سنڌسلامت پاران
سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران تحقيقي ڪتاب ”پير حسام الدين راشدي (سوانح ۽ علمي ڪارناما)“ اوھان اڳيان پيش آھي. ڪتاب جو ليکڪ سيد صباح الدين عبدالرحمان آھي، سنڌيڪار امام راشدي آھي، سڌارا ۽ واڌارا آزاد قاضي ڪيا آھن.
سنڌ جي نامور محقق ۽ تاريخدان پير حسام الدين راشدي جي علمي، ادبي ۽ تحقيقي ڪم خاص ڪري سنڌ جي تاريخ کي درست نموني نروار ڪرڻ ۾ اھم ڪردار رھيو آھي. سنڌ جي ھن نامور عالم ۽ اسڪالر جي ادبي خدمتن کي نظر ۾ رکندي، ننڍي کنڊ جي عظيم شخصيت سيد صباح الدين عبدالرحمان سندن علمي ادبي ڪارنامن ۽ سوانح تي مشتمل طويل مقالو اردو ۾ تحرير ڪيو ، جنھن کي امام راشدي سنڌي ۾ ترجمو ڪيو. ڪتاب ۾ پير حسام الدين راشدي جي سوانح، علمي ڪارنامن کي نروار ڪري پيش ڪيو ويو آھي.
ھي ڪتاب 2011ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو. ڪتاب جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان اوهان سان شيئر ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي