شاعري

ڳولا

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران منور سلطانہ جي شاعري ۽ ڪالمن جو مجموعو ”ڳولا“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيو.

منور سلطانہ اڄ کان چار ڏهاڪا اڳ بہ مقبول ليکڪ رهي آهي، جنھن دؤر ۾ عورت جو گهر جي دروازي  کان ٻاهر نڪرڻ عيب هو، تعليمي شعور تہ پنھنجي جاءِ تي پر عورت کي بنيادي حق جي بہ ڄاڻ نہ هئي، اُن وقت منور سلطانہ جھڙين ليکڪن عورتن کي پنھنجي حقن جي تعليم ٿي ڏني. 


  • 4.5/5.0
  • 44
  • 24
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book ڳولا

حق ۽ واسطا

ڪتاب: ڳولا
ليکڪ: منور سلطانه
موضوع: شاعري ۽ ڪالم
ڳاڻيٽو: هڪ هزار
ڇاپو پهريون: آگسٽ 1981ع
ڇپائيندڙ: آگم پبلشنگ ايجنسي حيدرآباد
ڇاپو ٻيو: جنوري 2020ع
ڪمپوزنگ: سعيد مرتضيٰ
لي آئوٽ: زين ڪمپيوٽرس
ڇپائيندڙ: مرڪ پبليڪيشن ڪراچي

Office: Room No 305 3rd Flor Sabir manzil 98
Near Gul Plaza M-A Road Karachi
murk.publication@gmail.com
murtaza.laghari9@gmail.com
03005182494

مُلهه : 200

ڪتاب ملـڻ جـا هـنـڌ:
ڀٽائي ڪتاب گھر، حيدرآباد . سنڌيڪا ڪتاب گهر، حيدرآباد
- ڪاٺيواڙ شاپ، اردو بزار ڪراچي، - ڪنگ پن بڪ هائوس، حيدرآباد ،
- ڪامريڊ بڪ اسٽال، ڄامشورو - رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو،
- مهراڻ ڪتاب گھر، لاڙڪاڻو- وسيم ڪتاب گهر، شڪارپور،
- سنڌيڪا ڪتاب گهر، سکر- تهذيب بڪ اسٽور، خيرپورميرس،
- پريتم قاضي، نواب شاهه، - الفتح نيوز ايجنسي، سکر،
- جاويد بڪ اسٽور شهدادڪوٽ – ڪنول ڪتاب گھر، قمبر،
مرڪ پبليڪيشن ڪراچي

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران منور سلطانہ جي شاعري ۽ ڪالمن جو مجموعو ”ڳولا“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيو.
منور سلطانہ اڄ کان چار ڏهاڪا اڳ بہ مقبول ليکڪ رهي آهي، جنھن دؤر ۾ عورت جو گهر جي دروازي کان ٻاهر نڪرڻ عيب هو، تعليمي شعور تہ پنھنجي جاءِ تي پر عورت کي بنيادي حق جي بہ ڄاڻ نہ هئي، اُن وقت منور سلطانہ جھڙين ليکڪن عورتن کي پنھنجي حقن جي تعليم ٿي ڏني.
ھي ڪتاب مرڪ پبليڪيشن، ڪراچيءَ پاران 2021ع ۾ ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آھيون ادي سلطانہ وقاصي ۽ مرڪ پبليڪيشن جا جن ڪتاب سنڌ سلامت ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي)، ڪراچي
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

تنهنجو شهر

(لاليءَ لاءِ)

هي شهر تهنجو نه ٿي سگهيو منهنجو ديرو،
هتي رهيو منهنجو بي نوا لاچارن جيان وسيرو،
تنهنجي شهر کان سدا لاءِ وينداسين هليا پري،
مسافر ٿي نه اچون هتي شل ڪو سفر ڪري،
هتي مايا ۽ بيٺل کي رڳو آ، سلام رهيو،
مون لاءِ ڏکن جو هتي آ، رڳو ڪلام رهيو،
توکي نه هتي ڪو عزت ۽ وقار ملي سگهيو،
ايندڙ ويندڙ به توتي ٺٺولي ڪري پيو،
تو سک جو نه هتي ڪڏهن ساهه کنيو،
ڪنڊن سان ڀريل گس تولاءِ سڀني ڇڏيو،
هرزبان تي تنهنجو چرچو هتي عام رهيو،
تنهنجي شرم حيا جو نيلام هتي جام رهيو،
ڏک نه تنهنجا هتي ڪنهن ڪو ونڊايا،
پر پنهنجا به واسينگ ٿي توکي ڦري آيا.
هي شهر آباد شل تا قيامت تائين هجي،
خدا نه ڪري ڪو تو جيان باهه ۾ پلجي،
اسان ننگ وطن هاڻي هتان وڃن پيا،
ڏکن سورن جو ڏنل سوغاتون کڻون پيا،
هتي جا گذاريل ڏينهن نه وسري سگهندا،
پر دعا جا ٻه کر رڳو دل مان پيا نڪرندا.
**

پبلشر نوٽ

منور سلطانه، سنڌي ٻوليءَ جي بھترين شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ مضمون نگار سلطانه وقاصي جي وڏي ڀيڻ آهي. پڙهيل لکيل خاندان سان تعلق رکندڙ هيءَ ٻئي ڀيڻيون سنڌي ادب جون سگهاريون ليکڪ ٿي سامهون آيون. سندن لکڻيون وڏي عرصي کان مشهور اخبارن توڙي رسالن ۾ ڇپجنديون رهيون آهن.
منور سلطانه اڄ کان چار ڏهاڪا اڳ به مقبول ليکڪ رهي آهي، جنهن دؤر ۾ عورت جو گهر جي دروازي کان ٻاهر نڪرڻ عيب هو، تعليمي شعور ته پنهنجي جاءِ تي پر عورت کي بنيادي حق جي به ڄاڻ نه هئي، اُن وقت منور سلطانه جهڙين ليکڪن عورتن کي پنهنجي حقن جي تعليم ٿي ڏني.
منور سلطانه جي لکڻ جو انداز اهڙو جو سندس 1980ع واريون لکڻيون اڄ به نڪور ڀانسجن ٿيون. سندس لکڻين مان محسوس ٿئي ٿو ته هوءَ عام عورتن کان الڳ ٿلڳ مزاج جي عورت هئي، هن سماج کي پنهنجي نظر سان ڏٺو ۽ لکيو آهي، سندس لکڻين ۾ هڪڙو پيغام آهي. هوءَ نه رڳو بهترين شاعر هئي پر سگهاري نثر نويسي پڻ ڪيائين. سندس پهريون شعري مجموعو ”ڳولا“ آگم پبليڪيشن طرفان 1981ع ۾ ڇپيو هو. جيڪو اڄ جي دؤر ۾ اڻ لڀ آهي.
سلطانه وقاصي سندس ننڍي ڀيڻ ناتي ڳولا ڪري اُن ڪتاب جي هڪ ڪاپي هٿ ڪري ورتي، جنهن بعد هن سنڌالاجي ۽ ٻين لائبريرين مان وڃي سندس ڪجهه ڪالم به ڦوٽو اسٽيٽ ڪرائي ورتا.
منور سلطانه پنهنجي دؤر جي وڏي ليکڪ رهي آهي، پر اڄ سندس لکڻيون اڻ لڀ آهن، اُهو ئي سبب آهي جو سندس ڀيڻ سلطانه وقاصي جي همت ۽ تمام گهڻي جاکوڙ سان هٿ ڪيل شاعري جو ڪتاب ڳولا ۽ سندس ڪجهه ڪالم گڏ ڪري هڪ ئي مجموعي ۾ آندا ويا آهن.
مرڪ پبيليڪيشن ڪراچيءَ طرفان منور سلطانه جو شاعري ۽ ڪالمن تي آڌاريل ڪتاب سندس پراڻي شاعراڻي ڪتاب جي نالي ”ڳولا“ سان ئي ڇپائي اوهان جي هٿن ۾ ڏئي رهيا آهيون، ادارو نه رڳو ليکڪ جون اڻ لڀ لکڻيون ٻيهر اشاعت هيٺ آڻي محفوظ ڪري رهيو آهي، پر عورتن جي لکندڙ پراڻي کيپ مان هڪڙو نئون ڪتاب به پڙهندڙن آڏو پيش ڪري ٿو.


مرتضيٰ لغاري
03005182494

هڪ دور جو قصو

منهنجي وڏي ڀيڻ منور سلطانه جنهن کي اسان سڀ ۽ خاندان وارا ”آپا لاليءَ“ جي نالي سان سڏيندا هئاسين. اڄ مان اُن جو ذڪر ڪري رهي آهيان. آپا لالي ۽ منهنجو ڀاءُ لالا سڪندر حيات ننڍپڻ ۾ گورا چٽا، ڳاڙها ۽ سهڻا هوندا هئا. بابا سائين پيار مان اُنهن کي ”منهنجا لالا پٺاڻ، منهنجا گڊلا پٺاڻ“ چوندو هو. ايئن چوندي چوندي منور سلطانه لالي ۽ سڪندر حيات لالا ٿي ويو. وڏي ٿيڻ کان پوءِ اُنهن جا اصل نالا لالي آپا ۽ لالا سائين ٿي ويا، اڄ تائين خاندان ۾ اُنهن نالن سان اُنهن جي سڃاڻپ آهي.
هن مهل مان آپا لاليءَ (منور سلطانه) کي ياد ڪري هي سڀ ڪجهه لکي رهي آهيان، آپا لاليءَ جو انتقال ڇهين آگسٽ 2016ع ۾ ٿي چڪو آهي. هوءَ اسان ڀينرن ڀائرن ۾ سڀ کان وڏي هئي. مان ۽ آپا لالي اُن دور جا ليکاري آهيون، جڏهن اسان جو مواد مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجندو هو. آپا لالي لکڻ جي شروعات ٻاراڻي ادب سان ڪئي. اڳتي هلي اُن مضمون ڪهاڻيون ۽ شاعري لکي. اِهو مواد ”عبرت اخبار“ هفتيوار ”الفقراءَ“ سانگهڙ ۽ ”ماهوار اديون“ وغيره ۾ شايع ٿيو. اُن مضمون ۽ ڪهاڻيون ابتدائي دور ۾ رضيه سلطانه ۽ ايم سلطانه منور جي نالي سان شايع ڪرايون. سندس گهڻو مواد منور سلطانه جي نالي سان آهي، جيڪو ”عبرت اخبار“، ”هلال پاڪستان“ (حيدرآباد) ۽ ماهوار اديون ۾ شايع ٿيو.
اُهو ڇپجڻ وارو دور ڏاڍو پيارو هوندو آهي، پڙهندڙ اخبارن ۽ رسالن ۾ اوهان کي پڙهندا آهن. اهڙي طرح سان قدم به قدم ادب جي دنيا ۾ هلبو هو. اُهو ادب جو پورهيو سالن جي ڇپجڻ کان پوءِ وڃي ڪتابي صورت وٺندو هو.
آپا لالي ٽنڊو آدم مان مئٽرڪ پاس ڪري زبيده ڪاليج حيدرآباد مان انٽر سائنس ڪئي ۽ پوءِ پيپلز ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا ورتي. ٻه سال ڊاڪٽريءَ جا پڙهي الائجي ڇو اُن ميڊيڪل جي پڙهائي ڇڏي ڏني ۽ گهر جي دنيا وسائي ويهي رهي.
زندگيءَ جو گهڻو حصو ٽنڊوآدم ۾ بابا سائينءَ سان گڏ گذاريائين. حيدرآباد تائين به مشڪل سان ايندي هئي. ڪتاب وٺڻ ۽ پڙهڻ جو بي حد شوق هوندو هوس. ميوزڪ ٻڌڻ جي به شوقين هوندي هئي. گوري رنگت سهڻي، هٿ پير ته ڏاڍا سهڻا هوندا هئس، اڪيلي زندگي گذاريائين. بابا امان جي لالڏلي، ڪڏهن گهر جو ڪو به ڪم ڪو نه ڪيائين .
ٽنڊي آدم ۾ رهي ڪري ادا نثار حسيني آگم پبليڪيشن واري سان رابطو ڪيائين. ڪتاب ڇپائڻ جي خواهش ڪيائين.
ادا نثار حسيني ٽنڊو آدم ۾ پاڻ ايندو هو ۽ آپا لاليءَ کان مواد وٺي ويندو هو. اُن وقت مان ڪراچيءَ ۾ رهندي هئس. ڪراچيءَ جي ادبي توڙي سماجي دُنيا ۾ مون پنهنجي دنيا پئي ٺاهي. اوچتو مون کي خبر پئي ته آپا لاليءَ پنهنجو شاعريءَ جو ڪتاب ڇپرايو آهي. اُهو ”ڳولا“ نالي شاعريءَ جو ڪتاب مون کي به مليو. اُن جو ٽائيٽل ڪَوَر فتاح هاليپوٽي ٺاهيو. ڪتابت خدا بخش ابڙي ڪئي. مهاڳ سائين استاد بُخاري صاحب جن جو لکيل آهي. ڳولا ڪتاب 1981ع ۾ ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو.
هيءَ سڄي محنت ادا نثار حُسينيءَ ڪئي ڇو ته آپا ٽنڊو آدم ۾ رهندي هئي. هڪ ڏينهن هت ڪراچيءَ ۾ ادا نثار حسيني جنهن کي مان سُڃاڻيندي هئس ۽ ادبي محفلن ۾ ملاقات به ٿيل هئي. اُن مون کي فون ڪيو ته ادي منور سلطانه جو ڪتاب مون ڇپرايو آهي. ڪتاب جو وڪرو به سُٺو ٿيو آهي، سو مون ادي منور سلطانه کان پُڇيو ته هاڻ اوهان ڇا ٿا چاهيو؟ اُن مون کي چيو آهي ته مون کي ڪجهه به نه کپي، اگر ٿي سگهي ته منهنجي ننڍي ڀيڻ سلطانه وقاصيءَ جو ڪتاب ڇپرائي ڇڏيو.
ادا نثار حُسيني مون کي چيو جيڪڏهن اوهان پنهنجو مواد مون کي ڏيو ته مان اوهان جو ڪتاب ڇپرائڻ چاهيان ٿو. ڪتاب ڇپرائڻ جو ته مون سوچيو ئي ڪو نه هو. نه ڪا خبر هئي ته ڪتاب ڪيئن ڇپرائبو آهي. اُن وقت ڊائريءَ ۾ منهنجي شاعري لکيل ۽ جمع ٿيل هئي. سو مون ڇا ڪيو جو جيڪي شعر ڇپائڻا هئا، اُن کي نشانيون لڳائي اُها ڊائريءَ مون ادا نثار حسينيءَ کي ڏئي ڇڏي. جنوري 1984ع ۾ منهنجي شاعريءَ جو ڪتاب ادا نثار حُسيني ڇپرايو. جنهن جو ڪوَر ۽ بيڪ ڪوَر ٽائيٽل فتاح هاليپوٽي ٺاهيو.
منهنجي شاعريءَ جي ڪتاب جو نالو ”دونهاٽيل درشن“ هو. مون هن ڪتاب تي ڪا به محنت ڪا نه ڪئي. مون ڪجهه به ڪو نه سوچيو ته ڪتاب ڪيئن پيو ڇپجي. صرف عنوان مون رکيو هو ”دونهاٽيل درشن“. سڄي محنت ادا نثار حُسيني جي هئي. اُن ادا انور پيرزادي ۽ نورالهُدا شاه کان مهاڳ لکرايو. بس آپا لالي جي مهربانين ۽ ادا نثار حُسيني جي محنت سان منهنجو ڪتاب مارڪيٽ ۾ آيو ۽ مون کي به مليو.
اُهو منهنجي شاعريءَ جو ڪتاب ”دونهاٽيل درشن“ منهنجي پهرين سڃاڻپ، ادب جي دنيا ۾ پهريون قدم داخل ٿيو .
ادا نثار حُسيني هڪ دفعو مون کي اهو ٻڌايو ته ادي توهان جو ڪتاب ايترو جلدي وڪامي ويو جو ڪجهه عرصي ۾ ئي مارڪيٽ ۾ ڪو نه پئي مليو. اِهي سڀ آپا لاليءَ جون مهربانيون هُيون اُن جي پيار جو تحفو هو. جو مان اڄ به اُن ڪتاب ”دونهاٽيل درشن“ جي حوالي سان سُڃاتي ويندي آهيان.
آپا لالي (منور سلطانه) اُن کان پوءِ به گهڻو لکيو، خاص ڪري اديون رسالي ۾ ڪالم لکڻ شروع ڪيائين. هُن ڪيترا ڪالم لکيا آهن مون کي خبر نه ناهي. مان سندس هي تيرنهن ڪالم ڳولي جمع ڪري سگهي آهيان. آپا لاليءَ جون لکيل ڪهاڻيون ۽ مضمون مان ڳولي نه سگهي آهيان.
بهرحال هي ادبي پورهيو اُن ادبي دنيا جو آهي، جڏهن ڇوڪريون ادب جي دنيا ۾ گهٽ لکنديون هيون. مشاهدا تجربا مردن جي مقابلي ۾ عورتن کي گهٽ ملندا هئا. اُن جي باوجود به آپا لاليءَ جا لکيل ڪالم ۽ شاعري ايتري ته جاندار آهي ڄڻ ته آپا لالي سڄي دنيا کي پنهنجو ڪيو ويٺي هئي.
آپا لالي (منور سلطانه) جو هي شاعري ۽ ڪالمن جو گڏيل ڪتاب مون ڇپرايو آهي. توهان پڙهو ڏسو ته هر دور جي سنڌي نياڻي ڇا ٿي سوچي؟ ڇا ٿي لکي. رشتا ۽ ناتا ڪيئن ٿي نڀائي. سندس لکيل ڪالمن ۾ توهان کي اُن جي سوچ ۽ حاصل ٿيل تجربن مان ملندا. اُن جيڪي مشاهدا ماڻيا اُهي سڀ زندگيءَ جي قريب ترين ملندا آهن. ڪالمن جو هر موضوع انوکو ۽ جاندار آهي. سياسي، سماجي ۽ اخلاقي مسئلن تي لکيل هي ڪالم هر دور جي نشاندهي ڪن ٿا.
اڄ آپا لالي هِن دنيا ۾ ڪونهي پر پنهنجي قلم جي ذريعي لکيل هي ادبي پورهئي ۾ هميشه زنده رهندي.
انسان فنا آهي، لکيل لفظ سوچون هميشه زنده ۽ جاودان آهن.
هي ادبي زندگي ماڻڻ به هر ڪنهن جو نصيب ڪو نه هوندو آهي. ڀاڳن وارا هوندا آهن جيڪي قلمي پورهيو ڪري زندگي ماڻيندا آهن.

سلطانه وقاصي

ڳولا لئه ڳڻ ڳوت

ڀيڻ منور سلطانه، مون ڏٺي نه ٻڌي. هوڏانهن هوءَ عرصي کان اخبارن، رسالن ۾ليکڪا ٿي پئي آئي آهي، اِن سلسلي ۾ ميار اُن تي نه آهي، پر مون تي آهي، جو هڪ اُڀرندڙ نئين ليکڪا تحريري تصوير ۾ اَچي، اکرن ۾ آواز پئي ڏنا آهن. ۽ مون اُن ۾ اُسرندڙ سرجڻهار ڏي نهار نه ڪئي آهي، سچ پڇو ته ڏوهه پنهنجو به ناهي، هِن هڪ طرف خلائي ۽ ڪامپيوٽر، ٻئي طرف ائٽمي، هڪڙئين ڳالهيئن جن تي ته ٻئين ڳالهين ۾ دوزخي دؤر جي ڇتي ڇڪتاڻ پاڻ به ڇيهون ڇيهون لڳا پيا آهيون، اُهو حال اڄ جي هر سوچيندڙ، لوچيندڙ انسان جو آهي.

هر هيڄ کي هزار دليون ٿيون کپن هتي،
هڪ دل، هزار هيڄ، پُڇو ڇا پتي ڪجي!

هن وٺ وٺان هڻ هڻان جي هيچ ۾ هر فنڪار، قلمڪار جو حال هي آهي:

گهر جا ڀاتي چون: وقت ڏي!
ساٿ_ساٿي چون: وقت ڏي!
ٻار مُرڪي چون: وقت ڏي!
يار ڪُرڪي چون: وقت ڏي!
ڇير، ڇمڪا چون: وقت ڏي!
روڄ واڪا چون: وقت ڏي!
جهِير جهُونا چون: وقت ڏي!
فڪر تازا چون: وقت ڏي!
دل جو دلبر چوي: وقت ڏي!
قوم ابتر چوي: وقت ڏي!

پنهنجي پياري حياتي ايئن مون ونڊائي ورهائي ڇڏي.”وقت ڏي وقت ڏي“ جي پڪار آهي، جا لڳاتار چوڌاري گونجي رهي آهي، مڇريل مصروفيتون جيون جامو چٿريون چٿريون ڪري رهيون آهن، هر سمجهدار سمجهي سگهي ٿو ته ماڻهو جو جسم ۽ ڌيان هڪ وقت ۾ فقت هڪ ئي هنڌ ۽ هڪ ئي ڪم ڪري سگهي ٿو.

هڪڙي وقت ۾ هڪ ڪم ٿيندو.
يا ڇيرن جي ڇم ڇم ٻڌبي_
يا غمگينن جو غم ٿيندو.

جڏهن ڪنهن دلبر جي ديدار کان محرومي، يا قربائتي ڪچهري کان غير حاضري رهندي آهي. تڏهن ڪنهن فڪري ڪار زار ۾ قلم جي ترار سان جنگ جاري هوندي آهي. تنهن ڏينهن هڪ کوليءَ جهڙي ڪوٺيءَ ۾، هڪ چوٿاڙ پني تي، ڪنهن هوشيار قلمڪار جي ڪلا سان وشال ڪائنات جي وسعتن ۾، هڪ پتڪڙي انسان کي انسانيت جي، ٻيو به الائي ڇا جي ”ڳولا“ ڪندي ڏٺن. جڏهن ڳولائون ڳڻو اُن جو نالو ڳوليم ته ”منور سلطانه“
نثار آگم جي افيس ۾ فتاح جو ٽائيٽل ڏيکاريندي چيو: اڄڪلهه هن ڪتاب جي ڇپائي ۽ پڌرائي جي اڻ تُڻ ۾ آهيان.
اڄ 20 جولاءِ 1981ع فاروق، غلام علي، اڪبر (دادوءَ جا دوست) نثار حسيني جو خط هٿو هٿ کڻي آيا. کوليم معلوم ٿيم ته مان هاڻي ڪتابن جي مهاڳ يا ٻه اکر لکڻ لاءِ به يارن وٽ ياد ڪيو ٿو وڃان. هڪڙي نامي گرامي شاعر هڪ هنڌ چيو آهي ته جڏهن بي نمازي نماز پڙهندا آهن، تڏهن مون کي سڏي امام بڻائيندا آهن. مجبوري جو ٿي ٻنهي ڌرين جي. هڪ دفعي لطيف سائين جي جلسي تي شعر پڙهائن لاءِ گهرايو ويس. عين وقت صاحب_ صدر جي نه پهچي سگهڻ ڪري، جلسي جو صدر عرف محفل جو مور بنايو ويس. آخر ۾ لائوڊ اسپيڪر تي اعلان ڪري فرمان ڪيو ويو. ”هاڻي محفل جو مور لطيف سائين جي تصوف ۽ فلسلفي تي تقرير ڪندو“ اُن ڏينهن اُهو احساس شدت سان پيدا ٿيو ته شاعرن کي تقرير جي فن طرف به توجه ڏيڻ ضروري آهي.
ڪتابن تي ٻه اکر مهاڳ طور لکڻ جي مجبوري وري اهو احساس به اُڀاريو آهي ته انهيءَ ميدان ۾ گهڙڻ لاءِ به گهيڙ گهاٽ گهڙڻ گهرجن.
ويچارجي ٿو ته اڳيئي پنهنجن پورن، پهن ۾ پکڙيل، ڏهاڙيءَ جي ڏچن(Routine) پتيون پتيون ٿيل، شاعري ۽ شاعريءَ جي چڪر مان نڪري تقريرن تحريرن کي ڪهڙي ۽ ڪيتري پتي ڏئي سگهجي؟ ڪهڙو انصاف ڪري سگهبو؟
هُونئن_ منهنجو ايمان آهي ته هڪ اديب، شاعر لاءِ ڪنهن موقعي تي ٻه ٻول ٻولڻ ۽ ٻه لفظ لکڻ ڪو مها مامرو نه آهي، اهو هن جو فرض به آهي ته حق به.پر حقيقت هي آهي ته ڪنهن ڪم کي بهتر کان بهتر نموني تڪميل تائين پهچائڻ لاءِ وڌ کان وڌ ڪامياب نتيجن حاصل ڪرڻ لاءِ وڏي مطالعي، مشاهدي، تجربي مشق ۽ ان سان گڏ محبت، محنت جي ضرورت آهي. هي دؤر (Specialization) خاص مهارت جو آهي ۽ نه هر فن مولا ٿيڻ جو.
بهرحال هن اندر جي اظهار کان پوءِ هي نروار ڪندو هلان ته ڪنهن قلمڪار جي ڪاوش سان ٻيو قلمڪار انصاف سان هلي، بلڪل پيچيدو پُل صراطي پيچرو آهي. خاص ڪري اُن حساس ماڻهوءَ لاءِ جو گهڻو ڪري هر ماڻهوءَ کي موهڻو، هر محبتي پورهئي کي پيارو، هر خلوص ڀريل تخليق کي تهسين جوڳو سمجهندو هجي.
هڪ مصنف جي حيثيت ۾ انهي ڪيفيت مان گذريو آهيان ۽ اڃا تائين گذران پيو ته ڪو مصنف پنهنجي ڪتاب جي مهاڳ لاءِ ڪهڙا سپنا لهندو آهي ۽ ڪهڙين ڪيفيتن ۾ پيو اڏامندو آهي ۽ ان لاءِ ڪهڙا حيلا هلائيندا آهي، سندس اُهي سڀئي حالتون سچ پچ همدردي لائق هونديون آهن.
ٻئي طرف ڪريم، لطيف، سچل ته ڇڏيو پر ڀاڳوڀان، حفيظ تيوڻي، سانوڻ فقير تي ڪي مهاڳ يا تعارف لکي، اسان سان روشناس نه ڪرايا ويا هئا. هو پنهنجي تشريح، پنهنجي وضاحت پاڻ هئا. پٺيانپوءِ عالم نقاد پاڻهئي انهن تي لکندا رهيا ۽ لکندا پيا. پر هن دؤر جي دستور پٽاندڙ، منڍ ۾ ٻن لفظن جي ضرورت پيدا ٿي پئي آهي.

منور سلطانه ”ڳولا“ ۾

منهنجي،اوهان سڀني پڙهندڙ جي آڏو، پني پني تي پکڙي ، سٽ سٽ ۾ سور، سُرور سليندي، عنوان هيٺ ارمان اوتيندي، جهرندي، جڙندي، اڳتي وڌندي هلي ٿي.
آءُ هن مهاڳ ۾ سندس شاعريءَ جو تفصيلي تجزيو نه ڪندس ۽ فني لوازمات جي اکري گورک ڌنڌي ۾ ڦاسي، ٻئي ڪنهن کي ڦاسائيندس، ۽ نه ڪو وري وچور سان ويهي، هڪ ٻه ٽي چار ڪري تشبيهون، استعارا، اهڃاڻ، عڪس، موسيقي، داخلي، خارجي، الجهنون، مطالعي، مشاهدي جا تاثرات وغيره ڳڻائيندس. هتي رڳو عرض ڪندس ته شاعر جون ڪي سوچون، ڪي سچ، ڪي سٽون ڪي بند، متاثر ضرور ڪن ٿا ۽ وڻن ٿا.
طعام تبارڪندڙ لاءِ اهو ڪافي آهي ته طعام واپرائيندي پسند اچي، سواد ڏئي، وڻي. اهو ضروري ناهي ته کائيندڙ کي اهو به پتو هجي ته هن ۾ مصاله ڪهڙا ۽ ڪيترا پيا.باهه ڪيتري تي، ۽ ڪيتري وقت ۾ رڌو.
شاعري اصل ۾ اندر جو اڌمو آهي،جو لفظن جي لڙين ۾ وجود وٺي، اکين ۽ ڪنن رستي باقي سڀني حواسن ۽ وجود کي گهيرو ڪري وڃي ٿي. ڪلام ۾ جيتري جِلا، شدت اڏام، موسيقي متاثرڪندڙ آهي، اوتروئي اُن شاعريءَ کي ڪاميابي جي قريب سمجهڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته هي شاعري جو ڪتاب ”ڳولا“ اوهان جي هٿن ۾ اچڻ وارو آهي، تنهنڪري سندس اثر سڌو سنئون اوهان پاڻ محسوس ڪري سگهندؤ.
هٿ- ڪنگڻ کي آرسيءَ جي ڪهڙي ضرورت، ايترو چٽو چئبو ته ڪي فن پارا ، زوري،زبردستي ۽ ٺهه پهه پنهنجو پاڻ مڃرائينداآهن ۽ ڪن جي لاءِ وري همدردي،ويچار ۽ پيار سان مطالعي ڪرڻ کانپوءِ قدرداني پيدا ٿيندي آهي. اهو. اهو قاعدو هر حسين وٽ، تصوير، تحرير، موسيقي، رقص، شاعري، وغيره سان لاڳاپيل آهي. ”ڳولا“ لفظ جي پڻ اها تقاضا آهي ته سونهن ،سچ، سوڀ کي ڳولڻ گهرجي.
هن مجموعي ۾ ڪٿي ناصحانا گفتا،ڪٿي معصوم ۽ سادا جذبا، ڪٿي جديد شاعريءَ جي موضوعن ۽ مضمونن جا جيئرا جاڳندا جهلڪا نظر اچن ٿا. گهاڙيٽي يا تڪنيڪ جي خيال کان آزاد نظم ۽ روايتي نظم سان گڏ، سگھڙن جي عوامي گهاڙ وارو رنگ به ڏسڻ ۾ ايندو.
وزن جي ڇڪ ۽ تاڻ ڏي گھٽ، قافين جي ٺَڪا ٺَڪيءَ ڏي ۾ مقصد جي پورائي ڏي وڌ ۾ وڌ ڌيان ڏنل آهي.
انهيءَ پنهنجي عجيب، انوکي انداز، سچائي ۽ سڌي سنئين (Approach) سبب مواد وندرائيندڙ ۽ وڻندڙ ڏنل آهي.
توڙي جو موڪليل مواد ”ڊمي“ ڳنڍيل صفحن ۾ هو.ته به پڙهي پورو ڪرڻ کان اڳم رکجي نه سگهيو. اهو هن ڪري به ته اشارن،اهڃاڻن جي رمزن ۾ رڱيل ، ڪلاسيڪل ڳوڙهائي ۾ ڳوهيل،فني لوازمات ، فڪري گهراين ۾ ٻڏل، اونهو ۽ پيچيدو ادب پڙهي، پوءِ جي اندازن اوڻيل کليل جذبن واريون سڌيون سنواٽيون سٽون ماڻهون پڙهندو ته محفوظ ٿيندو، هو بهو اهڙيءَ طرح جيئن تمام تيز تکي روشنيءَ کان هلڪي ٿڌي روشني ۾ ايندي سڪون محسوس ٿيندو آهي. اها ئي خصوصيت آهي هن ڪتاب ۾ جو پڙهي پورو ڪرڻ تائين پاڻ سان وٺيو ٿو هلي. ڪتاب ۾ موضوعن جي (Veriey)آهي ۽ (Characters) ڪردار ڪافي ڏسجن ٿا.

مان پهرين زال
ڳائڻو
روماسا
راڻي (مرڪ)
ماٽيجي ماءُ (خراج تحسين)
مرد
فقيراڻي
مسافر

ڀائڙو وغيره اهي سڀ ڪردار آهن. هر انسان کي ٻئي انسان يا وٽ بابت ڪجهه ٻڌڻ، پڙهڻ،معلومات حاصل ڪرڻ ۾ مزو ايندو آهي. تنهنڪري ڪردار نگار به ڪتاب کي مزيدار بنائڻ ۾ مدد ڪئي آهي.ان کانسواءِ هر نظم کي پنهنجو وجود آهي.

شاعراڻيءَ چواڻي:
پاڻ ۾ مان هڪ مڪمل شخصيت،
هر انسان جي هڪ مڪمل شخصيت،
هزارن مشڪلن جي باوجود به ____
مون ۾ رهي جيئڻ جي.
(وسعت)
سو سندس هر لکڻيءَ جو پنهنجي وس آهر دائرو آهي ۽ وت آهر اثر جي قوت آءُ هتي فقط ”مونجهه“ ۾ اوهان کي ليکڪا سان ملايان ٿو:

ڪجهه مون سان ڳالهاءِ!
هيانءِ جي مونجهه لاءِ،
ٻڌاءِ ڪجهه مون کي،
وندراءِ ڪجهه مون کي.

هنن سادين پر سچين سٽن جي التجا ۾ ڪيتري نه ڪشش آهي! اڳتي به هي سڄو نظم سچين دلسوز حقيقتن ، ڏٺل وائٺل هانءُ ڏاريندڙ واردتن سان ڀريو پيو آهي. هڪ هڪ بند، بند زبان ۾، درد مند دلين لاءِ اپيل ۽ زنده ضميرن لاءِ ”اُٿ جو“ آواز آهي: آخر: جيئن ميوي جو پنهنجو سواد ۽ افاديت آهي،هر گل پنهنجو وزن ۽ واس،تيئن هن شاعريءَ جي مجموعي جو به پنهنجو نيازو۽ پيارو وجود آهي. سنڌي شاعراڻي ادب ۾ خاص ڪري ڀينرن جي شاعريءَ واري ڀاڱي ۾ هيءَ ڳٽڪو به پنهنجي جاءِ والاريندو.


استاد بخاري
دادو سنڌ
22 جولاءِ 1981ع

پنهنجي پاران

توکي مان ڇا چئي کڻي سمجهان،
مان ڄڻ ڪجهه به نه آهيان،
مليا مونکي اڻ لڀ ماڻڪ جذبا،
دنيا ۾ اُهي سڀ روايتي سڏبا،
اُهي اَڃان تائين به سهان پئي،
اُهو ئي ته سڀ ڪجهه لکان پئي،
سڀ اُهي احسان انسانن جا،
مون نه سمجهيا ڪڏهن ٻين جا،
اُنهن جذبن تي لکڻ ڪم ڏکيو،
اَکرن ۾ پوئڻ نه ڪم سکيو،
مان اڃان ڪوشش ڪيان پئي، جيڪي سَٺو اٿم سو لکان پئي،
مان ڇا ڀلا لڪائي سگهندس،
سڀ ڪي توکي موٽائي ڏيندس.

منور سلطانه
ٽنڊو آدم، سنڌ
جمعو 20 مارچ 1981ع

ڀاڱو پھريون: شاعري

---

مان

پاڻ نه اميرن ۾،
پاڻ نه غريبن ۾،
پاڻ رهياسون فقيرن ۾،

پاڻ نه ڪوڙ ۾،
پاڻ نه ڌوڙ ۾،
پاڻ رهياسون پور ۾،

پاڻ خيابان ۾،
پاڻ بيابان ۾،
پاڻ رهياسون ميدان ۾،

پاڻ نه اَهلن ۾،
پاڻ نه جاهلن ۾،
پاڻ رهياسون ڪالهن ۾،

پاڻ نه اوج ۾،
پاڻ نه موج ۾،
پاڻ رهياسون کوج ۾،

پاڻ نه سَکرن ۾،
پاڻ نه وَکرن ۾،
پاڻ رهياسون اکرن ۾،

پاڻ نه جهَٽ ۾،
پاڻ نه پَٽ ۾،
پاڻ رهياسون سَٽ ۾،

پاڻ نه حَقيرن ۾،
پاڻ نه ڪَسيرن ۾،
پاڻ رهياسون اسيرن ۾.

سچ

} ادي خورشيد جي زندگيءَ تي{

زندگي جا ڏک ۽ سور،
دنيا جا ڪوڙا دستور، وقت نه ڏين ٿا مور،

پر توکي ياد ڪريان ٿي،
تون نه مون وٽ هاڻي اچ، پند ڪري هاڻ ڳچ، اهو چوان پئي هاڻ سچ، مان توکي وساريان ٿي.
**

ادب

ادب جي هن اٿساهه اونهي ۾،
ننڍڙا ننڍڙا ڀتر اڇلائي ڏسان،
مان من جي هن آنڌمانڌ کي،
پل جي سڪون ۾ بدلائي ڏسجان.
**

هي دوزخ گرميءَ وارو اونهارو،
وقت نه گذري وڌيو مونجهارو.
**

ڳولا

مان زنجيرون کُڙڪائي،
وقت جي قيد کي ڀڄَائي،
ماڻهن کي بيهي سڏيم،
سڀني سامهون اچي بيٺم،
انهيءَ مهل انهيءَ شام،
ماڻهن جا مڙيا اَچي هشام،
پوءِ مون اٿي اُهو چيو،
مونکي هاڻي سنسار ڏيو،
نه ته مونکي سنگسار ڪريو،
مان جواڃان پابند سلاسل،
رهيس جو ايترو مسلسل،
اڄ مان توهان آڏو آهيان،
مان ڪو پويان ناهيان،
هاڻ جو ايترو بند رهي،
مان هر زيادتي سهي،
ٿي پيو آهيان ڄڻ مَچُ،
مان سَچ آهيان سَچ،
مونکي هاڻي ته سنسار ڏيو،
نه ته سنگسار ڪريو،
ڪي انسان ته بيهي کليا،
ڪي عقل پاڻ ۾ به سليا،
فيصلو آخر انهن به ڪيو،
ماڻهن جو انبوه اُٿي ويو،
سچ کي هرڪو ڳولڻ،
ذري ذري کي هرڪو ڦولڻ،
مونکي وري سڀني ڇڏيو،
ڪو به سڃاڻي نه سگهيو،
عقل به پٽ پئجي ويو،
سچ پوئتي رهجي ويو.
**

پهرين زال

}عزيز زڪيه لاءِ {
گهر ۾ به
جهان ۾ به اڪيلي،
مان عجب ڳهيلي،
دولت نه زر جي ڪمي،
رڳو زندگيءَ ۾ رهي بيچيني،

ماءُ هوندي به،
اولاد کان ڏور،
ٻچڙو به مون سواءِ پلجي پيو،
ٻين هٿن ۾ جگر رلجي پيو،

آيس جنهن ڪاڻ،
ان به ڇڏي ڏنو،
ٻين ڪاڻ،
ان به ٿڏي ڏنو،

نه رهيو ڪو هاڻ،
هن حال دل جو ڪو محرم،
هن وڏيرڪي سماج جو،
مون تي ٿيو ڪرم ،

مان انسانيت جو گهرو زوال آهيان،
مان هڪ انسان جي پهرين زال آهيان.
**

گهڙي

اهڙي گهڙي ڪا جلد اَچي،
ڪا به نياڻي ڪاري نه ٿئي،

سُک سان پَنهنجن ڪَکن ۾ رهي،
ڏُک ۾ به پنهن جن ننگن ۾ رهي،

انسانن کي ڪا به مجبوري نه هجي،
غربت يا سرمائيداري نه هجي،

اِهڙو سج به هاڻ اُڀري ايندو،
اِهڙو وَقت به ڄاڻ پاڻ ايندو،

سنڌڙي پنهنجي تعبير ڏسندي،
انسانن ۾ رڳو برابري هوندي.
**

نئون سال

پراڻو سال هاڻ لنگهي ويو،
نئون سال ڄاڻ اچي ويو،
موت نه ڪا مجبوري ڪئي،
ڪن حياتي پاڻ پوري ڪئي،
ماضيءَ کي به ياد ڪندا،
آئيندي تي به نظر رکندا،
ڪي ويا ڪنڌ ڪڍائي،
ڪي ويا وري وقت هنڍائي،
وقت ته آهي ئي گذرڻ لاءِ،
پل پل کان ڪجهه پرائڻ لاءِ،
وقت جي ملي هڪ هڪ گهَڙي،
انسان جي سڄي حياتي جُڙي،
ماضيءَ ۾ حال هَليو ايندو،
حال وري آئيندي ۾ ايندو،
هوٽلن جي وڏن گرم ڪمرن ۾،
سياڻا نچن پيا ڄڻ چرين ۾،
ٻاهر ڪي انسان پيا فٽ پاٿ ۾،
ڦاٽل رليءَ ۾ ويڙهيل سيئاٽ ۾،
سينگاريل بنگلن ۾ ڪي صاحب،
مئي جون بوتلون ورهائين پيا،
ٻاهر اونداهين جهوپڙين ۾،
ٻار کير جون بوتلون گهرن پيا،
مان شراب جون اُهي بوتلون،
ڪڏهن ڀَڄي سگهان ٿي،
مان معصوم ٻارڻ اڳيان،
اکيون ڪن بند ڪريان ٿي.
**

ڳائڻو

هٿ ۾ يڪتارو،
مِٽيءَ ۾ ڀريل پير،
شهر شهر ۾،
جَهنگلن ۽ بَرپٽن ۾،
ڀِٽن ۾ ڳائي ٿو،
توکي مونکي وندرائي ٿو،
شاهه سچل کي جاڳائي پيو،

ڳائڻو اَسير،
دل جو فقير،
لفظن جو اَمير،
سوز۽ ساز ۾ اَڪثير،
تنهنجي منهنجي،
پنهنجي پرائي،
ڏک سک ۾ شامل،
وندرائي ٿو دل کي هي ڪامل،

ڪڏهن به تو ۽ مون،
نه ليئو پاتو سندس من ۾،
ڪڏهن به تون ۽ مون،
ڪو پڇيو؟
ڪهڙ ي ماڳ تي موٽي وڃين پيو،

فضائن ۽ هوائن ۾ ،
اُهي بيت اُهي وايون،
وري وري ٿيون دل وندرائين،
اهي سُرَ آسمان ۾ اَمر رهندا،
انهن جا پڙاڏا،
ايندڙ نسل به ٻڌندا رهندا.

14 شعبان 1398ع

پيرين اُگهاڙي تَتَل ڌرتيءَ تي،
نيڻن ۾ وَرهين جو اُوجاڳو،
ڏينهن پويان راتيون ويون،
سورن ورهين کان جاڳايو.

سنسان واٽ، نه پتو، نه سُڌ،
نيڻ ۾ ورهين جي ٿَڪ ۽ ڌُنڌ،
هٿوراڻيون ڏئي هلان پئي،
سالن کان ڪجهه نه ڏسان پئي.

آخر هڪ ويراني ۾ ٿڪجي،
سج لٿي جو واريءَ جي ڊٻن ۾،
ڪيئي سالن کان مان ٽٽجي،
چوڏهين جو چنڊ ڏٺم مان ڀٽن ۾.

هر زهريلي جيت ۽ نانگ کان،
بي خبر ٿي سُرَ ۽ سانگ کان،
واريءَ تي مان ليٽي پوان ٿي،
موت جي ننڊ مان سمهان ٿي.
**

نور

}نسيم جي لاءِ: توکي زندگيءَ ۾ ڪجهه نه مليو {

توکي ڳولي ڳولي ٿڪجي پيس،
هن دنيا ۾ ڀُلجي پيس،
وسيو ڪٿي؟
ڏسيو ڪٿي؟
تنهنجو وجود ، ٿيو مون کان پري،

اهڙا به سنسار ۾ اڪيچار،
واجهائڻ لاءِ به لاچار،
هر هر پل،
هر هر گهڙي،
جن جي نٿي پَئي تو کان سري،

ڪڏهن نور جي روشني هتي ،
دنيا جي تتي ٿڌي روشني تي،
ڪڏهن ايندي؟
ڇانئجي ويندي؟
**

لقاءُ

زندگي ٿي پئي آ، تماشو ويهي ڏس،
سامراج کي هن ۾ ڪهڙي ڪَس.

بک ۽ محتجاجي کي به ته اَسان هنڍايو،
هن کان اَڳ ايترو ڪَڙو دور نه آيو.

مثل جعفر ڪيئي اهڙا به ننگ وطن،
ماءُ ڌرتيءَ جا هي ڪيئي دشمن.

ڏسي وٺ ضمير فروشن جو لقاءُ،
ننگ وطنن جو سامراج ڏي جهڪاءُ.

رات جيتري به سنگين ٿي ويندي،
روشني اوتري رنگين ٿي ايندي.
**

شڪايت

مان تنهنجي پيار کي،
مان تنهنجي سار کي،
سمجهي نٿي سگهان پئي،
توکي شڪايت آهي،

پر توکي نه رهي ڄاڻ،
پر توکي نه ٿيو اُهڃاڻ،
منهنجو اندر اٿئي خالي،
هي هٿ رهيا سدا سوالي،
مان تنهنجي سر تي،
تون منهنجي سر تي،
پوءِ به مان توکي،
سمجهي نٿي سگهان پئي،
توکي شڪايت آهي،

مون به ڪڏهن،
کنئي هئي خالي جهولي،
ٿي دنيا جي در تي سوالي،
صدا هنئي هئي،
پر مون کي ڪٿي به ،
پنهنجن يا پراون ۾،
ٻين انسانن ۾،
سج يا چنڊ ۾،
اُس يا پاڇي ۾،
زمين يا آسمان ۾،
دُنيا جي حيوان نمان انسانن ۾،
ڪابه پنهنجائپ،
پيار جي سڃاڻپ،
نه ملي سگهي.

پاڻ ٻئي ننڍپڻ ۾،
گڏ پڙهياسين،
ننڍڙين ڳالهين تي رُسياسين،
راندين ۾ وڙهياسين،
پر پل ۾ پرچياسين،
اُهي سپنا سچائيءَ جا،
پيار جي گهرائي جا،
مان اڄ به ڏسان پئي،
پاڻ انهن ۾ پسان پئي،
پوءِ مان توکي،
سمجهي نٿي سگهان پئي،
توکي شڪايت آهي.

تنهنجو هي خلوص ۽ پيار،
۽ سچائي اکين تي،
پر گھڻائيءَ ۾ ندين تي،
ٻوڏ به ايندي آ،
هر ڏسي ٻڏي به ايندي آ،
هر شي ٻڏي ويندي آ،
سو مان به ڊڄان پئي،
تڏهن توکان ڀڄان پئي.

مان به متان ،
تنهنجي پيار جي سچائيءَ ۾،
ٻڏي نه وڃان،
پاڻ کي وڃائي نه وهان،
تون دل ۾ نه ڪجانءِ،
پر منهنجن سڀني ڪوتاهين کي،
سڀني بيپرواهين کي،
معاف پئي ڪندي اچجانءِ،
پر پنهنجي سچي پيار کي،
سدائين مون لاءِ،
پنهنجي دل ۾،
سانڍي رکجانءِ.
**

مرڪ

} منهنجي ڀاڻيجي روماسا راڻيءَ لاءِ{

آئيندي جي خوف کان بي خبر ٿي،
معصوم ٻار جڏهن به کلي ٿو،
قدرت کي به تڏهن پيار اچي ٿو.

