لوچي لڌم لال، سنڌي شعبي جي ليڪچرار محترم رياض حسين ڪلهوڙي جو تنقيدي ۽ تحقيقي مقالن تي مشمتل ڪتاب آھي. ھِي ڪتاب جنوري 2023ع ۾ چانڊوڪي پبليڪيشن پاران ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. سنڌسلامت سٿ، ليکڪ جو ٿورائتو آھي جنھن سنڌسلامت ڪتاب گهر تي ھِيءُ ڪتاب اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ سان گڏوگڏ سافٽ ڪاپي پڻ موڪلي ڏني.
لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق
لوچي لڌم لال
- 4.5/5.0
- 39
- 2
- آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
- ڇاپو 1
سنڌسلامت پاران
لوچي لڌم لال، سنڌي شعبي جي ليڪچرار محترم رياض حسين ڪلهوڙي جو تنقيدي ۽ تحقيقي مقالن تي مشمتل ڪتاب آھي. ھِي ڪتاب جنوري 2023ع ۾ چانڊوڪي پبليڪيشن پاران ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. سنڌسلامت سٿ، ليکڪ جو ٿورائتو آھي جنھن سنڌسلامت ڪتاب گهر تي ھِيءُ ڪتاب اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ سان گڏوگڏ سافٽ ڪاپي پڻ موڪلي ڏني.
ڪتاب جي مھاڳ ۾ محترم مير حاجن مير لکي ٿو تہ :
”لوچي لَڌَمِ لالَ“ جا سڀئي مقالا منفرد لاجواب ۽ شاندار آهن. ليکڪ اوک ڊوک ۽ وڏي محنت ڪري، هيرا موتي ميڙيا آهن، جنهن تي کيس جس ڏجي ٿي، سندس مقالن جي ٻولي ۽ اسلوب نهايت منفرد ۽ وڻندڙ آهي، هن ڪوشش ڪري نوان موضوع چونڊيا آهن، ڪي موضوع اهڙا به آهن، جن تي هنن مقالن کان اڳ ڪنهن قلم ناهي کنيو.
توھان کي ھِي ڪتاب پڙھي ڪيئن لڳو پنھنجي راءِ کان ضرور آگاھ ڪندا.
سنڌسلامت سَٿ
سچل ڳوٺ، ڪراچي
لوچيندڙ ليکاري، رياض ڪلهوڙو...!
جديد سنڌي ادب جي وشال ڪائنات ۾ معياري لکڻين جي پرک ڪرڻ ايئن آهي، جيئن ڀرت ڀريل گج مٿان بيهي ان جي رنگن جي نرالپ کي واکاڻڻ. جتي هر رنگ پنهنجي سهڻيءَ سجاوٽ جا دل ۽ اکين تي رنگ ڇڏي ڪيئي معنائون آڇي ٿو. اهڙي طرح سنڌ جي نوجوان ليکاري رياض ڪلهوڙي جي تحقيقي ۽ تنقيدي مقالن تي مشتمل ڪتاب ”لوچي لَڌَمِ لالَ“ تي سوچڻ ۽ لکڻ تخليقي صلاحيتن جي رنگن کي نکارڻ ۽ واکاڻڻ برابر آهي.
سندس تحقيقي ۽ تنقيدي مقالن اندر جيڪا ڄاڻ اوتيل آهي، اها منفرد ۽ مهلائتي ان ڪري به آهي جو سندس لکڻيون معياري آهن ۽ سندس لکڻين کي پڙهندي ادبي اتهاس جون رنگينيون نگاهن آڏو پنهنجا سهڻا رنگ پسائيندي محسوس ٿين ٿيون، جتي ماڻهو معيار کي ڇڏي سکڻي واهه واهه ٻڌڻ جي چڪر ۾ پنا ڪارا ڪري، لکڻين جو تعداد وڌائين ٿا، اتي رياض ڪلهوڙي جي ادبي ڪِرت بنهه نرالي ۽ سوچڻ تي مجبور ڪندڙ پڻ آهي.
سنڌ جي باڪمال ليکڪن جي معياري لکڻين تي قلم کڻي، جهڙي ريت رياض ڪلهوڙي ادبي رياضت ڪئي آهي، اها اڄوڪي بي وڙي دؤر ۾ نه صرف تاريخي حيثيت رکي ٿي پر قابلِ داد پڻ آهي.
ان منفرد ۽ مهلائتي رياضت کي سنڌ جي عاشق اکين ۽ هٿن تائين پهچائيندي نهايت ئي سرهائي محسوس ڪريون ٿا.
رياض ڪلهوڙي جو هي پهريون ڪتاب ”لوچي لَڌَمِ لالَ“ تحقيقي ۽ تنقيدي مقالن تي مشتمل چانڊوڪي پبليڪيشن پاران ڇپائي، اوهان آڏو ان اميد سان آندو آهي ته اوهان پڙهندڙن جون نگاهون سندس ٻوليءَ جي خدمت عيوض ضرور داد ڏينديون.
اسيرامتياز
03342208151
مهاڳ: ڏکيي پنڌ جو مسافر
ڪي شاعر چون ٿا ته، نثر لکڻ ڏکيو آهي، ڪي نثر نويس چون ٿا ته شاعري لکڻ ڏکي آهي. پر ڪي ليکڪ ٻنهي شعبن ۾ هڪ جيتري حيثيت رکن ٿا. جيئن اسان وٽ شيخ اياز آڪاش جيڏو شاعر آهي ته نثر ۾ ڌرتيءَ جيڏو نثر نويس آهي. شاعريءَ جي صنفن جيان نثر ۾ پڻ ڪيئي صنفون ٿين ٿيون، جيئن ناول، ڪهاڻي، آتم ڪٿا، مضمون، ڊرامو، مقالو وغيره. اسان وٽ عام سمجهيو ويندو آهي ته مضمون ۽ مقالو هڪ ئي شيءِ آهي، پر ائين ناهي مضمون ۽ مقالي ۾ فرق آهي، مقالو هڪ گهڻ محنتي ۽ تحقيق طلب صنف آهي، جنهن ۾ دليل ۽ حوالا ڏئي، آخر ۾ نتيجو ڪڍيو ويندو آهي، نتيجي ۾ مقالي جو مقصد واضح نموني سمجهايو ويندو آهي. سنڌ جي عظيم شاعر شيخ اياز لکيو آهي ته: ”شاعري رقص ڪندي آهي ۽ نثر پنڌ ڪندو آهي.“
سنڌ ۾ ڪيترائي نوجوان هڪ نئين تخليقي سفر جي پنڌ ۾ آهن ۽ هو شاعري، ڪهاڻي، ناول، مضمون، مقالي ۽ ٻين صنفن ۾ طبع آزمائي ڪندا رهن ٿا. پر مقالي لکندڙن جو تعداد ٿورو نظر اچي ٿو، ڇو ته مقالو، گهڻي محنت ۽ جفاڪشي وارو ڪم آهي. ادب ۾ پهريون نمبر ذهني تخليق کي چيو وڃي ٿو، جيئن، شاعري، ڪهاڻي، ناول، ڊرامو وغيره آهن، تحقيق کي ثانوي حيثيت آهي، پر آهي هي ڏکيو ڪم، جو ٻين جي تخليقن تي ويهي نور نچوئجي ٿو. پنهنجي قلم جي نوڪ سان دليل ڏئي ثابت ڪرڻو پوندو آهي ته، تخليق ۾ ڇا سمايل آهي ۽ سماج ۾ ان جي ڪيتري اهميت ۽ افاديت آهي، سو اهو ثابت ڪرڻ جو بار محقق تي آهي، نامور ڪهاڻيڪار ناول نويس ايوب عمراڻي چوندو هو ته ”قلم ڪلها ٿو ڇني.“
منهنجي سامهون نئين ٽهيءَ جي اڀرندڙ محقق رياض ڪلهوڙي جو ڪتاب ”لوچي لَڌَمِ لالَ“ پيو آهي، جنهن ۾ مخلتف موضوعن تي مقالا لکيا ويا آهن، ڪي اهڙا به موضوع آهن، جن تي شايد هن کان اڳُ نه لکيو ويو آهي. ”لوچي لَڌَمِ لالَ“ جو پهريون مقالو ”جديد سنڌي شاعريءَ جي علمبردار ڪشنچند بيوس جي شاعريءَ جو اڀياس“ آهي. ڪشنچند بيوس سنڌي شاعريءَ کي جدت جي هڪ نئين ڌارا سان روشناس ڪرايو، هُن فارسي زده شاعريءَ جو گس ڇڏي، هڪ نئين روايت جو بنياد وڌو، جنهن ۾ تشبيهون، استعارا ۽ ڪنايا پنهنجي ديس مان کنيا، بلبل ۽ گل جي روايتي انداز کي ختم ڪيو، هن مقالي ۾ ليکڪ واضح ڪيو ويو آهي ته: ”ڪشنچند بيوس وٽ فن به آهي فڪر به آهي، فن، فڪر کي ٽيڪ ڏئي کنيو بيٺو آهي ۽ فڪر وري فن کي اڀاريو بيٺو آهي.“
هن ڪتاب جو ٻيو مقالو ”سنڌي ادب ۾ مقدمه نگاريءَ جو فني ۽ فڪري جائزو“ آهي. سنڌ ۾ مشهور مقدما لکندڙ، هوتچند مولچند گربخشاڻي، شمس العلماء عمر بن محمد دائودپوٽو، پير حسام الدين راشدي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ٻيا آهن. مقدمو لکڻ به هڪ فن آهي. هن مقالي ۾ مقدمي لکڻ جو فن سمجهايو ويو آهي ۽ مقدمي جي وصف، معنيٰ ۽ تشريح پڻ ڏني وئي آهي. هي مقالو نَون محققن کي مقدمو لکڻ جو رستو هموار ڪري ٿو. مقدمي جي اهميت، خارجي پهلو، داخلي پهلو، تحقيقي، تنقيدي ۽ توصيفي راءِ، تحقيقي مقدما، تنقيدي مقدما، توصيفي مقدما ڪهڙا هوندا آهن، انهن بابت تفصيل سان سمجهايو ويو آهي، هن موضوع تي اسان کي ڪو اڳ لکيل مقالو نه ٿو ملي. جس آهي رياض ڪلهوڙي کي جنهن هن اهم موضوع تي قلم کنيو آهي.
هن ڪتاب جو ٽيون مقالو ”ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي مقدمه نگاريءَ جو تنقيدي جائزو“ آهي. سنڌي ادب ۾ مقدمي جي شروعات هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ شاهه جي رسالي جو مقدمو لکي ڪئي. مقدمو به نثر جي هڪ صنف آهي، پوءِ اهو ڪنهن نظم جي ڪتاب جو مقدمو هجي يا ڪنهن نثري ڪتاب جو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌي ادب جو هڪ وڏو مقدما نگار هو. هن جي پرک جي ڪسوٽي تمام مٿانهين هئي، هُو ، جيڪو مقدمو لکندو هو، ڇنڊي ڦوڪي لکندو هو. سندس لکيل مقدما هڪ سَنَدَ جي حيثيت رکن ٿا. سندس لوڪ ادب بابت لکيل مقدما سنڌي ادب ۾ هڪ الڳ حيثيت رکن ٿا ته تاريخ بابت لکيل مقدما جهڙوڪ: تاريخ معصومي جو مقدمو، چچ نامي جو مقدمو، تحفته الڪرام جو مقدمو مُستند مڃيا وڃن ٿا.
هن مقالي ۾ مصنف واضح ڪيو آهي ته ”مقدمي کي سنڌي ادب ۾ صنف طور متعارف ڪرائڻ وارو ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي آهي ۽ وري ان کي سنڌي ادب ۾ عروج تي پهچائڻ وارو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ آهي. ڊاڪٽر نبي خان بلوچ جي مقدمن کي پڙهون ٿا ته منجهن هڪ سٽاءُ، فن ۽ فڪر جو ڀرپور انداز سان ملي ٿو.“
هن ڪتاب جو چوٿون مقالو ”سچل سرمست جي سنڌي شاعريءَ ۾ اصطلاحن / محاورن جو تحقيقي اڀياس“ آھي. هن مقالي ۾ سچل سرمست جي شاعريءَ ۾ استعمال ٿيل اصطلاحن، محاورن، پهاڪن ۽ چوڻين تي بحث ڪيو ويو آهي. اصطلاح تشريح سان بيان ڪيا ويا آهن، جهڙوڪ: ڪانگ اڏائڻ، پير گهمائڻ، جوڳ پچائڻ، لاڳاپا لاهڻ، ڏونگر ڏورڻ، منهن ڦيرائڻ، ورهه وهائڻ، اکين ۾ جايون اڏڻ، رت روئڻ، هنجون هارڻ، اک اڙائڻ، رنگ لائڻ، ڪمر ٻڌڻ، وک وڌائڻ ، هٿ ٻڌڻ، لنئون لائڻ، پير ڀرڻ، لقب لائڻ جهڙا خوبصورت اصطلاح ۽ محاورا تشريح سان بيان ڪيا ويا آهن. مصنف واضح ڪيو آهي ته ”سچل سرمست پنهنجي شاعريءَ ۾ اصطلاحن ۽ محاورن کي ڪتب آڻي، پنهنجي شاعريءَ کي لساني آسودگي بخشي آهي.“
هن ڪتاب جو پنجون مقالو ”سچل لغات ۽ لغات سچل سرمست جو تقابلي جائزو“ آهي. لطيف کان پوءِ ٻئي وڏي اساسي شاعر سچل سرمست جي شاعريءَ تي لکيل ٻن لغتن جو اڀياس ڪيو ويو آهي. ”سچل لغات 1984ع“ سنڌ جي نامور محقق ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي ۽ ”لغات سچل سرمست 2017ع“ سنڌ نامور محقق ڊاڪٽر بدر ڌامراهي جي لکيل آهي. مصنف ٻنهي لغتن جو اڀياس ڪري واضح ڪيو آهي ته، ”ڊاڪٽر بدر ڌامراهي هن لغت ۾ لفظن جي بنيادي معنيٰ کان وٺي تفصيلي تشريح تائين وضاحت ڪئي آهي. جنهن سان پڙهندڙ وڌيڪ معلومات حاصل ڪري سگهي ٿو.“
هن ڪتاب جو ڇهون مقالو ”سر ڪاريل جو تحقيقي جائزو“ آهي. هن مقالي ۾ مصنف شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعريءَ جي ”سُر ڪارايل“ جو اڀياس ڪيو آهي. ڪارايل جي معنيٰ هنج يا مور عالمن ٻڌائي آهي پر هن سر ۾ ٻين پکين ۽ جانورن جو به ذڪر ڪيو ويو آهي، جهڙوڪ: هنج، مور، ٻگهه يا ڪنگ، ڪانيرو، شهباز، ڪرهه (اُٺُ)، هاٿي، ڀونرُ ۽ ٻيا پکي ۽ جانور شامل آهن. محقق وڏي محنت ڪري هن مقالي ۾ پکين ۽ جانورن جو بُڻ بڻياد، پکين جون وصفون (صفتون)، عادتون، چلتون پڻ بيان ڪيون آهن.
ستين مقالي ۾”شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ مذهبي لاڙي جو اڀياس“ ڪيو ويو آهي. اياز جديد سنڌي شاعريءَ جو امام ۽ اياز کان پوءِ جي شاعرن جو پيش رُو آهي. هن جي شروعاتي زندگي ۽ شاعري ترقي پسندي، روشن خيالي ۽ سيڪيولر هئي، پوءِ اياز تي ڇسي تنقيد ڪئي وئي جنهن ۾ مُلائيت شامل هئي. پوءِ به اياز ڪي مدرسا يا مسجدون ته ڪو نه وسايون هيون، ليڪن پنهنجي نظريي ۾ نرمي ضرور ڪئي هئي. هن مقالي ۾ محقق واضح ڪيو آهي ته ”شيخ اياز سنڌي ادب جو هڪ اهڙو شاعر هو، جنهن جو زندگي ڀر اسلامي شريعت سان ڪو به واسطو نه رهيو، ننڍپڻ به اهڙي ماحول ۾ پليو ۽ نپنو جو مذهبي حوالي سان عدم دلچسپيءَ واري ڪيفيت ۾ گذاريائين. هن جو خاندان پڙهيل ڳڙهيل ۽ شهري مزاج جو مالڪ هو. سندس تربيت پڻ اهڙي ئي ماحول ۾ ٿي جو هندو، مومن هڪ ٿيو واري واٽ ورتائين. مذهب کي فرد جو ذاتي مسئلو سمجهيائين.“
هن ڪتاب جي اٺين مقالي ۾ ”قاضي مقصود گل جي شاعريءَ جو تنقيدي اڀياس“ ڪيو ويو آهي. هن مقالي جي شروعات ۾ زندگيءَ جو احوال ڏئي، ڪتابن جو تعارف پيش ڪري سندس شاعريءَ تي تنقيدي نظر وڌي وئي آهي. قاضي صاحب جي شاعريءَ جي لکيل صنفن جهڙوڪ غزل، رباعي، ترائيل، دوهي ۽ ٻين صنفن جو اڀياس ڪيو ويو آهي. هي بهترين مقالن مان هڪ مقالو آهي. وڏي عرق ريزي سان لکيو ويو آهي. ليکڪ هن مقالي ۾ ثابت ڪيو آهي ته: “ قاضي مقصود گل هڪ سچو ۽ کرو شاعر هو. جنهن جي شاعريءَ ۾ مزاحمت، پيار ۽ محبت جا جذبا جهلڪا ڏيندي محسوس ٿين ٿا. سندس شاعريءَ پنهنجي دؤر ۾ ئي مقبوليت ماڻي هئي.“
هن چيو’مذهب‘ هجي ۽ مون چيو ’انسانيت‘
سمجهه جو ڦيرو هيو، ٻيو ته ڪو جهڳڙو نه هو .
( قاضي مقصود گل)
هن ڪتاب جي نائين مقالي ۾ ”ميين شاهه عنات رضوي جي شاعريءَ جو جائزو“ پيش ڪيو ويو آهي. ميون شاهه عنات رضوي سنڌ جي قديم شهر نصر پور جو رهاڪو هو، کيس وائيءَ جو موجد چيو ويندو آهي. هو سنڌ جي ڪلاسيڪي اساسي شاعرن ۾ اهم حيثيت رکي ٿو. محقق هن مقالي ۾ ثابت ڪيو آهي ته، شاهه عنات هڪ وڏو شاعر هو، جنهن وٽ فڪر ۽ فن جا خزانا آهن. شاهه ڪريم ۽ شاهه لطيف جي دؤرکي ڳنڍيندڙ هڪ ڪڙي آهي. شاهه عنايت رضوي پنهنجي ڪلام ۾ نالو ”عنات“ ڪري ڪم آندو آهي. سندس ڪلام ۾ بيش بها حڪمت جا خزانا لڪيل آهن.“
هن ڪتاب جو ڏهون مقالو ”نواز علي نياز جعفريءَ جي شاعريءَ جو اڀياس“ آهي. نواز علي نياز جعفريءَ جي شاعري ۽ شخصيت جو ذڪر سنڌ جي نامور محقق، عالم پيرحسام الدين راشديءَ پنهنجي ڪتاب ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“ ۾ پڻ ڪيو آهي. نياز جعفريءَ جي شاعريءَ بابت چار نقطا بيان ڪيا ويا آهن، پهرئين نقطي ۾ هن جي دؤر کي غزل جي قافيا پئماني وارو دؤر چيو ويو آهي، ٻئي نقطي ۾ سنڌي شاعريءَ ۾ اردو شاعريءَ جو عمل دخل ڄاڻايو ويو آهي، ٽئين نقطي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته، شاعريءَ ۾ مبالغاآرائي حد کان وڌيڪ ٿيندي هئي. چوٿين نقطي ۾ ڄاڻايو آهي ته، هي دؤر نفيس مضمون کان عاري هو. رياض ڪلهوڙي هن مقالي ۾ واضح ڪيو آهي ته، نواز علي نياز جو شمار ٻئي قسم جي شاعرن ۾ ھو، يعني وٽس قدامت به هئي ته جدت به هئي. سندس شاعريءَ ۾ گل و بلبل جو ذڪر به آهي، ته منجهس حسن جي پرستش جو اظهار به آهي.
هن ڪتاب جي يارهين مقالي ۾ رئيس شمس الدين ”بلبل“ جي ادبي خدمتن تي بحث ڪيو ويو آهي. شمس الدين بلبل سنڌ جو ناليوارو شاعر، نثر نويس ۽ صحافي هو. رياض ڪلهوڙي هن مقالي ۾ واضح ڪيو آهي ته: ”شمس الدين بلبل ظرافت، کل، ڀوڳ ۽ چرچي ۾ پنهنجو مقصد بيان ڪري ويندو هو. ظاهر ته کل ۽ مسخري لڳندي هئي، پر ان ۾ هڪ ناصحانو انداز هوندو هو، جيڪو سندس تحرير جي زينت بڻبو هو. هي پنهنجي دؤر جي سڀني مرضن، بدعتن ۽ سماجي براين تان پردو هٽائي نهايت ڪاريگري سان سندن اصلي رنگ ۾ اهڙو ته نروار ڪري عوام آڏو آڻيندو هو، جو هر ڪو ڳالهه جي تهه تائين پهچي ويندو هو.“
”لوچي لَڌَمِ لالَ“ جا سڀئي مقالا منفرد لاجواب ۽ شاندار آهن. ليکڪ اوک ڊوک ۽ وڏي محنت ڪري، هيرا موتي ميڙيا آهن، جنهن تي کيس جس ڏجي ٿي، سندس مقالن جي ٻولي ۽ اسلوب نهايت منفرد ۽ وڻندڙ آهي، هن ڪوشش ڪري نوان موضوع چونڊيا آهن، ڪي موضوع اهڙا به آهن، جن تي هنن مقالن کان اڳ ڪنهن قلم ناهي کنيو. هي ڪتاب هڪ پاسي نون محققن لاءِ نئين راهه کولي ٿو، ته ٻئي پاسي سنڌ جي ڪلاسيڪي اساسي شاعرن، جديد شاعرن، روايتي شاعرن ۽ محققن جي سنڌي ادب ڪيل خدمتن جو سهڻي نموني تحقيقي، تنقيدي ۽ تجزياتي اڀياس پيش ڪري سندن فن ۽ فڪر کي اجاگر ڪري ٿو. اسان جي دوست نوجوان محقق رياض ڪلهوڙي جو تحقيقي پورهيو، اوهان کي ضرور پسند ايندو. سندس ڪيل محنت رائگان نه ويندي. اسين سندس هن پورهيي جي واکاڻ ڪريون ٿا ۽ کيس جس ڏيون ٿا.
مير حاجن مير
سيوهڻ شريف
03-01-2023
ٻہ اکر
انساني ڪيفيتن ۾ ”فڪر“ سڀني کان افضل ۽ مٿانهون مقام رکي ٿو. فڪر ئي آهي، جنهن انسان کي ”احسن التقويم“ تائين رسايو. هر ڪم، ڪرت ۽ قدم لاءِ فڪر ڪرڻ هڪ سٺو سنوڻ ۽ سهڻي صفت آهي. فڪر ئي ته آهي، جنهن لوهه کي هوا ۾ اڏايو، پهڻن کي پاڻيءَ ۾ تاريو ۽ ورهين جي سفر کي سهنجو بڻايو. ڪائنات جون هڙئي تخليقون فڪر جو نتيجو آهن. اردو ادب جي برک ڏاهي واصف علي ”واصف“ جو چوڻ آهي ته: ”سوچڻ وارن جي دنيا، دنيا وارن جي سوچ کان الڳ هوندي آهي.“ سوچڻ ۽ لوچڻ وارن ماڻهن جي دنيا ئي الڳ ٿلڳ آهي. اهي پنهنجي دنيا ۾ جستجو، لوچ پوچ ۾ مگن هوندا آهن ۽ سندن زندگي ٻين لاءِ انوکو مثال هوندي آهي. اڄ دنيا ۾ جيڪا به نواڻ ۽ جدت آئي آهي، سا ان سوچ ۽ لوچ جو نتيجو آهي.
سوچڻ ۽ سوچڻ کان پوءِ لکڻ، لکڻ به اهڙو جو ماڻهن جا من موهجي پون..! اهڙن اديبن کي سلام جن جون تحريرون ۽ تخليقون دلين ۾ جاءِ جوڙين ۽ دماغ جا پردا کولين ٿيون. جادوگر چئبا، اهي اديب...! اهڙن اديبن جي پيروي، ڳوڙهي اڀياس ۽ دماغ سوزي ڪرڻ کان پوءِ ”لوچي لَڌَمِ لالَ“ لکِيم، جيڪو ڪتابي صورت ۾ اوهان جي اڳيان آهي. تيرهن مقالن تي مشتمل هن ڪتاب جو هر مقالو جديد تحقيق جي اصولن تي لکيو اٿم. تحقيقي مقالا لکڻ لاءِ تحقيقي رهنما جي ضرورت پوندي آهي. جن استادن منهنجي رهنمائي ڪئي، انهن ۾ ڊاڪٽر مهر خادم، ڊاڪٽر بدر ڌامراهو ۽ انجنيئر عبدالوهاب سهتو سر فهرست آهن.
ڪتابُ، پڙهندڙن جي هٿن تائين پهچڻ کان پهريائين ڪيئي فني ۽ فڪري مرحلا طئي ڪندو آهي. انهن مِڙني مرحلن ۾ ڪتاب جي ليکڪ/ مرتب/ محقق، ماءُ جيان ڪتاب جي پرگھور لهندو آهي. اکرن کي لفظن، لفظن کي جملن، جملن کي پيراگرافن، پيراگرافن کي مضمونن ۽ مضمونن کي ڪتاب بڻائڻ کان وٺي ڪتاب کي ڇپائي، اوهان جي هٿن تائين پهچائڻ دوران جيڪي به مرحلا طئي ٿين ٿا، تن ۾ ليکڪ قدم قدم تي نهايت سچيتائيءَ سان پڙهندو، پرجھيندو ۽ جستجو ڪندو رهندو آهي.
ٿورائتو آهيان، اسير امتياز جو، جنهن منهنجي مقالن کي وقت سر هن ڪتابي شڪل ۾ ڇپائي پڙهندڙ دوستن کي پڙهڻ لاءِ آڇيو آهي. مان هن هنڌ مير حاجن مير جو ٿورو به مڃڻ چاهيان ٿو، جنهن سان مون هجت ڪئي ۽ ٿورڙي عرصي اندر ڪتاب جو مهاڳ لکي، منهنجي همت افزائي ڪئي. آءٌ ٿورائتو آهيان، عزيز ڪنگراڻيءَ جو، جن قيمتي وقت ڪڍي ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل لکي ڏنو. مان دل جي اٿاهه گھراين سان پنهنجي استاد، پروفيسر غلام حسين ڪٽپر جو پڻ ٿورائتو آهيان، جنهن فليپ لکيو.
رياض ڪلهوڙو
نئون ديرو
جديد سنڌي شاعريءَ جي علمبردار ڪشنچند بيوس جي شاعريءَ جو اڀياس
ABSTRACT:
Sindhi poetry covers centuries of travel. Over the centuries, he has brought many new traditions. There was also an era or a turning point in Sindhi poetry, which was only described in the poetry of Iran's soil and environment. This poetry was a vat of Sindhi poetry but it was not connected with the culture and tradition of Sindh.Then came an era when the poets of Sindh took steps to break the tradition, and new foundations were formed. "The work of modern literature is to present the ruthless truths, but for that, art does not have to suffer, nor does it have to deal with the aesthetic impression. It was a heavy responsibility for the pioneers of modernity. To counteract this difficult and most important issue, there were a lot of poets who took full strides in the revolutionary movement, but Kishanchand "Bevas" proved to be the best. Kishanchand is a versatile poet. His themes and thought are land rooted. In art, Kushanchand's "Bevs" lyrics, coffee, melodrama, triangle, velvet, hexagon and bait are featured. He has experimentedall the genres of poetry.No doubt he is a real poet of all modern traditions.
سنڌي شاعريءَ صدين جو سفر جھاڳيو آهي. انهيءَ صدين جي سفر ۾ ان پاڻ ۾ ڪيئي لاڙا ۽ نيون روايتون پئي سمايون آهن. سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ دؤر يا هڪ موڙ اهڙو به آيو، جو فقط ايران جي سرزمين ۽ ماحول جون روايتون شعر ۾ بيان ڪيون وينديون هيون. اهڙي شاعري،فقط لفظن جو ڀنڊار ته هئي، پر ان جو سنڌ جي سرزمين سان ڪو به لاڳاپو نه هو. پوءِ اهڙو دؤر به آيو، جو سنڌ جي شاعرن انهيءَ نئين روايتن جو بنياد وڌو. ”جديد ادب جو ڪم بي رحم سچاين کي پيش ڪرڻ آهي، پر ان لاءِ فن Art کي به هٿئون ڇڏڻو نه آهي، نه ئي جمالياتي تاثر تي ڪو سودو ڪرڻو آهي. جديديت جي علمبردارن لاءِ اها هڪ ڏکي ذميواري هئي“.(1) ان ڏکي ۽ نهايت اهم ذميواريءَ کي نڀائڻ لاءِ هونئن ته لاتعداد شاعرن جا نالا آهن، جن جدت پسند تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو، پر انهن منجهان ڪشنچند ”بيوس“ سڀني کان اڳرو ثابت ٿيو.
ڌرتيءَ تي هزارين شاعر جنم وٺن ٿا، پر مڃتا واري منزل تي پهچڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ڪونهي. هر شاعر جي سوچ، ويچار ۽ فڪر ۾ فرق هوندو آهي. جيئن هر ماڻهوءَ جي پنهنجي علمي سگهه آهي، تيئن فني توڙي فڪري لحاظ کان هر شاعر جي پنهنجي اڏام آهي. فني حوالي کان شاعر ڪيترو به مضبوط هجي، پر جيڪڏهن سندس فڪر ۾ اونهائي ۽ گھرائي نه آهي، ته کيس جوڳو مقام ملي نه سگھندو. ڪشنچند بيوس پنهنجي شاعريءَ ۾ زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ موجود فطري نظارن سان گڏ سنڌي سماج جا عڪس چٽيا آهن. ڪشنچند بيوس جي شاعريءَ ۾ ڪمال جي رواني، تجربن جي نواڻ ۽ فڪري گھرائي آهي، انهيءَ ڪري ئي ته علامه دائودپوٽي چيو آهي ته:
”واقعي ڪشنچند ”بيوس“ سنڌ جو هڪ عوامي ۽ انقلابي شاعر تسليم ڪجي ٿو، ڇو ته هن ئي سنڌي شاعريءَ کي نوان اسلوب ۽ موضوع ڏيئي ”جديد سنڌي شاعريءَ“ جو بنياد رکيو“. (2)
ڪشنچند ”بيوس“ لاڙڪاڻي واسي هو. هو پرائمري استاد ٿي رهيو ۽ جڏهن لاڙڪاڻي ۽ پوري سنڌ ۾ عروضي تحريڪ جوڀن تي هئي، ته هي صاحب شاعريءَ ۾ فن ۽ فڪر جي هڪڙي نئين جدت کڻي ميدان ۾ لٿو. ڏسندي ئي ڏسندي سنڌي شعر جي تاريخ تي اڻ مٽ عڪس چٽڻ لڳو. ڪشنچند ”بيوس“ جديد شاعريءَ جو باني آهي. هن ڪيتريون ئي نيون روايتون قائم ڪيون ۽ سنڌي شاعريءَ ۾ انهن کي مروج ڪيو.
بيوس جي جدت ۽ نرالي نانءَ سان سنڌي ادب جي تاريخ ۾ هڪ نئون باب ۽ نئون دؤر شروع ٿيو. بيوس شاعري ڪيئن ۽ ڪڏهن شروع ڪئي؟ تنهن بابت ”ڪُليات بيوس“ جي مرتب لکيو آهي ته:
”جڏهن اڃا سورنهن ورهين جو هو ۽ حيدرآباد ٽريننگ ڪاليج ۾ پڙهندو هو، تڏهن به شعر چوندو هو. برسات جو نظارو ڏسندي هڪ رات جو پڙهڻ بدران ”برسات“ تي شعر لکي، ميز تي رکيائين ۽ اتي ئي ڪرسيءَ تي کيس ننڊ وٺي وئي. بورڊنگ جي سپرنٽنڊنٽ چڪر هڻندي اچي هن کي ننڊ ۾ ڏٺو ۽ ميز تي رکيل شعر وارو پنو پڙهي، چُپ چاپ واپس هليو ويو. صبح جو کيس گھرائي، سندس پٺي ٺپي چيائين ته: ”بيوس، ڪنهن ڏينهن اعليٰ درجي جو شاعر ٿيندين.‘‘(3)
ڪشنچند بيوس وٽ فن به آهي ته فڪر به آهي. هن شاعريءَ ۾ فن ۽ فڪر جو اهڙو ته سنگم جوڙيو آهي، جو فن کي پرکڻ وارو به سرهو ٿيو وڃي، ته فڪر کي پرکڻ ۽ پرجھڻ وارو به خوش ٿيو وڃي، ڇاڪاڻ ته هن وٽ فن، فڪر کي ٽيڪ ڏئي کنيو بيٺو آهي ۽ فڪر وري فن کي اڀاريون بيٺو آهي. سائنسي فارمولي وانگر ٻئي ٻِٽُ ٿي، هڪ ٻئي سان ملي بيهن ٿا. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي، پنهنجي ڪتاب ”ڪٺمال“ ۾ لکيو آهي ته:
”ڪشنچند بيوس جي ٻولي آسان ۽ موضوع مقامي آهن. هن غير وطني ۽ دقيق تشبيهن ۽ سکڻي فارسي نوازيءَ کان پاڻ کي آجو ڪيو. هن سوسن سنبل، ياسمين و نسترن ۽ لاله و نرگس جا نالا کڻڻ بجاءِ فقط ”گل“ چئي پنهنجو مقصد بيان ڪيو“.(4)
شاعريءَ جي صنفن جي لحاظ کان ڪشنچند ”بيوس“ غزل، ڪافي، قصيدو، مثلث، مخمس، مسدس ۽ بيت چيا آهن. هن هڪ ماهر سائنسدان جيان مٿين صنفن ۾فني طور انيڪ تجربا ڪيا آهن. جيئن نظم کي غزل سان هم آهنگ ڪري، هڪ صنف مان ٻه مقصد ورتا اٿس. ساڳئي نموني هُن ڪافيءَ کي غزل جي گھاڙيٽي جو روپ ڏنو آهي. ڏوهيڙي ۾ وري رباعي وارو فن رکيو اٿس. بيت مسدس واري سٽاءَ ۾ لکيا اٿس. نظم ۽ غزل جي سنگم جو هڪڙو مثال پيش ڪجي ٿو.
آهي مشهور عالم ۾، جفا تنهنجي، وفا تنهنجي،
حقيقت ۾ مگر آهي، وفا تنهنجي، جفا تنهنجي.
هزارين چشم روشن سان، اچين تان ستارن تان،
تڏهن بي دل ڪدورت کان، نه ٿي آهي صفا منهنجي.
نمڪ تنهنجو سدا کائي، نمت تنهنجي نه ڏيان پائي،
جڳت ۾ آهه هيءَ هائي، سخا تنهنجي خطا منهنجي.
ڪهان ڪهڻي گھڻي سهڻي، رهان رهڻي مگر سکڻي،
وڏائي لئه وهم وهڻي، ٿي بيوس واسنا منهنجي“ (5)
ڏٺو وڃي ته هن نظم جو سٽاءُ غزل وارو آهي. مضمون مان ڪافيءَ جي مضمون جهڙو هڳاءُ ملي ٿو. ڪٿي وري نظم ۾ دوهيڙي ۽ ڪافيءَ جي ملاوٽ جو تجربو ملي ٿو. جيئن هيٺيون مثال ئي ڪافي آهي.
”ڪنهن حال تي هلين ٿو، ڪنهن چال تي چلين ٿو،
مون کي نه ڳجهه سلين ٿو، پاڻان پري جھلين ٿو،
اي آســمــان نــيـلا، تارن سـنـدا وسيلا.
تيزي نظر نهارين، ڌرتــيءَ تــي بــاهه ٻــاريــن،
ماٺي نگهه سان ٺارين، تون هيٺ کير هارين،
تنهنجا ٻــه نيــڻ نيــارا، ســج چنــڊ نانو وارا‘‘.(6)
ڪشنچند ”بيوس“ جي شاعريءَ جا موضوع ، تشبيهون ۽ تمثيلون خالص ڏيهي، عام فهم ۽ سليس آهن. شعر پڙهڻ سان اوپرائپ جو احساس نه ٿو ٿئي. ها البته پنهنجائپ جو احساس هر سٽ مان بکي ٿو. سندس شاعريءَ جي موضوعن ۾ ”بهار‘‘، ”برسات‘‘، ”قدرت وارا‘‘، ”کڙکٻيتو‘‘،“سهائي راتڙي“، ”سنڌ سونهاري‘‘، ”سادگي‘‘، ”همدردي‘‘، ”سچائي‘‘، ”حياتي‘‘، ”ٻار جي سنڀال‘‘، ”غريبن جي جھوپڙي‘‘ ۽ ٻيا شامل آهن. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ادب جي تاريخ‘‘ ۾ ڪشنچند ”بيوس“ جي جدت پسند شاعريءَ بابت لکي ٿو ته:
”جڏهن سندس ڪلام جو پهريون مجموعو 1937ع ۾ شايع ٿيو، ته عروضين ۽ روايتي شعر وارن کيس تنقيد جو نشانو بڻايو، ڇو جو هي ڪلام روايتي وزن ۽ هيئت کان ٻيءَ طرح جو هو“.(7)
ڪشنچند ”بيوس“ جي شاعريءَ ۾ رڳو جدت ناهي، يا هن رڳو جدت کان ڪم ناهي ورتو، پر هن صوفي شاعرن جي روايتن ۽ موضوعن کي به هٿان ناهي ڇڏيو. هن جوڳين ۽ سامين جو ذڪر به ڪيو آهي. جوڳين ۽ سامين جو ذڪر سڀ کان پهرين قاضي قادن ۽ شاهه ڪريم جي ڪلام ۾ ملي ٿو. ان کان پوءِ شاهه عبداللطيف انهيءَ موضوع کي عروج تي رسايو. بيوس به پنهنجي شاعريءَ ۾ جوڳين ۽ سامين جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪو هيٺين ريت آهي:
“ساميئڙن اڄ ساهُه، ساڙي منهنجو ساهه سڪايو،
دونهان درد جا دم دم دکن ٿا، ڀڙ ڀڙ ڪري ٿي باهه،
جوڳين جوڳ جاڳايو.
اٺئي پهر اندر ۾، آديسين الله،
سامين سُن لڳايو.
رام رکيائون روح ۾ رميا مٿي راهه،
پورب پنڌ پڇايو.
”بيوس“ بيراڳي ڏسي، گويا ٿيو گمراهه،
تنهن پڻ ڪفي ڪمايو.‘‘(8)
فنا ۽ بقا جا مسئلا به اوائلي زماني کان وٺي سنڌيءَ شاعريءَ جو موضوع رهيا آهن. بيوس، فنا ۽ بقا جي موضوع کي به پنهنجي شاعريءَ ۾ سمايو آهي. بيوس جي اهڙي شاعري منجهان ڪجهه مثال هيٺ ڏجن ٿا:
“نه بلبل حسب گل تي ڀل، بهاري بي بقا آهي
نزاڪت، رنگ رونق جو، گھڙيءَ کن لئه لقا آهي.
ڦڙي ۾ سمنڊ ٿيو ساقي، رهي فاني اندر باقي،
ڦري ”بيوس“ ٿيو خاڪي، مگر ذاتي سدا آهي‘‘.(9)
جديد سنڌي شاعريءَ، پنهنجي لاءِ نه رڳو موجوده صديءَ جي تاريخي، سياسي ۽ سماجي تبديلين مان مواد حاصل ڪيو آهي، بلڪ ان پنهنجي فڪري ۽ احساساتي واڌ ويجهه لاءِ سنڌ جي زرخيز مٽيءَ ۾ گھڻي گھرائيءَ تائين، پنهنجون پاڙون پکيڙيون آهن. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ان حوالي سان لکي ٿو ته:
”سندس ڪلام جي مجموعي ”شيرين شعر“ کي سنڌي ادب ۾ اها ئي حيثيت حاصل آهي، جيڪا انگريزي ادب ۾ وليم ورڊس ورٿ ۽ سيموئل ڪالرج جي شعر جي مجموعي ”لئريڪل بئلڊس“ کي حاصل آهي.‘‘(10)
اساسي شاعرن جيان ڪشنچند ”بيوس“ جي شاعريءَ ۾ به نيم تاريخي داستانن جا اهڃاڻ ملن ٿا. البته هن سرن ۾ شاعريءَ ناهي ڪئي، پر نيم تاريخي داستانن جو ذڪر ضرور ڪيو آهي. نموني طور ڪجهه شعر هيٺ ڏجن ٿا:
سسئـــي ســـور سمــهــڻ کان پــرايــا،
جيئري ڏٺائين ڏهاڳ سمهڻ ۾ ڇاهي. (11)
سسئي پنهونءَ جو داستان سنڌ ۾ ڪيچ مَڪران جي وچ ۾ هلندڙ واپار ۽ قافلن جي ماحول تي ٻَڌل آهي، جيڪو عربن واري دؤر ۽ پوءِ سومرن واري دؤر ۾، ويندي پنجين صديءَ هجريءَ (يارهين صدي عيسويءَ) تائين قائم رهيو. سنڌ جي اساسي شاعرن کان وٺي عروضي شاعرن تائين ۽ عروضي شاعرن کان وٺي جديد شاعرن تائين سسئي، علامتي ڪردار طور ڳائي وڃي ٿي. سسئي علامت آهي جدوجهد جي، سسئي علامت آهي سچي محبت جي، سسئي علامت آهي ڏکن ۽ سورن جي. سسئي جو نالو کڄي ۽ سور ياد نه پون ائين ممڪن ئي ناهي.
مٺي محبت مَٺي ليلان، مڻئي تي ڪيئن مٽڻ گھرجي،
پرت جي پاڙ کي پاڻهي، نه پاڙان هئن پٽڻ گھرجي.(12)
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ڪشنچند ”بيوس“ جي شاعريءَ بابت راءِ ڏيندي لکي ٿو ته:
”بيوس آسان زبان ڪم آندي آهي ۽ روايتي شمع، پرواني، گل و بلبل توڙي ساقي ۽ ساغر جا موضوع ڇڏي، فطرت جي رنگينين ۽ عام انسانن جي زندگيءَ بابت لکيو آهي.‘‘(13)
بلڪل! اها حقيقت آهي ته بيوس فطري شاعري ڪئي آهي ۽ جدت جا نوان ۽ انوکا رنگ بيان ڪيا آهن.ڊاڪٽر سحر امداد حسيني پنهنجي ڪتاب ”شعور شاعر شاعري“ ۾ جديد ادب لاءِ لکيو آهي ته:
”نئون ۽ جديد اهو آهي جو پنهنجي فن، فڪر، مواد ۽ پيشڪش ۾ نئون ۽ نڪور آهي، جنهن جي فڪر ۾ نواڻ آهي، جنهن جي سوچ ۾ تازگي آهي، جو نئين جو ادراڪ رکي ٿو. جنهن جي پيشڪش جو انداز منفرد ۽ نيارو آهي. جو گھرو آهي، جو بلند آهي، جو نوان پر جٽاءُ دار بنياد رکي ٿو. جو پنهنجي ٻوليءَ کي نوان ۽ صحتمند خيال، خواب ۽ تصور آڇي ٿو. جو مدي خارج ۽ پاروٿو ناهي.‘‘(14)
جڏهن ڪشنچند بيوس جي شاعريءَ کي، ڊاڪٽر سحر امداد جي مٿين ڪسوٽيءَ تي پرکيون ٿا ته، اها ان تي پوري لهي ٿي. سندس شاعريءَ ۾ جدت جا عڪس ۽ اولڙا پَسجن ٿا. بيوس شاعريءَ کي نئين موڙ سان نروار ڪيو، پر سندس اسلوب ۾ ڪا به ڪمي نه آهي. عالمن ادائگيءَ جي طريقيڪار کي اسلوب سڏيو آهي
اهم ڳالهه اها ناهي ته اسان ڇا چئي رهيا آهيون، پر اسان اهو ڪيئن چئي رهيا آهيون. اردو ادب ۾ اسلوب جو اهو ڪمال حافظ، سعدي، فردوسي، مير ۽ انيس ۽ ... جڏهن ته سنڌي ادب ۾ وري مرزا قليچ، ڀيرومل، ڊاڪٽرگربخشاڻي، پيرحسام الدين، ڏيپلائي، شيخ اياز، جمال ابڙي، شمس الدين عرساڻي، نسيم کرل، امرجليل ۽ ڪجهه ٻيا نمايان نظر اچن ٿا. اسلوب ۾ لفظن جي چونڊ، سندن آواز جو معيار ۽ تازگي ۽ جماليات تمام اھم آھن. اسلوب ۾ خيالن کي رنگين بڻائڻ جي صلاحيت هوندي آهي.غلام محمد گراميءَ پنهنجي ڪتاب ”ويا سي وينجھار“ ۾ لکيو آهي ته:
”بيوس پنهنجي سليس ۽ سلوڻي، عوامي ۽ فطرتي شاعريءَ جو موجد هو.‘‘(15)
جهڙيءَ طرح ڪشنچند ”بيوس“ جي سنجيده شاعري، جدت ۽ فڪر سان ڀرپور آهي، اهڙي طرح سندس ٻاراڻي شاعري به جدت جو انوکو مثال پيش ڪري ٿي. کانئس اڳ يا وري پوءِ ڪنهن به شاعر اهڙو شعر ناهي جوڙيو. بيوس جي هن نوعيت جي شاعري سنڌيءَ جي درسي ڪتابن ۾ به شامل آهي، پر ڪو زمانو اهڙو به هو، جو پهرين درجي کان پنجين درجي تائين جي درسي ڪتابن ۾، بيوس جا هن قسم جا حسين شعر پڙهڻ لاءِ ملندا هئا.
سڀ ڪن تنهنجي ساراهه، قدرت وارا،
نرمل جوتي نور نظارا، قدرت وارا.
يا
اچو ته ننڍڙي ريل هلايون،
باهه ببوءَ ۾ دود دکايون،
ڪري واءُ سان واهه جون وايون،
ڇهه ڇهه پيسا ٻه ٻه پايون
يا
مٺڙا گھوڙا اوري آءُ
خوب خوشيءَ سان داڻو کاءَ
يا
ڦوڪي ڦار نه ڦوڪڻو،
منهنجو آهي ملوڪڻو.
يا
کهنبي رتڙي لال ڪنوار!
هل ته ڀنڀوري ڀڻون هزار.
