري مٽيھاڻي ڌرتيءَ کان اڳ ايندڙ ''مھراڻو'' جنھن جي جھڙي مٽي زرخير آهي تھڙا ماڻھو بہ محبتي ۽ مڻيادار آهن. ٿاڌات مھراڻي ۾ واقع نھڙين جي ساهڙ نُک جي رهاڪن جي چند ڳوٺن مان هڪ آهي جن ۾ ٻيا ڳوٺ جھڙوڪ، نبيسر، تل، سانگهار، ويئري، واهر ۽ اُنڙو آهن. ٿاڌات جي ننڍڙي ڳوٺ ۾ جتي پنھنجي دؤر جو ناميارو عالم مولوي نصير الدين پيدا ٿيو، کُليل ذهن رکندڙ روشن خيال پروفيسر عزيز مھراڻوي پيدا ٿيو تتي غلام قادر ساهڙ بہ اک کولي ۽ پنھنجي شاعراڻي ڪلا وسيلي سنڌ ۾ ''امر ساهڙ'' جي نالي سان سُڃاڻپ حاصل ڪئي. سندس ڏات جي آبياريءَ ۾ جتي مھراڻي جي ڪُشادين ماٿرين جو اولڙو آهي اُتي هن ڀاڱي جي فطرت سان پيار ڪندڙ ٻوليءَ جا محبت موتي پڻ چمڪن ٿا. امر ساهڙ پنھنجي شاعريءَ ۾ عشق، سماج ۽ سماج جي مسئلن کي، سھڻي ٻوليءَ ۾ ڳايو آهي جيتوڻيڪ سندس شاعريءَ ۾ همعصر اثرن جي جهلڪ ڏسي سگهجي ٿي پر سندس لھجو مھراڻي جي مٽيءَ مان اُڀري ٿو ۽ مھراڻي جو ميٺاڄ سڀني کان سرس ۽ سوايو نظر اچي ٿو. امر ساهڙ نہ رڳو شاعري ڪئي آهي پر هن خوبصورت نثر پڻ لکيو آهي. ڪڏهن ڪالمن جي صورت ۾ تہ ڪڏهن خاڪن جي روپ ۾ تہ ڪڏهن ڀيٽا جي شڪل ۾ اهڙي نثرکي هن ڪيئن لکيو اها تہ کيس خبر هوندي پر سندس هن مجموعي ۾ جيڪا ڳالھہ سڀني لکتن ۾ گڏيل نظراچي ٿي اهو آهي پيار جنھن غلام قادر کي امر ساهڙ بڻايو ۽ انھي پيار امر ساهڙ کي من موهت ٻوليءَ ۾ لکڻ جو گُر سيکاريو. امر ساهڙ جي نثر تي جتي مھراڻي جي رهڻي ڪھڻيءَ جو اثر آهي تتي سندس لکڻيءَ مان ريڊيو جھڙي ماس ميڊيا جي وسيلي جي جهلڪ بہ نظر اچي ٿي. هو ريڊيو جي دنيا سان گهري لاڳاپي ۾ رهيو آهي. سندس دوستن جو بہ ڳچ حلقو صدا جي سيم سان سلھاڙيل آهي. هن مجموعي ۾ مختلف موضوعن تي مضمون، اديبن ڏانھن خط ۽ مختلف ڏات ڌڻين تي لکيل خاڪا آهن. امر ساهڙ جنھن جي لکت ڳالھايل ٻولي جو ڳوڙهو ڳٽڪو آهي جنھن مان ماڻھوءَ جو نج ۽ اجهل اظھار نظر اچي ٿو. سندس لکڻ ۾ ڪا مصنوعيت ناهي. صنعتن جي ڪا ليپا پوٿي ٿيل ناهي. هو جيئن سوچي ٿو ايئن ئي اظھاري ٿو. سندس لکڻين جو مُکيه گڻ اهوئي آهي جيتوڻيڪ ريڊئي ۽ ريڊيائي دنيا کي ويجهو هجڻ جي ڪري سندس لکت ۾ اهي اثر بہ موجود آهن. قادرالڪلام سان هم ڪلامي ۾ هن آسودو، ولات، ڏينھڪ، پاهون، سڄر، اجهور، ڪزاني، پڊ، پھون، پھرو، ڪسو، واٽين پنڌين، لولي لوڻ نہ لڀڻ، هٿ پير هڻڻ، پٽ پڪل هجڻ، کٿي جي اُڻاڻيءَ ۾ وڃڻ، مير جي اُٺ کي اُلھي چوڻ، ناني رڌڻ واري ڏهٽي کائڻ واري، لڏ ڇڊي ڪرڻ، ٺري مان ٺٺ ڪرڻ، پٺ ڏاڍي هجڻ، وار ونگو نہ ٿيڻ، ڏنو پٽ ڇُٽي جو، ڪک جهوري ٻيڻو ڪرڻ، تنجڻ تپائڻ، اک ڪاڻي ڪرڻ پر ڏِس ڪاڻي نہ ڪرڻ، ٽارو ڪرڻ جھڙا لفظ، ترڪيبون ۽ اصطلاح ڪم آندا آهن جيڪي ٻوليءَ جا اهڙا ملوڪ ڳھہ ڳٽا آهن جن جي گهڙت ۾ انيڪ پيڙهين جو رت ست شامل آهي تڏهن انھن کي اهڙي معناداري ملي آهي. ڪابہ تخليق جيترو حسين هوندي اوتروئي ان جي جٽاداري پڪي آهي. هن مضمون جي مٿي ڏنل لفظن، ترڪيبن ۽ اصطلاحن کي ڏسبو تہ انھن ۾ لسانياتي ميٺاڄ پنھنجي جاءِ تي پر ان سان گڏوگڏ هڪ وڏو پس منظر پڻ نظر ايندو. سنڌي ٻوليءَ جو اُچارڻ جو پنھنجو سرشتو آهي جيڪو جڏهن ٻين ٻولين سان ڏي وٺ ۾ اچي ٿو دنيا جي ڪنھن بہ سُڌريل ٻوليءَ جيئن ان ۾ پنھنجي مخرج مطابق ڦيرگهير ڪري ٿو. ولايت بدلجي ولات ٿيڻ ۽ عنايت بدلجي عنات ٿيڻ ان جو چٽو مثال آهن. ڏينھنڪ جھڙي ترڪيب جنھن جو مطلب هڪ ڏينھن ۾ آهي، سا ٻوليءَ جي سينڌ جو سندور آهي. واٽين پنڌين مھراڻي جي نج ترڪيب آهي. ايئن سھڻي ٻوليءَ ۾ اظھار ڪندي امر ساهڙ پنھنجي اندر جي اڻ تڻ کي بہ ونڊي ورڇي ٿو، ديس جي درد بابت بہ اوري ٿو تہ مھراڻي کي ڪا راضي شاه بادشاه جي پٽ پڪل آهي جو اُتي جون مٽيھاڻيون ڏاڍيون زمينون بہ ڪلرکاڌل زمينون لڳن ٿيون. ٻج ڀاڻ جو وياج تي وٺڻ، ڀاڙن جو وڌيل هجڻ، اهڙين حالتن ۾ ارباب الھجڙئي جي اٺور پٽ جو ناظم ٿيڻ کيس اميد جو اهڃاڻ لڳي ٿو تہ من هو علائقي مان چوري چڪاريءَ کي بند ڪرائي ۽ ناسيٽن کي نڪ ۾ ناڪلي وجهي. بلالاڻي جو ذڪر بہ ڪري ٿو تہ منٺار اوٺي جو بہ ذڪر ڪري ٿو جيڪو اوٺي مان بدلجي هٽائي ٿيو آهي. ٿرجي ٿوهرن، ڳاڱيال، ٻوهن، اڪن، ٻائورين، ڪونڀٽن، مرٽن، موراڙين، کپن جو ذڪر بہ ڪري ٿو تہ عرب شڪارين پاران تلور مارڻ کي بہ ساٿ سميت نرواري ٿو. 2001 ع ۾ آيل مھا ڀُون ڪنپ جو ذڪر بہ سندس هن ڪلام ۾ ملي ٿو ۽ نيٺ هو سڀني موضوعن کي ڇيڙيندو وڏيءَ ورهانڊ تي اچي پھچي ٿو ۽ ’’سو ديس مسافر منھنجو ڙي‘‘ ڪتاب جو ذڪر ڪري ٿو ۽ جوڳي رمتا ڀلا جھڙي ٻول سان ليک کي کُٽائي ٿو نہ تہ هي دردن جو داستانو پورو ٿيڻو ئي ناهي.
سندس لکيل خط بہ انھن فردن سان ڳالھہ ٻولھہ وانگر آهن. زيب سنڌي، نصير مرزا ۽ صادق فقير ڏانھن لکيل خطن مان صادق فقير وارو خط صادق جي لاڏاڻي کان پوءِ، پھرين ورسيءَ تي لکيل آهي جيڪو دل کي ڇھندڙ آهي. امر ساهڙ جي جنھن دؤر ۾ ادبي اوسر ٿي آهي اهو خطن واري ڏي وٺ جو دؤر هو اڃا اليڪٽراني ڏي وٺ ڪر نہ کنيو هو، نہ ئي سماجي ميڊيا ميدان تي لٿل هو. اهڙي دؤر ۾ اهي خط نياپا، سارون سنڀارون يادگيري جي ڏوري کي نوبنو ڪندا هئا. مھراڻي کان مريءَ تائين سفرنامو ''دعوہ اڪيڊميءَ '' جي تربيتي پروگرام تي وڃڻ دوران لکيل آهي جنھن ۾ سفر جون حالتون، ادب جي اوک ڊوک ۽ اڪيڊميءَ جي ماحول جو احوال اُپٽاريل آهي. ريڊئي مٺي جي سالگره بابت لکيل تاثر ۽ ڪھاڻي ٽڪي جو ماستر بہ پڙهڻ وٽان آهن.
مختلف عنوانن سان لکيل مضمونن ۾ امر ساهڙ جن موضوعن کي کنيو آهي سي عوامي اهميت جا عنوان آهن جيئن ؛ بيڪار کان بيگار ڀلي، تعليم کي تريون، ڪميونزم جا مخالف ۽ جاگيرداراڻي جمھوريت جا محافظ، ٿر جتي جيئڻ جنجال ٿي پيو آهي، ڀوتارڪي سماج مان نجات وغيرہ.
خاڪا نگاري بہ خوبصورت صنف آهي جنھن وسيلي نہ رڳو مذڪور شخصيت بابت پڙهندڙن کي ڄاڻ ملي ٿي پر تاريخ، سماجيات ۽ انساني تعلق ۽ همعصر حالتن جي جهلڪ بہ خاڪن ۾ نظر اچي ٿي. امر ساهڙ، بخشڻ مھراڻوي، ڪوثر ٻُرڙي، سائينداد ساند، حليم باغي، مائي ڀاڳي، حسن درس، چمن ٿري، ڀارو مل امراڻي، ڀڳڙي مل ناچيز، اصغر جتوئي، عبدالروف جمالي، امين ارباب، صوبدار قاسمي اوٺي، امر راءِ سنگهہ راجپوت، ساگر خاصخيلي بابت خاڪا لکيا آهن تہ طالب ساهڙ ۽ آمن وڪيئي بابت بہ شاندار خاڪا چٽيا اٿس. انھن سمورن خاڪن ۾ اهائي سدا ملوڪ ڳالھايل نج ٻولي استعمال ڪندي هن انھن شخصن سان پنھنجي تعلق کي بہ ظاهر ڪيو آهي تہ انھن جي فن ۽ ڪلا جو ذڪر بہ ڪيو اٿس. اهي سڀئي ڏات ڌڻي فرد آهن جن پنھنجي ڪلاونت پورهئي سان سنڌ ڌرتيءَ جي ڪلا کيتر ۾ پنھنجي پنھنجي پوک ڪئي آهي.
سمورين لکتن ۾ ڳالھايل ٻوليءَ سان گڏ ڳالھايل نالن جو بہ احوال ملي ٿو. مثال طور احمد وڪيئي کي ماڻھو پيار مان ڪيئن ''آمن'' ڪوٺين ٿا. حقيقت ۾ لسانياتي وصف ۾ اها تصغير تعريفي آهي. سنڌي اها ٻهڳڻ ٻولي آهي جنھن ۾ تصغير تعريفي بہ ملي ٿي تہ تصغير تضحيڪي پڻ. ڪوثر ٻُرڙي جو ڳوٺ ''ڄاڃي ٻُرڙو'' ۽ صوبدار اوٺي جو ڳوٺ ''روجهتل '' ڪيڏا نہ خوبصورت نالا آهن. ان ريت ٻيا بہ ڪافي من موهن نالا آهن جيڪي سنڌي سماج جي ذوق جي نشاندهي ڪن ٿا.
امر ساهڙ جون ساھہ ۾ سانڍڻ جهڙيون هي لکتون سنڌي نثر ۾ خوبصورت واڌارو ثابت ٿينديون ۽ پڙهندڙن پاران پڻ انھن کي مانائتي موٽ ملندي. دُعا آهي تہ ٿاڌات جي ٿھريل پُٺي جو هي شاعر سنڌي ادب ۾ پاڻ موکيندي، دل کي ڇھندڙ شاعري ۽ ڳالھايل ٻوليءَ ۾ نثر لکندو رهي. فطرت پسند فرد جو فطرت سان ڪلام هلندو رهي ۽ روح رچندو رهي.. آمين

نوراحمد جنجهي
جنجهي هائوس، مٺي، ٿر پارڪر
6 مارچ 2022ع

روشنيءَ جھڙو نثري سفر

پنھنجي ھمعصر ادبي سٿ جي تخليقي سفر تي اظھار جا اکر اُڪلڻ کان اڳي آئون ٻہ ڳالھيون اوڻيھہ سئو ايڪانوي کان شروع ٿيندڙ ڏھاڪي ۽ ان دؤر جي ٿر خطي بابت ڪرڻ چاھيندس، تہ جيئن اُن زماني مان جنم وٺندڙ ھڪ قلمڪار روح ۽ اُن جي فڪري اوسر کي سمجهي سگهجي. ڇو جو نوي جي ڏھاڪي کان لڳاتار ٽِن ڏھاڪن ۾ پنھنجي ھُئڻ جو احساس ۽ خُوشبوءَ جاڳائڻ سولو ڪم ناھي. بليڊ جي ڌار تي بيھڻ ۽ ھلڻ جھڙي ھي يقينن وارتا آھي. ھر ڏھاڪي ۾ سماجي ۽ شعوري ڌارا تبديل ٿيئي ٿي اِھا حقيقت بہ آھي. پنھنجي وابستگيءَ کي واڳي انڊلٺ جيئن نروار ۽ آشڪار ٿيڻ نہ ٿڪجڻ بنا شڪ جي داد لائق ڪردار آھي.
اڄ جڏھن اسان ڪنھن سُواريءَ ۾ سَنبري مٺي، اسلام ڪوٽ ۽ ننگر پارڪر ڏي اُسھون ٿا تہ خوبصورت ڪُشادي ڊگهي رستي جي سيني تي سانجهيءَ کانپوءِ ھيڊ لائٽس جي روشنيءَ ۾ رنگين چلڪڻيون جَرڪندي احساس ڏيارين ٿيون تہ سفر دلربا آھي. پر سچ پُڇو تہ نوي جي ڏھاڪي ۾ ٿر جو سفر ايئن ڪونہ ھو، ٿر جو سڄو خطو واريءَ ۾ واٽن جو وڇاڻو ھو. وُٺو تہ ٿر نہ تہ بر، لوڪ چوڻي غلط نٿي لڳي. اُٺن تي مُسافرين جو دؤر اڃان زندھ ھو. اڪثر ڳوٺ ويڙھا، ڍاڻيون، ۽ وانڍيا رات جو اوندھان ھوندا ھئا، پر چور جي جُرئت کي تالو لڳل ھو. تتل ڏينھن۾ لُوءِ پچائيندي ھُئي پر سج لٿي کانپوءِ رڳو خاموشي پَسار ڪندي ھُئي. جنھن سان ڪٿي ڪٿي چَڙا ٽَليون ۽ مَٽرَ پيا احوال اوريندا ھئا. نانگ جا ڪَکيل دربدريءَ جي سفر جو داستان ٿيندا ھئا. سُڃ ۽ صحرا پاڻ ۾ گهڻو ڳالھائي ٿڪبا بہ ڪونہ ھئا.
پر اِھو بہ سچ آھي تہ جئين فطرت جي ماءُ ھنج مان اوڀڙ جو عمل نٿو رُڪجي ايئن ئي ٿر ۾ مورن جا ٽھوڪا وقت جا مُحتاج نہ ھئا، ۽ روھيڙا رُت ۾ ٽِڙي پنھنجي زندھ روايت تان دستبردار ٿيڻ سکيا ئي ڪونہ ھئا. ساڳي ريت اُن رُڃ ۽ اُڃ ۾ بہ ادب جي اوسر لاءِ ڪا تڙپ بہ تاڙو ھُئي. ٿر ٻاٻيھو ٿي مرڻ جو شاعراڻو روح ريگستاني وڻن ۾ واڪا ڪندڙ ھو.
نوي جي اُنھي ڏھاڪي ۾ شيخ اياز، استاد بخاري، امر جليل جي تہ سحر انگيزي ھُئي ئي، پر نون آوازن ۾ مظھر لغاريءَ جي شاعريءَ جي بہ گُونج ھئي. اُن ئي خُوبرو دؤر ۾ اسان جي پياري سَيبتي ٻھڳڻي شاعر امر ساھڙ بہ شروعاتي وِکون کنيون ھُيون. اُنھن وِکن ثابت قدميءَ ۽ عشق سان جيڪو ادب جي ٽِن ڏھاڪن تائين عاليشان سفر طئي ڪيو، اِھو بنا شڪ جي قابلِ داد بہ آھي تہ معتبر بہ آھي. آئون ايئن بہ چوندس تہ ٽي ڏھاڪا ننڍي ڳالھہ ناھن. وقت ۽ حالتون انسان کي ھڪجھڙو نٿيون ڇڏين. ھر ڏھاڪي ۾ وقت جي تقاظا الڳ ھجي ٿي، ھر ڏھاڪي ۾ سماج ۽ ذھن تبديل ٿين ٿا. اھڙي صورتحال ۾ قلم سان، ادب سان لڳاتار محبت واري واسطيگيري زندگيءَ جي وڏي حاصلات ۽ اھم ڪردار نگاري آھي.
امر ساھڙ شاعريءَ ۾ تہ پنھنجا دلڪش اڻ مِٽ نشان ڇڏيا ئي آھن، پر ھِن جي بانوري مُنفرد نثر بہ خوشبوءَ جھڙو سفر ڪري پاڻ ملھايو ۽ مڃايو آھي. ھِن ڪتاب کان اڳ بہ امر ساھڙ جي نثري لکڻين جو ڪتاب پنھنجي ھڳاءُ جو ڀرپور تاثر اُڀاري چُڪو آھي ۽ ھاڻ سندس ھيءُ نئون ڪتاب بہ نئين واس سان نروار ٿيو آھي.
نثر ۾ امر ساھڙ افسانوي نہ پر غير افسانوي نثر جي جيڪا چُونڊ ڪئي آھي اِھا ھِن جي مزاج جو آرس آھي. شروع کان ئي ھِن جي پسنديدہ صنف خط ھئا، جيڪي ھِن تمام گهڻا لکيا.اِھو پنھنجي ھمعصر ادبي ساٿين سان نہ رڳو بھترين رابطي جو سھڻو ذريعو ھو، پر اندر جي بارش کي ڪاغذن جي زمينن تي وسائڻ جو وجد بہ ھو. اِھو وجد روح ھو. ھاڻ تہ زمانو بہ بدلجي ويو آھي. نئين صدي نئين زماني جو پنھنجو مزاج آھي. تيز رفتار سائنسي زماني ادبي لاڙن جو طرف ئي بدلائي ڇڏيو آھي. خط جي ادبي صنف ئي ھاڻ ڄڻ تہ مري چُڪي آھي. ھن صنف جي جيئندڙ زماني جا مسافر اُن صنف جي اھميت کي ڪڏھن بہ وساري نٿا سگهن.
ھِن ڪتاب ۾ ڪي خط آھن، ڪن شاعر دوستن جي سُندر شاعريءَ تي وڻندڙ سيبتا تاثر آھن، ڪجهہ وقتائتا مضمون آھن، ٿر جي پس منظر ۽ پيش منظر ۾ ڪي لکڻيون آھن، ڪي احساسن سان رڱيل ڪالم آھن. ھي سڀ دلچسپ لکڻيون پر اُثر ٻوليءَ ۾ لکيل آھن. اِنھن تحريرن ۾ وطن سان محبت جا جاڳندڙ جذبا آھن. دل جون ڳالھيون آھن، ۽ باذوق ادبي نِھار جي ڇانءَ آھي. توجھہ کي تاءُ محسوس ڪرائيندڙ لکڻي ''قادر الڪلام سان ھم ڪلامي'' سچ تہ سون سريکي لکڻي آھي. جنھن ۾ تڙپ جو طنبورو تُڻڪي ٿو. اِھا ھڪ دؤر جي رڳو اُڃايل يادگيري ناھي، پر ھڪ تڙپندڙ سچ بہ آھي. ھِن قسم جون لکڻيون من جي پاتال ۾ پھرين آرس موڙينديون آھن پوءِ ڪاغذن تي اينديون آھن. حقيقت ۾ ڏٺو وڃي تہ ماڻھوءَ ۾ زمانا جاڳندا آھن. ڪا تلخ شاھدي وقت جي عدالت ۾ رڪارڊ ٿيڻ چاھيندي آھي، جيڪا پنھنجا لفظ پاڻ مُرتب ڪندي آھي.
ھِن ڪتاب ۾ زيب سنڌي، نصير مرزا سميت ٻين اديبن کي لکيل جيڪي بہ خط آھن، اُھي حُسناڪ بہ آھن تہ ٻرندڙ ڏيئا بہ آھن. اُھي پنھنجن اکين ۾ ڳاڙھا ڳوڙھا رکندڙ آھن. ڪجهہ خط ڏاڍا گهرا ۽ پر اُثر آھن. اُھي سڀ ھڪ شاعر جي خودڪلامي آھن. امر ساھڙ ذاتي زندگيءَ ۾ ڏاڍو سٻاجهو، سادو سيبتو انسان آھي. ھِن جي خطن ۾ بہ اِھائي سيبتائي رچيل آھي، جيڪا دل کي ڇُھي وٺي ٿي. اھڙي طرح ھِن ادب سان تعلق رکندڙ دوستن تي پروفائيل ۽ خاڪي نما ڏاڍيون موھڻيون لکڻيون رچيون آھن. اِھا ھڪ يگاني وابستگي آھي جو پنھنجن سٺن ادبي ساٿين ۽ ڏات ڌڻين کي نہ رڳو ياد رکجي پر انھن جي فن فڪر جي دلبريءَ کي بہ عالم آڏو آشڪار ڪجي. اِھا ھڪ ادبي تاريخ سھيڙڻ جي لاجواب جُستجو چئجي تہ وڌاءُ نہ ٿيندو.
ھِن ڪتاب ۾ امر ساھڙ جا ڪارائتا ڪالم بہ توجھہ ڇڪائيندڙآھن، جن جا موضوع بہ ڏاڍا سگهارا آھن. ''تعليم کي تَريون'' ''بيڪار کان بيگار ڀلي آھي'' ''ڪميونزم جا مخالف جاگيرداراڻي جمھوريت جا مُحافظ'' '' پليز! مائي ڀاڳي کي ڊسٽرب نہ ڪريو'' '' ٿر جتي جيئڻ جنجال ٿي پيو آھي'' ۽ ٻيا سنجيدہ ڪالم امر ساھڙ جي فن فڪر جو سھڻو مثال آھن. ھِنن ڪالمن ۾ ڪڙيون ڳالھيون بہ آھن، تہ نرالا سوال بہ آھن. ھڪ سٺي ذميوار ڏات ڌڻيءَ طور امر ساھڙ پنھنجو بھترين ڪردار ادا ڪيو آھي. ھِن سماج آڏو حقيقتن کي چٽو ڪري سامھون رکڻ وارو رستو ورتو آھي. ھِن جي اظھار ۾ بي باڪي جي مَھَڪ آھي جيڪا کيس مُنفرد لِکاري ثابت ڪري ٿي. ھُو سچ سان گڏ بيھندڙ ليکڪ آھي، ھِن جي سِٽَ سِٽَ ساھُ کڻندڙ آھي. مجموعي طور تي ھي نھايت ئي زيبائتو ڪتاب آھي، جنھن کي ويساھُ آھي تہ آجيان ۽ پسنديدگيءَ جا ڀاڪر ضرور ملندا.
ايوب کوسو
جهڏو
22 جنوري 2022ع

پنھنجي پاران

مجموعي طور تي مُنھنجي ھِن چوٿين ڪتاب ۽ نثر جي ٻي ڪتاب ۾ اوڻيھہ سئو نوي واري ڏھاڪي کان وٺي ٻہ ھزار ايڪويھہ تائين جي ٽن ڏھاڪن تي ڦھليل طويل عرصي دوران مختلف موقعن تي، مختلف موضوعن تي ۽ مختلف ڪيفيتن ۾ لکيل منھنجون جيڪي بہ تحريرون شامل آھن، اِھي مون نہ ڪنھن جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ لکيون آھن، ۽ نہ ئي ڪنھن جي فرمائش تي لکيون آھن. بلڪ اھي لکڻيون منھنجي من اندر جو آواز آھن - جن ۾ ڌرتيءَ ۽ دل وارن سان پيار جي اقرار جو اظھار بہ آھي، تہ غاصبن، فطرت دشمن، عوام دشمن ۽ استحصالي طبقن تي ڦِٽڪار ۽ انڪار جو اظھار بہ آھي.
توڻي جو مون نثر لکڻ جو آغاز تہ ٿر ۾ آيل اوڻويھہ سئو ستياسي واري ڪاري ڏڪار کان ڪيو. پر ساڳي سال ريڊيي پاڪستان جي نئين طِرزِ نشريات بہ مون کي خط لکڻ لاءِ اتساھيو ۽ ائين ئي مون رابطن جي اُنھي ريشمي دؤر ۾ سنڌي ادب جي روشن ستارن سنڌ جي محبوب و مقبول شاعرن /اديبن کي ادبي خط لکڻ شروع ڪيا. خطن جو اِھو خوبصورت سلسلو ايستائين جاري رھيو، جيسيس تائين موبائيل فونز ۽ پوءِ انٽرنيٽ اچي خطن جي جاءِ والاري.
مون تمام گهڻا ۽ مسلسل خط پنھنجن ھمعصر شاعر/ اديب دوستن سميت کوڙ سارن ڏات ڌڻين کي خط لکيا- پر افسوس اھو اٿم جو مون پنھنجي لکيل ڪنھن بہ خط جي ڦوٽو ڪاپي پاڻ وٽ سنڀالي ڪانہ رکي. ۽ نہ ئي وري اِنھن دوستن وٽ منھنجا لکيل اُھي خط محفوظ آھن-
اِھوئي ڪارڻ آھي، جو مون جن بہ دوستن کان پنھنجن لکيل خطن جون ڦوٽو ڪاپيون گهريون، اُنھن مان سواءِ رئوف جماليءَ جي،ٻين سڀني چيو تہ؛ '' ٻہ ھزار ڏھ ۽ يارھن وارين ٻوڏن ۾ پُسي يا لُڙھي ويا''- ۽ ھي جيڪي چار پنج خط ھن ڪتاب ۾ شامل آھن، اِھي بہ مون وٽ اُن ڪري محفوظ آھن، جو اھي خط اُن ئي دؤر ۾ مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپيل ھُئڻ ڪري بچي ويا آھن.
بھر ڪيف؛ جو ڪجهہ بہ ھَڙ ۾ ھُيو سو حاضر آھي. مُنھنجي ھِن ڪتاب ''اسان کان پيار لکرايو'' ۾ خط بہ آھن، تہ خاڪا بہ، تاثر بہ آھن، تہ مضمون ۽ اڀياس پڻ، ڪھاڻي بہ آھي، تہ سفرنامو پڻ- مُنھنجن ھنن نثري تحريرن ۾ ڪيترو تخليقپڻو آھي، ۽ ڪيترو آئون اظھار جي ھِنن گهاڙيٽن سان نڀائي سگهيو آھيان، انھي جو فيصلو مُنھنجا لائق پڙھندڙ ئي ڪري سگهن ٿا. ڇاڪاڻ جو اِھي ئي مُنھنجن تحريرن جا ڪرادار آھن،اِھي ئي مُنھنجن تحريرن جا مالڪ ۽ نقاد پڻ آھن. باقي مون وٽ مُنھنجو قلم توڻي ضمير ٻئي عوام ۽ ڌرتيءَ جي امانت آھن. ۽ امانت ۾ خيانت ماءُ تي گار برابر سمجهان ٿو- بس دعا ڪجو تہ مُنھنجو پنھنجي ڌرتيءَ ۽ پورھيت عوام سان عشق سلامت رھي، ايمان سلامت رھي ۽ ضمير زندھ رھي -
آئون بيحد ٿورائتو آھيان، سنڌ جي محبوب شاعر ۽ مُنھنجي ھمعصر شاعر دوست مُحترم ايوب کوسي، روحل واءِ جي راڻي سنڌ جھڙي سھڻي شاعر مُحترم حاجي ساند، سنڌي ٻوليءَ جي ٻھڳڻي شاعر/ اديب ۽ اسڪالر سائين نوراحمد جنجهيءَ، نفيس مِزاج واري ماڻھوءَ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ٻاجهاري اديب، پياري دليپ ڪوٺاريءَ ۽ منھنجيءَ دل کي بنھہ ويجهو رھندڙ حَسين ليکڪ ۽ شاعر دوست محترم امر رائسنگهہ راجپوت جن جو. جن پنھنجي قيمتي وقت مان ڪجهہ گهڙيون ڪڍي مُنھنجي ھِن ڪتاب تي پنھجا انمول رايا/ تاثر ۽ تحريرون لکي ڏيڻ جي عنايت ڪئي آھي. ٿورا تہ سنڌ جي خوبصورت شاعر، سھڻي آرٽسٽ سائين اي آر آزاد جا بہ ڳڻڻ کان ڳورا آھن، جنھن پيار ۽ پاٻوھَ مان مُنھنجي ھِن ڪتاب جي ٽائيٽل جو حسَين اسڪيچ ٺاھي ڏنو ۽ انيڪ احسان سھڻي آرٽسٽ محبوب رضا راھوءَ جا، جنھن ھن ڪتاب جي خوبصورت ڪئليگرافي ڪئي آھي.
مشڪور آھيان محبوب دوست ۽ ڪمپوزر پياري مُڪيش ھميراڻيءَ جو، جنھن دلي لگن ۽ جذبي سان ھيءُ ڪتاب ڪمپوز ڪري ڏنو- مھرباني نورچشم نظير ساھڙ، ۽ سندم صالح ڀاڻيجي آصف عزيز مھراڻويءَ جي، جن جو ڪنھن نہ ڪنھن طرح ھن ڪتاب کي تڪميل تائين پھچائڻ ۾ سھڪاري ھٿ ساڻ رھيو آھي- وڏا وڙ ڪنول پبليڪيشن جي روح روان ۽ سنڌ جي دلربا شاعر دوست سعيد سومري جا، جنھن ھِن ڪتاب کي سَنواري، سينگاري اوھان سڄڻن جي حُسناڪ ھٿن تائين پھچايو آھي.

امر ساھڙ

ڳالھايل ٻوليءَ ۾ ڳاڙهيون ڳالھيون

مھراڻو ٿر جو مھندار ڀاڱو آهي جنھن جون تليون، اڻاٺو پاڻي، وسيع سيمون ۽ محبت ڪندڙ ماڻھو ان جي سُڃاڻپ آهن. مھراڻي نالي جي نسبت ڪن ليکڪن ''مھراڻ '' نديءَ سان ڏني آهي تہ ڪن وري ٻي ڪا ڳالھہ ڪئي آهي پر لفظ مھراڻي تي نظر وجهجي ٿي تہ اهو ٻن لفظن ''موهر'' ۽ ''آڻو'' جو ميلاپ نظراچي ٿو. موهر يا مھر جي معنى آهي ''اڳ وارو'' يا ''اڳ ۾ '' ۽ ''آڻو'' لفظ ''آئڻ '' مان نڪتل آهي جنھن جي معنى ''اچڻ'' آهي. مھراڻو اهڙو علائقو آهي جيڪو ڪنھن نياري ڀون سطح واري ڌرتيءَ کان اڳ اچي ٿو. سنڌوءَ جي پيچ واري مٽيھاڻي ڌرتيءَ کان اڳ ايندڙ ''مھراڻو'' جنھن جي جھڙي مٽي زرخير آهي تھڙا ماڻھو بہ محبتي ۽ مڻيادار آهن. ٿاڌات مھراڻي ۾ واقع نھڙين جي ساهڙ نُک جي رهاڪن جي چند ڳوٺن مان هڪ آهي جن ۾ ٻيا ڳوٺ جھڙوڪ، نبيسر، تل، سانگهار، ويئري، واهر ۽ اُنڙو آهن. ٿاڌات جي ننڍڙي ڳوٺ ۾ جتي پنھنجي دؤر جو ناميارو عالم مولوي نصير الدين پيدا ٿيو، کُليل ذهن رکندڙ روشن خيال پروفيسر عزيز مھراڻوي پيدا ٿيو تتي غلام قادر ساهڙ بہ اک کولي ۽ پنھنجي شاعراڻي ڪلا وسيلي سنڌ ۾ ''امر ساهڙ'' جي نالي سان سُڃاڻپ حاصل ڪئي. سندس ڏات جي آبياريءَ ۾ جتي مھراڻي جي ڪُشادين ماٿرين جو اولڙو آهي اُتي هن ڀاڱي جي فطرت سان پيار ڪندڙ ٻوليءَ جا محبت موتي پڻ چمڪن ٿا. امر ساهڙ پنھنجي شاعريءَ ۾ عشق، سماج ۽ سماج جي مسئلن کي، سھڻي ٻوليءَ ۾ ڳايو آهي جيتوڻيڪ سندس شاعريءَ ۾ همعصر اثرن جي جهلڪ ڏسي سگهجي ٿي پر سندس لھجو مھراڻي جي مٽيءَ مان اُڀري ٿو ۽ مھراڻي جو ميٺاڄ سڀني کان سرس ۽ سوايو نظر اچي ٿو. امر ساهڙ نہ رڳو شاعري ڪئي آهي پر هن خوبصورت نثر پڻ لکيو آهي. ڪڏهن ڪالمن جي صورت ۾ تہ ڪڏهن خاڪن جي روپ ۾ تہ ڪڏهن ڀيٽا جي شڪل ۾ اهڙي نثرکي هن ڪيئن لکيو اها تہ کيس خبر هوندي پر سندس هن مجموعي ۾ جيڪا ڳالھہ سڀني لکتن ۾ گڏيل نظراچي ٿي اهو آهي پيار جنھن غلام قادر کي امر ساهڙ بڻايو ۽ انھي پيار امر ساهڙ کي من موهت ٻوليءَ ۾ لکڻ جو گُر سيکاريو. امر ساهڙ جي نثر تي جتي مھراڻي جي رهڻي ڪھڻيءَ جو اثر آهي تتي سندس لکڻيءَ مان ريڊيو جھڙي ماس ميڊيا جي وسيلي جي جهلڪ بہ نظر اچي ٿي. هو ريڊيو جي دنيا سان گهري لاڳاپي ۾ رهيو آهي. سندس دوستن جو بہ ڳچ حلقو صدا جي سيم سان سلھاڙيل آهي. هن مجموعي ۾ مختلف موضوعن تي مضمون، اديبن ڏانھن خط ۽ مختلف ڏات ڌڻين تي لکيل خاڪا آهن. امر ساهڙ جنھن جي لکت ڳالھايل ٻولي جو ڳوڙهو ڳٽڪو آهي جنھن مان ماڻھوءَ جو نج ۽ اجهل اظھار نظر اچي ٿو. سندس لکڻ ۾ ڪا مصنوعيت ناهي. صنعتن جي ڪا ليپا پوٿي ٿيل ناهي. هو جيئن سوچي ٿو ايئن ئي اظھاري ٿو. سندس لکڻين جو مُکيه گڻ اهوئي آهي جيتوڻيڪ ريڊئي ۽ ريڊيائي دنيا کي ويجهو هجڻ جي ڪري سندس لکت ۾ اهي اثر بہ موجود آهن. قادرالڪلام سان هم ڪلامي ۾ هن آسودو، ولات، ڏينھڪ، پاهون، سڄر، اجهور، ڪزاني، پڊ، پھون، پھرو، ڪسو، واٽين پنڌين، لولي لوڻ نہ لڀڻ، هٿ پير هڻڻ، پٽ پڪل هجڻ، کٿي جي اُڻاڻيءَ ۾ وڃڻ، مير جي اُٺ کي اُلھي چوڻ، ناني رڌڻ واري ڏهٽي کائڻ واري، لڏ ڇڊي ڪرڻ، ٺري مان ٺٺ ڪرڻ، پٺ ڏاڍي هجڻ، وار ونگو نہ ٿيڻ، ڏنو پٽ ڇُٽي جو، ڪک جهوري ٻيڻو ڪرڻ، تنجڻ تپائڻ، اک ڪاڻي ڪرڻ پر ڏِس ڪاڻي نہ ڪرڻ، ٽارو ڪرڻ جھڙا لفظ، ترڪيبون ۽ اصطلاح ڪم آندا آهن جيڪي ٻوليءَ جا اهڙا ملوڪ ڳھہ ڳٽا آهن جن جي گهڙت ۾ انيڪ پيڙهين جو رت ست شامل آهي تڏهن انھن کي اهڙي معناداري ملي آهي. ڪابہ تخليق جيترو حسين هوندي اوتروئي ان جي جٽاداري پڪي آهي. هن مضمون جي مٿي ڏنل لفظن، ترڪيبن ۽ اصطلاحن کي ڏسبو تہ انھن ۾ لسانياتي ميٺاڄ پنھنجي جاءِ تي پر ان سان گڏوگڏ هڪ وڏو پس منظر پڻ نظر ايندو. سنڌي ٻوليءَ جو اُچارڻ جو پنھنجو سرشتو آهي جيڪو جڏهن ٻين ٻولين سان ڏي وٺ ۾ اچي ٿو دنيا جي ڪنھن بہ سُڌريل ٻوليءَ جيئن ان ۾ پنھنجي مخرج مطابق ڦيرگهير ڪري ٿو. ولايت بدلجي ولات ٿيڻ ۽ عنايت بدلجي عنات ٿيڻ ان جو چٽو مثال آهن. ڏينھنڪ جھڙي ترڪيب جنھن جو مطلب هڪ ڏينھن ۾ آهي، سا ٻوليءَ جي سينڌ جو سندور آهي. واٽين پنڌين مھراڻي جي نج ترڪيب آهي. ايئن سھڻي ٻوليءَ ۾ اظھار ڪندي امر ساهڙ پنھنجي اندر جي اڻ تڻ کي بہ ونڊي ورڇي ٿو، ديس جي درد بابت بہ اوري ٿو تہ مھراڻي کي ڪا راضي شاه بادشاه جي پٽ پڪل آهي جو اُتي جون مٽيھاڻيون ڏاڍيون زمينون بہ ڪلرکاڌل زمينون لڳن ٿيون. ٻج ڀاڻ جو وياج تي وٺڻ، ڀاڙن جو وڌيل هجڻ، اهڙين حالتن ۾ ارباب الھجڙئي جي اٺور پٽ جو ناظم ٿيڻ کيس اميد جو اهڃاڻ لڳي ٿو تہ من هو علائقي مان چوري چڪاريءَ کي بند ڪرائي ۽ ناسيٽن کي نڪ ۾ ناڪلي وجهي. بلالاڻي جو ذڪر بہ ڪري ٿو تہ منٺار اوٺي جو بہ ذڪر ڪري ٿو جيڪو اوٺي مان بدلجي هٽائي ٿيو آهي. ٿرجي ٿوهرن، ڳاڱيال، ٻوهن، اڪن، ٻائورين، ڪونڀٽن، مرٽن، موراڙين، کپن جو ذڪر بہ ڪري ٿو تہ عرب شڪارين پاران تلور مارڻ کي بہ ساٿ سميت نرواري ٿو. 2001 ع ۾ آيل مھا ڀُون ڪنپ جو ذڪر بہ سندس هن ڪلام ۾ ملي ٿو ۽ نيٺ هو سڀني موضوعن کي ڇيڙيندو وڏيءَ ورهانڊ تي اچي پھچي ٿو ۽ ’’سو ديس مسافر منھنجو ڙي‘‘ ڪتاب جو ذڪر ڪري ٿو ۽ جوڳي رمتا ڀلا جھڙي ٻول سان ليک کي کُٽائي ٿو نہ تہ هي دردن جو داستانو پورو ٿيڻو ئي ناهي.
سندس لکيل خط بہ انھن فردن سان ڳالھہ ٻولھہ وانگر آهن. زيب سنڌي، نصير مرزا ۽ صادق فقير ڏانھن لکيل خطن مان صادق فقير وارو خط صادق جي لاڏاڻي کان پوءِ، پھرين ورسيءَ تي لکيل آهي جيڪو دل کي ڇھندڙ آهي. امر ساهڙ جي جنھن دؤر ۾ ادبي اوسر ٿي آهي اهو خطن واري ڏي وٺ جو دؤر هو اڃا اليڪٽراني ڏي وٺ ڪر نہ کنيو هو، نہ ئي سماجي ميڊيا ميدان تي لٿل هو. اهڙي دؤر ۾ اهي خط نياپا، سارون سنڀارون يادگيري جي ڏوري کي نوبنو ڪندا هئا. مھراڻي کان مريءَ تائين سفرنامو ''دعوہ اڪيڊميءَ '' جي تربيتي پروگرام تي وڃڻ دوران لکيل آهي جنھن ۾ سفر جون حالتون، ادب جي اوک ڊوک ۽ اڪيڊميءَ جي ماحول جو احوال اُپٽاريل آهي. ريڊئي مٺي جي سالگره بابت لکيل تاثر ۽ ڪھاڻي ٽڪي جو ماستر بہ پڙهڻ وٽان آهن.
مختلف عنوانن سان لکيل مضمونن ۾ امر ساهڙ جن موضوعن کي کنيو آهي سي عوامي اهميت جا عنوان آهن جيئن ؛ بيڪار کان بيگار ڀلي، تعليم کي تريون، ڪميونزم جا مخالف ۽ جاگيرداراڻي جمھوريت جا محافظ، ٿر جتي جيئڻ جنجال ٿي پيو آهي، ڀوتارڪي سماج مان نجات وغيرہ.
خاڪا نگاري بہ خوبصورت صنف آهي جنھن وسيلي نہ رڳو مذڪور شخصيت بابت پڙهندڙن کي ڄاڻ ملي ٿي پر تاريخ، سماجيات ۽ انساني تعلق ۽ همعصر حالتن جي جهلڪ بہ خاڪن ۾ نظر اچي ٿي. امر ساهڙ، بخشڻ مھراڻوي، ڪوثر ٻُرڙي، سائينداد ساند، حليم باغي، مائي ڀاڳي، حسن درس، چمن ٿري، ڀارو مل امراڻي، ڀڳڙي مل ناچيز، اصغر جتوئي، عبدالروف جمالي، امين ارباب، صوبدار قاسمي اوٺي، امر راءِ سنگهہ راجپوت، ساگر خاصخيلي بابت خاڪا لکيا آهن تہ طالب ساهڙ ۽ آمن وڪيئي بابت بہ شاندار خاڪا چٽيا اٿس. انھن سمورن خاڪن ۾ اهائي سدا ملوڪ ڳالھايل نج ٻولي استعمال ڪندي هن انھن شخصن سان پنھنجي تعلق کي بہ ظاهر ڪيو آهي تہ انھن جي فن ۽ ڪلا جو ذڪر بہ ڪيو اٿس. اهي سڀئي ڏات ڌڻي فرد آهن جن پنھنجي ڪلاونت پورهئي سان سنڌ ڌرتيءَ جي ڪلا کيتر ۾ پنھنجي پنھنجي پوک ڪئي آهي.
سمورين لکتن ۾ ڳالھايل ٻوليءَ سان گڏ ڳالھايل نالن جو بہ احوال ملي ٿو. مثال طور احمد وڪيئي کي ماڻھو پيار مان ڪيئن ''آمن'' ڪوٺين ٿا. حقيقت ۾ لسانياتي وصف ۾ اها تصغير تعريفي آهي. سنڌي اها ٻهڳڻ ٻولي آهي جنھن ۾ تصغير تعريفي بہ ملي ٿي تہ تصغير تضحيڪي پڻ. ڪوثر ٻُرڙي جو ڳوٺ ''ڄاڃي ٻُرڙو'' ۽ صوبدار اوٺي جو ڳوٺ ''روجهتل '' ڪيڏا نہ خوبصورت نالا آهن. ان ريت ٻيا بہ ڪافي من موهن نالا آهن جيڪي سنڌي سماج جي ذوق جي نشاندهي ڪن ٿا.
امر ساهڙ جون ساھہ ۾ سانڍڻ جهڙيون هي لکتون سنڌي نثر ۾ خوبصورت واڌارو ثابت ٿينديون ۽ پڙهندڙن پاران پڻ انھن کي مانائتي موٽ ملندي. دُعا آهي تہ ٿاڌات جي ٿھريل پُٺي جو هي شاعر سنڌي ادب ۾ پاڻ موکيندي، دل کي ڇھندڙ شاعري ۽ ڳالھايل ٻوليءَ ۾ نثر لکندو رهي. فطرت پسند فرد جو فطرت سان ڪلام هلندو رهي ۽ روح رچندو رهي.. آمين

نوراحمد جنجهي
جنجهي هائوس، مٺي، ٿر پارڪر
6 مارچ 2022ع

روشنيءَ جھڙو نثري سفر

پنھنجي ھمعصر ادبي سٿ جي تخليقي سفر تي اظھار جا اکر اُڪلڻ کان اڳي آئون ٻہ ڳالھيون اوڻيھہ سئو ايڪانوي کان شروع ٿيندڙ ڏھاڪي ۽ ان دؤر جي ٿر خطي بابت ڪرڻ چاھيندس، تہ جيئن اُن زماني مان جنم وٺندڙ ھڪ قلمڪار روح ۽ اُن جي فڪري اوسر کي سمجهي سگهجي. ڇو جو نوي جي ڏھاڪي کان لڳاتار ٽِن ڏھاڪن ۾ پنھنجي ھُئڻ جو احساس ۽ خُوشبوءَ جاڳائڻ سولو ڪم ناھي. بليڊ جي ڌار تي بيھڻ ۽ ھلڻ جھڙي ھي يقينن وارتا آھي. ھر ڏھاڪي ۾ سماجي ۽ شعوري ڌارا تبديل ٿيئي ٿي اِھا حقيقت بہ آھي. پنھنجي وابستگيءَ کي واڳي انڊلٺ جيئن نروار ۽ آشڪار ٿيڻ نہ ٿڪجڻ بنا شڪ جي داد لائق ڪردار آھي.
اڄ جڏھن اسان ڪنھن سُواريءَ ۾ سَنبري مٺي، اسلام ڪوٽ ۽ ننگر پارڪر ڏي اُسھون ٿا تہ خوبصورت ڪُشادي ڊگهي رستي جي سيني تي سانجهيءَ کانپوءِ ھيڊ لائٽس جي روشنيءَ ۾ رنگين چلڪڻيون جَرڪندي احساس ڏيارين ٿيون تہ سفر دلربا آھي. پر سچ پُڇو تہ نوي جي ڏھاڪي ۾ ٿر جو سفر ايئن ڪونہ ھو، ٿر جو سڄو خطو واريءَ ۾ واٽن جو وڇاڻو ھو. وُٺو تہ ٿر نہ تہ بر، لوڪ چوڻي غلط نٿي لڳي. اُٺن تي مُسافرين جو دؤر اڃان زندھ ھو. اڪثر ڳوٺ ويڙھا، ڍاڻيون، ۽ وانڍيا رات جو اوندھان ھوندا ھئا، پر چور جي جُرئت کي تالو لڳل ھو. تتل ڏينھن۾ لُوءِ پچائيندي ھُئي پر سج لٿي کانپوءِ رڳو خاموشي پَسار ڪندي ھُئي. جنھن سان ڪٿي ڪٿي چَڙا ٽَليون ۽ مَٽرَ پيا احوال اوريندا ھئا. نانگ جا ڪَکيل دربدريءَ جي سفر جو داستان ٿيندا ھئا. سُڃ ۽ صحرا پاڻ ۾ گهڻو ڳالھائي ٿڪبا بہ ڪونہ ھئا.
پر اِھو بہ سچ آھي تہ جئين فطرت جي ماءُ ھنج مان اوڀڙ جو عمل نٿو رُڪجي ايئن ئي ٿر ۾ مورن جا ٽھوڪا وقت جا مُحتاج نہ ھئا، ۽ روھيڙا رُت ۾ ٽِڙي پنھنجي زندھ روايت تان دستبردار ٿيڻ سکيا ئي ڪونہ ھئا. ساڳي ريت اُن رُڃ ۽ اُڃ ۾ بہ ادب جي اوسر لاءِ ڪا تڙپ بہ تاڙو ھُئي. ٿر ٻاٻيھو ٿي مرڻ جو شاعراڻو روح ريگستاني وڻن ۾ واڪا ڪندڙ ھو.
نوي جي اُنھي ڏھاڪي ۾ شيخ اياز، استاد بخاري، امر جليل جي تہ سحر انگيزي ھُئي ئي، پر نون آوازن ۾ مظھر لغاريءَ جي شاعريءَ جي بہ گُونج ھئي. اُن ئي خُوبرو دؤر ۾ اسان جي پياري سَيبتي ٻھڳڻي شاعر امر ساھڙ بہ شروعاتي وِکون کنيون ھُيون. اُنھن وِکن ثابت قدميءَ ۽ عشق سان جيڪو ادب جي ٽِن ڏھاڪن تائين عاليشان سفر طئي ڪيو، اِھو بنا شڪ جي قابلِ داد بہ آھي تہ معتبر بہ آھي. آئون ايئن بہ چوندس تہ ٽي ڏھاڪا ننڍي ڳالھہ ناھن. وقت ۽ حالتون انسان کي ھڪجھڙو نٿيون ڇڏين. ھر ڏھاڪي ۾ وقت جي تقاظا الڳ ھجي ٿي، ھر ڏھاڪي ۾ سماج ۽ ذھن تبديل ٿين ٿا. اھڙي صورتحال ۾ قلم سان، ادب سان لڳاتار محبت واري واسطيگيري زندگيءَ جي وڏي حاصلات ۽ اھم ڪردار نگاري آھي.
امر ساھڙ شاعريءَ ۾ تہ پنھنجا دلڪش اڻ مِٽ نشان ڇڏيا ئي آھن، پر ھِن جي بانوري مُنفرد نثر بہ خوشبوءَ جھڙو سفر ڪري پاڻ ملھايو ۽ مڃايو آھي. ھِن ڪتاب کان اڳ بہ امر ساھڙ جي نثري لکڻين جو ڪتاب پنھنجي ھڳاءُ جو ڀرپور تاثر اُڀاري چُڪو آھي ۽ ھاڻ سندس ھيءُ نئون ڪتاب بہ نئين واس سان نروار ٿيو آھي.
نثر ۾ امر ساھڙ افسانوي نہ پر غير افسانوي نثر جي جيڪا چُونڊ ڪئي آھي اِھا ھِن جي مزاج جو آرس آھي. شروع کان ئي ھِن جي پسنديدہ صنف خط ھئا، جيڪي ھِن تمام گهڻا لکيا.اِھو پنھنجي ھمعصر ادبي ساٿين سان نہ رڳو بھترين رابطي جو سھڻو ذريعو ھو، پر اندر جي بارش کي ڪاغذن جي زمينن تي وسائڻ جو وجد بہ ھو. اِھو وجد روح ھو. ھاڻ تہ زمانو بہ بدلجي ويو آھي. نئين صدي نئين زماني جو پنھنجو مزاج آھي. تيز رفتار سائنسي زماني ادبي لاڙن جو طرف ئي بدلائي ڇڏيو آھي. خط جي ادبي صنف ئي ھاڻ ڄڻ تہ مري چُڪي آھي. ھن صنف جي جيئندڙ زماني جا مسافر اُن صنف جي اھميت کي ڪڏھن بہ وساري نٿا سگهن.
ھِن ڪتاب ۾ ڪي خط آھن، ڪن شاعر دوستن جي سُندر شاعريءَ تي وڻندڙ سيبتا تاثر آھن، ڪجهہ وقتائتا مضمون آھن، ٿر جي پس منظر ۽ پيش منظر ۾ ڪي لکڻيون آھن، ڪي احساسن سان رڱيل ڪالم آھن. ھي سڀ دلچسپ لکڻيون پر اُثر ٻوليءَ ۾ لکيل آھن. اِنھن تحريرن ۾ وطن سان محبت جا جاڳندڙ جذبا آھن. دل جون ڳالھيون آھن، ۽ باذوق ادبي نِھار جي ڇانءَ آھي. توجھہ کي تاءُ محسوس ڪرائيندڙ لکڻي ''قادر الڪلام سان ھم ڪلامي'' سچ تہ سون سريکي لکڻي آھي. جنھن ۾ تڙپ جو طنبورو تُڻڪي ٿو. اِھا ھڪ دؤر جي رڳو اُڃايل يادگيري ناھي، پر ھڪ تڙپندڙ سچ بہ آھي. ھِن قسم جون لکڻيون من جي پاتال ۾ پھرين آرس موڙينديون آھن پوءِ ڪاغذن تي اينديون آھن. حقيقت ۾ ڏٺو وڃي تہ ماڻھوءَ ۾ زمانا جاڳندا آھن. ڪا تلخ شاھدي وقت جي عدالت ۾ رڪارڊ ٿيڻ چاھيندي آھي، جيڪا پنھنجا لفظ پاڻ مُرتب ڪندي آھي.
ھِن ڪتاب ۾ زيب سنڌي، نصير مرزا سميت ٻين اديبن کي لکيل جيڪي بہ خط آھن، اُھي حُسناڪ بہ آھن تہ ٻرندڙ ڏيئا بہ آھن. اُھي پنھنجن اکين ۾ ڳاڙھا ڳوڙھا رکندڙ آھن. ڪجهہ خط ڏاڍا گهرا ۽ پر اُثر آھن. اُھي سڀ ھڪ شاعر جي خودڪلامي آھن. امر ساھڙ ذاتي زندگيءَ ۾ ڏاڍو سٻاجهو، سادو سيبتو انسان آھي. ھِن جي خطن ۾ بہ اِھائي سيبتائي رچيل آھي، جيڪا دل کي ڇُھي وٺي ٿي. اھڙي طرح ھِن ادب سان تعلق رکندڙ دوستن تي پروفائيل ۽ خاڪي نما ڏاڍيون موھڻيون لکڻيون رچيون آھن. اِھا ھڪ يگاني وابستگي آھي جو پنھنجن سٺن ادبي ساٿين ۽ ڏات ڌڻين کي نہ رڳو ياد رکجي پر انھن جي فن فڪر جي دلبريءَ کي بہ عالم آڏو آشڪار ڪجي. اِھا ھڪ ادبي تاريخ سھيڙڻ جي لاجواب جُستجو چئجي تہ وڌاءُ نہ ٿيندو.
ھِن ڪتاب ۾ امر ساھڙ جا ڪارائتا ڪالم بہ توجھہ ڇڪائيندڙآھن، جن جا موضوع بہ ڏاڍا سگهارا آھن. ''تعليم کي تَريون'' ''بيڪار کان بيگار ڀلي آھي'' ''ڪميونزم جا مخالف جاگيرداراڻي جمھوريت جا مُحافظ'' '' پليز! مائي ڀاڳي کي ڊسٽرب نہ ڪريو'' '' ٿر جتي جيئڻ جنجال ٿي پيو آھي'' ۽ ٻيا سنجيدہ ڪالم امر ساھڙ جي فن فڪر جو سھڻو مثال آھن. ھِنن ڪالمن ۾ ڪڙيون ڳالھيون بہ آھن، تہ نرالا سوال بہ آھن. ھڪ سٺي ذميوار ڏات ڌڻيءَ طور امر ساھڙ پنھنجو بھترين ڪردار ادا ڪيو آھي. ھِن سماج آڏو حقيقتن کي چٽو ڪري سامھون رکڻ وارو رستو ورتو آھي. ھِن جي اظھار ۾ بي باڪي جي مَھَڪ آھي جيڪا کيس مُنفرد لِکاري ثابت ڪري ٿي. ھُو سچ سان گڏ بيھندڙ ليکڪ آھي، ھِن جي سِٽَ سِٽَ ساھُ کڻندڙ آھي. مجموعي طور تي ھي نھايت ئي زيبائتو ڪتاب آھي، جنھن کي ويساھُ آھي تہ آجيان ۽ پسنديدگيءَ جا ڀاڪر ضرور ملندا.
ايوب کوسو
جهڏو
22 جنوري 2022ع

پنھنجي پاران

مجموعي طور تي مُنھنجي ھِن چوٿين ڪتاب ۽ نثر جي ٻي ڪتاب ۾ اوڻيھہ سئو نوي واري ڏھاڪي کان وٺي ٻہ ھزار ايڪويھہ تائين جي ٽن ڏھاڪن تي ڦھليل طويل عرصي دوران مختلف موقعن تي، مختلف موضوعن تي ۽ مختلف ڪيفيتن ۾ لکيل منھنجون جيڪي بہ تحريرون شامل آھن، اِھي مون نہ ڪنھن جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ لکيون آھن، ۽ نہ ئي ڪنھن جي فرمائش تي لکيون آھن. بلڪ اھي لکڻيون منھنجي من اندر جو آواز آھن - جن ۾ ڌرتيءَ ۽ دل وارن سان پيار جي اقرار جو اظھار بہ آھي، تہ غاصبن، فطرت دشمن، عوام دشمن ۽ استحصالي طبقن تي ڦِٽڪار ۽ انڪار جو اظھار بہ آھي.
توڻي جو مون نثر لکڻ جو آغاز تہ ٿر ۾ آيل اوڻويھہ سئو ستياسي واري ڪاري ڏڪار کان ڪيو. پر ساڳي سال ريڊيي پاڪستان جي نئين طِرزِ نشريات بہ مون کي خط لکڻ لاءِ اتساھيو ۽ ائين ئي مون رابطن جي اُنھي ريشمي دؤر ۾ سنڌي ادب جي روشن ستارن سنڌ جي محبوب و مقبول شاعرن /اديبن کي ادبي خط لکڻ شروع ڪيا. خطن جو اِھو خوبصورت سلسلو ايستائين جاري رھيو، جيسيس تائين موبائيل فونز ۽ پوءِ انٽرنيٽ اچي خطن جي جاءِ والاري.
مون تمام گهڻا ۽ مسلسل خط پنھنجن ھمعصر شاعر/ اديب دوستن سميت کوڙ سارن ڏات ڌڻين کي خط لکيا- پر افسوس اھو اٿم جو مون پنھنجي لکيل ڪنھن بہ خط جي ڦوٽو ڪاپي پاڻ وٽ سنڀالي ڪانہ رکي. ۽ نہ ئي وري اِنھن دوستن وٽ منھنجا لکيل اُھي خط محفوظ آھن-
اِھوئي ڪارڻ آھي، جو مون جن بہ دوستن کان پنھنجن لکيل خطن جون ڦوٽو ڪاپيون گهريون، اُنھن مان سواءِ رئوف جماليءَ جي،ٻين سڀني چيو تہ؛ '' ٻہ ھزار ڏھ ۽ يارھن وارين ٻوڏن ۾ پُسي يا لُڙھي ويا''- ۽ ھي جيڪي چار پنج خط ھن ڪتاب ۾ شامل آھن، اِھي بہ مون وٽ اُن ڪري محفوظ آھن، جو اھي خط اُن ئي دؤر ۾ مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپيل ھُئڻ ڪري بچي ويا آھن.
بھر ڪيف؛ جو ڪجهہ بہ ھَڙ ۾ ھُيو سو حاضر آھي. مُنھنجي ھِن ڪتاب ''اسان کان پيار لکرايو'' ۾ خط بہ آھن، تہ خاڪا بہ، تاثر بہ آھن، تہ مضمون ۽ اڀياس پڻ، ڪھاڻي بہ آھي، تہ سفرنامو پڻ- مُنھنجن ھنن نثري تحريرن ۾ ڪيترو تخليقپڻو آھي، ۽ ڪيترو آئون اظھار جي ھِنن گهاڙيٽن سان نڀائي سگهيو آھيان، انھي جو فيصلو مُنھنجا لائق پڙھندڙ ئي ڪري سگهن ٿا. ڇاڪاڻ جو اِھي ئي مُنھنجن تحريرن جا ڪرادار آھن،اِھي ئي مُنھنجن تحريرن جا مالڪ ۽ نقاد پڻ آھن. باقي مون وٽ مُنھنجو قلم توڻي ضمير ٻئي عوام ۽ ڌرتيءَ جي امانت آھن. ۽ امانت ۾ خيانت ماءُ تي گار برابر سمجهان ٿو- بس دعا ڪجو تہ مُنھنجو پنھنجي ڌرتيءَ ۽ پورھيت عوام سان عشق سلامت رھي، ايمان سلامت رھي ۽ ضمير زندھ رھي -
آئون بيحد ٿورائتو آھيان، سنڌ جي محبوب شاعر ۽ مُنھنجي ھمعصر شاعر دوست مُحترم ايوب کوسي، روحل واءِ جي راڻي سنڌ جھڙي سھڻي شاعر مُحترم حاجي ساند، سنڌي ٻوليءَ جي ٻھڳڻي شاعر/ اديب ۽ اسڪالر سائين نوراحمد جنجهيءَ، نفيس مِزاج واري ماڻھوءَ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ٻاجهاري اديب، پياري دليپ ڪوٺاريءَ ۽ منھنجيءَ دل کي بنھہ ويجهو رھندڙ حَسين ليکڪ ۽ شاعر دوست محترم امر رائسنگهہ راجپوت جن جو. جن پنھنجي قيمتي وقت مان ڪجهہ گهڙيون ڪڍي مُنھنجي ھِن ڪتاب تي پنھجا انمول رايا/ تاثر ۽ تحريرون لکي ڏيڻ جي عنايت ڪئي آھي. ٿورا تہ سنڌ جي خوبصورت شاعر، سھڻي آرٽسٽ سائين اي آر آزاد جا بہ ڳڻڻ کان ڳورا آھن، جنھن پيار ۽ پاٻوھَ مان مُنھنجي ھِن ڪتاب جي ٽائيٽل جو حسَين اسڪيچ ٺاھي ڏنو ۽ انيڪ احسان سھڻي آرٽسٽ محبوب رضا راھوءَ جا، جنھن ھن ڪتاب جي خوبصورت ڪئليگرافي ڪئي آھي.
مشڪور آھيان محبوب دوست ۽ ڪمپوزر پياري مُڪيش ھميراڻيءَ جو، جنھن دلي لگن ۽ جذبي سان ھيءُ ڪتاب ڪمپوز ڪري ڏنو- مھرباني نورچشم نظير ساھڙ، ۽ سندم صالح ڀاڻيجي آصف عزيز مھراڻويءَ جي، جن جو ڪنھن نہ ڪنھن طرح ھن ڪتاب کي تڪميل تائين پھچائڻ ۾ سھڪاري ھٿ ساڻ رھيو آھي- وڏا وڙ ڪنول پبليڪيشن جي روح روان ۽ سنڌ جي دلربا شاعر دوست سعيد سومري جا، جنھن ھِن ڪتاب کي سَنواري، سينگاري اوھان سڄڻن جي حُسناڪ ھٿن تائين پھچايو آھي.

امر ساھڙ

اسان کان پيار لکرايو

---

قادر الڪلام سان ھم ڪلامي

ڪاڪا!
ڪھڙا حال آھن؟
اميد تہ آسُودو ھوندين -
پنھنجا اباڻا پَڊَ وساري وڃي وَسايَئي ولاتِ جا وڻ-
ميان!پاڻ لئي اِھو ڄام جي شوري وارو شھر بہ ڪائي ولاتِ آھي ٻيو! ڇو جو ڪوٿَريءَ ۾ اٽو وِجهي پوءِ ڪو ايڏانھن ٽاڪوري تہ واھ! باقي ڏينھڪ تہ سوال ئي نٿو پيدا ٿيئي جو ڪو پاھُون پُڄي. ۽ اِھي شھري ماڙھُو وري اھڙا بي مُھابا جو مَجال آھي کڻي ڪنھن مِزمان کي مانيءَ ٽِڪيءَ جي صلاح ھڻن. رات ٽِڪائڻ تہ رھي پري، پر جي واٽين پنڌين ملندا تہ بہ ايئن مُنھن سُڄائي ملندا ڄڻ ڪو قرض ٿا گهرون. ايئن اکيون ڦيري ھليا ويندا ڄڻ ڄاڻن نڪي سُڃاڻن -
ٻيلي! پاڻ وٽ اڃان ايئن صفا سُڃ ڪانھي ٿِي. ڪاريءَ ڏُڌي اڃان اڇو اچي پيو. ڪو مزمان مَھي تڏي تي لنگهي آيو تہ جيءَ ۾ جايون ڏبيون ۽ مانيءَ ٽڪيءَ کانسواءَ مُور ڪونہ ڇڏيون. پوءِ جھڙي ٻچين کاڌي سا حاضر ڪبي پر مزمان کي لنگهڻ ڪونہ ڇڏبو.
ٻيلي ڪاڪا! آئين تہ الائي ڪيئن ٿا اِتي پُورت ڪريو، باقي اسان کي ھِتي سچ پُڇين تہ ڏڪارن اھڙو ڏنڀيو آھي جو لولي لُوڻ ڪونہ ٿو لَڀي. مڃون ٿا تہ قلم اوھان جا بہ ڪُلھا ڇِني ٿو، پر خفو ڇڏي اسان جا بہ کنڌا کڻيو ٿو. سڄو ڏينھن اُلٿي اُڀري وچ ھٿ پير ٿا ھڻون پوءِ بہ پُوري ڪانہ ٿي پَئي. جي ھيٺ ٿا ڇڪيون تہ مٿي ڪانہ ٿي پُڄي. پر ٻيلي! اسان جي صبر کي بہ سلام ڪر جو جنھن تنھن اڳيان ھٿ جهلڻ واري ڇِتڪُتائي کان خدا بچايا آھيون. جھڙي ڇِڊي گهاٽي جُڙي اباڻي اَجهي ۾ اُڪاري پيا ﷲ ﷲ ڪريون.
پر يار! هنن ڀٽارين ڀٽن تي اڏيل ڀُونگن ۾ الائي تہ ڪھڙي ڪشش آھي جو واريءَ جي وِھاڻي تي مٿو رکي رڳو اکيون ٿا پُوريون تہ ننڊ جون الوليون وٺيو وڃن. سڄي دنيا پيو گهم پر ٿر جي پر سُڪون رات جھڙي ڪا ھڪڙي رات ھٿ ڪري ڏيکارين تہ مڙس ڪري مڃيئين -
بس رڳو وَرھيہ ڪنھن واڇان وانگر کري ڪَسا ٿي پيا آھن. ۽ مُندائتا مينھن بہ وَڪَ سَئون واپس ورڻ جون واٽون وڃائي ويٺا آھن. ڪنھن ڪزاني ڪي مينھن ڪَڻيون پون ٿيون تہ بہ الاءِ ڪھڙا گهوڙا آھن جو، اَنُ اُڀڙي ئي ڪونہ ٿو- ھيل بہ وٺي واڻي ڏڪار لڳو پيو آھي. پاڻ واري مُلڪ مھراڻي کي ڪا راضي شاھ بادشاھ جي پٽَ پڪل آھي جو ڀلوڙ ڪاٺيون بہ جهڙيون ڪلراٺيون زمينون! حرام سُوئر جو منجهن مڻ ڏيڍ کان مٿي ٿيئي - ھيلوڪو مينھن بہ مھل سر موٽيو، پر ٻنين اھڙي ٻَپئون ٻڌي آھي جو خلق کُرٽي کُرٽي ٿڪي آھي پر ورڻ سرڻ لاءِ سو وڃي ٿيا ست خير -
ماڻھن جيڪو ٻجُ واپارين کان وياجَ تي وٺي ٻنين ۾ وڌو، تنھن مان تِرَ جيتري بہ اُپت ڪانھي ٿي اُلٽو وياج تي کنيل ٻج بہ ويو کٿي جي اُڻاڻيءَ ۾. واپاري بہ وڏا حرامي آھن، گُوار جو مڻ ڏنائون ھڪ ھزار ۾ ۽ پاھُون مڻ ٽي سئو ۾ بہ نٿا رکن. جن مسڪينن پنج ست مھينا پاڻ ھَچُ ڪيو، تن جي ڪِي ڪمائي ٻئي مٿا کائي ويا وياج خور واپاري - پر ڪا چوڻ واري پھر ھُجي جو کين ڪو کيليءَ کُٽڪو ٿيئي -ماروئڙا فقير ڪنھن در ڏيندا دانھن ڙي!-
ھينئر جڏھن تيل جا اگهہ وڃي تري سان لڳا آھن، تڏھن بہ لاريءَ وارن جا ڀاڙا اُھي ئي اُڀ سان ڳالھيون ڪندڙ.
باقي جيڪڏھن ڪو ڌراڙ وَڇار اٽي جي مڻ لاءِ ڪو پُھرُو پِڙيءَ تي ڪاھي ويندو تہ جھڙي پَٺَ تھڙي نورَ پُونھن. اگهہ ٻنھي جو اِھو ئي اڍائي سئو رپيا - ھاڻ ڏي مُنھن! ھھڙي مھانگائيءَ واري دؤر ۾ اڍائي سئو ۾ اٺِ جي گوشت جو ڪلو ملي ٿو؟ جو ھي مُوذي مَروان مسڪينن جو مال ايئن لِلاڪارڻ لُٽي رھيا آھن. پر مير جي اُٺَ کي ڪير چئي اُلھي! اوڏاڻن اُٺن کان بہ ڪيئي رتيون ڪَسر ھِتي ڪامورا ڪَڙا بہ ڪُتر پيا ٿين. پر مجال آھي جو ڪو مُڙي بہ کڻي - مُرڳو ڀيڙا ٿي ڀيڙيندا خلقِ خدا کي، تنھنڪري درياھ جي ڪناري رھي واڳوئن سان وير وجهڻ نٿا چاھن ويچارا پنھوار. پوءِ نانيءَ رڌڻ واريءَ ۽ ڏُھٽيءَ کائڻ واريءَ جي مرضي جيئن وڻينِ تيئن ڪري ڏيکارين -
نانيءَ ۽ ڏُھٽيءَ ھيل ھَچي مَچي ڪري ارباب الھجڙيي جي ڪنڌار پُٽ کي ٿر ضلعي جو ناظم چُونڊرايو آھي. اُھو ڪا ڪاري وجهي تہ واھ! باقي ٻي ڪا بہ ڀَوا ڪانھي. ارڏو ضرور آھي، پر اٿئي مڙس اٺور! جيڪڏھن سرڪار سڳوريءَ سندس ھٿ ڍرا ڇڏي ڏنا تہ گهڻن گماشتن جي بولتي بند ڪري ڏيکاريندو. باقي اوھان واري يار بلالاڻي جا اُٿياڳ تہ ڀلا ھئا، پر پوءِ الائي تہ ڪنھن جي ڪُرڙي اک ڏٺائين جو صفا ٺري ويھي رھيو آھي. اھڙو ڪُڇي جھڙي ڀتِ! ڪم الائي ڪھڙا ڪري باقي آھي بُڻادو ٻار سو ھروڀرون جي ڪنھن کي ڏي نٿو تہ بہ ڏکوئي ڪونہ ٿو اِھا بہ چڱي عادت چَئبي -
عادتون تہ پاڻ وارن پاڙيسرين بہ اڃان ڪونہ مَٽيون آھن، اُھي ئي ساڳيان افعال اٿن. ڪو پُھروءَ کي پُٺا ڏيو وڃي تہ ڪو ٺري مان پيو ٺٺ ڪري. مطلب تہ ڪنھن نہ ڪنھن رينگٽ ڌاران رھن قطعي ڪونہ ٿا. پر ٻيلي! پُٺ ڏاڍي اٿن جو اڃان سندن وار بہ وِنگو ڪونھي ٿيو. ايئن بہ ڪونھي تہ ڪو سڀئي سَريکا آھن بلڪ ھاڻ انھن جي اڪثريت سُڌري ويئي آھي. پاڻ واري پراڻي شھر نئين ڪوٽ جي ھوٽلن، مانڊڻين، دڪانن ۽ بسن جي اڏن تي انھن جو ايئن قبضو آھي، جيئن سُھراب ڳوٺ ۾ افغاني مھاجرن جو قبضو آھي. پر يار نئين ڪوٽ جي اُھا اوجَ اُجڙي ويئي جيڪا ريل گاڏيءَ جي دؤر ۾ ھئي تڏھن ريلوي پليٽ فارم وارو پاسو ڏاڍو وسندڙ ھو. لالي گل جي ھوٽل جيڪا رات ڏينھن کُليل ھوندي ھئي، جتي آڌيءَ تائين ننگر، چُوڙيي ۽ آڌيگام کان ماڻھن سان سٿجي لاريون اينديون ھيون، ڪي پليٽ فارم تي سُمھندا ھئا تہ ڪي وري پَسارون پيا ڪندا ھئا ڀر سان سڄڻ اوٺي جو مسافر خانو ليلي واري چَڪي ۽ ھوٽل ڇا تہ رونق ھوندي ھئي. مٺي ضلعو ٺھڻ کانپوءِ نئين ڪوٽ جو ريلوي پليٽ فارم وارو پاسو راڄپار جي ڀڙي جيئن ويران ٿي ويو نہ ريل رھي نہ ھوٽلون نہ ڪو لاريون بلي يار! واھ جوزمانو ھو - پر سڀڪجهہ ايئن اک ڇِنڀَ ۾ اُجڙي ويو - ۽ ھاڻ نئين ڪوٽ جو شھر کِسڪي اچي ڍوري بازار ۾ خواجا ماڙي واري چونڪ تي ڪَٺو ٿيو آھي. جتي ھڪڙي پاسي اسان جي اديب دوست اشوڪ شرما جو اوتارو (اشوڪ دڪان کي دڪان ڪري ھلائڻ بدران غيبي خان چانڊيي جو اوتارو بڻائي ڇڏيو) آھي تہ ٻي پاسي تون واري پراڻي يار ماٺيڻي اوٺي جي ڀاءُ منٺار اوٺي جو دڪان آھي، جيڪو ھيل مھراڻي جو ناظم ٿيو اٿئي. ابا! اوٺو ٿِي ڪري اھڙو مِٺو ماڻھو مون ھن کان اڳ نڪي ٻُڌو نڪي ڏٺو. سَھيڄو اھڙو جو ڀلي پيو مَٿي تان واٽون ڪرينس پر مجال آھي جو ڪڏھن مَٺو ڀانئي.
خير خان جي خانائي تہ مانيءَ مان معلوم ٿيندي، پر ڏسئون تہ ھاڻ پاڻ واري پَٽَ جي ڇُڙواڳ ڇورن ۽ ڪاٽڪُو چورن کي ڪيئن ٿو مُنھن ڏي - ڪاٽڪُو چور تہ اسان واري سيمَ ۾ بہ ڪيئي ساماڻا آھن، پر اُنھن جي گهڻائي رڳو پٽيلي ۾ پُوري آھي. مھراڻي جا ڪي زماني ساز ماڻھو ڪِرياتا ٿين ئي ڪونہ جيڪي جُڙي اُن کي آئي روزي ٽري بلا ڪري ڀانئن ۽ ڏِنو پُٽ ڇُٽي جو جي معرفت بہ ڪيئي ڪم ڪار ڪرائي ڄاڻن ٿا. بنگليءَ جي رانگڙن لارين مان ھٿ ڪڍي وڃي بٺن جا بُنياد وِڌا تن سندن وارا ئي نيارا ڪري ڇڏيا آھن. ۽ اُتي ئي وري ڪي خدا جا بندا سدائين نشي ۾ ڌُت ٿيو اکيون ڳاڙھيون ڪريو پيا آٿِڙڪندا، پر مجال آھي جو ڪک جهوري ٻيڻو ڪن. ھوڏانھن نھٽي جي نيتائن مان بہ نڪي سڄڻين آسرو نڪي دشمنين ڀئو. پر مقيم ڪنڀار جھڙي فقير جا اھڙا تنجڻ تپايائون جو مٺيءَ ۾ وڃي مٿو لڪايائين. جنھاڻ وارا جتي ڇڏي آيو ھُئين اُتي ئي آھن. تِرَ جيتري بہ منجهن ڪا تبديلي اڃان سُوڌو تہ ڪونھي آئي. باقي ڀرپاسي وارا سنگتي اڃان بہ ساڳي ڪِرتِ ۾ گِرتِ آھن، نڪو چوري چَڪاري کان ٿا مُڙن نڪي ''اَڇنباين'' مان ٿا مُڙن. کين ڪير روڪي، ڪير ٽوڪي شايد سندن اڳيان ڪنھن جي بہ دال ڪانہ ٿي ڳري-
دال تہ اُنھن وڻن جي ويري مافيائن جي اڳيان بہ ڪنھن جي ڪا نہ ٿي ڳري، جيڪي گُگُلڻ جي فقير وڻ پٺيان اصل ھٿ ڌوئي پيا آھن. چون ٿا تہ اِنھي مافيا جي مٿي تي ھِتان جي ڏاڍن مڙسن جو ھٿ آھي، جيڪي ٽييءَ پَتي تي مُلڪ ڀيلاڙ ڪرائي رھيا آھن. تون واري ڏس ڏانھن تہ ھمراھن پَرينِد سان ئي پنھنجي سيمَ ۾ سَڄَر وڻن جي ستياناس ڪري ڇڏي آھي. ھاڻ تہ اسان واري پاسي بہ ڪي حرامي ھِريا آھن تن بہ ھاڃا ھڻي ڇڏيا آھن. نڪو ٿا سيمَ ۾ ڪو سائو وڻ ڇڏين نڪو ٿا ڌراڙ بنا ڪو ڌڻ ڇڏين. ير! چوريون چَڪاريون اڳي بہ ھيون پر پنھنجي اوڙي پاڙي جو ٽارو ڪندا ھئا، ۽ اُتي وڃي مار ڪندا ھئا جتي ڪا بہ ڄاڻ سُڃاڻ ڪانہ ھوندي ھئي. معنا اک ڪاڻي ڪندا ھئا پر ڏس ڪاڻي ڪانہ ڪندا ھئا. ھاڻ تہ ميان! ڪو اک پور زمانو آھي جو جنھن ٺِڪرَ ۾ کائن ٿا اُن ۾ ئي ڪَرسِيا ڪن ٿا.
ڳالھہ وڻن جي پي ڪئي سون سو ٻيلي! ڦڳُڻ ۾ ڦوڳ ڦُلارجندي اسان واري نسل تہ اکين ئي ڪونہ ڏٺا. پر ٿوھر ٿر جي سُڃاڻپ ھئا، سي بہ ھاڻ وڃي ڪي ڪانھياڪا بچيا آھن. ٻوھَ، اَڪَ، ٻانوريون ڄاريون ۽ ڪُونڀٽ اسان واري اَجهور ۾ اڃان بہ آھن. سِڻَ ۽ مُرٽون بہ موجود آھن، باقي کِپَ پاڻ واري پاسي اڳ ئي اڻلڀ آھن. ڳانيال، موراڙيون ۽ وينگي جا وڻ بہ جھڙوڪر مُھراڻي مان موڪلائن پيا. باقي رھيا روھيڙا سي ماڻھن جي ذاتي قبولين ۾ ھئڻ ڪري ڪُھاڙين جي ڪميڻن پيڇن کان اڃان بچيل آھن. پر ٻيلي! وڻن جي ويرين کي آڏي ڪاٺي ڏيڻ واري ڪا پھر آهي ڪانہ تڏھن ئي تہ انھن اڌوُتن ٽانڊا ٻاري ڇڏيا آھن.
ٽانڊا تہ قطر ۽ دُبئي جي عربن ۽ شيخن بہ ٻاري ڇڏيا آھن، جيڪي پاڻ وارن ڀوتارن ۽ ڍول سپاھين جي گڏيل سهڪار سان سَھا، تِتِرَ، ھرڻ ۽ تلور ايئن ماري رھيا آھن، جيئن آمريڪا سرڪار افغانستان ۾ طالبانن جا تُور ختم ڪري رھي آھي. طالبانن جي ھڪڙي اتاڪي تُور پاڻ واري پَٽَ ۾ بہ جنم ورتو ھو، پر پوءِ سُتت ئي سندن ڪنھن نٽ بولٽ ڍرا ڪري وڌا جو تتي گهاءُ وڃي گهر جهليائون.
باقي يار! ٽوڀاريي واري اَجهورَ ۾ وڻ ڌڻ ۽ تتر توڻي سَھا سڀ صحي سلامت آھن، ڇو جو اُتي ڪاڪي قائم جوڻيجي جي لٺَ پيئي ڦِري، تنھنڪري ڪنھن ڀاڙيي ڀُتي کي پاڻي ئي ڪونہ ٿو چڙھي جو دينا داستي اتي اچي وڻ وڍي يا معصوم پکين ۽ جانورن کي ماري سگهي. تتر ۽ سَھا تہ اسان واريءَ سيمَ بہ اڃان بچيل آھن
ڪاڪا! ڌرتيءَ ڌُٻڻ وارو حِراس ئي اڃان ماڻھن جي مٿي مان ڪو نہ نِڱو ھو جو ھيل وري جنگ جو ھَتامَتر مَتو آھي. انڊيا تہ سدائين اُکتو ويٺو آھي، تنھن کي رڳو ڦوڪ ڏيڻي آھي، پر ماڻھن جا ھِينئان کاڌا پيا آھن. سي اھڙي اڇنبائي کان وَئون ٿا وڃن. ڇاڪاڻ جو اڳي رڳو رَعيت کي گهر گهاٽ ڇڏي بارڊر کان پري ڪنھن محفوظ جڳھہ تي وڃي وانڍيار ٿي ويھڻو پوندو ھو. پر ھاڻ جي سانن سِڱ اٽڪائي وِڌا تہ ٻنھي ملڪن جي ٻُوڙن جا مٿا ميزائيل مُڃ ڪري ڇڏيندا. الائي اِھا حُڪمرانن جي حَرامپائي آھي يا ڪو رب جو ڏمر آھي جو ماڻھن تان ھيڪي اڌي مصيبت ٽري ئي ڪانہ ٿي. ۽ جيڪا ٿِي اُٿڙي سا ڏي ڪاڻي جي اک ۾ -
ھڪڙي پاسي انڊيا اچي اُرائي کنيا آھيون تہ ٻي پاسي پروڪي زلزلي جو ڏينھن ٿو ياد اچي تہ ھانءُ ٿو ڦاٽي - ابا! ھھڙو ھَچر اسان جي ابن ڏٺو نڪي ڏاڏن ڏٺو بلي بلي! گهر، وڻ ۽ ڀٽون سڀئي ايئن پئي ڏڪيون ڄڻ سِيئو تَپُ چڙھيو ھُجينِ - پر يار ! پاڻ واري پاسي ماڙھُو ڇيڙو، جيبَ جڻاٿَ سڀئي سلامت رھيا. توڻي جو پاڻ واري راڻي راجپوت (جيڪو ھيل ٿر ضلعي جو نائب ناظم ٿيو آھي) جو جُواڻ جَماڻ پُٽ ڪَڇ ڀُڄ جي بيوفا ڀُونءِ کسي ورتو، اِھو ڏُھاڳ جھڙو ڏک برابر سڄي ٿر کي ٿيو آھي.
ڪاڪا! تون نہ رڳو لکڻ جا لاکيڻا گُر ڄاڻين ٿو، پر ٻولي بہ اھڙي ٻاجهاري ٿو لکين جيڪا ڌراڙ وڇار ئي ڳالھائن ٿا. ۽ ڏُک سُور بہ خدا جي خلق جا ئي ٿو کڻين، تڏھن ئي تہ تنھنجيءَ ھر لکڻيءَ جو لکين ماڙھُو ايئن اُڀي پير بيھي اوسيئڙو ٿا ڪن، جيئن ڪي جيجلون جنگ تي ويل جوڌن جو ڪنديون آھن. تون ٻٽي سالون اڳ آيل سامُونڊي طوفان ۽ پروڪي زلزلي بابت بہ واھ جو لکيو ھو يار! توکي آفرين آھي جو اسان اٻوجهن جي اُپٽار ٿو ڪرين. واقعي تون وڙيتو آھين-
پر الائي ڪھڙي اَپارَ جهوريو آھين، جو جيئن ھِتان نِڱو آھين اُھي ڏينھن اڄوڻا ڏينھن، وري پاھين پَڇُڙ بہ ڪانہ ڦيري اٿئي تہ مُئا آھيون ڪي جيئرا! الائي ڇو اَڇين ۾ اچي ٿڪو آھين ھُونئن تہ سدائين تَري تَتلَ ھوندي اٿئي جو ڪڏھن ڪِٿي تہ ڪڏھن ڪِٿي ھيڪي ھنڌ توکي جَپَ اچي ئي ڪانه، ۽ وَٽئي ھاڻ تہ ڪا سواري بہ ٻُڌجي پيئي، سو جي رکي ٽُوال ڪُلھي تي ٽاڪورين تہ وڏيءَ وِرھانڊَ ھِتي. ميان! وُٺيءَ تي تہ مال ڀَٽارو بہ وريو وٿاڻين اچي تون اُنھي مال کان بہ وين؟
خير ڇڏ انھي خفي کي، تون سُڻاءَ تہ ''سو ديس مسافر منھنجو ڙي'' ڪڏھين ٿو پڙھائين؟ ٻُڌو اٿم تہ اِن ۾ لوسَ واريءَ سال جا پيرائتا احوال اوريا اٿئي؟ جي ايئن آھي تہ پوءِ ٻيا ڪم اُڪا وڃن اوڙاھ جي تَري ۾، اول تون اِھو ڪم اُڪلائي پوءِ تنھنجو ساجن توسان -
دل ۾ سوچيندين تہ ھِن ھَچا مان ڪُھا اچي قابو ٿيو آھيان؟ آئون اُريا سُڃاڻان نہ پُريا سُڃاڻان پر ھمراھ ھليو آھي ڄَڃ ۾ ڄاڻي نہ سُڃاڻي لاڏي ري ڀُوا ٿيڻ -
ڪاڪا! اُن کان اڳي جو تون مون کي بہ ڪو ڪلوئي مھمان سمجهي وجهين ويلڻ ۾ ھٿ، پاڻ رکون ٿا پيرن تي زور جوڳي رمتا ڀلا -

ٿر جي چانڊوڪيءَ ۾ لکيل خط

پيارا زيب سنڌي!
شال آسُودگيون ماڻين.
تون الاءِ ڪھڙيءَ جاءِ تي ۽ الاءِ ڪنھن جي لاءِ هِن ويلَ پَنھنجين اُجرين اکين ۾ خُوشنما خواب اُڻندو هُوندين. پر آئون هينئر جنھن اِضطرابي ڪيفيت مان گُذري رهيو آهيان، اُنھيءَ اذيت ناڪ گهڙيءَ جو اظھار هِن پَتر وسيلي تون سان بہ اورڻ ٿو گهُران. الاءِ ڇو؟ تون بنھہ ويجهڙو ڀاسندو آهين، سبب آئون سمجهي ناهيان سگهندو، پر جيڪا واردات وجود سان ٿيندي آهي، اُن کي شدت سان محسوس ضرور ڪندو آهيان. جيئن هِن ٽاڻي مُنھنجي چونئري جي جاري ۾ رکيل بتيءَ جي هَلڪيءَ ڦِڪيءَ روشنيءَ سان واهُوندي جي ڇُڙواڳ هَوائن جي ويڙھہ جاري آهي ۽ الاءِ ڪيڏيءُ مھل منھنجي آسپاس جي سموري ماحول کي اک لڳي ويئي آهي ۽ اُڀَ جي گربيءَ جھڙي گج مان ٽڪ جيئن ٽُٽل ستارو روشني جي ليڪ ٺاهي، ڏُور روشن رات جي رڻ ۾ الائي ڪٿي الوپ ٿي رهيو آهي ۽ آئون بتيءَ جي سوجهري تان اکيون هَٽائي چَونئري جي گُڙک (چَونئري جي ڀِتِ ۾ ٽڪنڊو يا گول سوراخ) مان ٻاهر جهاتي ٿو پايان تہ سامھون لوڙهي جي ڀَر ۾ بيٺل ٻانوريءَ جي لامُن ۾ لڳل ماچُوڙي جي ٻوُر مان اُٿندڙ سُڳنڌ ۾ مونکي بنگلاديش جي ڀلوڙ شاعر رابندرناٿ ٽئگور جي گيتانجلي جي ڪڪوريل ڪوتائن جي ڪُنواري خُوشبو محسوس ٿي رهي آهي ۽ تيھان پراهُون اولھہ ۾ ٻانھياريءَ جي ڀِٽَ (ٿري لوڪ ڪٿا جي حوالي سان مشھوور) تان بھار مُند جي سُرمئي سانجهيءَ ويلا جي سينڌ مان ڇَڻندڙ چيٽ جي چانڊوڪيءَ جي مڌم رڌم جھڙي روشني رسول همزا توف جي ديسَ داغستان جي اُوچن پھاڙن تان هوريان، هوريان هيٺ لھندڙ جهرڻن جي جهيڻيءَ جهانءِ جيئن سانتيڪين سماعتن ۾ سرگوشيون ڪندي محسوس ٿي رهي آهي.
زيب! تو ڪڏهن ٿر کي چاندنيءَ رات جي پوئين پھر ۾ ڏٺو آهي؟ ٿر جي ٿڌيءَ واريءَ تي کير ڌارا جھڙي هِرک ۽ برف جھڙي اَڇي چانڊوڪي جڏهن پنھنجا پياسا چَپ پڌاريندي آهي تڏهن ائين لڳندو آهي، ڄڻ سموري سنسار جي سُونھن کي اِن هڪڙي لمحي جي عڪس ۾ پئنٽ ڪري ڪنھن مُصور فطرت جي ازلي حسن جي شاهڪار منظرڪشي ڪئي آهي. رڻ ۾ رات ٺرڻ جو لُطف تہ ڪو اياز کان پُڇي، جنھن چيو آهي ''نِھٺا نيڻ پرينءَ جا ائين جيئن رڻ ۾ رات ٺري''. واقعي يار چانڊوڪي رات مڌ جھڙي ولھہ ۾ وهنتل هوائون ۽ هر ڏِسا حُسن جي هيجَ ڀَري هُٻڪار، ائين ٿو ڀاسي ڄڻ ڪائنات کي ڪُنوار وانگي ڪنھن سينگاري ستارن جي سيج تي سُمھاري ڇڏيو آهي.
زيب! مونکي ساھہ کان اوڏي سُپرينءَ کانپوءِ جيڪا شيءَ سڀ کان وڌيڪ وڻندي آهي، اِها بسنت رُت جي آڌيءَ رات جي اُها سُندر گهڙي آهي، جنھن ۾ چوڏهينءَ جو چنڊ پنھنجي سموري سھائي ٽِڪ ٻڌي ٿر جي واريءَ مٿان وکيريندو آهي ۽ مُنھنجي اوٽي جي ڀر ۾ بيٺل ڪَنڊيءَ جي ڪُراڙي وڻ جي ٽارين ۾ ٽِنڊريل پکين جا آکيرا اوچتو آجيان ڪرڻ لاءِ ڪَر موڙي اُٿندا آهن. خير آکيرن کي پنڇين جو ئي اوسيئڙو هوندو آهي، پر مونکي الاءِ ڪنھن جي اچڻ جو انتظار آهي اِهو ڄاڻندي بہ تہ مُنھنجي دل – دُوار تي دستڪ ڏيڻ لاءِ ڪو بہ اچڻو ڪونھي، پوءِ بہ مون کي اوسيئڙو آهي، اُن اجنبي شخص جو، جنھن جي لاءِ مون هِيءُ جڳ جهاڳيو آهي ۽ منھنجي مڪليءَ جھڙي من اندر ۾ ڌرتي ۽ آڪاش جي وچواري خليج جيڏي کوٽ مونکي تڙپائي ٿي ۽ ڳولھاجي پاتال ڏانھن وٺيو وڃي ٿي، ڇا پيار جي پُورڻتا لئه مُسلسل ڳولھا اڻٽر آهي؟ هائو! ڇو جو عشق جو اِمام بہ ائين ئي ٿو چوي.....
ڳولھيان، ڳولھيان مَ لھان، شال مَ ملان هوت،
مند اندر جا لوچَ، متان ملڻ سان ماٺي ٿـــــئي.
ڳالھہ ڪَچيءَ نموري جھڙي ڪَڙي جُدائي جي، اُن گهڙي جي آهي جنھن ۾ دل چَوندي آهي تہ ڪاش! وقت کي اِتي ئي مَنڊُ لڳي وڃي ۽ اِهو من لُڀائيندڙ لمحو اکين جي ڪئميرا ۾ هميشھو لاءِ قيد ٿي وڃي ۽ مونکي ڪنھنجي اَڻھوند جو احساس اڃان بہ شدت سان سَتائڻ لڳي، الاءِ ڇو؟ ڪڏهن ڪڏهن اذيت ۾ بہ لذت پئدا ٿي پوندي آهي ۽ درد بہ ڏاڍو دلڪش ٿي پوندو آهي.
زيب! مون جنھن کي بہ دل جي سَمورين سچاين سان چاهيو آهي، اُن اوترو ئي شدت سان مونکي ٺُڪرايو ۽ رد ڪيو آهي. جنھن کي شھہ رڳ کان ويجهو ڀانيم اُن جي دل دروازي تي رُڳو مون لاءِ (No Vacancy) جو بورڊ ڏسي مُنھنجي مَنَ جو ڀنڀور الائي ڪيترا ڀيرا اُجڙيو آهي. بقول ناز ٿريءَ جي ''جن لاءِ هٿ وهاڻا ڪياسين اُنھن جي اکين ۾ ڪنھن ٻي اوپري شخص جا اولڙا پسي احتجاج ٿا ڪيون تہ ڌُتاري دٻايو ٿو وڃي''. واقعي جن تي پاڻ کان وڌ ويساھہ ڪجي اُهي بہ اويساهي ڪن تہ پوءِ جيئڻ لاءِ باقي ڪو بہ جواز ڪو نہ ٿو بچي. ظاهر آهي تہ پيار- پَکيڻون شخص اڻپورن ارمانن جي ارٿين جي رک اکين ۾ سُرمي جيئن سَجائي بي رُخي جي اذيت (هڪ طرفي پيار جي بيرُخي بہ ڏاڍي اذيت ناڪ هوندي آهي) برداشت ڪرڻ جو ساهس ساري نہ سگهي تہ پوءِ ماٺيڻي ۽ ساحر پريميءَ جي روايت جو روادار بڻجي آتم هَتيا جي ٽياس تي ئي ٽنگبو آهي، ڇو تہ جنھن شخص جي جنم ۾ سندس مرضي شامل نہ هُجي ۽ جيڪو جيون هُن کي گهارڻو آهي، اِهو بہ منَ جي مَنشا موجب نہ پر جاگيرداراڻي سماج جي دقيانوسي دستور (دائمي انساني قدرن ۽ اخلاقي ضابطن جي اهميت کان انڪار ناهي) پاران ايجاد ڪيل نام نھاد اصولن جي اشارن تي ليفٽ، رائيٽ ڪرڻ لاءِ هڪڙو باضمير ۽ بي باڪ اديب ناهم آهنگ معاشري سان ڪئين ٿو ڪامپرومائيز ڪري سگهي؟ نيٺ نتيجو اهو ٿو نڪري جو هُو مصلحت بَجاءِ بغاوت جو جَهنڊو ٿو بُلند ڪري پوءِ اهو انتھائي سنگين قدم آپگهات جي ئي روپ ۾ ڇو نہ هُجي.
ساحر پريمي تان ياد ٿو اچي تہ ڪُجهہ وقت اڳ آئون مٺي شھر ۾ نامياري صحافي دوست کاٽائو جاني جي ''ٿر ڪتاب گهر'' تي ويس اُتي ئي ساحر جو ڪتاب ''جيون اڌوري ڪھاڻي'' خريد ڪيم، ساڳئي دُڪان تي سُريلو فنڪار صادق فقير ۽ سنڌ جو سرموڙ شاعر سائينداد ساند ويٺل هئا، سائينداد مون کان ساحر جو ڪتاب کڻي اُن تي هڪ نظر وڌي ۽ پوءِ مونکي مُخاطب ٿيندي چيائين! ''امر! ھہڙا ماڻھون خودڪشي ڇو ڪندا آهن؟'' (جن کي مَرڻ گهرجي اُهي جيئڻ جا جتن پيا ڪن ۽ جن کي جيئڻ گهرجي اُهي مرڻ لاءِ ماندا آهن) پوئين پئراگراف توڻي جو سائينداد ڪونہ چئي پر مون ئي سندس ڪيل سوال جي پَسمنظر ۾ محسوس ڪئي هُئي. گهڙي کن گهري سوچ ۾ گم ٿيڻ کان پوءِ ٿڌو ساھہ ڀريندي وراڻيو هُئم ''يار! جڏهن جيئڻ مان ارواح ئي کَڄي وڃي تہ پوءِ موت سان مُلاقات درد کان نجات جو واحد ذريعو آهي''.
ساحر خودڪشي ڇو ڪئي؟ ڇا هِن اِهو دُرست قدم کنيو؟ اِهي سوال جوابن جي جھان ۾ جهاتي پائڻ جي نينڊ تہ ڏين ٿا، پر مُنھنجي ناقص راءِ موجب هُن جي اهڙي اَتاڪي عمل پُٺيان سندس حياتي جي هَرجائي حَسرتن ۽ پيار جي اڻپورڻتا جو وڏو هٿ آهي. ڇو تہ بقول ساحر لڌيانوي جي ''وہ افسانہ جسے انجام تک لانہ ممکن نہ ہو، اُسے ایک خوبصورت موڑ دیکر چھوڑ دینا اچھا ہے'' ظاهر آهي تہ جڏهن ڪو شخص اُنس کان نپٽي سماج اندر پاڻ کي ائڊجسٽ ڪري نہ سگهي تہ پوءِ اُن لاءِ سواءِ آپگهات جي ٻيو ڪو بہ چارو ڪونھي اُن ڪري بہ ساحر جو آپگهات ايترو پيچيدہ ڪونھي جنھن جي تھہ تائين پھچڻ تمام ڏکيو هُجي. ساحر پنھنجي سمورين ڪھاڻين اندر مَن جي بن ۾ بَرپا ٿيل ڀونچال جي واردات پيرائتي نموني پيش ڪئي آهي. هُن پنھنجي ٽرئجيڪل جيون جي هر المناڪ لمحي جو ذڪر ڪھاڻين جي ڪردارن ذريعي نروار ڪيو آهي. ساحر انساني اندر جي اڪيلائي واري احساس (هڪ سماجي سچائي سنڌي سماج جا اُهي بَدبخت ماڻھو جيڪي نہ رُڳو پيار جي روحاني تسڪين کان محروم آهن، پر زندگيءَ جي رعناين ۽ رنگينن مان لفط اندوز ٿيڻ کان بہ محروم آهن.) جي اهڙي تہ ڀرپُور نموني عڪاسي ڪئي آهي، جو ائين ٿو لڳي ڄڻ ساحر سڄي سنڌي سماج جي نئين نسل جو ترجمان آهي. قطعي نظر، انھي ڳالھہ جي تہ، آپگهات غلط روين جي نمائندگي ڪري ٿو پر سچ اهو آهي تہ اهڙي ٻھروپي دؤر ۾ ساحر جي خودڪشي سنڌي سماج جي جاگيردارڻن قدرن ۽ ريڏن رَوين جي ٻُوٿ تي هڪڙي زوردار چماٽ جئين آهي. هُن جو اهو احتجاج اُنھن روائتن خلاف بغاوت جي ڀُونڊي برابر آهي. جيڪي انساني آدرشن ۽ قدرن جي نفي ڪن ٿيون ۽ سڪ جي سَلن کي اُسرڻ کان اڳ ئي جَڙتو معيان جي ڪھاڙين (نام نھاد غيرت جو بي غيرت تصور) سان ڪپي ڪاروڪاري جي ڪارنھن ۾ لڪايو ڇڏين.
الاءِ ڇو؟ ڪڏهن، ڪڏهن ائين ڀاسندو آهي ڄڻ اِهو آپگهات ساحر پريمي نہ پر مون پاڻ ڪيو آهي ۽ الاءِ ڪھڙي جذبي تحت هُو مرڻ پڄُاڻان مونکي ويتر ويجهو ٿو ڀاسي. (حالانڪہ مُنھنجي ساڻس ڪا بہ شناسائي ڪا نہ هُئي) ائين تمام گهٽ ماڻھن جي مقدر ۾ هوندو آهي تہ اُهي جيڪا محبت جيئري حاصل ڪري ناهن سگهندا، اُها مُئي پُڄاڻان ماڻيندا آهن. شايد ساحر پنھنجي اندر ۾ جيڪا اڻپوري پيار جي کوٽ محسوس ڪئي هُئي، اُن جو هِن اهڙي ريت پنھنجو انت آڻڻ سان ئي پورائو ڪيو آهي (ٿي سگهي ٿو تہ ڪي ٻيا بہ عوامل ڪار فرما هُجن).
زيب! لڳي ايئن ٿو ڄڻ هِن هرَجائي دنيا ۾ پُر خُلوص پيار جي ڪالَ جھڙي مُند ۾ اسين پيار - پَکيڻا ماڻھو پنھنجي پنھنجي واري (آپگهات) جي انتظار ۾ ويٺا آهيون ۽ اِهو سڀڪجهہ سوچيندي ڪڏهن، ڪڏهن ذهن مان هڪ سوال ٿو اُڀري تہ ڇا اسان ايڪويھن صديءَ جي آجيان آپگهات ڪرڻ سان ئي ڪنداسون؟ چوڻ وارا چون ٿا تہ ويھين صدي کي هٿ لوڏي الوداع چوڻ وقت ۽ ايڪويھين صديءَ جي دهليز تي پير ڌرڻ وقت سمورو سنڌي سماج اجتماعي (اجتماعيت مان مُراد علمي ادبي ۽ اخلاقي ڏيوالپڻو آهي) خودڪشي ڪري ڇڏيندو. جيڪڏهن واقعي ائين ٿيو تہ پوءِ ڪنھن تي ذميواري عائد ڪري اسان پاڻ کي آجو ڪنداسون؟ پنھنجي پُٺ ورائي ڏسون تہ اهڙين حالتن جا ذميوار اسان هڙئي آهيون، ڇو تہ حاصلاتن جي حمام ۾ اسان سڀئي اُگهاڙا آهيون. اسان جيڪي عقل ڪُل آهيون، ۽ پاڻ کي ڪَويسر سمجهي سُمھي پيا آهيون، سي جيڪڏهن آپيشاهي ۽ موقعي پَرستيءَ جي ميريءَ ڍنڍ مان نڪري انساني درد جي آڱر جهلي اڳواڻي ڪيون تہ هُوندَڪو بہ ماٺيڻوڪو بہ ساحر ۽ ڪو بہ ماڻڪ خودڪشي جا خواب ڏسڻ ڇڏي ڏي.
اُن کان اڳي جو تون منھنجي گهڻي گِڦ سبب توائي ٿئين، رهاڻ رس ۾ ئي ڇڏجي تہ بھتر آهي.