ماءَ دنيا جي سک ۽ ڏک به پسي،
پر “روماسا” جي مشڪ ڏسي،
پل لاءِ سڀ ڪجهه وساري ٿي.

دنيا جا هزارين خوف ۽ ڇرڪ،
پر راڻيءَ جي ڏسي مُرڪ،
پُر اميد آئيندو نظر اچي ٿو.
**

سانحو

سامراج کي ڪنهن ب مهل،
پورهيتن تي،
ڪڏهن نه پئي ڪهل،

يزيد اڃا تائين به جيئي پيو،
مظلومن جو،
رت اڃاتائين به پيئي پيو.

اهو وقت به جلدي ايندو،
سامراج،
رت جي ڦڙي ڦڙي جو حساب ڏيندو.
**

زهر

سڄي جسم جي رڳن ۾ سدا هلي پيو،
دماغ منهنجي ۾ آهستي پلجي پيو،
دل منهنجي ۾ آهستي سلجي پيو.

پور جي پوءِ وڃي سور ٿيا،
سورن پويان ناسور ٿيا،
انسان ڪي ايترو مجبور ٿيا،
ظلم ڪي ته ظاهر ظهور ٿيا،
بندا انسانيت کان ڏو ر ٿيا،
ڏوهي ڪي بي قصور ٿيا،
ههڙا هاڃا به ضرور ٿيا.

سماج جي رڳن ۾ زهر سري پيو،
دلين کي ائين آهستي ڏري پيو،
دماغ منهنجو به هائي جهُري پيو.
**

روشني

سج جي تپش،
چنڊ جي چانڊاڻ،
اها هڪ ئي روشني،
مون کي سدائين سان کڻي،
مون سان سدائين سان هلي،
دنيا ۾ جيئڻ جو اهڃاڻ ڏئي.

گھٽين جو هلڪيون،
بنگلن ۾ رنگين،
اسٽيج تي تيز،
ڪلبن ۾ جهڪيون،
اُهي سڀئي مصنوعي روشنيون،
انسان جي تخليق روشنيون،

پر هڪ تيز،
ٿڌي مٺي،
سڪون ۽ سڪوت جي لهر،
آسمان جي گهراين ۾،
زمين جي پاتال ۾،
اُونداهين ۾،
جڏهن به ملي،
نئين زندگي اُچي،
حياتي اَبدي ٿئي ٿي،
اُن کي،
دنيا موت چوي ٿي.
**

ٻوسٽ

ساز وڄائي تون جهيڻو،
هيانءَ اٿئي منهنجو هيڻو،
جُهڙ مان نڪرندڙ ڪرڻو،
ٽڪر تان وهندڙ جهرڻو،
سرد سيارو ۽گلاب سان،
معطر خوشبو لاجواب سان،
ڏينهن جو سون جا ڪرڻا،
چانڊوڪي چاندي ڪرڻا،
نياريون چارئي مندون،
قدرت جون ڏنل سندون،
ايترين پيارين موسمن ۾،
اسين پريشان وطن ۾،
مان رهي آهيان تمام حيران،
مان رهي آهيان تمام پريشان،
ساز وڄائي تون جهيڻو،
هيانءُ اٿئي منهنجو هيڻو.
**

خراج تحسين

(ان ماءُ لاءِ جيڪا سڳي ماءُ نه آهي پر ماءُ جو درجو رکي ٿي )

من تنهنجو رهيو وياڪل،
دل تنهنجي رهي گهايل،
وجود تنهنجو رهيو ستايل،
تو زندگيءَ ۾ هر ظلم سَٺو آهي،
دنيا ۾ اُهو سڀ ڪجهه ڏِٺوآهي،

تنهنجي پل پل کي ڳوليان پئي،
تنهنجي وجود کي ڳوليان پئي ،
ويل گهڙي ڦوليان پئي،
تون زندگي جو عظيم سراج آهي،
تون انسانيت جي معراج آهين.
**

پل

اهو پل زندگيءَ ۾ ڪڏهن ايندو،
اونده مان اسان کي اچي ڪڍندو،
اهو پل اونده ۽ روشنيءَ جي وچ ۾،

ان پل لاءِ جيئا ۽ مري وياسين،
اونداهين ۾ اسين رلي وياسين،
اُهو پل اونده ۽ روشنيءَ جي وچ ۾،

هي بک بيماري، محتاجي جو وقت،
احساس ماري پيو وقت بوقت،
اُهو پل اونده ۽ روشنيءَ جي وچ ۾،

سڪون جي پل جو سڀني کي انتظار آ،
هر حساس ذهن تي وڏو بار آ،
اهو پل اونده ۽ روشنيءَ جي وچ ۾.
**

مرد

مان پنهنجي زندگيءَ جي ورق ورق کان،
اٿلائي پٿلائي هاڻي حساب وٺان پيو.

اڄ چئن طرفن تي ڪنڊن ۾ هيسيل،
چار مورتون ڀيٺل مان ڏسان پيو،

حسرتون سندن مون کان پڇن پيون،
مورتون مون ڪاڻ ڏاڍو لُڇن پيون،

اَمڙ کي مون ڇو ائين اَڪيلو ڇڏي ڏنو!
ڀيڻ کي مون ڪڏهن ڪين پڇيو، ڏٺو.

جنهن ساٿي سان مون سڄي حياتي ڪاٽي،
مون سندس دل تي وهائي رڳو ڪاتي،

ٻچڙيءَ مون ڪاڻ سدائين ٻاڏايو رنو،
مون نه ڪڏهن دل سان کيس پيار ڏنو.

مون سدائين آ، دل کي صاف ڪيو،
عورت سان نه ڪڏهن انصاف ڪيو،

مان به عجيب بد نصيب مرد آهيان،
مان پنهنجي ندامت جي گرد آهيان.
**

ڌنڌ

مغز بي سست ۽ نيڻن ۾ ڌنڌ،
من رهي رڳو سورن جي ونڌ،
تڏهن به هن اُداس حياتيءَ ۾،
مان کلان تي پئي خوشيءَ ۾،
مان ۽ منهنجا هڙئي ڏک،
مان ۽ منهنجي هيءَ حياتي،
منهنجي روح کان صفا جدا آهي.
*

مفاصلو

} مرحوم شمون جي ياد ۾{

تون فلڪ جي گهراين ۾،
مان پاتال جي اونداهين ۾،
هڪ ٻئي جي وجودکي ڳوليون ٿا.

تون نور جي روشنائين ۾،
مان غمن جي تاريڪين ۾،
هڪ ٻئي سان درد نه سليون ٿا.

تون چنڊ جي چانڊاڻ ۾،
مان سرابن جي اُهڃاڻ ۾،
هڪ ٻئي سان نه ملون ٿا.

تنهنجي منهنجي وچ ۾،
ست فلڪ – ست افق،
تنهنجي منهنجي وچ ۾.

انسان

ٻار مکڙيءَ، سهڻو چنڊ جيان،
جوان شينهن، ارادو جبل جيان،
عورت گل، نازڪ شيشي جيا،
ازل کان روان دوان،

دل سمنڊ، خوش لهرن جيان،
آمد طوفان، آواز گجگوڙ جيا،
دل ريگستان، اميد سراب جيان،
ازل کان حيران پريشان.

دوست تسليءَ لاءِ، دشمن تجليءِ لاءِ،
گهر سنسار لاءِ، دل پيار لاءِ،
پيار ٻار لاءِ، در يار لاءِ،
ازل کان شادمان بهاران.

من وياڪل، دل ستايل،
وقت سائل، روح گهايل،
ذهن اٽڪيل، دنيا پاڳل،
سنسان راهن تي هلي پيو،

زندگي جي هن پيهه ۾ به،
تنهائيءَ جو زهر پيئي پيو،
اڃا به جنم وٺي پيو،
ڌرتيءَ تي رڙهي پيو،
پر آهي هن جي جيءَ ۾ ويٺل،
خوش، خالي، اُداس انسان،
پُر اميد، تنها، نراس، انسان.

ڪيسين تائين جيئندو مرندو رهندو؟
ڪيسين تائين ازل کان آجو ابد نه ٿيندو؟

فقيرياڻي

پير به ۽ انگ به هئا اگهاڙا،
هزارين تماشائي بيٺا هئا وائڙا،
ڳاڙهي بتيءَ تي هو چئو-واٽو،
هن جي زندگيءَ جو هي ٻه واٽو،
هيءَ سونهن ۽ ڪاٿي سُک!
پيٽ ۾ ته ٻن ڏينهن جي بُک،
ڏسي کيسن ۾ سرڪندڙ هٿ،
نوٽن تي هي رُڪندڙ هٿ،
عزت جو ٿيوخوف پرهئي مجبور،
بي حيائي به ٿي پيٽ جو قصور،
صبح جو سمنڊ جي ڇولين ۾،
هڪ لاوارث لاش ترندو آيو،
ان رات ڪنهن مجبورعورت کي،
جڏهن ڪنهن عياش هو کڻايو،
غيرت به پنهنجن کي چڱو ڄاتو!
لاوارث لاش پنهنجن نه سڃاتو.
**

آئينو

اندر تنهنجو آئينو آهي،
ڏس تون پاڻ ليئو پائي،
پير، بادشاهه ۽ فقير،
پسي توکي ٿيا سڀ فقير،
پاڻ کان پاڻ نه لڪائي،
اندر تنهنجو آئينو آهي.

تنهنجا مشتاق بي طلب،
اسان جو ذري ۾ به مطلب،
توتي منهنجي هجت آهي،
اندر منهنجو آئينو آهي.

جن به ليئو پائي ڇڏيو،
دنيا کي تن نه ڪڏهن طلبيو
توتي منهنجي توڪل آهي،
دُنيا اندر آئينو آهي.
**

نويڪلي

مان پنهنجي هن حياتيءَ جي،
پل پل کي،
اٿلائي پٿلائي ڏٺو،
مون کي ڪٿي،
ڪو به ڪرڻو،
سچي پيار جو جهرڻو،
مون کي نظر نه آيو.
مان ور ور ڏئي،
وري ڳولي، ڦولهي ڏٺو،
ڪٿي ڪو به ڪرڻو،
محبت جو جهرڻو،
مونکي نظر نه آيو.

مان جهاتي پائي ،
پنهنجي جيءَ ۾،
اٿاهه اونو سمنڊ ڏٺو،
جتي ڪو به ڪرڻو،
سچي پيار جو جهرڻو،
مون کي نظر نه آيو.

پر اندر اونهي سمنڊ ۾،
اميد جا ڪرڻا،
لٿا چڙيا پي،
جن ۾ زندگي هئي،
روشني ۽ جوش هو،
بندگي ۽ هوش هو،
پيار جي سچائي،
۽ خلوص هو.

پوءِ مان پنهنجي،
آس پاس نهاريو،
جتي ويراني،
نويڪلائي هئي،
هراس ۽ نراسي هئي.

پوءِ مون پنهنجي،
هن وجود کي،
نهايت بيدرديءَ سان،
وڏي جهدوجهد،
۽ سختيءَ سان،
بي حسيءَ جي،
سخت خول ۾،
سدائين لاءِ قيد ڪري ڇڏيو.
**

قيد

دل ۽ دماغ،
جسم ۾قيد،
مان جو روح،
وجود ۾ قيد،
مان جو وجود،
فرد ۾ قيد،
مان هڪ فرد،
گهر ۾ قيد،
مان جو گهر،
ملڪ ۾ قيد،
مان جو ملڪ،
ڌرتيءَ تي قيد،
مان جي ڌرتي،
دنيا ۾ قيد،
مان جي دنيا،
ڪائنات ۾ قيد،
مان ڪاڏي اڏري وڃان؟
جو مان آزادي ماڻيان.

دعا

(اڪميرا لاءِ)

تنهنجا ڪڏهن مٺڙا ٻڌندس ٻول،
سهڻا، مٺڙا مٺڙا چپ ته کول،
ٻيار ۽ دعائن سان تون ڀر جهول.

ننڍڙا ننڍڙا پير کڻي جڏهن هلندينءَ،
ماءُ ڌرتيءَ کي به ڏاڍي وڻندينءَ،
انيڪ بهارن ۾ سدائين رهندينءَ.

توکان پري رهي دنيا جو رنج ۽ الم،
انسانيت جو سچو پرائجان علم،
ڏکويل دل تي سدائين رکجان ملم.

حياتيءَ کي نه سمجهجهان عجيب،
نه حقير سمجهجهان ڪو غريب،
ٻين جي دعائن سان ملي نصيب.

توکي ڪوسو واءُ ڪڏهن نه لڳندو،
منهنجي دعا جو توتي پاڇو رهندو،
رنج ۽ غم دنيا جو توکان پري هوندو.

برائي تو وٽ اچي ٿيندي غرق،
انسانن ۾ نه رکجان ڪو فرق،
سچائيءَ جو سدائين پيئجان عرق.
**

چوڏهين صدي

مون ڇا ڏٺو؟
ويهين صديءَ جي ستر ۾،
مون ڇا ڏٺو؟
ويهين صديءِ جي آخر ۾.

مون ڪيترا عيسيٰ ،
صليبن تي چڙهندا ڏٺا،
مون ڪيترا يزيد،
يزيد کي به شرمائيندي ڏٺا.

مون ڪيترا منصور،
سنگسار ٿيندي ڏٺا،
مون ڪيترا بيگناهه،
خوشيءَ سان مرندي به ڏٺا.

مون وڍيل هٿ،
وڍيل پير ڏٺا،
مون لٽيل عصمتون،
وڍيل ضميرن جا ڍير به ڏٺا.

مون زبان بندي،
قيد و تنهائي ڏٺي،
مون رستن تي،
ڦٿڪندي انسانيت به ڏٺي.
هيءَ انتها آهي؟
هي ءَ ابتداآهي؟

مون فرعونن جي آخري شانتي ڏٺي،
سنگينن تي ٽنگيل اَمن ۽ آشتي به ڏٺي.

هي دور ختم ٿي رهيو آهي؟
هي دور شروع ٿي رهيو آهي؟
**

ٻوڏ

منهنجا ٻوڏ جا ستايل مارو ويچارا، موليٰ شل مون کي ڏيکارين جيئرا، منٿ ڪريان توکي ڪهڙي دريا شاه، مان به مسڪين، نه ابو اٿم بادشاهه، واسطو انهن جو جي اٿئي پير پيارا، منهنجا ٻوڏ جا ستايل مارو ويچارا.

لوڙيا تو مرون ۽ ڪيا ڪک ڪارا، ٻوڙيا تو هيل به هڙئي ٻنيو ٻارا، هيل ڪيئن ڪٽجندا هي سيارا، منهنجا ٻوڏ جا ستايل مارو ويچارا،

سارو مون ڏسڻ لاءِ هوندا ڏاڍا آتا، مينهن هاڻي نه ڇن تون هي ناتا، سامهون هيترا ڪُن، پري ڪنارا، منهنجا ٻوڏ جا ستايل مارو ويچارا.
**

واريءَ جو دڙو

خاموش ۽ چپ چاپ،
واريءَ جي هن دڙي تي،
مان بيٺي آهيان.

مون سامهون هيٺ،
ماڻهن جو وڏو سمنڊ،
پر مان اڪيلي آهيان.

ڪير به مون کي جاءِ نٿو ڏي،
واريءَ جي هن دڙي تي،
مان بيٺي آهيان.

ماڻهو هڪ ٻئي کي چيڀاٽي،
هلندا پيا اچن وڃن،
پر مان اڪيلي آهيان.

صبح جو پُرجوش هئس،
شام پُراميدآهيان،
مان بيٺي آهيان،

نيٺ رات به اچي ويندي ،
ڏاڍي زور سان هوا لڳندي،
پوءِ مان هن واري جي دڙي ۾،
جيئري دفن ٿي ويندس.
**

چئو سٽا

حياتي گهارڻ نه آهي ڪم سوکو،
منزل منزل تي آهي رڳو دوکو،
وقت جو سفر آهي ڏاڍو اوکو،
منزل منزل تي آهي رڳو دوکو،
*

قوم مون لاءِ آهي اڻ ڄاڻ،
تون نه مون کي ڪو هاڻ سُڃاڻ،
وقت جو اٿئي هي اُهڃاڻ،
وقت نه ڪڍي تنهنجي ڪاڻ.

*
روشني ٿي آ، منهنجي دل جي اَندر،
اڳياڙي پڇاڙي ٿي ويندي سُندر،
دل جيڪا رهي پي سدائين جهُرندڙ،
هاڻي دماغ نه ٿي سگهندو کَنڊر.
**

ڀائڙو

}بابر سائين لاءِ{

منهنجو ڀائڙو ٿيندو تڏهن گهوٽ،
ڪمائي موٽي ايندو جڏهن ڳوٺ،
امان ياد ڪري ادل هر ويلي سان،
مان گرهه کانوان ٿي هر حيلي سان،
هاڻ ته ڀائڙا جلدي تون موٽ،
منهنجو ڀائڙو ٿيندو تڏهن گهوٽ،
بهشت مان هڪ حور لهي ايندي،
منهنجي سا اچي ڀاڄائي ٿيندي،
سج چنڊ جي جوڙي ڏسندو لوڪ،
منهنجو ڀائڙو ٿيندو جڏهن گهوٽ،
رات جو ننڊ ۾ ادل جڏهن هوندو،
رڳو اسان کي خوابن ۾ ڏسندو هوندو،
پيار جي اسان ۾ نه ٿيندي، ڪا کوٽ،
منهنجو ڀائڙو ٿيندو جڏهن گهوٽ،
مان چنڊ ۾ به جڏهن نهاريان ٿي،
شل انتظار جي ٿئي هاڻ کوٽ،
منهنجو ڀائڙو ٿيندو جڏهن گهوٽ.
**

ناچڻي

جيئري مئل حياتي،
ڀڙڪيل وساميل جذبا،
ويران من مندر،
اکين ۾ مصنوعي چمڪ،
ميڪ اپ جي ٺهيل مورت،
چُن ۾ ٿڦيل عورت.

جوانيءَ جو آسون ،
پيريءَ جو نراسون،
جسم محبت جا شعلا،
من ۾ نفرت جا اُلا،
جواني جو رنگين راتيون،
پڇاڙيءَ جون سنگين راتيون.

هوريان هلندڙ،
هوريان سَڙَندڙ،
معاشري ۾ مٺو زهر،
جيڪو جلدي ڏيکاري اثر،
سندس وجود،
مرد ٿئي نيست نابود.

هتي پهچائڻ وارو به ،
هتي نچائن وارو به،
اهو ئي ساڳيو مرد،
جيڪو نه سمجهي سگهيو،
ڪڏهن سندس درد.

دل وندرائي پئي،
تماشو ڏيکاري پئي،
دنيا به پئي پسي،
پر مرد جي،
تباهي ۽ بربادي جو،
تماشو به پئي ڏسي.
**

واعدو

اهڙا انسان دنيا ۾ بي شمار،
دلين ۾ جن جي رهن زخم هزار،
حياتيءَ ۾ آهن رڳو ڏک اڪيچار،
اچو ته انهن کي ڳولي ڪڍون ،
سندن زخمن تي مرهم رکون.

ڏسڻ ۾ نظر اچي هر ڪو سکيو،
پر وقت ڪٽجي پيو ڏکيو،
سبق مون اُنهن مان سکيو، سُک سان ڪڏهن نه ويهندس،
هر ظلم خلاف مان قلم کڻندس.
**

مست انسان

اَسان آزاد منش مست ملنگ انسان،
ويهين صديءَ جا آهيون سُڌريل انسان.

هر ڳليءَ تي اَٿئي يار اسان جو ئي ديرو،
هر فٽ پاٿ آهي اسان جو ئي وسيرو.

ڏينهن نه رات جي رهي ٿي ڪائي خبر،
اسين رهون پيا هر دور کان صفا بي خبر.

اسان لاءِ ئي ته سور پِٽي ويا سڌريل،
رهياسين اسين ساڳيا ئي اڻ سڌريل.

ڪڏهن نه ماپون اسين نون ڪپڙن ۾،
سفر ڪريون سدائين شاهي ڇڪڙن ۾.

ڪيون جي اردو ڪيون جيڪر بادشاهي،
پيرين اگهاڙي نه پَٽِيون ڪٿي ساهي.

هيڏي هوڏي اَجايو پيا هلون ڪامريڊ،
ڪنڊن جي رستي ڪريون پيا پريڊ.

منزل به ڪندي رهندي آهي اسان کي تلاش،
اسين آهيون هن دور جا ڪروڙ پتي قلاش.

اسان کان رهي سدائين دنيا جو هر بندو بيزار،
اسين آهيون هر دور لاءِ وڏو ئي آزار.

محلن يا بنگلن جي نه رهي ڪا طلب،
نه آهن اسان جا دنيا سان ڪي مطلب.

مرڪي جيڪو ملي سو اسان ٿئي يار،
کلي جو ڳالهائي دل ان تي ٿئي نثار.

ڏسي هي افعال مومل دل نه اٽڪائجان،
متان مورک اجائي دلڙي نه وڃائجان.

نادان دل کي جي تنهنجي ڌڪ رسندو،
توکي پوءِ پڇتائڻ مان به ڪي نه ورندو.

مڙس جي هجي ته اسان جهڙو ڦڏو،
مومل هوندي نه ته صفا ڪو جڏو.

توسان مومل ڪريون ڪهڙا ماڻا،
اسين آهيون تنهنجا ڦڪڙي راڻا.
**

تنهنجو شهر

(لاليءَ لاءِ)

هي شهر تهنجو نه ٿي سگهيو منهنجو ديرو،
هتي رهيو منهنجو بي نوا لاچارن جيان وسيرو،
تنهنجي شهر کان سدا لاءِ وينداسين هليا پري،
مسافر ٿي نه اچون هتي شل ڪو سفر ڪري،
هتي مايا ۽ بيٺل کي رڳو آ، سلام رهيو،
مون لاءِ ڏکن جو هتي آ، رڳو ڪلام رهيو،
توکي نه هتي ڪو عزت ۽ وقار ملي سگهيو،
ايندڙ ويندڙ به توتي ٺٺولي ڪري پيو،
تو سک جو نه هتي ڪڏهن ساهه کنيو،
ڪنڊن سان ڀريل گس تولاءِ سڀني ڇڏيو،
هرزبان تي تنهنجو چرچو هتي عام رهيو،
تنهنجي شرم حيا جو نيلام هتي جام رهيو،
ڏک نه تنهنجا هتي ڪنهن ڪو ونڊايا،
پر پنهنجا به واسينگ ٿي توکي ڦري آيا.
هي شهر آباد شل تا قيامت تائين هجي،
خدا نه ڪري ڪو تو جيان باهه ۾ پلجي،
سان ننگ وطن هاڻي هتان وڃن پيا،
ڏکن سورن جو ڏنل سوغاتون کڻون پيا،
هتي جا گذاريل ڏينهن نه وسري سگهندا،
پر دعا جا کر رڳو دل مان پيا نڪرندا.
**

من

مان نه توکي هاڻ ڏسان ٿي،
من پاتال جيءَ ۾ هڙتال،
پر توکي هر دم پاڻ پسان ٿي.

موجود مان صدين کان هتي،
من ۾ پرڀات نيڻن ۾ بَرسات،
تون هليو وئين نه ڄاڻ ٿي؟

ڪڏهن تون هتي نه ايندي؟!
مون تي نه وس جيءَ کي جَسُ،
مون کي ڪڏهن هتان نيندين؟
**

مسافر

هڪ اجنبي،
هڪ مسافر،
جنهن جي هڪ هٿ ۾،
محبت جو ڏيئو،
جنهن جي لاٽ سان ،
دنيا روشن ٿي،

هڪ اجنبي،
هڪ مسافر،
جنهن ٻئي هٿ ۾،
ڪشڪول،
جنهن ۾ کيس،
پيار جي طلب آهي.

