آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

منھنجي شروعاتي زندگي

ھن ڪتاب جو گهڻو تڻو مواد ونسٽن چرچل جي انھن لکڻين تي آڌاريل آھي، جيڪي ھو وقت بہ وقت مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپرائيندو رھيو ھيو. بنيادي طرح ھيءَ آتم ڪھاڻي ونسٽن چرچل جي ٻارروتڻ کان شروع ٿي ھڪ جنگي جوڌي جي ڪھاڻيءَ تائين جو سفر مڪمل ڪري ٿي. ھيءُ ڪتاب انگلينڊ ۽ يورپ جي اشرافيہ جي اُتم زندگيءَ سان گڏ چرچل جي اھل علم ۽ اھل حرب ھئڻ واري جذبي کي بيان ڪري ٿو.

  • 4.5/5.0
  • 11
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book منھنجي شروعاتي زندگي

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ونسٽن چرچل جي ڪتاب “(My Early Life (A Roving Commission” جو سنڌي ترجمو ”منھنجي شروعاتي زندگي“ اوھان اڳيان پيش ڪجي ٿو، جنھن جو سنڌيڪار محمد احمد منصور عباسي آھي.
ھن ڪتاب جو گهڻو تڻو مواد ونسٽن چرچل جي انھن لکڻين تي آڌاريل آھي، جيڪي ھو وقت بہ وقت مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپرائيندو رھيو ھيو. بنيادي طرح ھيءَ آتم ڪھاڻي ونسٽن چرچل جي ٻارروتڻ کان شروع ٿي ھڪ جنگي جوڌي جي ڪھاڻيءَ تائين جو سفر مڪمل ڪري ٿي. ھيءُ ڪتاب انگلينڊ ۽ يورپ جي اشرافيہ جي اُتم زندگيءَ سان گڏ چرچل جي اھل علم ۽ اھل حرب ھئڻ واري جذبي کي بيان ڪري ٿو.
ھي ڪتاب 2009ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان شيئر ڪجي ٿي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ : ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي.

ڇپائيندڙ پاران

ڪتاب ”منهنجي شروعاتي زندگي“ ونسٽن چرچل جي آتم ڪهاڻي آهي. جنهن جو گهڻو تڻو مواد انهن لکڻين تي آڌاريل آهي، جيڪي هو وقت بوقت مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ چپرائيندو رهندو رهيو هو. يورپ واري اشرافيہ جي اڻوهين صديءَ واري زندگيءَ ۾ چرچل هڪ وڏو نالو رهيو آهي، جنهن انگلينڊ جي تاريخ کي نئون عزم ۽ نئين روشني عطا ڪئي.
هن جي شروعاتي زندگيءَ وارو هيءُ ڪتاب رڳو سندس ڪنزرويٽو ميمبر جي حيثيت ۾ چوبڊجڻ تائين محدود آهي، بهرحال هيءُ ڪتاب انگلينڊ ۽ يورپ جي اشرافيہ جي اُتم زندگيءَ سان گڏ سندس اهل علم ۽ اهل حرب هئڻ واري جذبي کي بيان ڪري ٿو.
بنيادي طرح سان هيءَ آتم ڪهاڻي سندس ٻاروتڻ کان شروع ٿي هڪ جنگي جوڌي جي ڪهاڻيءَ تائين جو سفر مڪمل ڪري ٿي. انهيءَ آتم ڪٿا کي پڙهندي اها ڄاڻ حاصل ٿيندي ته لوڪ ادب (Folklore) کان وٺي ڪلاسڪس (Classics)، ۽ تاريخ جا مها ڄاڻو هئا. انهيءَ سان گڏ پنهنجي ڏاهپ ۽ عملي جاکوڙ وسيلي پنهنجي تاريخ کي پنهنجو ڪرڻ جو اعلى فڪر رکندڙ هئا. هي آتم ڪهاڻي اصل ۾ انهيءَ پنهنجي قومي ورثي کي پنهنجو ڪرڻ جو هڪ داستان آهي.
هن ڪتاب- ”منهنجي شروعاتي زندگي“ (My early life) جو سنڌيءَ ۾ ترجمو مانواري استاد محمد احمد منصور عباسيءَ ڪيو آهي. اميد آهي ته ادب ۽ دنيا جي چڱن ماڻهن جي زندگيءَ جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ وارو شوق رکندڙ ادبي حلقي ۾ هيءُ ڪتاب پذيرائي حاصل ڪندو.