ڀٽن ڀر مان لکيل پَتر

پيارا نصير مرزا.... شال! امرتا ماڻين
سوجهري جو ڪوئي شمارو هو، مھينو تہ ياد ناهي پر ان ۾ شايع ٿيل ''امان جي آتم ڪٿا'' اڃان تائين مونکي ياد آهي. جيڪا تنھنجي تحرير ڪيل هُئي. جنھن ۾ پل پل جي پيڙاءُ لمحي، لمحي جي اذيت ۽ تنھنجي بي چين روح جي معصوميت، جنھن فنڪاراڻي صلاحيت سان تون ان آتم ڪٿا ۾ اوتي آهي، تنھن اسان جھڙن اٻوجهن جا تہ تاڪ ئي چاڙهي ڇڏيا آهن.
ٽنڊي ٺوڙهي جي مرزا محلي کان راجپوتانہ هاسپيٽل جو سفر ۽ اُتان کان بُلند شاھہ جي قبرستان تائين ڄڻ اسان پاڻ اُن واردات جا اکين ڏٺا گواھہ هُجون ۽ ڄڻ ان اذيتناڪ گهڙيءَ مان اسان پاڻ بذات خود گذري رهيا هُجون. ڄڻ مُحرم جي ڏهي تي ڪنھن ماتمي جلوس سان گڏ اسان پاڻ بہ سينازن هُجون.
امان شريف النساءِ کي لحدِ ۾ لاهڻ وقت ائين ٿي لڳو ڄڻ اسان سڀني جون مائرون اُن لحدِ ۾ لھي رهيون هُيون. ڄڻ اها سموري صورتحال اسان سڀني پڙهندڙن سان پيش اچي رهي هئي. ۽ اُها سموري ڪيفيت جيڪا اُن وقت توتي طاري هُئي، اسان بہ ڄڻ اُن ۾ هم شريڪ هئاسين. اِها ڪا جادوگري ڪا نہ هُئي، پر اهو سڄو ڪرشمو تنھنجي فني ڪاريگري جو هو، جنھن اسان پڙهندڙن کي ڇڪي آڻي اُتي بيھاريو هو، جتي تون هُئين ۽ اها روئيداد روان هئي.
درد تہ دنيا کي بہ ملن ٿا پر اُن درد کي بيان ڪرڻ ۽ پُر تاثير بنائن جو هنر صرف تو کي ئي حاصل آهي ڇا تہ نھج البلاغ جھڙو نثر هُيو! اُنھن سٽن ۾ اوتيل جيڪي امان شريف النساءِ جي مَرتئي تي تون تحرير ڪيون هيون. ماڻھن جي مرضي اُهي انھي مضمون متعلق وڻين اها راءِ قائم ڪن پر آئون اڃان سوڌو انھن سحر انگيز سٽن جي سوز و گُداز ڀري تاثر کي واقعي وساري ناهيان سگهيو، بلڪل ائين جيئن ٻالڪپڻ ۾ پڙهيل قرآن شريف جون سُورتون. ائين ئي تنھنجي تحرير نقش ٿي ويئي آهي ذهن جي اسڪرين تي.
''الاس! منھنجي ويچاري غريب الديار ماءُ'' ڪيڏو نہ درد آهي هن هڪڙي جملي ۾. ڄڻ هنياءُ ۾ هٿ وجهي ڪنھن نپوڙي وڌو هجي. يا وري هي جملو پڙهندي خدا گواھہ آهي تہ مون کان بي اختيار اوڇينگار نڪري ويئي ويئي هُئي. ''مون امان شريف النساءِ کي لحدِ ۾ لاهڻ کانپوءِ خدا سان حُجت ڪندي شڪايتي لھجي ۾ چيو؛ يا خدا! تون پنھنجي ماءُ نہ هجڻ واري کوٽ ڇا ائين منھنجي ويچاري غريب الديار ماءُ پاڻ وٽ گهرائي پوري ڪئي آهي؟'' وڃ ڙي! نصير ميان! هي هيڏو درد آندو ڪٿان اٿئي؟ اِن هڪ جملي اندر ڄڻ هن سڄي صدي جو درد سمائي ڇڏيو اٿئي. ۽ اهو سڄو ڪمال تنھنجي شاندار نثر جو ئي تہ آهي جنھن ٽانڊا ٻاري ڇڏيا آهن. ٽانڊا تہ تنھنجي تازي آيل ڪتاب ''خيمي ۾ شام'' پڻ ٻاري ڇڏيا آهن، جيڪو مون 26 آڪٽومبر تي شاھہ لطيف ڪتاب گهر حيدرآباد تان اسحاق سميجي جي موجودگي ۾ خريد ڪيو هو، حالانڪ هڪ ڪتاب (خيمي ۾ شام) مون وٽ اڳ ئي موجود هو گهر ۾. پر جئين تہ اُن سمئي آئون اُتي حيدرآباد ۾ ئي هئس، ڇاڪاڻ جو ساڳئي ڏينھن مون پنھنجي Wife سول هاسپيٽل حيدرآباد جي گائني وارڊ ۾ ايڊمٽ ڪرائي هُئي. تنھنڪري اُتي فرصت جي وقت کي غنيمت سمجهي مون پنھنجي پريشاني کي دُور ڪرڻ لاءِ تنھنجي ڪتاب سان ئي دل وندرائڻ جو ارادو ڪيو هو، پر مون اُتي رڳو سليڪيٽڊ موضوع جھڙوڪ سفرنامہ وغيرہ ئي پڙهيا هئا. ڇاڪاڻ جو اهي ئي منھنجا فيورٽ موضوع آهن. پر جئين ئي 5 نومبر تي هتي ڳوٺ پھتس تہ هڪ ڀيرو ٻيھر سندءِ ڪتاب جو اندر جي اکين سان اڀياس شروع ڪيم. جيڪو ارپنا کان بيڪ ٽائيٽل تائين پُورا ويھارو ڏينھن مسلسل جاري رهيو.
يعني 6 نومبر کان 26 نومبر تائين مذڪورہ ڪتاب ئي منھنجي مطالعي هيٺ رهيو. هر روز شام ٿيندي ئي آئون اهو ڪتاب ساڻ ڪري وڃي ويھندو هُئس. پنھنجي ڳوٺ جي اڳيان وڏيءَ ڀٽ تي ۽ سامھون هوندا هئا ٿر جا دلفريب ۽ خوبصورت منظر ۽ وڻن تي ويٺل رنگبرنگي پکين جا رسيلا آواز. اُنھن سڀني موهيندڙ منظرن جي وچ ۾ آئون محو هوندو هئس تنھنجي ڪتاب جي مطالعي ۾. تان جو روز رات جي اونداھہ ئي واهيري ڏي ورڻ جو احساس ڏياريندي هُئي.
ذهني توڻي روحاني طرح ايترو ڌيان ۽ دلچسپي سان يا ايڏي اشتياق سان شايد ئي اڳي ڪو ڪتاب مون ائين پڙهيو هجي اهو ئي سبب آهي جو ''خيمي ۾ شام'' جا سمورا سفرناما، خاڪا، مھاڳ ۽ مضمون مونکي بلڪل ذهن نشين ٿي ويا آهن ۽ شايد ڪنھن يوُناني ڏند ڪٿا جئين سدا ياد رکڻ جھڙو اهو ڪتاب آئون سڄي ڄمار وساري نہ سگهان. اها ڪا اجائي لٻاڙ ڪو نہ پيو هڻان، اعتبار نہ اچئي تہ ڀلي آزمودي خاطر ڪڏهن روبرو ٿيون. تڏهن مذڪورہ ڪتاب جي ڪنھن بہ موضوع متعلق مون کان پُڇي ڏسجان تہ ڪيتري پاڻي ۾ آهيان.
انھي دلچسپي جو ڪارڻ صرف اهو آهي جو تنھنجو نثر ئي نرالو، منفرد، پُرتاثير ۽ دلپزير آهي. اهڙو عاليشان نثر هن کان اڳ ۾ صرف امر جليل، قادر جوڻيجي، نُور الھُدا شاھہ ۽ عبدالواحد آريسر ئي لکيو آهي. پر تنھنجو تہ انداز توڻي اسلوب ئي الڳ آهي. نہ ڪنھن جا چارا چُونڊيا اٿئي ۽ نہ ئي وري لڪير جو فقير ٿيو آهين. سوين سنڌي محاورا نج ۽ نڪور تشبيھون مزيدار مزاحيا ڇرڪائيندڙ جملا، پکين، گُلن ۽ سُونھن جو باربار ۽ بي تحاشھو ذڪر موضوع جي فراوائي ۽ اُن ۾ وري رواني اهڙي جو واه! اها ئي تہ ورائٽي آهي تنھنجي انتھائي عُمدي نثر ۾. ڄڻ ڪنھن ڪامڻيءَ ڪنجريءَ تي کارڪ ڇڊي ڇڏي آهي، ڄڻ ڪنھن ڪوُنج – ڳچيءَ ۾ ڪٺمال پارائي ڇڏي آهي. ڇا تہ نثر آهي تنھنجو ڇورا! نڪ ۾ پيل نٿ جھڙو ۽ اڪ جي ڦلڙين جھڙو جيڪو دل ۽ دماغ مان ڇتر ڪڍيو ڇڏي. اسي واري ڏهاڪي کان وٺي ٻہ هزار سال تائين جا سمورا ليک ميچوئر (هيڏي وڏي پورهئي جي خالق کي ٻولي يا گرامر جي شعوري يا لا شعوري ڪِن غلطين تي لوئڻ قطعي مُناسب ڪونھي) مجال! آهي جو ڪو منجهس جهول نظر اچي. ڄڻ مُنڊيءَ تي ٽڪ، ايڏو پاورفل نثر هن يُگ ۾ اهو ئي نصيب ٿيو آهي سنڌي ادب کي. سچ پُڇين تہ تنھنجو ڪتاب پڙهي اکيون ائين ٺري پون ٿيون، جيئن ڪا سھڻي صورت پسڻ سان نيڻ ٺري پوندا آهن ۽ چري دل تنھنجا حُسناڪ هٿ (خُدا تنھنجي هٿن کي بُري نظر کان بچائي) چُمڻ جي ڪامنا ڪري ٿي. هندي، سنڌي، انگريزي، فارسي ۽ اردو ٻولين جي حسين امتزاج (مڪسچر) تنھنجي نثر کي اهڙو تہ مزيدار ۽ لذت ڀريو بڻايو آهي، جو ڇا چئجي! جيئن مور جي ٽنڊيلي ٽور ڏسي اُڀ ۾ انڊلٺ جا سمورا رنگ فضا ۾ تحليل ٿي ويندا آهن، تئين تون بہ گهڻن نالي چڙهيل نثر نويسن کي في الحال تہ پُڙين تي پُڙ ميدان ماري ويو آهين، پوءِ جي خبر خُدا کي.
سنڌي نثر ۾ هڪ شاهڪار ڪتاب ڏيئي تون واقعي! هڪ لاڏلو ليکڪ بڻجي ڏيکاريو آهي. اِن ۾ ڪو بہ وڌاءُ ڪونھي بلڪ سُورج جھڙو سچ آهي. تنھن تي جي ڪو توائي ٿئي تہ ڀلي ٿئي، پاڻ کي ڪنھن جي پرواھہ ڪونھي. هونئن مون جھڙي مسڪين جي ڪِينَ جھڙي راءِ ڪا بہ اهميت تہ ڪونہ ٿي رکي پر جي اِها ڪٿي اگهامي سگهي تہ شال! سدائين تون سنڌي ادب جي جهول ۾ ھہڙا شاندار ڪتاب وجهندو رهين ۽ جُڳن تائين جيئندو رهين. (آمين) وڌ شانتيون

ٿري سماج جو تبديل ٿيندڙ مزاج

هي اُهو ئي ٿر آهي، جنھن جي مزاج ۾ مائي ڀاڳيءَ جي ڳل تي هٿ رکي ڳايل لوڪ گيتن جھڙو ميٺاس هوندو هو، جنھن جي مُحبتن جون ڪٿائون موهن ڀڳت جي واين وانگر سدا بھار هُونديون هيون، جتي ڪافي سالون اڳ ۾ ماڻھو لَڪڙ تار ذريعي ڪا خبر چار يا ڪي سماچار هڪ ٻئي تائين رات جي پيٽ ۾ پھچائيندا هئا ۽ جڏهن سمورا سفر پيادل پنڌ يا اُٺن جي وسيلي ڪيا ويندا هئا تڏهوڪي ٿر ۽ هاڻوڪي ٿر جي نقشي ۾ ڏينھن رات جو فرق آهي. ڀلي تہ هِن جُوءَ جي جاگرافي اڃا ساڳي هُجي پر ٻيو گهڻو ڪجهہ زماني سان گڏ بدلجي چُڪو آهي. (اها ٻي ڳالھہ آهي تہ اها تبديلي ٿر جي سياسي، سماجي ۽ ثقافتي جاگرافيءَ جا بحر وزن ئي بدلائي چُڪي آهي). اُن زماني ۾ جڏهن ماڻھو واسطن جون واڙيون ڀيلاڙ ڪرڻ بجاءِ دل کولي ڌرميلا رکندا هُئا، تڏهن اَنُ برابر گهٽ هو پر ايمان هو، اڳي عمارتون ڪو نہ هُيون پر جيءَ ۾ جايون ضرور هُيون، اڳي ماڻھن وٽ ملڪيت ڪا نہ هُئي پر بي لوث محبت هُئي اڳي روزگار جا وسيلا گهٽ هئا، پر ماڻھو هَڏ حرام ڪو نہ هئا، اهو ئي سبب آهي جو اڳي ''بيڪار'' کان ''بيگار'' ڀلي سمجهي ويندي هئي. اڳي هڪ ٻئي جو حيا هوندو هو، آئي ويئي جي عزت هوندي هئي، اوڙي پاڙي جي اميد هوندي هئي، سکر – مَٺي جي سُڻندا هئا، اڳي ڀلي بُک ڀرم جي شل نہ وڃي شان جي ريت پاري ويندي هُئي. اڳي پريت تہ هُئي پر ڪُريت ڪا نہ هئي، اڳي تڏي تي لڙي آيل جو وڏو مان هوندو هو، خاص طور تي نياڻي، سِياڻي کي تہ ست قرآن سمجهي خون بہ بخش ڪري ڇڏبا هئا، اڳي وچن تي ويساھہ هوندو هو، هڪ ٻئي تي اعتماد ۽ اعتبار هوندو هو، اڳي مرد جي ڪيل زبان لوھہ تي ليڪ وانگر هوندي هئي تہ عورت جي ڏنل سينڌ بہ سون تي سھاڳي وانگر هوندي هُئي، اڳي ڪنھن کي ڏاڙهي ڏبي هُئي تہ هر حال ۾ اُنھن ''اَڇَنَ'' جي پَت رکبي هئي، اڳ ننڍ وڏائي جو احترم هوندو هو، کري، کوٽي جي پرک هوندي هئي، پنھنجي پرائي جي سُڃاڻپ هوندي هئي، اڳي رت دانگيءَ تي ورندو هو تہ لٺ ڀاءُ بدران کڻبي هئي پر سچ سڀني کي چئبو هو. اڳي چوري چَڪاري ٿيندي هُئي تہ بنا کُريءَ يا ڀُنگ ڀرڻ جي واپس ورائي ڏبي هُئي. اڳ ڪو اڻ سھائيندڙ واقعو يا لقاءُ ٿيندو هو تہ رات جي پيٽ ۾ چوريءَ جي پيرن وانگي اُن جا نشان ئي مِٽائي ڇڏبا هئا، اڳي ڪنھن ڇوري ڇڪر کان ڪا ڇوڪراڻي ٿيندي هئي تہ ڌوڙ ڍڪي ڪئي ويندي هُئي، پر هڪ ٻئي تان پلاند ڪو نہ کڻبو هو، اڳي لوڙهي جي ٽاريءَ تان، يا ڀيل ڀراڙ تان هڪ ٻئي جا مٿا مُڃ ڪو نہ ڪبا هئا، بلڪِ ڪنھن سان اوڇو ڳالھائڻ تي بہ بندش هوندي هُئي. ايستائين جو ڪا ڳالھہ ڪبي هُئي تہ بہ مُھذب طريقو اختيار ڪيو ويندو هو، ڇاڪاڻ جو اُنھي دؤر ۾ ڪنھن جي دل آزاري ڪرڻ يا ڪنھن کي رنجائڻ مھا پاپ سمجهيو ويندو هو. اُن ڪري هر ڪنھن اڳيان هٿ جوڙ ڪري جان ڇڏائبي هُئي، ابا ٻاپا ڪري جهيڙي جهٽي کي ٽاري ڇڏبو هو ۽ خاص طور تي گُفتگوءَ ۾ اهڙا لفظ استعمال ڪبا هئا، جيئن اڳئين کي ناگوارا نہ لڳن.
مثال طور اڳي ڪنھن کي نانگ ڏنگي وجهندو هو تہ چوندا هئا تہ ابا! فلاڻو ''ڪَکيو'' آهي، جيڪڏهن ڪنھن جو مُئل ٻار ڄمندو هو تہ چئبو هو تہ فلاڻي جو ''ٿڌو'' ٻار ڄائو آهي. جيڪڏهن ڪنھن جا گهر ٻرندا هئا تہ چوندا هئا فلاڻي جو گهر ''ٺريو'' آهي. جيڪڏهن ڪو ماڻھو وفات ڪري ويو تہ چوندا هئا تہ ادا! فلاڻو لاڏاڻو ڪري ويو آهي يا ''وري'' ويو آهي. ڪنھن وٽ عُذر خواهي ڪرڻي هُوندي هئي تہ چوندا هئا تہ فلاڻي جي گهران ''بيھڪ'' ڏيئي ٿا اچون يا فلاڻي جي ''ڪَکين'' ٿا وڃون. ڪو جيڪڏهن ڌيءَ جي شادي ڪندو هو تہ چوندو هو تہ ادا ڌيءَ ''اُٿيارڻي'' اٿم. ڪنھن عورت کي مرد سان اعتراض جوڳي حالت ۾ ڏسندا هئا تہ چوندا هئا ''پير ڏِٺا'' آهن. ڪنھن وٽ ڪنھن شيءَ شغل لاءِ وڃبو هو تہ جيڪڏهن وٽس هَڪي نہ هوندي هئي تہ بہ ناشُڪري ڪرڻ بجاءِ چوندو هو تہ ''جَجهو'' آهي.
مطلب تہ اُنھي دؤر ۾ ماڻھو گهٽ پڙهيل هئڻ جي باوجود لفظن جو ۽ رشتن جو تقدس ڄاڻندا هئا، لفظن جي صحيح ۽ مُناسب استعمال کان واقف هئا. اهو ئي ڪارڻ هو جو اُهي ڪُسنجا، گُٿا ۽ اڻ وڻندڙ لفظ چئي ڪنھن جي عزتِ نفس مَجروح ڪرڻ بجاءِ لفظن کي رومال ۾ ويڙهي اهڙي تہ شائستگيءَ سان ادا ڪندا هئا جو ٻڌڻ وارو اُنھن لفظن جي ايذائيندڙ ڪيفيت يا تلخيءَ کي محسوس ئي نہ ڪري سگهندو هو. اِهو ڏانءُ، اهو هنر ۽ اهو فن، هنن پنھنجي تھذيب ۽ تمدن مان سکيو هو. اهي پنھنجي وڏڙن جي شاندار روايتن جا رکوالا هئا، اهي انھن انسان دوست عادتن جا امين هئا. اهي پنھنجي سماجي ۽ ثقافتي ريتن، رسمن جا پاسدار هئا. اڳي هڪٻئي جي هَڪل تي حاضر ٿبو هو، ڪُلھي ڪانڌي ٿبو هو، ڏک، سک ۾ شريڪ ٿيڻ، اوکيءَ ويل اَڀري، سَڀري جي سار لھڻ، ڄڻ تہ انھن ماڻھن لاءِ عبادت هُئي، پر اڄوڪي ٿر جي نقشي تي هڪ نظر ڌريو هڪ نِگاھہ وجهو، حيرت سان گڏ افسوس بہ ٿيندو تہ موجودہ ٿر جو نئون تعارف نھايت ئي مايوس ڪندڙ آهي.
هاڻوڪي ٿر جي نئين نقشي کي ڏسي، ٻُڌي هر اهل دل انسان درد محسوس ڪري ٿو. توڻي جو ٿر تمام گهڻي مادي ترقي ڪئي آهي ۽ تمام گهڻي تبديلي بہ آئي آهي، بي شُمار وسيلا بہ پيدا ٿي رهيا آهن ۽ ڪميونيڪيشن انقلاب ذريعي موجودہ ٿر سڄي دنيا سان ڳنڍجي چُڪو آهي. پر منجهس کوٽ آهي تہ اڳوڻيءَ انسان دوستيءَ جي، مُھذب پڻي ۽ ماڻھپي جي. ٿر جي نئين نقشي، جتي سندس فطري سونھن ۽ حُسناڪين کي مُتاثر ڪيو آهي، اُتي سماجي جوڙجڪ، سماجي رشتن ۽ رابطن جي لازوال قدرن کي بہ ڪافي ڌَڪيو آهي. ڇاڪاڻ جو موجودہ ٿر زَر جي زور تي، دولت جي چَمڪ ڌمڪَ پويان پنھنجن سمورن شاندار ثقافتي روَين تان پاڻي ڦيري رهيو آهي. ذاتي مفادن ۽ اَنائن خاطر عاليشان اِنساني آدرشن کي پُٺي ڏيئي رهيو آهي. مھمان نوازي محبت ۽ محب وطني جي گُڻن بجاءِ منجهنس مختلف ''مافيائون'' جنم وٺي رهيون آهن. اهو ئي سبب آهي جو هيڏيون ساريون سھولتون هوندي بہ موجودہ ٿر جو نقشو ميرانجهڙو نظر اچي ٿو. ان جا رنگ ٻوڏار ۽ اوپرا لڳن ٿا ۽ مٿس اوپن ئي ڪو نہ ٿا ۽ اهي ٿر جي ماحول ۽ مزاج سان ميچ ڪو نہ ٿا ڪن ٿر جي سُڃاڻپ ۾ ڪو نکار پيدا ڪو نہ ٿا ڪن. ائين ڇو آهي؟ اهو سوال ٿر جي سمورن سنجيدہ حلقن، باشعور ۽ با ضمير ماڻھن اڳيان رکون ٿا تہ اُهي ٻڌائين تہ هن تبديلي پٺيان واقعي دؤر جديد جي ڪا تقاضا آهي يا اُن ڪانگ وارو قصو تہ ڪونھي جنھن هَنج پکيءَ جي هَلڻي سکڻ جي شوق ۾ پنھنجي چال بہ وساري ڇڏي.

تنھنجي آشا جيئڻ خاطر

هيءَ حياتي الائي اڃان ڪيترو،
ڪيستائين هلي ساھہ جو سلسلو،
بي قراري سمندر جيان ٿي لُڇي،
ڪھڙي ننگري وٽان ٿو مَٽي قافلو،
هيل ڳالھيون بہ ورهين جيان هن وڌيون،
ڪير ٻُڌندو ڀلا هي پُراڻو قصو.

(بخشڻ)

بخشڻ مھراڻوي سنڌ جي چيڪي مٽيءَ مان ڳوهي گهڙيل ڪنھن چٽاليءِ گاگهر جھڙو خوبصورت شاعر آهي. جنھن جي شاعريءَ جي ٻانڌڻيءَ ٻٽ تي رنگين لفظن جا ٽَنئور ٽانڪيل آهن. جن ۾ ٻانورين جي ٽارين تي ٽنڊريل ڀينگارين جھڙا رنگين خيال اُڏرندا ٿا رهن.
بخشڻ مھراڻويءَ جي شاعريءَ ۾ هن ڪائنات جون هڙئي رعنايون موجود آهن، جيڪي سندس شاعراڻيءَ اک ۾ ڪئميرا ذريعي فطرت جا سمورا عڪس ۽ منظر اُڻنديون رهن ٿيون.
بخشڻ مھراڻوي سياسي، سماجي ۽ تاريخي شعور رکندڙ هڪڙو وطن دوست صوفي شاعر آهي، جنھن جون شاعراڻيون اکيون، جڏهن مُردہ مزاج سنڌي سماج جي بيھودين ريتن رسمن جي نام نھار ڀرم تان نقاب ڦاڙي ڦِٽو ڪن ٿيون، تڏهن ''گهران ڀڄي نڪتل ڇوڪريء'' جھڙا عظيم نظم تخليق ڪن ٿيون، ۽ جڏهن اُهي مذهبي ڪٽر پڻي جي غلاف ۾ ڍڪيل اسان جي انڌي عقيدي پرستيءَ ۽ اسان جي رهزنن جھڙن روحاني پيشوائن کي بي حيائي، بزدلي ۽ موقعي پرستيءَ جي گٽرن ۾ غوطا کائيندي ڏسن ٿيون، تڏهن ''هڙتالي ڪئمپ مان'' جھڙا جيءُ جنجهوڙيندڙ نظم لکي، اسان جي سُتل ضمير کي سجاڳ ڪن ٿيون، ۽ جي تڏهن بہ اسان جاڳي ڪو جتن ڪرڻ بجاءِ رڳو خيالن جا ڪاڪ محل اڏيندا ٿا رهون تہ اُهي اسان جي اندر ۾ لوڀي ۽ نڪِمي شخص کي ''اسان ڪُجهہ ڪرڻ لاءِ فقط سوچي سگهيا آهيون'' جھڙا ڦِٽڪاري نظم لکي اگهاڙو ڪن ٿيون. يا جڏهن اسان جي لُفنگن ۽ لٻاڙي ليڊرن کي گدڙ جي کل ۾ لڪندي ڏسن ٿيون، تڏهن ''انساني حق'' جھڙا تجريدي نظم تحرير ڪري، سچ تہ هن بديءَ جي بنياد تي اڏيل سماج جي موجودہ حالتن جي هُوبھُو عڪاسي ڪن ٿيون. ۽ سنڌ جي سدائين سنگين حالتن هئڻ جي باوجود، اسان جي انتھائي بيحسيءَ جي ڪري قومي غلامي جي ڪوڙھہ ۾ ورتل، سنڌي سماج جي هر لحاظ کان نڪتل ڏيوالپڻي وارو آئينو ڏيکارڻ لاءِ ''تاريخ هارايل لشڪر جيان'' جھڙا انقلابي نظم لکن ٿيون.
بخشڻ مھراڻوي جون شاعراڻيون اکيون، زندگيءَ کي جن مختلف زواين کان ڏسن ٿيون، اُنھيءَ جي اُپٽار سندس شاهڪار نظم ''سوال'' جي ''هي ماڻھو جو جيون ڇا آهي'' ۾ ڀرپور نموني ٿيل آهي - ۽ زندگي بابت ئي سندس هڪ شعر آهي تہ؛
حياتي ننگر جو سفر ٿي لڳي،
رُڳي رُڃ، صحرا، اُڃايل اکيون.
يا:
توکان هُوندي ڌار جيئون ٿا،
جيون ڪچي گار جيئون ٿا!

بخشڻ مھراڻوي سماج ۽ تاريخ ڏانھن هڪ ذميوار ۽ باشعور شاعر هئڻ جي تصديق هيٺين نظمن ذريعي بہ ڪرائي ٿو، جن ۾ ''اُڃايل پنڌ جو پيچرو''، ''ڪير آهي، ڪو بہ نہ آهي''، ''هڪ ڊگهي ننڊ سُمھڻ جي ريھرسل'' ۽ ''درد جي ڦاسي گهاٽ تي'' بخشڻ مھراڻوي جي ڌرتيءَ ۽ سماجي تاريخ سان ڪميٽمينٽ جا واضع ثبوت آهن.
بخشڻ مھراڻوي فطرت جو نيچرل شاعر هئڻ ڪري رومينٽڪ خيالن جو ڪوي پڻ آهي، جنھن جي شاعريءَ ۾ پيار جي عالمي قدرن جي ڀرپور عڪاسي ملي ٿي. هُو پيار جي پويتر احساسن جو ترجمان پُڻ آهي ۽ پاڻ بہ پيار جي صحرا ۾ ڪنھن اُڃايل مسافر جيان ڀٽڪندو رهي ٿو. سندس دل جي درد نگر ۾ ڪيترائي احساس، ڪوماڻيل يادن جا ٿوهر بڻجي کيس زخمي ڪندا رهن ٿا. هن جون داخلي پيڙائون سندس تنھاين، مايوسين، اُداسين ۽ بي وفاين جا بند ڪتاب آهن. جن کي وڇوڙن جي دز لٽي ڇڏيو آهي. سندس اندر جي اونھاين مان نڪتل سموري ڀوڳنا جي روگ ۾ رچيل داخلي ۽ خارجي وارتائن جو ذڪر هنن نظمن ۾ بہ پسي سگهجي ٿو، ''لا حاصل جو حاصل ڇا هي''، ''ها مگر ڇا ڪجي ها مگر.......!!'' ۽ ٻين انيڪ غزلن ۽ نظمن ۾ نمايان آهن.
بخشڻ مھراڻوي داخلي وارتائن ۽ خارجي لقائن کي، پنھنجي ڏات ۽ ڏانءُ جي چڪ تي چاڙهي، سماجي شعور جي نيھائين مان رچي راس ڪري، ڪنھن ڪوري گهڙي جھڙا گيت اسان کي ارپيندو رهي ٿو.. بخشڻ مھراڻوي نہ رڳو شاعريءَ جي اُجرن رستن جو سيلاني آهي، پر هو هڪ بيحد پيار ڪندڙ انسان پُڻ آهي. بخشڻ سنڌ ملوڪ ڪمپيئر ۽ سُٺو ڳائيندڙ بہ آهي، هُو جڏهن بہ ڪنھن اسٽيج تي اچي ڪمپيئرنگ ڪري ٿو تہ سندس سحر انگيز لھجي جي لڙيءَ مان ٽڙندڙ ٽانڊاڻن جھڙا ٽھڪ، الائي ڪيترن بد نظم بزمن جون ننڊا کڙيون نگاهون پاڻ ڏي مُتوجھہ ڪري، سندن دليون گرمايو ڇڏي ۽ جڏهن ريڊيو اسٽيشن جي مائيڪ تي ويھي جذبن جي جلترنگن ذريعي لفظن جي لڙين ۾ احساس پُوئي، آواز جي ادائيگي ذريعي آڌيگام جي اَجهور ۾، مينھوڳي جي مُند ساري ٽھوڪندڙ مور جي ٽھوڪن جھڙو مڌر آواز سنڌ جي فضائن ۾ ڦھلائي ٿو، تڏهن ريڊيو ٻُڌندڙ هر ڪا دل، مٿس اڻ ڏٺي ئي عاشق ٿيو پوي.
بخشڻ مھراڻوي جي گوناگون شخصيت جا تمام گهڻا پھلو آهن. جن ۾ هزارين رنگينيون موجود آهن، جن جي هر پھلوءَ جي مُنفرد ورائٽي منجهن تخليق پڻي جو ڪارڻ آهي. سندس هڪ رُخ مون سان نينھن جو ناتو بہ آهي اسان جي وچ ۾ دوستي جا مضبوط رشتا جُڙيل آهن، جيڪي پتر وهنوار کان وٺي مُکا – ميلي ۽ ڳل ڳراٽيءَ تائين پکڙيل آهن.
بخشڻ مھراڻوي جي پُر خلوص پنھنجائپ ۽ سجيلي ساٿ تي مون کي نہ رڳو ناز ۽ فخر آهي، پر آئون سندس دوستيءَ کي پنھنجي لاءِ هڪ وڏو اعزاز ۽ اَمُلھہ سرمايو سمجهان ٿو. اسان جي هن روحاني رشتي جا ٻنڌڻ ائين ٻڌجي چُڪا آهن، جو اُنھن جي ڏورين تي يادگيريون فاصلن جا سفر طئي ڪري سار ڪيئي ڪنڊيءَ کان مھراڻي تائين هڪ وجود ٿي، اکين جي جارن ۾ پيارَ جي سپنن جا ڏيئا ٻارينديون رهن ٿيون. بڙ جي گهاٽي ڇانوَ جھڙي بخشڻ مھراڻوي جي دوستي، منھنجي لاءِ جيئن جو جواز پُڻ آهي - ۽ منھنجي انھن احساسن جي ڀرپور ترجماني، سندس ئي هي هڪ غزل ڪري ٿو تہ؛
آڌيءُ رات جو ويلو آهي،
مون جيئن چنڊ اڪيلو آهي.
تنھنجي آشا جيئڻ خاطر،
هڪڙو ئي تہ وسيلو آهي.

تون منھنجو صنم آهين، مان تنھنجو صنم آهيان.

جيتوڻيڪ ڇٺيءَ جي رات هُن تي نالو مائٽن غلام قاسم رکيو هو، پر هُن کي سندس گهر جا ڀاتي ۽ ڳوٺ ڄاڃي ٻُرڙي جا ماڻھو ''ڳاڙهي'' جي نالي سان ئي سڃاڻيندا هيا.
هُو، جيڪو ماءُ جي گود مان نڪري پرائمري اسڪول ۾ ڪاٺ جي بئنچن تي پنھنجي ڪلاس فيلو کُٿابين سان گڏ پڙهڻ توڻي ڳوٺ جي ڳلين ۾ ٻلھاڙو، ونجهوٽي ۽ بلور راند ۾ ڀڙ هوندو هو، تنھن کي سبق ياد ڪري اچڻ جي ڪري ڪلاس جي جڏن شاگردن کي چماٽون هڻڻ لاءِ اُستاد چوندا هئا، تہ هُو قد ۾ ڇوٽو هُئڻ ڪري بَينچ تي چڙهي سندس ساٿين کي لپاٽون هڻڻ تي بيحد خوشي محسوس ڪندو هو ۽ متاثر ٿيندڙ شاگرد هُن جي اهڙي عمل تي ارها هُوندا هُئا.
هُو جيڪو ننڍپڻ ۾ بيل گاڏيءَ کي وڏي ''عياشي'' سمجهي اُن تي سفر ڪندو هو، سو اڪثر ڪري پنھنجي پيءَ، چاچي نبي بخش سان گڏجي ڀر واري ڳوٺ مان اٽو پيھائڻ ۽ ڀٽن تان ڪاٺيون جهوري اچڻ لاءِ جيڪڏهن کيس بيل گاڏيءَ تي ساڻ وٺي نہ ويندا هُئا تہ پنھنجي سئوٽ کي چوري اُن کان اِهو ضد ڪرائيندو هو تہ ''جيڪڏهن ''ڳاڙهو'' گڏ نہ هليو تہ آئون بہ ڪو نہ هلندس'' ۽ هُن جا مائٽ سندس سئوٽ جي دل اُن ڪري بہ رکندا هئا جو هُو مائٽن جو اڪيلو ۽ دادلو پُٽ هُوندو هو ۽ اِن طرح هُو پنھنجي ئي سَٽيل منصوبي تحت بيل گاڏيءَ جي سواري ڪرڻ ۾ ڪامياب ويندو هو. هُو جيڪو اسڪول مان موٽڻ کان پوءِ شام جو ٻنيءَ ۾ جهار بہ هڪليندو هو تہ ڍڳيون بہ چاريندو هو. تنھن کي اگر اسڪول مان موٽندي رستي ۾ راند روند ڪندي ڪڏهن ڪا دير ٿي ويندي هُئي تہ سندس پيءُ کيس ''رَسن'' سان سڙهي رکندو هو. پرائمري اسڪول ۾ پڙهڻ دوران هُن کي صرف ٻہ ڀيرا مار ملي هُئي، اِها بہ ائين جو هڪ ڀيري هُن هڪ استاد کي رستي ويندي سلام ڪو نہ ڪيو ۽ ٻي ڀيري ڪنھن نينگريءَ سان ڪنھن ٻي ڇوڪريءَ جي ڇيڙڇاڙ تي ''مفت'' ۾ مار هِن کي ئي نصيب ٿي هُئي ۽ هن وري ان اسڪول جو مُنھن بہ ڪو نہ ڏٺو هو.
خيرپور شھر ۾ هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ دوران شھر جي ڪنھن بہ سئنيما ۾ لڳل نئين فلم هِن کان مِس قطعي ڪا نہ ٿي هوندي ۽ اُن لاءِ هو گهران ''اَنُ'' چورائي بہ پئسا حاصل ڪندو هو.
هُو جيڪو شرارتي نہ هُئڻ جي باوجود بہ ڀوڳ چرچي ۾ ڀڙ هوندو هو، پر سندس طبيعت فطرتن سنجيدہ هوندي هُئي ۽ هُن ۾ انھيءَ ڳنڀيرتا کيس سوچڻ، سمجهڻ ۽ ڪائنات جي اسرارن کي پروڙڻ ۽ پرکڻ جي صلاحيت اُجاگر ڪئي، جنھن ڪري جوانيءَ ۾ پُختگيءَ سان گڏ هُن ۾ ادب ڏانھن لاڙو پيدا ٿيو هو، اِهو ئي سبب آهي جو هِن ڪلاکيتر جي کُٿابيت ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي جي قبولي، کانئس ادبي اصول ڍنگ ۽ گُر سکيا هئا، ۽ اُن ئي سَمي هُو، غلام قاسم مان ڦري ''ڪوثر ٻُرڙو'' ٿي پيو هو، جيڪو شاعريءَ جي صحرا جو مسافر بڻجي ادبي قافلي ۾ وڃي مليو هو.
ڪاليج جي ڇڙواڳ دنيا ۾ داخل ٿيندي ئي هُو سياست جي سترنگي دُنيا جي سنڌ دوست رنگ ۾ رچي ڪجهہ وقت سرگرم عمل بہ رهيو هو، جيتوڻيڪ سياست کان فراريت واري هِن دؤر ۾ هُو بہ سياسي ڪردار کان پاسيرو آهي، پر اڄ بہ سنڌ ۽ انساني آدرشن ۽ قومي مُفڪر هُئڻ جي ناتي سائين جي ايم سيد کي هُو عزت ۽ احترام جي نگاھہ سان ڏسي ٿو.
ڪاليج ۾ سندس سياسي عمل جي ڪري کيس مارشل لا وارا روز گهرائي کانئونس آڏيون پڇائون بہ ڪندا هئا، پر هن ڪنھن بہ جنرل کي سنڌ جي سياسي سَت ۽ سيل جو انت قطعي ڪو نہ ڏنو هو.
هُو جيڪو هِن وقت هڪ ترقي پسند ذهن رکندڙ انسان آهي، اِهو ڪاليج ۾ پڙهڻ وقت جڏهن ''وڏي'' بخار ۾ قابو ٿيو هو تڏهن سندس مائٽ کيس درگاھہ آدم سلطان تي ڇڏي آيا هئا، جتي هُن هفتو کن مُجاورن ۽ زائرن جي ڀوائتن وجودن جي وچ ۾ ڊپ گاڏڙ خوشيءَ واري ڪيفيت ۾ قرآن پاڪ جو ورد ڪري پنھنجي جيءَ مان ''وڏي'' بخار کي ڀڄائي ڪڍيو هو. هُو جنھن جو مذهبي گهراڻي سان واسطو آهي، اُن جو والد نبي بخش ڳوٺ جو پيش امام پُڻ آهي، تنھن کيس بہ قرآن پاڪ پڙهايو ۽ دعائون لکڻ سيکاريون اهو ئي سبب آهي جو هُو اڄ تائين بہ ڪيترين ئي اٻوجهہ، اگهين عورتن کي دعائون ۽ وظيفا لکي ڏيندو آهي. بقول سندس تہ منھنجون لکيل دعائون ماڻھن تي اثر ڪن ٿيون، تڏهن ئي تہ اُهي اڄ جي جديد دؤر ۾ بہ مون کان دعائون لکرائيندا آهن.
هِن جي پيءَ جي دلي تمنا هُئي تہ هُو سي ايس ايس ڪري ڪو وڏو ''صاحب'' ٿئي، پر هُو دل جي چوڻ تي پري ميڊيڪل ۾ انٽر پاس ڪري شاھہ لطيف يونيورسٽيءَ خيرپور ۾ انٽرنيشنل رليشن جو شاگرد بڻيو هو.
يونيورسٽي جنھن جي دنيا ئي عجيب هُوندي آهي، اُتي اچي هُو يونيورسٽيءَ جي رعناين ۾ پاڻ وڃائي ويٺو هو ۽ هُن جي شاعراڻي مزاج تي سياست ۽ ادب کان پوءِ ''عشق'' بہ جلوا افروز ٿيو هو، جنھن جي اثر هيٺ هُن هڪ اجنبي نينگريءَ سان نينھن جو ناتو ڳنڍيو هو. اِها ڇوڪري جا هِن جي دل جي دنيا ۾ داخل ٿي هُئي، تنھن سان هو لطيف يونيورسٽيءَ جي ڪينٽين ۾ پھريون ڀيرو ڪنھن پريمي جوڙيءَ جي صورت ۾ وڃي ويٺو هو، اِها ڇوڪري جنھن جي جهڙالين اکين ۾ هِن پنھنجا ٻئي جھان پسيا هُئا، سا نہ رڳو هُن جي راتين کي رنگين ڪندي هُئي پر هُن لاءِ سئيٽر بہ اُڻندي هُئي، تہ کيس کيسي خرچي بہ ڏيندي هئي، اُهي جيڪي، يونيورسٽيءَ جي ڪاريڊور کان ڪينٽين تائين روڊن تي گڏ رُلندا هيا، سي اڌ رات جو اڪثر خوابن ۾ بہ هڪٻئي سان رهاڻيون رچائيندا هُيا.
باوجود ڳچ عرصو هُو هڪٻئي جا هُوندي بہ شاديءَ جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي نہ سگهيا، ڇاڪاڻ جو ''ڪوثر'' پنھنجي ''سڳيءَ'' سئوٽ سان مائٽن جي مرضيءَ سان شادي ڪئي هُئي، توڻي جو هو اڄ بہ ٻئي سُٺن دوستن وانگر ملندا آهن.
هُن يونيورسٽي مان ايم اي فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ۾ پاس ڪرڻ کانپوءِ هڪ ئي وقت ريڊيو ۽ ٽي وي تي پروڊيوسر لاءِ اپلاءِ ڪيو هو جيتوڻيڪ ٻنھي جاين تي هُن جي چونڊ تہ ٿئي ويئي هُئي، پر هِن دل جي چوڻ تي ريڊيو کي ئي ترجيح ڏني هئي، ريڊيو اسلام آباد ۾ ٽريننگ دوران ساڻس گڏ شوڪت خاصخيلي کيس مينھن وسَندي ڪمري مان ٻاهر زبردستي گهيري رستن تي اُن ڪري وٺي ويندو هو، جو هُو کنوڻ جي شعلن ۽ گوڙ جي ٺڪائن کان وئون ويندڙ شخص آهي، ڪراچي ريديو تي ايام ڪاريءَ دوران هڪ دفعي ريڊيو جي ڪينٽين تي جھانگير قريشيءَ کيس ماني کارائي پنھنجو بل بہ هُن جي ئي ڳچيءَ ۾ وجهي ويو هو. ڪراچيءَ جي ڊرگ ڪالوني ۾ هُن جي راتين جي هيڪلائن ۾ ڀاڱي ڀائيوار غلام نبي پيرزادو ۽ ڏينھن جي تنھاين ۾ زين الملوڪ ڀنڊ حصيدار هوندا هُئا، ڪراچيءَ ۾ ئي هڪ پنجابڻ ڇوڪريءَ هُن تي فدا ٿي پيئي هُئي، جنھن هِن کي بي انتھا چاهيو تہ سھي، پر پايو اُن ڪري بہ ڪو نہ جو هڪ تہ هُن جو پيار هڪ طرفو هو ۽ ٻيو اِهو تہ ڪوثر هِن سان شاديءَ جو سوچي بہ نٿي سگهيو.
حيدرآباد ۾ هُن جي آجيان ناز سھتي ڪئي هُئي، توڻي جو هُن جي رهائش لاءِ الاهي بخش ٻانڀڻ جي گهر جا دروازا بہ کليل هوندا هُئا، پر هُن حيدرآباد جي حُسين آباد علائقي ۾ عارب ملاح ۽ ساحر ٻرڙي جن جا گهر پنھنجا اباڻا اجها سمجهي اتي ڪيئي شب و روز سُڪون سان گهاريا هُئا، ڇاڪاڻ جو اُنھن گهرن جا سمورا فرد هِن کي پنھنجي گهر جي ڀاتيءَ جيترو ئي ڀائيندا هئا.
هُو جنھن کي حيدرآباد شھر ''شھر جانان'' ئي محسوس ٿيندو آهي ۽ هُو اُن کي ياد ڪري ٿڌڙا ساھہ ڀريندو آهي، ڇاڪاڻ تہ حيدرآباد شھر سان هِن جون سوين يادون وابستہ آهن. حيدرآباد شھر، جنھن ۾ هِن ڪيئي اوجاڳا ڏٺا، ڪيتريون ئي تلخيون پلئہ پايون، اُن شھر جي کليل رستن تي هُن جي پيرن جا نشان اڃا بہ يادن جي روپ ۾ موجود آهن، اِها حيدرآباد جتي جي مڌ ڀريل هوائن ۾ هِن جيئڻ کي خوب انجواءِ ڪيو هو، اتي هِن الائي ڪيترا دوست حاصل ڪيا تہ ڪجهہ دشمن بہ پيدا ڪيا هُئا، حيدرآباد شھر ۾ هِن جي هيڪلاين کي شيئر ڪرڻ لاءِ هڪڙو هوا کان بہ هلڪو سنھڙو، سيپڪڙو شخص هِن جي دنيا ۾ داخل ٿيو هو، جنھن کي عام ماڻھو ''امين ارباب'' جي نالي سان سڃاڻن ٿا. هن جون اڪثر راتيون حيدرآباد ۾ امين جي سجيلي ساٿ ۾ ئي گذرنديون هُيون.
جيتوڻيڪ حيدرآباد ۾ هِن کي علي احمد جمالي، ظھير مرزا، رياض عُمراڻي، زيب سنڌي، غفور کوسي ۽ ٻين بہ بي انتھار پيار ڏنو هو. پر حيدرآباد جي رستن تي آڌيءَ رات جو ڪتن جي گهيرن ۾ هِن سان سنگ امين ئي هوندو هو. هُو جيڪو حيدرآباد ۾ مقرري واري پنھنجي دؤر کي سنھري دؤر سڏي ٿو، اُتي نہ رڳو هِن کي حيدرآباد شھر ئي سُڃاتو ٿي پر اُتي رهڻ ڪري هِن جي سڄي سنڌ سان بہ شناسائي ٿي هُئي. اِهو ئي سبب آهي جو هُو سنڌ جي هر سماجي ادبي محفل جو مَور هوندو هو ۽ هُو سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آيل هر نينڍ کي اکين تي رکي اُنھي ۾ اوس شرڪت ڪندو هو. اِهو ئي ڪارڻ هو جو هِن پنھنجي علمي، فني ۽ ادبي خدمتن جي عيوض پنجويھن کان مٿي ايوارڊ، شيلڊون ۽ ايترائي تعريفي سرٽيفڪيٽ پُڻ حاصل ڪيا هُئا.
هُو جنھن کي پنھنجو پروڊيوسر وارو روپ سڀ کان وڌيڪ بھترين روپ لڳي ٿو. سو چوي ٿو تہ ''آئون، پروڊيوسر جي حيثيت ۾ پنھنجي صلاحيتن کي بھتر نموني استعمال ڪري پنھنجو ضمير مطئمن ڪري سگهان ٿو ۽ اِن ئي شعبي ۾ مون کي ڀرپور اظھار جو موقعو ملي سگهي ٿو''
جيتوڻيڪ هُو هاءِ اسڪول جي زماني ۾ ئي شاعريءَ جي رنگرتن پيچرن جو پانڌي بڻيو هو ۽ اُن کان وٺي اڄ تائين مسلسل بنا ڪنھن وقفي جي لکندو اچي ٿو، اِهو ئي سبب آهي جو هُن هيل تائين ڇھہ سئو کان مٿي شعر لکيا آهن ۽ سئو کان مٿي نثر ۾ مختلف صنفون بہ لکيون آهن، جيڪي گهڻو ڪري سنڌ جي مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿي چُڪا آهن ۽ ٿيندا رهن ٿا. هُو جيڪو هڪ خوبصورت اديب ۽ شاعر پڻ آهي. اُن وٽ پنھنجي ٻولي، پنھنجو لھجو ۽ پنھنجو الڳ اسلوب بہ آهي ۽ ان حيثيت سان هو پنھنجي منفرد سڃاڻپ بہ رکي ٿو، پر هو پاڻ کي ''شاعر'' نٿو سڏائي، توڻي جو سندس شاعريءَ جا ڪيترائي ڪتاب ڇپجي چُڪا آهن.
هِن حيدرآباد ريڊيو تي پنھنجي ايام ڪاريءَ دوران پنھنجي وس ۽ وت آهر سنڌي ادب ۽ موسيقي واسطي جيڪا جاکوڙ ڪئي آهي، اُن جي شاهدي سندس رڪارڊ بہ ڏيندو. هن نہ رڳو ''رنگِ نو'' ذريعي سنڌ جي ڪُنڊ ڪڙڇ مان نوان راڳيندڙ ريڊيو تان عوام سان متعارف ڪرايا. جن مان بادل راهي، الھڏنو جوڻيجو، روشن ملاح ۽ ڪيترائي ٻيا اڄڪلھہ ريڊيو حيدرآباد جا مقبول فنڪار بہ آهن. پر ان سان گڏ سنڌ جي جديد ٽھي جا ڪيترائي شاعر جھڙوڪ آڪاش انصاري، مظهر لغاري، اياز لطيف پليجو، وسيم سومرو، احمد سولنگي، عبدالمجيد آس ٻٻر، راقم الحروف، امين ارباب ۽ کوڙ ٻيا ريڊيو تان سنڌ جي عوام سان متعارف ڪرايا آهن.
توڻي جو هِن تي زماني ساز اهو الزام عائد ڪن ٿا تہ ''هِن حيدرآباد ريڊيو تي بازاري شاعرن جي ڌڻ کي ڌاريو هو'' پر هُو موٽ ۾ رڳو مُرڪي اِهو ٿو چوي تہ ''مون سنڌ جي ماڻھن جي عام فهم ۽ مزاج کي آڏو رکي اهڙي شاعريءَ ڏني آهي، جيڪا اُهي ٻڌڻ گهرن ٿا، ان لاءِ مون کي ڪنھن جي تنقيد جو ڪو ڊپ ڪونھي، ڇو تہ آئون سچ ٻڌڻ جي سگهہ رکان ٿو''.
هُو جيڪو جُرئتن جو مالڪ آهي، تنھن حيدرآباد ريڊيو تي پنھنجي ايام ڪاريءَ دوران ڪيئي جُرئت مند ڪم بہ ڪيا، جن جي موٽ ۾ هو سرڪاري جاسوسن ۽ چغلخور چمچن جي اکين جو ڪٽر بہ رهيو آهي. پر هِن ڌرتيءَ ۽ ٻوليءَ جي دشمن قوتن سان بنا ڪنھن مصلحت جي جيءَ جان سان جهيڙيو آهي. هُو جيڪو حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن تي مون پارن اڀرن لاءِ اجهو ۽ اولو بڻيل هوندو هو، اُتي سندس اوطاق نما آفيس ۾ ماڻھن جا ميڙا هوندا هُئا ۽ بقول نصير مرزا جي تہ ''اسان جي پگهار جو اڌ حصو دوستن کي چانھہ پيارڻ ۾ پورو ٿيو وڃي'' سچ تہ سرڪاري ميڊيا تي اسان فقراءُ ادبي لڏي لاءِ ڪوثر ٻُرڙي ۽ نصير مرزا جن جا وجود ڪنھن گهاٽي بڙ جي ٿڌڙي ڇانوَ جيان آهن، جتي گهٽ ۾ گهٽ اسان جي عزت نفس تہ مجروح ڪونہ ٿي ٿئي....
هُو جنھن کي مون پھريون خط 1988ع ۾ لکيو هو، حيدرآباد ريڊيو تي ۽ اِهو ئي اسان جي وچ ۾ رابطي جي پل بڻيو هو. پر هُو مون کي روبرو پھريون ڀيرو ملڪاڻي ۾ فوزيه سومرو سان شام ۾ مليو هو. هِن جي پھرين مُرڪ مون کي پرينءَ جي پھرين چميءَ جيان اڃان ياد آهي. هِن جي چپن تي تري آيل آگم جھڙي مُرڪ ۾ مون جيڪا پنھنجائپ محسوس ڪئي هُئي اُن مون کي هِن جو پنھنجو هُئڻ جي تصديق ڪرائي ڇڏي هُئي.
هُو جيڪو دنيا لاءِ ڪيئن بہ هُجي پر مون لاءِ هن وٽ نج خلوص موجود ڏسي هُو مون کي سدائين منھنجو ''پنھنجو'' لڳندو آهي. اِهو ئي ڪارڻ آهي جو اسان جي وچ ۾ پنھنجائپ ڀريو ''رشتو'' اڄ بہ قائم ۽ دائم آهي. هُو جيڪو انتھائي مصروف هُئڻ جي ڪري منھنجي خطن جا اڪثر جواب گهٽ ڏيندو آهي، پر هِن جي دل جي هڪڙي ڪنڊ ۾ منھنجي يادن جا آکيرا ضررو موجود آهن، هُو جنھن کي ٿر جو ماڳ پنھنجي محبوبا جي جهڙالن نيڻن جيئن وڻندو آهي، اُن کي ڏسڻ لاءِ هُو جڏهن امين سان گڏجي منھنجي ڳوٺ (ٿاڌات مھراڻو ٿر) آيو هو تہ هِن چانڊوڪيءَ رات ۾ واريءَ تي ويھي مون سان جيڪا رهاڻ رچائي هُئي، اُن جون يادون ٿر جي ولھہ هاڻين راتين ۾ اڃا بہ ماڪ ڀنل رابيل بڻجي ٽڙنديون رهن ٿيون، جن جو سڳنڌ اسان جي دوستيءَ کي تازگيءَ جو واس ڏيندو رهي ٿو.
هُو جيڪو حيدرآباد ريڊيو تي ڪيترائي سال صُبح مھراڻ پروگرام ڪندو رهيو، تنھن وسيلي هِن نہ رڳو پنھنجي ٻُڌندڙن کي معلوماتي ۽ تفريحي سلسلا ڏنا پر ڪيترائي خوبصورت آواز بہ ڏنا، جن ۾ جيجي زرينہ بلوچ، اياز لطيف پليجو، زيب سنڌي، سلمه ملاح، نغمه ملاح ۽ امين ارباب، جيتوڻيڪ جيجي ۽ اياز پليجو هِن وقت ريڊيو تي ڪو نہ آهن، پر باقي سمورا سُندر آواز اڄ بہ ريڊيو ٻُڌندڙن جي سماعتن کي محظوظ ڪري رهيا آهن.
هُو هن وقت خيرپور ريڊيو تي پروڊيوسر آهي. جيتوڻيڪ خيرپور هن جي ڳوٺ کي ويجهي بہ آهي، پر بقول سندس جي تہ ''خيرپور ريڊيو لاءِ يا تہ آئون فِٽ نہ آهيان، يا وري مون لاءِ هيءَ ريڊيو اسٽيشن مناسب جڳھہ ڪونہ آهي''.
هُو جيڪو چئن ڀائرن ۽ ڇھن ڀينرن جو ڀائر آهي، تنھن کي ٽي پنھنجا بہ گلن جھڙا پيارا ٻارڙا آهن. جن مان ڪائنات کيس سڀ کان وڌيڪ پياري لڳندي آهي.
هو جنھن جي لونڻي ۾ مون ڪڏهن بہ ڪو ٽِسور ڪو نہ ڏٺو آهي. تنھن جو بي رُخيءَ سان پيش اچڻ سندس وڙ ئي ڪونہ آهي، هُو جنھن جي اکين ۾ سدائين پيار جا پرتوا جَرڪندي نظر ايندا آهن، سو مون اُداس ٿيندي ڪڏهن بہ ڪو نہ ڏٺو آهي.
هو جيڪو پاڻ بہ شاعر آهي، تنھن کي ڪو وقت هو جو حليم باغي ۽ هاڻ اياز گل شاعريءَ ۾ ۽ عبدالواحد آريسر نثر ۾ بي انتھا وڻندا آهن.
هُو جيڪو ڀٽائيءَ جي ڪنھن امر ڪردار جھڙو سٻاجھڙو آهي سو ٻي جي ڏک کي ڏسي ڏاڍو ڏکي ٿيندو آهي ۽ هِن جون همدرديون سدائين هيڻن سان هونديون آهن. هُو جيڪو گهڻو حساس هئڻ ڪري بنھہ ڊڄڻو بہ آهي ۽ هُو هر فيصلو دماغ بجاءِ دل سان ڪندو آهي ۽ هُو بہ گهڻن جيئن دوستن سان اجايون اميدون وابستہ ڪري پوءِ ڏاڍو پڇتائيندو آهي، هُو جيڪو ذاتيات بجاءِ اهميت صلاحيتن کي ڏيندو آهي، تنھن کي اگر ڪو عمل نہ وڻندو آهي، تہ اُن کي جذباتي حد تائين React ڪندو آهي، هُو جيڪو ڏاڍي ڌيمي لھجي ۾ ڳالھائيندو آهي. سو چاهيندو آهي تہ اڳيون بہ ساڻس اهڙي ئي انداز سان گفتگو ڪري ۽ ساڻس گڏ سفر ڪندڙ جو بيجا ڳالھائڻ هِن کي اصل ڪو نہ وڻي، هُو جيڪو خلوص ڏيندڙ جو دوست ۽ نفرت ڪندڙ جو دشمن هوندو آهي. تنھن کي شرابي ۽ ڪوڙا ماڻھو زهر لڳندا آهن.
هُو جنھن جي چپن تي ترندڙ مُرڪ نج گيھہ جھڙي پُر خلوص هوندي آهي، تنھن ۾ کوڙ خوبيون هوندي بہ ڪيئي خاميون ٿي سگهن ٿيون، اهو ئي سبب آهي جو هِن جو هر روپ مون کي وڻڻ جي باوجود جڏهن بہ هُو مون سان ڪنھن ڪاموري، وزير يا ميمبر جي پاڻ سان تعلق بابت ڪو ذڪر ڇيڙيندو آهي تہ مون کي صفا ڪو نہ وڻندو آهي ۽ جڏهن هو ڪنھن بہ عام ''ماڻھو'' کي کيڪارڻ مھل ڀاڪرن ۾ ڀري سيني سان لڳائيندو آهي تڏهن سچ تہ هو مونکي رابندر ناٿ ٽئگور جي ''گيتانجلي'' جھڙو لڳندو آهي.
هُو جنھن کي سنڌ جو هر شخص ''ڪوثر ٻرڙي'' جي نالي سان سڃاڻي ٿو، سو باوجود اُن جي تہ مون کي پنھنجو ''دوست'' سمجهي بہ ٿو الائي نه؟ پر منھنجي اکين جي تارن ۾ هن جي پيار جي سپنن جا ڏيئا اِها گواهي ڏين ٿا، تہ هُن سان منھنجو ڪو تہ رشتو آهي، جيڪو مھراڻي جي مٽيءَ ۽ خيرپور جي خمير مان جُڙيل آهي. هو جيڪو مون کي خامين خوبين سميت قبول آهي، ان جا خط منھنجي اُداس جيون ۾ سدائين ڪا آٿت بڻجي ايندا آهن ۽ اهي ئي تہ اسان جي وچ ۾ رابطي جو واحد ذريعو آهن.ڪوثر ٻُرڙي ترقي ڪري پروڊيوسر مان پروگرام مئنيجر، اسٽيشن ڊائريڪٽر ۽ ڊي-جي پروگرام اسلام آباد جي عهدن تي فائز رهڻ کانپوءِ تازو رٽائرمينٽ ورتي آهي ۽ هُو هِن وقت پنھنجي ڳوٺ ڄاڃي ٻُرڙي ۾ رهائش پذير آهي، جتي خوبصورت کجين جي باغن ۾ ڪتابن جي لائبريريءَ ۾ ويھي لکڻ پڙهڻ کي ئي گهڻو وقت ڏي ٿو. هيل تائين ڪوثر ٻُرڙي جا ڪيئي ڪتاب شاعريءَ ۽ نثر جا شايع ٿي چُڪا آهن ۽ اڃان بہ هُن جي قلم جي مَسُ سُڪي ڪانھي ۽ نہ ئي سندس ڏات تي ڪو ڏُڪار آيو آهي.

طالب جي تنوار ئي نياري هُئي...!!

اُهي ماڻھو جيڪي ڪو زمانو اڳي جڏهن ٿر ۾ اڃا لاريون گهٽ هلنديون هيون، تڏهن ٿر جي وَٽ ۽ ڪَنٺي وارن ڳوٺن مان لڏن سان يا مال سانگي لاڙ ڏانھن ويندا هئا تہ گهڙسيئر ۽ روهيڙي وٽان ٿيندا ڊگهيءَ ڪنڊيءَ واري ڳوٺ سيڏيي وٽان اڳتي وڃي ڪَس کي لھندا هئا، اُنھن مان جيڪي بہ اڃا جيئرا آهن تن روهيڙي ۽ سيڏيي واريءَ واٽ تي، جيڪڏهن ڪِن ٻٽڙن تڙن تي ڊاٻو ڪيو هوندو، ڏينھن لٿي جو ٿوري پل ٿاڪيلو ڀڱو هوندو يا رات جا چار پھر ڪٽيا هوندا، انھن کي ڳوٺ تل ساهڙ جو اهو پَريو مڙس اَوَس ياد هوندو، جيڪو کين يا تہ واٽ ويندي ڪٿي يا پنھنجي ڪکائين اوتاري تي آئي وئي جي آجيان ڪندي مليو هوندو. جنھن جو سنڌڙي انب جي ڦار جھڙو بلڪ چتونءَ جي چُهنب جھڙو ڪُنڍڙو نڪ، پھرينءَ تاريخ جي چنڊ جھڙا چپ ڪنھن ڪُونج جھڙي ڊگهي ڳچي، ڪُنڀاريي نانگ جي اکين جھڙا ڪارا نيڻ، چانپونئي ڏاڙهي، چانديءَ جي تارن جھڙا سفيد مگر ڊگها سنڌي ڪَٽائيءَ وارا وار، جيڪي ڪاٺ جي ڪنگيءَ سان پوئتي واري ويڙهي ڳنڍ ڏيئي ٻڌل، قد بُت ۾ صفا سنھو سمارٽ مگر سَت واتيءَ بلا جيڏو ڌڱ مُڙس رنگ ڪَڻڪائون يا هاف وائيٽ ڪلر جھڙو بنا ڪالر جي قميص جنھن کي پھراڻ بہ چئي سگهجي ٿو، اُهو پاتل هيٺ خاڪي کاڌيءَ جي گنديءَ جي گوڏ ۽ مٿي تي اجرڪ، ٽُوال يا بوسڪيءَ جو پٽڪو ٻڌل، شخص ڪنھن واٽهڙو ڪنھن اويلي مسافر جي سَڏ وراڻي ۾ ''آيو ادا! آيو'' چَوي يا ڄاڻو اڻ سُڃاڻو سان ملڻ مھل کيس ڀاڪُرن ۾ ڀَري ''ست بسم لايون'' چئي تہ پڪ ڀانئجو اِهو ئي پنھنجي دؤر جو ارڏو شخص طالبُ ساهڙ آهي. جيڪو ڪڏهن پنھنجي ٻنيءَ ڪنڊاري تي اڪيلي سِر وانڍ اڏي ويٺل هو، تہ ڪڏهن وري پنھنجي اباڻي ڳوٺ تل ساهڙ ۾ پنھنجي اڱڻ تي بيٺل نم جي جهوني وڻ سان ساٿ نڀائيندو رهيو. هن جو ڪو بہ سوشل اسٽيٽس ڪو نہ هو. سندس ڪو بہ اثر رسوخ ڪو نہ هو، جنھن آڌار هُو ٻہ ٻڌرائي يا ڇوڙائي سگهي ها، هُن وٽ جيڪڏهن ڪا دولت هُئي تہ اُهو هو سندس مُرڪي ملڻ ۽ موڪلائڻ جو دلرُبا انداز ۽ ڏانءُ سندس جُڳ جا ساٿاري سندس اُنھي مُرڪي ملڻ واريءَ سدا ملوڪ عادت کي ساري اڄ بہ ٿڌا ساھہ ڀريندا رهن ٿا. هُو مسڪين ماڻھو ضرور هو پر تڏي جو خان هو، اُن ڪري آئي جي آڌر ڀاءُ ڪرڻ ۽ اڱڻ يا اوطاق تي ڪو مھمان ڏسي سندس نيڻ ٺري پوندا هئا، هو هٿين خالي هوندي بہ خلقِ خدا جي خدمت عبادت سمجهي ادا ڪندو هو. مھمان نوازي سڀني ٿرواسين جي مُک گُڻ هُئي، (آئون هڪ دفعو ٻيھر هِن جملي تي زور ڏيئي وري ورجايان ٿو تہ هُئي) (ڇاڪاڻ تہ هاڻ اهو گُڻ ٿر مان ٿوهرن جيئن ختم ٿي رهيو آهي. پر هُو شخص هر لحاظ کان مُنفرد هو. مُنفرد اُن ڪري هو جو، جنھن ماڻھو کي لولي لُوڻ نہ ملي ۽ جنھن جي در تي ڪا، ڪاري ٻڪري بہ موجود نہ هُجي اُن ماڻھو وٽ آڌيءَ مانجهيءَ ڪو اچي چوي تہ ''طالب! ماني ڳڀو تہ کاراءِ'' ۽ هُو لوڪ لکا ڏيڻ بجاءِ اُڌاري سُڌاري بہ مھمانن کي ماني کارائي خوشي محسوس ڪري اُها بہ انھيءَ دؤر ۾ جڏهن نہ رُڳو ڏڪار ئي ڏڪار هئا پر اَنُ کڻڻ تي بہ بئراج مان ٿر ڏانھن بندش پيل هئي، تڏهن بہ هُن کي ڪنھن پريشان ڪو نہ ڏٺو بلڪِ ڪو مھمان ڏسي سندس جيءَ جهومي پوندو هو ۽ هو انھن آيلن تان ٻلھار پيو ويندو هو. اِها هن شخص جي فطرت هئي ۽ دلچسپ ڳالھہ هيءَ بہ هُئي تہ اَنُ پيھي ماني پچائي ڏيڻ لاءِ وٽس گهر ۾ ڪائي عورت بہ ڪا نہ هُئي، ڇاڪاڻ جو سندس زال جوانيءَ ۾ ئي کيس جُدائيءَ جو ڏُهاڳ ڏيئي هلي ويئي هُن پار، جتان ڪو بہ وري واپس ناهي وريو، باقي ٻہ اَبهم نِياڻيون هُيون جيڪي ٻارڙيون هئڻ ڪري نہ تہ اَنُ پيھي ٿي سگهيون ۽ نہ ئي وري ماني پچائي ٿي سگهيون. پر پوءِ بہ هُو شخص اوڙي پاڙي مان اَنُ اُڌاري اُتان ئي سُوال تي اَنُ پيھائي ماني پچرائي مھمانن کي کارائي خوشي محسوس ڪندو هو تہ پوءِ لاجواب ماڻھو تہ ٿي سگهيو ٿي نه! هُو جيڪو نہ رڳو کارائڻ جو خان هو پر دل جو درياھہ کِلڻ ۽ ملڻ جو بہ بنھہ سخي مرد هو. بلڪِ ائين چئجي تہ بہ ڪو وڌاءُ ڪو نہ ٿيندو تہ هُو هڪ اهڙو زنده دِل انسان هو. جيڪو مري بہ جيئڻ جو هُنر ڄاڻندو هو، هُو جنھن هِن جھان پناھہ ۾ مَري جي بہ ڏٺو هو، سو پنھنجي اندر ۾ درد جي هڪ دنيا ڌاريو پيو هلندو هو، پر هن زماني جا ڪيئي ستايل ماڻھو ڪھي اچي وٽس ڪا گهڙي گذاريندا هُئا ۽ سندس قرب ڪچهريءَ مان قرار پائي ويندا هئا، هو جيڪو عاشق مزاج انسان هو سو نہ رڳو ڪچهريءَ جو ڪوڏيو هو پر تمام گهڻو ڳالھين جو ڳهير مڙس پڻ هو. هو جنھن وٽ وڃي ويھڻ سان دُکندو دُور ٿيندو هو، تنھن وٽ ڪيئي دنيا جا ڌِڪاريل دردوندي دل رکندڙ ماڻھو اچي، اچو سُورن واريون ڪريون سُور پچار ڪرڻ ايندا هئا، توڻي جو هُو هوڏي ۽ هٺيلو شخص ضرور هو، پر مَجال آهي جو اڱڻ تي اچڻ کانپوءِ ڪنھن دشمن سان بہ ٻاڙو ٻولي يا لوڻي ۾ ٽِسور وجهي سندس سھڻي سلوڪ، سڀاءُ ۽ نرم رويي کي ڏسي ڪيئي حاسد بہ حيران ٿي ويندا هئا. اِها ئي هُن جي انوکي ادا هُئي، جيڪا سڄي جُڳ کان جُدا هئي ۽ هڪ خوبي چئوس يا خامي پر هُن ۾ اها بہ هئي جو هُو ذاتي طور ڪنھن کان ڪا زيادتي پلئہ پئي تہ مرڻ مري ويو پر اُن جي اڱڻ تي وري ڪڏهن بہ ڪو نہ ويو. هُو هڪڙو جيئرو جاڳندو انسان هو، ڪو ديوتا يا فرشتو ڪو نہ هو جنھن ڪي غلطيون نہ ڪيون هُجن، منجهس کوڙ ساريون خُوبيون بہ هُيون تہ خاميون بہ هُيون. اِهي سڀئي ڳالھيون پنھنجي جڳھہ تي پر هُن جو مزاحيا مزاج مُئل من کي جيئڻ جو حوصلو ڏيندو هو، اُداس ماحول ۾ مُرڪون وکيرڻ جو فن، ڳالھہ کي ڳٿر مان جهلي اُن کي کڻڻ، بيان ڪرڻ ۽ هر ڳالھہ ۾ مزاحيا رنگ اوتڻ جو ڍنگ ۽ عجيب انداز کيس حاصل هو، بظاهر تہ هو هڪڙو مسڪين ماڻھو هو، پر وٽس نہ رڳو هُنرمند هٿ هُئا جن سان هُو ڪاٺ جا جنڊا ۽ کٽون گهڙيندو هو. پر خاص طور تي ٻڪرين جي ڏاس مان اهڙو تہ سَنھو سُٽ ڪتيندو هو، جنھن کي ڏسڻ کانپوءِ دنيا دنگ رهجي ويندي هُئي، اُن کان علاوه چڙن ۽ مَٽرن کي ڌَڪڙي اُنھن کي سَرنھون بنائڻ جو گُر بہ کيس ايندو هو، هُو هڪڙو سَرلو ۽ سُريلو ڪلاڪار هو، اِهو ئي ڪارڻ آهي جو هُو نہ رڳو نڙ ۽ ڪاني وڄائڻ ۾ ڀَڙُ هوندو هو پر هِن جي رنگين مزاج ۽ ارڏي طبيعت کان اوسي پاسي جا ماڻھو توڻي لاڙ ۽ ٿر جي کوڙ سارن ڀاڱن جا ماڻھو چڱي ريت واقف آهن. هُو جيڪو هڪ مھمان نواز، سُگهڙ، وڄت ڪار، واڍو، هٿ جي هُنر ۽ وِڄا جو وڏو آڙي ڪاپ اِنسان هو. سو 16 هين جولاءِ 2003 تي 80 ورهين جي ڄمار ۾ پنھنجي پويان هڪ جُهوني نمَ جو وڻ، ٻير جي ڪاٺين مان اڌ گهڙيل ڪجهہ جنڊا، منجيون، سنھي ڪَتيل سُٽ جا سوين ڍير يا جيڪي هاڻ هڙئي اڏوهي جو کاڄ ٿي چُڪا آهن. ٻہ پُٽ، پوٽا، ڏُوهِٽا، ٻہ ڌيئرون ۽ هڪ اهڙو پُٽ ڇڏي ويو آهي جيڪو نہ رڳو سندس فنڪاراڻيون سِڪون لاهي ٿو، بلڪ کائونس ڪيئي رَتيون ڪَسر آهي جنھن کي تر جا ماڻھو محبت ۽ چاڳ وچان ''خُدن کاهوڙي'' جي نالي سان ئي سڏيندا آهن. اِهو ئي خُدا بخش ساهڙ پنھنجي پيءُ وانگر نہ رڳو زنده دل انسان آهي پر راڄن، ڀاڳن جي رنجور دلين جا درد دُور ڪرڻ جي دوا بہ آهي. اِهو ئي سبب آهي جو خُدو جنھن جي محفل ۾ پُڄي اُتي ٽھڪن جا ٽاڙيا هوندا آهن کيس نہ رڳو پوري هڪ صديءَ جا واقعا ۽ لقاءُ بر زبان ياد آهن پر اُنھن کي ڪنھن ڪلاڪار جيئن آواز ۽ انداز جي ادائيگي سان بيان ڪرڻ جو ڏانءُ بہ واھہ جو اٿس، ٽي وي چينلن کان پري پنھنجي درد ڀري دنيا ۾ جيئندڙ خدا بخش جيڪڏهن اڄ بہ ڪنھن ٽي وي چينل تان پرفارم ڪري تہ دنيا ۾ ڌُوم مچائي سگهي ٿو. قدرت کيس هڪ حَسين فنڪار جون سموريون خوبيون عطا ڪيون آهن. پر هُو بہ پنھنجي پيءُ وانگر غُربت ۽ مِسڪيني کي پنھنجي وڏڙن جي مِيراث سمجهي اُنھن سان نڀائي رهيو آهي، توڻي جو کوڙ سارين بيمارين کيس نجهرائي وڌو اهي پر پوءِ بہ زندگي جا هزارين غم سيني ۾ سانڍي پاڻ ٻَري ٻين کي سھائي ڏيندڙ ۽ اندر اڌ هوندي بہ ٻين جي مُکن تي مُرڪون پکيڙيندڙ خدا بخش ساهڙ عُرف ''خُدن کاهوڙي'' سان جيڪو بہ هڪ ڀيرو مِليو هوندو اهو کيس وساري ڪڏهن بہ ڪونہ سگهندو. ڀٽائي سرڪار شايد اهڙن ئي ماڻھن لاءِ فرمايو آهي تہ؛
جا ڪي آهن اوطاقن ۾ تان ڪي ساڻن اور،
ڏھہ ڏھہ ڀيرا ڏينھن ۾ پاڻ مٿائن گهور،
ويا جي هنگلور، تہ ڪر مَ ملندئي ڪاپڙي.

گُلن سان ڀَونر جي کينچل

انگلستان جي سدا بھار شاعر شيليءَ جي جيون پتر جو ترجمو ڪندي سنڌ جي نامياري دانشور ۽ اديب انعام شيخ، شاعر ۽ شاعريءَ بابت پنھنجي پياري راءِ ڏيندي لکيو آهي تہ؛ ''شاعريءَ انساني روح منجهہ رچيل، پر اڻڄاتل نغمگي کي هڪ چٽو احساس بخشي، مڪمل اظھار بنائڻ جو نالو آهي. ڪوتا، وجود ۽ عدم وجود جي سنجوڳ مان ڦُٽي نڪتل انتھائي ڳجهين ۽ اجهل احساساتي ڪيفيتن کي هڪ پائيدار خيال جو روپ عطا ڪرڻ وارو فن آهي.
شاعر ڦھليل ڪائنات ۾ انساني روح جي ويا ڪُلتا کي ختم ڪندي ماڻھو جي موجزن ۽ ڪششن کي تخليقي عمل ۾ تبديل ڪري ٿو ۽ گونگن جذبن کي زبان مھيا ڪري ٿو. شاعري، لاشعور ۽ تحت الشعور جو شعور ڏانھن هڪ تخيل ڀريو عظيم سفر آهي. جنھن ۾ فرد جي ڪرب، محرومين، اڻپورين حسرتن ۽ ڀوڳنائن جو ازالو ٿيل آهي. شاعري فطري ۽ فني جماليت جي مڃتا ۾ چيل هڪ سُندر ساراھہ آهي ۽ شاعري فرد ۽ اجتماع جي وچ ۾ خيالن جي رسد عظيم جذبن جي مناسب ورهاست ۽ انساني زندگيءَ جي فطري رُخ ۾ ترقي ڪرڻ جو ٻيو نالي آهي''.
انعام شيخ جي خيالن سان سئو فيصد سهمت ٿيندي، آئون بہ اهو ئي چوندس تہ واقعي! شاعري اُها آهي جيڪا دل جي ڌرتيءَ کي ڌوڏي ۽ اندر جي اونھي سمنڊ مان ڪائي لهر اُٿاري، ۽ جيڪا شاعري تاريخي شعور سان سلھاڙيل ناهي، ۽ جنھن شاعريءَ جو ڪو بہ سماجي ڪارج ڪونھي، يا جيڪا شاعري جياپي جو نياپو نٿي ڏي، اُها شاعري اُن حرامي ٻار وانگي آهي، جنھن کي ڪائي ڪنواري شھر جي سنسان روڊ جي ڪنھن ڪُنڊ ۾ رات جي تاريڪي ۾ رکي ويندي آهي. پنھنجيءَ ڌرتيءَ ۽ سماج کان ڪٽيل شاعري ذهني عياشي تہ ٿي سگهي ٿي پر انساني آجپي جي راهن ۾ ڪو روشني جو ڪرڻو نٿي ٿي سگهي. هڪڙي وطن دوست شاعر جي شاعريءَ جا بنيادي محرڪ ڌرتي، عالمي انساني آدرش ۽ قدر ئي هوندا آهن. بيشڪ پيار ئي شاعريءَ جو عالمي ۽ آفاتي قدر آهي پر قومي ۽ طبقاتي غلامي جي گهٽ ٻوسٽ ۾، پساھہ کڻندڙ سنڌي سماج جي شاعر جي ذميوارين ۾ اهو بہ اچي ٿو تہ هو پيار جي پويتر احساسن سان گڏ سياسي ۽ سماجي شعور جي اظھار ذريعي ماڻھن ۾ جستجو ۽ جاڳرتا جي جذبن کي اُڀاري پر افسوسناڪ پھلو اهو آهي، جو اهڙي سوچ کي ڦھلجڻ کان روڪڻ لاءِ اجاين نظرين جي ديوار برلُن اڏڻ لاءِ ڪجهہ عرصي کان سنڌ ۾ مفاد پرستن جو هڪڙو مخصوص ٽولو سرگرم عمل آهي. جيڪو وطن دوست شاعريءَ کي نعريبازيءَ جي نالي ۾ ۽ مزاحمتي شاعريءَ کي فن کان خالي، کوکلي بڪواس چئي رد ڪري رهيو آهي.
سياسي تاريخ جي شعور جو ادراڪ رکندڙ هر ذي هوش فرد اهو ڀليءَ ڀت ڄاڻي ٿو تہ بارود جي ڍير تي ويھي، ائٽمي چاڪليٽ چٻاڙيندڙ ايشيا کنڊ جي هن سازشن جي ڄار ۾ ڦاٿل خطي، سنڌ جي رعايت يافتہ طبقي جي اهڙي غير منطقي راءِ رڳو اُنھي ڪري آهي تہ جيئن ماڻھو ماءُ تي گار جھڙي غلامي کي محسوس ئي نہ ڪن ۽ نہ ئي سامراجي شودن خلاف ڪڏهن سوچين يا سِنڊين تہ جيئن عالمي بدمعاشن جا آڌيارا دانشور استحصالي قوتن جي ڪمداريءَ عيوض، سنڌ جي قومي غلامي ڪئش ڪرائيندا رهن.
زندگيءَ جي زاوين ۽ پُراسرار پھلوئن جي ترجماني ڪندڙ ۽ انساني جذبن ۽ احساسن جي عڪاسي ڪندڙ شاعري اها آهي جنھن ۾ فن توڻي فڪر ٻئي هڪيا هجن. فن کان خالي شاعري بہ ايئن آهي جيئن روهڙي جا رتا گل، خوشبو کان خالي هوندا آهن. هڪڙي حُسناڪ ڪويءَ جي ڪويتائُن ۾ فني پُختگيءَ سان گڏ، فڪري جماليات جا جلوه، پيار جي ڪومل جذبن جا جلترنگ ۽ سياسي سماجي شعور جو ڀرپور اظھار هوندو آهي ۽ شاعريءَ ۾ شاعري موجود هوندي آهي پر انتھائي خبرداري سان خاص طور تي مُدي خارج ۽ مُردار جاگيرداراڻي سنڌي سماج جي سياسي ٺيڪيدارن وٽ گروي ٿيل يا زبردستي يرغمال بڻايل شاعرن کي ڪنھن هڪ اڌ پارٽيءَ جو پيڊ ورڪر بڻجي پنھنجي پپيھي جھڙي نفيس ۽ نازڪ شاعريءَ کي سياسي پمفليٽ بڻائڻ کان پرهيز ڪرڻ گهرجي. ائين نہ ٿئي جو سڀا ڪالھہ سنڌ جو ڪوئي '' ڪويسر'' انھي سونھن پرست شاعر کي آثار قديمه جو اهڃاڻ سمجهي دريافت ڪرڻ جي دعويٰ ڪري.
علمي، اخلاقي ۽ عملي طرح ڏيوالو نڪتل سنڌي سماج جو مُردہ مزاج ڪاپي ۽ ڪليشنڪوف ڪلچر جي ڪوڙھہ ۾ وڪوڙيل وجود اندر رُڳو شاعريءَ جي سرمائي ۾ ئي خودڪفيليءَ جي هام هڻي سگهي ٿو، بنا ساهيءَ ان شاعراڻي سِراڙي جي سفر جا ڪي جوڳا جواز تہ اوس هوندا. پر پوءِ بہ جيڪڏهن سنڌي سماج اندر ڪائي سياسي توڻي سماجي جاڳرتا محسوس نہ ٿئي ۽ ڪائي مثبت تبديلي نظر نہ اچي تہ اها انتھائي افسوسناڪ صورتحال هڪڙي سوچڻ جھڙي صورتحال آهي جنھن جو تجزيو ڪندڙ ڪويسرن جو ئي ڪم آهي.
سنڌي شاعريءَ جي کُڙکٻيتن جھڙي هاڻوڪي کيپ ۾ هڪڙو نڪور نالو، دوست محمد علي جروار جو بہ آهي، جنھن تمام ٿوري عرصي اندر پاڻ کي پُختن شاعرن جي سٿ ۾ شريڪ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سندس شاعراڻي وجود جو ويساھہ هي غزل بہ ڏيندو جنھن ۾ ڪنھن نوخير نينگريءَ جي حيات بخش حُسن ۽ حياءُ کي نقابن جي اوٽ ۾ نپجندو ڏيکاري ٿو ۽ زندگيءَ جي ڪشالن کي ڪنھن جي تڙپ ۾ ڪاٽيندي ڏيکاري ٿو تہ فطرت جي هڪڙي حُسناڪ جهلڪ ڪنھن جي قرب ۾ بہ ڏيکارڻ جو ڏانءُ رکي ٿو يا وري نھايت ئي شاندار نموني مَئي جي ڪرب کي پيالي ۾ لُڇندي ڏسي ٿو.
هُو نقابن جي سنڀالي ۾ هئي،
سونھن لاثاني دُشالي ۾ هئي،
ڪُجهہ اڳي مون اڻ سڌُ اهڙي لڌي،
جهلڪ فطرت جي حوالي ۾ هُئي،
شانتي لاءِ مئڪدي ويس پر اُتي،
مئي بہ لڇندڙ هر پيالي ۾ هئي.

ڄامشورو جيڪو سموريءَ سنڌ جي سونھن جي پناھہ گاھہ آهي ۽ سنڌوندي جيڪا سنڌ جي جياپي جي ضامن آهي، اُنھن ٻنھي جي ٻاجهارين ٻانھن جي هندوري ۾ رات رهي پوڻ ۽ هير ٿڌڙيءَ جي جهوٽي تي ننڊ اچڻ جو خوبصورت خيال چُنيءَ جي چٽن جئين چٽيو اٿس.
رات ڪنڌيءَ تي ننڊ اچي وئي،
سنڌ نديءَ تي ننڊ اچي وئي،
ڄامشورو آ ڄڻ تہ هندورو،
هير ٿڌيءَ تي ننڊ اچي وئي.

جڏهن بہ ماڻھوءَ تي ڪائي مايوسيءَ جي موسم حملي آور ٿيندي آهي ۽ جڏهن بہ ڪائي تمنا گنگا جمنا جيئن وجود کان وٿيرڪي ٿي ويندي آهي، تڏهن زندگيءَ جو ڪٺن ٿيڻ هڪڙو فطري عمل آهي، پر ڪنھن سانوريءَ جي ڇانوري جھڙي سونھن تي سوچڻ سان دل جو مگن ٿيڻ يا ڪنھن جي ريشمي ۽ خوشنما ياد جو ڪنوارو بدن آخري آسري جيئن محسوس ڪرائڻ جو ڏانءُ ڏسو.
هر تمنا دل شڪن ٿيندي وڃي،
.زندگي منھنجي ڪٺن ٿيندي وڃي،
سانوريءَ جي سُونھن تي سوچيان پيو،
دل چري ڇا لئه مگن ٿيندي وڃي،
ياد ڪنھن جي ريشمي ۽ خوشنما،
ڪنھن ڪنواريءَ جو بدن ٿيندي وڃي.