سندس ٻئي هٿ،
طالب و مطلوب هئا،
هن شهر ،
هن جهنگ جهر،
صدا هنئي،
پيار ڏيو محبت وٺو.

هن جي صدا تي،
ماڻهن ڪئي ٺٺولي،
ڪين سمجهيا،
سندس ٻولي،
پوءِ به هو،
مايوس نه ٿيو.

پر اوچتو،
سندس ڏيئو،
اسان جي بي جا،
تمدني رواجن ريتن،
بي جا غرور جي سامهون،
ڀڄي پرزا پرزا ٿي ويو.

ان اجنبي مسافر،
نراسائي ۽ ڪاوڙ ۾،
ڪشڪول به،
ان بي جا رواجن جي،
ڀتين تي،
ڀڃي پرزاپرزا ڪيو.

اوچتو ئي اوچتو ،
اسان جو سڀ روشنيو،
ڏيئي جي وسائن کانپوءِ،
بند ٿي ويون،
ماڻهون چرين وانگر،
ان ڏيئي ۽ ڪشڪول کي،
ڳوليندا پيا ٿا وتن،

مان به ٻين وانگر،
ان ڏيئي ۽ ڪشڪول کي،
ڳوليان پئي،
جيئن مان به،
پنهنجي اندرکي،
من جي مندر کي،
روشن ڪيان،
پاڻ۾ جهاتي پائي،
روشني ڏسان،
پر مون کي اڃا تائين،
ان ڏيئي ۽ ڪشڪو جا،
ڀڳل ٽڪر به ڪو نه مليا.
**

مونجهه

ڪجهه ڪي مون سان ڳالهاءِ.
هيانءَ جي مونجهه لاهه،
ٻڌاءِ ڪجهه مونکي،
وندرائي ڪجهه مونکي،

انهن جي ڳالهه ڪر،
جيڪي سڄي حياتيءَ
غرض جي ڪاتيءَ م به،
خوش رهيا،
ڏک جن کان پري رهيا،

انهن جي به ڳالهه ڪر،
جن جا جگر،
اسپتالن جي درن تي،
دوائن جسي نه هجڻ تي،
ڦٿڪي نه مئا هجن،
توڙي هنن وٽ،
نه هجي، پيسو،
خالي هجي کيسو.

اهڙن جو ٻڌاءِ،
جن جا ڪکن وارا گهر،
جهڙا جنگ جهر،
عاليشان بنگلن اڳيان،
سهڻن جنگلن اڳيان،
کنوڻ جي ٽڙڪاٽن ۾،
طوفان جي زوزاٽن ۾،
اڏامي ويا هجن،
پر انهن، عاليشان بنگلن،
سهڻن جنگلن جا،
خواب ڏٺا هجن.

اهي ڪهڙا انسان ،
جن بک جو ويلو،
ڏک جو حيلو،
نه ڏٺو هجي،
پوءِ سندن دلين ۾ ،
انسانيت جو ڪو،
وسيلو هجي.

اهي ڪهڙا عياش انسان،
جيڪي رات جي،
اونداهين ۾،
ڪتن جي،
اونائين ۾،
ڪکائن درن تي،
وڏن موٽرن تي،
پنهنجي نياڻي،
زال سياڻي،
ڇڏي اچن ٿا،
پوءِ به اُهي،
پوءِ به غيرتمند سڏائين ٿا.

اُهي ڪهڙا،
ڀائر ۽ پيئر،
جيڪي ڪيترن ويلن جي،
بک نه سهي،
پنهنجي مجبوري پسي،
بک جو سودو ڪن ٿا.

اهڙا ڪهڙا انسان ،
جيڪي پِيلو ڏٻرو،
جسم ڏسي،
بک ۽ مجبوري پسي،
موٽي وڃن ٿا،
هنن کي،
ليڙون لٽن ۾ ڇوڪر،
پيلي ڏٻري نينگر،
ڪا نه وڻي ٿي.

مون کي ڪجهه ٻڌاءِ،
مون کي ڪجهه سمجهاءِ،
ائين دنيا ۾ ڇو ٿوٿئي؟
غريب جي عزت،
بک ۾ وڪامجي ٿي،
ته اهو گناهه ٿيو،
پر امير جي عزت،
وڏي سوسائٽي ۾،
بي بها وڪامجي ٿي،
نه اهو گناهه نه ٿيو؟

نشان

زندگي جي هن ريگستان ۾ مان،
قدمن جا ڇڏي ويندس نشان،
هوا ته زور پئي لڳندي رهندي،
منهنجا نشان به ڊاهيندي رهندي.

سج ، چنڊ ۽ تارا هتي صدين کان،
رڳو فنا ٿيندو رهندو هي انسان،
رات ڏينهن ۽ وقت ساڳيو رهندو،
نئين احساس سان انسان نئون رهندو.

تون ڪٿان آئينءَ؟ تون ڪير آهين؟
اهي امر سوال نوان ته ناهن،
اربين انسان جواب ڳوليندا رهيا،
امر سوال ته سدا لاءَ امر ئي رهيا.

وجود هي منهنجو پل جي قيد ۾،
پل منهنجو رهي وقت جي قيد ۾،
فڪرجي گهراين ۾ به هاڻي مان،
تو کان پري ۽ تنهائي ۾ مان.
**

معبود

تون ئي منهنجو مالڪ تون ئي معبود،
منهنجي هيءَ حياتي تنهنجو وجود.

ڌرتيءَ جي ڪنهن ٽڪري تي مون کي،
رهائي ڏي منهنجو هي وجود مون کي.

ڪيسين تائين دل پئي اڃا ڦٿڪندي؟
ڪيسين تائين حياتي اڃا پئي ڀٽڪندي؟

منزل جا نه اڃان تائين پئي ٿي اچي،
دل ته اڃان تائين پئي پُڇي.

قفس جو ڪڏهن هي ٽٽندو ڄار،
مان پنهنجي وجود کڻي هي بار،

ڪڏهن اڏري ويندس هن هوائن ۾،
ڪڏهن گم ٿي ويندس هنن خلائن ۾.
**

منزل

پاڻ ۾ مان هڪ مڪمل شخصيت،
هر انسان جي هڪ مڪمل حيثيت،
هزارين مشڪلن جي باوجود به،
مون ۾ رهي جئيڻ جي وسعت،
هن گهور اونداهين ۾ به مان،
دل روشن ڪري پئي سدا هلندس،
وقت به مون کي اڳتي پيو ڌڪيندو،
مان روشني پئي ٿي هتي هلندس،
ڪيترابه زلزله ۽ طوفان هوندا،
منهنجا رستا نه روڪي سگهندا،
مونکي منهنجيون سڀ ڪوتاهيون،
منزل تي مون کي ضرور پهچائينديون،
مان جي نه پهچي سگهيس منزل تي،
ٻين کي اها راهه ضرور ڏسنديون،
ڪي انسان ته اها منزل ماڻيندا،
مون کي ڪڏهن نه سي ياد ڪندا.
**

ڪُنَ

حياتي ته اها ئي اٿئي مَنَ،
عادي آهيون ڪاٽڻ لاءِ ڪُنَ.

وقت گذريو اوندهه جي وچ ۾،
آس نه پر نراس جي ڳچ ۾.

ڏکيو نه ٻيو سهي سگهياسون،
سڀ کي تسلي ڏئي هلياسون.

اسان جي وقت به هي ڏس،
گذارو هتي به ڪيوسين بس.
**

اندر جو پاتال

منهنجي اندر ۾ جي ليئو پائيندين،
تون اگر ڪڏهن مون وٽ ايندي،
توکي ڪجهه ڪين نظر اچي سگهندو،
اونهي اونده جي وڏي پاتال کان سواءِ.

مون کان جيڪر تون ڪجهه پڇندين،
تون اگر ڪڏهن مون وٽ ايندين،
مان توکي سڀ ياد ڏياريندس،
شايد رڳو تنهنجي ضمير کان سواءِ.

تون ڪڏهن مون وٽ ڪو نه ايندين،
شايد پنهنجي ضمير کان ڊڄندين،
مون کي به سڃاني ڪو نه سگهندين،
شايد رڳو پنهنجي هٺ کان سواءِ.
**

ساهه وارو

مان ماس وارو،
ازل کان ساهه وارو،
موجود گلن ۽ رنگن ۾،
بادلن ۽ جبلن ۾،
خوشبو وارين فضائن ۾،
سمنڊ ۽ آسمان جي گهراين ۾،
هن خوبصورت،
ڪائنات جو ذرو ذرو،
منهنجي وجود جو پتو ڏئي ٿو.

مون لاءِ وسيل،
ڪيئي شهر،ڪيئي ڳوٺ،
مون لاءِ هن ڌرتيءَ تي،
انيڪ رنگ ۽ جهنگ،
مان نه مرد،
مان نه عورت،
مان بي جنس،
املهه ماڻڪ انسان،
جنهن لاءِ ڌرتيءَ جي مٽي،
منهنجو پتو ڏئي ٿي.
ڪروڙين صدين کان،
مون لاءِ هيءَ ڌرتي،
وسائي وئي،
مان مايوس ۽ پراميد،
آس ۽ ذراس وارو،
ڏک ۽ سک سان،
هجومن ۾ به،
ازل کان ڀٽڪندڙ ،
تنها اڪيلو انسان،
جيڪو پنهنجو اصلي،
وجود ڳولي پيو.
**

دل جي ڳالهه

(مائي شرم خاتون لاءِ)

ڪير ٿو چوي جي پان وڇڙي وياسين،
ته پوءِ ڪا ڳالهه ڪانه ڪي هوندي،
دل جي اندر ۾ جدائي جو ڏک رهندو،
پر اکين ۾ ڪڏهن برسات ڪانه هوندي.

ڪير ٿو چوي ته پاڻ وري ڪٿي ملياسين،
ته پوءِ ڪا ڳالهه ڪانه ڪي هوندي،
ان خوشي جي وڏي پل جي باوجود،
اندر ۾ وڏي پوءِ برسات ٿيندي.

ڪير ٿو چوي ته پاڻ جدا ٿي وياسين،
ته پوءِ ڪا ڳالهه ڪانه ڪي هوندي،
دنيا جي مليل خوشين جي باوجود،
دل ته توکي هر پل پئي ياد ڪندي.

ڪير ٿو چوي ته پاڻ وري ملياسين،
ته پوءِ ڪا ڳالهه ڪانه ڪي هوندي،
ايتري وڏي رت جي ناتي جي باوجود،
دل جي ساڳي ته حالت ڪانه رهندي.
**

ڪجهه

مان ڪجهه هتي لکڻ چاهيان پئي،
پاڻ کي به ڪجهه وندرايان پئي،
دنيا کي به ڪجهه سمجهايان پئي،
غمن ۽ خوشين جا هي مسئلا،
دنيا جا ٻيا ڪيترائي سلسلا،
مان هڪ سمنڊ ۾ ڇولي جيان،
وقت گذري پيو پاڇولي جيان،
دنيا جي لاهين ۽ چاڙهين سان،
ڪن منافق انسانن سان،
مان پڄي ڪانه سگهان ٿي،
مان ڪجهه نه لکي سگهان ٿي.
**

خاموش نگاهون

خاموش اکين ۾ اهي وڇايل ڳوڙها،
ڪن ٿا دل منهنجي کي سوڙها،
ڏسي تنهنجون خاموش هي نگاهون،
نڪرن ٿيون دل مان پيار جون صدائون.

مک تي آهي تنهنجو خاموش پيار،
ڏني جنهن تي آهي دنيا ميار،
اهو تنهنجو باوقار آهي هلڻ،
ڏسي جنهن کي دل جو ڦُلڻ.

اچي دل ۾ تون سمائجي وڃ،
ذري ذري ۾ تون جذب ٿي وڃ،
تولاءِ آهن اُهي ڦهليل سَدائون،
ويران مک تي ۽ جُهڪيل نگاهون.

رهندو نه پوءِ تنهنجو مان جو وجود،
دنيا ۾ ڳوليندي اسان بي سود،
ڏسان پئي مان تنهنجي راهه،
منور کي نه آهي دنيا جي پراوه.
**

مختصر شعر

موت سان اکين ۾ اکيون تون ملائي ڏس،
ڪڏهن حياتيءَ کي داءُ تي لڳائي ڏس.
*
ڇا پئي سوچين تون اڳواٽ،
نه هيءَ منزل نه هوءَ واٽ.
*
پاتو نه مون ڪڏهن زربخت،
پوءِ به نه ڏٺو نصيب، ڪو بخت.
*
ڳهن سان ڀريل عورت،
ميڪ اپ ۾ سون جي مورت.
*
نيلامي جو وٺي پيو ٿو جيڪو مال،
ان جو اندر آهي رڳو خال خال.
*
دل جي ٿي نه ڪا سڻائي،
ڏکن جي رهي ٿي گهڻائي.
*
هر اويل هر سويل
انتظار رهي هر ويل.
**

ڀاڱو ٻيو : ڪالم (گشا)

---

(01)

ڪي واقعا اهڙا به هوندا آهن. جيڪي ذهن تان وسري نه سگھندا آهن. هر انسان جي زندگيءَ ۾ خوشگوار واقعا ٿيندارهندا آهن، جن مان ڪي ته ذهن تي چنبڙي پوندا آهن.اسان جي سنڌڙيءَ عظيم فنڪارن کي جنم ڏنو آهي. جن ۾ مرحوم استاد محمد ابراهيم به هو. مون کي يادآهي ته جن ڏينهن ۾ زبيده ڪاليج،جيل روڊ حيدرآباد ۾ ساليانو فنڪشن ٿيندو هو،مرحوم استاد محمد ابراهيم اڪثر اتي هال ۾ ويٺو ٿي نظر ايندو هو. گهڻو ڪري هر ڇوڪريءَ کي چوندو هو ته امان هي بيت پڙهي ٻڌائي. مرحوم جي فنڪار بلڪه سٺن فنڪارن جي ڳولا ۾ جاري رهي ۽ اهائي سندس عظمت هئي.مونکي چٽيءَ طرح ياد آهي مهدي حسن آيو هو ته اسان کيس پڪڙي هاسٽل جي ماني کارائڻ لاءِ وٺي آياسون ۽ وڏي خوشيءَ سان ماني کائي چيائس ته هيءَ ماني ته ضرور کائڻي هئي، ڇو جو ايتريون منهنجيون نياڻيون ماني کائن ته اتي مونکي ڪهڙو اعتراض.
اسان گھڻو ڪري پنهنجن فنڪارن جو قدر ايترو ته ڪندا آهيون، جيتري قدر اهي ان جا مستحق آهن. مونکي وري ناخوشگوار واقعو به ياد آيو ته ميڊيڪل ڪاليج جي جلسي ۾ جڏهن مرحوم استاد مصري خان جمالي الغوزو وڄائن آيو ۽ اڃان ٿورو وقت ئي مس ٿيو ته اتي جي هڪ ڊاڪٽر صاحب کي الغوزو نه وڻيو ڇو ته هو فلمي گانن جو شوقين هو، سو ان الغوزو اڌ ۾ بند ڪرائي سندس پسنديده ڪاليج گلوڪاره کي فلمي گانو ڳائڻ لاءِ سڏيو. اسان جا اُهي فنڪار دل جا سادا هئا ۽ مرحوم استاد به چپ چاپ اٿي ويو ۽ مان به اٿي ويس، مان اڄ به جتي مرحوم استاد مصري خان جو نالو ٻڌندي آهيان ته مونکي اهو واقعو ياد ۽ ان سان ڪيل خراب سلوڪ ياد ايندو آهي ۽ هڪ عظيم فنڪار سان جيڪو ٿيو سو ياد ايندو آهي.
منهنجو ڀاءُ بابر آمريڪا مان اڄ ڪالهه هتي آيل آهي، سو ان مونکي چيو ته آپا هي جلال چانڊيو ڪير آهي؟جيڪو مونکي دوست ملي ٿو، سو چوي ٿو جلال چانڊيو جا گانا ٻڌ. مون چيو مانس ته پاپ ميوزڪ کي سنڌي پاپ ميوزڪ سمجهي، پر مونکي يقين آهي ته جلال چانڊيئي کي به انگريزي گانا ياد ڪرائي آمريڪا موڪلجي ته اتي يڪتاري تي پنهنجي مخصوص سنڌي لهجي ۽ انداز ۾ ڳائي ته انگريزن کان پاپ وغيره سڀ وسري ويندو.
اسان جا مرحوم فنڪار ۽ اهي فنڪار جيڪي پنهنجي عمر ۾ بيماريءَ جي ڪري هاڻي ڳائي نٿا سگھن. مان فنڪار لفظ جو دائرو وسيع ٿي ڪريان ته اديب مصور مطلب ته فنون لطيفه جي هر شعبي جا مهندار، انهن لاءِ اسان ڇا ڪيو آهي؟
مان پنهنجي حيثيت اهڙي ته ڪانه ٿي سمجھان، جو پاڻ وڏن کي ڪو به مشورو نه ڏيان، پر هڪ تجويز منهنجي ذهن ۾آهي سنڌالاجي ۾ سائين الانا جي هٿ هيٺ هڪ ٽرسٽ قائم ڪئي وڃي ۽ ان جي ايڊريس فارم ۾ ڏني وڃي. ان ايڊريس تي هر شاگرد هڪ رپيو ۽ هر ملازم 5 رپيا ۽ سيٺ يا زميندار ڏهه رپيا هر مهيني يا هر هفتي مني آرڊر ڪري. سئو رپيا يا 5 رپيا ڪا اهڙي وڏي ڳالهه نه آهي. اسان روز الاجي ڪيترا پئسا ائين به وڃائيندا آهيون. پوءِ ان مان اسان پنهنجن انهن عظيم انسانن جي مدد ڪيون، جن پنهنجو آواز، پنهنجو ذهن، پنهنجا هٿ ۽ رت ست ڏئي، اسان کي ٻين قومن جي برابر بيهاريو آهي.
اسان پنهنجي اُن عظيم ورثي جي شايد ڪا ان طرح خدمت ڪري سگھون ۽ سنڌي ٻوليءَ کي ڪجهه جيئڻ جي لائق ڪيون. توهان ۽ مان اهو چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا ته سرڪار سطح تي اهو سڀ ڪجهه نٿو ٿي سگھي. سو اسان کي پاڻ ئي اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ کپي ته مان چاهيان ٿي سنڌالاجي مان مرحوم فنڪارن جي ٻولين کي ماهوار وضفيو ملي، بيماري ۽ ڪسمپرسي وارن جو ڪو به تدارڪ ٿي سگهي. اسان وٽ جيڪي نوجوان ڊاڪٽرآهن،سي پنهنجن ڪلينڪن ۾ فنڪارن کي مفت ڏسن ٿي سگھي ته انهن کي دوائون به مفت ڏين.توهان اسان ڄاڻون ٿا ته ڊاڪٽرکي دوائن جا ڪافي سيمپل مفت ملنداآهن، جن مان سندن پرائويٽ ڪلينڪون هلن ٿيون. سو خدا سندن روزي ۾ وڌيڪ برڪت به وجهندو ۽ ائين ڪرڻ سان سندن ڪمائي ۾ ڪا ڪمي ڪا نه ايندي.
اميد ته منهنجين تجويزن تي ڪجهه غور ڪيو ويندو.

(02)