مطلب ته ڪشنچند ”بيوس‘‘ جي شاعري اڄ به سنڌ ۾ وڏا توڙي ننڍا مٺاس ڀريئي منفرد ٻوليءَ ۾ آلاپيندا رهن ٿا. بيوس کان پوءِ ڪيترن ئي شاعرن اهڙي شاعري لکڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪو به سندس برميچي نه سگھيو. ڇاڪاڻ ته ٻاراڻو ادب سرجڻ لاءِ ٻار ٿيڻو پوي ٿو ۽ اهو سڀ ڪجهه هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه آهي. بيوس جي انهيءَ ڪردار بابت سندس نياڻي پورن ديوي جو چوڻ آهي ته:
”ايتريون ساريون مشغولين هوندي به اسان کي ڪڏهن نه چيائون ته مون وٽ وقت ڪونهي، جيڪا گُھر ڪندا هئاسين، سا پوري ڪندا هئا. رانديون ڪيون ته کيس گھوڙو بڻايون. کيڏندي کيڏندي گيت تيار ٿي ويندو هو.”شاباش منهنجا گھوڙا، تيار، تکي ريل هل رفتار“. ساڻس گڏ ڦوڪڻا ڦوڪي اڏايون ته راڳ تيار ”ڦوڪي نه ڦوڪڻو، منهنجو آهه ملوڪڻو“. هڪ ٻئي جي چولي جي پٺ پڪڙي ريل هلايون ته گيت تيار ”اچو ته ننڍڙي ريل هلايون، ڇهه ڇهه پيسا ٻه ٻه پايون“. پاڻيءَ جي ٿالهه ۾ ڪاغذ جي ٻيڙي تاريون ته نظم تيار ”ٿالهه پاڻيءَ جو آڻيو ڀري، ڪاغذ جي هيءَ ٻيڙي تري“ وغيره“. (16)
حقيقت ۾ ٻاراڻو ادب سرجڻ تمام گھڻو مشڪل آهي،پر بيوس وٽ ڪيترو نه سهنجو آهي. ڪنهن به ڪيفيت مان گذري گيت جوڙڻ ۾، بيوس پنهنجو مٽ پاڻ آهي. ڪشنچند بيوس زندگيءَ جي اهم ۽ سماج جي نهايت سنجيده موضوعن تي به قلم کنيو آهي. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌيءَ سندس شاعريءَ متعلق لکيو آهي ته:
”هن پنهنجي شعر ۾ پنهنجي وطن ۽ ان جي مختلف شين جي ساراهه ڪئي آهي ۽ عوام کي سجاڳ ڪرڻ جي لاءِ قومي شعر چيو آهي ۽ عوام جي جذبات ۽ احساسيت جي ترجماني ڪئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو کيس جديد شاعريءَ جو بنيادي شاعر تسليم ڪيو ويو آهي. هو ايراني شاعريءَ جي تقليد گھٽ ڪري ٿو، پر ان جي بدران پنهنجي وطن جون شيون آڻي ٿو“.(17)
ڪشنچند ”بيوس“ پنهنجي شاعريءَ ۾ جيڪي موضوع سمايا آهن، انهن ۾ آزاديءَ جي تحريڪ، هاري حقدار هلچل، هندو مسلم ايڪتا، روحانيت ۽ تصوف، گرو نانڪ، تلڪ مهراج، ڀڳت ڪنور رام، وشنداس قمبر وارو، راڻو پرتاب سنگهه، کيرٿر جبل، وڻ ٽڻ ٻوٽا، زميندار جي داداگيري، جوا، شراب، وياج، بيروزگاري، ڌيءُ جو جنم ۽ ٻيا موضوع شامل آهن. ڪشنچند بيوس جي شاعري ۾ تخيل جي اوچي اڏام ۽ فن جي مهارت، سمنڊ ۾ موجود ڇولين جيان نروار آهي.
نتيجو:
• بيوس پنهنجي شاعريءَ کي ايران جي اثر کان آجو رکيو آهي. پاڻ پارسي تشبيهن کي پاسي تي رکي، نج سنڌي ماحول جا عڪس چٽيا اٿس. اهو ئي سبب آهي، جو عالمن کيس ”جديد سنڌي شاعريءَ جو سنگ ميل“ سڏيو آهي.
• ڪشنچند بيوس جي شاعريءَ ۾، حب الوطني جو عنصر به نمايان نظر اچي ٿو. قومي گيت لکي، سنڌ جي ماڻهن کي بيدار بڻائڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ورتيون اٿس.
• ڪشنچند بيوس روايتي شاعريءَ کي موڙ ڏئي، جديد شاعريءَ جو بنياد وجھندڙ اهو شاعر آهي، جنهن جي شاعريءَ ۾ نج سنڌي ماحول جون تشبيهون، استعارا، ڪنايه، مجاز مرسل، اصطلاح، تلميحون، تمثيلون، چوڻيون ۽ پهاڪا ملن ٿا. سندس شاعري سلاست، فصاحت، بلاغت ۽ جدت سان ڀرپور گلن جو هڪ خوبصورت گلدان آهي.
• ڪشنچند بيوس جي ٻارڙن لاءِ لکيل شاعري نصيحت آموز موضوعن تي مشتمل آهي.
حوالا:
1. حسيني، ڊاڪٽر سحر امداد. ”شعور شاعر شاعري“. ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ، 2008ع، ص 50
2. بخاري، سيد محمود شاهه، ڊاڪٽر. ”ڪليات بيوس“ لاڙڪاڻو: آزاد پبليڪيشنز، 1991ع، 33
3. ساڳيو. ص 20
4. جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر. ”ڪٺمال“ ڄامشورو: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، 2002ع، ص 76
5. بخاري، سيد محمود شاهه، ڊاڪٽر. ”ڪليات بيوس“ لاڙڪاڻو: آزاد پبليڪيشنز، 1991ع، ص 78
6. ساڳيو، ص 80
7. جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر. ”سنڌي ادب جي تاريخ (جلد ٻيو)“ حيدرآباد: سنڌي لينگئيج اٿارٽي، 2005ع، ص 535
8. ساڳيو، ص 57
9. ساڳيو، ص 113
10. سنڌي، ميمڻ عبدالمجيد، ڊاڪٽر. ”سنڌي ادب جي تاريخ“. لاڙڪاڻو: ڪاٺياواڙ اسٽور، 1993ع، ص 236
11. ساڳيو،
12. ساڳيو، ص 73
13. جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر. ”سنڌي ادب جي تاريخ (جلد ٻيو)“ حيدرآباد: سنڌي لينگئيج اٿارٽي، 2005ع، ص 535
14. حسيني، ڊاڪٽر سحر امداد. ”شعور شاعر شاعري“. ڄاموشورو: سنڌي ادبي بورڊ، 2008ع، ص 50
15. گرامي، غلام محمد. ”ويا سي وينجھار“. ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ، 1995ع، ص 03
16. جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر. ”سنڌي ادب جي تاريخ (جلد ٻيو)“ حيدرآباد: سنڌي لينگئيج اٿارٽي، 2005ع، ص 44
17. سنڌي، عبدالغفور، ميمڻ. نواز علي نياز جعفريءَ جي شاعري. لاڙڪاڻو: سلاطين پبلڪيشن سولنگي ڳوٺ، ص 114
سنڌي ادب ۾ مقدمه نگاريءَ جو فني ۽ فڪري جائزو
Abstract:
Nowadays, proligamina is read and understood as Sindhi literature. Before that, we knew a little about it. But currently proligamina has got literal significance. Many learned men have tried to demonstrate in different aspects. A few scholars have made this subject a very complicated one. At the other hand,it is elaborated in detail. Some different concepts about proligamina are discussed from different writers which will be beneficial to understand it's concepts. The word "Proligamina" has been derived from an Arabic word which means one who leads. Proligamina is actually an introduction in which the author is described. It is written in descriptive/ prose form whether the book gives a poetic diction. Basically, proligamina is a critical piece of writing but it cannot be restricted in descriptive aspects. Because most of the proligamina, writing are in the form of research. Proligamina is a basic and the fore most prose writing in which the author's self-assessment and the subject of the book is critically expressed. The subject and concept is clearly denoted in the book. Composition and it's detailed knowledge are it's important parts.
لفظ مقدمي لاءِ دائره معارف اسلاميه ۾ مقدمي جي تشريح هن طرح ٿيل آهي.
"مقدم: (ع) " سامنے رکھا ہوا": اگر یہ لفظ اشخاص کے لیے استعمال ہو تو اس کے معنی سردار کے ہوتے ہیں، یعنی قائد، مثلا سدتہء فوج کا سالار یا جہاز کا کپتان Dozi, Supple ، بذیل مادہ، چند پولیس کے عہدیداروں کا ذکر کرتا ہے جنھیں مقدم کہتے تھے)۔ درویشوں کے سلسلوں میں شیخِ سلسلہ یا شیخ، خانقاہ کو مقدم کہتے ہیں۔(1)
موجوده دؤر ۾ مقدمو سنڌي ادب جي تاريخ جي هڪ صنف طور سمجهيو ۽ پڙهيو وڃي ٿو. انهيءَ کان اڳ ۾ مقدمي بابت اسان کي مبهم معلومات ملي ٿي. پر موجوده دؤر ۾ مقدمو هڪ ادبي صنف طور ظهور پذير ٿيو آهي. مقدمي جي اهميت ۽ افاديت جي بنياد تي مختلف عالمن ان کي مختلف نمونن سان سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سمجهائڻ جي حوالي سان ڪن عالمن ان کي رهندو به منجهايو آهي، پر ڪن عالمن وري ان کي کولي نروار ڪيو آهي ۽ نهايت سهڻي انداز ۾ مقدمي جو تصور بيان ڪيو آهي. مقدمي نگاريءَ کي سمجهڻ لاءِ هيٺ عالمن جا ڪجهه رايا پيش ڪجن ٿا، جيڪي مقدمي نگاريءَ کي سمجهڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا.پروفيسر انور جمال اردو ٻوليءَ جو مشهور عالم آهي. هو مقدمي جي وصف هن طرح رقم ڪري ٿو:
”یہ نثر کی اصطلاح ہے، اسے صنفِ نثر کہنا چاہیے۔ اس سے مراد ابتدائیہ، دیباچہ یا تقریظ ہے۔ کسی تصنیف یا تالیف اور اس کے مصنف و مؤلف کےتعارف کے طور پر کتاب کے شروع جو ابتدئی تحریر ہوتی ہے، اسے مقدمہ کہتے ہیں۔ مقدمہ صاحبِ کتاب خود بھی لکھ سکتا ہے اور بعض اوقات اس علم کے ماہر سے لکھوا کر کتاب کیا جاتا ہے۔ مقدمے کی روایت اتنی ہی پرانی ہے جتنی کتاب نویسی کی۔ ایک اعتبار سے مقدمہ، توصیفی و تعارفی تنقید ہوتی ہےاور اس کا مطلب یہ ہوتا ہے کہ قاری اصل کتاب پڑھنے سے پہلے کتاب کے Objective اور Contents سے متعارف ہو جائے۔ عملی دنیا میں دو مقدمے بڑی شہرت کے حامل ہیں۔ مقدمہء ابنِ خلدون اور مقدمہء شعر و شاعری (حالی)۔ یہ دونوں مقدمے الگ کتابوں کی حیثیت اختیار کر چکے ہیں"۔(2)
مٿي بيان ڪيل وصفن جي آڌار تي چئي سگھجي ٿو ته، مقدمه عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جو ڌاتو ”قدم“ آهي، قدم جي معنيٰ ”هُو اڳيان ويو“ قدم مان وڌي ٿيو ”مقدم“ جنهن جي معنيٰ آهي ”اڳ ڪيل، اڳيون، پيشوا، اڳيان، اڳ ۾، مهندان“ مقدم مان ”مقدمه“ لفظ جڙيو جنهن کي فيروز لغات ۾ هيٺين ريت بيان ڪيو ويو آهي.
"مقدمہ، (ع) (1) آگے جانے والا، (2) پیش کرنے والا، (3) وہ تھوڑی سی سپاہ جو لشکر کے آگے آگے چلے، (4) دیپاچہ وہ مختصر سا مطلب جو کتاب یا کسی بیان کے شروع میں اس لیے بیان کیا جائے تا کہ آسانی سے سمجھ میں آ سکے، اور اس کی غرض و غایت معلوم ہو۔ (5) ہی ایک امر کا شروع، واردات"۔ (3)
عربي ٻوليءَ جي لفظ ”مقدمي“ جي معنيٰ آهي اڳيان هلڻ وارو يا اڳيان اچڻ وارو. مقدمو هڪ قسم جو تعارف هوندو آهي، جنهن ۾ مصنف ۽ مصنف جي تصنيف کي واضح ڪيو ويندو آهي. مقدمو نثر ۾ ئي لکيو ويندو آهي، ڀلي ئي ڪتاب نظم وارو ڇو نه هجي. مقدمو بنيادي طور هڪ تنقيدي تحريرآهي، پر مقدمي کي تنقيد جي مُروِج مفهوم تائين محدود نه ٿو ڪري سگهجي، ڇو ته اڪثر مقدمي ۾ سوانح ۽ طرز تحقيق تحرير شامل هوندي آهي.”جامع سنڌي لغات“ ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ”مقدمي“ جي باري ۾ لکيو آهي ته:
“مقدمو جمع مقدما ذ. (ع. مقدمَه > قدم) ڪنهن ڪتاب يا مضمون جي شروعات، آغاز، ابتدا، تمهيد، ديباجو، سرنامو، عبارت. ڪتاب شروع ڪرڻ کان اڳ لکيل ڪجهه عبارت. دانهن، ڪوڪ، فرياد، ڪيس، دعويٰ، معاملو“.(4)
مقدمو، ڪتاب جو اهو شروعاتي مفصل نثري حصو آهي، جنهن ۾ ڪتاب ۽ ڪتاب جي موضوع ۽ مصنف جي باري ۾ مقدمه نگار جي تحقيقي ۽ تنقيدي انداز سان راءِ قائم ڪيل هجي. مقدمي ۾ دلڪش نموني واضح ٿي پوندو آهي ته ڪتاب ۾ ڪهڙو مواد ۽ ڪهڙي نوعيت جو مواد شامل آهي. سليقو ۽ تفصيل مقدمي جا اهم جز آهن. اردو ادب جي ناليواري محقق، پروفيسر ڊاڪٽر محمد خان اشرف ”اصطلاحات تدوين متن“ ۾ لکيو آهي ته:
"عموما مدونی مقدمہ میں جن امور کا ذکر کرتے ہیں ان میں متن کی مختلف روایتوں کا ذکر، زیر تدوین متن کے لیے ماخذ نسخوں کی تفصیل، اان کے ملنے/ برآمد کا مقام، زمانہء تصنیف، تمام معروضی امور کا بیان یعنی رسم الخط، مسطر، کتابت، املا وغیرہ کا تفصیلی بیان، تمام مخطوطوں کا تعارف، کاتبوں اور ترقیموں کی تفصیل، مصنف سے منسوب دوسری کتابیں، مصنف اور متن کا مقام و مرتبہ وغیرہ پھر مدون کو جن مراحل سے گزرنا پڑا، اس نے جو طریقہ استعمال کیا، اس کے ،مخففات اور علامتوں کی فہرست، اس کے متن کی تدوین کا طریقہ کار، ضمیمہ جات اور تعلیقات کا بیان سبھی شامل ہیں۔ اس کے علاوہ متن کے عہد، لوگ، تاریخ، زمانہ، اور عہد کے حالات وغیرہ بھی شامل کر دیے جاتے ہیں۔
ڪتاب جي متن يا مواد کان پهريان ڏنل تعارفي ۽ وضاحتي مضمون يا تحرير، جنهن ۾ تدوين ڪيل متن يا مواد جي باري ۾ ضروري ڄاڻ ڏني وڃي، مصنف جو تعارف، مصنف جون ٻيون تصنيفون، مواد جي نسخن جو تعارف، ملڻ جو هنڌ، زمانو، رسم الخط، ڪتابت، ڪاتب، ٻيا ماخذ وغيره مقدمي جو حصو هوندا آهن. ان مان ٻي گھڻي معلومات حاشين، تعليقات ۽ ضميمن ۾ به ڏئي سگھجي ٿي. مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه (هند) جي فارسي شعبي جي صدر، پروفيسر نذير احمد پنهنجي ڪتاب ”تصحيح و تحقيق متن“ ۾ لکيو آهي ته:
"مقدمے میں کتاب کا مفصل تعارف ضروری ہے ، لیکن اگر کہیں اس پر بحث ہو چکی ہے تو اس کا خلاصہ یہاں درج کرنا چاہیے۔ کتاب کی خوبیوں کے ساتھ اس کے کم زور پہلوؤں کی نشاندہی بھی ضروری ہے۔ مخظوطے یا مطلوبہ کتاب کی غلطیاں اکثر کاتب کی، یا چھاپے کی بھی ہوتی ہیں۔ محقق متن کا فریضہ ہے کہ وہ کتابت یا چھاپے اور مصنف کی غلطیوں کے درمیان تمیز کرے۔ اس سلسلے کی مفصل بحث محقق متن کی صلاحیت کے ضمن میں آ چکی ہے۔(4)
مقدمو ڪنهن تصنيف جو تفصيلي تعارف هوندو آهي.مقدمي جو لفظ ڪتاب جي جملي پاسن جي نشاندهي لاءِ استعمال ٿيندو آهي. اهو ڪتاب جي اصل متن کان اڳ ڪتاب جي باري ۾ اختصار طور ڪجهه معلومات فراهم ڪندو آهي، جنهن جو مقصد، موضوع کي سمجهڻ ۽ سمجھائڻ هوندو آهي.
مقدمي جي اهميت
مقدمو عربي ٻوليءَ جو هڪ قديم اصطلاح آهي، جنهن جو تعلق ”مقدمه الجيش“ سان آهي. عربيءَ ۾ ”جيش“ لشڪر کي چوندا آهن، جڏهن بادشاهي لشڪر هلندو هو، ته لشڪر کان پهرين هڪ فوجي جٿو هوندو هو، جيڪو پويان ايندڙ سموري فوج کي رستو رسائيندو هو، حالات، موسم ۽ کاڌ خوراڪ کان علاوه فوج جي ڊاٻي لاءِ جوڳي جڳهه جو انتظام به ڪندو هو. فوج کان اڳتي هلڻ واري اهڙي جٿي کي ”مقدمه الجيش“ چوندا آهن. ساڳئي نسبت سان”مقدمي“ جي لفظ وجود ماڻيو. مقدمو ڪتاب جي مواد کان اڳ ايندو آهي. پهرين تاليف، تدوين يا تحقيق ڪري، پورو ڪتاب لکيو ويندو آهي، آخر ۾ ڪتاب تي مقدمو لکبو آهي، پر ڪتاب جي ترتيب ۾ مقدمو پهرين ايندو آهي ۽ بعد ۾ ڪتاب جو مواد...!
دراصل مقدمو هڪ اهڙي تحرير آهي، جنهن ۾ لکڻ وارو سولائي سان اعليٰ درجي واري تنقيد نه ٿو ڪري سگهي. خاص ڪري ان وقت هيءَ دقت ٿيندي آهي، جڏهن ڪو دوست يا ويجهو اديب پنهنجي ڪتاب جو مقدمو لکڻ لاءِ چوندو آهي. ليکڪ کي ڪنهن ٻي جي تصنيف تي مقدمو لکڻ ڏکيو پئجي ويندو آهي. خاص ڪري اسان جي معاشري ۾ جتي ”خطائي بزرگان گرفتن خطا است“ کي اخلاق جو معيار سمجهو وڃي، اتي ديانتداري سان مقدمو لکڻ مشڪل ٿي پوندو آهي. اهڙي نوعيت ۾ مقدمو پاڻ چوندو آهي ته ”مان آيو ناهيان پر آندو ويو آهيان“.
روزمره جي مشاهدن کان مدد وٺجي ته، ڪاروباري مرڪزن يا بازازن مان سڀني جو گذر ٿيندو آهي، بازار ۾ موجود سڀني دوڪانن کي هڪ الڳ ۽ نرالي ڏِک، جيڪا سونهن ۽ سجاوٽ سان منفرد لڳندي آهي. دڪانن جو اڳيون حصو (سامهون وارو) ڏاڍو سليقي ۽ دلفريب نموني سان سينگاريل هوندو آهي. اها دلفريبي۽ دلڪشي ماڻهن جو توجهه پاڻ ڏانهن ڇڪيندي آهي. ساڳيو حال ڪتاب ۾ مقدمي جو هوندو آهي. مقدمو، پڙهندڙ کي موهيندڙ انداز سان ٻڌائيندو آهي ته، ڪتاب ۾ ڇا آهي؟ ڪهڙو ۽ ڪيترو مواد ڪتاب جي زينت بڻيل آهي؟ مقدمي لاءِ سنڌي ادب جي برک ڏاهي مختيار احمد ملاح لکيو آهي ته:
”ادبي دنيا ۾ مقدمي جو مقصد آهي ڪنهن به ڪتاب تي دليلن، حوالن ۽ ذاتي تجربي آهر ڀرپور نموني راءِ ڏيڻ. ڪنهن تصنيف يا ترتيب ڏنل ڪتاب تي مصنف، مرتب يا ٻيو ڏاهو يا ڄاڻو اديب مقدمو لکندو آهي. مقدمو مهاڳ کان وڌيڪ تحقيقي ۽ اثرائتو هوندو آهي“. (5)
مقدمي جي حيثيت ڪنهن مستقل ادبي صنف جي نه آهي ۽ نه ئي ڪنهن ٻوليءَ جي ادب ۾ ان کي ڪا باقائده ادبي شاخ سمجهيو ويو آهي. ڪنهن به ڪتاب جي مهڙ ۾، متن کان اڳ، مقدمو، پيش لفظ، تقريظ، ديباچو ۽ ٻه اکر وغيره لکيا ويندا آهن، جيڪي ڪتاب ۽ ڪتاب جي مصنف، مولف يا محقق جي باري ۾ معلومات مهيا ڪندا آهن. مقدمو مصنف، مولف يا محقق خود به لکندو آهي ته، ڪڏهن ڪڏهن ٻين کان به لکايو ويندو آهي. عربي ادب جي مشهور ڪتاب ”تاريخ ابن خلدون“ جي پهرين جلد جو نالو مقدمه رکيو ويو آهي، جيڪو اڄ تائين ”مقدمه ابن خلدون“ جي نالي سان مشهور آهي. تاريخي موضوع تي مشتمل هن ڪتاب جي پهرين جلد (مقدمه) ۾ تاريخ نويسيءَ بابت ڳوڙهو اڀياس ڪيل آهي، ايستائين جو تاريخ ڇا آهي؟، تاريخ ڇو لکي ويندي آهي؟ ۽ تاريخ لکڻ جا ڪهڙا اصول آهن؟ وغيره تي به چڱو ڀلو بحث ٿيل آهي. اردو ادب جي نامور اديب ڊاڪٽر عبدالحميد خان عباسيءَ لکيو آهي ته:
"علامہ ابنِ خلدون نے اپنی تاریخ کا جو مقدمہ لکھا ہے وہ تحقیق و تنقید دونوں کو ہم آہنگی و ہم رکابی کی انوکھی مثال ہے"۔(6)
ابن خلدون جي مقدمي مان محسوس ٿي رهيو آهي، ته مقدمو ڪتاب جو اهو اهم حصو آهي، جنهن ۾ ڪتاب، ڪتاب جي مصنف ۽ ڪتاب جي موضوع تي روشني وڌي ويندي آهي. مقدمي ۾ مصنف جي شخصيت، علمي ۽ ادبي خدمتن سان گڏ ڪتاب جي موضوع، مقصد، متن ۽ ڪتاب ۾ موجود مواد جي حاصلات کي پڻ تفصيل سان بيان ڪيو ويندو آهي.
مقدمه نگار لاءِ لازمي آهي ته، وٽس مقدمي لکڻ جو سليقو هجي ۽ مقدمو دلڪش ۽ پرڪشش پيرائي ۾ لکڻ گهرجي. مقدمي لکندڙ تي اهو به واجب آهي، ته ڪتاب جو ڪهڙو حصو مقدمي ۾ نمايان ڪرڻ گهرجي ۽ ڪهڙو مخفي رکڻ گهرجي. مقدمو اهڙو هجي جو پڙهندڙ کي ڪا به مايوسي نه ٿئي، ويتر پڙهندڙ کي اتساهه ملي، جيئن پورو ڪتاب پڙهڻ لاءِ سندس دل گھري، ائين کڻي چئجي ته مقدمه نگار هڪ راست نگار ٿي پوي يا راست نگار وارو ڪم ڪري. مقدمو، ايترو ته پُر اثر ۽ پُر علم هجي، جو ڪتاب کي پوريءَ طرح پڙهڻ لاءِ دل بي چين ۽ بيتاب ٿي پوي. فن، هنر، ڪاريگري، ڏانءَ ۽ ڏاهپ سان، مقدمه نگار ڪتاب لاءِ تائيدي ۽ تعريفي راءِ قائم ڪري سگهي. اردو ادب جي نامور اديب ارم سليم لکيو آهي ته:
"مقدمہ نگاری کے لیے یہ ضروری ہو جاتا تھا کہ وہ اس گمنام مصنف کے سوانحی کوائف پر روشنی ڈالے۔ کتاب اور اس کے متن کے بارے میں حقِ تحقیق ادا کرے اور بہ حیثیتِ مجموعی اس کی ادبی اہمیت اور تنقیدی قدر و قیمت کا تعین کرے"۔(7)
مقدمه نگاريءَ جو بنيادي مقصد ڪنهن ادبي شخصيت يا ڪنهن خاص موضوع تي ٿيل ڪم کي متعارف ڪرائڻ ۽ ڪنهن گمنام مصنف يا ڪتاب جي رونمائي ڪرڻ آهي.
1. مقدمو
ڪتاب جي شروع ۾ لکيل اهڙي تحرير کي مقدمو چيو ويندو آهي، جنهن ۾ تحقيقي ۽ تنقيدي نوعيت جو بحث ڪيو وڃي، ڪنهن مخصوص نڪتي جي تائيد يا ترديد ڪئي وڃي، ادبي نصب العين جي وضاحت ڪئي وڃي، گمنام مصنف يا ڪتاب تي روشني وڌي وڃي يا اهڙي نوعيت جو ٻيو تحقيقي مواد فراهم ڪيو وڃي، جنهن ۾ ڪنهن قديم يا جديد مصنف جي اهميت اجاگر ٿيندي هجي. مقدمي جا ٻه مکيه پهلو ٿين ٿا. هڪڙو خارجي ۽ ٻيو داخلي...!
خارجي پهلو:
مقدمو طوالت جو محتاج نه آهي. مقدما هڪ صفحي جا به ٿيندا آهن، ته ڪي مقدما وري سوين صفحن جي جڳهه به والاريندا آهن. ايستائين جو ڪيترن ئي مقدمن ته الڳ ڪتابن جي حيثيت به حاصل ڪئي آهي. جهڙوڪ، مقدمه ابن خلدون، مقدمه شعر وشاعري، مقدمه لطيفي وغيره
داخلي پهلو:
مقدمي جو پنهنجو مزاج ٿيندو آهي، پنهنجو سواد ٿيندو آهي. تحرير جو مقصد مقدمي کي مقدمي جو درجو رسائي ٿو. جڏهن ڪتاب جي موضوع يا ڪتاب جي ليکڪ کي حوالن جي بنياد تي داد ڏنو وڃي ۽ مواد کي تنقيد جي ڪسوٽي تي پرکيو وڃي. هن وقت اهو سوال ڪُمهلو نه ٿيندو ته مقدمي جو تحقيق ۽ تنقيد سان ڇا وڃي؟ دراصل مقدمو تحقيق جي خاندان سان تعلق رکي ٿو. جڏهن ته تحقيق ۽ تنقيد کي هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا سمجهيو ويندو آهي. مقدمو مصنف لکي يا ڪو ٻيو محقق ۽ نقاد، پرمقدمي جو بنياد تحقيق ۽ تنقيد ئي رهندو. جيڪڏهن مقدمي ۾ لاڳاپيل موضوع جي نظرين، اصولن، قائدن، قانون تي بحث ڪيو ويندو ته مقدمي ۾ نکار پيدا ٿيندو، پر جيڪڏهن فقط صاحب ڪتاب ۽ ڪتاب جي موضوع تي لکيو ويو آهي ۽ اها لکت فقط تعريفي ۽ توصيفي بنياد تي آهي، تڏهن به اهڙي تحرير کي مقدمي جي زمري ۾ آندو ويندو.
مقدمي جا ضروري عنصر:
1. مصنف جو تعارف
مصنف جي تعارف ۾ ڪتاب لکندڙ جو مڪمل خاڪو، سندس مهارت ۽ تصنيفن جو وچور ڏنو ويندو آهي. مصنف جي نفسياتي ۽ هيجاني ڪيفيتن سان گڏ، ڇپيل ۽ اڻڇپيل تخليقن، مليل تعارفي سندن ۽ تمغن جو ذڪر پڻ ڪيو ويندو آهي.
2. ڪتاب جو تعارف
ڪتاب جي تعارف ۾ علمي، ادبي ۽ تاريخي پس منظر، مواد جي حاصلات جا ذريعا، شامل موضوعن جو تعارف، افاديت، فطرت، نفسيات، رسم الخط، ضخامت ۽ قلمي نسخن جي صورت ۾ سٽن جو تعداد، ڪاتب جي مهر، ٺپو يا هٿ اکر بابت وضاحتون ڏنيون وينديون آهن. ايستائين جو ڪتاب جي ڇاپن بابت پڻ تفصيلي راءِ ڏني ويندي آهي.
3. تحقيقي، تنقيدي ۽ توصيفي راءِ
مقدمي ۾ ڪتاب تي راءِ جو قائم ڪرڻ مقدمه نگار تي واجب ٿي پوندو آهي. راءِ سان ڪتاب بابت ڄڻ ته پڙهندڙ کي هڪ سڌي راهه ملندي آهي، ڇو ته مقدمي ۾ جيڪا راءِ مقدمه نگار ڏيندو آهي، اها تحقيقي، تنقيدي ۽ توصيفي بنيادن تي هوندي آهي.
مقدمو اهڙي تحرير آهي جيڪا ڪتاب ۽ صاحب ڪتاب جي باري ۾ لکي وڃي. ڪتاب جي مواد کان پهريون لکي ويندڙ هيءَ تحرير مزاجن ۾ تحقيقي، تنقيدي ۽ توصيفي يا تاثراتي ٿي سگھي ٿي. جڏهن ته مقدمي جي طويل هجڻ جي ڪا به پابندي نه آهي، پر مقدمو مٿي ڏنل ضروري عنصرن جو پورائو ڪندو، ته مهاڳ، ديباچي، پيش، تمهيد ۽ تقريظ کان تفصيلي سمجهه ۾ ايندو. پروفيسر سيد معين الرحمان لکيو آهي ته:
"ایسی عبارتوں کو پیش لفظ یا دیباچہ وغیرہ بھی کہا اور لکھا گیا ہے، لیکن مقدمہ نسبتا قدیم لفظ ہے، جس سے دھیان طوالت اور جامعیت کی طرف جاتا ہے اور اسی میں اس کی شناخت مضمر ہے، گویا دوسرے لفظوں میں شرح و بسط پر اس کی پہچان منحصر ہے۔(8)
مقدمي جا قسم
مختلف ٻولين جي مقدمه نگارن جيڪي مقدمه لکيا آهن، تن کي پڙهڻ کان پوءِ ايتري راءِ قائم ڪري سگھجي ٿي ته مقدمه مختلف ٿين ٿا. فن ۽ فڪر جي حوالي سان به مقدمن ۾ فرق آهي. لکڻ جوانداز، موضوعن جي ورهاست، مواد جي ڇنڊڇاڻ وغيره پڻ مختلف ٿين ٿا.
تحقيقي مقدما
روايتن جي ڇنڊڇاڻ جي علم کي تحقيق سڏجي ٿو. ڪنهن مسئلي جي ڀروسي جوڳي حل ۽ صحيح نتيجن تائين پهچڻ لاءِ تحقيق اهو منظم عمل آهي، جنهن ۾ حقيقتن جي ڳولا ۽ انهن جي ڇنڊ ڇاڻ جو تفصيل وار بيان لڪل هوندو آهي. تحقيق جي زمري ۾ ايندڙ مقدما پڻ ڪتاب ۾ موجود مواد جي پرک ڪندا آهن. اهڙن مقدمن ۾ تائيد ۽ ترديدي راءِ پڻ ڏنل هوندي آهي. تحقيقي مقدمه بنيادي طور صاحب ڪتاب جي زندگي ۽ شخصيت جي باري ۾ معلومات فراهم ڪندا آهن. جيڪڏهن ڪو پراڻو ڪتاب يا ڪو قلمي نسخو هوندو آهي ته ان جي متن کي پڻ تحقيقي مقدمن ۾ واضح ڪيو ويندو آهي.
تنقيدي مقدما
تنقيد عربي ٻوليءَ جي لفظ ”نقد“ مان ورتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”ملهه“. ادب جي ملهه ڪڇڻ لاءِ ڪيل پرک کي ادبي تنقيد چئجي ٿو. تنقيدي مقدمن ۾ پڻ ڪتاب ۾ موجود مواد جي ڪٿ ماپ ڪئي ويندي آهي. مواد کي ادبي ڪسوٽي ذريعي پرکيو ويندو آهي. آل احمد سرور لکيو آهي ته:
"تنقید کا کام گلستان میں کانٹوں کی تلاش نہیں ہے۔ اس کا مقصد روایات کا احساس، تجربات کی پرکھ اور قدروں کا تعین ہے"۔ (9)
توصيفي مقدما
توصيف عربي ٻوليءَ جي لفظ ”وصف“ مان ورتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”واکاڻ“. ڪنهن جي ڪم جي تعريف ڪرڻ سندس حوصلن کي بلند ڪرڻ برابر هوندو آهي. جيڪڏهن تخليقڪار جي تخليقن تي تاثراتي راءِ ڏبي ته سندس لکڻ جي خواهش وڌندي ۽ وري وري لکڻ سان سندس لکڻين ۾ سواد ۽ ذائقو پيدا ٿيندو. مقدمو ڪنهن نه ڪنهن پهلوءَ کان توصيفي يا تاثراتي هوندو آهي. ڇو ته مقدمي ۾ تائيدي يا ترديدي راءِ جو اظهار هجڻ سان گڏ تخليقڪار جي وسعت کي به بيان ڪيو ويندو آهي. سندس لکڻيءَ جي فن ۽ فڪر تي به روشني وڌي ويندي آهي. پر جيڪڏهن مقدمو قطعي طور تحقيق ۽ تنقيد جي خصوصتين کان عاري هجي ۽ مقدمه نگار بنا ڪنهن خاص سبب جي مصنف جي تعريف ڪندو هجي ته اهڙي تحرير کي مقدمو نه، پر تقريظ چئي سگھبو. اهڙن مقدمن لاءِ رشيد حسن خان لکيو آهي ته:
آج کل مقدمہ نگاری کا کاروبار اچھا خاصہ چل رہا ہے۔ مقدمہ نگاری کی یہ وبا عام طور پر گروہ بندی کے دائرے میں پھوٹتی ہے۔ اس طرح ادبی طوائف الملوکی کا دائرہ وسیع ہوتا رہتا ہے، جس کے نتیجے میں تنقید اور شعر و ادب دونوں کو روز ِ بد سے قریب ہونا پڑتا ہے"۔(10)
ڪتاب ۾ مقدمي جي اهميت، ان جو فن ۽ فڪر آهي. ڪنهن به ڪتاب لاءِ شروعات ۾ لکيل مهاڳ ۽ مقدمو ان ڪتاب جو مجموعي تعارف هوندو آهي، جنهن جي مطالعي سان ڪتاب اندر پيش ڪيل مواد جي پروڙ پئجي ويندي آهي. مقدمو، ڪتاب جي مضمون ۾ لڪيل گوشن کي کولي ۽ ور وڪڙن کي سلجهائي، پڙهندڙن جي آڏو سولو ۽ مختصر لفظن ۾ پيش ڪيو ويندو آهي.
سنڌي ادب جي باقائده شروعات انگريزن جي دؤر کان ٿي آهي، ان ڪري سنڌي ادب تي انگريزي ادب جو گهرو اثر پيو. پر مقدما نگاري جي حوالي سان يونان، عرب ۽ فارس وڌيڪ مقبول رهيا آهن، ان جو هڪ زنده مثال، عرب عمرانيات جي عالم ابن خلدون جو مقدمو آهي، جنهن جي هاڪ ۽ ڌاڪ ادبي دنيا ۾ اڄ تائين ساڳئي اوج ۽ عروج تي آهي. سنڌ ۾ سڀ کان پهرين مقدمي جو لفظ ڪلهوڙن جي دؤر حڪومت ۾ ڪتب آندو ويو هو، جيڪو ”مقدمته الصلات“ نالي هڪ ڪتاب جي نالي ۾ ملي ٿو. هي ڪتاب سنڌ جي نامياري عالم مخدوم ابوالحسن ٺٽويءَ جو لکيل آهي. هي ڪتاب باقائده ڪنهن مقدمي جي زمري ۾ ته نه ٿو اچي، پر ڪتاب جي نالي ۾ ”مقدمه“ لفظ جو ذڪر آهي، ان ڪري ان ڪتاب جو پڻ هتي ذڪر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هن ڪتاب جو پري پري تائين مقدمي ۽ مقدمه نگاري جي فن سان ڪو به واسطو وڙو نه آهي. شاهه لطيف جي شارح ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ ”شاهه لطيف جي رسالي“ تي هڪ عالماڻو مقدمو ”مقدمه لطيفي“ جي نالي سان لکيو، جيڪو سنڌي ادب ۾ تمام گھڻي اهميت رکي ٿو، پر جيڪڏهن ائين چئجي مقدمي جي فن تي پورو لهندڙ پهريون مقدمو ”مقدمه لطيفي آهي، ته به وڌاءُ نه ٿيندو.
سنڌي ادب ۾ مقدمي جي باقائده شروعات ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي ڪئي، ان کان پوءِ مختلف عالمن مقدما لکيا، جن ۾ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، پير حسام الدين راشدي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، غلام حسين پٺاڻ، غلام محمد گرامي، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر نواز علي شوق، ڊاڪٽر بدر ڌامراهو، ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو، ڊاڪٽر غلام قادر سومرو، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو، ڊاڪٽر مهر خادم، استاد لغاري، ڊاڪٽر احسان دانش۽ ٻيا شامل آهن.
حوالا:
1. مجلس انتظاميه، اردو دائره معارف اسلاميه (جلد 21)، لاهور: يونيورسٽي آف پنجاب، 1987ع، ص 438
2. جمال انور، پروفيسر. ادبي اصطلاحات. اسلام آباد: ناشنل بوڪ فائوڊيشن2014ع، ص 168
3. صاحب، فيروزالدين، مولوي، الحاج. فيروز اللغات فارسي. لاهور: فيروز سنز لميٽيڊ، ص 434
4. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر. نئين جامع سنڌي لغات (جلد ٽيون). حيدرآباد: سنڌيءَ ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، 2017ع، ص 1798
5. اشرف، محمد خان، ڊاڪٽر. اصطلاحات تدوين متن. لاهور: سنگ ميل پبليڪيشنز، 2011ع، ص 179
6. احمد، نذير، پروفيسر. تصحيح وتحقيق متن. ڪراچي: اداره يادگار غالب، 2000ع، ص 86
7. ملاح، مختيار احمد. ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت. حيدرآباد: لينگئيج اٿارٽي، 2015ع،ص328
8. عباسي، عبدالحميد خان، ڊاڪٽر. اصول تحقيق. اسلام آباد: نيشنل نوڪ فائونڊيشن، 2015ع، ص 107
9. سليم، ارم. اردو مين مقدمه نگاري کي روايت. لاهور: سنگ ميل پبليڪيشنز، 1988ع، ص 50
10. ساڳيو، ص 62
11. ناشاد، ارشد محمود، ڊاڪٽر. اصناف ادب: تفهيم و تعبير. اسلام آباد: نيشنل بوڪ فائونڊيشن، 2016ع، ص۔130
12. سليم، ارم. اردو مين مقدمه نگاري کي روايت. لاهور: سنگ ميل پبليڪيشنز، 1988ع، ص 60
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي مقدمه نگاريءَ جو تنقيدي جائزو
ABSTRACT:
Prominent scholar and intellectual, Dr. Nabi Bux is famous in Sindhi literature. He contributed to many subjects such as education and literature. His work includes different fields in which he got great name and fame. He compiled such information which was neither found in past nor anyone could have predicted. Dr. Nabi Bux worked on countless subjects and fields but his work for folk lore is discussed here in detail.His work in folk lore is counted as his precious work in this field. He has compiled it in a vast and broad sense. In addition, he compiled and published a Sindhi dictionary and Jami'a Sindhi lughaat (dictionary). This work consists of 40 volumes which is described in detail. He has also written a prolegomena on these books.Nowadays, prolegomena has been introduced as literary piece of writing by Dr. Hautchand Moolchand Gurbakhshani and Allama Umar Bin Daudpoto. They both are basically scholars who presented prolegomena as a different mechanism and Dr. Nabi Bux endeavored to make it count in good books. It can also be said that Dr. Gurbakhshani and Allama Umar Bin Daudpoto gave an initiative to proligamina and Dr. Nabi Bux explored it well. Dr. Nabi Bux is the only person who is rightly said the founder of its importance and significance.
موجوده دؤر جي سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان نهايت مٿانهون مقام رکي ٿو. سنڌي ٻولي ۽ ادب لاءِ سندس ڪيل علمي ۽ ادبي خدمتون نهايت وڏو وٿ آهن. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سنڌي ادب جي ميدان ۾ مختلف فنن، مختلف موضوعن ۽ مختلف ميدانن تي پاڻ ملهايو ۽ سنڌي ادب جي تاريخ لاءِ اهڙو ته مواد فراهم ڪيو جيڪو اڳ اسان وٽ نه موجود هو نه وري موجود هئڻ جي ڪنهن اڳڪٿي ڪئي هئي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، هونئن ته اڻڳڻين موضوعن ۽ پهلوئن تي ڪم ڪيو. لوڪ ادب جي ميدان ۾ سندس خدمتون ڪنهن به رسمي تعارف جو محتاج نه آهن. هن نهايت سنجيدگي ۽ سچيتائيءَ سان ويهي، لوڪ ادب کي سموهيو ۽ سمايو آهي. لغت نويسيءَ جي حوالي سان پڻ جامع سنڌي لغات اهم ماخذ آهي. جامع سنڌي لغات هجي يا لوڪ ادب جا ڪتاب جيڪي چاليهن جلدن تي مشتمل آهن، نهايت ڪارائتي سٽاءَ سان سهيڙيل آهن. نه فقط ايترو پر انهن ڪتابن تي جامع مقدمه به لکيا اٿس.
موجوده دؤر ۾ مقدمو سنڌي ادب جي تاريخ جي هڪ صنف طور سمجهيو ۽ پڙهيو وڃي ٿو. انهيءَ کان اڳ ۾ مقدمي بابت اسان کي مبهم معلومات ملي ٿي. پر موجوده دؤر ۾ مقدمي کي هڪ ادبي صنف طور متعارف ڪرائڻ وارا عالم ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي ۽ علامه عمر بن دائودپوٽو آهن. هي ٻئي پهريان عالم آهن، جن مقدمي نگاريءَ کي فن جي صورت ڏني ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان، ان فن کي اوج تي پهچايو. اسين ائين به چئي سگھون ٿا ته ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ علامه دائودپوٽي مقدمي نگاريءَ جو ٻج ڇٽيو ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان ان جي آبياري ڪري ان کي وڌايو ويجھايو ۽ زرخيز بڻايو. موجوده دؤر ۾ مقدمي نگاريءَ جي جيڪا اهميت ۽ افاديت آهي، اهو ڊاڪٽر نبي بخش خان جي محنت جو ميوو آهي. جڏهن اسين ڊاڪٽر نبي بخش خان جي لکيل مقدمن کي پڙهون ٿا ته اسان کي منجھن هڪ سٽاءُ، فن ۽ فڪر ڀرپور انداز ۾ ملي ٿو. مقدمي نگاريءَ جو هڪ مخصوص فن ٿئي ٿو. جنهن ۾ مقدمي نگاريءَ کي ڪن اصولن تحت نڀايو وڃي ٿو. اهڙا اصول اسان کي لوڪ ادب جي چاليهن جلدن ۾ توڙي ٻين مرتب ڪيل ڪتابن جھڙوڪ: شاهه جو رسالو، قاضي قادن جو رسالو، شاهه لطف الله قادريءَ جو ڪلام، ميين شاهه عنات جو ڪلام، خليفي نبي بخش جو رسالو، شاهه شريف ڀاڏائيءَ جو رسالو، راڳ نامو، رسالو غلام محمد خانزئيءَ جو، ڪليات حمل، ڪلام فقير نواب ولي محمد لغاري، ڪليات سانگي وغيره
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي مقدمن تي باقاعدا تحقيقي ڪم نه ٿي سگهيو آهي. پر، پيش لفظ، ٻه اکر، مهاڳ ۽ ڪجهه مقدمن کي ترتيب ڏئي، ڪتابن جي صورت ۾ آندو ويو آهي، جن جو تفصيل هيٺين ريت آهي.
1. سنڌي لوڪ ادب جو اڀياس
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ريسرچ فائونڊيشن حيدرآباد طرفان 2016ع ۾ ڇپايل هي ضخيم ڪتاب 762 صفحن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جوسهيڙيندڙ محمد ارشد بلوچ آهي. ٻن ڀاڱن تي مشتمل هن ڪتاب ۾ مجموعي طور 46 ڪتابن جا مقدما شامل آهن.
2. املهه موتي (سَو کان وڌيڪ ڪتابن جو تعارف)
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ريسرچ فائونڊيشن حيدرآباد طرفان 2016ع ۾ شايع ٿيل هن ڪتاب ۾ 104 ڪتابن جو تعارف ڏنو ويو آهي. ڪتاب ۾ فقط ٽن ڪتابن جا مقدما ڏنا ويا آهن، جڏهن ته باقي ڪتابن جا پيش لفظ، مهاڳ، تعارفي نوٽ ۽ تاثرات وغيره شامل آهن. 253 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جو مرتب ڊاڪٽر عبدالرسول قادري آهي.
3. املهه موتي (جلد ٻيو- سَوڪتابن جو تعارف)
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ريسرچ فائونڊيشن حيدرآباد طرفان 2018ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيل هن ڪتاب ۾ 100 ڪتابن جو تعارف ڏنو ويو آهي. جڏهن ته ٽن ڪتابن جا مقدما ڏنا ويا آهن. باقي ڪتابن جا مهاڳ، پيش لفظ، تعارف ۽ تاثر ڏنا ويا آهن. 260 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جو مرتب ڊاڪٽر عبدالرسول قادري آهي.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جا اڃا ڪيترائي اهڙا مقدما، مهاڳ ۽ پيش لفظ باقي آهن، جيڪي مٿي ڄاڻايل ٽنهي ڪتابن ۾ شامل نه ڪيا ويا آهن. ڄاڻايل ڪم فقط ترتيب ۽ سهيڙ تي مشتمل آهي، انهن مقدمن تي جديد تحقيقي اصولن موجب ڪنهن به قسم جي تحقيق نه ٿي سگھي آهي. جيڪڏهن ڪو شخص ڪنهن شعبي ۾ عزت ۽ شهرت حاصل ڪري وٺندو آهي، ته اها ڪا اوچتي ۽ اتفاق واري نوعيت تي مبني ناهي هوندي، بلڪ ان جي پٺيان سندس محنت، جدوجهد، قرباني، وقت، مختلف ڪردار ۽ ٻيو گھڻو ڪجهه هوندو آهي. چوڻ جو مقصد ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، جيڪو جبل جيڏي اوچي ماڳ تي پهتو، سو سندس محنت جو نتيجو آهي. سندس ادب ۾ سڀ کان گھڻو ڪم تحقيق ۽ ترتيب جو آهي، ادبي اصولن موجب تحقيق ۽ ترتيب ۾ پاڻ پهرين صف ۾ بيٺل برک عالم هو. تحقيق، ترتيب، تدوين ۽ تاليف ڪيل ڪتابن ۾ هميشه وضاحت جي ضرورت پوندي آهي، اهڙي وضاحت ۾ ڪتاب جي موضوع، موضوع جي اهميت، ڪتاب جي مصنف، ڪتاب جي تاريخ ۽ تنقيد وغيره شامل هوندا آهن، انهي وضاحت کي ادب جي دنيا ۾ مقدمو چئبو آهي. سنڌي ادب توڙي دنيا جي ٻين ٻولين ۾ تحقيق جي ڪتابن تي مقدما لکيا ويندا آهن. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي مقدمن کي مختلف موضوعن ۾ ورڇي، انهن موضوعن جو تعارف ۽ لاڳاپيل موضوع تي لکيل مقدمن جو جائزو ورتو ويو آهي، جيڪو هيٺ ڏجي ٿو.