جڏهن ڪوئي ماڻھو پنھنجي وجود کي ڪنھن ٻيءَ هستيءَ جي وجود سان واڳي ڇڏي ٿو تڏهن سندس هڙني حواسن تي اُها ئي حُسناڪ هستي ڇانيل هوندي آهي ۽ سندس سمورين سوچن، سپنن ۽ ڪُل ڪائنات تي اُن پريمڪا جو ئي واسو هوندو آهي، جيئن هنن سٽن ۾ ڏسو.
ڪوتا – ڪاڳر تي تنھنجو واسو آ،
هن من آڳر تي تنھنجو واسو آ،
راز الستي ڪو آتو هستيءَ ۾،
۽ من ڪافر تي تنھنجو واسو آ.

واءُ جي وڻن جي واکاڻ واري سھڻي سوچ ننڍپڻ جي يادن جي ٿڌڙي هير جھڙي ڪونري خوشبو، چاندنيءَ ۾ چنڊ جي بادامي بدن کي چُمڻ وارو چڪور جو چريائپ سان ڀرپور خام – خيال ۽ ڪنھن ڪُراڙي فلسفي جو خيالن ۾ خدا جي خدائيءَ کي ماپڻ وارو خواب جھڙو خيال سندس غزل ۾ فلسفي فڪر جي نمائندگي ڪري ٿو.
واءُ ٿو واکاڻ وڻ وڻ جي ڪري،
پاڻ سان گڏ ٿو اُڏارڻ جي ڪري،
هير آندي ڪنواري خوشبو وري،
ياد تازي پئي ننڍپڻ جي ڪري،
چاندني ۾ آ چري ٿي پئي چڪور،
چنڊ وٽ ٿي جلد پھچڻ جي ڪري،
خيال ماپي سان ڪراڙو فلسفي،
ڏس خدائي کي ٿو ماپڻ جي ڪري.

آرهڙ جيون جي جوانيءَ مان رنگن جو اُڏرڻ نفيس نقشن جو ڊهڻ ۽ ڪِن قربائتن قافلن جي ڪوهين ڏور ڪھي وڃڻ پُڄاڻان واري بيڪس ۽ بيوس ڪيفيت جو اظھار هنن سٽن مان بہ ملي ٿو:
رنگ جيون جا لھي ويا ڇا ڪجي،
نقش سارا ڊهي ويا ڇا ڪجي،
مان تياريون ڪندو رهجي ويس،
قافلا سارا ڪھي ويا ڇا ڪجي.

پنھنجي ڪڪوريل جوڀن جون ماتمي شامون ڪنھن ڪجليءَ جي نانءُ ڪرڻ کان پوءِ پنھنجن تلخ تجربن آڌار ٻيئن کي سندس ٻيليءَ سان سُرمئي شام گهارڻ تي تماشي بڻجڻ جي انديشن کان آگاھہ ڪرڻ ۽ حُسناڪ حياتيءَ کي يرغمالي بنائيندڙ ائٽمي قوتن پاران امن جو اُگهاڙو لاش لٽڪائي واڇون ٽيڙڻ واري نظريي کي نندڻ جھڙا جرئتمند خيال سندس هنن سرڪشي سِٽن ۾ بہ سمايل آهن.

اوهان جي ٿا ڪيون نالي، سموريون ماتمي شامون،
اٿوَ جي ابتدا ڀيلي تہ ڀيليو آخري شامون،
تماشو ئي بڻي ويندو اسان جي چاهنا وانگيان،
گذاريندو اگر ڪوئي اوهان سان آدمي شامون،
امن جو لاش لٽڪائي شڪاري واڇ ٽيڙي ٿو،
حياتي يرغمالي آ چون ٿيون ائٽمي شامون.

هڪڙي غزل ۾ اُفق جي رنگن کي تلاءُ ۾ ترندي ڏيکاري ٿو ۽ سنجها ٽاڻي بُکين ٻارن جي سُڏڪڻ ۾ ڪنھن ناريءَ طرفا ڪَڏا وائِرڻ واري منظرڪشي ۽ ڪنھن ڪوجهيءَ ڪنواريءَ جي اندر ۾ پڄرڻ واري سوچ يا خيالن جي دنيا ذريعي ڇاڇري ۾ هَڪيو هوندي بہ ڪراچي گهمڻ واري سوچ هنن سٽن ۾ هرُمچي جي ڀرت جئين ڀري اٿائين.
اُفق جي رنگيني تلاءُ ۾ تري ٿي،
اُنھي ويل مو کي پيالا ڀري ٿي،
بُکيا ٻار سُڏڪا سنڌو جي سنجها ۾،
ڏسو نارڪائي ڪَڏا وائِري ٿي،
ڏسي ڏيک درپن جو ڪوجهي ڪُنوارپ،
اندر ئي اندر ۾ سڙي ۽ ٻري ٿي،
اِها ڀي حياتي، حياتي آ ڪھڙي،
نہ جا محبتن جي پوي مامري ٿي،
اجائي رُلي ٿي چري سوچ مُنھنجي،
گهمي ٿي ڪراچي هُجي ڇاڇري ٿي.

عليءَ جو هڪڙو غزل فني پُختگي، فڪري اُڏام ۽ خيالن جي خوبصورت اُڻت سبب انتھائي سھڻو آهي، جنھن ۾ بڊي جي ڪڪر جھڙي بيوفا جوانيءَ جي وڇڙي وڃڻ وارو واقعو وقت جي آرسي وارن جي اڇاڻ ۾ ڏسي ٿي. خوبصورت خيال، تشبيھن ۽ لفظن جي مناسب چونڊ ۽ پياري پيشڪش هن غزل کي نہ رُڳو نواڻ جي نئين ۾ وهنجاريو آهي پر جديد فڪر جي ڦولن جا هار بہ پارايا آهن.
وقت جي درسنيءَ وار چاندي ڏسيا،
حالتن جي ڦڻيءَ وار چاندي ڏسيا،
ڪنھن پُڇيو پيار مان حال ڪھڙا اٿئي؟
ڪنھن اڌورو کلي وار چاندي ڏسيا،
ڪنھن پڇيو ڇو ڪوي پيو قصيدا لکين؟
تہ ڪُراڙي ڪويءَ وار چاندي ڏسيا،
هي حويلي بہ لُڙڪن ۾ ويندي لُڙهي،
جي سکيءَ کي سکيءَ وار چاندي ڏسيا.

۽ هڪڙو ٻيو غزل جنھن ۾ نہ رڳو تغزل ۽ توازن آهي پر سوچن جي سُرهاڻ، فڪر جي نواڻ، رڌم توڻي فنڪاراڻي جوهر جا جوان جلوه ۽ جذبن جا جُهڙالا ويس واھہ جا آهن، سندس انھيءَ غزل جا ڪي بند تہ بنھہ ڀلوڙ آهن.
وڃڻ جي ويل تو چُنري الائي ڇو اُڇالي هئي،
سکي! ڀانئيم وري ايندئين تڏهن مون آس پالي هُئي،
لڳي ٿو ديپ ڌيمي تي نہ ڄاتي تڙپ تو مُنھنجي،
سندم بيچين خاموشي، سراپا ئي سوالي هُئي،
لڄارا ٿيا لقاءُ سارا، ٻُڏي فطرت حجابن ۾،
سُڪايا وار ٿي تو ڇا بڻي موسم جهُڙالي هئي،
ويو حُسناڪ منڊليء ۾، تنھا جيون پناھہ خاطر،
فريبي ڪاڪ جي ليڪن حقيقت ئي نرالي هُئي.

اسان جيڪڏهن ايمانداريءَ سان جديد شاعريءَ جي اڀياس جو ڇيد ڪيون تہ هي غزل ڪنھن بہ ريت گهٽ ڪونھي، پر مُصيبت اِها آهي جو اسان جا نقاد ۽ ڪويسر هر شيءَ کي پنھنجي نظريي جي نگاھہ سان ڏسڻ جا عادي آهن ۽ ائين اُهي ڪنھن بہ ڪويءَ يا اديب سان انصاف ناهن ڪري سگهندا. نتيجي طور جيڪي واقعي شاعر آهن اُهي گُمناميءَ جي رڻ جا راهي ٿي ويندا آهن ۽ اَشاعر ادبي مسند تي براجمان ٿي ويھندا آهن. نوجوان شاعر دوست محمد علي جروار جا جھڙا خوبصورت غزل آهن، اُنھي کان بہ انتھائي سھڻا سندس نظم آهن، جيڪي سچ پچ سندس شاندار فني مستقبل جي اڳڪٿي ڪندي ذور بہ ڪيٻائين ڪو نہ ٿا ۽ شاعر جي پورهي جو اُجوورو ڏيارڻ لاءِ آتا آهن، اهڙو ئي سندس هڪڙو نظم سگهاريءَ سوچ خيالن جي نواڻ، ترنم جي تسلسل، لفظن جي من لُڀائيندڙ چونڊ انوکي اسلوب ۽ انداز سبب نھايت ئي شاندار نظم آهي، جيڪو سندس بھترين فني مستقبل جي گواهي ڏي ٿو؛
اسين اڻڄاڻ ڇا ڄاڻون،
هتي حُسناڪ بستيءَ ۾،
وهي ۽ واپري ڇا ٿو،
هتي آنچل اُڏن ڇو ٿا؟
هتي ڇاتيون ڇُلن ڇو ٿيون،
هِتان جا پريمي پاڳل،
انڌيرن ۾ مِلن ڇو ٿا،
اسان کي ڪو پتو ناهي،
گلن سان ڀونر جي کينچل،
ڏَسي اُهڃاڻ ڪھڙا ٿي،
پتنگ ۽ ديپ جو رشتو،
ڪري اظھار ڪھڙو ٿو،
وڻن جي وچ مان وهندڙ،
ندي گنگنائي ڇو ٿي،
۽ ڇا لئه ڇُڳيريون ڇوليون،
نچن ۽ ڇال پائن ٿيون،
اڄاتن ديوتائن لئه،
پرستش جي سزا ڀوڳي،
صليبن تي سجيا آهيون،
نئين نرواڻ پائڻ لئه،
چکيائن تي چڙهيا آهيون،
عدم جي انڌ کان اڳتي،
فنا ڇاهي، بقا ڇاهي،
اسان کي ڪا خبر ناهي.

اڃان زندگي مان ٿڪا ڪونہ آهيون...!!

سنڌي شاعريءَ جي بازار ۾ جتي هزارين شاعر هٿن ۾ ديوان کڻيو هوڪا ڏيندا ٿا وتن، پر سندن دُڪو بہ داخل ٿيڻ لئه وَرَھہ لڳي ٿا وڃن، اُتي سنڌ جي هِن سڀاڳي ۽ سدا ملوڪ شاعر سائينداد ساند جيڪي ڪُجهہ بہ ڪَتيو، سو اڻ توريو اگهجي ويو. اِها سندس خُوش نصيبي آهي جو جديد سنڌي شاعريءَ جن غزل گُو شاعرن کي جيءَ ۾ جايون ڏنيون آهن. اُنھن ۾ هِن اسان جي سانوري شاعر جو نالو بہ سَرِفھرست آهي. بنھہ ٿورڙي عرصي ۾ ۽ ٿوري لکڻ جي باوجود، جن جديد سنڌي شاعرن کي وڏي پئماني تي پذيرائي مِلي. اُنھن ۾ سائينداد ساند پنھنجي سادي سَلوڻي لھجي ٻاجهاريءَ ٻوليءَ ۽ خاص انداز فڪر جي ڪري شھرتن جي بُلندين کي ڇُھي ڏيکاريو آهي. نِت نيون تشبيھون، نوان استعارا، اڇوتا ۽ انوکا خيال سندس شاعريءَ جو حُسن آهن. مُختصر وزن ۾ مُنفرد اسلوب وارن سندس غزلن جي ڪُوزي ۾ ڄڻ تہ عشق، حُسن، درد ۽ ڳوڙهن جو عربي سمنڊ سمايل آهي. سندس شاعراڻا ٻول هڪ ڀيرو جيڪڏهن ڪنھن گائڪ جي گلي مان گُونجي نڪتا آهن تہ سموري سنڌ اُنھن ٻولن کي پنھنجي اندر جو آواز سمجهي اون ڪيو آهي. ڪُجهہ ماڻھن جو خيال آهي تہ سائينداد ساند ڳوڙهن، وڇوڙن ۽ دردن جو شاعر آهي. آئون بہ اِنھي خيال سان سَئو فيصد سَهمت آهيان، ڇاڪاڻ جو جنھن سماج ۾ پاڻ ماڻھو رهون ٿا، اُتي اِهي ئي شيون وافر مقدار ۾ موجود آهن. جيڪڏهن ڳوڙهن، وڇوڙن ۽ دردن تي بہ پاڻ ماڻھن کي اختيار حاصل نہ هُجي تہ هُوند وِلھا ٿي وڃون ها! هُونئن بہ آرٽسٽ تہ هُوندا ئي پنھنجي سماج جا عڪاس آهن. سو سائينداد ساند بيشڪ سنڌي سماج جو ترجمان شاعر آهي. جنھن وڇوڙن، وصالن، دردن ۽ ڳوڙهن جون ڳالھيون ڳڻيون تڏهن ''ڳوڙهن ڳالھايو'' جھڙو شاندر شعري مجمُوعو سنڌي شاعريءَ جي کيتر ۾ کِڙي پيو. جيڪو ڪُجهہ ئي عرصي اندر مارڪيٽ مان اڻلڀ ٿي ويو. پر نھايت ئي خُوشي جھڙي ڳالھہ آهي جو سندس شاعريءَ جا فين اُنھي ڪتاب جي فوٽي ڪاپي خريد ڪري بہ کيس پڙهڻ چاهين ٿا، مُنھنجي خيال ۾ سنڌ ۾ ائين تمام گهٽ ماڻھن کي محبتون مليون آهن، پر هيڏانھن وري اسان جو هِيءُ سٻاجهو شاعر پنھنجي وجود کان بہ بي نياز نہ کيس پنھنجيءَ شاعريءَ وِکرڻ يا وڃائجي وڃڻ جي ڪا اون يا اُلڪو ۽ نہ ئي اُن کي سھيڙي ڇپرائڻ جو ڪو شوق! اِهو ئي سبب آهي جو سندس ڪافي شاعري چوري ٿي ويئي ۽ ڪُجهہ شاعريءَ هِن پاڻ حاتم طائي بڻجي پنھنجي هٿن سان وَنڊي ۽ ورهائي ڇڏي. بھرحال دير آيد دُرست آيد وانگر هاڻ کيس اهو خيال جاڳيو آهي تہ پنھنجو مواد ڪتابن جي ورقن ۾ محفوظ ڪجي ورنہ گهڻو ڪُجهہ ضايع ٿي سگهي ٿو. ڪُجهہ عرصو اڳ ۾ سندس هڪ ڪويتا ڪتاب ''سنڌ ڪُرو کيتر جيان'' ڇپيو هو. جيڪو سنڌ جي شھيد راڻي ''محترمہ بينظير ڀٽو'' جي شھادت ٽاڻي سِرجيو هُئائين. مون کي ياد آهي تہ ستاوهين ڊسمبر 2007 تي سنڌ جي شھيد راڻي جي صدمي جتي اسان سڀني اهِل دل ماڻھن کي مَلُول ڪيو هو اُتي منھنجي هِن محبوب دوست شاعر سائينداد ساند جي ''مينھينَ - وساڙن'' جھڙيءَ معصوم دل تي جيڪا قيامت گُذري هُئي، سندس اُنھي اِضطرابي ڪيفيت جو آئون پاڻ اکين ڏٺو گواھہ آهيان. جڏهن سنڌ سان هيءُ هاڃو ۽ بغداد ٿيو هو تڏهن اسان پاڻ ۾ ويھي ''اچو سُورن واريون ڪَريون سُور پَچار'' تہ ڪَئي هُئي پر اُن وقت اسان ٻنھي مان جيئرو ڪو بہ ڪو نہ هو ۽ مٿان وري مُصيبت اِها جو مرضيءَ سان مَرڻ جو حق بہ اسان کي حاصل ڪو نہ هو، يعني مرڻ ۽ جيئڻ جي ٻن پُڙن ۾ پيسجي رهيا هُئاسين ۽ اُن اذيتناڪ عذاب کي ڀوڳڻ کانپوءِ سنڌ جي هِن سِيبتي شاعر ڪَربلا جي نئين ڪيڏاري کي جنم ڏيئي اِهو ثابت ڪري ڏيکاريو تہ سائينداد ساند نہ رُڳو دردِ محبت جو شاعر آهي پر ساڳئي وقت هُو ڌرتيءَ جي درد جي دانھن بہ آهي تہ خلقِ خُدا جي اندر جو آواز پُڻ آهي ۽ هُو نہ رڳو پنھنجي ديسَ جي دلربا ڪردارن جو قدر شناس شاعر آهي. بلڪِه عالميَ اَمُن ۽ اعليٰ انساني قدرن جو وڏو عَلمبردار پُڻ آهي.
سائينداد ساند فطرت شناس، حساس ترين ۽ هڪ خوددار شاعر آهي، جيڪو ذاتي مُفادن بجاءِ پنھنجي عزت نفس ۽ احترام جي تقدس جو قائل آهي. ذاتي زندگيءَ ۾ ڏاڍو سادو، سٻاجهو ۽ ماٺيڻيءَ طبيعت وارو ماڻھو آهي. پر پنھنجيءَ تي اچي تہ ''ڀَري'' کي لت هڻندي بہ دير ئي ناهي ڪندو. اِهو ئي سبب آهي جو هُو سياسي، سماجي ۽ ڪامورڪي گُلشن جي ڪاروبار ۾ سدائين اَن فِٽ سمجهي اِگنور ڪيو ويو آهي. پوءِ بہ هِن جي ''دل اندر'' ۾ دوستن ۽ ۽ درد وَندن لئه سدائين اوتارا اَڏيل هوندا آهن. جتي مون سميت سندس ڪُجهہ ذاتي دوست ڪڏهن، ڪڏهن اچي ڊاٻو ڪندا آهن جيڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا بہ مَس هُوندا، جن جي ڪُلھي تي هُو ڪنڌ لاڙي روئي سگهي ۽ دل جا درد ڌوئي سگهي. ڇاڪاڻ جو هِن جي دِل جي دُنيا ئي ڌار آهي جيئن دُنيا چئي ٿي ائين هِي ڪري نٿو سگهي؛
هَلجي دل يا دُنيا پويان،
هِيءَ لڙائي تنگ ڪَري ٿي.

۽ جڏهن اِها کيس تنگ ڪري ٿي تڏهن هو دنيا پويان هلڻ بجاءِ دل جي چوڻ تي هلي ٿو ۽ دل جي چوڻ تي هلڻ ڪري هو ''ڀريءَ بزم ۾ اڪيلو گذاري ٿو'' اِهو ئي ڪارڻ آهي جو مون هِن کي ماڻھن جي ميلي ۾ بہ اڪيلائپ جو عذاب ڀوڳندي ڏٺو آهي ۽ هو پنھنجي اُن ڪيفيت جو اِظھار ڪجهہ هِن طرح ڪري ٿو؛
مونکي ماريو مٺيءَ، مان وڃان ٿو ٺٽي!
بھرحال سائينداد ساند سنڌي ٻوليءَ جي اُنھن چند شاعرن مان هڪ مُنفرد شاعر آهي، جنھن وٽ لفظ بہ پنھنجا تہ خيال بہ پنھنجا، رِدم بہ پنھنجو تہ رواني بہ پنھنجي، جذبا بہ پنھنجا تہ جواني بہ پنھنجي، رنگ بہ پنھنجو تہ رياض بہ پنھنجو، عشق بہ پنھنجو تہ انداز بہ پنھنجو. مطلب تہ هِن ڪنھن جا بہ چارا چُونڊڻ بجاءِ اپڻي گهوٽي آهي ۽ ڏاڍي سُٺي گهوٽي آهي، هڪ دفعو اُن مان پيالو پيئڻ کانپوءِ ماڻھو تي ڪيئي خيالن جا خمار چڙهي ٿا وڃن ۽ ماڻھو پل ۾ هزارين حُسناڪين جا جوهر ۽ جلوه پَسي ٿو ۽ الائي ڪيترين ۽ ڪھڙين نئين دُنيائن جا ديدار ڪري ٿو. هُو جيڪو سوچن ۽ سپنن جي سنسار جو هڪ ارب پتي آدمي آهي، سو هِن مَصروف زماني جي زَر واري زبان تہ سمجهڻ کان قاصر آهي، پر هِن جو مَنھوڙي جھڙو مَن اُنھن سورن جي ضرور آجيان ڪري ٿو جيڪي مٿس سدائين سير ڪرڻ ايندا آهن. هُو جيڪو سَئو سيڪڙو محبت جو شاعر آهي، سو محبت ۾ماڻا ۽ مَيارون سھڻ جي سگهہ تہ رکي ٿو پر ڏيڻ ڄاڻي ئي ڪو نہ تڏهن تہ چوي ٿو تہ؛
اڃان زندگيءَ مان ٿڪا ڪونہ آهيون،
اڃان ياد آهن گهڻيون تنھنجون ڳالھيون،

جئيڻ لاءِ جانان! خوشيون ڀي کپن،
غمن ۾ گذاريون تہ جي ڇا ڪريون!

هِيءُ حوصلو، هِيءَ همت، هِيءَ جُرئت، هِيءَ آس، هِيءَ اُميد، هِيءُ ويساھہ، هِيءُ اُتساھہ پڙهي، ٻُڌي ڪير ٿو چئي تہ سائينداد ساند رُڳو اُداسين ۽ مايوسين جو شاعر آهي؟ هِن جي شاعريءَ ۾ حياتي آهي، هَڙني حُلين سان گڏ، هِن جي شاعريءَ ۾ زندگي آهي پنھنجي سموري سڃاڻپ سان گڏ، پنھنجن سڀني رنگن ۽ روپن سان گڏ، هَي جيڪي ڪُجهہ شعر مون ڪوٽيڊ ڪيا آهن ۽ ٻيا اُهي جيڪي اوهان سندس هِن نئين شعري مجموعي ''دل جي تايخ'' ۾ پڙهندا سي واقعي هن جي دل جي تاريخ آهن.
سائينداد ساند جي شاعريءَ ۽ اوهان جي وچان ڪا ديوار بڻجڻ بدران آئون رڳو ايترو چوندس تہ سائينداد ساند جي هِن نئين شعري مجموعي ۾ کوڙ سارا اهڙا شعر آهن، جيڪي فني توڻي فِڪري پختگيءَ جي لحاظ کان يا شاعراڻي حُسن ۽ موسيقيت سان انتھائي ڀرپور آهن ۽ ايئن چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ ڪونھي تہ سندس هيءَ نئين نڪور شاعريءَ جديد سنڌي شاعريءَ جي اڱڻ تي ڪنھن وڏ-ڀاڱيءَ وينگس وانگر پوري تاب ۽ تجلي سان ٻانھن لوڏي هَلي سگهي ٿي. مُنھنجي اِن دعويٰ جي دليل طور سندس هَي چنڊ چُونڊ شعر پڙهي ڏسو!
هُن جي هڪڙي ئي جُملي ۾ سَو سَو رليون،
هر رلي ڄام شوري جيان ٿي لڳي.

نوجوانيءَ ۾ پوڙها ٿا ٿيندا وڃون،
درد ٿو روز پيري پياري وڃي.

اوهان کي ڏسي چئي دل ڏنو،
اسان عمر ڪِٿ گذاري ڇڏي؟

ناحق ڪنھن سان پيار ڪيوسين،
سَولا گهر ۾ ويٺا هئاسين.

جانيءَ بنا جيون،
دوزخ جي دَري آهي.

جهموري رَويا ڪو ورثو تہ ناهن،
اوهان جو پيار انائون بہ جائز.

هُجن من ڪنھن ۾ اوهان جو اَڍَوُن،
نہ هر ڪو نھاريون تہ جي ڇا ڪريون!

کاڏيءَ هيٺيان هٿ ڏيئي،
ويندڙ ڪوئي ورائي ٿو،

ڪائي بزار هئاسين،
هاڻي خلاص آهيون.

دوستن لاءِ بس ايترو چئبو،
ڄڻ تہ ٻارن ۾ عُمر گذري ويئي.

روز نقطا نوان، خيال نوان،
سُونھن تنھنجي شعور ڏيندي آ.

مُرڪ هڪ ڀي نہ ٿا خرچ ڪن،
ماڻھو ڪيڏا پڪا ٿي ويا.

تنھنجي آئي ٿِي ويندو مُڪمل،
هڪ اوڌورو غزل دل ۾ آهي.

متان ڪو اسان کي چَريو چوي،
اسان درد جا ڌڻي ٿا گُهمون.

پل ۾ پي ويندا آهيون،
ڏک جا ڪيئي ڏول اسان.

اُنھيءَ کي ڇڏيان تہ ڇو مان ڇڏيان؟
جيئڻ لاءِ جو سبب ٿو لڳي!

جيستائين مان جيئس،
زندگي سُتي هئي.

سانگها ڍنڍ ۽ ساگر جو سَنجوڳ....!!

نامياري ليکڪ حُسين ڪپريءَ پنھنجي هڪ اخباري ڪالم ۾ سنڌي ادب تي ڳالھائيندي لکيو آهي تہ، جنھن کي اسين جديد سنڌي شاعري سڏيون ٿا، سا هاڻي اڪ جي ماکي بڻجي ويئي آهي. ايتري سَولي ۽ آسان ٿي پئي آهي، جيڪا جنھن جي دل چاهي جهَٽ ۾ لاهي سگهي ٿو. هُو اڳتي چوي ٿو تہ هاڻوڪن شاعرن ۾ ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا شاعر ڇڏي، باقي وڃي ڪاريگر لڏو بچيو آهي. سو پنھنجي پَرَ ۾ پاڻ کي ئي سڀڪجهہ سمجهي ٿو. پر ڪَن سڀئي هڪٻئي جو نقل ٿا. هي اڻڄاڻ ڄاڻو ۽ بي سمجهہ سمجهو جو دؤر آهي. جنھن ۾ ڪاپي پيسٽ ۽ ري سائيڪلنگ جهڙين اٽڪل بازين سان ماڻھو آسانيءَ سان اديب بنجي وڃن ٿا. اعتبار نہ اچي تہ اڄوڪي دؤر جا نظم، غزل ۽ گيت پڙهي ڏسو، انھن ۾ لفظ، خيال، گهاڙٽيا ۽ انداز سڀني ۾ اهڙي يڪسانيت هوندي آهي، جھڙي فارمي ڪُڪڙن ۾، جنھن جي وزن، سائيز، رنگ ۽ گدلاڻ ۾ هڪجهڙائي هوندي آهي.
تازو اقبال رند بہ موجودہ دؤر جي شاعريءَ بابت هيئن فرمايو آهي تہ ''اڄوڪي شاعريءَ جي گهڻائي فضول آهي. سنڌ جو سھڻو شاعر مظهر لغاري چوندو آهي تہ ماڻھو جنھن پَد جي شاعريءَ ڪري ٿو، ڪوشش ڪري اُن کان بھتر لکي، نہ تہ بہ ساڳي پَدَ تي ئي ٽِڪي بيھي تہ سندس لاءِ سُٺو آهي. ورنه! اجايو گند ڪرڻ کان بھتر آهي تہ شاعريءَ مان ئي هٿ ڪڍي وڃي تہ جيئن سندس اڳوڻو اميج برقرار رهي سگهي''.
هِنن ٽنھي دوستن جي بي رِيا راين جي روشنيءَ ۾ اوهان پاڻ ٻُڌايو تہ اڄڪلھہ سنڌي شاعريءَ سان ڪھڙي ويڌن جاري آهي؟ ۽ هيءُ رات جي پيٽ ۾ شاعر ٿيڻ جو ناياب نُسخو ڪٿان هٿ چڙهيو آهي. هنن همراهن کي؟ چَون ٿا تہ اها سڀ بچي شال ڀٽاري فيس بُڪ جي ڀلائي آهي. جنھن تي اچي جيڪو ڪجهہ اوڳاڇيو يا اُلٽي ڪريو بنا بُوءِ ۽ بانس جي سڀڪجهہ اگهجي ويندو. ڪنھن جي ڦِٽي آهي جو اُن تي ڪير آڱر کڻي يا اُن مان ڪو عيب ڪڍي! هُونئن بہ فيس بڪ طارق اشرف جي سھڻي، تاج بلوچ جو سوجهرو يا شمشير جي دؤر جو مھراڻ رسالو تہ آهي ڪونه، جو اُنھن جا آڙيڪاپ ايڊيٽر غير معياري مواد مان مکڻ مان نڪتل وار وانگر عيب ڪڍي. ايڊيٽنگ ڪري ڇنڊ ڇاڻ کان پوءِ ڇاپيندا يا معيار جي پٽڙي تان لٿل مواد کي لفافي ۾ بند ڪري شاعر يا ليکڪ کي اهو چئي واپس ڪندا هئا تہ، ''اوهان کي اڃان محنت جي ضرورت آهي، ڪنھن سُٺي شاعر/اديب کان سِکيا وٺي مواد اصلاح ڪرائي پوءِ موڪليو''. پر هيءُ جديد ترين جھان ئي اؤر آهي. جتي ڪنھن کي بہ ڪا جهَل پل ڪانھي. سڀڪا پرينءَ کي پسي سگهي ٿي. ڪا روڪ، ڪا ٽوڪ ڪانھي. جنھن کي وڻي جتان ۽ جنھن جي بہ شاعريءَ جون ٻانھون ٻُٽيون ڪري، ڪالر ڪُئن جئين ڪُتري پانچا ۽ کيسا خالي ڪري، اُبداڻ مان اڳٺ ڪڍي، پنھنجي شاعريءَ جي سُٿڻ ۽ قميص تيار ڪري سگهي ٿو. ۽ پوءِ اُن کي ڪنھن نظم جي نالي ۾ فيس بُڪ تي رکي پنھنجن پاساڪڙن کان واھہ واھہ جا وزَم وٺي همراھہ ڌرتيءَ کان سئو فوٽ مٿي اُڏامڻ جي ريھرسل ڪري سگهي ٿو. ڪو بہ انڪم ٽيڪس آفيسر پُڇا ڪا نہ ڪندو. اڃان بہ جيڪڏهن ڪنھن کي ''عظيم'' ''مھان'' ۽ الائي ڇا مان ڇا ٿيئڻ جو جُنون آهي تہ ڪنھن صحافيءَ کي منت ميڙ وارو ميسيج ڪري، ڪنھن فيس بُڪيءَ فرينڊ اديب يا اديبا کي پٽڪو پلاند وجهي پنھنجي سدابھار شاعر هئڻ جون سنَدُون حاصل ڪري سگهجن ٿيون. اڃان بہ جي ڪنھن کي سستي شھرت جو سَرگهير ستائي تہ ڪنھن ادبي ڪنھن سماجي، تنظيم جي اڳواڻ جي آءُ ڀڳت ڪري ساڻس ڪا ''شام'' يا سندس ڪتاب جي مھورت جو پروگرام رکرائي مُلڪان مُلڪ مشھوور ٿي سگهجي ٿو. اِها بہ فيس بُڪ جي ئي ڀلائي آهي جو اُن تي جيڪي بہ سنڌي سٻاجها براجمان آهن، اُنھن مان 80 سيڪڙو اهڙا شاعر سڳورا آهن، جيڪي آڙڪ گُوار وانگر اُڀڙيا آهن ۽ سڀئي وري سڏرائين پاڻ کي سنڌ جا سُريلا ۽ سگهارا شاعر. اِها ٻي ڳالھہ آهي جو کين اِها خبر ڪانھي تہ ''سبب'' گهڻن حرفي لفظن کي ٿو چئجي يا ''سبب خفيف'' ۽ ''سبب ثقيل'' ۾ ڪھڙا اکر مُتحرڪ ۽ ڪھڙا اکر ساڪن آهن؟ وَتدَ ڇا آهي؟ وتَد مجموع ۽ وَتَد مفروق ڇا آهن؟ پر پوءِ بہ ڏيکائي اهڙي ڏيندا ڄڻ همراھہ بحر وزن جي موجد خليل بِن احمد بحري جا بابا ۽ سنڌي عروض جي مخدوم عبدالرؤف ڀٽي جا بہ اُستاد آهن. پاڻ وٽ ٿر ۾ ڪُجهہ مھينا اڳ ۾ ثقافت کاتي پاران رکرايل هڪڙي مُشاعريءَ ۾ تقريبن 200 شاعرن جي لسٽ لڳي هُئي. هاڻ اِها ڳجهارت ميلي جي مُنتظمينن کان ڪير ڀڃائي تہ واقعي ٿر ۾ ٿوري عرصي اندر ايترا شاعر اُڀري آيا آهن؟ يا ميلي جي مھابي سڀني کي شاعرن جو نالو ڏيئي کين ''سياسي سوس'' چٽائي باقي ''مال'' لالي خلاص ڪيو آهي. هِتي پاڻ وٽ اظھار جي آزادي هُجي نہ هُجي پر دنيا ۾ ڪنھن کي لِکڻ، ڳالھائڻ ۽ پنھنجي راءِ جو اظھار ڪرڻ جو حق حاصل آهي. کين اُن حق کان اسان مان ڪو بہ محروم ڪري نٿو سگهي. سو ڀلي سڀئي لکن جيڪي وَڻين سو لِکن پاڻ کي ڪو اعتراض ڪونھي. پر پاڻ چوڻ اهو ٿا چاهيون تہ هر شيءَ جو هڪڙو ماڻ، ماپو ۽ ڪو معيار ضرور مُقرر هُوندو آهي. هر صنف جي هڪڙي ڪرائيٽ ايريا ٿيندي آهي، ڪي اصول ڪي لوازمات بہ لاڳو ٿين ٿا. جن کي فالو ڪرڻ فرض آهي. هن دؤر ۾ جڏهن نئين ڪويتا بہ لکي پيئي وڃي تڏهن بہ فن ۽ فڪر ٻئي ڪنھن ڪويتا ڪنھن رچنا کي سگهارو بنائڻ جو واحد وسيلو آهي. بلڪل ائين جئين ڏات ڏانءُ بنا اڌوري آهي ۽ ڏان ڏات بنا اڌورو آهي. موجودہ دؤر جي مايوس ڪُن صورتحال باوجود، آئون اهو اعتراف ڪرڻ ۾ ڪا بہ هٻڪ محسوس ڪو نہ ٿو ڪريان تہ، جديد سنڌي شاعريءَ ۾ نئين ٽھي جا ڪافي شاعر انتھائي لازوال لکن ٿا، جئين روحل ڪالرو، مُنور هاليپوٽو، عزيز گل، اياز رضوي، اشرف پلي، حاجي ساند، ديدار شاھہ، فراق هاليپوٽو ۽ کوڙ سارا ٻيا. جن کان آئون پاڻ انسپائيريشن وٺندو آهيان. مونکي اهو لکندي يا چوندي فخر محسوس ٿو ٿئي تہ ٿوري عرصي ۾ ٿر ۾ ڪجهہ نوجوان ڌيان ڇڪائيندڙ ۽ ڏاڍي پُختي شاعريءَ پيا ڪن. جئين بنھہ تازو نثار بلوچ، مشتاق جنجهي يا معصوم سُوندرائي جن جا نڪور نظم سندن شاندار شاعراڻي آئندي جي گواهي ڏيئي سگهن ٿا. سو اسان جيڪا شيءَ دل کي وَڻي ٿي اُن بابت پنھنجي ڀرپور راءِ ڏيڻ ۾ ڪڏهن ڪنجوسائي ناهيون ڪندا. بلڪِ اهڙن شاعر دوستن جي دل سان همت افزائي ڪندا آهيون ۽ اهو اسان پنھنجو اخلاقي فرض ٿا سمجهون. توڻي جو فيس بُڪ تي ڪيترائي حقيقي تخليقي شاعر بہ پڙهڻ لاءِ مِلن ٿا، جن جي شاعريءَ مان حِظ حاصل ٿئي ٿو. پر هتي مسئلو اُن گهڻائي جو آهي، جيڪا نٿي ڪتاب پڙهي ۽ نہ ئي شاعريءَ جي فن ۽ فڪر کي سمجهي ٿي. بس ڪٿي ڪا چڱيرڙي شيءَ پڙهي ناهي اُن جو الٿو ٿيو ناهي. پوءِ فيس بُڪ تي رکي چوندا تہ سينيئر جو نيئرن کي پڙهن نٿا، بابا! دانھون ڪري تہ ڪنھنجو ڌيان ڪو نہ ڇڪرائبو. جيڪڏهن شاعريءَ ۾ دم هوندو تہ ماڻھو پاڻھي موٽ ڏيندا. اسان ۽ اوهان جو ڪم آهي پڙهڻ، پُرجهڻ ۽ لکڻ باقي نبيرا پاڻھي پيا نسل ڪندا. سو محنت تہ پاڻ کان پُڄي ڪا نہ ٿي باقي ڪانگهارا ڏُک ڪرڻ مان ڪھڙو فائدو. خير ڪو زمانو هوجو ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ شاعريءَ پڙهبي هُئي. اُتي ويٺل اُستاد شاعر ۽ نقاد کُلي ۽ ڇتي تنقيد ڪري اُن شاعريءَ جي اسم کي يا خود اُنھي شاعر کي گهڙي رچي راس ڪري ڇڏيندا هُئا. اُهي ئي شاعر جن رت ولوڙي ڀت ڪيو سي تاريخ ۾ پنھنجا اڻ مٽ اُهڃاڻ ڇڏي ويا ۽ اُهي هر دؤر جا شاعر هئا، آهن ۽ آئيندو بہ اُنھن کي عزت ۽ اهميت ڏيندو رهندو. ڪو ماڻھو ڪمال جي درجي تي تڏهن ئي پُڄي ٿو جڏهن هُو رياضت ڪري رچي ريٽو ٿئي ٿو. پوءِ ڪو بہ زمانو انھيءَ آرٽسٽ کي پُٺي ڏيئي يا اکيون پوري اِگنور ڪري نٿو سگهي. پري ڪو نہ ٿا وڃون رُڳو ٿر ۾ ئي ٿا نظر گهمايون. سائينداد ساند ويٺو آهي، جنھن کي ٿر جو جُون ايليا چئي سگهجي ٿو. ڇو تہ هُن جي حسين شاعريءَ ۾ جيڪا سادگيءَ جي سُونھن ۽ درد جي دلڪشي آهي، اها ئي کيس ٻين کان منفرد ۽ ممتاز بڻائي ٿي. اِهو ان ڪري جو هيءُ تنقيد جي بٺيءَ مان پچي نڪتل شاعر آهي.
اڄوڪي دؤر جي فيس بُڪي شاعرن تي جائز ٽيڪا ٽپڻي ڪري ڏسو ڄڻ ڪنھن ککر جي ماناري ۾ کڙو لڳو. ادبي ۽ اصلاحي تنقيد کي ذاتي حملو سمجهي اوهان جا آنڊا ۽ اوجهريون ڪڍي ڪُتن کي کارائي ڇڏيندا. هيءَ سموري صورتحال سنڌي سماج جي سَهل پسنديءَ ۽ شارٽ ڪٽ وارن مجموعي رَوين جي عڪاسي ڪري ٿي. اڳي ائين هو تہ اسان ڪنھن رسالي جي ايڊيٽر کي ڪا شيءَ رواني ڪري پوءِ ويھي انتظار ڪندا هئاسون. پوءِ جيڪڏهن اها لکڻي ڇپجي ويئي تہ ڀلا ڀاڳ ڀائيندا هئاسين. پر جي ايڊيٽر جي اختلافي نوٽ سان گڏ واپس آئي تہ مڇرجڻ بدران ٻيھر اُنھي کي سنواري سُڌاري پوءِ موڪليندا هئاسين. اصل ۾ شاعري عُمر ڀر جي رياضت جو ئي نالو آهي. شاعريءَ ڪا واندن جي وندر ڪونھي. هيءُ هڪڙو سنجيدہ ۽ پاڻ ارپڻ وارو علمي عمل آهي. جنھن تاريخ جي تبديلين ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. دنيا جي سنجيدہ سماجن ۾ شاعريءَ کي ٻين علمن جيتري ئي اهميت مليل آهي. بلڪ ڪٿي، ڪٿي تہ شاعريءَ کي اعليٰ رُتبو مليل آهي ۽ اِها دنيا جي ڪيترن ئي علمي ادبي تحريڪن جي اڳواڻي وارو رول بہ ادا ڪندي رهي آهي. پر اسان هن اهم تخليقي ڪم کي تاش جي پتن جئين رڳو ذهني عياشيءَ خاطر ئي ڪيون ٿا. اِهو هِن دؤر جو شاعريءَ سان وڏو الميو آهي. پر پوءِ بہ نااُميدي ناهي، ڇو تہ جنھن مِٽيءَ جي خمير مان ساگر خاصخيلي جنم وٺي سگهي ٿو، اُها مٽي ڪڏهن بہ سُنڍ ٿي نٿي سگهي. اصل ۾ مونکي ڳالھائڻو ساگر خاصيخيلي جي ئي شاعريءَ تي هو، پر جڏهن بہ شاعريءَ جو ذڪر ٿو ڇڙي تہ پوءِ هِن دؤر جي فيس بُڪي شاعريءَ جنھن تنجڻ تپائي ڏنا آهن. اُن خلاف اُٻڙاس ڪڍڻ بنا ماڻھو رهي نٿو سگهي. فيس بُڪ ڪا پليد جڳھہ ناهي، بلڪ هيءَ هڪ اهڙو سگهاڙو پليٽ فارم آهي جتان ماڻھو گهڻو ڪجهہ حاصل بہ ڪري سگهي ٿو تہ گهڻو ڪجهہ وڃائي وِلھو بہ ٿي سگهي ٿو. فيس بُڪ جي ئي معرفت اسان پنھنجي پسنديده شاعرن سان سَنمُک ٿيون ٿا. پر اسان وٽ اُن جو استعمال بنھہ بُرو ٿي رهيو آهي. هڪ ٻي جا پٽڪا لاهڻ، پنھنجي اوگهڙ ڏيھہ کي ڏيکارڻ جھڙا عمل اسان فيس بُڪ تي ئي ڪري رهيا آهيون. ابراهيم جويو چوي ٿو تہ ''پنھنجا ميرا ڪپڙا روڊ تي ڌُوئڻ بدران گهر ۾ ئي ڌوئجن تہ بھتر آهي''. سو اسان پنھنجا پاروٿا ۽ پگهريل مھانڊا بہ وڃي فيس بُڪ تي ڌوئينداسين تہ جڳ تہ کلندو نه! پر خير هر ڪنھن جي مرضي جيڪو وڻي، جتي وڻي وڃي ڪري. پاڻ کي وڻي ٿي اها ڳالھہ تہ ساگر خاصخيلي انھن خوش نصيب شاعرن مان آهي، جن شاعريءَ کي واقعي سنجيدگي سان ورتو آهي ۽ شاعريءَ جي علم جو اندر جي اکين سان اڀياس ڪيو آهي. رياض ڪيو آهي، مسلسل محنت ۽ مشق ڪرڻ کانپوءِ ئي سندس شاعريءَ ۾ فني توڻي فڪري پُختگي آئي آهي. هيءُ لَين مان لٺ جهوري شاعر ناهي ٿيو، بلڪه محنت ۽ مُحبت جي آميزش ئي هن جي ڪلا کي جلا بخشي آهي. سندس شاعراڻي قد ڪاٺ بابت آئون ڪا بہ فَتوا نہ ڏيندس. هِن جي شاعريءَ خود پنھنجو پَدَ پاڻ ڏيکاريندي. سندس شاعريءَ جو ڪنيواس سانگها ڍنڍ جي ڊيگهہ ۽ ويڪر وانگي وسيع آهي. سندس شاعريءَ جي ڦڳڻ ڦولار ۾ روهيڙن جا رنگ بہ آهن، تہ ڄارين جي ٽارين ۾ ٽِنڊريل رتڙا ۽ سيڙهڪا پيرون بہ آهن. ڪارونجهر جي ڪور تي نچندڙ نيلا، ناسي موريا بہ آهن، تہ ننگر ۾ سوڍن جي ترارن جا تجلا ۽ روپلي جي سرفروشيءَ جا فسانا بہ آهن. سانگها ڍنڍ جي سرير ۽ پاري ننگر جي پَڊن جو جڏهن پاڻ ۾ سنجوگ ٿئي ٿو تڏهن ساگر خاصخيليءَ جھڙو سُريلو شاعر سنڌي شاعريءَ جي سرزمين تي ڦلاريل ڦوڳ جئين ڦُٽي پئي ٿو. ننگر جي ناسي ڏونگر جا نظارا، مورن جي کيڙوئن جا منظر، هتي جا تاريخي حوالا، ڀٽياڻي ۽ ساردڙي جي ندين جي جوانيءَ جھڙي رواني ۽ هتان جون هڙئي حسناڪيون ساگر جي شاعريءَ جو سرمايو ۽ زندگي آهن. اسان جو هي اربيلو شاعر مون وانگر مِٺن پيشابن جو مريض ضرور آهي، پر ڪلراٺيل ذهنن وانگر حِرص ۽ حسد جي بيماري کان بچيل آهي. وڏي ڳالھہ اها بہ آهي تہ هِن قحط الرجال دؤر ۾ بہ هي دوست پنھنجو ايمان ۽ ضمير ائين سلامت رکيو اچي جيئن هِن مٽيءَ جي مارئي پنھنجو سيلُ ۽ سَتُ سلامت رکيو هو. اها ڪا معمولي ڳالھہ ڪونھي، ڇو تہ اڄوڪي دؤر ۾ اڪثر ماڻھو پنھنجو قلم ائين ڪيش ڪرائيندا آهن، جيئن اين-جي-اوز وارا ڏڪاريل ٿرين جي غربت ڪيش ڪرائيندا آهن.
ڪُجهہ سالون اڳ مون ڪنھن ادبي مئگزين ۾ ساگر جون ڪي سُندر ڪويتائون پڙهيون هيون. سُٺي شاعر جي اها ئي خوبي آهي تہ هُن جي لکڻي پاڻھي ڌيان ڇڪائيندي آهي ۽ ائين ئي ٿيو ساگر جي تخليق کي پڙهڻ کانپوءِ لڳو، هيءَ دوست ايترو سوبر ۽ پُختو شاعر ٿر جو تہ ٿي نٿو سگهي، ڇاڪاڻ جو اُن وقت تائين ٿر ۾ جيڪي ٻہ ٽي شاعر هُئا، انھن کي مون پڙهيو بہ هو ۽ سُڃاتو بہ ٿي. پر ساگر سان نہ ڪڏهن مُکا ميلو ٿيو هو نہ ئي مون کيس ڪٿي پڙهيو هو. اُن ڪري آئون سمجهندو هئس تہ هيءَ شاعر دوست شايد سنڌجي ڪنھن ٻي خطي جو رهاڪُو آهي. پر هڪ ڏينھن اوچتو مٺيءَ ريڊيو تان سندس انٽرويو ٻڌم تہ منھنجي حيرت جي حد نہ رهي تہ مار! هِيءُ تہ منھنجي ئي مٽيءَ جو محبوب شاعر آهي ۽ پوءِ هڪ دفعي مٺي ۾ کيس روبرو ڏٺم. هڏَن، مُٺ هاٺي، شوگر سندس جسم تان ماس ائين روڙي ڇڏيو هو، جيئن ٿر واسي سياري ۾ ڪَنڊين مان پَن روڙي رُڳو ڪاٺيون ڇڏيندا آهن. منھنجو خيال هو تہ اڄڪلھہ جي شاعرن وانگر هِن جي ڪنڌ ۾ بہ مڳيءَ جي ڪلي کُتل هوندي ۽ هُو ڪنھن ڪاٽن جي وڳي ۾ ڪاري عينڪ اکين تي پائي ڪو ڪتاب هٿ ۾ کڻي هلندڙ هوندو. پر اسان جو هي صفا سادو ۽ سٻاجهو شاعر دوست انھي تصوراتي اميج جي بلڪل اُبتڙ نڪتو. نہ منجهس اجائي شاعراڻي آڪڙ نہ ئي ڪپڙي لٽي ۾ ڪا نمائش جي جهلڪ، ويراواھہ جي پُراڻن پڊن وانگر اُداس ۽ معصوم چهرو، مگر نهٺائي ۽ نِوڙت جو مجسمو لڳو. ٿر ۽ ننگر جي مٽيءَ جھڙو مزاج، ٿور ڳالھائو، وضعدار شخصيت ۾ ايترو پُر وقار ۽ پُر اعتماد لڳو جو پھرينءَ نظر ۾ ئي مٿس بيحد پيار اچي ويو. اُهي ڏينھن اڄوڻا ڏينھن، اُن گهڙيءَ پل جي مختصر ملاقات کانپوءِ اسان هڪٻئي سان وري اڄ سنمُک ٿيا آهيون. رهي ڳالھہ سندس شاعريءَ جي تہ، منھنجي نظرن مان ساگر جي هيستائين جيڪا بہ شاعريءَ گذري آهي، اُن آڌار آئون ايئن تہ ڪو نہ چوندس تہ هيءُ ڪو ٿر جو امداد حُسيني آهي. پير ائين ضرور چوندس تہ ساگر ٿر جو اُهو شاعر آهي جنھن ذاتي واسطن کي ڏاڪڻ طور استعمال ڪري يا ٺُونٺيون هڻي پنھنجو شاعراڻو قد ڪاٺ ناهي وڌايو پر مسلسل محنت سان ئي مڃتا ماڻي آهي. ڇا اها ڳالھہ ڪنھن اعتراف کان گهٽ آهي تہ اسان جي هن سٻاجهي شاعر بنا ڪنھن دعويٰ ۽ دُهل وڄائڻ جي ٿوري وقت ۾ تمام گهڻي مُحبت ۽ عزت ماڻي آهي، جنھن لاءِ مون پارا سَڌڙيا شاعر صديون سڪندا آهن. منھنجي انھيءَ ڳالھہ جي تصديق، مارئيءَ جي هِن ماڳ تي ساڻس ملھائجندڙ اڄوڪي هيءَ شام آهي. جديد سنڌي شاعريءَ خاص ڪري ٿر ۾ خليل ڪنڀار، چمن آر ٿري، امر رائسنگهہ راجپوت ۽ ڀارُو مل سميت جيڪي بہ چند نظم جا شاعر سگهاري سُڃاڻپ رکن ٿا، اُنھن ۾ ساگر جو پنھنجو لھجو ۽ انداز آهي. اهو ئي سبب آهي جو هيءُ سانورو شاعر ٿوري وقت ۾ چڱي خاصي مڃتا ماڻي چُڪو آهي. منھنجي گواهي جيڪڏهن قابل قبول هجي تہ آئون دعويٰ سان چوان ٿو تہ ساگر جيڪڏهن ڪنھن خوش فهمي ۾ مبتلا ٿيڻ بدران ائين ئي سُونھن، سادگي ۽ سچائيءَ جي چيچ جهلي قلم جي ڦار سان ڪاغذ جي ٻنيءُ ۾ شاعريءَ جا چرمڪي وڻ پوکيندو رهيو تہ هڪ ڏينھن سَڏونت ۽ سارنگا جو هيءُ پاڙيسري شاعر ائين ئي امر ٿي ويندو جئين مائي ڀاڳيءَ جي معرفت چرمڪي لوڪ گيت لازوال ٿي ويو آهي.
ڪي ڪي علائقا ماڻھن کي سڃاڻپ ڏيندا آهن تہ ڪي وري خود ماڻھو علائقن جي سُڃاڻپ بڻجي ويندا آهن. هن کان اڳي ويراواھہ يا پاري ننگر سانگها ڍنڍ ۽ سڏونت سارنگا جي نالي ۽ حوالي سان ڄاتا سڃاتا ويا ٿي. پر هاڻ هن علائقي جي سڃاڻپ جو هڪڙو حَسين حوالو ساگر خاصخيلي بہ آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو ننگر گهمڻ وارن مان اڪثر ادبي، سياسي ۽ سماجي لڏي جا ماڻھو هن جي اڱڻ تان ڀيرو هرگز ناهن ڀڃندا. ساگر هڪ بھترين شاعر هئڻ سان گڏ هڪڙو مخلص مھمان نواز ۽ تڏي جو خان انسان آهي. آئون اها بہ دعويٰ ڪريان ٿو تہ ساگر جي شاعريءَ ۾ نہ رُڳو دم آهي پر اها سنڌي شاعريءَ جي گڍيءَ ڀِٽ تي پنھنجو جوڳو پلاٽ والارڻ جي سگهہ بہ رکي ٿي. مونکي اُميد آهي تہ اسان جو هيءُ سانورو شاعر دوست نہ رڳو قلم جي حرمت کي برقرار رکندو، پر پنھنجيءَ شاعريءَ وسيلي هن ڌرتيءَ جي حقن جي وڪالت بہ ڪندو رهندو.

جي جيون تون ۾ سنڌ نہ آ......

امراڻي گڍ کان اُتر طرف سَڏ پنڌ تي، سنڌ جي هڪڙي صُوفي فقير شاعر جو تڪيو آهي. پَدمات جي اُنھي پَڊ تي هڪڙو ڳوٺ آهي. جنھن کي سموري سنڌ ''روحل واءِ'' جي نالي سان ڄاڻي، سُڃاڻي ٿي. سنڌ جي اُنھي ڪلاسيڪل شاعر روحل فقير جي نالي سان ٻڌل ڳوٺ ۾ هڪڙو گهر آهي، چاچي سُومار جو، ۽ سُومار ساند جي اُنھي گهر ۾ چاليھہ، پنجيتاليھہ سال اڳ هڪڙي نماڻي نينگر اکيون کوليون هُيون، چاچي سُومار ڇٺيءَ جي رات پنھنجي پُٽ جو نالو رکيو ''عبدالحليم'' ۽ ٻھراڙي جو اُهو ٻالڪ جيڪو ايترو تہ سادو، سٻاجهو ۽ حليم هو جو ڪنھن کي بہ اِهو گُمان ڪو نہ هو تہ هِن حليم جي اندر ۾ ڪو ''باغي'' بہ پلجي رهيو آهي جيڪو پنھنجي ڏات جا ڏار ڦُلاري هِن ڏيھہ ۾ هڪ ڏينھن حليم باغي بڻجي سموريءَ سنڌ جي دلين جا ديبل بندر فتح ڪندو.
پرائمري جا پنج درجا پنھنجي ڳوٺ مان پاس ڪري هُو انگريزي پڙهڻ لاءِ عُمرڪوٽ ۾ آيو، جتي اچي هِن پنھنجي حياتيءَ جو پھريون شعر پڙهيو روحاني پيشوائن جي راڄواڙن ۽ پيراڻين گادين جي پيرُوڪارن جي هُجومن مان هِن سانوري شاعر تي آريسر جي اک ڪڏهن پئي، اِهو الڳ قصو آهي، توڻي جو حليم غريب گهراڻي جو هڪ يتيم فرد آهي، پر سندس مامي جمن دربدر جي اوطاق تي ايندڙ سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي سنڌ کيس سوچڻ، سمجهڻ، پڙهڻ ۽ پوءِ لکڻ لاءِ اُتساهيو، هُن لکيو تہ ڏيھہ کي ڏندين آڱريون اچي ويون! هُن سَن جي سرزمين تان عاشقِ سنڌ وٽان آشيرواد ورتو تہ سندس شاعراڻي وجود کي ائين وُسعت ملي، جو هِيءَ سموري ڪائنات سندس شاعريءَ ۾ پلٽجي پئي. هُن نہ رُڳو پيار جي ڪُومل جذبن کي جيون بخشيو آهي پر پنھنجيءَ ڌرتي جا درد، عوام جا اُهنج ۽ عذاب بہ پنھنجي شاعريءَ جا موضوع بڻايا آهن. هِن جي ڪلا جا ڪردار اُهي ئي مارُو ماڻھو، اُهي ئي سُورهيه سَرويچ، اُهي ئي لوئيءَ جي لڄ جا رکپال، اُهي ئي ساھہ ڏيئي ويساھہ ڏياريندڙ سنڌ جا سُورما، پنھنجي محبوب مٽيءَ جا ماڳ، مڪان تڙ، ترايون، وَڻ وليون، گهر گهاٽ، رَند رستا، ڳوٺ شھر، وانڍيون، لانڍيون، ڍاڻيون، لاڻيون، نديون ڪنڌيون، درياھہ، جبل، پکي پکڻ ۽ پنھنجي ديس جا سڀئي دلرُبا ڪردار سندس شاعريءَ جا بنيادي مُحرڪ آهن. حليم پنھنجي ديس جي چَپي چَپي کي ۽ سنڌ وطن جي هر شيءَ کي پنھنجي سدا ملوڪ شاعريءَ جي ٻانڌڻيءَ ٻٽ تي ايئن اُڻيو آهي. جئين ٿري عورتون لاڏائين پوتي کي ٽُوئنرينديون آهن يا جيئن اجرڪ تي کيل ڀرينديون آهن. حليم باغيءَ ٿر ۽ بئراج جي سنگم تي جنم ورتو آهي، اُنڪري سندس شاعريءَ ۾ حياتيءَ جا هڙئي حُسناڪ رنگ، ڍنگ ۽ جياپي جا نياپا موجود آهن. ٿري ماڻھن جي مزاج ۽ سنڌي سماج جي سڀني سارُو پَن هِن جي شاعريءَ کي حُسن ۽ جوانيءَ جا هڙئي جَلوا ۽ جوهر عطا ڪيا آهن. هِن پنھنجيءَ شاعريءَ ۾ بي پناھہ ٿري لفظ مُحاورا ترڪيبون ۽ تشبيھون استعمال ڪيون آهن. سندس شاندار شاعريءَ جي ڪهڪشان ڏي رُڳو هڪ نيڻ-نھار ڌربي تہ بہ منجهس ٿري لھجي، مُحاورن ۽ استعارن جا انيڪ نوان روشن ستارا جهرمر ڪندي ۽ جَرڪندي نظر ايندا. ڪڏهن ''گولاڙي جو ڄار سان ٻکجڻ'' ڪڏهن ''هُرلي جا رينگٽ''، ''ڪجل جي ريھہ''، ''آواڙي جي اوٽ''، ''ساٺيڪي تي سنجيدي''، ''ڪونڀٽ لاسُون ڪاريون''، ''ڀُورا بادل''، ''واهوندي جي رُت''، ''رُنيون ڄاريون''، ''ڏجهندڙ ڏوٿي''، ''گهانگهيٽيءَ ۾ گُل نہ اَڇائين''، ''موراڙيون ماٺاريون''، ''ڇور واھہ جون ڇوليون''، ''سُورن جو سانکورجڻ''، ''چتون پنکي چُنري ۾'' ۽ ٻيا اڻ ڳڻيا اڇوتا خيال ۽ خواب هِن جي شاعريءَ جا جاندار ۽ شاندار نمونا آهن. سندس شاعريءَ ۾ رُڳو انقلابي نظريي جا عُقاب نٿا اُڏرن پر عشق جا اڇا ڪبوتر بہ نينھن جا نيرا لفافا کڻي ڪنھن ''سُفيد ڪپڙن'' واريءَ ڇوڪريءَ ڏي ويندي نظر اچن ٿا. سندس شاعريءَ ۾ ٿر جا ڪيئي ساوا، پيلا، مور نچندي نظر اچن ٿا. ڳيرن جي ڳٽ ڳٽ، هرڻين جي چال هلندڙ گهڙا ڀريندڙ ٿاريلين جا مِرگهہ، اُڃارا نيڻ، ڪجلاسر جي پاڻيءَ ۾ سُرمئي ۽ سانورا رنگ هاريندڙ ڪاسٻي جي ڪامڻين جا ڪاڇي ڪٽورا نيڻ، ڀوڏيسر تي باک ڦٽيءَ جو ايندڙ پاڻيارين جا پھر، ڪارونجهر جي ڪور، ڪينجهر جا ڪنارا، مڪليءَ جي ماٺ، شاھہ عنايت شھيد، دودي سومري، روپلي ڪولھيءَ ۽ مخدوم بلاول جا گهاڻي ۾ پيڙهيل هَڏ، توڻي سَن جي سائين جا سَڏ سُڻڻ ۾ اچن ٿا، مِرکان شيخڻ کان وٺي، ٻاگهل تائين، بختاور کان وٺي، ''ڌيءَ نماڻيءَ ڌرتي جي'' تائين سنڌ جي هر صدا، سنڌ جو هر سَڏ، سنڌ جو هر سُڏڪو ۽ وطن جو هر واڪو سندس شاعريءَ ۾ سراپا احتجاج بڻجي سڄي دنيا اڳيان دانھيندو رهيو آهي. حليم جو هر نظم ڄڻ سنڌ سان ٿيل بغداد تي لکيل ڪوئي مرثيو آهي. جنھن ۾ رڳو روڄ راڙو ڪونھي پر سندس هر نظم ۾ سُجاڳي جو سَڏ آهي، ڪو فڪر آهي ڪو فن آهي، جيڪو ''پير پَساري'' ويھڻ کان روڪي ٿو، جيڪو اُٿي رائو ريلڻ لئه اُتساهي ٿو، جيڪو مُنھن ويڙهي مُئن جيئن سُمھڻ نٿو ڏي. جيڪو هَلڻ ۽ هَڪلڻ جو ڄڻ تہ هوڪو آهي. اِن واڪي جي وراڻيءَ لئه جڏهن بہ هن ديس ڪنڌ مٿي کڻي ڏٺو آهي، تڏهن سندس ڳاٽ اُوچو ٿي ويو آهي، ڇو جو حليم جي هر نظم ۾ اُها شڪتي ۽ اُها سگهہ آهي جو ''سراڻھا ڪي چلو'' جو جذبو جاڳي ٿو پوي. انساني عظمتن جا عَلم اُوچا ٿي ٿا وڃن ۽ جتان سندس شاعريءَ جي سھائين جا سرگس مٽين ٿا اُتي چُنڊن جو مڇرجڻ بہ معنيٰ خيز هوندو آهي ۽ حليم جي شاعريءَ سُوءِ يارمان نڪري ڪُوءِ دار ڏي هلڻ جو حوصلو بخشي ٿي، ۽ ''ايسي دستور کو صُبح بي نُور کو میں نھيں مانتا'' جھڙي جرئت پيدا ڪري ٿي
رُڳو سندس ڪجهہ نظمن جا عُنوان پڙهو حيرت ٿيندي، تہ هيڏو غضب جو شاعر سنڌي نقادن، سنڌ جي اڪابرن کي رُڳو سندن نظرين واريءَ ناسي عينڪ جي ڪري نظر نٿو اچي جو مٿس ٻہ ٽي سٽون لکي سندس شاعريءَ جو ڇيدُ ڪن ۽ ساڻس ڪو انصاف ڪن. ''ٽوڙي وارن جي دم سان وارا نيارا ٿي ويا'' او شوخ هوا! مخدوم بلاول کي چئجان ٽلٽيءَ جا ڌڻي ڪا واهر ڪر، يا ''هاءِ هٺيلا هوڏي پريتم! مُند ملھاري تون ريسارو''، ''انسان اُٿيو''، ''وقت بدلجي پيو''، ''انقلاب زنده باد'' ۽ ''پريمڪا ڏي پتر'' جھڙا نظم ڇڙو سندس شاعري ڪونہ آهن، پر انھن نظمن ۾ سنڌ جي ثقافت، تاريخ، سياست ۽ تھذيب جون ريھون آهن، ڪيھون آهن، سنڌ سان ٿيل ويڌن جون وارداتون آهن، موري ۽ لاکاٽ ۾ ڪريل بمن جون باهيون بہ آهن تہ گولين سان پَرُورڻ ٿيل هِن ڌرتيءَ جي ڌڻين جون دليون بہ آهن. لانگ بُوٽن جي ٿُڏن سان ٿُڏيل سنڌ جو تقدس بہ آهي تہ بندوقن جي نوڪن سان سنڌ جي ليرُون، ليرُون ٿيل لوئيءَ جي لڄ جو ذڪر بہ آهي. جتي سنڌ جو هر ڦٽ، سنڌ جو هر زخم هن جي شاعريءَ ۾ چِڪي ٿو. اُتي سنڌ جي حُسن، سنڌ جي عظمت ۽ عشق جو ذڪر بہ سندس شاعريءَ ۾ ڪنھن وڏ-ڀاڳيءَ وينگس وانگر مُرڪي ٿو. هن سنڌ جا موڙ مُرجهائڻ کان اڳي ڪنھن مَلُوڪ مھانڊي/ماٿي تي سجائڻ جا سپنا ڏٺا آهن. هِن جي شاعري سنڌ جي سيلَ ۽ ستَ کي ماءُ وانگر مُقدس سمجهي اُن جي پرَستش ڪرڻ گُهري ٿي. اگربتيون ٻاري اُن جي پُوجا ڪرڻ گهُري ٿي ۽ سنڌ جي عظمتن جي مَحرابن ۾ سِرنواءِ سجدا ڪرڻ جو سَڏ ڏي ٿي ۽ سنڌ موٽ ۾ کيس مُحبتن جا ڀاڪر آڇي ٿي، حليم عُمرڪوٽ کان هوائن جي شھر حيدرآباد جي ڀرسان سنڌو درياھہ جي هُن پار شورن واي شھر ۾ پھتو تہ سندس شاعريءَ کي ڄڻ ڪي پَر لڳي ويا ۽ حليم جيڪو مزاج ۾ تہ واقعي ''حليم'' آهي پر سماج جي بي واجبيءَ کان بغاوت واري سندس شاعريءَ جڏهن سنڌ جي مادر علمي سنڌ يونيورسٽي جي اسٽيجن تي گُونجڻ لڳي تڏهن ايئن ٿي لڳو ڄڻ سموري سنڌ جا ڏک، درد ۽ سنڌ جي ڇوٽڪاري جا هڙئي گس ۽ گهيڙ هِن جي شاعريءَ جي سرواڻيءَ ۾ سنڌ جي ساٿ جو سفر سجايو ڪرڻ لاءِ وڃي رهيا آهن. سنڌ جي جهر جهنگ ۾ سندس شاعري پھرين سرمد سنڌيءَ جي معرفت پھتي، اُن کانپوءِ شفيع فقير سندس پيغام سنڌ جي ماڻھن تائين پھچايو، ڪو وقت هو جو سنڌ جي ڪا بہ تحريڪ ڪا بہ هلچل، ڪا بہ جدوجهد، حليم باغيءَ جي شاعريءَ کانسواءِ اڻپوري ۽ اڌوري ليکي ويندي هُئي. هِن جا انقلابي نظم آزاديءَ جي تحريڪن جا عَلم ئي نہ پر ''اهڃاڻ'' بہ هئا ۽ سندس نظم هر تحريڪ جي هٿن ۾ ڳاڙها جهنڊا بڻجي جهوليندا رهيا، هن جي شاعريءَ هر هنڌ، هر موڙ، هر رستي، هر راھہ ۽ هر پنڌ ۾ سنڌ جي درد جي آڱر جهلي اڳواڻي ڪئي آهي. ڄامشورو حليم باغيءَ جو ٻيو جنم گهر آهي، جتان ئي هِن جي ڪلا جا ڪرمچي رنگ سنڌ جي سُرمئي ۽ سانوري ساٿ ۾ همسفر ٿيا ۽ اهڙي سَمي ۾ جڏهن هِيءَ ديس دُک جو استعارو بڻجي پيو ۽ اذيت جي علامت بڻجي پيو هو، تڏهن حليم باغيءَ جي شاعريءَ ئي هُئي جنھن وطن جي زخمي وجود تي مَلم پٽيون ٿي ٻڌيون، هُونئن تہ حليم شڪل شبيھہ جو ڪو ملوڪ ڪونھي (هِتي مونکي ڪنھن جي اُها چوڻي ياد ٿي اچي تہ سچو آرٽسٽ هوندو ئي اهو آهي جنھن کي ڏسڻ سان کل اچي پر پڙهڻ يا ٻُڌڻ سان رُوئڻ کي روڪي نہ سگهجي)'' پر سندس اندر ۾ ويٺل سانورو شاعر ايڏو تہ سُندر، سھڻو ۽ خوبصورت آهي جنھن جي هڪڙي جهلڪ پسڻ لاءِ سنڌ ورسٽيءَ جا هزارين شاگرد ۽ شاگردياڻيون حيران ۽ پريشان هوندا هئا، حليم باغي جنھن جو هر نظم ۽ هر غزل ڪنھن خفيہ جنگي پيغام وانگر رات جي پيٽ ۾ پوريءَ سنڌ تائين پھچڻ جي سگهہ رکندڙ آهي. حليم باغي شاعريءَ ڪونہ ڪئي آهي، ڄڻ ديس جي رڳن ۾ رت بڻجي حرڪت ۽ حرارت پيدا ڪئي آهي، مورجي ڪلنگيءَ، سھي جي اکين، هرڻيءَ جي هنئين ۽ تَتِر جي تيز اُڏار جھڙي سندس شاعري دولھہ دريا خان جي دل جھڙو اهو ديار آهي جتي هن دُکي ديسَ جا سمورا درد اچي اک ڀيڙي ڪندا آهن. ٿر جي لوڪ ڪٿائن ۽ سمورين ارڏاين جا انگ هِن جي شاعريءَ کي حُسن ۽ جَلوَن جي جَرڪ سان ائين جَرڪائن ٿا، جئين ڪائي وڏ-ڀاڳي ويگنس ٿري ويس پائڻ کانپوءِ وڄ وراڪا ڏيندي آهي، حليم روايتي طور شاعريءَ جي سڀني صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي، پر خاص طور جديد نظم ۾ هِن گهڻن کان گوءِ کنئي آهي. سندس نظم جو نہ رڳو انداز الڳ ٿلڳ آهي پر منجهس فني توڙي فڪري اُڏام بہ بنھہ اوچي آهي.
توڻي جو هن درويش صفت انسان کان پنھنجي کوڙ ساري شاعري گُم ٿي ويئي آهي، پر سندس رسالن ۾ ڇپيل شاعريءَ کي گڏ ڪري پدمات پبليڪيشن عمرڪوٽ وارن سندس ئي شاعريءَ جو هڪ مجموعو ''اڙي شھر جانان'' ڇپرايو آهي. حليم سنڌ يونيورسٽيءَ مان بي فارميسي پاس ڪئي آهي. پر پاڻ هن وقت عمرڪوٽ جي هڪ هاءِ اسڪول ۾ HST آهي. هڪ ڀاءُ ۽ ٻن ڀينرن جو ڀاءُ حليم باغي جنھن کي هڪ نياڻي توحيد ۽ هڪ پُٽ احد آهي، سو ڪافي عرصي کان بيماريءَ جي ور چڙهيل آهي، ذهني طور ٿانيڪو نہ هُئڻ ڪري هن وقت کائونس ڏات راڻي وانگر رُٺل آهي سنڌ جو هي صُوفي منش ۽ محبوب شاعر هن ڌرتيءَ جو هڪ اهڙو اَمُلھہ سرمايو آهي جنھن تي هِيءَ سنڌ صدين تائين ناز ڪري سگهي ٿي. اُها سنڌ جنھن جي هر چيز حليم کي پنھنجي محبوب جي ادائن وانگر وڻندي آهي، پر جي اُنھيءَ سنڌ ۾ جيون ڪونھي يا حياتيءَ جي هرڻيءَ پُٺيان موت ڪنھن شڪاري ڪُتي وانگر ڊُڪي ٿو تہ حليم انھيءَ سنڌ کان بہ دُوريءَ جو اعلان ڪري ٿو.
جي جيون تو ۾ سنڌ نہ آ، پوءِ منھنجي تو کان دُوري آ،
هيءُ جيون جيون آهي ڇا؟ جت جيل زهر ۽ سُوري آ.

ڇاڪاڻ جو هُو زندگيءَ جو شاعر آهي ۽ جيڪڏهن سنڌ ۾ جيون کي ڪا معنيٰ ڪانھي ڪو، جٽاءُ ڪونھي تہ پوءِ اِها ڌرتي ۽ اهو ديس ڪھڙي ڪم جو! پُراڻ نديءَ جي پيٽ کان بہ وسيع ۽ ويڪري هِن جي شاعراڻي سفر تي جيڪڏهن لکجي يا ڳالھائجي تہ ڪئي ڪتاب تحرير ٿي سگهن ٿا ۽ ڳالھين جا ڪيئي ڳوٺ اڏجي سگهجن ٿا. پر مون جھڙو معمولي ماڻھو بس ايترو ئي چئي سگهي ٿو تہ سنڌ جي هن سانوري سٻاجهي ۽ سادڙي شاعر جيڪڏهن لکڻ واري ليکي کي ليڪو نہ ڏنو تہ سڀاڻي جي سنڌ جو هي شاھنشاھہ شاعر ٿي سگهي ٿو، پر شرط اِهو آهي تہ هُو سنڌ کي پنھنجي شاندار شاعريءَ مان جلاوطن نہ ڪري.
(13 مارچ حليم باغيءَ جي جنم ڏينھن جي حوالي سان)

جاڳن ٿا مقتل ۽ زيب!!

خيرپور رياست جي اَجهور ۾ کجين ۾ ڪَڪوريل ڏُنگن جا ڏهاڙا هُيا، اُنھي سَمئي، سنڌ جي تاريخي شھر خيرپور جي هڪڙي پاڙي ۾ ستئين سيپٽمبر 1957 جي هڪڙي سُرمئي شام ويلا چاچي عبدالستار جي اڱڻ تي هڪڙي سانوري نينگر اکيون اُپٽيون هُيون، جنھن جي ڇٺيءَ جي رات مائيٽن نالو مُحمد خان رکيو هو، پر کين اها ڪل ئي ڪا نہ هُئي تہ اڄوڪو هي ''محمد خان شيخ'' سڀاڻي سنڌ جو ناميارو اديب ''زيب سنڌي'' ٿي اُڀرندو.!!
زيب جنم تہ خيرپور ۾ ئي ورتو هو، پر سندس ڪَچڙي خواب جھڙي ٻالڪپڻ جا ڏينھن پنھنجي اباڻي شھر لاڙڪاڻي جي گلين ۾ ئي پاڻ جيڏن سان رانديون رمندي گُذريا هئا ۽ ساڳي شھر جي پرائمري اسڪول ۾ ڪاٺ جي بئنچن تي ويھي ميٽ لڳل ڦرهيءَ تي اُڪريل الف – ب جا اکر ۽ اُچار بہ سکيا هُئائين، ۽ اهڙيءَ ريت هُو علم جي اُڃ اجهائيندو M.A سنڌي ادب تائين اچي پھتو. پڙهڻ جي پياس سندس سَرير ۾ علم لاءِ اهڙي تہ اُڪنڊ ۽ اُنس پيدا ڪيو، جو هُو مُرڳو ڪتابن جو ڪيڙو ٿي پيو، ۽ مُسلسل مُطالعي ۽ مشاهدي منجهس تخليق پڻي جا گُڻائتا گُر پيدا ڪري وڌا، جن جي ڪري ئي ''محمد خان'' مان ''زيب سنڌيءَ'' جو جنم ستر واري ڏهاڪي ڌاري نکري نروار ٿيو، ۽ اُن جي پُڄاڻان اڄ تائين هو ادب جي آسمان تي ڪنھن سانجهيءَ جي روشن ستاري جئين جَرڪندو رهي ٿو.
هُن ۾ نثر توڻي نظم ٻنھي سان نڀائڻ جي سگهہ تہ شروع کان ئي هُئي پر هُن پنھنجي ادبي سفر جو آغاز هڪ ڪھاڻيءَ لکڻ سان ڪيو، جيڪا رهبر ڊائجسٽ ۾ 75-1974ع ڌاري ڇپي هُئي. اُن منجهس اهڙو تہ اُتساھہ پيدا ڪيو جو سندس اهو ساهتي سفر اڄ تائين بنا ڪنھن وِٿيءَ ۽ ويسانھينءَ جي روان ۽ دوان آهي.
هُو جنھن کي ڦُوھہ جوانيءَ ۾ عشق جي لگار لڳي هُئي، تنھن سندس وجود کي ولوڙي، ڳوهي، اُن مان هڪڙي نھايت ئي خوبصورت شاعر کي گهڙي رچي راس ڪيو ۽ هُن جي جهُڙالن نيڻن جي پلڪن کان پري هڪڙي اڻڄاتل اُپسرا مَن ۾ موجود هُوندي بہ ڏسڻ کان ڏور هُئي، جنھن جي اهڙي بي رُخيءَ واري روش تي سندس دل جي ڌڙڪن جي ترجماني سندس ئي هِي سِٽون ڪن ٿيون.

هُن جي گهر کان منھنجي گهر تائين،
فاصلا ڏاڍا هُيا، همسفر تائين.

عشق جي اوٽي تي پير رکڻ پُڄاڻان ئي هُن انسان دوستيءَ جو امرت اندر ۾ اوتيو هو، ۽ سنڌ دوستيءَ جي سُتي پيتي هئي. اُهي ڏينھن اڄوڻا ڏينھن، هُو هاڻ مجازي عاشق تہ الاءِ آهي بہ يا نه؟! پر سچو سنڌ دوست ۽ انسان دوست اديب '' عاشق'' هُو اڄ بہ اوس آهي.
هُن ادبي دنيا ۾ اچي هڪڙي بھترين پبلشر جي حيثيت سان ''سڳنڌ'' پبليڪشن پاران ٽيھارو کن معياري ادبي ڪتاب پُڻ ڇپرايا، جيڪي سنڌ جي نامور شاعرن ۽ اديبن جا هُئا، جن ۾ امر جليل، شيخ اياز ۽ ذوالفقار راشدي قابلِ ذڪر آهن. اُن کانسواءِ بہ هُو ڪافي عرصو عبرت مئگزين، سنڌو، هزار داستان ۽ ٻين انيڪ رسالن سان وابسطه رهي چُڪو آهي.
1988ع ڌاري ريڊيو پاڪستان ۾ بحيثيت پروڊيوسر جُوائن تہ ڪيائين، پر سندس آزاد فطرت واري عادت هئڻ ڪري ريڊيو جا ''سرڪاري شڪنجا'' ڪو گهڻو عرصو کيس قيد ڪري ڪو نہ سگهيا، اهو ئي سبب آهي جو هُو هڪ سال جي عرصي اندر ئي ريڊيو جي رعناين کي الوداع چئي وڃي ليڪچرار ٿيو، جتي اڄ سوڌو علم ۽ ادب جي وڏ ڦڙي جھڙي ونڊ، پنھنجي علم جي اُڃايل کوڙ سارن کُٿابين ۾ وَنڊي ۽ وِرڇي رهيو آهي. پر ريڊيو جو مائيڪ جيڪو سڄيءَ سنڌ ۾ سندس سُڃاڻپ جو ڪارڻ بڻيو هو، ۽ سندس پُراثر آواز ۽ انداز جا انيڪ عاشق پيدا ڪيا هئائين، اُنھي تان ماروئڙن سان مُخاطب ٿيڻ واسطي هُو ٻيھر ريڊيو جي مائيڪ تي موٽي آيو، ۽ اهڙي ريت هُو گذريل ستن سالن کان حيدرآباد ريڊيو جي پروگرامن سُڳنڌ ۽ صُبح مھراڻ جي ڪمپئيرنگ ڪري رهيو آهي. ڪمپيئرنگ تہ هُو اسٽيج ۽ ٽي وي تي بہ ڪري ٿو پر ريڊيائي لهرن جي لامن تي لڏندڙ آواز رستي سُندر سماعتن سان اهڙا تہ اٽوٽ روحاني رشتا ڳنڍيل اٿس جو اُنھن واسطن جي ولين کي ڪو بہ وقتي ''واچوڙو'' ڇنڻ يا اِهي ريشمي تاڪُين جھڙا رابطا منقطع ڪرڻ کان قطعي قاصر آهن.
هُو ڪو روايتي ڪمپيئر ڪونھي، پر هُو هڪ باشعور فرد هُئڻ ناتي هڪڙو آدرشي ڪمپيئر پُڻ آهي. جنھن پنھنجن پروگرامن جي توسط سان ڪيئي نيون روايتون پُڻ قائم ڪيون آهن. هُو هڪڙو باضمير ليکڪ ۽ بيباڪ ڪمپيئر آهي، هُن ڪنھن بہ هڪڙي ڪلاڪ جي پروگرام ڪرڻ ڪاڻ ڪنھن پروڊيوسر جي خوشامند ناهي ڪئي. ۽ نہ ئي وري ريڊيو تي پير پختا ڪرڻ ڪاڻ هُن ڪنھن ڪاموري جي ''ڪُرنش'' ڪئي آهي. هُو انھيءَ خوددار طبيعت سبب ئي ڪيترن ريساڙن کي الاهي اجرو بہ لڳندو آهي، ۽ هِن پاران سڀني کي ''سڀڪجهہ'' سِڌو سنئون چئي ڏيڻ واري سچ سُڻڻ جي سگهہ نہ هئڻ ڪري ڪي ڄامڙا کيس ''مٿي ڦريو'' بہ سمجهندا آهن.
پر هُو ڌرتيءَ ۽ عوام سان ڪميٽيڊ هڪڙو نظرياتي ماڻھو آهي، سو ڪنھن بہ ايري خيري کي کنگهندو ئي ناهي. هُو پنھنجي نظريي سان عملي طرح سُورنھن آنا سچو پچو شخص آهي، جيڪو جو ڪجهہ بہ لکي ٿو، اُنھي تي عمل ڪري ڏيکارڻ جي منجهس سئو فيصد صلاحيت موجود آهي.
اِهو ئي سبب آهي جو سنڌي ادبي بورڊ بچايو تحريڪ هُجي يا ريڊيو تان سنڌي پروگرامن جي خاتمي خلاف احتجاج هُجي، ڪينجهر رسالي تي بندش خلاف ريلي هُجي يا ڪاپي ڪلچر خلاف جنگ هُجي، پر هُو سدائين سرگرم رهيو آهي. هُو هڪ علم، ادب دوست ۽ بيباڪ انسان هُئڻ ڪري پنھنجي لاءِ پاڻ ئي مُشڪلاتون پيدا ڪرڻ کان بہ نٿو ڪيٻائي جنھن جو مثال قاسم آباد ڪاليج وارو واقعو آهي، جتي ڪاپي ڪلچر مافيا سان مھاڏو اٽڪائڻ جي نتيجي ۾ مٿس اُنھن علم دشمنن طرفان خوني حملو پڻ ڪيو ويو هو، پر هُو اهڙيون حرڪتون ڪرڻ وارن کي ڀٽائي جي هن بيت سان مُخاطب ٿيندي للڪاري ٿو تہ؛
ڀڳو آئون نہ چوان، ماريو تہ وِسھان،
ڪانڌ مُنھن ۾ ڌڪڙا، سيڪيندي سُونھان،
تہ پُڻ لڄَ مَران، جي هونس پُٺ ۾.
(شاھہ)

هُو ريڊيو حيدرآباد جي مقبول پروگرام سُڳنڌ ۾ ڪافي سالن کان هڪ نج ادبي سکيا جو سلسلو ''ڏيئا، ڏيئا لاٽ اسان'' پُڻ ڪري رهيو آهي. جنھن جي توسط سان هِن هيل تائين ڪيترائي نئين ٽھي جا نمائنده شاعر ۽ ليکڪ سنڌي ادب جي دنيا ۾ دريافت ڪيا آهن. جن ۾ عبدالحميد آس ٻٻر، رجب ٻُگهيو، فضا غزل، سنڌيا شاھہ، سنڌ، علي ڀاءُ، راز شاهاڻي، شفيع احمداڻي، حاجي ساند، محرم لغاري، رجب علي مجبور ۽ ٻيا انيڪ اُهي جيڪي هن وقت ادبي دنيا ۾ تمام تيزيءَ سان اُڀري رهيا آهن تن جي تربيت جو سهرو بہ سندس ئي سر تي سونھي ٿو.
سچ تہ سندس اِهو ڪارنامو واقعي واکاڻ لائق آهي، جو هُن نہ رڳو نون ليکڪن کي موقعا مُيسر ڪري ڏنا آهن. پر ساڳي وقت سندن همت افزائي ۽ رهنمائي بہ روح سان ڪئي آهي، جنھن جي ڪري ئي اُڀرندڙ اديبن ۾ اڃان اڳتي وڌڻ ۽ بھتر کان بھتر لکڻ جو حوصلو ۽ اُتساھہ پيدا ٿئي ٿو. سندس سُڄاڻ ليکڪ ۽ سنجيدہ ڪمپيئر هُئڻ جو اِهو بہ ثبوت آهي تہ هُن ڪڏهن بہ پنھنجي پروگرامن ۾ بازاري شاعريءَ جي ڪيسٽي ڪلامن کي شامل ناهي ڪيو. پر ڪلاسيڪل ڪلامن ۽ معياري شاعريءَ کي سدائين ترجيح ڏيندو آهي، اِها ئي اُها انفراديت آهي جيڪا ڪمپيئرن جي ''قافلي'' مان سندس ڌار سُڃاڻپ جو ڪارڻ بڻي آهي.
هُو جيڪو هِن دؤر جو هڪ ناميارو ڪھاڻيڪار آهي، تنھن جي ڪھاڻين جا ٻہ مجموعا ڇپجي چُڪا آهن، ۽ هڪڙو ڇپائي جي آخري مرحلن ۾ آهي. اُن کانسواءِ بہ هُو ٻارنھن ترتيب ڏنل ۽ ترجمو ڪيل ڪتابن جو خالق آهي، جيڪي پُڻ ڇپيل اٿس، ۽ سندس سُندر شاعريءَ جو هڪڙو مجموعو ''رُت بدلجي ٿي'' پُڻ آئوٽ ٿيڻ جي اوسيئڙي ۾ آهي. نہ رڳو اِهو پر هُو ساڳي وقت هڪڙو انتھائي سگهارو ڊراما رائيٽر پُڻ آهي، جنھن '' وڃايل ٻار'' کان وٺي هيل تائين ڏهاڪو کن سنڌي، اردو ڊراما بہ لکيا آهن، تہ ٽي سيريلون ''سمنڊ جون سرحدون''، '' گهر ڀاتي'' ۽ سنڌيءَ ۾ ''جانشين'' اردو ۾ بہ تحرير ڪيون اٿس. جن جي کيس ڏسندڙن وٽان مناسب موٽ بہ ملندي رهي ٿي ۽ مڃتا طور ڪافي ايوارڊ بہ کيس ملي چُڪا آهن، پر پوءِ بہ هُو پاڻ کي ڪجهہ بہ نٿو سمجهي، گهڻو ڪُجهہ هوندي بہ پاڻ کي ''ڪجهہ'' بہ نہ سمجهڻ ۾ ئي تہ عظمت لڪل هوندي آهي. پوءِ بہ ڪي ماڻھو، هِن تي اها ٽيڪا ٽپڻي (شايد جئليسي سبب) ڪن ٿا تہ هُو ''پاڻ پڏائي'' تمام گهڻو ٿو ۽ منجهس ''مان پَڻو'' بہ ڪجهہ ضرورت کان زياده آهي، ۽ ڪن کي وري هِن پاران صفا اُگهاڙو سچ آکڻ اصل ڪو نہ آئِڙي.
بھرحال هُو چند خامين جي باوجود کوڙ خوبين وارو هڪ کاهوڙي انسان آهي، جيڪو عزت ڏيندڙ، احترام ڪندڙ ۽ پيار ونڊيندڙ هڪڙو اهڙو زنده دل انسان آهي، جنھن جي حساس دل، ڌرتيءَ جي ٿر جھڙي اُجري اندر ۾ نفرت نالي ڪو بہ ٿوهر ڦٽل ڪونھي. هُو جيڪو سبيتو ۽ سٻاجهو سرجڻھار آهي، اُنھي جي آدرشي ڪردار گهٽ ۾ گهٽ مون پارن اٻوجهن جي زندگيءَ تي تہ تمام گهرا اثر ڇڏيا آهن. اِهو ئي ڪارڻ آهي جو مُنھنجي ساڻس سالن کان شناسائي اڄ بہ اڳي کان اڳري آهي ۽ هُن جي سڀاويڪ شاعراڻن گُڻن جي گواهي سندس هِيءُ غزل بہ ڏيڻ گهُري ٿو؛
رات جو پويون پل ۽ زيب،
جاڳن ٿا مقتل ۽ زيب،

ٻئي تنھنجي ڳولھا ۾ آهن،
آوارا بادل ۽ زيب،

درد ٻنھي جو ساڳيو هو،
هڪڙي هُئي ڪويَل ۽ زيب.

پايل جو آواز اچي ٿو،
چانڊوڪي، جهنگل ۽ زيب،

آڌي تائين جاڳن ٿا ٻئي،
هڪڙي هُو هوٽل ۽ زيب.

اُجري صُبحءَ جي اڳڪٿي.....!!