ادا (عمرالدين بيدار) الائجي ڇو مون کي هڪ عدد ڪالم يا نثر لکڻ تي مجبور پيو ڪري، مون کي ابن انشا، امر جليل ۽ ابراهيم جليس جا ڪالم ڏاڍا وڻندا هئا. باقي رسالي ۾ ڪڏهن به ڪالم نه پڙهيو اٿم . هيءَ مون طرفان نئين جدت آهي. پر جئين ته مان نثر لکڻ ۾ پختي نه آهيان ۽ سست به آهيان، سو مون نالو ئي”گشا“ تجويز ڪيو آهي. ادا عمر مونکي موضوع ڏنو آهي. ”سماج“ تي لکان. لکڻ کان اڳ پرکڻ ۽ ڏسڻ ان شيءِ کي ضروري آهي. سو مون به سماج جي ڳولا شروع ڪئي، پر منهنجي بدقسمتي جو ساڻس ملاقات اڃان تائين ڪانه ٿي سگهي. سڀ ماڻهون مون تي لکڻ لڳاته مان سماج کي ڳولڻ يا ڏسڻ چاهيان ٿي. بهر حال خبر پئي ته تحقيقات ٿي ته سماج بي جسم، بي رنگ، بي پوءِ ٿيندو آهي. مطلب ته سندس ڪو نه مهانڊو نه هوندو آهي، نه ئي سماج ۾ ڌپ آهي نه ئي خوشبو، سو اها ٿي هڪ سائنسي طريقي واري ڳولا!
سماج جي پرک مختلف انسانن مان پوندي. مثلن ڪي مون جهڙا جيڪي نه ڪم جا نه ڪار جا پر دشمن اناج جا. جڏهن ڪجهه ڪري نه سگهندا آهن تڏهن سماج کي گاريون ڏيندا آهن، ڇوجو ان مان جواب ملڻ جي اميد يا موچڙن جو ڊپ نه هوندو آهي. يا وري وڏا وڏا ماڻهون جيڪي قد ۾ گھٽ پر پيسي ۾ گھڻا هوندا آهن سي سماج جو مان مٿي ڪندا آهن. پر سماج تي جيئن گاريون جو اثر نه ٿئي، تيئن سندس مان وڌائڻ مان به ڪو فائدو نه ٿيندو آهي. پر اسان جي پر خلوص ڪوشش هوندي آهي ته اسان سماج جو نڪ مٿي ڪيون يا پنهنجو نڪ به مٿي ڪيون. خبر ناهي انسانن جي تصور ۾ سماج جي نڪ جو نقشو ڪهڙو آهي پر مونکي ته ائين ٿو لڳي سماج جو نڪ نه ٿيو نه ڪو بجلي جو بٽڻ ٿيو، جو جڏهن دل چوي ته ان کي هيٺ مٿي ڪجي، جيئن اسان خوشفهمي ۾ مبتلا ٿي بجلي جو بٽڻ کوليندا آهيون يا آن ڪندا آهيون ته بجلي ايندي پر بجلي ڪونه ايندي آهي. باقي اهو بٽڻ کليل وساري توهان آفيس ويندا ته پويان سڄو ڏينهن بجلي ٻرندي رهندي آهي پرآفيس مان موٽندي ميڻ بتين جو پئڪيٽ ضرور وٺي اچجو ڇو جو اندر گهر ۾ گهڙندي ئي بجلي جيئن ئي توهان جي پيرن جو آواز ٻڌني تيئن ڀڄي ويندي . سو ٿي سگھي ته سماج کي نڪ به هجي جو اسان گھمائي ڦيرائي سماج جي نڪ کي پڪڙيندا آهيون.
تحقيق مان اها خبر به پئي ته سماج کي ڀتيون يا ديواريون به هو نديون آهن. وڏي ۾ وڏي ديوار ته ديوار چين آهي جيڪا چنڊ تان به نظر ٿي اچي، مان ڪونه ٿي چوان باقي جيڪي چنڊ تي ويا آهن اهي ٿا چون! سو، سچ يا ڪوڙ سندن نيت. باقي جڏهن تي مان ويندس تڏهن پوءِ ڏسنديس ته اهو صحيح آهي يا غلط، باقي مان ڪنن ٻڌيءَ تي اعتبار ڪونه ڪندي آهيان. ٻيون ديوارون ڪچيون ۽ پڪيون هونديون آهن، ڪچيون ڀتيون غريب جون ۽ پڪيون ڀتيون سرمائيدار جو ٿينديون آهن. سماج جي ڀتين کي ڀڳو به ويندو آهي جيڪو In ۽ Out جي حساب سان ڪيرايون وينديون آهن. پهرين اسان In کي وٺون. مثال طور وڏيرو پنهنجي ٻنيءَ جو گشت ڪندي پنهنجي ڪڙميءَ جي سهڻي زال کي ڏسندو آهي. اوچتو اهو ڪڙمي ڏهه سال پراڻي خون جي الزام ۾ جنم ٽيپ ڪاٽڻ جيل ۾ ويندوآهي. پويان ڪڙميءَ جي ويچاي زال جو ڌڻي سائين جيئن ته تمام رحمدل هوندو آهي بلڪه پنهنجي حويلي ۾ رهائيندو آهي ويچاري هن وڏي جهان ۾ ڪاٿي وڃين ڌڪا کائين! سو،صبر سان اتي گذارينديون آهن. هوڏانهن ڪڙميءَ کي ٿورو عقل اگر پوليس جي جٺ کانپوءِ به ڪو رهجي ويس ته احساس ٿيندو اٿس يا پهريون دفعو اهو انڪشاف ٿيندو اٿس ته سندس زال سهڻي هئي ، پر جي مون وانگر صفا ڀوڪ بصر هوندو آهي ته وڏيري جو شڪر گذار ٿيندو آهي جو سندس گهر وارن جي سار سنڀال پيو لهي. هن نفسانفسيءَ جي دور ۾ به ۽ هي سماج جون ڀتيون In جي حساب سان ڀڳيون ويون.
هاڻين Out تي اچو. ۽ ان جو مثال جرائتمندي سان ملائبو آهي. مثلاَ هڪ امير جي سهڻي ڌيءَ اوچتو هڪ غريب جي ٻيڙي ٻوڙڻ لاءِ عاشق ٿيندي آهي. ماڻنس پڻس پنهنجي ڌيءَ کي گھڻو ئي سمجهائيندا آهن، هوءَ سندس چونڊيل وڏي ماڻهون سيٺ فتو ڀائي ولد نٿو ڀائي سان شادي ڪري. باقي رهيو غريب جي آئيڊيل جو، سو سيٺ ڦتو ڀائي ولد نٿو ڀائي ٻن چئن سالن اندر شادي کانپوءِ غريب ٿي ويندو پر جيئن ته ان ڇوڪريءَ تي عشق جو جن مغز تي ويٺل هوندو آهي سو رات جو آڌيءِ مهل سماج جي ديوار Out جي حساب سان ٽپي ويندي آهي. ٻن يا چئن ڏينهن کانپوءِ اها ڇوڪري ته مائٽن کي ملي ويندي آهي ۽ سندس اک به کلي ويندي آهي. پرسيٺ فتو ڀائي ولد نٿو ڀائي سان ڪلاڪ اندر شادي ڪري وٺندي آهي. غريب ويچارو مائٽن کي سڄي عمر نه ملي سگھندو آهي ۽ مائٽن جون اکيون روئي روئي پورجي وينديون آهن.
سماج جو ٺيڪيدار به ٿيندو آهي جيڪي گھڻو ڪري اليڪشن جي وقت ۾ ظاهر ٿيندا آهن ۽ سندس ٽينڊر به انهن ڏينهن ۾ کلندا آهن. پيرل پيارو جڏهن فجر جي نماز پڙهي تغاري کڻڻ لاءِ سنبرندو آهي ته اچتو سندس در تي کڙڪو ٿيندو آهي. ٻاهر وڏي ڪار ۾ سيٺ دادان خان جيڪو ٻه ٽي سال اڳ داداگير هوندو هو سو ووٽ وٺڻ يا پيرل پياري جي هيءَ دنيا ۽ عاقبت سنوارڻ چاهيندوآهي ۽ اليڪشن کانپوءِ پيرل پياري کي ڪونه سڃاڻندو آهي.
سماجي ڀلائي جا ڪم به ڪيا ويندا آهن، جيڪي گھڻو ڪري وڏن اميرن جون سهڻيون زالون ڪنديون آهن. جن ۾ سندس سونهن جو گهٽ، ميڪ اپ جو وڏو ڪمال هوندو آهي. ايتري قدر جو رات جو سمهڻ کان اڳ به ميڪ اپ ڪري پوءِ سمهنديون آهن ڇو جو سندن اصلي منهن مبارڪ، اگر سندن مجازي خدا، جي ڏسي وٺِي ته جيڪر هاءِ گوڙا ياوري يا حسين چئي آڌيءَ جو سليپنگ سوٽ ۾ روڊ تي نه نڪري اچي. اهي مايون ولائتي عطر ۾ ٻڏل رومال نڪ تي رکي ڌپ وارين ننڍين گهٽين ۾ وينديون آهن ۽ فوٽو ڪڍرائي اينديون آهن.
کين پنهنجي ٻارن کان وڌيڪ ٻين جي ٻآرن جو فڪر هوندو آهي ڇو ته سندس ٻار وڏي لاڏ ڪوڏ سان نوڪرن جي هٿن ۽ ڪتن سان پلبا آهن. سندس اڪثر مختلف رنگين فوٽو فلمي هيروئن وانگر اخبارن ۾ چڀنداآهن. ڏهن هزارن جي ساڙهي پائي سادگي تي لکيل تقرير پڙهنديون آهن. ٻين جي اولاد لاءِ هر دم تيار هونديون آهن پر سندن مائٽ ٽڪي جي محتاج هوندا آهن.
سماج جو ديوارين تي چڙهي پاڙي واريون ٻارن جي ڳالهه تي جھيڙا به ڪنديون آهن. سندس گهر وارا جڏهن آفيس موٽندا آهن تڏهن زالن جي چوڻ تي گھٽيءَ ۾ دنگل ڪندا آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن ان ۾ بورچيخاني جو چاقو به استعمال ٿي ويندو آهي. بس واه سماج تنهنجي لئه! تون نظر به ٿو اچين ۽ اسان دنيا تنهنجي نالي تي پيا هلايون هيءَ دنيا!! مان به توکي سلام ٿي ڪيان!!

اديون رسالو
ڊسمبر 1981ع

(03)

سنڌ جي عورتن گذريل ڏهن سالن کان وٺي تعليمي ۽ هنري ميدان ۾ چڱي ترقي ڪئي آهي. مان مڪمل ته نه چوندس باقي چڱي خاصي ضرور چوندس ، هاڻين گهٽ ۾ گهٽ ڪنهن نياڻي جو اسڪول ڪاليج ۾ پڙهڻ عيب نٿو لکيو وڃي. توهان سنڌي عورتن کي ميڊيڪل، انجنيئرنگ سان گڏوگڏ ٻيين مختلف شعبن ۾ به ڏسي سگهو ٿا. هڪ نياڻي جيڪا ٻاهر نڪري پڙهي ٿي ۽ پنهنجي روايتن سان گڏوگڏ جيڪا پنهنجي خاندان جي عزت جو خيال رکي ٿي،اها نياڻي لائق تحسين آهي. ڇو جو اسان وٽ مشرق ۾ عورت هڪ مقدس هستيءَ جو نالو آهي ۽ اهو تصور صدين کان اڄ تائين به هلندوٿو اچي ۽ خدا ڪري ائين قائم رهي. دنيا ۾ جيئن ته ذهني بيداري ڏاڍو تيزيءَ سان اٿي رهي آهي ته بيداريءَ ۾ اسان جي سنڌي عورت به پوئتي نه آهي. هي ڳالهه رڳو هاڻوڪي زماني سان ٺهڪي ڪانه ٿي چي پر جڏهن عورت جو ٻاهر نڪرڻ معيوب لکيو ويندو ته اسان وٽ پردي ۾ ويهي عربي فارسي جي تعليم به پرائي ۽ اسان اڄ ان پراڻي دانشور ۽ تجربيڪار عورت جي نئين زماني جي يونيورسٽين جي قابل ڊگري يافته عورت به ان جو مقابلو نٿي ڪري سگهي . ڇوجو پراڻي عورت چاهي ٿوري گهڻي پڙهيل هجي يا جاهل اها پنهنجي زندگي کي نهايت عقل، باريڪ بيني ۽ ٻين جي تجربي جي روشني ۾ ڏسندي هئي. پر اڄ ڪالهه معاملو ان جي برعڪس آهي. اڄ جي ڇوڪري پڙهي ٿي. باقي ڪڙهي ڪانه ٿي ۽ اهو حقيقت ۾ جيڪو اڄ معمولي مسئلو آهي، سو ڏاڍي تيزيءَ سان وڌندو ويندو ۽ اسان جي ثقافت ۽ اسان جي جيڪا پنهنجن روايتن ۽ خانداني قدرن جي سڃاڻپ آهي، ان کي کائي ويندو. مان ڪنهن تي ذاتي ٽوڪ نٿي ڪريان. پر مان سنڌ جي نياڻين کي سندن زندگيءَ جي هر نئين قدم اڳتي وڌائڻ جي سوچ جي دعوت ٿي ڏيان. جنهن جو فقدان ٿيندو پيو وڃي ان تي جذباتيت غالب ايندي پئي وڃي.
هڪڙو پهاڪو مونکي ياد پيو اچي ته ”تر جي گٿي سو چوٽون کائي“ ۽ اهو پهاڪو انهن نياڻين لاءِ آهي جيڪي غلط قدم ٿيون کڻن پوءِ سڄي عمر پڇتائين ٿيون. مان کُلي طرح هاڻي ان مسئلي جو اظهار ڪيان ته ڪي ڇوڪريون ڪاليجن، يونيورسٽين ۾ پڙهندي ڪنهن نه ڪنهن مرد کي پسند ڪن ٿيون ته مائٽن کي ايتري به مهلت نٿيون ڏين جو اهي ويچارا ان ڇوڪري بابت پڇا ڳاڇا ڪن ۽ ان جلد بازي جو نتيجو اهو ٿو نڪري ته يا ته اهو مرد انهن کي ڇڏي ٿو ڏي يا وري ٻارن سان گڏ مڙس کي به پالڻو ٿو پوي يا وري اهو اڳي ئي شادي وارو هوندو آهي سو پنهنجي ڪمائي ته پهرين زال کي موڪلي ٿو (جيڪي سندس پهرين زال ٻارن جو حق آهي) ۽ پاڻ ٻئي زال جي ڪمائيءَ تي هلي ٿو.
اڪثر ڪي ڇوڪريون اهڙي مرد سان به شادي ڪن ٿيون، جيڪي اڳي ئي شادي وارا هوندا آهن اهي مرد اڪثر ڪري پنهنجي ذهني سڪون، يا زال وڏي عمر جي آهي، يا وري زال ڄٽ آهي، جو جواز پيدا ڪري ٻي شادي ڪن ٿا ۽ ڇوڪريون به بنا ڪنهن سوچ جي ته اهو مرد جيڪو پهرين زال کي آساني سان ڇڏي پيو، پوءِ سڀاڻي توهان کي به ڇڏيندي دير نه ڪندو، سوان سان شادي ڪن ٿيون.چوندا آهن ته عورت ئي عورت جي درد کي سمجهي ٿي، پر اڄ جي عورت رڳو پاڻ لاءِ به نه ٿي سوچي ٻي عورت جي درد کي سمجهڻ جي ڳالهه ته وڃي کڏ جي تري۾ پوي.
هوءِ ته رڳو اهو ٿي سوچي ته هي مرد چوي ٿو ته مان شادي کانپوءِ پنهنجي پهرين زال کي ۽ ماءُ ڀيڻ کي ڪونه پڇندس. اهو سوچي خوش ٿئي ٿي اها سوچ يا دورا انديشي هن جي ذهن تي ڪو نه ٿي اچي ته جيڪو مرد پنهنجي رت کي ڇڏي پيو، سو تنهنجي ڪهڙي پرواهه ڪندو؟
تعليم يافته عورت، مرد تي Depend ڪرڻ ڇڏي ڏئي، بلڪه پنهنجي ذاتي اعتماد تي زندگي بسر ڪري، شاديءَ کي هرو ڀرو پنهنجو اهڙو مسئلو نه ڪري ته شادي کانسواءِ زندگي بسر ڪونه ٿيندي. اڄ جي ڇوڪري پنهنجي ماءُ پيءُ يار ڀائرن بار نه آهي، هوءَ پاڻ ڪمائي ٿي. باقي رهي شادي سان به سوچي سمجھي ڪري. اڄ سٺين ڇوڪرين لاءِ سٺيون مائٽيون سندن در تي هلي اينديون آهن، دنيا اڃا ته ڪن چڱين ڳالهين تي هلي پئي. اُميد ته منهنجون سنڌي ڀينرون منهنجو ڪالم پڙهي ٿوري غور و فڪر جو مادو پنهنجي اندر پيدا ڪنديون ۽ سٺي زندگي گذارينديون.
ائين نه جو وري مائٽ پنهنجن نياڻين کي تعليم کان محروم ڪري ۽ عزت خاطر ٻاهر نه ڪڍن، ائين وري اسان تعليم ۾ پوئتي پئجي وڃون ويا وري پڙهيل ڇوڪري جي عزت واري حيثيت نه رهي.
اديون رسالو
اپريل 1982ع

(04)

اڄ ڪالهه پردو ويچارو بحث ۾ ڦاٿل آهي. مان ته پردي جي ڦاٿل آهيان، سو جيڪي ڀائر منهنجو هي ڪالم پڙهن، سي برقعو پائي پڙهن! پردي جي تاريخ ته پراڻي آهي ته پردي ۽ عورت جو وجود به صدين کان هڪ ٻئي جو لازمي حصو آهي. عورت جو احترام به هر مذهب ۾ آهي پر ان تي عمل گھٽ ٿيندو آهي. جيڪڏهن ان تي عمل ٿيندوآهي. ڪڏهن ان تي عمل ٿيندو اچي ها جيڪو قلو پطره قلو پطره نه هجي ها پر مائي شريفان قلو فطره هجي ها، جنهن جو ذڪر تواريخ ۾ ادب سان هجي ها. يعني ته مائي ڏاڍي حيادار ۽ اشراف هئي ۽ سيزر تي اهڙي فدا هئي جو ان جي قتل بعد سر ڏنائين. ليليٰ مجنو يا ٻيا داستان به نهايت پاڪ داستان هجن ها ته محترمه مسمات ليليٰ جڏهن مجنونءَ جي زوجيت ۾ آئي تڏهن مجنون ان تي عاشق ٿي پيو، جڏهن اها خبر اوڙي پاڙي کي پئي ته ٻين ماين کي ڏاڍو ساڙ لڳو ته سندس مڙس مجنون جهڙا ڇو نه هئا؟ نيٺ مردن ميٽنگ ڪئي ۽ پاڙي جو دانشور مورک جيڪو ”مورک“ هو، ان کان صلاح پڇي وئي، ان کي وري سندن عشق جو داستان روزانه ”فساد“ ڇپرايو . ليليٰ جي پيءُ کي جو خبر پئي تڏهن اچي عزت جو معاملو پيدا ٿيو، پر ليليٰ وات وڪيل ٿي ”ڌيان طلب“ فساد ۾ شايع ڪرائي هلي وئي ته کيس ڪنهن برغلايو نه هو. بس، هوءَپنهنجي رضا خوشي سان پنهنجي پيءُ وٽ وڃي پئي. پوءِ خبر پئي ته مجنون هميشه لاءِ رڻ پٽ ۾ ان دانشور مورک کي ڳولي پيو! سو اهڙي قسم جا پاڪيزه داستان ٿين ها.
مان ٻاهر ڪو نه نڪران سو عورت ڪانفرس به ڪونه ويس. منهنجي ڀيڻ اڪرم کي اها شڪايت هئي، پر مان جيئن ته برقعو پايان ڪانه پر آهيان پردي جي پابند، سو اتي جيڪي منهن اگھاڙي مرد آياسو ڀلا ڪيئن تو ٺهي اتي مون کي وڃڻ. مردن کي اگر پردي پويان بيهارجي ها ته ان تي به غور ڪيان ها.
بنا برقعي هڪ سهوليت اها آهي ته ڇوڪريءَجي چڱي طرح خبر پئجي وڃي ٿي ته سنهي آهي، ٿلهي آهي يا ڇوڪري وانگر ڇوڪرو آهي.... ڪراٽو به ته، باه ڏيانس، اڄ ڪالهه عام آهي! هونئن ته مونکي آمريڪا جون عورتون به پاڪستان مردن جيان لڳنديون آهن. عورت جو تصور آهي ته نازڪ شيشي جيان هجي ۽ وزن ٻن گلاب جي گلن ۾ تُري. پر اُهي گل لوهه يا شيهي جا ٺهيل ته هجن، ان ڪري ڊائيٽنگ جو رواج به آهي . اسان جي گهر، شاديءَ ۾ جيڪي مايون آيون، سي سڀ گھڻو ڪري زميندارن جو زالو ن هيون، انهن امان سان ۽ امان انهن سان شڪايت ڪئي ته ڇوڪريون اسان جون ماني ڪونه ٿيون کائين. ماميءَ لياقت کلي چيو ته اسان زميندار آهيون سو اَنَ جي بچت ٿيون ڪن. مرد چون ٿا ته عورت کي عقل کُڙيءَ ۾ آهي شايد، تڏهن عقلمند ڇوڪريون وڏي کڙيءَ وارا سينڊل پائينديون آهن ته جيئن سندن عقل جي ويجهو ڪير نه اچي. اها به ڳالهه مرد چوندا آهن ته رات جي وقت عورت جو اهو عقل به هليو وڃي ٿو! ظاهر آهي ته سينڊل سميت ته ماڻهون بستر تي نٿو سمهي سگھي، سو سينڊل لاهي باقي ويلڻ يا ڪپڙن ڌوئڻ جي سوٽي ڀرسان عقل لاءِ رکي گھڻيون زالون سمهنديون آهن ۽ رات جو آڌيءَکانپوءِ جڏهن سندس مجازي خدا رُلي پني ماني کائن لاءِ گهر ايندو آهي، تڏهن ان کي پنهنجي عقلمندي جو مظاهرو ڏيکارينديون آهن. اهڙن مردن کي کپي ته زالن کي پگهار گهٽ ٻڌائين يا اوور ٽائيم ڪن ۽ هوٽل تي ماني کائن ۽ گهر جي ماني جي پرواه نه ڪن . سال کن ٿيو ته نوابشاهه ميڊيڪل ڪاليج جي موڪل ٿي ۽ ڇوڪريون هاسٽل سان سامان ٻڌي گهر وڃڻ لڳيون. توهان کي اها به خبر هوندي ته نوابشاهه ۾ نامحرمن جو انجنيئرنگ ڪاليج به آهي، سو اُهي به ويگن ۽ بسن ۾ وڃڻ لڳا، اتي هڪ آفيسر جيڪو نهايت ديندار هو، ان کي ڳالهه نه وڻي ، سو، بس روڪي ڇوڪرين کي چيائين ته توهان سڀ برقعو پائي اچو. اتي وات ڳاڙها ڇورا ان سان بحث ڪرڻ لڳا ته هي مستقبل جو ن ڊاڪٽرياڻيون آهن. سو اُهي برقعو ڪيئن پائينديون؟ جڏهن ان آفيسر ڇوڪرين کي بس مان لاهي ڇڏيو تڏهن اتي هڪ ڇوڪر چوڻ لڳو ته ڀلا، هي ڇوڪريون برقعو نٿيون پائين ته اسان ئي ٿا پائي اچون.
اڄ ڪالهه ان ڳالهه تي ويچار پيو ٿئي ته زناني يونيورسٽي الڳ هجي، پر ان تي ڪراچي يونيورسٽي جي ڇوڪرين کي هڪ اعتراض آهي. چون، سندن ته يونيورسٽي ته اڳ ۾ ئي ڇوڪرين جي آهي، ڇو جو ڇوڪرن جي ڀيٽ ۾ ڇوڪريون گهڻيون آهن، ها باقي رهيو ڇوڪرن جو مسئلو ته بيشڪ انهن جي يونيورسٽي جو الڳ بندوبست ٿيڻ کپي نه ته ڇورا رُلي خراب ٿي ويندا.
شرم، حيا عورت جو زيور آهي ۽ ان زيور جي تلاش ۾ عورتون مختلف زيور ٺهرائينديون آهن، پر شرم حيا ته مرد کي هجي. ڇو جو هر مرد ۾ اهو هئڻ ضروري به آهي ۽ ڪم به ايندو آهي. مثال طور اهو ته عورت شاديءَ وقت شرمائيندي آهي، ان کانپوءِ گهوٽ جي شرمائڻ جو وارو هوندو آهي، ويچارو قرضين کان شرمائيندو آهي، ان سان گڏ ساهرن جي گهر اچڻ کان به شرمائيندو آهي، جيڪي گھڙي گھڙي ايندا آهن ائين پڇاڙي م خلق خدا کان به شرمائيندو آهي،اها خلق خدا کيس اولاد جي صورت م به ڏيندو آهي. مطلب ته شاديءَ کانپوءِ گھوٽ جا والدين گھوٽ کي ڏسڻ لاءِ ساهرا ناٺيءَ کي ڏسڻ لاءِ ٻارڙا پيءُ کي ڏسڻ لاءِ سڪنداآهن. ويچارن جو پيءُ رات ٻارهين کان پوءِ ايندوآهي، ڪڏهن ڪڏهن مهيني جي پهرين تي ويچارن کي ديدارن کي ڪرائيندو آهي.ادا عمر جي لاءِ صلاح اها آهي ته ”اديون“ رسالو، جيئن ته عورتن جو آهي، ته ايڊيٽر ڀاڄائي هجي ها. ٻانهن ٻيلي پاڻ ڀلي هجي ۽ مواد به صرف عورتن جو هجي نه ته برو وقت پڇي ڪونه ايندو آهي. مان همدردي ڀاءُ سان رکان ٿي، سو اها کيس سهڻي صلاح ڏيان ٿي. يا مرد ، جيڪي لکن ته ان تي وڏن اکرن ۾ اها هدايت هجي ته اُهي مواد نياڻين کي نه پڙهڻ گهرجي ته جيئن ڀائر گهر رسالو آڻڻ کان اڳ اهي پنا ڦاڙي کيسي ۾ وجھي ڇڏين جيئن مردن جو پردو رهجي اچي.

