شاعري

نظمن سان ڀريل ٽرين

شڪيل جي ھن مجموعي ۾ فطرتي سونھن ۽ احساسن سان ڀريل نظم موجود آھن. شڪيل لکي ٿو: ”فطرت جو اظھار شاعراڻو آهي. جيڪڏهن ڪنھن انسان جا حواس شاعري محسوس نٿا ڪري سگهن تہ سمجهو اهي ناڪارہ  ٿي چڪا آهن. ان ڪري هڪ زنده انسان ۾ هي خصوصيتون لازمي  هجڻ گهرجن. شاعراڻا حواس، شاعراڻا خيال ۽ شاعراڻا اظھار يقين ڄاڻو جڏهن سماج شاعراڻو ٿي ويندو تہ هيءَ انساني دنيا جنت  جو روپ ڌاري وٺندي ۽ انسانيت پنھنجي معراج کي پھچي ويندي“.

  • 4.5/5.0
  • 19
  • 2
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book نظمن سان ڀريل ٽرين

سنڌسلامت پاران


سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران خوبصورت شاعر شڪيل احمد جي نظمن جو ڪتاب ”نظمن سان ڀريل ٽرين“ اوھان اڳيان پيش آھي. 
شڪيل جي ھن مجموعي ۾ فطرتي سونھن ۽ احساسن سان ڀريل نظم موجود آھن. شڪيل لکي ٿو: ”فطرت جو اظھار شاعراڻو آهي. جيڪڏهن ڪنھن انسان جا حواس شاعري محسوس نٿا ڪري سگهن تہ سمجهو اهي ناڪارہ  ٿي چڪا آهن. ان ڪري هڪ زنده انسان ۾ هي خصوصيتون لازمي  هجڻ گهرجن. شاعراڻا حواس، شاعراڻا خيال ۽ شاعراڻا اظھار يقين ڄاڻو جڏهن سماج شاعراڻو ٿي ويندو تہ هيءَ انساني دنيا جنت  جو روپ ڌاري وٺندي ۽ انسانيت پنھنجي معراج کي پھچي ويندي“.
ھي ڪتاب 2021ع  ۾ ڪنول پبليڪيشن، قنبر  پاران ڇپايو ويو. ڪتاب جي پي ڊي ايف ڪاپي محترم عبدالجبار شيخ  جي سھڪار سان اوهان سان شيئر ڪجي ٿي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

سمورا حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

ڪتاب جو نالو: نظمن سان ڀريل ٽرين
موضوع: شاعري
ليکڪ: شڪيل احمد
پهريون ڇاپو: سيپٽمبر 2021ع
ٽائيٽل: بن صالح
ڪمپوزنگ: ڪارونجهر ڪمپوزرس. ڪارونجهر اڪيڊمي محراب پور
اِي ڪمپوزنگ: الشيخ ڪمپوزرس سانگي 03363412071
ڇپيندڙ: ڪنول پبليڪيشن قنبر
ڪنول پبليڪيشن پرنٽر بڪ شاپ سيد آرڪيڊ گاڏي کاتو حيدرآباد
03337523132
ملهه: 300 روپيه

ارپنا

هي ڪتاب ارپيان ٿو،
آءٌ پنهنجي عظيم محسن ۽ تا عمر اتساهه جو سبب بڻجندڙ پنهنجي ڏاڏا سائين فقير استاد رسول بخش “راز” شيخ کي
جيڪو عظيم استاد طبيب،موسيقيءَ جو ڄاڻون، بينجي وڄائڻ جو ماهر، ڪمپيئر،شاعر، ڪهاڻيڪار ، لطيفيات جو ماهر،ريسرچ اسڪالر، مترجم ۽ ٻين به ڪيترين ئي اعليٰ صفتن جو مالڪ ۽ وڏي راڄ ڀاڳ وارو ماڻهو هئو. سنڌي انگريزي فارسي، هندي، اردو ۽ پنجابي ٻولين تي ڪمال جي دسترس هيس محرابپور ۾ علمي ۽ ادبي ماحول جوڙڻ ۾ بنيادي ۽ اثرائتو ڪردار ادا ڪيائون. سڄي ڄمار مسڪين ماڻهن جو مفت طبي علاج ڪيائون. پاڻ ڪمال درجي جا مهمان نواز ۽ سخي مڙس هيا. انهيءَ دورجاسنڌ جا وڏا گويا ۽ راڳي ڏاڏا سائينءَ کي پنهنجو گرو سمجهي اوطاق تي سدائين حاضريون ڀريندا هيا. استاد جمن، سهراب فقير، استاد منظور علي خان دايو، سينگار علي سليم، کيس استاد ڪري مڃيندا هيا. مون کي ياد آهي ننڍي هوندي جڏهن سهراب فقير سان ملندو هيس ته منهنجا هٿ چمي اکين تي رکندو هيو ۽ چوندو هو، تون اسان جي محبوب هاديءَ جو ٻچو آهين. پاڻ صوفي طريقت سائين دُر محمد هيسباڻيءَ جا محبوب طالب هيا جنهن پنهنجي گادي کيس سوپڻ چاهي.پر پاڻ اُتي به نعرا مستانه هڻي پيريءَ کان فقيريءَ کي ترجيح ڏنائون. سائين در محمد پنهنجي پڳ،لٺ ۽جُبوپنهنجي وفات کان ڪجهه وقت اڳ عطا فرمايس.ڪيترائي عقيدتمند کين منٿون ڪندا رهيا ته اسان کي پنهنجي مريديءَ خادميءَ ۾ قبول ڪريو پر پاڻ هميشه انڪار ڪندا رهيا. ڪنهن به حالت ۾ کين پير بڻجڻ قبول نه هئو.

پنهنجي ڏاڏي سهاڳڻ کي
جنهن جي پنهنجي ڳوٺ سميت ڀرپاسي جي ڳوٺن تي به هڪ قسم جي حڪمراني هلندي هئي. منجهس اڳواڻيءَ واريون صلاحيتو اُتم درجي موجود هيون. تر جي مشهور دائي ٻارن ۽ عورتن جي بيمارين جي ماهر هئي.

پنهنجي نانا سائين محرم فقير شيخ کي
جنهن جهڙو بردبار ماڻهو مان اڄ تائين ناهي ڏٺو. حاضر جوابي ۽ ظرافت ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئو. ننڍڙن ٻارن لاءِ انتهائي شفيق انسان هيو.انڪري سڄي ڳوٺ جي ٻارن جو بابو وڏو هوندو هو. جنهن جي گود منهنجي لاءِ آکيرو هئي. هو منهنجي لاءِ طلسماتي شخصيت هو. جنهن منهنجو هر انگل پورو ڪيو. ناني جي بدولت منهنجو ننڍپڻ شاهي انداز ۾ گذريو پاڻ سڄي حياتي هر هڪ سان ميٺ محبت ۾ گذاريائين.

پنهنجي ناني سبحان خاتون کي
جيڪا منهنجي ڏاڏي سائينءَ جي وڏي ڀيڻ هئي. هوءَ خوبصورت پوڙهي پري پنهنجي زماني جي وڏي سوشل ورڪر هئي. جنهن ڳوٺ جا ڪيترائي ٻار پڙهايا. غريب شاگردن جي مالي سهائتا ڪندي هئي. عورتن کي هنر سيکاريائين. قرآن شريف جي تعليم ڏنائين. جنهن ڪري استاد جي نالي سان مشهور هئي. جنهن پنهنجي ڪردار جي ذريعي ڪمال درجي جي عزت حاصل ڪئي. ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جي وڏي مداح هئي. موقعي جي مناسبت سان ڄڻ انسڪائيلوپيڊيا هئي. جنهن پنهنجي اعليٰ صفتن جي ذريعي بزرگيءَ جو درجو حاصل ڪري ورتو هيو. ڪتابن سان عشق هيس مان هميشه کيس مطالعو ڪندي ۽ ٻين کي فائدو پهچائيندي ڏٺو. ننڍپڻ ۾سڄو قصص الانبياء ۽ نور نامون مان نانيءَ کان ٻڌو.

پنهنجي پاران

فنڪار ڪيمياگر آهي ۽ فنڪاري ڪيمياگري وکرموجود آهن ڪچي مال جي صورت ۾ ترتيب ۽ پيشڪش فن آهي. جيڪا فنڪار کي ڏيڻي آهي. ان ڪري ڪاوش جو نتيجو فنپاري جي شڪل ۾ ظاهر ٿيڻو آهي. اهو فنڪار جو ڪم آهي ته ڪهڙين شين کي ڪهڙي طريقي سان ترتيب ٿو ڏئي ۽ پيش ڪري.
آرٽ اوپرائپ ختم ڪندو آهي.ڄاڻ سڄاڻ پيدا ڪري پنهنجائپ کي جنم ڏيندو آهي. ه ٻئي جي جذبن،دردن،مسئلن ۽ خوشين جي واقفيت ڪرائيندو آهي هڪ ٻئي کي آگاهه ڪندو آهي ته تنهنجون منهنجون ساڳيون گهرجون آهن. تنهنجي منهنجي اهنجن جو ساڳيو حل آهي.
اسان پنهنجي اندر ۾ ڏک کي قيد ڪيون ويٺا آهيون. جنهن ڪري اذيت ۾ مبتلا رهندا آهيون ۽ اسان جي اندر ۾ خود رحمي يا اذيت پسندي جنم وٺندي آهي. جيڪا اسان کي کوکلو ڪري سماجي طور ناڪارهه بڻائي ڇڏيندي آهي. پرفن پنهنجي طاقت جي زور تي ڏک کي اسان جي اندر مان آزادي ڏياري اسان کي راحت پهچائندو آهي. ۽ اسان سماجي حوالي سان ڪارگر ٿي پوندا آهن فن ڏک کي موقعو ڏيندو آهي. جيترو آزاد ٿي ڦهلجي سگهين ٿو ڦهلج .فن جي ذريعي آزاد ٿي جيترو ڏُکُ ڦهلاءُ کائيندو آهي اوترو لطف ۽ تحريڪ ۾ بدلجندو ويندو آهي. يورپ، آمريڪا ۽ ايشيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ جڏهن ڏُک فن جي ذيعي آزادي ماڻي ۽ ڦهلاءُ کاڌو ته انقلاب مٿان انقلاب برپا ڪرڻ شروع ڪيائين.
جيڪڏهن سنڌ ۾ به مجموعي طور فن ڏُک تي آزادي ڏيارڻ ۾ ڪامياب وڃي ٿو ته صدين جي غلاميءَ جو ازالو ڪري وٺندو. فن اڪيلو ناهي هوندو ان جي پويان ڪو فڪر ۽ تڪميل توريل رٿابندي هوندي آهي. ان جي آڏو ڪي مقصد هوندا آهن. فن پاڻ انساني خوبين جوڪرشماتي اظهار آهي فن به ٻين فطري مظهرن وانگر پيو ڦيرا کائيندو آهي ۽ان جا پلٽا انساني تقدير پٺتي رکندا آهن.
فطرت جو اظهار شاعراڻو آهي. جيڪڏهن ڪنهن انسان جا حواس شاعري محسوس نٿا ڪري سگهن ته سمجهو اهي ناڪاره ٿي چڪا آهن. ان ڪري هڪ زنده انسان ۾ هي خصوصيتون لازمي هجڻ گهرجن. شاعراڻا حواس، شاعراڻا خيال ۽ شاعراڻا اظهار يقين ڄاڻو جڏهن سماج شاعراڻو ٿي ويندو ته هيءَ انساني دنيا جنت جو روپ ڌاري وٺندي ۽ انسانيت پنهنجي معراج کي پهچي ويندي.
شاعريءَ ۾ ڪائنات پنهنجي ازل کان ابد تائين واري سموري وقت ۽ واقعي سميت ڇلندي آهي. شاعري سمورن علمن جو مرڪب آهي ته نچوڙ به حال، ماضي ۽ مستقبل شاعريءَ جا خاص محرڪ آهن، شاعري وقت کان به وسيع آهي. شاعري اها حقيقت آهي جنهن جو اظهار علامتي ۽ ڏند ڪٿائي آهي. جڏهن حقيقت کي اظهار لئه ڏند ڪٿائي زبان ملي ٿي ته اهو ميلاپ شاعري کي الهامي بڻائي ڇڏي ٿو.
هيءَ به هڪ اچرج ۾ وجهندڙ حقيقت آهي ته شاعر ۽ شيطان شروع کان وٺي انسانن جي فنڪار جو شڪار رهيا آهن۽ هيءَ به حقيقت آهي ته ازل لاڪون انسانن،شاعرن ۽ ديوتائن جي چاهيندي نه چاهيندي به پرستش پئي آهي.
دراصل شاعر باهه جو جهنگ آهي جنهن ۾ خيالن جا شعلا شعلا پڻ آهن. شاعري باهه جو سمنڊ شاعري آتشي جنت آهي. جنهن جون نعمتون دوزخ کي به ٿڌو ڪري سگهن ٿيون. شاعري اهو وڻ آهي جنهن ۾ جنت ستارن جو ميوو ٿيندو آهي. شاعريءَ کي ڪاٺ ڪٽي واري چهنب ٿيندي آهي. جنهن سان اها دلين کي ٽُڪي پور ڪري انهن ۾ رهندو آهي.
مان هميشه فطرت کي به اهو ئي چوندو ٻڌو آهي ته شاعرو! اوهان جي لفظن کان سواءِ هي ڪائنات گونگي آهي. زمانو لفظن ۾ محفوظ رهندو. فظ حافظو آهن. لفظ آواز آهن يادگيرين جو لفظ ماضيءَ جون شڪليون آهن. لفظن ۾ ئي مستقبل جو عڪس آهي. لفظ حال ۾ جيئڻ جي آهن نشاني. لفظ زبان جي سونهن ۽ ٻوليءَ جو بدن آهن. ڪهاڻيون لفظن ۾ رهاڻيون لفظن ۾، لفظن ۾ ئي آهن ڪائنات جي ڪٿا. وهن ٿا سڀ رنگ لفظن ۾ نسرن ٿا سڀ سنگ لفظن ۾. شين جي غير موجودگيءَ ۾ موجودگي لفظ آهن سڃاڻپ شين جي.
جيئن ڳورهاري عورت کي خبر پئجي ويندي آهي ته اها ٻار ڄڻڻ واري آهي. مان به پنهنجي اندر ۾ اهڙي اُڻ تُڻ ۽ آنڌ مانڌ محسوس ڪندو آهيان ۽ لکڻ ۾ جُنبي ويندو آهيان. منهنجو ضمير واڪا ڪري چوندو آهي مون کي نظم لکڻو آهي. ريگستان لاءِ نخلستان جهڙو. مون کي نظم لکڻوآهي. جيڪو بي دماغن لاءِ دماغ جو ڪم ڏئي سگهي. مون کي مئل دلين لاءِ ڌڙڪنن جهڙيون سٽون سرجڻيون آهن. مونکي نظم لکڻو آهي.خزان رسيده اکين لاءِ رنگن ۽ روشنين جي بهار جهڙو مونکي اهڙو نظم لکڻو آهي. جيڪو ٻارن لاءِ رانديڪو ٿي پئي. مون کي اهڙو نظم لکڻو آهي جنهن ۾ ايترا ته آسرا هجن ايترو ته اميدن ڀريو هجي جو پڙهڻ کانپوءِ ڪو به خودڪشي ڪري نه سگهي.
مان اهو ڄاتو آهي ته انسانيت جو سگهارو دليل شاعري آهي.

شڪيل احمد
CELL: 0335 0027884

اي ٻچڙا!

اي ٻچڙا!
مان بچائڻ رڌل آهيان
هڪ ڪتابي وڻن جو جهنگل
جنهن ۾ ڦٽندڙ هر پن تي آهي
ڪا ڪهاڻي ڪو نظم لکيل
انهيءَ ڪتابي جهنگل ۾ رهندڙ
هر پکي جيت جڻيو ۽ جانور
آهي پڙهيل لکيل
جنهن کي علم جو ويري
وقت جو ابوجهل
باهه ڏئي ساڙڻ ٿو چاهي

اي ٻچڙا!
مان بچائڻ ۾ رُڌل آهيان
هڪ موسيقيءَ جو شهر
جنهن ۾ هر گهر آهي سازن جو ٺهيل
جنهن جا سڀ رهواسي آهن راڳي
۽ رستا رقص
هنن جي تهذيب ترنم
هنن جي ثقافت شاعري آهي
مصوري هتان جي موسم
قرب هتان جو قانون آهي

اي ٻچڙا!
منهنجي رت جو گروپ
الف کان ي تائين واڌو به آهي
ته ڪاٽو به
مان ڪنهن جي روح کي
روشنيءَ جو رت ڏئي سگهان ٿو
پوءِ اهو روح
رات جو هجي
يا ابليس جو

اي ٻچڙا!
مان شاعريءَ مان پنهنجي ضرورت جي
هر شيءِ جوڙي وٺندو آهيان
عشق جي اسم اعظم سان
سرڪش حسن جهڪائي وڌو اٿم
قرآن جهڙو گلدستو آهي دل منهنجي
جنهن جي ڪا ڌڙڪن گيتا جو شلوڪ
ڪا ڌڙڪن بائيبل جي آيت
ڪا زبور جو ذڪر
ڪا توريت جو ترانو آهي
مان دوزخي عورتن جو اوتار شاعر آهيان

او ٻچڙا!
مان خلا ۾ جهنگ پوکيا آهن
مان لفظن جي رٻڙن سان
ملڪن جو ن سرحدي لڪيرون ٿو ڊاهيان

او ٻچڙا!
اڃا مڪانن جي مونجهارن مان ڪڍي
انسانن کي ٿانيڪو ڪرڻو اٿم
هوائن جي گهرن ۾
رهڻ سيکارڻو آ سڀن کي
وجودن جي جاگرافي
وحدانيت سمجهائڻي آ انهن کي
انهن کي هڪ اهڙي ٻولي سيکارڻي آ
جنهن ۾ سڀ ٻوليون ڳالهايون ۽ سمجهيون وڃن
تيزيءَ جي تهذيب کان آشنا ڪرائڻو آ سڀني کي
انهن جي جسمن کي روحن وانگر
۽ روحن کي جسمن وانگر بنائڻو آ
خيال جهڙو ڪيئن ٿيو آ
انهيءَ۾ مهارت ۾ ڀڙ ڪرڻو آ سڀن کي
اي ٻچڙا!
ماڻهو ماڻهوءَ ۾ ملائي
ائين سڀ گڏائي
ٻيهر هڪ آدم ٺاهڻو آ مون کي

****
2017

اي پٽ! مان سنڌ کي

اي پٽ! مان سنڌ کي
دنيا جي هر ٻوليءَ ۾ اُچاري ڏٺو آهي
ان جي امرتي تاثير ۾
تر جيتري به ڪمي نٿي اچي

اي پٽ! مان سنڌ کي
سڄڻ جي اک سان ڏٺوآهي
ته دشمن جي اک سان به
مونکي سنڌ
ٻنهي اکين سان عظيم ترنظر آئي آهي
ٻئي ان جي حاصلات لاءِ وڙهن ٿا
اي پٽ! مان سنڌ کي وسارڻ لاءِ
سموري دنيا جا سفر ڪيا
پر هر سفر مون کي
سنڌ جي سڪ جو سبق ئي پڙهايو

اي پٽ! مان سنڌ سان
ڌارين جيان به پيش آيس
پر ان جي شفقتن ۽ نوازشن ۾
ذري برابر به ڪمي نه آئي

اي پٽ! سنڌ ڪو غلاميءَ جو استعارو ناهي
پر بغاوت ۽ محبت جو
هڪ عظيم داستان آ
اهو داستان جنهن کي بيان ڪندي
تاريخ جي به زبان وچڙي پوي ٿي
ان تي ايتري هيبت ۽ دهشت ڇانئجي ٿي وڃي
جو تاريخ جي وات مان لفظ ئي نٿا نڪرن
جي نڪرن ٿا ته چچريل لفظ
جيڪي ٻڌي ته سگهجن ٿا
پر سمجهه ۾ نه پيا اچن
***

2.2017

مان سنڌ آهيان

مان سنڌ آهيان
منهنجا پنهنجا وهڪرا آهن
هر ڏسا هر طرف
ڪو وهڪرو منهنجو
آمريڪا ۾ڇوڙ ٿو ڪري
ڪو گشت ٿو ڪري يورپ ۾
بابل به منهنجي بندرگاهه رهيو آهي
ته مصر به منهنجو ٻيٽ
مان سنڌ آهيان
منهنجا ڪيئي وهڪرا آهن
مون منجهان
ڌرتيءَ جي کير ڌارا ٿي وهي
زندگيءَ جي ٻج مان
انسان جو سلو مون منجهه ئي ڦٽو
۽ وڌي و ڻ ٿيو
موهن جو دڙو
منهنجي مانگ ۾
جهومر جيان آهي
مان مظلوميت جو وطن
مان معصوميت جي تاريخ آهيان
مان سنڌ آهيان
منهنجا ڪيئي وهڪرا آهن

منهنجين موجن کان اڄ تائين
ڪوبه ناهي ڏاڍو ٿي سگهيو
مان وڏا غوراب
غرق ڪري ڇڏيا
سڪندر جو سروناش مان آهيان
منهنجن وهڪري ۾
هر حملي آور لڙهي ويو
منهنجي موجن ۾
بن قاسم ٻڏي مئو
مان سنڌ آهيان
منهنجا ڪيئي وهڪرا آهن

اها ڪهڙي قوم آهي
جنهن منهنجي دسترخوان تان ناهي کاڌو
اها ڪهڙي قوم آهي
جيڪا مون منجهان سيراب نه ٿي هجي
اها ڪهڙي قوم آهي
جيڪا مون وٽان فيضياب نه ٿي هجي
عرشن تائين ڦهليل آهي
منهنجي شهريت
جنت به منهنجي مداح آهي
مان سنڌ آهيان
منهنجا ڪيئي وهڪرا آهن

جيڪو به مون کي
خواب ۾ ڏسندو آهي
اهو شاعر بڻجي ويندو آهي
جيڪو به مون کي
دل سان اچاريندو آهي
اهو سورهيه بڻجي ويندو آ
جيڪو به مون تي ويچاريندو آهي
اهو الم بڻجي ويندو آهي
منهنجي مٽيءَ مان ساز ڦٽندا آهن
مون ۾ فنڪارن جي پوک ٿيندي آهي
مان سنڌ آهيان
منهنجا ڪيئي وهڪرا آهن
***

تون ڄاڻين ٿو

تون ڄاڻين ٿو
پوءِ به مڪر ڪري ٿو پڇين
ڏيکاءُ خاطر اڻڄاڻ بڻجي
ڄاڻڻ ٿو چاهين
دراصل
تون منهنجي سڃاڻپ لڪائي
ختم ڪرڻ ٿو چاهين
تون مون کي ترجمو ڪري
منهنجي اصلوڪي ٻولي کان
الڳ ڏيکارڻ ٿو چاهين
تون پراڻن آسماني ڪتابن وانگر
مون ۾ ردوبدل ڪري منهنجو متن هٽائڻ ٿو چاهين
منهنجو پيغام ڦيرائڻ ٿو چاهين
ٻڌي ڇڏ
کي ڇڏ
تون ناڪام ئي ٿيڻو آهين
مان سنڌي آهيان
سنڌي هيس
سنڌي رهڻو آهيان
توکي ياد ڏياريندو هلان
جي مذهبي آهين ته
آدم کان
ها اهو آدم شِو
جي لادين ۽ ماديت پرست آهين
ته به لِکُ مان سنڌي آهيان
پهرين سيل کان جتان زندگيءَ جي شروعات ٿي
مون کي چوڻ ڏي ته خدا جي خيال ۾ ئي
مان سنڌيءَ طور جنم ورتو هو
ڌرتيءَ تي ظهور پذير ٿيڻ کان
پدمين نوري سال اڳ
ايترو اڳ جو توهان ان جو اندازو ئي نٿا لڳائي سگهو
مان سنڌي آهيان
منهنجي سڃاڻپ جي نشاني
مهين جو دڙو
منهنجي وارن جو رنگ تهذيب يافته
منهنجو قد انسانيت جي تاريخ
منهنجو مذهب امن
منهنجي جنس عشق آهي
مان جنس قوم سان تعلق رکان ٿو
ان جي سورمائن جي
پوري ڪهڪشان آهي
اسان جي شهيدن جي
پوري کير ڌارا آ
اي انسانيت جا ويري اسان جا دشمن
جي تون صحيح معنيٰ ۾
سنڌين جي آدمشماري ڪرين
ته يقين ڄاڻ
سنڌين ۾ تون پاڻ کي به شامل ڪري وجهندين
ڇو جو
هيءَ موجوده سنڌ ته منهنجي گهر جو اڱڻ آهي
منهنجي ملڪ جون سرحدون
۽ ڪائنات جون ساڳيون آهن
هيءَ ڌرتي ته جزيرو آهي
ان انادي سمنڊ جو
ڪوڙي حددخلي ڄاڻائي
مون کي بي گهر ڪرڻ جي اجائي ڪوشش نه ڪر
مان ته صرف پنهنجي گهر جي
جيڪاموجوده سنڌ آهي
ان جي رجسٽري ٿو چاهيان
***

1.2015

تون حسين آهين عشق جي آغاز جهڙي

تون حسين آهين عشق جي آغاز جهڙي
تنهنجا وار پهاڙي رستا آهن
تنهنجي هر تر جي ٿاريخ
رات کان به آڳاٽي آهي
تون اڏامندڙگهرن وارو شهر آهين
مان آسماني گهٽين جو آواره ستارو آهين
منهنجي ڇاتيءَ تي تنهنجين چمين وارا تمغا چمڪن ٿا
ان ڪري ڪوبه سپهه سالار منهنجي همسري نٿو ڪري سگهي
تنهنجي معصوميت
منهنجي وحشت کي شڪست ڏني آهي
تنهنجو حسن مهنجي بُک کان به سگهارو آهي
تنهنجي آڏو ڏُُک پنهنجي ياد داشت وڃائي ٿو ويهي
ڪنهن به سفر تان منهنجي واپس موٽڻ جو ڪارڻ تون آهين
منهنجا چپ تنهنجي ڳلن جا ڪلما پڙهن ٿا
توسان منسوب هر شيءِ شاعري بڻجي وڃي ٿي
گرامر ڪوڙ ٿو بڪي
تون منهنجو ضد نه پر منهنجي معنيٰ آهين
معاشرتي مرض ۾ مبتلا مريضن کي
اسان ٻنهي تي ان ڪري ڪاوڙ آهي جو
اسان تهذيبي نرگست کي شڪست ڏني آهي
اهي اسان جي سڃاڻپ ڪر ڻ ۾
مڪل طور ناڪام ويا آهن ڇو جو اڄ تائين
جيڪو ڪنهن جو به ڪنهن سان ناهي جڙيو
منهنجو توسان اهو رشتو آهي
جنهن کي ڪابه زبان نالو نٿي ڏئي سگهجي
*.*

2.2017

تون مون تي چميءَ جي مُهر هڻي ڪنهن به پتي تي

تون مون تي چميءَ جي مُهر هڻي ڪنهن به پتي تي
ڪنهن به دور ۾ موڪلي سگهين ٿي
توسان هر دفعي ملڻ
مون کي هڪ نئينن جنم وانگر لڳندو آهي
مان تو سان ملي حالتن کا ائين بي نياز ٿيويندو آهيان
جيئن ڪو تازو ڄاول ٻار هجي
هر شام اسان جي ميلاپ جو معاهدو آهي
جنهن کي اسان ميڻ بتين جي روشنيءَ۾ ورجائيندا آهيون
۽ رات جي اونداهيءَ ۾ پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون
تون هر قسم جي آرٽ منجهان حاصل ٿيل حسن آهين
۽ مان انقلاب وانگر تو وٽ ايندو آهيان
جدائي واري وقت کي پاڻ
بغاوت يا جدوجهد سان ڀيٽي سگهون ٿا
مان جڏهن تو وٽ برسات ۾ انڊلٺي گهوڙي تي
سوار ٿي ايندو آهيان
ته ڪڪرن جي مٿان ڪهاڻين جا ڪيئي وڻ ڦٽي پوندا آهن
جن جا قصاگو پن ڇڻي
سموري ڌرتيءَ تي ڦهلجي ويندا آهن
جنهن ڪري
ليکڪن جي غربت ۽ڪتب خانن جي بک ختم ٿيندي آهي
*.*

19.4.2020

مان تنهنجي مٿان شڪاري پکيءَ جيان

مان تنهنجي مٿان شڪاري پکيءَ جيان
پر ڦڙڪائي رهيو آهيان
پر الائي ڇو جڏهن تو مٿان
جهڙپ هڻڻ جي ڪيان ٿو
منهننجا چنبا ٽڙيل گلن ۾ تبديل ٿي وڃن ٿا

تو منجهه آخر ايتري جادوگراڻا معصوميت
ڪٿان آئي آهي
جو مان بکايل شينهن وانگر جڏهن توڏانهن وڌان ٿو
ته منهنجا ڏند ميڻ جي بڻجي وڃن ٿا

مان اڄ تائين هيئن فطرت کي
ڪنهن جو بچاءُ ڪندي ناهي ڏٺو
لڳي ائين پيو
سموري ڪائنات جي بقا جو دارومدار
تنهنجي وجود جي سلامتيءَ سان سلهاڙيل آهي
*.*

12.12.2019

انسانن جو نسل

انسانن جو نسل
ڪيئن ناس ٿيو
سرسبز ڌرتيءَ جو گولو
سڙيل ڪاري ڪوئلي ۾
ڪيئن تبديل ٿيو
خلائي مخلوق جا
ماهر سائنسدان
سالن جي کوجنا کانپوءِ
ان نتيجي تي پهتا آهن ته
سوين ڳالهه اڳ
انسانن جي
ظلمن کان تنگ اچي
وڻ پکين تي سوار ٿي
عدم ڏانهن اڏامي ويا
۽ سڀني جانورن
ڌرتيءَ جي ڪنارن تي
خلا ۾ ٽپا ڏئي
خودڪشي ڪري ڇڏي
ائٽمي راند جو ورلڊ ڪپ کيڏندي
انسان ڇار ٿي ويا
۽ ڌرتيءَ جو سرسبز گولو
سڙي اڱر ٿي ويو
*.*

2.2014

ڪچيءَ ننڊ مان

ڪچيءَ ننڊ مان
ڇرڪ ڀري جو جاڳيس
خوابن سان ڀريل ريل
پٽڙي تان لهي وئي
روح ۾ ريسڪيو آپريشن
شروع آهي
اکين جي اسپتالن ۾
ايمرجنسي لڳائي وئي آ
اُڌمن جو عوام
سوڳ ۾ وٺجي ويو آهي
حواس صحافين جيان
واقعي جا تفصيل ٻڌائيندا ٿا رهن

هن وقت تائين ملندڙ ڄاڻ مطابق
مرندڙ جو تعداد
مسافرن کان وڌيڪ آهي
*.*

3.2014

رات ي ننڊ ۾

رات ي ننڊ ۾
پنڌ ڪرڻ جي عادت آهي
شايد
ڪو خواب اڳيان اچي ويو هوندس
تڏهن ته اڌ رات جو
ريل ڪوڪون پئي ڪري
*.*

تو کان سوا

تو کان سوا
گهر سينواجي ويو آهي
بيٺي بيٺي گاڏيءَ مان
گاهه ڦٽي آيو آ
ڪتابن مان لفظ لڏي ويا آهن
توکان سواءِ
مان ڪلر بلائينڊ ٿي چڪو آهيان
جدائيءَ کان سواءِ
ڪو رنگ ئي نظر نٿو اچي
سج تي دز ڄمي وئي آ
۽ب چنڊ چاري ۾
کڙکٻيتي جيئن پيو ڦٿڪي
*.*

4.2014

ٽپهريءَ جي چنڊ جهڙي

ٽپهريءَ جي چنڊ جهڙي
هوءَ
عمر جي اڌڙوٽ حصي ۾
هڪ اهڙو رواج بڻجي چڪي آهي
جيڪو هاڻي ٿيڻ وارو آهي
هڪ اهڙي بيپرواهي
جنهن ۾ ڳڻتيءَ
بانبڙا پائڻ شروع ڪيا آهن
هاڻي هن کي
ڇوڪرين جي وچ ۾
اهو احساس کائيندوآهي
ته اهي کائنس
اڌ تي اڌ ننڍيون آهن
هن کان جوانيءَ جي مصروفتين سبب
پنهنجي شاديءَ جي د عوت
وسري وئي هئي
بهار جي پڇاڙڪن ڏينهن جهڙي
هوءَ3
ٽييپهريءَ جو چنڊ
مون کانراتين جي اونداهي گهرڻ آئي هئي
*.*

5.2014

خلا جي خمير مان پيدائش ٿي آ منهنجي

خلا جي خمير مان پيدائش ٿي آ منهنجي
مان موت جو پهريون عاشق آهيان
غم پنهنجي ڪنوار پ مون کي ئي ارپي هئي
مان اهو شعر آهيان
جنهن کي ان جا سڀ رهواسي
وبا جي ڊڄ کان
خالي ڪري هليا ويا آهن
مون وٽ گذريل وت جو هر پل
پنهنجن سمورين وارتائن سميت محفوظ آهي
مان اهو پوپٽ آهيان
جنهن جا پر
ڪنڊن ۾ وچڙي پيا آهن
مان دڙ ن جي ماڪ جو رهواسي آهيان
جتي تاريخ جو جنم ٿيو هو
منهنجي قوم جو هر فرد
حنوط ٿيل ممي آهي
صليب جهڙي صحرا ۾
هر جهوپڙي تابوت آهي
ڪفن ۽ ڪافور جون سچيون ڪهاڻيون
ڏند ڪٿائن جو روپ ڌاري ويون آهن
ڪيوليون قبرن مان مڙدا
کوٽي ڪڍن ٿيون
اکين مان خوابن جا ڪيڙا نڪري
ساڀيائن جي سينن تي
گيسڙيون ٿا پائن
ايڏي ڪمزوري ٿي پئي آ فضا کي
جو هوان جون دونهاٽيل رڳون ظاهر ٿي پيون آهن
ڪير مڃي يا نه مڃي
بکياري جو وطن ماني آهي
۽ اڃاري جي قوم پاڻيءَ جا قطرا
مان به پيٽ گذر واسطي
اڇوت ٻارن وانگر
پنهنجي جهول واري ٻاچڪي ۾
انساني ڍيرن تان ماڻهپي جا پاٺا
ڀڳل دلين جا شيشا
روحن جا ٽُڪر
خوابن جي پلاسٽڪ پيو ميڙيان
مان ڪيچڙ مان ڪنول پيو چونڊيان
*.*

منهنجي پويان پاڇا لڳا آهن

منهنجي پويان پاڇا لڳا آهن
مون کي وهم ڊوڙائي پيا آهن
خواهشن جي خوفناڪ جهنگل ۾
لفظن جا پاڇولا ڊيڄارين ٿا مون کي
سٽن جو سناٽو ڏڪائي ٿو وجهي
آئون اسونهون اويلو
موضوئن جا جهنگ گهاٽا
خيالن کان خوف ٿو ٿئي ڏاڍو
مان مدد لاءِ
معصوم اڻڄاڻائيءَ کي سڏيان ٿو
ته آزاد خياليءَ جي روشني
منهنجي حفاظت لاءِ
مون کي ويڙهي ٿي وڃي
۽ هٿ ٺوڪي ڏاهپ جي
مايا نگريءَ مان اڏائي پار پڄائي
ويندي ويندي هٿ ۾ ڪاڳر ڏئي ٿي وڃي
جنهن ۾ هيءَ نصيحت آهي لکيل ته
“ڪڏهن به نظرين جا نَنهن وڌڻ نه ڏجن
نه ته انسانيت جي چهري جو ماس
رانڀوٽا پائي روڙي وٺندا
ڪڏهن به مذهبن کي
مٿي تي نه چاڙهجي
نه ته مٿو ئي پٽي ويندا”

*.*

درد

درد
عورت جي
اڌ جيترو به نه آهي

ڪوبه ڪتاب
عورت جي هڪ ڪچهريءَ کان
وڏو نٿو ٿي سگهي

مرد ڪندو آ
خدائيءَ جي دعويٰ
پر پوڄيندو عورت کي آهي

مرد
عورت جي
پاڇي ۾ قيد آهي

رات
عورت جي مٿي ۾
جونءَ جيتري مس آ
ڏينهن
ڇڪي ڇڪي
عورت جي
ماڻڪيءَ جيترو ٿيندو

*.*
5.2017

اي منهنجي آئي ايم ايف جهڙي محبوبا

اي منهنجي آئي ايم ايف جهڙي محبوبا
ٽين دنيا جهڙيون
منهنجون حالتون آهن
مان سڄو تنهنجي پيار جي قرض ۾ ٻڏو يو آهيان
اوسانئڻ! تنهنجي سامونڊي سطح وڌڻ جي ڪري
مان مالديپ ملڪ ۽ وينس شهر وانگر غرق ٿي رهيو آهيان
مون کي جياپي لاءِ گهربل آهن
تنهنجا جزيرا
اها عالمي سامراج جي سازش آهي
جنهن اسان کي ورهائي
اتر ڪوريا ۽ ڏکڻ ڪوريا بڻائي ڇڏيو آ
سرڪاري مخالفتن باوجود به
اسان جي عضون جو سامراجي عوام
هڪ ٻئي سان ملڻ لاءِ آتو آهي
اچي ڏس ته سهي
مان موهن جو دڙو لڳو پيو آهيان
تنهنجي ڇڏي وڃڻ کانپوءِ منهنجي حالت
ايٿوپيا جهڙي ٿي پئي آهي
ڪيتريون ئي اين جي اوز جهڙيون ڇوڪريون
منهنجي حالت سنوارڻ لاءِ ميدان ۾ لهي پيون آهن
پر تون ئي ٻڌاءِ
اين جي اوز ڪهڙي ملڪ کي فرانس بڻايو آهي
هونئن به مون کي پرڏيهي امداد طور مليل همدرديون
نه کپن
*.*

مان محاذ تان موٽيو آهيان

مان محاذ تان موٽيو آهيان
تون جهاز تان لٿي آهين
شايد تون به وڇوڙي واررو سڄو عرصو
زندگيءَ کان ٻاهر ويل هئينءَ
اڄ پاڻ گڏيا آهيون
ته سورج مکين جو سيلاب آيو آهي
رابيل مکڙين جو مينهن وسيو آ
جانان! جنگ جو احوال پڇين ٿي ته ٻُڌ
وڇوڙي جو سڄو عرصو
مان برف ۾ دفنايل لاش هيس
محاذ تي هلايل منهنجي هر گولي
مون کي ئي پئي لڳي
سچ پڇين ته جنگ ۾ ڪو به ناهي کٽيندو
سچ ته اهو آهي محبت ۾ ڪوبه هارائيندو ناهي
توکي الوداع ڪندي مهل ائين ڀانيو هيم
شام سمي ٻيڙيءَ تي سج سوار ٿي
سمنڊ جي ٻئي پار وڃي رهيو آهي
هميشه هميشه ڪڏهن به نه ورڻ لاءِ
آهه ڪيتيون نه يادون آهن
جيڪي اڄ مان توسان دُهرائڻ ٿو چاهيان
پرين ياد ٿو پويم ته
مان توکي پهريون دفعو
اسٽيشن تي ڏٺو هو
تون خوابن جي ريل سوار ٿي رهي هئينءَ
پنهنجو پيار هوائي اڏي تي پروان چڙهيو هيو
ساڀيان جي جهاز ۾ سفر ڪندي
۽ پاڻ بندرگاهه تي وڇڙيا هئاسين
قي منهنجا محبوب
هونئن به ريلوي اسٽيشنون
سامونڊي بندرگاهه ۽ هوائي اڏا
عشق لاءِ ڏاڍيون موزون
۽ شاعراڻيون جڳهون آهن
آههُ!
پر تا حياتي انهيءَ ڳالهه جو افسوس رهندم
مان تنهنجي لاءِ اسڪول مان ته گُسائي وٺندو هيس
پر الائي ڇو جنگ تان گسائي نه سگهيس
*.*

4.2017

بگهڙ جي اوناڙ وانگي

بگهڙ جي اوناڙ وانگي
چنڊ اڀريو آهي
جيئن جي سرسراهٽ وانگر ستارا
جڳمڳائڻ لڳا آهن
اڪيلائيءَ جي خالي پئماني ۾
مان تنهجي تصور کي اوتي
سوچن جي چپن سان
سرڪيون ڀري رهيو آهيان
مون کي اهو وقت ياد آهي
جڏهن محبت جي رات ،ميهونڳيءَ ۾
پنهنجا جسم
ميڻ بتين وانگر پئي ٻريا
جوانين جو سوجهرو هيو
تون پنهنجي وارن مان اُڻي ريشمي ڪپڙو
ان مان منهنجي لاءِ وڳو سبي کڻي آئي هئينءَ
۽ مان پنهنجي وارن مان ٺاهي
توکي تحفي ۾ ڏني
۽ خوابن جي منڊيءَ ۾
مان پنهنجيون اکيون مڙهائي
محبت جي مڱڻيءَ مهل توکي پارائيون هيون
اسان هر ستاري تي هر سال
هني مون ملهائڻ جو سوچيو هو
پاڻ طئه ڪيو هيوسين ته سڄي حياتي
سيلانين وانگر گذارينداسي
خيمو پنهنجو گهر هوندو
جيڪو هتان پٽي هُت هڻبو
رڳو جيئبو ۽ رُلبو
زندگيءَ جي شاهراهه تي هلندي
اوچتو اهڙو طوفان اچي ٽڪرايو
جو هٿن مان وصل جي ڇٽي ڇڏائجي وئي
وڻ اسان جي رستي تي ڪري پيا
ٽٽي پيون دلين جو تارون
عشق ارٿ ٿي ويو
ارمانن جون ڇتيون اڏامڻ لڳيون
حسرتن جون ڀتيون ڪري پيون
۽ پاڻ وڇوڙي جي کاهيءَ ۾ ترڪي ڪرياسين
۽ صديون اسان کي وهائي ويون
*.*

1.2015

سمنڊ سهاڳ رات ملهائي رهيو آهي

سمنڊ سهاڳ رات ملهائي رهيو آهي
چنڊ سان گڏ
پر منهنجي روح ۾ وڇوڙي جا ولوٽا پون ٿا
۽ اڪيلائي الٽيون ٿي ڪري
تنهائيءَ جو سواد ڦڪو آهي
لوڻياٺن ڳوڙهن لاءِ به اڄ ڪلهه
سڪي مئو آهيان
او مانيءَ ۾ ويڙهيل محبوبه!
مان بُک جي نقشي ۾ واقعع ملڪ آهي
زبون حال آهي زندگي منهنجي
مان چِچريل چرچ آهيان
۽ دل اهڙو قافلو آهي
جنهن جو ٻرندڙ صحرا ۾
واريءَ جي طوفان مان گذر آ
مان ڀڳل شيشن وارو محل آهيان
۽ تنهنجون نيريون اکيون
منهنجاآسمان آهن
جي چاهين
مون کي بچائي سگهن ٿيون
مان پڇڙ تاري جيان
راتين جو تنهنجي ڳولها ڪندو آهيان
مان اها دري آهيان
جنهن مان مينهن اندر داخل نٿو ٿي سگهي
جنهن سان هوائون ٽڪرائجي ڪري ٿيون پون
پنهنجي وچ ۾
آئينا رڪاوٽون بڻيل آهن
وڇوڙي جي هٿ جون نانگ آڱريون
وڪوڙي ويون آهن مون کي
اکين ۾ خواب
آنن وانگر اُٻرڻ لڳا آهن
اڄ
دل جي ڪڙهائي کائيندو وڇوڙو
اونڌي ٻيڙي آهي عشق پنهنجو.
*.*

4.2017

بکيو پيٽ ڏسي

بکيو پيٽ ڏسي
پورهيت جا هٿ روئن ٿا
وڪرو ٿيل تصويرون
مصور کي
مئل ماءُ وانگي ياد ڪري رهيون آهن
رازي جو بي گهر ٻچڙو
پنهنجي پيءُ جا حسرت مان
تعمير ڪيل پلازا ڏسي ٿو
ڌرتيءَ ڌڻي پنهنجي ٻنيءَ تي به
هارپي لاءِ
ڌارين کي منٿون پيا ڪن
ٻار پنهنجي والدين جي
پيشانيءَ وارن گهنجن
۽ هٿ ترين جي لڪيرن تي
پنهنجو اسڪولي گهرو ڪم ڪن ٿا
سمنڊ ڪناري مڇيون
تازا ناريل ٿيون کپائن
ٻيڙيون پاڻيءَ کان ٻاهر
جلا وطنيءَجا ڏينهن گهاري رهيون آهن
مان زمين کي جتان به کوٽيان ٿو
اتان خنجر ٿا نڪرن
شايد ان ڪري
جو اسان امن دفنائي ڇڏيو آهي
بهار جو لاش
پوپٽن جي ڪلهن تي آهي
اي آسمان اڄ ته اڌارا ڪڪر ڏي
اکيون روئڻ ٿيون چاهن.
*.*

9.2014

مفتوح قومن مٿان

مفتوح قومن مٿان
هميشه تاريخ جو نزلو
ڪيرايو ويندو آهي
هارايل هميشه بي وقوف
۽ ڪمزور هوندا آهن
جي ڏاها ۽ سگهارا هجن هان
ته هارائن ئي ڇو هان
هارايلن جي ٻولي
ڳالهائڻ جي لائق ئي ناهي رهندي
ڳالهائڻ سان زبان پليت ٿي پوندي آهي
هارايلن سان گڏ
انهن جا خدا به هارائي وجهندا آهن
جي اهي ايترا سگهارا ۽ عظيم هجن هان
ته پنهنجي پوڄيندڙن کي
ڪامياب ڇو نه ڪن هان
هارايلن جي تهذيب
سواءِ ڄٽ پائيءَ جي ٻي ڪجهه هوندي ئي ناهي
جيڪا انسانيت کي شرساري ڪندي آ سدائين
هارايل انسانن مان ڦري
لکين سال اڳ وارا
ساڳيا زناور ٿي پوندا آهن
هر فاتح جي لکيل تاريخ
مفتوح قوم جي باري ۾
ائين ئي ڀوڪندي آهي.
*.*

3.2013

سياري جو سج گوتم

سياري جو سج گوتم
ماحول مراقبي ۾ آهي
وڻ خالي ڪرڻ لڳا آهن پنهنجون گودڙيون
اتر جي هوا رقص بسمل ٿي ڪري
دل ڄڻ آتشڪدو ٿو ٻري
هٿ سيڪي ٿو
درد جو زرتشت جنهن تي
وحشي ناچ ٿيون ڪن يادون
چوڌاري جنهن جي
محبت مچ ڪچهري مچايون ويٺي آ
۽ وحشي پکي رات جا
ننڊ جا شڪاري
خوابن کي چيرن ڦاڙن ٿا
لونءَ لونءَ مان
جذبا بگهڙن وانگي ٿا اوناڙن
ڊڄ ۾ سڪون جي ندي
ڇرڪي رُخ مٽائي ٿي وڃي
اُڃايل هرڻن وانگي حواس
ڊوڙي ڊوڙي دماغ کي
دُڌڙ سان ڀري ٿا ڇڏن
مان ٻن ملڪن جي وچ ۾
تڪراري خطي وانگي
خانه جنگيءَ واري
حالتن کي منهن ڏئي رهيو آهيان
مان اهو ننڍڙو ملڪ آهيان
جنهن مٿان
بيقراريءَ جا سوين جنگي جهاز
بمباري ڪري رهيا آهن.
*.*

مون ڏانهن ايندڙ سڀ رستا

مون ڏانهن ايندڙ سڀ رستا
توکي آلا ٿي ملندا
مان ڏامر جي زمين ۾
ڦٽي آيل وڻ آهيان
جيڪو تيزاب جي پاڻيءَ تي
وڌيو ويجهو آهي
شيطان شراب ڏنو هو
ان ڪري
فرشتن جيئن گذري آهي منهنجي جواني
پر اي نازنين اهو ته ٻڌاءِ
تون ڇو اهڙي پٿر کي تراشڻ آئي آهين
جنهن کي سڀني تراشن تڏي ڇڏيو آهي
تون ڇو سڀني ڇوڪرين هٿان
رد ڪيل ڇوڪري کي
اپنائي رهي آهين
تون ڇو اهڙي کي پنهنجو سهاڳ پئي بڻائين
جنهن کي بدسوڻ سمجي
ڪوڏسڻ به گوارا ناهي ڪندو
تون ڪير آهين
اي محبت جهڙي مهربان اپسرا
توکي ڪهڙي گل ڄڻيو آهي
تون ڪهڙي ڪڪر مان وسي آهي
تون ڪهڙي پکيءَ جي ٻولي آهين
تون ڪهڙي جبل جي چوٽي آهين
تون جا
چنڊ مان وهندڙ آبشار جيان لڳي رهي آهين
۽ مون کي نديءَ جيئن
سيراب ڪرڻ آئي آهين
ڪٿي تون ايفروڊائيٽ ته ناهين
*.*

12.2017

منهنجو جيءُ جپسن جيان آهي

منهنجو جيءُ جپسن جيان آهي
سچ منهنجو گهوڙو
۽ چنڊ منهنجو خيمو آهي
موسمون منهنجو سفر آهي
شاعري ۽ ناچ تي آهي گُذر منهنجو
پراچين سنڌ جهڙو
منهنجو مهانڊو آ
۽ آفريڪين جهڙيون عادتون
صحرا جهڙي ثقافت
۽ريڊ انڊين جهڙو روح آهي منهنجو
او منهنجا پرين
تنهنجي قبضي ۾ اچڻ کانپوءِ
مان پاڻ مان بگهڙن کي ٻاهر نڪرڻ ئي نٿو ڏيان
شينهن کي روح جي اونهاين ۾ واڙي ڇڏيو اٿم
۽ عقابن جي اکين تي عشق جا کوپا چاڙهي ڇڏيا آهن
مان پنهنجي دل ۾ پيدا ٿيل جبل ڀوريندو رهان ٿو
ڪٿي توکي ڪو جوکونه رسائي وجهن
وڻن جو ۽ منهنجو مذهب
ساڳيو آهي
سمنڊ منهنجي
سجاڳيءَ واري حالت آ
او ندين جهڙي نينگري
سمهڻ کانپوءِ
منهنجي سموري جسم تي
خواب ڦٽي پوندي آهين
۽ سڀني خوابن ۾
تون ڦٽي پوندي آهين
انيڪ روپن سان
*.*

12.2014

هن ڀٽاري ملڪ جون واڳون

هن ڀٽاري ملڪ جون واڳون
واڳن جي هٿن ۾ آهن
بديءَ جي بادشاهي آ هتڙي
هتان جا فقير به ڦورو
هتان جون رڍون به بگهڙ آهن
هتي هر عمارت مٿان ويٺيون آهن ڳجهون
هتي چيگم چهرا
تبديل ٿيندا ٿا رهن
هتي ڊبل روٽين جهڙا بدن
روحن جي لذت کان خالي
۽ پيار کان پاڪ(لو پروف) دليون آهن
هتي دونهين جا ڪڪر
رت جو مينهن وسائن ٿا
هتي جا ٻار ننڍپڻ کان پيدائشي محروم
هتان جي جوانن ڪڏهن جواني
خواب ۾ به ناهي ڏٺي
هتي جو ٻڍاپو بي عزتو
هتي انسانيت يتيم آهي
هتي پاڻ کي جيڪو به ڏسندو
اهو پاڻ تان هٿ ڌوئي ويهندو
هتي شناسائي موت آهي
هتي آئينا اکيون ٿا ڪڍن
ڦاڙن ٿا لٽا
وار ٿا پٽن
روڙن ٿا جسم تان ماس
آئينا انسانن وانگر ڇتا ٿي پيا آهن
ڪاون جو لشڪر بڻجي
هر طرف کان ڪن ٿا حملو
تنهنڪري اسان
پنهنجا منهن ئي وساري کڏيا آهن
ان ڪري جو آئينا انسانن وانگر
آدمخور ٿي پيا آهن
*.*
4.2017

هر روز مَٽَ هوندو آهي

هر روز مَٽَ هوندو آهي
سڃاپجڻ ۾ ناهي ايندو
شهر ڪراچي
هي ٽاڪرو جابلو جزيرو
هي شهر سامونڊي ديوتا جيان
هي لنگر انداز ٿيل
نوح جي ٻيڙيءَ جهڙو شهر
جنهن وري سڀئي خباثتون
چڙهي آهن ويٺيون
هتي ڪڏهن ڪڏهن
موت ۽ زندگيءَ ۾ فرق محسوس ناهي ٿيندو
ڪراچي قيدي شهر
ڪراچي ٻار ويڳاڻو
ڪراچي طلسمي ڄار
جنهن۾ ڦاسڻ لاءِ مڇيون ڦٿڪن ٿيون پيون
ان جو هڪ ٻيو عورتاڻو پاسو به آهي
مهاديو شو وانگر
پاروتيءَ جي نموني
ها اها ئي عورتاڻي مزاج واري ڪراچي
مون منجهه وجود
پنهنجو اباڻو ڳوٺ گهمڻ ايندي آهي
پر صحيح سنڌي ناهي ڳالهائي سگهندي
پنهنجي مادري ٻولي هاڻي ڏکي ٿي سمجهي
جيڪا پنهنجي جلاوطنيءَ تي مون ۾ اچي روئندي آهي
پاڻ کي سينگارڻ جي ڪوشش ڪندي آهي
ميٽ سان وهنجي
مٿي ۾ وجهي لاس
ڪندي آهي ٻه چوتيون
ڏندن تي مساڳ ملي
مينديءَ جا گل هٿن تي ڪڍي
پنهنجي وڃايل سهاڳ لاءِ پار ڪڍي روئندي آهي
مائي ڪلاچي
*.*

11.2016

تاريخون ۽ قومون

تاريخون ۽ قومون
شهيدن جو رت
ماکيءَ وانگر چٽينديون آهن
انسانيت لاءِ ڏنل
مقدس قربانين جو قسم
آزاديءَ جا خواب
سامراجي اکين ۾
ڦلا ڪري وجهندا آهن
جڏهن خوابن جي پن ڇڻ مند ايندي آهي
تڏهن هٿيارن سان هر ڪاهبا آهن
۽ قربانن جو فصل پوکبو آهي
انهيءَ رُت ۾ ڪتابن جا ورق
ڳاڙها ٿي ويندا آهن
هيءَ ئي عشق جي ڪڪورجڻ جي مند هوندي آهي
*.*

12.2014

اي منهنجا پرين!

اي منهنجا پرين!
پاڻ جڏهن به ملندا آهيون
ته رات نيري ٿي ويندي آهي
۽ چنڊ گلابي
اڄ پاڻ گلابي چانڊوڪيءَ ۾ موڪلائي رهيا آهيون
اي منهنجا محبوب
وري پاڻ شايد
ڳاڙهي چانڊوڪيءَ ۾ ملون
*.*

آسمان جا آسرا ڏئي

آسمان جا آسرا ڏئي
اسان کان زمين ڦري وئي آهي
هاڻي خلا ۾ جلاوطني ڪاتي رهيا آهيون
ڪنهن ستاري يا سياري جي سرحد ۾
اسان کي داخل ٿيڻ نٿو ڏنو وڃي
خلا ۾ خيما نٿا کوڙي سگهجن
ها جائي خيمن لاءِ به ڪپڙو گهرجي
جيڪو اسان کي پائڻ لاءِ به ميسر ناهي
اسان جي ته جسمن کي بک جو لباس اوڍيل آهي
*.*

تنهنجي اچڻ جي خوشيءَ ۾

تنهنجي اچڻ جي خوشيءَ ۾
ستارا گهنڊڻين وانگي وڄي رهيا آهن
۽ چانديءَ جي پهاڙن مان
سون جو آبشار جاري ٿيو آهي
مون کي اڄ پهريون ڀيرو ائين پيو محسوس ٿئي
ته رات ڪاري گلاب جيان کڙي آهي
۽ ستارا ماڪ وانگر وسي رهيا آهن
هميشه چنڊ منهنجي مٿان
يا درياهه ۾ مون سان گڏ گهميو آهي
پر اڄ پهريون ڀيرو ان کي پنهنجي
ڀاڪر ۾ محسوس ڪري رهيو آهيان
وقت مان رات جي راڻيءَ جي سڳنڌ پئي اچي
خيال جهڙي نفيس تنهنجي پوپٽي بدن جا
ڪائناتي رنگ
مون کي هوليءَ جي مقدس تهوار جيان ملهائي رهيا آهيون
تنهنجي ساهن مان صندل جي خوشبو پئي اچي
۽ مون ۾ ڦوٽن جيئن خواهشون ڦٽي رهيون آهن
تنهنجي سونهن بهار جي پهرين وسڪاري جيان
مون کي آلو ڪري رهي آهي
۽ مون منجهان ڀنل مٽيءَ جي
خوشبوءَ جهڙا اُڌما ٿا اُٿن
جيئن ڀڙڪي باهه جو شعلو
تون ائين نظر اچي رهي آهين
سڪون مون ۾ پکين وانگي اڏامي رهيو آهي
سمنڊ جي ٿڌن سرن وانگر
جذبات پئي ڇلي
وينس جي ڪنواري روح جهڙي سانئڻ
منهنجي هر حس جي حسرت تون آهين
منهنجي هر نس ۾ تون ۾ تون ئي گردش ٿي ڪرين
تون مون لاءِ خوابن جو ڪئلينڊر آهين
مان توکي انعام وانگر حاصل ڪيو آهي
مان توکي بيش بها تحفي وانگر کوليندو وڃان ٿو.
*.*

5.2014

مان جڏهن توکر چمي ڏيندو آهيان

مان جڏهن توکر چمي ڏيندو آهيان
ته سمورو سمنڊ ٻيڙين سان ڀرجي ويندو آهي
۽ جهنگلن ۾ جانور
ٽاهه کائي ڀڄڻ لڳندا آهن
ماکيءَ جي مانارن مان
رس ڳڙڻ لڳندي آهي
۽ بارش
صحرا جو رخ ڪندي آ
مان جڏهن توکي ڀاڪر ۾ ڀريندو آهيان
ته ستارن جي روشني تيز ٿي ويندي آهي
۽ دنيا ۾ باغي ٿحريڪون
جنم وٺنديون آهن
۽ هر ملڪ ۾
سياسي اٿل پٿل شروع ٿي ويندي آهي
پنهنجو ملڻ
فطرت جا قانون مٽائي ڇڏيندو آهي
پاڻ ٻئي فلسفي جا فڪر
سائنس جو سچ
۽ ادب جو ادراڪ آهيون
ڏند ڪٿائن وارا قصا به ته
اسان ٻنهي جا ئي داستان آهن
ناٽڪن ۾ اداڪار
اسان جا ئي ڪرادر ادا ڪن ٿا
شاعريءَ ۾ به ته
اسان کي ئي اظهاريو ويو آهي
ڪهاڻين ۽ ناولن ۾ به ته
اسان ٻنهي جي
عڪاسي ڪئي ويند ي آهي
اي منهنجا محبوب
مان جڏهن توکي ڀاڪر ۾ ڀريندو آهيان
ته گلن جو رنگ گهرو ٿي ويندو آهي
مان جڏهن توکي چمي ڏيندو آهيان
ته سمورو آسمان جهاز ن سان ڍڪجي ويندو آهي.
*.*
5.2014

جڏهن به مان توکي سڏيندو آهيان

جڏهن به مان توکي سڏيندو آهيان
نظم هليا ويندا آهن
۽ شاعري وجد ۾ اچي رقص ڪرڻ لڳندي آهي

جڏهن به مان توکي سڏيندو آهيان
درد دهلجي ويندا آهن
۽ وڇوڙي کي پنهنجي
سِرَ جي اچي لڳندي آهي

جڏهن به مان توکي سڏيندو آهيان
ته لونءَ لونءَ مان
تنهنجون وراڻيون ٻڌڻ ۾ اينديون آهن
۽ مان پڙاڏن جي
ڪائنات بڻجي ويندوآهيان

جڏهن به مان
توکي ساهه کڻندي ڏسندو آهيان
مون کان ساهه کڻڻ وسري ويندو آهي
پر مون ۾ ساهه پئجي ويندو آهي

جڏهن به مان
تنهنجن چپن تي
پنهنجي آڱر رکندو آهيان
ته اها لپ اسٽڪ بڻجي پوندي آهي

جڏهن به مان تنهنجي وارن تي هٿ ڦيريندو آهيان
ته اهو هٿ هيئر ڪيچر ۾ تبديل ٿي ويندو آهي
جنهن کي تنهنجون سهيلون حسرت منجهان ڏسنديون آهن
*.*

مصروف شهر جا ٿڪل رستا

مصروف شهر جا ٿڪل رستا
اڌ رات جو
بيهوشيءَ واري ننڊ پيا آهن
۽ مان شهر جي ننڊاکي دنيا ۾
هڪ پريشان خواب وا نگر
ڀٽڪي رهيو آهيان
پر چنڊ وانگي آهستي ٿو هلان
متان رستا ڇرڪ ڀري جاڳي پون
۽ شهر جي آرام ۾ خلل پوي
*.*

شهر ۾ ڪرفيو جي حالت آهي

شهر ۾ ڪرفيو جي حالت آهي
انسانن کان سواء سڀ آزاد آهن
ڪتو گهٽيءَ ۾ بي فڪرائيءَ سان گهمي پيو
پاريهل هڪ ڇت کان اڏامي ٻيءَ ڇت تي ٿا ويهن
موٽر ڪارون روڊ تي بي خوف بيٺيون آهن
هوا جي سنگ ڪاڳر ڪليون به
مزي سان اڏامندا وتن ٿا
پر درن کي
ڊڄ جاڪرف ڏنل آهن
۽ دريون
خوف کان ٻوتيل اکيون لڳيون پيون آهن
۽ ماڻهو
ها ڪنهن زماني ۾ هتي رهندا هيا.
*.*

جڏهن عورت تخليق ٿي

جڏهن عورت تخليق ٿي
دردکان دانهون نڪري ويون
ڌرتيءَ چيو
مون کي جاڙي ڀيڻ ڄائي آ
چنڊ باسيو
اڄ مون کي چهرو مليو آ
سچ سوچيو
اها ئي ته منهنجو روح آهي

جڏهن عورت پيدا ٿي
سمنڊ پهريون دفعو بوليو
وڻ پهريون دفعو ٻوليو
وڻ پهريون دفعو جهوميا
۽ ڪائنات کي
پنهنجو ڪارج سمجهه ۾ آيو

جڏهن عورت پيدا ٿي
آدم کي اکيون عطا ٿيون.
مرد کي دل ملي
۽ پهاڙ لائو اوڳاڇي ڦاٽا

حقيقت اها آهي
ماءُ جي روپ ۾
خود کي خلقي خدا
پنهنجو ئي شڪرانو بجا آندو.
*.*

6.2014

هي ڪهڙي قسم جو وڻ آهي

هي ڪهڙي قسم جو وڻ آهي
جنهن جي ويجهو ويندي
هوا خوف ٿي کائي
پکين جا کنڀ ڇڻي ٿا پون
هن جي ڇانو جي ويجهو وڃڻ جي ته
رات منجهه به جرئت ناهي
هي ڪهڙو وڻ آهي
جنهن جو بچاءُ
وڻن جا ازلي ويري
ڪهڙا ڪري رهيا آهن
ڪاٺير ۽ وڍا هن جي بچاءُ لاءِ
تحريڪون پيا هلائن
هي ڪڙي قسم جو وڻ آهي
جو ڀوپا ۽ پير
هن کي مقدس وڻ پيا قرار ڏين
زرعي ماهر هن کي ڌرتيءَ جي
زرخيزيءَ جو ضامن ڄاڻائن پيا
دوا ساز ڪمپنين جي دعويٰ آهي ته
هن ۾ هر قسم جي بيماريءَ جي
علاج جون خاصيتون آهن
حالانڪه هي وڻ
ڏينهن جو ڪاربان ۽ رات جو
هائڊرو گئسون خارج ڪري رهيو آهي
هن ۾ ڪنڊن بدران گوليون
پنن بدران ڪارا فرمان
ميون بدران بم ڦُٽن ٿا
جڏهن ته هن وڻ جي هيٺان
ڪو ساهوارو ساهه نٿو کڻي سگهي
اصل حقيقت ته اها آهي
هي وڻن جو ويري
ماحول دشمن
۽ آدم خور قسم جو وڻ آهي
*.*
1.2017

ڏس ڪايا ڪيئن پلٽو کاڌو آهي

ڏس ڪايا ڪيئن پلٽو کاڌو آهي
ماضيءَ جا عظيم الشان ديوتا
پںہںںہنهنجن ئي پوڄيندڙن کي
پوڄي رهيا آهن

فطرت کي بچائڻ واسطي
ڌرتيءَ جي بقا لاءِ
چنڊ جي جان جي امان خاطر
دريائن جي بخشش جي غرض سان
سمنڊن جي سندرتا واسطي
انسانن کي راضي ڪرڻ لاءِ
پنهنجين خداين جا
ٻليدان ڏئي رهيا آهن
هو انسان جي
تاريخي معصومت کي ياد ڪري
رت جا ڳوڙها پيا وهائن
هوپنهنجين دعائن ۾
انسانن کي
انهن غارن جا واسطا ڏئي رهيا آهن
جيڪي انهن جا پهريان گهر هيا
پنن جي پوشاڪن
کَلُنِ جي لباس جا
واسطا ڏئي رهيا آهن
جن هنن کي تهذيب يافته ڪرڻ ۾
شروعاتي ڪردار ادا ڪيو
انهن مذهبن جي مهابي
هن سرشتيءَ جي جان جي امان گهري رهيا آهن
جن تي ڪڏهن هنن جو اعتقاد هيو
يا جن تي ڪڏهن هنن جو اعتقاد هيو
يا جن کي هاڻي به مڃي رهيا آهن
جن جي خاطر هنن هڪٻئي جو
بيان ڪرڻ کان ٻاهر
بي انداز رت وهايو
جن جي خاطر هي هڪ ٻئي سان
هاڻي به وڙهي رهيا آهن

پر انسان ته
ديوتائن کان به وڌيڪ
ڪٺور هوڏي ۽ تباهي آڻيندڙ
ثابت ٿيو آهي.
*.*
2.2017

باهه وانگر

باهه وانگر
بيچينيءَ جو ساڙيندڙ سيڪ
سک سان ويهڻ ناهي ٿيندو
تنهنجي ڀاءُ
ڇتين گرمين ۾ به
مونکي ڏڪڻيءَ وانگر
ورائي ويندي آهي
تنهنجو خيال ايندي ئي
تهه سياري ۾ به
پگهر تار ڪري وهندا آهن
انتظار هر عضوي ۾
بيچيني پيدا ڪري ڇڏيندي آهي
اوجانان!
تون ڀلي راتين کان
ننڊن جا نذرانا
۽ خوابن جا خراج
وصول ڪندي رت
پر تنهنجي فراق ۾
منهنجون اکيون
اوجاڳا روئن ٿيون
او بيخبر شهزادي
مان تنهنجي
روزمره جي ماحول وانگر آهيان
جنهن ۾ تون رهين ٿي
پر ان کي نظر انداز ڪندي تي رهين
تون مون کي هٿ ۾ جهليل قلم جيان وساري ڇڏيو آهي
ياد ڪر ننڍپڻ ۾ مون کي
پوپٽ جيان پڪڙي
ماچيس جي خالي کوکي ۾ وجهي
اڇلائي ڇڏيو هُيئي
جيڪا سونهري ننڍڙي مڇي
تنهنجيهٿ ۾ ڦٿڪي مئي هئي
اها مان هيس
پرائي هٿ ۾ ڏسي
جنهن رانديڪي لاءِ
تون ڏاڍو رُني هئينءَ!
اهو به ڪو ٻيو نه
مان ئي هيس
اوه تون مونکي اڃا به نٿي سڃاڻين
مان تنهنجي سامونڊي جهاز جهڙن خوابن جو
ڪپتان آهيان.
*.*

3.2017

بغاوتن جو ڀرم

بغاوتن جو ڀرم
ڇا ڪو انقلاب رکي سگهندو
ڇا قربانين جو قصاص
آزادي ڀري سگهندي
ڇا غلاميءَ جو ازالو
ڪوبه ڪفارو ڪري سگهي ٿو
ڇا اذيتن کي آٿت
دردن کي دکداري
۽ رنج کي راحت
ڪنهن اڻ ڏٺي آسري ۾ ملي سگهي ٿي
مٽيءَ جهڙي ممتا
۽ پاڻيءَ جهڙو پيار
ڪو نظريو ڏئي سگهندو ڇا
ٻڌاءِ اي زندگي
تون ته ويسر جي وار سان
هر ڪنهن کي موڳو ڪري
مطمئن ڪندي ٿي رهي
پر مان توکان ٿوپڇان
ڇا مون کي
انهنسوالن جا جواب ڏئي سگهندينءَ
شيخ اياز پڇاڙيءَ ۾ جيئن
موت سان ڪئي گفتگو
ائين اڄ
مان توسان مخاطب آهيان زندگي
مونکان لڪ نه
نه ئي ڪجهه لڪاءِ
اي زندگي
مان ڄاڻان ٿو
تنهنجي سفاڪي ۽ درندگي
مئلن کي به ڏڪائي ٿي وجهي
پر ڪا اهڙي به ادا آهي
جيڪا توکي به جهڪائي ٿي وجهي؟!