ڀارُو مل امراڻي جڏهن مِٺي جي جهُريل رستن تي ڪُلھي ۾ ٿيلھو لٽڪائي لُڏندو، لَمندو پيادل پنڌ رمندو رهندو هو تڏهن بہ ساڳيو ئي قلندري صفت هڪڙو فقير طبعيت انسان هو ۽ هاڻ جڏهن هُو ساڳي شھر جي ڪار پئنٽ ٿيل رستن تي هڪڙي اين.جي.اوز جي هاءِ ليڪس گاڏيءَ ۾ گهُمي ٿو، اِن گاڏيءَ جي سٺ يا سئو تي اسپيڊ هُجي تہ هُجي پر ڀارُوءَ جي رفتار بہ ساڳي تہ گُفتار بہ ساڳي، يعني ڀارُو اُهو ئي فقير ماڻھو، فرق ڪو آهي تہ فقط اِهو تہ اڳي هِيءُ همراھہ هڪڙو هٿين خالي صحافي هو ۽ هِن سَمئي هُو هڪ سڻڀيءَ ڪُرسيءَ تي ويٺل هڪڙو سماجي اڳوڻ. فقيراڻي فطرت ۽ مصريءَ جي تڙ جھڙو مزاج رکندڙ ڀارُو مل امراڻي جڏهن ٿري، گُجراتي، راجستاني ۽ مارواڙي لوڪ ادب تي ڪم ڪيو تہ سنڌ جي سُڄاڻ علمي، ادبي حلقن پُٺي ٺپيري کيس خوش آمديد چئي پر هِن فقير تن انسان اُتي دنگ ڪو نہ ڪيو، ڪُجهہ عرصو الائي ڪھڙي جھان ۾ الوپ ٿي ويو پر جڏهن موٽيو تہ ''مُرڪن مالھائون'' پُوئي کڻي آيو. هڪڙو اهڙو ماڻھو جنھن جي مِزاج ۽ مُوڊ ۾ نہ وقت جي واچُوڙي ڪو ڦيرو آندو ۽ نہ ئي صحافيءَ مان شاعريءَ ڪا تبديلي آندي، گهڻو اڳ ۾ مون جڏهن کيس ''گيت سانوڻ من ڀانوڻ جا'' ۾ پڙهيو تڏهن بہ منجهس ساڳي ماڻھپو موجود هو ۽ اڄ جڏهن هُو ''مُرڪن مالھائن'' معرفت هڪڙي حسين ڪويءَ جي حيثيت سان سموريءَ سنڌ سان سَنمکُ ٿي چُڪو آهي. تڏهن بہ ساڳي هٿ جوڙ، اُها ئي نهٺائي، اُها ئي نِوڙت ۽ نِمرتا، اُها ئي مُک تي مُرڪ ۽ اُهي ئي ڀريل ڀاڪر. عزت، شھرت، دولت ۽ ايڏي وڏي پئماني تي پزيرائي ملڻ کانپوءِ اگر ڪو اسان پارو پَڇ ڍائو هُجي ها تہ پير پٽ تي ئي ڪونہ پَوي ها بلڪ پُڇ تيلي هجي ها. پر ڀارُو مل امراڻي تي ڀڳوان جي ڪِرپا آهي جو نہ سندس من ۾ ڪا مڳي آهي ۽ نہ ئي سندس ڪنڌ ۾ ڪا ڪلي لڳي آهي. نہ اجائي آڪڙ ۽ نہ ئي ڪنھن ڦُونڊ ۾ ڦوڪڻو ٿيو آهي، هڪ اهڙي لگزري قسم جي NGOs ۾ ڪم ڪندڙ ڪاٽن ڪلچر دنيا، جنھن وٽ کائڻ لئه هڪڙا ۽ ڏيکارڻ لاءِ ٻيا ڏند هُجن ۽ جيڪي هر چيز کي پنھنجي پراجيڪٽ واريءَ عينڪ سان ڏسڻ جا عادي هُجن، اهڙي ''اور دنيا'' ۾ هِن ڪَلجُڳ ۾ بہ ڪو اهڙو ڪاپڙي موجود آهي، جيڪو جھڙو اندران آهي، تھڙو ٻاهران بلڪل ڪنھن کُليل ڪتاب جهڙو، سو بہ اُن سماج ۾ جتي بچن شال اسم تہ اڃا موجود آهن پر ضمير گهڻن جا غائب ٿي چُڪا آهن ۽ گهڻن تہ اُنھن گُم ٿيل ضميرن کان لاتعلقيءَ جو اظھار بہ ڪري ڇڏيو آهي. جتي اُلٽي گنگا وهندي هُجي جتي واحد ۽ جمع، مونث ۽ مذڪر ٻئي سنڌي ٻوليءَ مان پنھنجا پلاٽ وڪڻي ڪنھن ٻيءَ ٻوليءَ جي فليٽ ۾ وڃي ٿانيڪا ٿي ويھن اُتي جيڪڏهن منھنجي ڳالھين مان ربط ڪنھن ضبط سان رضا خوشيءَ سان ٻن ڪپڙن ۾ نڪري هليو ويو آهي تہ آئون ڇا ٿو ڪري سگهان؟ ڇو تہ اُهي ٻئي عاقل ۽ بالغ آهن جن کي لفظن جا لوڙها لتاڙڻ جي خود آئين اجازت ڏي ٿو. ۽ هُونئن بہ هِيءُ دؤر تبديلي جو آهي جنھن ۾ هر ڪنھن کي حق آهي پنھنجي جنس توڻي جڳھہ تبديل ڪرڻ جو پر اِن تبديليءَ جو عَلي قاضيءَ واريءَ تبديليءَ سان ڪو واسطو ڪونھي. ڀارو مل امراڻي جي اُڏتي پنڇيءَ جھڙي روح کي ڪنھن NGO جي پڃري ۾ قيد ڪيو ويو آهي، چوندا آهن تہ ڦاسڻ کانپوءِ ڦٿڪڻ اجايو آهي، سو ڀارُو بہ آئون ڀانيان ٿو تہ ڏندين تي ڏيئي ويندو. هُونئن بہ ماڻھوءَ جون کوڙ اهڙيون مجبوريون هُجن ٿيون جيڪي نہ چاهيندي بہ اڻ وڻندڙ ماحول ۽ ناپسنديده چهرن سان گڏ ڪم ڪرڻ تي مجبور ڪن ٿيون. پر اسان کي اِها خاطري آهي تہ ڀاروءَ کي جتي بہ ڇڏيو، جنھن بہ حال ۾ ڇڏيو هُو پنھنجي ضمير کي ذرو ٽِڪو لڳڻ ڪو نہ ڏيندو، ڇو تہ هيءُ ضمير جي ضرب اُپت واري آلجبرا کان ئي اڻ واقف آهي. پر فقيريءَ جا سڀئي سبق ياد اٿس جو ايندئي چوندو ''فقيرن جي حاضري قبول پئي'' ۽ ويندي ويل چوندو ''ابا! هاڻ فقير هلن ٿا'' فقير جي گودڙيءَ ۾ گُل تہ الائي ڪنھن لئه رکيل آهن پر ملندو تہ سڀني مٿان محبتن جا مينھن مُرڪن جي صورت ۾ ڇَڄَ ڀري ڇنڊيندو. گهڻا ڏينھن لڳا تہ فون جي گهنٽي سان گڏ روح جي رِڻَ مان رڙ ڪري چوندو ''الا! ايڏا ڏينھن امر! فقيرن سان بہ ليکا ڪبا آهن ڇا؟'' نہ ملندو تہ ساھہ پيو سِيڏائيندو تہ ڪاش! ڪٿي ڀارُو مِلي وڃي، ڇو تہ هُن سان ملي پنھنجي هُئڻ جو احساس جاڳندو آهي. اِهو ئي سبب آهي جو آئون سُڪون حاصل ڪرڻ لاءِ هُن وٽ هليو ويندو آهيان. هو جيڪڏهن خوش هوندو تہ فون تي ٽھڪن جا ٽاڙيا هوندا اٿس ۽ اُداس هوندو تہ مايوس لھجي ۾ ائين مخاطب ٿيندو جو اڳلي جي اندر کي آريءَ سان چيري چار ٽُڪر ڪري ڇڏيندو، ڇاڪاڻ جو پاڻ هڪڙي هُنرمند قبلي جو فرد هُئڻ ڪري سامھين جي سيني مان سِيرائيءَ سان سوراخ ڪرڻ ۽ گِرمٽَ سان گُڙک ڪرڻ جا سڀئي گُر ڄاڻي ٿو ڪڏهن ڪڏهن فون ڪري چوندو ''امر! تون بہ اڪيلو ڇڏي وين''، سندس ميارَ ماري وجهندي آهي، ريڊيو مٺيءَ جي ڪيترن ئي ڪرائسز ۾ اسان ٻئي ڄڻا ٻِٽ رهيا آهيون ڀارو ذاتي انائن جي نڪا ضرب ڄاڻي نڪو ونڊ يا ڪٽ، پر ڪنھن ٻي جي تڪليف تي تڙپي اُٿندو، ڦٿڪي پوندو ڀلي زمين جا ٻئي پُڙ اُٿلي پون پر مورن، محبوبن ۽ پنھنجن ماڻھن جي مجبورين کي نڪين ڪيش ڪرائيندو نڪين ڪمپرومائيز، اِن ڪري گهڻن جي اک ۾ ڪٽر بہ رهيو آهي.
ڪُجهہ ڏينھن اڳ ۾ فون ڪري چيائين، ''امر! 24 تايخ تي منھنجي ڪتاب ''مُرڪن مالھائون'' جي مھورت آهي هر حال ۾ اچڻو اٿئي بلڪِ پاڻ کڻائي بہ پُڄڻو اٿئي'' چيم يار! اسان اٻوجهہ ماڻھو اسان کي ڪھڙي ڪل تہ بحر ڪھڙي بلا جو نالو آهي ۽ وزن ڪھڙي وبا آهي، اهڙي ڪنھن دوست کي چئو جيڪو ڳالھائڻ بہ ڄاڻي ۽ لکڻ بہ ڄاڻي سنڌ جيڪڏهن شاعريءَ جي ميدان ۾ خود ڪفيل آهي تہ نقلي نقادن جي بہ ڪا کوٽ ڪانھي جيڪي قلم سِراڻ تي چاڙهي تِکا ڪري رهيا آهن، اُهي فرد مان ڦيرائي فرشتو بڻائي زمين تان کڻي سَتين آسمان تي پُڄائي ايندئي، واهولو ۽ ونجهڻي ڏيندين تہ سندءِ شاعريءَ جا ڇوڏ لاهي رَندو هڻي ڪَن پُڇ ڪَتري ٻُٽي ٻڪري بڻائي ڏيکاريندئي، وڏي ڳالھہ تہ ماڻھوءَ کي ملائڪ بنائڻ اُنھن جي کاٻي هٿ جو کيل آهي، ڳالھہ ۾ ڪُجهہ ڪونھي چار ڪوريون خرچ ڪري ٻٽي ٻولڙيا پئدا ڪري سگهجن ٿا، جيڪي ڏينھن کي رات ۽ صُبحءَ کي شام ثابت ڪرڻ لاءِ نھن چوٽيءَ جو زور لڳائي سگهن ٿا ۽ سڀ کان ناياب نسخو انھن وٽ اِهو بہ آهي جو اُهي مکڻ لڳائڻ ۽ مکڻ مان وار ڪڍڻ جا بہ شاھہ ڪاريگر آهن. پر همراھہ الائي ڪھڙيءَ مِٽيءَ مان ٺهيل آهي جو مُور نٿو مڃي بلڪه جتي پير ڀرائي بيٺو آهي اُتان هڪ وک بہ اڳتي نٿو وڌي. آهي نہ هِن دورنگي دنيا جو درويش دل انسان! جنھن کي پنھنجي واکاڻ نٿي وڻي پنھنجي ساراھہ سُٺي نہ ٿي لڳي پر گِلا ٻڌڻ لاءِ گلا کولي ويٺو آهي، ست سُريون سُڻڻ لاءِ سينو سُپر ڪري بيھي رهيو آهي. خير مرضي سندس جيڪڏهن ڌڻي پاڻ مُند جون سُڻڻ جي سگهہ رکي ٿو تہ پاڻ جو ڪھڙو ٿو تيل سَڙي. هڪ ڏينھن فون ڪري چيائين ''منھنجي ڪتاب جي مھورت آهي، اوهان دوست جيڪڏهن مون جيئري تي ٻہ ٽي لفظ ڳالھائي نٿا سگهو جو منھنجي هِنئين کي واءَ لڳي تہ پوءِ مون مُئي پُڄاڻان مٿو ۽ سٿر ڪُٽي ڇا ڪندؤ؟'' ٻي ڏينھن فون ڪري چيائين ''امر ڪاش! منھنجي ڪتاب جي مھورت وارو پروگرام منھنجي تعزيتي ميڙاڪي ۾ تبديل ٿي وڃي'' هينئن تي ڄڻ هٿوڙو هڻي ڪڍيائين، دل مان دانھن نڪتي رڙ ڪري چيم گهوڙا يار! اِهو ڇا ٿو چوين ڀارُو؟ ''سندس جملي ۾ جيڪا اذيت هُئي، ڪُٺل تتر جھڙي ڪرب ۽ ڏک سندس لھجي مان ليا پائڻ لڳو هو، اهلِ دل ئي ڄاڻن ٿا ڪنھن دَردوَنديءَ دل جو دک، فورن فراز جون هِي سٽون ذهن تي تري آيون ''تیرے لہجے کی تھکن میں تیرا دل شامل ہے، ایسا لگتا ہے، جدائی کی گهڑی آگئی دوست'' هُن جي اکين مان ڪِريل ٻن لوڻياٺن لُڙڪن جي ڪوساڻ مون پنھنجي ڳلن تي محسوس ڪئي، هِن سان منھنجو درد جو رشتو آهي، هڪ اهڙو درد جيڪو بقول ڪنھن شاعر جي ''درد اتنا ہے کہ ہر رگ میں ہے محشر برپا اور سکون ایسا کہ مرجانے کو جی چاہتا ہے''۔ ڪجهہ لمحن لاءِ ٻنھي پاسي رات جي سناٽي جھڙي سُڃ ۽ سانت ڇانيل رهي اوچتو موبائيل جي اسپيڪر مان هُن جو آواز اُڀريو. ''امر! جن ساحر اکين لاءِ اسان شاعري ڪئي اُهي اکيون مُنھن ڦيري وڃن تہ پوءِ دل رت جا ڳوڙها نہ رُوئندي تہ ٻيو ڇا ڪندي، پر هُن لاءِ روئڻ مان بہ راحت ٿي ملي. روئڻ ۽ رُسڻ بہ اُنھن سان سُونھي ٿو جن سان جيءَ جڪڙيل هُجن''، عجيب ماڻھو آهي سڄي دُنيا کي جيڪو وڻي ساڻس سُلوڪ ڪري لوڻي ۾ سَرڪو نہ پوندس، وقت وارن جا ورتاءُ ۽ وار سندس وارُ ونگو ڪو نہ ڪندا پر اُهي عظيم نيڻ جن کانئس ھہڙا حسين نظم لکرايا اُهي اکيون بي رُخي برتين تہ سندس سڄي وجود ۾ وائبريشن پيدا ٿي پوندي ۽ پوءِ سندس ڪاوڙ ۾ تبديل ٿيل تيور بہ ڏسڻ وٽا هُوندا آهن، نڪو گهر جا ٺڪر جهوريندو نڪين آفيس جون ڪُونڊيون ڪِرائيندو بس رُڳو سندس دل جي ڌڙڪن جو حال ناصر ڪاظميءَ جي هِن شعر جھڙو ٿي پوندو اٿس''شور برپا ہے خانہ دل میں، کوئی دیوار سے گری ہے ابھی''. انھي ڪيفيت جي اذيت مان جڏهن بہ جهلي ٻاهر نڪرندو آهي تڏهن سندس هٿن ۾ آئون ڪو نھايت ئي شاندار نظم ڏسي کيس چوندو آهيان، ''ڀارُو! جيڪڏهن محبوبائن جا ماڻا، انگل ۽ آرا نہ هُجن ها، سندن اکين جا آگم بَڊي جي بادلن جيئن بيوفائي نہ ڪن، تہ تون ھہڙا حسين نظم لکين سگهين ها؟ اِنھن اکين جون اِهي ڪافر ادائون ئي اسان جي دلين کي آسُودگي آڇين ٿيون، اِها ئي اُها آسودگي آهي جيڪا اسان جي ذهنن کي زرخيز ڪري ٿي، اسان جي قلمن کي ڪنھن ڪُميت گهوڙي جھڙا گُڻ عطا ڪري ٿي ۽ جڏهن جوانيءَ جي جَڙي گهوڙي کي اسان عشق جي اڙي هڻون ٿا تڏهن ئي ''مُرڪن مالھائون'' پوئي سگهبيون آهن ۽ ڪو ڀارو مل امراڻي نالي حُسناڪ ڪوي اسان جي آڏو پوري شاعراڻي وقار سان ٽلندو ۽ ٽهلندو اچي بيھندو آهي''. هڪڙو اهڙو حسناڪ شاعر جنھن جي پھرين مِٺي مُراد مُرڪن مالھائون جو هر موتي مڻيو هڪ ٻئي کان ڪيئي رتيون ڪَسر، هِن جي نظمن، غزلن، گيتن، واين ۽ بيتن جي هِن ڪنٺمال ۾ نہ رُڳو ڪنھن ڪُونج ڳچيءَ لاءِ گُلن جا هار پرويل آهن، پر مورن جي مستيءَ جا ميڙا بہ آهن تہ سارنگ جا ساٺ بہ، ڪنھن سان راند رمڻ لاءِ ساريون بہ آهن تہ رکيل يارين جون سوين سنڀارون بہ آهن. ڪاسٻي جي مندر ۾ اکين جي ٿالھيءَ ۾ اُتاريل ڪنھن جي آرتي بہ آهي تہ ڪنھن لاءِ دل جي اندر اُڀ کان اوچيون اڏيل ڪيئي ڪائناتون بہ آهن، مُرڪن مالھائن ۾ ڀارو جڏهن پنھنجي رب سان رِهاڻ ڪري ٿو تہ نہ ڪنھن چنڊ ٿيڻ جي تمنا ڪري ٿو، نہ ئي ڪنھن سج بڻجڻ جي آرزو ٿو ڪري هيءُ فقط اِنساني تاريخ جي امر حصي ٿيڻ جي ڪلپنا ٿو ڪري. ڀارو ڀُونءِ جي ڀوتارن هٿان ڪنھن بہ ڳاڙهيءَ کي ڪاري قرار ڏيڻ خلاف قلم کان ڪارائي جو ڪم وٺڻ ڄاڻي ٿو، هُو پنھنجي محبوب سان مِلڻ وقت روايتي انداز نٿو اپنائي بلڪ زماني سازي بجاءِ محبت بازيءَ سان ملي ٿو، هو ڪنھن مَئي خاني مان فقط درد جو دارون پيئڻ ويندو آهي. ڀارو وقت جي ڪنھن بہ آمر کي اڪيلائي ۾ ٻُڏي مرڻ جو موقعو تلاش ڪرڻ جيتري مھلت ڏيڻ لاءِ بہ تيار ڪونھي کيس پنھنجي محبوب کان چُمي گهرندي بہ ڪو خوف، ڪو خطرو محسوس ٿئي ٿو ۽ هِيءُ اُن چُميءَ کي خواجه فريد جي ڪافيءَ سان ڀيٽي ٿو ۽ اُن چُميءَ جي اوڌري رهجي وڃڻ جي انديشي کي ظاهر ڪري ٿو، ڇو تہ کيس خبر آهي تہ ڌماڪن جي رُت اڃا الائي ڪيترين چُمين جا ڪنڌ لڻڻ لاءِ لٿل آهي. ڀارو هڪ مُحب وطن شاعر آهي، جيڪو اياز جي شاعريءَ مان جهانسيءَ راڻيءَ جي تلوار اڌاري کڻي ديس دروهين جا سر قلم ڪرڻ گهُري ٿو، هِيءُ هڪڙي انقلابي وانگر هر دؤر جي هٽلر جي روح ۾ ڪولھين جيئن ڪوڪو ٺوڪڻ ٿو چاهي. ڀارُو پورهيت دوست فڪر جي ڦرهيءَ مان فيض حاصل ڪندڙ هڪ اهڙو ڪوي آهي جيڪو طبقاتي نظام جي سمورن ذريعن کي پنھنجي ڏات جي ڏاٽن سان لُڻڻ چاهي ٿو، ڪارونجهر جي ڪور تي مورن جي مَٽڪو، هاڙهي ۾ هَرڻين جا ڇال، پاري ننگر جي پُوڄارڻ جو پيار سلامت ڏسڻ جو آرزو مند ڀارو، روپلي جو نئون روپ چاهي ٿو. هِيءُ هر قسم جي ماٺ کي مُڪ سان ٽوڙي عظيم آجپي جو اوچو آواز اُڀارڻ چاهي ٿو، هِيءُ پنھنجيءَ شاعريءَ ذريعي سمورن وطن دوست ڪردارن کي راسُوڙن جي روپ ۾ سُرخ سلام پيش ڪرڻ گهري ٿو. هِن جي حسين نظمن ۾ دل جون درد ڪٿائون بہ آهن، تہ دُکي انسانيت جا اُداس سُڏڪا پڻ، پرينءَ پچارون ۽ واويلا وڻڪارون بہ آهن تہ گُلن کي گهُٽي مارڻ جون گهٽنائون پڻ، مرَوي جا مُرجهايل مُک بہ آهن تہ روهيڙن جون روئيدادون پڻ، وطن جي ويراني، حياتيءَ جي حيراني بہ آهي تہ مجبورين جو ماتم پڻ هَي نظم، هَي وايون، هَي بيت ڪنھن وڃايل ويساھہ جي وارتا بہ آهن تہ ڪنھن ايندڙ اُجري صُبحءَ جي اڳڪٿي پڻ، هَي نظم عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ اُڀا ٿيل عَلم بہ آهن تہ پنگهٽ تي پيرين اُڀراڻي پاڻياريءَ جي زخمي پيرن جا پنڌ پڻ، اُگهاڙي اُڀ هيٺ ويٺل ڪنھن اُداس عورت جون آتم ڪٿائون بہ آهن، تہ ڪنھن سڙيل گهر جون صدائون پڻ، ڪنھن حسينا جون ڪافر ادائون بہ آهن تہ تتيءَ ۾ گهڙو ڀريندڙ ٿاريليءَ جو ٿڪ پڻ، ڪاڙهي ۾ ڪاٺيون جهوريندڙ جُهور عورتن جي فوٽوگرافي بہ آهن تہ مينھن ۾ ڪيل مورن جي رقص جي مصوري پُڻ، کوھہ جي سيرڻ ۾ سڄي ڄمار کيلي هڪليندڙ ڪنھن گوسيءَ جو غم بہ آهن تہ پن لاهيندڙ پورهيت هٿن جي لفن جي لالائي پڻ، هَي نظم نہ رُڳو ناسي ٿيل نظرين جا نوحا آهن، پر ڪِن قلمن جي چُڪايل قيمت جا مرثيا پڻ، هَي صحرا جا سڏ بہ آهن تہ ڪنھن جي نيرن نيڻن جا نياپا پڻ، ٻانھييءَ بنا ٻوکين ٻانھن جي دانھن بہ آهن تہ ڪنھن ٽِڪن بنا ڪوڙي گج جي ڪٿا پڻ، پري ويل ورَ جي اوسيئڙي ۾ ويٺل وَنيءَ جي وينتي بہ آهن تہ ڪراچي ڪمائڻ لاءِ ويل نوجوان پُٽ جو لاش موٽي ملڻ تي ماءُ جي ممتا پڻ هِنن نظمن ۾ هيلوڪي ٻوڏ ۾ ٻُڏل رُڳو هڪ گهر جو غم ناهي پر پُوري ناڪارا نظام تي هڪڙي ڪٽرايل FIR پُڻ آهي. هَي نظم وطن سان وفا ڪندڙن لاءِ گُلن جو هار آهن تہ غدارن لاءِ گاريون آهن. هِنن نظمن ۾ مزاحمت جا ريٽي ملير جھڙا رومانوي رنگ بہ ملندا تہ انساني احساس جا جمالياتي عڪس بہ جابجا ملندا. هِنن نظمن ۾ حياتيءَ جا هڙئي رنگ، سُونھن جا سڀئي تصور ۽ خيالن جي خارڪ ڇڊيل آهي ۽ هن جي هر نظم ۾ هڪ الڳ دنيا آباد آهي، جنھن ۾ ڪيئي ڪائناتون پَسي سگهجن ٿيون، هَي نظم پنھنجي گهاڙيٽي، فني لوازماتن موضوعن جي فراواني، رڌم رواني ٻوليءَ جي حَسين لھجي جي مٺاس ۽ مڌرتا، مخصوص ۽ منفرد اسلوب سبب پنھنجو روح، پنھنجو رنگ، روپ، مُک ۽ مھانڊا رکن ٿا جن کي پڙهڻ سان پُسيل مِٽيءَ جي مهڪ اچي ٿي ۽ جيءُ جهومي پوي ٿو.
تازو مون جڏهن ڀاروءَ جي شاعريءَ مرڪن مالھائون ۾ پڙهي تڏهن سچ پُڇو تہ مون جھڙي اڌ اکري ۽ گهٽ پڙهيل ماڻھوءَ کان بي اختيار دانھن نڪري ويئي مار! هڪڙو ماٺيڻي طبيعت وارو هي ٿري ڇوڪرو ايڏا سگهارا ۽ ايڏا ڀرپور نظم لکي سگهي ٿو، جيڪي گهڻن وات وڪيلن جا وات بند ڪري سگهن ٿا، ڀارُو نہ رڳو ٿر جي تاريخي تھذيبي ۽ ثقافتي روين ۽ قدرن جو ترجمان شاعر آهي، پر هِيءُ پُوري سنڌ جي نئين نڪور فڪر جو نمائندو شاعر پُڻ آهي. جنھن جي نظمن جا موضوع ڀلي پُراڻا ئي آهن پر اُنھن جي پيشڪش جو انداز انوکو ۽ اڇوتو آهي ۽ اُنھن ۾ سمايل سوچ تازي ۽ تواني آهي. بلڪل تازي هوا جي وڻندڙ جهوٽي جھڙي سندس شاعريءَ جا ڪي ڪردار برابر ڪلاسڪ آهن، جن تي ڪيئي بار ۽ ڪيترن ئي شاعرن لکيو آهي پر اُنھن سان مخاطب ٿيڻ جو اسلوب الڳ اٿس، اُنھن سان هم ڪلام ٿيڻ جو هنر پنھنجو اٿس، هِن وٽ پنھنجن ڪردارن سان مخاطب ٿيڻ جو پنھنجو ڏانءُ آهي هِن ديس جي دلربائي ۽ مٽيءَ جي محبوبيت ڀاروءَ جي نظمن ۾ کنهبي چُنيءَ جي چٽن جئين چٽيل آهي ۽ ڪوري گهڙي جي گُلن جيئن جَرڪي رهي آهي.
ٿر جي پٽيءَ ۾ پابند نظم جا ڪيئي شاعر پنھنجي شاعراڻي وقار سان ڀرپور اظھار ذريعي ڪنھن کي بہ اڃا تائين وارو ئي ڪو نہ ٿا ڏين پر منھنجو ذاتي خيال آهي تہ هِتي ٿر ۾ نثري نظمن ۾ ڀارُو مل امراڻي في الحال تہ سڀني کي پُڙين تي پُڙ ماري ويو آهي. ٿِي سگهي ٿو بلڪه ڪُجهہ دوست چون ٿا تہ ڀارو جي نظمن تي اياز جو اثر ۽ رنگ آهي، اياز جي رنگ کان ڪو بہ آجو ڪونھي، پر جيستائين مون محسوس ڪيو آهي تہ ڀاروءَ جي نظمن جي نہ رُڳو زمين پنھنجي آهي پر آسمان بہ پنھنجو آهي، هِن جي شاعريءَ جي سينا بہ پنھنجي آهي تہ سيما بہ پنھنجي اٿس، موضوع بہ پنھنجا اٿس تہ ماحول بہ پنھنجو ئي، ڪردار بہ پنھنجا اٿس تہ گفتار بہ پنھنجي اٿس، هِن جا نظم ٻاجهاريءَ ٻوليءَ عاليشان فڪري اُڏام ۽ گربي جھڙي گهاڙيٽي سان سنڌي شاعريءَ جي اُجري آڪاش تي ايئن اوچتو نکري نروار ٿيا آهن، جئين سَرلي وچان اوچتو سُج نڪري نروار ٿيندو آهي، يا جئين جهُڙالي رات ۾ ڪارن ڪڪرن منجهان چنڊ ظاهر ٿيندو آهي. هاڻ جيڪڏهن اسان جي ڪنھن ڪويسر کي ڀاروءَ جي شاعريءَ ۾ ڪي عيب نظر اچن ٿا ۽ هوندا بہ سھي، ڇو تہ عيبن کان آجي فقط رب پاڪ جي ذات آهي ۽ هيءَ تہ هُونئن بہ شاعريءَ آهي، جنھن ۾ ڪيئي جهول فني يا فڪري لحاظ کان ٿي سگهن ٿا، سو جيڪڏهن شاعريءَ جو ڪو سَرجن ويھي وَڍ، ٽُڪ ڪري تہ آڏي ڪاٺي اُن کي پاڻ بہ ڪونہ ڏينداسين، پاڻ تہ هلندا آهيون فقط درويش دل جي ڌم تي ۽ دل اها ڌم ڏيئي بلڪ ڀيرِ تي ڏنئوڪو هڻي بيھي رهي آهي تہ سنڌ ۾ هن وقت آڱرين تي ڳڻڻ جيترا اهڙا شاعر آهن جيڪي عالمي پد جا نظم لِکن ٿا، اُنھن ۾ اسان جي هِن ڀارو مل امراڻي بنا ڪنھن چٺيءَ چَپائيءَ جي وڏي جڳھہ والاري آهي، آئون دعويءِ سان چوان ٿو تہ ڀاروءَ جا هَي نظم جھڙوڪ ''لورڪا جو فڪر''، ''ٻڏو ناهي ٻوڏ ۾ رُڳو منھنجو گهر''، ''چمڙي جو وڏو ڀاءُ''، ''منھنجي هيءَ ننڍڙي دُنيا''، ''هٽلر جو رُوح''، ''چمي اڌ ۾ رهجي ويئي''، ''هُو ڇاڇري جو سورج''، ''لورڪان ۽ آئون''، ''مايا ڪو وسڪيءَ کي ميار''، ''البرٽي منھنجا شاعر ڀاءُ''، ''ٽراسٽڪي! آئون تو سان رهاڻ ڪرڻ ٿو چاهيان''، ''هڪڙو آلندي بہ جنم وٺندو آهي''، ''تو کي گُلن سان پيار آهي'' ۽ ''منھنجي ديس جا ليکڪ'' سميت کوڙ سارا سندس اهڙا نظم آهن، جن کي پُوري ايمانداريءَ سان اُنھن جي اصلي رُوح مطابق انگريزي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪجي تہ اِهي نظم سڄي دُنيا ۾ واڄٽ وڄائي ڏيکارين، ڇو تہ اِهي نظم شاعريءَ جي عالمي اصولن ۽ معيار تي سئو سيڪڙو پُورا لھن ٿا. خير پاڻ کي هو پاڻي ۾ پٿر اُڇلائڻو، هاڻ لهرون اُٿن ٿيون، ويرون اُٿن ٿيون يا ڪا جوار ڀاٽا جنم وَٺي ٿي، وُٺي جون خبرون پاڻھي پانڌيئڙا ڏيندا. اسان وٽ هڪ عام چوڻي آهي تہ جن کي ريسَ نہ ٿي تِن کي جڳيسَ ڪھڙي ٿيندي. ٻين جي مرضي کين ريس ٿئي يا جڳيس پر مون کي سچ پُڇو تہ ريسَ ٿي آهي تہ ڪاش! اهڙا نظم آئون لکي سگهان ها، پر ڏات ديوي هر ڪنھن تي هٿين ڇائون ناهي ڪندي، اِهي بُلند و بالا ڀاڳ اسان جي ڀاروءَ جا آهن، جنھن تي ڪويتا راڻي راضي ٿي آهي، جنھن کيس ڀٽن جي ڀاڪُرن مان اُٿياري بادلن ڀيڙو بُلند پرواز ڪرڻ جي شڪتي عطا ڪئي آهي. هڪ اهڙي سگهہ يا شڪتي، جنھن کي حاصل ڪرڻ لئه مون پارن اڌ عُمر ڳاري ڇڏي آهي.
(ڀارو مل امراڻيءَ جي ڪتاب ''مُرڪن مالھائون'' جي مھورتي پروگرام ۾ پڙهيل پيپر).

بيڪار کان بيگار ڀلي آهي.

پاڻ واري هِن ڀٽاري سماج ۾ فوٽ پاٿ تي سُڄو ڏينھن ڀٽڪي، ڀٽڪي سُتل ڪِن پينو فقيرن کان وٺي ڳوٺن ۾ گهمري تي ايندڙ ڪِن جوڳي فقيرن تائين کوڙ اهڙا ڪردار آهن، جيڪي ڄڻ تہ اياز جي هنن سِٽن جو جيئرو جاڳندو ثبوت آهن تہ؛
ســدا آهــي سـاھہ کـي، ڳڀي جي ڳولا،
ڍؤ بنا ڍولا! ناهي ساڃاھہ سُونھن جي.

سُونھن جي شناخت ۽ سُڃاڻپ بہ تڏهن ئي ٿِئي ٿِي، جڏهن ماڻھوءَ جي پيٽ ۾ ڪا شيءَ هُوندي، ورنہ آنڊن جي شور و شُغل ۾ ڪوئي آواز ٻُڌڻ ۾ ناهي ايندو، تڏهن ئي تہ چون ٿا تہ اَنَ بنا ايمان ڪونھي ۽ ايئن بہ چوندا آهن تہ ''پہلے طعام پھر کلام'' شايد اهڙي ئي ڪنھن ڪيفيت جي عڪاسي ساحر لڌيانويءَ هئين بيان ڪئي آهي تہ؛
نور سرمایہ سے ہے روئے تمدن کی جلا،
ہم جہاں ہمیں وہاں تھذیب نہیں پل سکتی
مفلسی جس لُطافت کو مٹا دیتی ہے۔
بھوک آداب کے سانچوں میں نہیں ڈھل سکتی۔

بلڪل اِهو ڌنئوري ڏينھن جھڙو سچ آهي تہ ڪنھن انگ اُگهاڙي ۽ پيٽ بُکي انسان تہ ڇا حيوان کي بہ اوهان تھذيب و تمدن جي ڪارب ۾ قيد ڪري نٿا سگهو. ماڻھوءَ جي مُهذپَڻي کي پرکڻو هُجي تہ اُن کي ڪجهہ ڏينھن اُڃيو ۽ بُکيو رکي پوءِ ڪنھن سَت رڇيءَ دعوت تي آندو وڃي، اَڇا ڪارا پاڻھي پڌرا ٿِي پوندا. بحر ڪيف بيروزگاري ۽ بُک رُڳو هِن پاڻ واري ''ڪشورِ حَسين'' جي ڪمزوري ڪانھي ڪا، هيءُ تہ هڪڙو عالمگير مسئلو آهي، جنھن هَڻي سڄيءَ دُنيا جا ڌاڻا ڪڍي ڇڏيا آهن ۽ پُوري دُنيا کي وڌندڙ بُک، بيروزگاري ۽ بدحاليءَ جي مسئلي مُنجهائي وڌو آهي، پر فرق فقط اهو آهي تہ اسان بيروزگاريءَ کي ڪا بيماري سمجهي ذهني مريض ٿي پيا آهيون. جڏهن تہ دُنيا اُنھي مسئلي کي حياتيءَ جو هڪڙو عام رواجي مسئلو سمجهي منھن ڏيئي رهي آهي. هُونئن جي سچ پُڇو تہ بيروزگاري خود ڪو مسئلو آهي ئي ڪو نه! بس هڪڙو رويو، هڪڙي سوچ آهي جيڪا اسان پاڻ تي هروڀرون حاوي ڪري ڇڏي آهي تہ اسان بيروزگار آهيون معنيٰ ڪنھن موذي مرض ۾ مُبتلا ٿِي ويا آهيون، جنھن جو ڪو علاج ئي ڪونھي، زندگيءَ جي مسئلن ڏانھن اسان جي اهڙي روش اسان جي ذهني پَسماندگيءَ جي نشاندهي ڪري ٿي، اسان ۾ حالتن سان مقابلو ڪرڻ جو حوصلو ۽ همت ڪانھي، اُن ڪري اسان فرار جا بھانا ڳوليون ٿا. فارين ڪنٽريز جي سُڌريل سماج ۾ ائين نٿو ٿئي، ڇو جو اُتي ماڻھو رُڳو سرڪاري نوڪرين تي نٿا ڀاڙين، بلڪ ٻاهرين ملڪن ۾ گهڻو ڪري ماڻھو ڪَن ئي ذاتي ڪاروبار ٿا. يا نجن ۽ خانگي ادارن ۾ ئي ڪم ڪرڻ کي ترجيح ڏيندا آهن. ڇاڪاڻ جو اُنھن ادارن ۾ پگهارون ۽ ٻيون سھولتون سرڪاري ادارن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پُرڪشش هونديون آهن. پر ايترو ضرور آهي تہ اُتي ڪنھن رئيس، ڪنھن وزير، ڪنھن وڏيري جي چٺيءَ چپاٽيءَ يا فون ڪالز تي ڪا سروس ڪا نٿي ملي ۽ نہ ئي ڪنھن وزير جي واٺي جي مُٺ گرم ڪرڻ تي ڪا نوڪري ملي ٿي ۽ اُتي ائين بہ ڪونھي جئين ٿر ۾ ڪم ڪندڙ NGOs جي ڪُت خلق پلجي تہ ٿرين جي نالي ''پِنَ'' تي ٿِي پر اُنھن NGOs ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ ماڻھو وري ٻاهريان ''امپورٽيڊ'' ٿي ايندا آهن، يعني NGOs جي انچارجن جا ڪاڪا، ماما، ماسات، سؤٽ مطلب تي ڪي ناناڻڪيءَ نُک مان ڪي ڏاڏاڻڪي ڏيھہ مان، ۽ ٿر جي نوجوانن لئه ڪول اٿارٽي کان وٺي NGOs تائين سڀني ادارن جا دروازا ايئن بند آهن جيئن گهوسٽ اسڪولن ۽ اسپتالن جا در عوام ۽ اسٽوڊنٽس لئه بند آهن.
خير دنيا ۾ ايئن ڪونھي اُتي اهڙي قسم جو تصور بہ نٿو ڪري سگهجي. اهي ''اضافي لياقتون'' پاڻ واري سماج جوئي شيوو آهن. دنيا ۾ ماڻھو هر قسم جو ڪم اهليت ۽ قابليت جي بنياد تي ئي حاصل ڪن ٿا ۽ هر ڪم کي اهميت ڏين ٿا. وڏي ڳالھہ تہ اُنھن وٽ ڪم ۽ وقت جو قدر آهي. اُهي پنھنجي فالتو وقت کي بہ سھي نموني استعمال ڪرڻ ڄاڻن ٿا. اُنھن کي جيڪڏهن ڪا گهڙي فُرصت جي ملي تہ اِها بہ پڙهڻ يا گهمڻ ۾ سجائي ڪندا پر اسان وانگر سڄو ڏينھن ڪنھن ٻاڪڙا هوٽل تي واندو ويھي مکيون ڪو نہ ماريندا.تڏهن ئي تہ بوريت يا بيروزگاري نالي جو انھن وٽ ڪو تصور ئي ڪونھي. پر پاڻ ماڻھن وٽ وري قصو ئي اُبتڙ آهي. همراھہ مَري، جُهري مئٽرڪ پاس ڪئي تہ ڄڻ ڇيڙو ڪري ڇڏيائين. پوءِ نہ ڪندو ڪو ڪم ڪار ۽ نہ ئي وري ڪو کيس ويچار. سڄو ڏينھن سنگت سان ڪندو آواراگيون، لٿي جي نہ ڪا اُڀري جي، آڌيءَ جو لڪي لوڙهو ٽپي گهر ۾ ايئن گهِڙندو ڄڻ ڪو ڪاٽڪو چور. ماني مِلي نہ ملي موبائيل ضرور هوندس جنھن تان ڪنھن نہ ڪنھن پرائيءَ نياڻيءَ جا مِسڊ ڪالز سان تنجڻ تپائيندو پوءِ ڀل تہ اديءَ کي ڪنان نڪو جنان پر ادو عشق ۾ انڌو هوندو. نيٺ بيزار ٿي ڳُرن واري ائين سُمھي رهندو ڄڻ پُٽ سڄي رات پاڻيءَ جي واري تي هو يا ڍڳيون چاري هاڻ اچي لٺ رکي سُتو آهي، اڳئين جو ڇڪي رلي لاهي اُٿاري چئبس تہ ''ابا! اُٿي ڏينھن ڪَپار تي آيو آهي، ڪنھن جيب، ڪنھن جڻاٿ، ڪنھن ڪاٺيءَ، ڪنھن ڪُڙلي جي ''ڪر'' تہ اُٺ جيڏي اوٻاسي ڏيئي لُنڊي بلا جئين بدن وَٽي چوندو ''آئون ڌِڪا کائي کائي ٿڪو آهيان، نوڪري تہ ڪا ملي ڪا نہ ٿِي باقي آئون هيترو پڙهيل آهيان ڪا مزدوري ڪئين ڪريان؟'' معنيٰ تہ مزدوري يا پورهيو ڪا ڪچي گار آهي. جنھن کان اسان جو نئون نسل ائين وَئون ٿو وڃي جيئن بلدياتي چونڊن کان اسان جا بچن شال حڪمران وَئون ويندا آهن. اڌ عُمر ڳري ويندي سرڪاري نوڪريءَ جي آسري ۾ اڇا اچي ويندا، ڪرڪيٽ جي ٽيم جيترا ٻار پيدا ڪندا، قرض جا ڪَوڙ چڙهي ويندا، پر مجال آهي جو ڪک جهوري ٻيڻو ڪن. ڪمائڻ جو چئبو تہ ٻرو چڙهي ويندو، باقي ڪنھن وانديءَ بيٺڪ تي ويھي سڄو ڏينھن تاش کيڏڻ ۽ پوءِ اُتان ئي ڪنھن سماج دُشمن جھڙي دوست جي وَرُ چڙهي ويندو ۽ پوءِ نہ رهندو گهر جو نہ ئي گهاٽ جو! جيڪڏهن حال ڀائي بڻجي احوال اوربس تہ ''ٻچا! هي حال ڇو ڪيا اٿئي؟'' تہ مُنھن ماکنڊي قبرستان جھڙو ڪري چوندو ''يار! بيروزگار آهيان'' بيروزگاري نہ ٿي ڄڻ ڪا لا دوا بيماري آهي، جيڪا کيس ڪنھن وبا جيئن وڪوڙي ويئي آهي، جنھن جيئري رهڻ جا سڀئي رستا ائين ڪٽي ڇڏيا آهن، جيئن واپڊا وارا عيد، ڏياري ۽ هوليءَ تي کين خرچي نہ ڪرائيندڙ ''ڪنجوسن'' جي لائين ڪٽي ڇڏيندا آهن. پر جيڪڏهن پُٺيءَ تي هٿ ڦيري پاٻوھہ مان پُڇبس تہ ''پُٽ! پڻھين ڪھڙو ڪامورو هو، جنھن لُنڊيون لتاڙي مال چاري، تغاريون کڻي هِيءُ هيڏو سارو عيال پاليو، نپايو ۽ پوءِ پرڻائي گهرين، تڙين جو ڌڻي ڪيو آهي، اوهان کي بہ خدا تعاليٰ هٿ پير ڏنا آهن، اکيون ڏنيون آهن، دماغ ڏنو آهي، ڪُجهہ اُنھن کي بہ هَنڍايو، خرچ ڪريو ۽ کپايو، اڳيان اُنھن جو بہ پُڇاڻو ٿيندو. هيڏي ساري سھڻي سُندر ۽ صحتمند جسم هئڻ باوجود اوهان پاڻ کي بيوس ۽ هيڻا ڇو ٿا ڀانيو؟ پر نيت کوٽي عُذر گهڻا، سو ڀلي پيو سڄو ڏينھن سيراهون ڏي پر سُڌرڻ بجاءِ ساڳيون ڳن ساڳيءَ ڪھاڙي ۾.
اڄوڪي نسل جي اِها وڏي ڪمزوري آهي جو اُهو چاهي ٿو تہ پڙهڻ بدران ڪاپي ڪري پاس ٿيان، محنت بجاءِ مُفت ۾ مال هٿ ڪريان، ڪم ڪار ۽ ڌنڌي ڌاڙيءَ بدران رُڳو پٽيلي ڪيان، ڪا ذميواري ڪا پابندي پاڻ تي نہ کڻان، معنيٰ پرائي مال تي ٽوپي نراڙ تي، ڪنھن سياسي ''جيڪ'' ذريعي ڪو ''چيڪ'' حاصل ڪيان، ''شارٽ ڪٽ'' طريقي سان رات جي پيٽ ۾ راڄ ڌڻي بڻجي رَعيت جا ميت بہ وڪڻي وياج تي ڏئي ڇڏيان. نام نھاد نيتائن جئين جنتا جي جيئڻ ۽ مرڻ جا هڙئي حق ۽ واسطا حاصل ڪري وٺان. اڄوڪي نئين ٽھيءَ مان گهڻا ئي چوري، چڪاري، چغلخوري، گلا ۽ ٻي دُنيا جھان جي هر بُرائي پنھنجو جائز حق سمجهي حاصل ڪرڻ گهُري ٿي. پر محنت مزدوري کي مھڻو سمجهي ٿِي، ڌنڌي ڌاڙيءَ کي عيب سمجهي ٿي، ڌنار، وڇار بيھڻ کي گهٽتائي سمجهي ٿي ۽ ڇاتي ٺوڪي چوي ٿي تہ ''آئون فلاڻي جھان خان جو پوٽو، فلاڻي رئيس جو ڏوهٽو، فلاڻي اُتمذات جو شھزادو پورهيو ڪئين ڪريان! ماڻھو ڇا چوندا؟ مَرسون مَرسون پر ڊپ ڪِنھين چرسون. يعني چُرندا چار آڱر ڪونہ ڪک جهوري ٻيڻو ڪونہ ڪندا، باقي پنھنجي نِڪمائي ۽ نام نھاد نسلي برتري ثابت ڪرڻ لاءِ سوين دليل پيش ڪندا آهن. اها خوشفهمي، اها خود فريبي ۽ احساس بَرتري اسان جي هڪ پُوريءَ پيڙهيءَ جي ذهنن کي ڪلر جيئن کائي کوکلو ڪري رهي آهي. هِيءَ هڪڙي بيمار سوچ آهي، جيڪا اسان جي نئين نسل جا دماغ سِم وانگر ناڪاره ۽ نڪما ڪري رهي آهي. سرڪاري نوڪري ڪا ضروري ڪونھي، خانگي نوڪريون بہ کوڙ پيون آهن، ڌنڌا ڌاڙي هِتي بہ کُٽا ڪونھي، ڪا مانڊڻي هڻي، ڪا هوٽل کولي، ڪنھن دُڪان تي بيھي، ڪنھن گاڏيءَ تي ڪم ڪري، ڪٿي ڌراڙ بيھي، ٻہ ٽي ڏوڪڙ ڪمائي بہ ماڻھو پنھنجن پيرن تي بيھي سگهي ٿو، ۽ هِن بيروزگاريءَ واري ڀوت مان نجات حاصل ڪري سگهي ٿو ۽ جڏهن ماڻھوءَ کي واندڪائي جو وقت ئي نہ مِلندو تہ پوءِ بوريت يا بيزاريءَ جو سوال ئي پيدا ڪو نٿو ٿِئي. ضرورت اِن ڳالھہ جي آهي تہ نہ رڳو نئين نسل کي محنت مزدوري ڪري پنھنجو قيمتي وقت سَجايو ڪرڻ گهرجي بلڪ کين عِلم ۽ هُنر خاص طور تي جديد ٽيڪنالاجيءَ جو علم حاصل ڪرڻ گهرجي. جيڪو هِن دؤر جي اهم ضرورت آهي. ماڻھوءَ وٽ جيڪڏهن هٿ جي وِڄا آهي ۽ جديد علم آهي تہ اُهو ماڻھو دليلن سان دنيا فتح ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن ماڻھو وٽ عِلم، هُنر ۽ محنت جو جذبو ناهي تہ اِهو ڄڻ تہ هٿين خالي ۽ سُڃو آهي. پوءِ ڀل تہ وٽس مائٽاڻي ڇڏيل لکن جي ملڪيت ڇو نہ هُجي. پر علم، هُنر ۽ محنت کانسواءِ انسان جي پنھنجي هستي ڪا معنيٰ ڪا نہ ٿي رکي، هِن جو پنھنجو وجود ڄڻ تہ ڌرتيءَ تي بوجهہ آهي، ڄڻ تہ اُن ماڻھوءَ هِن جھان ۾ اجائي گهوئي کاڌي آهي. وقت جي تقاضا آهي تہ اسان ۽ اوهان وٽ نہ رُڳو ديني ۽ دُنوي عِلم هجي پر حياتي گهارڻ جا گُر بہ اچڻ گهُرجن، جئيڻ جا ڊولائتا ڍنگ ۽ سِيبتا، سليقا بہ ايندا هُجن. پر اِهو سڀڪجهہ پاڻ مُرادو ڪنھن جادوءَ جي ڇڙيءَ سان اسان وٽ پاڻھي هلي ڪو نہ ايندو. اُن لاءِ هٿ پير هڻڻا پوندا، رت وِلوڙي ڀت ڪرڻو پوندو. باقي هٿ، هٿ تي ڌري ويھڻ ۽ اجايا خيالي پُلاءُ پچائڻ سان ماڻھو ذهني مريض تہ ٿي سگهي ٿو پر ڪا هڙ حاصل ڪري نٿو سگهي. بوريت يا بيزاري جو واحد حل اِهو آهي تہ ماڻھو پاڻکي مصروف رکي، بيڪار کان بيگار ڀلي آهي، واندو ويھي پنھنجي ذهن ۾ اجاين ويچارن جا اوڏاڻا اُٺ وڙڪائڻ بدران پنھنجي جسم توڻي ذهن کي تعميري ڪمن ۽ سوچن ۾ رُڌل رکڻ سان اوهان پاڻ محسوس ڪندا تہ بيروزگار هُئڻ باوجود اسان وٽ وقت ڪنھن سان ويھي ڪجهہ لمحا ڪچهري ڪرڻ جيترو بہ ڪونہ آهي.

تعليم کي تريون

ٻہ ڏينھن اڳ اسان جي اوطاق تي فون ڪري ڀائي ڀورا لال فرمايو تہ آئون ساڻس فون تي ڳالھايان، اسڪول اوطاق کان ڪُجهہ مُفاصلي تي آهي، سو اُتان سرڪاري سڏ کي وَرنائڻ لئه هليو آيس، همراھہ مليو، خوب کليو ۽ پوءِ چيائين تہ ڇنڇر تي مٺي پُڄ اُتي، توکي يعني مونکي تعليم مُتعلق ڊينگهرن تي ٻوڙ هارڻو آهي. چيم ابا! تعليم جو موضوع تہ ائين وسيع ۽ ويڪرو آهي، جيئن هِن مُلڪ ۾ ڦھليل مھانگائي، اُن جي ڊيگهہ ويڪر ماپڻ لئه مون مسڪين وٽ نڪو آهي ڦُٽ پَٽي ۽ نہ ئي ڪو ٻيو اوزار، سوجي ڪو ليڪو ڇڪي ڏئين تہ پوءِ پيا ڳن ڏينداسين. پر همراھہ چئي نڪا جهل نڪا پل سڀڪا پَسي پرينءَ کي... خير ڳالھہ منھنجي مَٿي ۾ ڪو نہ ويٺي ۽ جڏهن بہ ڪا ڳالھہ مٿي مٿان گذري ويندي آهي، تڏهن اسان لُوھہ ڪندا آهيون. تعليم کاتي جي هڪڙي دوست ڏانھن جنھن کي آئون تہ هر درد جي اينٽي بايوٽڪ دوا چوندو آهيان، پوءِ جي ڪنھن کي ڦَڪيون فرق نٿيون ڪن تہ اُن ۾ اُنھي ڪلرڪ جو ڪھڙو ڏوھہ؟ سو ڳالھہ هلي پئي تعليم جي ''سَت واتي بلا جي'' جيڪا اسان جھڙن اٻوجهن جي مغز ۾ ڏاڍي دير سان ديرو ڄمائيندي آهي. خير مون شري سنتوش کان آڏي پُڇا ڪئي تہ ابا! اُتي ڪرڻو ڪُڄاڙو آهي ۽ ڪھڙي موضوع تي مٿاڪُٽ ڪرڻي آهي، خدا پُٽين مان پاڙاڏي شري سنتوش کي، جنھن چيو تہ ''ابا! مائي تعليم اگهي ٿي پئي آهي ''اُن کي وڃَي تريون هڻ'' خير سنتوش تہ پاڻ تان لاهي وڌي اسان جي ڪنڌ ۾، کيس خبر بہ آهي تہ اسان جھڙن اٻوجهن جي هِتي دال قطعي ڪا نہ ڳرندي، پوءِ بہ هر ڀيري اَتريو پتَريو ڪريو، ڦِريو، گِهريو، اچيو اسان جھڙن فقيرن مٿان بيھو رهي، ۽ ڏيھہ اڳيان ڏِٺو ڪريو وجهي. معاف ڪجو! جيڪڏهن آئون موضوعءَ کان هٽي ويو هُجان، هونئن جي سچ پُڇو تہ هٽيل تہ ڇا پر پورو نظام ئي پٽڙيءَ تان لٿل آهي تہ پوءِ مون اڪيلي تي ميار ڪانھي.
پھرين ڳالھہ تہ هيڏن وڏن تعليمي ماهرن، علم وارن عقل جي اڪابرن اڳيان مون جھڙي مسڪين جي ڪھڙي مجال جو ويھي تعليم جي تُرهي کي تارڻ بابت سَت سُريون سُڻايان. خير پاڻ واري هِن ڪشور حَسين جي عام طور ۽ سنڌ جي خاص طور تعليمي نظام جا ترا ڪڍڻ ۾ وسان ڪنھن بہ گهٽايو ڪونھي. عالمي بئنڪ ڪا ڪاري لڳائي تہ واھہ باقي ڀائو! نُورَ ڀٽاري جو سُونھن ڳالھہ گوڙ کان چڙهي ويئي آهي. ڪا هڪ اڌ شيءَ هُجي تہ کڻي ڌوڙ ڍڪي ڪجي، هِتي تہ کوڙيءَ کي ئي ڦيرو آهي، بلڪه ڏيرو ئي ڏهريءَ ۾ آهي، اُن جا نَٽَ بولٽ ٽائيٽ ڪرڻ لئه پاڻ وٽ پانو ئي ڪونھي، پر اڃا ڪاريءَ ڏُڌي اَڇو اچي پيو. سو جي هِي پنج ست اَڇيون ڏاڙهيون اَچي، مَچي ڪنديون تہ ڪونہ ڪو کڙ مان تيل نہ تہ بہ پاڻي تہ ضرور نڪري پوندو، تيل جي اُنڪري بہ پڪ ڪونھي جو پاڻ واري ڪِشور حسين جي هاڻ تِرن ۾ تيل رهيو ئي ڪونھي.
خير! ڳالھہ هُئي تعليمي نظام جي، سو اُن جي حالت اُنھي ڇوڪريءَ جھڙي آهي، جنھن کي اُونھاري جي آرهڙ ڏينھن ۾ ڪو تتل واريءَ تي هٿ پير ٻڌي اُڇلائي وڃي، جنھن جا لِيا ليڙون ليڙون، مٿي جا وار کِنڊريل ۽ اُنھن ۾ واري پيل اکين ۽ وات ۾ ڌوڙ وڌل پير اُگهاڙا چپ سُڪل اُڃ ۽ بُک سبب سندس ڄڀ ٻاهر نڪتل هُجي ۽ هُوءَ سهڪي رهي هُجي، ڏُور، ڏُور تائين ڪو ماڻھو موجود نہ هُجي، پر ڀرسان ڪُجهہ بُکايل ڪُتا ۽ ڳجهون اُنھي انتظار ۾ ويٺل هُجن تہ ڪڏهن ٿا سندس پساھہ پُورا ٿين ۽ هُو سڀئي سندس ماس ڇَڪي پٽين....
ذرا تصور ڪريو، ذهن تي زور ڏيو ۽ پوءِ جواب ڏيو تہ اُنھي ڇوڪريءَ جھڙي سنڌ جي تعليم کي اُنھي حال ۾ پھچائڻ وارا ڪير آهن، ٻئي تي آڱر اُڀي ڪرڻ کان اڳ ۾ ايترو ضرور سوچيو تہ هٿ جون باقي آڱريون اسان پاڻ ڏي اشارو ڪن ٿيون. جيڪڏهن اُنھي لاوارث ڇوڪريءَ جھڙي سنڌ جي تعليم چوڌري افتخار جي عدالت تائين پھچي تہ هِن حال ۾ ويٺل، بيٺل توڻي ڪٿي ستل يا لِڪل سڀئي سندس ايف آءِ آر ۾ درج ٿي سگهن ٿا، ڇاڪاڻ جو سنڌي سماج جي هِن مَرضيل تعليمي نظام جي حمام ۾ اسان سڀئي اُگهاڙا آهيون. تعليمي تباهي جا اسان سڀئي ذميوار آهيون ۽ سڀئي مُجرم آهيون، شاگردن کان وٺي اُستادن تائين، مائيٽن کان وٺي ڪامورن تائين، سياستدانن کان وٺي سِول سوسائٽي جي مِڙني نمائندن تائين، اين جي اوز کان وٺي وڏيرن، وزيرن، پيرن ۽ مُلن تائين. ۽ هِيءُ هاڃوڪو رات جي پيٽ ۾ ناهي شروع ٿيو هيءَ هڪڙي اهڙي سازش آهي جيڪا هِن ڌرتي ۽ اُن جي اصل باشندن کي اڻڄاڻ رکي، سندن پيرن هيٺيان ڌرتي کِسڪائڻ جي نيت سان سِٽي ويئي آهي، جنھن ۾ اسان سڀئي شريڪ آهيون. عالمي ادارا، يا ڪي ٻيون قوتون ڪُجهہ بہ ڪن پر جيسين اسان جي اندر جو انسان نہ جاڳندو ۽ اسان جو ضمير چُهنڊڙي نہ وجهندو، تيسين سڀئي ڪو ششون بيڪار ثابت ٿينديون. هِن چوريءَ بلڪه سينا زوريءَ جا پيرا کڻبا تہ کٽندا نيٺ وڃي، اُتي جتي عوام دشمن، تعليم دشمن ۽ ڌرتيءَ جا دُشمن واڳو ويٺل آهي. پر اِها بدنصيبي آهي يا بدقسمتي هِن ڌرتيءَ جي، جو اُن جو درد رکندڙ تمام گهٽ آهن ۽ جيڪي آهن اُهي ڪنھن مصلحت تحت ماٺڪا آهن. هوڏانھن سنڌ جي نئين نسل کي علم ۽ آگهي کان بنھہ ڪورو بلڪِ نسورو ڄٽ رکڻ لئه علم ۽ عوام جا دشمن سدائين سرگرم آهن.
ڪي چون ٿا تہ اُستاد هِن سڄي بُرائي جو بُنياد آهن، ڪي چون ٿا تہ ڪرپٽ ڪامورا ئي ذميوار آهن، ڪي سنڌي سماج کي ڏوهي قرار ڏين ٿا، ڪي وري سياستدانن کي هِن سڄي جهل جي جڙ سمجهن ٿا، ڪيئن بہ هُجي،ڪير بہ قصور وار هُجي، پر جيڪي ڪُجهہ ٿيو اُن تي ويھي مٿاڪُٽ ڪرڻ بجاءِ جيڪڏهن اسان کي پنھنجي آئيندي جو واقعي اونو آهي تہ هاڻ سنجيندگيءَ سان سوچڻو پوندو. سڀ کان پھرين تہ اسان کي احساس ٿئي، اسان پاڻ کي پنھنجي عوام ڏانھن، پنھنجن ادارن ڏانھن ۽ سماج ڏانھن ذميوار سمجهون. جيڪڏهن اسان کي خالي ذميواريءَ جو احساس بہ جاڳي يا ٿيئي تہ پڪ ڄاڻو تہ اڌ ڪم ازخود ٿي ويو. حڪومت توڻي مختلف ادارن جيڪي اُپاءُ ورتا آهن، اُهي ڪارگر نہ ٿيڻ جا بہ ڪيئي ڪارڻ آهن، مون پنھنجي تجربي جي آڌار تي اِها ڳالھہ شدت سان محسوس ڪئي آهي تہ اُنھن ادارن جي يا تہ نيت نيڪ ناهي يا وري اُنھن ۾ ويٺل ماڻھو تعليم جھڙي شعبي سان قطعي مُخلص ناهن. سياسي اثر رسُوخ ذريعي رشوت ۽ سفارش ذريعي آيل نااهل ۽ نالائق ماڻھو ڪنھن بہ نظام جي ناڪاميءَ جو ڪارڻ بڻجن ٿا، ادارن ۾ ناجائز طريقي سان گِهڙي آيل ڪاريون رڍون ۽ آڱوٺي ڇاپ اُستاد سڄي شرستي جي ستياناس ڪري ڇڏين ٿا. مٿان وري مُنڊيءَ تي ٽِڪ يا سوني تي سھاڳو اسان جا علم جي عين ۽ تعليم جي ت کان اڻواقف سياسي اڳواڻ، جاگيردار ۽ وڏيرا ٿين ٿا، جن جي سياست جو محور ئي اڄڪلھہ جا اُستاد آهن، جن کي اليڪشن کان وٺي آدمشماريءَ تائين ونگارن ۾ ائين وهائين ٿا جئين ٿريا تڙ جي سيرڻ ۾ وهٽن کي واهيندا آهن. گهٽ بچن شال اسان جا استاد بہ ڪونھي، اُهي ٺيڪا کڻڻ، واپار ڪرڻ ۽ پٽيلي ڪرڻ ڪاڻ اسڪول جي ٻارڙن کي ٻہ اکر پڙهائڻ بدران وڏيرن جي بوٽ پالش ڪرڻ ۽ ڪامورن جي ڪُرنش ڪرڻ کي اهميت ڏين ٿا، ظاهر آهي تہ جن وٽ اُهي ونگارون وهندا آهن، اُنھن جون مٿن هٿين ڇائون بہ تہ هُونديون نه! پوءِ ڀلا ڪير سندن وار وِنگو ڪري سگهندو؟ هوڏانھن جيڪي اُستاد رُپئي مان اَٺ آنا روزي حلال ڪري کائن ٿا، اُنھن جي گهَرين هڪ تہ اٽو ئي اڻلڀ هُوندو ٻيو وري ڪاموري ڪڙي جي سدائين ڪُرڙي اک بہ اُنھن تي ئي هُوندي آهي. اُهي ويچارا نہ رُڳو اُنھن ڪامورن جي منظورِ نظر ماسترن ۽ وڏيرن جي ونگارين جي پاران بہ ڊيوٽيون ڪندا آهن ''پر ڀر وَتايا تون چٽي'' وانگر سدائين پَرايون چَٽيون بہ ڀريندا ۽ دڙڪا داٻا بہ سهندا رهندا آهن. هتي سڀئي پنھنجا پاڻ ۾ ويٺا آهيون، هِينئن تي هٿ رکي ٻڌايو تہ اسان اهڙن فقيرتن، من، اُستادن جي ڪڏهن ڪا سار لڌي آهي؟ يا سندن ڪا همت افزائي ڪئي آهي. ظاهر آهي تہ نتيجو اِهو ئي نڪرندو جو محنتي ۽ سينئر اُستاد مايوس ٿي بَدضن ٿي ويندا آهن. مون پنھنجن اکين سان اهڙا اٻوجهہ اُستاد ڏٺا آهن جيڪي ذهني مريض بڻجي ويندا آهن، سماجي اڻبرابري ۽ هِن بي مرُوت سماج ۾ اهڙا آدرشي اُستاد ڪيسين ۽ ڪيئن جي سگهندا؟ فيصلو اوهان تي ڇڏيل آهي ڇاڪاڻ جو اوهان ئي عقلِ ڪُل آهيو. بھرحال ڏوھہ رُڳو اُستادن يا آفيسرن جو بہ ڪونھي، آئون پنھنجي ذاتي تجربي آڌار تي ٻُڌايان ٿو تہ ڏوهاري سماج، مائيٽ ۽ شاگرد بہ آهن. هڪڙو هتي مثال ڏيان ٿو تہ هڪ همراھہ کي مون چيو يار! تُنھنجو ڇوڪرو اسڪول ڪونہ ٿو اچي ڪئين پاس ٿيندو؟ چيائين، ''ماستر تو کي تہ ڪم آهي ڪونہ تون آهين واندو پر – اسان جو مال ڪير نھاري، ڇوڪري کي پاس ڪري ڇڏج نہ تہ پوءِ......!'' پويان خال پُر ڪرڻ اوهان جو ڪم آهي، ڇو تہ اَٽي جو پاءُ کائيندڙ کي خبر هُوندي تہ پوءِ هُن ڇا چيو هوندو؟.. ۽ ڪُجهہ مايوس ماڻھن کي بيروزگاري ۽ سماجي ناانصافي بہ ڪيو آهي، جو اڪثر ماڻھو اِها شڪايت ڪن ٿا تہ يار! پڙهائي ڇا ڪيون، نوڪري غريبن کي تہ ملندي ڪا نہ وري بہ ڪندو وڃي مزدوري، تنھنڪري وقت وڃائڻ بجاءِ سُجهندي ئي لڳي وڃي ڌنڌي ڌاڙيءَ کي.... اها بہ هڪ خطرناڪ مايوسي آهي، ماڻھن کي انھي سوچ مان ڪڍڻ لئه هڪ تہ حڪومت کي عملي طرح ثابت ڪري ڏيکارڻو آهي تہ نوڪري يا ڪنھن بہ شيءَ تي سڀني جو هڪ جيترو حق آهي، ٻيو ماڻھن ۾ اها سُجاڳي ڪير آڻي تہ پڙهڻ جو مقصد نوڪري ناهي، پر بھرحال زميني سچائي اها بہ پنھنجي جڳھہ تي موجود آهي تہ ماڻھن کي جيسين پيٽ گُذر جو ڪو وسيلو مُيسر نہ هوندو تيسين اُنھن جي سوچ تہ اها ئي هوندي نه! ماڻھن جي انھي منفي سوچ کي پازيٽو رُخ ۾ تبديل ڪرڻ وقت جي حڪومت، سماجي تنظيمن ۽ سُڃاڻ ڌُرين جو ڪم آهي. سرڪاري توڻي عالمي مالياتي ادارن اسڪولي ٻارن لئه وظيفه ۽ اسڪالرشپون منظور ڪيون آهن، پر اُهي هڪ تہ سھي حقدارن تائين پھچن ڪونہ ٿيون، ۽ جي ڪن کي ملن ٿيون تہ اُهي ناجائز اثر رسُوخ استعمال ڪرڻ وارن کي ئي ملن ٿيون ۽ حقدار رهجي وڃن ٿا.
بھرحال تعليمي نظام خاص ڪري پرائمري تعليم جو جيڪو ٻيڙو ٻڏل آهي اُن کي تارڻ لئه نہ رُڳو استادن، مائيٽن، باشعور آفيسرن ۽ سماج جي هڏ ڏوکي سُڃاڻ فردن کي باقاعدي هڪ جهاد ڪرڻو پوندو، جيڪڏهن اُنھن کي سنڌ جي تعليمي نظام کي تباهيءَ کان بچائڻو آهي تہ هي ڪُجهہ تجويزون عرض رکجن ٿيون. اُنھن تي هنگامي بنيادن تي عمل ڪرڻو پوندو ۽ تعليم کاتي سان وابسطه سڀني ڪارڪُنن ۽ عملدارن کي پوريءَ سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ جو مظاهرو ڪرڻو پوندو. هِتي مُظاهري مان مراد اين.سي.ايڇ.ڊي ۽ آءِ بي ٽيسٽ ۾ پاس ٿيندڙ اُستادن واري مُظاهري مان نہ ورتي وڃي. اڇا! آءِ بي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اُستادن جي ڳالھہ نڪتي آهي تہ اُنھي بابت عجيب مشڪري ٿي آهي، چون ٿا تہ 60 سيڪڙو کان مٿي مارڪون کڻندڙ سڀئي هوشيار آهن، پر جي اعتبار ڪريو تہ آئون پنھنجي وري بہ تجربي جو سھارو وٺان ٿو تہ انھن ۾ ڪافي اهڙا آهن، جيڪي اک جهلي ٻئي جو ڏسي لکي پاس ٿيا آهن، اڃا بہ ڪنھن کي شڪ هُجي تہ اُنھن سڀني کي جيڪي 60 سيڪڙو کان مٿي مارڪون کڻي پاس ٿيڻ جي دعويٰ ڪن ٿا. انھن کان روبرو ويھي ڪُجهہ پُڇي ڏسو اڇا ڪارا پاڻھي پڌرا ٿي پوندا. تنھنڪري مُنھنجي مڃيو تہ انھي آءِ بي وارن کي ڇڏيو تہ ڪو ٻيو ڌنڌو ڪن. ڪا اهڙي چُونڊ ڪاميٽي ويھاريو جنھن ۾ رٽائرڊ اُستاد ۽ علم ادب وارا شخص شامل هُجن اُهي روبرو ويھي گهٽ ۾ گهٽ پرائمري اُستادن جو انٽريو وٺن، پوءِ جنھن ۾ چار ڪَڻا ڏسن اُن کي نوڪري ڏيارڻ لئه سفارش ڪن. ٻيو اِهو بہ تہ هَي جيڪي پرائيوٽ پي، ٽي، سي ڪاليج کولي گهر ويٺي ڊگريون پيا ڏين. انھن کي ٻُنجو اچڻ گهرجي بلڪِ پي، ٽي، سي، سي، ٽي يا بي ايڊ تي بلڪل بندش هُئڻ گهرجي، بلڪِ هئڻ ايئن گهرجي جو جيڪو بہ اُستاد ڀرتي ٿئي اُن کي سڀ کان اڳ ۾ هڪ سال جو ريگيولر تربيتي ڪورس ڪرائي پوءِ اسڪول ۾ موڪليو وڃي. ۽ ها! هيءَ جيڪا اُستادن جي ڀرتي ۾ ديڳ چڙهي ٿي اُن کي اونڌي ڪرائڻ لاءِ ٻہ چار علم ادب دوست قوم جا خيرخواه پٽڪا ٻڌي وڏيرن ۽ ڪامورن وٽ وڃن، اُنھن کي هٿ جوڙ ڪن، پٽڪا پلاند ڪن، تہ ''ٻيلي! ٻيو جيڪي وڻي سو ڪريو پر گهٽ ۾ گهٽ هِن تعليم کاتي تي ترس کائي اُن جي هٿ چُراند نہ ڪريو''. اِهي ساڳي چار چڱا اُنھن ڳوٺاڻن وٽ بہ وڃن، جتي اسڪول آهن پر ٻار ڪونھي، مائٽن کي منٿ ميڙ ڪن، ۽ جتي اُستاد نٿا پڙهائن تہ انھن کي بہ اول تہ کاڏيءَ هيٺيان هٿ ڏيئي، ا با ٻا پا سان سمجهائين پوءِ بہ نہ مُڙن تہ ڪن مَهٽ ڪرائن ۽ جي اڃا بہ نہ مُڙن تہ کين گهر جو ٽڪيٽ هٿ ۾ ڏيئي چون ''چل بابو! چلتي ڪا نام گاڙي، کَڙي ڪا نام کٽارا'' ۽ هيءَ جيڪا ريھہ پئي پئي تہ اسڪول ڪو نہ آهن، اُستاد ڪو نہ آهن، يا ٻار ڪونھي، اُنھن سڀني کي حل ڪرڻ لئه ڪنھن ڀوتار تي نہ ڀاڙيو، ڪنھن وڏيري تي ويساھہ نہ ڪريو، ڪنھن پٽيل جي چوڻ تي نہ هلو پر ڪُجهہ اپڻي گهوٽيو تہ نشو ٿئي، اِن لاءِ بہ وري آئون چوندس تہ هڪ اهڙي مستقل بنيادن تي ڪاميٽي قائم هُجي جيڪا هر شيءَ جي سَروي ڪري پوءِ رپورٽ ڏي، انھن جي رپورٽ آڌار ئي اسڪولن جون عمارتون، استاد ۽ ٻيون سھوليتون فراهم ڪيون وڃن. نہ تہ ناني رڌيندي ۽ ڏهٽا کائي ويندا ۽ سنڌ جي تعليم اُتي ئي آهي جتي اوهان ڇڏي، وانگر هوندي. هتي هڪ ڳالھہ اِها بہ اهم آهي تہ اسان جونصاب دورِ جديد جي تقاضائن سان قطعي هم آهنگ ڪونھي، اُهو ئي فرسوده نصاب، جيڪو حضرت لوط جي واري جو آهي، پير مظهر شاھہ بادشاھہ سيد سڳورو آهي اُن کي ڪير سمجهائي تہ سائين هيءُ دؤر واھہ ڙي تارا گول تارا جو ڪونھي. هينئر نيٽ جو زمانو آهي، سو منھنجي خيال ۾ جتي پھرين ڪلاس کان انگريزي پڙهائي وڃي ٿي اُتي ٻئي ٽئين درجي کان خاص طور تي ٻھراڙين ۾ جتي لائيٽ جي سھوليت مُيسر آهي اُتي ڪمپيوٽر بہ سيکارڻ گهرجي. پر هڪ ڳالھہ جو وري بہ خيال رکڻ گهرجي تہ تعليمي پاليسيون جوڙڻ وارن توڻي نصاب مُرتب ڪرڻ وارن جا ٻار شھرن ۾ رهن ٿا اُنھن کي هر شيءَ ملي ٿي، هتي تہ لولي لوڻ ئي ماڻھن کي ڪو نٿو ملي، سو ويچارا ٻھراڙي جا ٻار اڪثر ڪري صبح سوير ٺلھين آنڊين اسڪول ايندا آهن، اُنھن جي خالي پيٽ ۽ پسمانده دماغ ۾ اوهان جا ايڏا ڪتاب ۽ اُنھن ۾ لٺ ٿيل مواد انھن اٻوجهن جي پھچ کان پري آهي.
هڪڙي ٻيو مرض آهي جنھن کي ڪاپي ڪلچر چون ٿا، هتي جيڪڏهن ڪو ڪلچر ڊپارٽمينٽ وارو ويٺل هجي تہ دل ۾ نہ ڪري هي محمد علي مانجهيءَ واري ڪلچر جي ڳالھہ ڪانھي. سو اها ڪاپي سنڌ جي تعليمي نظام ۾ ائين ڪاهي پيئي آهي جيئن ٿر ۾ ٻنين کي ونجهل ڀيلي ڇڏيو آهي، مٿي تہ ڇڏيو پر پرائمري درجن ۾ بہ ڪاپي کانسواءِ ڪم نٿو هلي. اِن ايڊز جھڙيءَ وبا خلاف جيسين ڪات ڪھاڙا نہ کڻبا تيسين اها ختم ڪا نہ ٿيندي. ختم تہ اک ٻُوچي اُپٽ ايتري وير ۾ ٿي ويندي پر شرط اِهو آهي، تہ هڪ ٻن سالن لاءِ شاگرد، مائيٽ، اُستاد ۽ آفيسر سڀئي قرباني ڏين ٻہ ٽي سال. نتيجو نِل بٽان نِل يعني ٻُڙي ايندو ۽ پوءِ جنھن کي پڙهڻو هوندو سو پڙهندو، جنھن کي پڙهائڻو هوندو سو پڙهائيندو، باقي هونئين هٿ هڻنديون،هڪ ٻہ سال نتيجو خراب اچي تہ اُستادن سان رعايت ڪجي ۽ کين گهٽ ۾ گهٽ ٻن ٽن سالن جي مھلت ڏجي پوءِ بہ ساڳيون ڳن ساڳئي ڪھاڙي واري ڪار ڪن. تہ سندن هڪڙي انڪريمينٽ ۾ ڪَتَر وجهي چٽ ڪريو سندن اکيون کُلي پونديون تہ گهڻي ويھين سئو ٿو ٿِئي ۽ اهو بہ ضروري آهي تہ سزا ۽ جزا ٻئي هُئڻ گهرجن، هِن سڄي ڪار گذاري ۾ هڪ اڌ ادارو يا ماڻھو، ڪُجهہ بہ ڪو نہ ڪري سگهندو، هن هلچل ۾ سماج جا سُڄاڻ فرد، سماجي ادارا، مائيٽ، شاگرد، اُستاد ۽ آفيسر سڀئي شريڪ هُجن، پوءِ بيھي ڏسجو تہ ڪيتري تبديلي ٿي اچي. ظاهر آهي تہ ايڏي وڏي انقلاب لاءِ ڪو مڪينزم، ڪو طريقيڪار تہ جوڙڻو ئي پوندو ۽ سڀني جي صلاح مشوري سان ئي جوڙڻو پوندو اُهو ئي ڪاگر ثابت ٿيندو. ڪرڻ لاءِ تہ گهڻو ڪجهہ ڪري سگهجي ٿو پر شرط اهو آهي تہ دل ۾ درد هُجي. ارادا اٽل هجن ۽ نيتون نيڪ هجن تہ پوءِ ڪو بہ مسئلو مشڪل ڪونھي، باقي جيڪڏهن ڪاغذي ڪارروائي ۽ اخباري پڌرائي جي آڌار فنڊ هڙپ ڪرڻ ۽ دُنيا جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ جو ڪو خلل اندر ۾ آهي تہ پوءِ ڪير ڪيتريون بہ مُرليون پيو وڄائي ٿيندو اُهو ئي جيڪو اوهان جي من ۾ هوندو. سو جيڪو مُنھنجي من ۾ هو اُن مان ڪجهہ حصو اوهان سڀني سان شيئر ڪيم. منھنجي من ۾ تہ 2، 3rd يعني جي اڪثريت آهي پر اها اڪثريت ان ڪري بہ ثابت ڪرڻ کان لنوايان ٿو تہ متان اوهان مان ڪو 58، 2 بي استعمال ڪري، مُرڳو مونکي ئي گهرين ڀيڙو ڪري ڇڏي.

(آگسٽ 2008ع تي هڪ تعليمي سيمينار ۾ پڙهيل پيپر)

پليز! مائي ڀاڳيءَ کي ڊسٽرب نہ ڪريو!!

پي، ٽي، سي ڪاليج ميرپورخاص ۾ اسان جو هڪڙو ڊرائنگ ٽيچر ڪو ريٽائرڊ فوجي جهونڙو هوندو هو، تنھن کي ماستر مڃيندا مِڙئي گهٽ هئا، سو جڏهن گهڻي گوڙ مان بيزار ٿيندو هو تڏهن هميشھو هيءَ ڌمڪي ڏيندو هو تہ ''شور مت ڪرو ورنا! پچاس سي پانج نڪال ڪر انڊا دي دونگا'' سو مونکي خبر ڪونھي تہ اسان جي قبلا سائين قائم علي شاھہ جيئن طارق کي تمام گهڻي گوڙ ڪرڻ تي 70 مان انڊو ڪڍي 7 لک ڏيئي جان ڇڏائي. ائين ڪٿي برڪت ڀائيءَ کي بہ هر سال شور ڪرڻ جي سزا ڏيڻ لاءِ پنجاھہ هزار مان انڊو ڪڍي پنج هزار ڏنا ويندا، الائي پنجاھہ هزار کيس ملندا، اها خبر هڪڙي هِن کاتي وارن کي، ٻي کيس هوندي باقي وچان ڪو ٽيون هٿ هوئي ڪو نه........
ها البت مونکي اها خبر تڏهن پئي جڏهن برڪت ڀائيءَ فون ڪري چيو تہ ''ابا! 28 جولاءِ تي ڏاڏيءَ جي ورسي پيا مالھايون اُن ۾ ڪجهہ ڳلھائڻو اٿئي...'' اسان جو هڪڙو صفا دل جو درويش دوست آهي سائين صوبدار اوٺو، جنھن کي جيڪو ٻانھن مان جهلي چوندو سائين هيڏانھن اچ تہ همراھہ اُن پويان اکيون پوري هليو ويندو، ايترو پُڇڻ بہ گوارا ڪو نہ ڪندو تہ ٻيلي! جنت ۾ ٿو هلين يا دوزخ ۾. سو سائين صوبدار مونکي چيو تہ ''امر! پَر سال مائي ڀاڳيءَ جي قبر تي وڃي قُل پڙهي پوءِ جيڪي پير ٻڌي ڪوڙ هنياسين اُنھن مان هڪڙو بہ اڃا تائين سچو ثابت ڪونھي ٿيو، سندس قبر مٿان ڪا ڇپَر ڇانوَ ڪرڻ، سندس خاندان مان ڪنھن هڪ کي سڻڀي نہ سھي ڪا رُکي نوڪري ڏيارڻ جا جيڪي ڏٽا، جبل جي جَماريءَ دوست سان گڏجي هنياسون، اُهي سڀئي ويا واءُ ۾ وکري. سو هاڻ وري ڪھڙي نڪ سان هلي نانيءَ جي قبر تي نَڪو ڏيون؟ ڏاڏي پاڻ جا ڏٽا ٻُڌي، ٻڌي هاڻي ٿڪجي پئي هوندي سا ميارن سان ماري وجهندي يار! هاڻ هلياسين تہ هُوءَ پڪ سان هيئن چوندي تہ ''ابا! آئين ڪھا پيا اُسڙڪو؟ آن وَس اَهي ڪُڄاڙو؟ وڃي ماٺ ڪري گهَرين ويھي رهو، باقي رهيا هَي حاتم طائي حڪمران، تن مون جيئريءَ تي ڪھڙيون هَٿين ڇانَون ڪيون، جو هاڻ مُئيءَ پُڄاڻان مون مٿان مزارون ۽ قُبا اڏيندا، اڌ سنڌ اُگهاڙي آسمان هيٺيان اُس ۾ بُکي پيٽ سُتي پئي آهي، هنن ويچارن وٽ تہ ايترو بہ پئسو ۽ وقت پاڇي ڪونھي جو اُنھن جي سار لھن، سو جي آئون مَڻين مِٽيءَ هيٺ بنا ڇت جي قبر ۾ سُتل هونديس تہ ڇا ٿِي پيو. مون تي مولا عليءَ ۽ مھراڻي جي مير جي ڇپر ڇانوَ ئي کوڙ آهي.
هَي فقير بہ عجيب ماڻھو آهن. جڏهن هڙ ۾ ڪجهہ هُوندن تہ پوءِ ''دل ڦهيڪ تاماشا ديک'' ڪرڻ کان بہ نٿا ڪيٻائين، ڪنھن نہ ڪنھن اهڙي اونرائي ۾ وڃيو هٿ وجهن جو ميلي جي پڇاڙي ۾ ''صاحب نے کھایا پیا، کُچھ نہیں گلاس توڑا دس روپیہ لے لو'' واري ساڻن ڪار ٿِئي ٿي پوءِ بہ مُڙن مور نٿا. برڪت ڀائيءَ کي ڀلا ڪھڙي گَتي آهي جو وَتي ٿو هر سال هي هتامتر ڪرائيندو؟ مائي ڀاڳي سرڪاري سرپرستيءَ ۾ ٿيندڙ ھہڙين مسخرين جي محتاج ٿورو ئي آهي، هُن کي دنيا سڃاڻي ٿي، هو ڪنھن مير، پير يا رئيس وٽان چٺي، چپاٽي وٺي پوءِ فنڪاره ٿوروئي ٿي هُئي، هُن تہ رڳو جسماني ويس بدلايو آهي باقي هُوءَ تہ هر وقت سنڌ جي سيني ۾ دل وانگر ڌڙڪي رهي آهي. تنھن کي مانُ ۽ مڃتا ڏيڻ جو سڀ کان شانائتو ۽ وزنائتو وسيلو ساڻس محبت ڪرڻ آهي، سندس فن کي من ۾ محفوظ ڪرڻ آهي جيڪو بنا ڪنھن سيلز ٽيڪس ادا ڪرڻ جي ڪِرڙ، ڪانڊيرو، توڻي ختو ۽ فتو بہ ڪري سگهن ٿيون، باقي رهيو هِن کي ورسيءَ جي ڏينھن تي ياد ڪرڻ، سو ضروري ڪونھي تہ برڪت ڀائي ثقافت کاتي وارن کان پنجاھہ هزار پني پوءِ سندس ورسي ملھائي. ڪنھن کي ياد ڪرڻ لاءِ شاميانا، ڪُرسيون، لائوڊ اسپيڪر، وڏا بينر، هي اجگر اسٽيج ۽ هي مائيڪ ضروري آهن ڇا؟ ڪڏهن ايئن ٿيو آهي، جو ڪنھن عاشق پنھنجي محبوب کي ياد ڪرڻ لاءِ عاليشان اهتمام ڪيا هجن؟ لوڪ کان لڪي بہ ''سو دم حرام، جنھن دم ياد نہ تون اچين'' وانگر سڄڻ کي تہ سڄو ڏينھن ساري سگهجي ٿو، ياد رُڳو دل سان ڪبو آهي دوستو! ها البت مير نازڻ جي ڳالھہ ئي ٻي هئي ڇو تہ اُن جو ''ڪهتين هين ڪه اندازِ بيان هِي اور ٿا''. مائي ڀاڳيءَ کي پاڻ پنج، سَت ڄڻا بہ سچيءَ دل سان ساري سگهون ٿا، جي ئي رڱڻ پاڻي تہ بہ ٽانڊو اُجهائي سگهي ٿو، اڃان ڪاريءَ ڏُڌي اڇو اچي پيو. پاڻ ڪو بہ ڏينھن ڪڍي بلڪِ هر ڏينھن نہ سھي هر مھيني هڪ اڌ ڏينھن ڏاڏيءَ کي بہ ڏيئي سگهون ٿا، ڪرڻو ڪجهہ بہ ڪونھي رُڳو سندس قبر تي هلي قُل پڙهي، سندس ڳايل لوڪ گيت ڳائي، وڄائي وري هليا اچون. باقي برڪت ڀائيءَ کي جيڪڏهن هِن سخي ڄام ڏاتار کاتي ڪجهہ ڏوڪڙ ڏنا آهن تہ اُهي هِتي کپائي خواهمخواھہ خرچ ڪري کيسا خالي ڪري شام جو سُڃو ٿي ٽوال ڇَنڊي ڪُلھي تي رکي وڃي گهرَين ڀيڙو ٿيڻ بجاءِ اُنھن مان ٻچن کي اٽو وٺي ڏي پر جيڪڏهن کيس اِها ڀُل آهي تہ اسين جيڪي هِتي ڪُتر پيا ٿيون سي ڏاڏيءَ جي فن تي ڪي ڦُل ڇنڊينداسين تہ اِها هوا ڪنن مان ڪڍي ڇڏي. اسان کي ڪھڙي ڪل تہ لئه ڇا آهي؟ تال ڇا آهي؟ اَڪار ڇا آهي؟ مائي ڀاڳي جي ڳل تي هٿ رکي ڳايل لوڪ گيتن جي گهرائي، اُنھن جي ڌنن جي اصليت توڻي سندس آواز جي پچ اسان جي پھچ کان پري آهي. اسين سڀئي هِتي هن اسٽيج تي لوھہ ڪري چڙهي، ٻہ ٽي ٻٽاڪون هڻي، ٻہ ٽي ڦِڪيون ڦُوڪُون ڏيئي مائيءَ ڀاڳيءَ کي زمين تان کڻي مٿي ستين آسمان تي پُڄائي وري اُتان لاهي اچي راضي شاھہ بادشاھہ جي ڀرسان رکي روانا ٿي وينداسين ۽ پوءِ جڏهوڻا مينھن تڏهوڻا پاڻي.
هِن پاڻ واري مرضيل سماج جي وس وارن جي بي حسيءَ تي ڪھڙي ميار ڪجي! ها البتہ ماتم ڪري سگهجي ٿو جو پروڪي ٻوڏ جا ستايل اڃا تائين اُڀ اگهاڙي هيٺ ويٺا واجهائين، جن جي واهر واسطي ئي وزيرن وٽ نہ وقت آهي ۽ نہ ئي ڪي چار ڪوريون، تہ پوءِ سنڌ ۾ هر روز پرلوڪ پڌاريندڙ ''اديبن، شاعرن ۽ فنڪارن'' جي ختمن جا خرچ ڀري کين خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ ڪنھن وٽ واندو وقت ۽ پئسا آهن؟ چون ٿا تہ سنڌ کي ڪا دعا، بد دعا آهي جو اُن جو هر ٻيو ماڻھو فنڪار، شاعر، گلوڪار يا گلوڪارا آهي، ۽ اهي پاڻ وارا بچن شال ڏات ڌڻي سڀئي پيئن شراب، پوءِ جيرا جگر، بُڪيون ۽ ڦڦڙ سڀئي وقت کان اڳ ۾ ئي وڃن فيوز ٿيو. سو ڀلا هن هڻ هڻا جي دؤر ۾ ڪير واندو هوندو جيڪو ويھي سندن ورسيون ملھائيندو. سو بہ ڏينھن ۾ ڏھہ ڏھہ ورسيون ۽ اُهي سڀئي وري اکيون ثقافت کاتي وارن جي کيسي ۾ اڙايو ويٺا آهن. تڏهن تہ جيجي زرينہ بلوچ جي ڏوهٽي ادي سَسئي چوي ٿي تہ منھنجي آفيس ۾ اچي ڏسو اُتي اڌ سنڌ جي اديبن، شاعرن ۽ فنڪارن جون ''امداد'' لاءِ اپيلن سان ٻوريون ڀريون پيون آهن. سبحان ﷲ! ''ڇا ٿا سمجهو تہ اسان اديبڙن غريبن جي ''انا'' ٻن ڪپڙن ۾ گهران نڪري ڀڄي ويئي آهي يا ڪنھن ڍڪڻ ۾ ڍُڪ ڀري ٻُڏي مري ويئي آهي؟ هيءُ ٻي اڳيان هٿ ٽنگڻ جو مرض هيءَ پنجڙي ڇڏائڻ جي پٽ، هي قلم کي ڪيش ڪرائڻ جا جراثيم اسان جي اندر ۾ ڪنھن سامريءَ جي سازش آهن يا ڪنھن لالچ جي بُري بلا اسان کي ايترو نڪ جو پڪو ڪيو آهي جو هاڻ شرم جو سَرٽ اسان کي سخت سياري ۾ بہ نٿو لڳي ۽ ويچارو ضمير اسم جي اُگهاڙي ٿيڻ کانپوءِ پنھنجي ئي پاڻي ۾ پرواز ڪري چُڪو آهي''.
لکڻ، ڳائڻ، مصوري، سنگتراشي ۽ شاعريءَ سميت جيڪي بہ ٻيا فنُون لطيف جا شعبا آهن، اُهي هتي پاڻ واري ڀٽاري سماج ۾ اڃا ڪمرشل يا ڪاروباري شڪل اختيار ڪرڻ کان ڪوهين ڏور پري آهن. هِتي انھن سڀني شئين کي ڪمن توڻي خفن کي اضافي لياقتون يا صلاحتون بہ ڪير تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ڪونھي بلڪه چون ٿا تہ اهي بہ واندن جا ڪم آهن. خير چوڻ وارا ڇا بہ چون اُنھن جي مرضي هُونءَ بہ ماڻھن جا وات ۽ کوهن جا مُنھن ڪنھن کان بند ٿيا آهن ڇا؟ جو پاڻ انھن کي ڪا آڏي ڪاٺي ڏيئي سگهون. پر هڪڙو ڪريلن جھڙو ڪڙو سچ اهو بہ آهي تہ ليکڪ، شاعر يا فنڪار سڀئي هن سماج جو حصو آهن، پوءِ اُهي پاڻ کي پنھنجي سماج کان الڳ پنھنجي جنس کي هميراڻي داغ سان ڌار ڪري پاڻکي ڪا آسماني مخلوق ڇو ٿا سمجهن؟ هن خلق خدا کان وڌيڪ، وڪري جي جنس جيئن پاڻ کي سَجائي، سينگاري اعليٰ نسل جي گهوڙن جيئن گهُمائڻ مان ڪھڙي مُراد ورتي وڃي؟ هيءُ ڪو اڻپور جو يا الجبرا جو حساب ڪونھي جيڪو مون جھڙي ڪنھن حسابن جي جڏي ماڻھوءَ کي سمجهہ ۾ نہ اچي، اٽي جو پاءُ کائيندڙ خاڪُو يا خُدو بہ اِها ڳالھہ آسانيءَ سان سمجهي سگهي ٿو. ۽ دال ۾ ڪاراڻ ڌونئري ڏينھن جئين ڏسي سگهجي ٿي. سنڌ ۾ هن وقت هزارين نہ پر لکين شاعر ۽ فنڪار آهن، جن مان گهڻن وٽ وڏا، وڏا بنگلا، بئنڪ بلينس، ڪارون، زمينون ۽ عاليشان نوڪريون بہ آهن. ايترو هوندي بہ اُنھن جي پُورَت ڪا نہ ٿي ٿئي جو اُهي اگها ٿين ٿا تہ اخبارن ۾ ڌم لڳي پئي هوندي آهي تہ وارو ڪريو فلاڻو ويو هٿن مان، کيس بچايو. سڄي عمر پئسا روڙي گهر ڀري، بنگلا جوڙائي پر مرڻ ڪنڌيءَ تي اچي تڏهن سندس کيسي ۾ ٽيڊي پائي بہ نہ هجي جو ڪا ڪالپول گوري وٺي کائي. سچ پُڇو تہ مونکي اها مسخري قطعي سمجهہ ۾ ڪا نہ ٿي اچي الائي ڦودني ۾ ڦير آهي يا وٽ کوٽا آهن. پر ڪي تہ گهوڙا آهن جو سنڌ ۾ ٻہ ٽي ڪروڙ ماڻھو رهن ٿا، جن مان وڏيرن، رئيسن، ڀڳتن، پنڊتن، پيرن، ميرن ۽ ڪامورن کي ڪِنيءَ مڇيءَ جئين ٽاري ڌار ڪرڻ کانپوءِ جيڪا ڪُت خلق بچي ٿي، انھن مان ڪيترائي اهڙا گهر آهن جن وٽ نہ ويلي جو وِرو آهي ۽ نہ ئي ٻَري ۾ ٻرندڙ ٻارن لئه ڪا دوا درمل، ڪيترا گهراڻا آهن جيڪي روڊ رستن تي بُک ۽ بيماريءَ وگهي بي موت مري رهيا آهن. ڇا انھن جي رڳن ۾ گردش ڪندڙ رت جو رنگ اسان اديبن کان الڳ آهي؟ سندن کڄندڙ ساھہ کان اسان اديبڙن جو ساھہ اُملھہ آهي ڇا؟ جيڪڏهن هو بہ اسان وانگر نڪ مان ئي ساھہ کڻن ٿا تہ پوءِ آخر ڪھڙو ڪارڻ آهي جو رڳو اديبن ۽ فنڪارن جي حياتي بچائڻ لاءِ اپيلون ٿين ٿيون؟ پھرين تہ اهو طئي ٿيڻ گُهرجي تہ هر ماڻھوءَ کي بي موت مرڻ کان بچائڻ گهرجي يا اِها ڪوٽا بہ فقط اديبن، شاعرن ۽ فنڪارن لاءِ مخصوص آهي؟ اسان جيڪي سماجي ناانصافين خلاف لکون ٿا، ڏاڍاين ۽ بي واجبين خلاف ڳالھايون ٿا، اُهي خود ساڳي وَبا جي ور چڙهي وڃون ٿا، يعني اسان جي ڪُک سائي ٿئي پوءِ ٻين جي دانگي لھي تہ ڪھا جي چڙهي تہ ڪھا؟ اگر اسان کي انساني حياتيون عزيز آهن تہ پوءِ ڪانجي ڪولھيءَ کي بہ بچائڻ لئه هٿ پير هڻڻ گهرجن تہ مانو مسيحءَ جي زندگيءَ کي بہ زهر ٿيڻ نہ ڏجي، ڪنھن، جت ڪنھن جوڳي فقير، ڪنھن ريٻاڙي ۽ ڪنھن راوڙي جي بنا ڪنھن مذهبي متڀيد جي سار لھڻ گهرجي. رُڳو ڪنھن اديب، ڪنھن شاعر ۽ ڪنھن ڪلاڪار جي زندگي قيمتي ڪونھي، زندگي آرهلائيندڙ عارب موچيءَ کان وٺي سِرن جي بٺي تي سڄو ڏينھن سڙندڙ پانچي پورهيت جي بہ اوتري ئي اَملھہ آهي، جيتري ڪنھن جھان خان جي، حياتي هر هلائيندڙ هاريءَ هميري جي بہ اهم آهي تہ بسن ۽ لارين ۾ ڀتي تي ڪم ڪندڙ ڪيليندر/ڪنڊيڪٽر ڪرڙ جي بہ، زندگي ڪنھن ڌنار جي بہ اهڙي عظيم آهي، جھڙي ڪنھن ڏاهي ڏات ڌڻيءَ جي. خير قصو بنھہ ڊگهو ٿيندو وڃي اُن ڪري منجهس ڪتر وجهي ڪُجهہ ٻوڇانڊي ڇوٽو ڪري اچون ٿا اُتي، جتي مائي ڀاڳي موجود هُئي. سو عرض اِهو ڪرڻو آهي تہ مائي ڀاڳي جي مزار مٿان مَنھن ٺهي نہ ٺهي پر سندس پونئيرن جي پرگهور لھڻ گهرجي. اُنھن جي مٿي تي هٿ رکڻ کپي، کين ڪا خيرات نہ ڏيو، هر سال ورسيءَ تي ''ونڊ'' وٺڻ جي منجهن عادت نہ وجهو. جو ويٺا واٽ نھارين ۽ واجهائين تہ ڪڏهن ٿا آئين اچو، تہ بس رڳو هڪڙي مھرباني ڪريو جو هِن خاندان جي ٻن چئن ڇوڪرن کي ڪي ٻہ ٽي نوڪريون ڏيئي ڇڏيو، هِي اوهان کان ڪا ڪامورڪي ڪُرسي ڪو نہ ٿا گهرن، توڻي جو اياز، علڻ فقير کي اڻپڙهيو هوندي بہ سورهين گريڊ جي نوڪري ڏني هئي پر مونکي پڪ آهي تہ اوهان ۾ ڪو بہ اياز ڪونھي، پوءِ بہ جيڪڏهن اوهان چاهيو تہ هن خاندان کي پنھنجن پيرن تي بيھاري سگهو ٿا، سَرڪار نامدار آهي، مُفاهمت جي مھابي سياست جي گنگا مان سوين سياسي خاندان سنان ڪري رهيا آهن. اسان ارها ناهيون ڀلين سڀئي ڏاٺ ڪوسي ڪن پر جيڪڏهن هن فقيراڻي گهر کي ٻه،چار نوڪريون ڏنائون تہ بہ اهان جي خزاني کي ڪو کيليءَ کُٽڪو ڪونھي. ڌراڙ سچو ٿئي تہ کڙاھہ تي کير پياري، سو اوهان جيڪي هن وقت اڇي ۽ ڪاري جا ڌڻي آهيو سي چاهيو تہ مائي ڀاڳيءَ جي نالي تي هن شھر ۾ ڪا وڏي لائيبريري قائم ڪري سگهو ٿا، سندس نالي پٺيان ڪو اهڙو ادارو جوڙي سگهو ٿا، جنھن سان هن جي فني زندگيءَ کي جيئندان ملي سگهي. هُونئن جي سچ پُڇو تہ اوهان ۽ اسان ڀلي ڪک جهوري ٻيڻو نہ بہ ڪريون تڏهن بہ مائي ڀاڳيءَ جي ڳل تي هٿ رکي ڳايل لوڪ گيتن ۾ ايتري سگهہ آهي جو هُوءَ صدين تائين سنڌي ما0.ڻھن جي جيءَ ۾ جيئري رهي سگهي ٿي، هُوءَ ڪنھن ڪلچر کاتي جي جيڪ ۽ چيڪ کان سواءِ بہ ديس جي دلين ۾ زنده آهي ۽ رهندي. ها البت اوهان جيڪڏهن مائي ڀاڳيءَ جي خاندان جي دلين ۾ ڪلچر کاتي وارن جو ڪو پلاٽ بُڪ ڪرائڻ چاهيو ٿا تہ پوءِ کين رُڳو پنھنجو ڪريو، ٿورو نہ ٿِڦيو، سندن حق ٿئي ٿو تہ واقعي ڪُجهہ ڪري ڏيکاريو ۽ ڪا فراخدلي ڏيکاريو. پر جي اوهان بہ اسان وانگر رُڳو ڏٽا هڻڻ جا ئي صوابديدي اختيار پاڻ وٽ رکو ٿا تہ پوءِ مٿي تان بار لاهڻ لاءِ ايڏو پنڌ پوڻ جي ڪھڙي ضرورت هئي؟ ڪوڙ هڻڻ جا اسان وٽ کوڙ شاھہ ڪاريگر ويٺا آهن اِنھن کي گهرائي وٺنداسين، مرچ، مصحالا مھانگا آهن يا وگهار جي منجهن وُسعت ڪونھي پر ڪوڙن دلاسن جي ديڳ دمي ڏيکاريندا.
بھرحال مائي ڀاڳي پنھنجي حصي ۾ حياتي جا ڏينھن ڏکيا يا سُکيا ڪاٽي يا گهاري هلي ويئي. هُوءَ ڪيڏي وڏي گلوڪارا هُئي، ڪھڙي پايي يا پد جي گائيڪا هُئي، سندس فنڪاراڻي قد، ڪاٺ کي عقل جي فوٽ پٽي سان ڪڇڻ مون جھڙي موڳي مٽر جي وس جي ڳالھہ ڪانھي، هُن جي فني يا ذاتي زندگيءَ جي مڙني پھلوئن، رُخن ۽ رنگينين کي لفظن جي لڪيرن ذريعي تصويري شڪل ڏيڻ لاءِ ڪنھن عظيم آرٽسٽ جون آڱريون کپن، جيڪي مون وٽ موجود ناهن. هن کي سرحد جي هُن پار ويٺل لتا منگيشڪر بہ مُحبت سان ٻُڌي ٿي تہ سندس ئي پاڙيسرياڻي منھنجي ماءُ مينھن ٻائي بہ ساڳي سِڪ سان سُڻي ٿي ۽ سندس ڳايل هيءُ ڪلام ''ڄارين ۾ ڄايس، ڌارين ۾ آيس'' ٻڌي روئڻ کي روڪي نٿي سگهي. هن جو ڳايل هر ڪلام لازوال ۽ لاجواب آهي، اِهو ئي سبب آهي جو سندس سمورا ڪلام ري-مِڪس جي مھابي نقل جي پٽ پڪل سنڌ جون اردو سنڌي خواتين و حضرات ڳائي پرائي مال تي ٽوپي نراڙ تي رکي کٽيو کائي رهيا آهن ۽ هن جو پنھنجو پريوار سندس اُنھن ڪلامن جي مالڪي يا وارثي ڪرڻ لئه قطعي تيار ڪونھي. آئون برڪت کي چوندو آهيان تہ ماڻھو مائي ڀاڳيءَ جون ڪيسٽون وڪڻي وارا نيارا ڪري رهيا آهن پر اوهان کي ڪا اونَ ئي ڪانھي، چون ٿا تہ ڌنيا لوھہ بہ تپيو پون پر هتي تہ ڄڻ تئي تي ڇنڊو حرام جو همراھہ پڙ تي چڙهي. وڌ ۾ وڌ اهو ئي چوندو تہ ''يار هڻينِ ڀالا وڃي کڏ ۾ پون، ڪير واندو آهي جو ويھي ماڻھن سان ملاکڙا ڪري''. خير سندس مرضي پر آئون کيس هڪڙي صلاح ڏيندس تہ هُو هنن وس وارن جي واٽ تڪڻ بجاءِ اَپڻي گهوٽي تہ نشو ٿئي، هڪڙي خوددار آرٽسٽ کي اهو قطعي نٿو جڳائي تہ هو ڪنھن جي اڳيان هٿ ٽنگي، ڇو تہ ايئن ڪرڻ سان هڪ تہ اُنھي عظيم آرٽسٽ جو روح رنجور ٿيندو، جنھن جي ياد ۾ هِيءُ اڄوڪو مانڊاڻ متل آهي، ٻيو اِهو تہ ائين فنڪاراڻي انا مجروح ٿِئي ٿِي، ۽ جيڪڏهن ڪنھن فنڪار جي انا بہ فنا ٿِي وڃي تہ پوءِ باقي بچي ئي ڇا ٿو؟ سچ اهو آهي تہ پاڻ ماڻھن وٽ اها فنڪاراڻي انا ئي تہ سڀ کان وڏي ملڪيت آهي. ان کانسواءِ ڄڻ تہ هٿين خالي ڪي ڦريل فقير ۽ ولھا ٿي ويل وجود آهيون، سو پليز! رڳو انھي انا کي فنا ٿيڻ کان بچايو، باقي مَينھين کي مَڻ ۽ ماڪوڙيءَ کي ڪڻ ڏيڻ وارو ڏاتار آهي باقي هي مفاهمت جي اڏيءَ تي مُڏيءَ ڪاتيءَ سان ڪُٺل ڪلچر کاتي وارا جيڪا ''اڇ'' ڪندا سا پاڻ سڀني کي ساري پئي آهي.