جون 1982ع

(05)

زندگي جا مختلف مرحلا ٿين ٿاسو ان ۾ هڪ مرحلو شادي جو به آهي. شادي ڪن لاءِ خانه آبادي ڪن لاءِ تعدي ٿيندي آهي ڇوجو بدقسمتي سان سندن گلي ۾ هچا پئجي ويندي آهي. هر گهر ۾ جڏهن ڇوڪرو 25 سالن جو مس پهچندو آهي ته اُن کي پرڻايو ويندو آهي، ڇو جو دنيا جا سڀ کيب کٽي چڪو هوندو آهي. مطلب ته ڪاغذي ڊگري ۽ ڪاغذي نوڪري حاصل ڪري چڪو آهي، سو باقي رڳو پرڻو کپي. گهرن ۾ ڇوڪرين جي شاديءَ جو سعيو ته جلدي مائٽ ڪندا آهن، پر سڪيلڌو کين ياد ڏياريندو آهي ته کيس به ڪنوار کپي. بهرحال ان مرحلي مان نه چاهيندي به گھڻا ماڻهوپار پوندا آهن ڪي ويچارا اها حسرت دل ۾ کڻي وڃي حورن سان دل وندرائيندا آهن.
سو ان تي مان پنهنجو ڀاءُ نادر جو ذڪر ڪيان ڇو جوکيس شاديءَ جوڏاڍو شوق آهي، سندس هڙئي دوستن پرڻجي ويا آهن، پر پاڻ ويچارو اڃان اڪيلو آهي. گذريل مهيني سندس پرڻيل ٻه چار دوست ٽنڊي آدم آيا سو انهن کيس پنهنجي ازدواجي زندگي جو ايترو ته ڀيانڪ نقشو چٽي ٻڌايو جو ويچاري جو شوق جا جذبا ڪافي حد تائين سرد ٿي ويا. مثلاَ چيائون نه رات جو يارهين بجي کانپوءِ در هرگز ڪونه کوليندي. سندس دوست ٻڌايو ته رات جو يارهين بجي اسان گهر واپس پئي وياسين ته اسان جي گهر کان ٿورو اورتي پوليس جي گاڏي ،جيڪا اسان کي ڳولي رهي هئي. زالن رپورٽ ڪئي ته هي ٻئي بندا گم ٿي ويا آهن. اهڙيون ٻيون به ڳالهيون جهڙوڪ سس ننهن جي جهيڙن جون وغيره وغيره.
دوستن چيس ته جيترو وقت اڪيلو آهين اُهو سٺو آهي، باقي جي مصيبت ته هونئن به گلي ۾ پوڻي آهي. انهن ڇوڪرن اهو به چيو ته زالن جون سڀ فرمائشيون به پوريون ڪيون پوءِ به انهن کي اسانجي پرواه نه آهي. اڄ ڪالهه جون زالون پنهنجي مڙسن کي پنهنجي سينڊل جو ڪوڪو ٿيون سمجھن. جزاڪ الله عورتن ايتري ترقي ڪئي آهي! اها مونکي هاڻين خبر پئي، ڪو زمانو هو، مرد پنهنجي زال کي پير جي جتي سمجھندو هو.
شاديءَ تي ظاهر آهي ته ٿورو گھڻو خرچ به ٿيندو آهي ۽ امير ان وقت شان و شوڪت جو اظهار ڪندا آهن . ڪي ماڻهون هڪ کان وڌيڪ به شادي ڪندا آهن ۽ پنهنجي ٻيڙي پاڻ ٻوڙيندا آهن. جيڪو ماڻهو پنهنجي گهر جي دروازي مان بندوق جي گوليءَ وانگر ٻاهر نڪري ته سمجھو ته سندس گهر ۾ هڪ کان وڌيڪ زالون آهن. هونئن به شريعت ۾ چار شاديون جائز آهن، سو خاص ڪري امير ماڻهون ان جي پابندي ڪندا آهن. وڏيرن وٽ ته هر سال چوٿين شاديءَ جي جاءِ خالي ٿيندي رهندي آهي ۽ سندس مرڻ کانپوءِ ملڪيت ننڍڙن ٽڪرن ۾ ورهائجي ويندي آهي ۽ پويان پيءُ جي قبر کي پيا پٽيندا آهن يا وري پيءُ جي زماني جي عيش کي ياد ڪري ٿڌا ساهه ڀريندا آهن. وڏيري جي ڳوٺ جي مولوي صاحب جي ٻارنهن ئي مهينا لئه هوندي آهي، هر ڪڻڪ تي وڏيرو پاڻ پرڻجندو آهي ۽ ڦٽين تي سندس ڪو نه ڪو فرزند شادي ڪندو آهي. ننڍن فصلن تي به عيش ٿيندو آهي ويچاري هاريءَ جي پگهر جو پورهيو ڪراچي،لاهور يا ڪوه مري ۾ پيو خرچ ٿيندو آهي.
چون ٿا ته ڪنهن وڏيري پنجين شادي ڪئي..... ”اڙي ڀيڻان هي ڇا؟“ سڄي ڳوٺ ۾ اهو چوٻول پئي هليو. نيٺ آخر ويچاري بيزار ٿي مولوي صاحب کي گهرائي چيو ته: ”مولوي صاحب مان ته هنن جاهلن مان اچي ڦاٿو آهيان. هنن اڻپڙهيلن ڄٽن کي ڪهڙي خبر ته شريعت ڇا ٿيندي آهي؟ پهرين انهن کان اهو پڇو ته قرآن شريف ۾ ڇا لکيل آهي؟ مونکي ته مجبوري ٿي پئي سو نڪاح ڪيم . مون واري پهرين زال اڄ سڀاڻي تي مرڻ واري آهي ڊاڪٽر ته گھڻا ڏينهن اڳ جواب ڏنو آهي سو مان ڪو ان کي گھٽو ڪونه ڏيندس تون مولوي صاحب هنن جاهلن مان منهنجي جند ڇڏاءِ.“
شام جو وڏيري جي اوطاق تي ڳوٺ جمع ٿيو ته مولوي صاحب چيو ته: “توهان کي خبر هوندي ته اسلام ۾ چئن شادين کان وڌيڪ جي اجازت نه آهي، پر وڏيري اهو ڪم ڪيو آهي ته اهو سمجهو ته وڏيرو مسلمان نه آهي ڪافر آهي.” وڏيرو به خوش ته ڪير ڪافر چوڻ سان ڪافر نه ٿيندو آهي ۽ ڳوٺ وارا به خوش ته وڏيرو ڪافر آهي مولوي صاحب فتويٰ ڏني آهي. ڪجهه ڏينهن سندس زال گذاري ويئي ته وڏيرو ٻيهر مسلمان ٿي ويو.
شادين ۾ واپار به ٿيندو آهي،امير گهر جي ملڪيت گهر ۾ رکندا آهن توهان ڀلجي به سندس اولاد کي ملڪيت نه سمجهجو بلڪه اصلي مال ملڪيت هوندي اٿن. يا وري حصاب ڪتاب سان شادي ڪنداآهن مثلاَ سيٺ فتو ڀائي ڌيءَ پرڻائي ته پنج لکن جو ڏاج ڏنو ۽ پنهنجو پٽ اتان پرڻائيندو ، جتان پنجن لکن جي ڏاج سان گڏ پٽ کي خاص سلامي ٻن ٽن لکن ملندي. اسان جهڙا مسڪين ته نوٽ ايترا خواب ۾ ڏسون ته اهو خواب دائمي ٿي وڃي ۽ مائٽ ڪفن پارائي وڃي کڏ ۾ اڇلي اچن. ڪي مون جهڙا ڄٽ پڙهي ڪنهن نوڪريءَ تي چڙهندا آهن ته کين سندن زال ڳوٺاڻي اچتو ئي ڪانه وڻندي آهي ۽ ذهني سڪون خاطر ٻي شادي ڪندا آهن. اها ٻئي ڳالهه آهي ته سندن اها زال پنهنجي ذهني سڪون خاطر يا ته ان ڄٽ کي ليکيندي ڪونه آهي يا ڪڏهن ڇڏي به ويندي آهي ، ڇو جو ڄٽن سان سندس گذر نه ٿيندو آهي . ڪي ماڻهون مختلف هنڌن تي مختلف نالن سان شادي ڪنداآهن انهن جو اهو يا ته مشغلو هوندو آهي ياوري بزنس، يا وري محض شوق.
بهرحال دورنگي دنيا هاڻ رنگ برنگي دنياآهي، سو ٿورو انسان کي سنڀالي هلڻ کپي نه ته ترڪي پيو ته وري نه اٿي سگھندو. احتياط لازم آهي.

اديون رسالو
سيپٽمبر 1982ع

(06)

اسان جي ملڪ ۾ تعليم يافته ماڻهون گھٽ آهن سو به پڙهيل ڪيل گهڻا اهڙا آهن ، جيڪي راتون رات امير ٿيڻ ٿا چاهين. سو انهن اڳيان مون جهڙن انسانن جي رت ڪڍڻ ۾ ڪابه هٻڪ ڪانه محسوس ڪنداآهن. اسان جي ملڪ جي اَسي سيڪڙو آبادي ڳوٺن ۾ آهي ۽ ڳوٺن تي وڏيرن جي حڪومت آهي، جيڪي اوطاقون آباد ڪندا آهن ۽ اسڪول ويران ڪندآهن . ٺهرائيندا صرف هڪ ڪچي پڪي مسجد آهن، ڇوجو سندن دل ۾ بهرحال خدا جو خوف موجود هوندو آهي ، ماڻهن کي ڏيکارڻ لاءِ نه ڪي خدا کي ڏيکارڻ لاءِ. جيڪو انڌو منڊو اسڪول هوندو آهي ، ان جو ماستر اسڪو جو ڪم گهٽ وڏيري جي منشي گيري گهڻي ڪندو آهي يا وري وڏيري جي سڪيلڌن جو جڏهن موڊ هوندو آهي انهن کي پڙهائيندو آهي. ڳوٺ جاٻار پيا ڌوڙ اڏائيندا آهن ۽ وڏا ٿي هر ڪاهيندا آهن بهر حال جيئن ته تعليم بالغان جو اهو مسئلوآهي اسان وٽ گهڻو آهي، سو مان به تعليم بالغان جي سلسلي ۾ هڪ عدد سبق ٻڌائيندس. هن جو هڪ فائدو هي به آهي ته توهان کي پڙهڻ سان گڏوگڏ گهمڻ جو به مزو ايندو آهي ۽ توهان دنيا کي به بيوقوف ٺاهي سگهندا. پڙهائي شروع ڪرڻ کان اڳ، هڪ عدد سائو ڪتاب، مَس ڊاهڻ واري دوا، ڪاري مس ۽ پين کپندي، ڪاري مس توهان ٻئي کان اُڌاري به وٺي سگهو ٿا، چوري به ڪري سگهو ٿا.
هاڻي سبق پهرين شروع ٿو ٿئي. هي کٻڙ ادا ڇا آهي؟ هي سائو نه آهي ڪتاب پڙهڻ لاءِ پر ڪم لاءِ آهي. هي ڪتاب ڪٿي ملندو آهي؟ هي ڪتاب پاسپورٽ آفيس جي ايجنٽ کان ملندو آهي. هي ڪتاب توهان خريد ڪيو شاباس . هاڻي ان تي لڳل تصوير ڪڍي ڦاڙي ڇڏيو. هاڻين هيئن ڪيو، جو بازار مان لڪس صابڻ فلي ستارن وارو وٺي اچي، ان سان وهنجي نوان ڪپڙا پائي، مٿي ۾ ٻڪ تيل ج
و ۽ اکين پنج پنج سرايون سرمي جون وجهي ۽ عطر گلاب لڳايو. هاڻي وڃي هڪ عدد فوٽو ڪڍائي اچو ۽ اهو فوٽو هن ڪتاب تي تي چنبڙايو، جتان توهان فوٽو پرائي ڀائي جو ڪڍيو هو. هاڻي مس ڊاهڻ واري دوا سان پاسپورٽ تي لڳل تاريخ ڊاهي ان کي پنج سال اڳتي وڌائي ڇڏيو. باقي رهيو نالي جو مسئلو، سو توهان ٻه اشتهار جيڪي هيٺين ريت لکيل هجن، سي اخبار ۾ ڇپرايو. ”مان کٻڙ خان ولد جمن خان پنهنجو نالو کبڙ خان مان بدلائي قدرت خان ٿو رکان“ منهنجي گهرن وارن ، اوڙي پاڙي ۽ ڄاڻ سڃاڻ وارن جي سڌ لاءِ پڌرو ٿو ڪيان ته آئينده مون قدرت خان جي نالي سان سڏيو وڃي ۽ جي مون کي ڪنهن کٻڙ خان سڏيو اهو پنهنجي اسپتال جي خرچ جو پاڻ ذميوار هو ندو؟ بقلم خود کٻڙ خان اڳوڻو ۽ قدرت خان هاڻوڪو.
ٻيو اشتهار هن ريت ڏجو ته: ”مان مرحوم جمن خان ولد پهڻ خان پنهنجي نالائق پٽ کٻڙ خان پراڻي ۽ قدرت خان هاڻوڪي جي پر زور اسرار تي مان پنهنجو نالو جمن خان مان بدلائي جلال خان ٿو رکان. مون کي هاڻي ملائڪ ۽ انسان هاڻي جلال خان نالي سان سڏين. هي نالو ملائڪ ۽ انسانن وٽ ريڪارڊ ۾ رهي“ . بمقام منڪر نڪير پاران جمن خان پراڻو ۽ هاڻوڪو جلال خان.
هاڻي توهان جو پاسپورٽ تيار ٿي وي توهان جو ۽ توهان جي پيءُ جو نالو به مٽجي ويو. هاڻي دبئي هلو ته هلون، پر پهرين ايجنٽ جي ڏوڪڙن جو بندوبست ڪريون. توهان شادي وارا آهيو ته پهرين فرصت ۾ زال جا زيور وڪڻو جي پورت نه ٿئي ته زال کي طلاق ڏيو ۽ زال کان حق مهر وٺو. حيران ٿيڻ جي ڪا به ڳالهه نه آهي، اڳيون وقت لنگهي ويو، جن زالن کي حق مهر ڏبو هو، هاڻي وٺبوآهي، ويچاري توهان مان آخر جند ڇڏائڻ لاپيسا ضرور ڏئي جند ڇڏائيندي. هاڻي سڀن کان موڪلائي دبئي لاءِ ڪراچي مان لانچ تي چڙهو جڏهن آڌي رات لانچ وارو توهان کي دوبئي لاهي ۽ صبح جو سج جي روشني ۾ اهو گوادر يارکارادر نڪري ته پريشان نه ٿجو. توهان اڳيئي ٻه ٽي هزار جيڪي خرچ لابچايا هئا، سي پاسيرا ڪري رکو ۽ چار پنج مهينا انهيءُ شهر ۾ ڌڪا کائو. پوءِ هڪ عدد ٽيپ رڪارڊر، ٻه ٽي انگريزي گانن جون ڪيسٽون، سيڪنڊ هئنڊ نون موافق ولائتي ڪپڙا وٺي هڪ نئين بئگ ۾ وجهي واپس ڳوٺ وري اچو. دوبئي متعلق ٿوري گهڻي معلومات ڳوٺ اچڻ کان پهرين ضرور حاصل ڪجو باقي ٻٽاڪ سان ڪم هلي ويندو. گهرپهچي چئبو ته توهان کي پنجن هزارن وراري نوڪري آهي ۽ توهان ڇهن ميهينن جي موڪل تي آيا آهيو، پوءِ هاڻي توهان قدرت جو ڪرشمو ڏسجو ته ڪيئن نه قطار در قطار توهان لاءِ مائٽيون ٿيون اچن. پر ترسو تڪڙ نه ڪيو ڇو جو تڪڙ ڪم شيطان جو هوندو آهي. توهان سوچي سمجهي هڪ اهڙي ڪنوار جو انتخاب ڪيوجيڪا سهڻي هجي، شريف گهراڻي جي هجي گھهڻو ڏاج آڻي ۾ نوڪري به ڪندي هجي. توهان آرام سان شادي ڪري زال جي ڪمائي تي عيش ڪيو ويچاري شريف گهراڻي جي آهي، سو جند ڪونه ڇڏائيندي باقي سڄي عمر پئي لوڙيندي اڄوڪو سبق ختم ٿيو، پڙهائي جي پڙهائي گهمڻ جو گهمڻ ۽ ان سان روشن مستقبل. توهان کي دنيا اٻوجهه سمجهي دوکو به نه ڪندا، بلڪه توهان دنيا کي بيوقوف ٺاهي ڇڏي.
اديون رسالو
1982ع

(07)

هڪڙو لفظ آهي ڪرنٽ افيئر يا حالات حاضره، سو مان اڄ ڪي گُشا حالات حاضره، ماضي ۽ مستقبل جا ٻڌائيندس ، هڪ ڇوڪريءَ جي شادي پئي ٿئي، سو ڇوڪريءَ کي ماميءَ سمجهائيندي چيو ته: ”هي ڪجان هي نه ڪجان“ ڇوڪريءَ چيو ته: ”ها ماسي، پر ماسي جڏهن اوهان جي شادي ٿي هئي تڏهن توهان به ماسڙ کي ائين چيو هو؟“ ها امان، مون چيومانس ته تون رڇن جي بڇ ۽ ڪتا وڙهائن ڇڏي ڏي، ٻنيءَ تي به منهنجي اجازت کانسواءِ نه وڃجان، رات دوستن سان کيڏڻ بند ۽ ڪراچي به گهمڻ مون کانسواءِ نه ويندين.” پوءِ ماسي ڀلا ماسڙ اهو سڀ ڪجهه ڇڏي ڏنو؟ الاجي امان، مون ته وڏيري کي 25 سالن کان ڪو نه ڏٺو آهي. سو مان به هڪڙو مشورو ڏيڻ چاهيان ٿي اهو به ڪرڪيٽ جو عمران خان ٿئي، ته ابا اسلام ۾ چار شاديون ته هونئن به جائزآهن. سو تون به کڻي چار شاديون ڪر، هڪ والدين جي مرضيءَ تي، هڪ پنهنجي مرضيءَ تي، ۽ جيئن ته توهان تي عوام جو به حق آهي، سو به فلم ايڪٽريسيون ڀارت جون به پاڪستان جو کڻي. ان تي کڻي عوام هن راءِ شماري ڪراءِ. ماڻهن جو اليڪشن جو شوق به پورو ٿي پوندو. هڪ آخري شادي پريس جي مرضيءَ سان به ڪر ۽ پوءِ گولي ٿي گم ٿي وڃ. ائين جو وڏيرو ڳوليو نه لڀي پريس کي. هن صديءَ جي سياڻن جو چوڻ آهي ته پوليس جي نه دوستي سٺي ۽ نه ئي دشمني. دوستي ۾ ماڻهون جاويد ميانداد ٿيو وڃي ۽ دشمنيءَ ۾ عمران خان مشوري تي ياد آيو ته مشورو ڪي ماڻهون فيءَکانسواءِ ڪو نه ڏيندا آهن. اهي وڪيل هوندا آهن، پر مان ته ان ماڻهون تي آهيان ته هڪ ماڻهون ٻئي کي مشورو پئي ڏنو. اتي ٻڌايان جيئن توهان مشورو وٺڻ هن مهل احتياط ڪيو هڪ غريب کي ٻه زالون هيون سي اچي رات جو مانيءَ تان پاڻ ۾ وڙهيون ٻئي مڙس سان وڙهيون ۽ مڙس کي ماري ڪٽي گهر کان ڪڍي ڇڏييائون. ويچارو گھٽيءَ۾ ڦيرا پائڻ لڳو، ۽ هن کي جڏهن پاڙي واري ڏٺو تڏهن گهران نڪري اچي همدردي ڪيائين حال پڇائينس همراه به ويٺو هو تتو، سو، ته چيائين ته سائين منهنجي هڪ زال ڪڪڙ پچايو آهي۽ ٻئي پلو هاڻي مونکي سمجهه ۾ نٿو اچي ته مان ڇا کانوان؟ سو هاڻي صلاح ڏي ته ٻنهي زالن کي راضي به ڪيان۽ ماني به کانوان، پر پيٽ ۾ جاءِ به نه اٿم ڇو جو اڄ آفيس ۾ پارٽي هئي. سو اتان به کائي آيو آهيان، ٻئي دل سڙندي چيو ته واه ادا! تنهنجي لاءِ هتي هي حال آهي، منهنجي زال مونکي کنگهي به ڪانه! ٻئي همراه جھٽ پٽ کڻي ٻي شادي ڪئي. هڪ دفعو ٻن زالن جي جهيڙي ۾ زالن ويچاري کي آڌيءَ رات ماري ڪُٽي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو هو. پاڻ گھٽيءَ ۾ ڦيرا پائڻ لڳو، سندس پاڙي مان اڳيون ماڻهون گهران نڪري آيو ۽ چيائين ته سائين خبر ڏي؟ يار تون ته ايتري دير ڪئي هئين مان ته ڪلاڪ کان پيو توکي واجهايان در حقيقت هي آهي ته تنهنجي حال کي ڏسي منهنجو هي حال ٿيوآهي. توهان جو به ڪنهن گھٽيءَ مان لگھندي ڪنهن کي پريشان ڏسو ته اها گھٽي مٽائي ٻي پاسي هليا وڃجو.
زمانو ڏاڍو ترقي ڪري رهيو آهي. ايترو جو پاڙي واري جي ٽيجهي جي دعوت اسان اخبار ۾ پڙهندا آهيون. آمريڪا ۾ ڪرائيم ڪنٽرول ڪرڻ تي هڪ ڪانفرس ٿي ان ۾ پاڪستان جي پوليس جو وفد شريڪ هو. اتي مختلف ملڪن جي نمائندن ٻڌايو ته ڏوهه ڪرڻ کانپوءِ اسان ڪيتري رفتار سان ان جرم جي کي ڳولي ڪڍندا آهيون. ڪن 23 ڪلان ته ڪن چئن ڪلاڪن جو ٻڌايو. اتي اسان جي پوليس آفيسر فخر سان ٻڌايو ته اسان جي بروقت رفتاري جو اهو عالم آهي جو اسان کي اڳواٽ خبر هوندي آهي ته ڪٿي ڌاڙو لڳي پيو ۽ ڪٿي ماڻهون قتل ٿئي پيو. ڪجهه سال اڳ حيدرآباد ۾ هنري نمائش لڳي هئي ان ۾ پوليس جو اسٽال هيو.سو مونکي صنعت ۽ پوليس جو ائين گڏجڻ تڏهن سمجهه ۾ نه آيو پر هاڻي سمجهان ٿي ته صنعت ۽ پوليس ڇو هڪ ٻئي لاءِ لازم و ملزم آهي اتي هڪ انسپيڪٽر مونکي پوليس جو مطلب به سمجهايوهو. مان ته اصل کان به بي عقل آهيان سو شايد توهان سمجهو. ته پ پرهيزگار (پوليس آفيسر اهو ته قيامت ۾ به نه هوندو. وفادار (ٿي سگهي ٿو زال جو وفادار هجي يڪجهتي وارو (خاص ڪري پريڊ دوارن يا وڳوڙين کي بچائڻ دوارن اهو مظاهرو نظر ايندو آهي.) ل=لائق، س= سلامتي وارو (پوليس وارن جا سر ته قيامت تائين سلامت رهندا باقي ٻين جو حال الله کي خبر يا لاڪپ کي خبر هوندي) توهان خود ٻڌايو ته اهي سڀئي کوڙا لڳن ٿا يا نه؟ مان ته لکڻ به هيٺ مٿي ڪري ويئي آهيان نهايت ادب سان! مون اخبار پڙهي ته رات جو ڪنهن گهر ۾ چور چوري ڪرڻ آيا سو ڀاڳيا جاڳي پيا وٺي ڀڳا هڪ پنهنجي پوليس جي ٽوپي به تڪڙ ۾ ڇڏي ويو. مون ان مهل ريڊيو به پيو ٻڌو ته لتا پئي پوليس لاءِ ڳايو ته:
”چہلا یار تو کیسا دلدار نکلا
چور سمجھی تھی میں تھانیدار نکلا“
اپريل 1983 ع

(08)