لوڪ ادب جا مقدما:
بقول ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي لوڪ ادب سهيڙڻ جي رٿ 1955ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي سامهون رکي ويئي، جنهن کي 1956ع ۾ منظور ڪيو ويو. لوڪ ادب رٿا جي منظوريءَ کان پوءِ ڊاڪٽر نبي بخش جي نگرانيءَ ۾ لوڪ ادب جي سهيڙ جو ڪم شروع ٿيو، هن سلسلي ۾ ڊاڪٽر نبي بخش لکي ٿو ته:
”ان تجويز مطابق جنوري 1957ع کان لوڪ ادب سهيڙڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو؛ انهيءَ سلسلي ۾ تعلقيوار ڪارڪن مقرر ڪيا ويا ته ڏنل هدايتن موجب، ٻهراڙيءَ مان مواد گڏ ڪري موڪلين: سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ”سنڌي لغت آفيس“ سان گڏ ”لوڪ ادب“ جي مرڪزي آفيس قائم ڪئي وئي ۽ ڪارڪن مقرر ڪيا ويا، ته مقامي طور گڏ ڪيل، توڙي ٻاهران آيل مواد کي هدايتن موجب ورڇي ورهائي، ڀيٽي صاف ڪري ڇپائڻ لائق بڻائين“. (1)
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، لوڪ ادب موضوع تي مجموعي طور 46 ڪتاب لکيا آهن، جن ۾ ”قافيون“ جا ٽي جلد ۽ دودي چنيسر جا 2 جلد پڻ ڳڻيا ويا آهن، جيڪڏهن قافين ۽ دودي چنيسر جي جلدن کي گڏ ڪري ليکبو ته ڪل 43 ڪتاب ٿين ٿا، جن مان پنجن ڪتابن ”سنڌي سينگار شاعري (1986ع)“ ۾ ديباچو، ”رهاڻ هيرن کاڻ (10 جلد)“، ”ڪافيون جلد ٻيو“ ۽ ”دودو چنيسر (1976ع ۽ 1977ع“ ۾ مهاڳ ۽ ”ٻيلاين جا ٻول 1951ع“ ۾ منڍ لکيو ويو آهي، باقي سڀني ڪتابن ۾ مقدما لکيا ويا آهن.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي مقدمن ۾ جيڪا سرهاڻ ۽ سڳنڌ آهي، سا ماڻهوءَ جي اندر کي علم، ادب ۽ تاريخ جي ڄاڻ سان مهڪائي معطر ڪري ڇڏيندي آهي. سندس مقدمن جي انفراديت، ان ڪري به آهي جواُهي مقدما وديا ۽ وگيان جا سمونڊ آهن. سندس شخصيت ۽ علمي خدمتن تي ٿيل تحقيقي ڪم ۾ ”ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جي لوڪ ادب جو تقابلي مطالعو“ پي ايڇ ڊي لاءِ ڊاڪٽر علي اڪبر اسير جو لکيل مقالو2014ع ۽ ”ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جون تاريخ نويسيءَ ۾ خدمتون“ پي ايڇ ڊي لاءِ ڊاڪٽر برڪت ڏاهريءَ جو لکيل مقالو 2017ع ۾ ملن ٿا، پرڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي ته انهن ٻنهي مقالن ۾مقدمن جو ذڪر نه ٿو ملي.
سندس پي ايڇ ڊي ته تعليم واري شعبي ۾آهي، پر سنڌي ادب ۽ ٻولي جي گھري مطالعي، شاهه عبداللطيف سان عشق ۽ لوڪ ادب تي ٿيل سندس ڪم،ڪيتريون ئي پي ايڇ ڊيز جون ڊگريون لهندو آهي. ٻين سڀني ڪمن کي پاسي تي رکي، فقط مقدمن کي آڏو آڻجي، ته اهي مقدما ڊاڪٽر بلوچ جي قد ۽ ڪاٺ جا زنده مثال آهن. ڊاڪٽر بلوچ جا مختلف موضوعن جي مختلف ڪتابن تي، لکيل مقدما دستاويزي حيثيت رکن ٿا ۽ صدين تائين سنڌي ادب جي تحقيق واري ميدان ۾رهنمائي ڪندا رهندا. مجموعي طور 46 ڪتاب لوڪ ادب جي موضوع تي، سنڌي ٻولي ۽ لغت ۾ 14 ڪتاب، سنڌ جي تاريخ، شاھ جي رسالي ۽ لطيفيات کان سواءِ سنڌ جي اساسي يعني ڪلاسيڪل شاعرن جي ڪلام سان گڏ ٻين مختلف موضوعن تي به تحقيقي ڪتاب موجود آهن، جيڪي ادب جي شعبي ۾ تحقيق ڪندڙ اسڪالرن لاءِ نوان گس ۽ پيچرا مهيا ڪن ٿا. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي لکيو آهي ته: ”جدا جدا ڪتابن لاءِ اعليٰ ادبي تنقيدي مقدمن لکڻ سان، ڊاڪٽر صاحب سنڌيءَ ۾ جديد مقدمه نگاري جي معيار کي هڪ تخليقي ڪاوش جي درجي تي پهچايو. سندس خاص رويو هي رهيوآهي ته گھربل معلومات لاءِ جتي کيس مستند ڪتاب نه مليو. اتي ڪن خاص اطلاعن لاءِ راوين جو سهارو ورتو اٿس ۽ هڪ کان وڌيڪ راوين جي بيانن کي مقدمي ۾ آندو اٿس. وڌيڪ تصديق لاءِ اهڙن راوين سان پنهنجين ملاقاتين جي ماڳ ۽ تاريخ جي چٽائي ڪئي اٿس. نئين معلومات کي دليلن ۽ مثالن سان ايئن آڻيندو آهي جو باوجود گھڻي ڪجهه لکڻ جي پڙهندڙ ائين ڀانئي ته جيڪر اڃان ڪجهه وڌيڪ لکي ها“.(2)
ڊاڪٽر بلوچ جي ابتدائي تصنيفن مان ”ٻيلاين جا ٻول“ جنهن ۾ ڊاڪٽر بلوچ ‘عام سنڌي شاعري’ جي عنوان سان جيڪو مقدمو لکيو آهي، ان ۾ سنڌي لوڪ ادب جي تاريخ سان گڏ عالمي لوڪ ادب جو مختصر تعارف پڻ بيان ڪيو آهي. سنڌي اساسي شاعرن جي شاعري تي تحقيق ڪندي ڪيترائي مقدما لکيا آهن.ڊاڪٽر صاحب، شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي جي ترتيب ۽ شرح جي حوالي سان، جيڪو تحقيقي ڪم ڪيو آهي، تنهن جو مثال ملڻ به مشڪل آهي. شاهه جي رسالي تي جيڪو مقدمو لکيو ويو آهي، انهي ۾ ڊاڪٽر بلوچ ٻين شاعرن جيان شاھ عبداللطيف جي حياتي تي تحقيق ڪري،جيڪي نتيجا ڪڍيا آهن، انهن ۾ شاھ لطيف جي اُمي هجڻ واري عام روايت جي وضاحت مقدمي ۾ ڪجهه هن طرح ڪئي آهي:
”ان وقت مڪتبي تعليم جو دؤر هو جنهن موجب قرآن شريف ، سنڌي ۽ ابتدائي فارسي تعليم معياري سطع تي ڏني ويندي هئي . والدين ننڍڙي لطيف کي پاڻ کان پري فوري طور تي ڪنهن مڪتب ۾ ڪو نه ويهاريو ؛ البته سندس تربيت گھر ۾ ئي ٿيندي رهي جو نه فقط والد شاھ حبيب پاڻ علم ۽ نظر وارو هو ، پر والده به هڪ فقيري گھر مان هئي . البت عبداللطيف جڏهن وڏو ٿيو ته روايتن موجب شاھ حبيب کيس قرآن شريف پڙهڻ لاءِ اهڙن استادن وٽ ويهاريو جيڪي پاڻ وڏا نيڪ ۽ پرهيزگار هئا. انهن اهڙي توجهه سان پڙهايو جو قرآن شريف عبداللطيف جي دل تي نقش ٿي ويو . انهن مان خاص ڪري استاد ميون نور محمد ڀٽي هو ، جنهن پوءِ کيس مڪتبي تعليم ڏني . ميون نورمحمد گنباٽ جي ڏيرن واري راڄ کي ويجھو اٺن ميلن کن جي پنڌ تي ‘وانئين’ جو ويٺيل هو“.(3)
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، تحقيق جي هن سفر ۾ نه رڳو، شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي سوانح کي مثالن ۽ حوالن سان واضح ڪيو، پر انهي وضاحت کي تحقيق جي مرحلن مان گذاري، اصل حقيقت کي پڌرو ڪيو آهي. ڊاڪٽر بلوچ جي مقدمن جي اها به هڪ انفراديت آهي، ته هن، مقدمن ۾ ضرورت آهر، هيٺان حاشين ۾ حوالا پڻ ڏنا آهن، حوالن ۾ اهو ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، ته ڪهڙي ڳالهه ڪٿان، ڪيئن ۽ ڪهڙي حالت ۾ ملي آهي؟ ذريعن کي ڀليءَ ڀت متعارف ڪرايو ويو آهي، جيئن پڙهندڙ ٿوري وقت ۾ حقيقت ۽ حاصل مقصد تي پهچي سگھي.
لوڪ ادب کي نج عوامي ادب چئجي ٿو، ڇو ته هن ۾ ماڻهن جي هوبهو تصوير ڇپيل هوندي آهي. ”لوڪ“ سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي، ماڻهو، آدم، ڏيهه، ديس، جُڳُ، سنسار وغيره. مختيار احمد ملاح ”ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت“ ۾ لکي ٿو ته:
”حقيقت ۾ لوڪ ادب انهن سگهڙن جي تخليق آهي، جيڪي پنهنجي خيالن جي وسعت آهر مجلسن، محفلن ۽ ڪچهريءَ ۾ پنهنجا خيال شعر جي روپ ۾ پيش ڪندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو لوڪ ادب کي ”نج دهقاني ادب“ به چيو ويندو آهي“.(4)
سنڌي لوڪ گيت، سنڌ جي تهذيب، تاريخ، روايتن ۽ عوامي ادب جو آئينو آهي. دنيا جي ادب ۾ سنڌ جا لوڪ گيت، موضوعن ۽ عنوانن جي حوالي سان هڪ منفرد رنگارنگي ۽ حسناڪي پيش ڪن ٿا. لوڪ گيت جا موضوع ڪجهه نه پر ڪيترائي، سو نه پر سوين ٿين ٿا ۽ سمورا موضوع، عورت، ڌرتي، سماج، تاريخ، عوامي پيشا ۽ عوامي مسئلن سان لاڳاپيل هجن ٿا. عام ماڻهوءَ جا ڏک سک، جذبا، خوشيون ۽ غميون، احساس، لوڪ گيتن ۾ موجود هوندا آهن. ”لوڪ“ لفظ کي سنڌ جي عظيم شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪيترن ئي جڳهن تي ڪتب آندو آهي. شاهه سائينءَ جي شاعريءَ ۾ به لوڪ جي معنيٰ ساڳئي آهي، جيڪا لغتن ۾ بيان ٿيل آهي. شاهه صاحب جي ڪجهه بيتن کي هيٺ لکجي ٿو، جن ۾ ”لوڪ“ لفظ جو استعمال ٿيل آهي.
ڪَراُينِ ڪَڙورِ جا، چُوڙا ڪُوڙا جَنِ؛
سو مَرَڪُ ماروئڙن، جئان لوڪ لڄ ٿئي.
(سر مارئي)
اکين کي آئُون، جان ڪِي جهُلُون پائيان؛
لوڪُ لتاڙي ننڊ ۾، ساڄَنُ سوٺائُون؛
مون کي ماريائون، پاڻَ پرچي آئيون.
(سر آسا)
دنيا جا سمورا انساني سماج، پنهنجي عوامي ادب جي تاريخ مان ڦٽندا، وڌندا، ويجھندا ۽ فنا ٿيندا آهن. جيئن وڻ پنهنجو پاڻ مان ريج وٺي اُسري، نِسري، وڏو ٿي، ٻين لاءِ ڇانورو بڻجي ٿو، تيئن ئي، سنڌ جو لوڪ ادب اُسري، نسري ۽ اڀري سرسبز، سائو ٿي، پنهنجي هڳاءُ سان سنڌ جون وستيون ۽ وانڊيون، واهڻ، ڳوٺ، جھرجھنگ ۽ شهرن کي مهڪائي معطر ڪري ٿو. هتان جا سگھڙ ۽ سپورنج، اهو انمول سرمايو، سيني به سيني پنهنجن پوئين تائين منتقل ڪندا رهيا آهن، تڏهن ئي ته سنڌي لوڪ ادب جو ايترو ججھو مواد موجود آهي. سنڌي لوڪ ادب جي باري ۾ نارائڻ ڀارتيءَ جي حوالي سان، مختيار احمد ملاح لکي ٿو ته:
”حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته سنڌ جي لوڪ ساهتيه ايترو ته آڳاٽو آهي، جيتري آڳاٽي آهي اسان جي سنڌي ٻولي. سنڌي لوڪ ادب ۾ ڪيترائي اهڙا جزا به آهن، جن جو بڻ بنياد ويدن ۽ اپنشندن جي ڪٿائن توڙي ٻئي سنسڪرت ادب ۾ ملي ٿو. رامائڻ، ماهاڀارت، پراڻ، برهت ڪٿا، منجري ڪٿا، سر ساگ، پنجتنتر، هتو پديش، ويتال، پنج ونشتي وغيره سنسڪرت ۾ لکيل اهڙا سرچشما آهن، جن مان نه فقط سنڌي، پر ڀارت جي ڪيترن ٻين ٻولين جي به ڪن لوڪ ڪٿائن ۽ پهاڪن وغيره جو جنم ٿيو آهي“.(5)
سڄي دنيا ۾ لوڪ ادب ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ موجود آهي. لوڪ ادب ٻهراڙيءَ جي نج ماحول ۾ صدين کان وٺي سرجيو آهي. اهو اڳين انسانن بعد وارن ڏانهن صدري روايتن جي آڌار منتقل ڪيو آهي. لوڪ ادب عوام جو ادب آهي، جيڪو عوام ئي سرجيو آهي. سگھڙ لوڪ ادب جا سنواريندڙ ۽ گھڙيندڙ رهيا آهن. سنڌ جي لوڪ ادب تي تمام گھڻو ڪم رٿا بنديءَ تحت ٿيل آهي. ابتدا ۾ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي ۽ ان سهيوڳي عالمن ۽ سگھڙن ڪم ڪيو. بعد ۾ ان ڪم کي معراج تي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پهچايو. اڄ سنڌ جو لوڪ ادب دنيا جي لوڪ ادب کان معيار ۽ سهيڙ جي حوالي سان اوچو ۽ عظيم آهي.
ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي لکيو آهي، ته:
”لوڪ ادب ۾ وڏي گھرائي ۽ مڻيا سمايل هوندي آهي، اهو رواجي طور ڪونه سمجھي سگھبو! ان لاءِ وڏي ويچار جي ضرورت هوندي آهي. اها ڳالهه ذهن نشين هئڻ گھرجي ته ”لوڪ ادب“ ڏاهن جي ڏات آهي، سيبتن جي سوچ آهي، گوهر پنهنجا اهي گفتا ڪنهن مهل، موقعي ايندڙ حالتن کي آڏو رکي ويچاريندا آهن، جنهن ۾ اونهو فڪر، ڏاهپ ۽ ڪو نه ڪو نڪتو شامل هوندو آهي“.(6)
لوڪ ادب جي حوالي کان، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، سنڌي زبان سان نينهن جا ناتا نڀائيندي، سنڌ جو ترو تانگھي، جھرجھنگ لتاڙي، سنڌي ادب کي اوچي پد تي پهچايو آهي. اهو ئي سبب آهي جو کيس سنڌ جي سنوپري سپورنج طور سڃاتو وڃي ٿو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جون لوڪ ادب جي حوالي سان ڪيل خدمتون سنڌ ڪڏهن به وساري نه ٿي سگھي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لوڪ ادب جي سلسلي جا 43 ڪتاب سهيڙيا آهن. ان کان علاوه رهاڻ هيرن کاڻ جا 10 جلد لکيا آهن، جن ۾ پڻ ڪافي مواد لوڪ ادب وارو آهي. ”جڏهن سائين جي ايم سيد، ميران محمد شاهه ۽ ٻين عالمن، سنڌي ادبي بورڊ جي، 1951ع ۾ نئين سر تشڪيل ڪئي ته انهن سنڌ جي تاريخ، لغت، ڪلاسيڪي ادب ۽ ترجمي وغيره جي اسڪيمن سان گڏ هڪ اسڪيم ”لوڪ ادب“ کي گڏ ڪرڻ جي به اڳيان رکي هئي، جنهن کي مڪمل ڪرڻ جو ڪم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي حوالي ڪيو ويو هو“.(7)
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سنڌي لوڪ ادب کي قلم بند ڪري ھڪ تمام وڏو ۽ اھم ڪم ڪري ويو. سنڌ جي حال ۽ ماضيءَ جي ترجماني ڪندڙ لوڪ ادب کي سنڌي ادبي بورڊ طرفان ”لوڪ ادب رٿا“ تحت 42 جلدن ۾ ڇپرايو ويو. ھر ھڪ ڪتاب جي جنس ۽ صنف کي سمجھائڻ لاءِ انھن تي عالماڻا تحقيقي مقدما وڏيءَ محنت ۽ ڇنڊڇاڻ بعد لکيا، جيڪي عالمي تحقيق جي معيار مطابق آھن. انھن مقدمن جي ھڪ حيثيت آھي. ڊاڪٽر صاحب جا مقدما انگريزيءَ ۾ پڻ لکيل آھن. اھڙن انگريزيءَ ۾ لکيل مقدمن کي محترمه اميمه بلوچ مرتب ڪري Folk lore of Sindh: Anthology of preface جي عنوان سان 2014ع ۾ ثقافت کاتي پاران شايع ڪرايا آھن.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لوڪ ادب جي حوالي سان جيڪي مقدما لکيا آھن، انھن ۾ فقط ”ڳجھارتون (ڀاڱو پھريون ۽ ڀاڱو ٻيو)“ ۾ تاريخ ۽ لکڻ ھنڌ ”ڪوئٽه 4 سيپٽمبر 1969ع“، ”قافيون جلد ٻيو)“ ۾ نالي سان گڏ خادم العلم، تاريخ ۽ ھنڌ ”اسلام آباد، 30 جون 1987ع“، ”قافيون (جلد ٽيون)“ ۾ نالي سان گڏ خادم العلم، تاريخ ۽ ھنڌ ”حيدرآباد، 15 مارچ 1990ع“، ”سنڌي لوڪ ڪھاڻيون 7“ ۾ نالي سان گڏ خادم العلم، تاريخ ۽ ھنڌ ”نيويارڪ، 20 جنوري 1964ع“، ”سسئي پنھون 4“ ۾ ن.ب سان گڏ تاريخ ۽ ھنڌ ”اسلام آباد، 25 جولاءِ 1976ع“، ”ٻاھريان قصا ۽ عشقيه داستان 7“ ۾ نالي سان گڏ خادم العلم، تاريخ ۽ ھنڌ ”نيويارڪ 28 جنوري 1964ع“، ”سڀ رنگ“ ۾ نبي بخش ۽ ”ھرگنيو“ ۾ نالي سان گڏ عھدو، تاريخ ۽ ھنڌ ”ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ چيئرمين سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو حيدرآباد، 3 آگسٽ 1993ع“ به ڄاڻايو اٿس. جڏھن ته باقي مقدمن ۾ ”ن.ب“ لکيو اٿائين.
لوڪ ادب جي مقدمن ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جيڪو ننڍي ۾ ننڍو مقدمو لکيو آھي، سو ”سنڌي لوڪ ڪھاڻيون 4“ جو آھي، جيڪو سڀني مقدمن ۾ ننڍو ۽ فقط ٻن صفحن تي مشتمل آھي. هن مقدمي ۾ ڊاڪٽر صاحب لوڪ ڪهاڻين جي سلسلي جي پهرين ڪتاب ۾ جيڪا وضاحت ڏني آهي، ان جو پڻ حوالو پيش ڪيو آهي، ڪتاب ۾ موجود ڪهاڻين جي ڪيفيت پڻ بيان ڪئي آهي، ته هن ڪتاب ۾ ڪهڙي قسم جون ۽ ڪيتريون ڪهاڻيون ڏنل آهن. مرڪزي خيالن جي لحاظ کان هن ڪتاب ۾ موجود ڳالهين کي 14 مختلف موضوعن ۾ ورهايو آهي، جيئن ماٽيجي ماءُ جو برتاءُ، همتون ۽ ڪشالا، بخت ۽ سياڻپ، هنر ۽ علم، نصيحت، خيرات جي برڪت وغيره. ان کان علاوه هن مقدمي ۾ ڊاڪٽر صاحب اهو پڻ واضح ڪيو آهي ته ڪهڙيون ۽ ڪيتريون ڪهاڻيون ڪٿان مليون، ضلعي وار مواد ملڻ جو تفصيل پڻ ڄاڻايو آهي. ڪهاڻين جي سلسلي ۾ چوٿين جلد تائين 142 ڪهاڻيون شايع ٿيڻ جو پڻ تذڪرو آهي. جڏھن ته لوڪ ادب سلسلي جي سڀني مقدمن مان وڏي ۾ وڏي مقدمو ”ڳجھارتون (ڀاڱو پھريون ۽ ٻيو)“ جو آھي. جيڪو 59 صفحن تي مشتمل آھي. ھن ضخيم مقدمي کي، لفظ ڳجھارت جي معنيٰ، ڳجھارت جي فن جي ابتدا، ڳجھارت جي بنيادي يا لفظي سٽاءَ، ڳجھارت جي سٽاءَ ۾ تجنيس جي اھميت، ڳجھارت جي سٽاءَ ۾ پائي جي بيھڪ، ڳجھارتن جو فني ۽ معنوي سٽاءَ، ڳجھارت جي ڪچھريءَ جا قانون، ڳجھارت جا سگهڙ، سندن ڪچھريون ۽ تڪيا ڪلام، فن ڳجھارت جي اھميت ۽ افاديت، مواد جي سھيڙ ۽ ترتيب جي موضوعن ۾ ورهايو ويو آهي.
1. سنڌي اساسي شاعري
لفظ ”اساسي“ جو بنياد عربي ٻوليءَ جي لفظ ”اساس“ تي مشتمل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي، بنياد، پاڙ، جڙ، پيڙهه. اساسي شاعري جي حوالي سان مختيار احمد ملاح ”ادبي اصطلاحن جي لغت“ ۾ لکيو آهي ته:
”اساسي شاعريءَ جو بنياد يا اساس اعليٰ انساني قدرن واري فهم ۽ فڪر تي رچيل شاعري. اهڙي شاعريءَ ۾ ڪنهن قصي ۽ واقعي جي بيان يا فقط شاعراڻين خوبين جي اظهار بدران ڪا اعليٰ مقصد واري معنيٰ سمايل هوندي آهي. دنيا جي هر ٻيءَ زبان وانگر سنڌي زبان جي اساسي شاعريءَ جو اساس/بنياد ڪائنات جي خالق جي وحدانيت ۾ ڪامل يقين، انسان ذات سان محبت ۽ انساني وحدت ۾ ويساهه ۽ معاشري ۾ اعليٰ خوبين واري ڪردار جي مفهوم تي ٻڌل آهي. مجموعي طور سنڌي اساسي شاعري، انسان جي ايمان ۽ ارادي جي سچائي ۽ عملي ڪردار جي اعليٰ معيارن جي تشريح ۽ تعبير آهي. سنڌي اساسي شاعري، صوفين سالڪن ۽ وڏي نظر ۽ وڏي دل وارن دانائن ۽ دردمندن جو ڪلام ۽ پيغام آهي، جنهن ۾ انسان جي عارضي زندگي ۽ سندس دائمي بقاءَ سان لاڳاپيل حقيقتن جا اهڃاڻ سمايل آهن“.(8)
سنڌي ادب ۾ قاضي قادن کي اساسي شاعريءَ جي عمارت جو باني سمجهيو ويندو آهي. يارهين ۽ ٻارهين صدي هجريءَ ۾ شاهه لطف الله قادري، ميين شاهه عنايت رضوي ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي اساسي شاعريءَ جي ان عمارت کي جوڙي راس ڪيو، جنهن جو بنياد قاضي قادن رکيو هو. اعليٰ فڪر ۽ مضمونن جي نکار جي لحاظ سان شاهه عبداللطيف ان کي سينگاري، سنواري روشن راهه تي رسايو. روحل فقير، سچل سرمست، صوفي صادق فقير ۽ خليفو نبي بخش پڻ ساڳئي راهه جا راهي هئا.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، شاهه لطيف سان گڏ سنڌ جي ٻين ڪيترن ئي اساسي شاعرن تي تحقيق ڪري سندن شاعريءَ کي نه رڳو ترتيب ڏنو، پرگڏوگڏ شاعرن جي زندگيءَ جا عڪس پڻ چٽي ٿو. سندن شاعريءَ جي خوبين ۽ خاصيتن کان پڻ آگاهي ڏئي ٿو. ”ڪليات سانگي“، “ ڪليات حمل“، ”ڪلام ميون شاهه عنايت“، ”ڪنڊڙي وارن فقيرن جو ڪلام“ وغيره، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي محنت جو نتيجو آهن.
2. لطيفيات
”لطيفيات“ لفظ پڙهڻ ۽ ٻڌڻ سان ئي محسوس ٿئي پيو، ته شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح جي شاعريءَ ۽ شخصيت جو ذڪر آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو مطالعو آهي. شاهه جي ڪلام جو مطالعو آهي. شاهه جي فڪر جو مطالعوآهي. شاهه عبداللطيف جي زندگي، شاعري ۾ فن ۽ فڪر، خيال جي گھرائي، تخيل ۽ تنقيدي، تحقيقي ۽ تجزياتي مطالعي کي لطيفيات چئجي ٿو. شاهه جي نالي سان پاڪستان سميت مختلف ملڪن ۾ ادارا قائم آهن، جيڪي لطيفيات جي موضوع تي تحقيقي ڪم کي سوريندا پيا اچن. سنڌي ادب جي تاريخ ۾ گھڻي کان گھڻو تحقيقي ڪم شاهه صاحب تي ڪيو ويو آهي. شاهه جو رسالو پهريون ڀيرو مڪمل صورت ۾ 1866ع، 1867ع ۾ بمبئي مان ليٿو پريس تي ڇپجي پڌرو ٿيو. ايستائين يا ان کان اڳ ۽ پوءِ به رسالا قلمي صورت ۾ لکيا ويا، پر ڇپيل يا کڻي لکيل رسالن ۾ گھڻو اختلاف هوندو هو، ڪٿي بيتن جو، ڪٿي واين جو، ڪٿي داستانن جو ته ڪٿي بيتن جي تعداد جو! شروعاتي رسالن ۾ سواءِ ”گنج“ جي سڀني ۾ بيتن جو تعداد گھڻو گھٽ ۽ پوئين دؤر جي رسالن ۾ اهو تعداد ٻيڻ تي هو.
لطيفيات تي مختلف عالمن مختلف وقتن تي ڪم ڪيو آهي، جيئن مرزا قليچ بيگ، 1913ع شاهه جو رسالو مرتب ڪيو، 1923ع ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻي شاهه جو رسالو مرتب ڪيو، تيئن ٻين به ڪيترن ئي عالمن شاهه جي رسالي ۽ شاهه جي سوانح تي ڪم ڪيو آهي. 1951ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران شاهه جي رسالي تي ڪم ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي کي ذميواري سونپي وئي. ڊاڪٽر دائودپوٽي 1958ع تائين ته مختلف قلمي نسخا ڀيٽي چڪو هو، پر نومبر 1958ع ۾ سندس رحلت ڪري، اهو ڪم اڌ ۾ رهجي ويو.
1966ع ۾ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڪاميٽي ان ڪم جي ذميواري، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي ڏني، جيڪا ڊاڪٽر بلوچ خوشي سان قبولي. هُن، هن ڪم کي ٻن مرحلن ۾ ورهايو. پهرين مرحلي ۾ شاهه جي رسالي ۽ سوانح بابت ماخذ ڳولي تحقيقي انداز ۾ شايع ڪرڻ ۽ ٻئي مرحلي ۾ ”جامع، مستند ۽ معياري متن“ کي مڪمل ڪرڻ. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ 68 رسالن کي هن تحقيقي ڪم ۾ آندو، جن ۾ 46 قلمي نسخا ۽ 22 ڇاپي رسالا هئا (ڪن جاين تي 50 قلمي نسخا ۽ 16 ڇاپي رسالا لکيا ويا آهن). ڊاڪٽر بلوچ هن تحقيق جي پرک جا 6 معيار يا بنياد رکيا، جيڪي هيٺين ريت آهن.
1. رسالن جي تعداد جو معيار
2. رسالن جي قدامت جو معيار
3. رسالن جي ڀيٽ جو معيار
4. ٻوليءَ جو معيار
5. شاعريءَ جو معيار
6. اعليٰ فهم ۽ فڪر جو معيار
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هن تحقيقي رٿا جي نتيجي ۾ ”شاهه جو رسالو شاهه جو ڪلام“ جي نالي سان ڏهه جلد ڇپائي پڌرا ڪيا، جيڪي اڄ هڪ مستند دستاويز جي حيثيت رکن ٿا. هن تحقيقي مقالي ۾ انهن ڏهن جلدن تي لکيل مقدمن تي پڻ روشني وڌي وئي آهي.
(الف) شاهه جي رسالي جو تخليقي ايڊيشن:
شاهه جو رسالو (جلد پهريون 1989) شاهه جو رسالو (جلد ٻيون 1992) شاهه جو رسالو (جلد ٽيون 1994) شاهه جو رسالو (جلد چوٿون (1997) شاهه جو رسالو (جلد پنجون 1997) شاهه جو رسالو (جلد ڇهون 1995) شاهه جو رسالو (جلد ستون 1998) شاهه جو رسالو (شاهه جي ڪلام جو مڪمل متن : جلد اٺون ۽ نائون 1999) شاهه جو رسالو (رسالي جو ڪلام:جلد ڏهون 1996)
(ب) شاهه جي رسالي بابت وڌيڪ تحقيق:
شاهه جي رسالي جا سرچشما (1972)، شاهه جي رسالي جي ترتيب (1994)، شاهه جو رسالو (برٽش ميوزم ۾ محفوظ قلمي نسخن سان ڀيٽي تيار ڪيل 1974) شاهه جو رسالو (ڏهن قلمي نسخن تي آڌاريل، سر سسئيءَ سان شروع ٿيندڙ 1977)، شاهه عبداللطيف رح (سرانح، رسالي ۽ راڳ بابت تحقيقي مضمون 1990)، لطائف لطيفي (فارسي متن ، مصنف: عبدالحسين سانگي، ايڊيٽنگ ۽ ترتيب : ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ 1967) پنج گنج (مصنف : قادر بخش بيدل ، مقدمو: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، 1976) ، احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي (مصنف: مرزا قليچ بيگ مقدمو ۽ سوڌ سنوار: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ 1972) .
3. سنڌ جي تاريخ
تاريخ معصومي (فارسي متن جو سنڌي ترجمو: مخدوم امير احمد، تحقيق ۽ وضاحتي نوٽن مان مقدمو: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، 1953)، فتحنامو (چچنامو): (فارسي متن جو سنڌي ترجمو: مخدوم امير احمد، مقدمو ۽ حواشي: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ 1954)، تحفته الڪرام (فارسي متن جو سنڌي ترجمو: مخدوم امير احند ، ايڊيتنگ ۽ مقدمو: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ )، 1957، سومرن جو دؤر (دودي چنيسر جي ڳالهه ۽ ٻئي روايتي ذخيري جي روشني ۾ (سيپٽمبر 1980ع).
4. سنڌي ٻولي، ادب ۽ موسيقيءَ جي تاريخ
سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي تاريخ ، (1992)، سنڌي موسيقيءَ جي مختصر تاريخ (1978) سنڌي صورتخطي ۽ خطاطي (1992)، سنڌي ٻوليءَ جو آڳاٽو منظوم ذخيرو (1993) سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي تاريخ (1999).
5. متفرقه
محمد رسول الله 1995ع، عبدي جو رسالو: مولوي عبدالقادر عبدي 2010ع، رسالو ميون علي محمد مهيري 2010ع، اصغر سائين جو ڪلام 1999ع، ڪلام نواب نبي بخش خان لغاري، ديوان مسڪين 1985ع ۽ خزانته المعرفت (ملفوظات شريف) 1411 هجري شامل آهن.
سڀ رنگ (1968) سنڌ جي مڇي (مٺي جي مڇيءَ جو مطالعو 1993)، سنڌ جي مچي (کاري جي مڇيءَ جو مطالعو 1995)، منهنجو ڳوٺ؛ جعفر خان لغاري (1999)، رهاڻ هيرن کاڻ (جلد پهرون 2000)، رهاڻ هيرن کاڻ (جلد ٻيو 2001)، رهاڻ هيرن کاڻ (جلد ٽيون 2002)، رهاڻ هيرن کاڻ (جلد چوٿون 2003)، گڏهه: 1946ع وغيره
حوالا:
1. بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر. ليلان چنيسر. حيدرآباد: سنڌي ادبي بورڊ، 1972ع، مهاڳ، ص الف
2. جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر.سنڌي ادب جي تاريخ.ڄامشورو: سنڌي لئنگويج اٿارٽي. 2005ع،ص 85،86
3. بلوچ، نبي بخش ڊاڪٽر. شاهه جو رسالو. حيدرآباد: ثقافت ۽ سياحت کاتو، ڇاپو پهريون، 2009ع، ص7،8
4. ملاح، مختيار احمد. ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت. حيدرآباد: لينگئيج اٿارٽي، 2015ع، ص 307
5. ساڳيو، ص 307
6. سنديلو، عبدالڪري، ڊاڪٽر. لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو. ڪراچي: پيڪاڪ پرنٽرس ائنڊ پبليڪيشن، 2016ع، ص 12
7. سوٽهڙ، امراڻي، ڀارومل. ڌرتي ڳائي ٿي. حيدرآباد: ثقافت ۽ سياحت کاتو، 2017ع، ص 22
8. ملاح، مختيار احمد. ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت. حيدرآباد: لينگئيج اٿارٽي، 2015ع، ص 35
سچل سرمست جي سنڌي شاعريءَ ۾اصطلاحن/محاورن جو تحقيقي جائزو
ABSTRACT:
Sachal Sarmast is a renowned saint scholar his poetry was based proficiency technical excellence and artistic studies, it is well known that in Sachal Sarmast’s poetry the features and characteristics of the Sindhi language are well-integrated and well-integrated. In his poetry, He combines the sensibilities of the language with the social sensibilities. The poem of Sachal Sarmast is the embodiment of poetry and indulgence. In the poem of Sachal Sarmast, the phrase and adornment that has arisen with the terminology and idiom is found to be an example. Attraction and the sentimentality are due to myths, sayings, terms, idioms, interpretations, metaphors, interpretations and parables in his Poetry.Idioms, Phrases and Terms are an important part of the language. There may be a language in the world that they do not use. Poetry consisting of words and phrases, recipes and restrictions, expressions and metaphors, the appearance and texture of words; Definitions and languages are used to describe, to convey, to influence, to create emotion.
چوڻيون، پھاڪا، اصطلاح، محاورا ۽ ورجيسون ٻوليءَ جو اهم حصو ھوندا آھن. دنيا ۾ شايد ئي ڪا اھڙي ٻولي ھجي، جنھن ۾ انھن جو استعمال نه ٿيندو ھجي. شاعريءَ ۾ صنايع ۽ بدايع، ترڪيبون ۽ بندشون، تشبيھون ۽ استعارا، لفظن جي بيهڪ ۽ بناوت؛ بيان ۽ زبان جو چسڪو، معنيٰ ڏيڻ، اثر وٺڻ، مٺاس ۽ چشڪو پيدا ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيا وڃن ٿا. انجنيئر عبدالوهاب سهتي، ٻوليءَ جي حسناڪين بابت لکيو آهي ته:
”ٻولي، سلاست ۽ بلاغت جي پد تي تڏهن پھچندي آهي، جڏهن منجهس قدامت ۽ جدت جي آميزش سان ڌرتيءَ تي مروج اصطلاح ۽ ورجيسون، استعارا ۽ ڪنايا، تشبيهون ۽ تمثيلون، پھاڪا ۽ چوڻيون، منڊيءَ تي ٽڪ جيان ٽانڪي ۽ ٽوپي سجائجن“.(1)
مهذب معاشري ۽ شاهوڪار ٻولي جي ٻين اهم نشانين سان گڏ اها به هڪ نشاني آهي ته، ان سماج جي ريتن رسمن متعلق اصطلاح، محاورا، پهاڪا ۽ چوڻيون موجود هجن. سنڌي ٻوليءَ کي ان جي سماج ۾ مٿين معيار موجب پرکڻ کان پوءِ معلوم ٿئي ٿو ته، سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙي قسم جا اڪيچار اصطلاح، محاورا، پهاڪا ۽ چوڻيون موجود آهن، جن ۾ سنڌي سماج جون ريتون رسمون نمايان آهن. سنڌي ٻوليءَ جي آسودگي بيان ڪندي ڊاڪٽر غلام قادر سومري لکيو آهي ته:
”سنڌي انيڪ خوبين سان سنواريل سينگاريل هڪ وسيع زبان آهي. سنڌي ٻوليءَ جي اڪيچار خصلتن مان ڪهڙيون ڳڻائي ڪهڙيون ڳڻائجن. سنڌي ٻوليءَ کي اهو اعجاز حاصل آهي ته، ان ۾ هر موضوع تي جھجھو مواد ملي ٿو. سچ ته ”وکر“ ونڌيو پيو آهي.“(2)
اساسي شاعريءَ جيان اصطلاح ۽ محاوري جون پاڙون به سماج ۽ فطرت سان جڙيل هونديون آهن. قاضي قادن، شاهه ڪريم، لطف الله قادري، ميين شاهه عنات ۽ شاهه لطيف جيان سچل سرمست به پنهنجي شاعريءَ ۾ محارون ۽ اصطلاحن کي ڪتب آندو آهي. سچل سرمست سري جو سرموڙ ۽ شاهه لطيف کانپوءِ سنڌي ٻولي جو هڪ عظيم شاعر هو. هن نه رڳو سنڌي زبان ۾ شعر چيو، پر پارسي، سرائڪي، اردو ٻولين ۾ به بلندپايه شاعري ڪئي. هن جو شعر وحدت الوجود ۽ تصوف جو آئينه دار آهي. بيتن ۽ ڪافين ۾ فني گهرائي به آهي ته فڪري وسعت به آهي. اهو ئي سبب آهي جو سچل جو ڪلام عالمن ۽ اديبن جو محور رهيو آهي. پهاڪن ۽ اصطلاحن جي اهميت بيان ڪندي ڀيرو مل مهر چند آڏواڻيءَ لکيو آهي ته:
”سنڌيءَ ٻوليءَ جو ڳچ جيترو خزانو، سندس اصطلاحن ۽ پهاڪن ۾ سمايل آهي. اڪثر انهن ۾ نج سنڌي ڪم آيل آهي. هن وقت تائين فقط ڏيڍ هزار کن پهاڪا ڇپجي پڌرا ٿيا آهن. مصنف هيستائين ايترا ٻيا به ڪٺا ڪيا آهن، پر پهاڪا اڃا گهڻا آهن ۽ منجهن وڏي فيلسوفي سمايل آهي. پهاڪن ڪم آڻڻ ڪري مضمون سلوڻو ۽ سوادي ٿئي ٿو ۽ ساڳئي وقت انهن مان سڌ پوي ٿي ته جنهن ملڪ ۾ اهي چوڻ ۾ اچن ٿا، تنهن جي ماڻهن جا مذهبي يا ڌرمي خيال، پنگتي رسمون ۽ ٻيا دستور ڪهڙا آهن“.(3)
سنڌ جي اساسي شاعرن پنهنجي شاعريءَ ۾ چوڻيون، پھاڪا، اصطلاح، محاورا ۽ ورجيسون ڪتب آڻي، سنڌ جي سياسي، سماجي، اقتصادي ۽ اخلاقي پهلوئن جا عڪس چٽيا آهن. سنڌ جي ٻين ڪلاسيڪي شاعرن سان گڏ سچل سرمست به عوامي ٻوليءَ کي پنهنجي شاعريءَ ۾ سمايو آهي. سچل به فطرت سان گڏ سماج ۾ موجود ريتون رسمون ڳايون آهن. ڊاڪٽر مهر خادم لکيو آهي ته:
”سچل سائين پوري ڌرتيءَ ۽ آسمان جي حسناڪين کي پنهنجي شاعري ۾ جڳهه ڏني آهي. هو جتي ڌرتيءَ جي ماڻهن، پکين،، گلن، جانورن، رنگن ۽ سونهن جو ذڪر ڪري ٿو، اتي آسماني سج، چنڊ، تارن، سيارن، ڪهڪشائن ۽ عرش ڪرسيءَ کي به پنهنجي شاعريءَ ۾ سمائي ٿو“.(4)
سچل سرمست پنهنجي شاعريءَ ۾ سماجي حسناڪين سان گڏ ٻوليءَ جي حسناڪين کي به سمايو آهي. سچل سرمست جي شاعري صنايع و بدايع جو ڀنڊار آهي. سچل سرمست جي شاعري ۾ اصطلاح ۽ محاوري سان جيڪا زيب و زينت پيدا ٿي آهي، تنهن جو مثال ملڻ محال آهي. سچل سرمست جي شاعريءَ ۾ جيڪا سحر انگيزي، ڪشش ۽ جاذبيت آهي، سا پهاڪن، چوڻين، اصطلاحن، محاورن، تشبيهن، استعارن، تلميحن ۽ تمثيلن جي بدولت آهي. سچل سرمست جي شاعري ۾ ڪم آيل اصطلاحن ۽ محاورن جو مختصر جائزو هيٺ ڏجي ٿو. سچل چيئر شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور طرفان 1995ع ۾ شايع ٿيل ”سچل جو ڪلام عرف عاشقي الهام“ مان سچل جي شاعريءَ جا مثال ڏنا ويا آهن. مثالن سان گڏ صفحي جي به نشاندهي ڪئي وئي آهي. جيئن پڙهندڙ کي پڙهڻ ۽ ڳولڻ ۾ ڪا دقت پيش نه اچي.
”ڪانگ اڏائڻ“
اوسيئڙي يا انتظار ۾ ويهڻ، نياپو موڪلڻ، قاصد روانو ڪرڻ، پيغام موڪلڻ، واجھائڻ، اڪير هئڻ، اوسيئڙي ۾ هئڻ، بدسوڻ لڳڻ، برائيءَ جا آثار نظر اچڻ، بڇڙا سنوڻ هئڻ.
”سيئي سچل آئيا، جن لئه ڪانگ اڏايم“(ص 71)
”پير گھمائڻ“
قدم گھمائڻ، هلڻ، گھمڻ، سير ڪرڻ، اچي برڪت بخشڻ برڪت وارو ڪرڻ. ڪنهن بزرگ شخصيت جو ڪنهن وٽ وڃڻ.
”پاڻئون ڄاڻي پير گھمايم، سرهو ڪيڙم سير“(ص 77)
”جوڳ پچائڻ“
ڏاکڙا ۽ ڪشالا ڪرڻ، تڪليفون وٺڻ. جيڪو رات ڏينھن سر ڌڙ جي بازي لڳائي جوڳ ٿو پچائي اهو به اڄڪلهه مَسَ مَسَ ٿو پنھنجو ننگ ناموس بچائي.
”جوڳي ٿي ڪر جوڳ پچايم، ڏاڍو ڪيم انڌير“(ص 77)
”لاڳاپا لاهي بيهڻ يا لاڳاپا لاهڻ“
آسرو يا ڊپ لاهي بيهڻ، لڄ لاهڻ، بي حيا ٿي بيهڻ، خواري کڻڻ، بدنامي کڻڻ.
”ڇڏ سڀ لاڳاپا لاهي، اهو وڃڻ ته واجب ناهي“.(ص 80)
”ڏونگر ڏورڻ“
جبل جھاڳڻ، تڪليفون سهڻ
”سارا ڏونگر ڏورئين، ڪاڪي ڙي ڪنهن لاءِ“ (ص 86)
”منهن ڦيرڻ يا منهن ڦيرائڻ“
منهن ٻئي پاسي ڪرڻ، منهن موڙڻ، بي رخي اختيار ڪرڻ، ناراضپو ڏيکارڻ، ناراضگي ڏيکارڻ.
”ڪهڙي ڳالهيون ويڙيچن ڏنهن، منهن ڦيرايئي مايا“ (ص 86)
”پِير پُڇڻ“
پيرن تي وڃي دعائون گھرڻ، بزرگن جي تلاش ڪرڻ، مراد حاصل ڪرڻ لاءِ روحاني حيلا وسيلا اختيار ڪرڻ.
”اهي اڱڻ منهنجي آيا، جن جي ڪاڻ پِير پچايم ٿي“ (ص 88)
”ورهه وهائڻ“
عشق پرائڻ، عشق ونڊڻ
”ورهه وهايم جيڏيون، پوءِ پرجھڻ پئي“. (ص 96)
”مچ مچڻ“
باهه دکڻ، باهه ٻرڻ، عشق ۽ محبت ۾ گرفتار ٿيڻ، فساد وڌڻ، جھيڙو ٿيڻ، دل ۾ درد جو پيدا ٿيڻ
”اديون آتش عشق جا، من ڪي مچ مچن ٿا“. (ص 100)
”اکين ۾ جايون اڏڻ“
سڪ ۽ سچائيءَ ساڻ آجيان ڪرڻ. گھڻو پيار ڪرڻ، گھڻو ڀانئڻ
”تنهنجي اچڻ جي ڪاڻ مون، جايون سي اکڙين ۾ اڏيون“. (ص 102)
”رت روئڻ“
رت جا ڳوڙها ڳاڙڻ، تمام گھڻو روئڻ، زارو زار روئڻ، سخت صدمو رسڻ، گھڻو ڏک ڪرڻ، هنجون هارڻ، سخت پشيمان ٿيڻ، شرمسار ٿيڻ.
”انهن ڪارڻ جيڏيون، اکڙيون رت روئن“. (ص 102)
”هنجون هارڻ“
ڳوڙها ڳاڙڻ، روئڻ، راڙو ڪرڻ، لڙڪ وهائڻ، جھڄڻ
”ويٺي ڳرهيان ڳالهڙيون، هنجون هت هاريون“. (ص 104)
”پيچ پائڻ“
نينھن لائڻ. پيچ پائجي ته توڙ نباهجي ۽ ائين نه ٿئي جو پيچ در پيچ سُڪَ پئجي وڃي ته پوءِ هٿوڙن ۽ مترڪن سان ويٺو ماڻھو ان کي ڀڃي.
”ڪا گھڙي نيباهه نه ڄاڻج، پيچ نه تنهن سان پاءِ وي“ (ص 105)
”اک اڙائڻ“
نينهن لڳائڻ، اک اٽڪائڻ، عاشق ٿيڻ، تڪڻ، ڏسڻ
”دردمنديءَ جي دل توئي سان، اکن اڙائي آڻي“ (ص 117)
”رت ريلا ڏيڻ“
تمام گهڻي خونريزي ٿيڻ، رت ڇاڻ ڪرڻ. چون ٿا ته هلاڪو بادشاهه هلان ڪري هندستان ۾ ايتري ته رتڇاڻ ڪئي هئي جو گهٽي گهٽي ۾ رت ريلا ڏئي پيو وهي ۽ جيڪو ماڻھو پيو اهو واقعوڏسي رڳو رت ۽ رت پيورُئي.