(پروفيسر سيد زوار حسين نقوي)
سيڪريٽري
سنڌي ادبي بورڊ
ڄام شورو

خميس، 3 محرم الحرام 1430هه
1- جنوري 2009ع

سنڌيڪار طرفان ٻه اکر

آتم ڪهاڻي کي ادب جي سڀ کان دلچسپ ۽ سڀ کان وڌيڪ پڙهي ويندڙ صنف چئي سگهجي ٿو. آتم ڪهاڻي جيتري مشهور معروف ۽ زندگيءَ جي ميدان ۾ جيتري وڌيڪ ڪامياب شخص جي هوندي انهيءَ کي ايترائي وڌيڪ پڙهندڙ ملندا. هيءُ ڪتاب به اهڙي ئي هڪ مشهور ۽ ڪامياب شخص جي آتم ڪهاڻي آهي، جنهن جو ليکڪ ونسٽن چرچل پاڻ جيتوڻيڪ برطانيه جي مشهور نوابي خاندان ’مارلبورو‘ جو چشم و چراغ هو ۽ سندس ڏاڏو آئرلينڊ جو وائسراءِ ۽ پيءُ برطانيه جو وزير خزانه به ٿي رهيا هئا، پر سندس شهرت ۽ ڪاميابيءَ جا فقط اهي ئي سبب نه هئا. هو هڪ انتهائي گهڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ هو. ”رائيل ملٽري ڪاليج سينڊ هرسٽ“ مان فارغ ٿي ڪيولري ۾ ڪميشن حاصل ڪرڻ، دنيا جي چئن کنڊن ايشيا، آفريقا، يورپ ۽ آمريڪا ۾ جنگين ۾ شريڪ ٿيڻ کان 26 سالن جي ڄمار ۾ هائوس آف ڪامنز جو ميمبر ٿيڻ تائين جي ڳالهه هجي ها ته به انهيءَ ۾ ڪا ايتري اچرج جهڙي ڳالهه نه هجي ها پر هو صحيح معنى ۾ قسمت جو ڌڻي هو ۽ ڪٿي به ڪهڙي حال ۾ به حالتن کان راضي ٿي ماٺ ڪري ويهي نه رهندو هو. فوجي نوڪريءَ کي ڪجهه ئي سال ٿيا هوندس ته ڏٺائين ته انهيءَ نوڪريءَ مان ملندڙ پگهار کان ته اخبارن ۾ لکيل ڪالمن ۽ ڪتابن مان وڌيڪ آمدني ٿئي ٿي ته نوڪريءَ تان استعيفا ڏئي ڇڏيائين. وري بغير ڪنهن اڳواٽ بندوبست جي ڪنزرويٽو پارٽيءَ جي مرڪزي آفيس ۾ لنگهي ويو ۽ پارليامينٽ جو ميمبر ٿيڻ لاءِ ڪنهن سيٽ جي طلب ڪيائين. پهرئين دفعي سو ناڪاميءَ کي منهن ڏيڻو پيس پر دلشڪستو نه ٿيو ۽ وري قسمت آزمايائين ۽ ميمبر ٿيو، پوءِ ته جملي چوڏهن دفعا چونڊن ۾ حصو وٺي ڪيترن ننڍن عهدن کان ٿيندو وزير داخله، وزير خزانه ۽ ٻه دفعا وزير اعظم پڻ ٿيو.
هو جيئن ته بنيادي طور فوجي آفيسر هو ۽ هڪ فوجي کي لازماً جنگ جي ئي سکيا ۽ تربيت ملندي آهي، پر جنگ سان ايترو رومانوي لڳاءُ ورلي ئي ڪنهن کي ٿيو هوندو جو فوجي نوڪريءَ جي شروعات ۾ ئي اڍائي مهينن جي موڪل تي ٻيا آفيسر شڪار تي ويا هليا ته هيءُ وڏيون سفارشون ڪرائي اسپينين جي ڪيوبا جي گوريلن سان هلندڙ مهمن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ڪيوبا روانو ٿي ويو ۽ اتي ئي پنهنجي ايڪويهين سالگره تي پهريون دفعو گولين جي منهن ۾ آيو. پوءِ ته اهو سندس دستور ٿي ويو ته انگريزي فوج جڏهن به ڪنهن فوجي مهم تي رواني ٿيندي هئي ته هو بيقرار ٿي ويندو هو ۽ هو پاڻ ۽ انگلينڊ ۾ ويٺل سندس ماءُ سر ٽوڙ ڪوششون شروع ڪري ڏيندا هئا ۽ خطن، ٽيليگرامن ملاقاتن ۽ دعوتن جو سلسلو ايستائين پيو هلندو هو، جيستائين کيس انهيءَ مهم ۾ شريڪ ٿيڻ جي اجازت نه ملندي هئي. مالاڪنڊ فيلڊ فورس، مصر ۽ سوڊان جي فوجي مهمن ۾ اهڙيءَ طرح شريڪ ٿيو. آفريقا ۾ ’بوئروار‘ ۾ جنگي نامانگار جي حيثيت ۾ شريڪ ٿيو پر بڪتربند ٽرين واري واقعي ۾ پنهنجي ساٿين کي وڏي بهادريءَ سان بچائي پاڻ جنگي قيدي ٿي پريٽوريا پهچي ويو، اتي به قيد ۾ مشڪل سان هڪ مهينو رهي اتان ڀڄي نڪتو ۽ هلندڙ ريل گاڏين ۾ لهندو چڙهندو ۽ ڪوئلي جي کاڻين ۾ لڪندو 480 ڪلوميٽرن جو فاصلو طي ڪري دشمن ملڪ مان نڪري آيو.
وري جو سندس لکيل ڪتابن جي انگ تي نظر وجهجي ٿي، ته ائين ٿو لڳي ته هي ماڻهو ته شايد دنيا جي ٻين ڪمن ڪارين کان واندو ٿي فقط لکڻ پڙهڻ جو ڪم ئي ڪندو رهيو آهي. سياسي ليڊرن کي امن جو نوبل انعام ته ملندو رهيو آهي، پر هن وزير اعظم سن 1953ع جو ادب جو نوبل انعام به ماڻي ورتو. لکڻ سان گڏوگڏ مصوري به ڪئي اٿائين. تقرير ۽ خطابت جي فن جو به شهسوار هو. ٻي عالمي جنگ عظيم دوران انگريز قوم جا جذبا بلند رکڻ ۾ سندس تقريرن جو وڏو ڪردار هو. انهيءَ دور ۾ وزير اعظم ٿيڻ وقت پنهنجي پهرين تقرير ۾ ئي هن قوم کي ايندڙ حالتن لاءِ تيار ڪندي چيو هئائين:
“I have nothing to offer but blood, toil, tears and sweat” هو پنهنجي ذات تي به ڏاڍي دلچسپ انداز ۾ ڪو چرچو ڪري وٺندو هو. پنهنجي 75 هين سالگره جي موقعي تي چيو هئائين ته ”آءٌ پنهنجي خالق سان ملاقات لاءِ تيار آهيان، اها ٻي ڳالهه آهي ته هو منهنجي ملاقات جي تڪليف دهه امر لاءِ تيار آهي الائجي نه!“
بهرحال اهڙين عظيم صلاحيتن جو مالڪ 24- جنوري 1965ع تي 90 ورهين جي ڄمار ۾ دماغي فالج سبب لنڊن ۾ فوت ٿيو ته ملڪ ۽ قوم لاءِ سندس خدمتن جي اعزاز ۾ کيس State funeral ڏنو ويو. سندس لاش مڪمل سرڪاري اعزاز سان ٽي ڏينهن ويسٽ منسٽر هال ۾ رکيو ويو جتي ٽن لکن کان وڌيڪ ماڻهو هڪ قطار مان گذرندا کيس آخري آداب پيش ڪندا ويا.
عالمي نشرياتي اداري بي.بي.سي سن 2002ع ۾ هڪ سو عظيم ترين برطانوين جي چونڊ لاءِ پنهنجي ڏهن لکن جي لڳ ڀڳ ناظرين کان ووٽ ورتا هئا. انهيءَ ۾ کيس The Greatest of Them all قرار ڏنو ويو هو.
انهيءَ مان ڪتاب جي ليکڪ بابت ذهن ۾ ڪافي واضح تصور جُڙي ويو هوندو. هاڻي ڪجهه ڳالهيون ڪتاب بابت ته انهيءَ جو پهريون چاپو 1930ع ۾ شايع ٿيو هو. بورڊ پاران انهيءَ جي ترجمي جو ڪم مون کي اهڙيءَ طرح حوالي ڪيو ويو جو فقط ڪتاب ۽ ليکڪ جو نالو ٻڌايو ويو. مون ڪراچي ۾ رهندڙ پنهنجن ڀائرن مسعود ۽ مقبول کي انهيءَ ڪتاب جي هڪ ڪاپي خريد ڪري مون ڏانهن موڪلڻ جو چئي ڇڏيو. پوءِ ته انهن جون شامون هيون ۽ ڪراچي جا ڪتاب گهر هئا. وڏا ننڍا ڪتاب گهر ڏسي چڪا ته پراڻن ڪتابن جي مرڪزن تي به ڳولهائون ڪيائون پر ڪتاب نه ملي نه مليو. اهي ڳولهائون هلندي مسعود نيٺ لياقت ميموريل لائبريريءَ مان انهيءَ جي فوٽو ڪاپي حاصل ڪري ورتي. انهيءَ لاءِ آءٌ ٻنهي جو ٿورائتو آهيان. پر مسعود جي مون سان معاونت جو سلسلو پوءِ به هلندو رهيو جو ترجمو ڪندي ڪيترائي لفظ لغاتن ۾ نه لڀندا هئا ته اهي هن ڏانهن موڪليندو ويندو هوس ته هو انٽرنيٽ تان انهن جون معنائون ڳولهي موڪليندو هو. ڪتاب ۾ آيل فرانسيسي چوڻين جون معنائون به هن ئي ڳولهي ڏنيون. ساڳئي طرح محترم الطاف شيخ سان اي ميل ذريعي رابطو ڪرڻ ۽ اتان آيل ڪافي تفصيلي جواب جي پرنٽ ڪڍي موڪلڻ لاءِ به هو ئي شڪريي جو مستحق آهي. الطاف شيخ صاحب نيل درياءَ جي آبشارن بابت تمام معلوماتي مواد موڪليو انهيءَ لاءِ آءٌ سندس نهايت ئي ممنون آهيان.
ترجمي جي ميدان ۾ منهنجي ٿيل ڪوششن کي سنڌي ادبي بورڊ هي جيڪا ٻيون دفعو مڃتا ڏئي ڇسپائي هيٺ آڻي رهيو آهي، انهيءَ لاءِ آءٌ بورڊ جي ديده ور منتظمين جو دلي شڪرگذار آهيان. بورڊ جي سيڪريٽري جناب پروفيسر سيد زوار حسين نقوي صاحب جي شڪريي ادائي به واجب آهي جن ڪتاب جي بنا دير ڇپائي جو سعيو ڪيو. ڪتاب کي ديده زيب ڇاپڻ لاءِ پبليڪيشن آفيسر عبدالحفيظ قريشي صاحب ۽ رفيق جمالي صاحب مون سان مسلسل رابطي ۾ رهيا ۽ انهيءَ دوران سندن ورتاءُ ازحد محبت ۽ خلوص وارو رهيو. انهيءَ لاءِ سندن مهرباني