سيڪنڊ هئنڊ ڪمپليٽ سوٽ ۽ هٿ ۾ پائيپ ۽ ٻئي هٿ ۾ لڪڻ ، مغز تي انگريز ڇاپ قسم جي ٽوپي، رکيل، اها عجيب ۽ غريب شيءِ اڄ کان ڏهه يا پندرهن سال اڳي جي هئي جنهن کي اسان لنڊن پلٽ چوندا هئاسين، سندن وڃڻ جو ڪارڻ ڪهڙو؟ يا هو واقعي لنڊن مان ٿي آيو آهي به يا نه؟ اهي سبب خدا کي معلوم باقي اهو خانبهادر ماڻهن جي معلومات ۾ اضافو ڪندو هو ته مثلن لنڊن ۾ ٻچو ٻچو انگريزي ڳالهائي ٿو ! هوٽل ۾ وڃو ته ٻڪر مشين ۾ وجهو ته ٻئي پاسي ڪباب نڪري ايندا ۽ وري جي ڪباب وجهو ته ٻئي پاسي ساڳيو ٻڪر موٽي ملندو. ان کانسواءِ سائين لنڊن ۾ حسن جي ڇا ڳالهه ڪجي بس بهشت لڳو پيو آهي. هر گھٽيءَ ، هر روڊ ۽ هر گھر ۾ سهڻيون زائفون آهن، اتي وڃي احساس ٿئي ٿو ته مائٽن اسان جي شادي جنڻين سان ڪرائي آهي ۽ اهڙي قسم جون ٻيون ٻٽاڪون پيون هڻندو.
اڄ ڪالهه لنڊن يا آمريڪا وڃڻ ڪا وڏي ڳالهه ڪانه آهي. توهان کي خبر نه آهي اسان جو وڏو پاڙيسري آمريڪا آهي سو من ۾ جهاتي پائي سچل وانگر ديدار ڪري سگھجي ٿو. پر مان ڳالهه ڪندس ڪارن انگريزن جي، جيڪي اسان جي ملڪ جا ڀوتار لنڊن يا آمريڪا وڃي واپس ايندا آهن انهن جا گھر عبرتناڪ ٿي ويندا آهن بلڪ اهي بندا پاڻ عبرتناڪ هوندا آهن. سندن من ۾ لنڊن جي هوا پئي هلندي آهي پاڻ کي لنڊن جا ڪمشنر سڏرائيندا آهن. ماڻهن کي شايد خبر نه هجي ته لنڊن ۾ ڪمشنر پٽيوالي کي چئبو آهي ۽ ڪمشنر کي ڇا چئبو آهي اها ته انگريزن کي خبر، پر جيڪي ڀوتار لنڊن مان واپس موٽي پنهنجي زبان ڇڏي اڌوگابري انگريزي ڳالهائيندا آهن اهي پنهنجن مائٽن لاءِ ڏاڍا هاڃيڪار ثابت ٿيندا آهن.
اڄ کان پنج سال اڳي جي ڳالهه آهي ته هڪ وڏي آفيسر جي گهر ۾ دعوت هئي اتي هڪ وڏي گھراڻي سان ملاقات ٿي. هي گھراڻو انهن ٻاويهن مان هڪ هو جنهن جو ذڪر اسان وٽ هلي پيو، سندن بدن تي ٻن ٽن لکن جو ته لباس ۽ زيور هئا، پر اهي ٻه ٽي لک به ضايع پئي مون کي لڳا ڇو جو اهي لک ڪک پئي لڳا. مون کي سمجهه ۾ نه پيو اچي ته اهي لک ڇو ڍڪين پيا. هٿ ۾ سگريٽ ولائتي ۽ ڳالهائين به ولائتي. مغز تي مينار ۽ منهن تي مينا بازار پر ان مينا بازار لنڊن واريءَ ميڪ اپ جي تهن مان سندن چمڙي جي بي رونقي نظر پئي آئي. هي مايون لنڊن، نيو يارڪ ۽ پيرس وغيره پئي گهمي آيون هيون. منهنجي ڀرسان ويٺل ساهيڙي اهي ڳالهيون ٻڌي چيو ته هل پاڻ به آمريڪا هلون. مون چيو مانس ته ٺهيوبس ڪر ڪاڏي منهن منور جو ۽ ڪاڏي ٽنڊوالهيار. انهن ماين جي اکين ۾ رونق ڪا نه هئي، ڳالهائڻ ۾ جوش ۽ زندھ دلي ڪانه هئي، سندن مرڪ ۾ زندگي ڪانه هئي، انهن اهو احساس ڪيو جو اڌ ڪلاڪ ويهي اسان جو مغز خراب ڪريو ويون پر اها خبر پئي ته ڪٿي ڪک به انگ ڍڪي ٿو ۽ ڪٿي لک به عيب ڍڪي ٿو.
ريڊيو، ٽي وي، وي سي آر گھر ۾ اڄڪلهه عام آهن پر اسان انسانن پنهنجن ايجادن جو ضحيح استعمال نه ڪيو آهي. ريڊيو تي اڪثر گندا گانا ايندا آهن جيڪي ٻار رستن ۽ گھٽين ۾ پيا ڳائيندا آهن. ڪو زمانو هو شايد اڄ کان ڏهه سال کن اڳ ته هڪ فلم لڳي هئي جنهن ۾ هڪ هيرو ڊرائيور هوندو آهي ۽ مالڪ جي ڌيءَ سان عشق ڪندو آهي. مونکي چڱي طرح ياد آهي ته ان وقت گهڻن ماڻهن پنهنجا نوجوان ڊرائيور ڪڍي ڇڏيا هئا هاڻي تازو سلسله ڊرامو هلي بس ٿيو آهي. ان ۾ هڪ ڇوڪري پنهنجي ماءُ جي شادي ڪرائڻ جي چڪر ۾ هوندي آهي ڇو جو پاڻ شادي ڪري ويندي ته ماڻس جيڪا نوجواني ۾ بيوه ٿي وئي هئي سا اڪيلي رهجي ويندي سو ان ڪري ڊرامي جي خيال ته تمام سٺو هو پر هڪ واقعو ان ڊرامي دوران سنڌ يونيورسٽي ۾ ٿيو. هڪ ڇوڪري ٻي ساهيڙي کي چوڻ لڳي ته مان به پنهنجي ماءُ جي شادي ڪرائيندس نه ته منهنجي شاديءَ کانپوءِ امان اڪيلي رهجي ويندي. ان تي سندس ساهيڙيءَ مذاق ۾ چيو ته ڪهڙي پروفيسر سان؟ اتي پوءِ ڳنڍجي ويون. مس ڪر ٻنهي کي ٻين ڇوڪرين پري ڪيو. اسان تاج پور پڪنڪ تي ويا هئاسين ته جڏهن اتان واپس اچڻ لڳاسين ته ننڍا ننڍا ڇوڪرا جن مان ڪنهنجي عمر ڏهن سالن کان مٿي نه هئي اهي سڀ گول دائري ۾ ويهي ڳائڻ لڳا ”ڇلو ڏي نشاني تنهنجي مهرباني“ )جزاڪ الله). ائين اسان لائيٽ جو بي جاءِ استعمال ٿا ڪريون، اسين رات جو هروڀرو جاڳي پنهنجي صحت برباد ٿا ڪريون حالانڪ رات آرام ڪرڻ لاءِ آهي پر اسان بنا مقصد جي پيا رات جو جاڳندا آهيون.
اهڙي طرح ٻيون نيو نيون ايجادون جيڪي اسان انسانن هڪ ٻئي جي بهتري لاءِ ڪيون آهن سي به اسان انسان هڪ ٻئي کي ذهني يا جسماني طو ختم ڪرڻ لاءِ استعمال ٿا ڪريو ن.
اديون رسالو
جولاءِ 1983ع

(09)

اڄ ڪالهه ماٽيليون مائرون پنهنجن اڳ ڄاون پٽن کي هي دعائون پيو ڏين ته ”ابا توکي پوليس تان صدقو ڪيان“ ڇو جو ٻه ٽي پوليس تان خدا جا بندا صدقي ٿي نڪتا آهن. خدا جا بندا ته پوليس وارا به آهن سو ته اسان جو خيال آهي.باقي پوليس پاڻ کي ڇاٿي سمجهي؟ اها ته سوچڻ جي به اسان ۾ مجال نه آهي. قلم قهار به آهي، اگر پوليس وارن جي هٿ ۾ هجي، پر توهان کي خبر آهي ته پوليس قلم جو استعمال به گھٽ ڪندي آهي. بلڪه قلم کي به ڏنڊو سمجهي هلائيندي آهي. ان ڪري اسان وٽ پولسي وارا ايف آئي آر به اڪثر زباني ڪنداآهن، لکندا نه آهن، متان ريڪارڊ خراب ٿئي. دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ اڄ ڪالهه فوج اڪثر چوٿين پنجين سال کانپوءِ مڙئي اٺن سالن لاءِ مهمان هوندي آهي. اسان پاڪستاني ماڻهون هونئن به تمام گهڻا مهمان نواز هوندا آهيون سو اسان لاءِ مهمان باعث رحمت هوندا آهن. اڄ ڪالهه مان ٽي وي تي مختلف فوجي آفيسرن کي غور سان ڏسندي آهيان ته آئيندي اسان جو هنن مان ڪير ڇاٿوٿئي. منهنجون به ٽي ساهيڙيون ته سهڻا فوجي ٽي وي تي ڳولي پسند ڪن پيون نه هي وزير ٿيندو يا هي سفير ٿيندو بس چريون ڇوڪريون چَم جون.
منهنجي ننڍي ڀيڻ ٽي وي غور سان ڏسندي آهي سو سندس موڊ اڄ سٺو نه آهي. در حقيقت ٽي وي تي ڪ گلوڪارره اچي ٿي سا کيس به ۽ سندس ٻين ساهيڙين کي ڪا نه ٿي وڻي.سو هن مونکي چيو آهي ته هن ڪنواري گلوڪاره سو ڪو اهڙو ماڻهون شادي ڪري جو فن جو ويري هجي ۽ ڪوٽن وارو به هجي ته سبحان الله بند رکيس! درخواست اديون جي معرفت ٿي سگهي ٿي ڇو جو مائيءَ جو نالو في الحال راز ۾ آهي.شاديءَ جي باقاعده درخواست ۽ پڪ جي صورت ۾ اهو نالو صرف ٻن اميدوارن کي ٻڌائي سگهجي ٿو. پر ترسو هڪ عدد گلوڪار به آهي، سو اهو ڪنهن زميندار جو ڪمدار به ٿي سگهي ٿو، ان ۾ زميندار کي فائدو به آهي. ڇوجو اسان گنهگار بندا آهيون سو جڏهن دعا ڪندا آهيون ته الله ڪري مينهن پوي ته ڪونه پوندو آهي سو هي مستند ڪلاسيڪل گلوڪاره ميگهه ملهار ڳائيندو ته مينهن وسي پوندو. اڄ ڪالهه ٽيوب ويل به لائيٽ تي هلي جيڪڏهن زميندار رشوت نه ڏئي ته لائيٽ ڪٿان اچي ۽ ٽيوب ويل ڪيئن هلي؟ سو هي گلوڪار راڳ ديپڪ ڳائيندو ته لائيٽ اچي ويندي، يا وري ڀر واري دشمن زميندار جي ڪڻڪ جي کرن کي باهه ڏياري ٿا سگهون، بنا ڪنهن ٽيوب ويل جي، خرچ به گهڻو نه ۽ نه ئي پوليس جي خوشامد،رڳوگلوڪار جي پگهار ڀرڻي پوندي. سو اسان جي اهڙي طرح هن پاڻيءَ مان به جند ڇٽي ويندي!!
اڄ ڪلهه چادر ۽ چار ديواري ءَ جو ذڪر ڏاڍو آهي! سياستدان سڀ چار ديواريءَ ۾ آهن. مايون برقعا لاهي چادرون پائي ٻاهر نڪري آيون آهن! رهيا سرڪاري نوڪر، سي ته سرڪاري آهن،باقي رهيل اجرڪ پائي، ڌاڙيل ٿي پيا آهن! ٻين جي چوديواري جو شل خير هجي، پر اڄ ڪلهه ته ڌاڙيلن کان پوليس جي چوديواري محفوظ نه آهي. پوليس وارا يا سپاهي گشت ڪندا هئا سي ٿاڻن جي حفاظت ٿا ڪن ۽ حملي جي صورت ۾ گھرن ۾ لڪل هوندا آهن.
انگريزي فلمن جا ترجما ته وري ايترا خوفناڪ هونداآهن. جو اسان پاران پڙهيل ترجمو پڙهي سئنيما ۾گھٽ ويندا آهيون، ۽ اسڪرين تي وري بمن ۽ بندوقن جا ٺڪاءُ يا خوفناڪ بلائون ڏسي گهٻرائجي نڪري ايندا آهيون. 1970ع جو واقعو آهي ته منهنجو ڀاڻيجو مونکي هاسٽل مان وٺڻ آيو ۽ گهر جي بجاءِ مونکي انگريزي فلم گولڊ فيس ڏيکارڻ ويو. ان ڏينهن خميس هئي جو حيدرآباد جي سئنيما شام جو گولڊ فيس جو پوسٽراڃان لٿو ڪونه هوته نئي انگريزي فلم satanik سيٽنڪ لڳي وئي. سو اسان به اها ڏٺي. فلم ڏسي غور سان پوسٽر پڙهي ستين بجي گهر روانا ٿياسين. ادي وڏي به پريشان ته اسين ڪٿي غائب آهيون. مون چيومانس ته ادي اسان فلم پئي ڏٺي ادي چيو: اها ڪهڙي ڳالهه آهي؟ فلم ته سڀ گڏجي ڏسي سگهوٿا. مون چيو ادي هيءَ فلم توهان جي ڪم جي ڪا نه هئي، رڳو منهنجي ڏسڻ جي هئي. اديءَ کي ڏاڍو تجسس ٿيوته اها ڪهڙي فلم هئي،اديءَ چيو نالو فلم جو ٻڌاءِ مون چيو انگريزي ته سٺو نالو اٿس مان جيڪو ترجمو پڙهي آئي آهيان سو اهو ترجمي وارو نالو ٻڌايان ٿي مون پنهنجي ڀاڻيجي ڏي اشارو ڪري چيو”شیطان کی خالہ“ اديءَ مون ڏانهن ڏٺو، چيائين: برابر تنهنجو شيطان ڀاڻيجو ۽ تون ان جي خالا هيءُ فلم برابر توهان ٻنهي جي ڏسڻ جي هئي.

جولاءِ 1984ع

(10)

اسان ننڍڙي هوندي جڏهن پرائمري ۾ پڙاهندا هئاسين ته اسان کي ٻن قسمن جي استادن سان واسطو پيو. اسان جو ٻاراڻو ذهن انهن جي ڳالهين کي تڏهن ته سمجهي ڪونه سگهيو. مگر ياد ڪري اُهي ڳالهيون ۽ سندن مختلف قسمن جي هلت هاڻي سمجهه ۾ اچي ٿي. هڪڙا اهي هئا جيڪي اسان کي ٻڌائيندا هئا ته ڪن ملڪن ۾ بادشاهن کي سندن رعايا سجدو ڪندي آهي ۽ مسلمان نماز نه پڙهندا آهن ۽ نه ئي روزا رکن ۽ نه ئي عيد ملهائين. اهڙا ماستر وڏيرن ۽ سرمائيدارن جي ٻارن کي ڏاڍي نفرت ۽ حقارت سان ڏسندا هئا. انهن جي ڀيٽ ۾ جيڪي غريب ڇوڪرا هئا، سي قابل احترام هئا هڪڙو ڇوڪرو غريب هو پر ڏاڍو هوشيار هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن گوهي ڪري گسائيندو هو. سو اسان جي اُن قسم جي استاد جي اُن تي خاص نظر هئي ۽ اهو اسان جو استاد ڏاڍو سخت هو . ڇوڪرن يا ٻارن جي ننڍي عمر هوندي اهڙي آهي جوگوهي ڪندا آهن يا وري ڪلاس ۾ ڪانه ڪا شيطاني ڪندا آهن سو اهڙين ڳالهين تي اسان کي هروڀرو سخت ٿيڻ نه کپي. پر اسان جي استاد اُن ڇوڪري کي ٻه ٽي سخت مارون ڏنيون نتيجو اهو ٿيو جو ڇوڪرو اسڪول جي نالي کان به ڀڄڻ لڳو. اهڙي طرح خراب صحبت ۾ پئجي ويو. سندس تعليم به رهجي وئي. اڄ ڪلهه اهو ڇوڪرو چرس ۽ ٻيا نشا ڪري ٿو.۽ سندس پورت نه پئي ته گهر جا ٽپڙ چورائي وڪڻي ٿو، اگر اهو ذهين ڇوڪر پڙهي پوي ها ته اسان جي ملڪ جو هڪ اهم ستون ۽ انسان هجي ها. جيڪي ٻئي قسم جا استاد هئا، سي وري وڏيرن ۽ سرمائيدارن جي ڇوڪرن جي خوشامند ڪندا هئا. چاهي پڙهن نه پڙهن پر پاس ٿيو وڃن. جيئن سندن مٺائي ۽ انعام کين ملندو رهي. ان جو نتيجو اهو ٿيندو هو جو وڏيرن جا هوشيار ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون به پڙهڻ ڇڏي ڏيندا هئا ڇو جو محنت کانسواءِ ننڍن ڪلاسن ۾ ته نڪري ويندا هئا. پر بورڊ جي امتحان ۾ جيئن ته اڳي ڪاپي ڪونه هئي سو پاس ڪونه ٿيندا هئا، نتيجو اهو نڪرندو هو جو مئٽرڪ جنهن ڪئي اها ان لاءِ وڏي ڳالهه هئي. پوءِ اهي وڃي ابي ڏاڏي جي ڌنڌي سان لڳندا هئا.
علم انسان جي ذهنيت کي مٽائي ٿو، جيڪي بنا ڪنهن محنت جي ڪاپي ڪري ڇوڪرا خاص ڪري وڏيرن جا پڙهن ٿا ان جو ذهن ته اهو ئي وڏيرڪو ٿو رهي. روشن خيالي ته انهن کي ڇُهي ئي ڪو نه ٿي گُذري نڪو انهن کي بي- اي يا ايم اي جي ڊگري جو احساس ٿو ٿئي. پئسي جي زور تي آمريڪا ۽ لنڊن ۾ عياشيون به ڪن ٿا. پر اُهي آمريڪا يا لنڊن ڪنهن علمي يا تحقيقي مقصد سان ته ڪونه ٿا وڃن . پوءِ توهان سوچيو ته انهن جي گھرن جو ماحول زماني سان ڪيئن مٽجي؟ سندن ڪوٽن ۾ جيڪي ڀيڻون مائرون ۽ زالون سي سندن ظلم مان ڪيئن نڪرن؟ ويتر ڪاپي ڪري بي اي ۽ ايم اي جي ڊگريون وٺي روشن خيالي رڳو ايسيتائين پهچي ٿي جو ڪنهن ماڊل گرل سان ٻئي سان ٻئي قسم جي تريناڪ قسم جي عورتن سان شادي ڪن ٿا. سندن سيبتي سياڻي مائٽياڻي اڻ پڙهيل، ڪونه ٿي وڻي. جيئين ته سندن ڪو مائٽ يا ڄاڻ سڃاڻ وارو وزير آهي سو وڏي شهر ۾ رهڻو آهي، نوڪري وزير صاحب اُتي ڏني آهي سو هيءَ ڄٽي اتي ڇا ڪندي؟


اديون رسالو
ڊسمبر 1984ع

(11)