”سچل اکڙين مئون ٿيا، ريلا رت روان“. ( ص 121)
”رنگ لائڻ“
فيض پھچائڻ، جوهر پيدا ڪرڻ. بزرگن جي صحبت پنھنجو نيڪ اثر هرگز نه ٿي وڃائي ۽ ڪڏهن نه ڪڏهن اهڙو ته رنگ ٿي لائي جو انسان کي سج چنڊ کان به وڌيڪ ٿي چمڪائي
”دل اسانجڙيءَ لعل لپيٽيو، رمزن جو رنگ لايو“ (ص 121)
”ڪمر ٻڌڻ“
همت ڪرڻ، ڪمر ڪشڻ، مردانگي ڏيکارڻ، بهادري ڏيکارڻ، جرئت ڏيکارڻ، پاڻ پتوڙڻ، ڪوشش ڪرڻ، سعيو ڪرڻ، سندرو ٻڌڻ، بيٺ ٻڌڻ، آماده ٿيڻ، تيار ٿيڻ، سنبرڻ، ڪمر ڪسڪ (صفت)، ڪمزور چيلهه وارو،نستو، بي ستو، ضعيف، لاغر، هيڻو، اڀرو، ڏٻرو. هن ته ويچاري ڏاڍي ڪمر ٻڌي هئي پر اوچتو جو هن جي ڪمر ٽٽي پئي ته وري سڌي ٿي نه سگهي.
”ڪمر جا ٻڌائون، وري نا ڇوڙيائون، نيئي سر ڏنائون لاٿائون ميار“. ( ص 122)
”وک وڌائڻ“
پير ڀرڻ، وڌيڪ ڀائيچاري جو قدم ڀرڻ، برادريءَ ۾ وڌي هلڻ
”مي جا پيتائون، سي سهرا ڳيتائون، وڏي وک وڌائون، پاڙيائون قرار“ ( ص 122)
”رنگ رلائڻ“
مزو ڪرڻ، خوشي ڪرڻ، لطف اندوز ٿيڻ، عيش ڪرڻ، رنگ رليون منائڻ
”منجھون حب هلياسي، ماري چوٽ چلياسي، وڃي رنگ رلياسي، تنين هي تنوار“. (ص 122)
”منهن موڙڻ“
منهن ڦيرائڻ، پاسو ڪرڻ، موڙو ڪرڻ، رخ مَٽڻ
نشانا گوڙيائون، منهن نا موڙيائون، ٻئي هٿ ٻڌايون، ڪٺا قرب دار“. (ص 122)
”هٿ ٻڌڻ“
منت سماجت ڪرڻ، عرض يا وينتي ڪرڻ.
نشانا گوڙيائون، منهن نا موڙيائون، ٻئي هٿ ٻڌايون، ڪٺا قرب دار“. (ص 122)
”لنو لائڻ“
عيب لائڻ، ڏوهي ڪرڻ، مياري ڪرڻ
پاڻئون ڄاڻي پاڻ سان هت، لنو تا لائڻ آيو“. (ص 129)
”ورهه وسائڻ“
وڇوڙي جي برسات وسائڻ، زار زار روئڻ، محبت ۾ سور سهڻ، درد ڪاٽڻ، هاءِ دوس ڪرڻ.
”عرش منجھارون الهي هت، ورهه وسائڻ آيو“. (ص 129)
”رنگ رچڻ“
رنگ جو چڱي طرح اثر ٿيڻ، رنگ لڳڻ، رنگ چڙهڻ، رنگ وهڻ، رنگ ڄمڻ، رنگدار ٿيڻ، رنگين ٿيڻ، محفل ڄمڻ، تماشو شروع ٿيڻ، مجلس مچڻ
”سڙن سگھن ڪين ڪي، اهڙي رنگ رچن“. (ص 149)
”چت چائڻ“
دل کڻڻ، منهن موڙڻ،
”پرين ڏسج پاڻ ڏي، چت نه وڃ مون تئون چائي“. (750)
”ٻارڻ ٻارڻ“
اندر ۾ عشق جي باهه ٻاري ڇڏڻ
”ياد ڪريندي تن کي، ٻارڻ ڄڻ ڄاريا“.(ص 353)
”پير ڀرڻ“
قدم کڻڻ، ٿورو ڪرڻ، لائق ڪرڻ، مهرباني ڪرڻ
”ڀلي پير ڀريان انهيءَ ويلي اوڏهين“(ص 372)
”ڏکڙا ڏرڻ“
ڏک ڏسڻ، تڪليون سهڻ، سور سهڻ
”اوهان ٻاجھون سپرين، ويٺي هت ڏکڙا ڏوريان“(75)
”ڏلهي ڇڏڻ“
ڀري ڇڏڻ، پيٽ ڀري کائڻ
”ڏلهي ڇڏيو ڏٿ سان، ڏوٿين ڏيا“. (ص 328)
”گھوڙا گھوڙا ڪرڻ“
پڪار ڪرڻ، دانهن ڪرڻ، رڙيون ڪرڻ، واڪا ڪرڻ، مدد لاءِ زور سان آواز ڪرڻ، فرياد ڪرڻ، روئڻ پٽڻ، ارمان ڪرڻ
”گھوڙا ڙي گھوڙا، جو مون هن مستانو ڪيو“(پورب)
”لقب لائڻ“
لڄائڻ، ٽڪو لائڻ، عيبدار ڪرڻ، عيب لڳائڻ، گلا ڪرڻ، بدنام ڪرڻ
”هت پنهوارن ريءَ پاڻ کي، ڪيها لقب لايان“.(ص 354)
سچل سرمست پنهنجي شاعريءَ ۾ اصطلاحن ۽ محاورن کي ڪتب آڻي، پنهنجي شاعريءَ کي لساني آسودگي بخشي آهي. اصطلاحن ۽ محاورن، سندس ڪلام کي ظاهري توڙي باطني حسن سان سرشار ڪيو آهي. اساسي شاعرن جِي مالها جي هن موتيءَ به پنهنجي شاعريءَ ۾ انوکا، نيارا ۽ نت نرالا اصطلاح ۽ محاورا ڪتب آڻي سنڌيءَ ٻوليءَ جي آبياري ڪئي آهي.
حوالا:
1. سهتو، عبدالوهاب انجنيئر. ”شاهه جي شاعريءَ ۾ اصطلاحي عنصر“. حيدرآباد: رومي پبلشرز 2021ع، ص 13
2. سومرو، غلام قادر، ڊاڪٽر. ”سنڌي ٻوليءَ ۾ انگن جو سماجي ڪارج“. حيدرآباد: سنڌي لئينگئيج اٿارٽي، 2003ع، ص 9
3. آڏواڻي، مهرچند، ڀيرومل. ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“. ڃامشورو: سنڌي ادبي بورڊ، 2018ع، ص 166
4. مهر خادم، ڊاڪٽر. ”سچل سرمست جي شاعريءَ ۾ انسان شناسيءَ واريون ڪيفيتون“. حڪومت سنڌ: ثقافت ۽ سياحت کاتو، 2016ع، ص 14
سچل لغات ۽ لغات سچل سرمستؒ جو تقابلي جائزو
Comparative Study of ”Sachal Lughat“ and ”Lughat Sachal Sarmast”
ABSTRACT:
Sachal Sarmast lived a humble, ascetic life, preferring solitude, simple meals of daal and yogurt. It is said that he never left the village of his birth, yet he composed sacred poetry in seven different languages, poetry that is loved and sung to this day.Sachal urged people to seek the truth directly, rather than through mere conformity to tradition. He taught a Sufi vision of Unity called Wahdat al-Wujud, which has been compared to the great nondualist teachings of Advaita Vedanta within Hinduism and Zen/Chan within Buddhism.The dictionary needed to understand its language of Sachal Sarmast.Dr. Abdul Kareem sandilo and Dr Badar Dhamraho wrote the Dictionaries. The purpose of this paper is to present a comparative overview of the two dictionaries ـ Effort should be made to best compare the two books.
سچل سرمست، سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي ٽمورتي (شاهه، سچل، سامي) جو ٻيو اهم رتن ۽ سنڌ جو اهو عظيم شاعر آهي، جنهن ”انالحق“ جي بلند آواز سان، بغاوت جو علم لهرائيندي، منصور جي واٽ ورتي. سچل سرمست، سنڌي، سرائڪي، فارسي ۽ اردو ٻوليءَ ۾ شاعري ڪري، پنهنجي علم، فهم، فڪر ۽ مهارت جو ثبوت ڏنو. سچل سرمست جي شاعري، فني ۽ فڪري حوالي سان مضبوط ۽ معنيٰ ۽ مفهوم جي حوالي سان گَھِرو سمنڊ آهي. سچل جي شاعريءَ ۾ ڪتب آيل لفظن کي سمجھڻ لاءِ عالماڻا صلاحيتون گھرجن يا ڪا اهڙي لغت جنهن سان سچل جي شاعريءَ کي سمجھڻ سولو ٿي سگھي. اهڙي ضرورت جي پورائي لاءِ سنڌ جي برک عالم ڊاڪٽر عبداڪريم سنديلي 1984ع ۾ ”سچل لغات“ لکي، جيڪا سچل چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور طرفان ڇپائي پڌري ڪئي وئي.
سنڌي ٻوليءَ ۾ لغت لکڻ جي شروعات اڄ کان 170 سال اڳ، ڪئپٽن جارج اسٽيڪ ڪئي. هن انگريزي سنڌي لغت لکي. ان کان پوءِ آخوند عبدالرحيم عباسي، پادري شرٽ، مرزا صادق، ديوان اڌارام، جھمٽ مل، ڀيرومل ۽ ٻين عالمن مختلف لغتون لکيون. شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ، پهريون شاهه جو شيدائي هو، جنهن 1913ع ۾ ”لغات لطيفي“ لکي. ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، وري اهو پهريون عالم هو، جنهن سچل سرمست جي شاعريءَ جي لغت لکي. هن لغت کان پهرين به ڊاڪٽر صاحب لغتون لکيون آهن، جن ۾ ”تحقيق لغات سنڌ 1955ع“ ۽ سامي جي سلوڪن جي لغات ”سامي ڌاتو ڪوش 1978ع“ شامل آهن. ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي، لوڪ ادب ۽ لغت جي موضوع تي جيڪو ڪم ڪيو آهي، سو تاريخ ۾ منفرد مقام رکي ٿو. ڊاڪٽر سنديلي صاحب، هن لغت کي لکڻ ۾ جيڪي رسالا سامهون رکيا، انهن ۾ رسالو ميان سچل فقير جو (ڀاڱو پهريون ۽ ٻيو) 1902ع، سونهارو سچل، لالچند امرڏنومند جڳتياڻي 1916ع، سچل سرمست، پروفيسر ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي 1922ع، سچل سرمست، آغا غلام نبي صوفي 1933ع، سچل سرمست جو سنڌي ڪلام، عثمان علي انصاري 1982ع ۽ سچل سرمست جو سرائڪي ڪلام، مولانا حڪيم محمد صادق راڻيپوري 1982ع شامل آهن. ان کان علاوه ڪجهه قلمي نسخا پڻ سنديلي صاحب جي مطالعي هيٺ رهيا، جن ۾ منظور احمد سومري کان مليل 1878ع، اياز حسين قادريءَ کان مليل 1882ع، الهداد چغتائي کان (فقير احمد عليءَ وارو) مليل 1891ع ۽ اسلم لائبرريءَ کان مليل ٻه قلمي نسخا 1891ع ۽ 1893ع شامل آهن.
ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي هن لغت ۾، لفظن جي معنيٰ کي واضح ڪرڻ جي باقائده ڪوشش ڪندي، هر هڪ لفظ جو بنياد پڻ ڏنو ويو آهي. ”سچل لغات“ مجموعي طور 192 صفحن تي مشتمل آهي. هن ۾ ڪل لفظن جو تعداد 1938 آهي. هن لغت جي فهرست ”الف“ کان ”ي“ تائين ۽ ”ي“ جو صفحو 193 ڏنو ويو آهي، جڏهن ته ڪتاب اندر ”الف“ کان ”هه“ تائين مواد ڏنل آهي ۽ آخري صفحو 192 اٿس. سچل لغات ۾ لفظن سان گڏ جڳهن جي نالن ۽ ماڻهن جي نالن کي به واضح ڪيو ويو آهي، ايتري قدر جو انهن نبين جو به ذڪر ڪيو ويو آهي، جن کي سچل پنهنجي شاعري ۾ ڳايو آهي. جيئن، حضرت آدمعه، حضرت نوحعه، حضرت ابرهيمعه، حضرت موسيٰعه، حضرت يوسفعه، حضرت شعيبعه، حضرت عيسيٰعه ۽ حضرت محمدﷺ. هيءَ لغات ڊاڪٽر تنوير عباسي کي ارپي وئي آهي. لغات ۾ ”عرض حال“ الطاف اثيم، ”هڪ اهم ذميواري“ پروفيسر ڊاڪٽر عبدالرحيم ملڪ وائيس چانسلر، ”عرض حال“ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ”مهاڳ“ تنوير عباسي ”ٻه اکر“ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جا پنهنجا لکيل آهن. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي، سنديلي صاحب لاءِ لکيو آهي ته:
“ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو سنڌي زبان، ادب، لوڪ ادب ۽ ثقافت بابت هڪ محقق ۽ سنڌ جي سونهن هو. سندس لغت تي ٿيل ڪم خاص طور اهميت وارو آهي. هُو، لغت جو ڀنڊار ۽ سينگار توڙي هنري شاعريءَ ۾ هڪ يگانو عالم هو. جهڙو قابل تهڙو نهٺو”.(1)
هاڻي، سنڌي ادب جي ان چمڪندڙ ستاري جو ذڪر ڪجي ٿو، جنهن تنقيد ۽ تحقيق جي بنياد تي ڪيترائي ڪتاب سنڌي ادب جي جھوليءَ ۾ رکيا آهن. لغتن جي حوالي سان به سندس ڪم ساراهه جوڳو آهي. ”سنسڪرت سنڌي ڊڪشنري“، ”لطيفي انسائيڪلوپيڊيا“ ۽ ”سنڌي اردو لغت“ جي خالق ڊاڪٽر بدر ڌامراهي، سچل سرمست جي ڪلام کي سمجھڻ لاءِ ”لغات سچل سرمسترح“ لکي، لسانيات جي لڙهيءَ ۾ پنهنجو منفرد مقام ٺاهيو آهي. ”لغات سچل سرمسترح“ 2017ع ۾ روشني پبليڪيشن، ڪنڊياري طرفان شايع ڪئي وئي. مجموعي طور، هي ڪتاب 616 صفحن تي مشتمل آهي. جڏهن ته ڪتاب ۾ ڪل لفظن جو تعداد 3988 آهي. هن لغت ۾ لفظن سان گڏ جڳهن جي نالن ۽ ماڻهن جي نالن کي به واضح ڪيو ويو آهي، پر جيڪڏهن ڪي شيون، ماڳ يا مڙهيون ڪنهن خاص ماڻهن سان واسطو رکندڙ آهن ته انهن کي به واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جيئن لفظ ”آب حيات“ کي بيان ڪيو ويو آهي:
”آب حيات: امرت، اهو پاڻي جنهن جي پيئڻ سان ماڻهو ڪڏهن به مري نٿو، امر ٿي وڃي ٿو. حضرت خضرعه اهو پاڻي پيتو، جنهن جي ڪري اڄ ڏينهن تائين زنده چيو وڃي ٿو“.(2)
يا وري لفظ ”طورسينا“ کي بيان ڪندي، ڌامراهي صاحب لکيو آهي ته:
”طورسينا: جبل طور، عربستان جو هڪ مشهور جبل، اهو جبل، جنهن تي حضرت موسيٰعه کي الله تعاليٰ جلوو ڏنو هو ۽ تجليءَ سان جبل سڙي ويو هو”.(3)
ڊاڪٽر بدر ڌامراهي، ”لغات سچل سرمسترح“ ۾ نه فقط لفظن جي معنيٰ ۽ لفظن جي بنياد کي بيان ڪيو آهي، پر ڪهڙا لفظ ڪٿي استعمال ڪيا ويا آهن، کي نظر ۾ رکي حوالي طور سچل جي شعرن کي به لکيو آهي. جيئن واضح ٿي سگھي ته اهو لفظ سچل جي شاعري ۾ ڪهڙي معنيٰ رکي ٿو. ”سچل لغات“ ۽ ”لغات سچل سرمسترح“ جو تفصيلي جائزو پيش ڪجي ٿو.
اکر سچل لغات لغات سچل سرمسترح اکر سچل لغات لغات سچل سرمست رح
الف 213 383 ز 17 30
ب 81 124 س 149 367
ٻ 28 52 ش 22 44
ڀ 38 69 ص 17 33
ت 63 163 ض 1 6
ٿ 17 28 ط 20 33
ٽ 14 22 ظ 1 3
ٺ 4 4 ع 22 67
ث 1 8 غ 9 28
پ 91 248 ف 26 44
ج 49 29 ڦ 10 49
ڄ 11 22 ق 25 59
جھ 27 52 ڪ 133 278
چ 49 98 ک 26 40
ڇ 26 58 گ 52 82
ح 26 70 ڳ 15 41
خ 36 72 گھ 11 22
د 48 98 ل 67 166
ڌ 8 19 م 152 316
ڏ 39 100 ن 79 132
ڊ 2 9 و 100 200
ڍ 4 13 هه 41 114
ذ 6 13 ي 10
ر 62 70
مٿئين تفصيل ۾ فقط هڪڙو اکر ”ٺ“ آهي، جنهن ۾ ٻنهي لغتن جي لفظن جو تعداد ساڳيو يعني چار آهي، هيٺ ٻنهي لغتن کي سامهون رکجي ٿو.
لفظ سچل لغات لغات سچل سرمست رح
ٺاٺ ٺاٺُ: (سن. سُٿانَم. سُٿا=بيهڻ)، راڳ جو درميانو آواز ٺاٺَ: مانڊاڻو، سرن جي بندش، سرن جي ترتيب، سرن جي آلاپڻ جي طريقي کي ٺاٺ چئبو آهي. راڳ وديا ۾ ڪل 10 ٺاٺ آهن. ڪلياڻ، ماروا، بلاول، کماچ، پوربي، ڀيروي، آساوري، ڪافي، ڀيروو، ٽوڙي.
ڦيريو راڳن ”ٺاٺ”، وِڄُن ويس وس ڪيا. (سارنگ)
ٺلو ٺلو: (هيم. ٺلو. هه. نِٺَلا)، خالي، سکڻو، بيڪار، واندو ٺلا: (واحد ٺلو=خالي) ٺلها، خالي، سکڻا، پالها.
سچل سڪ نه جن کي، سي ٺوڙها ٺڪر ”ٺلا“ (ڀيروي)
دمڙي تن نه دست ۾، هئا ٺهريل ڪين ”ٺلا“ (نوري)
ٺلهو ٺَلهو: ٺلو چڻو، وڄي گھڻو. (چوڻي) ٺَلهو: ڏسڻو، ٺلو
ٺهريان ٺهريان: ترسيون، ٽڪيون
ٺاهه ٺاهه: بناءُ، بندوبست ۽ جوڙجڪ، بهانو.
رکج منهن ملير ڏي، ”ٺاهه“ نه ٻيو ٺاهي. (انصاري، مارئي، داستان پهريون)
مٿين ڏنل تفصيلي ڄاڻ مان خبر پوي ٿي ته، لفظن جو تعداد ساڳيو آهي، پر لفظ الڳ آهن ۽ لفظن جي معنيٰ کي واضح نموني ۽ مثالن سان ”لغات سچل سرمسترح“ ۾سمجھايو ويو آهي. ”ٺهريان“ لفظ سنديلي صاحب جي لغت ۾ ملي ٿو، پر ڌامراهي صاحب ان لفظ کي پنهنجي لغت ۾ شامل نه ڪيو آهي. جڏهن ته لفظ ”ٺاهه“ ڌامراهي صاحب جي لغت ۾ موجود آهي، پر سنديلي صاحب ”ٺاهه“ لفظ، پنهنجي لغت ۾ شامل نه ڪيو آهي. بهرحال هي ته فقط ”ٺ“ اکر تي بحث ڪيو ويو آهي، ڇو ته هن اکر سان شروع ٿيندڙ لفظن جو تعداد ٻنهي لغتن ۾ ساڳيو آهي.
”لغات سچل سرمسترح“ جي آخري ٽن صفحن تي انهن ڪتابن جي فهرست ڏني وئي آهي، جن جي مدد سان ڊاڪٽر بدر ڌامراهو هيءَ لغت لکي مڪمل ڪئي، جڏهن ته ”سچل لغات“ ۾ مددي ڪتابن جو ذڪر ناهي ڪيو ويو.
ڊاڪٽر سنديلي صاحب جي لغت ۾ لفظن جي معنيٰ جو نمونو، هيٺين ريت آهي.
”خليل: (ع. خليل)، سچو دوست، حضرت ابراهيم عليه السلام جو لقب“.(4)
”صبور: (ع. صبور)، صبر ڪرڻ وارو“.(5)
يا
”تانگھو: (ف. تگ=ترو) ننڍو پاڻي. ضد تار
تانگھي ۾ پاڻي، ٻڌ پنهنجو تُرهو (شاهه)“(6).
ڊاڪٽر سنديلي صاحب جي لغت ۾ لفظن جي استعمال ۾ سچل سائينءَ جي بيتن جي ڀيٽ ۾ شاهه سائين، شاهه لطف الله قادري ۽ ٻين جي بيتن کي ترجيح ڏني وئي آهي، اهو به ڪجهه لفظن جي مثالن ۾، نه ڪي سڀني لفظن ۾...! جڏهن ته هئڻ ائين گھرجي ها ته ”سچل لغات“ ۾ سچل جي بيتن کي مثالن طور ڪتب آڻجي ها، جيئن پڙهندڙن کي لفظن جي معنيٰ سان گڏ اها به پروڙ پئجي وڃي ها ته، ڪهڙو لفظ سچل ڪٿي ۽ ڪيئن ڪتب آندو آهي. جيئن ”لغات سچل سرمسترح“ ۾ واضح ڪيو ويو آهي:
”خليل: صادق، سچو دوست، حضرت ابراهيمعه جو لقب.
آذر يا نمرود ، ڪڏهان ”خليل“ سو نام سڏيندا وي“ (7).
”صبور: (اسم مبالغو) صبر ڪندڙ، گنهگارن تي نرمي ڪندڙ، الله تعاليٰ جو صفاتي نالو“.(8)
يا
”تانگھي: (واحد، تانگهو) ننڍو پاڻي، تار جو ضد، سطحي.
ڇا ”تانگھي“ ڇا تارِ ۾، ٻڏي پون ٻيا (حقيقت)“.(9)
”لغات سچل سرمسترح“ ۾ سچل سرمست، لفظن جو استعمال ڪٿي ۽ ڪيئن ڪيو آهي، کي مثال ڏئي سمجھايو ويو آهي. پر لفظن جو بنياد واضح ناهي ڪيو ويو. جيئن ”سچل لغات“ ۾ هر لفظ جي سامهون (ع) (ف) (س) وغيره ڏنا ويا آهن، جيئن واضح ٿي سگھي ته اصل لفظ ڪهڙي ٻوليءَ جو آهي ۽ مادو ڇا اٿس، پر ”لغات سچل سرمسترح“ ۾ اهڙي قسم جو ڪٿي به مثال نه پيو ملي. ”لغات سچل سرمسترح“ ۾ ڪجهه لفظن جا ٽي ٽي مثال به ڏنا ويا آهن. جيئن:
”ڪوڪان: (ڪوڪ جو جمع) رڙيون، دانهون، واڪا، ريهاڙ، ريهاٽ.
آيل عاشق جون ڪوڪان پيڙم ڪن
ڪوڪان چڙهي ڪوهه تي، ڪيچيئڙن ڪيام.
راڻا رسڻ تنهنجي ڪوڪان هت ڪاريون. (10)
هن لفظ جي معنيٰ کي واضح ڪرڻ کان پوءِ، انهن مصرعن کي لکيو ويو آهي، جن ۾ لفظ ”ڪوڪان“ استعمال ٿيل آهي.
”لغات سچل سرمسترح“ انهن تلميحن کي پڻ واضح ڪرڻ جي باقاعده ڪوشش ڪئي وئي آهي، جيڪي سچل سرمست پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪتب آنديون آهن.
صنعت تلميح ۾ ڪتب آندل قرآني آيتن ۽ حديثن جي معنيٰ کي ڌامراهي صاحب هيٺين ريت واضح ڪيو آهي.
”خلق الانسان عليٰ صورته: الله تعاليٰ خلقيو آهي، انسان کي ان جي صورت تي (حديث)
خلق الانسان عليٰ صورته، هي بادشاهي پوش“.(11)
”عينها باڪيه وقلوبها ذڪرته: انهن جون اکيون نير هاريندڙ ۽ دل ذڪر ڪندڙ آهي.
عينها باڪيه وقلوبها ذاڪرته، اهو ذڪر چون“ (12)
”عينها تنام ولاتنام قلوبها: انهن جون اکيون ننڊ ڪنديون آهن، پر دل جاڳندي آهي.
عينها تنام ولاتنام قلوبها، دل طرف دوستن“. (13)
”فاينما تولوا: جيڏي اوهين منهن ڦيريندوء، اوڏي خدا جو منهن آهي. (القران)
فاينما تولوا آيت آئي. (سسئي)”(14)
”قُل ڪُل مِن عِندالله: چئو ته سڀ ڪجهه الله جي طرفان آهي. (سورته النساء 78)
قُل ڪُل مِن عِندالله، اهو ڪيائون ڪن. (وحدت نامو)“ (15)
”سچل لغات“ ۾ به ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي صاحب ڪجهه اهڙن لفظن کي لکيو آهي، جيڪي تلميحن طور سچل سائين ڪتب آندا آهن، پر مڪمل تلميح کي واضح نه ڪيو آهي. جيئن:
”ال امان: (ع. ال امان. حرف ندا)، پناهه (يا رب)!“(16)
”ال انسان: ع. ال انسان سري وانا سره (حديث)
انسان منهنجو ڳجهه آهي ۽ مان ان جو ڳجهه آهيان
”هو پڻ ڪونهي هن ريءَ، هيءُ نه هنجان ڌار،
”الانسان سري واَنا سِرَه“ پروڙج پچار،
ڪندا ويا تنوار، عالم عارف اهڙي. (شاهه)”(17)
هتي هڪ ڀيرو ٻيهر سنديلي صاحب مٿين تلميح لاءِ سچل جي بدران شاهه صاحب جو شعر مثال طور ڏنو آهي. جيڪو هيٺ ڏجي ٿو.
”سچل لغات“ ۽ ”لغات سچل سرمسترح“ ۾ نبين، ولين، ملائڪن، مشهور شخصيتن، جاين جڳهن، وڻن ٻوٽن، گلن ڦلن ۽ ٻين ڪيترين ئي شين کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. ايستائين جو ”اڪيداس“ نالي هڪ مجزوب جو ذڪر به ڪيو اٿائون. ”سچل لغات ۾ اڪيداس“ لاءِ سنديلي صاحب لکيو آهي ته:
”اڪيداس: عاقل نالي شخص، رمضان ۾ ڍڳي تي سوار ٿي حقو ڇڪيندو کهڙن (شهر) ۾ آيو ۽ اڪيداس سڏايائين، کيس قتل ڪيو ويو”.(18)
”اڪيداس“ لاءِ ”لغات سچل سرمسترح“ ۾ ڊاڪٽر بدر ڌامراهي مفصل ۽ جامع انداز ۾ جيڪو لکيو آهي، تنهن کي هيٺ بيان ڪجي ٿو.
”اڪيداس: مجذوب هو. روايت آهي ته، سترهين عيسويءَ ڌاري رمضان جي ستاويهين تاريخ ڏينهن جو درازن لڳ کهڙن جي شهر جي بازار ۾ڏاند تي سوار ٿي، حقو پيئندو اچي وارد ٿيو. چوڻ لڳو، ”منهنجو نالو اڪيداس، منهنجو نالو اڪيداس آهي“.
ماڻهن کيس روڪيو ۽ ٽوڪيو، پر نه مڙيو. مزي سان حقو پيئندو رهيو. ماڻهن وڃي مخدوم عبدالرحمٰن کي ٻڌايو. مخدوم صاحب پنهنجي هڪ خليفي کي اماڻيو ته وڃي کيس منع ڪري، جيڪڏهن نه مڃي ته کيس شرعي تعزير ڏئي.
خليفو جماعت وٺي اتي پهتو ۽ کيس هدايت ڪيائين، پر هُو نه مڙيو، تنهن ڪري خليفي مٿس دُرَن جي شرعي حد جاري ڪري. جيئن لڪڻ هڻي، تيئن لڪڻ سندسن هٿ مان ڇڏائجي وک کن پري وڃي ڪري. نيٺ اها حقيقت وڃي، مخدوم صاحب کي ٻڌايائون. مخدوم صاحب ماجرا ٻُڌي فرمايو: ”هاڻي توهان وڃو، اسان هت دم ٿا ڪريون، انشاءَ الله ان جو ڪلام ڪافور ٿي ويندو ۽ کيس وڌيڪ پناهه نه ڏئي سگھندو.
خليفي واپس اچي کيس لٺ هنئين، هُو ڍڳي تان ڪري پيو، پوءِ پڪڙي کيس مخدوم صاحب آڏو وٺي آيس. مخدوم صاحب حڪم ڪيو ته کيس پورا ٻه سو اٺ دُرا هڻو. اهو ٻڌي انهيءَ مجذوب دانهن ڪئي ته، هر هڪ دُري عيوض اوهان مان هڪ هڪ ڄڻو قتل ٿيندو. تنهن تي مخدوم صاحب فرمايو ته ”چڱو، کيس ٻه سو ٻاويهه دُرا هڻو ۽ سندس ڍڳو ڪُهي کائو. مجذوب رڙ ڪري چيو: ”خبردار جيڪو به منهنجي ڍڳي جي ٻوٽي کائيندو، سو قتل ٿيندو“.
مخدوم صاحب فرمايو: ”جيڪو تنهنجي ڍڳي جو گوشت کائيندو، تنهن تي دوزخ جي باهه حرام آهي. اهو سڌو جنت ۾ ويندو، نيٺ انهيءَ مجذوب کي ٻه سوءَ ٻاويهه دُرا هنيا ويا ۽ سندس ڍڳو ڪهي گوشت جماعت ۾ ورهايائون. گھڻن ماڻهن فقير جي قول کان ڊڄي ڍڳي جو گوشت ڪو نه کاڌو، پر مخدوم صاحب مقربين، ايمان ۽ يقين سان گوشت رڌي مزي سان کاڌو. ان جو نتيجو اهو نِڪتو، جو 1733ع ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي لشڪر جي ڪاهه ۾ مخدوم عبدالرحمٰن، مخدوم محمد عاقل ۽ ٻيا مسجد ۾ شهيد ڪيا ويا. ڪل 222 ماڻهو ماريا ويا“.(19)
ڊاڪٽر بدر ڌامراهي هن لغت ۾ لفظن جي بنيادي معنيٰ کان وٺي تفصلي تشريح تائين وضاحت ڪئي آهي. جنهن سان پڙهندڙ وڌيڪ معلومات حاصل ڪري سگھي ٿو. ڊاڪٽر بدر ڌامراهي جي لغت ۾ انهن ڪردار ۽ قصن کي به بيان ڪيو ويو آهي، جن جو ذڪر سچل سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪيو آهي.
”لغات سچل سرمست“، سچل سرمست جي ڪلام جي لغت آهي، منجهس سچل سرمست جي بيتن، ڪافين، گهڙولي ۽ سه حرفين ۾ آيل لفظن جي معنى ڏيڻ سان گڏوگڏ تشريح ڪئي وئي آهي، تنھنڪري هن لغت کي سچل سرمست جي شعر جي تشريحي لغت چئي سگهجي ٿو.
ٻولي ۽ ثقافت قوم جي سڃاڻپ آهن، جنھن جي وسيلي قومون زنده رهي سگهنديون آهن. عام مفھوم ۾ لغت جي معنى آهي ٻوليءَ ۾ استعمال ٿيندڙ لفظ ۽ انهن جي معنى، جيڪا ڊاڪٽر بدر ڌامراهو پنھنجي ڪوشش سان ”لغات سچل سرمست“ پيش ڪري سنڌي ٻوليءَ ۾ بھتر واڌارو ڪيو آهي.
حوالا:
1. سنديلو، عبدالڪريم، ڊاڪٽر. سچل لغات. خيرپورميرس: سچل چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي 2005ع، ص 13
2. ڌامراهو، بدر، ڊاڪٽر. لغات سچل سرمسترح. ڪنڊيارو: روشني پبليڪيشن 2017ع، ص 14
3. ساڳيو، ص 370
4. سنديلو، عبدالڪريم، ڊاڪٽر. سچل لغات. خيرپورميرس: سچل چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي 2005ع، ص 93
5. ساڳيو، ص 124
6. ساڳيو. ص 58
7. ڌامراهو، بدر، ڊاڪٽر. لغات سچل سرمسترح. ڪنڊيارو: روشني پبليڪيشن 2017ع، ص 232
8. ساڳيو، ص 362
9. ساڳيو، ص 104
10. ساڳيو، ص 445
11. ساڳيو، ص 232
12. ساڳيو، ص 382
13. ساڳيو، ص 382
14. ساڳيو، ص 389
15. ساڳيو، ص 408
16. سنديلو، عبدالڪريم، ڊاڪٽر. سچل لغات. خيرپورميرس: سچل چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي 2005ع، ص 37
17. ساڳيو، ص 37
18. ساڳيو، ص 36
19. ڌامراهو، بدر، ڊاڪٽر. لغات سچل سرمست رح. ڪنڊيارو: روشني پبليڪيشن 2017ع، ص 46
سر ڪارايل جو تحقيقي جائزو
ABSTRACT:
The word ”Sur“ means a model of singing. The surs are sung as ”Rags“ in Indian classical music. In Shah jo Rislao, the Surs are named according to their subject matter. The underlying theme is how the individual is to cultivate the godly attributes, negate his ego so as to evolve to a better human being. Sur Karayal is the main Chapter of Shah jo Risalo. This chapter consists of 3 cantos, 56 poems and 5 wayees.
جيئن بهار رنگيني آڻي ٿو، خوشبو فرحت بخشي ٿي ۽ موسيقي سڪون رسائي ٿي، تيئن شاهه جي شاعري زندگيءَ جا سبق سيکاري ٿي. ”شاهه جو رسالو“ سنڌي ٻوليءَ جو عظيم شاهڪار ۽ لازوال ورثو آهي. شاهه جو رسالو سنڌ جو قومي ڪتاب آهي. ”شاهه جو رسالو، دنيا جي جملي مذهبي تعليم جو نچوڙ ۽ سنگم ۽ سنڌي تهذيب جي سموريءَ حاصلات جو روح آهي“.(1) ٽيهن سرن تي مشتمل شاهه جو ڪلام ڪائنات جي تمام رنگينين سان ٽمٽار آهي. شاهه صاحب پنهنجي ڪلام ۾ اول کا ازل تائين، دنيا کان آخرت تائين، زمين کان آسمان تائين، اتر کان ڏکڻ تائين، اوڀر کان اولهه تائين، سئي کان جبل تائين، قطرن کان سمنڊ تائين، ڏينهن جي روشنين کان رات جي اونداهين تائين ۽ بي جان کان جاندارن تائين سڀني جو ذڪر ڪيو آهي. ذڪر به اهڙي انوکي انداز ۾ ڪيو اٿائين جو ڏندين آڱريون اچيو وڃن. شاهه جي رسالي جو هر سُر پنهنجي مٽ پاڻ آهي. سرن جي ترتيب به اهڙي رکي اٿائين جو تِر جي گنجائش به باقي ناهي. پاڻ پنهنجي شاعريءَ لاءِ، سر سهڻيءَ ۾ لکيو اٿائين ته:
جي تو بيت ڀانيا سي آيتون آهين.
”سر ڪارايل“ شاهه جي رسالي جو هڪ خوبصورت سر آهي. هن سُر جو نالو موضوع جي مناسبت سان رکيو ويو آهي. ”ڪارايل“ هنج پکيءَ کي سڏيو ويندو آهي، جيڪو هميشه گَھري پاڻيءَ ۾ رهندو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ”جامع سنڌي لغات“ ۾ ڪارايل لفظ جي معنيٰ مورُ يا هنج لکي آهي. ڪارايلُ جنهن جو جمع ڪارايلَ آهي. هي اسم خاص، مذڪر جي صيغي ۾ اچي ٿو. سنسڪرت ۾ ڪلاپي مور کي چون. ”ڪارايل“ رسالي ۾ سر ۽ راڳ جو نالو آهي. ڪلياڻ آڏواڻيءَ پنهنجي رسالي ۾ ”ڪارايل“ جي معنيٰ مور يا هنس (هنج) ڄاڻائي آهي. فقير امداد علي سرائي لکي ٿو ته: ”ڪارايل جي صحيح ۽ بهتر معنيٰ جيڪا شاهه صاحب جي بيتن جي ثابتيءَ ۽ شاهديءَ مطابق ملي آهي سا، 1. ڪارو اسيل نانگ، جيڪو هڪ فقير نانگ يا پير نانگ آهي، جيڪو انسان ذات کي هر گز نه ڏکوئيندوآهي، جانسين ان کي ڇيڙ ڇاڙ کونئس يا مٿس لت نه اچي. 2. هنج آهي، هنج پکيءَ کي به ڪارايلُ ڪوٺيو ويو آهي”.(2) هن سر ۾ جن پکين جو ذڪر آهي تن ۾ هنج، ڪانگ، لَلي، ٻگهه، شهباز، مور، ڪانيرو. هن سر ۾ پکين سان گڏ جيتن ۽ جانورن جو به ذڪر ٿيل آهي جيتن ۾ ڀوئنر ۽ نانگ جڏهن ته جانورن ۾ هاٿي ۽ اٺ جو ذڪر آيل آهي. سر ڪارايل شاهه صاحب جي رسالي ۾ مختصر سرن منجهان هڪ آهي. ٽن داستانن تي مشتمل هن سر ۾ 56 بيت ۽ 5 وايون ڏنل آهن. شاهه صاحب جي هن سر ۾ 17 بيت اهڙا آهن جيڪي مولانا روميءَ جي حڪايتي بيتن جون سڪون لاهن ٿا.
هن سر ۾ شاهه صاحب پکين کي تمام گھڻو ساراهيو آهي. پکي اسان جي ماحول جو حصو آهن. پکي ڪائنات ۾ الله پاڪ جي طرفان هڪ حسين تحفو آهن. پکي سهڻن رنگن، سهڻن ڳچين، مٿي جي موڙن، خوبصورت چهنبن وارا ٿين ٿا. هنن جو ٻوليون انيڪ قسمن جون ٿين ٿيون. سنڌ جو خطو دنيا جي انهن خطن مان هڪ آهي جن خطن ۾ گھڻي مان گھڻا پکي رهندا آهن. هتي هڪڙا اصلي ڄائو مائو پکي هوندا آهن ۽ ٻيا سانگي لاڏائو پکي هوندا آهن. سانگي پکي اتر جي طرف کان سرديءَ جي شدت سبب هزارن سالن کان سنڌ ۾ ايندا ويندا آهن. سنڌ جون ڍنڍون ڍورا، درياءَ ۽ ٻيلا انهن جي آماجگاهه پئي رهيا آهن. سنڌ گزيٽيئر ۾ ڊاڪٽر ايڇ ٽي سورلي لکي ٿو ته: ”سنڌ جون گونا گون طبعي حالتون سنڌو ۽ ان جي بئراجي واهن تي آباد ٿيندڙ ميدانن ۾ پکين جو کاڌو ۽ پاڻِي ايترو ته گھڻو آهي جو انهن جي وڏي اڪثريت هتي رهي ٿي“.(3) شاهه صاحب جي هن سر ۾ جن پکين، جانورن ۽ جيتن جو ذڪر ڪيو آهي، سي هيٺين ريت آهن.
1. هنج: Goose
هنج پکي پاڻيءَ جي سڀني پکين ۾ تمام وڏو ۽ سهڻو ٿئي ٿو. هن جي ڳچي سهڻي ۽ خمدار ٿئي ٿي ۽ هن جي شڪل وڻندڙ آهي. هن جا کنڀ اڇا ٿيندا آهن انهن ڳالهين جي ڪري قديم زماني کان ماڻهو هنج جي تعريف ڪندا آيا آهن. هندوستان جي ديو مالا ۾ هنج (هنس) پکيءَ کي ايتري اهميت آهي جو سرسوتي ديويءَ کي هنس پکيءَ تي سوار ٿيل ڏيکاريو ويندو آهي. هن سر ۾ ”هنج“ جي آيل ذڪر بابت ڊاڪٽر بشير احمد ”شاد“ لکي ٿو ته: ”هنج مان سالڪ جي مراد ”مرشد ڪامل“ آهي. جيڪو انسانن کي سئين راهه سونهائي ٿو. ڪائنات ۾ سڀ کان ڪامل ۽ اڪمل هستي حضورﷺ جن جي آهي، جتان رشد و هدايت جا چشما ڦٽي نڪتا”.(4)
هنجهه مڙيئي هنجهه، ميرو منجھن ناهه ڪو
جتي پيين سنجهه، سو سر ڪئائون سُرهو
(ڪارايل 1، 7)
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هن بيت جي تشريح هن طرح ڪئي آهي ته: ”سڀئي هنج سهڻا ۽ خوبصورت آهن. انهن ۾ ڪو به خراب ۽ بدشڪل نه آهي. انهيءَ ڪري جتي به کين سج لهي وڃي يا رات پوي ته هو هيٺ لهي جڏهن پاڻيءَ تي اچن ته انهيءَ چشمي کي (خراب ۽ بدبودار ڪرڻ بجاءِ) خوشبودار ۽ وڻندڙ ڪريو ڇڏين. (اهو سندن سهڻن عادتن جي ڪري آهي)”.(5)
2. مور: Peafowl
تمام سهڻو ۽ وڻندڙ رنگن وارو هي اڻلڀ پکي، جنهن جو سندر مک ۽ سندر پک ٿيندو آهي. جنهن کي ڏسڻ سان اکين کي آرام ۽ روح کي راحت ملي ٿي. سنڌي اصطلاح ۽ عام چوڻيءَ موجب مور جي ٻي معنيٰ سهڻو آهي. سنڌي مائرون ۽ پيئر پٽن کي مور پٽ ڪري سڏيندا آهن. مور اصل ۾ برصغير جو رهاڪو آهي. هي ٽولين ۾ رهندڙ پکي آهي. ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر، مرزا قليچ بيگ جو حوالو ڏيندي لکيو آهي ته: ”ٽي هزار سال اڳ حضرت سليمان اڀرندي وارن ملڪن مان پنهنجي جهازن ۾ مور کڻائي ويو هو ۽ سڪندر بادشاهه انهن کي يورپ ۾ مشهور ڪيو. مور تمام سهڻو آهي. سندس ماديءَ کي ڊيل چئبو آهي. مور جيتن، گلن جي مکڙين ۽ وڻن جي گوئنچن تي گذران ڪندو آهي. هو نانگن ۽ بلائن توڙي سرندڙ ساهه وارن کي ماري کائي ڇڏيندو آهي.”(6)
موران موٽڻ ميهڻو، نوڻي نانگ نه ڪن
ڪارايل ڪارن کي ڳارا ڪئو ڳهن
وٽيين وهه پين، سڪ سرڪيين نه لهي.
(ڪارايل3، 9)
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هن بيت جي تشريح هن طرح ڪئي آهي ته: ”مور (نانگ سان) ويڙهه ۾ پٺتي هٽڻ پاڻ لاءِ عيب ۽ طعنو سمجهن ٿا. پر نانگ به ڪڏهن نوڙت يا هيٺاهين ڪو نه وٺن. مور ڪارن نانگن کي ڊگھا ٽڪر ٽڪر ڪريو نوڙين وانگر لڙڪايو وات ۾ وجھي ڳڙڪائيندا وڃن. مور وٽيون ڀري وهه پيئڻ وارا آهن. سندن سڪ سرڪين سان لهڻ واري ناهي”.(7)
3. ٻگھه يا ڪنگ
هنج جيان سفيد رنگ وارا هي پکي سنڌ ۾ عام ٿين ٿا. رنگ ۾ ته هن پکيءَ جي هنج سان هيڪڙائي آهي پر عادت، فطرت ۽ سونهن جي لحاظ کان هنج انفراديت رکندڙ پکي آهي. جيتوڻيڪ ٻگهه به پاڻيءَ جو پکي آهي پر سندس گذارو ڏيڏرن ۽ ننڍڙين مڇين تي هوندو آهي. ڊاڪٽر بشير احمد ”شاد“ هن سر ۾ ٻگھن جي ذڪر بابت لکي ٿو ته: ”ٻگھن ۾ هنج جي هستي مڃيل آهي، هتي ٻگهه مان مراد عام دنيوي انسان آهي، جيڪو ٻگهه وانگردنيا جي ڍنڍ مان ڍونڍ جو متلاشي رهي ٿو”.(8)
ٻگا ڪوهه ٻجھن، ته سپن ۾ ڇا سپجي
ڦريو ڦهيارن کي ورئو وات وجھن
سندي ذات هنجهن، منهه لايو موتي چڻي
(ڪارايل 2، 4)
هن بيت ۾ شاهه صاحب ٻگهه پکيءَ ۽ هنج پکيءَ جي ڀيٽ ڪئي آهي ۽ چوي ٿو ته ٻگھا پکي ڇا ڄاڻن ته سپن جي اندر ڪهڙي قيمتي شيءَ (موتي) موجود هوندي آهي. هو ته ڦري گھري وري به سنهي مڇيءَ کي چهنب سان پڪڙي پيا کائيندا آهن. اهي هنج پکي ئي آهن جيڪي پنهنجي منهن (هر صورت ۾) موتي ڳولهي پيا چڳندا آهن.
4. ڪانيروBlack Ibis
ڪانيرو ڍانڍي پکي آهي ۽ سنڌ جي هر وستي واهڻ جي ڍنڍن، ڍورن ۾ اڪثر پيو چوڳو ڪندو آهي. ڪو خاص ڌيان به ڪو نه لهندو آهي شڪل صورت ۾ به خاصو نه آهي هر ڪو ڏسي کيس نظر انداز ڪندو آهي. سنڌ ۾ بزدل انسان کي ڪانير پکي سان ڀيٽ ڏني ويندي آهي. شاهه سائين پنهنجي رسالي ۾ مختلف هنڌن تي هن پکيءَ جو ذڪر ڪيو آهي.
وئا مور مري، هنجهه نه رهيو هيڪڙو
وطن ٿيو وري، ڪوڙن ڪانيرن جو.
(ڪارايل 2، 20)
5. شهباز
جامع سنڌي لغات مطابق شهباز مذڪر (فارسيءَ ۾ شهه معنيٰ وڏو، + باز) پکيءَ جو هڪ قسم، شهباز معنيٰ وڏو باز. هي پکين جو بادشاهه آهي. شهباز گوشت خور پکي آهي. هن جو گذران اڪثر ڪري تتر تلور ڪانگ، ڪٻر ، جهرڪي، ڳيري، پاليهر ڪٻوتر، هرڻن ننڍن گهيٽن، سهن ۽ ڍانڍي پکين جي شڪار تي هوندو آهي. شهباز کان سڀ پکي ٽهندا آهن. ڇو ته هو انهن جو شڪار ڪندو آهي. باز جو پڻ قصن ڪهاڻين ۾ اڪثر ذڪر ملندو آهي. ماڻهو بازن کي پالي، انهن جي وسيلي پکين ۽ جانورن مان هرڻ ۽ ڦاڙهي جو شڪار ڪندا آهن. هن جا چنبا ٻين پکين جي ڀيٽ ۾ انتهائي مضبوط ۽ جڪڙيندڙ آهن. جنهن سبب جيڪو به پکي يا جانور هن جي چنبن جي جڪڙ ۾ آيو، تنهن جو بچڻ مشڪل ٿي پوندو آهي.