مھراڻي کان مَريءَ تائين

ٻيو ڪجهہ هُجي نہ هُجي پر مُنھنجي سڀاءُ ۾ ننڍي لاڪئون ٻہ شيون ضرور شامل رهيون آهن. جيڪي هينئر منھنجي ڪمزوري بنجي پيون آهن. هِڪ موسيقيءَ سان بي انتھا لڳاءُ ۽ ٻيو گهُمڻ ۽ رُلڻ جو جُنون جي حد تائين شوق. هُونئن تہ ٿر جو رهاڪو هُئڻ ۽ ڪنھن غريب گهراڻي سان واسطو هئڻ ڪري عام ٿريءَ ماڻھوءَ وانگي، سموريءَ دنيا کان ڪَٽيل ئي رهيس. پر جڏهن کان سُڌ ٻڌُ آئي تہ اِهي ٻئي شوق منھنجي ڪمزوري بنجي پيا. موسيقي تہ وري بہ ريڊيو يا شادين مُرادين ۾ ڳيچن لاڏن ذريعي بہ ٻڌي روح ريجهايم پئي پر گهُمڻ جيتري سگهہ نہ مون ۾ هُئي ۽ نہ ئي ڪو اهڙو موقعو بہ نصيب ٿيو ٿي. 1990ع کان ادبي دنيا ۾ پير پاتم تہ ڪجهہ نہ ڪجهہ رُلڻ ۽ ڌِڪا کائڻ جو وجهہ ملي ٿي پيو. ۽ ايئن ئي تقريبن سنڌ جا سمورا نہ تہ بہ ڳپل ڀاڱا اکين پَسي آيو آهيان. پر سنڌ جي سرحدن کان ٻاهر ڪڏهن بہ پير ڪو نہ پاتو هُئم. ۽ دل ۾ اِها ئي تانگهہ آهي تہ جيڪر وس پُڄيم تہ سموري سنسار کي هڪ ئي پل ۾ پَسي اچان. پر اهي خواب صرف اُميد جي آڌار اندر ۾ قائم آهن. ۽ ڪڏهن اتفاق سان ڪا هڪ اڌ خواهش يا ڪو هڪ اڌ سپنو ساڀيان جو روپ ڌاري سگهيو آهي. اپريل 1993ع ڌاري پرڏيھي اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد کان هڪ خط پنو جنھن ۾ ڄاڻايل هو تہ اسان ويجهڙائي ۾ اسلام آباد ۾ ٿر جي سنڌي اديبن جو هڪ هفتي جو ورڪشاپ منعقد ڪيون پيا جنھن ۾ شرڪت واسطي توهان پنھنجي رضامندي ڏيکاريو تہ اسان توهان کي دعوت نامون اُماڻيون ۽ مون بہ گهُمڻ جي شوق ۾ نڪا ڪئي هم نڪا ڪئي تم. ايئن ئي کڻي هاڪار ڪيم. خير مئي ۾ هڪ ٻيو خط ساڳي يونيورسٽي جي دعوت اڪيڊمي جي سنڌي شعبي پاران ورڪشاپ ۾ شرڪت واسطي مليو. اِهو ورڪشاپ 22 مئي کان 27 مئي تائين هلڻو هيو. هڪ ڳالھہ جي هتي وضاحت ڪندو هلان تہ اُن پاسي سمورا خرچ پکا ۽ ڀاڙا ڀُتا خود يونيورسٽيءَ وارن ئي ڀرڻ جي هام هنئي هُئي. ورنا مون پارو جُوکو ۽ سَکڻو شاعر شايد ئي زندگيءَ ۾ اسلام آباد جا پَٽ پسي سگهي ها. ها البت جيڪڏهن ڪنھن ڀوتار ڪنھن سياستڪار يا ڪاموري جي ڪمداريءَ جو ڪم سرانجام ڏجي تہ هُوند هَوائي جي ٽڪيٽ تي يا ڪنھن پيجارو جي فرنٽ سيٽ تي اسلام آباد تہ ڇا دُنيا جو هر خِطو گهُمي سگهجي ٿو. جيئن اڪثر منھنجا ڪجهہ دوست شاعر ۽ اديب ڊي-سي ۽ ايس-پي ۽ ايم-پي-اي ۽ ايم-اين جا اڙدلي ۽ پي-اي ٿيو وتن پيا نتيجي طور سندن پنج ئي آڱريون گيھہ ۾ آهن. خير ڳالھہ پي هلي اسلام آباد جي سفر جي اول تہ ايڏي وڏي مسافريءَ تي ۽ بنھہ اجنبي ۽ اوپري ڏِس ڏانھن سو بہ تنھا هينئون ئي هاري ويٺو هُئس پر ٿئي نہ ڀلو اقبال رند جو جنھن مون سان ڪنھن خط ۾ اسلام آباد جي دوري جو ذڪر ڪيو ڇاڪاڻ جو کيس بہ ورڪشاپ ۾ شرڪت واسطي نينڍ هُئي. ابا پوءِ تہ منھنجي بہ ٻيگهي مَتي ڇو جو هڪ تہ اقبال منھنجو واقفڪار دوست بہ آهي ٻيو تہ سفر جو ساٿي بہ ٿِي پيو. انڪري کيس فوراَ ئي پنھنجي پروگرام کان آگاھہ ڪيم. ۽ پوءِ آئون بہ هيڪل مَنو ٿِي لڳي پيس. سفر جي سانڀاهي ۾. 19 مئي صُبح ساجهر ئي ٻہ جوڙا ڪپڙن جا ڪنھن کان مَسواڙ تي وٺي ۽ ڏوجهي بيگ کڻي ٿر واري کيکڙي جي پَٽين تي پاڻ کي ٽنگي اچي نئون ڪوٽ ڀيڙو ٿيس. جتي منھنجا دلبر دوست ممتاز علي سميجو، سومار سميجو، اشوڪ شرما، اڪبر سومرو، خانو سومرو ۽ ٻيا کوڙ سارا ساٿي مليا جن سان ٻہ ٽي ڪلاڪ رهاڻ ڪري کائن واپس زنده پھچڻ جون دعائون وٺي شام ڌاري ڄامشوري اُسھيس. ڇاڪاڻ جو رات اُتي ئي سندم سؤٽ ۽ نامور اديب عزيز مھراڻوي وٽ رهڻي هئي. رات جو عزيز وٽ پھتس تہ عزيز مون کان اڳ ۾ ئي منھنجي لاءِ جمع جي صبحءَ جي رزرويشن ڪرائي ڇڏي هئي. پر پوءِ منھنجي اسرار تي اسان جمعي جي رزرويشن ڪينسل ڪرائي خميس ڏهاڙي شام ست وڳي تيزگام ۾ بليڪ تي ٽڪيٽ ورتي. ڇاڪاڻ جو جمع ڏهاري واري ريل مون کي 22 ڇنڇر تي افتتاحي تقريب ۾ پھچائي ڪو نہ سگهي ها. خميس شام آئون عزيز مھراڻوي ۽ عزيز جو ڀاءُ يعقوب ساهڙ ٽيئي ڄڻا اسٽيشن تي پھتا سون جتي هڪڙي قُليءَ کان بليڪ تي ٽڪيٽ ورتوسين ۽ پوءِ اندر ريلوي اسٽيشن ۾ آڏا اُبتا چڪر ڪاٽي وقت جون گهڙيون گهٽائڻ لڳاسين، پر بچي شال تيزگام 7 وڳي بجاءِ رات 9 وڳي آئي. اُن وچ ۾ بجليءَ جي لوڊشيڊنگ سبب نہ تہ اسٽيشن جي هوٽل تان ماني کائي سگهياسين ۽ نہ ئي وري ٻاهر وڃڻ جي همٿ ساري سون. ڇاڪاڻ جو ريل جي مقرر وقت گذري وڃڻ کانپوءِ انتظار جي سوليءَ تي لٽڪيل هئاسون تہ اجهو ڪي اجهو گاڏي پھچي ٿي. پر پاڪستان جي ريلوي نظام جو حال بہ ڍڳو پير پيران وانگي لڳو پيو آهي ۽ هر شيءَ اڳي کان بہ ڪيئي رتيون ڪسر مجال آهي جو ڪا گاڏي وقت سر پھچي ان کان ٿر جا کيکڙا بہ چڱا جي مھل سر تہ پُڄن ٿا. پيٽ جي دوزخ کي ڀرڻ لاءِ نيٺ رڙهي هڪ ريڙهي واري جو پاسو ورتوسين. جتي نہ چاهيندي بہ ڪجهہ کائڻو ٿي پيو ڇاڪاڻ تہ ريڙهي تي پيل مانيءَ ۽ ڀاڄي جا لڇڻ ڏسي مون کي اوڌ تہ اصل ئي ٿِي پئي پر وري بہ سفر جي ڀَوءَ ۽ بک جي احساس کان ڪجهہ نہ ڪجهہ پيٽ ۾ هُجڻ مناسب سمجهي ماني کاڌي سين. جئين، تيئن ڪري 7 وڳي واري گاڏي 9 وڳي رات جو پھتي ۽ قُليءَ اسان کي سيٽ هٿ ڪري ڏني جيڪا صفا آخري گاڏي ۾ هئي. عيد جي ڪري رش بہ ڏاڍي هئي. پر آئون بہ جيئن تئين ڪري سيٽ تائين پھتس البت اهو اتفاق ٿيو جو سيٽ دريءَ تان سا بہ سمھاڙي ملي. سوا نو وڳي گاڏي اسٽيشن تان رواني ٿي تہ مون عزيز وارن کان موڪلايو ۽ ڀر ۾ ويٺل پٺاڻن ۽ پنجابين سان سفر دوران وقتي ساٿ نڀائڻ بابت سوچيو. هتي اِهو بہ ٻڌائيندو هلان تہ اقبال رند مون کي اڳ ۾ ئي لکيو هو تہ هو ڇنڇر صبحءَ جو افتتاحي تقريب ۾ ئي شامل ٿي سگهندو اُن ڪري هتان وڃڻ وارو سفر مونکي اڪيلي سر ئي ڪرڻو پيو. گاڏي شھر ڇڏي رواني ٿي. رات هئڻ ڪري ڪا خبر ڪا نہ ٿي پئي تہ ڪٿي پھتي آهي يا ڪھڙي علائقي مان وڃي پئي. البت جڏهن ڪنھن اسٽيشن تي بيٺي ٿي تہ پتو پيو ٿي تہ هيءَ فلاڻي اسٽيشن آهي. منھنجي سيٽ جي سامھون واريءَ سيٽ تي چار-پنج پنجابي عورتون ويٺيون هيون ۽ جي شھر ڇڏيندي ئي ٽِفن باڪس کولي ماني وڙڪڻ ويٺيون. هڪ تہ منھنجي مٿي ۾ ريلوي اسٽيشن جي ريڙهي واري ماني جي بانس ڀريل هئي ٻيو وري ماين طرفان ڪِچلاڻ صفا هينئون ڪچو ڪري وڌو. نتيجي طور منھنجي حالت ڪنھن اُبڪي واريءَ عورت جھڙي ٿي وئي. پر اسلام آباد گهُمڻ جو ڀُوت ذهن تي سوار هو. سو مُٺي تہ بہ ماٺ ۽ مِٺي تہ بہ ماٺ. ٽنڊو آدم ۽ شھودادپور اسٽيشنون پار ڪري پنجابي عورتن ننڊ جا سانڀا ڪيا هڪ ڄڻي مٿي برٿ تي سُمھي پئي ۽ هڪ ڪوٺلي جھڙي ڏندي سٽ تان ٻين کي اٿاري پاڻ پنھنجي ٻار سميت سُمھي پئي. انھن منجهان ئي هڪ رنگ جي سانوري عورت منھنجي خيال ۾ تہ ڪنھن غريب گهراڻي مان هئي. اُها ان موٽيءَ مائي لاءِ سيٽ خالي ڪري پاڻ اچي سندس پيرن ۾ سُمھي پئي. جڏهن تہ مون واري سيٽ تي ويٺل همراھہ اُتي ئي اهلي پيا ۽ منھنجي نيڻن مان ننڊ الائي ڇو پر ڪري اُڏامي وئي هئي. هڪ پيٽ ۾ گڙٻڙ ۽ مٿي ۾ سور ٻيو مائي ڇا ڪري جو هر هر مٿو کڻيو منھنجي گوڏي تي رکي. پھرين تہ ڏاڍو لڄي بہ ٿيس ۽ ڀوءَ بہ ٿيم تہ ڄاڻ کِتر کاڌم.
پر پوءِ آئون بہ سمجهي ويس تہ شرم ۽ حَياءُ نالي ڪا بہ شي هِنن ماڻھن ۾ اڻلڀ آهي ۽ پوءِ مون بہ مائي کي ڌڪيو پئي پر مائيءَ کي ڪا ڪِسڪار ئي ڪا نہ هئي. شايد هنن ماڻھن جي فطرت اِها آهي. جنھن سبب هو اسان جي عيش پرست وڏيرن کي لٻو چٽائي سنڌ ڀيلي ويا آهن. نواب شاھہ محرابپور اسٽيشنون ٽپي گاڏي خيرپور جي سيم کي لٿي تہ ڪنھن ڪنھن مھل گاڏي جي اندر ٻرندڙ بتين جي سوجهري تي کجين جا وڻ پٽڙي جي ڀرسان هوا ۾ جهولي ڪِن کي الوداع ۽ ڪِن جي آجيان لاءِ ٻانھن جا ٽار ڦھلائي رهيا هيا. خيرپور تي ٻہ ٽي منٽ گاڏي بيٺي. نمن جي وڏن وڻن جي جُهگٽي ۾ خيرپور جو شھر اُن رات ڪنھن آيل طوفاني دز ۾ ڌنڌلو پئي لڳو. ۽ اتفاق وري اهڙو جو بجلي بہ غائب هئي. خيرپور کان ڇُٽي ٿوري دير ۾ گاڏي روهڙي اسٽيشن تي پھتي. منھنجي خيال ۾ اُن وقت رات جو هڪ ڏيڊ ٿيڻ وارو هو. روهڙي اسٽيشن تي گاڏي اڌ ڪلاڪ کن بيٺي تہ ڪافي ماڻھو لٿا پر آئون پنھنجي جڳھہ تان چُريس بہ ڪو نه. ڇو جو هڪ تہ مٽيءَ ۾ بڀوت هُيس ٻيو وري بت کان بيزار اُن ڪري سيٽ تي ئي ويھڻ مناسب سمجهيم. ها البت چانھہ واري کي ڏسي چانھہ جي ٻاڙ ٿِي تہ کيس سڏي هڪڙو ڪوپ چانھہ جو ورتم تہ سھي پر نِڙيءَ کان هيٺ لاهڻ بہ مسئلو بنجي پيو ڇو تہ چانھہ اهڙي هُئي جهڙي............!!! خير گاڏي روهڙي اسٽيشن ڇڏي پنھنجي منزل طرف رواني ٿي اُن کانپوءِ ڪا خبر ڪا نہ پئي تہ ڪٿان پئي وڃي يا ڪٿي پھتي آهي. ڇو تہ هڪ رات اونداهي ٻيو وري گائيڊ ڪرڻ وارو همراه پنجابي جيڪو لاهور جو ويٺل هو ۽ حيدرآباد مان مون سان گڏ سوار ٿيو هو. اُهو بہ سُمھي پيو. نتيجي طور پوريءَ گاڏيءَ ۾ اڪيلو آئون اکيون ڦاڙيو ڪنھن مھل ماڻھن کي ۽ ڪنھن مھل پٽڙي جي ڀرسان بيٺل وڻن کي ڏسندو پئي رهيس. تان جو صبحءَ جو فجر جي مھل گاڏي صادق آباد تي پھتي جيڪو پنجاب جو علائقو آهي. ڇاڪاڻ جو ڪجهہ عرصي کان ولھار پُڄاڻا گاڏي پنجاب ۾ داخل ٿي چُڪي هئي. سج ڪَني ڪڍي اُن مھل گاڏي بھاولپور اسٽيشن تي پھتي. هِتي اڌ ڪلاڪ کن ڊاٻو ڪيائين ۽ ماڻھو بہ ننڊ مان جاڳيا چانھہ پاڻي لاءِ لٿا تہ آئون بہ لھي پيس. بھاولپور کي ڏسي منھنجي ذهن جي اسڪرين تي تاريخ جي بدترين ڊڪٽيٽر ضيا جي انت واري واقعي جي ياد تازي ٿي پئي ۽ آئون الائي ڇو 1977ع کان وٺي 1988ع تائين پوئتي ماضيءَ جي يادن ۾ گُم ٿي ويس. منھنجي ذهن جي اِسڪرين تي ٽوڙي ڦاٽڪ جي شھيدن کان وٺي ايم-آر-ڊي تحريڪ جي اڻ ڳڻين گمنام شھيدن جا لاش رت ۾ ليٿڙيل ۽ سنڌ جي هيروشيما تي ائٽم بمن جي بمباري ڌمچر مچائي ڇڏيو. پر اوچتو اسٽيشن جي اوترئين پاسي ۾ هڪ مسجد جي ڪنھن مُلي جي هڪ ڳالھہ مون کي پنھنجو پاڻ ۾ واپس آندو. هُو لائوڊ اسپيڪر تي چئي رهيو هو تہ هندستان ۾ مسلمان عوام هندن هٿان بيگناھہ مارجي پئي ۽ هتي هندو موجون پيا ماڻين. الائي ڇو سندس اِهو نفرت لائق جملو منھنجي هانءُ ۾ ڇُريءَ جيان چُڀي پيو. خبر ناهي ڇو؟ پاڪستان جي سمورن مُلن توڙي مذهبي رهنمائن کي هِتي جي هندو عوام کان الرجي ٿي پئي آهي. جيڪڏهن ڀارت ۾ مسلم عوام سان ڪا زيادتي ٿِئي ٿي تہ ان لاءِ هتان جا هندو تہ جوابدار ناهن. سچ تہ مذهبي بنياد پرستن اسلام جي آفاقي مفهوم کي ايترو تہ ڪٽر ۽ تنگ ذهن بڻايو آهي. جو هاڻ تہ دل چوي ٿي ته....... خير اڌ ڪلاڪ کانپوءِ گاڏي بھاولپور اسٽيشن ڇڏي رواني ٿي ۽ آئون بہ پنھنجي جاءِ والاري ويٺس ڪجهہ ڪلاڪن کانپوءِ گاڏي ملتان پھتي. ملتان ۾ اڌ ڪلاڪ کن گاڏي ترسي جو پاڻي ڀريائون ۽ مون بہ پيٽ جي سور لاءِ ڪجهہ فليجل گوريون ورتيون. ملتان مان گاڏي رواني ٿِي، تہ سج جي تؤڙي توڻي گرمي ۽ گاڏيءَ ۾ رش اهڙي جُٺ ٿي جو وري زندگيءَ ۾ ريل ذريعي سفر ڪرڻ تان منھنجا تہ ارواح ئي کڄي ويا. هڪ ڳالھہ اِها بہ ٻڌائيندو هلان تہ مون زندگيءَ ۾ پھريون ڀيرو ريل ذريعي اِهو ئي سفر ڪيو آهي. جيئن جيئن سج چڙهندو ٿي ويو تيئن تيئن گرمي بہ وڌندي ٿي ويئي گاڏي بہ پنھنجي منزل طرف روان دوان هُئي. پنجاب ۾ سرائڪي علائقو جيتوڻيڪ آباد ضرور هو پر ايترو زرخيز ڪو نہ هو. پٽڙيءَ جي ٻنھي پاسن کان ٻنين ۾ وڻڪار تہ چڱي خاصي هئي پر ڪو خاص فصل سواءِ ڪڻڪ جي کرن جي نظر ڪو نہ ٿي آيو. ها البت ڪٿي ڪٿي ڪو گاھہ يا ڪو ٿورو فصل ۽ ڪو ننڍو باغ بہ نظر آيو ٿي. باقي وڻن جون هُڙيون ۽ ٻيلا ڏاڍا هيا. ملتان کان نڪرندي ڪِن ڪِن جاين تي واريءَ وارا ڀاڱا بہ ٿوري مقدار ۾ نظر آيا. جتي جي آباديءَ جي رهڻي ڪھڻي، گهر ۽ لباس وغيرہ ۾ مون ڪافي سنڌ سان هڪجهڙائي ڏٺي. جيئن ڪِن گهرن ۾ عورتن کي اجرڪون اوڍيل ڏٺيون يا مردن کي ڪلھن ۾ اجرڪون پيل ڏٺيون. شايد پيروئن جي موسم هئي، اُن ڪري ڪٿي ڪٿي ٻار ۽ مايون کٻڙن مان پيرون چُونڊي رهيا هئا. گاڏي اوڪاڙه پھتي تہ پنجابي ماين جي مصيبت منھنجي مٿان بہ ٽري. ڇاڪاڻ جو کين اتي ئي لھڻو هُيو ۽ هاڻي ٻنھي سيٽن تي اسان خلاصا ٿي ويٺاسين. جنھن ڪري مونکي ڪجهہ فرحت محسوس ٿي تو ڻي جو گرمي جي شدت ۽ پيٽ ۾ خلل پوءِ بہ جاري هو. جيئن تيئن ڪري شام ٽي وڳي تتيءَ ۾ گاڏي لاهور پھتي. جتي لھڻ کان اڳئي مون ڀيڙي ويٺل پنجابيءَ کان پڇيو تہ يار! آئون پنڊي ڪھڙي ريت وڃان. نہ رڳو ان ويچاري گائيڊ ڪيو پر پليٽ فارم کان ٻاهر اچي پنڊيءَ لاءِ ويندڙ اي-سي ڪوچ بہ ڏسيا. توڻي جو گڏ ويٺل پٺاڻ ڪافي زور ڀريو تہ تون اسان سان گڏ ريل ذريعي پنڊيءَ هل. الائي ڪھڙي جذبي تحت هنن مون سان ڪافي همدردي بہ ڏيکاري. پر آئون ريل جي سفر کان ايڏو تہ بدضن ٿيس جو اصل توبھہ ڪيم. ٻي ڀيري ريل جو سفر ڪرڻ کان توڻي جو ڀَوائين ڀَڄندي واپسيءَ ۾ بہ ريل ذريعي سفر ڪيم. خير ڪوچ ۾ ٽڪيٽ وٺي چڙهي ويٺس ۽ 4 وڳي ڌاري بس پنڊيءَ رواني ٿي. توڻي جو ٻاهر ڏاڍي گرمي بہ هئي. پر بس ۾ اي-سي هئڻ ڪري ڪجهہ سُڪون مُيسر ٿيو هيم. ڪوچ جهلم اُڪري پار پئي تہ سج بہ اولھہ طرف پھاڙن جي هنج ۾ سُمھي پيو. جيتوڻيڪ ٻاهر سينري جابلو علائقي جي ڏاڍي وڻندڙ هئي. پر ميرانجهڙو ٿيڻ ڪري دريءَ جو پردو لاهي ڇڏيم. هڪ ڳالھہ جي فرق کي مون لاهور کانپوءِ شدت سان محسوس ڪيو تہ جيڪي بہ ڳوٺ رستي ۾ آيا ٿي تہ اُنھن ۾ اڪثر ڪري گهر پڪا، روڊ پڪا ۽ بجلي توڻي ٻين ضروري گهرجن جو پورائو ٿيل نظر آيو ٿي. جهلم کانپوءِ ڪنھن ٽڪريءَ تي هڪ آرامده اي-سي هوٽل ۾ بس ڪجهہ وقت لاءِ ترسي جتي ماڻھن سانجهيءَ جي نماز بہ پڙهي ۽ ساهي بہ پٽي. جيتوڻيڪ اُن هوٽل جو نالو هن ويل ياد ڪونہ آهي پر هُئي ڏاڍي خوبصورت ۽ مھانگي بہ حد درجي جي هئي. خير رات جو 10 وڳي ڌاري بس پنڊيءَ پھتي مون بہ هڪ چوڪ تي لھي اسلام آباد ۾ پير وڌائيءَ ڏانھن ويندڙ بسن جي پڇا ڪئي. هڪ ٻي بہ ڳالھہ جو ذڪر ڪندو هلان تہ لاهور کان مون سان گڏ ساڳي بس ۾ نوابشاھہ جو ڪو عمراڻي بہ ويٺل هو. جيڪو نوڪريءَ سانگي اسلام آباد وڃي رهيو هو. اُن سان ڏيٺ ويٺ بہ پنڊيءَ کي ويجهو ئي ٿي. پنديءَ ۾ لھڻ مھل عمراڻي بہ مونسان گڏ لٿو پر مون وانگي هُو بہ هو بنھہ اڻ واقف سو مون کي اُتي ئي ڇڏي پاڻ ڪنھن ٻيءَ بس ۾ ٽنگجي هليو ويو ۽ مون هڪ بس واري کان پڇا ڪئي. پتو پيو تہ پنڊيءَ جي ئي ڪنھن علائقي فيض آباد کان پير وڌائيءَ جون بسون وڃن ٿيون. نيٺ ڪنھن بس ۾ چڙهي فيض آباد پھتس. اتي لھي بس جي پڇا ڪيم. پير وڌائيءَ ڏانھن تہ بسون واقعي ويون پئي پر ڪو بہ آئي 10 منور پلازا بابت ڪو نہ ڄاڻي. اُتي منھنجا بہ نٽ ڍرا ٿي پيا. تہ هاڻ ڇا ڪجي؟ نيٺ ڪجهہ سوچ ويچار ڪرڻ لاءِ سامھون هوٽل تي وڃي ويٺس تہ بيرو پاڻيءَ جو جڳ کڻي اچي ڪڙڪيو. دل ۾ خيال آيو تہ ڇو نہ ماني بہ کائي وٺان. انڪري بہ جو هڪ تہ مون حيدرآباد کانپوءِ ماني ڪو نہ کاڌي هئي. ٻيو تہ اسلام آباد ۾ بہ آڌي اُسر پھچڻ ڪري مانيءَ جي ڀَوا ڪا نہ ٿي سُڌي اُن ڪري ٻہ ٽي گراھہ نہ چاهيندي بہ کائي هوٽل مان نڪتس. رات ۽ اڻڄاڻ هئڻ ڪري ٽيڪسي ڪرڻ جو ارادو ڪري سامھون ايندڙ ٽيڪسيءَ کي اشارو ڪيم تہ هو منھنجي آڏو اچي بيٺو کيس اردوءَ ۾ آسلام آباد جي مذڪورہ علائقي ۾ هلڻ لاءِ چيم. فوراّ وراڻيائين، ''سر! سنڌيءَ ۾ ڳالھاءِ توکي وڃڻو ڪٿي بہ آهي. گاڏيءَ ۾ ويھہ تہ ڳولي ٿا لھون. ڇو تہ تون سنڌي ڀاءُ آهين''. مونکي ڏاڍي خوشيءَ سان گڏ حيرت بہ ٿي، ڇو تہ پنڊيءَ ۾ ڪو سنڌي ملڻ ڏاڍو مشڪل آهي. پُڇا ڪرڻ تي پتو پيو تہ هو سکر جو ڪو سيد هو ۽ قرض تي ٽيڪسي وٺي ڪِرايي تي هلائي پيو. خير پڇائون ڪري نيٺ ويچاري مون کي منور پلازه پُڄايو. جتي هاسٽل جي چوڪيدار جي حوالي هٿيڪو ڪرڻ کانپوءِ روانو ٿيو. چوڪيدار کي سڄي ماجرا ٻڌايم. جنھن وٺي وڃي مونکي مٿي آخري فليٽ تي اُن ڪمري ۾ ڇڏيو جتي ٿر کان آيل ڪجهہ ٻيا دوست ويٺل هيا. جن ۾ سليم نھڙيو، مولا بخش محمدي وارا بہ موجود هيا. باقي پنج-اٺ ڇاڇري جا دوست هيا پر اتفاق اِهو جو مون کانسواءِ سمورا مُلان هيا. سليم وارن سان ڪي گهڙيون رهاڻ ڪرڻ کانپوءِ مون کي هڪ ٻن بيڊن وارو خالي ڪمرو هاسٽل جي انتظاميه ڏنو ۽ آئون بہ ٿڪل ڏاڍو هئس. اُنڪري سامان ڪمري ۾ رکي کٽ تي ڊهي پيس. صبحءَ جو اک اُن مھل کُلي جڏهن سليم مون کي جاڳائيندي چيو تہ اقبال رند پھچي ويو آهي ۽ تنھنجي پُڇا پيو ڪري. سچ تہ اُن مھل اهڙي خوشي ٿي جھڙي ڪنھن اُڃايل رُڃ جي مسافر کي ڪو پاڻيءَ جو چشمو نظر اچڻ تي ٿيندي آهي. شايد اُن جو ڪارڻ اِهو بہ ٿي سگهيو ٿي تہ باقي سمورا همراه ڪَٽر مذهبي لڏي سان وابسطه هيا. جڏهن تہ آئون فقرا ماڻھو. خير آئون بہ وهنجي ڪپڙا بدلائي وڃي اقبال رند سان مليس. توڻي جو اقبال رند سان منھنجي خطن وسيلي ويجهڙائي تہ هئي پر روبرو ڏيٺ ويٺ يا مُکاميلو اڳ ڪٿي بہ ڪو نہ ٿيو هو. اقبال رند سان حال احوال کانپوءِ سڀئي هيٺ لھي ڪينٽين ۾ ناشتو ڪرڻ وياسين. ناشتي کانپوءِ ٿوري دير ۾ بس پھتي جيڪا اسان کي 9 بجي ڌاري اسلامي يونيورسٽيءَ جي دعوتِ اڪيڊمي شعبي ڏانھن کڻي هلي. اها يونيورسٽي اسلام آباد شھر جي اوترئين ڇيڙي تي مارگلا پھاڙ جي هنج ۾ فيصل مسجد جي احاطي ۾ واقعي آهي. اڪيڊمي پھچڻ کانپوءِ اسان کي هڪ اي-سي ڪمري ۾ وهاريو ويو. جتي اعليٰ قسم جي فرنيچر سان ڪمرو سينگاريل هيو. ساڍين نوين کانپوءِ سنڌي شعبي جو انچارج محترم امير الدين مھر پھتو ۽ ان سان گڏ عبدالوهاب منڱريو بہ پھتو. جن سان ٿوري ڏيٺ ويٺ کانپوءِ دعوت اڪيڊمي جو ڊائريڪٽر جنرل محترم غازي محمود آيو. جنھن کانپوءِ افتتاحي تقريب شروع ٿي ۽ ٿر کان آيل اديبن (جيتوڻيڪ سواءِ اقبال رند جي يا ٿورو گهڻو مضمون نگاري جي حوالي سان مولا بخش محمدي جي ٻيو ڪو بہ اديب تہ نہ بلڪه مُلان ضرور هيا) جو تعارف ٿيو ۽ دعوت اڪيڊمي جي مقصد بابت تعارفي ڄاڻ ڏني وئي. يارنھن وڳي ڌاري چانھہ جو وقفو ٿيو. اُن پُڄاڻا اسان کي فيصل مسجد گهمائڻ وٺي ويا. پر مون ۽ اقبال رند مسجد گهمڻ بدران ٻاهر ئي بيٺي قدرت جا نرمل نظارا پسَيا. باقي سمورا مُلان فيصل مسجد ۽ اڪيڊمي جي لائيبريري گهمڻ ويا. فيصل مسجد جي احاطي اندر ڏاکڻي اولھہ ڪنڊ تي پاڪستان جي بدترين ڊڪٽيٽر ضيا جي قبر آهي ۽ جنھن کي ڏسي پري کان، ويجهو اسين اُن ڪري نہ وياسون جو اِهو اسان جي ضمير گواره نہ ٿي ڪيو. حالانڪہ ٻيا سمورا مُلان کيس قُل ڏيڻ ويا هئا. البت سندس تُربت تي مون هڪ نظم لکيو. اُهو ڪجهہ هن ريت آهي تہ؛
هوءَ جا پئي بُٺي آهي،
۽ جا رک جي مُٺي آهي،
ان ۾ آمر سُتو پيو آهي،
جو بل ڪلٽن جو بَڇَ تي،
۽ تاريخ جي اَڇَ تي،
گِڦ ڳاڙي ويو هو،
دنيا ڏاڙهي ويو هو،
هُو جو پيو ڇِـتو ٿي هو،
۽ لوڪ سان اَتو تي هو،
تنھن تاريخَ جي ماسَ ۾،
۽ هر هڪ آس ۾،
نيش کوڙيا هُئا،
۽ رت ۾ ٻوڙيا هُئا؟
اُنھيءَ جا اُهڃاڻ اڃا بہ آهن،
۽ ڄڻ پاڻ اڃا بہ آهن،
ڏاڍ جي تاريخ ۾،
ڪنھن بدنما داغ جيئن.
هِتي هڪڙي ڳالھہ ٻڌايان تہ ڪجهہ ڏينھن ۾ ئي مُلن اسان جي نماز نہ پڙهڻ واري حرڪت تاڙي ورتي، ڇو تہ ٻيا سڀ سواءِ اسان ٻنھي جي نمازي هئا، ۽ مون اُن بابت اقبال کي چيو تہ مُلان پاڻ تي کيکون ٿا کائن. اقبال چيو تہ ''نماز اسان جو ذاتي مسئلو آهي، اگر اسان کي برداشت نٿا ڪري سگهن تہ ڏين ڀاڙو تہ اسان رکون ٽوال ڪُلھي تي هُونئن بہ اسان پٽڪو ڪو نہ لاٿو هو تہ اسان کي گُهرائين. شايد انڪري اسان ۽ مُلن جون راهون الڳ هيون. ڇاڪاڻ جو هُنن ۽ اسان منجهہ ڪا بہ اهڙي هڪجهڙائي ڪا نہ هئي جيڪا ويجهو رهڻ ڏي ها. ۽ جي رهون بہ ها تہ بہ مختلف تضاد اختلاف جو ڪارڻ بڻجن ها. انڪري اسان شروع ۾ ئي پنھنجي دنيا الڳ آباد ڪئي. جيتوڻيڪ اقبال ٿر جي اديبن بَجاءِ مُلن کي ڏسي مون تي خوب ڇُھہ ڇَنڊيا تہ اِهو سڀ تنھنجي ڪري ٿيو آهي، حالانڪہ اقبال پنھنجي سَنبت بابت پاڻ ئي اڳواٽ مون کي آگاھہ ڪيو هو. پر پوءِ بہ اِهو ڏوھہ منھنجي کاتي ۾ لِکيائين. اڪيڊمي کان بس اسان کي ڏيڊ وڳي واپس هاسٽل پھچايو. جتي ماني کائي پوءِ آرام ڪيوسون ۽ شام جو پري تہ نہ البت اُتي ئي رستن تي آئون ۽ اقبال رُلياسين ۽ ائين ئي رات جو بہ ادب تي شاعريءَ تي ۽ مختلف موضوعن تي بحث ڪندي الائي ڪيڏي مھل اک لڳي پئي ۽ سُمھي پياسون. ساجهر وري بہ تيار ٿي ناشتو ڪري يونيورسٽيءَ پھتاسون. ان ڏينھن اڪيڊمي جي ڊائريڪٽر جنرل ۽ سنڌي شعبي جي انچارج کانسواءِ اسان کي ادب تي ليڪچر ڏيڻ لاءِ پاڪستان ادبيات اڪيڊمي جو چيئرمين ۽ جھڙا گل گلاب جو خالق سنڌ جو ناميارو اسڪالر ۽ اديب محترم غلام رباني آگرو آيو هو. جيتوڻيڪ آگرو صاحب جو موضوع معياري ادب لکڻ هو. پر پاڻ ٿر کان وٺي سنڌ جي دردن کي پنھنجي اندر مان اوبر جيئن ڪڍيائين. سندس چند جملا جيڪي آئون اڃان تائين وساري ناهيان سگهيو. جنھن ۾ هُن چيو هو تہ سڀ کان پھرين پنھنجي پاڻ سان ۽ پنھنجي ماڻھو سان سچا ٿيو. اهو ئي اوهان جي ادب جو معيار آهي ۽ ٿر بابت ويچار ونڊيندي چيائين تہ اسلام آباد جو پھاڙي علائقو ھہڙو خوبصورت گاديءَ جو هنڌ بنجي سگهي ٿو تہ ٿر ڇو نٿو ترقي ڪري سگهي. سندس پنھنجائپ واريون ڳالھيون ٻڌي آئون جلدي متاثر ٿيس، ۽ ان گهڙي ئي اقبال کي چيم تہ اسان جو ماڻھو ڪٿي بہ آهي ڪھڙي بہ عهدي تي آهي. پر پنھنجي ديسَ جو ۽ پنھنجي ماڻھن جو درد سيني ۾ سانڍي ٿو. اقبال رند فوراّ وراڻيو هو تہ ''امر اِهي بيروڪريٽ اٿئي جيڪي هاٿيءَ جا ڏند ڏيکارڻ لاءِ هڪڙا ۽ کائڻ لاءِ ٻيا وانگر هوندا آهن. پاڻ جي روبرو پاڻ جون ڳالھيون ڪري همدردي تہ حاصل ڪري ويو پر ڪو سنڌي ماڻھو جي سندس گهر يا آفيس تي وڃي ڏسي تہ سندس رويي ۾ ڏينھن رات جو فرق هوندو''. بھرحال 23 تاريخ بہ ڪجهہ ٻيا ليڪچر ٿيا پر اڪثر مذهب بابت هوندا هيا. خاص ڪري هندو جاتي انھن بحثن ۽ ليڪچرن جو نشانو بڻيل هئي. هِتي اِهو بہ ياد ڏياريان تہ اڪيڊمي پاران ٿر جي اديبن کي گهرائڻ جو مقصد ئي اهو هو تہ ٿر ۾ قاديانين، عيسائين ۽ هندن خلاف ڪو محاذ کڙو ڪجي، اُن تان هڪ دلچسپ واقعو ياد آيو تہ ڪنھن ٿري مُلان چيو تہ قادياني هر هندوءَ کي ڏھہ ٻڪريون ڏين ٿا ۽ اوهان ڇا ڏيندا جو هندو مسلمان ٿين. جنھن تي اڪيڊمي جي ڊائريڪٽر، جيڪو ساڳي وقت تقريبن سموري دنيا اڪيڊمي ۽ سرڪار جي خرچ تي گهُمي ڦري چڪو آهي ۽ ڪيترن ئي ملڪن ۾ بنياد پرستي جو پرچار بہ ڪرڻ لاءِ وڃي چڪو آهي. تنھن حڪومت تي ڇُھہ ڇنڊيا. ياد رهي تہ اسلامي يونيورسٽي ضيا جي دؤر ۾ ئي وجود ۾ آئي هئي ۽ هينئر بہ لکين روپيہ پاڪستان سرڪار توڻي پرڏيھي اسلامي ملڪن کان ڪروڙين فنڊز حاصل ڪري ٿي. ڊائريڪٽر جنرل چيو تہ منور پلازا جيڪا هاسٽل آهي اُن جي ماهوار مسواڙ 80000 روپيہ آهي. جنھن جا 100 جي لڳ ڀڳ ڪمرا آهن ۽ اُتي هڪ ڪينٽين بہ آهي. جنھن ۾ هفتيوار ورڪشاپ يا ٽماهي ۽ ڇھہ ماهي ڪورسن لاءِ مختلف محڪمن خاص طور تي فوجين، مُلن، اديبن ۽ صحافين کي سکيا ڏني وڃي ٿي. 23 تاريخ شام جو ماني کائڻ کانپوءِ اسان ٽڪيٽ بُڪ ڪرائڻ لاءِ پنڊي وياسون. ٻيا تہ مُلان نہ هلن ڇو تہ سندن مرضي هئي تہ جمعي تائين هتي ڳاڙها ٻوڙ کائجن ۽ گهمجي ڦرجي. پر مون ۽ اقبال کي اصل جپ ڪا نہ ٿي آئي. سو جڏهن اسان ٽڪيٽ وٺڻ لاءِ وياسين تہ سليم ۽ مولا بخش وارا بہ گڏ ٿيا. اول تہ ڪنھن چڱيري گاڏيءَ ۾ ٽڪيٽ ملي ئي نہ پيو. پر پوءِ ڪلارڪ کي اهو احساس ڏياريوسين تہ اسين ٿر جا اديب پنجاب جي مطالعاتي دوري تي آيا آهيون. اِهي اوهان جي هِن رويي متعلق ڪھڙي راءِ قائم وڃي ڪندا تڏهن همراھہ کي بہ ڪجهہ نيم ٿيو ۽ پوءِ اسان کي تيزرو ۾ ٽڪيٽ ڏنائين. جيڪا خميس 27 مئي تي شام 4 وڳي حيدرآباد لاءِ رواني ٿيڻي هئي. پنڊيءَ کان موٽيندي اسلام آباد جي ڪجهہ روڊن ۽ علائقن تان گهمندا آياسين. هڪڙي جاءِ ڪو احتجاجي مظاهرو ٿي رهيو هو. معلوم ڪرڻ تي پتو پيو تہ ڪلھہ يعني 22 مئي تي اسلام آباد جي ڪنھن تاجر جي پُٽ عبدالطيف کي پوليس جانچ دوران مُنھن ماريءَ تي گولي هڻي ماري وڌو هو. ٻئي ڏينھن اها ڄاڻ پئي تہ پوليس جي سمورن جوابدار ملازمن کي نہ رڳو برطرف ڪيو ويو پر سزائون بہ ڏنيون ويون ڇاڪاڻ جو اسلام آباد ۾ ڪو بہ واقعو پاڪستان سرڪار جي ساک لاءِ بدناميءَ جو سبب بنجي ٿو. ڇو تہ پاڪستان جي گاديءَ جو شھر هئڻ ڪري ڪا بہ ڳالھہ بين القوامي ميڊيا تائين پھچڻ ۾ وير ئي ڪا نہ ٿي لڳي. ٻيو تہ مذڪورہ علائقو پنجاب جو هو ۽ پنجاب جي ڪنھن فرد سان زيادتي پاڪستان سرڪار لاءِ ڏاڍو ڏکيو مسئلو بڻجي پوندو آهي. اسان مختلف سيڪٽرن کان گهمندا منور پلازا پھتاسين. شھر جا اڪثر رستا ويڪرا کليل خاص طور صفائي جو انتظام بھتر نظر آيو ۽ هر ڪالوني يا آفيسن ڏانھن مختلف ڏسن کان رستا آيا ٿي. پٿريلي زمين تي ساوڪ بہ ڏاڍي هئي تہ وڻڪار بہ بنھہ گهڻي هئي، مختلف قسم جا وڻ هن علائقي جي سونھن ۾ اضافو آهن. اسلام آباد ۾ مٿئين ڪلاس جا ماڻھو ۽ بيروڪريٽ رهائش پذير آهن. توڻي جو وچولي طبقي جا ملازم ۽ شھر ۾ ڪم ڪندڙ هيٺين طبقي جا مزدور بہ رهن ٿا. پر سندس جيوت آئون ائين ٿو سمجهان تہ ڏاڍي ڏکي گذرندي هوندي. ڇو تہ اسلام آباد جي مھانگائي چوٽ چڙهيل آهي. رات جو ڪڏهن ڪڏهن هاسٽل ۾ ڪو مذاڪرو وغيرہ بہ ڪنھن نہ ڪنھن موضوعءَ تي ٿيندو هو. جيتوڻيڪ آئون ۽ اقبال شامل تہ ٿيندا هئاسون پر حصو قطعي ڪنھن بحث ۾ ڪو نہ وٺندا هئاسين. ڇاڪاڻ جو اسان ۽ مُلن وچ ۾ شديد اختلاف موجود هيا. جيڪي ڪنھن بہ جهڳڙي جو ڪارڻ ٿِي ٿي سگهيا ان ڪري ئي ماٺ ڀلي ڄاتي سون. توڻي جو مُنتظمين اسان جي حرڪتن ۽ رويي کي سمجهي بہ ورتو هو. پر مجبور هيا جو گهُرائي ڦاٿا هيا. اصل ۾ کائُن ڪا غلطي ٿي يا کين سندن چيلن غلط ڄاڻ مھيا ڪئي. جنھن جي نتيجي ۾ اقبال ۽ آئون وارد ٿياسين. 24 تاريخ بہ ساڳئي نموني ليڪچر ٿيا. جنھن ۾ ڪيترائي مُلان ۽ ڪجهہ مذهبي عالم حصو وٺڻ آيا. پر اسان ڪو خاص ڌيان ڪو نہ ڏنو سواءِ سنڌ جي مشھوور علمي ادبي دانشور مرحوم علامه دائود پوٽي جي گهرواري ۽ اديون رسالي جي ايڊيٽر نامياري اديبا ۽ صحافي خطيجه خانم جي، جنھن جي ليڪچر جو موضوع اسلام جي نظر ۾ عورت جي آزادي هو، ليڪچر دوران هڪ مُلون مائي سان عورت جي آزادي تي بحث ۾ وچڙي پيو تہ مائي ساڻس ڏاڍي جُٺ ڪئي. اصل ۾ ڇا آهي تہ مُلن جي مٿي ۾ بس اِها ئي غلط فهمي ويٺل آهي تہ عورت جي تعليم يا آزادي مغربي معاشري جي قدرن جو اثر آهي. ان ڪري ان کي رد ڪيو وڃي. ان دوران اقبال رند مذاق طور ان مُلي کي چيو تہ تون ڀلي تو واري بيگم کي ڏاڻ ڏيئي ڇڏج. مُلي تہ الائي ٻڌو يا نہ پر مون ٻڌو سو پئي آئون ۽ اقبال کلياسين. ائين ئي راتيون ۽ ڏينھن اسلام آباد جي پُر رونق شھر ۾ گذرندا رهيا. آئون ۽ اقبال اڪثر پنھنجي ڪمري ۾ يا رات جو منور پلازا هاسٽل جي اوڀر طرف هڪڙي نالي جي پل مٿي ويھي مختلف قسم جا بحث ۽ خيالن جي ڏي وٺ ڪندا هئاسون. آئون اڪثر مظهر لغاريءَ جو ذڪر ڪندو هئس ڇاڪاڻ جو مون کي جيڪڏهن شاعريءَ جي حوالي سان ڪو ماڻھو هر وقت ۽ حد کان گهڻو متاثر ڪندو آهي تہ اُهو مظهر ئي آهي. بھرحال ڪي آف دي رڪارڊ ڳالھيون بہ ڪندا هئاسون. اڪثر اقبال مذاق ڪندو ئي رهندو هو. پر مون شروع ۾ ئي کيس ٻڌايو تہ بابا! مونکي گار ڪڏهن بہ نہ ڏج. باقي ٻيو تنھنجو هر مذاق منھنجي اکين تي. خاص طور تي سندس اِها عادت جو هُو ڌُڪ ڀري وڄائيندو هو. هڪ ڀيري ماني کائيندي منھنجي ڪَپار ۾ چمچو اهڙو تہ ڀَري وڄايائين جو مون کي ڏينھن جا تارا نظر اچي ويا ۽ مُلن ڀانيو تہ هاڻ اِهي ٻئي پاڻ ۾ وڙهي ويندا پر اصل ۾ سندن اُها غلط سوچ ثابت ٿي. ڇاڪاڻ تہ اسان پاڻ ۾ ويجهرائپ ۽ پنھنجائپ ناتي ايترا تہ گهرا ۽ گهاٽا ٿِي چُڪا هئاسون جو هڪ ڀيري اقبال کي چوڻو پيو. تہ ''امر! ڪر دُعا ملن کي نہ تہ آئون تو سان ايترو جلدي ٿورو ئي فري ٿيان ها''. حسبِ معمول 25 تاريخ بہ ورڪشاپ اٽينڊ ڪيوسون. جنھن ۾ هڪ خاص ڳالھہ جنھن اسان کي ڏاڍو رنج پھچايو. ٿيو هيئن جو لاڙڪاڻي سنڌ کان ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ ليڪچر ڏيڻ لاءِ گهرايو ويو هو. هن صاحب جي ليڪچر جو موضوع سنڌ ۾ لادين ادب هو. هن صاحب برصغير جي ورهاڱي کان وٺي موجود دؤر تائين سنڌي ادب بابت پنھنجا ويچار ونڊيا. خاص طور تي سندس اها ڳالھہ جا اسان کي هضم ٿي نہ سگهي ۽ ڪَنڊي جيان هانءُ ۾ هُري تہ شيخ، اياز، بدر ابڙو، امر جليل ۽ ٻيا روس جا ۽ انڊيا جا ايجنٽ ۽ اسلام جا بدترين دشمن آهن. هن صاحب بنا نالي وٺڻ جي ڊاڪٽر تنوير ۽ حميد سنڌي تي بہ ڇُھہ ڇنڊيا ۽ چيائين تہ اُهي منھنجا بدترين دشمن آهن ۽ حڪومت جا ڇاڙتا آهن. موصوف سنڌي ادب کي خاص طور سنڌي ادبي سنگت ۽ ترقي پسند رسالن کي پاڪستان ۽ اسلام جو دشمن سڏيو. اُن وچ ۾ سوال جواب دوران شڪارپور جي هڪ ڇوڪري جيڪو قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد ۾ پڙهي ٿو ۽ شايد جماعت اسلامي سان وابسطه آهي. تنھن ادل سومري کان وٺي طارق اشرف تائين، اياز کان وٺي امر جليل تائين ۽ ساڃاھہ رسالي کان وٺي پروڙ رسالي تائين ۽ سنڌي ادبي سنگت بابت گواھہ بڻجي شاهديون ڏيئي ڌاريي اڳيان سُرخرو ٿي پنھنجون مارڪون وڌائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. اُن مھل اُن ڪميڻي سنڌي ڇوڪري جي رويي تي شيخ اياز جو مشھوور نظم چغل منھنجي ذهن تي تري آيو.
ڪنھن دوست مٿان ڪنھن دشمن وٽ
هو چغلي کائي آيو آ
۽ ٻي تي ڳورو ڳَٽ وجهي
هن پنھنجو پاڻ بچايو آ.
جيتوڻيڪ مون ۽ اقبال رند جي ضمير ملامت ڪئي ۽ اندران ئي اندران جُهري بہ پياسين. پر پوءِ بہ کين ڪو مُنھن ٽوڙ جواب ڏيڻ بجاءِ خاموشي اختيار ڪئي سون ۽ بقول اقبال جي تہ منھنجو اندر اهڙي زيادتي تي مَري چڪو آهي. هِتي اِهو بہ واضع ڪندو هَلان تہ دعوت اڪيڊمي جيڪا هُونئَن تہ هر ڪنھن مذهبي گروه سان نرم ۽ لچڪيدار رويي سان پيش اچي ٿي. پر سندن رويو سنڌي ادب ۽ سنڌي ماڻھو ڏانھن بنھہ اوپرو آهي. ڇاڪاڻ جو سندن اصل مقصد ئي اِهو آهي تہ سنڌ مان سنڌ جي ترقي پسند سنڌ دوست ۽ صحتمند ادب سياست ۽ ذهنن جا پير اکاڙي اُتي جُنوني مذهبيت جو وجود وجهجي. اُن ئي سلسلي جي هڪ ڪڙي اِها بہ آهي تہ دعوتِ اڪيڊمي طرفان ويجهڙائي ۾ سنڌ اندر سنڌي ادبي سنگت جي مخالف ۾ سنڌي ادبي سوسائٽي قائم ڪئي ويندي. مطلب تہ دعوتِ اڪيڊمي جي سنڌي شعبي اندر رهندڙ سنڌي ۽ سندن سهڪاري سنڌي ادب ۽ سنڌ جي مُحب وطن سنڌ دوست ترقي پسند اديبن ۽ عوام خلاف هڪ مھم هلائڻ ۾ مشغول آهن. اُتي ئي هڪ بحث دوران ڪنھن اردو اديب پڇيو تہ سنڌي ۾ ناول ڪنھن ڪنھن لکيا آهن ۽ ڪھڙا لکيا آهن ۽ جڏهن موٽ ۾ اسان کين آغا سليم سراج، عثمان ڏيپلائي ۽ ٻين سنڌي اديبن جي ناولن جا نالا ٻڌايا تہ چيائين تہ اسلامي ناولن جي ليکڪن جا نالا ٻڌايو. تڏهن سنڌي شعبي جي انچارج امير الدين مھر چيو تہ اسلامي ناول اڃا تائين ڪو بہ ناهي لکيو ويو ۽ ڏاڍي فراخ دلي سان اهو تسليم ڪيائين تہ جو ڪجهہ کاٻي ڌُر جا سنڌي اديب لکي سگهن ٿا. اُنھن جھڙي هڪڙي سٽ بہ اسان وارا بنياد پرست مُلان اديب لکي نٿا سگهن. بنياد پرستيءَ تان ياد آيم تہ ساڳي ڏينھن ليڪچر دوران غازي محمود چيو تہ مون کان ڪنھن چيني خاتون صحافيءَ پڇيو تہ بينظير بہ تہ سيڪيولر آهي تڏهن مون چيس تہ بينظير بہ بنياد پرست آهي ڇو تہ اِها بہ اسلام جي بنيادي رُڪنن کي مَڃي ٿي ۽ اُنھن تي عمل ڪري ٿي. تہ هوءَ بہ بنياد پرست آهي. محمود صاحب جي ان ڳالھہ جو حوالو اُن ڪري ڏنم جو سندن خيال ۾ جو مسلم گهر ۾ پيدا ٿيو، اهو لازمي بُنياد پرست هوندو. اصل ۾ اِها سندن وڏي ۾ وڏي غلط فهمي آهي. ڇو تہ ائين قطعي ڪونہ آهي. بھرحال 25 تاريخ شام جو اسلام آباد شھر، شڪر پڙيان ۽ دامن ڪوھہ گهمڻ وياسون. شڪر پڙيان اِها خوبصورت ٽڪري آهي جتي اڪثر شام جو اسلام آباد جا رهاڪو جوڙن جي صورت ۾ ۽ ڏورانھين علائقي کان گهمڻ لاءِ آيل سياح پيا چڪر لڳائيندا ۽ فوٽو ڪڍرائيندا آهن. شڪر پڙيان وڻن جي جهُڳٽي ۾ هڪ اهڙي جاءِ آهي جتي چئني پاسي خوبصورت گُلڪاري ۽ پاڻيءَ جا ڦوهارا پري کان نظر ايندڙ پھاڙن جا خوبصورت منظر من کي موهيو وجهن. مون ۽ اقبال بہ اُتي مُلن کان جدا ڪجهہ فوٽو ڪڍرايا. شڪر پڙيان کانپوءِ اوڀرطرف، ڊيم گهُمڻ وياسون، جتي خوبصورت نظارن ۽ ٽڪريءَ جي هنج ۾ راول ڊيم ۾ ٻيڙين اندر چڙهي چڪر لڳائڻ لاءِ مُلن زور ڀريو پر آئون جئين تہ اڳي ئي پاڻيءَ کان وَئون وڃان ڇو تہ صفا ڊڄڻو آهيان انڪري اقبال بہ مون سان گڏ هو، ٻيا ويا پاڻيءَ ۾ راول ڊيم جو سير ڪرڻ. ۽ اسان ٻئي اُتي ٿڌو پيئڻ لاءِ هوٽل ۾ وياسين. راول ڊيم ذريعي سڄي اسلام آباد کي پاڻي پڄايو وڃي ٿو. ڪيڏي نہ ستم ظريفي چئجي جو اسلام آباد جي پھاڙي علائقن ۾ ڊيم جوڙي اهڙي ويران ۽ ڏُورانھنءَ وستيءَ ۾ گاديءَ جو شھر آباد ڪري سگهجي ٿو. پر ٿر جي بَرکي آباد ڪرڻ لاءِ پاڪستان سرڪار ٺٺي وٽان سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندڙ سنڌوءَ جي فالتو پاڻيءَ کي گڏ ڪري ڪارونجهر ڊيم جوڙي ننگر جي علائقي کي آباد ڪري نٿي سگهي. خير راول ڊيم تي گهُمڻ کانپوءِ اسان مارگلا پھاڙ تي دامنِ ڪوھہ طرف روانا ٿياسين. پارليامينٽ هائوس کان ٿيندا دامنِ ڪوھہ جي ٽڪريءَ تي چڙهي وياسين. دامن ڪوھہ جي اوچي پھاڙ تان سمورو شھر رات جي پھر ۾ ايئن ٿي نظر آيو ڄڻ اُڀ ۾ ستارا هجن. دامن ڪوھہ تان ٺيڪ ڏاکڻي اوڀر ڪنڊ تي ويجهوئي پارليامينٽ هائوس آهي جتي پاڪستان جي ڍانچي ۾ واڙيل مظلوم قومن جي تقديرن جا فيصلا فوجي ڪرتاڌرتا ۽ ڏيھي پرمار زبردستي مڙهيندا آهن. پارليامينٽ هائوس جي ڀر ۾ ايوان صدر آهي. جتي اٺين ترميم جو راڪاس چند سالن ۾ الاءِ ڪيترين جهموري حڪومتن کي هڏين سميت ڳڙڪائي چُڪو آهي. پارليامينٽري هائوس جي سامھون روڊ جي ٻئي پار پي-ٽي-وي جو مرڪزي دفتر ۽ اُن جي ڀر ۾ پنجاب ڪشمير هائوس آهن جن جي ڀر ۾ سنڌ هائوس مونکي الاءِ ڇو ائين لڳو ڄڻ ڀُنگ خاطر يرغمال بڻايل هجي. ڏور ڏکڻ ڪنڊ ۾ پي-آءِ-اي جي هوائي اڏي تان رات جي وقت ۾ جهازن جي اُڏام ايئن ٿي لڳو ڄڻ اُڀ مان ستارا پيا کِڙن. خير دامنِ ڪوھہ تان گهُمي واپس هاسٽل موٽياسين تہ پھاڙ تان لھندي مُلن دعائون پڙهيون ۽ اسان کي بہ چيائون تہ اوهان بہ دعا پڙهو پر اسان جي اِهائي ورندي تہ موت جي ڀوءَ کان ڀاڙيا ٿيڻ وارن مان اسان ناهيون. هاسٽل پھچي ماني کاڌي سُون ۽ پوءِ پنھنجي پنھنجي ڪمرن ۾ وڃي آرامي ٿياسون. هڪ خاص ڳالھہ اها تہ اسان جنھن ڪينٽين ۾ ماني کائيندا هئاسون اُتي ساڳئي يونيورسٽي پاران تربيت لاءِ آيل فوجي آفيسر بہ ماني کائيندا هئا ۽ ساڻن نوڪر بہ گڏ هئا جيڪي چڻن جي دال ۽ مانيءَ تي گذارو ڪندا هئا، جڏهن تہ فوجي آفيسر وي-آءِ-پي کاڌو کائيندا هئا، الاءِ ڇو؟ اهو فرق ڏسي مونکي فوجي سپاهين سان همدردي پئدا ٿي پيئي، حالانڪہ هر وردي پوش شُخص سان مون کي سندن مظلوم قومن سان ماٽيجيءَ ماءُ جھڙي سلوڪ جي ڪري ساڻن ڪا همدردي ڪانھي پر پوءِ بہ اُن عمل کي ڏسي منھنجي دل جُهري پئي ۽ اهڙو ذڪر مون اقبال سان بہ ڪيو. حسب معمول 26 مئي صبحءَ جو ناشتو ڪري يونيورسٽي پھتاسون جتي هڪ اڌ ليڪچر کانپوءِ اسان کي تقريبن 12 وڳي ڌار ڪوھہ مري گهُمائڻ جي لاءِ واپس هاسٽل آندائون جتي ماني کائي اٽڪل 2 وڳي ڌاري دعوتِ اڪيڊمي سنڌي شعبي جو چيئرمن محترم امير الدين مھر ۽ عبدالوهاب منڱريو سميت سمورا ٿر کان آيل همراھہ هڪ بس ۽ هڪ ويگن ذريعي ڪوھہ مري روانا ٿياسين. اسلام آباد جي ويڪرن رستن کي پار ڪري اُڀرندي اُترين ڪُنڊ تي مارگلا پھاڙي سلسلي جي ڏاکڻي ڀر مان بس هلڻ لڳي. تقريبن 35 ڪلوميٽر جو مفاصلو ٿوري دير ۾ طئه ڪري بس ڪوه مري پھاڙ جي چڙهائي تي چڙهڻ شروع ٿي. وروڪڙ ۽ خطرناڪ رستن تان ڦرندي گاڏي مٿي بنھہ گهڻي اوچائيءَ تي هڪ هوٽل تي هلي بيٺي. جتي اسان سڀني ٿڌو پيتو ۽ گاڏي جيڪا گرم ٿي وئي هئي. اُها ڪجهہ گهڙين ۾ ٿڌي ٿِي تہ وري ساڳيو قافلو منزل طرف روانو ٿيو. ڪوھہ مري جا پھاڙ بنھہ اوچا ۽ تراکڙا آهن. جن جي هنج ۾ اڌ ڪُڙ ۾، يا چوٽيءَ تي پڪا گهر وک وک تي نظر آيا ٿي اڪثر هر گهر ۾ لائيٽ پاڻي وغيرہ جو انتظام ٿيل هو. پھاڙن جي هيٺ جتان ندين جو گذر هو. اُتي ندين جي وقفي هئڻ ڪري پٿريلي پر وارياسيءَ زمين تي ڪٿي ڪٿي پوک نظر آئي ٿي. اڪثر پھاڙن جا وڻ ڊگها ۽ ساوا آهن. جڏهن تہ پھاڙن تي گاھہ ان ويل سائو ڪو نہ هو پر موجود ضرور هو. جيڪو سوڪ سبب ڀورو ٿي ويو هو. ڪٿان ڪٿان جبلن جي چوٽيءَ تان ننڍڙا پاڻيءَ جا چشما هيٺ آهستي آهستي لٿا پئي ۽ اِهو منظر ڏاڍو موهندڙ هو. رستي جي ٻنھي پاسن کان ڊگها ۽ گهاٽا وڻ جن جي جهُڳٽي ۾ موسم ڏاڍي وڻندڙ هئي. ڪجهہ مفاصلي جي چڙهائي کانپوءِ آبهوا بلڪل بدلجي ويئي. ڇو تہ ڪوھہ مري جا پھاڙ ساموندي سطح کان اٽڪل 6 هزار فوٽ اوچا هئڻ ڪري اُتي مَئي مھيني ۾ بہ آبهوا ڊسمبر جي مھيني جھڙي هئي. اسان جي بس ڪافي پوانئٽون ڇڏي ڪوھہ مري پوائنٽ کان اڳ ۾ ڀوربن ڏانھن مُڙي، جتي تقريبن اسان سوائين ٽين ڌاري پھتاسين. ڀوربن جي پوائنٽ تي جيڪو اندر ڪلب آهي اُن جي دروازي تي ٻہ ٽي فوجي بيٺا هئا. جن اسان جي بس اندر وڃڻ کان روڪي. جنھن تي اسان سان گڏ دعوتِ اڪيڊمي سنڌي شعبي جي انچارج محترم امير الدين مھر کين اسان جي ٿر کان اچڻ بابت ٻڌايو پر فوجي جوان پڙ ڪڍي بيھي رهيا تہ هن ويل اسان جا فوجي آفيسر ڪلب اندر راند پيا ڪن، اُن ڪري اندر وڃڻ جي اجازت نٿا ڏيئي سگهون. بھرحال هڪ ڳالھہ ضروري هئي تہ فوجين جو رويو بنسبت سنڌ جي اُتي ڏاڍو نرم نظر آيو. جنھن تي اقبال مونکي چيو تہ ''هي ساڳي ماڻھو سنڌ ۾ هروڀرون ڪنھن چڱي ڀلي ماڻھوءَ جو پٽڪو لاهيندي دير ئي نٿا ڪن. پر هتي سُئي کان بہ سنھا اُن ڪري آهن جو هِي علائقو سندن ئي ماترڀومي آهي ۽ اُن جي روايتن کي داغ دار بنائڻ نٿا گهرن''. خير اسان ڀوربن گهُمڻ بجاءِ اِها آس اندر ۾ سانڍي واپس ڪوھہ مري پوائنٽ موٽياسين. هڪ ڳالھہ ٻي بہ مون عجيب ڏٺي جو ڪوھہ مري جي پھاڙن تي رڍن ۽ ٻڪرين جا وار فوٽ کان بہ وڏا هئا ڇاڪاڻ جو اُتي برف باري تمام گهڻي ٿئي ٿي. اُن ڪري بچاءُ طور وار ڇڏي ڏنا اٿن. مال چاريندڙ ماڻھن ۾ گهڻائي اوڏ قوم جي ماڻھن جي هئي. جن جي ٻولي سمجهہ کان ٻاهر هئي. ڀوربن واري علائقي ۾ عباسي قوم جا ماڻھو رهن ٿا. جيڪي اردو گاڏڙ پنجابي ڳالھائيندا آهن. اسان جي بس پنڊي پوائنٽ کان ٿيندي ڪوھہ مري پوائنٽ تي پھتي جتي ڪجهہ وقت گاڏي مان لھي چڪر ڏناسين ٻيا تقريبن ڪافي ڄڻا اُتي ئي چيئرڪار تي چڙهي هڪ پھاڙ کان ٻي پھاڙ تائين هزارين فوٽ اوچائي تي لڳ ڀڳ ميل کن مفاصلي جو سفر ڪري آيا. پر منھنجو تہ اصل ساھہ ٿي مُنڌو. انڪري چيئر ڪار تي چڙهڻ بابت سوچي بہ نٿي سگهيس ۽ منھنجي ڪري اقبال بہ مونسان گڏئي بيھي رهيو ۽اسان ٻنھي گڏجي ڪجهہ فوٽو ڪڍرايا ۽ اُتي ئي آڏا اُبتا چڪر ڏنا ۽ وڻن جي خوبصورت جُهڳٽن اندر خوبصورت جوڙن جو ديدار ڪيوسين. جن جي سونھن ۽ ماحول جي خوشبوءَ جو هُڳاءُ اسان جي رڳ رڳ ۾ رچي ويو. جيتوڻيڪ ايڏي ٿڌڙي هير ۽ من موهيندڙ منظر موجود هيا. پر الاءِ ڇو؟ منھنجو اندر اُداس هو. ڇاڪاڻ جو جنھن هستيءَ سان منھنجي روح جا گهرا ناتا جڙيل آهن ۽ جا مونکي پنھنجي کڄندڙ ساهن کان بہ ويجهي آهي اُها شدت سان ياد اچي رهي هُئي. جنھن ڪري ٻاهر جي موسم بہ اندر جي سَرءُ رُت جيان ڀڙڀانگ لڳي ٿي. ڪوھہ مري پوائنٽ تان پري پري جا علائقا بہ نظر آيا ٿي. جنھن ۾ ڪشمير جو ڪھالا وارو پھاڙي سلسلسو بہ ڏور اوڀر کان ڏيک ڏيئي رهيو هو. مري ۾ گهڻو ڪري وقفي وقفي سان برسات اوس وسندي رهندي آهي. تنھنڪري اُتي ڏاڍي گرينري آهي. اِهو ئي سبب آهي جو گهڻي برسات ۽ برف باريءَ جي ڪري گهرن جون ڇتيون ڪاٺ جون ٺهيل نظر آيون. مريءَ ۾ ئي اسان جي ملاقات هڪ وهابي پنجابي ڇوڪري سان ٿي. جيڪو نواز سرڪار جي ڪورٽ پاران ٻيھر بحالي تي ڏاڍو سرهو ٿي نظر آيو ۽ اسان کان پڇيائين تہ ڇا اوهان کي انھي ڳالھہ جي خوشي ڪا نہ ٿي آهي. اسان چيس تہ اسان کي صرف صدر اسحاق جي اٺين ترميم واري غير جهموري عمل جي خلاف ڪورٽ جو ڏنل فيصلو وڻي ٿو. ورنا نواز شريف جي حڪومت هجڻ يا نہ هجڻ سان اسان کي ڪا بہ دلچپسي ڪانھي. حالانڪہ ڪورٽ جي ان هڪ طرفي فيصلي بہ اسان کي ڏک ڏنو آهي. ڇو تہ ساڳي ترميم جو شڪار ٿيل ٻن سنڌي وزيراعَظمنَ جوڻيجي ۽ بينظير جي حڪومتن کي بحال ڪرڻ وقت ڪورٽ اهڙي ڪنھن بہ فيصلي ڏيڻ کان ڄاڻي واڻي قاصر هئي. ٻيا همراھہ چيئر ڪار کان چڪر ڏيئي موٽيا تہ اسان رات جو اٺين وڳي ڌاري واپس اسلام آباد موٽڻ لڳاسين. واپسيءَ ۾ رات ٿي وڃڻ ڪري پھاڙن جي چوٽي تان بس هيٺ لھڻ شروع ڪيو تہ پھاڙن جي تري ۾ گهرن اندر ٻرندڙ بتيون اِئين ٿي لڳو ڄڻ آسمان هيٺ لھي پھاڙن جي تري ۾ وڇائجي پيو آهي. وقت جي اڻاٺ سبب اسان ايوبيا وڃي ڪونہ سگهياسين. حالانڪہ اسلام آباد کان ارادو ڪري بہ آيا هئاسين تہ ايوبيا تائين وينداسين. پر رات ٿِي وڃڻ ڪري واپس ورڻو پيو هڪ ڀيرو وري بہ ساڳي هوٽل تي وچ ۾ چانھہ پيتي سون ۽ پوءِ وري بس رواني ٿي منزل طرف تہ اسان بہ اکيون پوري پاڻ کي سيٽن تي ڍرو ڇڏي ڏنو ۽ اسلام آباد ۾ منور پلازا هاسٽل جي اڳيان بس جي اوچتي بريڪ تي اک کُلي گاڏي مان لھي سڌا ڪينٽين تي وياسون۔. هٿ مُنھن ڌوئي ماني کائي وڃي آرامي ٿياسين ۽صبح ساجهر وري نوين وڳي يونيورسٽي پھتاسين جتي ورڪشاپ جو آخري ڏينھن هئڻ ڪري اختتامي تقريب ۾ ورڪشاپ ۾ شرڪت ڪندڙن ۾ سَنَدُون ورهايون ويون ۽ ٿورو گهڻو ڪو ليڪچر وغيرہ الوداعي حوالي سان ٿيو ۽ هڪ سئو جي لڳ ڀڳ مختلف قسم جا مذهبي ڪتاب ۽ هڪ عدد ٿيلھو بہ سوکڙي طور هر هڪ شرڪاءُ کي ڏنائون. هڪ وڳي بس اسان کي واپس هاسٽل تي پھچايو جتان ماني کائي مون اقبال، سليم، مولا بخش ۽ ڪجهہ ڇاڇري جي مُلن سفر جي سنبت ڪئي. اٽڪل اڍائي ڌاري ٻن ويگنن ۾ ويھاري اسان کي پنڊي ريلوي اسٽيشن تي پھچايو ويو. جتان کان عبدالوهاب منڱريو جيڪو دعوتِ اڪيڊمي ۾ ئي ملازم آهي. اسان کان موڪلائي واپس وريو. ڪلاڪ ڏيڊ جي انتظار کانپوءِ سوائين پنجين ڌاري تيزرو پنڊيءَ مان راوني ٿي. هِن ڀيري گاڏي ۾ رش بلڪل گهٽ هئي ٻيو تہ اسين بہ چار پنج ڄڻا گڏ ٻن سٽن تي ويٺل هئاسون ۽ مٿي ٻہ برٿ بہ خالي پيا هئا۔ ها البت سرگوڌا جو هڪ پنجابي اقبال کوکر جيڪو پيپلز پارٽي ضلعي سرگوڌا جو صدر هو. اُهو اسان سان گڏ ويٺل هو. جنھن نواز شريف ۽ ضيا تي خوب ڇُوھہ ڇنڊيا ٿي. اقبال کوکر لاله موسيٰ تائين اسان سان گڏ هو. هن سان ڏاڍي رهاڻ ڪئي سون، ۽ هو سنڌ جي ڪافي علائقن کي گهڻي ڀاڱي ڏسي چڪو آهي. سندس بحث جو موضوع اڪثر پيپلز پارٽي، نواز شريف ۽ سنڌ هئا. مون پنجاب ۾ چند مخصوص ڳالھيون محسوس ڪيون. جئين هڪ اِها تہ پنجاب جي ڪنھن بہ هوٽل تي ڪو بہ فالتو ماڻھو ويٺل ڪو نہ ڏٺو جئين اسان وٽ اڪثر هوٽلن تي واندن جا ٽولا ويٺا جلال جون ڪيسٽون ٻڌاندا آهن. ٻيو اهو تہ پنجاب ۾ اڪثر ڪري ڪنھن بہ نمايان جاءِ تي پانن جي ڪيبينن کي ڪو نہ ڏٺو. ٽئين ڳالھہ جنھن مونکي سوچڻ تي مجبور ڪيو اِها هئي تہ پنجاب جي ڪنھن بہ وڏي شھر ۾ اڪثريت پنجابي کانسواءِ ٻي ڪنھن بہ ٻولي ۾ ڳالھائڻ لاءِ تيار نہ هئي. اقبال کوکر صاحب سان بحث دوران ڪنھن ڪنھن مھل اسان جو ڪن ڳالھين تي اٽڪاءُ بہ ٿيو پئي، هڪ ڳالھہ ٻي مون اها بہ محسوس ڪئي تہ پنجاب جي سياسي مذهبي علمي ادبي مطلب تہ ڪنھن بہ ماڻھو کان توهان پيپلز پارٽي نواز شريف، پاڳاري، جوڻيجي يا ضيا جي باري ۾ راءَ معلوم ڪريو تہ سندن هڪ راءِ هرگز ڪو نہ هوندي پر الائي ڇو؟ سنڌي قوم پرستن بابت سڀني جي هڪ ئي راءِ آهي. اهو مون اندازو لڳايو تہ قوم پرستن سان نفرت واري سوچ پٺيان پنجاب جو استحصالي مفادڪار فرما آهي. پنڊيءَ کانپوءِ پھاڙي علائقن ۾ ئي سج لھڻ ڪري اسان کي ڪنھن بہ اسٽيشن يا شھر جي سُڌ ڪا نہ پئي. پر پنجابي اقبال کوکر کان پُڇڻ تي يا اسٽيشن تي نالو لکيل ڏسڻ تي پتو پيو ٿي تہ هِيءَ فلاڻي اسٽيشن يا شھر آهي. گاڏي ڏهين يارنھن وڳي ڌاري لالا موسيٰ پھتي جتي مون ۽ اقبال ڪجهہ مانيءَ جو جَهٽَ هڻي ورتو ۽ اُتي ئي اسان سان گڏ ويٺل اقبال کوکر لھي پيو. جتان وري ڪجهہ سنڌ جا فوجي نوجوان عيد جي موڪل سبب ڳوٺ هلڻ لاءِ گاڏيءَ ۾ چڙهيا جيڪي پڻ سفر دوران اسان جي رهاڻ ۽ وندر جو ڪارڻ بڻيا. ڇاڪاڻ جو وٽن ٽيپ رڪارڊ بہ هو. جنھن تي مختلف سنڌي اردو ڪيسٽون ٻڌندا هليا سين. رات جو هڪ ڌاري گاڏيءَ لاهور پھتي. جتي اڌ ڪلاڪ کن ترسي وري منزل طرف رواني ٿي. هڪ ٻي ڳالھہ اِنھي گاڏيءَ سان وابسطه اها تہ گاڏي هڪ اڳئي ليٽ ويتر هر اسٽيشن تي بيھڻ جو مرض تنھن اسان جا ڍَڪر ئي وڄائي ڇڏيا. لاهور کانپوءِ سڀئي سُمھي پيا سواءِ مُنھنجي. ڇو تہ مون کي ارادي طور سُمھڻ سان گاڏي ۾ ننڊ هرگز ڪانہ اچي ها. انڪري دريءَ تي مٿو ٽيڪي ڪنھن مھل جاڳيس پي تہ ڪنھن مھل ٿوري گهڻي ننڊ جا جهوٽا بہ آيا پئي، رات هئڻ ڪري ٻي تہ خبر ڪا نہ پئي پر ملتان کي ويجهو سج اڀرڻ مھل سار ٿِي تہ ڳپل پنڌ طئه ڪري آيا آهيون. هِن ڀيري گاڏي ملتان کان پاسو ڏيئي آئي. ڪجهہ وقت بھاولپور اسٽيشن تي بہ بيٺي ۽ پوءِ ننڍيون ننڍيون پنجاب جون اسٽيشنون ٽپي سنڌ جي سرحدن ۾ داخل ٿي تہ ڏينھن بہ ڪَپار تي چڙهي آيو هو ۽ گرميءَ جي شدت بہ وڌندي ويئي. تان جو گاڏي ٻہ ڌاري روهڙي پھتي جتي گرمي قهر جي هئي ۽ ائين محسوس ٿيو ٿي تہ ڄڻ سج نيزي تي لھي آيو آهي. روهڙي تي ماني کائي ٿڌو پاڻي پي وري گاڏي ۾ ويٺاسين ۽ اڌ ڪلاڪ بيھڻ کانپوءِ گاڏي هلڻ لڳي. هڪ ٻي اِها مصيبت بہ هُئي، گاڏيءَ ۾ پاڻي جو بندوبست پيئڻ واسطي قطعي ڪو نہ هو. اُن ڪري ڏاڍا پريشان ٿياسين. جيتوڻيڪ پنڊيءَ مان پلاسٽڪ جي هڪ ڏٻي بہ پاڻي لاءِ وٺي کنئي سون. پر اِها بہ بَدبُوءِ ڪري وڃڻ سبب ڪنھن ڪم جي ڪانہ رهي. پوءِ بہ سور کائيندا جئين تئين ڪري اچي خيرپور ٽپياسين. گاڏي محرابپور پڊ عيدن اسٽيشنون لنگهي نوابشاھہ پھتي. جتي ٻہ ٽي منٽ بيھڻ کانپوءِ وري رواني ٿي ويئي. اسان سان گڏ ويٺل سنڌي فوجي ڇوڪرا هڪڙا روهڙي تي لٿا. ٻيا ٽنڊي آدم ۾ لھي ويا. جن اسان کي بہ لھڻ لاءِ ڪافي زور ڀريو. پر اسان کانئُن معافي ورتي. شھودادپور ۽ ٽنڊي آدم کان ٿيندي گاڏي تقريبن ست وڳي رات حيدرآباد پھتي جتان اقبال رند ۽ آئون ڪوسٽر ذريعي ميرپورخاص پھتاسون. ميرپور مان اقبال کي پنھنجي ڳوٺ ڪوٽ غلام محمد لاءِ بس ملي ويئي. پر آئون اُتي ئي رات رهجي ويس، ۽ صبحءَ ساجهر ئي نئون ڪوٽ پھتس جتان ڇڪڙي ذريعي واپس پنھنجي ڳوٺ ڀيڙو ٿيس.

ريڊيو مٺيءَ جي پھرين سالگرھہ

سائين منھنجا! اسان اٻوجهن تي اِهو الزام آهي تہ اسان مُردہ پرست روايتن جا رکوالا آهيون، ڇو جو اسان جيئري ڪنھن کي بہ ڪو نہ کنگهون، زندگيءَ ۾ ڪنھن جو بہ قدر ڪو نہ ڪريون، بلڪِ هڪٻئي جا ترا ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون، ڪوشش تہ اِها بہ ڪندا آهيون تہ جئين ڪنھن جي پيرن هيٺيان زمين کِسڪائي سندس تڏي جي ترواري سِرَ سِرڪائي وٺون، جئين همراھہ ڌُو وڃي ٻاروچا بنڀور ۾ ڪري. باقي مُئي پُڄاڻان مٿي ۾ ميٽ يا مِٽي جيڪا بہ شيءَ مُفت ۾ جُڙي اُها وجهي ماتم ڪرڻ، سندس ثنا ۾ اُڀ زمين هڪ ڪرڻ، مرحيات جي ڪوجهي ڪردار تي بہ ڪک نہ سھڻ ۽ سندس سڀئي ڍلايون ڍڪي کيس پوتي-پاڪ ڪري پيش ڪرڻ يا کيس ڪا عجيب و غريب مخلوق بنائڻ اسان جي کاٻي هٿ جو کيل آهي، (هيءُ کيل بازار ۾ ڀولڙي واري مداريءَ کان ڪيئي رتيون ڪَسر آهي)، سو جنھن ماڻھوءَ جو جيئري جيئڻ جنجال ڪندا آهيون، سندس ٽِپرِ تي ٽانڊا ٻاريندا آهيون، ۽ سندس مکڻ مان وار ڪڍڻ جا وڏا آڙيڪاپ آهيون، اُن کي مُئي پُڄاڻان مِڙئي مَدايون معاف ڪيون خالق بدلي خون جي، (صُبحان ﷲ! ڇا تہ فراخ دل قوم جا فرد آهيون اسان).
خير! نہ رُڳو ايترو پر اُن ماڻھوءَ کي (ماڻھو هُجي يا مائي مونث ۽ مُذڪر جي ڪو قيد ٿورو ئي آهي؟) ها تہ اُن همراھہ کي پرلوڪ پڌارڻ کانپوءِ هِن ڌرتيءَ تان کڻي کيس مٿي ستين آسمانن تي پُڄائي ايندا آهيون. زمين تان تہ هُونئَن ئي مُئل ماڻھوءَ جي روح کي ملائيڪ سڳورا پاڻھي کنڀي کڻي ويندا آهن، پر جئين تہ اُهي غير مقامي آهن، تنھنڪري اِهو ڪم ڪرڻ جا هڙئي حق ۽ واسطا اسان مقامي ماڻھن وٽ هئڻ گهرجن. خير! اُن خُدا جي بُري يا ڀلي بندي کي پرلوڪ پارسل ڪري پوءِ پاڻ ڇا ڪندا آهيون جو خلق خُدا مان ڦيرائي ڦٽا ڦٽ کيس فِرشتو بڻائي ڇڏيندا آهيون، ڀلا پٽڪو ڦيري ٻڌڻ ۾ ڪا دير بہ لڳندي ڇا؟ ۽ هُونئن بہ ڌوتيون تہ اسان ڏينھن ۾ ڏه، ڏه ڀيرا بدلائي سگهون ٿا (اِن ۾ مائي ڪالرا جو ڪو بہ قصور ڪونھي) بدلائي تہ اسين گهڻو ڪجهہ سگهون ٿا، پر في الحال تہ ريڊيو پاڪستان مٺيءَ جا وائيسر بدلائي وٺون، پوءِ وري ڪنھن ٻي جا سيرڻ سوڙها ڪنداسون، خير! مون ڳالھہ پئي ڪئي اسان سنڌي ماڻھن خصوصن ٿر واسين جَي، انھي خصوصي خاصيت جي، جو جيئري نہ سھي مُئي پُڄاڻان تہ مِٺي ماني ڏيندا آهيون (اڪبر درس ڪَن کڙا نہ ڪري هِيءَ نصير ڪنڀر واريءَ مانيءَ جي ڳالھہ ناهي). خير! صاحبو! هي جڳ اُنھي ريل گاڏيءَ جئين آهي (معاف ڪجو! هيءَ نيڪڻ فقير واري نان اسٽاپ ريل گاڏي ناهي) ها! تہ مون ڳالھہ پي ڪئي هن جڳ جي ريلوي لائين جي، تہ اُن ۾ هڪڙا ماڻھو چڙهندا آهن تہ ٻيا وري وچ ۾ ڪنھن نہ ڪنھن اسٽيشن تي لھي پوندا آهن، ڪي ڪرايو ڀري اي-سي گاڏين ۾ آرام ڪندا آهن تہ ڪي وري بچن شال بنا ٽڪيٽ جي بہ سفر ڪندا آهن (اشرف درس دل ۾ نہ ڪري هيءَ سندس سياسي پارٽيءَ واري ٽڪيٽ ناهي) بلڪِ هِيءُ اُها ٽڪيٽ آهي جيڪا ڪنھن پليٽ فارم تان ريلوي گارڊن وٽان ملندي آهي. (ريڊييءَ جا گارڊ رنج نہ ٿين هي ريل گاڏي جا گارڊ آهن) جيڪي مسافرن کي منزل تائين پُڄائڻ لئه ٽڪيٽ نہ هئڻ جي صورت ۾ بَرٿ نہ تہ باٿ روم ۾ بيھاري چوندا آهن تہ ''بابو سيٽي ڀَري وڄائي'' ۽ جي پوءِ ڪو اچي اُن همراھہ کان آڏي پُڇا ڪندو تہ باٿ روم ۾ بالم بڻجي ويٺل ڀائو چَوندو؛ ''اچو ڙي ڀينر راند رچايون، ننڍڙيءَ گڏڙيءَ کي پَرڻايون'' ۽ جيڪو بابو باٿروم مان اکين تي هٿ ڏيئي ٻاهر ايندو اهو وڏي واڪي چوندو ''جيڪي ڏٺو سو مون اديون ڙي اوهان ڇا ڏٺو؟'' خير! ريلوي وارن کي پاڻھي شيخ رشيد سامھون ٿيندو، پنھنجو پرائي پچار ۾ وڃي بہ ڇا؟ پاڻ ڳالھہ ڪئي پي ماڻھن جي اچڻ ۽ وڃڻ جي، چون ٿا تہ ڪامائي جدلياتي ماديت آهي. جنھن جو نيم، (هِيءَ نيَمُ حَيا وَ شرم وارو نيَمُ ڪونھي پر اِهو جدلياتي اصول آهي) اڇا! انھي نيم مطابق هڪڙي شيءَ پنھنجي جاءِ تان هَٽي پري ٿِئي ٿِي، يا فنا ٿِئي ٿِي تہ ٻي شيءَ جنم وٺي ٿي يا جڳھہ والاري ٿي، (هتي جڳھہ مان مُراد مِٺيءَ ۾ پيل ڪو خالي پلاٽ ڪونھي متان ڪو والارڻ لاءِ ورکُنجي بيھي رهي) سو ڳالھہ پي ڪئي سون تبديليءَ جي بلڪل ايئن جيئن، هَڪڙو صاحب اڃا ڪُرسيءَ تان لٿو ئي مَس تہ علي نواز خاصخيلي صاحب لت کوڙي مٿس چڙهي ويھي رهيو. ڀائي! ڀلي ويٺو هُجي، ڀلي پيو موجون ماڻي، جيڪڏهن مائي ڪُرسي (هِيءَ ڪرسي ڪا تکر عورت ڪانھي، بلڪِ اها تہ مسڪين ڪاٺ جي ڪُرسي آهي) سو جي اُها ڪرسي پاڻ نٿي ڪِنجهي يا ڪُرڪي تہ پوءِ پاڻ جو ڀلا ڪھڙو ٿو تيل سڙي؟ ۽ هُونئَن بہ ري گهُري تہ ماءُ ٻار کي ٿڃ بہ ناهي ڏيندي! پوءِ ڀلا پاڻ ڇو ڀِتين تان ڀت اُڇلايون. خير! ڳالھہ مان ڳالھوڙو بڻائڻ بجاءِ پاڻ وٺون ٿا ڳالھہ جي ڳٿر مان، سو ڳالھہ اِها آهي تہ اڄ کان سال ڏيڊ اڳ ريڊيو مِٺيءَ کُلڻ جي خوش خبري مون بہ پَرائين ڪَنين ٻُڌي، پوءِ تہ ابا! پير پَٽ تي ئي ڪو نہ ٿي پيم. ٿي سگهي ٿو تہ اِيئن بہ هُجي جو جُتيءَ جو ترو ريڊيي حيدرآباد جي اسٽوڊيو ۾ نڪتو هو، تنھن کي ظھير مرزا جي مدد سان مون ۽ امين ارباب ٽاچڻيون ٽُنبيون هُيون. مڇڻ انھن مان ڪا ٽاچڻي کُپي هُجيم. تنھنڪري پير پٽ تي کوڙي نٿي سگهيس، بھرحال ڪا تہ ماجرا هُئي جو آئون ڪپڙن ۾ ئي ڪو نہ ٿي ماپيس ۽ اِن جو اهو مقصد ٿورو ئي آهي تہ ڪو ڪپڙا بہ امين ارباب جا ئي هُيا جيڪي مونکي پُورا نٿي پيا. خير! ريڊييءَ کُلڻ جي خبر سان گڏ اهو بہ ٻڌم تہ اُتي انور هَڪڙو صاحب اسٽيشن ڊائريڪٽر ٿِي آيو آهي، سو نڪو ڪيم هم نڪو تم، جُتي ڇَنڊي ڪيم هٿ ۾ ۽ رکي ٽُوال ڪُلھي تي وٺيو ٿو ٽاڪوريان تہ وڏيءَ ورهانڊ ٺڪاءُ وڃي مِٺيءَ ۾ ڪيم، ۽ اُن ڏينھن اتفاق سان هَڪڙو صاحب بہ هَڪيو هو، ۽ پوءِ اُتي ئي جان کڻي نظر ڦيرايان تہ ڇا ٿو ڏسان تہ هِڪڙو ٻيو ست اٺ فُٽن جو انسان خيرن سان مٿو ڌوئي اچي کٽ تي ويٺو تہ ويچاري لوهي کٽ بہ ائين لڏي هُئي جئين زلزلي دوران ڪراچيءَ جي حبيب بَينڪ پلازه ڪَنبي هُئي، هيڪار تہ هَٻڪي ويس مار! هيءَ هيڏي سَت واتي بلا ڪو انجنيئر آهي يا ريڊيو جو ٽاور! خير خبرون چارون ٿيون ڪجهہ سَت سُريون شيخ صاحب سُڻايون ڪجهہ مون بہ مُرليون وڄايون. پر جئين تہ اُتي ان وقت هَڪڙو صاحب بہ هَڪيو هو، سو وڌيڪ وِڦلي ڪو نہ سگهياسين. باقي رهيا بچن شال مون واريءَ سنگت جا گرائين، اهي اُتي اٺ ئي پھر اڻلڀ! ٻہ ٽي ڀيرا ويس هيڏانھن، هوڏانھن جهوتُون هَنيم، هيٺ مٿي ڪنھن ڪُنڊ پاسي ۾ ڪنھن ڪٻٺ، ڪنھن ڪُرسيءَ يا ميز هيٺان مونکي تہ سندن ڪو بہ کُرپير ڪو نہ لڌو، الائي ڪوھہ ڪاف جي پرين کان پَر اڌاري اُڏامي ايندا هئا ۽ وري رمتا جوڳي ٿي ويندا هئا، يا مُرڳو مَٽڪي واري جِن جئين جادوءَ جي ڇڙهيءَ سان شُون ڪري ظاهر ٿيندا هئا ۽ وري غائب ٿي ويندا هئا، پر مون کي قطعي وَر ڪو نہ چڙهيا سو ڪو نہ چڙهيا.
خير! خواتين و حضرات! ڀلا جي هِتي هِن وقت خواتين هَڪيون ناهن يا جي اقليت ۾ آهن تہ ڪھڙي اربعا خطا ٿي، دنيا ۾ ڌاڪو تہ انھن جو ئي آهي نه! تنھنڪري سندن ذڪر و فڪر کانسواءِ هر ڀت ڦِڪو هوندو آهي. سو سائين کي چوان رهيو مون کان بہ ڪو نہ ٿيو۽ نيٺ هَڪڙي صاحب کان حُجت ۾ پُڇي ويٺس تہ سرڪار! ڀلا مون وارا خيرپوري يار خيرن سان ڪٿي آهن؟ سائين بہ سياڻو ماڻھو هو سو مونکي مام ۾ چيائين؛ ''بابلا! دلجاءِ ڪر ڪيڏانھن ڪو نہ ويندا اتي ئي اوسي پاسي ريڊيي جي ڪنھن ڪم ڪار سان ٿورو ٻاهر نڱا هوندا اچي ويندا'' سو ابا! آئون بہ اٻوجهہ ماڻھو تنھن سمڌو تہ شايد ڀٽاري ريڊييءَ جو ڪم ڪار ڪٿي ٻاهر جهنگ ۾ بہ ٿيندو هوندو، سو ڪَريان ٿو جهنگ مُنھن پوءِ کٽن ڀاڳ! جي مليا تہ ملنديانس نہ تہ گهوري جان جَتن تان، ۽ حاضرين وَ ناظرين! گواھہ رهجو تہ آئون اِها ڳالھہ اُن وقت جي ٿو ڪريان جڏهن اڃا پاڻ وارو هِيءُ رَتَ جو ڪھيو ريڊيو هِن دنيا ۾ داخل ئي ڪو نہ ٿيو هو، بلڪِ سندس آمد جا آثار ظاهر ٿي رهيا هئا، باقي اُئان اُئان جو آواز تہ پاڻ سڀني جي ڪنن تي تمام گهڻو پوءِ يعني اوڻيھہ سيپٽمبر تي پيو. خير! مون سوچيو تہ هَي همراھہ آهن سيلاني فقير سو ساڻن مُکا ميلو آهي مَحال، تنھنڪري فِي الحال فون تي ئي هيلو هاءِ ڪري آئون مٿي تان بار لاهي ڇڏيان، متان موٽي وڃي اُتي مون وارن يارن کي چون تہ واھہ! اوهان جي سنگت جي مھمانوازي! ترسائڻ تہ کوھہ جي تَري ۾ ڇڙو مانيءَ ٽڪيءَ جي صلاح بہ ڪو نہ هَنيائون، مانيءَ تان ياد ٿو اچي تہ تازو ڪنھن اخبار ۾ ٿرين کي ڪِنين رنن وارا ميھڻا بہ مانيءَ جي ڪري ئي ملي رهيا آهن. الائي ڪھڙي ديپڪ کي اچي ريچڪ جاڳيو جو ککر ۾ کڙو هَڻي نہ رڳو مِزمانن کي مَڇرائي وڌائين پر اسان کي بہ ڏيھہ ۾ ڏٺو ڪري وڌائين ۽ هاڻ ميارن جا مچ آهن جيڪي اسان جي سِر تان اُجهامن ئي ڪو نہ ٿا. ڀلا خلقِ خدا کي ڪير سمجهائي تہ بابا! ڀلي اچو، جيءَ جي واٽن اچو، هڙئي هليا اچو، اسان جون اکيون ٿڌيون هُونئن بہ مامي جي گهر مھمان منھنجيءَ دل کي لِهر نڪين لوڏو. اسين نڪو ارها ٿيون، نڪو ئي لوڻي ۾ ٽِسور وجهون، باقي هَي جيڪي منھنجيءَ پيشانيءَ ۾ پيل سَرَ ڏسو ٿا نه! اهي مزمانن جي مانيءَ ٿوروئي وڌا آهن؟ بابا! اهي تہ پيريءَ جا پيرا آهن، ۽ يقين ڪريو تہ اِهي ويچارا اوهان جو ڪجهہ بہ بگاڙي ڪو نہ سگهندا، آئون اوهان کي لِکي ٿو ڏيان تہ اِهي اوهان جو وار بہ وِنگو ڪري ڪو نہ سگهندا، اسين ٿر يا جڏهن کُٽل هوندا آهيون تڏهن بہ خان هوندا آهيون ۽ هونئن خان جي خانائي بہ مانيءَ مان ئي معلوم ٿيندي آهي ۽ جڏهن ڏُلندا آهيون تڏهن بہ ڏيھہ ڌڻي هوندا آهيون مجال آهي جو لوڪ کي ڪائي لَکا ڏيون! سو جنھنکي بہ اچڻو آهي، اُهو اکيون پوري هليو اچي، جيڪا بہ ڇِڊي گهاٽي ٻچن رٻ پيتي اها اوهان سَنئين آهي. خير! ڳالھہ وري ڳٿر مان ڇڏائي ويئي، سو ادي کي چوان مون ڳالھہ پي ڪئي مٺي ريڊييءَ جي تہ اُتي اونھاري جي گرميءَ ۾ جڏهن ڪانگ جي اک ٿي نڪتي، پر اها ڳالھہ مونکي دل سان لڳي ڪانہ ٿي ڇو تہ ڪانگ ڏاڍو ڏاهو پکي آهي، بلڪ چَتون روهيلائي کان بہ چالاڪ آهي، سو ڪٿي ٿو ائين آساني سان اک ڪڍرائي. ها البت ڪانگ جي اک ڪو اُترادي ڪڍي تہ ڪڍي، باقي ڪنھن ٿريي ۾ ايتري ٿوم ئي ڪانھي، باقي بصر ۾ ڀانيان ٿو تہ اسين بہ پُڙين تہ پُڙ مارينداسون، ڇو تہ اهو اسين مُٺ سان ڀڃي مانيءَ سان کائيندا آهيون. خير ڳالھہ وري ويئي پٽڙيءَ تان لھي، ڀلا ڳالھہ آهي يا جهڏي واري لوپ لائين، جيڪا هر هر پٽڙيءَ تان لھيو ٿي وڃي، سو ڳالھہ هُئي هَڪڙي صاحب جي، جيڪو باءِ پاس ڪرائي آيو هو. هِيءُ اُهو باءِ پاس ڪونھي جيڪو مٺِيءَ شھر جي ٻاهران ٿو گذري، بلڪِ هِيءُ دل جو باءِ پاس آهي ۽ هِيءَ اُها دل آهي، جيڪا بقول وجئه شرما جي ''ٿام ڪي بيٺو'' ۽ مٿان وري سائين مِٺن پيشابن جو مريض! پيشاب مٺا هجن يا کارا پاڻ کي ڪو اعتراض ڪونھي، حيرت رُڳي اِها آهي تہ هِتي پاڻ وٽ ٿر ۾ پاڻي کارو آهي (کارو جوڻيجن وارو نہ پر کوھہ جو کارو پاڻي) پوءِ ڀلا اِهي مُئا مٺا پيشاب اچن ڪٿان ٿا، خير انھن جي بہ خبر پئي ڪا نہ ٿي ۽ هُونئن بہ مرض ڪو مٺي ريڊيو اسٽيشن جو ڊائريڪٽر تہ آهي ڪو نه، جنھن جي خلاف کڻي ڪا بُک هڙتال ڪريون. خير! پاڻ ڳالھہ پي ڪئي ريڊيو مٺي جي تہ اُتي انور هَڪڙو صاحب هڙئي ڳالھيون پيٽاريو ۽ پُٺين چاڙهيو ويٺو هو.، مٿي تان واٽون پي ڪيوسين پر مجال آهي جو ڪا ٻڙڪ ٻاهر ڪڍي، خير جي پاڻ ٻاهر ٻاف نہ ڪَڍيئين تہ ڇا ٿيو اهو ڪم اسان اک ڇنڀ ۾ ڪري ڏيکاريو، پر چون ٿا تہ ميرن کي بہ گهر مان لڳي، سو لڳي تہ لنئون نہ تہ گهيرين ڀيڙا اڳئي اَهون وانگي هِتي بہ لڳي تہ الائي ڪٿان پر همراھہ جنھن جُرئتمنديءَ سان انھي اِٽي ڏڪر راند کي مُنھن ڏنو، اِها مڙسي مون هن ماڻھوءَ ۾ ئي ڏٺي مڃڻ مُراد آهي. ورنه! ڪامورا ڪَڙا تہ جهيڙن جهٽن کان ائين ٽهندا آهن، جئين تِتر ڀڳونئين کان ڀڄندا آهن ۽ ڳالھہ ڪبي خُدا لڳ سو هِيءُ جيڪو مٺي ريڊييءَ جي روپ ۾ ٻارنھن مھينن جو ٻهڪندڙ ٻالڪ پاڻ سڀني جي سامھون بانبڙا پائي گوڏليون ڏيئي رهيو آهي، ۽ خُدا گهريو آهي تہ هيل جڏهن ٻاجهر جا ڍڳلا ٿيندا تڏهن هِيءُ ٻارڙو پڪ سان پڳلا ڏيڻ شروع ڪندو ۽ زماني جا لاها چاڙها ڏسي ڌڪا کائي نيٺ مچي مُڙس ٿيندو، پر ڇا ٿا سمجهو تہ ان کي نپائي ايڏو ڪرڻ ۾ هَڪڙي صاحب جو ڪو هٿ پير ڪونھي؟ جيڪڏهن ڪو ئي ٻيو بہ چوي ٿو تہ اِها مُٺ سان سوپاري مون ڀڱي آهي تہ آڏي ڪاٺي اُن کي بہ ڪا نہ ڏبي. پر جيڪڏهن هَڪڙو صاحب انھي ابهم ٻالڪ جي بھتر نموني پَرورَش نہ ڪري ها تہ هِينئر اهو معذور بڻجي ڪنھن ڪِنگيءَ جي کاڌل ٻار جئين پينگهي ۾ پيو ڇِڙهيون هڻي ها، جنھن کي پيرن تي بيھارڻ لئه علي نواز خاصخيليءَ کي نہ رڳو ڪنھن ڪئمپ تي وڃي پوليي جا ڦُڙا پيارڻا پون ها، بلڪِ عدوءَ موچيءَ جھڙي ڪنھن حڪيم کي بہ هٿ ڪرڻو پوي ها، ۽ پوءِ بہ يا نصيب! الائي ڦَڪيون فرق ڪن الائي نہ ڪن، ڀلا چکي تہ ڪنھن بہ رڌو ڪونھي نه! بھرحال هَڪڙي صاحب کي سندس محنتن جي موٽي مِلي، سا سڄي جڳ ڏٺي، شُڪر ڪري جو اسان اڃا کيس نوبل پرائيز سان نوازڻ جي ريھرسل شروع ئي هاڻ ڪئي هُئي، جو پاڻ رمتي جوڳيءَ وانگر روانو ٿي ويو ورنه! پنھنجن ستن پيڙهين کي ڏس ڏيندو وڃي ها! تہ اي انسانو! ڊڄو اُن ڏينھن کان جنھن ڏينھن اسان جا آدمي پنھنجن مُحسنن کي مڃتا ڏيڻ شروع ڪندا اُن ڏينھن ٻنھي جھانن جا شيطان شرم وچان خود ڪشي ڪري ڇڏيندا. پوءِ بہ هِن همراھہ کي شاباس آهي جو ھہڙي هتامتر ۾ بہ ايترا ڏينھن الائي ڪئين ڪٽي آيو ورنه! جھڙي تھڙي جي جاءِ ڪونھي جو اسان جي اُکرين ۾ مھرين کان مٿا مُڃ ڪرائڻ کان بچي سگهي ها! بھرحال جيڪڏهن ڪير نٿو مڃي تہ نہ مڃي سندس مرضي باقي آئون تہ هَڪڙي صاحب کي هڪ سال تائين هِتي رهي مَٺ گهُرين ماڻھن جي هِينئن تي مُڱ ڏرڻ تي دل جي حُضور سان ۽ پيار مان پَرنام ٿو ڪريان. ۽ هاڻ جيڪڏهن اسان مٿس ڪيون هُونديون هَٿين ڄائون تہ ڀيرو ڪو نہ پڃندو باقي ڏوراپي ڏيڻ جي گهٽي پاڻ بہ ڪانھي ڇڏي. خير! هَڪڙو صاحب ويو پنھنجو وارو وڄائي ۽ هاڻ وارو آهي اسان واري علي نواز خاصخيليءَ جو سو ڏسون تہ ڪئين ٿو هِن ڏيھہ جي ڏِنگن ٻارن کي آڱر مان جهلي پاڻ سان گڏ وٺي هلي ڇو جو هاڻي ملھہ پھلوان بہ پاڻ ئي آهيون تہ تماشبين بہ پاڻ ئي آهيون. تنھنڪري ذرا ''سنبهل کي چلنا'' ماشا ﷲ! سائين توهان پاڻ خدا جا نيڪ بندا آهيو سو توهانکي مون جھڙي موڳي مٽر جي ڪنھن مفت مشوري جي ضرورت ڪانھي پر اسان جون عادتون ڏاڍيون ڏِنگيون آهن، خيال ڪجو ڪٿي ڏنگجي نہ پئو! اوهين ڪُنريءَ وارا ڪَنن جا الائي ڪچا آهيو يا پڪا پر جي هِڪ ڪَن مان ٻُڌي ٻي ڪَن مان ڪڍي ڇڏيئي، ڪَنن تان وار وجهي ويٺو هُوندين ۽ پَرائي مت بجاءِ اپڻي عقل دي دوڙ لڳايئي تہ واھہ! نہ تہ پوءِ ننگڙا نمائي داجيوين تيوين پالڻا پَوندئي خير! ﷲ اوهان کي توفيق عطا فرمائيندو اسان جون هڙئي همدرديون اوهان سان گڏ آهن، گڏ تہ اسين گذريل سال کان وٺي ريڊيو پاڪستان مٺيءَ سان بہ آهيون پر اُتي 365 ڏينھن ۾ ڇا وهيو، ڇا واپرايو اُنھي تان اڳڙي کڻڻ جي مون جھڙي گنهگار بندي کي ڪھڙي مجال وُٺي جون خبرون پاڻھي پانڌيئڙا ڪندا تہ اُتي جيڪا اَڇ ٿئي پئي سا عوام الناس اڳيان آهي. اڇا ڪارا پاڻھي پڌرا ٿي پوندا اِهي ڳالھيون اسان اٻوجهن جي عقل کان مٿي آهن ۽ هُونئن بہ پرايا ڳُجهہ ڳولڻ جو نہ تہ اسان کي حق آهي ۽ نہ ئي وري همت ۽ سچ اِهو بہ آهي تہ پَرائي گلا کان پاڻ جا وڃن ڪَن ۽ ها ڪَنن تان ياد ٿو اچيم تہ چون ٿا تہ ڀتين کي بہ ڪَن هوندا آهن. سو اُن کان اڳي جو ڪوئي اچي منھنجي ڪَنن ۾ هٿ وجهي ڪَن ڪوشي ڪرائي پاڻ رکون ٿا پيرن تي زور.

(نوٽ: هي مضمون ريڊيو مٺي جي پھرينءَ سالگراھہ تي لکيو ويو آهي).

ڪميونزم جا مخالف جاگيرداراڻي جهموريت جا محافظ

ڪو وقت هو جو، سنڌ جي صاف سُٿريءَ سياست ۾ اهڙو تہ چارم هوندو هو، جو هر ڪنھن جي دل ايئن چاهيندي هئي تہ ڪاش مان بہ اهڙي سياست ڪرڻ جي لائق ٿي سگهان. ڇو تہ تنھن دؤر ۾ سياست ڪرڻ، سا بہ سنڌ جي قوم پرست ۽ ترقي پسند نظريي جي حوالي سان، هڪ وڏو پاپ سمجهي ويندي هئي. ۽ جيڪو بہ اهڙي سياست ڪرڻ جي سگهہ ساريندو هو، تنھن کي تشدد پسند رياست جا آمريتي محافظ، اهڙا تہ ٺوٽا چٻائيندا هئا، جو ڏسڻي وائسڻي ماڻھوءَ جا بہ سياست تان ارواح کڄي ويندا هئا، ۽ جھڙي تھڙي جي جاءِ ڪا نہ هئي جو هُو ڪنھن سياسي ميدان ۾ اچي پير ڄمائي سگهي. پر جيڪو بہ اهڙي ڪٺن صورتحال جي باوجود سياسي ڪردار پوريءَ ايمانداريءَ ۽ سچائيءَ سان نڀاهيندو هو، اُهو ڄڻ تہ آويءَ مان پچي راس ٿي نڪرندو هو. جنھن جي ڪردار تي اکيون ٻوٽي اعتبار ڪري سگهبو هو. ڇو تہ تنھن وقت ۾ ڪنھن ڏاڍ کان ڏري يا ڪنھن حوس تي هِرکي، سون تي سيڻ مٽائڻ يا ڪنھن چڙهندي سج جي سلامي ڪرڻ، اوگري ويڻ وانگي هو. پر تاريخ جو الميو ئي چئجي جو مارشل لا جي خاتمي کان پوءِ ۽ خاص طور تي سوويت رياست مان ڪميونزم جي عارضي تڏا ويڙھہ، سنڌ جي جذباتي ۽ عقيدي پرست سماج وادي ۽ مارڪس وادي همراهن جي آدرشن جو انت آڻي ڇڏيو. سوويت يونين جي ڀڃ ڊاھہ هتان جي ڪميونسٽ لڏي جا ايمان ئي لوڏي ڇڏيا. جن جي سوچ مطابق ڪميونزم جو نظام ڄڻ تہ هو ئي سوويت رياست جي جاگرافيائي سرحدن جو ٻيو نالو، جيڪو ان جي ٽٽڻ سان ڀُري ڀور ٿي وکري ويو. جنھن ڪري سنڌ جو ڪميونسٽ لڏو، پنھنجي عقيدي جي آڌار تي اڏيل آدرشي ڪاڪ محل ڪِرڻ کانپوءِ، مُلان ٿي مسجدن ۾ گهڙي پيو. جڏهن اتي بہ سندن دال نہ ڳري ۽ ڪويتي وهابين کين کنگهيو ئي ڪو نہ تہ لانگ مارچن جا رينگٽ رچائيندا، ذهني ۽ نفسياتي طرح وکرڻ کان پاڻ کي بچائڻ لاءِ، صوفياڻي راھہ تي رمڻ لڳا. پر پوءِ خبر پئي تہ صوفياڻي راھہ اختيار ڪرڻ وارن جوڳين کي سواءِ ڀوڳنائن جا روڳ ۽ جوڳ پچائڻ جي ٻيو ڪجهہ بہ حاصل ٿي نٿو سگهي ۽ حياتيءَ جي هر آسائش، پورهيت طبقي، سنڌ ۽ انسانيت جي اُنس ۽ صوفياڻي رنگ ۾ رچڻ سان نہ پر، وڏيرن، مُلن، سردارن، چوڌرين، نوابن، ڀُٽن، اربابن، خانن ۽ جنرلن جي مفادن جي محافظ جاگيرداراڻي نظام حڪومت جي اردلي ٿيڻ يا سندن شان ۾ قصيدا چوڻ جي عيوض ئي حاصل ٿي سگهي ٿي. اهو سچ آهي تہ سائنسي ادراڪ تحت سائينٽيفڪ سوچ اختيار ڪرڻ بجاءِ جذباتي عقيدي جي آڌار تي آدرشن جو ڀرم ۽ ويساھہ جڏهن بہ ڀُري ۽ ٽُٽي پوي ٿو، تڏهن همراھہ واقعي ڪميونسٽ مان مُلان ۽ صوفي مان ''پيپلا'' ٿي پون ٿا، اها حقيقت آهي تہ ڪميونزم دنيا ۾ هڪ اهڙو سياست ڪرڻ جو عالمي نظريو آهي، جنھن جو اڃان تائين ڪو بہ متبادل نظريو وجود ۾ ناهي آيو. جدلياتي ماديت جي اصول موجب ڪميونزم جي سرشتي کي انڌي عقيدي ۽ جذباتي جنون جي آڌار تي نه، پر هر ملڪ جي پنھنجي سياسي، سماجي ۽ معروضي حالتن جي پيشِ نظر ئي لاڳو ڪري سگهجي ٿو. اها ئي ڪميونزم جي سماجي سائنس آهي. پر چوندا ناهن تہ ''نيت کوٽي، عذر گهڻا.'' سو جڏهن کاهوڙي پنڌ ۾ ٿڪجي پيا تہ پنھنجي ناڪامين ۽ ڪمزورين تي پردي وجهڻ لاءِ نہ رڳو ڪميونزم کي لوئڻ لڳا، پر سنڌ جي آدرشي مقصدن تي بہ جاگيرداراڻي جهموريت کي فوقيت ڏيئي ويٺا. هينئر جيڪي جاڳيرداراڻيءَ جهموريت کي ئي سڀ ڪجهہ سمجهن ٿا. اُهي ڪلھوڪي ڪميونزم ۽ سوشلسٽ نظام کي ڪلھہ جي غلطي ٿا سمجهن، تہ پوءِ ڪھڙي پڪ تہ سندن اڄ جو نظريو سڀاڻي غلط ثابت نہ ٿئي. جيڪڏهن ايئن واقعي ٿيو تہ پوءِ اهي ماڻھو وڏا ڏوهاري آهن، جيڪي ڪالھہ بہ بقول سندن هڪ غلط نظرئي پٺيان عام ماڻھو رُلائيندا رهيا ۽ اڄ بہ هڪ غلط نظريي پٺيان ماڻھن کي رُلائين ٿا. ڇا آهي تہ جن جو اصل مقصد ڪنھن بہ طريقي ۽ نموني سان اقتدار ماڻڻ هو، انھن وٽ هاڻي جڏهن ٻيو ڪو بہ وسيلو اقتدار ماڻڻ لاءِ باقي نہ بچيو آهي، تڏهن پنھنجي ذاتي خواهش جي تڪميل واسطي پنھنجي شموليت کي جائز ٺهرائڻ لاءِ غير منطقي ڳالھيون ڪن ٿا. واقعي اهو سچ آهي، جڏهن بہ ڪنھن شخص کي ڪنھن شيءَ ۾ پنھنجا مفاد نظر ايندا آهن تہ پوءِ اها شيءَ ان ماڻھوءَ لاءِ مقدس ٿي پوندي آهي، ۽ سونھن جا سمورا عڪس ان شخص کي پنھنجي پسنديده شيءَ اندر گردش ڪندي محسوس ٿيندا آهن. چاهي پوءِ اها شيءَ ٻئي هر ماڻھو لاءِ هاڃيڪار ڇو نہ هجي، ۽ جڏهن ڪنھن بہ شيءَ ۾ ان شخص جا مفاد باقي نٿا رهن تہ کيس دنيا جي هر برائي اُن شيءَ ۽ نظرئي ۾ نظر اچي ٿي. سمجهہ ۾ نٿو اچي تہ آخر ڪنھن هڪ شخص جي يا ڪنھن هڪ رياست جي اوڻاين کي ڪنھن نظام، ڪنھن نظرئي جي کاتي ۾ ڇو ٿو ڳڻيو وڃي. تہ پوءِ ضياءَ جا ڪرتوت، اسلام جي آڙ ۾ ۽ پاڪستان جي جاڳيرداراڻي جهموريت جا افعال ڪنھن جي کاتي ۾ ڳڻيا ويندا؟
هاڻوڪي جاگيرداراڻي نظام جا محافظ سنڌ جا ڏات ڌڻي، هتي هڪ وضاحت ڪيان تہ ڪا بہ شخصيت ڌرتيءَ سان وابسطه هجي ٿي، انھيءَ جو هر عمل، ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ جي واسين جي واسطي ئي هوندو آهي ۽ سندن سڃاڻپ بہ ڌرتيءَ جي ناتي سان ئي ٿيندي آهي. جڏهن بہ ڪو شخص پوءِ اهو ڀلي تہ ڪيترو بہ اهم ۽ وڏو ڇو نہ هجي، پنھنجا ناتا ۽ رشتا، ڌرتي ۽ انساني آدرشن سان ٽوڙي، يوٽوپيائي دنيا سان جوڙي ٿو، تڏهن سندس پير ڌرتيءَ جي سيني تان اکڙي وڃن ٿا، ۽ عوام جي دلين مان سندس هستيءَ جو وجود ميسارجي وڃي ٿو، اهي جنھن طبقي جي مفادن جا محافظ بنجن ٿا، ان ئي حوالي سان سڃاتا وڃن ٿا. ڪو بہ شخص اسان لاءِ ايسين تائين محترم آهي، جيسين تائين اهو سنڌ ۽ انساني آدرشن جو پاسبان آهي، ۽ جڏهن ڪو بہ شخص سنڌ ۽ انسانيت جي خلاف تقرير ۽ تحرير ذريعي ڪو بہ عمل ڪري ٿو تہ اهو اسان وٽ نفرت جي علامت بنجي پوي ٿو ۽ سندس ڪردار ڄام صادق جيان بڇڙو ۽ تاريخ جي ناڪاري قوتن جو ساٿاري ٿي پوي ٿو. ان ڪري بہ جو ڪنھن هڪ فرد جي ذاتي پسند ۽ ناپسند کان سنڌ، انساني قدر ۽ آدرش بنھہ اوچا، اُتم ۽ مقدس آهن.
سنڌ جا شاعر، اديب پنھنجي ذاتي مفادن ۽ رعايتن خاطر سنڌ جي قومي آجپي ۽ پورهيت دوست فڪر ڪميونزم جي خلاف لکي، اعزازي تغما تہ حاصل ڪري سگهيا آهن، پر سنڌي عوام جي دلين ۾ زنده هوندي بہ مري چڪا آهن، ۽ سنڌ جي ماڻھو وٽ جيڪا اُنھن جي عزت ۽ اهميت هئي، اها اڄڪلھہ هرگز ڪانھي، البت اهو ضرور آهي تہ سنڌجي اٻوجهہ عوام، سياسي شعور جي اڻاٺ سبب سندن ڪتاب موٽائي مُنھن تي ڪو نہ هنيا آهن. ڪنھن جي سرڪاري صحافي ٿيڻ تي ڪنھن کي بہ اعتراض ڪو نہ آهي ۽ نہ ئي ڪنھن پارٽيءَ جو پيڊ ورڪر ٿيڻ تي اعتراض آهي، پر ڏک ان ڳالھہ جو آهي تہ اهي هڪ اهڙي جهموريت کي سڀڪجهہ سمجهي، سنڌ جي نئين نسل کي گمراھہ ڪرڻ شروع ڪن ٿا. جيڪا جاگيردارن ۽ جنرلن جي مفادن جو تحفظ ڪرڻ جي بدولت ئي اقتدار ۾ آئي آهي.
هڪ اهڙي رياست جيڪا قومي حقِ خوداختياري کان انڪاري محض خلائي نظرين جي آڌار تي جاگرافيائي سرحدن اندر مظلوم قومن جو گهاڻو بڻيل هجي ۽ جيڪا رياست تشدد جي علامت بڻيل هجي، جتي عوامي راءِ جي احترام بجاءِ سندن جهموري حقن تي ڌاڙا هنيا وڃن. جتي ملڪ جا محافظ، قانون ۽ انصاف جون ڌڄيون اڏائين. جتي انساني عزتِ نفس جي تذليل ڪئي وڃي ۽ عام ماڻھوءَ کي اَذيتن ۽ ذلتن جا ڏنڀ ڏيئي، جمھوريت جي روح کي مجروح ڪيو وڃي. جتي عوام جي مليل مينڊيٽ جي ابتڙ حڪمران، سندن حق غضب ڪن ۽ جتي دهشتگرد، اسمگلر، جاگيردار، بيروڪريٽ حڪمران ۽ جنرل، عوام جي رت ۽ سَتُ کي ڄؤرن جيان چُوسين، جتي حڪمرانن ۽ انھن جي جيالن جا تہ سدائين بڀ ڀريل هجن، پر ملڪ جي پيداوار ڪندڙن يعني پورهيت عوام جو معيارِ زندگي زيرو ڊگري درجي کان بہ گهٽ هجي، جيڪا حڪومت پنھنجي ملڪ جي مظلوم عوام جا جمھوري حق بحال ڪرڻ بجاءِ، ماڻھن جو ڌيان مسئلن تان هٽائڻ لاءِ مُلن جي طرفان مڙهيل ڪشمير جي نفسياتي جنگ، ماڻھن جي ذهنن تي سوار ڪري، ماڻھن کي اٽو، لٽو ۽ اجهو ڏيڻ بدران ائٽم بم تيار ڪري، ملڪ جي مستقبل کي داءُ تي لڳائي.
جنھن جمھوري حڪومت ۾ پراُمن عوام احتجاج ڪري، هٽ تاڙون ڪري پنھنجا مسئلا حڪمرانن کان حل ڪرائي تہ جاگيرداراڻي جمھوريت جي محافظن جي ڪنن تي ڪا جُونءِ بہ ڪانہ سُري، بلڪ مظلوم عوام جي احتجاج کي ڏنڊن جي زور تي دٻايو وڃي. پر ڪو دهشتگرد ماڻھو ماري تہ کيس وزارت جي آڇ ڪئي وڃي. ڪو اسمگلر ۽ بليڪ ميلر بدمعاشي ڪري تہ حڪومت وٽن گوڏا کوڙي، سندن ناجائز مطالبا مڃي. پر جي بي هٿيار عوام جو قومي مفڪر پنھنجي ڌرتيءَ جي غضب ٿيل حقن لاءِ اهنسا جي نظريي جي آڌار تي جدوجهد ڪري تہ کيس عدالت ۾ پيش ڪري پنھنجي بچاءُ طور قانوني انصاف کان بہ محروم رکيو وڃي ۽ جي سنڌي ماڻھو پُرامن طريقي سان ڪالاباغ ڊيم جي خلاف ۽ آدمشماريءَ بابت پنھنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائين تہ بہ حڪمرانن تي ڪو اثر نہ ٿئي. ڇاڪاڻ جو جاگيرداراڻي جمھوريت جا محافظ فقط بندوق جي ٻولي ئي سمجهي سگهن ٿا ۽ هُونئن بہ جيڪا حڪومت جمھوري نفسيات کان محروم هجي، ان مان ڪنھن فضيلت ڀرئي انصاف جي اُميد ئي اجائي آهي. پوءِ بہ جيڪڏهن ڪو شخص اهڙي حڪومت کي ڪميونزم، سوشلزم، انساني آدرشن ۽ سنڌ جي قومي آجپي کان بہ وڌيڪ اهميت لائق سمجهي تہ ان شخص جي بدنيتي کي نندڻ جائز آهي. ڇو تہ اها پنھنجي ڌرتيءَ ۽ عوام سان ڪميڻائپ جي آخري حد آهي. موقعي پرستي ڪرڻ ۽ بڇڙي ڪردار تي پردو وجهڻ کان بھتر آهي تہ ماڻھو کان جيڪڏهن ٻيو ڪجهہ بہ نٿو پُڄي تہ گهٽ ۾ گهٽ گهر جي ڪُنڊ ۾ پنھنجي موت مري وڃي تہ اها سندس ساک کي بچائڻ جي آخري ڍال آهي.
پنھنجي يوٽوپيائي ڳالھين کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ دليل ڏنو وڃي ٿو تہ دنيا بدلجي چُڪي آهي. ايڪوهين صديءَ جا پنھنجا قدر ۽ نظريا آهن، پر جيڪڏهن حقيقت پسندي سان جيءَ ۾جهاتي پائي ڏٺو وڃي تہ گهٽ ۾ گهٽ اسان وٽ تہ ڪجهہ بہ بدليو ڪونھي. اُهي ئي عذاب، اهي ئي درد، اهي ئي نظام، اهي ئي وک وک تي وردي پوش ۽ لُٽيرا، مھانگايون، جهالت، ڌاڙا، دهشتگرديون، ٻوڏون، مطلب تہ سڀ ڪجهہ ساڳيو آهي. بدليا آهن تہ فقط ڪجهہ چهرا جيڪي پڻ اڳي کان ڀيانڪ صورت اختيار ڪري چُڪا آهن. ويھينءَ صديءَ جي آخري ڏهاڪي تي ۽ ايڪويھين صديءَ جي چائنٺ تي بيٺل سنڌي قوم وٽ ڪمپيوٽر بہ وياج تي ورتل اُڌاري مشين آهي.
اسان پاڻ تہ اڃا تائين ڪو بہ ڪارنامو سرانجام نہ ڏنو آهي. پوءِ ڀلا پاڻ وٽ ڪھڙي شيءَ تبديل ٿي آهي؟ اڃا سوڌو نہ طبقاتي نظام مان نجات ملي آهي، نہ مذهبي جنونيت مان ڇوٽڪارو مليو آهي، ۽ نہ ئي جاگيرداراڻي سياست کان آجا ٿيا آهيون. پوءِ بہ جيڪڏهن همراھہ، پنھنجي عظيم آدرشي نظرين کي ڇڏي جاگيرداراڻي جمھوريت کي ئي سڀ ڪجهہ سمجهن تہ پوءِ سندن منفي لاڙن تي جائز ٽيڪا ٽپڻيءَ جو پاڻ کي بہ بھرحال جمھوري حق هئڻ گهرجي.
پاڻ کي اعتراض ڪنھن جي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۾ وڃڻ تي هرگز ڪونھي، بلڪِ سندن سياسي قدبت کان بنھہ ننڍڙي عهدي تي اڪتفا ڪرڻ ڪري، سندن سياسي موت تي افسوس ٿئي ٿو. ان کان بھتر هو تہ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۾ هڪ ڪارڪن جي حيثيت سان ڪم ڪن ها. جيڪڏهن زندگي ۾ ايڏا ڪشالا ڪٽيا ئي محض معمولي عهدي خاطر هئا تہ پوءِ سندن اِهو عمل واقعي افسوس لائق ئي چئبو، ڇو تہ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۾ اچڻ لاءِ ايڏا عذاب ڀوڳڻ جي ڪا بہ ضرورت ڪانہ هئي، بلڪه جاگيردارن ۽ جنرلن جو پٺو ٿيڻ اولين شرط هو، ۽ هاڻي تہ هونئن بہ نظرياتي حوالي سان پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ۾ ڪو خاص فرق ڪونہ رهيو آهي، سواءِ چند چهرن جي. باقي ٻنھي پارٽين جا ارادا ۽ افعال هڪجھڙا آهن، يعني ٻئي عوام دشمن پارٽيون آهن.
پاڪستان پيپلز پارٽيءَ تي تنقيد ڪرڻ جو اهو مقصد هرگز ڪونھي تہ ڪو هر برائي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سرڪار ۾ موجود آهي، يا اِها مارشلائن کان بہ بدتر آهي. ائين بلڪل ڪونھي.بلڪَ خامين سان گڏ خوبيون بہ هر شيءَ ۾ هونديون آهن. پاڪستاني رياست جي آئيني ڍانچي اندر ۽ جاگيرداراڻي جمھوريت هئڻ جي باوجود موجودہ سرڪار، جئين تہ عوام ئي منتخب ڪئي آهي، اُن ڪري منجهس ٻين جي ڀيٽ ۾ وري بہ چڱائي جي اُميد رکي سگهجي ٿي. پر ان جو اهو مطلب ڪونھي تہ ڪو ڪميونزم جي عالمي نظريي، انساني قدرن ۽ سنڌ جي آدرشن تي، فوقيت ڏيئي، انھن تي پ پ جي جاگيردارانہ جمھوريت کي اوليت ڏني وڃي!

ٿر! جتي جيئڻ جنجال ٿي پَيو آهي...!

تاريخ جي تاريڪيءَ جو تماشو تہ ڏسو! جو جنھن جُوءِ سنڌ جي ثقافت جي آڱر جهلي اڳواڻي ڪئي اُن خِطي جي ''کَر يا ٻاهريون ڪَڻ'' خلق کي ڳڙ جي آڱر جيترو خيراتي ''چٽو'' ڏيئي مُلڪ جي مٿي تان بار لاٿو پيو وڃي. الميو اِهو آهي جو ٿر جي مارُو ماڙهوءَ جو جياپو آهي، جيب، جڻاٿ تي، ۽ جيب جڻاٿ جو دارومدار آهي، سُڪل ۽ سائي گاھہ تي، جيڪو سواءِ برسات جي واريءَ مان ٻاهر نڪري نٿو سگهي، ڇو جو ٿر واريءَ جو هڪ اهڙو خشڪ سمنڊ آهي، جتي مينھن جي مھربانيءَ کانسواءِ مال توڻي ماڻھن جي جياپي جي ضمانت ڪو بہ ڏيڻ کان قاصر آهي. سو جيڪڏهن لاڳيتو ڏڪار پوندا رهندا تہ پوءِ مال ۽ ماڻھو آخر ڇا تي ڪَٽيندا؟! عوام تہ اُڌاري سُڌاري بہ ٽڪ ٽاري ويندي پر چوپائي مال کي واري چارڻ کان تہ رهيا آهن. اهڙيءَ سنگين صورتحال جو لازمي نتيجو اِهو ئي نڪرندو جو مارو ماڙهوءَ جي گُذران جو واحد وسيلو يعني چوپايو مال مري چٽ ٿي ويندو، جنھن جو سڌو سنئون اثر اُنھيءَ عوام تي ئي پوندو، جنھن جي جياپي جو دارومدار آهي ئي چوپائي مال تي. سدائين سُڃائين جي سَرءُ رُت ۾ صَرفي جو ساھہ کڻندڙ خلق جي کيسي ۾ ايترو ضرورت کان زياده سرمايو ڪٿان آيو جو اُها ڏولائي جي ڏينھن ۾ پنھنجي پيٽ جي پُورت بہ ڪري، تہ مال جي مُنھن ۾ بہ ڏيئي سوڪھڙي جي سال مان چاڙهي. ٿري عوام ويچاري تہ ايڪويھن صديءَ جي آمد وقت بہ ''آڻين ۽ چاڙهين ڏُٿ ڏِهاڙي سومرا'' جو ڏيک ڏيئي رهي آهي. سا جيڪڏهن عبوري ئي سھي پرڪنھن بہ مھربانيءَ جي مستحق ناهي تہ پوءِ ٻوڏ ۽ زلزلي کان متاثر ٿيندڙ بہ ڪنھن همدرديءَ جا حقدار ناهن. ڇو جو ماڻھو ۽ مال ڏڪارن ۾ بہ ڏُلن ٿا تہ ٻوڏ ۽ زلزلي ۾ بہ مرن ٿا، فرق رُڳو اهو آهي جو ٻوڏ ۽ زلزلي ۾ ٻڌيءَ جي حساب سان ماڻھو ۽ مال مري ٿو، جڏهن تہ ڏڪار ۾ ماڻھو توڻي مال بُک ۽ بيماري وگهي تڙپي تڙپي مري ٿو، جيڪو فوري طور فوڪس نہ ٿيڻ ڪري جڳ جھان کي ڏسڻ ۾ نٿو اچي. پر جنين کان جڳر جدا ٿين ٿا، يا جنين جي جياپي جو سھارو ڇڄي ٿو، اُنھن جي اندر جو الميو ڪنھن بہ قيامت کان گهٽ ڪو نہ هوندو آهي.
هُونئن بہ ٿر سان هيءَ ويڌن يا هاڃو رُڳو هيلوڪي ڏڪار ڪونھي ڪيو پروڪي سامونڊي طوفان جي تباهيءَ جا هاڃيڪار اثر بہ اڃان سُوڌو ٿر جي ٿاڪُن مٿان موجود آهن. جڏهن جيبن سان گڏ جُهوپا بہ جهُريا هُئا، پر وساريل وانڍيارُن جي واهر ڪرڻ ڪاڻ ڪو بہ وقت جو ''واڳ ڌڻي'' وٽن لنگهي ڪو نہ آيو هو. الُٽو هن مُلڪ جي هرجائي حُڪمرانن جي ''هٿ ٺوڪيءَ'' جنگ جي ''جنڙيءَ'' جو ميڊيا جي مُفت پذيرائيءَ اهڙو تہ خوف ۽ حراس ڦھلايو جو بارڊر جي ڀر ۾ رهندڙ رَعيت جنگ جي امڪاني خطري سبب اڳواٽ ئي پنھنجا وسندڙ ويڙها ويران ڪري پراهون پنڌ هئڻ ڪري هزارين رپيا ڀاڙي جي ڀُنگ طور ڀري سنڌ مُلڪ جي بئراجي ڀاڱن ۾ عارضي طور اچي ٿانيڪي ٿي. ڇاڪاڻ جو کين مُلڪ جي محافظن جي ''مُڙسي'' ساري پيئي هُئي، سو جيڪڏهن جنگ لڳي ها تہ اهي ''ڍول سپاهي'' بندوقون بارڊر تي ڇڏي ڀڄي وڃن ها. (اهڙو تجربو کين ايڪهتر واريءَ جنگ ۾ ٿيو هو). اُن ڪري ''آپڻي گهوٽ تہ نشا ٿيوي'' جي مصداق پنھنجن ئي پيرن تي زور ڏنائون. ۽ جڏهن جنگ جون گهُور گهٽائون مُلڪ جي ميرانجهڙي آسمان تان هٽيون، تڏهن اوٽ، موٽ جي ڪِرائي ۾ پنھنجي سموري پُونجي لاريءَ وارن لُٽيرن جي هٿان لِلاڪارڻ لُٽائي هٿين خالي موٽي ماڳن تي آيا. جتي سندن آجيان هيلوڪي حيبتناڪ ڏڪار ڪئي، جنھن سندن جياپي جا سمورا سھارا کسي کين هڪ ڀيرو ٻيھر دربدر ٿيڻ جي دعوت ڏني آهي. اهڙيءَ اذيتناڪ گهڙي ۾ بہ مارو ماڻھن جي جائز ۽ مُناسب مدد ڪرڻ کي جيڪڏهن اسان جي رِعايت يافتہ طبقي جا اڪابر ''پِن'' جي نظر سان ڏسن ٿا تہ سندن شاندار سوچ تي سواءِ افسوس جي ٻيو ڇا ٿو ڪري سگهجي. الميو اِهو بہ آهي تہ ٿر جي نالي ۾ ڪيترائي ''پڇَ ڍاوا'' پيدا ٿي پيا آهن پر ٿر ''ڍڳو پير پيران'' وانگر ڏينھون ڏينھن وڃي ٿو ريورس گيئر ۾ ترقيءَ بدران تنزليءَ طرف. ٿري عوام کي ''اڻھوند'' جي عذاب ۾ مُبتلا ڪرڻ ۾ مُلوث جتي جاڳيردار طبقا ۽ قدرتي آفتون آهن، اُتي اُهي سياسي لُڙڪندڙ لاٺڙيا بہ الزامن کان آجا ناهن. جيڪي ڪنھن بہ سياسي ۽ جمھوري طريقي سان آپي شاهيءَ جي اسٽيٽسڪو کي ٽوڙي کين ٿر جي سياسي گرائونڊ مان ڪِڪ آئوٽ ڪرڻ بجاءِ غير جمھوري ۽ غير مھذب هٿ ڪنڊن ذريعي سياسي دُشمنيءَ جي آڙ ۾ نت نيون نانگ بلائون نپائي، جيڪي کين کنگهن نٿا يا جيڪي سندن ''ڇھہ آني'' نٿا ڀرين، اُنھن کي بڇي بليڪ ميل ڪري پنھنجي آپيشاهي قائم ڪرڻ چاهين ٿا. چوڻ وارا چون ٿا تہ ٿر مان آپي شاهيءَ جي تڏاويڙھہ ڪرڻ واسطي امپورٽيڊ اڳواڻن جي خليفن کي خلجيءَ جي لشڪر جيئن ٿر ۾ لاٿو ويو آهي. جيڪي پنھنجا پير پُختا ڪرڻ ڪاڻ ٿري ماڻھن جي هنيئين تي مُنگ ڏري رهيا آهن. ۽ نڌڻڪيءَ خلق کي ووٽن جي ونگار خاطر سڄو ڏينھن سياسي ''سيرڻ'' ۾ وهٽن وانگر واهي رهيا آهن. ۽ پنھنجن سياسي ''پرڪارن'' تي پردو وجهڻ ۽ دنيا جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ لاءِ موسمي ڏيڏرن جي معرفت ٽان، ٽان بہ ڪري رهيا آهن، تہ جيئن مطلب پرستيءَ جي ''مانگر مڇ'' کي موقعي پرستيءَ جي ''مُراقبي'' ۾ مچائي مواڙ ڪري سگهن.
سياسي ڀوتار سمورا جاڳيردار طبقي جا نمائندا آهن، اُنھن کي پنھنجا طبقاتي مُفاد ئي عزيز هوندا آهن. پر عوام دوست سياست جي دعويدار ڌُرين جا دين ڌرم بہ جيڪڏهن وڏيرا شاهيءَ جي واٽ تي هلڻ کي پنھنجو نصب العين سمجهي ٻہ ٻڌرائڻ، ٻہ ڇڏرائڻ، من پسند ماڻھو رکرائڻ ۽ اڻوڻندڙ عوام کي نوڪريءَ مان نيڪالي ڏيارڻ يا ڪوڙن ڪرپٽ ماڻھن کي پنھنجي سياسي پليٽ فارم تي تحفظ فراهم ڪرڻ، عوامي سياست جو ايمان سمجهڻ لڳن تہ پوءِ لوڪ شاهي ۽ آپيشاهي جي سُڃاڻپ گهٽ ۾ گهٽ ٿر جي اٻوجهہ عوام تہ ڪرڻ کان قاصر آهي ۽ اِها انھن لٻاڙي ليڊرن کي لوٽا ڪلچر جي گٽر ۾ غوطا کائيندو ڏسي سترنگي سياست جي ''سوس'' تان ئي آهو پلي ڇڏيندي، جنھن سان نہ رڳو صحتمند سياست جا بنياد ڪمزور ٿيندا بلڪ انھن سياسي شڪرن جي سياسي ڪيريئر جي بہ ستيا ناس ٿي ويندي جيڪي گهر جا ڪُڪڙ ماري عوام جا هڏ ڏوکي هُئڻ جي هام هڻي رهيا آهن. آئون پوري اعتماد سان اها دعويٰ ٿو ڪريان تہ انھن ڄامڙن جي سياسي ڪارگذارين جي جيڪڏهن ايماندريءَ سان ڇنڊ ڇاڻ ڪبي تہ اِهي عوام دوست ڌريون بہ ڪئي رتيون ڪَسر نڪرنديون. الميو اهو بہ آهي تہ آپي شاهيءَ جي مکڻ مان وار ڪڍندڙ ٿر ۾ ازغيبي اشرافيا جي ''اور جهُور تي ڪا بہ ارهائي محسوس ڪري لوڻي ۾ ''ٽِسور'' نہ وجهندڙ ٿر اندر رونما ٿيندڙ سمورا سانحا سياسي مخالفن جي اڪائونٽ ۾ انٽري اُن ڪري ڪرائين ٿا جو اِن عظيم خدمت جي عيوض سندن لاءِ ''ڦٻڻ'' جا سوين سياسي ڦاٽڪ کُلي پون ٿا، جن تان اُڪري پرئين پار پُڄڻ کانپوءِ ئي اِهي جيالا پنھنجا سُڪل پيٽ ساوا ڪري سگهن ٿا. اِهو ئي سبب آهي جو اُهي هڪ ٻئي جا نظرياتي دشمن هُئڻ جي باوجود حاصلاتن جي نقطي تي هڙئي هڪ آهن. جنھن جو هڪڙو ثبوت اِهو بہ آهي تہ جيڪي پي، پيءَ سان پيرائتا آهن، اُهي مُسلم ليگ جا ڪُٽي کائڻ وارا مجنا بہ آهن، تہ اشرافيا جا آڌيارا پُڻ آهن ۽ چڙهندي سج جا سلامي هُئڻ ڪري جنھن جي بہ چُلھہ تي چڙهيل ٿا ڏسن، اُن جي آڪھہ جا ٿيندي دير ئي ڪو نہ ٿا ڪن، ۽ سڀني کي آسري ۾ رهائڻ واري عادت سبب ''ها'' تہ هر ڪنھن سان ڪريو ڇڏين، پر آزمائش جي ''پِڙ'' اندر پير اُن ڪري بہ نٿا پائن جو کين ''ڏِٺي'' ٿيڻ جو ڏاڍو خوف هوندو آهي ۽ ''گڏيل هُئي گُمان ۾ پڌري ٿي پئي'' جي خطري سبب ''لِڪا ڀُئڻ لوڪ ۾'' تي عمل پيرا آهن. اِهو ئي ڪارڻ آهي جو چوٿين سيپٽمبر تي مُلڪ گير هڙتال جي ڏنل سڏ جي جوڳي موٽ ٿر جي ڪنھن بہ شھر مان ڪا نہ ملي. چوڻ وارا چون ٿا تہ اُن ڏهاڙي ڪاغذي شير ڪاڪُوسن ۽ ڪمندن مان اُن ڪري بہ ڪو نہ نڱا جو هُنن حُڪمران ڌُر جي هڪڙي ''هٿين ڇائون'' ڪندڙ ڪانگتڙي کي اِها ''ڏاڙهي'' ڏني هُئي تہ ''وڏا! هڙتال جي ڦوڪڻي مان هوا ڪڍي اوهان جي وچن کي بجاءِ آوريءَ جو پاڻي ڏيئي ڏيکارڻ، اسان جي کاٻي هٿ جو کيل آهي'' هنن کي جيڪي ''گاھہ'' نٿا وجهن اُنھن جا پُڇ مٿي ڪري سندن اوگهڙ تہ ڏيھہ کي ڏيکارين ٿا، پر جيڪي سندن ''وات مِٺو'' ڪرائين ٿا اُنھن جون ''مڙئي مدايون'' معاف ڪريو ڇڏين. ۽ هڪ ئي ٽولي جا همنوا هُئڻ ڪري ''هُئا اڳئي هڪ پر ٻُڌڻ ۾ ٻہ ٿيا'' جي راھہ تي رمي هڪ ئي وقت ٻن ٻيڙين تي سوار ٿي ڪڏهن راجا رنجيت سنگهہ جي روحاني اولاد پنجابي شاونسٽ نواز شريف جي نسلي گرائين عليم عادل کي ٿر ۾ ٿڪ ڀڃائين ٿا تہ ڪڏهن پي، پيءَ جي مُلتاني گادي نشين مخدوم قريشي کي ٿر ياترا ڪرائين ٿا ۽ واري واري سان وردي بدلائي ڊڪٽيشن وٺي رُڳو ڊيوٽي ڏيئي رهيا آهن.
عوام دوست سياست جي علمبردارن جي اِن عمل سان ٿر جي وڏيرا شاهيءَ جا وڻ تہ وڄن نہ وڄن پر ٿڪل ٿري عوام جا وڻ اهڙا تہ وڳا آهن جو انقلاب جي آسائتيءَ عوام کي ڏاڍ ڏکيا ڏينھن ڏسڻا پئجي رهيا آهن ۽ سياسي ''سانن'' جي اِن لتاڙ ۾ اڪ جي ڪاٺيءَ جھڙي ڪمزور عوام پي،پيءَ جي دؤر ۾ پادر کائي اڃان پُٺا ئي مَس ٿي ڇنڊي اُٿي جو مسلم ليگي سرڪار جي موچڙن جو زيپٽ پيو پوي. عوام کي ڏينھن جا تارا ڏيکاريندڙ ٻين تي اکيون ''ڪُرڙيون'' ڪرڻ بجاءِ پنھنجي پُٺ ورائي ڏسن تہ اِنھن جهرلو سياستڪارن هن جوءِ جي جنتا کي سواءِ جُوتن جي ٻيو ڏنو ئي ڇا آهي؟!! چوڻ وارا چون ٿا تہ جيڪڏهن عوامي سياست جي دعويدار ڌُرين جا دين دُرست هُجن ها تہ ٿر جي نڙيءَ ۾ ٿوهر جي ڪنڊي جيئن اٽڪيل عوام دشمن آپي شاهي جا ڏند کٽا ڪري سندن سياسي شڪنجي مان عوام کي آڳاٽو آجو ڪرائي وٺن ها. باقي جيڪڏهن سياسي ارادا ۽ نيتون ئي نيڪ نہ هونديون تہ پوءِ ترڪتالي طريقي سان نہ تہ عوام جي زندگيءَ جو معيار بُلند ٿي سگهندو ۽ نہ ئي وري ٿڌي مزاج واري ٿري سماج ۾ ڪا ئي مثبت تبديلي اچي سگهندي.

راڳ ۽ ويراڳ جي آويءَ مان رچيل راڳي

سال تہ صَحِي ياد ڪونہ اٿم، پر ايترو ضرور ياد اٿم تہ 1990 کان 1994 وارين سالن مان ئي ڪنھن سال جي ھڪڙي ورھانڊ ٽاڻي ريڊيو حيدرآباد پي ٻڌم. تن ڏينھن ۾ اڄ جو فنڪار شام جو لائيو نشر ٿيندو ھو. اُن ڏينھن انائونسر جنھن گلوڪارجو نالو کنيو سو اڳ ۾ ٻڌل ڪونہ ھو، پر جڏھن ھن ايازگل جو غزل :
ياد جڏھن ڪي آيا نيڻ،
لڙڪن سان وھنجايا نيڻ.
ڳايو ھو تہ منھنجي جسم مان 440 وولٽ جو ڪرنٽ آر پار ٿي ويو ھو- اھا جادوگري اُنھي آواز جي ھُئي، جنھن جي گلي ۾ ڄڻ تہ ڪو ڪانُ کُتل ھو- جنھن جي صدا ۾ صديءَ جو سوز وگُداز سمايل ھو. ڪنھن گلوڪار جي آواز ۾ ايڏو درد مون زندگيءَ ۾ پھريون ڀيرو ٻڌو ھو. ۽ اُنھي ڪُٺل ڪُونج جي ڪُرلاءُ جھڙي ڪُوڪَ، منھنجي مَنَ کي مُٺ وجهي نپوڙيو ھو. ۽ آئون بيچين ٿي پيو ھئس. مون کي تڏھن ئي اھا ڳالھہ سمجهہ ۾ آئي ھئي تہ راءَ ڏياچ ٻيجل جي تند تنوار تي ڪنڌ ڇا جي ڪري ڪَپي ڏنو ھو. ۽ پوءِ مون ھِن اجنبي آواز جي تلاش شروع ڪئي ھئي، نيٺ ڪنھن دوست کان پتو پيو تہ اھو فقير منش ڀڳت ڀڳڙو مل اسلام ڪوٽ جو رھاڪو آھي، جتي ھو درزڪو ڪم ڪندو آھي. اصل رھاڪو تہ سينھار وڪيا جو آھي، پر ڪافي عرصي کان اسلام ڪوٽ ۾ ئي رھائش پزير آھي- جتي ھِن درزڪي ڌنڌي جي سکيا 20 سالن جي ڄمار ۾ اسلام ڪوٽ جي ئي درزي گيانچند کان ورتي ھئي. ڪافي سال اسلام ڪوٽ ۾ ڪم ڪرڻ کانپوءِ ھُو ڪراچي ويو ھو، جتي ڪنھن گارمينٽ فيڪٽري ۾ 5 سال ڪم ڪيائين.
ڳوٺ سينھار وڪيا ۾ ھِن جو جنم اڄ کان 60/ 65 سال اڳ گنگارام مينگهواڙ جي گهر ۾ ٿيو ھو. ھِن جي ھڪڙي ڀيڻ ھئي اھا بہ ديھانت ڪري ويئي تہ ھڪڙو ڀاءُ بہ گذاري ويسُ. باقي ٻہ ڀائر زندھ آھن، جن مان ھڪڙو ساڻس گڏ اسلام ڪوٽ ۾ رھي ٿو، ۽ ھڪڙو سينھار ۾ ئي رھي ٿو- سندس ماءُ ۽ پيءُ ٻئي ديھانت ڪري ويا آھن.
غربت ھِن جي گهر ۾ ڄڻ تہ آري تي ويٺل ھئي سو ھِن ننڍڙي وھيءَ ۾ ئي نہ رڳو ٿر جي ٻنين ۾ ٻاجهر ۽ گُوار پوکيا ۽ انھن جي سار لڌي، پر سنڌ جي بَئراجي ڀاڱن ۾ وڃي مرچ بہ پوکيا تہ انھن جي چُونڊائي بہ ڪئي. تغاريون بہ کنيون تہ ڪاٺيون جهوري گڏھن تي کڻي اچي اسلام ڪوٽ ۾ وڪيون بہ ھيون.
ھِن سينھار جي سيمن ۾ ٻڪريون بہ چاريون تہ زندگيءَ جي ذليل گهڙين مان چند پل چورائي ھڪ جيڏن سان ڳوٺ جي ريل ۾ گابڙي راند بہ رمي تہ ڀٽن تي ڀينگاريون بہ جهليون، ٻنين ۾ ٻاجهر جا ڪَچا آنڀوُن مَھٽي بہ کاڌا تہ پِپوُن ۽ ڪونڍير بہ ڪڍيا، پيرُون بہ چُونڊيا تہ سِڱر جا کوکا بہ چُونڊي کاڌائين -
جڏھن ڦُوھَ جَواني ھِن جي وجود کي ولين جيئن ويڙھي ويئي ۽ محبت ھِن جي مَنَ جي اڱڻ تي مرَوئي جيئن مورجي آئي، تہ ھِن سينڍ ۾ ماروي ڳائڻ شروع ڪئي ھئي.ھِن اچانڪ پنھنجي پاڻ ۾ ڪنھن اڄاتي وجود جي ھڳاءُ کي محسوس ڪيو ۽ ھِيءُ نہ چاھيندي بہ اُنھي ھستيءَ جي وجود ۾ پاڻ وڃائي ويٺو. نينھن جي نپٽ نانگ ھِن کي ڪَکي وِڌو ۽ ھِن کي لڳو ڪنھن ھِن جي والو ھرٽ ۾ ھٿ وڌا آھن- ھُو پنھنجي دل ڦرائي وِلھو ٿي ويٺو. پر انھي دل ڦينڪ تماشي کيس ڪٿي جو بہ ڪونہ ڇڏيو. عشق جي اُڦٽ مار چوٽ ھِن جو ذھني توازن ئي وڃائي ڇڏيو، ۽ پوءِ ڪيئي سال ھُو دنيا دين جا لڳ لاڳاپا لاھي پنھنجي دل جي چور پويان ڪاھي پيو ھو. پر دلين جي چورن جا پيرا ڳولڻ وارا پيري ھِن کي اھو چئي مايوس موٽائي ڇڏيندا ھئا ته'' ڀَڄي وڃ مسڪين جا ٻار ھيءُ کاٽ اسان جي وارڻ کان وڏو آھي'' پر چَري ڪيئن چَئي ويرا وير وڌ! سو ھِن بہ ويندي ڏانھن پريَنِ جُتي جات نہ پاتي ۽ بن، بن ڀٽڪيو سَسُئيءَ وانگر ڏونگر ڏوريائين، پر پرينءَ جو ڪو پيرو نہ لڌائين تہ مُنھن مونن ۾ ھڻي ويھي رھيو. جڏھن جهڄي جهري ٿَڪي ٽُٽي ڦان ٿي پيو تہ وطن جي مٽيءَ کيس وري پُڪاريو تہ ھُو موٽي ماڳ آيو، جتي سندس جيجل جي جهڙالي جهولي ھِن لئي ھندورو بڻي. امڙ جي ٻاجهارين ٻانھن جي آسيسَ ھِن جي رتوڇاڻ روح کي راحت بخشي ۽ ھو ٻيھر پنھنجو پاڻ ۾ موٽي آيو-
ھِن کي نئين زندگي ملي تہ ھِن وري اچي اسلام ڪوٽ جا وڻ وسايا، ھُو صُبح ساجهر امڙ جي رات جي رڌيل رٻ پي آڌيگام کان ايندڙ لاريءَ جي پَٽين سان پاڻ کي ٻڌي روز اسلام ڪوٽ ايندو ھو ۽ وري شام جو ساڳي لاريءَ ۾ سينھار موٽي ويندو ھو. عشق جي لگار ھِن جي ڪَنٺ ۾ ڪوئل جھڙي ڪُوڪ پيدا ڪئي ھُئي ۽ ھِن اُٿندي، ويھندي، ھلندي، ڦرندي ۽ ڪم ڪندي جهونگارڻ شروع ڪيو ھو، درد کي درد ڳاتو تہ ٻُڌندڙ ڪَنن ۽ ڌڙڪندڙ دلين تي ھِن جي آواز جو سحر طاري ٿي ويو.
ھِن اسلام ڪوٽ جي ئي گُرو چاندارام کان شاگرديءَ جو سڳو ٻڌرايو. بقول سندس تہ؛'' جيڪڏھن گُرو چاندارام جو مون کي ماءَ جھڙو پيار، پنھنجائپ ۽ آشيرواد نہ ملي ھا تہ منھنجي نہ سُر سنسار سان شناسائي ٿيئي ھا ۽ نہ ئي وري زندگيءَ سان پيار، بلڪ ھِن بي مُروت جھان ۾ وکري وڃان ھا ۽ شايد وري پاڻ کي سَھيڙي بہ نہ سگهان ھا'' ۽ ھيءُ جيڪي ٻٽي اکر سنڌيءَ جا پڙھي سگهي ٿو، يا شاعري پڙھي سگهي ٿو، اھي ڪنھن اسڪول مان نہ پر سندس گرو چاندارام کان ئي سکيو آھي -
جڏھن ھِن جي گلي جي گونج اوجَ تي ھئي تڏھن ڪئسيٽ ڪمپنين جي بہ اوج جو زمانو ھو جتي ڪٿي فوزيا سومري جي بلي بلي لڳي پئي ھئي، ھِن بلاول اوٺي جي شاعري ڪٿان ھٿ ڪري ان جون ڌنون ڪمپوز ڪري جهڏي ڀر سان ڪنھن اسڪول ۾ بلاول کي ڏوري وڃي ڏٺو. ھِيءُ پاڻ سان گڏ بلاول جا ٻہ گيت بہ ڪمپوز ڪري کڻي ويو ھو، سو بلاول کي چيائين تہ؛'' منھنجي آواز ۾ ھَي گيت ڪٿي رڪارڊ ڪرائي ڏي''. بلاول کيس آسرو ڏيئي ھِن جون ڪمپوز ڪيل ٻئي ڌُنون'' آھين ڏسڻ کان ڏور'' ثمينا ڪنول جي آواز ۾ ۽ ٻي فوزيا جي آواز ۾ رڪارڊ ڪرائي ڇڏيون.
ھِن جي والد گنگارام جيسين صحت ۽ سرير ساٿ ڏنو، سونَ ساريکن ھٿڙن سان ھر ھلائي اَنُ اُپائي انسانيت کي بُکَ کان بچايو، ۽ ھِن وري سَنھي سُئيءَ سان انساني جسم جي اوگهڙ ڍڪڻ لئي درزڪي ڌنڌي سان دل لڳائي-
ھِن کي مون ريڊيو حيدرآباد تان ٻڌو تہ کيس پھريون خط لکي ساڻس پنھنجي محبت جو اظھار ڪيم تہ ھِن بہ ساڳي سڪ ۽ پاٻوھ سان محبت ڀري موٽ ڏني، ۽ ايئن ئي اسان جي روح جا رابطا خطن کان ٿيندا فونن تائين پھتا ۽ ھاڻ انٽريٽ جي جهنگ ۾ اچي انھن واسطن جي واٽ وڃائي ضرور ويٺا آھيون، پر واسطن جي واڙ ڀيلاڙ ڪونہ ڪئي اٿئون- تنھن زماني ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ نئين ڪوٽ جي نوجوانيءَ جا ڏينھن ھيا، اسان کي بہ اديبن، شاعرن ۽ گلوڪارن سان ملڻ ۽ ساڻن رھاڻين رچائڻ جو جُنون ھوندو ھو. سو ھڪڙي ڏينھن ڀڳڙي ناچيز کي بہ نينڍ ڏئيي گهرايوسون تہ پاڻ اسان جي سڏ کي ورنائي اسلام ڪوٽ کان ڪھي آيو ھو. پھريون ڀيرو کيس روبرو ٻڌي دلي آنند ماڻيو ھُئم.
1987ع ڌاري نارائڻ داس ڏيپلائي (فوڊ انسپيڪٽر) جي معرفت ريڊيو حيدرآباد تي نصير مرزا ۽ انور بلوچ ھن کان آڊيشن ورتو ھو، جنھن ۾ ھو پاس ٿي ويو تہ کيس پروگرا بہ ڏنائون. نصير مرزا ھن جا ڪجهہ سنڌي ڪجهہ ڍاٽڪي گيت بہ رڪارڊ ڪيا ھئا، پر جڏھن گل حسن قريشي سندس آواز ۾ شيخ اياز جو غزل جهوپڙي ٻاھران رات جانجهر وڳي رڪارڊ ڪري آن ايئر ڪيو تہ چئني پاسي واھوا ٿي ويئي. اھا سندس ريڊيو جي دنيا ۾ پھرين انٽري ھئي، جنھن کان پوءِ ريڊيو حيدرآباد تي نصير مرزا ۽ مٺي ريڊيو تي سيد اڪبر شاھ ۽ ٻين سندس ڪيترا ئي گيت غزل ۽ وايون رڪارڊ ڪيا آھن. جن بہ تمام گهڻي مقبوليت ماڻي آھي، خاص طور تي اشرف درس جي ڳايل گيت '' پارڪر جي پدمڻيءَ '' بہ کيس تمام گهڻو مشھور ڪيو آھي. اھڙا ڪيئي ڀڳڙي جا ڳايل گيت سندس سڃاڻپ جو ڪارڻ بڻيل آھن.
گائيڪي ھِن جو پيشو ڪونھي پر دل جو شوق آھي، تنھنن ڪري ھِن ڪڏھن بہ ڪئسيٽ ڪمپنين جي فرمائش تي غير معياري شاعري ناھي ڳائي، اھوئي ڪارڻ آھي جو ھِن جون ڪئسٽون تمام ٿوريون رڪارڊ ٿيون آھن.
مختلف سنڌي چينلن جي اچڻ کان پوءِ ڀڳڙي ڀڳت کي بہ مختلف ميوزڪ پروگرامن ۾ تمام گهڻي پزيرائي ملي آھي- پر کيس شڪايت اھا آھي تہ ثقافت کاتي وارا لطيف، قلندر، اياز ۽ سچل جي ميلن تي تہ نٿا گهرائن پر ٿر جي سماجي ادبي ۽ ميوزيڪل پروگرامن ۾ بہ کيس نظر انداز ڪيو ٿو وڃي. ھا البت محمد علي مانجهي جڏھن ثقافت کاتي ۾ ڊائريڪٽر ھو تڏھن ان کيس نہ رڳو ثقافت کاتي کان ماھوار وظيفو مقرر ڪرائي ڏنو، پر ڀانئيو بہ ڀائرن وانگر ھو، جنھن ڪري ئي ڀڳڙو ڀڳت مانجهيءَ کي اڄ بہ جيءَ ۾ جايون ڏي ٿو.
ڀڳڙو مل نہ رڳو سنڌ جو سُريلو گلوڪار آھي، پر منجهس اظافي خوبي اھا بہ آھي تہ ھيءُ ساڳي وقت ھڪڙو سھڻو شاعر بہ آھي، جنھن ڪيترائي صوفياڻا ڪلام ۽ ڀُڄن بہ لکيا آھن. شاعريءَ ۾ سندس نالي سان گڏ تخلص '' ناچيز'' آھي جيڪو سندس باذوق دوست ڪرپال داس کيس عنايت ڪيو آھي. ھتي ناچيز نالي مان نااميدي ۽ نراسائي ھرگز پيدا ڪونہ ٿِي ٿيئي، بلڪ - '' ڀڳڙو ناچيز'' مان مُراد آھي تہ گهڻو ڪجهہ ھوندي بہ پنھنجو پاڻ کي ڪجهہ نہ سمجهڻ اصل ۾ اھا نوڙت ۽ نھٺائي ئي انسانيت جو اعليٰ گڻ آھي، باقي تہ سڀڪجهہ بي بقا آھي-
ڀڳڙي ڀڳت عرف ڀڳڙي ناچيز کي ھُونئن تہ ساري سنڌ ڄاڻي سُڃاڻي ۽ بي پناھ پيار ۽ پاٻوھ بہ ڏي ٿي، پر ھيءُ فقير چوي ٿو تہ: '' اسلام آباد جي قاضي عظمت ۽ نوشھري فيروز جي سائين علي احمد شاھ جا مون مسڪين مٿان انيڪ احسان ۽ ٿر ۾ واري ٿوري تھان گهڻا ٿورا آھن، جنھن منھنجي سدائين نہ رڳو مالي ۽ اخلاقي مدد ڪئي آھي، پر مون کي ھميش حوصلو ڏنو آھي ۽ ھمت افزائي ڪئي آھي'' -
ڀڳڙي ناچيز شيخ اياز کان وٺي اياز گل تائين، اياز رضويءَ کان وٺي ايوب کوسي تائين، ادل سومري کان وٺي سائينداد ساند تائين، اشرف درس کان وٺي پياري شواڻي تائين، سچل کان وٺي لطيف سميت سنڌ جي ڪيترن ئي شاعرن جي شاعري ڳائي آھي، تہ روحل ۽ ميران ٻائي کان وٺي ڪبير سميت ڪيترن ئي ڪوين جا ڀُڄن بہ ڳايا آھن.لوڪ گيتن کان وٺي جديد شاعريءَ تائين ۽ ڀُڄنن کان وٺي صوفياڻن ڪلامن تائين ھن ھر قسم جي نہ رڳو شاعري ڳائي آھي، پر ڪلاسيڪل راڳن کان وٺي ڪيترين ئي راڳڻين تي بہ کيس ڀرپور دسترس حاصل آھي. جھڙوڪ مالڪونس، سارنگ، درڳا، پھاڙي، مانجهہ، ڀيروي، درٻاري کماچ ۽ ڀيم پلاس ھِن جون پسنديده راڳڻيون ۽ راڳ آھن -
پنھنجن ھنر مند ھٿن ۽ ڪَنٺ جي ڪَلا ذريعي ھن ڪَکُ، ڪَکُ ڪَٺو ڪري اسلام ڪوٽ ۾ پنھنجو آشيانو اڏيو آھي. جتي سندس وَني، ٽي پٽڙا ۽ ھڪڙي نياڻي ساڻس گڏ رھن ٿا. اِھائي ھِن جي مَڏي ۽ مال آھي، اِھائي ھِن جي ڪُل ڪائنات آھي. سڀ کان وڌيڪ سارھ جوڳي اھا ڳالھہ آھي تہ ھِن مُڙسي ڪري نہ رڳو پنھنجا پُٽَ پڙھايا آھن، پر پنھنجي نياڻيءَ کي بہ پڙھائي تمام وڏو ڪم ڪيو آھي. جيڪا ڳالھہ ھِن جي روشن خيال سوچَ جو مظھر آھي.
پرارٿنا آھي تہ راڳ ۽ ويراڳ جي آويءَ مان رچي راس ٿيل ھِن انتھائي سُريلي راڳيءَ جي فن جي ڦڳڻ مُند شال سدائين ڦُلاريل رھي، راڳ ھن جي رڳُن ۾ رت جيئن گردش ڪندو رھي، ۽ ھِن جي ٿر- ٻاٻيھي جھڙيءَ ڪومل ڪلا کي ڪڏھن بہ ڪو ڪوسو واءُ نہ لڳي.

بَدبُودار ڀوتارڪي نظام مان نجات ضروري آھي

پاڻ ڄاڻون ٿا تہ، حَبسِ بيجا جهڙين هِنن هيجاني حالتن جي حِسار ۾، هڪڙي پاسي بيوسي آهي، جنھن سموري سماج کي ''احساس ذيان'' کان بہ محروم ڪري ڇڏيو آهي، ۽ ٻي پاسي بي حِسيءَ جي انتھا آهي، جيڪا ''اسان جو ڇا وڃي'' جھڙي مُجرمانا ماٺ ۽ چُپ جي چادر اوڍي سُمھي پئي آهي. لاتعلقي، لاعِلمي ۽ لاغرضي جي وبا پوري مُعاشري کي ڪوڙھہ جي مُوذي مرض جيئن وڪوڙي ويئي آهي.
ماڻھو ٽڪي جي خسيس مُفادن لئه ڇا، ڇا نٿا ڪن؟ پنھنجا ايمان بہ اٽي جي سَير تي ڏيندي ڪا هَٻڪ نٿا محسوس ڪن. پنھنجي وطن جي وڻن، پکين ۽ اکين جھڙا اَجهور وِڪڻي وارا نيارا ڪرڻ کي ڪو عيب نٿا سمجهن، ماحول دشمني ۽ اِنسان دشمنيءَ کي جائز حق سمجهي اُن ڪڌي ڪاروبار تي ڪک رکڻ لاءِ هڙئي حيلا هلائِن ٿا ۽ چون ٿا تہ ''زمينون ۽ زمانا اسان جا آهن'' پر بقول سردار شاھہ جي تہ ''هي زمين جي نہ پر ضمير جي ٽُڪري جو سوال آهي''. سو جن جا بہ ضمير اڃان زندھہ آهن، ۽ جن جا هٿ ڪوئلي جي ڪاروبار ۾ اڃان ڪارا ڪونھي ٿيا، سي بيوسيءَ جي بند کوليءَ کي ڪُجهہ نہ ڪري سگهڻ واري ڪيفيت جا لڳل ڪُلف ۽ ڪَڙا کولي، گهٽ ۾ گهٽ ڏاڍن جي ''ٻن مٿن'' واريءَ لٺ کي ڪا آڏي ڪاٺي تہ ڏيئي سگهن ٿا. هِي ''جسڪي لاڻھي اُس ڪي ڀهينس'' واري ڀُوت جي طِلسمي تابَوت ۾ ڪنھن کي تہ ڪوڪو ٺوڪڻو پوندو! ڪنھن کي تہ وطن جي وڻن ۽ ويڙهن، سيمُن، سيڙهن ۽ تاريخي ماڳن ۽ مڪانن جي سلامتيءَ لئه هٿ پير هڻڻا پوندا. ڪو تہ هِن ڏيھہ جي ڏاڍن مُڙسن کي مُنھن ڏيندو، ۽ هِنن زميني خُدائن جي خوف مان خلق خُدا جي جان آجي ڪرائيندو.
پاڻ وارو هي سُفيد ڪالر سماج، جنھن جي شڪل و صورت جو ڪو بہ عڪس اُجرو ڪونھي، سندس ڪوجهي ڪردار کي آئينو ڏيکارڻ بجاءِ ماٺ جو مُراقبو پائي مُنھن مُونن ۾ هڻڻ سان ڪاري قبر جھڙي رات ڌونئري ڏينھن جو ڏيک ڏيئي نٿي سگهي. اوندھہ جي ديو کي ڌڪارڻ لئه عِلم جو ڏِيئو ٻارڻو پوندو؛ اُنھن کي ئي اِهو ڏيئو روشن رکڻو پوندو جن لاءِ ڀٽائي خود فرمايو آهي تہ؛
جت نہ سُجهي پير، اُت ٽِمڪي باهيڙي،
ٻيو ٻاريندو ڪير؟ کاهوڙڪي کير ري.
پر ڳالھہ وري بہ اُتي اچي پير ڀَرائي پڙ ڪڍي بيھي رهي ٿي، جتي مصلحتُن، موقع پرستين ۽ مُفادن جا اسپيڊ بريڪر آڏي رُڪاوٽ بڻجن ٿا، مڃون ٿا تہ جتي سوال ڪرڻ بہ محال هجي، اُتي آگهي ڏيڻ بہ عذاب کان گهٽ ناهي هُوندي، ۽ اِهو بہ مڃون ٿا تہ ککر ۾ کڙو هڻڻ کان هرڪو لهرائي ٿو، ڇو تہ هِي سماج ڏاڍو سو گابو لڳو پيو آهي. جتي هڪ طرف ڀوتارڪي سوچ ڀُڳڙن وانگر ورهائي پئي وڃي، تہ؛ ڪُجهہ ڪو نہ ٿيندو، هروڀرون ڏٺا ٿا ٿِيو، هيِ مُٺ جيترا وات ڳاڙها وائِڙا ۽ مٿي ڦِريل ماڻھو آهن، اِنھن جي اجاين ڳالھين تي نہ لڳو، اوهان هرآفت، هر عذاب کي رب جي رضا سمجهي، رُکي، سُکي کائي، رلي اوڍي لت کوڙي سُمھي رهو. هي فقط ڏاڍن جو ڏيھہ آهي، جتي ڪنھن بہ جُمعي جانوءَ، ۽ خدوءَ خانوءَ جي ڪھڙي مجال جو مير جي اُٺ کي چوي هُولھي! هِتي ڪنھن بہ ڪِرڙ، ڪانڊيري جي دال قطعي ڪا نہ ڳرندي، بلڪٖ ڪنھن خان، پير، مير، مُلان ۽ پنڊت سان ڪنڌ کڻي ڳالھائڻ جي بہ ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوندي. پوءِ بہ هڪڙي سوچ، هڪڙي آس، هڪڙي اُميد اونڌاهيءَ ۾ کڙيل تاري جيئن جرڪي ٿي تہ، هاڻ اهو زمانو ڪونھي، جو ڪنھن سِرڙيئي هاريءَ جون ست پيڙهيون وڏيرن کان کنيل وِري جي وياج ۾ ئي پوريون ٿي وڃن. هي اُهو دؤر ناهي، جڏهن ڪو ڀيل ڪولھي ڪنھن اُتم ذات جي اوٽي تي چڙهڻ کان اڳ ۾ جتي لاهيندو هو، هاڻ ڪنھن اڇوت کي اڪ جي پُڙي ۾ پاڻي پيارڻ وارو وقت بدلجي چُڪو آهي. ڇاڪاڻ جو هي پوسٽ ماڊرن ٽيڪنالاجي ۽ سوشل ميڊيا جو دؤر آهي، جنھن ۾ ڪنھن ماءُ جي پيٽ ۾ پلجندڙ ٻار بہ ڪنھن کان ڳُجهو ڪو نہ ٿو رهي، ۽ هونئن بہ هي جو ر و جفا ۽ سِتم جا سڀئي ذريعا اَڪ جي ڪاٺي آهن. هِي قانون کي هٿ ۾ کڻڻ وارن آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ماڻھن جا وجود واريءَ جا ڪوٽ آهن، ڀيليءَ سَرجئين ڀُرندڙ سندن طبقاتي نظام جي ڀت کي ڪوڙ جي ڪلر کائي کوکِلو ڪري ڇڏيو آهي، رڳو ''گرتي هوئي ديوار ڪو ايڪ ڌڪا اور'' لڳائڻ جي ضرورت آهي ۽ هي مسڪين ماڻھن کي ماري مڃائڻ وارن جي نڪ ۾ ناڪيلي پئي سگهي ٿي، هي جيڪي قانوني ۽ آئيني حقن جا مُنڪر ماڻھو آهن، انھن جي ڳچين ۾ وقت سرڪ ساهي وجهي سگهي ٿو، وڻن جي ويرين، جهنگلي جيوت، جبلن ۽ پکين جي اکين جي قاتلن توڻي هيڻن جي حال سان هٿ چُراند ڪندڙن ۽ سندن مال تي هٿ صاف ڪندڙن کي هٿ ڪڙيون لڳي سگهن ٿيون. ڇو جو قانون اگر حرڪت ۾ اچي تہ اُن جي گِرفت کان ڪو بہ بالاتر ناهي جو بچي سگهي. قانون جا ڊگها هٿ ڪنھن بہ (گُلوبَٽَ) جي ڊريڪولائي ڊرامي جي پُڄاڻي ڪري سگهن ٿا. ان ڪري خلق خُدا جي دل آزاري ڪرڻ، سندن حقن سان، هٿ چُرانڊ ڪرڻ، مٿن ذهني يا جسماني تشدد ڪرڻ، کين حراسان ڪرڻ ۽ سندن تذليل ڪرڻ نہ رڳو قانوني پر اخلاقي جُرم پڻ آهي. دُنيا جو ڪو بہ مذهب، دُنيا جو ڪو بہ قانون ماڻھن سان اهڙي سلوڪ جي هزگز اجازت نٿو ڏيئي سگهي ۽ جتي اهڙا ظلم، زيادتيون، ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ ٿيندا هجن، اُتي اندران ئي اندران عوامي انقلاب جو لاوو پچي تيار ٿيندو رهي ٿو. جنھن کي پوءِ حالتن جي هوا رُڳو تيلي ڏيئي ڏيکاريندي آهي، بقول بُخاري جي؛
لُڏندي، لُڏندي، سَچ جي ٻيڙي پار اُڪاري ويندي آ،
ٻَرندي ٻرَندي اڪِ جي ڪاٺي لوھہ پگهاري وجهندي آ.
دکندي دکندي سر جي تيلي ٻيلا ٻاري وجهندي آ.
۽ اهڙي هڪڙي ڀنڀٽ جي جهلڪ ڪجهہ سالون اڳ عرب دُنيا ڏسي چُڪي آهي، جتي صدين جا سومناٿ بُت عوامي انقلاب اڳيان سَٽ ئي ڪا نہ جهلي سگهيا، صدين جي بادشاهيت جا قلعا ڪِنگرين سميت دُنيا ڌوڙ ٿيندي ڏِٺا مصر کانپوءِ لبيا جي جابر حڪمرانن جي ڪنڌ ۾ جيڪا مڳيءَ جي ڪلي کُتل هُئي ان ۾ رڦڻي، سندن شاهي خاندانن جي ڏونگرن ۾ ڏڪڻي ۽ صدين کان بيٺل سندن بُتن ۾ ٿر ٿر ۽ لرزش عوامي ڪروڌ، ڪاوڙ ۽ غصي جو ئي نتيجو هئي، عرب دُنيا ۾ آيل تبديلي اُنھن سڀني لاءِ سبق آهي جيڪي پورهيت عوام ۽ نئين نسل کي ڪُجهہ ڏيڻ بجاءِ رُڳو ڏنگين ٿا، يا سندن صدين کان استحصال ڪندا اچن ٿا. اُهي هاڻ هِن مظلوم ۽ پيڙهيل طبقي کي ڪو گهڻو وقت غلام رکي نٿا سگهن، ڇو تہ پورهيت عوام جي راڄ جو سج هِن روءِ زمين تي انقريب ۽ اوَس اُڀرڻو آهي، جنھن کي دُنيا جي ڪا بہ طاقت روڪي نٿي سگهي. هِن مُلڪ جو آئين بنيادي اِنساني حقن جي حفاظت ڪري ٿو ۽ اُنھن جي ضمانت ڏي ٿو، پر اِهو سڀڪجهہ تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو، جڏهن اسان ۽ اوهان وٽ عِلم هوندو، اسان کي پنھنجي ۽ پرائي جي ساڃاھہ هُوندي، حق ۽ سچ جي خبر هوندي، ڪوڙ ۽ ڪُفر جي پروڙ هوندي. تڏهن ئي اسان انھن انساني توڻي حيواني حُسن جي ازلي دشمنن جي ڪوڙي انا واري ڪُفر اڳيان ''لبيڪ'' چوڻ بدران ''لا'' چوڻ جي پاڻ ۾ جُرئت پيدا ڪري سگهون ٿا. هِي جيڪي فطرت سان هٿ چُراند ڪن ٿا، اُھي جر تي ڦوٽي وانگر آهن. هن جنت جھڙي جُوءِ کي دوزخ بڻائيندڙن جي هٽ تي هاڻ رُڳو هريڙون ئي بچيون آهن. تاريخ گواھہ آهي تہ تبديلي ناممڪن ناهي، بلڪ اِها اڻٽر آهي، اچڻي آهي ۽ اوَس ايندي، پاڻيءَ کي جڏهن سئو ڊگرين تي گرم ڪبو تہ اُهو ٻاڦ بڻجي ويندو ۽ جڏهن اهو ٻُڙيءَ تي ايندو تہ برف بڻجي پوندو آهي. اِها پاڻيءَ جي تبديليءَ جي جدليات آهي، ساڳي طرح هيءَ جيڪا نئين نسل جي سوچ جي شدت ۽ جذبن جي جدت جي گرمي آهي، سا جڏهن هڪ سئو ڊگرين تي پھتي تہ پوءِ گهڻو ڪجهہ تبديل ٿي سگهي ٿو. هي ناسُور جھڙو طبقاتي نظام ۽ اُن جي استحصالي اقتدار جو سج لھي سگهي ٿو، پر بقول ساحر لڌيانويءَ جي؛
کانپ اُٹھیں قصرِ شاہی کی گُبنذ، تھرتھرائی زمین معبدوں کی،
کوچہ گردوں کی وحشت تو جاگی، غمزدوں کو بغاوت تو آئی۔

سنڌي شاعريءَ جي اک ۾ سُرمي جھڙي شاعري

سنڌي شاعريءَ جي سرزمين سدائين سرسبز ۽ زرخيز رھي آھي. جنھن ۾ ھر گل جي پنھنجي خوشبوءِ ۽ پنھنجو رنگ روپ آھي. سنڌي شاعريءَ جي وشال آڪاس تي سوين نکٽ نروار آھن. ۽ ھر نکٽ جي پنھنجي جوت ۽ جرڪ آھي. ۽ اھڙن جهرمر جهرمر ستارن ۾ اصغر جتوئيءَ جي شاعريءَ جي پنھنجي الڳ ٿلڳ سونھن، سڃاڻپ آھي، پنھنجا جلوا ۽ پنھنجي جوت آھي. ھن جي سدا ملوڪ شاعريءَ ۾ مھذب رومانوي رنگ بہ آھن تہ ديس جي درد جا منظر بہ آھن. پورھيت جي پگهر جي سرھاڻ بہ آھي،تہ ريگستاني رنگرتول روھيڙن سان ٿيل رس رھاڻ بہ آھي، محبتن جي مَروي جي خوشبو بہ آھي تہ وطن جي چيڪيءَ مٽيءَ جو ھُڳاءُ بہ آھي. ننگر جي نيرن ناسي مورن جا کنڊريل کنڀ بہ آھن. تہ ڪاسبي جي ڪجلين جا ڪاڇي ڪٽورا نيڻ بہ آھن، بيشڪ اصغر جتوئي سنڌي ٻوليءَ جو سڪيلڌو شاعر آھي ۽ ايئن چوڻ ۾ بہ ڪو وڌاءُ ڪونھي تہ اصغر جتوئيءَ جي ڪَجراري ڪويتا سنڌي شاعريءَ جي اک ۾ سُرمي جيئن سَجيل آھي. هن جي حسين شاعريءَ ۾ موضوعن جي فراواني، خيالن جي اوچي اڏام، خوابن جي کارڪ، ۽ ڪلا جا ڪيئي ڪِرمِچي رنگ جابجا ۽ جلوه گر آھن. انھن رنگن جي ھڪڙي جهلڪ ھنن چونڊ لاجواب ۽ لازول شعرن ۾ بہ پسي سگهجي ٿي،:
ڪِٿ تہ ڪيچڙ ۾ ڪنول آ زندگي،
۽ وري ڪِٿ سُونھن-ول آ زندگي.
ھر قدم ڇِرڪي ڏِسي ٿي چوطرف،
ڇو ڪراچيءَ ۾ ڊنل آ زندگي؟
''ڇو ڪراچيءَ ۾ ڊنل آ زندگي؟'' ھن ھڪڙيءَ سٽ ۾ ھڪڙي پوري دؤر جي تلخ تاريخ جو معنا خيز مگر چُڀندڙ سوال موجود آھي،جنھن جو جواب حاصل ڪرڻ لاءِ اسان کي سنڌ جي اڌ صديءَ جي تباھ ٿيل تاريخ جي ورقن کي اُٿلائڻو پوندو.
يا وري ڪنھن نئين نويلي ڪنوار جي ڪَنجريءَ تي ڀريل مُقي جي ڀرت جھڙو سندس ھيءُ حسين شعر ڏسو؛
پيار تنھنجي جي روشني آھي،
ڪيڏي نہ دلڪش زندگي آھي،
اوري ڪر تہ سُمھان اَبد تائين،
وار تنھنجي ۾ راتڙي آھي-
۽ ھيءُ بي مثال غزل سندس پُختي سماجي شعور جي گواھي ڏيڻ لاءِ ڀير تي ڏنئوڪو ھڻي بيٺل آھي، جنھن ۾ سندس دورانديش دانشمندي، جُرئت مندي ۽ اتساھيندڙ روشن خياليءَ جا کُڙ-کُٻيتا جڳمڳ جڳمڳ جَرڪي رھيا آھن:-
ڏات منھجي مات کائيندي ڪنھن چيو؟
روشنيءَ کي رات کائيندي ڪنھن چيو؟
ڪَن ڏيو ٻُوڙا ٻُڌو ڪا ڪُوڪَ آ،
سانت ساري لات کائيندي ڪنھن چيو؟
ھر جُڳ ۾ ڌارِين جي ڇا ھٿان؟
قوم منھنجي ڪات کائيندي ڪنھن چيو؟
وڻ ڦُٽندا ٽارَ ٿيندا ڏارَ ڪي،
مات سڀ حيات کائيندي ڪنھن چيو؟
اصغر جتوئيءَ جي شاعريءَ ۾ مومل جو مجاز بہ آھي، تہ سَسَئُي جي ڏونگرن کي ڏورڻ واري جدوجهد جي جهلڪ بہ آھي، سھڻيءَ جي ساھڙ خاطر سماجي ٻندڻ ٽوڙڻ واري جُرئت بہ آھي تہ مارئيءَ جي ماروئن خاطر لوئيءَ جي لڄپالي ۽ سونَ تي سيڻ نہ مٽائڻ واري محبِ- وطنيءَ بہ آھي.
اصغر جتوئي، پنھنجيءَ شاعريءَ ۾ انتھائي ڏکيا ۽ ٻہ ٺَپيءَ ڳُجهارت وانگر سمجهہ ۾ نہ ايندڙ خيال ۽ لفظ ٽُبڻ بدران انتھائي سادا عام فهم لفظ ۽ خيال استعمال ڪري سادگيءَ جي سُونھن کي ويتر نکاري نشانبر ڪيو آھي؛
پري ڪر نہ اکڙيون جهڪائي اسان کي،
پوءِ مَليندينءَ ھٿڙا، وڃائي اسان کي۔
اصغر جتوئيءَ جا بارش ۾ ڀنل ڀٽن تي رِڙھَندڙ مينھن- وساڙن جھڙا بيت پڙھي لڳي ٿو تہ ھن شاعريءَ جي ٻن دؤرن، ڪلاسڪ ۽ جديد دؤر جي فني، فڪري ڦرھيءَ جي ڦڳڻ ڦولار مان واس ورتو آھي. ھن جا بيت نہ رڳو انساني احساسن جا عڪاس آھن، پر زندگيءَ جا ترجمان پڻ، بيشڪ اصغر جتوئي پورھيت دوست ترقي پسند شاعر آھي،جنھن جو ثبوت سندس ھي لازوال بيت آھن، جن کي ڪنھن بہ تبصري يا تشريح جي ڪا بہ ضروت ڪانھي، اِھي دل جي اکين سان پڙھي انھن ۾ سمايل درد کي محسوس ڪري سگهجي ٿو، ۽ پڙھندڙ پاڻ کي انھن بيتن ۾ پَسي پنھنجا نيڻ ڀڄائڻ کان سواءِ رھي نٿو سگهي.
چانورَ لَپ ڪائي، نہ ڪو مانيءَ ڀورُ،
خالي آنڊن تي ڪيو پاڻيءَ ڏاڍو تورُ،
مائڙي توتان گهور، ٻيلي! ٻِلڪڻ بس ڪر.

مُٺ اٽي لئي مائڙي، جيجل جُوءِ ڇڏي،
پَرک پيٽ بُکئي جي، ڪيڏي آھ ڪڙي،
گهوريس تنھن گهڙي، اَبلُ اُسھيو اوھري.

مَ مون مُور وڻن، ڀٽن مٿي مينھڙا،
پرين شال موٽن، تہ مون لئي ملھاري ٿِئي.

آيل! تنھنجيءَ اک ۾ ڇا لئي ھيءَ آلاڻ؟
ڇِرڪينءَ تون ڇاڪاڻ، سوچيئي ڪھڙي ڳالھڙي؟

اسُر ويلي سارَ جا، داڻا وڌم جنڊ،
روئي ڏنو چنڊ، پسي پيڙا من جي.

اصغر جتوئي جي پھرينءَ شعري مجموعي ''پوينءَ پھر جي چانڊوڪيءَ ۾'' ٿر بابت ڪافي بيت اھڙا آھن،جن ۾ سموري ٿر جو درد دانھنَ بڻجي ڌيان ڇڪائي ٿو. ۽ آئون دعوا سان چوان ٿو تہ، ڀٽائيءَ ۽ اياز وانگر ٿر جي درد کي جيڪڏھن ڪنھن شاعر شدت سان محسوس ڪيو آھي، تہ اُھو سنڌ جو سُريلو، سگهارو ۽ سيبتو شاعر سائين اصغر جتوئي ئي آھي، جنھن ھھڙا حسين بيت لکي ٿر جي درد کي ھِينئن پئنٽ ڪيو آھي؛
تَتي واري تَئي جان، لِڱ ساڙي لُکَ،
اَبَلُ سَڙي اُس ۾ ڪارڻ بُڇڙي بُک،
مُرجهايلَ ھِي مُک، ڪڏھن کِلندا خوش ٿي.