تون اهو وڻ آهين

تون اهو وڻ آهين
جنهن هيٺان ويهندي
مون کي هر دفعي
نئين قسم جو نرواڻ ملندو آهي
جڏهن تون ٽهڪ ڏيندي آهين
ته ائين لڳندو آهي ڄڻ
سفيد ڪبوتر ڦڙڦڙائي رهيا آهن
تو کي سهڪندو ڏسي
مون کي اندازو ٿي ويو هو
ته ڌرتي ساهه ڪيئن کڻندي آهي
تنهنجي اکين جي معرفت ئي
منهنجي سمنڊ سان شناسائي ٿي هئي
تنهنجوارن ئي مون کي
رات جي رازن کان واقف ڪيو هو
توکي ڏسڻ کان پوءِ ئي
منهنجي اکين ۾ ايتري سگهه پيدا ٿي
جو بنا اک ڇنڀڻ جي ٽڪ ٻڌي
سج کي ابد تائين چتائي ڏسي سگهان
منهنجي سوچ جي چانڊوڪيءَ ۾ صرف تون ئي تون نظر ايندي آهين
ما توتي هميشه نئين مذهب وانگر ايمان آندو آهي
توڙي جو مان
هر ساهه ۾ سوين دفعا مرتد ٿيو آهيان
*.*

12.2014

هي شراب جي بوتل سان گڏ سمهندو آهي

هي شراب جي بوتل سان گڏ سمهندو آهي
هي سگريٽ سان گڏ جاڳندو آ
ننڊ جي شيو ڪري
چانهه سان وهنجي
قلم جهڙي وجود تي
ڪاغذن جو لباس پهري
ڪتابن سان گڏ ڪم تي لڳي ويندو آهيان
پر اڄ هن کي ڇا ٿي ويو آ
جو اڃا تائين هن
آرس جي انڊلٺ ناهي اڀاري
نه ته وڏي اسر جو
ڪڪڙن کي به ٻانگون ڏئي
هي اٿاريندو آهي
هوڏانهن ڏس ته سهي ٻاهر
صبح اوٻاسيون پيو ڏئي
سمنڊ
ٻيڙيءَ تي سوار ٿي
صحرا جي سير تي نڪتو آهي
ڏينهن جي پليٽ ۾
سج جو آمليٽ پيو آهي
مانيءَ کي بک لڳي آ
چانهيون چَپَ چَپَ پيون ڪن
ڳوٺ شهرن ڏانهن پنڌ پيا آهن
پر هن صاحب جي مٿان
اڄ رلهي اک پٽي اٿي ئي نٿي
ڪٿي هي
ڪنهن خواب جي کوهه ۾
ته نه ڪري پيو آهي.
*.*

10.2012

زندگيءَ تي يقين نٿو اچي

زندگيءَ تي يقين نٿو اچي
مرڻ تان اعتبار کڄي ويوآهي
هجڻ ۽ نه هجڻ جي وچ ۾
خدا وڃائي ويٺو آهيان
مذهب سان به مسئلا حل نٿا ٿين
مذهب کان بغير به مايوسي ئي آهي
سائنس به ته مذهب کان ڇني
مذهب ڏانهن ئي وٺيو ٿي وڃي
ڪوريئڙي جي ڄاري ۾ ويڙهجي ويو آهيان
وحشي خواب
منهنجين اکين کي
مڇين جيئن تري رهيا آهن
مان وڻ جي
ڇڻيل پتن جيئن سڙان ڳڙان ٿو
مون مان رَڳون ۽ هڏا ظاهر ٿي پيا آهن
مرڻينگ حالت ۾
هن دنيا منجهه
داخل لڳو پيو آهيان
اڙي يار زندگيءَ جون ڪهڙيون ٿو ڳالهايون پڇين
مون کي هن جي اڳياڙيءَ جي خبر هئي
مان هن جي پڇاڙيءَ کان واقف هيس
ان ڪري
مان زندگيءَ سان نڪاح ۾
ٽي دفعا انڪار ڪري
چوٿين ڀيري
طلاق جي شرط سان ها ڪئي
درد ۽ موت منهنجا گواهه بڻيا هئا
پر زندگيءَ حق مهر جي آڙ ۾
منهنجا سمورا حق ضبط ڪري ڇڏيا آهن.
*.*

5.2015

منهنجي وڏن مان ڪنهن به

منهنجي وڏن مان ڪنهن به
ٻئي ملڪ تي ناحق حملو ناهي ڪيو
پر هميشه
پنهنجي ديس جي بچاءُ ۾ شهيد ٿيا
ان ڪري انهن مان ڪوبه
عظيم جي خطاب سان
ياد ناهي ڪيو ويندو
جيئن عظيم سڪندر
منهنجي وڏن مان ڪنهن به
انساني منڍين جا مينار کڙا ناهن ڪيا
پر انسانيت لاءِ پنهنجي
سِرن جا نذرانا ڏنا آهن
ان ڪري انهن مان ڪوبه
خان جي لقب سان ياد ناهي ڪيو ويندو
جئن چنگيز خان
منهنجي وڏن مان ڪنهن به
قوم سان غداري نه ڪئي
ملڪ کي ڌارين هٿ نه وڪيو
انڪري انهن مان ڪوبه
سر يا خانهادر بڻجي نه سگهيو
جيئن.......

بس ٺهيو
انهن جا ڪپڙا نالا کڻان
سمجهي ته ويا هوندئو
اهو ئي ڪارڻ آهي جو
منهنجي وڏن جو
تاريخ ۾ ڪوبه ذڪر ناهي
پر هيءَ ڌرتي انهن جي تاريخ سان ڀري پئي آهي
مان گمنام شهيدن جي نسل منجهان آهيان.
*.*

ڳوڙهن ۾ ٻُڏل هن شهر کي ڏسي

ڳوڙهن ۾ ٻُڏل هن شهر کي ڏسي
اچرج منجهان
اکين کي ڏندين آڱريون آهن
هي شهر منيءَ جو قطرو
جنهن ۾ لکين اڻٿيڻا انسان ڦٿڪن ٿا
هي شهر آهي ڪو ٻار حرامي
(جڏهن ته ڪوبه ٻار حرامي ناهي ٿيندو)
وڃي ٿو ناليءَ ۾ لُڙهندو
هي شهر هيرونيءَ جهڙو
زخمي حات ۾ ڍير يپيو آهي
هي شهر اهڙي وئشيا
جنهن جا سڀ گراهڪ
ايڊز جا مريض
هي شهر پلاسٽڪ جي ڦاٽل ڳوٿري
جنهن مان ماڻهو وهن ٿا
ڌرتيءَ جي بدن تي ڦُرڙيءَ جهڙو
هي ڀوائتو ڏائڻ شهر
اهڙو اڳ ته نه هو

هن آدمخور شهر منجهه
ٿي بي حسي بازارن ۾ وڪامي
۽ لوڀ پئي خريدي کپائي
هتان جي ٽرڙن رستن کي
پيرن کان سخت بُڇان آهي
هنن انڌن رستن تي
اکين کي به
سفر ڪرڻ جي اجازت ناهي
پر گاڏين کي ڇوٽ آهي
ڀلي غرور ۾ ڀرجي
غنڊا گردي ڪنديون وتن
هتڙي عمارتون عيش ٿيون ڪن
۽ بوٽن جي بادشاهي آهي
هتي بدن شيشا ۽ روح ڏامر رهن ٿا
هتي ڪپڙا ڪردار جي ڪسوٽي آهن
دراصل هن شهر ۾ ماڻهو منع آهن
هتي انسانيت لڙهي ٿي نالين۾
يا ڦيٿن جي هيٺان چيڀاٽبي آهي
هن شهر ۾ رڳو سبيل ڪپڙا ساهه کڻندا آهن
۽ بوٽ پنڌ ڪندا آهن
هي شارڪ جهڙو شهر
مون کي به حضرت يونس جيان ڳهي ويو آهي
تڏهن به مان هن جي هر گهٽي ۽ چونڪ تي
وڻ بڻجي ڦٽان ٿو
پر هي پَيغمبرن جهڙن بکين پکين جو قاتل شهر
مون کي وڍي
مصلوب ٿيل عيسيٰ بڻائ ٿو ڇڏي
۽ ڪنهن نه ڪنهن مريم ڏانهن
منسوب ڪري
ان جي پاڪ دامنيءَ تي
بهتان ٿو مڙهي.
*.*

7.2016

تون آهين سڪل گلاب

تون آهين سڪل گلاب
جيڪو منهنجي سيني جي ڪتاب ۾ پيو آ
توکي پاڻيءَ جي نه پر ضرورت آآهي ڳوڙهن جي
سرد شوڪارن ۾ تولئه بهار جي جهوٽي جيان آ
گذرندڙ وقت تنهنجي خوشبوءَ ۾ اِضافو ڪري ٿو
تون آهين يادن جي ڪهڪشان
باهه آهي پنهنجي ميلاپ جي نشاني
عمر جي هن موڙ تي پهچي
منهنجو عشق هاڻي
عقيدت جو روپ اختيار ڪري ويو آهي
تون تقدس جو درجو حاصل ڪري وئي آهين
تون منهنجي نوجوانيءَ جو ڇڏيل ورثو آهين
تون آهين يادگيرين جي مورت
مون وٽان تنهنجو مادي روپ منسوخ ٿي چڪو آهي
ڇو جو مان دنيا جهان کان منهن موڙي ڇڏيو آهي
جنهن جو مان پاڻ به هڪ حصو آهيان
هونئن به روح کي ڏسڻ لاءِ تصور جي اکين جي
۽ بيان ڪرڻ لاءِ تخيل جي زبان جي ضرورت پوندي آهي
تون اها ٻولي آهين
جنهن جو مان آخري ڳالهائيندڙ بچيو آهيان.

*.*

تون چاڪليٽي ندي آهين

تون چاڪليٽي ندي آهين
نچندڙ مون جهڙيون تنهنجون اکيون آهن
تون باهه جي تاريخ آهين
ٽانڊن جا ڇڳا آهن ڏاڙهون
جيڪي تنهنجي ڇاتيءَ جي زينت بڻيا وتن ٿا
۽ مان بکايل چڪوروانگر
تنهنجي چوڌاري چڪر ڪاٽيان ٿو
تنهنجا چنڊ هميشه ڪڪرن ۾ کنوڻيون بڻجي ڊوڙن ٿيون
تو آڪاس وارو فلڪياتي نظام آهين
مان وائڙي ٻارجهڙي ڌرتي
سدائين تنهنجي سوداءُ ۾ سرگردان
گهوماٽيون کائيندو رهيو آهي
اڄ توسان ملڻ کانپوءِ ائين ٿو لڳي
ڄڻ هيءَ پهرين رات آهي جيڪا مان
غار کان ٻاهر ستارن ڀرئي آسمان هيٺان
گذاري رهيو آهيان
انسان جي روپ ۾ هيءَ منهنجو پهريون ڏينهن آهي
هيءَ چُمي پهريون لفظ آهي
جيڪو مان لکيو آ تنهنجي چپن تي
تون منهنجي زندگيءَ ۾ زرعي انقلاب وانگر ئي آهيان
توکي شايد خبر نه هجي
ته منهنجي تخليق ٿيڻ کان ي اڳ
مان تنهنجي ڪلپنا ڪئي هئي
ڏهن مون کي پنهنجوئي شعور ڪونه هو
مون کي پنهنجي پهرين پهرين گهرج
تنهنجي ئي محسوس ٿي هئي
ان کانپوءِ ئي مون کي ساهه کڻڻ جو خيال آيو هو
کاڌو ته مون گهڻو گهڻو پوءِ طلبيو هو
جيئن جبل تي ڪو پٿر هيٺ گڙڪندو ايندو آهي
مان تو وٽ ائين پهتو آهيان
تون پنهنجي زندگيءَ جي عمارت ۾
ڪنهن جاءِ تي استعمال ڪري ڇڏي مون کي
مان تنهنجي مٿي ۾ هڪ وار جيتري حيثيت ٿو چاهيان
اک۾ ڳوڙهي جيتري
جيڪو جڏهن وهي ته ڳل تي ئي سُڪي وڃي
۽ جسم به هڪ خون جي قطري جيتري
جنهن جو ڪو پتو ئي نه پوي
۽ ها منهنجي اکين جون هي ٻئي ماڻڪيون
تون پنهنجي بدن مٿان
ڪنهن به جڳهه تي تر بڻائي سجائي سگهين ٿي
تنهنجي سولائيءَ خاطر
مان پاڻ کي تنهنجي مادري زبان ۾
ترجمو ڪرائي رهيو آهي.
*.*

3.5.2018

جيڪا اسان چاهيون ٿا

جيڪا اسان چاهيون ٿا
اها عورت صرف تخيل آهي
شاعريءَ وانگر
ان عورت جوڪو
جسماني وجود آهي ئي ڪونه
ته اها ملندي ڪٿان

جيڪا اسان کي گهرجي
اها آزادي ته
اسان پنهنجو پاڻ کي به نٿا ڏئي سگهون
ته ٻيو ڪيئن ڏيندو

اسان سوچن کان بچڻ لاءِ سوچيون ٿا

اسان تڪليفن کان بچڻ لاءِ بکون ڪاٽجن

اسان زندگيءَ خاطر مرون ٿا
دراصل
اسان زندگي کي بچائڻ خاطر
جيئڻ ئي ڇڏي ٿا ڏيون
*.*

اي وڏي عمر واري عورت

اي وڏي عمر واري عورت
مان تنهنجو ننڍي عمر وارو
ڇوڪراٽ عاشق آهيان
منهنجو درد منهنجي سمجهه کان وڏو آهي
منهنجو عشق تو جيڏو آ
مان چاهه جي چهنب ۾ جوڳي جيان آهيان
مان پنهنجي پتڪڙي دل
هر روز تنهنجي قدمن ۾ ڌريان ٿو
پر تون لتاڙي هلي وڃين ٿي
تنهنجو مون کي نظر انداز ڪرڻ
مون کي زندگيءَ کان پري ڪري رهيو آهي
تون منهنجي راندين جي قاتل آهين
مان هم عمر دوستن کي بدن تي
اانهن جي پيئرن جي لباس جيڏو لڳان ٿو
ٻار جي اُگهڙ وانگي
منهنجو عشق تماشو بڻجي ويو آهي
برفباريءَ ۾ بکايل بگهڙ وانگي
مان پنهنجو توازن وڃائي ويٺو آهيان
خواب ننڊ جون اکيون آهن
۽ انهن جو نور تون آهين
جهنگ کي باهه آهي تنهنجو حسن
مان سڄي رات وڻن وانگي
سڙندو ٿورهان

جوانيءَ جي جنت ۾ قدم رکندڙ
اي ننڍي عمر واري ڇوڪري
مان تنهنجو وڏي عمر وارو عاشق آهيان
تنهنجي جواني کيري آ
باهه نيري آ
مان جيسيتائين توکي ڏسندو آهيان
انهيءَ دوران منهنجون اکيون
مسلسل پنهنجا رنگ
تبديل ڪنديون رهنديون آهن
تون جيڪا وارن ۾ سڳي وجهندي هئينءَ
مان ان کي ڳچيءَ ۾ ٽاءِ ڪري پائيندو آهيان
منهنجي محبت
تنهنجو شناختي ڪارڊ بڻجي وئي آهي
منهنجن خيالن ۾
تنهنجي اچ وڃ ساهه وانگي آ
مان ٽٽل دلين مان جڙيل تجريدي مجسمو آهيان
منهنجا نظم
پکين جا شهسوار آهن
جي غور سان ڏسندينءَ
ته هر پکيءَ جي مٿان
توکي منهنجو هڪ هڪ نظم ويٺل نظر ايندو
اهو توکي اک ڀڃيندو
اڏامڪ چمي ڏيندو

پا ٻئي هم عمر آهيون
هڪ ڪلاسي ۽ هم روح
اسان ٻئي هڪٻئي سان جنسون به مٽائي سگهون ٿا
واري وٽيءَ تي
ڪڏهن مان عورت ڪڏهن تون
ڪڏهن تون مرد ڪڏهن مان
تنهنجو جسم روح جهڙو نفيس آهي
تون جڏهن
هنڌ ۾ سمهندي آهين
ته منهنجي ڀاڪر ۾ جاڳندي آهين
تنهنجي هڪ اک قاتل ٻي اک مسيحا آهي
تن سمنڊ کي ساڙهيءَ وانگر پائي
ڇلندي وتين ٿي
مان تنهنجي دل جا ڏند ڀڳا آهن
تون تنهنجي کل مان ٺهيل خيمي ۾ رهين ٿي
او فيبروريءَ جي چوڏهين تاريخ جهڙي محبوبه
تون هر مهيني جي چنڊ جي چوڏهينءَ واري رات آهين
تون مارچ جا آنڀو
اپريل جو گلاب
جولاءِ جون برساتون آهين
تنهنجي جواني جون جو مهينو آهي

اي منهنجي ازلي محبوبا
تون تخيل کان به مٿاهون تصور آهين
تنهنجو ڪنهن به نقشي ۾ ذڪر نه هئو
تون ڪنهن به داستان جو حصو نه هئين
پر مان شاعريءَ جي معرفت تو تائين پهتو آهيان.
*.*

9.2015

ابن رشد جي مٿان ٿُڪندڙ

ابن رشد جي مٿان ٿُڪندڙ
زماني جي ٿُڪن ۾ لڙهي ٻڏي ويا
تون به مون کي ڀلي الرازيءَ وانگر ڪتابن سان ڪُٽ
سڀاڻي زماني جا پادر توتي ئي وسندا
اي ڪاٻاڙي ذهن جا مالڪ
تون مون کي هڪ ڪتاب سان تورين
يا هزارين ڪتابن سان
هر حالت ۾ اسان جو وزن برابر ٿيندو
اي وقت جا ابو جهل
تون مون کي لکڻ کان ڇا روڪيندين
شمس تبريز وانگر
مان پنهنجي بدن جي کل لاهي
ان تي سج جي قلم سان لکندس
منهنجي شاعريءَ جو هر حرف توکي
روميءَ وانگر رقص ڪندي نظر ايندو
بلڪل ائين جيئن ڌرتي لال ڦيريون پائيندي آهي
تو هي ڏسين نٿو ڇا
ڪتاب
منهنجي اکين ۽ هٿن کان آٽوگراف وٺڻ لاءِ
هڪ ٻئي کي ڌڪا ڏئي
لتاڙي رهيا آهن
۽ لائبريريون
افراتفريءَ جي ور چڙهي ويون آهن.
*.*

بهار جي هوا

بهار جي هوا
مينهن واچ وانگر لڳندي آهي
۽ ڌوئندي آهي خزان جي جميل ڌُڌڙ
پوءِ ظاهر ٿيڻ لڳنديون آهن
ڌرتيءَ ۾ دٻيل شيون
دلين ۾ لڪل گل
وڻن مان نروار ٿيڻ لڳنديون آهن
هر جڳهه تان شاعري ڦٽندي آهي
۽ چنڊ آئيني تان
سڀ داغ ڌوپجي ويندا آهن

اهو سڀ ائين آهي
جيئن ڪُڪڙَ رات کي کڙهون هڻي
رتو رت ڪري وجهن ٿا
پرهه پکيئڙو پنهنجن پرن سان
سج تان ڪاري دز ڇنڊي ٿو
۽ وهائو تارو
نئين ڄاول صبح جي ڪن ۾
ٻانگ ڏي ٿو.
*.*

منهنجي جلاوطنيءَ جي ڪهاڻي

منهنجي جلاوطنيءَ جي ڪهاڻي
ڏاڍي ڊگهي آهي
مون کي پٺيءَ تي پرن بدران
کُليل ڪتاب ڦٽي پيو
ته پرستان مان لوڏي ڇڏيائون