ڪوڙِي راندِ، ڪوڙو چَٽڪو
لِکَ سِينءِ لَلو پَتو
ليو جِئن لامين چَڙهين، ڪِئو ڪارايَلَ ڪَٽِڪو
ڪِ تو ڪَنين نه سُئو، شَهبازَ جو سَٽِڪو.
(ڪارايل3، وائي 1)
6. ڪَرَهَه (ڪرهو) يا اُٺُ Camel
سنڌ جي ثقافت ۾ اُٺ کي اهميت حاصل آهي. شاهه صاحب جي بيتن ۾ پڻ ٻين جانورن جي ڀيٽ ۾ اُٺ کي وڌيڪ حيثيت حاصل آهي. سنڌ ۾ ڊيلٽا واري علائقي ۾ اُٺن جي وڏي پئماني تي پالنا ٿئي ٿي، جنهن ۾ 200 کان 500 تائين جا وڳ نظر ايندا آهن. اٺ، راجستاني صحرا کان وٺي سنڌ، بلوچستان، ايران، عرب ملڪن ۽ آفريڪا جي اوڀر ۽ اتر واري علائقن ۾ پالتو جانور طور ملي ٿو.
جي مان چارائين، جيڪَرَ جيڏيون وو
ڪَرَهَ سندانِ چاريان
جي مان چارائين وي ميان، تان مُئي جيارين
پيرين آءٌ نه پُڄَڻِي، ڪَرَهَلَ هُوءِ نه جَهلِين
ڳجِھي آءٌ نه وَڃِڻي، پَڌَر پرين نه نِين.
(ڪارايل3، وائي 2)
7. هاٿي Elephant
هاٿي خشڪي جي جانورن مان سڀ کان وڏو جانور آهي.هاٿي پنهنجي الڳ حيثيت ۽ رُتبو رکندوآهي، هاٿي ڏُٻرو هوندو ته به اُن جي قدر ۽ قيمت ۾ ڪا گهٽتائي نه ايندي. هاٿي لاءِ سنڌي ٻوليءَ ۾ چوڻي آهي ته ”هاٿي جيئري لهي لک ته مُئي لهي سوا لک”. هاٿي قد ڪاٺ، هاٺيءَ ۽ بُتَ ۾ هڪ ڳورو جانور ٿيندو آهي. هاٿيءَ جي هڏن کي عاج ڪوٺبو آهي. جيڪو قديم زماني کان وٺي زيور طور استعمال ٿيندو آهي. موئن جي دڙي مان عاج جا اهڃاڻ مليا آهن.
سَنهان ڀانءِ سَپَ، وِياءَ واسِينگنِ جا
لَتاڙيا لطيفُ چئي، چوريا وِجَھن چَپَ
تَنِي جِي جھڙپَ، هاٿي هنڌان نه چُري.
(ڪارايل3، 8)
ڊاڪٽر نبي بخش سان بلوچ هن بيت جي سمجھاڻيءَ ۾ لکي ٿو ته: ”انهن نانگن کي ضعيف (بي اثر) نه سمجهو جيڪي واسينگن جا ٻچا يا انهن جي بُڻ مان آهن. شاهه عبداللطيف هن بيت ۾ لکي ٿو ته اهي ڀلي پيرن هيٺان لتاڙيل هجن، پر ڪيئن به ڪري چُري پُري چڪ هڻن ٿا. انهن نانگن جو هڪڙو (چڪ) ئي اهڙو خطرناڪ ٿئي ٿو، جو ان سان هاٿيءَ جهڙو وڏو جانور به (زهر جي ڪري) پنهنجي جڳهه تان چري نه سگھندو آهي(اتي جو اتي بيٺي بيٺي مري ويندو آهي)“.(9)
8. ڀَونرُ
جامع سنڌي لغات ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڀونر جي معنيٰ ڪجهه هن طرح لکي آهي. “ ذ. [سن. ڀرم= ڦرڻ] اڏامندڙ ڪارو جيت (ا. وڏيرڙو ۽ ٿلهو جو گلن مٿان اڏامي ۽ ويهي 2. ذرا ننڍو جو ڪاٺين ۾ سوراخ ڪري ۽ سڪل ڪاٺ کي اندران کائي). سنڌ جي نيم تاريخي قصن ۾ ڀونر جو ذڪر آيل آهي. مومل راڻي جي قصي ۾ اهو چيل آهي ته جڏهن راڻو ڪاڪ چڙهيو ته مومل سان گڏ سندس ڀينرون به ويٺل هيون، تڏهن آخري پريڪشا اها هئي ته انهن مان مومل جي سڃاڻپ ڪرڻي هئس، ڇو ته انهن سڀني کي هڪ جهڙا لباس هئا. راڻي مومل کي ان ڪري سڃاتو ته سندس وارن مٿان ڀونر ڦري رهيو هو. ان ڪري هوءَ منفرد هئي جو هن پنهنجي وارن ۾ ڪا الڳ خوشبو لڳائي هئي. جنهن سبب ڀؤنر ڀنڀلجي مومل جي وارن مٿان لمارا ڏئي رهيو هو.
ڪَونرَ پاڙون پاتارَ ۾، ڀونر ڀري آڪاس
ٻِنهِين سندي ڳالهڙِي، رازِقَ آندي راسِ
تِنِهن عشق کي شاباس، جِنِهن محبتي ميڙئا.
(ڪارايل1، 3)
9. نانگ
نانگ پوري دنيا ۾ رهندڙ جاندار آهي. سنڌ ۾ به مختلف قسمن سان نانگ رهن ٿا. سڀني مان خطرناڪ نانگ کپُر آهي. ڪاريهر نانگ Cobra، کي وڌيڪ زهريلو تصور ڪيو ويندو آهي. سنڌي ادب ۾ لوڪ داستانن ۽ نيم تاريخي قصن ۾ نانگ جو ذڪر ٿيل آهي. مسلمانن جي قصي ”آدم ۽ حوا“ ۾ پڻ نانگ جو ذڪر آيل آهي. جنهن ۾ نانگ حوا Eve کي ورغلائي ٿو. ان قصي جي شروعات نانگ کان ٿئي ٿي. سنڌ ۾ نانگن پڪڙڻ واري قبيلي کي ”جوڳي“ ڪوٺبو آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي مختلف سرن ۾ جوڳين ۽ نانگن جو ذڪر ڪيو آهي.
مَٿي جَھڙ جھيڙِينِ، مورُ ڪارايلُ پاڻَ ۾
ڻُوڻِي نانگ نه ڏِين، موران موٽَڻُ مِيهَڻو.
(ڪارايل3، 10)
حوالا:
1. آفتاب ابڙو. شاهه لطيف عظيم مفڪر. ڪراچي: سنڌيڪ ا اڪيڊمي. نئون ڇاپو، 2016ع، ص 119
2. شاد، بشير احمد، ڊاڪٽر. ڀٽ جو گھوٽ. شڪارپور: مهراڻ اڪيڊمي. ڇاپو پهريون، اپريل 1998، ص 112
3.
4. شاد، بشير احمد، ڊاڪٽر. عرفان لطيف. شڪارپور:واڳڻو در، مهراڻ اڪيڊمي،ڇاپو پهريون، آگسٽ 1992ع، ص 186
5. بلوچ، نبي بخش، خان، ڊاڪٽر. شاهه جو رسالو. ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ. ڇاپو پهريون، 2016، ص 335
6. سوڍر، شاهنواز، ڊاڪٽر. سنڌي ثقافت ۽ شاهه لطيف. ڀٽ شاهه حيدرآباد: شاهه لطيف ثقافتي مرڪز. ڇاپو پهريون، آگسٽ 1991ع، ص 154
7. بلوچ، نبي بخش، خان، ڊاڪٽر. شاهه جو رسالو. ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ. ڇاپو پهريون، 2016، ص 351
8. شاد، بشير احمد، ڊاڪٽر. عرفان لطيف. شڪارپور:واڳڻو در، مهراڻ اڪيڊمي،ڇاپو پهريون، آگسٽ 1992ع، ص 186
9. بلوچ، نبي بخش، خان، ڊاڪٽر. شاهه جو رسالو. ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ. ڇاپو پهريون، 2016، ص 351
شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ مذهبي لاڙو
ABSTRACT:
The great poet of 20th century Shaikh Ayaz, in his various parts of life keeping in view of study, divided his poetry in versatile directions, subjects of his poetry were Nationalism, Humanity; Progressivism. Shaikh Ayaz has been freedom lover poet, he expressed the ideas that meant to be expressed from his birth to death. He never cared about tradition of societies, abiding of laws and, culture while expressing his ideas in the shape of poetry. He discussed various issues of society, culture and religion through his poetry but in the last decade of his life he frequently elaborated the religion in his poetry. Shaikh Ayaz presented the art of classical poets of Sindhi language in new direction, because of this he remained under criticism. He is the leader of progressivism of Sindhi language, who provided the passion for new generation. Political struggle, conditions of society and revolutionary reflection can be seen in his poetry because of this his books were not only banned to be published but he was also sent to Prison. He passed away on 28th December 1997.
ورقن کي ورائبو ته سونهاري سنڌ جِي سونهري تاريخَ مڻيا دار مانجهين سان ڀري پئي آهي. ويڙهي ۾، واهڻ ۾، وانڍ توڙي وسندين ۾ انمول انسانَ، عابد ۽ عالم، ڏاها ۽ ڏاتار، جوڌا ۽ جوان، سياڻا ۽ سڄاڻ، سگھڙ ۽ سپورنج، صوفي ۽ سالڪ، ارڏا ۽ اديب، سياسي ۽ سماجي ستارا چمڪندي نظر ايندا. رب العالمين سنڌ جي چَپي چَپي کي الڳ سڃاڻپ ۽ حيثيت ڏني آهي. هن زرخيز ۽ سرسبز ڌرتيءَ پنهنجي ڪُکِ مان اهڙن املهه انسانن کي جنم ڏنو آهي جن جو مثال دنيا ۾ ملڻ محال آهي. اهڙن مايهء ناز فرزندن ۽ سڀاڳن سپوتن ۾ شيخ اياز به هڪ آهي. ماضيءَ جي تسلسل، حال جي ترجمان ۽ مستقبل جي رهبر شيخ اياز 2 مارچ 1923ع تي شڪارپور ۾ جنم ورتو. سامي جي سلوڪن جي سڃاڻپ رکندڙ شڪارپور جي بناوت، دنيا جي قديم شهرن جهڙي آهي. هن جي چوڌاري خوبصورت باغن ۽ بهترين علمي ادارن جو ڪڙو چڙهيل هوندو هو. تاريخ نويسن هن کي ”سنڌ جو پئرس“ به ڪوٺيو آهي. علمي حوالي کان هن کي اهو شرف حاصل آهي ته 1843ع ۾ سنڌ جو پهريون هاءِ اسڪول هتي قائم ٿيو. جيڪو اڄ به پنهنجي جرڪندڙ ماضيءَ سميت هاءِ اسڪول نمبر 1، جي نالي سان موجود آهي. مشهور اديب محمد عارف ”صنعت“ شڪارپور جي تعريف ۾ لکيو آهي ته:
شڪارپور که رشک، رياض رضوانست،
چمن هميشه بهار وشگفته خندانست.
ترجمو: شڪارپور جو شهر رشڪ باغ رضوان آهي، سدا گلن سان ڀريل ۽ شگفته خندان آهي.(1)
غلام حسين شيخ جي گھر ۾ جنم وٺندڙ شيخ اياز جو اصل نالو مبارڪ علي هو. پاڻ ننڍپڻ کان ئي علم سان عشق جي حد تائين چاهه رکندو هو. شروعاتي تعليم ورنيڪيولر ۽ نيو ايرا اسڪول ۾ پرايائين. 1941ع ۾ هاءِ اسڪول شڪارپور مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. خاص دلچسپي، محنت ۽ غيرمعمولي ذهانت جي ڪري انٽر جي امتحان ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ جي اڻويهه هزار شاگردن ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪيائين. 1995ع ۾ ڊي جي ڪاليج ڪراچيءَ مان بي اي ۽ 48-1947ع ۾ ايس ايم لا ڪاليج ڪراچيءَ مان ايل ايل بي جي ڊگري وٺي عملي ميدان ۾داخل ٿيو. شيخ اياز ڪڏهن ڪنهن بين الاقوامي يونيورسٽيءَ ۾ نه پڙهيو، ان باوجود سندس شعوري سطح ۽ مطالعو ڪنهن به ملڪي يا غير ملڪي اعليٰ ڊگريءَ جي لاءِ ڪيل مطالعي کان گھڻو گهِرو هو. سندس شعور جو وهڪرو ڪاغذي سنَدنُ کان مٿانهون رهيو آهي. ڪتابن سان ته ازلي ناتو هوندو هئس. پاڻ پنهجي آتم ڪهاڻي ”ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر“ ۾ لکيو اٿائين ته: ”مان جڏهن ٻئين درجي سنڌيءَ ۾ پڙهندو هئس ته بابا مون کي پوڪرداس ائنڊ سنز نالي ڪتاب گھر مان گل باصنوبر چه ڪرد، امير حمزه جو داستان (4 حصا)، حاتم طائي جو قصو (4 حصا)، الف ليليٰ جو قصو (جيڪو غالبن رچرڊ برٽن جي ڪتاب جو ترجمو هو)، چندر ڪانتا (28 حصا) خريد ڪري ڏنا هئا. مون اهي پندرهن ڏينهن ۾ پڙهي پورا ڪيا هئا”.(2)
شيخ اياز جي فن ۽ فڪر کي سمجهڻ لاءِ ڏينهن، مهينا يا ورهيه پنهنجي جڳهه تي پر وسيع مطالعو ۽ باز واري اک گھرجي جيڪا سندس گھرائي جي تهه تائين پهچي سگھي. شيخ اياز ورهين جو نه بلڪه صدين جو شاعر هو. ڏاهپ ۽ ڏات هر انسان ۾ فطري هوندي آهي پر زمان ۽ مڪان، وقت ۽ حالتون، زندگيءَ جو وهنوار، ڪوشش ۽ جدوجهد، مستقل مزاجي ۽ روشن خيالي واريون قوتون پنهنجو اثر ڇڏينديون آهن. 1947ع ۾ ملڪي ورهاڱي دوران وڇوڙي جي اهڙي واءُ گھلي جنهن ۾ سور سلڻ وارا، ڏک سک ونڊڻ وارا، روح ورونهن ڪرڻ وارا، سٻاجھڙي سنڌي ڳالهائڻ وارا ڌرتيءَ کان ائين ڇني ڌار ڪيا ويا جيئن جسم مان روح پرواز ٿي ويو هجي.ورهاڱي جو سمورو لقاءَ شيخ اياز اکين سان ڏٺو، ڪنن سان ٻڌو، اخبارن، رسالن ۽ ڪتابن ۾ پڙهيو. کيس پروڙ پئجي چڪي هئي ته محبت ۽ نفرت، وصال ۽ وڇوڙو، ڌرتيءَ ۽ وطن سان وفاداري، سنڌوءَ جي سڪ ۽ مذهبي مسئلا ڪيترا ڳنڀير ٿين ٿا. ڊاڪٽر الهوسايو سومرو لکي ٿو ته: ”سندس شاعريءَ ۾ سنڌ جي سرموڙ سورمن، سرويچن، بهادرن، جوڌن ۽ دودن جو ذڪر ملي ٿو. ٿر، بر، بک ۽ معاشي بدحالي، استحصالي ۽ مظلومن جي ڪوڪ، دانهن ۽ پڪار کي به پنهنجي ڪلام اندر سموهيو اٿس. سندن ڪلام جي وڏي خوبي اها آهي جو اهو آفاقي پيغام آهي”.(3)
سنڌ جي ممتاز شاعر شيخ اياز مسڪين ماروئڙن جي اهنجن، ايذائن، ڏکن، پيڙائن ۽ دردن جي اهڙي ته نرالي انداز ۾ ترجماني ڪئي آهي جو سندس شاعريءَ ۾ لکيل هر لفظ پنهنجي جڳهه تي هڪ الڳ ڪهاڻي آهي. خيال جي ايتري گھرائي اٿس جو سمنڊ جو تهه ملي ويندو پر سندس تخيل اڃا اونو ٿيندو. هن پنهنجي ڏات ۽ ڏاهه سان نوجوانن ۾ قومي شعور جاڳائڻ لاءِ جوش ۽ خودداريءَ واري سوچ کي اڀاريو آهي. ”سهندو ڪير ميار او يار!”، ”سنڌو ديش جي ڌرتي توتي پنهنجو سيس نمايان”، ”سنڌو ديش مهان، سنڌو ديش مهان”، ”مون ڏات انوکي آندي آ، ٿي تند وڙهي تلوارن سان“ ”مون آزاديءَ جي سيئن هنئين، مون لاٿا طوق غلاميءَ جا”، ڪنڊيءَ نه سڱري، ٻٻر نه پلڙو“ واري تصور سنڌي ماڻهن ۾ اهڙو اتساهه پيدا ڪيو جو گھٽي گھٽيءَ ۾ سندس گيت گونجندا رهيا. اياز شاعري کي عبادت سمجھندو هو، ڪنهن شعر لکڻ يا ڪتاب پوري ڪرڻ تي خدا جو شڪر ادا ڪندو هو. پاڻ پنهنجي ڪتاب ”شاعريءَ جو سجدو“ ۾ لکيو اٿائين ته: ”منهنجا خدا! مون کي معاف ڪجان، منهنجي عبادت رڳو منهنجي شاعريءَ ۾ ئي آهي. منهنجي شاعري انهيءَ ٻڪرار جي گفتگوءَ وانگر آهي، جنهن کي موسيٰ عليه السلام جي موجودگيءَ جو احساس نه هو”.(4)
جيئن انساني زندگي ٻاروتڻ کان ٻڍاپڻ تائين مختلف مرحلن ۾ گذرندي آهي، تيئن شعور به مرحلا طئي ڪري هڪ اهڙي صورت ڌاريندو آهي، جيڪا گھڻي ڀاڱي انسان جي ننڍپڻ ۽ جواني جي مرحلن جي بلڪل ابتڙ هوندي آهي. ممڪن آهي ته ان جا به ڪي سبب هجن پر بيماري، پوڙهائپ، موت ۽ موت کان بعد جي حياتيءَ جو تصور ان ماڻهوءَ جي جوانيءَ جي ڪيل عملن لاءِ پڇتاءَ يا ترميم جو سبب بڻجي ٿو. شيخ اياز سان به اهڙي ڪا صورتحال سرزد ٿي هوندي جو شيخ اياز پنهنجي اڳئين شاعريءَ کي ريٽي ۽ مذهبي شاعري وارا لاڙا اختيار ڪيا. نه رڳو ايترو پر جيڪا اڳئين شاعري قومپرستيءَ ۽ اشتراڪي لاڙن واري هئي ان تان هٿ کنيو ۽ بعد واري مذهبي شاعريءَ کي ئي پنهنجو سرمايه افتخار سمجهيو. ان سلسلي ۾ پاڻ لکي ٿو ته: ”يا رب! مون کي سگهه ڏي ته باقي عمر رڳو تنهنجا گيت ڳايان. عارضي ۽ فانيءَ کي پنهنجي ڌيان تان هٽايان ۽ پنهنجي روح جي موسيقيءَ کي تو ۾ ايئن سمايان جيئن ندي پاڻ کي سمنڊ ۾ سمائيندي آهي. اها منهنجي آخري دعا آهي. اها دعا قبول فرماءِ”.(5)
ادب جي پرک جو هڪ مک معيار ادب جا فڪري محرڪ هوندا آهن. ان ڏس ۾ شيخ اياز کي پرکجي ته سندس شاعريءَ ۾ فڪري محرڪن جون نه رڳو مختلف روايتون گڏ گڏ هلندي نظر اچن ٿيون پر اهي وقت ۽ دؤرن سان گڏ مٽجندي به نظر اچن ٿيون. مثال طور ورهاڱي کان اڳ جيڪا طبعزاد اردو شاعري ڪيائين ان ۾ ويڳاڻپ، وجوديت ۽ مزاحمت جا اهڃاڻ گڏ گڏ ملن ٿا ۽ ٻيو دؤر اياز جو عاشقيءَ وارو دؤر آهي. جنهن ۾ ڀوئنر ڀري آڪاس جي شاعريءَ جو ڳٽڪو لکي ٿو ۽ ان دؤر ۾ اياز جي شاعريءَ جا محرڪ رومان ۽ حسن پرستي نظر اچن ٿا. ٽيون دؤر ون يونٽ جو دؤر جيڪو ڏاڍ ڏمر وارو هو ان دؤر واري شاعري اياز جي مزاحمت واري آهي ان ۾ قوم ۽ وطن سان محبت جا جذبا عيان آهن. چوٿون سنڌ يونيورسٽي ۾ وائيس چانسلري وارو دؤر آهي. جنهن ۾ اياز تي فڪري وجوديت حاوي آهي. ان ئي دؤر ۾ اياز ”پتڻ ٿو پور ڪري“ شاهڪار شاعريءَ جو ڪتاب ڏنو آهي. پنجون دؤر جمهوريت پسنديءَ وارو دؤر آهي جنهن ۾ هو بقاءِ باهميءَ ۽ رواداريءَ وارن لاڙن ڏانهن راغب آهي ڇهون ۽ سندس پويون دؤر روحانيت پسنديءَ جي لاڙن وارو دؤر آهي. جنهن ۾ هو مذهبي ۽ مدحيه شاعري ڪري ٿو جيڪا سنڌ جي ترقي پسندن وٽ تڪراري بڻي. شيخ اياز جي اسلامي فڪر جي هڪ نمايان ۽ اهم خاصيت اها آهي ته سندس فڪر محض تصوف يعني اندر کي اجارڻ ۽ دل جي دنيا کي آباد ۽ منور ڪرڻ تائين محدود نه آهي پر هو ان حد کان اڳتي وڌي اسلام کي مڪمل نظام زندگي سمجهي ٿو ۽ اسلامي شريعت کي دؤر جديد جي انسانيت جي سمورن مسئلن جو حل قرار ڏئي ٿو. رسول الله ﷺ جن جي تعليمات کي حرف آخر سمجهي ٿو. شيخ اياز جي خيالن ۾ تبديليءَ جي اثرن جا جيڪڏهن محرڪ ڳولهبا ته اسان کي ڪافي سارا محرڪ ملي ويندا. جن ۾ مذهب بابت ڳوڙهو اڀياس ۽ غور فڪر، ڪجهه شخصيتون سندس دوست ۽ پنهنجي گھرواريءَ جو وڏو هٿ آهي. سندس گھرواريءَ جي اثرن متعلق محمد موسيٰ ڀٽو، شيخ اياز جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته: ”منهنجي گھر واري نه صرف پنج وقت نماز جي پابند آهي. بلڪه اها تهجد گذار به آهي. ان جي مسلسل اها تلقين هوندي آهي ته الله کي سڃاڻ ۽ الله جي عبادت ڪر. سندس چوڻ هو ته، ان جي دعائن جي بدولت مون کي حق جي راهه نصيب ٿي آهي”.(6)
شيخ اياز سنڌي ٻولي جو هڪ اهڙو شاعر هو جنهن جو زندگي ڀر اسلامي شريعت سان ڪو به واسطو نه رهيو. ننڍپڻ ۾ به اهڙي ماحول ۾ پليو ۽ نپنيو جو مذهبي حوالي سان عدم دلچسپيءَ واري ڪيفيت ۾ گذاريائين. هن جو خاندان پڙهيل ڳڙهيل ۽ شهري مزاج جو مالڪ هو. سندس تربيت پڻ اهڙي ئي ماحول ۾ ٿي جو هندو مومن هڪ ٿيو واري واٽ ورتائين ۽ مذهب کي فرد جو ذاتي مسئلو سمجهيائين. پر عمر جي آخري ڏهاڪي ۾ مذهب ڏانهن سندس پراڻي خيال ڦيرو کائي هڪ نئون روپ ڌاري ورتو. اسلام ڏانهن راغب ٿيڻ کان پوءِ ايستائين خيال ۽ ارادي ۾ پختو رهيو جو اسلام کي سمجهڻ لاءِ هر شعوري ڪوشش ڪيائين. سندس مذهبي ڦيري متعلق محمد موسيٰ ڀٽو لکي ٿو ته: ”هن تصوف جي هڪ سلسلي نقشبنديءَ سان عملي تعلق جوڙيو ۽ ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان سان خط جي ذريعي بيعت ڪري ۽ ذڪر ورتائين.”(7)صوفي طريقي ۾ بيعت وٺڻ لازمي هوندي آهي. ڇو ته مرشد کان سواءِ رهنمائي اڌوري هوندي آهي. مرشد کان هدايت وٺڻ لاءِ پاڻ اسلام جي پوئواري ڪندي ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان کي مذهبي رهنما تسليم ڪيائين. مذهبي مطالعي، لڳاءَ ۽ ڳوڙهي اڀياس کان پوءِ پاڻ مذهب ڏانهن مائل ٿيو، اهڙي علم جي پروڙ سندس شاعريءَ مان پوي ٿي. شيخ اياز جي دعائن جي اها خصوصيت آهي ته هن عام ماڻهوءَ جي ڀيٽ ۾ لفظن جو سهارو تمام گھڻو ورتو آهي. شيخ اياز لفظن جو جادوگر شاعر آهي. پنهنجي شاعري ۾ سنڌي لفظن جي مالها جوڙي ٿو. لفظن جي صورت گري ڪري ٿو. جيڪي لفظ دعا کي پراثر ۽ ماڻهن جي اندر ۾ پيهي وڃڻ جهڙو محسوس ٿين ٿا. جيئن پاڻ لکيو اٿائين ته: ”يا رب! مان ٻوليءَ تي ڪيڏي به مهارت حاصل ڪيان، ڪيڏا به ان جا ڄار اڻان، تنهنجو تصور انهن ۾ ڦاسي نه ٿو سگھي ۽ انهن مان پاڻيءَ وانگر ترڪي ٿو وڃي!...منهنجي لونءَ لونءَ تنهنجي لغات آهي، پر تون اظهار کان بلند و بالا آهين“.(8)
شيخ اياز گھڻو ڪري زندگيءَ جي ڏکن سورن، ڪائنات جي نظارن ۽ زندگيء جي فنا تي ڳالهايو آهي. زندگيءَ جي فنا جي حسرت هر ماڻهوءَ کي ٿئي ٿي. ڪي ڏاها ماڻهو جوانيءَ کان حياتي جي بي بقا هجڻ تي لکندا ۽ سوچيندا آهن. پڇاڙيءَ ۾ غور ۽ فڪر ڪندا آهن. شيخ اياز زندگيءَ جي فنا تي منڍ کان وٺي غوروفڪر ڪندو آيو آهي. پڇاڙيءَ ۾ ته هن تي جَجھي انداز ۾ لکيو اٿائين. هونئن به شيخ اياز تي شاهه لطيف جو اثر هو. شاهه لطيف جي شاعريءَ جي رنگن ۾ هڪ رنگ مذهب جوبه آهي. جيڪو سر ڪلياڻ، سر يمن ڪلياڻ ۽ جاءِ بجاءِ قرآن جي آيتن ۽ آيتن جي ٽڪرن جي صورت ۾ نمايان آهي. شيخ اياز شاهه لطيف جي واٽ وٺندي پنهنجي شاعريءَ ۾ رب تعاليٰ کي ٻاڏايو آهي. پنهنجي دعائيه شاعريءَ وسيلي نوان خيال ۽ نوان گھاڙيٽا گھڙيا آهن. اياز جيڪا به دعائيه شاعري ڪئي آهي اها زندگيءَ جي آخري ڏهن سالن جو نچوڙ چئي وڃي ٿي. سندس دعائن ۾ هڪ اعليٰ قسم جا خيال ۽ لفظن جي اڻت آهي. اهي دعائون شيخ اياز جي دل ۽ روح مان نڪرندڙ آلاپ هئا. جن ۾ هڪ قسم جو رومانس پڻ سمايل آهي.
ڀاڪر پايان ڀاو سان، ماڻهو ماڻهو سان،
آءٌ نه ٻيو ڄاڻان، مذهب منهنجو ماڻهپو.(9)
شيخ اياز خود اعترافيءَ طور پنهنجي ڏوهن ۽ پاپن جو کليءَ دل سان اعتراف ڪيو آهي. دعائيه شاعريءَ ذريعي شيخ اياز هڪ سبق آموز زندگيءَ جي راهه هموار ڪئي آهي. زندگي گذارڻ جي اصل مقصد کي بيان ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي اٿس. اياز هڪ مڪمل تحرڪ ۾ اچڻ کان پوءِ صحيح معنيٰ ۾ نياز نوڙت اختيار ڪئي. ان انڪساريءَ اياز جي زندگيءَ ۾ ڪيئي تبديليون آنديون. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو هن حقيقي واٽ وارو دڳ اختيار ڪيو ۽ خدا جي وحدانيت ۽ هيڪڙائي کي پنهنجي شعر جو اصل مقصد سمجهيو. جتي شيخ اياز جي دعائيه شاعريءَ ۾ خدائي توحيد، حق سچ ۽ نياز نوڙت ملي ٿي. اتي اياز وٽ ابتدائي دؤر ۾ به خدا جو تصورموجود هو. اياز، خدا ۽ خدا جي بڻايل ڪائنات جي تعريف ڪندڙ شاعر آهي. هن کي دنيا جي هر نظاري ۾ خدا جي خدائي نظر اچي پئي. اهڙو ذڪر پاڻ پنهنجي شاعريءَ ۾ هن طرح ڪيو اٿائين ته:
هرڻ آيو ترائيءَ تي، لهي ٿو سج ليارن ۾،
نه ڌرتيءَ تي خدا، تصوير ٻي اهڙي بڻائي آ! (10)
شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ گهرو فلسفياڻو تخيل سمايل آهي. جيڪو هن پنهنجي مسلسل فڪري ۽ احساساتي رياض سان حاصل ڪيو آهي. شيخ اياز جي ٻولي ۽ فن، بلندين جي ڪمال کي رسي ٿو. هن سنڌي ٻوليءَ کي نواڻ ۽ نئون حسن بخشيو. اصل ۾ فڪر ۽ تخليقي سگهه ٻوليءَ کي نئون جنم ڏين ٿا. جنهن سبب اياز جون تشبيهون روايتي يا اڌاريون کنيل نه آهن پر اهي آفاقي آهن. اياز جا استعارا، تلميحون، اشارا، ڪنايا، ڪافيا، بندشون ۽ خيال جي اڻت ڄڻ ته هڪ تخليقي ڪرشمو آهي، جيڪو ويهين صديءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ڀاڳ ۾ آيو. شيخ اياز جي شاعري سندس ٻوليءَ جي مهارت جو جيئرو جاڳندو مثال آهي. پاڻ هڪ غزل ۾ لکيو اٿائين ته:
تون سرد سياري باک به آن، تون منهنجي لوئي لاک به آن
تون ڪائي سک جي ساک به آن، جا ڳائي گيت چوائين ٿي
يا
ڇا هيل اها رابيل هئي جا، اڳ به سڳنڌون ڏيندي هئي،
هن جيون جي ڦلواڙيءَ ۾، تون پاڻ وري ورجائين ٿي (11)
هڪڙي پاسي سنڌ جنت جو ٻيو نالو آهي ته ٻي پاسي سنڌ معاشي ۽ سماجي مسئلن جو گھر آهي. هزارين ٻرندڙ مسئلن ۾ بک، بيماري، بدحالي ۽ بي روزگاري نمايان آهن. شيخ اياز انهن سڀني مسئلن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ جاءِ ڏني آهي، بک، بيماري ۽ بدحاليءَ جا سبب پڻ اشارن ۽ ڪناين ۾ پنهنجي شاعريءَ ۾ بيان ڪيا اٿس. اياز پنهنجي ڌرتيءَ سان بي انتها محبت ڪندڙ شاعر آهي. هو سنڌ ڌرتيءَ جي مٽيءَ کي مٿي تي لائڻ خوشنصيبي سمجهي ٿو. سنڌ جي وڏن مسئلن ۾ هڪ وڏو مسئلو عورتن سان ڏاڍ، ظلم ۽ جبر آهي. جيئن ته سنڌ جو سماج مرداڻو سماج آهي. جنهن سبب هو عورت مٿان حاوي آهي. ان جا سبب تعليم جي اڻاٺ، شعور جي گھٽتائي ۽ ٻيا ڪي سبب آهن. هن سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن جي نشاندهي به ڏاڍي خوبصورت انداز ۾ ڪئي آهي. اسان جي معاشري جي بيهڪ جاگيردار سماج واري آهي جنهن ۾ نياڻين سان غلاميءَ وارو سلوڪ ڪيو ويندو آهي. اهڙن سلوڪن خلاف شيخ اياز ندائون ڪيون آهن. پاڻ عورت جي عظمت بيان ڪندي لکي ٿو ته:
“يا رب!
سنڌ جي ڪائي نياڻي، امير خسرو چواڻيءَ بابل جي گانءِ نه بڻاءِ!
ان کي شيرڻيءَ جي دل ڏي ته اها مرد جا وڌل پنجوڙ ڇني ڇڏي،
ان جي غلاميءَ مان آزاد ٿئي ۽ ان جي ڏنل ماني ڳڀي کي ان جي منهن ۾ موٽائي هڻي!”(12)
شيخ اياز جي ڏاهپ، گھري مطالعي ۽ ڳوڙهي فڪر مذهبي شاعريءَ کي نئون رخ ڏئي ان ۾ جدت پيدا ڪئي. هن پنهنجي شاعريءَ جي مذهبي لاڙن کي هڪ اهڙو روپ ڏنو جيڪو سڀني لاءِ قابل قبول رهيو. جن ماڻهن سندس شاعريءَ تي اعتراض ڪيو کين ڪجهه نه ورڻو هيو نه وريو. شيخ اياز اڄ به سنڌي ماڻهن وٽ محبوب شاعر واري حيثيت رکي ٿو. دنيا جي هر مذهب ۾ ان مذهب جي شاعرن ڪيتريون ئي دعائون لکيون آهن، هندو، عيسائي ۽ ٻڌ ڌرم وارن شاعرن پنهنجي پنهنجي انداز ۾ دعائون تخليق ڪيون آهن. دعا ته فرد جي ذاتي امنگ هوندي آهي. دعا جبلت آهي جيڪا قديم زماني کان انسان کي ورثي ۾ ملي آهي. جڏهن هو هن دنيا ۾ ڪمزور ترين هو ۽ طاقتور ترين مالڪ کان دعائون گھرندو هو. اها تمام پراڻي جبلت آهي. اياز ان جبلت کي نئين روپ سروپ ۾ ورجايو آهي. جن کي پڙهڻ سان اياز جي شعور جو پتو پوي ٿو. شيخ اياز تي ننڍي کنڊ جي صوفي شاعرن خاص ڪري شاهه لطيف، مولانا رومي ۽ سخي سلطان باهوءَ جو گھرو اثر رهيو آهي. باهوءَ جي تطبع تي ساڳين ئي بحرن ۾ شيخ اياز جي شاعريءَ جو هڪڙو مثال هيٺين ريت آهي.
باهو نانءُ خدا جو سچو، ٻيو سڀ آهي فاني هو
جڳ گھڙيءَ جو ميلو آهي، ڪوئي خان نه خاني هو،
حرصُ، هوس انسان ۾ آهي، ڄڻ ساري ناداني هو،
هي جيڪو مانڊاڻ انهيءَ جو ڪو ته لڳي ٿو باني هو. (13)
شيخ اياز حياتيءَ جي آخري ڏينهن ۾ جيڪي نثري نظم تحرير ڪيا، سي سندس طبيعت جي عاجزي ۽ انڪساري جو عڪس پيش ڪن ٿا. هي نثري نظم سندس اندر جو آواز آهن. ماضي ۾ ٿيل عيبن ثوابن جو آئينو آهن. جن ۾ ازالي طور هو الله پاڪ جي حضور ۾ آخرت جي نجات لاءِ رجوع ٿيو ۽ ان ۾ ئي پنهنجي لاءِ عافيت جو گوشو تلاش ڪيائين. سندس ان عمل تي سنڌ جي ترقي پسند لڏي طرفان تنقيد جو هڪ طوفان کڙو ڪيو ويو پر پاڻ ثابت قدم رهيو ۽ ان ثابت قدميءَ کيس اڃا وڌيڪ سگهه رسائي. جنهن سبب هن اهڙا ته پر تاثير نثري ٽڪرا مدح سرائي ۾ لکيا جو انهن جهڙو مثال سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب ۾ ملڻ مشڪل آهي. جڏهن تنقيد جو طوفان وڌي وڻ ٿيو ته کيس مجبور ٿي هيئن لکڻو پيو ته: ”مان 55 سال ڪميونزم جو همسفر رهيو هوس. مون کي اها خبر نه هئي ته تاريخ منهنجي شاعريءَ کي ائين ٺڳي ويندي!”(14)
ان کان وڌيڪ اعتراف ڪهڙو ٿي سگھي ٿو ته هڪ شاعر پاڻ لکي ته هو 55 سال هڪ سراب ۾ رلندو رهيو حالانڪه اهي 55 سال هن جي مقبوليت جا سال هئا. سنڌ جو پڙهيو لکيو طبقو ۽ قومي سوچ رکندڙ نوجوان اياز کي پنهنجو آئيڊيل سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪندو هو. ايڏي مقبوليت جي باوجود سندس اندر واري قاضيءَ اياز کي هڪ نئين فيصلي ڪرڻ تي آماده ڪيو۽ هو صريحا بدلجي اڳئين خيالن ۽ اڳئين شاعريءَ تان هٿ کڻي هڪ مذهبي شاعريءَ وارو گس ورتو. ڪنهن تبليغي نقطه نظر نه پر سندس اندر جي آواز اياز کي مذهب ڏانهن لاڙيو. اڳ جي شاعريءَ وانگر هڪ نئين فن ۽ ڏات سان مدح سرائي واري موضوع کي وسعت ڏنائين، دعائون ايترو گهرائي سان لکيائين جو پڙهندڙ دنگ رهجيو وڃي. اياز جون دعائون سندس ارادي جو پڙاڏو آهن. اصل ۾ دعا لاءِ چيو ويندو آهي ته دل جي ارادي جو نالو آهي. دعا احساسن، امنگن ۽ جذبن جي ترجمان هوندي آهي. انهن دعائن جي ذريعي انسان جو رشتو پنهنجي مالڪ حقيقي سان جڙيل رهي ٿو. شيخ اياز جي گھريل دعائن ۾ سندس ڪيفيت جي اعليٰ منظر نگاري چٽيل آهي. سندس اهڙو مثال هيٺ ڏجي ٿو.
ڇا ٿو پڇين ڇيڳرا آزادي ڇا آهي؟
ماڻهو ٺهيو مٽيءَ مان، مٽيءَ کي ٺاهي،
تو ڏٺي نه آهي، شايد ڪار ڪنڀار جي.
(15)
حوالا:
1. قاضي، حميده، غلام سڪينه. شيخ اياز شخصيت ۽ فن. ڪراچي: حڪومت سنڌ، ثقافت کاتو، 2012ع، ص31
2. گھانگھرو، عابده، ڊاڪٽر. شيخ اياز صدين جو سرجڻهار. شڪارپور: سنڌيا پبليڪيشن.ڇاپو پهريون 2017ع، ص 126
3. سومرو، الهه وسايو، ڊاڪٽر. وري ورق پيو. لاڙڪاڻو: سرسوتي ساهت گھر. ايڊيشن پهريون 2018ع، ص 175
4. اياز، شيخ. شاعريءَ جو سجدو. ڪراچي: سنڌيڪا اڪيڊمي. نئون ڇاپو 2018ع، ص 69
5. اياز، شيخ. اٿي اور الله سان. شڪارپور: مهراڻ اڪيڊمي. ڇاپو پهريون، جنوري 1988ع، ص 32
6. ڀٽو، محمد موسيٰ. شيخ اياز جا آخري ڏهه سال. سکر: تنظيم فڪرونظر سنڌ. ڇاپو پهريون 1998ع، ص 29
7. ايضا، ص 32
8. اياز، شيخ. اٿي اور الله سان. شڪارپور: مهراڻ اڪيڊمي. ڇاپو پهريون، جنوري 1988ع، ص 47
9. نديم، ملڪ، ڊاڪٽر. اياز ڏوهي آهي. خيرپور ڪنڌڪوٽ: ڊاڪٽر ملڪ نديم اڪيڊمي. 2006ع، ص 54
10. اياز، شيخ. ڪتين ڪر موڙيا جڏهن (ڀاڱو ٽيون). ڪراچي: سنڌي ادبي اڪيڊمي. جولاءِ 1996ع، ص 17
11. ايضا، ص 16
12. اياز، شيخ. شاعريءَ جو سجدو. ڪراچي: سنڌيڪا اڪيڊمي. نئون ڇاپو 2018ع، ص 51
13. جويو، تاج. شيخ اياز شاعري (جلد 9). ڪراچي:حڪومت سنڌ، ثقافت کاتو، ڇاپو پهريون 2010ع، ص 300
14. جويو، تاج. شيخ اياز نثر (جلد 3). ڪراچي:حڪومت سنڌ، ثقافت کاتو، ڇاپو پهريون 2010ع، ص 795
15. سومرو، ستار. اڃا پيو جيان. ڀٽائي جرنل، شيخ اياز نمبر. خيرپور:سنڌي شعبو، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي. مارچ 2006ع، ص 139-134
قـاضي مقصود گل جي شاعري جو تنقيدي اڀياس
Critical Study of Qazi Maqsood Gul’s Poetry
ABSTRACT:
Sindhi Literary figure, poet, story writer, researcher and intellectual Qazi Maqsood ”Gul”, son of Qazi Abdul Hayee ”Qaail”. He wrote over 10 books,including ”Ratt Bhina Rabail“ and translated many books of other languages. His Translated works including the famous book of Urdu writer Kirshan Chandar, ”Zindagi de moat”. He also translated Shaikh Ayaz’s Poetry into Urdu and ”Ishq Samandar“ poetry of Hazrat Sachal Sarmast into Urdu Language. He was inspired by late poet Karim Gadai and Ustad Bukhari. Qazi Gul was influenced by Atta Muhammad Hami and Mehmood Sharaf Siddiqi while in prose; he had a tilt towards Dr. Memon Abdul Majeed’s Sindhi Work. He established a publishing agency and got around 30 books on variety of subjects published, he also established a Private school for the betterment of new generation. He rendered his educational services to students till his death.
تاريخ جي سونهري ورقن ۾ چڱي خاصي جڳهه والاريندڙ رتوديرو، چانڊڪي پرڳڻي جو اهم شهر آهي. ڪيترين ئي عظيم هستين کي پنهنجي ڪُک مان جنم ڏيندڙ هي شهر 1919ع ۾ به تعلقي جي حيثيت سان دنيا جي نقشي تي نروار هو. سياسي توڙي سماجي، ادبي توڙي ثقافتي، تعليمي توڙي صحافتي، تهذيبي توڙي تمدني لحاظ کان جيڪا رم جهم، رنگيني ۽ چاشني هن شهر ۾ رهي آهي، تنهن کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ هڪ اوکو عمل آهي. ڇو ته هن شهر، جيڪي انمول ۽ امر ڪردار پيدا ڪيا آهن سي خود تاريخ آهن. هن بي بها باغيچي جو هر گل پنهنجي خوشبو ۽ خوبصورت رنگت سان سڃاتو ۽ ساراهيو ويندو آهي. هتي جنهن گل جو ذڪر ٿي رهيو آهي، سو گھڻ رخي شناخت رکندڙ، عظيم انسان قاضي مقصود گل آهي. قاضي مقصود گل جا هڪ ئي وقت ڪيترائي تعارف آهن. هو ناميارو استاد به آهي ته صحافي به، موسيقيءَ جو ماهر به آهي ته مصور به، سماج سڌارڪ به آهي ته محقق به، مصنف به آهي ته مولف به، شاعر به آهي ته مترجم به، ڪهاڻيڪار به آهي ته ٻارن جو اديب به، مضمون نويس به آهي ته ڪالم نگار به، دانشور به آهي ته سچل سرمست رح جو شارح به. علي دوست ”عاجز“ لکي ٿو ته: ”سائين مقصود ”گل“ صاحب اهڙي ول جو ميوو آهي، جنهن جا سموارا ميوا مٺا، رسيل ۽ خوشبودار آهن. قاضي عبدالحئي گھراڻي جي فردن جي هٿن ۾ اوهان کي فقط ٻه شيون نظر اينديون. قلم يا برش! هڪڙا زندگيءَ جا رنگ چٽيندي نظر ايندا ته ٻيا زندگيءَ جي رنگن جي اپٽار ڪندي. مان هن گھر تي ڏات جي اوت ڏسي دنگ رهجي ويندو آهيان!”.(1)
15اپريل 1950ع تي سنڌ جي برک شاعر، استاد، مصور، صحافي ۽ سماج سڌارڪ قاضي عبدالحئي ”قائل“ جي گھر ۾ جنم وٺندڙ قاضي مقصود حيات، ابتدائي ۽ ثانوي تعليم پنهنجي اباڻي شهر رتوديرو ۾ حاصل ڪرڻ بعد بي اي ۽ ايم اي جي سَندَ سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو مان حاصل ڪيائين. قاضي مقصود حيات کي ننڍپڻ ۾ ”معشوق“ سڏيندا هئا. بعد ۾ کيس پيار ۽ پريت منجھان ”ادا گل، ”گل بابا“ ۽ ”سائين گل“ به سڏيو ويندو هو. سندس ادبي نالو ”مقصود گل“ هو. پاڻ شاعريءَ جي باضابطه شروعات 1975ع کان ڪيائون. سندس شروعاتي شاعري، مرحوم علي نواز ”وفائي“ جي هفتيوار ”آزاد“ اخبار ۾ شايع ٿي. قاضي مقصود گل شاعريءَ جي ابتدائي اصلاح پنهنجي والد قاضي عبدالحئي ”قائل“ کان ورتي. بعد ۾ سنڌ جي بيباڪ ۽ ڀلوڙ شاعر ڊاڪٽر عطا محمد ”حامي“ جي رهنمائي حاصل ڪيائين. نثري حوالي سان ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، سندس استاد هو. اردو ٻوليءَ جي حوالي سان حڪيم برڪت الله ”تائب“ صديقي ۽ محمود ”شرف“ صديقيءَ کي پنهنجو استاد ۽ سونهون قبول ڪيائين. سندس پر اثر شاعريءَ بابت پروفيسر نذير قاضي لکيو آهي ته: ”مقصود ”گل“ سونهن ۽ سرهاڻ جو سودائي، حسن تي هرکيل ۽ دلبرن جو داس آهي. سندس هر شعرُ، سگھاري سوچ ۽ اڻ – مَيو اثرُ ڇڏي ٿو. پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن کي نه رڳو جذباتي طور بلڪه فڪري لحاظ سان پڻ لوڏي ۽ ڌوڏي ٿو ڇڏي”.(2)
قاضي مقصود گل 1966ع کان 1969ع تائين، آب ڪلياڻي کاتي ۾ فون ڪلارڪ رهيو. ان کان پوءِ 1969ع ڌاري کيس تعليم کاتي ۾ ڊرائنگ جي استاد طور ڀرتي ڪيو ويو جتي 1974ع تائين خدمتون سرانجام ڏنائين. 1974ع ڌاري شگر مل نئين ديري ۾ ”تربيتي آفيسر“ طور مقرر ڪيو ويو، جتي ڪم سان لڳاءَ سچائي ۽ محنتن جي ڪري، اسسٽنٽ مئنيجر ۽ 1990ع ۾ ڊپٽي مئنيجر طور ترقي حاصل ڪيائين. 1993ع کان 1995ع تائين اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن آف پاڪستان ۾ ”سيلز مئنيجر“ جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنائين. قاضي مقصود گل سنڌ جو کاهوڙي ڪردار هو. سندس فن ۽ ڪاريگريءَ جي واکاڻ ڪندي، ڊاڪٽر بشير احمد ”شاد“ لکي ٿو ته: ”قاضي مقصود گل ڪهنه مشق ۽ استاد شاعر هو. هو لفظن جو جادوگر شاعر، ڪڏهن به لفظن جو محتاج نه هو، بلڪه لفظ سندس اڳيان ٻَڌي ٻانهي وانگر هٿ ٻڌي حاضر هوندا هئا”.(3) شاعرَ قدرتي سونهن ۽ ساڀيان سان محبت ڪندا آهن. سندن تخيل جي پرواز آسمان کي ڇهندي آهي. فڪر، ويچار ۽ مشاهدي کان پوءِ پنهنجي تخليق ۾ جيڪو سماجي حالتن جو عڪس آڻيندا آهن. تَنهِنجو مثال ملڻ محال ٿي پوندو آهي. قاضي صاحب، هنس پکيءَ وانگر موتيءَ جهڙا لفظ چونڊي، انهن کي انوکي ۽ نرالي ترتيب ڏئي، بيت نه پر هِيرن ۽ موتِين جون مالها بڻايون آهن. سندس شاعريءَ، کٿوريءَ جيان سڄي سنڌ کي واسي ڇڏيو آهي.