تَتَلَ واريءَ جيئن تَئي جو تَپڻ، لڱن جو ڇتيءَ لُوءِ ۾ سَڙڻ، پيءَ جو پنھنجن ٻچڙن جي بُڇڙي بُک اُجهائڻ خاطر تکيءَ تيز اُس ۾ بَن بَن ۾ ڀَٽڪڻ ۽ خُوش ٿي کِلڻ جي معصوم آرزو. ھن بيت ۾ ٿر جي ھر پورھيت جي بي پناھ درد جي عڪاسي ٿيل آھي ۽ ايئن لڳي ٿو ڄڻ شاعر خود ھن ڪرب، ھن پيڙاءُ مان گذريو آھي. ٿر جي درد کي ھڪ ٿاريلو بڻجي ڀوڳڻ کانسواءِ، ممڪن ئي ڪونھي تہ ڪي ھھڙا شاندار بيت لکي سگهجن پر، سنڌي ٻوليءَ جي سگهاري ڪوتاڪار سائين اصغر جتوئيءَ اھڙا ڪيئي شاندار بيت لکي اھو ثابت ڪري ڏيکاريو آھي، تہ جيڪڏھن ديس جي درد کي محسوس ڪرڻ واري اندر جي اک روشن آھي تہ وطن جي ھر ويڙھي، سيمَ ۽ سيڙھي جو سُور ڏور رھي بہ ويجهو محسوس ڪري سگهجي ٿو، ۽ اُنھي سوزَ و گُداز کي حُرمچ ڀرت جيئن پنھنجي فنپارن ۾َ ڀري سگهجي ٿو. سائين اصغر جتوئيءَ جي ھِن ڪتاب ۾ صحراءِ - ٿر جي ڏُکن، سُکن متعلق بيت پڙھي ايئن لڳو ڄڻ سندس جنم ئي ٿر ۾ ٿيو آھي، ٿر سندس روحَ جي ريگزارن ۾ سُمھي بہ ٿو تہ جاڳي بہ ٿو.اھا منھنجي ڪا ھَوائي، توائي ڳالھہ ڪانھي پر سندس شاعري انھي ڳالھہ جو سگهارو ثبوت آھي.جيڪا ھِن ڪويتا ڪتاب جي پَني پَني تي پاڻ پَسائي سگهي ٿي.اصغر جتوئي ھِن محبوب مٽيءَ جو مصور شاعر آھي، جنھن پنھنجي ڏيئا ڏيئا ڏات جي ذريعي ٿر جي پورھيت عوام، ڪلرفل ڪلچر، شاندار سماجي روايتن ۽ روين جي ڀرپور عڪاسي ڪئي آھي.
ٿر بابت ڪنھن ساجنيي جي سار جھڙا سندس بيت ڏسو؛ جن ۾ ٿري نينگر جو ڏينھن ٺري جو ننڊ ۾ مينھن وسڻ تل ترايون تار ٿيڻ جي سھاني خواب ڏسڻ جي ڪمال مصوري ٿيل آھي. ھَي بيت آھن يا ڪا ٿري سھاڳڻ آھي، جيڪا ڪارو ٻانڌڻو پڙو پھري، ڪاڳڙن سان ڪنجري پائي اُلھي، ڪُلھي آجَ جي ٻانھين ۽ کُنھنبي چُني اوڍي سندس شاعريءَ جي تَرائيَ تي ٻَھلڙو کڻي ٻانھن لوڏي پاڻي ڀَرڻ آئي آھي-

ڇا پَٽَ ڇا تَرائي،ھر جاءِ آھي آبُ،
اُٺو مينھن وڏڦڙو، ٿي سڀ سُڃ سيرابٰ،
نينگر ڏٺو خوابُ، ڏينھن ٺري جو ننڊَ ۾ -

نيرو پاڻي ٽوڀي جو، مٿان ٻٻرن ڇانوَ،
آيون کڻي ٿانوَ، پاڻي ڀرڻ نينگريون.

نينگر پگهريل پيٽ تان، چولي ورائي،
مَهڪي تَرائي، پَسيني جي بُوءِ سان.

اصغر جتوئيءَ نہ رڳو بيتن ۾ ٿر کي ڀرپور نموني اظھاريو آھي، پر ھن پنھنجن خوبصورت واين ۾ بہ ٿر جي واڪن کي ورنايو آھي؛

وارياسي تي اڄ، وري اُڀري چنڊ آيو،
رات سامائي رڻ ۾.
اُٿي ويلي اسر جي، پرينءَ پيٺو جنڊ،
رات سامائي رڻ ۾،
ور کولي وارن سندا، محب مهڪايو منڊ،
رات سامائي رڻ ۾.
وڇڙي وڃ نہ ول جيان، مُنھن مان ڪڍي گهنڊ،
رات سامائي رڻ ۾.

لامون ساڙيون لُکَ،
ڀَرِ ۾ ڀِٽُن جي.
پير پِٿون ٿيا پنڌ ۾، واريءَ واري مُکَ،
ڀَرِ ۾ ڀِٽُن جي.
مون ماروئڙن کي مليا، آيل! مُور مَ سُکَ،
ڀر ۾ ڀٽن جي.
ڇلڙا، ڇلڙا وارڙي، گهر گهر دُونھينءَ دُکَ،
ڀَرِ ۾ ڀِٽُن جي.

''لامون ساڙيون لُکَ'' لامُون يا لاسُون ھڪڙي ئي شئي جو نالو آھن، ڇو تہ لامون/لاسون ڪچڙيون ۽ نازڪ ٿينديون آھن باقي وڏا ۽ ٿلھا وڻن جا ڏار ٿيندا آھن، لاسون يا لامون گهڻو ڪري ڦوڳَن، ٻانورين ڪوڀٽن، ۽ ٻين ٻوٽن ۾ ٿينديون آھن، ۽ اھي ٿر ٻاٻيھن، ۽ ڳيرن وانگر گرم لکن ۽ جهولن جي سَٽ نہ سھي سڙي ڦُلھيار ٿي وينديون آھن.جن کي نہ رڳو ٿر جو چوپايو مال شوق سان چَرندو آھي، پر اُنھن ڦوڳن جي لاسُن ۾ جيڪا ڦوڳي لڳندي آھي، انھي جو کٽو مٺو ۽ ذائقيدار کاٽيو رڌي کائبو بہ آھي ۽ اھا سٽ اصغر جتوئي جي انتھائي گهري مشاھدي جي گواھي ڏي ٿي تہ ھن ٿر جي نہ رڳو رھڻي ڪھڻي پر ٿر جي وڻ ٽڻ پکي پکڻ کي بہ نھايت ئي ويجهڙائيءَ کان ڏسي پوءِ ئي لکيو آھي، پر ڪنھن اي سي ڪمري ۾ ويھي يا ڪا سنڌي لغت اڳيان رکي پوءِ ڪونہ لکيو آھي -
بھر ڪيف ٿورن لفظن ۾ ايئن کڻي چئجي تہ اصغر جتوئي تَتيءَ ۾ گهڙو ڀَريندڙ ٿري سُونھن جو شاعر آھي، زھر کي بہ زم زم ڪري پيئندڙ زندگيءَ جو شاعر آھي. جنھن جي شاعريءَ ۾ زندگي ڦُوھَ جوانيءَ وانگر مُرڪي ۽ مَرڪي رھي آھي. اصغر جتوئي انساني آدرشن ۽ قدرن جو روشن خيال ڪوي آھي، جنھن جي شاعريءَ ۾ ھِن خطي جي خوشحاليءَ جا ڏٺل سُندر سپنا اسان سڀني جي گڏيل ميراث آھن.

بلوچستان ۾ سنڌي ٻوليءَ جو سپاھي

ھُن سان منھنجو سڀ کان اڳ ۾ خطن ذريعي رابطو ٿيو ھو.سال تہ ياد ڪونہ اٿم پر اُن وقت فون جي بہ ڪا سھُولت مونکي حاصل ڪانہ ھُئي.. پر پُٺ جو اھو واسطو وڌي وڻ تڏھن ٿيو. جڏھن منھنجي ڳوٺ ۾ پي.سي.او لڳو. جنھن ڄڻ تہ اسان کي ھڪ ئي لڙي ۾ پُوئي چڏيو. ۽ پوءِ اُھو ڏينھن خالي نہ ھو جنھن ڏينھن ھُن مونکي فون نہ ڪيو ھُجي.سو بہ ھڪ طرفو...ڇاڪاڻ جو آئون سدائين سُسُت ۽ شايد دوستي رکڻ ۽ نڀائڻ جي گُر کان غافل گوشانشيني جي گوندر ۾ گُم، پوء بہ ھُن ڪائي اربعا خطا ڪانہ ڪئي. مسلسل خطن ۽ فونن جي تار تي اھو پاڪيزه ۽ پختو رشتو اڄ تائين آباد آھي. ھن جي بي لوث ۽ بي غرض اھڙي محبت جي ملڻ ۽ اڄوڪي ڏينھن تائين پائيدار رھڻ کي آئون مالڪ جو معجزو تہ يقينن سمجهان ٿو. پر پنھجي لئي زندگي جي سڀ کان وڏي ۽ سڀاويڪ حاصلات سمجهان ٿو. اھڙي ڀائپي جنھن مونکي ڪڏھن بہ اڪيلي ھئڻ جو احساس ٿيڻ ڪونہ ڏنو. تنھن ان ڳالھہ ۾ منھنجو ايمان پختو ڪري ڇڏيو تہ اڃان ڪاريءَ ڏُڌي اڇو اچي پيو. خير دوستي تہ منھنجي سموري سنڌ جي شاعرن اديبن سان ھُئي ۽ اڃان بہ آھي.پر ھيءَ ياري ماڻھن واري ياري ھرگز ناھي. ھو جيڪو منھنجون سڀ ڍلايون ڍڪي. ڪڏھن ڪوسو ٿي ڏوراپو نٿو ڏي، پر ھميشھو ماءُ وانگر مھربان ۽ ٻاجهارو رھيو آھي.
ھُن مون جھڙي نڪمي ۽ نادان شخص جي نہ رُڳو اوُڻاين کي اگنور ڪيو آھي. پر مون حقير فقير تي سدائين ڀال ڀلايا آھن. آئون سندس اُنھن اڻ ڳڻين ٿورن، جيڪي ٿر ۾ واري ٿوري، تھان گهڻيرا آھن. تن کي لاھڻ لاءِ سڄي ڄمار سندس سِرڙيو ھاري ٿي بيھان تہ بہ لاھڻ کان لاچار آھيان. بس رُڳو ڳائي سگهان ٿو. سو ڀير تي ڏنئوڪو ھڻي چوان ٿو تہ منھنجي ھُجڻ ۾ ھن دوست جو ڏنل حوصلو ۽ پُرخلوص پنھجائپ شامل نہ ھُجي ھا تہ ھُوند آئون اڪيلاين جي اونھي سمنڊ ۾ غرق ٿي وڃان ھا.
آئون اھو اقرار ڪندي ڪو بہ عيب نٿو سمجهان ته. جتي مونکي شاعريءَ جي سرزمين تي پھريان پڳلا ڏيارڻ ۾ منھنجي محبوب دوست وسيم سومري ۽ واجد جو ھٿُ ھو. اُتي منھنجي شاعريءَ جي ڪتاب اکين ۾ اُلڪا کي ڇپرائڻ لاءِ اُتساھڻ توڻي مالي ۽ اخلاقي مدد ڪرڻ جو سھرو منھنجي ھن مُحسن ۽ مھربان دوست جي ئي سر تي سُونھي ٿو.ھن جي ڪھڙي.ڪھڙي وڙ کي آئون ھتي اظھاري آجو ٿي سگهندس؟ ھڪ اڌ تحرير جي ترازو ۾ تورڻ کان ھن ماڻھو جا ڳُڻ ڳرا آھن.محبتن جو ھي امين ۽ سفير شخص ڀلي تہ ڪنھن سوشل اسٽيٽس جي سانچي ۾ فٽ نہ ٿيئي. پر ھي دوست نہ رُڳو درياھ دل آھي پر سندس اوطاق سان گڏ اکين جو اوتارو بہ آدم جي اولاد لاءِ سدائين کُليل آھي جتي ڪو بہ اھل دل انسان بنا دستڪ ڏيئڻ جي داخل ٿي سگهي ٿو. ۽ مون لاءِ تہ ھي شخص ڪنھن گهاٽي بڙ جي وڻ جيئن آھي.جنھن جي سرھي ساٿ جي ڇانو ۾ مون عمرِ-عزيز جا 25،26 سال گهاريا آھن.
ايڏي ڊگهي عرصي ۾ ماڻھن جا مزاج توڻي ماحول سڀ ڪجهہ تبديل ٿيو وڃن. پر ھن محبوب ماڻھو جو نہ مزاج بدليو نہ سلوڪ. منھنجن غلطين توڻي گُستاخين تي ڪڏھن بہ ڪوسو ٿي ڏوراپو ڪونہ ڏنائين.نہ ڪڏھن ڪا ميار مُڪائين ۽ نہ ئي ڪڏھن لُڙ ٿي مون کان مُنھن مٽيائين. مون لاءِ تہ سدائين سٻاجهو رھيو.ڪڏھن ڏس تہ موبائيل فون ڪڏھن ڏس تہ ڪتاب ۽ ٻيون سوکڙيون پُٺارڪون ٻڌي پيو موڪليندو.''امر! ھي پئسا ڪتاب ڇپرائڻ لاءِ ٿو موڪليان''.. جيڪڏھن چئبس تہ ادا ! مون تي ايڏا بار نہ سٿ آئون تنھنجن احسانن جا انبار کڻي ڪيئن سگهندس؟ تہ چوندو: ''مونکي مالڪ موڪليو ئي تنھجي ڪم اچڻ جي لاءِ آھي''.ٰٰ ھر دفعي ھر موقعي تي فون بہ پاڻ ڪندو. خط ۾ به.اڳ پاڻ ڪندو جواب ۾ دير ڪيم تہ بہ نہ ڪاوڙ نہ ڪُرڪو.ڇاٿا سمجهو ھن قحط الرجال دؤر ۾ ھيءُ ماڻھو ڪھڙي مٽيءَ مان ڳوھيل آھي؟ آئون مايوس ٿيندس حوصلو ڏيندو ھمت وڌائيندو. جيئڻ لاءِ جواز فراھم ڪندو. چوندو: ''ڇڏ زماني کي امر! تون خاموشيءَ سان ڪم ڪندو رھ. تنھنجو لکڻ تنھنجو موجود ھُجڻ ئي سڀ کان سگهارو جواب آھي''. دنيا جي ڪھڙي خوشي آھي.جيڪا ھن شخص مون لاءِ ناھي خريدي؟ ايترو تہ ڪو سڳي ڀاءُ کي بہ ناھي ڀائيندو..نہ حساب نہ ڪتاب نہ رنج نہ روسامو نہ ميار نہ ڏک نہ ڏوراپو...ھيءُ ماڻھو آھي يا ماڻھوءَ جي روپ ۾ ڪو مسيحا! جيڪو اسان پارن اٻوجهن جي ٺِڪريون ٿيل دلين تي پيار جا پھا رکندو رھي ٿو.
اخلاص ۽ احترام جو ڀنڊار منھنجو ھيءُ بنھہ پنھجو محبوب دوست عبدالروف جمالي سنڌي ٻوليءَ جو ھڪڙو سدا ملوڪ شاعر بہ آھي تہ ليکڪ پڻ.ڇا اھا ڳالھہ گهٽ آھي؟ تہ جنھن جي مادري زبان بلوچي آھي ۽ جيڪو رھي بہ پنھنجي وطن بلوچستان ۾ ٿو کائي بہ بلوچستان جو ٿو پر ڳائي سنڌ کي ٿو. ھو خوبصورت خواب تہ پنھنجي مادري ٻولي بلوچيءَ ۾ ٿو ڏسي، پر سنڌي ٻوليءَ ۾ نہ رڳو سندر شاعري سرجي ٿو پر سنڌي ۾ ڇپجندڙ ھر ڪتاب بہ وٺي پڙھي ٿو. ڇاڪاڻ جو سنڌي ٻوليءَ سان سندس ازلي عشق آھي ۽ ھي سنڌ کي پنھجو ٻيو وطن سمجهي ٿو.
1994-95 ۾ ھن واجد منگيءَ جي شاعريءَ جو ڪتاب پڙھيو، ان کان ئي متاثر ٿي شاعري شروع ڪيائين. بقول سندس تہ ''ھن ڪنھن اديب/شاعر ڏي خط سڀ کان پھرين امر ساھڙ کي ئي لکيو''. ھن جو پھريون غزل جيڪو 2006 ڌاري لکيائين سو ھيءُ آھي؛
تنھنجو ڪلام ٿي ويو.
منھنجو سلام ٿي ويو،
ڪُرڪي ڏنئي جو ساقي!
ساغر حرام ٿي ويو.
ساغر سندس تخلص آھي پر ھاڻ استعمال نٿو ڪري. ۽ انھي پڄاڻان ڪڏھن ڪڏھن لکندو ھو تہ مون سان ونڊ بہ ڪندو ھو. جن مان سندس ڪجهہ غزل امرتا ۽ ڪجلاسر رسالن ۾ بہ شايع ٿيا ھئا. ۽ ڪڏھن تہ سالن تائين ڪونہ لکيائين پر پوين ڪجهہ سالن کان مسلسل لکي رھيو آھي. نہ رڳو نھايت ئي شاندار لکي رھيو آھي، پر تمام تيزي سان سندس شاعريءَ ۾ نکار اچي رھيو آھي. فني توڻي فڪري حوالي سان بہ ھڪڙي پختي شاعر طور پنھنجي سڃاڻپ ڪرائي رھيو آھي. رئوف جمالي پنھنجيءَ ٽھيءَ ۾ منفرد لھجي ۽ اسلوب جو مالڪ شاعر آھي. جيتوڻيڪ وفا ناٿن شاھي ۽ واجد کان متاثر ھئڻ ڪري انھن جو مٿس ٿورو گهڻو اثر اوس آھي. پر وري بہ ھي پنھنجن تخليقن مان پاڻ پسائي ٿو ۽ پنھنجي جدا اظھار جي واٽ وٺيو اچي ٿو. ھن جا غزل گهري مطالعي ۽ مشاھدي جي گواھي ڏين ٿا. جن ۾ نہ رڳو خيالن جي اوچي اڏام آھي، پر موضوعن جي گوناگونيت ۽ نغمگي پڻ آھي. سندس سيبتي ۽ سُريلي شاعر ھئڻ جي جهلڪ اجهو ھنن غزلن جي ڪجهہ بندن مان پسو؛
اجڙي ويا ڀنڀور ھٿن ۾،
ڪيٽي ۽ ڪشمور ھٿن ۾.
تر جا ڀاڳيا جاڳيا آھن،
نيٺ تہ ايندا چور ھٿن ۾.

عشق جي انجام تي سوچي پيو،
ھر لڳل الزام تي سوچي پيو،
رات ڀريندو رھيو ھو خار مان،
ڇلڪدندڙ جام تي سوچي ٿو.

دل تي دردن جو غلبو سائين!
سور اندر جو سلبو سائين!
پاڻ سنڀالي رکجان ساٿي!
ھاڻ نہ پويان ھلبو سائين!

ڪيئن گذاريون ھيءَ حياتي،
اک ۾ ڪنڊا دل تي ڪاتي،
رابيلن جي رت نہ موٽي،
وقت! ڪئي تو ويساھ گهاتي.

ڏوھ ڏجي ڇا ڏڏن تي،
ڳوٺ کلي پيو وڏن تي.
جاڳي پيو آ لوڪ وري،
سرٻاٽن ۽ سڏن تي.

حسن لازوال کپي،
عشق بي مثال کپي.
انسان تہ آ ان سان ٻڌل،
ڍور کي بھہ، پلال کپي.
ملان کي گوشت، پلاءُ،
ختابيءَ کي دال کپي.

خيالِ يار ۾ آھيون،
وڏي آزار ۾ آھيون.
نہ آ ادراڪ جيون جو،
انڌيري غار ۾ آھيون،
پتو ڪونھي ڪو منزل جو،
مگر رفتار ۾ آھيون.

اشڪبار اکيون،
مشڪبار اکيون.
لٽي وڃن ٿيون،
قرار اکيون.

ھر چڱائي،
روشنائي،
ابنِ آدم!
ڪر ڀلائي.

ھيءَ اھا شاعري آھي جيڪا ھن جي اوجاڳيل اکين مان ايئن ڦٽي نڪتي آھي جيئن اوچن پھاڙن مان آبشار ڦٽي نڪرندا آھن. زندگيءَ جي تتل صحرا ۾ شاعري ئي ھن مٿان ڪڪر ڇانو ڪري ٿي. ورنا! ھيڪلائي جي رڻ ڪڇ ۾ الائي ڪڏھو ڪو گم ٿي وڃي ھا. سنڌي ادب ۽ سنڌي اديب سان ھن جي محبت جو اھو عالم آھي جو پنھنجي ڳوٺ - چئوڪي ۾ آيل سنڌي لوڪ ادب جي ڏاھي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ کي ھاسيڪار ڏسڻ ۽ ٻڌڻ لاءِ ٻاراڻي وھيءَ ۾ ڪاريءَ رات جو ٻارھن ڳائو پيرين پيادو پنڌ ڪري وڃي پھتو ھو. ھن وٽ سنڌي ادب جي خدمت ڪرڻ جي ڪا بہ دعوا ڪانھي. ھيءُ پنھجيءَ دل جي چوڻ تي لکي ٿو ۽ جيڪو دل سان لکندو آھي سو يقينن متاثر ئي ڪندو آھي - باقي سنڌي ادب جا ابا کيس سنڌي شاعريءَ جي باغِ عدن ۾ بيھڻ ڏينسِ ٿا يا تڙي ٿا ڪڍنسِ ان جي نہ ئي کيس ڪا ڳڻ ڳوت آھي ۽ نہ ئي وري ڪا لالچ!
سنڌ ۽ بلوچستان جي سنگم تي واقع ضلعي جعفر آباد تعلقي گنداخ جي ڳوٺ چئوڪي جمالي ۾ 3 مارچ 1967 تي چاچي عبدالحق جي گهر ۾ جنم وٺندڙ اسان جو ھيءُ دلبر دوست عبدالرئوف جمالي پنجن ڀينرن ۽ چئن ڀائرن جو ڀاءُ آھي. مامن، چاچن، سئوٽن ۽ ماساتن جي وڏي وڳر وارو ھيءُ دوست دوستيءَ جي دنيا ۾ بہ خود ڪفيل آھي. جنھن بہ ھن فقير تن قلندر شخص سان دوستيءَ جو پاڪيزه تعلق قائم ڪيو آھي، ان کي ئي خبر آھي تہ رئوف جمالي ڪيترو پرخلوص پيار ڪندڙ دوست آھي.
پنھنجي ئي ڳوٺ چئوڪي جمالي جي پرائمري اسڪول مان پنج درجا پرائمري جا پاس ڪري،مڊل اسڪول احمد آباد تعلقي گنداخ مان ميٽرڪ پاس ڪيائين. انٽر ڊگري ڪاليج شھدادڪوٽ مان ۽ بي اي اورنئٽل ڪاليج لاڙڪاڻي مان پرائيويٽ طور تي پاس ڪيائين. سنڌ ۾ تعليمي سفر خاطر ڪڍيل ڪشالن، في ۽ ڪتاب نہ ھئڻ ڪري اسڪول ۾ داخلا نہ ملڻ رھائش جي مسئلن سميت کوڙ ٻين ڏکاين باوجود پير پساري ڪونہ ويٺو رائي پير رت ڪيس پوءِ بہ مايوس ٿي موٽيو ڪونہ.
1989 ڌاري کيس زراعت کاتي ۾ فيلڊ اسسٽنٽ جي نوڪري ملي جنھن سان اڄ تائين نڀائيندو اچي. جيتوڻيڪ ننڍيءَ وھيءَ ۾ ڏاڍو رولاڪ ھو. ملڪ جون مشھور زيارت گاھون ۽ تفريح ماڳ پيرن ھيٺان ڪڍيائين. بي چيني ۾ ڀٽڪندو رھيو، پر پوءِ سمورا شوق ختم ڪري گهر -گهيٽلو ٿي ويھي رھيو ۽ ھاڻ سندس ڪل ڪائنات ڪمرو ڪتاب ۽ خط ئي آھن جن سان دل وندريو ويٺو آھي - نيٽ جي سروس اچڻ کانپوءِ وري ھڪ نئين دنيا سان ڳنڍجي چڪو آھي. ڪنھن زماني ۾ پاڻ پياڪ بہ ڏاڍو ھو پر ھاڻ بقول سندس ''مون مئڪشي ترڪ ڪري ڇڏي آھي''. ايئن جيئن ٽي عشق ڪيائين پر ٽنھي ۾ ناڪامي نصيب ٿيڻ کانپوءِ شاعريءَ سان سنگت رکي اٿس. منھنجو ذاتي خيال آھي تہ جيڪو مئي نوشي ۽ عشق ڪري ٿو سو لکندو يا ڳائيندو بہ ڪمال آھي.
ھن وقت اوستا محمد بلوچستان ۾ رھندڙ اسان جو ھيءُ قلندري طبيعت جو مالڪ دوست ھن ھيڏيءَ وڏيءَ دنيا ۾ بہ ﷲ جيئن اڪيلو آھي. ڇو تہ جَجهي جڳر وارو ھوندي بہ جيون ساٿيءَ کان سواءَ اڌورو آھي، يعني شادي ڪونہ ڪئي اٿس. پر پوءِ بہ پنھنجيءَ زندگيءَ مان مطعمن آھي. پڇيومانس تن تنھا جيون ۾ ڪنھن سھاري جي کوٽ نٿي ستائي؟ ٽھڪ ڏيئي ٿڌو شوڪارو ھڻي ''چيائين شاعريءَ جي ٻاجهارين ٻانھن ۾ پناھ ورتي اٿم''.
ٻٽي دفعا برساتي ٻوڏن ۽ سنڌوءَ جي سيرن ۾ لڙھيل پنھنجا اباڻا پڊ ڏسي ۽ انھن ۾ وڃايل ننڍپڻ جون يادگيريون کيس جنجهوڙينديون آھن تہ ڪوئٽا جي پھاڙن ۾ دربدريءَ جا ڏونگر جيڏا ڏينھن ۽ قدام جيڏيون ڪاريون راتيون اگهاڙي اڀ ھيٺ گهاريل گهڙيون وڍ وجهنديون اٿس تہ لڙڪ روڪي ناھي سگهندو. روئڻ تہ ھو تڏھن بہ روڪي ناھي سگهندو جڏھن ڪوئي گهڻ گهرو دوست سندس پُٺيءَ ۾ ڇُرو ھڻدو آھي. پنھنجن توڻي پراون جي روين ۽ مختلف بيمارين سان جهيڙيندڙ ھن دوست کي ڪنھن کان بہ ڪا شڪايت ڪانھي. مڙئي مون ڏي ھوتن ڏي ھڪ بہ نہ تي عمل ڪندڙ ھن ڪويءَ جي ڪمري ۾ ڪتابن جا ڪٻٺ ڀرجي ويندا آھن ۽ جلد ئي خالي ٿي ويندا آھن. ڇاڪاڻ جو ھيءُ دوست ھٿ جو ڇُوٽ ھئڻ ڪري ڪتاب پڙھڻ کان پوءِ المارين ۾ رکڻ بدران اسان پارن دوستن سان ونڊي ورھائي وڌيڪ خوشي محسوس ڪندو آھي. اھڙا ماڻھو ڪنھن ڀاڳ واريءَ ڀُونءِ کي ئي نصيب ٿيندا آھن. بلوچستان ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ھن سچي سپاھيءَ (شاعر) کي مھراڻي جي مٽيءَ جو ادنا آدمي سُرخ سلام پيش ڪري ٿو.

''روجهه تل جو راڻو ھڪڙو اھلِ دل ۽ اھلِ ظرف ماڻھو''

اسان جو هڪڙو صفا دل جو درويش صِفت دوست آهي، جنھن کي جيڪو ماڻھو ٻانھن مان جهلي چوندو سائين ! ٿورو هيڏانھن اچ ! تہ همراھہ ان پويان اکيون پوري هليو ويندو پر انھيءَ کان ايترو پڇڻ بہ گوارا ڪونہ ڪندو تہ '' ٻيلي ! جنت ۾ ٿو هلين يا دوزخ ۾'' پتو تڏهن پوندو جڏهن سائين سُٿڻ جا ٻئي پانچا گپ مان ڀري واپس ورندو، پر پوءِ بہ کيس ڪَنا نہ ڪو جَنا ــ جيسين ڪو ٻيو کيس چوندو تہ، سائين ! هيءَ گپ مان ڪانچ ڪيئن ڀري اٿئو ؟'' تڏهن هميشھو جيان هڪڙو ٽھڪ ڏيئي پانچا مٿي ڪري چوندو، ''اڙي ! ها يار ! او هُن فلاڻي همراھہ جو اُٺ، گهوڙو، گڏھہ، گابو گم ٿي ويو آهي، سو ان سان بيٺي پاسي تي سماچار ڪيم تہ ڪا تيز گاڏي لنگهي تنھن ڪم لاھي ڇڏيا''.(نئين ڪوٽ جي خواجا چونڪ تي گاڏين ۽ گپ جو سدائين سڪار لڳو پيو ھوندو آھي )
جيڪڏهن ڪنھن ڪاڄَ، ڪنھن ادبي سماجي پروگرام ۾ سائين اوهان کي ملي ۽ ٻِٽا ڀاڪر وجهي سڀ کان پھرين هڪڙي سيلفيءَ جي گذارش ڪري تہ پڪ سمجهو اهو ئي اسان ۽ اوهان جو قلندر دوست سائين صوبدار قاسمي اوٺو آهي. رڳو اهو ئي نہ پر، سندس مشھور تَڪيي ڪلام مان بہ ماڻھو کيس سُڃاڻي وڃن ٿا، ڇو تہ توهان ڪھڙو بہ قصو کڻو، ڪھڙي بہ ڪٿا شروع ڪيو، سائين جا ڪن اوهان جي ڳالھہ ۾ هوندا ۽ اکيون ڪنھن آڙيڪاب عُقاب وانگي ڪنھن ٻي ڄاڻوءَ سڃاڻوءَ کي تاڙينديون هونديون ۽ اوهان يَخي هڻي، هڻي جڏهن سندس ردعمل پڇندئو تہ فقط هلڪو ٽھڪ ڏيئي، ''ٻُڌ، ٻُڌ''چئي پاڻ اوهان جي اکين کان اوجهل ٿي ويندو. پوءِ جيڪڏھن اوهان کي سندس تلاش هجي تہ وڃي ڪنھن ڪُنڊ، پاسي ۾ ڏسو، ڪنھن چور ڪنھن چَڪار، ڪنھن پيريءَ ڪنھن ڀاڳيئي يا ڪنھن پٽيل کي پٽيون پڙهائيندي نظر ايندو. ۽ جي اوهان هجت مان هٿ جهلي چوندس تہ ٻيلي! منھنجي مسئلي جو ڪو حل ڪو حساب ؟ تہ سائين وري بہ وڏو ٽھڪ ڏيئي اهو چئي هٿ ڇِنائي هليو ويندو تہ ها ــ ها ــ ها ــ اڙي يار! ٻُڌ، ٻُڌ تہ سھي ! ۽ پوءِ وري ڪنھن ٻي جي ٻانھن جَهلي هليو ويندو. اهڙين پارين ڪو ڪَرڙوٽ مُڙس، ڊگهي قد، سنھي هانٺيءَ ملوڪ مھانڊن سان ڪو شخص ڏسو تہ اهو ئي اٿئو اڌورو ليکڪ ۽ پورو سوشل ۽ راجنيتي راڻو سائين صوبدار قاسمي اوٺوــ
منھنجي ڦوھ جوانيءَ جا جَر ڏيئن جھڙا ڏينھن هيا ۽ سنڌڙي انبن جي شھر ۾ نوان نوان نينھن هيا ــ ساڻس پھرين ملاقات ميرپور خاص جي درٻار حال ۾ ''جشن ٿرپاڪر'' ۾ ٿي ھئي( تڏھن سائين جابہ ونگ وريل ھئا)،جتي بلاول اوٺي، ''ٿر امر'' نظم پڙهي منھنجي ڌيان جي دهليز تي ڌرڻو هنيو هو. شايد اها لڳيءَ جي لگار هئي ورنا ! انھي آنڀوءَ جھڙي ڪچڙيءَ وهيءَ ۾ شاعريءَ ٻائريءَ جي پاڻ کي ڪا ئي ڪل ڪانہ هئي.
۽ پوءِ ڪمپريھينسو هاسٽل ۾ آئون پنھنجي دوست ڀاري خان چاري سان ملڻ ويندو هئس تہ سائين صوبدار سان بہ مُکا ميلو ضرور ٿيندو هو. ملندو ھو تہ مُلن جيئن ڪا نہ ڪا نصيحت ضرور ڪندو ھو ۽ اهڙين نصيحتن کان منھنجا وڃن ڪَن. پر پوءِ بہ سندس نصيحت جي نُڪتي اکيون پوري ڳڙڪائي ويندو هئس. منھنجي خيال ۾ سائين مان اها نصيحت واري عادت اڃان بہ ويئي ڪانھي جتي ملندو چوندو، ابا ! مرڻي اچين نڪو پرڻي اچين صفا گهر -گهيٽلو ٿي ويو آهين ٻاھر نڪرئين نٿو سوشل ناهين وغيرہ وغيرہ.. پر هڪڙي ڳالھہ آئون ڀيرِ تي ڏونڪو هڻي ڪري سگهان ٿو تہ آهي صفا اندر جو اڇو اجرو ۽ صفا معصوم انسان! ان ڪري آئون سندس ڳالھيون هڪ ڪَن مان ٻُڌي ٻي ڪَن مان ڪڍيو ڇڏيان ۽ هُونئن بہ پَراين ٽيڪرن تي ماڻھو ليفٽ رائيٽ تہ ڪونہ ڪندو نہ ! بھرحال مخلص ماڻھو آهي سو نيڪ صلاحون ڏي ٿو تہ مَنَ ڪو مون جھڙو ٿيئي يا مون جيئن ڪري. پر خلق خدا جي چوڻ تي ئي ڪانہ ٿي هلي سا ڪٿي ٿي اسان جي هن قلندر دوست جي چوڻ ٿي عمل ڪري !
خير سائين تعليم کاتي ۾ تپيدار (بيٽ آفيسر) هو تہ تڏهن بہ اسڪول ۾ گِهڙندي ئي چاڪ کڻي بورڊ تي لکڻ شروع ٿيندو هو تہ ڪلاڪ ڇُٽو. مَجال آهي جو ڪنھن ماستر کي وچم ڳالھائڻ ڏي. نصيحت اها ئي تہ هِيئن پڙهايو هُونئن پڙهايو، پگهار حلال ڪريو هِنن معصومن تي رحم ڪريو. ماسترن تي اثر ٿيئي نہ ٿيئي پر سائين پاڻ واقعي پنھنجي دؤر جو هڪ بھترين ۽ آدرشي استاد ۽ آفيسر ٿي رهيو آهي. مون سندس صالح ۽ فرمانبردار شاگردن جَي ساڻس حسن سلوڪ مان ئي اهو اندازو لڳايو آهي. تعليم کاتي جا تپيدار ماسترن کان منٿليون وٺي پنھنجا ۽ ڪامورن جا وارا نيار ڪندا هئا تڏهن بہ مون هن فقير ۾ اهڙي خامي يا بِدعت ڪانہ ڏٺي. جيئن کيس مون ڏٺو آھي تہ ھو ھڪڙو فرض شناس ۽ ايماندار آفيسر يا هيڊ ماستر ٿي رهيو آهي. پر جي ڪن مال جي واپاري ماسترن، ڊرائيورن، ڪنڊيڪٽرن ۽ صحافي ماسترن کيس ڪي ''اوڍاڻيون'' ڏنيون آھن تہ انھن ماسترن جي ڪرم ڌرم تي! باقي پنھنجي پاران کيس ڪلين چٽ مليل آھي.
2008ع جو زمانو هو تعليم کاتي جي ڪامورن سائين سان گڏ مون کي ۽ سائين خان محمد سومري کي امتحان ڪاميٽيءَ جا ميمبر مقرر ڪري موڪليو مھراڻي يوسيءَ جي پرائمري اسڪولن جا امتحان وٺڻ لاءِ اسان ٽنھي وٽ اُٺ نڪو گهوڙو، روڊ رستا ٿر جا گهڻو ڪري ڪچا، فيصلو اهو ڪيوسين تہ پوري يوسيءَ جي اسڪولن جا امتحان پيرين پيادل هلي وٺنداسين، ڪنھن بہ استاد کان نہ ڪو گاڏي وٺبي نہ ئي ڪو ڪرايو. پورو مھراڻو پيرين پنڌ ڪڍيوسين، ڪجهہ ماڻھو ٺٺوليون بہ ڪندا هئا، خاص طور تي ان وقت جو ايس ڊي او سليمان سومرو فون ڪري چوندو هو ''مئا تُور کان کري ويندا ڪا گاڏي کڻو مفت خور ماستر ونگار وَهي ويندا'' (سائين پنھنجي تجربي جي آڌار تي اها ڳالھہ ڪندو هو ) پر اسان جي اها ئي نا کي نَوَ ڪوٽ انھن امتحانن دوران تلخ تجربا بہ ٿيا- اسڪولن جي حالت قابلِ رحم ۽ ٻارڙن جي گهڻائي معياري تعليم کان محروم. پوري يوسيءَ ۾ ميويواري، جانجهڻ ميگهواڙ، پڌريو سومرا، طيب ساهڙ ۽ ڪجهہ ٻين اسڪولن جا محترم استاد محنتي نظر آيا باقي ڪاريءَ وارا ڪک ھئا! مون هڪ ٻن وزٽ بوڪن ۾ جيئن ڏٺو تيئن نوٽ هنيا پر سائين صوبدار اعتراض ڪيو تہ آئون ئي بيٽ آفيسر آهيان ماستر نڀاڳا پڙهائين نہ ٿا، مڃين بہ نہ ٿا پر ڇَنڊا مون تي پوندا پيشيون منھنجون ٿينديون، سو مڙئي هٿ هلڪو رکو. تنھن ڪري مون رڳو ٻارڙن کان امتحان ورتا ۽ رزلٽن تي اکيون پوري صحيح ڪري ٿي ڇڏي. باقي ڪو بہ نوٽ هڻڻ تان هٿ کنيم.
سائين صوبدار جو جنم 1960ع ڌاري ( اسڪول جي رڪارڊ ۾ ماسترن پنھنجي اسڪول جي داخلا وڌائڻ لاءِ سندس عمر کي اوساري ڏيئي ڏھاڪو سال وڏو ڏيکاريو آھي پر حقيقي عمر گهٽ اٿس) پنھجي ئي اباڻي ڳوٺ روجهہ تل جي مشھوور پيري ( جنھن کي ٿر جو شاھہ پنجو بہ چون) قبول اوٺي جي گهر ۾ ٿيو، پاڻ پرائمري پنج درجا خانور اوٺي مان، مئٽرڪ نبي سرروڊ مان، انٽر ڊگري ڪاليج مٺي مان، بي ايڊ ۽ ايم اي سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان جڏھن تہ پي ٽي سي ايليمينٽري ڪاليج ميرپورخاص مان حاصل ڪيائين، شروع ۾ پرائمري ٽيچر ٿيو بعد ۾ ترقي ڪري ايڇ ايس ٽي، هيڊ ماستر ۽ بيٽ آفيسر پڻ رھيو. ۽ 2016 ۾ 60 سال پورا ڪري رٽائر ٿيو.
سائين جا پنج ڀائر ۽ پنج ڀينرون آهن ڀائرن مان هڪڙو ڀاءُ فيضو پيري آهي.سائين شادي شده آهي پر اولاد جھڙيءَ نعمت کان محروم آهي ۽ اولاد جي اها کوٽ سندس اندر کي اڏوهيءَ وانگر کائي رهي آهي. پر سائين پنھنجن ڀائٽن کي ئي سڳو اولاد سمجهي پيار سان پالي رهيو آهي. سندس پيري والد قبول اوٺي هڪ دفعي ٻڌايو تہ منھنجي پٽ صوبدار کي وڏي ماتا نڪتي هئي، منھنجو ٻچڙو پويَن پساهن ۾ هو،اوچتو راڄي جوڻيجي اچي سڏ ڪيو، ﷲ جا اسم ڏنائين،'' ٻيلي! خدا جي واسطي مون سان گڏجي هل منھنجي اٺِ چور ڪاهي ويا آهن''، سو مون پنھنجو پُٽ پَٽيءَ تي ڇڏيو ۽ رکي ٽُوال ڪُلھي تي راڄي ڀيڙو روانو ٿي ويس. پورو مھينو رولڙي کان پوءِ درياھہ جي ٻي پار کان اُٺِ هٿ ڪري ڪاهي آيس ۽ خدا جي ڪرڻي اهڙي جو صوبدار چڱو ڀلو اَٺَڪور ٿي ويو پر ماتا جا نشان مُنھن تي رهجي ويس..
سائين صوبدار راجنيتي جي لحاظ کان لائق ۽ مخلص ماڻھو آهي، جيڏانھن ڇڪيوس پيرين پيادو ھليو ھلندو پرڪنڌ ڪونہ ڪڍائيندو، وڏي ڳالھہ تہ بنا ذات پات ۽ مذھبي مت ڀيد جي سڀني سان چار چڱا پير ڀريل اٿس، ڪنھن اڙيل جو آڌار ٿيڻ ڪنھن جي ڏُکيءَ ويل ۾ ٻانھن ٻيلي ٿيڻ سندس شانائتو گُڻ آهي، گهڻ سَھُو اھڙو جو ڀلي پيا ساڻس مزاق ڪريو پر پيو مُرڪندو، مجال آھي جو لوڻي ۾ ٽِسور وجهي. اهي تہ سندس هئا شخصي ۽ سماجي زندگيءَ جا ڪجهہ پھلو، پر سندس سڀ کان سُندر پھلو ليکڪ ۽ اديب هئڻ وارو اٿس. ڪافي عرصي کان سندس تحريرون، ڪالم مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهن ٿا، ڪجهہ ڪھاڻيون بہ لکيون اٿس جن ۾ چٻراٽو، ڪالي خان، وچن، امداد جو آسرو، پڪو ارادو، حاضري، ٻاجُهو ۽ ڪيترائي تاريخي مضمون ۽ مقالا بہ لکيا اٿس، جيتوڻيڪ سندس ڪھاڻي اڃان پنڌ ۾ آهي پر اها مقامي ڪردارن ۽ ٻولي جي حوالي سان بھترين چئي سگهجي ٿي جيڪا سندس ذاتي مشاهدي ۽ تجربي جو نچوڙ آهي.
سائين سنڌي ادبي سنگت نئين ڪوٽ جي بانيڪارن مان هڪ آهي، جتي آئون، اياز رضوي، اشوڪ شرما ۽ ٻيا دوست گڏجي ڪم ڪندا هئاسين، اهو اوڻيھہ سئو ٻيانوي وارو زمانو هو. پاڻ ضلع ميرپورخاص ۽ ٿر ضلعي جو رابطا سيڪريٽري بہ رهيو، جيتوڻيڪ آئون ادبي سنگت مان ڏهاڪو سالن کان پري آهيان پر پاڻ هن وقت بہ نئين ڪو ٽ شاخ سان سان سلھاڙيل آھي، نہ ڪا لالچ نڪا لوڀ نڪو ڪنھن عهدي جي بک نہ ئي نالي يا ناڻي ڪمائڻ جي کيس ڪا ڳڻتي يا ڳاراڻو. ھن جي جيون جي ڪل پُونجي عزتون ۽ محبتون ونڊڻ ۽ ورھائڻ ئي آھي.
منھنجي خيال ۾ سائين صوبدار جيترو وقت راڄن ڀاڳن کي ڏي ٿو ان مان اڌ جيترو وقت بہ لکڻ ۽ پڙهڻ کي ڏي ها تہ مھراڻي جو هڪ لاڏلو ليکاري هجي ها، هڪڙي نرالي نثر نويس طور سڄي سنڌ ۾ سُڃاتو وڃي ها، پر کيس شايد دلي سڪون خلقِ- خدا جي خدمت مان ئي وڌيڪ ملي ٿو.ان ڪري ادب واري پاسي مڙئي گهٽ دلچسپي اٿس، پوءِ بہ جيڪو ڪجهہ بہ لکيو اٿس سو ساراھہ لائق آھي.
سياسي طور تي اربابن جو پڪو ماڻھو آهي سو انھن سان ئي اٺ ئي پھر اُٿي ۽ وهي ٿو، اربابن سان تعلق جي ڪري بيٽ آفيسري بہ وڃائي ويٺو، پر اربابن سان تعلق ۾ تِر جيترو بہ فرق ڪونہ آيس ۽ سچ اهو آهي تہ هيءُ هڪڙو نج ٿريو محبتي ۽ مخلص ماڻھو آهي، جنھن جي دل ۾ ڪنھن جي لاءِ بہ ميرُ ڪونھي منھنجي خيال ۾ هن قحط الرجال دؤر ۾ اوهان کي جيڪڏهن ڪو سنجيدہ، سادگي پسند، انسان دوست، خدا ترس، نيڪ دل ۽ ايماندار ماڻھو ڳولڻو هجي تہ هليا وڃو خانور ڀرسان ڳوٺ روجهہ تلَ ۾ جتي سندس ٻاجهارين ٻانھن ۾ اوهان کي ڳائي گيھہ جھڙو خلوص، پلر پاڻي جھڙو پيار ۽ پڪل پيروئن جھڙي پنھنجائپ ملندي، جيڪا هن پنھنجي والد مرحوم قبول اوٺي کان ئي ورثي ۾ ورتي آهي.
درويش صفت ۽ شريف النفس هن ماڻھوءَ ڪُلفت ڪَٺي ڪرڻ بدران رڳو محبتون ئي ميڙيون آهن.
وڏو عهدو، وڏي ڪرسي ۽ بي شمار دولت وڏا ماڻھو پيدا ناھي ڪندي، پر اهلِ دل ۽ اهلِ ظرف ماڻھو ئي وڏا ماڻھو هوندا آهن، ۽ روجهہ تل ڳوٺ جي خوش نصيبي آھي جو کيس فقير تن من انسان ۽ وڏو ماڻھو مليو آهي. پنھنجي علمي ادبي ۽ سماجي ڪردار ۽ قد ڪاٺ جي ڪري ھو واقعي بنھہ وڏو ماڻھو آھي. منھنجو انھي عظيم امڙ کي سرخ سلام آهي جنھن سائين صوبدار جھڙي صالحَ ۽ سَپوُٽ پُٽ کي جنم ڏنو آهي. منھنجون ساڻس حُجتون بہ آهن تہ بي پناھہ محبتون بہ آهن، پر ڪڏهن ڪڏهن ويجها هوندي بہ ڏور ٿي ويندا آهيون، تہ ھڪ ٻئي کي ڏوراپا بہ ڏيندا آھيون. ھونئن ڀلي اسان جا مزاج هڪٻئي کان مختلف هجن پر ٽيھن چاليھن سالن جي سفر تي ڦھليل هيءُ رشتو ڪو ڪچو ڌاڳو ڪونھي جيڪو جُداين جي جهولن لڳڻ سان ڇڄي پئي.پر آئون اڪيلائي جي دنيا جو اڪيلائي پسند ماڻھو ۽ هو ماڻھن سان ملي جهومي پوندڙ ماڻھو، ماڻھن سان سماجي رابطا قائم ڪرڻ ۽ انھن کي نڀائڻ جو هنر هن کي خوب اچي ٿو، ايترو ادبي طور تي بہ سرگرم ڪونھي جيترو سوشل ۽ پوليٽيڪل ايڪٽو آهي، اها ئي سندس ڪِرتِ آهي، نڪو مال ميڙڻ جي حوس نڪين ڪا ٻي ڇتڪتائي جيڪا کيس پريشان ڪري، پر پوءِ بہ اندر ۾ اڪيلو آهي، پاڻ ان ڳالھہ جو کڻي برملا اظھار نہ بہ ڪري پر سندس اداس اکڙيون چغلي هڻي ڏينديون آهن، تہ ڪا محرومي ڪا مايوسي آهي جيڪا سندس من جي ديوار کي ڪلر وانگر کائي کوکلو ڪري رهي آهي، ۽ هو پنھنجي انھي درد کي اظھارڻ گهري ٿو دل جو بار هلڪو ڪرڻ گهري ٿو، قلم ۽ ڪاغذ جو ڪنڌ نٿو مليسُ تہ ماڻھن جي ميڙ ۾،ڪنھن ڪچهريءَ ۾ حال منھنجا پُڇي، منھنجا ڳوڙها اگهي، ڪو تہ اهڙو هُجي کي ڳوليندو وتي ٿو، ۽ غمن کي گناھن جيئن لوڪان لڪائي بہ مُرڪندو رھي ٿو.
تم اتنا جو مُسکرا ر ہے هو،
کيا غم ہے جسے چھپا رہے هو.

قسطن ۾ جيئندڙ شاعر جي پروفائيل جا رف پنا

هڪ اهڙو ٿرواسي بي روزگار نوجوان، جيڪو هٿين خالي هوندي ‏بہ ڪنھن اين. جي.او کان وياج تي قرض کڻي بہ ڪتاب ڇپرائڻ جو شوق پورو ڪرڻ لاءِ گهر ٻاري ''ڏياري'' ڪرڻ کان بہ نٿو ڪيٻائي، جيڪو پنھنجن عجيب خواهشن، جن لاءِ غالب چواڻي ''هزارين خواهشين ايسي ڪه هرخواهش پي دم نکلي'' اهڙين رت ڪري ماريندڙ خواهشن جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لئي ھن دوست عمر ۽ اوقات کان وڌيڪ وڃايو آهي. پرھ جي پياڪ منھنجي ھن ديھي دوست،غالب وانگر گهر جا ٽپڙ گِروي رکي بہ ''دارون'' وٺي پيتو آھي. اندر جي هن اڇي، اُجري دوست ''پيئڻ '' ۾ ئي پناھ ڇو ورتي آھي؟ محرومي. مايوسي. بيروزگاري يا سماجي بي حسي جي بدولت؟ جواب هن سرگهير ٿيل سماج جي انھن معتبر ٺيڪيدارن کي ئي ڏيڻ گهرجي، جيڪي اسان جي هن رمتي جوڳيءَ جھڙي رولاڪ دوست جي ''اٿيءَ، ويٺيءَ'' تي اعتراض ڪن ٿا. امر راءِ سنگهہ راجپوت جي اندر ۾ الائي ڪھڙي اُڻ تُڻ آهي، جيڪا کيس هڪ هنڌ ٿانيڪو ٿي ويھڻ نٿي ڏي بلڪ هر وقت ڀٽڪڻ تي ڀڙڪائي ٿي. منھنجي هن محبوب دوست جي سڀ کان وڏي وندر آوارگي ڪرڻ ۽ اڻ ڏٺل اجنبي اپسرائن سان عشق جي آرزو آهي، پوءِ ڀلي اڳيان اديءَ کي ڪَنُ نہ جَن مگر ادو عشق ۾ غش! اهوڄاڻيندي بہ تہ اهڙي مھانگي محبت ۽ عشق جي عياشي هن جي هٿين خالي حيثيت افورڊ ڪري ئي نٿي سگهي، پر پوءِ بہ امر اهڙا قيمتي خواب ڏسڻ کان مور نہ ٿو مُڙي جيڪي ساڀيان ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي ڀتر وانگر ڀُريو ڀور ڀور ٿيو وڃن. پھچ کان پري شيئن کي ڇُهڻ ۽ وس کان ويل چيزن کي حاصل ڪرڻ جي هُر، کُر جڏهن کيس ٿڪائي ماندو ڪري ماريندي آهي. تڏهن امر يا تہ پاڻيءَ جيئن پيئندو آهي يا وري قلم جي ڪُميت گهوڙي کي ڪاغذ جي ڪوريءَ پڙيءَ ۾ ڪڏھن مُن ۾ تہ ڪڏھن رَلي ۾ رمائيندو آھي.
مون امر جي اندر ۾ اڪثر ڪري هڪڙي بي جپي ۽ بي چين شخص کي سنڌوءَ جي لهرن جيئن لُڇِندي ڏٺو آهي. خبر ناهي تہ کيس ڪنھن جي ڳولا آهي؟ نہ ڄاڻ ڪنھن جي تلاش کيس تڙ، تڙ تي ترسائي ٿي ۽ ڪنھن بابُو بيکاريءَ وانگر بن بن ۾ ڀٽڪائي ٿي. مونکي ڪل ڪانھي تہ هن جي اها ڪھڙي هير آهي، جنھن جي جُستجو ۾ منھنجو هي دلبر دوست رانجهو بڻجڻ چاهي ٿو. آئون فقط ايترو ڄاڻان ٿو تہ ھي جڏھن بہ جوانيءَ جي جڙي گهوڙي تي سوار ٿي شوق جو شڪار ڪرڻ بجاءِ ڪنھن ھارايل شڪاريءِ وانگر ھٿين خالي موٽندو آھي تڏھن مون کيس مُحسن ڪڪڙائيءَ جي غزل جون ھي سٽون گُنگُنائيندي ڏٺو آھي تہ:
مون کي تہ ھِت ھڪ حور بہ نہ ملي،
ڪيئن چوان تہ منھنجو بہ خدا آھي؟
موٽ ۾ آئون سندس اهڙين ٻاراڻين'' شوقيا شرارتن'' تي مُرڪي چوندو آهيان.
وقت اچھا بھی آئے گا ناصر،
غم نہ کر زندگی پڑی ہے ابھی
امر جون خواهشون بہ عجيب و غريب سندس سپنا بہ بنھہ سادا سٻاجها، بلڪل معصوم ٻارن جي معصوم خواهشن جهڙا، جيڪي رُڳو هڪ روپيو خرچي ملڻ تي بہ خوش ٿيو وڃن. هونئن تہ مون امر کي هميشھو اداس، هيڪل، وياڪل ۽ سدائين سانتيڪو ڏٺو آهي. پر پنھنجي اندر ۾ ڪڙاڻ اوتڻ کان پوءِ سندس ٽھڪ ٽانڊاڻن جيئن ٽڙي پوندا اٿس، ۽ جڏهن خماريل نيڻن سان کلندو آهي، تڏهن حياتيءَ جي حُسناڪ هُئڻ ۾ ويساه وڌي ويندو آهي. ڪڏهن، ڪڏهن سوم رس جي سَرس سُرڪ ڀرڻ کانپوءِ ''ٺڪراڻي ٺِڳ''' بہ ڏيکاريندو آهي. پر جڏهن آئون جهڻڪيندو آهيانس تہ پوءِ مُرڪي ماٺ ٿي ويندو آهي.
منھنجي هن درويش دل دوست جي اندر جو آئينو شيشي جي گلاس کان بہ ڪورو ۽ پاڻيءَ جي پُونئري کان بہ نازڪ ونفيس آهي. اھوئي سبب آھي جو پنھنجن توڻي پراون جي ڏُکن تي ڏري پوندڙ امر رائسنگهہ راجپوت کي مون ڪيئي ڀيرا اوڇنگارون ڏيئي روئندي ڏٺوآهي. پوءِ اهو بشير قريشي جي شھادت واري سانحي جو لقاءُ هجي يا ڪنھن ٽرئجيڪل فلم جو ڪو دکدائڪ سين هجي. يا امرتا پريتم جي ڪنھن اداس ناول جو اداس منظر هجي، مگر هن جو اندر هر هاڃي تي شيشي جي برتن جيئن ٽڙڪي پوندو آهي. پيئڻ کان پوءِ ائين نيڻن مان نير هاريندي ۽ زارو قطار روئندي مون هڪ سندم دوست سلمان خواجا کي ڏٺو ۽ ٻيو امر راءِ سنگهہ راجپوت کي. امر راءِ سنگهہ راجپوت جي نريڙي ڍنڍ جھڙن نيرن نيڻن ۾ الائي ڪيترا ڪنوارا خواب خود ڪشي ڪري چڪا آهن، بظاهر موهن جي دڙي جيئن ماٺ رهندڙ هن جي من جي سنڌي وڏي سمنڊ ۾ سدائين جُوار ڀاٽا جھڙي هلچل متل هوندي آهي. امرکي اڪثر ڪري اها شڪايت آهي تہ ساڻس ڪا سانولي ڇوڪري پيار ڇو نٿي ڪري؟ پر کيس ڪير سمجهائي تہ ميان! پاڻ وٽ پيار پئسن تي ئي ملندو آھي، ڇو تہ ھتي محبت ھُوند وارن جي ھٿ جي مَرِ آھي، جيڪي ماڻھن جون مجبوريون خريد ڪندا آھن.
امر سان وقت وڏيون بي واجبيون ڪيون آهن پنھنجن توڻي پراون جي بيوفاين ۽ بي رخين ئي کيس پيئڻ ۽ جيئڻ تي مجبور ڪيو آهي. زندگيءَ ھن سان تمام گهڻا اوڇا مذاق ڪيا آھن. اهو ئي ڪارڻ آهي جو هي دوست اذيتن ۽ عذابن جي درد کي دارون بڻائي پنھنجي اندر ۾ اوتي رهيو آهي. پنھنجي اندر ۾ اڪيلائي جي ديڳ دمَ تي رکي هن پاڻ کي معتبر سمجهندڙ ''سفيد ڪالر'' سماج ۾ حاصلاتن جي حمام مان پنھنجا پانڌ پُسائڻ بنا حياتيءَ جا هڙئي مذاق ۽ مسخريون بنا ڳيت ڏيڻ جي گڙڪائڻ ڪا آسان ڳالھہ ڪونھي، پر اسان جي هن درويش دل دوست واقعي ائين ڪري ڏيکاريو آهي. ننڍيءَ وهيءَ ۾ عمر کان ٻيڻا. ٽيڻا غم پُٺارڪن ۾ ٻڌي زندگيءَ جي ذلالتن کي ڍُڪ ڍُڪ ڪري پيئڻ بدران هڪ ئي تِڪ ۾ ڏوڪي ڏيکاريو اٿس. ۽ زندگيءَ جي سموري ڪڙاڻ اندر ۾ اوتي اٿس. زماني مان مليل تلخين جي زهر کي سگريٽن جي دونھن ۾ اڏائيندڙ هن دلبر دوست کي مون ڪيئي ڀيرا سستي سگريٽ جيئن سڙڻ ۽ پاڻيءِ جيئن پيئڻ کان روڪيو ۽ ٽوڪيو ھوندو، پر مجال جو مُڙي! مڃڻ بدران مون کي لاجواب ڪرڻ لاءِ وٽس ھي جواب سدائين ھَڪيو تڪيو ھوندو آھي تہ: '' مجهے پینے کا شوق نہیں میں پیتا ہوں غم بھلانے کے لیئے''. يا وري ھيءُ شعر چئي مون کي ماٺ ڪرائي ڇڏيندو آھي تہ: ''ہاں میں پیتا ہوں مگر شراب پیتا ہوں، کسی مفلس کا خون نہیں پیتا'.
دوستن جي ڏنل دلفريب دوکن ۽ پنھنجن پاران مليل ٽوھ جھڙن ڪڙن ويڻن جي ويھہ کيس ڪيئي دفعا حياتيءَ تان هٿ ڌوئڻ لاءِ هُشيون ڏنيون، پر ڳل- ڳراٺي پائي واري ويھارڻ ۽ سندس دردن سان دوستي رکڻ وارن هر ڀيري آڱر مان جهلي اڪيلائي جي اونھي ڪُن مان اُڪاري جيون جي اوٽي تي موٽائي آندو آهي. امر کوڙ ساريون خطائون بہ ڪيون هونديون، تہ غلطيون ۽ گُستاخيون پڻ، ڇاڪاڻ جو هي هڪڙو جيئرو جاڳندو انسان آهي، جيڪو انساني گڻن. اوگڻن، عادتن ۽ عِلتن کي تہ اون ڪري ٿو پر کيس ڪنھن فرشتي بنجڻ جو قطعي شوق ڪونھي. هن ڀوڳيو بہ بنھہ گهڻو آهي پنھنجي قد، ڪاٺ ۽ وُسعت کان وڌيڪ ستم ظريفيون سَٺيون آهن. ۽ ڪيل اڻ ڪيل ڏوهن جي قيمت ڪچڙيءَ وهيءَ ۾ ئي اذيتون ۽ عذاب ڀوڳي ادا ڪئي آهي. حُسناڪ جواني جا هڙئي پل گُوندر ۾ گهاريندڙ امر راءِ سنگهہ راجپوت جي اوگڻڻ تي آڱر اُڀي اهو شخص ڪري جنھن حياتيءَ ۾ هڪ بہ گناھُ نہ ڪيو هُجي. امر جي خامي چئو يا خوبي، پر هِي ڪندو هميشھو ائين آهي. جيئن سندس دل چوندي آهي. ۽ دل جي چوڻ تي ڌڪ بہ کائيندو آهي ۽ پوءِ پڇتائيندو بہ آهي. پر مُڙندو مور ناهي. پوءِ ڀلي تہ انھي شوق خاطر سڀِ ڪجهہ داءُ تي لڳائڻو پئجي وڃي. جڏهن آئون کيس اهڙيون حرڪتون ڪرڻ تي جهليندو آهيان، تڏھن چوندو آهي تہ '' امر! جيڪڏهن زندگيءَ جا تلخ تجربا حاصل ڪرڻ کان روڪيندين تہ پوءِ مون کي زندگيءَ جي اصل حقيقت ڪيئن سمجهہ ۾ ايندي؟ ۽ آئون زندگيءَ جي لذتن ۽ ذلتن مان ڪيئن لطف اندوز ٿي سگهندس؟.''
امر راءِ سنگهہ راجپوت 6 جون 1987 تي ڏيپلي شھر کان ڏهاڪو ميل ڏکڻ ‏ طرف پنھنجي ڏاڏاڻڪي ڳوٺ ڍونڍيي ۾ محترم ڪارو جي وجئي سنگهہ جي گهر ۾ اک کولي پرائمري جا پنج درجا پنھنجي اباڻي ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ اٺين درجي تائين تعليم رام سنگهہ سوڍي جي ڳوٺ آروکيءَ مان حاصل ڪيائين. مئٽرڪ ۽ انٽر تائين بدين ۾ پڙهيو. سيراڻي ۾ رهندي هن جيڪي مشاهدا ڪيا منظر ڏٺا، اهي سندس دل جي ديوار تي اڄ بہ جيئن جو تيئن آويزان آهن،. سيراڻي جو شھر، نريڙي ڍنڍ جا نرمل نظارا، بديڻي جا تاريخي ماڳ، مڪان لا ڙ جا ليار پيرون، رتڙا چانورا، سارين، جي سر سراهٽ، سُڳداسي ۽ سورج مکي جي کيٽن جي خوشبو مَڪ جي مهڪ ۽ اتان جي مارو ماڻھن جي محبوبيت امر جي اندر واري ڪلاڪار کي ڊسڪور ڪرڻ جو ڪارڻ بڻيا. ٻي طرف ٿر جي سُڪارن جي سُونھن، ڏڪارن جا ڏيل ڏاريندڙ ڏيک جڏهن سندس هينئين ۾ حل ٿيا تہ هن قلم ۽ ڪاغذ سان پنھنجو رشتو جوڙي ورتو. اُهي ڏينھن اڄوڻا ڏينھن قلم ۽ ڪاغذ جو تعلق نہ ٽُٽُو آهي نہ ئي ٿڪو يا جهڪو ٿيو آهي.
امر ڪرنٽ افيئر تي ڪالم توڻي ٿر جي بُک ۽ ڏک تي بي باڪيءَ سان آرٽيڪل لکي اخبارن ۾ ڇپرائيندو رهي ٿو. ٿري عورت جي اذيتن کان وٺي سنڌ ڌرتيءَ ۾ ٿيندڙ هر انياءُ تي امر پنھنجي قلم ذريعي قومي فرض سمجهي قرض چُڪائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. زندگيءَ جي هر موضوع تي هن دوست قلم کنيو آهي. مذهبي جنونيت کان وئي سماجي بُراين خلاف بغاوت جو بلند بانگ اعلان ڪرڻ کان ڪڏهن بہ ڪيٻايو ڪو نہ اٿس. البت ائين ضرور آهي تہ گهڻي لکڻ ۽ ڇپجڻ جي هَٻڇ ۾ مواد جي معيار تي مِڙئي ڌيان گهٽ ڏيندو آهي. جُنون جي حد تائين پنھنجن خواهشن سان سچو هئڻ ڪري معاشي طورتي تمام گهڻو لوڙيو اٿس. اهوئي سبب آهي جو صاحبِ حيثيت نہ هئڻ باوجود هر سال صاحبٍِ ڪتاب ٿيڻ جو شوق پورو ڪري ٿو. جيڪڏھن سڄڻ ٿي صلاح ڏبيس تہ: ''ابا! تڪڙ ڪرڻ بجاءِ مواد جي معيار تي ڌيان ڏي نہ تہ سنڌ جا نقاد ڇوڏا لاهي ڇڏيندئي''...تہ وڏو ٽھڪ ڏيئي چوندو '' امر! لوڪ مُنھن موڪ آھي، ماڻھن جا وات ۽ کوهن جا مُنھن بند ڪونہ ڪبا، جنھن کي جيڪو وڻي اوڪي ڍڳُ ڪري پاڻ کي پرواھ ڪانھي.''
2010 ۾ نديم سميجي ۽ ٻيءَ سنگت سان گڏجي اسان ڪجلاسر مئگزين ڪڍندا ھُئاسين. تڏھن رسالي لئي پھتل شاندار جديد سنڌي نظمن کي پڙھي مون ارادو ڪيو ھو تہ، جديد سنڌي نظمن جو ڪتاب آڻجي، ان لاءِ سڄي سنڌ مان خط لکي مئسيج ڪري مواد گهرايم، جيڪو 500 پيجن جو ٿيو اھو ڪمپوز بہ ٿيو ۽ انھي ڪتاب جا مون 4-5 پروف بہ ڏٺا.( پوءِ اھو ڪتاب ڪيڏانھن ويو،ان بابت تفصيلي ذڪر ڪنھن ٻي دفعي ڪبو ) خير ان ئي عرصي دوران امر رائسنگهہ راجپوت مون کي مئسيج ڪري چيو ته'' مون کي بہ نظمن جي ڪتاب ۾ شامل ڪر'' مون کيس سَندي شاعري اُماڻڻ لئي عرض ڪيو ۽ ھِن پنھنجي شاعريءَ جي ھڪڙي ڪاپي مون کي موڪلي ڏني. جنھن مان ڪجهہ نظم مون اصلاح ڪري نہ رڳو نظمن جي ڪتاب( چوڌاري چمڪاٽ اسان) ۾ شامل ڪيا پر ساڳي وقت ڪجهہ سٽون لکي عبرت مئگزين ۾ ھڪ شاعر طور کيس متعارف پڻ ڪرايو.
اھو سوچي تہ؛ ڪنھن نئين لکندڙ دوست جي حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي سندس رھنمائي ڪجي، پوءِ جيڪڏھن منجهس ھوندا ڪي ڪڻا تہ پاڻھي پاڻ مڃرائيندو. ۽ پوءِ ٿيو بہ ايئن ئي، جيئن مون لکيو/ چيو ايئن ئي ھِن نوجوان شاعر دوست ٿوري عرصي اندر نثر توڻي نظم ۾ واھ جو پاڻ ملھايو آھي. ھيسيتائين سندس شاعريءَ جا ٻہ ڪتاب (ديس جي ڳل تي ڳوڙھا ۽ چونئري مٿان چنڊ) ۽ نثر جا 4-5 ڪتاب ( ٿر تي ٿڌو چنڊ، منھنجو صحرا سُڏڪي ٿو، سوڍا چتر سُڄاڻ لڙڪن سان لڙڪن سان لبريز خط ۽ ڍولا مارو ڍٽ )شايع ٿي چڪا آھن. سندس نظم تہ نئوخيز نينگرين جي نيڻ- نھار جھڙا آھن ئي، پر سندس نظماڻي نثر جي ڇا ڳالھہ ڪجي! ايترو خوبصورت نثر ٿو لکي جو مٿس بي پناھ پيار بہ اچي ٿو، تہ خارَ بہ اچن ٿا، خار ان ڪري ٿا اچن جو دل چوي ٿي تہ سندس ڏات ۽ ڏانوَ کي کاٽ ھڻي کڻي وڃي پاڻ وٽ ھٿيڪو ڪري رکي ڇڏيان تہ جيئن ھھڙو حسين نثر آئون بہ لکي سگهان..…!!
امر رائسنگهہ راجپوت ۽ منھنجي وچ ۾ سالن کان مور جي مقدس کنڀن جھڙو اِخلاص ۽ احترام جو رشتو جُڙيل آھي، جنھن کي وقت جي ڪا بہ وير مِٽائي ناھي سگهي، فاصلا، رنج رساما ۽ ڪيئي ٻيا ڪارڻ اسان جي انھي تعلق جي تند کي ڇني ناھن سگهيا. سمنڊ جي ڇُڙواڳ ڇولين جيئن ڇڄون ٿا ڇڊا ٿيون ٿا ۽ وري ملي ھڪ ٿي وڃون ٿا تہ لڳي ٿو ڄڻ اسان جدا ٿيا ئي ناھيون، ھِن جي شاعري توڻي نثر جي فڪري پھلوئن يا فني ڪَچاين تي سڀ کان وڌيڪ آئون ئي تنقيد ڪندو آھيان، پر جو ڪجهہ چوڻو ھوندو اٿم اُھو روبرو ئي چوندو آھيان. پر مجال آھي جو انھي تي ارھو ٿيئي يا لوڻي ۾ ٽِسور وجهي. بلڪ وڏا ٽھڪ ڏيئي منھنجي ڇتيءَ تنقيد کي اينجواءِ ڪندو آھي. ۽ اڪيلائي ۾ ويھي جڏھن ويچاريندو آھي، تڏھن پاڻ ئي مڃيندو آھي تہ ھا يار تون واقعي سھي صلاح ڏني آھي.
امر جي خوبين کي في الحال پاسي واري کيسي ۾ رکي، آئون سندس ڪجهہ خاميون بيان ڪندس تہ هيءُ ھڪ اھڙو پڙھيو لکيو بيروزگار نوجوان آھي، جنھن سرڪاري نوڪريءَ پٺيان ھلي، ھلي جواني ۽ جُتيون ٻئي ڳاري ڇڏيون، پر وريو سَريو ڪجهہ ڪونھي، ٻي ڳالھہ تہ ٻين وانگي دُڪانداري يا ڪٿي مُنشيگري ھِن کان قطعي ڪانہ ٿي پُڄي، ڇاڪاڻ جو پنجن مان پنڌرھن ڪرڻ يا باسن ۽ ڀوتارن جي بوٽ پالش ڪرڻ سندس شاعراڻي مزاج جي خلاف آھي. باقي منافق ماڻھُن جي دلفريب دلاسن تي جهٽ پٽ اعتبار ڪري وٺندو آھي ۽ پوءِ جڏھن اتان مايوسي پلئي پوندي اٿس تہ پوءِ ڏاڍو پڇائيندو آھي. ٻي اھا خامي اٿس جو ھر ڪنھن ۾ اجايون اميدون رکندو آھي، ۽ پوءِ نااميد ٿيندو آھي تہ واعدن تان ويساھُ ۽ انسانيت مان ايمان ئي کڄي ويندو اٿس. ڇاڪاڻ جو ساڻس وڏيون ويساھ گهاتيو ٿيون آھِن.منھنجو بہ ساڻس سدائين جهيڙو انھن ئي ڳالھين تي ھوندو آھي، تہ ھُو وڏيرن جي واٺن سان اجايون اُميدون وابَستا ڪري پنھنجي قيمتي وقت ۽ تخليقي صلاحتن جو اجايو ذيان ڪري رھيو آھي.
ھِن کان ڪڏھن مالي امداد ۽ نوڪري جو لالي پاپ ڏيئي ووٽ ورتا ويا تہ ڪڏھن ڪنھن ٻي ليکي تي ونگارون ورتيون ويون. آئون چوندو آھيانس تہ امر! تون ھڪ ٿريو سو بہ ھٿين خالي، تو کي سياسي، سماجي،ثقافتي ۽ ڪنھن بہ علمي ادبي اداري پاران نہ تہ ڪا مالي مدد ملندي ۽ نہ ئي ڪا نوڪري. ڇو تہ ھُنن کي درٻاري دُھلارين جي ضرورت آھي، ڪنھن باضمير ليکڪ جي ڪا ضرورت ڪانھي.
ٽن معصوم پُٽڙن جي پيءَ ۽ ستن خوبصورت ڪتابن جي خالق، امر رائسنگهہ راجپوت بيروزگاري جي دربدري واري عذاب کي بہ ڏاڍو ڀوڳيو آھي. پر ڇا ڪجي جو سنڌ ۾ ڪو بہ شيخ اياز موجود ڪونھي جيڪو ڪنھن ڏات ڌڻيءَ کي ڏھاڪو ھزارن واري ئي سھي، پرڪا نوڪرڙي ڏيئي جيئري ئي مرڻ کان بچائي سگهي. باقي اقربا پَروري ۽ ڪرپشن جي ڪوڙھ ۾ گِرت ٿيل سنڌ سرڪار مان ڪا اُميد رکڻ ئي اجائي آھي. بھرحال حياتيءَ جا ٽيھہ ٻٽيھہ قيمتي سال ڪُتري امر ھاڻ عمر جي ان حصي ۾ پھتو آھي، جتان جواني موٽ کائيندي آھي. ۽ ان کان اڳي جو عُمر واريءَ جيئن سندس زندگيءَ جي ھٿن مان کِسڪي وڃي، کيس ٽپتائي ماڻھُن جي تِرڪتالي ٽِڪساٽن مان نجات حاصل ڪري پنھنجن پيرن تي بيھڻ لئي اپڻي گهوٽڻي پونديس.ڪٿي ايئن نہ ٿيئي جو اسان جو ھِيءُ حسين ليکڪ بہ ڪوڙن ليکن جي آسري ساغر صديقيءَ ۽ حشو ڪيولراماڻيءَ وانگر گمِ-دؤران جي غُفائن ۾ گُم ٿي وڃي..…!!!

صادق فقير جي پھرين ورسيءَ تي کيس لکيل هڪ تصوراتي خط !

صادق سائين!
سلامِ امر شال قبول پوي.
اُميد تہ تُون پنھنجي نئين دنيا ۾ پُرسُڪون ۽ آسودو هوندين. يار صادق! ڪو زمانو ٿيو آهي جو تو کي ڪو خط، ڪا چٺي، ڪا چپاٽي ناهي لکي، اُن جو مطلب اِهو هرگز ناهي تہ پاڻ جي تعلق جي تند ڇِڄي پئي آهي يا ان رشتي ۾ هاڻ اها تَڙپ ۽ تازگي ناهي رهي، جيڪا پاڻ کي ڪنھن نہ ڪنھن ريت ڳنڍي رکڻ جو سبب هئي. ڳالھہ هيءَ آهي تہ اڄڪلھہ خطن جي جاءِ سوشل ميڊيا ۽ فونن والاري آهي، سو گهڻي عرصي کان وٺي پنھنجو رابطو بہ فون ذريعي جاري هو. پر يار! پُورو هڪ سال گذري ويو آهي، نہ تُنھنجي طرفان ڪا ڪال آئي آهي ۽ نہ ئي وري مون ڪو ميسيج ڪيو آهي. انھيءَ هڪ سال جي دوريءَ جو ڪارڻ ڪھڙو ٿي سگهي ٿو؟ منھنجي روايتي سُسُتي، يا تنھنجي ڪا ناراضگي! پر يار! رُسڻ واري ريِت تو وٽ هئي تہ ڪانه. پوءِ ڀلا هيءَ هيڏي وڇوٽي...!!
ماڻھو چون ٿا تہ اڄ مٺيءَ ۾ تنھنجي ورسي آهي. تنھنجيءَ ورسيءَ جو ٻُڌي مون کي اعتبار ئي ڪونہ ٿو اچي يار! ورسي تہ وڇڙي ويلن جي ٿيندي آهي. تون تہ پنھنجي مَلوڪ مھانڊي سان موجود آهين. تنھنجا ٽھڪ اڃا تائين سرلن ڪنن ۾ پڙاڏا بڻجي گُونجن پيا. تُنھنجا ڳايل گيت ان ڳالھہ جي گواهي آهن تہ تون آهين، ها بلڪل تون آهين. ڪير چوي ٿو تہ تون ناهين؟!!
تنھنجي هجڻ جو ثبوت اجهو رات مون کي مليو آهي. رات سِج لٿي جو منھنجي موبائل فون جي اسڪرين تي اچانڪ تنھنجو نمبر ظاهر ٿيو هو ۽ اوچتو هڪ سال جي وٿيءَ کان پوءِ تنھنجو نمبر ڏسي آئون ايئن ڇِرڪي پيو هُئس جيئن ڪو ماڻھو سالن کان وڇڙيل ڪنھن يار کي ڀريءَ بازار ۾ اوچتو ڏسي حيران بہ ٿيندو آهي تہ بي حد سَرهو به. مُنھنجي خوشيءَ جي ڪا حد نہ رهي، ڇاڪاڻ جو هڪ سال کانپوءِ ئي سھي، پر تو ڪال ڪري مون کي ياد تہ ڪيو ۽ مون کي اهو بہ اطمينان ٿيو تہ تو پنھنجي ڪانٽيڪٽ لسٽ مان اڃا مُنھنجو نمبر ڊليٽ ناهي ڪيو. اها ٻي ڳالھہ آهي تہ تو منھنجو نمبر ملائڻ کانپوءِ فون نِزاڪت کي ڏئي ڇڏيو. نزاڪت مون کي تنھنجي ڪاڄ جو سڏ ڏنو. پر آئون ڪن ذاتي مجبورين جي ڪري نزاڪت جي سڏ کي ورنائي نہ سگهيس ۽ يقين اٿم تہ نزاڪت بہ تو وانگر درياھہ دل هئڻ ڪري اسان جي ڍلاين کي ڍڪي ڇڏيندو ۽ ڪڏهن ڪوسو ٿي ڏوراپو ڪو نہ ڏيندو.
تو کي الائي ياد هجي يا وسري ويو هجي پر '' مجهي ياد هي ذرا ذرا'' مارچ مھيني جي اها تاريخ جڏهن سموري سنڌ تنھنجي تڏي تي اچي گڏ ٿي هئي، هوليءَ جا رنگ اداس هئا، ڦڳڻ جي مند ڦڪيءَ هَئيڊ وانگي پِيلي ٿي پئي هئي. ڄڻ ٿر سڄي کي سائي ٿي پئي هئي. تنھنجي آمد جي انتظار ۾ مٺيءَ جي نيڻن مان ننڊ اُڏامي چڪي هئي. عاشورن کان اڳم مون اُن ڏينھن مٺيءَ ۾ اهڙي ماتم جي موسم زندگيءَ ۾ ڪڏهن بہ ڪا نہ ڏٺي. ماڻھوءَ، ماڻھوءَ جي ذات هئي. ايترا ماڻھو اهي بہ پاڻمرادو ڪنھن جي سياسي جلسي ۾ بہ شامل ناهن ٿيا. جيترا تنھنجا ڪلھي ڪانڌي ٿيا هئا. تو اِهو نظارو ڪونہ ڏٺو '' اڇا هوا جو تم ني ديکا نھين نظارا'' تون تہ پُرسُڪون ۽ گهريءَ ننڊ ۾ ابدي آرامي هُئين. پر اسان جي آلين اکين اهو منظر ڏٺو هو. تنھنجي گهران ڪنھن گهوٽ جيئن سينگارجي جڏهن تنھنجي ڄڃ پُراڻي ناڪي وٽ پھتي هئي تہ اڪبر درس جي آلاپن ''او دور کے مسافر! ہم کو بھی ساتھ لے لے، ہم رہ گئے اکیلے'' اسان جي هانوَ ۾ هٿ وجهي ايئن نِپوڙيو هو جيئن ڪوري ڪپڙي کي کَٽي رڱڻ کانپوءِ نپوڙيندو آهي. وڄکيا هئاسين، ونجهليا هئاسين، ڏريا هئاسين، ٽُٽا هئاسين. اندر اڌ ٿيا هئا پر زندھہ لاشا بڻجي تُنھنجي آخري سفر ۾ تو سان گڏجي هليا هئاسين. تنھنجي شھر جي هڪ ڇيڙي کان ٻي ڇيڙي تائين ماڻھن جو سنڌي وڏو سمنڊ هو، جيڪوايئن ڇوليون هڻي رهيو هو جيئن ڪنھن پونم رات ۾ جُوئار ڀاٽائون چنڊ سان ملڻ لاءِ مانديون ٿي لُڇڻ لڳنديون آهن. مٺيءَ جا روڊ، رستا، چوڪ، عمارتن جو ڇتون، جتي ڪٿي ماڻھن، ماين، ٻارن تنھنجي آخري ديدار لاءِ اُڀ کُڙين بيھي سڄو ڏينھن انتظار ڪيو هو. تنھنجي آخري سفر ۾ سموري سنڌ شامل هئي. بنا ڪنھن مذهبي، سياسي ۽ نسلي فرق جي شيعا، سني، وهابي، صوفي، هندو، مسلم، عيسائي، ترقي پسند، قومپرست، وفاق پرست، اديب، شاعر، فنڪار، گلوڪار، سنڌي، اردو، پنجابي، مطلب تہ هر ٻولي، هر مسلڪ ۽ مزاج جو ماڻھو تنھنجو ڪلھي ڪانڌي هو. مڃڻ مراد آهي صادق سائين! تہ تون هڙئي هڪ ئي صف ۾ يعني محمود ۽ اياز گڏ ڪري ڏيکاريا. واقعي تو کي مُحبتون ڏيڻ ۽ وٺڻ جو هنر هو. تنھنجي ذاتي دوستن کانسواءِ اهي ماڻھو جن تو کي ڪڏهن روبرو ڪو نہ ڏٺو نہ ڪي ٻُڌو، پر تنھنجي آواز جي جادوئي اثر ماڻھن کي الائي ڪٿان، ڪٿان ڇڪي آڻي مِٺيءَ ۾ مڙي مٺ ٿيڻ تي مجبور ڪيو هو. هزارين ماڻھو بنا ڪنھن دعوت، بنا ڪنھن ڏيٺ ويٺ جي بہ هڙان وڙان ڏئي بہ تو کي لحد ۾ لاهڻ تائين تو سان گڏجي هلندا رهيا تو جيڪي مُحبتون ونڊيون ۽ ورهايون هيون انھن جو پڪل بمپر فصل مون مٺي شھر ۾ اُن ڏينھن سارين جي فصل جيئن لهرائيندي ڏٺو هو ۽ اهو چوڻ ۾ ڪو بہ وڌاءُ ڪونھي تہ تون ڀلي گلوڪار کڻي ڪيڏو بہ هجين، ڇو تہ دنيا ۾ ڀلا ڀليءَ جو ڪو ڇيھہ ڪونھي، ۽ سنڌ ۾ بہ تو کان وڏا رِپ گويا پيا آهن، پر ايڏو وڏو ماڻھو مون اڄ تائين ناهي ڏٺو. جنھن جي آخري سفر ۾ ايترا ماڻھو رضا خوشيءَ سان شريڪ ٿيا هجن. مٺيءَ ۾ ماڪوڙين جي نگرن وانگر ڪُرڪلندڙ ماڻھو اها مھر ثبت ڪري ويا تہ تون واقعي ماڻھو بنھہ وڏو هئين.
صادق سائين ! تو سان منھنجو تعلق هڪڙي عام ۽ ادني ٿري دوست وانگي هو، جيڪو ڪنھن بہ سوشل اسٽيٽس جو قطعي محتاج ڪو نہ هو. ان ڪري آئون تو سان ڪنھن بہ خاص دوستيءَ جي نہ دعوي ٿو ڪريان ۽ نہ ئي ڪا اهڙي هام هڻي ٿو سگهان. ۽ هوئن بہ تون دوستيءَ ۾ عام يا خاص واري فرق جي خلاف هئين. تون تہ انھن جو بہ دوست هوندو هئين جن جو ڪو بہ دوست سڏرائڻ لاءِ تيار نہ هوندو هو. مون کي ياد آهي ڀُڳڙي مل ناچيز جي اها شادي، جنھن ۾ تون تہ ويو هئين پر آئون پھچي نہ سگهيو هُئس. ڀُڳڙي مل جڏهن تو سان منھنجي نہ اچڻ جي شڪايت ڪئي هئي تڏهن تو مون کي مٺيءَ جي ڀريءَ بازار ۾ اها ميار ڏني هئي تہ '' امر! تو جھڙو دوست بہ پنھنجي مسڪين فنڪار دوست جي دل رکڻ لاءِ ان جي ڪاڄ ۾ نہ وڃي تہ پوءِ اسان ٻين ماڻھن تي ڪھڙي مَيار ڪنداسين ''، صادق! تنھنجي انھي ميار مون کي الائي ڪيترا دفعا اندر ئي اندر ۾ شرمسار ڪيو هو. مون کي اهو بہ ياد آهي تہ جڏهن بہ ڪو سنڌ جو اديب، دوست، شاعر ٿر ياترا تي ايندو هو، تہ اهو گهڻو ڪري تنھنجو ئي مھمان ٿيندو هو، پر مون کي جيڪا ڳالھہ متاثر ڪندي هئي اها هئي تنھنجي فراخ دلي. تون ٻين کان بنھہ مختلف هئين. ان ڪري پنھنجي دوستن سان اسان پارن اڀرن کي بہ ملائڻ ۽ انھن سان واسطا وڌائڻ ۾ سدائين فخر محسوس ڪندو هئين اهو ئي سبب آهي تہ جڏهن بہ ڪو اهڙو دوست تو وٽ ايندو هو جنھن سان منھنجي بہ ڪا نہ ڪا ڏيٺ ويٺ هوندي هئي تہ تون فون ڪري چوندو هئين '' امر! سميع بلوچ آيو آهي، اياز گل آيو آهي، ادل آيو آهي، نياز پنھور آيو آهي ۽ فلاڻو آيو آهي ۽ تو کي ياد پيا ڪن''
سنڌ جي ڪنھن بہ شھر يا ڳوٺ مان پروگرام ڪري موٽندو هئين تہ چوندو هئين تہ '' امر! تو کي فلاڻي سنگتيءَ سلام ٿي ڏنا، فلاڻي ياد پي ڪيو. ۽ اڄ پورو هڪ سال گذري ويو آهي، ڪيئي دوست مٺي آيا هوندا، پر ڪنھن بہ ڪڏهن ڪا ڪال ڪري، ميسيج ڪري يا ڪٿي واٽ ويندي ايئن ناهي چيو تہ '' امر! ڪنھن تو کي ياد ڪيو پئي ''.
ڪجهہ ڏهاڙا اڳ مٺيءَ ۾ رجب فقير جي شاديءَ جو ڪاڄ بہ ان ئي هنڌ منعقد ٿيو هو، جتي گذريل سال مارچ مھيني ۾ تو کي آخري سفر تي اُماڻڻ لاءِ سموري سنڌ اُڪرندڙ پاڻيءَ جيان ٽھڪي ۽ ٻڙهڪي رهي هئي. اوڇنگارون هيون، سُڏڪا هيا، ڳوڙها هيا، ڪا خبر ڪانہ ٿي پئي تہ ڪنھن سان تعزيت ڪجي، ڪنھن کي آٿت ڏجي، ڪنھن جي ڪلھي تي ڪنڌ لاڙي اندر جو بار هلڪو ڪجي، ايئن ٿي لڳو ڄڻ سڀني دلين ۾ تنھنجو تَڏو وڇايل هو. سڀني جي اکين مان سارڌڙي ندي جا وهڪرا روان هئا، اهو ئي شفيع فقير، جيڪو تنھنجي تڏي تي جَڏي جيءَ سان جُهري ۽ جڄهي رهيو هو، اهو ساڳيو شفيع فقير مون رجب فقير جي شاديءَ ۾ ماڻھن جي آجيان لئه مَلُول مُک سان، ڪنھن يتيم ٻار جيئن اُداس ۽ اڪيلو بيٺل ڏٺو هو. رجب جي اکين ۾ بہ اها ئي ميار هئي تہ صادق يار! تو کي اڄوڪي ڏينھن تي ايئن غير حاضر رهڻ نہ گهرجي ها، تون تہ اڀرن دوستن جو ڀرجهلو ٿي بيھندو هئين، انھن جو بہ آڌار ٿيندو هئن جن کي مٺيءَ جا واپاري مرڻي ۽ پرڻي تي اوڌر تي پنجن هزارن جو سامان ڏيڻ کان بہ لنوائيندا هئا، تو کي تہ ماما وشن ٿريءَ جي ان پروگرام ۾ بہ ڪو نہ ڏٺو ويو جيڪو هن جي ڪيل پورهئي جي پھرين مڃتا طور منعقد ڪيو ويو هو ۽ اهو پھريون دفعو هو جو تون ماما وشن جي ڪاڄ ۾ غير حاضر هئين، ماما جي اکين جا ڏورا ان ڏينھن ايئن ڏري پيا هئا جيئن زلزلي ۾ ٿر جون ڀٽون ڏريون هيون، ۽ تو کي الائي ڪنھن ٻُڌايو آهي يا نہ، پر آئون توکي اها ڳالھہ سُڻائڻ کان سواءِ نہ ٿو رهي سگهان تہ تازو تُنھنجي پُراڻي پڳمٽ يار ڊاڪٽر غفار جوڻيجي جو والد صاحب هن فاني دنيا مان ڪُوچ ڪري تو واري ڏِس ڏانھن اُسھي چڪو آهي ۽ خبر اٿئي تہ ڊاڪٽر غفار جوڻيجي اهو چئي پنھنجي پيءُ جي تڏي تان اُٿڻ کان کُتو جواب ڏئي ڇڏيو آهي تہ ''تڏو آئون تڏهن کڻندس جڏهن صادق مون وٽ ويھڻ ايندو، صادق منھنجي ڏُک، سک جو ساٿي هو سو ھہڙي موقعي تي بہ مون وٽ نہ ٿو اچي.
صادق! رَنول رُڳي تنھنجي پسنديده سدا سھاڳڻ راڳڻي ڀيروي ناهي ٿي پر رَنول تہ هيل رتا روهيڙا بہ ٿيا آهن، جن جي گلن جي مند اچڻ تي تون روهيڙن جو ڏينھن ملھائيندو هئين، تون عاشق هئين مورن جو، روهيڙن جي گلن جو، ۽ ٿر جي انھن انگ اگهاڙن ويجاڙن جو جن مان گهڻا هيل بہ تو سان ملڻ لاءِ ماندا آهن. انھن کي مائرن جي هنجن کان وڌيڪ تنھنجا ڳايل گيت ۽ زندگيءَ جھڙا ٽھڪ وڻندا آهن. ٿري معصوم ٻارڙن ۽ مورن سان گڏ جنت ۾ تنھنجا ٽھڪ ايئن ٽِڙندا هوندا جيئن ڦڳڻ ۾ ٿر ۾ روهيڙن ۾ رتا گل ٽِڙندا آهن ۽ ها تنھنجون حسين شامون تہ حسن درس ۽ شيخ اياز سان ئي گڏ گذرنديون هونديون، شام لڙيءَ جو روز جنت جي باغن ۾ اوهان ٽيئي ڄڻا ايئن ئي ٽهلندا ۽ ٽِلندا هوندا جيئن مينھوڳي ۾ ماٿاريءَ تي موريا رقص ڪندا آهن، ٻُڌو آهي تہ تو اياز ۽ حسن جي ڪن گيتن جون نيون ڌُنون ڪمپوز ڪيون آهن ۽ چون ٿا تہ جڏهن تون ڀيروي، مانجهہ، دُرگا ۽ ملھار راڳ ڇيڙيندو آهين تڏهن حورون ساهن جا سلسلا روڪي تنھنجي آلاپن جي اُتار چڙاھہ ۾ پاڻ وڃائي ويھنديون آهن، ۽ ان وقت ئي مائي ڀاڳي، موهن ڀڳت، مراد فقير، حسين فقير، ۽ ٻُڍي فقير جو فخر وچان ڳاٽ اوچو ٿي ويندو آهي.
۽ سچ تو کي هڪڙي ڳالھہ ٻُڌائڻ تہ وسريو ٿي وڃي، تازو ڪجهہ مھينا اڳ ۾ تو وارو دادلو دلبر پيارو بہ هيل ٿر گهمڻ آيو هو، تنھنجي مزار تي ويھي پاڻ اڇاري ويو، پر تو پڪ سان هيءَ ڏوراپو ڏنو هوندس تہ ''آئون مڪي کان مَڙھہ کڻائي مٺي آيس ۽ تون جيئري ئي جوڌپور هليو وئين. '' !!
صادق ايئن ڇو آهي ؟ جو جيڪي ماڻھن جي دلين جا ڌڻي هئا، اهي هوا جي ڪنھن هلڪي جهوٽي جيئن آيا ۽ پنھنجو وڻندڙ واس ڇڏي اوچتو هليا ويا. نسيم کرل، پروين شاڪر، سلمان خواجه، سرمد سنڌي، شھوناز راڄپر، حسن درس، ۽ پوءِ تون بہ ڦوھہ جوڀن ۾ ايئن اوچتو هليو وئين !! جو اڃا تائين ماڻھو حيران آهن تہ آخر تو کي اهڙي ڪھڙي تڪڙ هئي يار ! پر آئون ڄاڻان ٿو تہ تو اسان وانگر کٽن تي کُرڙيون هڻي مرڻ نہ ٿي گهريو، ان ڪري تون آئين، پنھنجو وارو وڄائي هليو وئين، پر ايئن تون جيئن شان سان جيئڻ ۽ پوءِ ڀوترين جيئن ڀڙڪو ڏيئي اُڏامي وڃڻ جو هنر اسان کي نصيب ناهي مٺا !!
ان کان اڳي جو، خط جي طوالت تو کي تنگ ڪري، وري ملڻ تائين ﷲ وائي.