محمد احمد منصور عباسي
ليڪچرار، سنڌي شعبو
گورنمينٽ شاهه لطيف ڪاليج
شڪارپور

5- رجب المرجب 1429هه
19- جولاءِ 2008ع

پبلشر جو نوٽ

هن ايڊيشن جو متن سن 1930ع واري ايڊيشن جهڙو ئي آهي. خاڪن ۾ البت ٿوري ترميم ڪئي وئي آهي ۽ نقش ۽ ڊاياگرامن ۾ وڌيڪ چٽائي آڻڻ لاءِ اهي نئين سر ٺاهيا ويا آهن.
هن ڪتاب ۾ مسٽر چرچل پاران اولڊ هام جي حلقي مان ڪنزرويٽو پارليامينٽ چونڊجڻ تائين جو احوال شامل آهي. (انهيءَ کان اڳتي فقط هڪ سادي ۽ سهڻي جملي ۾ 1908ع ۾ سندس شادي بابت اشارو شامل آهي) سندس بيمثال پارليامينٽري ڪيريئر جو دور اڃا اڳتي هو جنهن ۾ هو مختلف وقتن تي هنن عهدن تي رهيو: ڪالونين لاءِ انڊر سيڪريٽري آف اسٽيٽ 08-1906ع، بورڊ آف ٽريڊ جو صدر 10-1908ع، هوم سيڪريٽري 11-1910ع، فرسٽ لارڊ آف ايڊمرلٽي 15-1911ع، چانسيلر آف ڊيوچي آف لنڪاسٽر 1915ع، منسٽر آف ميونيئشنز 1971ع، سيڪريٽري آف اسٽيٽ فار وار اينڊ ايئر 22-1918ع، ڪالونين لاءِ سيڪريٽري آف اسٽيٽ 22-1921ع، چانسيلر آف دي ايڪسچيڪر[2] 29-1924ع، فرسٽ لارڊ آف ايڊمرلٽي 40-1939ع، وزير اعظم، فرسٽ لارڊ آف دي ٽريزري ۽ وزير دفاع 45-1940ع.
هيءُ حڪومتي عهدن جو هڪ منفرد رڪارڊ آهي ۽ هيءُ ڪتاب انهيءَ جي مهاڳ جي حيثيت رکي ٿو.

سيپٽمبر 1947ع


_____________
[1] انگريزي ڪتاب جي پبلشر جو نوٽ.
[2] يعني وزير خزانه.

مهاڳ

منهنجي شروعاتي زندگي ۽ ان جي قابل ذڪر واقعن جا مختلف احوال وقت بوقت ڇپبا رهيا آهن. مون جن مهمن ۾ حصو ورتو انهن بابت ڪهاڻيون پڻ آءٌ پاڻ ٽيهه سال اڳ چپائي چڪو آهيان. پوءِ وري ڪجهه خاص واقعن بابت به لکندو رهيو آهيان. اهڙي صورتحال ۾ مون اهو بهتر سمجهيو ته انهن سڀني ٽڪرن کي هڪ مڪمل قصي جو روپ ڏيان ۽ سموري ڪهاڻي نئين سر بيان ڪريان. تنهنڪري مون نه فقط پنهنجي حافظي ۾ موجود شين جو جائزو ورتو آهي پر پنهنجا انگ اکر پاڻ وٽ موجود رڪارڊن سان به ڏاڍي توجهه سان ڀيٽي _ڏٺا آهن. مون ڪوشش ڪئي آهي ته هن ڪهاڻي جا مختلف حصا هڪ صديءَ جي چوٿين حصي جي جن به دورن ۾ ٿي گذريا آهن انهن ۾ پنهنجي عمر سان مطابقت رکندڙ نقطئه نظر پيش ڪريان يعني ٻار جي حيثيت ۾ ٻاراڻو؛ اسڪولي شاگرد وارو ۽ ساڳئي طرح ڪيڊٽ[1]، سبالٽرن[2] (Subaltern) جنگي نامه نگار ۽ نوجوان سياستدان جي عمر سان مطابقت رکندڙ نقطئه نظر پيش ڪيا ويا آهن. اهي رايا جيڪڏهن موجوده دور جي عام طور قابل قبول راين سان ٽڪراءَ ۾ اچن ٿا ته انهن کي فقط منهنجي شروعاتي زندگيءَ جي هڪ مرحلي جي نمائندگي ڪندڙ سمجهيو وڃي ۽ فقط انهن صورتن کانسواءِ جتي متن اجازت ڏئي، ان کي ڪنهن به صورت ۾ جديد دور جو بيان نه سمجهيو وڃي.
آءٌ جڏهن هن ڪتاب تي مجموعي طور نظر وجهان ٿو ته مونکي ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ ته مون هڪ گذري ويل دور جا چٽ چٽيا آهن. انهيءَ دور جي سماج جي ذهن ۾ ايندڙ مجموعي تاثر کان وٺي سياست جا بنياد، جنگ جا طريقا، نوجوانن جي زندگي ۽ دنيا ڏانهن رويو ۽ قدرن (Values) جا پيمانا، مطلب ته هر شيءِ بدلجي وئي آهي ۽ اها تبديلي ايتري وڏي حد تائين آئي آهي جو منهنجي خيال ۾ ته ان جو ايتري مختصر عرصي ۾ ڪنهن شايد اندروني اٿل پٿل کان سواءِ واقع ٿيڻ ممڪن ئي نه هو. آءٌ اها دعوى نه ٿو ڪريان ته منهنجي خيال ۾ انهن سڀني شين ۾ تبديلي اچي اهي اڳي کان بهتر ٿي ويون آهن. منهنجو ننڍپڻ وڪٽوريائي دور ۾ گذريو جڏهن اسان جي ملڪ جو نظام مضبوطي سان بيٺل نظر ايندو هو؛ جڏهن واپار جي ميدان ۽ سمنڊن تي سندس ڪو ثاني شريڪ نه هوندو هو ۽ جڏهن پنهنجي سلطنت جي عظمت ۽ ان کي برقرار رکڻ ۾ پنهنجي فرض جو احساس هر فرد ۾ روز بروز مضبوط نظر ايندو هو. انهن ڏينهن ۾ برطانيه ۾ غلبو رکندڙ قوتن کي پنهنجي حيثيت ۽ پنهنجي اصولن ۽ نظرين بابت پڪو يقين هوندو هو. انهن سمجهيو ٿي ته انهن ۾ اها صلاحيت آهي ته اهي دنيا کي حڪومت هلائڻ جي فن ۽ اقتصاديات جي علم جي تعليم ۽ سکيا ڏئي سگهيا ٿي. انهن کي پڪ هئي ته سمنڊن تي انهن جي بالادستي قائم آهي ۽ ان جي نتيجي طور اهي پنهنجي ملڪ ۾ به محفوظ آهن. تنهنڪري اهي طاقت ۽ تحفظ جو يقين رکيون پُرسڪون لڳا ويٺا هوندا هئا. موجوده بي چين ۽ ٻڏتر جو شڪار دور جا رنگ ڍنگ ڏاڍا مختلف ٿي ويا آهن. مهربان پڙهندڙ ڪابه راءِ قائم ڪندي اهڙيون تبديليون ضرور ذهن ۾ رکن.
مون سوچيو ته نئين نسل لاءِ هڪ نوجوان جي ڪوششن جو داستان پڙهڻ شايد ڪنهن دلچسپيءَ جو باعث ٿيندو، تنهنڪري مون پنهنجي شخصي زندگي جي حصي ۾ آيل واقعن جو احوال جيترو ممڪن ٿي سگهيو آهي بي تڪلفي ۽ سادگيءَ سان لکي ڇڏيو آهي.