مشهور شاعر منظور منگي، مقصود گل کي استاد مڃيندي، سندس شان ۽ شاعريءَ بابت لکيو آهي ته: ”سائينءَ جي شاعراڻي فڪر ۾ انسانيت سان بي پناهه محبت ۽ وطن سان عشق جو فلسفو سمايل آهي. منهنجو استاد علم ۽ ادب جي افق تي جرڪندڙ سج هو. جنهن جي روشني سدائين اسان جي نئين نسل جِي رهنمائي ۽ رهبري ڪندي رهندي”.(4)قاضي مقصود گل جو قلمي پورهيو ادبي دنيا ۾ کير ۾ کنڊ برابر آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ (1) ”وکريل موتي“ (ڊاڪٽر عطا محمد حاميءَ جي مقالن جو مجموعو-ترتيب)1983ع، (2) ”زندگيءَ ڏي موٽ“ (ڪرشن چندر جي ڪهاڻين جو سنڌي ترجمو)1985ع، (3) ”ڪرڻا ڪرڻا“ (ٻارڙن لاءِ شاعري) 1986ع، (4) ”رت ڀنا رابيل“ (شاعري) 1991ع، (5) ”هٺيلي هرڻي“ (ٻارڙن لاءِ ڪهاڻيون) 1993ع، (6) ”اندر روح رهيام“ (ڊاڪٽر عطا محمد حاميءَ بابت لکيل مضمون ۽ مقالا) جون 2002ع، (7) ”رتوديرو- مختصر تاريخ“ (8)“عشق سمندر“ (حضرت سچل سرمست رح جي فارسي مثنوين جو منظوم اردو ترجمو) جون 2013ع، (9) ”اي آهُو چشم کدهر“ (شيخ اياز جي ٻين شعري مجموعن، ”پتڻ ٿو پور ڪري“ ۽ ”هرڻ اکي ڪيڏانهن!!“ جو ترجمو) 2010ع ۽ (10) ”اکڙيون نيل ڪنول“ (شاعري) 2014ع شامل آهن. درسي ڪتابن ۾ ”گلن هار“ (سنڌي نصاب جي گائيڊ، نائين ۽ ڏهين درجي لاءِ) ۽ ”گلن هار“ (سنڌي نصاب جي گائيڊ، يارهين ۽ ٻارهين درجي لاءِ) ڇپجي پڌرا ٿيا.
ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو، جديد شاعري جي حوالي سان لکي ٿو ته: ”جديد ۽ روايتي شاعريءَ جي تسلسل ۽ سنگم جي لڙهيءَ جا شاعرَ، خليفو گل محمد، عبدالڪريم ”گدائي”، قاضي عبدالحئي ”قائل”، احمد خان ”مدهوش”، سرڪش سنڌي، ادل سومري، اياز گل کان مقصود گل تائين جيڪا به شاعري ۽ فن ارپيو ويو آهي، ان سلسلي جي هڪ اهم ڪڙي ۽ هڪ وڏو شاعر ۽ فنڪار سائين قاضي مقصود گل هو. هو نه صرف هڪ سٺو دوست ۽ وڏو انسان هو، پر هڪ خوبصورت شاعر به هو”.(5) قاضي مقصود گل، حمد، نعت، قصيدي، بيت، دوهي، وائي، غزل، نظم، ترائيل، چوسٽي، رباعي، پنجڪڙا ۽ ٻين صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. سندس شاعري جا ڪجهه نمونا هيٺ ڏجن ٿا. هونئن به چوندا آهن ته خرارن واريءَ جنس جو نمونو لپ مان معلوم ٿي پوندو آهي.
“تون قوم جي امانت اي نو نهال ٻچڙا،
هردم رهي ٿو مونکي تنهنجو خيال ٻچڙا.
هن قوم جي بقا جو توتي مدار آهي،
تون آن! چمن جي رونق توسان بهار آهي.
اخلاق سک سٺا ۽ ”گل“ جي مثال ٿي وڃ،
خوشبوءِ ڏي سڀن کي ۽ خوش خصال ٿي وڃ”.(6)
ٻارڙن لاءِ شاعريءَ جي ڪتاب ”ڪرڻا ڪرڻا“ مان ورتل هنن سٽن مان خبر پوي ٿي ته قاضي صاحب کي نئين نسل ۽ مستقبل جي معمارن کي سڌيءَ راهه ڏيکارڻ جو ڪيڏو انتظار ۽ الڪو هوندو هو. هن ٻاراڻي شاعريءَ ۾ ادب ۽ اخلاق سيکارڻ سان گڏوگڏ هڪ قومي پيغام به سمايل آهي. ٻارڙن لاءِ لکيل ڪتابن بابت، پروفيسر منظور حسين کهڙو لکي ٿو ته: ”اسان جي هن فرض شناس شاعر، شعور ۽ ادب جي نرسريءَ ۾ موجود نازڪ ۽ نونهال ٻوٽن جي به خوب آبياري ڪئي آهي”.(7) رتيديري ۽ نئين ديري ۾ قاضي صاحب جي ڪوششن سان ادبي ماحول جڙيو. 1980ع واري ڏهاڪي ۾ ڪيترائي نوجوان قاضي صاحب جي تربيت ۽ صحبت سبب شاعر ۽ اديب بڻيا. جن شاعريءَ جي مختلف صنفن تي طبع آزمائي ڪئي. قاضي صاحب سنڌي ادب ۾ غزل جو تمام سٺو شاعر هو. سندس غزل پوري سنڌ جي اديبن ۾ مڃتا ماڻي چڪا آهن. پاڻ استاد گُر شاعر هو. شاعريءَ ۾ ڌرتي ۽ دلبر، پورهيت ۽ پاپي، ساڻيهه ۽ سنسار سندس موضوع رهيا آهن. انسانيت، انسان جي عظمت ۽ محبت سندس ايمان جا جز رهيا آهن. سندس غزل جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو.
هت انسانن جي بستيءَ ۾ انسان اڪيلو بيٺو آ،
لک دعوائون ايمان سنديون، ايمان اڪيلو بيٺو آ.
ڪنهن ڪونه ٻڌا،ڪنهن ڪونه مڃيا، بس وحشت دهشت وڌندي وئي،
فرمان هٿن ۾ بي ساها، سلطان اڪيلو بيٺو آ. (8)
قاضي مقصود گل غزل کان علاوه رباعيون به لکيون. ٻين صنفن جي ڀيٽ ۾، سنڌ ۾ رباعي تي طبع آزمائي تمام گھٽ ڪئي ويندي آهي. قاضي صاحب جون رباعيون پنهنجي اسلوب واريون آهن. سندس رباعي ۾ پنهنجي ماحول، خاص ڪري سنڌ جي حالتن ۽ ماڻهن جي اهنجن ۽ ايذائن جو ذڪر ٿيل آهي. قاضي صاحب جي شاعري پنهنجي وقت جي ترجمان شاعري آهي. جنهن ۾ ان دؤر جا مسئلا ۽ ڏک سور بيان ٿيل آهن. جيڪي عام ماڻهن تي وهيا واپريا. سندس رباعي جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو.
گھر گھر ۾ جتي ظلم جو گھاڻو هوندو
هر شخص اتي ڇو نه ڏکاڻو هوندو
ان شهر ۾ آ عدل ۽ انصاف ڪٿي!
جنهن شهر جو مفتي جي وڪاڻو هوندو. (9)
قاضي مقصود جديد شاعريءَ جي صنف ترائيل تي پڻ تجربا ڪيا. جيڪي ڪامياب ويا. ترائيل سنڌ جي وڏن شاعرن لکي آهي. جن مان شيخ اياز سرموڙ آهي. اياز جو انداز پنهنجو آهي ۽ اياز جي شاعري تمام گھڻي مشهور ٿي. قاضي صاحب پنهنجي انداز سان ترائيل لکي آهي. جنهن ۾ پڻ سنڌ جو درد ۽ سنڌي ماڻهوءَ جي مسئلن جو ذڪر آهي. خالي مسئلا نه پر انهن جي حل لاءِ به قاضي صاحب پنهنجي شاعريءَ ۾ پيغام سمايو آهي. مير محمد پيرزادو لکي ٿوته: ”ترائيل جي اصل جڳهه فرانس آهي. اتي جي شاعريءَ جي هيءَ مقبول ترين صنف ليکي وڃي ٿي. جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي مواد جي پابندي نه هوندي آهي. پر اسان جي هن محترم دوست مقصود گل ترائيل کي معياري ترتيب ۾ رکي، گيت ۽ لوڪ گيت جو مواد ڏيئي ان کي ڏيهي صنف بڻائي ڇڏيو آهي.
تن من توڏي تانگهي منهنجا محب مسافر موٽ!
سانوڻ گذريو، سيارو آيو، تون نه اڃا ڇو آئين؟
ڪانگل کي مون باسيو آهي مٺڙا!! مٺڙو روٽ
تن من توڏي تانگهي منهنجا محب مسافر موٽ! (10)
رنگ نسل جون ڳالهيون ڇيڙي ڀاڱا ڀيل ڪرڻ ٿو چاهي
ايجنسين جو ماڻهو آهي، ماڻهن کي ويڙهائي ويٺو
رت جا ريج وهائي پاپي ور ور ويل ڪرڻ ٿو چاهي
رنگ نسل جون ڳالهيون ڇيڙي ڀاڱا ڀيل ڪرڻ ٿو چاهي-
دوهو هندوستاني ڇندوديا جي اصولن مطابق لکي ويندڙ هڪ قديم صنف آهي. چيو ويندو آهي ته جديد بيت جو بنياد به دوهي تي رکيل آهي. جديد شاعريءَ ۾ اسان جي شاعرن پراڻين صنفن کي نوَن خيالن سان آراسته ڪري، جن صنفن کي جياريو آهي. انهن مان دوهو به هڪ آهي. شيخ اياز جا دوها تمام گھڻو مقبول ٿيا. ان بعد جديد شاعرن ۾، ان صنف کي لکڻ جو رجحان وڌيو. قاضي مقصود گل پڻ ڏاڍا منفرد دوها لکيا آهن. جيڪي سندس مختلف ڪتابن ۾ ڇپيل آهن. سندس دوهي جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو.
بم ڌماڪا ڌرتيءَ تي ڇو پڄرن انسان
پاڻ لهي اچ باهه وسائڻ ڀونءِ مٿي ڀڳوان! (11)
قاضي مقصود ”گل“ متعلق رضوان گل لکي ٿو ته: ”مقصود گل کلڻو ملڻو، محبتي ۽ زندهه دل ماڻهو آهي. ساڻس گڏ ويهي ڪچهريون ڪبيون آهن ته وقت جو احساس ئي ناهي رهندو. هن جي گفتگوءَ ۾ اهڙو ته سحر آهي جو هر ماڻهو ساڻس ملاقات ڪرڻ بعد سندس محبت جو قائل ٿيڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگھي”.(12) قاضي مقصود ”گل“ جي شاعريءَ کان علاوه هڪ ٻي سڃاڻ مشهور ڪالم نگار واري هئي. هو بيباڪ ڪالم نگار هو. جنهن پنهنجي ڪالمن ۾ مختلف سياسي سماجي مسئلن تي مستقل مزاجيءَ سان ڪالم لکيا. جن ۾ سندس انداز جرئت منديءَ وارو رهيو. شاعري ۽ ڪالم نگاري جيتوڻيڪ ٻئي مختلف شعبا آهن. پر هُن ٻنهي شعبن سان ڀرپور نڀاءُ ڪيو. هن سنڌ جي سينڌ جو قسم کڻي چيو ته سچ تي قلم کڻڻ کان ڪڏهن به نه مڙبو، پوءِ ڀل ڪيترا به ايذاءَ ڇو نه اچن!
سنڌ جي سينڌ جو مون اڄ کنيو آهي قسم،
ڀل ته ڏي ايذاءَ تون پر سچ تي کڻبو قلم. (13)
قاضي مقصود ڪيترن ئي ادبي ادارن سان سلهاڙيل رهيو. نئين ديري ۾ شاهه عنايت ادبي سنگت جو پايو وڌائين. ڪافي سال ان جو سرواڻ رهيو. ان کان علاوه شاهه لطيف ادبي سنگت رتيديري جو سيڪريٽري، سنڌي ادبي سنگت رتيديري جو سيڪريٽري، سنڌڙي ڪتابي سلسلي جو سرواڻ، ٻاراڻي ادبي رسالي ”گلدستو“ جو روح روان، جيڪو پنهنجي ادارت ۾ رتيديري مان جاري ڪيائين. لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جو ميمبر هئڻ کان سواءِ ٻين ڪيترن ئي ادبي ۽ سماجي ادارن سان مختلف حيثيتن سان سلهاڙيل رهيو. انهيءَ حوالي سان سندس حيثيت هڪ منتظم سان گڏوگڏ هڪ پبلشر واري پڻ هئي. سنڌڙي ڪتابي سلسلي پاران هن ڪيترائي اهم ڪتاب ڇپرايا جن کي پڙهندڙن پاران مانائتي موٽ ملي. قاضي مقصود گل جي شاعريءَ جون هي ٻه سٽون سموريءَ سنڌ ۾ مقبول ٿيون ۽ ڄڻ ته سندس سڃاڻ بڻجي ويون. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٿيندڙ مشاعرن ۾ قاضي مقصود گل صاحب کان تقاضا ٿيندي هئي ته اهي ٻه سٽون ٻڌائي.
“هن چيو ”مذهب“ هجي ۽ مون چيو ”انسانيت”
سمجهه جو ڦيرو هيو ٻيو ته ڪو جھڳڙو نه هو”.(14)
قاضي صاحب جا نظم ڏاڍا سونهن ڀريا آهن. جنهن جا عنوان تڙپائيندڙ ۽ ڇرڪائيندڙ آهن. هن جي نظم ۾ سونهن، سندرتا، امن، انصاف، بهادريءَ جون صفتون ڏنل آهن. هن جي نظم ۾ سنڌ جي مٽيءَ سان محبت ڀريل عنوان پڻ آيل آهن. هن جي نظم ۾ موزونيت، شهريت، تسلسل ۽ رڌم موجود آهن. جن ۾ ”ڌرتيءَ جي ڌيءُ”، ”مورڙي جو ماڳ”، ”ڪراچي ڪلهه ۽ اڄ”، ”رت ڀنا ربيل”، ”سڳيون ڀينر”، ”امن جي ڳولها“ ۽ ”ڏوهي ڪير“ عنوان تمام مقبول و مشهور آهن. رت ڀنا رابيل جي عنوان سان جيڪو نظم لکيو اٿس، تنهن جون ڪجهه سٽون هيٺ ڏجن ٿيون. جيڪي سندس مشهور ڪتاب ”رت ڀنا رابيل“ ۾ ڇپيل آهن.
ڳليءَ ڳليءَ ۾ گل ورکا ٿي، رت ڀنا رابيل ڏسون ٿا،
اهڙو ڪِيس نه ڪنهن سان ٿيو آ، جهڙو هي ٿيو شاهه ڀٽائي! (15)
قاضي مقصود گل هڪ سچو ۽ کرو شاعر هو. جنهن جي شاعريءَ ۾ مزاحمت، پيار ۽ محبت جا جذبا جھلڪا ڏيندي محسوس ٿين ٿا. سندس شاعري پنهنجي دؤر ۾ مقبوليت ماڻي. قاضي صاحب محفلن جو مور هوندو هو. سگھڙ ڪچهريون هجن يا ادبي مشاعرا، سدائين پنهنجي شاعريءَ جي ادا سان محفل لُٽي وٺندو هو. سندس شاعري وقت بوقت مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجندي رهندي هئي. سنڌ جي مشهور ماهوان رسالي ”نئين زندگي“ ۾ سندس شاعري هن نموني ڇپيل آهي.
“ذهن جي سهڪار سان جو نقش دل آهي چٽيو،
ان سواءِ ٻيو ڪو عڪس آڻي سوچ ڪا سڪڻي نه آ.
سوچ، سچ، سج، سونهن کي ڪر قيد تون احمق ڀلي،
سوڀيا، سرهاڻ ليڪن لوڪ کان لڪڻي نه آ”(16)
قاضي مقصود گل سگھڙن جو به سرپرست رهيو. رتيديري ۽ نئين ديرو جي سگھڙن کي گڏ ڪري ڪچهريون ڪرايائين. جن سگھڙن کي ريڊيو، ٽي وي تي متعارف ڪرايائين، انهن ۾، سگھڙ محمد خان سيال، سگھڙ علي گل ٻرڙو ۽ سگھڙ عظيم جت سر فهرست آهن. قاضي صاحب جي شاعري سنڌ جي مشهور ٽه ماهي رسالي ”مهراڻ“ ۾ پڻ اڪثر ڇپبي هئي. 2012ع جي پهرين ڇاپي ۾ سندس ڇپيل غزل مان ڪجهه سٽون هيٺ ڏجن ٿيون.
نينهن ۾ ناچاڪ آهيان دوستو،
تنهن ڪري غمناڪ، آهيان دوستو!
عشق وحدت ۾، پڪو ايمان آ،
برهه ۾ بيباڪ، آهيان دوستو!(17)
عبدالحئي قاضي ماڊل اسڪول لاڙڪاڻي جو بنياد وجھندڙ، قاضي مقصود گل، روزاني اخبار ”هاري“ جو ايڊيٽر، ٻارڙن لاءِ جاري ٿيندڙ رسالي ”گلدستو“ جو پبلشر ۽ روزاني ”عوامي آواز“ جو ڪالم نويس پڻ هو. قاضي مقصود گل جي حياتي لڳاتار محنت ۽ جدوجهد ڪندي گذري. پاڻ زندگيءَ ۾ ڪيترائي ايوارڊ حاصل ڪيائين. (1) قومي گيتن جي مقابلي ۾ پهريون نمبر ماڻيندڙ گيت جي ٻولن تي کيس 1989ع ۾ پي.ٽي.وي ايوارڊ مليو. (2) مهراڻ آرٽ سرڪل نوابشاهه پاران 1997ع ۾ کيس ”بهترين شاعر“ جو ايوارڊ ڏنو ويو. (3) سنڌ چلڊرين اڪيڊمي خيرپور پاران کيس ٻاراڻي ادب ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏيڻ تي ”سنڌ چلڊرين اڪيڊمي ايوارڊ“ ڏنو ويو. (4) سچل يادگار ڪاميٽي خيرپور، پاران کيس 2000ع ۾ ”سچل سرمست ايوارڊ“ ڏنو ويو. (5) عباسي ڪلهوڙا تنظيم، سنڌ پاران، کيس 2001ع ۾ ”ڊاڪٽر تنوير عباسي ايوارڊ“ ڏنو ويو. (6) شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي سچل چيئر پاران سچل سرمست رح جي فارسي ڪلام جي، ڪامياب منظوم اردو ترجمو ڪرڻ تي، کيس ”سچل چيئر ايوارڊ“ ڏنو ويو. (7) حامي يادگار ڪاميٽي خيرپور پاران، ڊاڪٽر عطا محمد ”حامي“ جي ڪيل تحقيقي ڪم جي ڪامياب سهيڙ جي حوالي سان خدمتون سرانجام ڏيڻ تي کيس ”حامي ايوارڊ“ ڏنو ويو. (8) انٽرنيشنل صوفي ڪائونسل پاران، سچل سرمست رح جي فارسي ڪلام جي ڪامياب منظوم اردو ترجمو ڪرڻ تي کيس ”انٽرنيشنل صوفي ايوارڊ“ ڏنو ويو. (9) سرهاڻ ويلفيئر سوسائٽي سنڌ پاران، زندگي ڀر جي قلمي حاصلات تي کيس ”سرهاڻ لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ“ ڏنو ويو. (10) اڪامي ادبيات پاڪستان پاران، زندگي ڀر جي ادبي حاصلات تي کيس ”اڪادمي ادبيات پاڪستان لائيف اچيومينٽ ايوارڊ“ ڏنو ويو.
قاضي مقصود جي ڪيل خدمتن ۽ سندس شخصيت بابت، عاشق منگي لکي ٿو ته: ”قاضي مقصود گل، بلند اخلاق جو مالڪ هو. مون کيس سڀني جو همدرد ڏٺو... برد بار۽ سنجيده هو. سيد احمد شاهه عرف ”استاد “ بخاري، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالجميد سنڌي ۽ عطا محمد حاميءَ جو پروانو هو... قاضي ”گل“ جي سنڌ ۽ سنڌ جي پورهيت ماڻهن سان وابستگيءَ کيس نرم دل، ذميوار ۽ اڻٿڪ ليکڪ، شاعر ۽ دانشور بڻايو”.(18) قاضي مقصود گل جي شاعريءَ ۾ ساڻيهه سان سڪ، ملڪ سان محبت، محبوب ماروئڙن سان موهه ۽ پريم نظر ايندو آهي. سندس استعمال ۾ آيل هر لفظ ملڪ دشمن عنصرن خلاف جنگ جو اعلان ڪندي نظر ايندو آهي. قاضي مقصود شخصي طور تي هڪ مهربان انسان هو جنهن نه رڳو پنهنجي اولاد جي تربيت ڪئي پر شاعريءَ جي وسيلي قوم ۽ قوم جي ٻچن جي به خدمت ڪئي. پيار ۽ پريت، عزت، شفقت ۽ محبت ڏئي پراون کي پنهنجو بڻائيندڙ قاضي مقصود گل، 65 ورهين جي ڄمار ۾، ڇنڇر، 14 فيبروري 2015ع تي هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪيو. سندس وڇوڙي سموري سنڌ کي سوڳوار بڻايو. سندس وڇوڙي تي ڏک جو اظهار ڪندي، برڪت جيهي لکيو آهي ته: ”مقصود گل صاحب سنڌي ادب جي گرنار جو سهڻو گل هو، جيڪو هميشه لاءِ گلن جي لڙيءَ مان ڇڄِي، مٽيءَ ماءُ حوالي ٿي ويو”.(19)
حوالا:
1. گل، مقصود. رت ڀنا رابيل. رتوديرو: سنڌڙي ڪتابي سلسلو. ڇاپو پهريون، 1991ع، ص 9
2. گل، مقصود. اکڙيون نيل ڪنول. حيدرآباد: سنڌي ادبي بورڊ. ڇاپو پهريون، 2014ع، ص 31
3. قاضي، ياسر. ”گل“ ڇنو گرنار جو. ڪراچي/رتوديرو: سنڌڙي ڪتابي سلسلو. ڇاپو پهريون، 2015ع، ص 77
4. ايضا، ص 71
5. کهڙو، منظور حسين، پروفيسر. شاعراڻو اڀياس. ڪراچي: شاهه حسين اڪيڊمي. ڇاپو، مئي 2010، ص 248
6. قاضي، ياسر. ”گل“ ڇنو گرنار جو. ڪراچي/رتوديرو: سنڌڙي ڪتابي سلسلو. ڇاپو پهريون، 2015ع، ص 120
7. گل، مقصود. اکڙيون نيل ڪنول. حيدرآباد: سنڌي ادبي بورڊ. ڇاپو پهريون، 2014ع، ص 54
8. ايضا، 160
9. کهڙو، منظور حسين، پروفيسر. شاعراڻو اڀياس. ڪراچي: شاهه حسين اڪيڊمي. ڇاپو، مئي 2010، ص 248
10. گل، مقصود. اکڙيون نيل ڪنول. حيدرآباد: سنڌي ادبي بورڊ. ڇاپو پهريون، 2014ع، ص 174
11. ايضا، ص 25
12. گل، رضوان. ساهت ڏاهه جا سرجڻهار. لاڙڪاڻو: ڏاهپ پبليڪيشن. ڇاپو پهريون، 2011ع، ص 105
13. ايضا، ص 105
14. گل، مقصود. رت ڀنا رابيل. رتوديرو: سنڌڙي ڪتابي سلسلو. ڇاپو پهريون، 1991ع، ص 50
15. ايضا، ص 82
16. داس، ٺاڪر. ماهوار، ”نئين زندگي“ حيدرآباد. شمارو، 6،7 جون، جولاءِ 2005، ص 53
17. جميل الزمان، مخدوم. سه ماهي، مهراڻ. حيدارآباد: سنڌي ادبي بورڊ، جنوري - مارچ، 2012،1ع، ص 25
18. منگي، عاشق. اکئين ڏٺم جو. قنبر: ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي، ڇاپو پهريون، آگسٽ 2017ع، ص 126
19. قاضي، ياسر. ”گل“ ڇنو گرنار جو. ڪراچي/رتوديرو: سنڌڙي ڪتابي سلسلو. ڇاپو پهريون، 2015ع، ص 141
ميين شاهه عنات رضوي جي شاعريءَ جو جائزو
ABSTRACT:
Shah Inayatullah was a classical poet in as much as he used the classical Sindhi idiom and employed the classical forms of Sindhi Bait and Waee or kafi in his poetry. Yet he heralded a new era in the domain of Sindhi poetry by combing the poetic contents of the age-old bardic tradition and the more cultivated spiritual thought of the sufi sent poets. Prior to this, Sindhi poetry had been nurtured by country bards and professional minstrels to commemorate the velour of hero’s in wars or the munificence of the generous in peace and to entertain the people by composing and singing their fold tales and pseudo-historical romances.
شاهه عنات رضوي سن 1621ع ڌاري ڄائو. شاهه عنات الله رضوي خاندان جو چشم و چراغ هو. هن سادات خاندان هجري ڇهين صديءَ ۾ بکر ۾ سڪونت اختيار ڪئي. ٻن، ٽن صدين کان پوءِ اتان هڪ شاخ لڏي نصرپور ۾ آئي. ميون شاهه عنات جي والد جو نالو شاهه نصيرالدين هو. شاهه عنات کيس ٻڍاپڻ ۾ ڄائو. شاهه عنات ڪلهوڙن جي اوائلي دؤر جو شاعر هو. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو همعصر هو. جڏهن شاهه ڀٽائي 23 سالن جو هو ته شاهه عنات رضوي وفات ڪري ويو. شاهه عنات رضوي پنهنجي دؤر جو هڪ وڏو شاعر هو. شاهه عنات رضويءَ بابت ميان مير چانڊيو لکي ٿو ته: ”شاهه عنات بکر جي رضوي ساداتن مان هو. پاڻ 1621ع ڌاري ڄائو. وقت جي دستور موجب فارسي تعليم حاصل ڪيائين. روحانيت جي لحاظ کان سندس والد جي مرشد شاهه خيرالدين جو مريد هو. ان جي زيارت لاءِ بار بار سکر ويندو هو. پاڻ 1721ع ڌاري وفات ڪيائين. لطف الله قادريءَ کان پوءِ هن دؤر جو وڏو شاعر شاهه عنايت رضوي ئي آهي. جنهن جو مڪمل رسالو سر وار مليو آهي. سندس رسالي جا 22 سر يا موضوع آهن. جنهن ۾ 471 بيت ۽ 40 وايون آهن. سندس رسالو ڊاڪٽر نبي بخش مرتب ڪيو آهي. سندس ڪلام ۾ تصوف جي ذڪر سان گڏ حسن و هجر ۽ وصال جو بيان به دلگداز انداز ۾ ملي ٿو”.(1)
شروعات ۾ شاهه عنات رضوي جو ڪلام رسالي جي صورت ۾ ڇپيل ڪو نه هو. تنهن سبب سندس ڪلام گھڻو وقت هڪ محدود دائري ۾ رهيو. ڪن ٻين بزرگن جي رسالن ۾ پڻ سندس ڪلام گڏجي سڏجي ويو. سندس ڪلام ۾ سر وار شاعري ٿيل آهي. جيڪا ڏاڍي اهم آهي. سندس شاعريءَ ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي واري جھلڪ آهي. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر نبي بخش جي حوالي سان لکيو آهي ته : ”عام سنڌي داستانن ۽ مشهور عنوانن جي تاڃي پيٽي ۾ اڻيل سر وار بيتن ۽ واين جي سٽاءَ ۾ سمايل شاعريءَ جي سنواريندڙن ۽ سينگاريندڙن ميين شاهه عنايت رضوي ۽ شاهه عبداللطيف جو شرف مڙني کان مٿانهون آهي. ٻئي هن نئين تاريخ ۾ ڀائيوار آهن”.(2) شاهه عنات هڪ وڏو شاعر هو. جنهن وٽ فڪر ۽ فن جا خزانا آهن. شاهه ڪريم ۽ شاهه لطيف جي دؤر کي ڳنڍيندڙ ڪڙي آهي. شاهه عنات رضوي پنهنجي ڪلام ۾ نالو ”عنايت“ ڪري ڪم آندو آهي. سندس ڪلام ۾ بيش بها حڪمت جا خزانا لڪيل آهن. سندس ڪلام ۾ روحاني رمزون سمايل آهن. شاهه عنات رضويءَ جي باري ۾ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لکي ٿو ته: ”شاهه عنات رضوي شاعراڻي ڏات ۽ بلند خيالات سبب هڪ اهم شاعر آهي. جنهن جو ڪلام اڄ اسان وٽ سرن جي ترتيب سان موجود آهي. ان لحاظ کان به هي شاعر اوليت جو درجو رکي ٿو“.(3)
ميين شاهه عنات رضوي جي ڪلام ۾ تصوف به سمايل آهي. هي پهريون شاعر آهي جنهن سنڌ جي نيم تاريخي داستانن کي پنهنجي اظهار جو موضوع بڻايو. انهن ۾ هن پنهنجي خيالن جي اپٽار ڪئي. شاهه عنايت جو ڪلام اعليٰ شاعريءَ جا سڀ لوازمات پورا ڪري ٿو. سندس رسالي ۾ 22 سر آهن. شاهه عنايت رضوي جي سر ڪلياڻ بابت ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لکي ٿو ته: ”عام دستور موجب شاهه عنايت رضوي سر ڪلياڻ ۾ ڌڻيءَ جي ساراهه ڪئي آهي. رب جي عظمت جا گڻ ڳايا آهن. ان سلسلي ۾ هو ڪائنات جي وسعت ۽ الله جي احسانن بابت چوي ٿو ته:
سائر لهريون ريج وڻ، جيئنءَ سي پکين پک،
وڏا وڻ ويڙين ۾، ڪير ڳڻيندو ڪک،
اونهو ڏيهه عظيم جو، پييم تان نه پرک،
تهان مٿي لک، آءٌ ڀال ڀلي جي ڀانئيان.“ (4)
ميين شاهه عنات رضوي پنهنجي شاعريءَ ۾ محبت کي موضوع بڻايو. سندس شاعريءَ ۾ انتها درجي جي دلڪشي سمايل آهي. شاهه عنايت رضويءَ جي شعرن ۽ شاهه عبداللطيف جي شعرن ۾ ڪافي هڪ جھڙائي آهي. انهيءَ هڪ جھڙائيءَ متعلق اڪبر لغاري صاحب، پير حسام الدين راشديءَ جي حوالي سان لکي ٿو ته: ”شاهه عنات ۽ شاهه لطيف شعر ۾ هڪ ئي رستي تي هليا آهن. اها ئي ٻولي، ساڳئي پابندين ۽ خيالن جي هڪجھڙائي توڙي دلڪشي بيتن کي شاهه لطيف وانگر هن به مختلف سرن ۾ تقسيم ڪيو آهي. سنڌ جي عشقيه داستانن کي شعر کي استعمال ڪيو آهي”.(5)
شاهه عنات، شاهه لطيف جي همعصر شاعرن ۾ سڀني کان وڌيڪ سٺو شعر چيو آهي. جنهن جو اثر خود شاهه لطيف ورتو آهي. سندس شاعريءَ بابت اڪبر لغاري لکي ٿو ته: ”شاهه عنايت جي شاعريءَ ۾ تصوف جا نقطا نهايت شاعراڻي نزاڪت سان بيان ڪيل آهن...شاهه عنايت محبت کي ڏاهپ تي ترجيح ڏني آهي. ان حقيقت بابت شاهه عنايت چوي ٿو ته:
ڪرڙا ڏونگر ڪهه گھڻي، برپٽ بيريان،
ات ڏاهن ڏاهپ وسري، حريفن حيران،
سسئي لنگھيو سيد چئي، تن کي ڪانهي باڪ بهير ۾”.(6)
ميون شاهه عنات رضوي حسن، عشق ۽ وصال جو شاعر آهي. سندس ڪلام انتهائي رنگين ۽ پرسوز آهي. جنهن ۾ انتهائي دلڪشي ۽ رعنائي آهي. سندس شاعري جديد دؤر جي رومانوي شاعريءَ جهڙي آهي. شاهه عنات جي شاعريءَ جي هر صنف ۾ هڪ نئون موضوع آهي. جنهن ۾ عشق، مشق ۽ محبوب آهي. سندس شاعريءَ متعلق اڪبر لغاري لکي ٿو ته: ”تصوف کان علاوه شاهه عنايت جي بيتن ۾ حسن، عشق، فراق ۽ وصال به انتهائي دلڪش ۽ پرسوز انداز سان بيان ڪيل آهي. پاڻ فرمائين ٿا ته:
گل بدن جو گجريون، ارم اوڍيائون،
چوٽا تيل ۾ ڦليل سين، واسينگ ويڙهيائون،
مشڪ محبت پاڻ ۾، لڱين لاتائون،
اهڙي پر عنايت چوي، راڻو رانيائون،
سو موٽي ڪيئن پاهون، جو وڃي ڪاڪ ڪڪوريو”.(7)
ميون شاهه عنات رضوي ڪائنات جي تخليق ۽ اسرار بابت پڻ شعر چيا آهن. جيئن ته هيءَ ڪائنات لا محدود آهي ۽ هن ۾ اسرار به لامحدود آهن. سندس تخليق هر دؤر ۾ هڪ وڏو سوال رهي آهي. هزارن سالن کان وٺي انسان ڪائنات جي تخليق تي اظهار ڪندا آيا آهن. ان متعلق سوچيندا آيا آهن. پنهنجن پنهنجن عقل فهم ۽ ادراڪ آهر جواب ڳولهيندا رهيا آهن. انهن اسرارن جي ڳولها ۽ تخليق بابت هڪ شعر آهي جيڪو ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي پنهنجي ڪتاب ۾ هن ريت لکيو آهي. الست جي اسرار ۽ ڪائنات جي تخليق بابت چوي ٿو ته:
الست ارواحن کي، جڏهن جاڳايو جبار،
رڙهي رهبر رسيا، سي سل مون نبي يار،
ملڪين ڦلڪين پڌرا، اگي ڪيا اظهار،
ساڪن ڪيا ستار، اوڏا سين عنايت چئي”. (8)
شاعرَ فطري نظارن سان محبت ڪندا آهن. هو سدائين فطرت جو مشاهدو ڪندا رهندا آهن. سماج جي حالتن جو پنهنجي شاعريءَ ۾ ذڪر ڪندا آهن. شاهه عنات به پنهنجي شاعريءَ ۾ هارين، نارين ۽ پورهيتن جو ذڪر ڪيو آهي. جو انهن جو مقصد هوندو آهي ته انهن جي زندگيءَ ۾ ڦيرو ۽ چاڙهو اچي. شاهه عنات پنهنجي دؤر جي حالتن جو ذڪر ڪيو آهي. انهن متعلق اڪبر لغاري لکي ٿو ته: ”شاهه عنات رضوي ان وقت جي سماجي حالتن جو به سٺو عڪس ڇڪيو آهي. سندس هي بيت انهيءَ ڳالهه جي شاهدي ڏئي ٿو.
پپيهل پتو هيون، تاڙي ڪئي تنوار،
هارين هر سنڀايا، سرها ٿيا سينگار،
لاهي ڏک ڏاتار، الاهي عنايت چوي”.(9)
ميون شاهه عنات رضوي جيئن ته گھڻو عرصو اوجھل رهيو. ڇو ته سندس رسالو ڇپيل حالت ۾ سنڌي ماڻهن اڳيان ڪو نه آيو هو. البته شاهه لطيف جي رسالي ۾ گڏجي سڏجي ويو هو. جنهن کي بعد ۾ عالمن، سوڌي، سموهي الڳ ڪري شاهه عنات رضوي جو ڪلام ڇپايو. جڏهن اهو ڪلام عوام آڏو آيو ته ماڻهو سوچڻ لڳا ته شاهه لطيف جي همعصر شاعرن به شاهه لطيف جهڙي ئي شاعري ڪئي. اها ٻي ڳالهه آهي ته شاهه لطيف جي ڪلام کي عوام ۾ پذيرائي ملي. شاهه لطيف جو ڪلام جھرجھنگ ڳايو وڄايو ويو. ان جي ڀيٽ ۾ سندس همعصر شاعر خاص ڪري شاهه عنات رضوي ڄڻ ته شاهه لطيف جھڙي مقبوليت ۽ قبوليت ماڻي نه سگھيو. خانبهادر محمد صديق ميمڻ لکي ٿو ته: ”شاهه عنات رضوي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو همعصر هو. سندس ڪلام شاهه صاحب جي ڪلام سان خلط ملط ٿي ويو آهي. خبر نه ٿي پوي ته ڀٽائي جو ڪلام ڪهڙو ۽ عنات جو ڪهڙو؟ سندس حياتيءَ جو مفصل ذڪر به ڪٿان دستياب نه ٿيو آهي. باقي سندس مقبرو نصرپور، ضلعي حيدرآباد ۾ آهي. جتي ڪيترائي ماڻهو زيارت لاءِ ويندا آهن”.(10)
مٿين حوالي جي روشني مان خبر پوي ٿي ته ميون شاهه عنات رضوي جو ڪلام ۽ شاهه عبداللطيف جو ڪلام پاڻ ۾ گڏجي سڏجي ويو هو. جنهن کي بعد ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، الڳ ڪري شاهه عنات رضويءَ جو ڪلام ڇپايو. ميون شاهه عنات رضوي پنهنجي دؤر جو وڏو قادرالڪلام شاعر هو. جنهن جي ڪلام ۾ شاهه عبداللطيف جي ڪلام وانگر رعنائي هئي. هي پهريون شاعر هو جنهن سرن جي ترتيب آهر شاعري ڪئي. سندس شاعري ان دؤر جي مروج صنفن ۽ هنر مطابق ۽ سندس ڪلام ان دؤر جي تقاضائن مطابق هو. ميون شاهه عنايت جي ڪلام بابت ميمڻ عبدالمجيد سنڌي لکي ٿو ته: ”سندس ڪلام ۾ سنڌ جي معاشي ۽ معاشرتي حالتن جو عڪس به ملي ٿو.
جھڙا ڪرڙ ڪڪورئا، تهڙيون لويون رس لڱن،
هيڪانديون ٿي هليون، پسيءَ کي پڪن،
ميڙين ڏٿ ملير ۾، سدا ساڻهه ڪن،
تني جي پکي، عمر! اڪنڊي آهيان”. (11)
مٿين بيت جي روشنيءَ ۾ اسان کي خبر پوي ٿي ته اسان جي اساسي شاعرن کي به سنڌ جي معاشي ۽ معاشرتي حالتن جو اونو هو. جنهن سبب هن وقت بوقت اهڙو اظهار پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪيو آهي. جهڙيءَ طرح ميون شاهه عنات رضويءَ پنهنجي مٿئين بيت ۾ اظهار ڪيو آهي. مٿئين بيت ۾ ملير جي مارن جي حالت جو ذڪر ٿيل آهي ۽ هو ڏٿ ڏورين ٿا. هنن جو کاڌو ۽ ميوا، پسي ۽ پڪا آهن. جيڪي ٿر ۾ عام جام ٿين ٿا.
ميون شاهه عنات ۽ شاهه لطيف جي ملاقات جو ذڪر اڪثر ٿيندو رهيو آهي. سندس ملاقات بابت ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي حوالي سان هڪ روايت بيان ڪندي لکي ٿو ته: ”هن روايت موجب، شاهه لطيف جي ساڻس ملاقات ٿي هئي. جيڪڏهن اها ڳالهه سچي آهي ته پوءِ ان ملاقات وقت شاهه لطيف جي جواني هوندي ۽ شاهه عنايت وڏي عمر جو هوندو”.(12)
روايتن ۾ ايتري قدر آيل آهي ته ميون شاهه عنات رضوي ۽ شاهه لطيف جي پهرين ملاقات جڏهن ٿي هئي تڏهن شاهه عنايت موٽيل وهيءَ جو هو. شاهه لطيف ڇهن ستن ورهين جو هو. جڏهن شاهه عنايت وفات ڪئي ته ان وقت شاهه صاحب ڦوهه جوانيءَ ۾ هو. شاهه عنات جي نعتيه ۽ مدحيه شاعريءَ متعلق ميمڻ عبدالمجيد لکي ٿو ته: ”نعتيه ۽ مدحيه شاعريءَ جو مضمون سڀ کان اول شاهه عنايت رضويءَ جي واين ۾ ملي ٿو. سندس زندگيءَ جو احوال اڳ اچي چڪو آهي. هت سندس اهڙي هڪ وائي نموني طور هيٺ ڏجي ٿي.
ٿل: منهنجي سيد لهندو سار،
مون کي آهي اميد الله ۾
امت ڪارڻ احمد اچي، پرمل پاڪ پسندو،
مون کي آهي اميد الله ۾”.(13)
ميون شاهه عنات سنڌيءَ جو پهريون شاعر آهي، جنهن رسالي جي روايت قائم ڪئي. رسالي جي اها روايت هوندي آهي ته ان ۾ مختلف سرن هيٺ بيت ۽ وايون هونديون آهن. هر هڪ سر هڪ کان وڌيڪ فصلن (بابن) ۾ ورهايل هوندو آهي. هر هڪ فصل ۾ پهريون بيت هوندا آهن ۽ پڇاڙيءَ ۾ وايون هونديون آهن. شاهه لطيف ۽ شاهه عنات جي رسالي ۾ لڳ ڀڳ ساڳيا سر آهن. ڪا ٿوري ڦيرڦار آهي. شاهه عنايت جي رسالي ۾ ”سر جمن“ آهي پر شاهه لطيف جي رسالي ۾ ”سر يمن ڪلياڻ“ آهي. شاهه عنات جي ڪلام ۾ سنڌ جي معاشي ۽ معاشرتي حالتن جو احوال ملي ٿو. سنڌ جي رهڻي ڪهڻيءَ جي تصوير چٽيل آهي. شاهه صاحب پڻ ساڳيو روپ اختيار ڪيو آهي.
حوالا:
1. چانڊيو، ميان، مير. سنڌي ادب جي تاريخ. ڪنڊيارو: روشني پبليڪيشن. ڇاپو پهريون، 2007ع، ص 29
2. جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر. سنڌي ادب جي مختصر تاريخ. ڪنڊيارو: روشني پبليڪيشن. ايڊيشن ٽيون، 1994ع، ص 72
3. ايضا، ص 72
4. ايضا، ص 73
5. لغاري، اڪبر. سنڌي ادب جو مختصر جائزو. ڪنڊيارو: روشني پبليڪيشن. ڇاپو سورهون، 2013ع ص 44
6. ايضا، 44
7. ايضا، 44
8. جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر. سنڌي ادب جي مختصر تاريخ. ڪنڊيارو: روشني پبليڪيشن. ايڊيشن ٽيون، 1994ع، ص 73
9. لغاري، اڪبر. سنڌي ادب جو مختصر جائزو. ڪنڊيارو: روشني پبليڪيشن. ڇاپو سورهون، 2013ع ص 45
10. ميمڻ، محمد صديق، خانبهادر. سنڌ جي ادبي تاريخ. ڄامشورو: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، يونيوريٽي آف سنڌ. ايڊيشن چوٿون، 2000ع، ص 170
11. ميمڻ، سنڌي عبدالمجيد، سنڌي. سنڌي ادب جو تاريخي جائزو. حيدرآباد: سنڌي ساهت گھر. 2000ع، ص 70
12. ايضا، ص 71
13. ايضا، ص 86
نواز علي ”نياز“ جعفريءَ جي شاعري جو اڀياس
Abstract:
نواز علي ”نياز“ جي سفر حيات تي نظر ڪجي ته، سندس نالي سان گڏ سن لکيو وڃي ٿو 1892ع کان 1959ع. سنڌي ادب جي تاريخ ۾ نواز علي ”نياز“ جعفريءَ جو دؤر عروضي شاعريءَ جو دؤر هو. ”نواز علي ”نياز“ جعفريءَ جي شعر جو اڀياس، سندس دؤر جي ادبي تاريخ جي روشني ۾ پيش ڪجي ته وڌيڪ مناسب ٿيندو ۽ سندس شعر جو جائزو وٺڻ ۽ نتيجا اخذ ڪرڻ ۾ سهنجائي ٿيندي. هن دؤر کي جيڪڏهن عروضي شاعريءَ جي تحريڪ جو دؤر چئجي ته بي جا نه ٿيندو. هن دؤر ۾ علم عروض، تحريڪ جي صورت اختيار ڪئي ۽ جمعيت الشعراءِ ۽ ان سان الحاق رکندڙ مشاعرن، هن تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو.عروضي شاعريءَ جي مختلف صنفن خاص ڪري غزل ترقي جا ڏاڪا چڙهيو. جيڪڏهن هن دؤر جي شاعريءَ جو جائزو وٺجي ته معلوم ٿئي ٿو ته:
1. هي دؤر جي غزل ۾ قافيه پيمائي جو دؤر هو ۽ قافيا پيمائي تي زور ڏنو ويندو هو. هڪ طرح قافيو ان جو هڪ اعليٰ معيار ۽ اهم پيمانو هو.
2. سنڌي شاعريءَ ۾ اردو شاعريءَ جو عمل دخل هو. ڪيترن ئي شاعرن، اردوءَ جي شاعرن جھڙوڪ طفر، ذوق ۽ داغ جو سڌو سنئون اثر قبوليو. هن دؤر تي اردو شاعرن جو ڌاڪو ڄميل هو.
3. مبالغي آرائي جو حد کان وڌيڪ استعمال ٿيندو هو. اهو ئي سبب آهي جو، هن دؤر جي شاعريءَ ۾ بي اثر، اڻ سهائيندڙ ڳالهيون عام هونديون هيون ۽ وڏي چاهه سان، چاشني ملائي پيش ڪيون وينديون هيون.