ڪهرام مچي ويو
جنهن مهل منهنجي دل ڌڙڪي
ته مئل ڄاڻائي
دفنائي ڇڏيائون

مون منجهه هئو ساحلي شهر جهڙو ڇوڪرو
جيڪو منهنجي سوچن جي سمنڊ ۾
غرق ٿي ويو
مان اهو خواب آهيان
جنهن کي ڏسڻ لاءِ
ڪابه اک راضي نٿي ٿئي
ايماندار آفيسر وانگر
جنهن جي هڪ اک کان ٻي اک
بدلي ٿيندي رهي ٿي

مان اها ڌڙڪن آهيان
جيڪا هڪ دل کان
ٻي دل دربدر ٿيندي
ٿُڏجندي ٿي رهي

ائين سمجهه
مان اهو اڻڄاڻ ٻار آهيان
جيڪو هر عورت کي منٿون ڪري رهيو آهي
ته مونکي پنهنجي پيٽ ۾ جاءِ ڏئي
پر ڪابه عورت
مون کي ڄڻڻ جو جوکم نٿي کڻي.
*.*

مان جڏهن به

مان جڏهن به
تنهنجي ڀرسان گذرڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان
ٿاٻڙجي پوندو آهيان
تنهنجي ڀرسان گذرندي سائين
منهنجي سائيڪل جي چين لهي ويندي آهي
توکي سامهون ايندو ڏسي
قميص جا ڳلي وارا بٽڻ کلي ويندا آهن
بوٽ جون ٻڌل ڪهيون ڇڙي پونديون آهن
مان بوکلائجي ويندو آهيان
منهنجو سمورو اعتماد اسپرٽ وانگر
هوا ۾ اڏامي ويندو آهي
تون هڪ طوفان وانگر ايندي آهين
۽ مان سڄو درهم برهم ٿي ويندو آهيان
مان قانوني طور سگريٽ خريد ڪرڻ
۽ سر عام پيئڻ واري عمر کان اڳ ئي پيار ڪيو آهي
مون کي پهريون خط لکڻ لاءِ ايتري محنت ڪرڻي پئي
جيتري گارشيا مارڪنيز کي “اڪيلائيءَ جا هڪ سئو سال”
ناول لکڻ مهل به نه ڪرڻي پئي هوندي

مان نوٽ ڪيو آهي
گذريل سال ڏيڍ کان مينهن جڏهن به وسي ٿو
مونکي وحشي ڪري ڇڏي ٿو
کنوڻين جيان سڄي رات بستري تي تڙپندو رهان ٿو
گهر وارا سمجهن ٿا مون کي حسابي چڪر ٿي ويو آهي
مُلي به چيو اٿن مون مٿان ڪنهن پريءَ جو سايو آ
تنهنجي ڪري الله سان به ويجهڙائپ وڌي وئي آهي
مون مٿان ڪيترائي نالا پئجي ويا آهن
ڪاليج وارا استاد توڙي شاگرد
مون کي چاڪليٽي ڇوڪرو سڏن ٿا
ويجها دوست مجنون
پر مائٽن جي نظر ۾ اڃا موڳو آهيان
مسين مسين ملي آهين
ڪٿي وسري نه وڃين
ٻيون ڳالهيون پوءِ به ٻيو ن ٿينديون
پهريون اها خبر ڏي
گلابن جي مقابلي ۾
اليڪشن پئي ويڙهين
تنهنجو انتخابي نشان ڪهڙو آهي
چپ وارو تر يا ڳٽي وارو چُگهه
جيڪو کلڻ مهل پئجي ويندو اٿئي
ٻڌاءِ نه
هن اليڪشن ۾ مان به ووٽ ڪرڻ جي لائق ٿي ويندس
منهنجو شناختي ڪارڊ ٺهڻ ۾ باقي ڏيڍ مهينو آهي
رڳو تنهنجو ساٿ کپي
سوچان ٿو اڳوپو
پنهنجو نڪاح نامو به ٺهرائي ڇڏيان.
*.*
11.2017

وڻن تي اڇا ڪنگ

وڻن تي اڇا ڪنگ
گورن ڏاهن وانگر
ٽين دنيا جي ڏيڏر عوام جي فڪر ۾
اُٻاڻڪا ويٺا آهن

۽ ڪو ٻني تي ڪاڪوس ڪري ويو آهي
جيئن اسان جا رهبر اسان جي واٽن تي ڪندا آهن

اڀي بيهاريل گاڏي سان
ٻڌل ڏاند دانشوراڻي ماٺ ۾ ٻڏل ويٺو آهي
ڄڻ اجهو ڪائنات جا ڪي راز فاش ڪندو
يا ڪو اهڙو فڪر ڏيندو
جيڪو دنيا کي ڌونڌاڙي ڇڏيندو

شاخ جي ٽاپ سان گذرندڙ
رڪشي ۾ مزدور عورتون
ٻورين وانگر سٿيل آهن
جن ۾ حسرتن جو ڪارو ڳڙ ڀريل آهي

اکين جو ٽريڪٽر دل ج نرالي ۾
سپنن جون سرون کنيو ٿو وڃي.
۽ ان ۾ وڏي واڪي
لوڪ گيت هلي رهيو آهي ته
رستي جا وڻ

*.*

اي ماءُ

اي ماءُ
تنهنجا ڏک
منهنجي دُن ۾ داخل ٿي ويا
ناڙي جي رستي
جڏهن تنهنجي پيٽ ۾ هيس
منهنجي شاعر هجڻ جو راز به اهوئي آهي

اي ماءُ
مان تنهنجي غمن جو چهرو آهيان
*.*

11.2017

مان پلازا وانگر

مان پلازا وانگر
فليٽن جي صورت ۾
هڪ ئي وقت
ڪيترن کي ئي ڪرائي تي ڏنل آهي
پر منهنجا سڀ مالڪاڻا حق
تو وٽ آهن
تون خوابن پکيءَ وانگر
منهنجي دُن ۾ آکيرو ٺاهيو آهي
مان پنهنجي خالص کير ۾
تنهنجي ڪنواري پاڻيءَ جي
ملاوٽ ڪيان ٿو
تنهنجون رانون ٻه بُرج آهن
وينس ديويءَ جي مندر جيان
تنهنجي ڇاتين جي وچ ۾
مان شير خوار خواب ڏسان ٿو
پنهنجي ئي هٿ مان
چانهه ۾ ٻوڙيندي
مان بسڪوٽ جيئن
تو ۾ ڪري پيو آهيان
تون ٻاڦ جي صورت ۾
منهنجي ساهن کڻڻ سان
وات مان نڪري رهي آهين
او هن دنيا جي ديوي
جنت ته تنهنجو پاڇو آهي.
*.*

5.2017

تارخون مدي خارج دوائن

تارخون مدي خارج دوائن
۽ کريل گهڙالن جا ڍير آهن
اسان جو اڄ
ڪالهه گذري چڪو آهي
ماضي ئي اسا ن جو مستقبل بڻجي چُڪو آ
اسان موت وٽ مسواڙي آهيون
اسان وٽ کوٽو وقت آهي
جيڪو ڪٿي کپي ئي نٿو
ان ڪري اسان خريد ڪرڻ کان معذور آهيون
خدا به اسان کي پالينٿو سگهي
بدقسمستي به اسان جو ساٿ ڇڏي وئي آ
اسان زندگيءَ کي پاراتو آهيون
جيڪا به اک اسان کي ڏسي ٿي
اها سڙي ٿي پئي
بُک کي به اسان مان ڀوء ٿو ٿئي
ته متان اسان ان کي به کائي نه وجون
اسان اهي لاوارث آهيون
جيڪي پنهنجي پاڻ جي وارث هجڻ جي
ڇڙي دعويٰٰ به نٿا ڪري سگهون
اسان جي ملڪ جو منظر نامو ڪو اسان کان مختف ناهي
وڻ اداس روح آهن
جن ۾ ويرانيءَ جا جِن
واسو ڪري ويٺا آهن
انسانن جون دليون
اٺن جي پاڇولن جيان رڙنديون ٿيون وڃن
اکين جي ڦاٽل ٻورين مان
ڳوڙهن جو ان وهندو ٿو رهي
پئي پئي خواب گُسا ٿي ويا آهن
آسمان مٿان سينور چڙهي ويو آهي
ڪيئن وسن
ڪڪر به زنگجي ويا آهن
ستارن کي به ڏندن جيان
ماڪوڙي کائي ويئي آهي
چنڊ جي بدن تي ڦُرڙيون نڪري پيون آهن
سج کي اڌرنگو ٿي پيو آهي
ماکيءَ مکيون شگر جون مريض ٿي پيون آهن
پاڻيءَ جا مجسما
صحرا ۾ جلا وطن ڪيا ويا آهن
ان کان وڌيڪ ڪهڙي ڪٺورتا ٿي سگهي ٿي جو
ڦوڪڻن مان ڦُٽل ٻارن کي
معاشرو ڦاڙي ڇڏي ٿو
۽ انهن جا جيڪي والدين نه ٿي سگهيا
انهن جي عزت بچي وڃي ٿي
مهاڻا ٻيڙيون کپائي
اُٺ خريد ڪري رهيا آهن
وقت چريائپ جي رفتار سان اڳتي پوئتي ڊوڙي رهيو آهي
دل جي ديوار تي
وهمي ڪِرڙيون چنبڙي پيون آهن
ڪرائي جي ملڪ ۾
خيراتي قوم رهي ٿي
آدم خور نقابن
بکايل بگهڙن وانگر
انساني چهرن تي حملو ڪري ڏنو آهي
پاڇا جسمن کي چيرن ڦاڙن ٿا
جيئري جسمن سان
مڙدن جي مهمانوازي ڪئي وڃي ٿي
تلوارن جي طوفان ۾
وڻ منش ڪٿان بچندا
هر ڪنهن وٽ قانوني جواز آهي
ته اهو ٻئي کي ماري سگهي ٿو
هر ڪنهن وٽ آسماني اجازت نامو آهي
ته اڳليو واجب القتل آ
*.*

6.2017

مان ارادو ڪيو ته بُت ڀڃي ڇڏيان

مان ارادو ڪيو ته بُت ڀڃي ڇڏيان
ان ڪري
مان انهن ۾ ساهه ڦوڪي ڇڏيو
مان ڪعبي تان غلاف لاٿو
ته تون عُريان ٿي پئينءَ
مان توتي غورفڪر ڪري
مراقبي جو بنياد وڌو
۽ ٻُڌ کي ونڊ مليو
مان تنهنجي رضا خاطر
توکي ئي قربان ڪيو
ته پاڻ سان پرچي پيس
۽ مان خود ي پاتو

جيئن تون ماپي سگهين
ان ڪري مان
ڪائنات منجهان ئي ڪري ويس
تو منجهه گهڙي ويس
*.*

6.2017

ڪڏهن به مطمئن نٿو ٿئين

ڪڏهن به مطمئن نٿو ٿئين
تون مون کي ورائي خلقيندو رهين ٿو
۽ انسانن جي آبادي وڌندي وڃي ٿي
مان به تو وانگر تو منجهان
ڪڏهن مطمئن ئي نٿو ٿيان
۽ توکي نئين سر گهڙيندو رهان ٿو
۽ خدائن جو شمار
شمار کان وڌندو وڃي ٿو
ڏس ته سهي
هي اوائلي آڳاٽا
هي نت نوان مذهب
ڏس ته سهي
هي قديم ترين
هي جديد تر خدا ديوتا.
*.*

6.2017

مان جڏهن خواب مان جاڳيس

مان جڏهن خواب مان جاڳيس
ته تون وهاڻي ۾ تبديل ٿي وئينءَ
۽ ٻيڙي کٽ جو روپ ڌاري وئي
ڪڪر منهنجي مٿان چادربڻجي ڪريو
۽ سمنڊ وڃي ٽانڪيءَ ۾ لڪو
مان پنهنجي لڱن تان
غسلخاني ۾ وڃي ننڊ جي نيراڻ ڌوئي
بد تي صابڻ ملڻ مهل
تنهنجي معصوم هٿن جا
ظالم ڇُهاوَ ياد آيا
وسري ويا هئا جيڪي
دل جا گهاوَ ياد آيا
راتوڪاپاتل ڪپڙا
جنهن تي خوابن جا گهنج
۽ ازلي اسرار جي
پرده بڪارت جو رت لڳل هئو
ڌوئڻ لاءِ شاعريءَ کي ڏنم
۽مان ڏينهن کي ڏورڻ لاءِ نڪري ويس
او وينگس خوابن منجهه ئي سهي
جنهن رات تون مون سان گڏ هوندي آهين
هزارين انڊلٺون اروڙا روشنيءَ جي صورت ۾
آڪاس تي اڀري اينديون آهن
ائين لڳندو آهي منهنجي ڀاڪر مان باک ڦٽي رهي آهي
۽ تون سونهري صبح جيان
مون کي روشن ڪري ڇڏيندي آهين.
*.*

6.2017

جن اسان جي واتن ۾ واري گُدي آهي

جن اسان جي واتن ۾ واري گُدي آهي
۽ اسان جا پيٽ بجريءَ سان ڀريندا رهن ٿا
اهي مانيءَ کي به ٽشو پيپر وانگر استعمال ڪن ٿا
اهي پنهنجون ڳُيون به ڊالر سان اُگهندا آهن
اسان سڄي عمر پنهنجي قبرن جون قسطيون چڪايون آهن
مرڻ کانپوءِ ڪو حرام خور
انهن تي به قبضو ڪري وٺندو
ماڻهن جي ٻوٿن تي ٽپال جون ٽڪليون چنبڙايل آهن
انهن کي جنگ جي پتي تي
پوسٽ ڪيو ويو آهي
يزيد جي ياد ۾
رت جون سبيلون
۽ انساني گوشت ۾ رڌل بريانيون
خيرات ڪيو پيون وڃن
زرتشت جو جسم باهه ۾ سڙي ٿو
گوتم جو گيان ٽُٽي پيو آ
مسيح کي صليب تان لاهي
سنگسار ڪندا شايد
قرآن مان رتر ٽِمي ٿو
آدم جي کنيل قرض جو
سموري انسان ذات
وياج لاهي رهي آهي.
*.*

7.20170

هن کي مون سان ايترو پيار هيو

هن کي مون سان ايترو پيار هيو
جو سائنائيڊ جو زهر ڀريو ڪيپسول
فرينچ ڪس ڪندي
پنهنجي وات منجهان زبان سان گڏ
منهنجي وات ۾ داخل ڪيائين
هن مون کي ايتري عزت بخشي
جو گلن جو هار پائي ان سان گُهٽو ڏنائين
هن جون ٻانهون منهنجيءَ ڳچيءَ ۾ هيون
۽ مان بي ساهو ٿي ڇاتيءَ تي ڪريس
*.*

مان هڪ جل پريءَ جي عشق منجهه

مان هڪ جل پريءَ جي عشق منجهه
صحرا کي سمنڊ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو
۽ انهيءَ سمنڊ ۾ خودڪشي ڪري
هڪ جابلو ٻيٽ بڻجي ويس
هاڻي ان جل پريءَ کي
منهنجي پٿرايل جسم کان سواءِ
ڪٿي به آرام ناهي ايندو
*.*

وري کنج وقت کي پار ڪري اچ

وري کنج وقت کي پار ڪري اچ
زندگي ۽ موت کان آجو ٿي
پيدا ٿيڻ بند ڪر
شين مان نڪر پاڻ ۾ داخل ٿي
مدارن ۾ ڀٽڪڻ بند ڪر
مرڪز ۾ ٿانيڪو ٿيءُ
لُڙاٽجي ويو آهين پاڻيءَ وانگي
پاڻ کي آٺرجڻ ڏي
اُٻرڻ ڇڏ
ڀڙڪي ڀڙڪي ساڻو ٿي پيو آهين
هِنَ هُنَ کي کڙڪائڻ ڇڏ
ڪير ڪونه کُلندئي
جهڙوآهين
تهڙو قبول ڪر پاڻ کي
توکان سواءِ ٻيو ڪير ڪونهي
ٻيائيءَ کي ٻن ڏي
اوپرائپ جو انت آڻ
مخلوق سراب آهي
هي سڀ عڪس ۽ پڙاڏا آهن
هِنَ هُنَ کي هٽاءِ
هوءَ جي هڙ کول
پنهنجي آڏو پري ٿي
هاڻي ڏس هي ڪير بيٺو آ
چُپِ
متان ڪُڇيو آهين
*.*.