ونسٽن اسپينسر چرچل
چارٽ ويل مينر

آگسٽ، 1930ع

_____________
[1] اهو اصلوڪي ڇاپي جو مهاڳ جو سنڌي ترجمو آهي. (سنڌيڪار)
[2] آرمي ۾ ڪيپٽن کان هيٺين رينڪ وارن آفيسرن لاءِ اهو گڏيل لفظ ڪم ايندو آهي. (سنڌيڪار)

باب پهريون: ٻاروتڻ Childhood

اسانجي حافظي جي شروعات ڪڏهن کان ٿئي ٿي؟ شعور جي ڦٽندڙ باک جا اولڙا ۽ ترورا ٻار جي ذهن تي ڪڏهن کان پنهنجو اثر وجهڻ شروع ڪن ٿا؟ منهنجي ذهن ۾ سڀ کان شروعاتي يادگيريون آئرلينڊ بابت آهن. آئرلينڊ ۾ ٿي گذريل واقعا ۽ اتان جا منظر منهنجي ذهن ۾ بلڪل چٽيءَ طرح ۽ ڪجهه حالتن ۾ ته اتان جي ماڻهن بابت به منهنجي ذهن ۾ اڻ چٽا عڪس محفوظ آهن. بهرحال، آءٌ 30 نومبر 1874ع تي پيدا ٿيس ۽ 1879ع جي اوائل ۾ آئرلينڊ ڇڏيو. منهنجو والد، آئرلينڊ ۾ پنهنجي پيءُ ڊيوڪ آف مارلبرو جو سيڪريٽري ٿي ويو هو، جنهن کي مسٽر ڊزرائيلي 1876ع ۾ اتان جو لارڊ ليفٽيننٽ[1] مقرر ڪيو هو. اسين جنهن گهر ۾ رهندا هئاسين انهيءَ جو نالو The Little Lodge هوندو هو. اهو وائسراءِ جي رهائش گاهه کان سڏ پنڌ تي هو. هتي مون پنهنجي ٻاروتڻ جا تقريباً ٽي سال گذاريا. منهنجي ذهن ۾ ڪجهه واقعن جا صاف ۽ چٽا عڪس اڃان تائين محفوظ آهن. منهنجي ڏاڏي وائسراءِ پاران 1878ع ۾ لارڊ گاف (Lord Gough) جي مجسمي جي نقاب ڪشائي ڪرڻ جو واقعو مون کي چڱي طرح ياد آهي ته ڪيئن ماڻهن جو ميڙ گڏ ٿيو هو، قرمزي لباس ۾ گهوڙيسوار سپاهي بيٺا هئا، ڀوري رنگ جي چمڪدار ڪپڙي جي ٽڪري کي ڏوريون ڇڪي رهيون هيون ۽ منهنجي ڏاڏي جي رعبدار شخصيت ماڻهن جي ميڙ سان وڏي آواز ۾ مخاطب هئي. هن پاران ڪم آندل هڪ جملو به مون کي اڃان تائين ياد آهي. هن چيو هو: ”هن گولين جا ڌوڙيا لائي دشمن جي صف کي ٽيڙي پکيڙي ڇڏيو.“ مون بلڪل چڱي طرح سمجهيو ٿي ته هو جنگ ۽ لڙائيءَ بابت ڳالهائي رهيو هو. آءٌ سمجهان ٿو ته منهنجي ذهن ۾ موجود يادگيرين جو اهو سڀ کان پهريون واضح ۽ چٽو عڪس آهي.
يادگيريءَ جي ڦرهيءَ تي ڪجهه ٻيا واقعا اڃان به وڌيڪ نمايان بيٺا آهن. اسين هڪ دفعو گونگي ناٽڪ تي وڃڻا هئاسين. انهيءَ بابت هرڪو ڏاڍو پُرجوش لڳو پيو هو. آخرڪار اها انتظار واري شام به اچي پهتي. اسين وائسراءِ جي رهائشگاهه مان نڪري گاڏين ۾ قلعي ڏانهن روانا ٿياسين جتاب ٻين ٻارن کي به کڻڻو هو. قلعي ۾ هڪ وڏي چورس زمين جي ٽڪري تي ننڍڙن مستطيل ٽُڪرن جو فرش لڳل هو. اسين اتي ئي هئاسين ته مينهن وسي پيو. مينهن گهڻو ڪري سدائين وسندو هو جيئن هاڻي به وسي ٿو. ماڻهو قلعي جي دروازن کان ٻاهر نڪري آيا ۽ ڏاڍي هلچل ڏسڻ ۾ پئي آئي. پوءِ اسان کي ٻڌايو ويو ته اسين ناٽڪ تي نه هلي سگهنداسين جو ٿيٽر کي باهه لڳي وئي آهي. باهه ۾ ٻين شين سان گڏوگڏ ٿيٽر جو مئنيجر به سڙي خاڪ ٿي ويو آهي ۽ ان جي کيسي ۾ موجود فقط چاٻيون ئي صحيح سلامت بچيون آهن. ناٽڪ تي نه وڃڻ سبب اسانکي ريجهائڻ طور اسان سان واعدو ڪيو ويو ته سڀاڻي وڃي انهيءَ عمارت جا کنڊر ڏسي اينداسين. منهنجي ڏاڍي خواهش هئي ته آءٌ اهي چاٻيون ڏسان پر اها درخواست لڳي ٿو ته وڏن کي سٺي نه لڳي.
انهن ئي سالن ۾ اسين ايمو پارڪ گهمڻ وياسين جتي لارڊ پورٽر لنگٽن جو مجسمو بيٺل آهي. انهيءَ بابت مون کي ٻڌايو ويو ته اهو هڪ قسم جو چاچو آهي. آءٌ جيتوڻيڪ انهيءَ جاءِ تي چئن يا ساڍن چئن ورهين جي عمر کان پوءِ نه ويو آهيان ته به انهيءَ جو احوال بلڪل واضح ٻڌائي سگهان ٿو. منهنجي يادگيريءَ جو مرڪزي نقطو هڪ ڊگهو سفيد پٿر جو ٽاور آهي جنهن تائين پهچڻ لاءِ اسين چڱو خاصو وقت گاڏيءَ ۾ هليا هئاسين. مون کي ٻڌايو ويو ته انهيءَ کي اوليورڪرامويل تباهه ڪري ڇڏيو هو. انهيءَ مان مون اهو نتيجو ڪڍيو هو ته هن جيئن ته هر قسم جي شين کي تباهه ڪري ڇڏيو هو تنهنڪري هو هڪ تمام وڏو ماڻهو هوندو.
مسز ايوريسٽ، منهنجي نرس فينين[2] (Fenians) کان ڏاڍي ڊڄندي هئي. انهيءَ مان مون اهو سمجهيو ته اهي ڏاڍا خراب ماڻهو هوندا ۽ انهن کي جيڪڏهن ڇيڪ ڇڏيو ويو ته خبر ناهي اهي ڪهڙا ڪهڙا ڪم ڪري ويهندا. هڪ دفعو آءٌ جڏهن گهر کان ٻاهر گڏهه تي سوار هوس ته اسان جي خيال ۾ اسان فينين جو هڪ ڊگهو جلوس ايندي ڏٺو هو. هاڻي مون کي پڪ آهي ته اها عام رواجي ڊرل تي نڪتل رائيفل برگيڊ هوندي. پر اسين سڀ ۽ خاص طور گڏهه ڏاڍو ڊڄي ويا هئاسين. گڏهه پُستيون هڻي پنهنجي پريشاني ظاهر ڪئي هئي. آءٌ گڏهه تان هيٺ ڪري پيو هوس ۽ مون کي مغز ۾ ڌڪ لڳا هئا. آئرستاني سياست سان اهو منهنجو پهريون تعارف هو.
فنيڪس پارڪ ۾ وڻن جي هڪ وڏي گول جُهڳٽي جي وچ ۾ هڪ وڏو گهر هوندو هو. انهيءَ گهر ۾ هڪ شخصيت رهندي هئي. جنهن جو نالو مون کي پڪ نه آهي تي چيف سيڪريٽري هو يا انڊر سيڪريٽري هو. بهرحال انهيءَ گهر مان مسٽر برڪ (Burke) نالي هڪ ماڻهو ٻاهر آيو. انهيءَ مون کي هڪ دهل ڏنو. مون کي سندس مهانڊا ته ياد نه آهن پر دهل ياد آهي. ٻه سال پوءِ جڏهن اسين انگلينڊ واپس اچي ويا هئاسين ته مونکي ٻڌايو ويو ته مسٽر برڪ کي فينين انهيءَ ساڳي پارڪ ۾ قتل ڪري ڇڏيو. جنهن ۾ اسين روزانو واڪ ڪرڻ ويندا هئاسين. منهنجي آسپاس موجود سڀ ماڻهو ڏاڍو پريشان لڳي رهيا هئا ۽ آءٌ سوچڻ لڳس ته چڱو ٿيو جو آءٌ جڏهن گڏهه تان ڪريو هوس ته انهن فينين جي ور نه چڙهي ويو هوس.