ٽڪي جو ماستر (ڪھاڻي/ اَڪھاڻي)

اڌڙوٽ عُمر، مٿي ۽ مُڇن جا سمورا وار سُفيد ڪڪرن وانگر صفا اڇي کير جھڙا رنگ ڪڻڪائون، ڪاڙهن جي ڪري لُوساٽيل چهري تي جَهريون، بنا استريءَ جي هلڪي ڪريم ڪلر جا ڪپڙا پاتل، پيرن ۾ پُراڻي مِرزا چمپل، پگهر ۾ شل، ڪڇ ۾ فائيل کڻي هُو تعليم کاتي جي ڪرتا ڌرتا جي عاليشان عمارت ٻاهران الرٽ بيٺل سيڪيورٽي گارڊ وٽ پھتو،
تڏهن ڪچڙي منجهنڊ جا 12 ٿيا هُئا. هُن سلام ورائي اُتي موجود پٺاڻ سيڪيورٽي گارڊ سان پنھنجو تعارف ڪرايو. پٺاڻ هِن جي پيرن کان مٿي تائين ائين جائزو ورتو، جيئن ڪو ڪاسائي ٻڪريءَ کي خريدڻ کان اڳ ۾ تڪيندو ۽ توريندو آهي. ۽ پوءِ سندس سروس ڪارڊ ۽ شناختي ڪارڊ چيڪ ڪري اندر وڃڻ جي اجازت ڏنائين. هُو اُن بُلند و بالا بلڊنگ جي ڏاڪڻين ذريعي مٿي سيڪنڊ فلور تي چڙهي سِڌو اُن آفيس جي اڳيان وڃي بيٺو، جنھن جي دروازي تي لڳل تختي اُن ئي وڏي صاحب جي هُئي، جنھن وٽ هِن جي پيشي هُئي...!
هِن هڪ وڏو ٿڌو شوڪارو ڀري دروازي ڀرسان اِسٽول تي ويٺل پٽيوالي کي پنھنجي سڄي رُوئيداد سُڻائي. تنھن کيس اِهو چَئي انتظار ڪرڻ جو چيو تہ ''صاحب ميٽنگ ۾ مصروف آهي''.... هُو لوڻي تان لارون ڪري وهندڙ پگهر کي ڏِسڻي آڱر سان اُگهي اُتي ئي بئينچ تي ويھي رهيو. ڪيئي ماڻھو اندر آيا ۽ ويا پئي ڪنھن کي بہ پٽيوالي روڪيو ڪو نہ ٿي. هڪ، ٻہ ۽ نيٺ اچي ڏينھن جا 3 ٿيا. هِن کي هورا کورا ورائي ويئي. ڪيئي خيال سندس ذهن جي واريءَ تي ليڪا ٺاهي وري ڊاهي رهيا هئا. ''هِتي رات پئجي وئي تہ ڪيڏانھن ويندس...؟! هِن اجگر ۽ اوپري شھر ۾ مون مسڪين کي ڪو ڄاڻي، نڪو سڃاڻي.... ۽ کيسي ۾ بہ ايتري رقم ڪانھي، جو ڪنھن هوٽل تي وڃي رات رهان. ويچاري ڀاڳان کي جيڪا رَليءَ جي مزوري مِلي هُئي اُها بہ سڀ ٻُهاري آيو آهيان ۽ امان وٽان پرايا پيل پنج سئوءَ بہ کڻي آيو آهيان. کيس ڌڻين تپايو تہ مُنھنجي ويچاري مڙهي ماءُ ڪھڙي ورندي ڏيندي....!! پوءِ بہ خدا خير ڪري خيرن سان واپس ڳوٺ پُڄي وڃان... پر جي هِتان جند ڇُٽي تہ نه.....!!
اوچتو غير ارادي طور هِن جي نگاھہ سندس کيسي طرف کڄي ويئي. کيسي ۾ جهاتي پائِڻ کانپوءِ کيس اطيمنان جو احساس ٿيو تہ پئسا محفوظ آهن. پر سندس اُنھي حرڪت کي پٽيوالي آڏيءَ اک سان تاڙي ورتو. سو بنا حجاب ۽ ڪنھن هٻڪ جي چئي ڏِنائين تہ ''ذر، ذر کيسي ۾ ڏسين ڇا ٿو؟ ڪڍ ٻہ ٽي سئو تہ صاحب سان مِلايئين نہ تہ ڀلي پنج ڏينھن ويٺو هُجج هِن بئينچ تي''.... پٽيوالي جو اٺئين ترميم جھڙو آمراڻو آرڊينس ٻُڌي هيڪار تہ هِن جا تاڪ لڳي ويا ۽ پوءِ سندس دل ۽ دماغ ۾ سرد جنگ شروع ٿي ويئي.
ڳچ دير ڳڻتين کي ڳيتون ڏيئي ڳڙڪائڻ کانپوءِ سو رپيا ڪڍي پٽيوالي کي ڏِنائين. جنھن پئسا وٺي صاحب جي آفيس جو دروازو کولي کيس اندر ائين ڌڪو ڏنو جيئن هُوسڙي جي کٽارو بس جو ڪنڊيڪٽر ڪرايو نہ هئڻ ڪري پئسينجرن کي لاريءَ مان ڌِڪو ڏيئي لاهيندو آهي.....!
ڏڪندڙ هٿن ۾ فائيل کڻي، ساھہ مُٺ ۾ ڪري هُو صاحب جي آفيس اندر ايئن گهِڙيو، ڄڻ ڪنھن کيس پُراڻي کوھہ ۾ واري پوءِ ورت ڇڪي ٻاهر ڪڍي ورتي هُجي. هِن کي لڳو ڄڻ تڙ جي تري ۾ موجود نانگ، بلائون کيس کائڻ لاءِ واتن اندر زبانون مِرڪائي رهيون آهن. هُو اڃان اُن ئي اڄاتي خوف ۾ پي رڦيو، جو صاحب وڏي ڪنڌ مٿي کڻي ڏِسڻ بنائي، ڪنھن فائيل جا پنا اُٿلائيندي چيو ''ها بابا! ڇا مسئلو آهي؟ سانتيڪي ۽ سرد ڪمري ۾ صاحب وڏي جو اوچتو آواز ٻُڌي هِن کان ڇرڪ نڪري ويو... کيس لڳو ڄڻ ڦاسي گهاٽ تي نيندي کائونس ڪنھن آخري خواهش پُڇي هُجي... ڊپ ۾ سندس دل سيني مان ائين ٻاهر نڪرڻ لاءِ ڦٿڪي رھي هُئي جيئن ڪنھن شڪاريءَ جي ھٿن ۾ ذبح ٿيندڙ پنڇيءَ جي دل ڦٿڪندي آهي...
هِن دل جي تيز ٿيندڙ ڌڪ، ڌڪ کي روڪيندي ڌيمي آواز ۾ وراڻيو ''سائين! آئون هڪ سينيئر پرائمري اُستاد آهيان، عُمر عزيز جا 35 سال قوم جي ٻارڙن کي الف، ب جي پٽي پڙهائيندي سينڌ اڇي ٿي آهي. هڪ ڏينھنءَ بہ حرام جي پگهار ڪانہ کاڌي اٿم. نہ ئي ڪڏهن ناجائز گُسايو اٿم. 5، 7 رت جا ڪھيا اٿم، ڪجهہ ڏِهاڙا اڳ۾ ٻن ٻارڙن کي ڪالرا جي وبا نھوڙي وِڌو اُنھن کي کڻائي اسپتال ويس. ٻه، ٽي ڏينھن ٻارڙا هوش ۾ ئي ڪو نہ هُئا. مونکي اوچتي ڪڙڪيل مُصيبت جي ڪري ٽائيم ئي ڪو نہ مِليو جو اسڪول وڃي موڪل ڪڍي ۽ ڪنھن کي اطلاع ڪري سگهان ها. اسڪول ۾ اڪيلو آهيان. پويان اوهان جا ڪرپٽ ڪامورا اسڪول وزٽ ڪرڻ آيا. اسڪول بند ڏِسي مونکي گهوسٽ ڄاڻائي رپورٽ ڪري ڇڏيائون. آئون هڪڙو ايماندار ۽ فرض شناس اُستاد آهيان، سو نڪو پي-ٽي-الف جي پٽيلن جي سلامي ڀريان نڪو ڪامورن جي غلامي ڪريان. اُن ڪري بنا ڪنھن تصديق جي، ڪا صفائي پيش ڪرڻ جو موقعو ڏيڻ بنا يڪ طرفو فيصلو ڪري مونکي آخري موقعي طور اوهان ڏانھن روانو ڪري ڇڏيائون. سو ٻچڙا ٻري ۾ ٻڙهڪندا ڇڏي سِڌو اوهان وٽ پھتو آهيان.
هاڻي رحم جي نظر هن درخواست تي ڌريو تہ اوهان جي اهل و عيال کي دُعائون پيو ڏيندس''. اِيئن چئي هِن درخواست وڏي صاحب جي اڳيان ميز تي رکي.
صاحب وڏي جنھن هيستائين يڪو ڪنڌ هيٺ ڪري پنھنجي ڪم ۾ رُڌل هُوندي بہ هِن کي خاموشيءَ سان ٻُڌو پي. تنھن اوچتو ائين رڙ ڪئي ڄڻ ڪنھن سُتل ڪُتي کي ڌڪ واهي ڪڍيو هُجي. ''بس بس اجائي بڪواس بند ڪر مونکي اوهان ماسترن جي حرام خوريءَ جي سڀ خبر آهي، مونکي پٽي پڙهائڻ جي ڪا ضرورت ڪانھي، هڪڙا ڊيوٽي چور، ٻيو وري پاڻ کي مظلوم ۽ معصوم بڻائي ناٽڪ ٿا ڪريو. گهڻا ڏينھن حرام جي پگهار کاڌي اٿئي هاڻ وڃي تغاريون کڻ تہ خبر پَوئي تہ گهڻين ويھين ٿو سئو ٿِئَي''. صاحب وڏي ''ماستر فوبيا'' جو سمورو زهر اوڪراڙا ڪري ٻاهر اوڪيو ۽ پوءِ هِن جي درخواست بنا پڙهڻ جي ٽُڪرا، ٽُڪرا ڪري ڊسٽ بن ۾ اُڇلائي ڇڏي.
.هِن کي لڳو ڄڻ هِن جيڪو 35 سال نور نچويو اُهو سمورو پورهيو پُرزا، پُرزا ٿي رديءَ جي ٽوڪريءَ ۾ دفن ٿِي ويو. اچانڪ صاحب جي پرسنل سيل فون جي اسڪرين تي ڪو ڄاتل سُڃاتل نمبر ظاهر ٿيو. ۽ صاحب وڏي جو موڊ جيڪو ڪجهہ پل اڳ ۾ جون جي مھيني جيئن ٽامڻي هڻي چُڪو هو. سو سانوڻ من ڀانوڻ جي مُند جيئن مهڪي پيو. ''جي سر! حُڪم ڪريو سرڪار! نه، نہ ڪو مسئلو ناهي، خادم آهيون سائين! اوهان جو حُڪم کپي. هم هين تو ڪيا غم هين جناب! آئون اڄ ئي بحاليءَ جو آرڊر ڪڍرايان ٿو، اوهان بي کُٽڪا رهو ٿينڪ يو ويري مچ سر!؟ فون رکي وڏي صاحب معنيٰ خيز مُرڪ چپن تي آڻيندي پنھنجي پرسنل سيڪريٽري کي مُخاطب ٿيندي چيو ''هُو جيڪو پنھنجو فلاڻو سماجوادي دوست آهي،
اُن جي گهرواريءَ کي حرامزادن غير حاضر ڄاڻائي پگهار روڪي آهي، تنھن جي فوري طور تي بحاليءَ جو آرڊر ڪڍي مذڪورہ آفيسر کي سختيءَ سان هدايت ڪر تہ مئڊم کي سموريون بقايائون بنا دير جي ادا ڪيون وڃن ٻيءَ صورت ۾ مذڪورہ آفيسر خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي''. سِندس سيڪريٽري حيرت مان هٻڪندي وراڻيو ''پر سر! اُها تہ 2005 کان غير حاضر آهي!؟'' وڏي صاحب جو چهرو هڪ دفعو ٻيھر غُصي ۾ گُلابي ٿي ويو.....!!
تہ پوءِ ڇا ٿِي پيو ؟ هُوءَ هڪ مانائتي سماجواديءَ جي زال آهي، هُو خانداني ماڻھو آهن ۽ رهن بہ مُلڪ کان ٻاهر ٿا هُو مصروف ڪاروباري ماڻھو آهن، اُنھن کي ٻيءَ دنيا کي بہ منھن ڏيڻو آهي. هُو جيڪي سماجي ڪم سرانجام ڏين ٿا اُهِي هِن ٽڪي جي ماستري کان تمام گهڻو مٿاهان آهن. هِنن کي اِنھي معمولي پگهار جي ڪالوڙ ٿورو ئي آهي ؟ اُهي تہ الائي ڪيترا خيراتي ادارا هلائين ٿا. هُوءَ ويھن سالن کان اسان جي اداري ۾ ملازم آهي، اهو تہ پڻ اسان جي اداري لئه اعزاز آهي ۽ اهڙا معتبر ۽ مُخير ماڻھو اسان جي مُلڪ جو نڪ آهن''.
وڏي صاحب جي واتان اهڙا عجيب انڪشاف ٻُڌي اول تہ جهوني اُستاد جا سڀئي وائيسر ڍرا ٿي ويا پر پوءِ پاڻ سھيڙي، سموري شڪتي يڪجا ڪري وڏي صاحب کي چيائين ''سائين! هُوءَ مائي جيڪا 20 سالن کان غير حاضر آهي اُها معتبر ۽ هر رعايت جي حقدار آهي، ۽ هيڏانھن آئون مسڪين جيڪو سڄي زندگيءَ ۾ فقط ٻٽي ڏينھن مجبوريءَ ۾ اسڪول وڃي نہ سگهيس. سو ٿيس گهوسٽ ۽ حرام خور. اِهو ڪٿي جو انصاف آهي؟ اوهان کي مرڻو آهي يا سدائين هِن ڪُرسي تي ويھي اسان ماسترن جي هِينئن تي مُڱ ڏرڻا آهن؟ اهڙي ماستري کان تہ ايئن ئي چڱو آھيان، جنھن ۾ نہ منھنجي عزتِ نفس محفوظ آهي ۽ نہ ئي منھنجي ٻچن جو مستقبل محفوظ آهي. ابا ھرُ ھلائي بہ پورو عيال پاري پَرڻائي گهرين تڙين جو ڌڻين ڪيو.مونکي بہ مالڪ ھٿ ڏنا آھن سو بُک وگهي آئون بہ ڪون مرندس''.
هڪڙي معمولي ماستر جي واتان اهڙا اُگرا ويڻ وڏي صاحب جي جاھہ و جلال کي تيلي ڏيکارڻ ۽ سندس دماغ جو درجه حرارت سئو ڊگريون ڪرڻ لاءِ ڪافي هُئا. وڏي صاحب کي لڳو ڄڻ ڪنھن سندس ڪنن ۾ شِيھو ۽ اکين ۾ پيٺل مرچ وِڌا هُجن. هُن کي لڳو ڄڻ کيس ڪنھن الف اُگهاڙو ڪري شھر جي چونڪ تي سُمھاري ڇڏيو آهي. جنھن تي سڄي مُلڪ جا ماستر بيڪار بيضن، ڦِٿل ٽماٽن ۽ پُراڻن پادرن سان وسڪارو لاهيو ويٺا آهن. هُن پنھنجي سوڪالڊ وقار جا ٽٽل ٽُڪرا هوا ۾ اُڏرندي محسوس ڪيا. هُو ٿوري دير اندر ئي اندر ۾ وڦليو ۽ پوءِ گجگوڙ ڪري اُٿيو. جهٽ ڏيئي اُستاد جي قميص جي ڪالر مان جهلي هَڪ زوردار ٿڦڙ اُستاد جي ڳل تي وهائيندي چيائين ''اڙي! اُٺ جا پُٽ! تون پنھنجي اوقات ڏِٺي آهي؟، جو ھڪ ٽڪي جو ماستر ٿي ڪري پنھجي بالا آفيسر سان ايئن ٿو ڳالھائين ڄڻ پڻھين جي سِرڙيئي ھاريءَ سان پيو ڳالھائين ۽ تون جھڙي بدتميز گڏھ کي ماستر ڪيو ڪھڙي ڪُتي جي پُڇَ آھي؟''...
صاحب وڏي جي زوردار لپاٽ لڳڻ سان ئي اُستاد جي اکين اڳيان اونڌھہ ڇانئجي ويئي. پيرن هيٺيان زمين ڦِرڻ لڳي سندس ذهن ۾ هڪ زوردار ڌماڪو ٿيو ۽ هُن ڌُو وڃي مُنھن ڀر فرش تي ڦهڪو ڪيو....!! ڪجهہ دير سڄي ڪمري ۾ مقام جھڙي ماٺ ڇانئجي ويئي. ۽ پوء صاحب جو هٿ پاڻ مُرادو گهنٽي تي لڳو ۽ کن پل ۾ پٽيوالو سندس سامھون حاضر هو، ''جي سرَ'' هِن ڪُتي جي پُٽ کي ٻاهر ڪڍي وڃي پاڻي ڇَنڊڪاري هوش ۾ آڻي روانو ڪريوس ۽ ها! ڪو پُڇي تہ چئجو گرميءَ جي ڪري بي هوش ٿِيو آهي''. پٽيوالو بي هوش اُستاد کي ٻانھن مان گهيري ٻاهر کڻي ويو. پويان وڏي صاحب پاڻ کي ڪُرسيءَ تي اُڇلائيندي انتھائي نفرت آميز لھجي جي اُلٽي ڪئي. ''هُونھن! ٽڪي جو ماستر هليو آهي مونکي مُرليون سُڻائڻ....!!.

جنم ڀوميءَ مان جلاوطن ٿيل شاعر

اوهان جيڪڏهن نيئن ڪوٽ کان ڏيپلي وايا ويڙهيجهپ وارو رستو ڏيئي ويا هوندؤ تہ اِن ئي رستي تي جڙهيار هوٽل کان ٻہ ميل اڳيان ڳاٽ مٿي ڳوٺ موجود آهي نبي سر ساهڙ، اُتي ڳوٺ جي وچ ۾ هڪڙو گهر آهي. هڪ اهڙي هُنرمند ۽ سگهڙ شاعر جو، جنھن کي تمام گهٽ ماڻھو والم ميگهواڙ جي نالي سان سُڃاڻندا هُجن، پر سندس ترجا سڀئي ماڻھو ڄاڻن ٿا تہ والم نہ رُڳو چَم جي جُتين تي چانديءَ جو ڀرت ڀريندو هو پر باوجود اڻپڙهيل هُئڻ جي هڪ اهڙو زبردست قسم جو ڪلاڪار هو جنھن کي قلبي سگهڙ شاعر ڪوٺجي تہ ڪو وڌاءُ نہ ٿيندو، هُن پنھنجي حياتيءَ ۾ جيڪي بہ هاڃا، حادثا، واقعا ۽ لقاءُ ڏٺا اُنھن تي سنجيدہ توڻي مزاحيا اهڙا تہ ڏور بيت ڏنا جو حيرت سان گڏ حسرت بہ ٿيندي هُئي تہ ڪاش! هُن کي رڪارڊ ڪيو وڃي ها تہ هُو سانوڻ فقير، ۽ گُلو مياڻي جون سِڪون ضرور لاهي ها. پر ائين ٿي نہ سگهيو ۽ هو پنھنجي سموري ڏات ذات سان گڏ کڻي وڃي مِٽيءَ ۾ سُمھي رهيو.
توڻي جو سندس لائق پُٽ سائين راڻو مل ميگهواڙ هڪڙو پڙهيو لِکيو علم ۽ ادب دوست هو پر الائي ڇو اُن بہ پنھنجي پيءُ جي فن کي محفوظ ڪونہ ڪيو، سائين راڻي مل جي عِلمي، ادبي، هستي، سندس ڪتابن مان ڀريل ڪٻٺن اهِو سو ڪري ڏيکاريو جو هڪڙي حسين شاعر کي ڊِسڪور ڪيو، جنھن کي پاڻ سڀئي چمن آر ٿريءَ جي نالي سان چڱي ريت ڄاڻون سُڃاڻون ٿا، ڇهين مئي 1987ع تي سائين راڻي مل جي گهر ۾ جنم وٺندڙ چمن آر ٿري جنھن جو اصل نالو چمن لال آهي، پاڻ ايم اي انگريزي ادب ۾ ڪئي اٿائين، لِکڻ جي ابتدا 1999ع کان ڪيائين، سنڌ ورسٽيءَ جون سُرمئي شامون ۽ ٿر جا ٿڌڙا صُبح جڏهن هِن جي هانوَ جي هندوري ۾ ڪنھن چاڳيلي ٻار جيئن لُڏڻ لڳا تہ سندس من جي سَرزمين ۾ شاعري جا صِلا ڦٽڻ شروع ٿيا، حيدرآباد جي عِلمي، ادبي ماحول، شورن واري شھر جي حُسناڪين ۾ ٿري مِزاج رکندڙ هِي نوجوان جڏهن ڪتابن، ۽ ادبي محفلن ۾ پاڻ ڳولڻ لڳو تہ سندس هڪڙي حسين شاعر سان مُلاقات ٿي، جنھن کي پاڻ سڀئي چمن آر ٿري چئون ٿا.
چمن ٿوري وقت ۾ جو ڪُجهہ لکيو آهي، بھتر لکيو آهي ۽ وڏي ڳالھہ تہ سنڌ جي ڪافي معياري رسالن جھڙوڪ سوجهرو، امرتا ۽ ٻين ۾ ڇپجندو بہ رهي ٿو، حيدرآباد ۾ هُوندي ئي کيس هڪ نج علمي ادبي مئگزين ڪجليو ڪڍڻ جو جُنون جي حد تائين شوق جاڳيو پاڻ اُن جا ڪافي پرچا بہ ڪڍيائين، پر پوءِ طبيعت جي ناسازيءَ سبب انِ سلسلي کي جاري رکي نہ سگهيو، پر وري اچي ريڊيو مِٺيءَ جا وڻ وسايائين، جتي ڪُجهہ سالن کان ڍاٽڪي توڻي سنڌي پروگرامن ۾ ڪمپيئرنگ ذريعي ڪافي پذيرائي ماڻي اٿس. زندگيءَ ۾ وقت کان اڳ والد جي سھاري کسجڻ جي درد کيس جهوريو تہ ضرور پر اُن اذيت کي بہ هِن پنھنجي فن ۾ اوتي ڇڏيو، فني توڻي فڪري لحاظ کان سندس شاعري پُختي محسوس ٿئي ٿي، لکِڻ لاءِ سکڻ جي ڪا بہ حد ڪانھي سو هي دوست بہ انِ عمل مان گذري رهيو آهي، پر سندس نظم ڌيان ڇڪائيندڙ آهن، خاص طور اُنھن ۾ جيڪا نغمگي يا موسيقيت آهي سا کيس اڳتي هلي سندس ئي ٽھيءَ ۾ پاڻ مڃرائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي، چمن آر ٿريءَ کوڙ سارو نثر بہ لکيو آهي، موضوعن جي فراواني ۽ وهندڙ نديءَ جھڙي روانيءَ جي ڪري سندس نثر بہ سگهارو آهي، جيڪو پڙهندڙ کي پنھنجي تاثير ۾ ترندي محسوس ڪرائڻ جي سگهہ رکي ٿو پر دنگ اتي ڪونہ ٿو ٿئي، هِي شروعاتي وِکون آهن. لکِڻ لاءِ وڏو جھان ۽ تمام گهڻا موضوع، اڻ ڇُھيل ۽ اڇوتا اڃا بہ موجود آهن.
چمن جي اکين اڳيان هِي هيڏو سارو ٿر اُن جا موضوع، منظر ۽ ڪردار کيس سڏي رهيا آهن تہ اسان تي لکِ، اسان کي اون ڪر، جڏهن بہ هن دوست پنھنجو پاڻ کي ٿر جي ڪردارن ۾ وڃائي وري ڳولي لڌو تڏهن يقين ڄاڻو هُو هڪڙي نيئن رنگ ۽ ڍنگ سان نروار ٿيندو ۽ مونکي هِن دوست ۾ اهِا قوي اُميد آهي تہ هُو سندس ڏاڏي والم کان ورثي ۾ مليل ڏات ۽ والد راڻي مل کان مليل محبتن جي مالڪي ڪري نہ رُڳو اُنھن کي جڳ ۾ جيئدان بخشيندو پر پاڻ بہ لکِڻ جي لاکيڻي گُر سان پنھنجي مِٽيءَ ۽ مارُو ماڻھن جون مانُ مٿاهون ڪندو رهندو. جيتوڻيڪ چمن آر ٿري ءَ جي بنيادي سڃاڻپ هڪ شاعر واري ئي آهي پر هو ڪجليو مئگزين جي ايڊيٽرشپ کان وٺي ريڊيو مٺي تي سنڌي ڍاٽڪي ڪمپيئرنگ تائين بہ پاڻ مڃائي چڪو آهي ڪچڙي وهيءَ ۾ والد جي وڇوڙي ۽ جواني ۾ جنم جوءَ مان جلاوطني جي درد هن جي وجود کي ولوڙيو ضرور آهي پر شاعري وري بہ کيس سھيڙيو آهي. هن جا نظم سندس ڪڪوريل نيڻن جون ڪٿائون ۽ اڌ ٿيل اندر جون وارتائون بيان ڪن ٿا هن جي شاعري ۾ نہ رڳو مري ويل مورن جا ٽھوڪا گونجن ٿا پر رتوڇاڻ روهيڙن جا روڳ بہ پسجن ٿا سندس شاعري ۾ ڪنھن وڌوا جي ٻُٽين ٻانھن جو سوڳ بہ آهي تہ سدائين کنوڻ تي مال ڪاهيندڙ ڌراڙن جو الڪو بہ آهي. هن جي شاعري ۾ واهوندي ورڻ جو وشواس بہ آهي تہ اميدن جي ٻڪرال ٻهڪڻ جي اڳڪٿي بہ ڪري ٿي. پنھنجي ڏک سک کي شاعري جي ٻَپُڙي اجرڪ تي ڦلڙين جيئن جرڪائيندڙ هيءُ سھڻو شاعر ٿر جي جديد سنڌي شاعرن جي قطار ۾ اڳئين صف ۾ بيٺل نظر اچي ٿو. دعا آهي تہ ڏات ديوي چمن جي من اڱڻ تي سدائين ڪنھن آرائين جيئن ڪوتائن جا جهول ڀري ايندي رهي ۽ اسان جو هيءُ اربيلو شاعر گيتن، غزلن جا گجرا ۽ نظمن جا ھہڙا نو لکا هار پوئي سنڌي شاعري کي پارائيندو رهي.
ڪَلھہ روهيڙي جي ٽاريءَ تي،
ڪنھن ڳيريءَ ويٺي راڳ ڪيو،
مون ڀانيو تو آ ياد ڪيو!

ڪلھہ اڪ جي نيرين ڦُلڙين کي،
ڪو پوپٽ گهيري ويٺو هو،
۽ ڀونئرن لاٿو ڦيرو هو،
مون ڀانيو تو آ ياد ڪيو!

ڪلھہ باک ڦُٽيءَ جي ويلا هُئي،
سڀ منظر اُجرا، اُجرا هئا،
۽ ماڪ جا ننڍڙا قطرا هئا،
جي مُنھنجي مُک تي مُرڪيا هئا،
۽ مور خوشيءَ مان ٻوليو هو،
مون ڀانيو تو آ ياد ڪيو!

ڪَلھہ ڪُونج اُتر کان ڪُڻڪي هُئي،
هيءَ دلبر دلڙي ڌڙڪي هُئي،
۽ ساڄي اک ڀي ڦڙڪي هُئي،
ڪا سار هوا ۾ سُڏڪي هُئي،
۽ ڪانگ ڪنڊيءَ تي ٻوليو هو،
مون ڀانيو تو آ ياد ڪيو،
مون ڀانيو تو آ ياد ڪيو!

''ٽِڙياسين دامَنِ صَحرا ۾ خٰوشبو ئي اَجائي وَئي''

ٿر جي مُهڙ واري شھر نئين ڪوٽ مان نڪري جڏهن اوهان جي گاڏي نئين ڪوٽ جو قلعو ڪراس ڪري ڏکڻ -اوڀر طرف مٺيءَ واري رستي ڏانھن مُڙي، تڏهن ڌانڌهونءَ نالي ٻنيءَ وٽان جيڪو رستو ساڄي هٿ تي سڌو ڏکڻ طرف نڪري ٿو، اهو رستو ويڙهيجپ کان ٿيندو سڌو ڏيپلي شھر ڏانھن وڃي ٿو ۔
اهو رستو ڏيئي 15، 16 ڪلوميٽر اڳتي هلندئو تہ هڪڙي هوٽل نظر ايندي۔ نمن جي جهڳٽي ۾ رستي جي کاٻي ڪپ تي اڏيل اها هوٽل آهي جعفر وڪيي جي- جيڪو خود هڪ هلندڙ ڦرندڙ ڄڻ تہ ڪا تاريخ ھو، توڻي جو هُو ھيو تہ اڻ پڙهيل يا بنھہ گهٽ پڙهيل، پر سندس سيني ۾ سنڌ جي 60 سالن جي سياسي سماجي تاريخ ۽ خاص طور تي ٿر جو هر حادثو واقعو ۽ لقاءُ محفوظ ھوندو ھُئس ۔
هُن جي ڪُلھن ۾ تہ برابر گَهڙن جون گاٺين پيل ھيون پر سندس سياسي، سماجي سُڌ - ٻُڌ ڏسي حيرت ٿيندي هُئي تہ سڄي جھان کان جدا ۽ ڪٽيل هڪ اٻوجهہ ٿريءَ وٽ ايتري ڄاڻ آئي ڪٿان آهي ؟
هُن کي پنھنجي پُوري ڄمار جو هر واقعو ۽ حادثو ايئن ياد هوندو ھو جيئن ماڻھوءَ کي رات جي کاڌل ماني ياد هوندي آهي.
جيتوڻيڪ هاڻ نہ هِن هوٽل جو مالڪ جعفر وڪيو رھيو آھي ۽ نہ ئي ھِن ھوٽل تي وري ڪا لاري ٿي بيھي، پر اڄ کان ويھہ پنجويھہ سال اڳ سيٺ سومار ۽ حاجي محمد جون هلندڙ لاريون هِن جي هوٽل تي ضرور بيھنديون هُيون ۽ جنھن بہ ماڻھوءَ انھن لارين ۾ سفر ڪيو هوندو، تنھن کي جڙهيار هوٽل تي لاري بيھڻ کان پوء هڪ اهڙو شخص لاريء جي ٻنھي پاسن کان ڦيرا پائيندي نظر آيو هوندو، جيڪو توڻي جو اکين سان نابين آهي، پر هِن جي اندر ۾ هڪڙو اُجرين اکين وارو فنڪار موجود آهي، جيڪو جڏهن بہ الغوزي کي اُڃايل چَپن تي رکي درد جي ڪا ڌُن ڇيڙي ٿو تڏهن ايئن لڳندو آهي ڄڻ ڪُٺل پئي ڪوڪاري ڄڻ وڍيل پئي واڪا ڪري. ھِن جي چَپن جي ڪَپن تي رقص ڪندڙ الغوزي جي آلاپن کي ٻُڌي لڳندو آھي ڄڻ ڪي جلترنگ وڄڻ شروع ٿي ويا آهن، ڄڻ ڪُل ڪائنات سندس سُرن جي سرگم تي رقص ڪري رهي آهي. ڄڻ درد جو درياھ پلٽجي پيو آھي ۽ ڀوريون ناسي ڀٽون پنھنجا پانڌ ڳوڙھن جي وَڏَ-ڦُڙي سان ڀِڄائي رھيون آھن.
''احمد عُرفِ-عام آمن وڪيي'' جو قد جو ڊگهو، رنگ ڀٽن جھڙو ڀورو، وار پوئتي وَريَل پر سدائين پُسيل پوء الاء پاڻيءَ مان يا تيل مان، اها خبر هڪڙي کيس آهي ٻي خدا کي ھوندي.
پاڻ کي رڳو اها خبر آهي تہ هو اڃان ٻالڪپڻ ۾ ئي هو جو ماتا سندس ٻنھي اکين جو نور ناس ڪري ڇڏيو ۔ هُو جڙهيار هوٽل تي بيھندڙ لاريءَ جي ڀر ۾ اچي بيھي ضرور ٿو، پر هِن ڪڏهن بہ ڪا صدا ناهي هَنئي ۔ جيڪڏهن ڪو کيس نابين سمجهي ٻہ چار ڏوڪڙ ڏيئي حاتم طاعي هُئڻ جو ثبوت ڏيندو تہ انڪار هو بہ ناهي ڪندو، پر اصل ۾ هُو اِن نور نہ هُئڻ جي بھاني ڪڏهن بہ ڪنھن جي اڳيان هٿ ناهي ڊگهيريندو -
احمد وڪيو جيڪو اکين سان تہ برابر نابين آهي پر هُن جو اندر ايئن اُجرو آهي، جئين پُونم رات جو سنڌو جل جَرڪندو آهي ۔ هِن کي لاريءَ جي ڀرسان بيھڻ جي عادت انھن ميمڻن وڌي جيڪي نہ رڳو هٿ جا ڇُوٽ هئا پر اُهي ڏيپلائي ميمڻ اهڙن ماڻھن جا وڏا قدر شناس پڻ هوندا هئا.پر هاڻ نہ اُهي لاريون رهيون آهن ۽ نہ ئي وري اُهي ڏيپلائي ميمڻ، جن کي ياد ڪري هُو اڄ بہ ٿڌڙا ساھ ڀريندو آھي تہ سانگاھ ڍنڍ جي سُڪل پيٽ جھڙن سندس ناسي نيڻن مان ٻٽي ڪوسا ڳوڙھا ڳڙي پوندا آھن.
احمد وڪيو جنھن کي خلقِ- خدا آمن جي نالي سان ڄاڻي ۽ سُڃاڻي ٿي سو هڪ اھڙو الغوزي نواز ڪلاڪار آهي، جنھن وٽان اکين جو نور تہ واقعي رُسي ويو آهي، پر ڏات جي مھا ديوي مٿس ڏاڍي مھربان رھي آهي- 80 ورھين جي ڄمار جو احمد عُرف آمن وڪيو، اڌ صديءَ جيتري عُمر الغوزي کي ارپي چُڪو آهي ۔ ڄڻ تہ ھِن پنھنجن محرومين جو پلاند بي مُروت ۽ بي مُھابي سماج کان پنھنجي ڏات مَھا ڪاتَ وسيلي ورتو آھي.
بي حس سماج طرفان ھن ناتوان وڄتڪار کي نظر انداز ڪرڻ واري اوڇيءَ روش جو پوتا-ميل ڪبو تہ ڪيئي ڪتاب تحرير ٿي سگهن ٿا. حيرت اھا ڪانھي تہ ھِن جِي سنڌ جَي ثقافت کاتي ڪڏھن ڪا سار ڪانھي لڌي يا ڪنھن سماجي اداري ھن فقير تي ھَٿين ڇائون ناھن ڪيون. پر افسوس اھو آھي تہ عشر زڪوات ۽ بيت المال وارن بہ ھن نِرڌَن نابين فنڪار کي مستحق ناھي سمڌو، گهٽ تہ ھن فقير سان نادرا وارن بہ ناھي ڪئي جن سٺ ستر سالن تائين کيس سڃاڻپ ڪارڊ ان ڪري بہ ٺاھي نٿي ڏنو جو ھُو پنھنجي امڙ ۽ ابي جا اين آءِ سي نمبر ڏيڻ کان قاصر ھو. ڀلا جڏھن ھن جا والدين وفات ڪري ويا ھئا تڏھن قومي سڃاڻپ ڪارڊ ھو ئي ڪونہ تہ احمد عُرف آمن وڪيو پنھنجن مائٽن جا ڪارڊ ڪٿان آڻي ھا؟ ۽ ھُن جا مسڪين مائيٽ تہ اڌ صدي اڳ ئي مري کپي ويا ھئا.
احمد عُرف آمن وڪيي کي ستر کان اسي واري ڏهاڪي دوران ريڊيو حيدرآباد تي ھڪڙي ميوزڪ پروڊيوسر کيس ائپرو تہ ڪيو پر هو اُتي پھچي پروگرام ڪرڻ کان اُنڪري بہ قاصر رهيو، جو هڪ تہ ھو اُنھي ميوزڪ پروڊيوسر جي ناجائز فرمائش يعني رڍَ جي اُنَ جو ڪارو کٿو افورڊ ڪري نہ ٿي سگهيو ۽ ٻيو اڪيلي سر هُو ايڏي ڊگهي سفر جو پاڻ ۾ ساهُس ساري نہ ٿي سگهيو ۔ بس رڳو تر جي شادين مُرادين ۾ پاوا وڄائي پاڻ کي هلڪو محسوس ڪندڙ هن فنڪار کي ڪنھن بہ اداري اڃان تائين تہ ياد ناهي ڪيو ۽ ڪنھن بہ داد جي دلاسي کان بي نياز هي ڏات ڌڻي سُر ۽ گُر ڄاڻڻ باوجود هوٽل جڙهيار تائين ئي محدود رهجي ويو آهي. پر کيس نہ تہ ان ڳالھہ جو ڪو افسوس آهي ۽ نہ ئي زندگي وئرٿ وڃڻ جو ڪو ارمان آھي. اسان واري ھن سڄي تر ۾ شايد ئي ڪو اهڙو وڄت ڪار هجي، جيڪو هن جو جوڙ يا جيس هُجي ۽ واقعي هن وانگر روح سان وڄائي بہ سگهي ۔
ڪجهہ سالون اڳ ۾ ريڊيو مٺيء جي انائونسر دوست دائود ساھڙ کيس مٺي ريڊيو تي ائپرو ڪرائي پروگرام وٺي ڏنا ھئا ۽ پوءِ اھي پروگرام بہ ملڻ بند ٿي ويا. مون ھڪڙي ڀيري پُڇيومانس تہ ''آمن! مٺي ريڊيو تي پروگرام ڪونہ پيو ڪرين ڇو ڀلا؟'' ھميش جيئن ھلڪو ٽھڪ ڏيئي چيائين'' امر! اُھي ڀاڙي جا پئسا بہ نٿا ڏين تہ آئون مسڪين ٻن ڄڻن جو خرچ ڪٿان آڻيان جو مٺي ريڊيو تي مفت پروگرام ڪريان؟ '' احمد عُرف آمن وڪيو ٻٽي سالن کان ريڊيو مٺي تہ ڇڏي آيو آھي، پر مون کي شڪ آھي تہ ريڊيو مٺي جي لاگ بوڪ ۾ سندس اِنٽري اڃان بہ اَوَس ٿيندي ھوندي، ڇو تہ بقول ڪنھن انائوسر دوست جي، تہ جتي ''فرضي فنڪارن'' جون اِنٽريز ٿي سگهن ٿيون اتي ڪنھن جيئري جاڳندي آرٽسٽ جي غير موجودگيءَ ۾ سندس اِنٽري ٿيڻ ڪا اڻ ٿيڻي ڳالھہ ڪونھي -
احمد وڪيي عُرف آمن وڪيي کي الغوزي نواز هئڻ کان علاوه خدا تعالا ھڪڙي خاص خوبي اھا بہ عطا ڪئي آھي جو ھيءُ نابين هُوندي بہ پئسا سُڃاڻي سگهي ٿو ۔ پاڪستان جو ڪو بہ سِڪو ڪو بہ نوٽ کيس هٿ ۾ ڏيئي پوء پُڇوس تہ آمن ! هِي پئسا گهڻا آهن ؟ تہ هو ڦاٽوڙ واري ڏرڙ وانگر ڦاٽل ۽ چريل پنھنجو کهرو هٿ اُنھي سِڪي يا نوٽ تي گُهمائي چوندو'' هي چار آنا آهن، اٺ آنا آهن يا پنج رپيا يا ڏھ رپيا آهن'' ۔ سندس سُڃاڻپ واري اهڙي ڏانءُ ۽ ڏات جي ڪري کيس ڪير بہ آسانيءَ سان ٺڳي نہ ٿو سگهي ۔ اهو ئي سبب آهي جو هو هلڪو ڦلڪو دڪان بہ هلائيندو ھو جيڪو ھاڻ ختم ٿي ويو آھي.
هن هيڏيءَ ساريءَ وشال دنيا ۾ هن جا فقط ٻہ ڀائر ڪجهہ سالون اڳ تائين جيئرا ھئا پر اھي بہ ھڪ ٻئي پويان غربت ۽ بيماري سان جهيڙيندي، جهڙيندي نيٺ موت ھٿان مات کائي ھُن پار ھليا ويا آھن-
۽ افسوس! جو جنھن جعفر وڪيي آمن کي پنھنجي اَجهي ۾ سڄي ڄمار پناھ ڏني اُھو بہ کيس اڪيلو ڪري سال کن ٿيندي جو وفات ڪري ويو آھي. ۽ ھاڻ ھن جھان ۾ نہ تہ ڪو پُٽ اٿس، نہ ئي پيءُ، نہ ماءَ، نہ ڀيڻ، نہ ڌيءَ، نہ ئي ڪو ڀاءُ، ڇاڪاڻ جو هڪ تہ هو غير شادي شده آهي ٻيو تہ هن جا هڙئي ويجها عزيز و قريب سڀئي خاڪ کائي چُڪي آهي، پوء بہ هو پنھنجي جيئڻ لاء جَتن ڪري ٿو ۽ پيئڻ لاءِ پاڻي بہ پنھنجي ڪُلھي تي دِلو رکي کوھَ تان پاڻ ئي ڀري اچي ٿو، پر هو ڪنھن جو بہ محتاج ڪونھي. هِن اولاد نہ هُئڻ جي ڪمي ايئن پوري ڪئي آهي، جو تترن جي جوڙي پالي انھن کي نہ رڳو ٻوليون سيکاري ٿو، پر انھن جي خدمت ڪري سرھائي محسوس ڪري ٿو.
هن جي مَنَ-ننگر ۾ هڪڙو حسين و جميل ۽ حساس ڪلاڪار موجود آهي جنھن جَي ڏيئا ڏيئا ڏات ڪيئي ڏِسائون رڱي ٿي ۽ ڪيئي ڏيکَ جڳمڳ جَرڪائي ٿي ۔ هو اکين سان نابين هوندي بہ هِنئين جو سَڄَرَ آهي ۽ هو اندر جي اکين سان نہ رڳو سِڪن کي سُڃاڻي ٿو پر هو هڪ ڀيري جي ملاقات کانپوء هر اُن ماڻھوءَ کي آواز مان ئي سُڃاڻي وٺي ٿو، جيڪو ماڻھو ھڪ دفعو ساڻس ملي ويو ھوندو. احمد وڪيو انھيءَ ماڻھو کي پري کان ئي سندس آواز مان پرکي چوندو آھي تہ '' اڙي يار! ھي تہ فلاڻو ماڻھو پيو ڳالھائي''
احمد عُرف آمن وڪيو درد جو ھڪڙو پورو دؤر پنھنجي اندر ۾ پاليو ويٺو آھي، هِن جو ھينئڙو ڄڻ تہ لوڻ پروڻ ٿيل آھي. ۽ جيترا سوراخ سندس الغوزي جي ڪاٺين ۾ ڪيل آھن، اوترائي گهرا گُڙکَ ھن جي من اندر ۾ بہ موجود آھن.
سنڌي ٻوليءَ جو سگهارو شاعر ۽ منھنجو محبوب دوست محترم وسيم سومرو جڏھن ھڪڙي سياري ۾ منھنجي ڳوٺ ٿاڌات مون وٽ مھمان ٿي آيو ھو، تڏھن کيس سڄي سفر دوران ٻہ ماڻھو ۽ ھڪ منظر ئي سڀ کان وڌيڪ موھي ۽ متاثر ڪري سگهيا ھئا. ھڪ ڳوٺ سيڏيي جي ڀِٽَ تان لھندڙ سج جو من لُڀائيندڙ منظر، ٻيو منھنجي ڳوٺ جو درويش نالي مٺو، جنھن سِڻَ جي نوڙي وَٽي سندس ھٿ جي تِريءَ تي رکي ھئي. ۽ ٽيون ھو احمد يا آمن وڪيو، جنھن جي الغوزي مان ڦُٽي نڪتل سُر ڪوھياري ۽ پھاڙي راڳڻيءَ وسيم جي وجود کي ايئن لوڏيو ھو، جيئن ڪو تيز واچُوڙو وڻن کي ڌوڻيندو آھي.
جڙھيار ھوٽل جي جهونن نمن جي نيريءَ ڇانوَ ۾ کجيءَ سان واڻيل کٽولي تي ڌرتتيءَ جو ڏينھن ٺاريندڙ غريب الديار ۽ غريب العزيز احمد عُرف آمن وڪيي جي اُجهاڻل اکين جي ويران واديءَ ۾ سندس عزيزن جي وڇوڙي جا وَڍَ ڦوڙائي جي ڦٽن جيئن چارئي پھر چِڪي رھيا آھن. ۽ ڪنھن ولر کان وڇڙيل ڪونجَ وانگر ڪُرلائي رھيا آھن تہ؛ '' اڃان ٿي جيئين سڄڻ ساريو نہ مَرين؟''-
مٿان وري پيريءَ ۾ مليل پُٽ جيئن پيار ۽ پاٻوھَ مان پاليل تترن جي جوڙيءَ جَي جُدائيءَ جي جهوري سندس وجود جي ويران رڻ ۾ گرم لُڪن جي لُري وانگر لڳي رھي آھي. ۽ ھاڻ ھِن جي جَڏي جيءَ جي تڏي تي فقط پاوَن (الغوزي) جي جوڙي ئي ھِن جي ڪُل ڪائنات يعني مال ملڪيت ۽ مَڏي آھي. باقي سرڪاري غير سرڪاري مالي، اخلاقي سُھائتا کان محروم ھِن خود´دار ڪلاڪار کي نہ تہ ڪنھن سان ڪا شڪايت آھي ۽ نہ ئي ڪنھن ۾ ڪا اميد آھي، ڇو تہ ھاڻ ھي فقير ڪا تمنا ڪا آرزو ڪونھي وانگر زندگي گهارڻ جو عادي ٿي ويو آھي. پر سندس چِکڙيون لَٿل چھري ۽ سندس اداس اکڙين جي ڀُرندڙ ڀتين تي ھي سٽون ڪنھن پينا فليڪس وانگر آويزان آھن. جيڪي اھلِ-دل انسانن جو ڌيان ضرور ڇڪائينديون آھن تہ
خدا ڄاڻي تہ ڪنھن رنگين چمن ۾ ڇو نہ ڄاياسين،
ٽِڙياسين دامنِ- صَحرا ۾ خُوشبو ئي اَجائي ويئي

''جديد سنڌي شاعريءَ جي سينڌ مان ٽُٽُل سُھائو ستارو''

سنڌ جيڪا سُورن جي سُتي پي ساماڻي آهي، سا پنھنجي واٽ ويندڙ ڌرتي ڌڻين جي ٿيل ناحق خون تي رت جا ڳوڙها ڳاڙي، سندن پَروڻ ٿيل جسمَ لحد ۾ لاهي، انھن جي ڪانڌيپي مان اڃا واندي ئي ڪانہ ٿِي ٿِئي جو کيس وري ڪا ٻي خراب خبر سُڻائي وڃي ٿي... هُوءَ هر ڀيري هڪ اُڀ ڏاريندڙ اوڇنگار ڏيئي چِٻي ٿيل چيلھہ تي اجرڪ جو سندرو ٻڌي وري ڪا نئين قبر کوٽڻ لاءِ ڪوڏر کڻي ٿي.. هُوءَ پنھنجي پاڻ کي ميار ڏي ٿي: ''اڃان ٿي جيئين سڄڻ ساريو نہ مَرين''.. هُوءَ ماندي ٿي ڀٽائيءَ جي ڀرسان سندس مزار جي مھنگڙي تي ٻئي هٿ مٿي کي ڏيئي ويھي ٿي رهي تہ سندس من جي مٺيءَ شھر مان موهن ڀڳت جي هيءَ صدا گُونجي ٿي ''لوڪ سُتو ننڊون ڪري مُئي تي مَچڙا ٻَرن''..
هُوءَ کامي ٿي، پَچي ٿي، پِڄري ٿي ۽ اوچتو ڇرڪ کائي اُٿيي ٿِي، ڪجهہ وڃائجي وڃڻ جو ڀَئو، ڪا شئي کسجڻ جو خوف سندس سيني ۾ ڇِپلي هڻي ويھي رهي ٿو، درد جو ڪاريھر نانگ ڦَڻ ڪڍي سندس ڏيل ڏنگي ٿو، بيوسي ڪنھن بي گُريءَ بلا جيئن سندس هر سوچ جي هر گهيڙ ۽ گهاٽ تي ۽ وجود جي هر واٽ تي'' ٿارو'' هڻي ويھي رھي ٿي، ڀٽائي جو هِيءُ بيت ''هُو ٿا پَلاڻين هُتي، هِتي هينئون منھنجو ٿو هيڻو ٿيئي''.. سندس هينئن ۾ هٿ وجهي ويھي ٿو رهي تہ سنڌ خود سان هم - ڪلام ٿئي ٿِي.. ''الائي ڪھڙا گهوڙا آهن جو هاڻ مون تان هيڪي اڌي ٽَري ئي ڪانہ ٿِي، اڃا هڪڙي پٽ يا ڌيءَ جي ڏَهي تي مَٿي پاڻي ئي مَسَ ٿي ڏيان جو وري ڪو ٻيو حياتيءَ جي هٿ- آڱرين مان گهر- گِهلي ڇَلي وانگر گِسڪيو وڃي''.
باقي بي مھابو موت ئي آهي، جيڪو ڪنھن اڻ ڪوٺي ۽ ڪِرياتي مِزمان جيئن سدائين خيالن ۽ خوابن جي کٽوليءَ تي ائين پاڳوٺي ٺوڪي ويٺل آهي، جيئن ڪو آمر اقتدار ۾ اچڻ لئي تہ ''مڊ نائيٽ جيڪالن'' جي معرفت اوير ئي ناهي ڪندو پر وڃڻ بجاءِ ورهين تائين يعني اڻ ڄاتل مدي تائين سڀئي ارادا مُلتوي ڪري ''آري'' تي ويھي رهندو آهي.
سنڌ اڃا طارق عالم ابڙي جي ئي تَڏي تي هُئي جو سورهين جُون جو سِجُ ٻي منحوس خبر کڻي اچي سندس شيشي جھڙي دل مٿان وِڄ وانگر ڪريو، جنھن ڄڻ تہ سنڌ جي هٿن مان حياتيءَ جو ڀَريل گلاس کسي کڻي فرش تي ڦَڳائي ڦُوندا، ڦُوندا ڪري ڇڏيو، ڄڻ تہ سنڌ جي هيروشيما ۽ ناگاساڪيءَ مٿان ڪنھن ائٽم بم ڪِرائي وڌو. سنڌ جي ساحلن سان سونامي ٽڪرايو، سِج سوا نيزي تي لھي آيو، سنڌوءَ جون لهرون لُڇڻ لڳيون، ڀِٽائيءَ جي مَزار جا ڪِنگرا ڪِرچيون ڪِرچيون ٿي ڪراڙ ڍنڍ ۾ ڪرڻ لڳا، اياز جي اندر ۾ ٿر، ٿر پيدا ٿي سندس قبر ڪَر موڙيا، درازن جي ڌرتي ڌُٻي، سَچل جي گهڙوليءَ دانھن ڪئي، ''گهوڙا هيءُ هاڃو ڪيئن ٿيو'' ؟ قلندر جي ڪَليجي ۾ ڪھاڙو کُپي ويو، وڻن تي ويٺل پکين ۾ ٽاھُ پيو، ۽ اکين ۾ اڻ مُندائتو آگم لٿو، سڄو ڏيھہ ڏَهين مُحرم جو ڏيک ڏيڻ لڳو، ۽ سنڌ کي ڏندڻ پئجي ويا، ڇاڪاڻ جو ان اڀاڳيءَ رات جي پوئين پھر ۾ سنڌي نظم چنڊ گِرهڻ ٿيو هو. سِنڌ جو هڪڙو لااُبالي شاعر، هڪڙو فقير منش ماڻھو، هڪڙو انتھائي اڪابر، هڪڙو قابل ۽ ذهين شخص، حَسين و جَميل عاشق حسن درس حيدرآباد ۾ هڪ روڊ حادثي ۾ حياتيءَ جي راند هارائي ويٺو ھو.
هِتي هر ڪو ٿو هارائي، ڪنھن کٽي آ دنيا،
گهڻن لاءِ گهر گهڻو، گهڻن لاءِ گهٽي آ دنيا.
چوڏهينءَ رات جو چنڊ گِرهڻ سنڌ جي شھونشاھُ شاعر جي حُسناڪ حياتيءَ سان هِيئن ''هٿ -چُراند'' ڪندو اها ڪَل ڪنھن کي بہ ڪانہ هئي، سندس اُنھن پِياڪن دوستن کي بہ پتو ڪو نہ پيو جن وٽان هو اُن رات پي پُر ٿي پوءِ اُٿيو هو، پَتو تہ اُنھيءَ سنڌ کي بہ ڪونہ هو جنھن جي روڊن تي رت ۾ ريٽو حسن درس تڙپندو رهيو، ۽ پرينءَ جي پاڇي جھڙيءَ سنڌ کي سڏيندو رهيو پر ڪنھن بہ سندس سَڏَ ڪونہ سُئا.. ڀلا مُنھن ويڙهي مُئن جيئن سُتل سَسئي جھڙي سِنڌ کي ڪھڙي ڪَل تہ اڄ سندس پُنهل هُن پار پَلاڻيندو ؟
زندگي ڀلي اهڙي، ٽُڪ تي رليءَ جهڙي،
آئون وڇايان تون نہ ويھين، ڇو نہ پوءِ ويڙهي ڇڏيان.
حسن واقعي پنھنجي زندگيءَ جي ٽُڪ جھڙي رلي ويڙهي هليو ويو هُن پار هُن کي ڏور وڃڻو هو سو هليو ويو، پر ايترو تڪڙو ۽ ايڏي عمر ۾ جنھن لاءِ مظهر چواڻي ''ٽِڙڻ جا ڏينھن هُيا ۽ اَسين ڇَڻيا آهيون''.. هُو حياتيءَ جي سيڙهڪيءَ ڄار مان پڪل پيروُئَن جيئن ڇَڻي پيو ۽ وقت کان اڳم ئي زندگيءَ جي وَل مان اُکڙي ويو، هن واقعي وڃي ڏيکاريو، مڃڻ مراد آهي تہ هن کي اوچتو اچڻ، اک ڇنب ۾ وري گم ٿي وڃڻ، ۽ مزي سان مرڻ جو هنر ايندو هو، کيس خبر هئي تہ جند جھڙي سنڌ جي جگر ۾ جُڳن تائين ڪيئن جيئرو رهي سگهجي ٿو، دلين جا ديبل بندر فتح ڪرڻ جي فن کان هو بخوبي واقف هو. هن کي ڪنھن اڻ موٽ گهوٽ جيئن سينگاري جڏهن هوٿي مشائخ جي لائق مِٽيءَ جي لحد ۾ لاٿو پئي ويو عين انھيءَ سَمي پيرين اُڀراڻي مٿي اُگهاڙي ۽ ڪُلھي ڦاٿل ڪَنجريءَ سان سنڌ پنھنجي دل جي ڌڙڪن روڪي ساھ مٺ ۾ سوگهو ڪري پنھنجي ٻچڙي جي ٻوڪاني کولي سندس مُنھن مبارڪ ڏٺو جنھن تي مُرڪي مِلڻ جو ماڻو ۽ کِلندي روئڻ جو کُٽڪو رهجي ويو هو، سنڌ کان اهو لقاءُ ڏٺو نہ ٿيو سنڌ اکيون بند ڪري مُنھن ڦيري ٻي پاسي ڪري ڇڏيو، تہ درگاھہ هوٿي مشائخ جون ماٺيون مزارون لُڏڻ لڳيون....
انھيءَ رات اَسر جو جڏهن چوڏهينءَ جو چنڊ ''جهليل'' هو تڏهن سنڌي شاعريءَ جي نرالي نظم کي ڪا بدنظر لڳي هئي يا چنڊ گِرهڻ جَي ڪاراڻ ويرَ مُٺ هَنئي هُئي جو اُهو اچانڪ سائي جي مريض جيئن مُرجهائجي پيلو ٿي پيو هو.. سنڌي شاعريءَ کي نئين لب و لھجي، لوڪ وِزڊم ۽ فطرت جا فيروزي وڳا سِبي پھرائيندڙ هن جوانيءَ جھڙي رواني ۽ ردم سان ڀرپور شاعر جي جيءَ - سمنڊ ۾ ڪا تہ جُوار ڀاٽا بي چين ۽ بي تاب هئي جنھن سندس بيقرار بدن مان هڪ اهڙي ويرَ اُٿاري، جنھن کيس جهٽ پٽ موت جي ڪاري سمنڊ سان ملائي هڪ ڪري ڇڏيو.. ''سمنڊ ٿو مونکي سڏي مان هليو ويندس هتان '' هو هِتان هليو ويو، هو سنڌ جي صحرائن، دَرياهُن، سامونڊي ساحلن، ڳوٺن، پوٺن، ڍنڍن ڍورن ۽ وڏن وَڻن سان سالن جي سنگت ڇِني ورهين جا واسطا ٽوڙي سندن ذهنن جي کَٽ تي يادن جو ''لَڪُڻ'' رکي راڻي وانگر رُسي هليو ويو... اُن رات هڪ روڊ حادثي ۾ سنڌي شاعري ايڪسيڊنٽ ٿي پئي ھُئي، جنھن کي جيئندان بخشيندڙ حسن درس پنھنجي شاعريءَ جا سڀئي وينٽيليٽر هٽائي هليو ويو، هُو جنھن جي شاعريءَ مان حياتيءَ جي حُسناڪي هورا ڪندي نظر ايندي هُئي، اُن جي شاعريءَ ۾ ''ڪائنات ڪيڏي وڏي آهي '' کان وٺي ''کل جھڙا پيار اسان جا'' جھڙو فڪر انگريز فلسفو بہ آهي تہ رات جو مري ويل سيءُ تپ ۾ ڪانڊيري جي ڪھاڻي بہ آهي، هُن جي شاعريءَ ۾ هارين جي نارين جون سِبيل رليون بہ آهن تہ پَڙي سان پاڻياريون بہ، گهڙي جي رکڻ لاءِ گهايل گهر بہ آهن تہ ننگر جون ناسي نينگريون بہ، هٺيلا هرڻ بہ آهن تہ مور ناچوءَ جا مڙئي منظر بہ، مٺيءَ جون گهٽيون بہ موجود آهن، تہ شاھہ لڪي صدر جون سُرمئي سانجهيون پڻ، کاري ڇاڻ جون ڇاڙهون بہ آهن، تہ نہ سُمھندڙ شاھہ بندر بہ، هن جي شاعريءَ ۾ مست قلندر بہ مَحوِ رقص مِلندو تہ گهوڙي جي ٽاپولي پڻ، مير محمد لُنڊ جي نڙ مان نڪتل ڦوڪ بہ آهي تہ منڇر ۽ ڪينجهر جو ڪنڌيون بہ، عورتن جي عُرياني جا دلڪش انداز بہ آهن تہ موکيءَ جا ڀريل مَٽ بہ ڇُلڪندي نظر اچن ٿا، هُو جيڪو هڪڙي عاشق جون غضب ادائون رکندڙ زمان ۽ مڪان جي قيد کان آزاد ۽ لامحدود ماڻھو هو اُن جي جيون جو هَر سَمو شاعراڻو ۽ فقيراڻو هو، هُو جيڪو هر ڪنھن جو ميت هو بلڪِ زندگيءَ جو گيت هو، جيڪو ڄڻ تہ جديد سنڌي شاعريءَ جو صوفي سرمد هو ۽ هيءَ سَموري سِنڌ اُن جو اَڀيچند هئي ان سان جيڪو بہ هڪ ڀيري مليو هوندو اهو سندس سحر انگيز شخصيت مان ڪڏهن بہ پاڻ آجو ڪرائي ڪو نہ سگهيو هوندو.
دنيا جي هر موضوع تي دسترس رکندڙ حسن درس جڏهن بہ پنھنجي گَرجدار آواز ۾ خالص ٻھراڙيءَ واري ٻوليءَ جي نِجُ ڳوٺاڻي لھجي ۾ ڪنھن بہ اسٽيج تي بيھي ٻئي هٿ چيلھہ تي رکي هڪڙي مخصوص انداز سان ڳالھائيندو هو تہ سندس جسم جو هر انگ گفتگو ڪندي نظر ايندو هو. هُن جا هٿ بہ ڳالھائيندا هئا تہ اکيون بہ سندس ڏَيا ۽ ڏاهپ باڊي لئنگوئيج مان باک جيان بَکندي هُئي، ظاهري طور رُعبدار ۽ ڪڙڪ نظر ايندڙ حسن درس اندر ۾ مينھن - ماماڻي کان بہ نازڪ و نفيس ۽ ايترو پُرڪشش ۽ پولائيٽ جو ڪنھن سان ذرو بہ زيادتي ٿي تہ جِهڄي ۽ جُهري پوندو هو. هُو جيڪو لاڙ جي ملاحن کان وٺي ننگر جي ڪولھين تائين، عِلمي، ادبي اڪابرن کان وٺي هڪ عام اڻ پڙهئي ماڙهوءَ تائين سڀني ۾ هڪجيترو مقبول هو بلڪِ سڀني جو محبوب ڪردار هو، ۽ هر ڪنھن جي سڏ سان گڏ هر هنڌ پَلٿي ماري پَٽَ تي ويھي گوڏو گوڏي سان ڀَڃي مَحوِ گفتگو ٿيندو هو تہ رات کُٽي ويندي هئي پر حسن جيڪو سنڌو درياھ جيئن اُٿلي پوندو هو سو کُٽندو ڪونہ هو. ڇيڙبو هُئس تہ ڇور واھ جي ڇولين جيئن پيو خيالن جا کيٽ ۽ ٻَنيون ٻوڙيندو ويندو هو. ماکيءَ جي لار جيئن مسلسل ۽ لڳاتار پيو ڳُجهہ ڳرهيندو هو، ڏند ڪٿائون، قصا، ڪھاڻيون، شاعري، آرٽ، مُصوري مطلب تہ مِڙني مُوضوعن جا ڀَريل مَٽ خالي ڪري پوءِ اٿندو هو. هُو هِڪڙو ڀَريو، تُريو سانوڻ هو، جنھن جي نہ رُڳو شاعريءَ ۾ وِڄ وراڪا هُوندا هئا، سندس کِلڻ ۾ بہ کِنوڻ جا تَجلا هوندا هُئا پر سندس ڪچهريءَ ۾ ڪُميت گهوڙن جا سِراڙا بہ هوندا هُئا. هُو جيڪو سِنڌ جو سيلاني فقير هو تنھن سڄي سنڌ پيرن هيٺيان ڪڍي، پنجاب جي سِرائيڪي پٽيءَ سميت هِن سڄي ''ڪشورِ- حسين'' مان ڦِري ٻيءَ ڀَر کان ٿي آيو.
هُو جتي، جتي بہ ويو اُتان جي حُسن کي هُن ڪنھن سياسي نظريي جي ناسي عينڪ بجاءِ پنھنجي عاشق اک سان ڏٺو ۽ محسوس ڪيو هو، هُو ڪچي، ڪاڇي، لاڙ ۽ ٿر مان اڪثر ٿِيڻ ايندو هو، هُو مِٺيءَ سان مِلڻ ايندو هو تہ ٿَر جون ڀِٽون کيس ڀاڪُرن منجهہ ڀرينديون هيون، مِٺيءَ جا مَندر بہ ساڻس مُرڪي مِلندا هئا تہ کوھہ کيس کِلي کيڪار ڪَندا هئا. سِنڌ هِن جي ڪاڪ هُئي ۽ هُو اُن جو راڻو هو، هُو هِڪڙو غير معمولي ۽ مُنفرد ماڻھو هو،جنھن جي سوچَ جا شھزور گهوڙا بہ گهڻن کان نرالا ۽ نيارا هوندا هئا..
هِڪ ڏِهاڙي حيدرآباد ۾ مونکي چَيو هُئائين، اَمر! آئون پنھنجي شعري مَجموعي جو نالو ''ٽاپولي'' رَکندس، حيدرآباد ۾ ئي آڪاش انصاري، برڪت فقير، انور سولنگيءَ جي آڏو اِها ڳالھہ ڪَيائين تہ امر ! ''جيڪڏهن پَنج سئو ڇوڪريون مونکي ميسيج ڪري چَون تہ آئون پنھنجو ڪِتاب ڇَپرائيندس ''... اِها سَندس مَزاحيا مِزاج جي مَڳي هئي يا شاعراڻي شَرارت، مونکي خَبر ڪانھي، پَر مون کي سندس اُها خوبصورت خَواهش اَڄ بہ ياد آهي جيڪا هُن هِڪ ڀيري قاسم آباد حيدرآباد ۾ سلمان خواجه جي مئه خاني تي مَخمور ٿي ٻُڌائي هئي تہ امر ! ''اسان سڄي سِنڌ جا جيڏا، سَرتا گڏجي هِڪڙو ڪم ڪريون هر ضلعي ۾ پنجاھ سئو هَم خِيال دوست جيڪي فُنونِ- لطيف سان واڳيل آهن يا دلچسپي رکن ٿا اهي رضاڪارڻا بِنا ڪنھن تَنظيم سازي يا رُڪنيت جي هڙان وڙان ڏيئي سال ۾ هڪ دفعو هر ضلعي ۾ هِڪڙو شاندار پروگرام ڪن جنھن ۾ لوڪ فَن جا سمورا نمونا لوڪ رنگ، موسيقي، شاعري ۽ آرٽ جا ٻيا سَڀئي شُعبا اُتي هَڪيا هُجن ڳائين وڄائين کائين، پيئن ۽ جِيئن هِڪٻئي سان بِنا ڪنھن حِجاب جي هم ڪلام ٿين، حال اورين وَٺن، ٻُڌن ۽ ٻُڌائين ۽ اهو سَڄو مانڊاڻ بِنا ڪنھن مُعاوضي جي هِڪ گهر جي ڀاتين وانگر ڀيڙا ٿي ملھائين ۽ زندگيءَ کي رنگين بنائي سنڌ جي نئين نسل کي بي راھ روي ۽ خودڪشيءَ جي خيال مان ٻاهر ڪڍي اچن''....
خُدا ٿو ڄاڻي تہ سندس سڄڻ هُن جي اُن خَواب جھڙي خَواهش کي حقيقت جو پاڻي ڏيندا يا اُها تَمنا بہ سندس عُمر وانگر اَڻ پُوري ۽ اڌوري رهجي ويندي پر حَسن درس جيڪو هر لِحاظ کان سَڀني پارين سِنڌ لڳندو هو، اُن بابت سِنڌ جي نامياري دانشور عَزيز مھراڻوي ٻُڌايو تہ ''حَسن مون وٽ يونيورسٽي ۾ پَڙهڻ دوران هِڪ ڏينھن اچي چيو عزيز سائين! اڄ مون کي پيپر ياد ڪونھي مون چيو ٺيڪ آهي تون هِڪ نظم لکي ڏي پيپر ۾ پاس ڪندوسانءِ. عَزيز صاحب ٻڌايو تہ مونکي حيرت سان گڏ خوشي بہ ٿي جو حسن پنجن منٽن ۾ هِڪ نھايت ئي خوبصورت نَظم لکي کڻي آيو ۽ مون کيس شاعراڻي ذهانت تي داد ڏيندي پيپر ۾ پاس ڪري ڇڏيو، ساڻس گڏ پَڙهندڙ ڇوڪرن چيو تہ حَسن پيپر ئي ڪو نہ ڏنو پوءِ بہ اوهان کيس پاس ڪري ڇَڏيو مون کين نھايت ئي مُحبت مان سَمجهائيندي چَيو تہ حَسن سِنڌ آهي ۽ سِنڌ کي پيپر ڏِيڻ جي ڀَلا ڪھڙي ضَرورت آهي''..
حسن درس جڏهن بہ شاعريءَ جي شاهي محل ۾ ڪنھن شھونشھواھ جيئن تشريف فرما ٿيندو هو تہ نہ رُڳو سِنڌي شاعري ادب وِچان اُٿي بِيھندي هُئي پَر خاص طور تي جَديد سِنڌي نظم سورنھن ئي سينگار ڪري سندس سامھون هَٿ جوڙي اچي حاضر ٿيندو هو ۽ خيالن جو خوبصورت پَريون ننگي سر نَچنديون هيون تہ حسن کي ساري سنڌ پرين جي پاڇي جھڙي لڳندي هئي.
شاعري هُن وٽ سَرڙيو هاري هُئي ۽ قَلم هُن جو ڪَمدار هو، هُو دِلين جو ڌاڙيل بہ هو تہ پيري ۽ پاٿاريدار پڻ، هُو نہ رُڳو ''محفلِ- مُشاعرا '' لُٽِيندو هو، پر حَياتيءَ جي ''بازارِ -حسن'' مان ڏينھن ڏٺي جو کاٽ هڻڻ بہ خُوب ڄاڻندو هو..
ڊِگهي قد، گول ۽ گلابي چهري، وَڏين ڪاڇي ڪَٽورن جهڙين اکين وارو حسن درس پنھنجو وارو وَڄائي هليو ويو، بلڪِ وَڻ وڄائي هليو ويو، موت جي پھچ کان مَٿڀرو حسن درس،'' پِيئڻ۽ جِيئڻ'' جا طور طريقا توڙي ''مَزي سان مَرڻ '' جا سَڀئي سَليقا ڄاڻندو هو، هُو جيڪو حَياتيءَ جي گَج مٿان هُرمَچ وانگر هو، سو ويو تہ ڄڻ زِندگيءَ جي ڇينٽَ مان ڇِترَ ڪڍي ويو. ھٰو حاجيءَ ساند جي هنن سِٽن وانگر هو؛
''موت جو بہ عشق هو ۽ زندگيءَ ڇڏيو نٿي،
هُو شَخص ڀي تہ ڇا هُيو جو عاشقي ڇڏيو نٿي''
هُو عُمر جي آڱرين مان ڇَڻيو تہ مَزي سان مَرڻ، رَڄُ ٿي روُئڻ ۽ خُوش ٿي کِلڻ کان محروم ماڻھن کي ڏندين آڱريون ڏئي ويو.هُن جي ريشمي رومال جھڙي رومانوي ''زندگي ۽ موت'' کي حيرت ۽ حسرت سان ڏسندڙ رڳو ريس ئي ڪري سگهن ٿا، باقي ساڻس نہ ڀيچي ٿيڻ جي ڪا ڀيڻي آهي ۽ نہ ئي سندس جُتيءَ ۾ ڪو پير پائي سگهي ٿو..!

آواز ننگر جو شھزادو امين ارباب'

ھُن کي مون پھريون ڀيرو ريڊيو حيدرآباد تي ڪوثر ٻُرڙي جي آفيس ۾ ڏٺو ھو. قد پوڻا پنج فوٽ، ڇاتي ڇويھہ انچ، جسم سنھڙو، بدن ڀورو مُھانڊا مَلوڪ ۽ صفا الھڙ جواني، فون تي ڪنھن سنگتيءَ سان مسخري ڪري رھيو ھو تہ، ڪوثر ٻُڙري کيس فورنََ اُنھيءَ مذاق جي موٽ بہ مسخريءَ ۾ ئي ڏني ھُئي. ۽ ھُو ويتر کِل ۾ ويڙھجي ويو ھو. ڇاڪاڻ جو ھُو ٻئي ھڪٻي سان تمام گهڻا حُجتي ھُيا. منھنجي ساڻس اُھا پھرين ملاقات ھُئي. جيڪا اسان جي وچ ۾ سَنگِ -ميل ثابت ٿي. اُھي ڏينھن اڄوڻا ڏينھن، نہ ھُن مون کان مُنھن موڙيو ۽ نہ ئي وري مون ھُن کان اکيون ڦيريون آھن.
امين دوستين کي ڌوتين وانگر بدلائيندڙن مان ھرگز ڪونھي. ھِن جون جنھن سان بہ ڪي حُجتون ۽ محتون آھن تہ اُھي پُر خُلوص پنھنجائپ تي ٻڌل ۽ پائيدار آھن. ھِن وٽ دوستيءَ ۾ ڪا بہ سياسي، نسلي يا مذھبي تفريق ڪانھي. ڪوبہ متُ - ڀيدُ ڪونھي، ھن جي دوستي ڪنھن بہ سوشل اسٽيٽس جي محتاج ڪونھي. دوستن جي ڏک سک ۾ شريڪ ٿيڻ انھن جي اوکيءَ سوکيءَ مھل ۾ سار لھڻ ھن جو وڙ آھي ۽ دوستن کي آڌي اسُرُ فون ڪري ياد ڪرڻ بہ ھِن جي فطرت ۾ شامل آھي. مون کي ياد آھي حيدرآباد شھر جو اھو ڏينھن، جنھن ڏينھن منھنجو لَختِ- جڳر مون کان جُدا ٿيو ھو تہ ان جي ڳولا ۾ حيدرآباد جي روڊن، گهٽين، گهرن ۽ درن تي مون سان گڏ سڄو ڏينھن امين منھنجو ٻانھن- ٻيلي ۽ ٻَرُ ٿي ڀٽڪيو ھو. محشر جھڙي انھي ڏينھن ۾ ھِن جي ڏڍ ڏيڻ ۽ ھٿ ھٿ ۾ ڏيئي ھلڻ واري وڙ کي آئون تا عمر وساري نہ سگهندس.
امين ارباب ڪپري موري لڳ گهاٽن وڻن جي ويڙھن، انبن، ڪيلن جي باغن ۽ سرسبز کيتن جي جهڳٽي ۾ نھڙين جي اُنھي اڪيلي ڳوٺ ۾ 3 جولاءِ تي، سائين علي محمد نھڙيي جي گهر ۾ جنم ورتو آھي، جتي وَسندڙ مينھن ۾ نھڙين جي اوطاق جي ڪچيءَ لانڍيءَ ۾ جڏھن ارباب امير حسن رات ٽِڪيو ھو، تڏھن ڀرپاسي جا سندس سنگتي ھاليپوٽا کيس ڪوٺڻ آيا ھئا ته'' ھِتي پُسي ويندين اسان جي اطاق ۾ ھلي رات رھَ''. پر ارباب امير حسن کين اِھو چئي لاجواب ڪري ڇڏيو ھو تہ '' پنھنجن ٻچن کي ھن برسات ۾ اڪيلو ھِنن جهوپڙين ۾َ ڇڏي آئون ھلي اوھان جي بنگلن ۾ آرامي ٿيان؟ اھو مون کان قطعي ڪونہ پُڄندو آئون پنھنجن ماڻھُن سان گڏ ئي رھندس''.
امين ارباب سنڌ جو شايد پھريون ليکڪ/صحافي آھي، جنھن پبلڪ اسڪول حيدرآباد مان انٽر، لا ڪاليج حيدرآباد مان ايل.ايل بي، سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان ايم.اي سوشالاجي جي روائتي تعليم پوري ڪرڻ کانپواءِ صوفي ازم ۽ ماڊرن سائنس ۾ ماسٽرس پڻ ڪئي آھي. امين ارباب پنھنجي ڪيريئر جو آغاز عبرت اخبار جي ايڊيٽر شپ سان ڪيو، ڪجهہ وقت زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام ۾ ايڍھاڪ ليڪچرار طور بہ رھيو، سينيٽ اسلام آباد ۾ ايڊيٽر آف ڊبيٽ جي عارضي عهدي تي بہ رھيو. سنڌ حڪومت جي لائيواسٽاڪ ۽ فشريز کاتي ۾ او ايس ڊي طور بہ ڪم ڪيائين.انھي کانسواءِ اسٽيٽ لائف انشورنش ۾ بطور آفيسر ڪجهہ وقت ڪم ڪيائين، ۽ ھن وقت حيدرآ باد ۾ سُئي سدرن گيس ڪمپني ۾ ھڪڙي فرض شناس ۽ ايماندار آفيسر طور پنھنجون خدمتون سرانجام ڏيئي رھيو آھي.
ھڪڙي بھترين براڊ ڪاسٽر ھئڻ ڪري امين مھراڻ ٽي وي تي پڻ ڪافي سالن تائين نيوزڪاسٽر جي حيثيت سان ڪم ڪيو آھي، اتي ئي واقعاتي ڊاڪيومينٽريز ۽ ٻيا فيچر پيش ڪري وڏو نالو ڪمايائين. امين آواز جي دنيا جو ھڪڙو صاحبِ-اسلوب براڊڪاسٽر آھي جنھن ڪري اڌ سنڌ جا نوان آواز سندس نقل ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪن ٿا. اھائي تہ ھڪڙي ڪامياب ڪمپيئر جي مڃتا آھي جو ماڻھو اُنھيءَ جي چُونڊيل چارن تي ھلن ٿا ۽ اُنھيءَ جي آواز ۽ انداز ۾ پنھنجو پاڻ کي ڳولين ٿا.
امين ارباب جي باري ۾ ماڻھُن جي مرضي جيڪا بہ راءِ قائم ڪن ۽ جيڪو وڻين سو چَون، پر منھنجي نظر ۾ ھُو ھڪڙو اندر جو اڇو اُجرو انسان ۽ مُحِبِ- وطن ماڙھُو آھي. ٿر جي اربابن سان سندس خانداني ۽ ذاتي واسطا ھُئڻ ڪري ادبي وڏيرن جي اڪثر ڪري اوڇيءَ روش جو شڪار بہ رھيو آھي. ۽ اُھي اِبِنِ-وقت ادبي وڏيرا جيڪي شيطان سياستدانن ۽ ڪرپٽ ترين ڪامورن جا بوٽ پالش ڪري ناجائز فائدا وٺي پنھنجا پيٽَ ساوا ڪري رھيا آھن.اُھي ميرَن ھٿن وارا مُجرم مُجيري بہ ھِن اڇي اجري فقير جي خلاف فتوائون صادر ڪري رھيا آهن ـ ۽ مٿس اجاين الزامن جون آڱريون اُڀيون ڪري رھيا آھن.
پر ھيءُ بقول ڀٽائي جي؛ ھُو چَونئي تون م چَئو واتان ورائي تي عمل ڪندي ورندي ڏيڻ بدران پنھنجيءَ ڏات جي جَرڪندڙ ڏيئن سان ڏيھہ ۾ ڏينھن آڻڻ لاء رتي برابر ئي سھي پر پنھنجي پتيءَ جو ڪردار ادا ڪري رھيو آھي. عيبن کان آجو تہ ھن دنيا ۾ ڪو بہ ماڻھو ڪونھي، پر ھِن ھوا کان بہ ھلڪي ماڻھو منجهہ خامين کان وڌيڪ خوبيون آھن. ھُو صحافت جي گورک ڌنڌي ۾ آيو تہ رات جي پيٽ ۾ سڄي سنڌ ۾ مشھور ٿي ويو، اخباري ڪالم لکيائين تہ منفرد انداز ۽ اسلوب سبب گهڻن کان گوءِ کڻي ويو، ادبي دنيا ۾ آيو تہ اتي بہ پنھنجي الڳ سڃاڻپ پيدا ڪيائين. ريڊيو حيدرآباد جي مائيڪ تان سندس سُريلو آواز سنڌ جي فضائن ۾ ڦھليو تہ ھزارين پرستار پيدا ڪيائين. جيڪي اڄ بہ ريڊيو ڪن سان لڳائي ھم-تن گوش ٿي سندس مَڌرُ آواز ڪَنائيندا آھن.
سندس آواز ۾ قدرتي طور ايڏو درد، ايڏي پيڙا ڄڻ ڪوئِل پئي ڪوڪي ڄڻ ڪونجَ پئي ڪُرلائي. ايئن لڳندو آھي ڄڻ ڪنھن سندس نازڪ دل نِپوڙي پوء ڇڪي آڻي مائيڪ تي ويھاريو آھي. جتي ھُو درد جي درياھ سان ٻُڌندڙن جي دلين جون ٻنيون ۽ ٻيلا ٻوڙي رھيو آھي. ۽ ھِن جي اھا بہ اضافي خوبي آھي جو ھُو سنڌ جي ڪنھن بہ ھاڃي ۽ حادثي تي ايئن پروگرام ڪري ھليو ويندو آھي، جو ڪنھن کي ڪَل ئي ڪانہ پوندي آھي تہ ھُو چَئي ڇا ويو آھي ؟ انھي ڏات ۽ ڏانوَ سان امين ڪيئي اڻ ڪھيون ۽ سَلڻ نہ جهڙيون ڳالھيون بہ ڪري ويندو آھي.
توڻي جو ڪنھن زماني ۾ ڪي ''سازشي عناصر'' ھِن جي ڳرھڻ جهڙين ڳالھڙين خلاف بہ شڪايتون پنھنجي آقائن تائين پھچائيندا ھئا، پر ھِن فقير تن من انسان کي اھڙين حَرڪتن تي نہ تہ ڪا حيرت ٿيندي ھُئي ۽ نہ ئي وري ڪا کيس ڳڻ ڳوت- ھِن کي اُنھي ڳالھہ جي بہ ڪا اونَ ڪا نہ ھُئي تہ ڪي'' ڪُپتيا ڪمپيئر'' ريڊيي تي '' پنھنجا پير پُختا ''ڪرڻ خاطر ٻين جا ''پير ڇڪڻ ۾ پُورا آھن ''۽ ھن سميت کوڙ باصلاحت نوجوانن جي حقن تي ڌنئوري ڏينھن ڌاڙا ھڻي رھيا آھن. ريڊيو ھن جي روح جي وندر ۽ وِروُنھن آھي، جتان ھُو پنھنجن ماڻھن سان مخاطب ٿي دل جو بار ھلڪو ڪندو آھي.
ھن جي سريرَ ۽ ساھُ ۾ ھاڻ تہ ھيءَ جند جھڙي سنڌ ئي سمائجي چُڪي آھي پر ھِن جي روحَ جو رَمتو جوڳي اُنھي سنڌ کي ڳوليندو رھي ٿو جتان ھِن جو ڏاڏو ۽ ڏاڏي ڏُڪارن ۾ ڏُلي رڻ ڪڇَ کي پارُ ڪري لابارو ڪرڻ لاءِ لاڙ ايندا ھُئا، پر اوچتي ورھاڱي جي ورُ چڙھي وڃڻ ڪري ھِتي ئي رھجي ويا. ۽ سرحد جي ھُن پار رھجي ويل سندن وجود جي وڇوڙي جو درد ھِنن جي ڄڻ تہ ڪُل ميڙي چُونڊي ھُئي، جيڪا ھِنن مرڻ گهڙيءَ تائين مَنَ جي سِڻڪَ ۾ سونَن ڳَهن وانگر سنڀالي رکي ھُئي. ۽ جڏھن اُنھن اکيون پوريون تڏھن وطن کان دوريءَ جو اھو دادلو درد پنھنجي پوٽي امين ارباب کي ئي ڏاجَ ۾ ڏيئي ويا. امين جي اندر جي اڪيلائي ۽ اُڻتڻ کي پڙھڻ کانپوءِ ئي پتو پوندو آھي تہ کيس ڪنھن ٻئي ديس مان جلاوطن ڪري ھِتي آندو ويو آھي، ڇاڪاڻ جو سندس وجود جو اڌ ڀاڱو گجرات جي ڏاڏاڻڪي ڳوٺ'' ڏاوري'' ۾ ئي رھجي ويو آھي.
امين جي اُنھي درد کي سندس پڙھندڙن توڻي ٻڌندڙن سدائين پنھنجو درد ڪري محسوس ڪيو آھي. اھو ئي ڪارڻ آھي جو سندس سُڃاڻپ سنڌ جون سيمائون اُڪري انڊيا جي علائقن ۽ اڄڪلھہ انٽرنيٽ وسيلي جتي، جتي بہ دنيا ۾ سنڌي موجود آھن اوستائين پھچي چُڪي آھي.امين ڀاڳوند ليکڪ/ڪمپيئر آھي جنھن سان بي لوث محبت ڪندڙن جو ھڪڙو وسيع حلقو آھي. جيڪي نہ رڳو سندس پروگرامن جا عُشاق آھن پر سندس ڇپيل ڪتابن کي بہ '' لائف سيونگ ڊرگس '' وانگر ڳولي ھٿ ڪندا آھن.
ھِن جي'' حَلقهء احباب'' ۾ ڪيئي استاد ڪامورا سماجي اڳواڻ ساڄا، کاٻا،ترقي پسند، روشن خيال قوم پرست وفاق پرست سياستدان صحافي اديب دانشور شاعر براڊ ڪاسٽر، صوفي، فقير فُقرا امير غريب ۽ اسان جھڙا اٻوجهہ بہ شامل آھن.
آواز جي دنيا جو ھي اڪيلو پنڇي آھي، جنھن جي آواز ۾ نہ رڳو سنڌ پر ھند جو درد بہ ڦٿڪي رھيو آھي. ھُو نہ رڳو نثر جي ناسي وڳن تي خوبصورت خيالن جي کارڪ ڇڊي ڄاڻي ٿو، پر شاعريءَ جي سِتار کي جڏھن ڇيڙي ٿو تڏھن سندس ٻولَ ٿر-ٻاٻيھي جي اُڃَ اُساٽَ ۽ اُلڪو بڻجي انساني احساسن جي ٿر مٿان ڪڪر بانورا بڻجي برسن ٿا. ڪير آھي جنھن جيجي زرينا بلوچ جي آواز ۾ ھي ٻول؛'' جھڙي تنھنجي ٻولي آ'' ٻُڌي ٻئي ھٿ مٿي تي ڏيئي ٿڌو ساھُ نہ ڀريو ھوندو؟ توڻي جو ھِن شاعري ڪا ايتري گهڻي ڪانھي ڪئي پر جيڪي بہ ٿورا ڪَڻا ٿالھيءَ ۾ وڌا اٿس انھي شاعريءَ ۾'' شاعري'' ضرور موجود آھي. جيتوڻيڪ ھيل تائين سندس شاعريءَ جو هڪڙو ئي ڪتاب شايع ٿيل آھي ''ڌرتي منھنجي سرتي'' پر سندس اڻ ڇپيل شاعري بہ ڪافي تعداد ۾ موجود آھي. ان کان علاه سندس شاندار ريڊيو اسڪرپٽ تي مشتمل ڪتاب ''در کليو ئي رھيو'' ۽ مھراڻ ٽي وي تي پيش ڪيل سندس ڊاڪيومينٽريز جو ڪتاب '' لڙيو پي لاڙ تان سورج'' تمام گهڻي مقبوليت ماڻي چُڪو آھي، ۽ سندس ايندڙ ڪتاب ''آئون ريڊيو ۽ آواز'' آھي.
لاڙي مزاج رکندڙ ھن صوفي منش شاعر، بي باڪ صحافي ۽ ڪمپيئر کي قدرت نہ رڳو بي پناھ عزت ۽ شھرت جي دولت سان نوازيو آھي، پر سٻاجهي سڀاءُ، سادگي نِوڙت، نِهٺائي اخلاق ۽ اخلاص جو مُجسمو پڻ بڻايو آھي.
دل جي درياھ ھن اھلِ-دل انسان سان جيڪو بہ شخص ھڪ ڀيرو سَنمُک ٿيو ھوندو، اھو ساڻس ٻيھر ملڻ لاءِ ماندو ضرور ٿيو ھوندو، اھا ھن جي خلوص جي خوشبوءِ آھي جيڪا ماڻھوءَ کي ڇڪي آڻي ھن جي وجود مان واسُ وٺڻ تي مجبور ڪري ٿي.
ھن سان بي پناھ پيار ڪندڙن جو ھڪڙو سنڌي وڏو سمنڊ موجزن آھي، جيڪو ھن سان ملڻ لاء ماندو آھي، بي چين ۽ بي قرار آھي. جنھن کي نہ تہ ڪنھن بہ ويزا جي ضرورت آھي ۽ نہ ئي سيمائن جون سينائون اُنھي کي روڪي سگهن ٿيون.
ايئن بہ ڪونھي تہ ھن رڳو محبتن کي ئي ماڻيو آھي پر ھن تہ پنھنجن پيارن دوستن توڻي پرستارن جي پيار کي ساھُ جي سُونگيءَ ۾ سدائين ايئن سنڀالي رکيو آھي جيئن ڪا عورت مائيٽن کان ڏيجَ ۾ مليل سَچي سونَ جي بُوليءَ کي سنڀالي رکندي آھي. لاڙي روايتن جي امينَ ۽ محبتن جي ھِن سفير ماڻھوءَ نہ ڪڏھن دوستين جي تقدس کي ميرو ٿيڻ ڏنو آھي ۽ نہ ئي ڪڏھن مقدس رشتن جي ڀَرمن کي ڀورا ٿيڻ ڏنو آھي.
لاڙ جي رتڙن چانورن، لِيار پيروئن ۽ سَرينھن ڦولار جي سُڳنڌ جھڙي دل جي ھن امير ماڻھوءَ جو وجود، اسان پارن اڀرن لاءِ ڪنھن بڙ جي گهاٽي ڇانوَ جھڙو آھي. جتي جڏھن بہ زماني جي ٿُوھَرَ- ڪَنڊن جھڙيءَ اوڇيءَ روش جو شڪار ٿي روحَ رتوڇاڻ ڪري موٽي ٿا اچون تڏھن ھِن وٽ ئي مَرھم - پَٽي ملي ٿي ۽ ھِتي ئي ڪي پل قرار جا ماڻيون ٿا.
ڪپري موري ۽ قاسم آباد جي وچ ۾ ھِن جي پيرن جا پنڌ ۽ رَمتي جوڳيءَ جھڙي روحَ جون رولاڪيون ڏسي، پَسي لڳندو آھي تہ ھِن کي ٻن حصن ۾ تقسيم ڪيو ويو آھي، جنھن جو ھڪڙو ڀاڱو کُليل اڱڻن، اوتارن ۽ گهرن واري ڳوٺ جي ڳلين ۽ ٻنين جي آزاد فضائن ۾ اڏامي رھيو آھي، ۽ ٻيو ڀاڱو سوڙھيءَ دل وارن شھرن جي فليٽن ۾ مُقيد ٿي رھجي ويو آھي. بقول شاعر جي:
ایک پیارا سا گائوں جس میں پیپل کی چھائوں،
چھائوں ميں آشياں تھا ايک چھوٹا سا مکاں تھا،
چھوڑ کر گائوں کو،اُس گَهني چھائوں کو،
شھر کے ہو گئے ہیں، بهيڑ ميں کهو گئے ہیں۔
شھر جي ڀيڙ ۾ وڃائجي ويل امين ارباب جو جڏھن مَنُ ھُجومن ۾ ھُوندي بہ ھيڪل وياڪل ٿيندو آھي، تڏھن کيس دلڪش منظر جھڙي ڳوٺ جي سِڪَ سَتائيندي آھي تہ ھو اکيون پير ڪري ھليو ويندو آھي، اُنھي ڳوٺ جي ڳلين سان ملڻ، جتي ھن ھڪجيڏن سان گڏجي اِٽي ڏَڪَر ۽ بلور راند رَمي ھُئي، جتي لِڪي لِڪي باغن مان کٽيون، مٺيون انبڙيون پَٽي کاڌيون ھُيون. جتي دوستن سان گڏ نصير واھ ۾ وھنجندي ھن کي اُٻيڙَ پاڻيءَ کان ڀَئو ٿيندو ھو تہ ھُو اُنھي واھَ جي ڪَپرن تي ويھي دوستن کي تار پاڻيءَ ۾ ترندو ڏسي دل ئي دل ۾ اُنھن سان ڀيڙو پاڻ کي ڀِڄندي محسوس ڪندو ھو.
امين ارباب پنجن ڀائُرن ۽ چَئن ڀينرُن جو چاڳيلو ڀاءُ آھي، جنھن کان گذريل سال سندس عالم ۽ اڪابر والد سائين علي محمد نھڙيي جو سرسبز سايو تہ ھٽي ويو آھي، پر سندس دُعائن جو در (جيجل) اڃان کُليل آھي. جتان ھو آشيرواد وٺي جيون جو سفر سڦل ڪري رھيو آھي. امين جي شادي پنھنجيءَ سڳيءَ سَئوٽِ سان ٿيل آھي، جنھن مان کين ٻہ گلڙن جھڙا شھزادا مشتاق علي (زيبسٽ ۾ پڙھندڙ) ۽ ستين ڪلاس ۾ پڙھندڙ وقاس علي سندن اکين جا ٺار آھن.
ڪنھن زماني ۾ گولاڙچي مان صوبائي تڪ تي اليڪشن ۾ بيھڻ کان پوءِ اربابن جي ئي اصرار تي وڌ ڊرا ڪندڙ امين ارباب صحافت ۾ شاندار ڪارڪردگي جي ڪري نہ رڳو ايراني صدر رفسنجاني جي دعوت تي ايران جو دورو ڪيو ھو، پر ايران پاران بھترين جرنلسٽ جو ايوارڊ بہ ماڻيو تہ لطيف ايوارڊ سميت کوڙ ٻيا ايوارڊ ۽ تعريفي سَندون پڻ حاصل ڪيائين. پر بقول امين ارباب جي تہ؛'' مون لاءِ سڀ کان وڏو نوبل پرائيز منھنجي ماڻھُن جون بي لوث محبتون آھن.''
ھوائن جي شھر حيدرآباد جي رستن تي امين ڪنھن زماني ۾ ڪوثر ٻُرڙي سان گڏ ''ھوا کوري'' ڪندو ھو ۽ اڄڪلھہ اڪثر ڪري عباس کوسي ۽ ظفر منگيءَ سان گڏ واڌو واھ کان پڪوڙا چونڪ تائين پَسار ڪندو آھي، يا حيدرآباد ڪلب ۾ ئي سرد شامون ۽ گرم ڏينھن گهاريندو آھي. قسطن ۾ ورتل ڪار وڏي پٽ مشتاق عليءَ جي حوالي ھُئڻ ڪري، پيادل پنڌ گهمدڙ يا ڪنھن رڪشي ۾ آفيس ويندڙ ھن فقير جي من ۾ ڪنھن لاءِ بہ ڪا ٻيائي ڪانھي ھر ڪنھن سان ھٿ- جوڙ ڪندڙ ھي فقير جڏھن بہ خلق جي رَوَين ۾ خنجر ڏسندو آھي تڏھن سندس ڪيفيت نور محمد سومري جي ھن شعر جھڙي ٿي پوندي آھي ؛
خنجر کڻي ھٿن ۾ ھلن ٿا اھلِ وطن ھِتي،
دل ٿي چوي شھر مان ماڻھو ڀَڄي وڃي-
۽ جڏھن ھُو شھر جي شور مان بيزار ٿي ڀَڄي واھُونديءَ جي وِلھہ ۾ وھنتل ڳوٺ جي ڳلين ۾ ڪي پل قرار جا ماڻڻ ايندو آھي تڏھن سندس ڳوٺ کيس ڳلَ-ڳراٺي پائي چَوندو آھي ؛
دھوپ نفرت کی جان لیوا ہے،
آپ چھاؤں میں کیوں نہیں آتے؟
اب تو سڑکیں بھی صاف سُتھری ہیں،
آپ گاؤں میں کیوں نہیں آتے...؟