23.4.2019

ڇو نه ٿي سمجهين

ڇو نه ٿي سمجهين
هٺ تان هيٺ لهُه
هيءَ ڪار توکي وڌ ۾ وڌ
هڪ شهر کان ٻئي شهر گهمائي ايندي
هي جهاز توکي وڌ ۾ وڌ
هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ چڪر ڏياري ايندو
هيءَ اسپيس ڇٽل توکي وڌ وڌ
چنڊ تائين کڻي ويندي
گهڻون ڇيهه مريخ تائين
جي توکي سياحت جو
ايترو ئي شوق آهي ته
تون منهنجي دل ۾ چڙهي ويهه
اها توکي ڪائنات گهمائي ايندي
خدا سان به ملائي ايندي.
*.*

ڌيمي سُرَ وانگي

ڌيمي سُرَ وانگي
سج اڀرڻ لڳو
هوا وڻن جي جسمن تي
هٿ ڦيرڻ لڳي آهستي
ڏانڊين مٿان مکڙيون
صبح جو ٻارڙن وانگي
رلهين مان منهن ڪڍڻ لڳيون
زبانون ۽ چپ هڪ ٻئي سان کيڏڻ لڳا
هٿن جو ناچ ٿيو شروع
پير پَرَن جيان ڦڙڦڙائڻ لڳا
اسڪولن اک کولي
آفيسن آرس ڀڳا
دڪانن جا وات پٽجي ويا
برف جيئ رجڻ شروع ٿيا مزدور
۽ مان
رات کي ٻيڙي ۾ سوار ڪري
سمنڊ جي ڪناري کان ٿيندو
ريلوي اسٽيشن کان ڦرندو
سج کي وٺي
گهر موٽڻ لڳس
رستن کان موڪلائيندي.
*.*

مان تنهنجي

مان تنهنجي
نيڻ کي ڪچلا سر ۾ ٻڏي
سڇو سرمئي ٿي ويو آهيان
۽ عورتون مونکي ڪرشن ڪنيو سمجهي
گوپين جيان وڪوڙي ويون آهن
او منهنجي راڌا جهڙي جانان!
تنهنجي پريم جو
اهو ڦل مليو اٿم جو
جيڪا به ڪنواري مون کي ڏسي ٿي
اها ميران وانگي
موهت ٿي مون کي
مستان بڻجي ٿي وڃي.
*.*

3.2017

هوءَ مونکي ايئن ڇڏي وئي

هوءَ مونکي ايئن ڇڏي وئي
جيئن ڪو وڻ کي ڇانگهي
ان جي ڇانو وڍي وڃي

هوءَ مون کي ائين ڇڏي وئي
جيئن جنگ پوئتي کنڊر شهر
تباهي بک افلاس بيماريون
۽ بيواهون ڇڏي ويندي آهي

هوءَ مونکي ائين ڇڏي وئي
جيئن جان بچائڻ خاطر
ماڻهو پنهنجو وطن ڇڏي ويندا آهن

هوءَ مون کي ائين ڇڏي وئي
جيئن ڪا ماءُ ٻار ڄڻيندي مري وڃي.
*.*

جڏهن منهنجو کيسو

جڏهن منهنجو کيسو
يونيورسٽيءَ جي
خالي ڪلاس جهڙو هوندو آهي
تڏهن به
ادبي لونجهه مارڻ خاطر
مان ڪتابن جي دڪانن تي
ڇاڻي بازي ڪرڻ
ضرور ويندو آهيان
ڪتاب به ته ڇوڪرين جهڙا آهن
ڪتاب به ماين وانگي لڳندا آهن.
*.*

مان هڪ مثل عورت سان پيار ڪيان ٿو

مان هڪ مثل عورت سان پيار ڪيان ٿو
جيڪا ڪنهن ٻئي جهان ۾ زندهه آهي
ما هن جي روح کي
ڳوڙهن جا ميوا
آهُن جا درود
يادن جي قرآن جا ختما
بخشيندو رهان ٿو
مون کي به زندگيءَ تان رٽائر ٿئي
وڏو عرصو گذري چڪو آهي
منهنجي پينشن هاڻي منهنجي زال
شاعري وٺندي آهي.
*.*

مان دنيا جهان جي

مان دنيا جهان جي
سموري شاعر ي سميٽي
ان منجهان هڪ عوررت تخليق ڪئي آهي
جنهن جي بدلي ۾ خدا
مون کي سموري ڪائنات ڏيڻ لاءِ راضي آهي
۽ اُتر ۾ پاڻ به ٿو آڇي
هاڻي مان ان جوسودو ڪيان يانه ڪيان
ٻنهي صورتن ۾
دنيا جهان جي
سموري شاعريءَ مان جڙيل
اها عورت
ڪائنات ۽ خدا منهنجا ئي آهن.
*.*

ورائي لکيل نظم

ورائي لکيل نظم
(الف)

هڪ ڇوڪري پنهنجي ماهواريءَ جو رت
سوڪهڙي جي ماريل وڻ کي
عطيي طور ڏئي وئي
هاڻي ان وڻ جي ٽارين ۾
پنن بدران عورتاڻا عضوا
۽ ميون بدران اُبهم ٻار ڦٽن ٿا

(ب)
هڪ ڇوڪري پنهنجي ماهواريءَ جو رت
سوڪهڙي جي ماريل وڻ کي
عطيي طور ڏئي وئي

هاڻي ان وڻ جي ڇانوَ ۾ جيڪو به ويهي ٿو
يا ميوو ٿو کائي
اهو عشق ۾ مبتلا ٿي ٿو وڃي.
*.*

منهنجي اگهاڙي سيني تي کليل ڪتاب پيو آهي

منهنجي اگهاڙي سيني تي کليل ڪتاب پيو آهي
يا تون هر غلاف کان آجي
منهنجي بغل۾ گلاب ٽڙيو آ
يا تون مسڪرائي رهي آهين
صبح جا پکي راتجي اوندهه چُڳي ويا آهن
خواب پنهنجا ڪپڙا پيا ڳولهن
وقت نٿو ٻڌائي
گهڙيال اوٻاسيون ڏيڻ ۾ پورو آ
خماريل جاڳ مان اٿڻ تي
منهنجي به دل نٿي چاهي
هن مدهوشيءَ واري ڪيفيت کي
گهٽ ۾ گهٽ سُستي ته نٿو چئي سگهجي
تنهنجا وکريل وار موسم جو احوال پيا ٻڌائن
چمي ڪافيءَ جي ٻاڙ ماري ڇڏي ٿي
لفظ اسان جي رومانوي خاموشيءَ ۾ خلل نٿا وجهڻ چاهن
خواهشن جي ڇڪتاڻ کان بغير
پاڻ نرواڻ جي انهيءَ حالت ۾ ليٽيا پيا آهيون
جو ڪيترائي گوتم ٻڌ ان مان لاڀ پرائي سگهن ٿا.
*.*

هن اڃان تائين پاڻ کي

هن اڃان تائين پاڻ کي
عورت طور
قبول ئي ناهي ڪيو
شعوري يا لاشعوري طور تي
هوءَ عورت هجڻ کي ڪمتر ئي سمجهي ٿي
ڇر ظلم اهو آهي
عورتن جي نمائندا اڳواڻ لڳي ويٺي آهي
هيءَ انارڪسٽ عورتازد وادي
ڳالهه برابريءَ جي ڪري ٿي
پر چاهي ٿي ته عورتون مردن کي لتاڙي مارن
ڪنهن به مقام تي
ٻنهي جي گڏ هلڻ جي حامي ناهي
دراصل
هوءَ مرد کي ماري
پاڻ مرد ٿيڻ ٿي چاهي
پر عورت نه
ٻين عورتن لاءِ به اهو ئي ٿي چاهي
ڇو جو هن جي اندر ۾
مرد ٿيڻ جو جنون
نانگ جيان ڪر کنيون ويٺو آهي
هن کي هر عورتاڻي شيءِ
عمل ۽ ورتاءَ کان ائين وحشت ٿيندي آهي
جيئن برهمڻ کي شودر کان
پنهنجي انا کي تسڪين ڏيڻ خاطر
احساس ڪمتري منجهان
مونث مان مذڪر بڻجي
مردن وانگر ٿي ڳالهائي
پر مردن کان الرجڪ آهي
مردن کي انهن جا حق نٿي ڏيڻ چاهي
پر عورتن جي حقن لاءِ وڏيون دانهون ٿي ڪري
هوءَ پنهنجي هر ڪمي ڪوتاهيءَ کي
عورت جي آڙ ۾
ڍڪي ڇڏيندي آ
۽ هر ڳالهه ۾ هوءَ
عورت ڪارڊ کي استعمال ڪندي آهي
عورت هجڻ جو ناجائز فائدو وٺڻ
هوءَ پنهنجو پيدائشي حق سمجهندي آهي
هن جي نظر ۾ مرد بي ڏوهي ٿي نٿو سهي
۽ عورت غلطي ۾ به غلطي ڪري نٿي سگهي
پر حيرت انهيءَ تي اٿم
ته خود مرد ٿيڻ جي چڪر ۾
هوءَ پاڻ ۾ موجود عورت تي
هر گهڙي تشدد ڪندي رهي ٿي
بخيل مڙس وانگر
پنهنجي اندر ۾ موجود عورت کي
بنيادي حقن کان رکي ٿي محروم
شادي نٿي ٿيڻ ڏي ان جي
جاگيردارن وانگر
ان کي در نٿي ٽپڻ ڏئي
ڪنهن مرد سان ان کي برداشت نٿي ڪري
پر عورتن جي پردي خلاف آهي
۽ ڪارو ڪاريءَ جي خلاف وتي ٿي ڌاڙ گهوڙا ڪندي
هر جڳهه تي گُهر ٿي ڪري
ته عورتن جي لاءِ خاص مراعتون هجن
اهليت جي لتاڙ ڪري به
مخصوص سيٽون رکيون وڃن
عورتن کي الڳ انعام اڪرام ڏنا وڃن
اتي برابري وساري ٿي ويهي
هوءَ ٻاهرئين مرد سان نه
پر پنهنجي اندر جي عورت سان ٿي وڙهي
ويچاريءَ کي سڀني انساني حقن کان محروم ٿي رکي
هوءَ نڪي مرد ٿي سگهي آهي
نڪي هن کان مرد ٿا برداشت ٿين
نڪي عورت کي عورت ٿين ئي ٿي بيهي
هوءَ مرد فوبيا جو شڪار
چاهي ٿي ته آئينده لئه عورتون
ٽيسٽ ٽيوب ذريعي ٻارڄڻن
۽ دٻي واري کير تي پالن
هيءَ ڄڻ ته چاهي ٿي
عورتن جو نسل ئي ناياب ٿي وڃي
مون کي اهو به خدشو آهي ته
متان هن
پنهنجي اندر واري عورت کي
ڪاري ڪري ماري نه ڇڏيو هجي
اهي به قوي امڪان آهن ته متان مستقبل ۾
پلاسٽڪ سرجريءَ جي ذريعي
جنس مٽائي
پلاسٽڪ جو گُڏو بڻجي وڃي
*.*

منهنجون خوشيون

منهنجون خوشيون
ناني جي ڪوٽ ۾ پيون هونديون
پَن جي ٻيڙين سان گڏ
منهنجو ننڍپڻ
نانو سائيڪل تي اڳيان وهاري
گهمائڻ وٺي ويو آهي
ڪنهن اڻڏٺي شهر
مان بسڪوٽن وانگر برنيءَ ۾
پنهنجواکيون ڏسي رهيو آهيان
مان ڪنائي رهيو آهيان
ته منهنجو نانو ڄاڻ آيو
سائيڪل جي گهنٽي وڄائيندو
*.*

مان ڪٿي به هجان

مان ڪٿي به هجان
تنهنجي محبت
مون کي بوريت وانگر
ورائي ٿي وڃي
بيماريءَ جهڙي بي آراميءَ جيان
تون ڪٿي به سڪون سان
ويهڻ نٿي ڏين
انهيءَ سڀ جي باوجود به
مان توکي ائين سوچيندو آهيان
جئين ماڻهو مزي مزي سان
ڪن کوٽيندا آهن
ويٺي ويٺي
مان ائين تو سان گڏ گذارڻ جا پهه پچائيندو آهيان
جيئن ماڻهو پنهنجي ڌُن ۾
نَهَه صاف ڪندا آهن
۽ پنهنجي وچ ۾ آيل رڪاوٽن کي

*.*

هٽائڻ جون ٽلون ائين سوچيندو آهيان

هٽائڻ جون ٽلون ائين سوچيندو آهيان
جيئن ٻيا ڀتين تان رنگ کرڙيندا آهن
يا پوسٽر ڦاڙيندا آهن
يا زمين تي آڱرين سان
ليڪا پائيندا آهن
الائي ڇو
تون چڙ وانگر منهنجي
حواسن مٿان چڙهي ويندي آهي
مان ڪاوڙ وانگي تو سان پيار ڪندو آهيان
بنا ڪنهن مهل موقعي ڏسڻ جي
مان تنهنجو ذڪر ڪندي
وڦلڻ لڳندو آهيان
دل ۾ پيدا ٿيل وسوسن کي
آڱرين مان ٺڪاوَ ڪڍڻ وانگر
مروٽيندو ويندو آهيان
تنهنجي اوسيئڙي ۾
راتيون اوٻاسيون ڏيندي ڪٽيون آهن
۽ ڏينهن ديوانگيءَ جي حالت ۾ گذاريا اٿم
مان ڪٿي به هجان
تنهنجي محبت
مون کي بوريت وانگر
ورائي ٿي وڃي.
*.*

سيءُ بانبڙا پائيندو ٿو اچي

سيءُ بانبڙا پائيندو ٿو اچي
شام
لڙڪ جي
دلفريب مرڪ لڳي رهي آهي
مينديءَ جا ٻوٽا
ڪنوارن هٿن جا
خواب ڏسي رهيا آهن
هي ساريون آهن
يا وان گوگ جي تصويرن جو فصل
ٽريڪٽر لوهاڻا ڏاند آهن
پيا وهن هر اچي رهيو آهي
ٻنيون ڪڻڪ لاءِ ائين تيار پيون ٿين
جيئن ڪنوارين کي ونواهه ۾ تيار ڪيو آهي
ڦُٽين جي چونڊي تان موٽندڙ
ٿڪل عورتون
منهنجي مسڪين ملڪ جي
حال وانگر هلنديون ٿيون اچن
ڪنهن جي مٿي تي
گاهه جي ڀري آهي
ڪنهن کي ڪاٺيون
ڪا ڪڇ تي ٻار کنيون پئي اچي
ساوا مرچ پچي
حسينائن جي ڳاڙهن چپن وانگر
ٿي ويا آهن
کجيون بهار جو
پنهنجي محبوب جيان انتظار ڪري رهيون آهن
جيڪو اچي هنن جي ڪُک سائي ڪندو
چنڊول پکي ۽ ابابيل اڏامڪ ناچ ۾ مشغول آهن
پرڏيهي پکي ڍنڍ تي
سُرهي سانجهه پيا ملهائن
۽ پڃري ۾ واڙيل
تتر جي ٻولي
غلاميءَ خلاف
منگل پانڊي واري
رڙ لڳي رهي آهي
سج مٿان پارو پوندو ٿو وڃي
نومبر جي مهيني کي
ڪوهيڙي جا تهه
ويڙهيندا ٿاوڃن
۽ ڪچي رستي تان
تيز ڊوڙيندڙ گاڏي
شام کي ڌُڌڙ سان ڀري ٿي وڃي.
*.*

11.2015

اسان جي

اسان جي
هن ڪپهه واري ملڪ ۾
ريشمي ڌرتيءَ تي
وونئڻ جي پوک جهڙي قوم مٿان
جڏهن گورا
سفيد مکين وانگر
حمله آور ٿيا
ته غلاميءَ واري سوڪهڙي ۾ ساڙي
ڪارو ڪري ڇڏيائون
جڏهن پنهنجو بڀ ڀرين
ته پنهنجن
ڪارن پاڇن جي حوالي ڪري ويا
جيڪي اسان جي جبلن کي
سُري وانگر لڳا
اسان جي درياهن کي
ڊيمن جا ڊيڊجن بڻجي
ڏوگهڻ لڳا
۽ سمنڊ کي
وارياسي وبا وانگر وڪوڙي ويا
مذهبي هٿيارن جي زور تي
اسان کي يرغمال ڪري
ديس ۾ پرديسي بڻائي
سِمَ وانگي اسان جي زمينن تي قبضو ڪندا ويا
اهي ڪاري ڪلروانگي
اسان جي تاريخي ماڳن کي کائڻ ۾ مشغول آهن
اهي ڪوئن وانگي
اسان جي ثقافتي ورثي کي
ڪتريندا ٿا وڃن
اهي کٽارا انجڻين جهڙا
ٻه ٽنگا سماجي جناور
تيل سميت
اسان جو رت ست
۽ ساهه به چوسي رهيا آهن

انهن ڪارن پاڇن مان
نجات حاصل ڪرڻ جو
اهوئي طريقو آهي ته
اسان مان هر هڪ
سج بڻجي وڃي.
*.*

منهنجودماغ

منهنجودماغ
هڪ تجربيگاهه کان ٻي تجربيگاهه
منتقل ٿيندو رهي ٿو
حسينائون منهنجي دل
هڪ ٻئي کي سوکڙي ڪري
ڏينديون رهن ٿيون
۽ باقي منهنجو مڙهه
هڪ تابوت ۾ آهي
جييئن ڪنهن سوٽ ڪيس ۾ سفر جو سامان
منهنجو مڙهه ان تابوت ۾ ستي پئي سفر ڪري ٿو
هڪ هوائي اڏي کان ٻئي هوائي اڏي تائين
هڪ اسٽيشن کان ٻئي اسٽيشن ڏانهن
هڪ بندرگاهه کان ٻئي بندرگاهه طرف
هڪ گاڏيءَ مان لهي ٿو ٻي گاڏي ۾ چڙهي
مان اهو مئل مسافرآهيان
جنهن جو سفر کُٽي ئي نٿو.
*.*

شهر هڪ وڏو بورچيخانو آهي

شهر هڪ وڏو بورچيخانو آهي
جنهن تون ڪُنيءَ وانگر رهين ٿو
هميشه ڇرڪيل ڊڪندي لڪندي
پر خوش آهين
تون پنهنجي اندر جي ڀت تي
ڪِرڙي وانگر چنبڙيل رهين ٿي
ميڪ اپ تنهنجي جسم مٿان هڪ ٻيو جسم آهي
تنهنجي ڇاتي ٻه ٿوهي اُٺ جي پٺي آهي
رستي جي وٽ سان ڦُٽل اي شهري ڇوڪري
تنهنجي خوابن واري شهزادي جي چمڙي
نون وٽن واننگر کڙڪائي ۽ رنگين آهي
جنهن کي پيرن بدران ڦيٿا آهن
هو تنهنجو پرس داتا آهي
جنهن جي ٻٽونءَ ما تون نڪرين ئي نٿو
پيزا تنهنجو سج ۽ برگر چنڊآهي
تون اها مڇي آهين
جيڪا ڪي ايف سي جي ڪُنڊيءَ ۾ ڦاسي ٿي
تون ڪاڪروچ ڪلچر کان متاثر
هائبرڊ نسل منجهان آهين
تنهنجي دل ٿري ڊي پرنٽر جي ذريعي تيار ٿيل آ
تنهنجي دماغ ۾ سرمائيدار وائرس جيان واسو ڪري ويو آهي
تنهنجا سڀ فطري سافٽ ويئر ڪرپٽ ٿي چُڪا آهن
جي اڃا به پنهنجي بقا چاهين ٿي ته
ٻولي ۽ مٽيءَڏانهن موٽ کاءُ
ثقافتي فضا ۾ وڏا وڏا ساهه کڻ
وڃ پنهنجي ماءُ کان پُڇُ
ان تنهنجو ناڙو ڪٿي پوريو آهي
پنهنجي ننڍپڻ کي کوٽي ڪڍ.
*.*