انهيءَ لٽل لاج ۾ ئي مون تي پهريون دفعو تعليم جي مصيبت وڌي وئي هئي. مون کي هڪ نڀاڳي انسان جي اچڻ بابت ٻڌايو ويو جنهن کي گورنيس ٿي ڪوٺيائون. ڪنهن خاص تاريخ تي سندس اچڻ جو ڏينهن مقرر هو. انهيءَ ڏينهن واسطي تياري ڪرڻ لاءِ مسز ايوريسٽ ”بنا روئڻ جي پڙهائي“ ‘Reading without Tears’ نالي هڪ ڪتاب آندو هو. مون تي ته ان جو عنوان ڪنهن به صورت ۾ ٺهڪي نه ٿي آيو. مونکي ٻڌايو ويو ته آءٌ گورنيس جي اچڻ کان اڳ لازماً انهيءَ قابل هجان جو اکين ۾ ڳوڙهن کان سواءِ پڙهي سگهان. اسين هر روز ڪشالا پيا ڪڍندا هئاسين. منهنجي نرس مختلف اکرن تي پين رکي ڏيکاريندي هئي. آءٌ انهيءَ سموري ڪم کي ڏاڍو ٿڪائيندڙ سمجهندو هوس. بهرحال اسان جون تياريون اڃان ڪنهن به لحاظ کان مڪمل نه ٿيون هيون جو اهو مقرر ڏينهن اوچتو اچي پهتو ۽ گورنيس جي اچڻ جو وقت ڀرجي آيو. مون اهو ئي ڪيو جيڪو ڪيترن ئي مصيبت جي ماريلن اهڙين حالتن ۾ ڪيو آهي. يعني آءٌ جهنگ ڏانهن ڀڄي ويس. آءٌ لٽل لاج جي چوطرف پکڙيل سنهي جهنگ ۾ لڪي ويهي رهيس. اهو جهنگ ننڍڙا ٻوٽا ۽ ٿڙٿٻ هئا پر مون کي ٻيلو ٿي ڏسڻ ۾ آيا. ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ مونکي اتان ڪڍي گورنيس جي حوالي ڪيو ويو. اسين هر روز نه فقط اکرن پر لفظن ۽ انهن کان به ڏکين انگن تي محنتون ڪندا رهياسين. اکرن جي فقط سڃاڻپ ڪرڻي هوندي هئي ۽ اهي جڏهن ڪنهن مقرر طريقي ۾ گڏجي بيٺا ٿي ته ماڻهو انهن جي جوڙجڪ سمجهي ويو ٿي ۽ ان جو مطلب ڪو خاص آواز يا لفظ ٿيو ٿي ۽ ڪافي مقدار ۾ دٻاءُ پوڻ تي اهو لفظ يا آواز اچارڻ ۾ به اچي ويو ٿي. پر انگ ڪيترن ئي مختلف نمونن ۾ پاڻ ۾ وچڙيا ۽ اٽڪيا پيا هوندا هئا ۽ هڪ ٻئي تي اهڙا عمل پيا ڪندا هئا جن بابت بلڪل درست نموني اڳڪٿي ڪرڻ ڏاڍو مشڪل هوندو هو. اهي جڏهن به هڪ ٻئي سان ڳنڍجن ته توهان کي ٻڌائڻو پوندو ته اهي ڪهڙي ريت عمل ڪندا ۽ گورنيس اهڙن سوالن جو جواب بلڪل درست هئڻ کي به تمام وڏي اهميت ڏيندي هئي. جيڪڏهن جواب درست نه هوندو ته لازماً غلط هوندو. انهيءَ جي تقريباً درست هئڻ ڪابه اهميت نه ٿي رکي. ڪجهه صورتن ۾ ته اهي انگ هڪ ٻئي جا قرضي ٿي پوندا هئا، توهان کي ڪڏهن هڪ اڌارو وٺڻو پوندو يا ٽپائڻو پوندو هو ۽ پوءِ وري اهو اڌارو ورتل انگ واپس ڪرڻو پوندو هو. انهن مونجهارن منهنجي زندگيءَ تي بدمزگي جو هڪ ڏينهون ڏينهن وڌندڙ پاڇو وجهي ڇڏيو هو. مون باغ يا نرسريءَ ۾ دلچسپ ڪم ڪرڻ چاهيا ٿي انهن مون کي انهن کان پري ڪري ڇڏيو هو. انهن منهنجي واندڪائي تي حددخليون قائم ڪري ڇڏيون هيون. مونکي پنهنجي پسند جا ڪم ڪرڻ لاءِ مشڪل سان ڪو وقت ملندو هو. اهي مسلسل پريشاني ۽ فڪرات جو سبب بڻجي پيا هئا. اها ڳالهه خاص طور تڏهن سچي ثابت ٿي جڏهن اسان حسابن جي نالي سان سڏي ويندڙ هڪ خوفناڪ ڌٻڻ ۾ لٿاسين. انهن جي ڪا حد ۽ پروئي ڏسڻ ۾ ئي نه ٿي آيو. جڏهن هڪ حساب ٿي ويندو هو ته سدائين ٻيو اچي ويندو هو. ساڳئي طرح جيئن آءٌ انهن مصيبتن جي هڪ ڪلاس تي حاوي ٿي ويندو هوس ۽ انهن کي سمجهه ۾ ويهاري ڇڏيندو هوس ته ٻيو اڃان وڌيڪ ڏکيو قسم مون تي مڙهيو ويندو هو.
منهنجي ماءُ انهن تعليمي سزائن ۾ ڪوبه حصو نه وٺندي هئي. پر هن پنهنجي ڳالهه ٻولهه مان مون تي اها ڳالهه واضح ڪري ڇڏي هئي ته هو انهن کي درست سمجهي ٿي ۽ ٻيو ته هوءَ تقريباً هر موقعي تي گورنيس جي طرفداري ڪندي هئي. منهنجي ذهن ۾ آئرلينڊ ۾ رهڻ واري دور جي سندس تصوير اها آهي ته کيس کل وانگر چست گهوڙي سواريءَ جي پوشاڪ پهريل هوندي هئي جنهن تي گهڻو ڪري مٽي جا داغ لڳل هوندا هئا ۽ اهي ڏاڍا سهڻا پيا لڳندا هئا. هوءَ ۽ منهنجو پيءُ گهڻو ڪري پنهنجن وڏن گهوڙن تي چڙهي شڪار پيا ڪندا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن انهن مان ڪير مقرر وقت کان ڪيترا ڪلاڪ پوءِ به واپس نه پهچندو هو ته گهر ۾ ڏاڍو خوف ۽ هراس پکڙجي ويندو هو.
منهنجي ماءُ سدائين پرين جي ديس جي شهزادي لڳندي هئي يا کڻي چئجي ته هو بي انداز دولت ۽ طاقت جي مالڪ هڪ روشن ۽ چمڪدار وجود لڳندي هئي. لارڊ ڊي ايبرنان سندس آئرلينڊ وارن ڏينهن جي تصوير ڪشي هنن لفظن ۾ ڪئي آهي جن لاءِ آءٌ سندس شڪرگذار آهيان.