ڪنهن زماني ۾ ٺٽي ۾ پڪنڪ تي هڪ ايراني ٽوورسٽ ڇوڪرين جي ميڙسان ملاقات ٿي هئي. اسان کي به شوق ٿيو ته برادر ملڪ جون مايون آهن سو انهن سان خيالن جي ڏي وٺ ضروري آهي .سو اسان ٻه ٽي ڄڻيون انهن سان ڳالهين لاءِ ويون سين. هنن اسان جيڪو ڳالهايو سو رقم ارَطر نٿو ڪري سگھجي. پڇاڙي ۾ هنن اسان جي مغز ڦيرائڻ کانپوءِ خاطر تواضع لاءِ پنهنجي ٿيلهي مان شيمپين جي بوتل ڪڍي، مون چيو ته توهان مسلمان ناهيو ڇا؟ هنن جواب ۾ چيو ها اسان مسلمان آهيون. ۽ چيائون ته توهان؟ مون چيو توهان کي ڏسي اسان کي پنهنجي مسلماني ۾ شڪ ٿي پيو آهي، اسان سادو پاڻي پيئندا آهيون جڏهن غيرت جاڳندي آهي ته ڪوڪا ڪولا پيئندا آهيون پوءِ غافل ٿي سمهي رهندا آهيون.
هاسٽل رهڻ دوران به ڏاڍا دلچسپ تجربا ٿيا. هاسٽل ۾ جڏهن مان هئس ته هندستان پاڪستان جي جنگ لڳل هئي. سو رات جو هر اڌ ڪلاڪ کانپوءِ ڇوڪريون مونکي ننڊ مان اٿارينديون هيون ته سائرن پيو وڄي سوهل هلي لڪون. مان هزار دفعا منع ڪيان ته مونکي نه اٿاريو مان بم پروف آهيان. پر ڇوڪريون نه مڻنديون هيون هڪ شرارتي ڇوڪريءَ اعلان شرارتي ڪيو ته اڄ رات هتي هندستان جي ڇاته بردار فوج لهندي سو خبر اٿئو ته فوج سڀ کان پهرين هاسٽل تي قبضو ڪندي آهي. ان رات هرهڪ ڇوڪريءَ سرون، پٿر ۽ لٺيون جمع ڪيون ۽ ورانڊي ۾ بليڪ آئوٽ ۾ اکيون ڦاڙي فوج جو انتظار ڪنديون رهيون ۽ مان ڪمري ۾ سُک سان ٻه ٽي ڏينهن سمهيس هڪ هاسٽل جي ڇوڪريءَ جي ڪزن صاحب لندن مان پي ايڇ ڊي ڪري آئي هئي سا هاسٽل ۾ پنهنجي ڪزن سان ملڻ آئي هئي. مونکي ان سان ملي پهريون دفعو خبر پئي ته علم سنوارڻ کانپوءِ ڪنهن ڪنهن کي کاريندو به آهي. سمجهو ته مائيءَ جو نالو شاهين آهي. گڏ انگريز ساهيڙي به هئي. خبر پئي ته مائي شاهين پنهنجي سوٽ وڏيري کي ڏنل هئي جيڪو مون وانگر ايم اي سو هوءَ ان پاڏي سان شادي ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿي. ان مهل به اسان سان ڳالهائيندي اسان جي تهذيب جو جنازو ڪڍي ان کي دفن ته ڪري ڇڏيائين. سندس انگريزياڻي ساهيڙي اسان جي ٻوليءَ کان تنگ ٿي ته پاڪستان مرد ڪيئن ٿيندا آهن؟ پوءِ ته مائي کي وارو وري ويو.چيائين ته تون پاڪستان ۾ ته پيادل ته هلي ڪونه ٿي سگھين، تنهنجي سامهون هزارين مرد ازراه همدردي گھٽ ۾ گھٽ هزارين گاڏيون جهليون بيٺا هوندا ۽ توکي سمجهه ۾ نه ايندو ته تون ڪهڙيءَ گاڏيءَ ۾ چڙهين! هر ڪو تولاءِ شيش محل ٺهرائڻ لاءِ تيار هوندو ۽ توکي سمجهه ۾ نه ايندو ته تون ڪنهنجي شيش محل ۾ رهين! هوءَ ويچاري ته گھٻرائجي خاموش ٿي وئي ۽ اها ڳالهه ان جي سمجهه ۾ آئي يا نه. بهرحال مائي انگريزياڻي کي خبر پئي ته پاڪستان مرد عورت جي معاملي ۾ انتهائي رحمدل آهي. خاص ڪري اگر عورت سهڻي ۽ اڇي چمڙيءَ واري هجي ته! مائيءَ پي ايڇ ڊيءَ ٻيون به ڪارائتيون ڳالهيون ٻڌايون . مثال طور: دنيا جي هر مرد جو ڪردار مشڪوڪ آهي. دنيا۾ ڪو به شريف مرد ئي ڪو نه آهي اگر آهي ته ان کي سندس وٽ وٺي وڃونس ته هوءَ کيس بندوق ڀري هڻي. اهڙي شريف انسان جو هن دنيا ۾ رهڻ ٺيڪ به نه آهي! حضرت آدم به بهشت مان ان لاءِ نڪتو ته اتي رو ز بيبي حوا سان گذارو ڪرڻو هوس باقي رهيون حورن جو معاملو ته :-
ایسی جنت کولےکرکیا کرے کوئی،
جہاں ہزاروں برس کی حوریں ہوں-
پوءِ مائي موڪلايو ته اسان ڇوڪرين پي ايڇ ڊيءَ جي ڊگري کي اردو ۾ ترجمو ڪيو”پھرا ہوا دماغ“ وري ساڻس ملاقات ڪا نه ٿي . سو خبر نه آهي ته پاڏي کانپوءِ کيس حسب حال ڪو ٻڪر مليو يا نه. بهرحال دنيا ۾ قسمين قسمين جا ماڻهون آهن. مان ميڊيڪل ۾ هئس ته هڪ ڇوڪري جيڪا شادي واري هئي سا ويٺي هئي ( مونکان جونيئر هئي) واندي، مون اشاري سان پڇيو خير؟ ”مردو چيرڻ لاءِ ڪو نه آهي.“ سو اهو کڻڻ ويا آهن. ڪاوڙجي چيائين ادا پٿوري وڃي مون واري ”فنڪار“ کي کڻي اچن ته مان ان کي جيئرو چيريان. هونئن به مونکي مهيني کان ڦنڪار خط ڪونه لکيو آهي لئه ڪندو هوندو. پاڻ وري ٿوري دير کانپوءِ مونکي ڪن ۾ چيائين ته: ”ادي مان فرسٽ پرفيشنل ۾ ٻن جي بجاءِ ڏهن سالن لاءِ جيڪر رهان اگر مون کي دنيا جي فنڪارن جي ڊائسيڪشن ڪرڻ ڏنو وڃي.“ مون چيو ته اهو ممڪن ڪو نه آهي صبر ڪر، ملان چون ٿا ته قيامت کان اڳ ويجھڙائي ۾ دنيا تي عورتن جي حڪومت هوندي سو ٿي سگھي ٿو ان ۾ تنهنجي به ڪا سڙ پوٽي يا ڪڙڏهٽي ڦنڪارن جو قدر ڪري، ٿڌو ساهه ڀري ڪاوڙ ۾ چيائين ته مان ته ڪونه هوندس نه! اسان وٽ ڪاليج ۾ اڪثر وزير ۽ ٻيا مختلف وفد ايندا هئا. اڪثر مونکي اشارا ڪري ٻڌائيندي هئي ته فلاڻو ڦنڪار ( شادي شده) آهي هڪڙو وزير اسان وٽ آيو سو آهستي پيو ڳالهائي، سو مون کي چيائين ته ادي هي وڏو فنڪارآهي. هي هيترين عورتن جي سامهون مِڻ مِڻ ڪري پيو ڳالهائي ۽ ڪڙ ڪڙ ڪري جوءِ آڏو ڳالهائيندو هوندو! بلڪه گهر مٿي تي کڻندو هوندو!! اهڙا ماڻهون وڏا ڦنڪار هونداآهن!!! اهڙي طرح منهنجي اها ڀيڻ منهنجي ناقص معلومات ۾ اضافو ڪندي هئي.
اسان جي معاشرتي ڊانچي ۽ اوليت مرد کي آهي ۽ اهو ساڳيو لقاءُ ترقي يافته قومن ۾ به آهي. پر اسان وٽ عورت شاديءَ کان اڳ يا پوءِ مرد تي مڪمل طور دارو مدار ٿي رکي. ان جو فائدو ڪي مرد حضرات به خوب وٺندا آهن. اگر ڪنهن عورت کان جند ڇڏائڻي هجين (جن ۾ زال-ڀيڻ۽ ڪن ۾ ماءُ به) ته ان جو اول ته خرچ بند ڪندا آهن (اگر اها پاڻ ڪٿي سروس ڪندڙ نه هجي) يا وري کيس ذهني اذيت رسائڻ شروع ڪندآهن. انهن مختلف سببن کان هرڪو واقف به هوندو آهي! ڪاليج ۾ پڙهندي خاص ڪري ميڊيڪل سائنس پڙهندي هر ڇوڪريءَ جي تمنا هوندي آهي ته اها ڊاڪٽر ٿئي. سو اسان گڏ پڙهندي مون واري هڪ ساهيڙي انٽر سائنس پڙهندي ڊاڪٽر جي حسرت دل ۾ کڻي سعودي عرب ڏانهن شادي ڪري وئي. اچتو 1974ع ۾ مون وري کيس ڏٺوته ميڊيڪل ڪاليج جي پهرين سال ۾ هئي! حال احوال ٻڌايائين ته مون حج جي دوران حرم شريف ۾ ٻيهر پڙهائي هي دعا گهري هئي. سو خدا ائين جو منهنجي مڙس جو اوچتو پروگرام پاڪستان اچڻ ٿيو ته هاڻي گھڻو ڪمايم هاڻي هلي ڪو ڌنڌو ڪجي. هتي اوڪاڙه ايئرپورٽ جو ٺيڪو ورتائين، اتفاق سان سندس ڪار جو حادثو ٿيو جنهن ۾ سندس ٻئي ٽنگون ڀڄي پيون. ٺيڪي ۾ پيسو حصه دار سڀ کائي ويو، سو مختلف نوڪريون ڪري ۽ زيور وڪڻي مڙس جو علاج ڪرايم، هاڻين مڙس هلي گهمي ٿو ۽فيملي پلاننگ ۾ 400 رويپه ماهوار تي ڪلارڪ آهي ۽ مون ڪوشش ڪئي ته مونکي ميڊيڪل ۾ داخلا ملي بهرحال اڄ ڪالهه هوءَ ڊاڪٽر آهي ۽ حڪومت فيملي پلاننگ جو محڪمو بند ڪري ڇڏيو، سو سندس مڙس جي اها نوڪري به وئي، هاڻي ان جي زندگي جو هڪ مسئلو ڏاڍو وڏو ٿي بيٺو آهي، اهو هي ته سندس مڙس ڪابه نوڪري ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي سڄو ڏينهن گهر ۾ هوندو آهي، ڏهين بجي اٿي پوءِ ڪپڙا به نه بدلائي باقي گهر جي ڇنڊ فوڪ ڪيون ويٺو آهي. سندس اولاد به وڏو ٿيندو وڃي ۽ اهي پيءُ کي ائين گهر ۾ بيڪار ڏسي حيران آهن. اڪثر ماءُ کي چون ٿا ته بابا نوڪري ڇو ڪو نه ٿو ڪري؟ سندس دل ۾ پيءُ جو احترام به ڏينهون ڏينهن نڪرندو ٿو وڃي. بس سندس مڙس رڳو زال جي پگهار جا پرائيويٽ ڪلينڪ جا پيسا پيو ڳڻيندو آهي. ٻارن جي دل ۾ پيءُ جي عزت گھٽ ٿيندي پئي وڃي.
ڇوڪرين کي يا نياڻين کي تعليم ڏيارڻ جو وڏو مقصد اڄ ڪالهه والدين وٽ اهو آهي ته سندن مستقبل محفوظ رهي. آئيءَ ويل ڪا نوڪري ڪري عزت سان پنهنجو پيٽ پالي سگهن. اڳي نياڻين کي شادي ڪرائي ڪنهن سٺي انسان حوالي ڪبو هو ته سندس مستقبل هاڻي محفوظ ٿيو ويوآهي. اڄ ڪالهه ائين نه آهي اڄ ڪالهه عورت رڳو مرد جي حوالي محفوظ نه آهي. ڇوجو توهان کوڙ اهڙا واقعا ڏٺا ۽ ٻڌا هوندا مرد عام طور زال کي مختلف طريقن سان تنگ ڪندو آهي. اگر اهو رڳو پاڻ ڪمائيندڙ هجي ته سڀ کان پهرين زال کي خرچ ڏيڻ بند ڪندو آهي. سندس زال جا مائٽ ۽ ڀائر اگر ان حيثيت ۾ هو ندا آهن ته ڀيڻ يا نياڻي جا خرچ به کڻندا آهن. پر ضروري نه آهي ته شادي کانپوءِ هر ڪو ڀاءُ ڀيڻ جي خرچ جي چٽي ڀري. ان صورت ۾ ڇوڪري پڙهيل آهي ته ڪٿي نه ڪٿي نوڪري ڪري پاڻ پالڻ جهڙي ٿئي ٿي. رڳو اهو نه آهي پر مردن کي شاديءَ کانپوءِ طلاق ڏيڻ به سولي ڳالهه آهي. ٻار ته ٻئي زال به ڄڻي ڏيندي يا وري ان ماءُ کي ذهني اذيت ڏيڻ لاءِ ٻار به ڦرينداآهن يا ڪورٽن جاچڪر لڳرائينداآهن. سو ڳالهه پئي ڪيم ته اڳتي نياڻي پرڻائي ڏني معنيٰ سندس زندگي محفوظ ٿي، پر اڄ ڪالهه ائين نه آهي ۽ مون واري ساهيڙيءَ جو سلسلو به ٿيو پوي. اسان جي هن مرد معاشري ۾ عورت باهه ۽ پاڻيءَ تي اجهو اڏي پوءِ ائين پئي هلي ٿي! اسان جي ڄاڻ سڃاڻ ۾ هڪڙو خاندان به آهي، جنهن ۾ پيءُ کي اولاد صفا ڪو نه ليکي. ڇو جو جوانيءَ ۾ سندس والد نشا پتا ۽ عياشي ڪئي.ايتري قدر جو ٻنيون به سندس زال سنڀاليندي هئي، هاڻين اهي نشا لٿا آهن ته اولاد ليکي ڪونه ويچاري کي! ڳالهائڻ لاءِ به ڪير نه هوندو اٿس! مان اڪثر انهن وٽ ويندي آهيان، سو، مان وڃان ته ويچارو ڀاءُ آهستي چوندو آهي ته امان چڱو جو تون آئينءَ، هاڻي تنهنجي صدقي ۾ چانهه جو ڪوپ ته ملندو. ويچاري کي ايتري هجت نه آهي، جو ٽائيم کانسواءِ چانهه جي گهر ڪري. مان ته ڀاءُ سان ڳالهائيندي به آهيان ۽ سوچيندي آهيان ته جتي مرد ڪم نه ڪري اتي ان جو اهڙو حال آهي. گذريل سال سندس والده گذاري ويئي آهي. ان جي جاءِ تي سندس زال ٿوري ڪاوڙ ڪندي آهي ته ائين لڳندو آهي ڄڻ گهر ۾ راڪاس گھمي ويوآهي. اولاد ماءُ کان تمام گهڻو ڊڄي ۽ ماءُ جو ادب به ڪري. حالانڪ ماءُ ۽ پيءُ ٻنهي جو ادب لازمي آهي پر ڪنهن حالتن ۾ اهڙا گهر به جهنم ٿي پوندا آهن جتي مرد گهر جو سنڀاليندڙ نه آهي. يا وري پنهنجي عياشين ۾ زندگي گذاري ٿو ۽ گهر ۽ اولاد کان لاپرواه اهي مان پنهنجي ساهيڙيءَ لاءَ ته دعا ڪندي آهيان ته سندس مڙس کي خدا نيڪ هدايت ڏئي. عورت رُکي سُکيءَ ۾ به اُتي خوش هوندي آهي ، جتي کيس سچو ساٿي ملي!

مارچ 1985ع

(12)

دنيا ۾ هٽلر جي ظلم جو عام مثال ڏنو ويندو آهي ته جيڪي هن اذبت خانا قائم ڪيا هئا تن مان نڪرڻ به ڏکيو هو ۽ لوڙڻ به ڏکيو هو. پر سنڌ جي مسلمانن ۾، خاص ڪري اسان جي ملڪ ۾ ۽ خصوصاً اسان جي معاشري ۾ جيڪا اذيت ۽ ڌڪار عورت برداشت ٿي ڪري، ان جو مثال ته هٽلر جي ظلم کان به وڌيڪ آهي. هڪ ڇوڪري ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين مختلف روپن ۾ جيڪو عذاب برداشت ڪري ٿي ان جو مثال به ڏئي نٿو سگهجي اسان جي هر گهر ۾ هٽلر جهڙا اذيت خانا کليل آهن ۽ بظاهر اسان هڪ عورت کي ڌيءَ، ڀيڻ، ۽ زال ۽ ماءُ جا مقدس لفظ ته ضرور ڏيون ٿا پران سان گڏ جيڪا اسان کيس اذيت ٿا ڏيون، ان جو تصور به اڄ ڪلهه جي مهذب معاشري ۾ نه آهي.
اسان وٽ ڪڏهن عورت کي عزت، ڪڏهن مذهب ، ڪڏهن اخلاق ۽ ڪڏهن وڏا ماڻهپي جي پردي ۾ جو ڪجهه ڀوڳڻو ٿو پوي ان جو تفصيل جيڪر ٻڌائجي ته لڱ ڪانڊارجي وڃن ٿا. اسان پڙهيل ۽ مهذب معاشري جا دعويدارآهيون ، پر حقيقت ۾ اسان جو ذهن اڃان تائين به اسلام واري دور جي اچڻ کان اڳي وارو آهي. اڳي ايترو ته هو ته ڌيءَ کي ماري پوري ڇڏيندا هئا، پر هت ته جيئرو رکي عورت کي باربار ماريو وڃي ٿو. خاص ڪري ذهني اذيت ڏئي اُن کي اُن طرح ۽ ان کانپوءِ جسماني اذيت ڏئي. اسان اهو ذهن جاهلن وارو پنهنجن نسلن کي ورثي ۾ اڃا به ڏيندا ٿا اچون. ڇا اهو سلسلو اڃان به ائين ئي جاري رهندو؟
اسان وٽ نياڻيءَ جو ڄمڻ رنج جو ۽ مسئلن جو باعث آهي ۽ اُهي مسئلا اسان جا پنهنجا هٿرادو پيدا ڪيل آهن. ڇوڪري ٿوري وڏي ٿئي ته سڀ کان پهريون ان کي اهو ذهني جهٽڪو ملي ٿو ته تون اسان تي بار آهين، پرائي در وڃڻو اٿئي، سو توکي وڌيڪ انگل ڪرڻ جو حق نه آهي. گهر ۾ سٺي شيءِ ايندي ته ڀاءُ لاءِ ايندي ۽ اُهو بچائيندو ته تون کائجانءِ. ڀاءُ کي ڀيڻ نه پر نوڪرياڻي ملندي آهي. پڙهائي جو رواج آهي، سومجبوري آهي، ته ڇوڪريءَ کي پڙهائڻو به آهي. اسڪول ۾ به چڱي ڪپڙي لاءِ پئي سڪندي مطلب ته سندس جائز ضرورت به پوري ڪانه ٿيندي آهي. اُن جي مقابلي ۾ سندس ڀاءُ جي هر ناجائز ضرورت خواهش پوري ڪئي ويندي آهي. کيس جيڪا عيد وغيره تي خرچي ملي يا ٿوري گهڻي ميڙي چونڊي هوندي اٿس ته اها به ڀاءُ وٺي ويندو آهي.
مان پنهنجي ذاتي مشاهدي جي ڳالهه ٿي ڪريان ته اهي تمام وڏا ماڻهو جيڪي پيسي جي لحاظ کان به ۽ انهن ۾ اڪثريت خاص ڪري وڏيرن جي آهي، توهان اگر سندن گهر لنگهي ويندا ته خبر نه پوندي ته وڏيري ڪير آهي ۽ نوڪرياڻي ڪهڙي آهي؟ گهر ۾ چار کٽون پيو ن هونديون ۽ اوطاق ڏسي توهان کي راجا اندر ياد اچي ويندو. ان کان سواءِ مايون اندر پٽاٽي بصر تي پيون گذران ڪن ۽ ٻاهر نوڪرن جا ڪتا به ٻوڙ پلاءَ کائن کين پنهنجي ضرورت لاءِ سلائي ڪڙهائي ڪرڻي پوندي آهي. مان ذاتي طرح اهڙن ڪيترن وڏيرن جي گهرن جا مثال ڏئي ٿي سگهان.
وچين طبقي جي عورت کي ڄمڻ کان پوءِ اهو انتظار رهي ٿو ته شادي کان پوءِ سُک ملندو. پر شادي کان پوءِ يا ته کيس ساهرن ۾ جانورن وانگر ڪم ڪرڻو ٿو پوي يا وري ٻاهر گهر کان نڪري نوڪري ڪرڻي ٿي پوي کيس ٻيڻي مصيبت سهڻي ٿي پوي. نوڪري نٿي ڪري ته گهر جي پورت ڪانه ٿي پوي ۽ نوڪري ڪري ٿي ته کيس گهر جي ڪم ۽ ٻاهر منهن ڏيڻو آهي!
نوڪري کان موٽندي کيس مڙس جي جُتي به لاهڻي آهي ڇو جو زال بهرحال پير جي جُتي آهي. وري هي طعنا به سهڻا اٿس ته ٻاهر عيش ڪري ٿي ۽ ڪمائي به پنهنجي لاءِ ٿي. ڪن حالتن ۾ عورتون پنهنجي ٻارن ۽ مڙس جو بار به کنيو بيٺيون هونديون آهن پر موٽ ۾ ٻه لفظ به همدردي جا نٿا ملنس. جي اتفاق سان ڪنهن عورت کي طلاق ملي ٿي يا وري سندس مڙس مري وڃي ٿو ته اسان ساڻس جيڪو سلوڪ ڪيون ٿا، ان کان سڀ ڪو واقف آهي ۽ اهڙي عورت سڄي معاشري جي ڌڪار سهي ٿي.
ڪي مرد ماءُ پيءُ جي چئي ۾ يا والدين جي دٻاءَ هيٺ اچي شادي ڪن ٿا . پوءِ ظاهر آهي ته اها زال ڪا نه ٿي وڻي، سو ماني به نه ٿي وڻي. ٿانءَ ٻوٿ ۾ هڻنس. يا وري اهڙا مرد ٻاهران ڪاوڙجي ايندا ۽ سامهون جي زال نظر اچي وئي ته ڏنڊو کڻي در بند ڪري ماريندس. جيسين سندن ڪاوڙ ڍري ٿئي !هي سڀ ڳالهيون اسان جي گهڻو ڪري هر گهر ۾ ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ آهن.
اسان پاڻ کي عظيم ۽ عزت وارا سڏايون ٿا. پر ڇا اسان اُهي عذاب خانا بند نٿا ڪري سگهون؟ اسان پنهنجي ماحول کي ڪجهه سڌاري نٿا سگهون.

(13)

”پڙهڻ“ ۽ ”لکڻ“ اڄ جي دؤر جي هڪ بنيادي ضرورت ٿي پئي آهي، سو اسين ضرورت کي سمجھي هلائيندا آهيون. منهنجو واضح اشارو ڪافي آهي، سمجھڻ جي ضرورت آهي، باقي ڊگري، سا ته بيگر وهي به ملي ويندي پر هڪ شيءِ آهي ”ادب“ جنهن کي جيترو سمجھجهي اوترو گهٽ آهي يا ائين مان چوان ته ”ادب“ جي گهرائي ۽ اونهائي جو ڪو به ڪاٿو نه آهي، هرڪو پنهنجي پنهنجي سمجھه مطابق ان تائين پهچي سگھي ٿو.ڪنهن زماني ۾ مون به هڪ نظم يا poem پڙهيو، ان مونکي ڏاڍو متاثر ڪيو، اکر هڪ وڏي شيءِ آهي، اهو هڪ اکر آهي، جيڪو زندگيءَ کي سنواري به ٿو ته ماري به ٿو. دنيا سڄي اکرن ٿي هلي ٿي.اسين اکر ڳالهايون ٿا، لکون ٿا ۽ پڙهون ٿا اکرآهن اکرن جا ۽ اکر کان اڳ انسان کي آواز ته هو، پر جڏهن اکر آيو تڏهن اهو آواز، جنهن جو اڳي ڪو مطلب نه هو، ان کي مطلب مليو ۽ ان مان سمجهه ملي ۽ انسان مڪمل ٿيو! اکر نيڪي آهي، اکر بدي آهي، اکرضمير آهي، اکر خودغرضي يا بي ضميري به آهي!اسان مختلف اکر ڳالهائي لکي يا پڙهي متاثر ڪنداآهيون، يا ٿيندا آهيون، آواز جو وجود اکر کانسواءِ بيڪار آهي، سو ڪي اکر اهڙا هوندا آهن جن کان اسين متاثر ٿيندا آهيون ۽ وري ان کي سڄي عمر وساري نه سگھندا آهيون. مون هڪ اهڙي poem پڙهي هئي، ان کان تمام گھڻو متاثر ٿيس ۽ اهو نظم منهنجي خيال ۾ ويهي ويو، مونکي شاعر جو نالو ته ياد نه رهيو باقي تخليق اڃان به ياد آهي. ٽئگور چيو آهي ته هر نئون انسان خدا جي اها گواهي کڻي ٿو اچي ته خدا انسان سان مايوس نه آهي. ٽئگور جي اها ڳالهه ۽ وري هيءُ نظم،انهن ٻنهي جڏهن منهنجي ذهن ۾ ماڌاڻ مچايو تڏهن مون به هڪ نظم لکيو جيڪو ان نظم، جنهن جو خيال آهي: پئدائش کان اڳ انسان جي دعا، تنهن نظم ۾ هڪ پيشن گوئي ٿيل آهي، هڪ اهڙي معاشري جي جنهن جي جهلڪ اسان آهستي آهستي ڏسون پيا. پر جيئن ته انسان اشرف المخلوقات آهي، سو،مان يقين رکان ٿي،ته اهو دؤر به آسانيءَ سان ڪاٽي ويندو.اڄ جو دوءر ڪن ملڪن ۾ ڪماليت تي آهي ته ڪٿي وري زواليت آهي! جيڪي اڄ زواليت تي آهي هي مستقبل ۾ ڪماليت تي پهچندا. ان طرح ڪائنات وقت جي رفتار هلندي رهندي جيسين ابديت ٿئي مان پهرين اهو نظم ٿي لکان. ان کي توهان پڙهو ۽ ان جي هيٺان مان نظم ڏيان ٿي، بنا ڪنهن تبصري مون هي نظم اٽڪل ڏهه سال اڳ پڙهيو هو ۽ هاڻي جيڪو دور هلي پيو، هي نظم ان جي عڪاسي ڪري ٿو ۽ ٿي سگهي ٿو هي نظم توهان کي به وڻي وڃي زبردستي آهي:

Prayer Before Birth

I am not yet born; O hear me .
I am not yet born, console me.
I fear that the human race may
With tall walls wall me,
With strong drugs dop me,
With wise lies lure me,
In blood-baths roll me
I am not yet born,forgive me
For the sins that in me the World
Shall commit, my words
When old men lecture men,
Lover’s loghet me.
And the beggar refuses my,
Gift and my children curse me,
Let out the man whos is beast,
Or , thinks he is God.
Come near me,
I am not yet born, O, fill men,
With strength against those,
Who would freeze my humanity,
Let theme not make me a stone
And let them not spill me.
Otherwise kill me.

هيءُ اهو نظم آهي هاڻي جيڪو مون لکيو آهي سو ان کان متاثر ٿي لکيوآهي، نه هن نظم جو جواب آهي نه ئي هن نظم تي تنقيد، هڪ انسان جي خواهش ۽ اميد آهي ته مستقبل هن جو پنهنجو آهي.

Sound of Time
Tommorrow must be mine

My words are for,
Reds, Whites & Blues.
Which are God’s Clues,
You will be replaced,
By any one,
I took the place of some one,
I will be replaced,
Any time unconsciously,
So,process going continuously .
Past was good.
Today is some thing right,
Future will shine bright,
Now hear the bells of,
Sound of time,
Tomorrow must be mine.

Munawar Sultana.