4. هن دؤر جو شعر نفيس مضمون کان عاري ملي ٿو. ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا شاعر هئا، جن جو شعر ٻه واٽي تي بيٺل هو، يعني انهن ۾ مٿين ڳالهين جو استعمال به هو، ته انهن کان بغاوت به هئي، يعني، انهن جو شعر قدامت پسند به هو ته منجھن جدت جو عنصر به هو. اهڙا شاعر به وري ٻن قسمن جا هئا. هڪڙن جي شعر ۾ قدامت وڌيڪ ۽ جدت جو عنصر نالي ماتر هو. ٻين شاعرن جي شعر ۾ قدامت ۽ جدت برابر برابر هئا.
چوٿين نقطي موجب، نواز علي ”نياز“ جو شمار ٻئي قسم جي شاعرن ۾ هو، يعني وٽس قدامت به هئي ته جدت هئي. پاڻ جدت کي ترجيح ڏنائين. اڄ به سندس نالو جدت پسند شاعرن ۾ ليکيو وڃي ٿو. انهن، ڏينهن ۾ جدت واري واٽ گھڙڻ يا نئون رستو اختيار ڪرڻ وڏي دليريءَ جو ڪم هو، ڪي ٿورا شاعر هئا، جن اهڙو رستو اختيار ڪيو. نواز علي ”نياز“ جعفري اهڙن شاعرن جي پهرين صف مان هو.
نواز علي ”نياز“ جعفري، ڪيترين ئي مروج روايتن کان باغي ملي ٿو. هن وٽ اردوءَ جي شاعرن جي تقليد نه ٿي ملي، نه وري هو ڪنهن کان متاثر ٿو ملي. سندس انداز پنهنجو اصلوڪو يا داخلي آهي ۽ همعصرن جي ڀيٽ ۾ نرالو آهي. هو مبالغي آرائي کان پاسيرو آهي، جڏهن ته انهيءَ زماني ۾ مبالغي آرائي کي فن جي حيثيت حاصل هئي، تنهن ڪري ان کي هٿان به نه ڇڏيو اٿس. سندس ڪلام نفيس مضمون سان ڀريو پيو آهي. هي شعر ئي کڻي ڏسجي:
“انــصـاف ســان جــنــت جــو مان، حقدار نه آهيان
بــخــشــي نــه ســگهيــن، اهــڙو گنهگار نــه آهيان
هستـي ٿـي سڄـو خـواب، پيان مئي به تڏهن ٿو،
ٿـيــنـدو نــه ڪــڏهــن ڏوهـه جـو، بيـــدار نـه آهيــان”.(1)
شعر ڪيترو نه حقيقت جي ويجھو آهي. روزيءَ جي لاءِ ماڻهوءَ کي ڪيترا نه جتن ڪرڻا پون ٿا. انهيءَ لاءِ انسان کي اهڙا ڪم ڪرڻا پون ٿا جيڪي سندس شان ۽ مان وٽان ناهن. کيس روزي حاصل ڪرڻ لاءِ هٿ ٽنگيندو ڏسي، انسان ۾ سمايل خودي ختم ٿيندي ڀاسي ٿي ۽ هن کان اهو سَٺو نه ٿو ٿئي. سندس انسان دوست دل تڙپي اُٿي ٿي. چوي ٿو ته:
“پاڻ کي ڇو رزق جي لئه ٿو نوائين ايترو،
پنهنجي خود داري نه ڪر برباد دل جا پکي”.(2)
هي مثال ثابت ڪن ٿا ته ”نياز“ جو ڪلام انسانيت جي جذبي سان سرشار آهي. سندس شعر ۾ درد ڀريون ڪيفيتون، آهه و زاري بي انداز آهي. هن جو محبوب ٻيو ڪو نه، پر ڪائنات جو ڪارڻي محمدﷺ آهي. سندس عقيدو آهي ته اها ذات اقدس دنيا جا دک درد، ڏک ڏولاوا، ڏرت ۽ ڏڪر هٽائيندڙ ميٽائيندڙ آهي.
دُور هــڪ دم درد دل وارو ســردار ڪــر،
سار لهه دم دم دولاور، رحم ڪو هڪ وار ڪر.(3)
توڻي جو انهيءَ زماني ۾ گل و بلبل جو ذڪر شعر جو اصل پيمانو سمجهيو ويندو هو، تنهن زماني ۾ ”نياز“ پنهنجي شعر ۾ روايت کان بغاوت به ڪرڻ نه ٿي چاهي، نه وري جدت کان منهن موڙڻ ٿي چاهيو، تنهن ڪري سندس شعر ۾ ٻٽو تاثر آهي. اهو ئي سبب آهي جو وٽس گل و بلبل ۽ نرگس جو مضمون جدت سان ملي ٿو. اهڙو هڪڙو مثال هيٺ ڏجي ٿو.
دل چيو توبهه ڪيم، پر مون کي ناهي اعتبار
ڇو ته دل کــي مــون جــو آهـي آزمـايـو بار بار
نـــرگس بيـــمــار کي هيـڪر ڏسي جي باغ ۾
ڇا چوان ان دم وڌي ٿو منهنجي دل جو انتطار. (4)
ٻي ڳالهه سا اها آهي ته نواز علي ”نياز“ جنهن دؤر ۾ شعر جي دنيا ۾ کيڙيندي ملي ٿو، اهو، دؤر قومي بيداري جو دؤر هو، آزادي جون ڪيئي تحريڪون زور تي هيون، پوءِ وري ورهاڱو ٿيو. هن خطي ۾ تمام گھڻي اٿل پٿل ٿي، يعني هي دؤر سياسي ۽ سماجي شعور جو دؤر هو. نواز علي ”نياز“ يقينن انهيءَ ۾ حصو ورتو ۽ قومي بيداري جو نوعيت جا شعر سرجيا اٿس. ”نياز“ جي شاعريءَ ۾ فلاح، اصلاح ۽ تنقيد جا ڀنڊار سمايل آهن:
ٿو ٿئي افسوس هر ڪنهن ڳوٺ جي حالت ڏسي،
هڪ طرف هاريءَ جي غربت ٻئي طرف محنت ڏسي،
ٿي لڳي حيرت زميندارن جي ڀي غفلت ڏسي،
عيش عشرت ۾ وڃائيندو سڄي دولت ڏسي،
جن کي ناهي تندرستيءَ سان گذارڻ جو خيال،
ڪئن ڪندا سي ڳوٺ پنهنجي جي سڌارڻ جو خيال. (5)
نواز علي ”نياز“ جعفري جي شاعريءَ ۾ گل و بلبل جو ذڪر به آهي، ته منجهس حسن جي پرشتش جو اظهار به آهي، مجازي عشق جي مام ۽ مهميزون به آهن، پر سندس شعر ۾ جيڪو رس ۽ رچاءُ آهي، سلاست، سنجيدگي۽ اظهار جي توانائي آهي، تنهن کي نظر انداز ڪرڻ نه گھرجي.
ڇڏي ويا مون کي غربت ۾ زمين وارا، زمان وارا
ڏســـي مــون تــي ستــارا ڀي کلــن ٿــا، آســمــان وارا
سدا منهنجي ئي گھر تي ڇو فلڪ بجلي ٿو ڪڙڪائي
رهــــن ٿــــا بـــــاغ عـــــالـــــم ۾، ٻيـــــا ڀـــي آشيـــــان وارا. (6)
سنڌ ڌرتي جي خمير ۾ تصوف جو رنگ رچيل آهي. عروضي شاعر هجي، عوامي شاعر هجي يا سگھڙ، سندس شعر تصوف جي رنگ ۽ انگ کان خالي ناهي هوندو. جيڪو به ساڃاهه وند شاعر هوندو، سندس شعر ۾ صوفياڻو عنصر ضرور سمايل هوندو. نواز علي ”نياز“ جي شعر ۾ صوفياڻو رنگ سمايل آهي. هن صافياڻه موضوعن کي جھڙي طرح غزل جي صنف ۾ نڀايو آهي، سو هڪ ڪارنامو آهي.
فنا ۽ بقا جو مسئلو، سنڌي صوفي شاعرن نهايت اثرائتي نموني بيان ڪيو آهي. شاهه لطيف ان کي هيئن بيان ڪري ٿو:
مرڻا اڳي جي مئا، سي مري ٿين نه مات
هـــوندا سي حيـــات، جيڻـــا اڳــي جي جيا. (7)
نواز علي ”نياز“ به هن مسئلي کي بيان ڪيو آهي، سندس بيان نيارو ۽ نرالو آهي. اهو هيئن آهي:
اڳي اجــل کــان فنــا ٿئي جو نفس کي ماري،
انهيءَ ئي موت ۾ ٿو زندگيءَ جو راز رهي. (8)
يعني مرڻ کان پهرين پنهنجي نفس کي ماري غيرفاني حياتي ماڻڻي آهي. صوفين پنجن شين کان سخت منع فرمائي. صوفي چون ٿا ته پنج شيون انسانيت جون دشمن آهن، تنهن ڪري انهن کان پاڻ بچائڻ گھرجي. جن مان هڪ آهي ڌن ۽ دولت. ان کي ساميءَ ”مايا جو موهه“ ۽ لطيف ان کي ”ڍونڍ“ ڪوٺيو آهي ۽ پري رهڻ جي صلاح ڏني آهي. نواز علي ”نياز“ به لطيفي واٽ جو پانڌيئڙو آهي، هو دنيا جي طلب کان پري رهڻ جي صلاح ڏيندي، چوي ٿو ته:
اي دل تون سدا رهج خبردار الهه لڳ،
دنيا جي نه تون رهج طلبگار الهه لڳ. (9)
ٻي، ”نفسياتي خواهش تي ضابطو رکڻ“، صوفي چون ٿا ته پاڻ تي ضابطو ضروري آهي. سامي ان کي ”ڪام“ ڪوٺيو آهي ۽ منع ڪيو آهي. شاهه لطيف نفسياتي خواهشن کي اٺ سان ڀيٽيو آهي. هي مضمون نواز علي ”نياز“ جعفري وٽ هن طرح ملي ٿو:
پنهنجي ٻيڙي درد جي دريا ۾ تون تاري ته سگهه،
جي بهادر آهين پنهنجي نفس کي ماري ته سگهه. (10)
لطيف چوڻي پاڻي جي قيد جي ڳالهه ڪندي چوي ٿو ته:
جهڙو قيد الماءِ، تهڙو بند نه ٻئو. (11)
هي مضمون نواز علي ”نياز“ جعفري وٽ هن طرح ملي ٿو:
جيڪي ٿيڻو آهي ٿي رهندو نه ٽهندو سو ڪڏهن،
جــو لکيو تـقـديــر سـو ميـٽـي يـا مسـاري تـه سـگهه. (12)
لطيف ڊگھا پير ڪري سمهي رهڻ کان منع فرمائي ٿو. ننڊ نڀاڳ جي نشاني آهي. تنهن ڪري ننڊ ايتري نه ڪجي. نواز علي ”نياز“ اها ڳالهه نرگس جي تشبيهه سان هن طرح بيان ڪري ٿو:
گلشن ۾ سبق اهڙو تون نرگس کان سکي ڇڏ،
جئن هوءَ ٿــي رهـي، رهـج تـون بيـدار الهه لڳ. (13)
لطيف ڇوي ٿو:
“سا سٽ نه سارين الف جنهن جي اڳ ۾”. (14)
يا
“سا سٽ ساريائون، الف جنهن جي اڳ ۾“ (15)
اها سٽ آهي ”الست به ربڪم“ انسان ازل واري ڏينهن وچن ڪري آيو، هن دنيا ۾ اچي، هُواهو وچن وساري ويٺو. لطيف انهيءَ ويسر جي ياد ڏياري ٿو. ساڳيو مضمون نواز علي ”نياز“ جعفري وٽ به ملي ٿو. هو ساڳي الست به ربڪم واري ڳالهه غزل وسيلي هن طرح بيان ڪري ٿو.
يـاد ڪـر انجام ڪهڙو تـون ڪري آئين اتي،
هاءِ دنيا ۾ اچي ويٺين وٺي تون پنهنجو راڳ. (16)
صوفي هن دنيا کي اجهاڳ سمنڊ سان تشبيهه ڏين ٿا. انسان جو جسم ان جيءَ اجھاڳ سمنڊ ۾ ٻيڙي مثال آهي. ڪڏهن وري اهي زندگيءَ کي ٻيڙيءَ جي پور سان تشبيهه ڏين ٿا. صوفي چون ٿا، جيئن ٻيڙيءَ جو پور ٿئي، جھٽ پل ۾ پار ٿئي، زندگي انهيءَ کن پل جي مثال آهي. نواز علي ”نياز“ وٽ به اهو ساڳيو مضمون ملي ٿو. انهيءَ مضمون کي هو هيئن بيان ڪري ٿو:
هڪ پراڻي تنهنجي ٻيڙي ٻيو نه سونهون سير جو،
سـمنـڊ سـورن جـو ڀلا تون ڪئن جھاڳيندين جھاڳ. (17)
هي ته ڪي ٿورڙا مثال آهن، جيڪي ويهارو غزلن مان ڪڍي نروار ڪيا ويا آهن. يقينن ٻيا صوفياڻه نڪتا، تشبيهون، تمثيلون ۽ اصلاح سندس شاعريءَ ۾ موجود هوندا.
هن مان معلوم ٿيندو ته، صوفياڻو مضمون نهايت مهارت سان غزل جي صنف ۾ آندو اٿس. هي جدت جو جديد انداز هو، جيڪو نواز علي ”نياز“ روايت ۾ آندو.
غزل جو خاص مضمون حسن ۽ عشق، هجر ۽ وصال جو بيان آهي. پر نواز علي ”نياز“ ان ۾ جدت آندي ۽ ٻين موضوعن جھڙوڪ: تصوف جي نڪتن ۽ معاشي، معاشرتي ۽ اقتصادي مسئلن کي به تغزل جي رنگ سان بيان ڪيو اٿس. سندس غزل ۾ تصوف جا نڪتا، اخلاقي هدايتون، معاشي ۽ معاشرتي مسئلا، اهڙي ته مهارت سان غزل ۾ آندا اٿس، جو غزل جو روح فنا نه ٿو ٿئي، ويتر غزل کي جلا بخشي ٿو.
تشبيهون ڏيڻ ۾ لطيف جو ڪو مٽ ڪونهي. هن لطيفي فڪر جي پانڌيئڙي غزل ۾ موزون تشبيهون ڏئي غزل کي رنگين بڻايو آهي.
حوالا:
1. سنڌي، عبدالغفور، ميمڻ. نواز علي نياز جعفريءَ جي شاعري. لاڙڪاڻو: سلاطين پبلڪيشن سولنگي ڳوٺ، ص 233
2. ساڳيو، ص
3. ساڳيو،ص 195
4. ساڳيو، ص
5. ساڳيو، ص 138
6. ساڳيو، ص 146
7. شاهه جي شاعري
8. ساڳيو، ص
9. ساڳيو، ص 222
10. ساڳيو، ص 224
11. شاهه لطيف جي شاعري
12. سنڌي، عبدالغفور، ميمڻ. نواز علي نياز جعفريءَ جي شاعري. لاڙڪاڻو: سلاطين پبلڪيشن سولنگي ڳوٺ، ص 224
13. ساڳيو، ص 222
14. شاهه جي شاعري
15. شاهه جي شاعري
16. سنڌي، عبدالغفور، ميمڻ. نواز علي نياز جعفريءَ جي شاعري. لاڙڪاڻو: سلاطين پبلڪيشن سولنگي ڳوٺ، ص 223
17. ساڳيو، ص 223
رئيس شمس الدين ”بلبل“ جون ادبي خدمتون
Literary Contributions of Raes Shamas-ud-din ”Bulbul”
(ع1857-ع1919)
Abstract:
One of the most eminent and prominent personality, Raes Shamas-ud-din ”bulbul“ is familiar in observations of literature, prose, writing and Journalism. His work for Sindhi literature and expertise in journalism is to save in golden words in history. He began his career as an Editor, in ”Al-Muawin”, the newspaper of Khan Bahadur Hassan Ali Effendi. He preached Nationalism in prose writing that made him familiar in history of literature. His interconnected skills of prose; poetry provided a unique and pioneer space in modern literature. Raes Shamas-ud-din ”Bulbl“ was known as an innovative poet, scholar, literature commandant and an educationalist. He wrote many books, but 38 of those were published, in which he has reflected circumstances of that time. He is known as ”Grand Father of Sindhi Literature and Journalism“ in history.
دادو ضلعي جي شهر ميهڙ جي مهڪ ڀري مٽي علم ۽ ادب جي حوالي سان سنڌ ۾ سر سبز خطي طور سڃاتي ويندي آهي. ميهڙ جي مردم خيز مٽيءَ مان جنم وٺندڙ عظيم هستين سنڌي ادب نثر توڙي نظم، ٻوليءَ جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. اهڙن باڪردار شخصيتن منجهان رئيس شمس الدين ”بلبل“ به هڪ هو. سندس ولادت 29 شعبان 1374 هجري بمطابق 21 فيبروري 1857ع ۾ بهادر خان شينو (ابڙو) جي گهر ۾ ٿي. بنيادي طور سندس وڏا بلوچستان جي شهر ڀاڳناڙيءَ جا رهواسي هئا. شمس الدين ”بلبل“ شروعاتي تعليم ڳوٺ گاهي مهيسر جي ديني درسگاهه مان حاصل ڪئي. جتي مولانا عصمت الله پيرزادو سندس استاد هو. ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ پاٽ شريف جي ديني مدرسي مان 1872ع ۾ فاضل جي سَند حاصل ڪيائين. پاٽ شريف ۾ دوران تعليم کيس علمي ڪمال سان گڏ ادبي ذوق ۽ سياسي مطالعي جو موقعو به مليو. سنڌي، اردو، عربي ۽ فارسي زبانن تي عبور حاصل هئس. ڪتابن پڙهڻ جو ايڏو ته ڪوڏيو هو جو اڪثر سندس ٿيلهي ۾ يا بستري ۾ ڪتاب موجود هوندا هئا.
لاهور، دهلي ۽ حيدرآباد دکن ۾ اٽڪل ڏهه سال صحافت جي شعبي سان منسلڪ رهندي، شمس الدين ”بلبل“ اخباري دنيا جي ماحول ۽ اخبار نويسيءَ جو فن سکي ورتو. پاڻ صحافت جي شروعات حسن علي آفنديءَ جي اخبار ”المعاون“ ۾ ايڊيٽر جي حيثيت سان ڪيائون. بعد ۾ شيخ عبدالعزيز جي اخبار ”الحق“ سکر، ”ڪراچي گزيٽ”، ”خيرخواهه“ لاڙڪاڻو، حاجي احمد ميمڻ جي اخبار ”آفتاب سنڌ“ ۾ پڻ ايڊيٽر طور خدمتون سرانجام ڏنائون. سندس سچائي، ايمانداري، محنتن، ڪوششن ۽ ڪاوشن جي ڪري کيس ”سنڌ جو سرسيد”، ”سنڌ جو حالي“ ۽ ”سنڌ جو اڪبر الله آبادي“ به سڏيو وڃي ٿو. سندس صحافتي خدمتن بابت پير علي محمد راشدي، پنهنجي ڪتاب ”اهي ڏينهن، اهي شينهن“ ۾ لکي ٿو ته “ اخبار نويسيءَ جي حوالي سان بلبل سنڌ اندر اخبار نويسي ۽ لٽريچر جو ڏاڏو آدم هو”. (1)
جڏهن سنڌ مدرسته السلام ڪراچيءَ جو ماهوار رسالو ”جامع العلوم“ ڪن سبب جي ڪري بند ٿيڻ تي هو ته سنڌ مدرسته السلام جي پرنسيپال مسٽر وائينسر، ”بلبل“ کي جامع العلوم جي ادارت لاءِ گذارش ڪئي. جيڪا هن قبول ڪئي.“بلبل“ مرحوم جي لکڻين جي ڪري ”المعاون“ ۽ ”جامع العلوم“ کي سنڌ ۾ وڏي پذيرائي حاصل ٿي. اها حقيقت آهي ته ”بلبل“ جنهن به اخبار يا رسالي ۾ ڪم ڪيو ان کي قلمي جادوءَ سان زمين کان آسمان تي کڻي ويو، مضمونن ۽ شعرن ۾ سندس ڪمال جو اهو مثال هو جو جن اخبارن يا رسالن ۾ اهي ڇپيا سي هٿوهٿ وڪامي ويا. صحافتي حوالي سان پير علي محمد راشدي لکي ٿو ته “ مون مرحوم کي اکين سان ڪو نه ڏٺو پر جڏهن اک پٽيم ته اهو ڏٺم ته هن مڙس جو ساريءَ سنڌ مٿان ڌاڪو ويٺل هو. جوءِ ۾ ٻيا به گھڻا ئي لکيل پڙهيل ماڻهو هوندا هئا پر ”بلبل“ جو مٽ ڪو نه هو. صحافت جي ٻيلي ۾ انهن ڏينهن ۾ ٻه شير ٻڌبا هئا. لاڙ ۾ محمد هاشم ”مخلص“ ۽ اتر ۾ شمس الدين ”بلبل”.(2)
سنڌين جي همدرد ۽ سنڌي قوم جي مصلح، رئيس شمس الدين ”بلبل“ جون ڪيل ادبي خدمتون، سنڌي ادب ۽ سنڌي صحافت جي تاريخ ۾ سونهري اکرن تي مشتمل باب ليکيا وڃن ٿا. هن جو هر ڪم پرخلوص ۽ اٽل ارادن جي پيروي ڪندي خدمت خلق ۾ شمار ٿئي ٿو. ”بلبل“ جو سنڌي صحافت ۾ مٿانهون درجو رهيو آهي. هن جي فنڪارانا ۽ ظريفانا صلاحيتن سندس صحافتي درجي کي بلند ڪيو. ڊاڪٽر عزيزالرحمان ٻگھيو پنهنجي پي، ايڇ، ڊي ٿيسز ۾ لکيو آهي ته “ رئيس شمس الدين ”بلبل“ نه رڳو صحيح معنيٰ ۾ هڪ صحافي نظر اچي ٿو پر طنز ۽ ظرافت جو پڻ باني ۽ نشو نما ڪندڙ جي حيثيت ۾ ملي ٿو. اهو به حسن اتفاق چئجي جو سنڌي صحافت ۾ ٻه ٻيون معروف هستيون مرحوم محمد هاشم ”مخلص“ ۽ مرحوم مولوي نور محمد نظاماڻيءَ جي صورتن ۾ تقريبن انهيءَ دؤر جي پيداوار هيون. جن پڻ ساڳين صنفن ۾ طبع آزمائي ڪئي ۽ وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي. مرحوم ”مخلص“ ته گھڻي ڀاڱي ۾ ”بلبل“ جو همعصر رهيو ۽ نظاماڻي نون سالن کان پوءِ اڀريو. ”بلبل”، ”مخلص“ ۽ ”نظاماڻيءَ“ جي باهمي نوڪ جهوڪبه رهي ۽ هڪ ٻئي تي حملا به ڪيائيون پر هنن ۾ فرق اهو هو جو بلبل جو درجو ان ڪري مٿانهون آهي ڇو ته هن پنهنجي فنڪارانا ۽ ظريفانا صلاحيتن کي مڪمل طرح قومي اصلاح جهڙي اعليٰ مقصد لاءِ وقف ڪيو ۽ ذاتيات کان پرهيز ڪئي.“ (3)
رئيس شمس الدين ”بلبل“ صحافي، ظرافت نگار ۽ شاعر سان گڏوگڏ هڪ بهترين نثرنويس پڻ هو. هو هڪ قومي درد رکندڙ انسان هو. وقت جي ادبي، سماجي، سياسي ۽ اقتصادي حالتن کي پنهنجي تحرير ۾ اهڙو ته فن سان قلم بند ڪيو اٿائين جو آئينو آڻي آڏو رکجي. ”بلبل“ جو نثر زور وارو هو، جنهن جي وسيلي هن اخباري دنيا ۾ هڪ نئين اسلوب ۽ طرز تحرير جو بنياد وڌو. ”بلبل“ نثر جي نموني مقفيٰ کي ترڪ ڪري، اخبار نويسيءَ لاءِ ڪنهن مناسب ڍنگ جي ضرورت محسوس ڪندي هڪ انوکو اسلوب اختيار ڪيو. ڊاڪٽر محمد ابراهيم ”خليل“ لکي ٿو ته ”“بلبل”، نثر نويس جي سليس ۽ سلوڻي طرز ايجاد ڪئي. حقيقت ۾ مرحوم شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ به هن طرز ۾ مرحوم ”بلبل“ جو ئي ٿو ڏسجي”.(4)
شمس الدين ”بلبل“ پنهنجي دؤر جو تمام مقبول شخص ٿي گذريو آهي. سندس مقبوليت جو اندازو ان مان لڳائي سگھجي ٿو ته سنڌ جي تمام وڏين ادبي هستين شمس الدين ”بلبل“ جي شان ۾ شاعري ڪئي آهي. انهن هستين ۾ مير عبدالحسين سانگي، مرزا قليچ بيگ، هدايت علي ”تارڪ“ نجفي، مولوي نور محمد نظاماڻي، شيخ محمد ابراهيم ”خليل”، جمعو خان ”غريب“ ۽ ٻيا شامل آهن. مرزا قليچ بيگ سندس شان ۾ هيٺيون فارسي شعر لکيو آهي.
شاعر، ملک سندهه شمس الدين،
کـــه ازو بــود عــالمي بـه شگفت.
ترجمو: شمس الدين سنڌ ملڪ جو شاعر هو، جنهن کان پوري دنيا واقف هئي.
بلبل، بود او که با منقار،
در معني عجيب او مي سفت. (5)
ترجمو: بلبل پنهنجي چهنب سان، لفظن جون تعجب ۾ وجھندڙ معنائون ڪڍيون.
مرحوم شمس الدين ”بلبل“ ظرافت، کل، ڀوڳ ۽ چرچي ۾ پنهنجو مقصد بيان ڪري ويندو هو. جنهن ۾ بظاهر ته کل ۽ مسخري لڳندي هئي پر ان ۾ هڪ ناصحانو انداز هوندو هو جيڪو سندس تحرير جي زينت بڻبو هو. هن پنهنجي دؤر جي سڀني مرضن، بدعتن ۽ سماجي براين تان پردو هٽائي نهايت ڪاريگري سان سندن اصلي رنگ ۾ اهڙو ته نروار ڪري عوام آڏو آڻيندو هو جو هر ڪو ڳالهه جي تهه تائين پهچي ويندو هو، پوءِ کلندي مشڪندي پنهنجي پنهنجي انفرادي ۽ اجتماعي اصلاح طرف متوجهه ٿيندو هو. ”بلبل“ هڪ تعميري مزاح نگار هو سندس مزاح جو انداز نرالو ۽ انفرادي هو. سندس مذاح متعلق محمد اسماعيل عرساڻي لکيو آهي ته :“بلبل پنهنجي نوڪ قلم سان خالص تعميري مزاح لکي ويو. سندس مضمون ۽ ظرافت سنڌي ادب ۾ لازوال حيثيت رکن ٿا. سندس نثر موزون، شائسته ۽ بليغ آهي”. (6)
شمس الدين ”بلبل“ شاعريءَ جي سلسلي کي نئون موڙ ڏيندي ظرافت کي پڻ جديد نوع ۾ نروار ڪيو. سندس ظرافت ۾ مزاح سان گڏ طنز جو عنصر به غالب آهي. جنهن ۾ جاءِ بجاءِ تعميري ۽ اصلاحي پهلو سمايل هو. هن معاشري تي ڀرپور طنز ڪري، ان جون خاميون وضاحت سان نروار ڪيون. سماج ۾ موجود اوڻايون ختم ڪرڻ لاءِ ”بلبل“ طنز و مزاح وارو رستو اختيار ڪري سماجي براين کي پاڙئون پٽڻ چاهيو. علم سان سنڌ جي هر فرد کي روشن ڪرڻ لاءِ خاص ڪري مسلمانن ۾ تعليم جي واڌاري لاءِ جاکوڙ ڪيائين. خانبهادر محمد صديق ميمڻ لکيو آهي ته :“بلبل“ جي ڪلام ۾ جا خصوصيات آهي سا آهي مذاق ۽ ظرافت......... سارو مذاقيه ڪلام اڻ سڌي طرح ناصحانو آهي”. (7)
دراصل مرحوم ”بلبل“ کي عملي ميدان ۾ آڻڻ لاءِ اهو درد ذميوار هو جو کيس سنڌي مسلمانن جي سماجي، اقتصادي ۽ تعليمي طرح پٺتي رهجي وڃڻ واري حقيقت مان پيدا ٿيو هو. مسلمانن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ ۽ سندن حقن جي حفاظت لاءِ مختلف اخبارن، رسالن، چوپڙين ۽ ڪتابن ۾ لکندا رهيا. نثر توڙي نظم ۾ بيداري ۽ سجاڳي سندن اولين ترجيح هئي. بزرگ مرحوم قاضي محمد انور پاٽائي، ”بلبل“ جي عظمت بيان ڪندي لکيو آهي ته : ”جيئن ناليواري فيلسوف جانسن، اسڪاٽ ۽ ٻين يورپ جي مشهور شخصيتن پنهنجي ناولن ۽ فلسفي ۽ حڪمت کي جاءِ ڏئي پنهنجي قوم ۾، جا فيشن جي دلداده ٿي چڪي هئي، هڪ وڏو انقلاب ۽ سڌارو آندو. تيئن ”بلبل“ جي ظرافتي مقالن ۽ تصنيفن جيڪو اخلاقي اثر پيدا ڪيو سو قوم جي سڌارڻ ۾ اسان جي ڊگهين تقريرن، تحريرن ۽ مضمونن ڪڏهن نه ڪيو”. (8)
شمس الدين ”بلبل“ سنڌي ادب جو هڪ اهو ستارو آهي جنهن طنز و مزاح واري انداز ۾ قومي تبليغ ڪئي. انسان دوست ”بلبل“ پنهنجي تحريرن ۾ مسڪين ماروئڙن جي اهنج ۽ احساس جي باقاعده ترجماني آهي. مرحوم“بلبل“ جو قومي ڪردار ”آفتاب سنڌ“ جي مرڪزي لائين مان پڌرو ٿئي ٿو. اڻويهين صديءَ جي آخري ڏهاڪي ۾ جڏهن مسلماني سوچ عروج تي پهتل هئي مختلف اخبارون پنهنجي نموني سنڌ جي پٺتي پيل مسلمانن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ ڪردار نڀائي رهيون هيون. ”ڪانگريس“ ۽ ”تحريڪ خلافت“ به زور وٺي رهيون هيون ته انگريز سرڪار دانشمندانه طور تي مختلف جماعتن ۽ زميندارن تي هٿ رکيو جيئن سندن حڪومت وڌيڪ وقت ڪڍي سگهي. ”بهرحال ”آفتاب سنڌ“ جي مرڪزي لائين اها هئي ته آزادي ته تمام چڱي ۽ ضروري شيءِ آهي پر اها هندن سان گڏجي حاصل ڪرڻ ۾ نقصان اهو ٿيندو ته زياده سجاڳ ۽ تعليم ۾ اڪثريت ۾ هئڻ ڪري هندو مسلمانن کي کائي کپائي ويندا. انگريز ته وري به ڌاريا هئا ۽ هڪ ڏينهن وڃڻا هئا پر هي هندو ته هتان جي مخلوق هئا. انهن مان جند ڇڏائڻ ۽ آزاديءَ جو صحيح ۽ مٺو ميوو کائڻ ٻٻرکان ٻير گهرڻ جي برابر هو. تنهن ڪري مسلمانن کي گهرجي ته پنهنجي مذهب ۽ معاشري جي مطابقت سان تعليم طرف توجهه ڏين. ان لحاّظ کان ڏٺو وڃي ته مسلم عليحدگي ۽ فرقيواريت واري پريس جو اصل خالق مرحوم ”بلبل“ هو”. (9)
“معاون“ اخبار ۾ ڇپجندڙ ظرافتي چٽڪا بعد ۾ ”آفتاب اخبار“ جا مستقل ڪالم بڻجي ويا. بعد ۾ ته وڃي ڪتابي صورت اختيار ڪيائيون. جن ۾ ”چٽ سوال، پٽ جواب“ 1903ع، ”آئينه تجارت، مائينه ظرافت“ 1904ع، ”لطائف و ظرائف“ 1908ع، ۽ ”گلزار لطائف“ 1910ع ۾ ڇپجي پڌرا ٿيا. طنز ۽ مزاح جي لحاظ کان سندس مشهور ڪتاب ”تيرنهن ڄار، مڪرن جا مار“ سڀني ڪتابن کان اڳ ۾ 1896ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو هو. ”بلبل“ جي چٽڪن ۾ رهائش جو مسئلو، ميلي ۾ کاڌ خوراڪ جو احوال، ميلن ۾ چوريءَ جو احوال، پوليس جو ڄار ۽ چٽ سوال، پٽ جواب سڀ کان وڌيڪ وندرائيندڙ ۽ کلائيندڙ تحريرون اٿس. سندس طنز ۽ مذاق جا ڪجهه مثال هيٺ ڏجن ٿا.
“هڪ مڪان ته سو مهمان، هڪ وڻ ته اسي انسان، هر اوطاق ۾ هر مذاق، جتي وڃ اتي پاسي پاسي پوش پوش وِسلا ڪڇ ۾، خانه بدوش. هڪ چار پائي ته پنج ڀائي. چٽائي بمنزل چارپائي، ساووڇائي ته سو لان هيٺ آئي”. (10)
“ڪنهن جي ڳنڍ ڪپي ته ڪنهن جو گهوڙو ئي گم، ته ڪنهن جو پٽڪو لنگي چٽ، ته ڪنهن جو اُٺ عدم، ڪنهن جي جوا ۾ هار، ته ڪنهن کي شرط جي مار، ڪنهن کي پير جي پچار، ته ڪنهن کي دعا جي ڌپاڙ، ڪنهن جي هڙ هلاڪ، ته ڪنهن جا پئسا پاڻيءَ ۾، ڪنهن جو داد نه فرياد، ڪنهن جو، ڌڻي نه ڌياڻي، ڪنهن جو بغچو بيران، هميشه هڪ نه هڪ جان جو ضرور ٿئي نقصان، ڪو نه ڪو مڙيو ئي ڇيهو، نه سنوڻ جو نه ساٺ جو، نه گهر جو نه گهاٽ جو”.(11)
شمس الدين ”بلبل“ جي نثر توڙي نظم ۾ طنز و مزاح کان علاوه جيڪا سنجيدگي سمايل آهي سان به پنهنجو مٽ پاڻ آهي. ”بلبل“ پنهنجي دؤر جو نواڻ پسند صحافي ۽ شاعر هو. سندس شاعري وقت جي تقاضائن موجب دورانديش خيالن تي مبني هئي. ”بلبل“ غزل کي اظهار جو ذريعو بڻائي کانئس قومي، ثقافتي ۽ سماجي ڪم ورتو. معاشري مان هن اهڙا موضوع چونڊيا، جن ماحول کي مَٽائڻ ۾ سندس فني مدد ڪئي. شيخ عبدالرزاق ”راز“ لکيو آهي ته ”بلبل معاشري جي ناسورن کي غزل جي قالب ۾ سمائي منجهس هڪ انفرادي رنگ پيدا ڪيو آهي”.(12) تعليم جي اڻهوند سبب معاشري ۾ مختلف بيماريون پکڙيل هيون جن خلاف رئيس شمس الدين ”بلبل“ تبديليءَ جو عَلَمُ بلند ڪيو ۽ پنهنجي تحريرن، نثر توڙي نظم ۾ طنز و مزاح واري رستو اختيار ڪيو. ڇو ته فرنگي حڪومت هئي ۽ اّظهار جي آزاديءَ تي پابندي مڙهيل هئي. ان ڪري هن طنز ۽ مزاح وارو رستو اختيار ڪري اڻ سڌيءَ طرح وقت جي حاڪم کي به للڪاريو ۽ معاشري جي فردن جي اصلاح به ڪئي. سندس ئي دؤر ۾ لاهور وارو مولانا ظفر علي خان، اخبارن ۾ لڳاتار چٽو ۽ سنئون سڌو انگريزن خلاف لکندو رهندو هو جنهن ڪري انگريز کيس عتاب ۾ رکندا آيا ايتري قدر جو جيل جون صعوبتون به سٺيائين. رئيس شمس الدين ”بلبل“ ساڳيو ئي ڪم هڪ نئين انداز ۾ کنيو ۽ وڃي پنهنجي مقصد کي رسيو. طاقتور حڪمران ڌُر تي تنقيد به ڪيائين ۽ معاشري ۾ سجاڳي به آندائين. اها سندس ئي حڪمت هئي ته ڪيئن فرد پنهنجي معاشري جي اصلاح ڪري ٿو. ڊاڪٽر غلام قادر سومرو پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته : ”بلبل جي تحرير سجاڳيءَ جو سڏ بڻجي سنڌين، خاص ڪري جي غافل مسلمانن پنهنجي اوڻاين ۽ سماجي بدعتن جو احساس ڏياريو”. (13)
“بلبل“ جو ادب ۾ بلند مقام آهي. هي سنڌ جي طنز نگارن ۾ واحد شخص آهي جنهن پنهنجي فن سان طنز کي هجو کان ممتاز ڪيو ۽ سنڌي زبان ۽ ادب ۾ ظرافت جي هڪ ناقابل شڪست اسلوب جو بنياد وڌو. سندس ان اسلوب متعلق سنڌي ٻوليءَ جو هڪ ممتاز عالم ۽ شاعر غلام محمد گرامي لکي ٿو ته : ”سندس زبان اهڙي سليس، شسته، شرين ۽ نمڪين، جو ماڻهو پيو پڙهي ۽ گنگي وانگر ڳڙ جا چشڪا وٺي پيو کلي ۽ ٽڙي! سندس ڌڪ ۾ تلخي موجود ۽ ان سان گڏ تلخي ڪام و دسن جي آزمائش به موجود، پر رنگ اهڙو شيرين، جو پيئندڙ کي نڪو تلخيءَ جو احساس ستائي، نه ڪو ڪڙيءَ سُتيءَ جي پيئڻ وانگر منهن ئي بڇڙو ٿئي. بلبل جي معنوي رهاڻ، تضاد ۽ اختلاف جي ظريفانه وڍ ٽڪ کي ڏسي، پڙهندڙ سندس ذهني شعبده بازيءَ تي حيران رهجي ٿو وڃي ۽ داد ڏيندي ڍاپي نه ٿو”.(14)
رئيس شمس الدين ”بلبل“ پنهنجي دؤر جو هڪ وڏو ليکڪ هو جنهن جي لکيل مضمونن ظرافت ۽ شاعريءَ ان دؤر جي ماڻهن کي متاثر ڪيو. پاڻ انگريزي پڙهيل ڪونه هو پر سنڌي، اردو، عربي ۽ فارسيءَ تي خاصو عبور حاصل هئس. ان وقت جي دؤر جي تقاضائن موجب انگريزي لباس ۽ فيشن تي مذاق ۽ ظرافت آهر ٽوڪون ٽهلون به ڪيائين ڇو ته اهو فيشن ان دؤر جي قدامت پسند مسلمانن ۽ مولوين کي ناپسند هو. ”بلبل“ خاص ڪري مغربي فيشن پسند ڪندڙ انگريز مسلمانن تي مذاقون ڪيون اٿس. ان کان علاوه سندس هڪ ڪتاب ”ڪريما نيچرل“ جي نالي آهي جيڪو پڻ مذاقيه ڪلامن تي مشتمل آهي. هي ڪتاب شيخ سعدي جي تصنيف ڪيل ڪريمه فارسيءَ جي مصرعن اڳيان پنهنجون مصرعون ڳنڍيندو ويو آهي. اهو سڄو ڪتاب مثنوي شعر جي صورت ۾ آهي. سندس سمورو ڪلام ناصحانو آهي. ”بلبل“ مرحوم جيئن شاعريءَ، مضمون ۽ صحافت ۾ انوکو ۽ هڪ جدا انداز ااختيار ڪيو، تيئن سندس شادي به انوکي انداز ۾ ٿي. ڪراچيءَ جي پارسي مومل سان اک لڙيس. پارسي دنيا جي ٻين قومن کان نهايت ئي منفرد هوندا آهن پر پارسين جي انفراديت کان ”بلبل“ جي انفراديت گوءِ کڻي وئي. آخر پارسي راڻيءَ کيس وَرُ قبول ڪري اچي ميهڙ جا وڻ وسايا. ”بلبل“ پنهنجي شاعريءَ ۾ به سندس ذڪر آندو آهي.
جي نه اچي ڪي بلبلان، ڪين ٿئي اي گل گلان،
روز چــمــن ۾ چهــچٽــو، تــازه بـتازه نـو بـنـو. (15)
“بلبل“ سنڌي شاعريءَ ۾ مختلف صنفن تي طبع آزمائي ڪئي. جنهن ۾ هن غزل تي پڻ تجربا ڪيا. غزل کي هڪ نئون موڙ ڏنو. سندس غزل ۾ هڪ عجيب رس چس آهي.“ديوان بلبل“ جيڪو غلام محمد گراميءَ مرتب ڪيو آهي. ان مان ڪجھه چونڊ شاعري نموني طور هيٺ ڏجي ٿي.
نوڪ ابروءَ جي نوائي، دل کي سٽيو سينڌ وٽ
ڏس ته سودائي ٿئي ٿو، قتل ڪيئن بازار وٽ
زلف جي ڏنگ جو وڃي، جيئن حال جوڳيءَ سان ڪيم
تنهن چيو ٿيندو اسان کان ڪين ازدر جو علاج
“ڪلام بلبل“ جيڪو پڻ غلام محمد گراميءَ مرتب ڪيو آهي. ان مان ڪجھه چونڊ شاعري نموني طور هيٺ ڏجي ٿي.
لفظ گرميءَ جو لکان ٿو ته قلم ۾ گرمي،
دل ۾ گرمي، دهن و ديده و دم ۾ گرمي.
باغ ۾، صحن ۾، گلزار و چمن ۾ گرمي،
گل و ”بلبل“ ۾، شجر شاخ ۾ نم ۾ گرمي.
سندس غزل متعلق شيخ عبدالرزاق ”راز“ لکي ٿو ته : ”شمس الدين بلبل، اوائلي دؤر جي مشهور ۽ معروف غزل گو شاعرن سانگي، حامد، گدا وغيره جو همعصر هو. سندس غزل ۾ تغزل گھٽ آهي پر هن معاشري جي خرابين ۽ سنڌي ثقافتي قدرن جي پائمالي جو ذڪر ڪري غزل کي هڪ نئون موڙ ڏنو آهي. جنهنن ڪري سنڌي غزل جي ارتقائي دؤر ۾ هڪ نئون تجربو اسان جي سامهون اچي ٿو”.(16)
“بلبل“ باوجود علمي، ادبي ۽ سياسي مشغولين جي، نماز جو پابند، ديندار، شرعي مسئلن جو ماهر، ديني مطالعو ڪندڙ، عالمن ۽ اديبن جو يار، پيرن ۽ فقيرن جو محب ۽ صحبتي، ذڪر و فڪر جو پڻ پابند هو. مارچ 1913ع ۾ سيٺ عبدالله هارون جي اڳواڻيءَ ۾ هلال احمر جو هڪ وفد، ترڪي جي بادشاهه لاءِ امداد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪراچيءَ کان ميهڙ آيو. هن وفد خاطر، رات جو هڪ عام جلسو ميهڙ ۾ منعقد ٿيو. ميهڙ واسي وڏي تعداد ۾ شريڪ ٿيا. پوجوش تقريرن کان پوءِ ”بلبل“ مرحوم هڪ غزل پڙهيو.
هنن جي خير مقدم ۾ اسان کي هيئن چوڻ گهرجي،
اجها هي زر، اجهي زيور، اجهي هي گهر، اجهي هي سر.
ان هڪ شعر تي جو وقت انگيز نظارو پيدا ٿيو، ان جو حال وڏڙا اڄ به بيان ڪري رهيا آهن. ان نظم جو مطلع هن ريت هو:
ڀلي آيا! ڀلي، اي سر گروهه قوم، دين پرور
مجاهد في سبيل الله، فائز في هلال احمر
اوهان جي خاص خدمت آ خدا جي راهه ۾ ورنه،
ڪٿي بستان، ڪٿي ويران، ڪٿي بنگلا، ڪٿي هي بر! (17)
رئيس شمس الدين ”بلبل“ 1904ع ۾ ”انجمن اتفاق الاسلام ميهڙ“ نالي سان هڪ تعليمي تنظيم جو قيام عمل ۾ آندو. هن تنظيم طرفان 1906ع ۾ سنڌ مدرسته الاسلام جي نالي سان ميهڙ ۾ هڪ ادارو قائم ڪيو ويو جتي شاگردن کي انگريزي تعليم حاصل ڪرڻ جو موقعو مليو. شهر کان ٻاهران ايندڙ شاگردن لاءِ مفت رهائش جو بندوبست به ڪيو ويو هو. اداري جي ڪاميابي لاءِ علائقي ۾ شعور رکندڙ ماڻهن ۽ زميندارن به بهتر ڪردار ادا ڪيو.هن درسگاهه ۾ اٺين درجي تائين تعليم هلندڙ هئي. ”بلبل“ جي وفات واري سال سنڌ مدرسته الاسلام ميهڙ کي هاءِ اسڪول جو درجو مليو. هي ادارو علائقي واسين لاءِ مرحوم ”بلبل“ جي آخري تعليمي خدمت هو. جيڪو اڄ به ”هاءِ اسڪول ون”، هزارين نوجوانن کي تعليم جهڙي زيور سان روشناس ڪري رهيو آهي. ”بلبل“ مرحوم هڪ متحرڪ شخص هو. سندس اجاگر صلاحيتن جي ڪري، کيس خيرپور ميرس ۾ رياست جي نصابي ڪاميٽيءَ جو مستقل ميمبر بڻايو ويو هو. سينيٽري ڪاميٽي ميهڙ، ڊسپينسري ڪاميٽي ميهڙ ۽ اسڪول ڪاميٽي ميهڙ جو پڻ ميمبر رهيو.تعلقه لوڪل بورڊ جو سرڪاري ميمبر رهڻ سان گڏوگڏ تعلقي جي پبلڪ ورڪس ڪاميٽيءَ جو پڻ ميمبر رهيو. 1917ع ۾ ميهڙ جي آنرري بينچ مئجسٽريٽس جو چيئرمين پڻ رهيو. رئيس شمس الدين ”بلبل“ ڪيئي ڪتاب لکيا جن منجهان 38 ڪتاب ڇپجي پڌرا ٿيا.سندس ڇپيل ڪجهه ڪتابن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا.
1. ديوان بلبل (سنڌي)، 2. ڪلام بلبل (سنڌي)، 3. نيچرل ڪريما، 4. قلندري ميلو، 5. چٽ سوال، پٽ جواب، 6. بهار عشق، 7. آئينه تجارت مايه ظرافت، 8. جل تجربات يعني شمس الغات، 9. ظريف الدوله، 10. گلزار لطائف، 11. بخت بازي، 12. ڪارو فيشن، 13. رحيما سنڌي، 14. بهارستان بلبل، 15. تيرنهن ڄار مڪرن جا مار، 16. صد پندسودمند، 17. عقل ۽ تهذيب، 18. جام جم، 19. مسلمان ۽ تعليم، 20. انگريز ۽ مسلمان، 21. مسلمانان سنڌ جي تعليم ۽ سرڪار، 22. حرزالبنياد علي شرح قانون وقف الاولاد، 23. قرض جا مرض ان جا علاج، 24. پليگي ڪريما، 25. نيچري ما مقيما.