”مونکي بلڪل چٽي يادگيري آهي ته مون کيس پهريون دفعو ڊبلن ۾ وائسراءِ جي رهائشگاهه ۾ ڏٺو هو. هوءَ اندر ايندڙ رستي جي کاٻي پاسي کان هڪ طرف ٿي بيٺي هئي. وائسراءِ ڪمري جي پرئين ڀر تي ڊائس تي ويٺو هو. سندس چوڌاري ڀڀڪيدار لباس ۾ سندس اسٽاف جا ماڻهو بيٺا هئا. پر حاضرين جون اکيون ان يا سندس راڻيءَ مٿان نه پر ٻين کان ڪجهه قدر پاسيري بيٺل هڪ مليح ۽ ملايم انسان مٿان هيون. انهيءَ صاف شفاف ۽ پُرجذبات انسان جي ساخت ئي پنهنجي آسپاس موجود انسانن کان مختلف لڳي رهي هئي. سندس پسنديده زيور، هيري جو ستارو، سندس وارن ۾ لڳل هو. انهيءَ جي چمڪ دمڪ سندس اکين مان لاٽون ڪري نڪرندڙ جوت جي سامهون جهڪي ٿي رهي هئي. سندس اکين مان ڪنهن عورت کان وڌيڪ چيتي جهڙي ذهانت بکي رهي هئي. پر اهڙي ڪيڙيل ذهانت جهنگ ۾ نه ٿي ڏسي سگهجي. سندس ڏيا ۽ حشمت ڪنهن به لحاظ کان پنهنجي مڙس کان گهٽ نه هئي ۽ هوءَ اهڙي عظيم ڊيوڪ جي پونيرن جي ماءُ ٿيڻ جي هر وجهه لائق ڏسڻ ۾ ٿي آئي. ذهانت، عمدگي ۽ آب تاب جي انهن سڀني خوبين، اهڙي مهرباني ۽ شفقت ۽ اهڙن اعلى جذبن جي سبب هوءَ هر هنڌ مقبول هوندي هئي. ٻين کي خوش ڪرڻ جي چاهت، زندگيءَ بابت سندس جهڙو ئي خوشين ڀريو يقين رکڻ کيس سندس مٿان گهور ٿيندڙ حلقي جو مرڪز بڻائي ڇڏيو هو.“
منهنجي ماءُ منهنجي ٻاروتڻ جي اکين تي به اهڙو ئي شاندار اثر وڌو هو. منهنجي لاءِ شام جي تاري وانگر چمڪندي رهي. آءٌ هن سان ڏاڍي محبت ڪندو هوس پر انهيءَ محبت ۾ هڪ فاصلو هوندو هو. منهنجي نرس منهنجي حال محرم هوندي هئي هوءَ ئي منهنجي سار سنڀال لهندي هئي ۽ منهنجي سڀني ضرورتن جو پورائو ڪندي هئي. ننڍپڻ توڙي پوءِ اسڪول جي ڏينهن ۾ به آءٌ انهيءَ آڏو ئي پنهنجي دل کولي پنهنجا ڏک سور بيان ڪندو هوس. اسان وٽ اچڻ کان اڳ هن ٻارنهن سال ايلا نالي هڪ ننڍڙي ڇوڪريءَ جي پرورش ۽ پالنا ڪئي هئي. ايلا هڪ پادريءَ جي ڌيءُ هئي جيڪو ڪمبرلينڊ ۾ رهندو هو. ننڍڙي ايلا کي مون جيتوڻيڪ ڪڏهن به نه ڏٺو هو پر هوءَ منهنجي شروعاتي زندگيءَ ۾ هڪ اهم شيءَ جي حيثيت اختيار ڪري وئي. مونکي هن بابت سڀڪا خبر هوندي هئي ته هن کي کاڌي ۾ ڪهڙيون شيون پسند آهن، هوءَ دعائون ڪيئن گهرندي آهي ۽ ڪهڙين ڳالهين ۾ شرارتي آهي ۽ ڪهڙيون ڳالهيون چڱيون اٿس. برطانيه جي اترئين حصي ۾ سندس گهر جي منهنجي ذهن ۾ چٽي تصوير هوندي هئي. مونکي اهو به سيکاريو ويو ته مونکي ڪينٽ سان ڏاڍي چاهت هئڻ گهرجي. مسز ايوريسٽ چوندي هئي ته اهو انگلينڊ جو باغ آهي. هوءَ چيٿام (Chatham) ۾ ڄائي هئي ۽ کيس ڪينٽ (Kent) تي تمام گهڻو ناز هو. جهڙيءَ طرح ڪوبه ملڪ انگلينڊ جو مقابلو نه ٿو ڪري سگهي تهڙي طرح انگلينڊ جي ڪائونٽي ڪينٽ سان مقابلو نه ٿي ڪري سگهي. مثلاً آئرلينڊ به ڪڏهن به اهڙو سٺو نه هو. جيستائين فرانس جو تعلق آهي ته مسز ايوريسٽ انهيءَ بابت به ڪو چڱو رايو نه رکندي هئي. هن مون کي ننڍڙي هوندي هڪ دفعو پيرس جي مشهور شاهراه ”چيمس ايليز“ (Chams Elysees) تي گاڏيڙي ۾ گهمايو هو. هن جي نظر ۾ ڪينٽ ئي سڀ ڪجهه هو. ميڊاسٽون ان جي گاديءَ جو هنڌ هو ۽ ان جي چوڌاري اسٽرابيرين، چيرين، رسڀرين ۽ آلوبخارن جا وڻ هئا. ڪيترو نه مزيدار! آءٌ سدائين ڪينٽ ۾ رهڻ جي تمنا ڪندو رهيس.
آءٌ لٽل لاج ٻيو دفعو سن 1900ع جي سياري جي موسم ۾ ويس، تڏهن آءٌ بوئر وار (Boer War) بابت ڊبلن ۾ ليڪچر ڏيڻ ويو هوس. مونکي چڱي طرح ياد هو ته اها ڊگهي، هيٺاهين ڇت سان ويرانڊن تي ٺهيل عمارت هئي. عمارت جو رنگ سفيد هو ۽ سائي رنگ جون جهرمريون لڳل هئس. مون کي اهو به ياد هو ته انهيءَ جي چوڌاري ٽريفلگر اسڪوائر جيترو وڏو لان هوندو هو ۽ اها چئني طرفن کان گهاٽي جهنگ ۾ گهريل هوندي هئي. آءٌ سوچيندو هوس ته اها وائسراءِ جي رهائشگاه کان گهٽ ۾ گهٽ هڪ ميل پري هوندي پر مون جڏهن اها ٻيو دفعو ڏٺي ته اهو ڏسي حيران رهجي ويس ته لان جي هڪ پاسي کان ٻي پاسي تائين ڊيگهه فقط 60 وال هئي ۽ جنهن کي آءٌ گهاٽو جهنگ سمجهندو هوس اهي فقط ٿڙٿٻ هئا ۽ وائسراءِ جي رهائشگاه جتي آءٌ ترسيل هوس اتان کان لٽل لاج گاڏيءَ ۾ پهچڻ ۾ فقط هڪ منٽ لڳو.
منهنجي يادگيريءَ ۾ ٻي پختي ڳالهه وينٽنر (Ventnor) آهي. مونکي وينٽنر سان ڏاڍو چاهه هوندو هو. مسز ايوريسٽ کي هڪ ڀيڻ هوندي هئي جيڪا وينٽنر ۾ رهندي هئي. سندس مڙس لڳ ڀڳ ٽيهن ورهين جيترو عرصو جيل وارڊن رهيو هو. تڏهن به ۽ پوءِ جي سالن ۾ هو مونکي ڊائونز (Downs) ۽ لينڊسلپ (Landslip) تي واڪ لاءِ وٺي ويندو هو. هو مونکي جيلن ۾ ٿيندڙ بغاوتن ۽ ڏوهارين پاران مٿس حملا ٿيڻ ۽ زخمي ٿيڻ جون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ٻڌائيندو هو. آءٌ جڏهن پهريون دفعو وينٽنر ۾ رهيو هوس ته اسان جي زولن (Zulus) سان جنگ پئي هلي ۽ اخبارن ۾ انهن زولن جون تصويرون اينديون رهنديون هيون. اهي زولو ڪاري رنگ جا هوندا هئا ۽ جسم تي ورلي ڪو ڪپڙو هوندو هون. اهي Assegai سڏيو ويندڙ پنهنجو ڀالو ڏاڍي هوشياري سان اڇلائي هڻندا هئا. انهن اسان جا ڪيترائي سپاهي ماري ڇڏيا هئا پر تصويرن مان اندازو ٿيندو هو ته انهن اسان جا ايترا سپاهي نه ماريا هئا جيترا انهن جا مئا هئا. مونکي زولن تي ڏاڍي ڪاوڙ هئي ۽ آءٌ ۽ منهنجو ڪراڙو جيل وارڊن دوست انهن جي مرڻ جون خبرون ٻڌي ڏاڍا خوش ٿيندا هئاسين. ڪجهه وقت کانپوءِ ائين محسوس ٿيڻ لڳو ڄڻ ته اهي سڀ مري ويا هجن ڇاڪاڻ ته اها جنگ پڄاڻي تي پهچي وئي ۽ اخبارن ۾ زولن جون تصويرون اچڻ بند ٿي ويون ۽ عوام مان به انهن جي پريشاني ختم ٿي وئي.