تون اها عورت آهين

تون اها عورت آهين
جنهن کي ياد نٿو ڪيو وڃي
مان اهو گذريل زمانو آهيان
جنهن جي ڪابه ثابتي ناهي
تون مون کي نٿي ڳولهي سگهين
مان تو تائين نٿو پڄي سگهان
پنهنجي وچ ۾ ويڳاڻپ ۽ اداسيءَ وارو رشتو آهي
تنهنجي اندر ۾ اڻ ڏٺي جي تمنا مان آهيان
منهنجي من ۾ نه بيان ٿيڻ وارو جذبو تون آهين
تون حيرت آهين
مان حسرت آهيان
پنهنجو رشتو شڪ مان جنم وٺي ٿو
وهم اهو مصور آهي جيڪومون کي چئي ٿو
وهم اهو سنگتراش آهي جيڪو توکي پيو تراشي
لا حاصل تنهنجي هجڻ جو ثبوت
فنا منهنجي ثابتي آهي
تون بهار جو جوڀن آهين
مان پن ڇڻ جي انتها آهيان
پنهنجي وچ ۾ پرهه ڦٽي ۽ شام جو هجڻ لازمي آهي
جيئن اسان ڳنڍيل رهون
پنهنجي وچ ۾ شاعري ساهه کڻي رهي آهي
ڏُک اسان جا خال ڀري ٿو
صبر ۽ ثابت قدمي عشق جي تڪميل ڪن ٿا
پر پاڻ ته ٻئي فرضي ڳوڙها آهيون
اسان کي تخيل جي اکين رُنو آهي
تون جنهن چپ تي تِرُ آهين
مان اُن جا گهنڃ آهيان
ازلي مسڪراهٽ جو نور
اسان ٻنهي کي روشن ڪري ٿو
تنهنجي حقيقت لهرون
تون جنت کي لوڏي وجهندڙ
چميءَ جي آواز وانگر آهين مَڌرُ
مان گرم ساهه وانگر آهيان زندگيءَ ڀريو
تون عقيدو آهين
هر دفعي نئون
مان نظريو آهيان
سدائين رد ٿيندو ٿو رهان.
*.*

4.12.2018

مان اهو ٿيڻ وارو قاتل آهيان

مان اهو ٿيڻ وارو قاتل آهيان
جنهن کي پنهنجي ٿيڻ واري مقتول سان
شديد همدردي ٿي پئي آهي
پر مون کي نٿو لڳي ته ڪو مان
تڏهن به پنهنجي سفاڪيءَ کان مڙندس
۽ توکي به اها پڪ آهي
پر تون به ڪا حد درجي جي ڪل ٿڙيل آهين
جا پنهنجي ٿيڻ واري قاتل کي
پنهنجي قتل ڪرڻ لاءِ مسلسل اُڪسائي رهي آهين
اڃا به کڻي ائين چئجي مجبور پئي ڪرين
اهو ڪهڙو پاڳلپڻو آهي
جو فرضي نالي سان هڪ فرضي ماڻهو
توکي ڪوڙي قسم عيوض خريد ڪرڻ ٿو چاهي
۽ تون ڄاڻندي به زنجيرن جي عيوض پنهنجو بدن
۽ دوکي عيوض پنهنجي روح جو سودو ڪرڻ لاءِ اُتاولي آهن.
*.*

2.2019

ماڻهوءَ تائين پهچندي

ماڻهوءَ تائين پهچندي
هر شيءِ لفظ ٿي ويندي آهي
ذائقو ٿي پوندي آهي
عڪس بڻجي ويندي آهي
جسم جيو گهرڙن جو
۽ روح جذباتي گهرڙن جو جڙيل هجي ٿو
شايد توکي اها خبر نه هجي ته
جنس کان به ڪا مٿاهين شيءِ آهي
جنهن مون کي تنهنجي عشق ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي
منهنجي مرد هجڻ جو باعث تون آهين
تنهنجي حسن مون کي انسان ٿيڻ ۾ وڏي مدد ڪئي آهي.
*.*

1.2019

بقا سفر ۾ آهي

بقا سفر ۾ آهي
سفر ارتقا آهي
ارتقا منتقليءَ جو نالو آهي
اهو هڪ گهيرو آهي
انهيءَ جي وچ ۾ زندگي آهي
جيڪا انهيءَ محاصري کي ٽوڙيندي
وسيع ڪندي وڃي ٿي
پر هي سڀ ڪجهه توکي ڇو پيو ٻڌايان
دراصلمنهنجي بقا جو سوا آهي
جيڪو مان پنهنجي زندگيءَ آڏو
سڌو سنئون نٿو ڪري سگهان.
*.*

12019

.

.
ڇا پوپٽ جڏهن گلن جي مٿان ويهندو آهي
ته انهن کان اجازت وٺي پوءِ ويهندو آهي
ڇا جڏهن ڀئنورو گلن جي رس چوسيندو آ
ته ان وٽ ڪو اجازت نامو هوندو آهي
جنهن تي هوا
روشني ۽ گلن جون صحيحون ٿيل هجن
ڊوڙنديون اچي ڀاڪر نه پايو مون کي
ڇا ڪنهن ڪناري ڪڏهن ڇولين کي جهليو آهي
سو اي محترمه معاف ڪجان
ٿڪل هيس ڏاڍو
بنان اجازت
مان به اچي ويهي رهيس
خالي ڪرسيءَ جيئن تون پئي هُئينءَ
شاهراهه زندگيءَ جي پاسي
مان ڀٽڪيل سامونڊي جهاز هئس
جيڪو ڪنهن پيٽ جي ڳولا ۾ هيو
توکي ڏسي ائين لڳو ڄڻ ڪتاب کُليو پيو آهي
پر پڙهڻ وارو ڪونه آ
تنهنجي ئي مطاعي ڪرڻ مان خبر پئي
ته “اڪيلو رهي رهي ماڻهو
خلائي مخلوق بڻجي ويندو آهي”
تنهنجيملڻ کانپوءِ لڳو
مان ڌرتيءَ تي لٿو آهيان
پهريون دفعو ڪڻڪ کاڌي اٿم
ڪافي پيتي ۽ سگار ڇڪيو آهي
تنهنجي ڪري مون ۾
فضيلت ڀريو هڪ وڏو بدلاءُ آيو آهي
سو محترمه!
مون کي انسانيت جي کاتي ۾ داخل ڪرڻ لاءِ مهرباني.
*.*

2.2017

مان پنهنجي جواني کپائي

مان پنهنجي جواني کپائي
تو تائين ڪرائو ڪري پهتو آهيان
اکين سان پٿر ٻڌي
دل کي مُٺيون ڏئي
وڇوڙي جا ڏينهن
محبت جي مفلسي ۾ ڪاٽيا اٿم
توڏانهن خط پٽ لکندي
مس طور وارن جي ڪاراڻ استعمال ڪندي
سڄو مٿو اڇو ڪري ڇڏيو
تون به انگورن واري عمر ان ٽپي
هاڻي ڪشمش بڻجي ويو آهيان
مان به رسيل ڳاڙهي ڏوڪي مان ڦري
ڇوهارو بڻجي ويو آهيان
سچ ته هاڻي
تازي تواني ناريل مان ڦري
ڏونگهي واري ڏک پيو ڏيان
پر عشق واري ٻٽيهي سلامت آهي اڃا
حسرتن جوهڪ به ڏند ناهي ڀڳو
اڃا به دشمن جي ٻنيءَ مان
پئي ڪمند ڇهلي چٻاڙي کائي سگهان ٿو
بنا چمند جي قداور کجين تي چڙهي سگهان ٿو
ٻڌو اٿم ته تون پوڙهائپ جي اڪيلائپ جي کان ڊنل آهيون ڏاڍا
ويجهو اچ ته ما توکي پنهنجي اڇي ڏاڙهيءَ ۾ لڪايان
سانجهي اچي سهڙي آهي
مون کي به واهيري جي ضرورت آ
مان اهو اڏامندڙ جهاز آهيان
جنهن کي ڪوبه ملڪ پنهنجي سرحدن جي اندر
ليڊنگ جي اجازت نٿو ڏئي
زندگيءَجو فيول ڪنهن مهل به ختم ٿي سگهي ٿو
دل جي دربدريءَ نستو ڪري وڌو آ
پيري اچي پهتي آهي
مون مٿان پابنديون لاهه پنهنجون پاليسيون تبديل ڪري
چميءَجو ٺپ هڻي مون کي
پريت جو پاسپورٽ عطا ڪر
مون لئه ٻانهن جي سرحد کول
هڪ پناهگير سمجهي ته
پر پتي پرميشور وانگر هميشه لاءِ
مونکي پنهنجي شاديءَ جي شهريت ڏي
مان پنهنجي سموري زندگي
وطن ۽ عورت جي ڳولها ۾ گذاري آهي.
*.*

3.2017

زندگيءَ جي مساوات حل ڪرڻ لاءِ

زندگيءَ جي مساوات حل ڪرڻ لاءِ
مان هڪ فرضي عورت کي
جوانيءَ سان جوڙ ڪيو
ته جواب وري به اڪيلائي آيو
هن ڪهڪشان ۾
مان اهو گرهه آهيان
جنهن کي پنهنجو ڪوبه چنڊ ناهي
مان ڪنهن ڏانهن موٿ کاوان
اڙي مون کي ته پنهنجو ماضي به ڪونهي
افسوس
جو توکي به پنهنجو نٿو چئي سگهان
مان مسواڙي گهر ۾ ڄايو هيس
انڪري خانه بدوش آهيان
مان جواني اُڌاري ڪتاب جيان وئي
هڪ رات ۾ ئي پڙهي گذاري
مان سڄي ڄمار
لڄارين حسرتن ۾ گرفتار رهيس
مان هر ڏينهن پنهنجي چهري مٿان
ڏُکن جي ڏاڙهي ڪوڙي آهي
۽ محرومين کي شهپرن وانگر وٽ ڏنا آهن
غُربت جواهوعالم آهي
جو اڄ ڪلهه
اُڌاري عشق تي گذاريو آ منهنجو
وڏو مسئلو اهو آهي
ته مان خودڪشيءَ جهڙي عياشي به
افورڊ نٿو ڪري سگهان
انڪري ئي
ٻاروتڻ ۾ ٿيل شاديءَ وانگر
مان شاعريءَ سان نه جيئڻ جهڙي
ازدواجي زندگي گذاري رهيو آهيان
*.*

9.2016

غلاميءَ جي غلاف ۾ ويڙهي منهنجي قوم

غلاميءَ جي غلاف ۾ ويڙهي منهنجي قوم
اهو باغي ڪتاب آهي جنهن تي
وقت جي خدائن بدش وجهي
ساڙائڻ جا حڪم ناما جار ڪيا آهن
هر اها شيءِ جيڪا انسان کي آجپو ۽ عزت بخشي
اسان کان ڦُري وڃي ٿي
هر قسم جي موتمار تجربن لاءِ
اسان کي ڪتب آندو وڃي ٿو
جن مذهبي پيشوائن کي
اسان جي هدايت لاءِ مامور ڪيو ويو
اهي پنهنجين بڇڙين پيشانين سان
خدا کي ٽڪر هڻڻ جون وششون ڪري رهيا آهن
هٿن ۾ جهليل ڊگهين تسبيحن سان
معصومن کي گهٽا ڏين ٿا
جنت جي نالي چندو وٺي دوزخ ٿعمير پيا ڪن
قبرون هنن جا پاليل ڪتا آهن
مفت جي ناهي
هتي بُکَ جو به بل ادا ڪرڻو ٿو پوي
پابنديءَ سان غربت جو ٽيڪس
اسان جي هڏن مان چوسيو وڃي ٿو
هتي سُڪل وڻن ۾ وات لڏن ٿا
پيٽ ڏندن سان پنڌ ڪن ٿا
پاڻي فضائن مخلوق ٿي ويو آ
زمينن ۾ پوکيل فصلن جون تصويرون به
سُڪي سڙي ويون آهن
حقيقت بڻجڻ جي ڪوشش ڪندڙ خواب
کنڀجي وڃن ٿا
صدين جي غلاميءَ سبب منهنجي ديس ۾
آزاديءَ جي راهه تڪيندڙ اکيون چنجهيون ٿي ويون آهن
پنهنجي غلام قوم جو سوچيندي
غيرت ۾
منهنجي هڏن جي سفيد مخ به
ڳاڙهي ٿي وڃي ٿي
ڇو جو منهنجي کوپڙيءَ ۾
دماغ جي بدرام ڌرتي ڀريل آهي
گهٻراءِ نه اي سنڌ امڙ!
تنهنجو اگهاڙو مٿو منهنجي کَلَ ڍڪيندي.
*.*

4.2018

خوابن مان جلا وطن ٿيل کي به

خوابن مان جلا وطن ٿيل کي به
خيالن ۾ پناهه ناهي ملندي
انڪري مان تصويرن جي وادين۾ به
ڀٽڪندو ٿ وتان
منهنجي امڪانن جا ست ئي آسمان
ستارن کان خالي ٿي چڪا آهن
منهنجي ڪنهن به سڏ جو پڙاڏو پئدا نٿو ٿئي
مان خوشي ۽ غم ۾ فرق نٿو محسوس ڪري سگهان
تنهنجي مدار مان نيڪالي ملڻ کانپوءِ
ڌرتيءَ جيڪشش ثقل مون تي اثرانداز نٿي ٿئي
برسات به توسان يڪجهتي خاطر
مونکي آلو ڪرڻ ڇڏي ڏنو آ
منهنجي ڪنهن به عمل جو هاڻي
ڪو ردعمل پيدا نٿو ٿئي
خدا سان گڏوگڏ
شيطان به مون کي نظر انداز ڪري ڇڏيو آ
ايتري قدر جو منهنجي موجودگي
خود مون کي به محسوس نٿي ٿئي
شايد مان انڪري به زماني کان نظر نٿو اچان
جو هاڻي روشني مون سان لڳي موٽ نٿي کائي
*.*

9.2016

مان بگهڙآهيان

مان بگهڙآهيان
چنڊ جي اُگهڙ مون کي چريو ڪري ٿي وجهي
۽ مان ديوانگيءَ منجهان اوناڙيندي
ڌرتيءَ کي کوٽڻ ٿو لڳان
۽ آسمان کي چڪ پائڻ جي ڪوشش ڪيان ٿو
مان شاعر وحشي درندو آهيان
خدارا
منهنجي اڳيان پاڻ کي
تون وائکو نه ڪندي ڪر
مان پنهنجو توازن وڃائي ويهندو آهيان
*.*

9.2016

تون معصوميت جوسج آهين

تون معصوميت جوسج آهين
۽ تنهنجي دل خدا جو چهرو آهي
تون وفا جو وطن آهين
تنهنجو هلڻ
دنيا جي هر رقص کان وڌيڪ سحر انگيز آهي
تنهنجا ڪارا وار
حسن جي ڪعبي جوغلاف آهن
تنهنجي سيني جي گرمي
جنت کي ٿڌو ٿي رکي
تنهنجي ناراضگي دوزخ جو جوڀن آهي
تنهنجو بدن گلن جو عالم ارواح آهي
تنهنجي کنيل ساهن سبب
هن ڌرتيءَ جي آبهوا جيئڻ جي قابل ٿي رهي
تنهنجي مسڪراهٽ اهو ٻج آهي
جنهن مان بهارٽٽندو آهي
پريون تنهنجي آشيرواد کانسواءِ اڏامي نٿيون سگهن
ايفروڊائيٽ ديوي تنهنجي چڳ وڍي مريد آهي
تون عشق جي استاد
تون شاعريءَ جو شان آهين

تنهنجي بدن جي خوشبو سنگهي
منهنجو نڪ مسڪرائي ٿو
تنهنجو مڌر آواز ٻڌي منهنجا ڪن نچن ٿا
توکي ڏسڻ مهل
منهنجين اکين اڻڳيون ماڻڪيون جنم وٺن ٿيون
تون هر دعا لئه آمين جهڙي آهين
انهيءَ ڪري منهنجي دُعائن جو تسلسل رُڪجي نٿو
مسڪراهٽن جي ڪائنات آهي بدن تنهنجو
انهيءَ ڪري منهنجا چپ
تنهنجي خدمت چاڪري ڪرڻ ۾ پورا آهن
خودڪشيءَ جي خواهشمند شاعرن جو
تون آخري علاج آهين
انهيءَ ڪري تنهنجي ساٿ ۾ مان بيمار ٿي نٿو ٿيان
پوپٽ پنهنجا پرگسائي تو مان رنگ حاصل ڪن ٿا
انهيءَ ڪري منهنجي شاعريءَ اهي اهي رنگ موجودآهن
جن جو ٻئي هنڌ ڪٿي وجود ئي ناهي
گلابن کي تنهنجي ساهن جي سڳنڌ
مشڪ بُو ٿي بڻائي
انهيءَ ڪري منهنجو بدبوءَ سان واسطو ئي ناهي پيو
انڌاري آسمان کي تنهنجي اکين جو تصور
نيرو ڪري ٿو ڇڏي
انهيءَ ڪري منهنجو من هميشه روشن ٿو رهي
ننڍڙي پٿر کي اوچو جبل تنهنجو قد ٿو بڻائي
اهوئي سبب آهي جو مان سڀن کان اوچو ٿو لڳان
تنهنجي ٻاجهه جي مٽيءَ ۾
ٻج وڌي وڻ ٿو بڻجي
انهيءَڪري منهنجي واڌ رڪجي ئي نٿي.
*.*