“بلبل“ مرحوم پنهنجي دؤر جو قادر الڪلام هو. سندس فن ۽ مقام ڪنهن به تعارف جو محتاج نه آهي. ”ڪلام بلبل“ جو مرتب غلام محمد ”گرامي“ هن ڪتاب ۾ لکيل مقدمي ۾ ”بلبل“ جي شان ۽ سندس ڪمال بابت چوي ٿو ته ”جتي آپريشن جي ضرورت ٿئي ٿي، اتي گھاءُ به گھرو ٿو ڪري، پر جتي نرمي ۽ شفقت جي ضرورت ٿئي ٿي، اتي کلندي، تبسم زير لب ۾ زهر ملائيندي به نٿو گسي! فرق اهو آهي جو اهو زهر به مريضن لاءِ ترياق ٿي پوي ٿو.”.(18) بلبل اهو ڪم ان دؤر ۾ ڪيو، جڏهن سوچ ۽ لوچ وارا ماڻهو فقط ايترا هئا جيترو اٽي ۾ لوڻ.
بلبل مرحوم صحيح معنيٰ ۾ قومي شاعري شروع ڪئي. قصيدي کي نئين منزل ڏني، توحيد رسالت ۽ ٻين اسلامي قومي ۽ اخلاقي موضوعن تي شاعري ڪري نمايان ڪم ڪيو. نيچرل شاعري ڪري قوم کي حقيقت پرست بڻايو. بلبل مرحوم نوان استعارا، نيون تشبيهون، نيون تمثيلون، نيون ترڪيببون، چست بندش، شوخ ادا، فصاحت، بلاغت جهڙيون خالص فني خوبيون سنڌيءَ ۾ پيدا ڪري ٻوليءَ جو ادبي پهلو روشن ڪيو. شيخ عبدالرزاق ”راز”، ”بلبل“ جي شاعريءَ لاءِ لکيو آهي ته ”هن اهڙا موضوع هٿ ڪيا جن ماحول کي بدلائڻ لاءِ سندس مدد ڪئي. ماحول کي بدلائڻ وارو شاعر صدين کان پوءِ پيدا ٿيندو آهي”.(19)
رئيس شمس الدين ”بلبل“ مرحوم جون ٻه گهر واريون هيون سندس وڏي گهر واريءَ گل بيبي خاتون مان کيس پٽ جي اولاد ۾رئيس عبدالفتاح“ ڄائو ۽ ٻيءَ گهر واريءَ بيبي خانزادي مان کيس پٽ نالي“ضياء الدين“ ڄائو. ٻئي پٽ ادبي ذوق جا ماڪ هئا. مگر رئيس ضياءالدين جون ادبي خدمتون ملڪان ملڪ مشهور ٿيون.
وقت جو مشهور عالم، ڏاهو رئيس شمس الدين ”بلبل“ ڇنڇر ڏينهن، 17 ذوالحج 1337 هجري بمطابق 15 سيپٽمبر 1919ع تي لاڏاڻو ڪري ويو. مرحوم ”بلبل“ جي ادبي خدمتن بابت جن مفڪرن، عالمن ۽ اديبن راءِ ڏني آهي انهن ۾ شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ، خانبهادر محمد صديق ميمڻ، مرحوم واصف، حاجي محمود ”خادم”، حافظ ”بسمل“ ٽکڙائي، پير علي محمد راشدي، پير حسام الدين راشدي، رحيمداد خان مولائي شيدائي، سيد علي اڪبر شاهه، ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم ”خليل“ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، مرحوم مخلص، مرحوم مرتضائي ٺٽوي، حڪيم نور محمد نظاماڻي، جمعو خان ”غريب“ ۽ ٻيا شامل آهن. سنڌ جي مشهور عوامي شاعر علامه هدايت الله ”تارڪ“ نجفيءَ سندس وڇوڙي تي فارسيءَ ۾ غزل لکيو جنهن ۾ قطع تاريخ پڻ آيل آهي.
چون رئيس آن شمس الدين رحلت نمود،
شد دل احباب زين صدمه دونيم.
ترجمو: جڏهن رئيس شمس الدين دنيا مان گذاري ويو، ته دوستن جي دل صدمي ۾ ٻه ٽڪر ٿي پئي.
از مهه ذوالحج، روز هفدهم،
صبح شنبه گشت در جنت مقيم.
ترجمو: ذوالحج جي سترهين تاريخ، ڇنڇر جي صبح هئي جڏهن رحلت ڪري جنت ڏانهن روانو ٿيو.
يا الاهي، بهر مقبولان تو،
مسڪن اوڪُن به گلزار نعيم. (20)
ترجمو: اي خدا پنهنجي پيارن جي صدقي هن کي جنت ۾ جاءِ عطا فرماءِ.
حوالا:
1. راشدي، پير، علي محمد: اهي ڏينهن، اهي شينهن. حيدرآباد: سنڌي ساهت گهر، 2011ع ص 144
2. ايضا، ص 394
3. ٻگهيو، عزيز الرحمان، ڊاڪٽر:سنڌي صحافت جي ارتقا ۽ تاريخ. ڄام شورو: يونيورسٽي آف سنڌ، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڇاپو پهرين 1988، ص 525
4. خليل، محمد ابراهيم، ڊاڪٽر.موءلف. بلبل سنڌ: سلسله اشاعت، جميعت الشعراء سنڌ، 1951ع ص 163
5. قادري، اياز. سنڌي غزل جي اوسر. ڄامشورو: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي. ڇاپو پهريون، ڊسمبر 1984، ص 189
6. عرساڻي، محمد اسماعيل. چار مقالا. حيدرآباد: سنڌي ادبي بورڊ، پهريون ايڊيشن، 1973ع، ص 97
7. ميمڻ، محمد صديق، خانبهادر. تاريخ سنڌي ادب. جلد ٻيون، حيدرآباد، سنڌ: آر ايڇ احمد برادرس، دفعو ٻيو، 1959،60ع ص 472، 482
8. ٻگهيو، عزيز الرحمان، ڊاڪٽر. سنڌي صحافت جي ارتقا ۽ تاريخ. ڄام شورو: يونيورسٽي آف سنڌ، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڇاپو پهرين 1988، ص 526
9. ايضا، 261
10. ايضا،531
11. ايضا، 532
12. “راز“ عبدالرزاق، شيخ. سنڌي غزل جو تجزيو. ڄام شورو: سنڌ يونيورسٽي، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي. ايڊيشن ٻيون، 2004ع. ص103
13. سومرو، غلام قادر، ڊاڪٽر. سنڌي ادب ۾ طنز ۽ مزاح. حڪومت سنڌ: ثقافت کاتو، ڇاپو پهريون، مئي 2013، ص 628
14. گرامي، غلام محمد، مرتب. مزاحيات. ڄامشورو، سنڌ: سنڌي ادبي بورڊ. ڇاپو ٻيون، 2006، ص 13
15. “راز“ عبدالرزاق، شيخ. سنڌي غزل جو تجزيو. ڄام شورو: سنڌ يونيورسٽي، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي. ايڊيشن ٻيون، 2004ع. ص103
16. ميمڻ، محمد صديق، خانبهادر. سنڌ جي ادبي تاريخ. شڪارپور: واڳڻو در، ڇاپو پنجون، 2014، ص 539
17. “گرامي”، غلام محمد، مرتب. ديوان بلبل. ڄام شورو، حيدرآباد: سنڌي ادبي بورڊ، 1982ع، ص 21
18. “گرامي”، غلام محمد، مرتب. ڪلام بلبل. ڄام شورو، حيدرآباد: سنڌي ادبي بورڊ، 1982ع، ص 20
19. قادري، اياز. سنڌي غزل جي اوسر(ڀاڱو ٻيو). ڄام شورو، سنڌ يونيورسٽي: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي. ڇاپو پهريون، جون 1982ع. ص 191
20. ايضا. ص 190
شاهه عبداللطيف منهنجي نظر ۾
سڳنڌ چوان يا سرهاڻ، خوشبو چوان يا کٿوري، شخص چوان يا شخصيت، انسان چوان يا ادارو، استاد چوان يا ڪتب خانو، مڻيو چوان يا مالها، احمق ۽ اياڻو آهيان جو شاهه کي سندس رُتبي ۾ نه ٿو سڃاڻان. غور فڪر، سوچ ويچار ۽ ڳوڙهي اڀياس کان پوءِ، آءٌ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ کي سنڌ، سنڌي قوم ۽ سنڌي ادب لاءِ پارس سمجهان ٿو. جيئن رات ته چنڊ، ڏينهن ته سِجُ، ماکي ته ميٺاج، ڪتابُ ته ورقَ، گلُ ته خوشبو، ساگر ته پاڻي، ريگستان ته واري، تيئن سنڌ ته ڀٽائي. بنگال جي عظيم شاعر رابندرناٿ ٽئگور چيو آهي ته ”مان اهو نه سمجهي سگهيو آهيان ته شاهه لطيف سنڌ آهي يا سنڌ شاهه لطيف آهي.”(1)سنڌ سان شاهه جو تعلق جسم سان روح جي تعلق جيان آهي. دنيا جي هر موضوع کي پنهنجي شاعري ۾ قلم بند ڪندڙَ هنَ عظيم انسانَ 1689ع ڌاري شاهه حبيب جي گھر ۾ جنم ورتو. سيد گهراڻي جو هي چشمُ و چراغُ ڄمندي ئي ڄامُ هو. سندس سيني ۾ علم جو سمنڊ سمايل هو. شاهه صاحب جي تعليم بابت فقط ايترو واضح ٿي سگهيو آهي ته نور محمد ڀٽي سندس استاد هو. ليلا رام وتڻمل موجب ”اسان کي پتو ناهي ته اسانجو شاعر نور محمد ڀٽيءَ وٽ گھڻو وقت پڙهيو ۽ ڪيترو پڙهيو”. (2) مير علي شيرقانع ٺٽوي پنهنجي ڪتاب تحفته الڪرام“ ۾ لکيو آهي ته ”اگرچه حضرت شاهه لطيف اڻ پڙهيل هو، ته به ساري عالم جو علم سندس دل جي تختيءَ تي لکيل هو”. (3) پاڻ مادري ٻوليءَ جا ماهر، عربي ۽ فارسيءَ جا عالم هئا.
سندس تعلق ڪلهوڙا دؤر حڪومت سان هو. ڀٽائي ڀلارو هو جنهن جي بدولت ڪلهوڙن جي دؤر کي تاريخ جي ورقن ۾ سونهري حيثيت حاصل آهي. حالانڪ هن زماني ۾ سياسي، اقتصادي ۽ سماجي حالت تمام گهڻو ڏتڙيل ۽ درهم برهم هئي. هن دؤر جي حالات بابت پير حسام الدين راشديءَ لکيو آهي ته ”سنڌ جون مقامي قوتون وڏيرن، زميندارن، پيرن ۽ مغل ڪامورن تي مشتمل هيون. باهمي نفاق، مساهپ، حسد، بغص ۽ عناد جي باوجود به، سنڌ جي غريب عوام تي انهن سڀني قوتن جو گڏيل قبضو هو. جنهن جي ڪري هتان جي رهاڪن جو جسم غلام، ذهن مفلوج، ڪڇڻ پڇڻ جي قوت سلب ۽ سڀيئي انساني حق کانئن کسيل هئا. سنڌ هِڪَ عجيب و غريب بحراني ڪيفيت ۾ مبتلا هئي ۽ انهن حالتن سنڌ جي اقتصادي حالت حد کان زياده زبون ۽ بدتر ڪري ڇڏي هئي. آب رساني جو سلسلو پوريءَ ريت ڪو نه هو ۽ نه چارن پيچرن کان سواءِ آمدرفت لاءِ ڪي عام رستا ۽ شاهي سڙڪون هيون. افلاس، تنگدستي ۽ بک پيڙا انتها تي پهچي چڪي هئي. ڪنهن به مظلوم جو سڏ واڪو ڪو نه ٿي سڻيو!“ (4)
شاهه صاحب کان اڳ توڙي سندس وقت ۾ سنڌ جي درٻاري زبان فارسي هئي. اڪثر شاعر ۽ اديب فارسيءَ ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندا هئا. ان باوجود شاهه صاحب پنهنجو ڪلام سنڌي ٻوليءَ ۾ پيش ڪيو جيئن عام لوڪ سندس ڪلام مان حظَ حاصل ڪري سگهي ۽ سنڌي ٻوليءَ کي دنيا ۾ وڌيڪ عظمت ۽ امرتا ملي سگهي. ”شاهه صاحب پنهنجي ڪلام ۾ جيڪا ٻولي استعمال ۾ آندي آهي تنهن کي نج سنڌي ٻولي چوڻ درست آهي. ڇاڪاڻ جو ان ۾ سنڌ جي طبعي (پراڪرت) ٻوليءَ جا لفظ به موجود آهن. مڪمل سڌريل (سنسڪرت) ٻوليءَ جا لفظ به موجود آهن ۽ عربي فارسي لفظ به قائم آهن. پر اهي سڀ اهڙا عام فهم آهن جي سنڌ جو هر ڪو هندو خواه مسلمان آسانيءَ سان سمجهي سگهي ٿو.”(5) ”سنڌي ٻولي ته شاهه صاحب اهڙي مٺي ۽ رسيلي ڪم آندي آهي، جو ڍڪ ڀري پئجي ته ڍوء نه ٿئي. جهڙي نموني جي ماڻهوءَ جو ذڪر ڪيو اٿس تهڙي نموني جي ٻولي ڪتب آندي اٿس”. (6) علامه دائود پوٽي ”شاهه جي رسالي“ کي سنڌي ٻوليءَ جي بقا جو ضامن قرار ڏيندي لکيو آهي ته ”منهنجو عقيدو آهي ته جيسين شاهه جو ڪلام جيئرو آهي، تيسين سنڌي زبان کي وسوئي ڪونهي”. (7)
سنڌ ۾ ايڪي، اتحاد، اتفاق ۽ ٻڌي جو تاريخ ۾ ڪو مضبوط مثال نه ٿو ملي. ٽيويهه سو ورهيه اڳي يونانين جي حملي وقت سنڌ جا ماڻهو قوم ته ڇا پر اڃا رياست به بنجي نه سگهيا هئا. (8) عربن جي حملي وقت سنڌ جي ماڻهن وٽ پنهنجي رياست ته هئي پر جنهن زور تي اها قائم ڪيل ۽ بيٺل هئي، ان زور کي اها اڃا پنهنجو ڀَرُ بنائي نه سگهي هئي. يعني سنڌ جا ماڻهو پاڻ کي اڃا قوم بڻائي نه سگهيا هئا”. (9) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيو آهي ته سنڌ جي سومرن حاڪمن سنڌ جي قومي آزادي ۽ پنهنجي خودمختياري لاءِ جنگ آزادي جو بنياد رکيو ۽ دهليءَ جي سلطنت طرفان سنڌ جي سياست ۾ مداخلت خلاف جنگ جو شاهي طبل وڄايو”. (10) تحقيق واري نظر سان ڏسبو ته دهليءَ جي سلطان جي لڙائي سومرن جي سردار دودي سان هئي نه ڪي سنڌي قوم سان، بيشڪ دهلي جي سلطان سان سومرا ۽ ابڙا بهادريءَ سان وڙهيا. پر ايڪو ۽ اتحاد جيڪو سنڌي قوم ۾ هجڻ گهرجي ها سو تاريخ ۾ ڪٿي به نظر نه پئي آيو. سمن جي دؤر کان ويندي ڪلهوڙن جي دؤر تائين فردن ۽ قبيلن جي صورت ۾ ڪيئي قصا ملن ٿا پر قومي حيثيت ۾ ٻڌي ڪٿي نظر نه ٿي اچي. اهڙي ڪمي کي محسوس ڪندي شاهه صاحب پنهنجي شاعريءَ ۾ ايڪي ۽ اتحاد جو درس ڏنو آهي. شاهه صاحب سنڌي ماڻهوءَ جي ذهني اوسر ۽ قومي مزاج توڙي طبقاتي تضادن جو اونهي اک سان مشاهدو ڪيو آهي. شاهه صاحب سنڌي قوم کي متعدد مثال ڏئي اتحاد جي اهميت سمجهائي آهي.
وڳر ۾ وائي، ڪال تنهنجي ڪونجڙي!
سَرَ ۾ سارينئي گهڻو، ڀينر ۽ ڀائي،
پسين نه ڦاهي، جا مارِي سندي من ۾.
(سر ڏهر)
“هن بيت ۾ شاهه صاحب هڪ اهڙي نادان انسان کي، پنهنجن ڀائرن ۽ ڀينرن جي فطري پيار جي اهميت کا باخبر ڪري ٿو، جيڪو انهن کي ڇڏي، انهن کان الڳ ٿي، دشمنن جي دوکي ۾ ڦاسي ۽ پنهنجن کي وساري ويٺو آهي. هو پنهنجي ذات، پنهنجي قوم ۽ پنهنجي نسل سان وفادار نه آهي پر ڌارين جي دولاب ۾ اچي، دلاسي جي دوکي ۾ ڦاٿل آهي. شاهه صاحب کيس سندس ڀائرن ۽ ڀينرن جو لافاني ۽ سچو پيار ياد ٿو ڏياري، جيڪو سڀ کان سچو ۽ مقدم پيار آهي. (11)
وڳر ڪيو وتن پرت نه ڇنن پاڻ ۾،
پسو پکيئڙن مڻهان ميٺ گھڻو،
جڏهن روس ۾ انقلاب آيو ته اتان جي حڪومت طرفان سڀ کان پهرين اتان جي شاعرن ۽ اديبن کي محفوظ جاءِ ڏانهن موڪليو ويو. پي بي شبلي لکيو آهي ته ”شاعر دنيا جا غير تسليم شده قانوندان آهن”. (12) ”قومون، ملڪَ ۽ سماجَ پنهنجن شاعرن وسيلي سڃاتا ويندا آهن”.(13) ارسطوءَ جو قول آهي ته ”شاعري فلسفي کان وڌيڪ فڪر انگيز ۽ تاريخ کان وڌيڪ سبق آموز ٿئي ٿي”. (14) ”شاهه جي شاعريءَ ۾ جيڪا خيال جي گهرائي آهي، جدت ۽ انفراديت آهي، اسلوب بيان جي نواڻ آهي، سا کيس منفرد سڃاڻپ ڏياري ٿي. فني ۽ فڪري لحاظ کان لطيف جو ڪلام اوچي درجي جو آهي ته وري معنوي، ادبي ۽ لساني خوبين جو ساگر منجهس ڇوليون هڻندو نظر ايندو. سندس فن ۽ فڪر، معنيٰ ۽ ٻولي پنهنجي زماني سميت اڄوڪي دؤر جون به گهرجون پوريون ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا”.(15) ”شاهه جي طبيعت ۾ خدا تعاليٰ نه رڳو ”جدت“ جو مادو رکيو هو، پر خيال به نهايت بلند ۽ اعليٰ سمايائين.ڪهڙي به سادي شيءَ بابت سادن لفظن ۾ شاهه صاحب اهڙا ته انوکا ۽ بلند خيال پيش ڪيا اٿس، جو سندس تعريف ۾ لفظ ساٿ ڇڏيو وڃن. ”يڪ مشت نمونه خروار“ وانگر هت هڪ ئي مثال ڪافي آهي.
پاڇاهي نه پاڙيان، سرتين سُئيءَ ساڻ،
ڍڪي اگھاڙن کي، ڪين ڍڪيائين پاڻ،
ٻيهر ڄاپي ڄاڻ، ابر جي اوصاف کي.
ڪپڙن سبڻ جي سُئي ڪنهن نه ڏٺي هوندي؟ پر ان سئيءَ مان سبق پرائڻ ڏانهن ڪنهن جو خيال ئي ڪو نه ڊوڙندو آهي. شاهه صاحب مارئي جي زبان ۾ چوي ٿو ته: ”منهنجون سرتيون، جا سئي ڪتب آڻين ٿيون، تنهن سان مان ڪنهن بادشاهيءَ کي برابر نه ٿي سمجهان، ڇاڪاڻ جو کيس پنهنجو پاڻ ڍڪڻ جي پرواهه ئي ڪانهي، ته به ڪپڙا سُبيو ٻين اگھاڙن کي پيئي ڍڪي. اي انسان! تون پاڻ ماري پوءِ جيئرو رهندين تڏهين انهيءَ ننڍڙي سُئيءَ جون وصفون پروڙي سگهندين.”(16)
حوالا:
1. سنڌي مخلص:“ڀٽائي ڪوئز...تقريرون....بيت بازي“ حيدرآباد، ڌرتي پبليڪيشن، ڇاپو پهريون، جنوري 2017، ص 42.
2. سورلي، ايڇ ٽي:“ڀٽ جو شاهه”ڪراچي، سنڌيڪا اڪيڊمي، جون جولاءِ 1992، ص259
3. اختر مسعود: ”ڳالهيون شاهه لطيف جون“ حيدرآباد، شاهي بازار، جيلاني مارڪيٽ، نويد بوڪ ڊپو، ڇاپو پهريون 2009، ص 13
4. سوڍر شاهنواز ڊاڪٽر: ”سنڌي ثقافت ۽ شاهه لطيف“ حيدرآباد، ڀٽ شاهه، شاهه عبدالطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڇاپو پهريون، آگسٽ 1991، ص 178
5. ميمڻ محمد صديق: ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ سنڌ حيدرآباد، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي، ڀاڱو پهريون،1937ع ص 136،137
6. ميمڻ، محمد صديق، خانبهادر:“سنڌ جي ادبي تاريخ“ شڪارپور، واڳڻو در، مهراڻ اڪيڊمي، چاپو پنجون، ڊسمبر 2014، ص 121
7. سوڍر شاهنواز ڊاڪٽر: ”سنڌي ثقافت ۽ شاهه لطيف“ حيدرآباد، ڀٽ شاهه، شاهه عبدالطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڇاپو پهريون، آگسٽ 1991، ص 421
8. جويو محمد ابرهيم: ”شاهه سچل سامي“ ڪنڊيارو، روشني پبليڪيشن، ڇاپو ڇهون 2006، ص 35
9. جويو محمد ابرهيم: ”شاهه سچل سامي“ ڪنڊيارو، روشني پبليڪيشن، ڇاپو ڇهون 2006، ص 36
10. سوڍر شاهنواز ڊاڪٽر: ”سنڌي ثقافت ۽ شاهه لطيف“ حيدرآباد، ڀٽ شاهه، شاهه عبدالطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڇاپو پهريون، آگسٽ 1991، ص 171
11. سوڍر شاهنواز ڊاڪٽر: ”سنڌي ثقافت ۽ شاهه لطيف“ حيدرآباد، ڀٽ شاهه، شاهه عبدالطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڇاپو پهريون، آگسٽ 1991، 264
12. سنڌي مخلص:“ڀٽائي ڪوئز...تقريرون....بيت بازي“ حيدرآباد، ڌرتي پبليڪيشن، ڇاپو پهريون، جنوري 2017، ص 13.
13. جويو محمد ابرهيم: ”شاهه سچل سامي“ ڪنڊيارو، روشني پبليڪيشن، ڇاپو ڇهون 2006، ص 17
14. جويو محمد ابرهيم: ”شاهه سچل سامي“ ڪنڊيارو، روشني پبليڪيشن، ڇاپو ڇهون 2006، ص 19
15. فهميده حسين، ڊاڪٽر:“شاهه لطيف جي شاعري ۾ عورت جو روپ“ حيدرآباد، ڀٽ شاهه، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڇاپو پهريون آگسٽ 1993، ص 226،227
16. ميمڻ، محمد صديق، خانبهادر:“سنڌ جي ادبي تاريخ“ شڪارپور، واڳڻو در، مهراڻ اڪيڊمي، چاپو پنجون، ڊسمبر 2014، ص 126
شَخص هُو نِرالو آ، جُونِ ۾ جُھڙالو آ
(اياز گُلَ جِي شَخصِيت ۽ شاعِري)
ABSTRACT:
Sindhi Literature has its deep roots in the field of literature in the world and Sindhi literature is considered one of the ancient literature as it has strong bond with the Indus civilization. Sindhi language has remained cradle of civilization and confluence of various cultures from the initial times. And Sindhi writers have contributed extensively in various forms of literature both in poetry and prose and writers from the various parts of within Sindh and as well as out of Sindh has made great contribution in the field of Sindhi literature but sometimes words are not worthy enough to describe the personality. Attributions are not worthy enough to be attribute to the personality like ‘Ayaz Gul’, who was born on the 6th March 1959 in the family of ‘ Rajab Ali Dal’ who belongs to the business community of Sukkur, the third biggest city of the Sindh. He has made significant contributions in the field of Sindhi literature which themselves, speak words. Ayaz Gul is one of the prominent Sindhi poets of Pakistan. He received many awards for his literary works and is regarded as Poet of Ghazal.
ذڪر هجي خدا جي مخلوق جو ۽ انسان کي وسارجي، ممڪن ئي ناهي، ذڪر هجي دنيا جي عجائب جو ۽ تاج محل کي وسارجي، ممڪن ئي ناهي، ذڪر هجي دريائن جو ۽ سنڌوءَ کي وسارجي، ممڪن ئي ناهي، ذڪر هجي سنڌ جو ۽ ڀٽائيءَ کي وسارجي، ممڪن ئي ناهي، ذڪر هجي جديد شاعرن جو ۽ اياز کي وسارجي، ممڪن ئي ناهي. سنڌي ادب جي جرڪندڙ تارن ۾ ٻه ستارا هڪ ئي نالي ”اياز“ سان آسمان جي بلندين تان سنڌ ۽ سنڌي عوام جو يگاني انداز سان تعارف ڪرائيندي نظر ايندا آهن. هتي باغِ عدن جي ان گل جو ذڪر ٿي رهيو آهي، جنهن لاءِ شيخ اياز لکيو هو ته: ”هُو شمع به آهي ته پروانو به آهي”.(1) خوبين ۽ خصلتن سان ڀريل، سهڻي، وڻندڙ، دلڪش، دلفريف، نرمل ۽ نرالي شخصيت جي مالڪ اياز گل، جمعي ڏينهن 6 مارچ 1959ع تي سکر جي ڪاوباري طبقي سان تعلق رکندڙ رجب علي دل جي گھر ۾ جنم ورتو. سکر سنڌ جي سِري ۾سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ تي، سمنڊ جي مٿاڇري کان 194 فوٽ بلنديءَ تي واقع هڪ مشهور ۽ تاريخي شهر آهي. اوليائن جي کاڻ سکر نه فقط ثقافت جو گھوارو رهيو آهي پر هِڪَ نظرنواز ۽ دلفريب نزهت گاهه جِي حيثيت سان به مڃتا ماڻي چڪو آهي. جهڙو سهڻو سکر تهڙا سکر جا ماڻهو...!
اياز گل ابتدائي ۽ ثانوي تعليم سکر ۾ حاصل ڪئي. 1978ع ۾ سکر جي مشهور ڪاليج اسلاميه آرٽس ائنڊ ڪامرس ڪاليج مان گريجوئيشن ۽ 1980ع ۾ ايم. اي سنڌي ادب جي سَنَدَ گولڊ ميڊل جي اعزاز سان حاصل ڪئي. 1987ع ۾ امتيازي حيثيت سان، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري گورنمينٽ ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ ۾ سنڌيءَ جا ليڪچِرَر مقرر ٿيا. ٽن سالن جي مختصر عرصي کان پوءِ 1990ع ۾ سنڌي شعبي، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ ليڪچِرَر مقرر ٿيا. پاڻ هن وقت سنڌي شعبي جا چيئرمين، سچل چيئر جا ڊائريڪٽر ۽ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ٽيچرس ايسوسيئيشن جي صدارتي عهدي طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. ان کان علاوه ميمبر سينيٽ، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور؛ ميمبر سينڊيڪيٽ، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور؛ ميمبر بورڊ آف گورنرس، تعليمي بورڊ، سکر؛ ميمبر بورڊ آف گورنرس سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو؛ سيڪريٽري ۽ ميمبر بورڊ آف اسٽڊيز (سنڌي)، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور؛ ميمبر صلاحڪاري بورڊ، شيخ اياز چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور؛ انچارج ’تنوير عباسي‘ چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور؛ ميمبر بيدل يادگار ڪاميٽي، روهڙي / سکر ۽ جنرل سيڪريٽري سکر هسٽاريڪل، سوسائٽي. سنڌ به رهي چڪا آهن.
هن ارڏي انسان 1971ع ۾ پهريون شعر لکيو جڏهن پاڻ ستين درجي جو شاگرد هو. ننڍي هوندي کان سندس لڳاءُ لکڻ سان هو. ويتر لکڻ پڙهڻ وارن جي صحبت ”گلن جهڙا ٻارڙا سنگت“ کيس چٽي تراشي نئين نکار سان نروار ڪيو. اياز گل جو پهريون شعر 1973ع ۾ ڪراچيءَ مان نڪرندڙ ”اديُون“ رسالي ۾ شايع ٿيو. بعد ۾ هلال پاڪستان طرفان شايع ٿيندڙ رسالي ”گلن جهڙا ٻارڙا“ ۾ سندس شاعري ڇپجندي رهي. پوء ته سنڌ جو هر رسالو سندس شاعري جي سڳنڌ ۽ سرهاڻ سان واسجي ويو. شيخ اياز لکيو آهي ته: ”جي هن مشق قلم جاري رکي ته ڪنهن وقت هن جي شاعري، فن جون اهي بلنديون ڇهندي، جا ڳالهه ٿورن شاعرن کي نصيب ٿيندي آهي”.(2)
اياز گل سنڌي شاعريءَ جي آسمان جو هڪ تابناڪ تارو آهي. جنهن پنهنجي وَڙَ ۽ وِڄا سان سڄيءَ سنڌ ۾ مڃتا ماڻي، فني ۽ فڪري حوالي کان ادبي دنيا ۾هڪ منفرد مقام ٺاهيو آهي. سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز لکيو آهي ته: ”اياز گل نئين ٽهي جو منفرد شاعر آهي ۽ ننڍيءَ عمر ۾ ئي هن پنهنجي جاءِ والاري ڇڏي آهي. مان ان جي شاعري ۽ نئين ٽهيءَ جي شاعري ڏسي، ان نتيجي تي پهتو آهيان ته، اها نيٺ ڪنهن به بين الاقوامي معيار تي اچي ويندي. ان شاعريءَ ۾ جاگيرداري دؤر مان نڪري صنعتي دؤر ۾ داخل ٿيڻ جا آثار ملن ٿا ۽ ان جون تشبيهون، محاڪات وغيره روايتي شاعريءَ کان مختلف آهن. انهن تي پنهنجي انفراديت جي ڇاپ آهي”.(3)
سنڌُ جي سهڻي بدن تان
سُک واري،
ڀرت ڀريلَ قميصَ
لاهي وئي
ٻوڏِ آئي
۽ خواب ڊاهي وئي!!
(ميلي جي تنهائي، 233)
شاعريءَ ۾ لفظن جي بناوت، سجاوت ۽ تُڪبندي پنهنجي جاءِ تي، پر فڪر ۽ خيالن کي وڌيڪ اهميت هوندي آهي. اياز گل جي شاعريءَ ۾ جيتري افڪار جي بلندي آهي اوترو ئي ٻوليءَ ۾ قدرت اٿس. جهڙي ٻولي ڪتب آندي اٿس تهڙا ڳوڙها خيال...! ”اڪثر ڏٺو ويو آهي ته، ڪنهن شاعر وٽ يا ته خيال جي گهرائي هوندي آهي يا ٻوليءَ ۽ ڊڪشن جي رواني ۽ لئه هوندي آهي، پر ڪن خاص شاعرن کي، جن جي شاعريءَ جي ڏات ڏيندڙ ڏاتارَ، ڪن سڀاڳيُن گھڙين ۾ ويهي رچنا ڪئي آهي، ٻنهي نعمتن سان نوازيو آهي. اهڙن شاعرن جي حصي ۾ خيال جي گھرائي سان گڏ خيال جي لئه به سمائجي ويندي آهي ته، عبارت ۽ اسلوب جي رواني ۽ سرن جي سنگت پڻ- اياز گل اسان جي اهڙن ئي خوش بخت شاعرن ۾ پنهنجي جُدا جاءِ، درجو ۽ رتبو ماڻي سگھيو آهي.”(4)
“اسلوب“ لکڻ جو اهو، انداز ۽ معيار آهي، جنهن مان شاعر جي شخصيت جو پختو اندازو لڳائي سگھبو آهي. هڪ شاعر جو فن ۽ ڪاريگري تڏهن معلوم ٿيندي آهي، جڏهن سندس خيال جي اڏام ۽ لفظن جي چونڊ سامهون ايندي آهي. اسلوب ۾ سڀني شاعرن کان الڳ ۽ منفرد حيثيت رکندڙ اياز گلَ جي شاعري، لطف ۽ لذت سان مالامال آهي. ”اياز گل جو ڪمال اهو آهي ته هو منظر، عڪس، تشبيهون، علامتون، استعارا ماضيءَ بدران موجود ماحول ۽ زندگيءَ مان کڻي ٿو اچي پر انهن عنصرن جي تخيل ۽ احساسن سان آميزشن ڪري اهڙي ته سادي اسلوب ۾ پيش ٿو ڪري جو پڙهندڙ کي اها پنهنجي حقيقت ٿي ڀاسي”.(5)
ٽائرن جا گهرا ليڪا، تيز رَڙِ!!
روڊ تي چِٿجي وئي آ زندگي.
(توبن ڪهڙا ڇانورا، 13 )
خوبصورت ۽ باڪردار شاعر اياز گل جي گفتار ۾ نوڙت، نهٺائي، مٺاس ۽ محبت سمايل آهي. سندس گفتن ۾ وديا ۽ وگيان جي جهلڪ محسوس ٿيندي آهي. اياز جي شخصيت کي ڪنهن گل نه پر گلستان سان ڀيٽا ڏجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. سونهن ۽ حسن جي شاعر اياز گل جي شاعريءَ تي رومانويت جو عنصر غالب آهي. ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ لکيو آهي ته: ”اياز گل، بنيادي طرح رومانوي شاعر آهي. هن جو رومان، نِجو رومان نه، پر انقلابي رومان آهي. (انقلابي معنيٰ تبديل ٿيندڙ). اياز گل اڄوڪي دؤر جو رومانوي شاعر آهي، هن جي رومانوي شاعري اڳتي وڌندڙ رومانوي شاعري آهي، اها مطالعي جي آڌار تي ڪيل شاعري نه آهي، پر ڏٺل وائٺل منظرن، ڄاتل سڃاتل ڪردارن ۽ ٽاڻن ۽ ذاتي طور محسوس ڪيل احساسن جي شاعري آهي. اهڙي شاعري ئي اعليٰ شاعري هوندي آهي، جيڪا دل مان ائين ڦٽي نڪرندي آهي، جيئن اوڀر جي افق مان صبح جي سج جا پهريان ڪرڻا ڦٽي نڪرندا آهن”.(6) اياز گل جي رومانوي شاعري سندس شخصيت سان ملندڙ جلندڙ آهي. جهڙو پاڻ حسين آهي تهڙو حسن سندس شاعريءَ ۾ سمايل آهي.
رات اوهان جي ياد اسان جي ذهن ۾ ايئن آئي،
ڪُونڀٽ کي جيئن بيٺو ٿوهر ڀاڪر منجهه ڀري
(دک جي نه پڄاڻي آ، 18)
يا
صفحي صفحي تي تنهنجو نانءُ ڏسان
جي کڻان پڙهڻ لئه ڪتاب ڪوئي
(دک جي نه پڄاڻي آ، 22)
يا
هيڏي تکيءَ اُس ۾
ڪچن رنگن سان
ڇا لاءِ تون نڪتين پرين!؟
(سندي جوڳيان ذات، 312)
اياز گل جو شمار سنڌ جي ترقي پسند شاعرن ۾ ٿئي ٿو. سنڌي ادب خاص ڪري شاعري ڪلاسيڪي دؤر کان وٺي ترقي پسند روين ۽ لاڙن جي حامل رهي آهي. 1935ع ۾ پئرس جي شهر ۾ ”ڪلچر جي تحفظ لاءِ“ سڄي دنيا جي اديبن جي هڪ ڪانگريس سڏائي وئي، جتي اهو طئه ڪيو ويو ته ”اديب ۽ شاعر کي ذات ۽ داخليت مان نڪري، انسان جي گڏيل مفادن، تهذيب ۽ ڪلچر جي اعليٰ قدرن جي تحفظ لاءِ رجعت پسند طاقتن جي سامهون اچڻ گهرجي ۽ پنهنجي ادب ۽ فن کي انسانيت جي خدمت لاءِ وقف ڪرڻ گھرجي.‘‘ تقريب ۾ هڪ درخواست پڻ رکي وئي ته: ”اي قلمڪار ساٿيو! موت جي خلاف زندگيءَ جو ساٿ ڏيو، اسان جو قلم، اسان جو فن، موت جو سڏ ڏيندڙ قوتن خلاف رڪجڻ نه گھرجي، جيڪي انسانيت جي نڙيءَ تي ننهن ڏين ٿا، جيڪي پيسن جي ٻل تي حڪومت ڪن ٿا، جيڪي ڪارخانيدارن ۽ شاهوڪارن جي آمريت قائم ڪن ٿا ۽ نيٺ فاشزم جا مختلف روپ ڌاري اچن ٿا، سي اهي ئي قوتون آهن جيڪي معصوم انسانن جو رت چوسين ٿيون‘‘. 1940ع کان 1958ع تائين سنڌ ۾ هن تحريڪ جو عروج رهيو. ترقي پسند تحريڪ هيٺ سنڌي ادب ۾ هاري، مزدور ۽ پورهيت کي بنياد بڻائيندي زميندارن، سرمائيدارن، جاگيردارن، وڏيرن، سردارن ۽ ڀوتارن جي ڏاڍ، ظلم ۽ جبر کي ننديو ويو آهي. سنڌي ادب ۾ ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي، شيخ اياز ۽ سوڀي گيانچنداڻي کان ويندي اياز گل تائين سڀني شاعرن ۽ اديبن کي هن تحريڪ متاثر ڪيو. اهڙي فڪر ۾ اياز گل جي شاعري هيٺين ريت آهي.
هر ظلم، ستم، ڏاڍ سهي چپ رهان ٿي،
بي داغ ننگر منجهه جيان، روز مران ٿي.
مون ڪم ڏنو، مون چم ڏنو، دم ڏنو آ،
مون پيڙهه مٿي پيڙهه وجھي ڄم ڏنو آ،
هر هنڌ وجھي، ڪنڌ هلر منجهه وهان ٿي،
هر ظلم، ستم، ڏاڍ سهي چپ رهان ٿي.
سنڌ ۾صدين کان ڪرب ناڪ صورتحال رهي آهي. شڪستون، ناڪاميون، بک، بدحالي، غربت ۽ مفلسي ڄڻ ته سنڌي ماروئڙن جو مقدر بنجي چڪا آهن. سنڌي سماج ۾ جيڪي به پيڙائون ٿين پيون، اياز تن جو ذڪر گَھِري، ويجھي ۽ روانِي انداز سان ڪيو آهي. عورت جي جذبن ۽ مظلوميت کي اياز اهڙي ته نرالي ۽ حقيقي روپ ۾ پيش ڪيو آهي جو پڙهڻ يا ٻڌڻ سان لنڱ ڪانڊارجيو وڃن. سنڌي سماج جي ترجماني ڪندڙ اياز گلَ پنهنجي شاعريءَ ۾ عين حالتن موجب عڪس چٽيا آهن. ”انسانيت سڀ کان اول“ واري نظرئي جو پيروڪار اياز گل جيترو حب الوطن شاعر آهي اوترو ئي حب البشر. ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ لکيو آهي ته: ”اياز گل لاءِ انسان دوستي ۽ انسان پرستي به ايڏي ئي اهم آهي، جيڏي وطن دوستي ۽ وطن پرستي- سندس شاعري مقامي هوندي به عالمي آهي. مجموعي طور اياز گل، پنهنجي ٽهيءَ جي شاعرن ۾ مٿانهون ته آهي، پر سنڌي شاعريءَ ۾ هُو، سدائين چوڏهين جي چنڊ جيان چمڪندو رهندو‘‘ (7) اياز شاعريءَ جي وسيلي انسانيت جي خدمت ڪئي آهي. سنڌ ۽ سنڌي قوم سان نڀاءُ ڪيو آهي. بيداري ۽ سجاڳي لاءِ جتن ڪيا آهن. هِن هردلعزيز شاعرَ، جهانگيئڙن لاءِ نيڪ تمنائون ۽ خوشين جون خواهشون رکندي، سک، سلامتيءَ، امن ۽ شانتيءَ لاءِ دعائون گھريون آهن.
شال هي ديس ٺري.
ڏاڍ ڏري، ڏاڍ مري!
(دک جي نه پڄاڻي آ، 346)
يا
سنــــڌ اوچــــي آ
سنــــڌ اوچــــي آ
(دک جي نه پڄاڻي آ، 333)
يا
چپ منهنجا، هي لفظ، شعرَ سڀئي،
سـنـڌُ! تـو لـئــه سـڪـــار چـاهـن ٿـا.
(ميلي جي تنهائي، 23)
اياز گل جي شخصيت اسان جي سماج ۾ موجود انهن مڙني عهدن کان اعليٰ ۽ عظمت ڀري آهي. عهدا، رتبا يا مرتبا پنهنجي جڳهه تي اهميت رکن ٿا، پر اياز کي موهي نه ٿا سگهن. اياز گل هڪ بردبار، صابر، خود دار ۽ حشمت ڀريو شاعر آهي. جهڙي شڪل ۽ صورت ملوڪ اٿس تهڙي شاعري ...! اياز شاعريءَ سان عشق ڪيو آهي، شاعري سندس روح روان آهي. ازل کان ابد تائين شاعري کي زندگيءَ جو مقصد بڻائيندڙ اياز گلَ هڪڙي هنڌ لکيو آهي ته: ”منهنجي شاعري منهنجي خوابن جو ئي هڪ روپ آهي، اهي خواب جيڪي ڪڏهن چوريءَ اچي نيڻن ۾ رين بسيرو ڪندا آهن، ته ڪڏهن وري ڏينهن ڏٺي جو ڪنهن آنڌيءَ وانگر زوريءَ در کولي اکڙين ۾ گھڙي ايندا آهن”(8)
واهه ڪناري بيٺل، هڪڙي وَڻَ سوچيو،
بيهڻ کان سئو وار، وَهَڻ ئي بهتر آ
(سندي جوڳيان ذات، 310)
يا
آءٌ امــــــر انـــــــســــــــانُ
ماري موت نه سگھندين!
اونداهي ڪمري جو مان
آهـــيـــــان روشـــــن دان
ماري موت نه سگھندين!
(دک جي نه پڄاڻي آ، 300)
جديد سنڌي شاعري ۾ جيڪي به مقبول صنفون لکيون وڃن ٿيون انهن سڀني صنفن تي اياز گل هڪ شهسوار وانگر طبع آزمائي ڪئي آهي. سندس گيت، غزل، نظم، وايون، دوها، ترائيل ۽ هائڪو جديد سنڌي ادب ۾ ايتري ته قبوليت ماڻي چڪا آهن، جو هر ننڍو توڙي وڏو اديب اياز گل کي پنهنجو مهندار ۽ محبوب شاعر تسليم ڪري ٿو. غزل جي ميدان ۾ پاڻ مڃائيندڙ اياز گلَ، ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ سان گڏ سچل چيئر ۾ به ڪم ڪيو آهي. سنڌي شعبي، شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ جي مخزن ”ڀٽائي“ جو ايڊيٽر ۽ معاون به رهيو آهي. سنڌي ادبي سنگت جي رسالي ”سنگت“ جو بنياد وجھندڙ اياز گل جي ڪتابن جو تفصيل هيٺين ريت آهي.
1. سوچون سرها گل (تاج جويي سان گڏ شاعري) 1978ع
2. گل ۽ تارا (ٻارن لاءِ شاعري) 1979ع
3. پِيلا گل پلاند ۾ (غزل) 1980ع
4. ڏينهن ڏٺي جا سپنا (شاعري) 1984ع
5. توبن ڪهڙا ڇانورا (شاعري) 1992ع
6. دک جي نه پڄاڻي آ (شاعري) 1997ع
7. سکر جون يادگيريون (سهيڙيل ۽ ايڊٽ ڪيل) 2001ع
8. پوان شل قبول (تنوير عباسيءَ تي لکيل مقالن جي ترتيب) 2006ع
9. روشن آ سانجهي (ايڊيٽنگ ۽ ترتيب) 2008ع.
10. ميلي جي تنهائي (شاعري) 2012ع
هُن جا غزل، وايون ۽ گيت بين الاقوامي گلوڪاره، جڳ مشهور راڳ جي راڻي عابده پروين، صادق فقير، سرمد سنڌيءَ، برڪت ڀٽ، ثمينه ڪنول، شازيه خشڪ ۽ رحمت ميرالي سميت سنڌ جي ڪيترن ئي مشهور فنڪارن ڳائي داد وصول ڪيو آهي. اياز گل کي مڃتا طور ڪيترائي ايوارڊ، شيلڊون، تمغا ۽ سندون پڻ مليون آهن.
1. گولڊ ميڊل (ايم. اي، سنڌي ادب ۾ پهرين پوزيشن تي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو) 1980ع
2. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي- جي طرفان اوارڊ (ڪتاب ’سوچون سرها گل‘ تي) 1978ع،
3. ينگ رائيٽرس گلڊ اوارڊ (ڪتاب ’گل ۽ تارا‘ تي) 1979ع،
4. سِگا طرفان گولڊ ميڊل (ڪتاب. ’ڏينهن ڏٺي جا سپنا‘ تي) 1992ع
5. استاد بخاري- سنگت اوارڊ (ڪتاب: ’توبن ڪهڙا ڇانورا‘ تي) 1992ع
6. اڪيڊمي آف ليٽرس طرفان شاهه لطيف اوارڊ (ڪتاب: ’دک جي نه پڄاڻيءَ‘ تي)1997ع
7. سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران اوارڊ (ڪتاب: ’دک جي نه پڄاڻيءَ‘ تي) 1997ع
8. سچل سرمست اوارڊ (سچل يادگار ڪاميٽي طرفان) 1997ع
9. سچل سرمست اوارڊ (سچل يادگار ڪاميٽي طرفان) 2000ع
10. تيرهون اسٽار اوارڊ (سائوٿ ايشيا پبليڪيشن طرفان) 2003ع
11. پي. ٽي. وي طرفان (بهترين شاعر جو اوارڊ) 2000ع
12. پي. ٽي. وي طرفان (بهترين شاعر جو اوارڊ) 2001ع
13. ’شيخ -اياز-‘ شيلڊ (حسن ڪاڪردگيءَ تي) 2002ع.
حوالا:
1. گل، اياز. توبن ڪهڙا ڇانورا. لاڙڪاڻو، سنڌ: سڳنڌ پبليڪيشن، ڇاپو پهريون، جون 1992ع، ص 12
2. اياز، شيخ. ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر(جلد ٽيون). ٽنڊو ولي محمد، حيدرآباد، سنڌ: نيو فيلڊس پبليڪيشن، 2004ع، ص 219
3. گل، اياز. توبن ڪهڙا ڇانورا. لاڙڪاڻو، سنڌ: سڳنڌ پبليڪيشن، ڇاپو پهريون، جون 1992ع، ص 14
4. گل، اياز. ميلي جي تنهائي. خيرپور سنڌ: پوپٽ پبليڪيشن هائوس، ڇاپوپهريون، سيپٽمبر 2012ع، بيڪ ٽائيٽل
5. چانڊيو، جامي. سندي جوڳيان ذات. ڪراچي: پيڪاڪ پرنٽرس اينڊ پبلشرز، ڇاپو پهريون، 2016ع، ص 311
6. گل، اياز. ميلي جي تنهائي. خيرپور سنڌ: پوپٽ پبليڪيشن هائوس، ڇاپوپهريون، سيپٽمبر 2012ع، فرنٽ فليپ
7. ساڳيو
8. گل، اياز. توبن ڪهڙا ڇانورا. لاڙڪاڻو، سنڌ: سڳنڌ پبليڪيشن، ڇاپو پهريون، جون 1992ع، ص 9