هڪ ڏينهن جڏهن اسين وينٽنر ويجهو ٽرين تي هئاسين ته ڪناري کان هڪ يا ٻه ميل پري هڪ شاندار جهاز گذرندي نظر آيو جنهن جا سڀ سڙهه کليل هئا. ماڻهن چيو پئي ته اهو سپاهين جو جهاز آهي جيڪو جنگ تان سپاهي واپس آڻي رهيو آهي. ممڪن آهي ته اهو انڊيا مان آيو هجي. مون کي صحيح ياد نه آهي. پوءِ اوچتو آسمان تي ڪارا ڪڪر ڇائنجي ويا، هوا گهلڻ لڳي ۽ تيز مينهن جون پهريون ڦڙيون پوڻ لڳيون. اسين به تڙتڪڙ ۾ اچي گهر پهتاسين ۽ پُسي ڀت ٿيڻ کان بچي وياسين. آءٌ جڏهن ٻيو دفعو انهن ٽڪرين تي ويس ته اتي ڪنهن سڙهه کليل شاندار جهاز بجاءِ ٽي ڪاري رنگ جا کوها پاڻيءَ مان ٻوٿ ڪڍيو بيٺا هئا. اهو يوري ڊائيس (Eurydice) جهاز هو جيڪو انهيءَ طوفان ۾ اونڌو ٿي ٽي سؤ سپاهين سميت غرق ٿي ويو هو. مونکي وڏن ٻڌايو ۽ انهي ڳالهه منهنجي ذهن تي ڏاڍو اثر وجهي ڇڏيو ته ٻڏي ويل سپاهين جا لاش ڪڍڻ لاءِ ويل ڪجهه ٽوٻا لاشن کي مڇين پاران پٽيندو ڏسي دهشت ۾ بيهوش ٿي ويا هئا. اهي سپاهي وحشين سان جنگ دوران خطرن کي منهن ڏئي ۽ وڏا ڪشالا ڪاٽڻ کانپوءِ گهر واپس موٽي رهيا هئا ته انهيءَ حادثي جو شڪار ٿي ويا. مونکي لڳي ٿو ته مون ڪنهن روشن ۽ چمڪدار ڏينهن تي انهن مان ڪجهه لاش ڏٺا هئا جيڪي ٻيڙين سان آهستي آهستي ڇڪبا پئي ويا. ٽڪرين تي بيٺل ڪيترا ماڻهو اهو منظر ڏسي رهيا هئا ۽ اسان سڀني افسوس ۾ پنهنجا ٽوپلا لاٿا هئا.
تقريباً انهن ڏينهن ۾ ئي ”ٽاڻي پل وارو سانحو“ (Tay Bridge Disaster) جو واقعو ٿيو هو. انهيءَ پل مٿان ريل گذري رهي هئي ته انهي هيٺ اچي ڦهڪو ڪيو هو ۽ سڀئي مسافر ٻڏي ويا هئا. مون سوچيو هو ته اهي گاڏن جي درين مان وقت سر نه نڪري سگهيا هوندا ڇاڪاڻ ته گاڏن جي درين کي کولڻ لاءِ اڳ ۾ هڪ ڊگهي پٽي کي ڇڪڻو پوندو هو ۽ اهڙي صورتحال ۾ اهو ڏکيو ٿي پيو هوندو. تنهنڪري انهن سڀني جو ٻڏي وڃڻ ڪنهن اچرج جهڙي ڳالهه نه هئي. منهنجو وجود ڪاوڙ ۾ ڀرجي ويو هو ته حڪومت جي هوندي اهڙي پل ائين ڦهڪو ڪري ڪِري پئي. مون کي لڳو پئي ته اها ڏاڍي بيپرواهه ٿي وئي هئي ۽ ماڻهن جڏهن چيو پئي ته حڪومت ڏاڍي غافل ۽ ڪاهل ٿي وئي آهي جو ايترو افسوسناڪ واقعو ٿي گذريو آهي تنهنڪري اهي انهيءَ حڪومت خلاف ووٽ ڏيندا ته مونکي انهيءَ ڳالهه تي حيرت نه ٿي هئي.
مسٽر گليڊ اسٽون 1880ع ۾ اسان سڀني کي حڪومت مان ڪڍي ڇڏيو. هو ڏاڍو خطرناڪ ماڻهو هو ۽ ماڻهن کي اڀاريندو، تقريرون ڪندو ۽ ڪاوڙ ڏياريندو وتندو هو جيئن اهي قدامت پرستن (Conservatives) کي ووٽ نه ڏين. هن منهنجي ڏاڏي کي آئرلينڊ جي لارڊ ليفٽيننٽ جي عهدي تان پڻ هٽائي ڇڏيو. هن کي انهيءَ کان ته لارڊ بيڪنس فيلڊ جي اڳوڻي حڪومت ۾ مليل پنهنجو لارڊ پريزيڊنٽ آف دي ڪائونسل وارو عهدو وڌيڪ پسند هو. هو جڏهن لارڊ ليفٽيننٽ هو ته کيس پنهنجو سمورو پئسو ڊبلن ۾ آئرستانين جي خاطر تواضع تي خرچ ڪرڻو پوندو هو ۽ منهنجي ڏاڏيءَ به ڏڪار فنڊ (The Famine Fund) جي نالي سان هڪ وڏي رقم گڏ ڪئي هئي. بهرحال بهرحال منهنجي ذهن ۾ اها ڳالهه ويهي وئي ته آئرستاني ڏاڍا احسان فراموش ماڻهو آهن. انهن ايترين خاطرمداراتن ۽ فيمائين فنڊ لاءِ مهرباني جو هڪ لفظ به نه چيو. ڊيوڪ کي ته اها ڳالهه پسند هئي ته هو انگلينڊ ۾ بلينهائيم (Blenheim) ۾ پنهنجي گهر ۾ رهندي ڪابينا جي گڏجاڻين ۾ باقاعدگي سان شرڪت ڪري. پر هو سدائين اهو ئي ڪم ڪندو هو جيڪو لارڊ بيڪنس فيلڊ کيس چوندو هو. لارڊ بيڪنس فيلڊ مسٽر گليڊ اسٽون جو وڏو دشمن هو ۽ سڀ ماڻهو کيس ڊزي (Dizzy) جي نالي سان سڏيندا هئا. پر هن دفعي ڊزي کي مسٽر گليڊ اسٽون مڪمل شڪست ڏئي ڇڏي ۽ اسان سڀني کي کڻي مخالف ڌر ۾ اڇلايو ويو ۽ ملڪ تمام جلد تباهه ٿيڻ لڳو. هر ماڻهو جي زبان تي اها ڳالهه هئي ته ملڪ تباهه پيو ٿئي. انهن سڀني مٿان اها ڳالهه ٿي جو لارڊ بيڪنس فيلڊ بيمار ٿي پيو. هن جي بيماري ڊگهي ٿيندي وئي ۽ هو جيئن ته تمام پوڙهو به ٿي ويو هو تنهنڪري انهيءَ بيماري کيس نهوڙي نِيو ۽ هو مري ويو. آءٌ ڏاڍي پريشانيءَ ۾ سندس بيماريءَ جو احوال روزانو پيو وٺندو هوس ڇاڪاڻ ته سڀ ماڻهو چئي رهيا هئا ته سندس موت ملڪ لاءِ ڏاڍو نقصانڪار ٿيندو ۽ پوءِ مسٽر گليڊ اسٽون کي اسان بابت پنهنجن بڇڙن ارادن کي عملي جامو پهرائڻ کان ڪير به روڪي نه سگهندو. مونکي هميشه اها پڪ هوندي هئي ته لارڊ بيڪنس فيلڊ سڀاڻي ضرور مرندو ۽ آخرڪار اهو ڏينهن اچي ويو. ماڻهو غمگين منهن کنيو هيڏانهن هوڏانهن اچي وڃي رهيا هئا ۽ چيو ٿي ويو ته پنهنجي ملڪ سان محبت ڪندڙ، روسين کي شڪست ڏيندڙ ۽ هڪ عظيم ۽ اعلى درجي جو مدبر انتهاپسندن (Radicals) هٿان ٿيندڙ سلوڪ تي دلشڪستو ٿي مري ويو.
منهنجي دنيا ۾ گورنيس کي جيڪا هڪ خوفناڪ ڀوت واري حيثيت حاصل هئي انهيءَ جو آءٌ اڳ ۾ ئي ذڪر ڪري چڪو آهيان. پر هاڻي انهيءَ کان به وڏي مصيبت منهنجو ساهه سڪائڻ لڳي. مونکي هاڻي اسڪول وڃڻو هو. هاڻي آءٌ ستن ورهين جو ٿي ويو هوس ۽ وڏڙا جنهن کي ڪنهن لائي لپٽي کانسواءِ چوندا آهن آءٌ اهڙو ”ڏنگو ٻار“ ٿي پيو هوس. ڏسڻ ۾ ائين ٿي آيو ته مونکي استادن جي نگراني هيٺ سبق پڙهڻ لاءِ لاڳيتو ڪيترن ڪيترن هفتن لاءِ گهر کان ٻاهر وڃڻو هو. اسڪول جو ٽرم شروع ٿي ويو هو ۽ مونکي ڪرسمس جي موڪل تي گهر اچڻ لاءِ ست هفتا اسڪول ۾ رهڻو هو. مون اسڪول بابت جيڪي ڳالهيون ٻڌيون هيون انهن مان گهڻين جيتوڻيڪ منهنجي ذهن تي اڻ وڻندڙ اثر وڌو هو (انهيءَ اثر بابت آءٌ اها ڳالهه ٻڌائي ڇڏيان ته اهو تجربي مان درست ثابت ٿيو هو) ته به آءٌ پنهنجي زندگيءَ ۾ ايندڙ وڏي تبديليءَ بابت ڏاڍو پرجوش ۽ گڏوگڏ فڪرمند به هوس. آءٌ سوچيندو هوس ته ڀلي کڻي سبق به پڙهبا پر ايترن سارن ٻين ڇوڪرن سان گڏ رهڻ ۾ ڏاڍو مزو ايندو ۽ اسين هڪٻئي سان دوستيون رکنداسين ۽ وڏا وڏا ڪم ڪنداسين. مونکي اهو ٻڌايو ويو ته ”اسڪول وارا ڏينهن ماڻهوءَ جي زندگيءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ خوشيءَ وارو زمانو هوندا آهن.“ ڪيترن وڏي عمر جي ماڻهن انهيءَ ڳالهه جو به اضافو ڪيو ته انهن جي ڏينهن ۾ جڏهن اهي ننڍا هوندا هئا ته اسڪولن ۾ ايتريون سهوليتون نه هونديون هيون. وڏا ڇوڪرا ننڍن کي تنگ ڪندا هئا، کاڌو اڻپورو ملندو هو ۽ ٿڌ جي سبب ٿانون ۾ پاڻي ڄمي ويندو هو ۽ ڇوڪرن کي هر روز صبح جو برف کي ڌڪ هڻي ڪُٽي پاڻي ڪڍڻو پوندو هو (اهو ڪم مون پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪٿي به ٿيندي نه ڏٺو). پر هاڻي هر ڳالهه تبديل ٿي وئي آهي. اسڪولي زندگي هاڻي ته ڄڻ هڪ ڊگهو مهمانيءَ جو دور ٿي پئي آهي، سڀئي ڇوڪرا ان مان مزو وٺن ٿا. مونکي ٻڌايو ويو هو ته مون کان ڪي ٿورا وڏا منهنجا سؤٽ ماسات موڪلن ۾ گهر اچي ڏاڍو پريشان ٿي پوندا هئا. انهن سوٽن ماساتن کان جڏهن آڏي پڇا ڪئي وئي ته انهن انهيءَ حقيقت جي تصديق ته نه ڪئي پر ڏندڙا ڪڍي کِلندا رهيا. بهرحال انهيءَ معاملي ۾ منهنجو ڪو به وس نه ٿي هليو. مونکي ڏاڍيون طاقتور لهرون تيزيءَ سان اڳتي ڌڪينديون رهيون. جهڙيءَ طرح منهنجي دنيا ۾ اچڻ بابت مون کان ڪو صلاح مشورو نه ورتو ويو هو اهڙي طرح گهر ڇڏڻ بابت به مون سان ڪا مشاورت نه ڪئي ويئي.
اسڪول وڃڻ لاءِ گهربل شين جي خريداري به ڏاڍو دلچسپ مرحلو هئي. ٻين شين سان گڏ جورابن جا به پورا چوڏهن جوڙا لسٽ ۾ شامل هئا. مسز ايوريسٽ جي خيال ۾ اها تمام فضول خرچي هئي. هن چيو ٿي ته سنڀال ڪرڻ سان ڏهه جوڙا به سٺو ڪم ڏئي ويندا. ته به ضرورت کان ڪجهه وڌيڪ شيون موجود هئڻ چڱي ڳالهه هئي ۽ جيئن ماڻهو پير آلا ڪري ويهڻ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ وڏن خطرن کان بچي سگهي.
آخرڪار مقرر ڏينهن اچي پهتو. منهنجي ماءُ مونکي هڪ گهوڙي گاڏيءَ ۾ چاڙهي اسٽيشن وٺي هلي. هن مونکي ٽي هاف ڪرائون[3] ڏنا جيڪي مون گاڏيءَ جي فرش تي ڪيرائي وڌا. اهي ڳولهڻ لاءِ اسان کي فرش تي موجود ڪکن ڪانن ۾ ڏاڍا ٿاڦوڙا هڻڻا پيا. اسين اسٽيشن تي به نِد وقت تي اچي پهتاسين نه ته ريل گاڏي نڪري وڃي ها. اها جيڪڏهن نڪري وڃي ها ته ڄڻ ته دنيا پڄاڻيءَ تي پهچي وڃي ها. بهرحال گاڏي اسان کان نڪري نه وئي ۽ دنيا جو سلسلو به جاري رهيو.
منهنجي ماءُ پيءُ منهنجي تعليم لاءِ ملڪ جو سڀ کان مهانگو ۽ سڀ کان فيشني اسڪول چونڊيو هو. اتان جو بندوبست (هڪ ٻئي ناليواري اسڪول) ايٽن جي خرز تي هو ۽ انهيءَ جو مقصد به اهو ئي هو ته جيئن ٻارن کي ايٽن لاءِ تيار ڪيو وڃي. اسڪولن ۾ انهيءَ کي حرف آخر سمجهيو ويندو هو. هر ڪلاس ۾ فقط ڏهه ڇوڪرا. بجلي (تڏهن اها هڪ عجوبو سمجهي ويندي هئي). سئمنگ پول، فوٽ بال ۽ ڪرڪيٽ جا وسيع ميدان، هر ٽرم ۾ اسڪول طرفان ٻه تفريحي دورا، سڀئي استاد پنهنجن پنهنجن مضمونن ۾ ايم اي ۽ گائون ۽ ٽوپلن سان، اسڪول کي پنهنجو گرجا گهر ۽ اختيارين طرفان هر شي جي دستيابي تنهنڪري گهران کائڻ پيئڻ جي شين جا ٽوڪرا اچڻ جي اجازت نه هوندي. اسين نومبر مهيني جي هڪ اونداهي شام جو انهيءَ اداري ۾ پهتاسين. هيڊ ماسٽر سان گڏجي چانهه پيتي جنهن سان منهنجي ماءُ تمام سهوليت سان گفتگو ڪندي رهي. منهنجو ذهن وري انهيءَ ڊپ ۾ ورتو پيو هو ته ڪٿي ڪوپ مان چانهه هاري شروعات ئي خراب نه ڪري وجهان. مونکي اهو خيال به پريشان ڪري رهيو هو ته آءٌ ايتري وڏي ۽ ڀوائتي جاءِ ۾ ايترن اجنبي ماڻهن ۾ اڪيلو رهجي ويندس. اڃان ته منهنجي عمر ست ورهيه ئي هئي ۽ آءٌ پنهنجي نرسريءَ ۾ پنهنجن رانديڪن سان ڏاڍو خوش گذاريندو هوس. منهنجا رانديڪا به ڏاڍا وڻندڙ هوندا هئا: ٻاڦ تي هلندڙ سچي پچي انجڻ، جادوئي لالٽين ۽ هڪ هزار جي لڳ ڀڳ فوجي سپاهي. هاڻي منهنجو واسطو فقط سبقن سان هوندو اڌ موڪل وارن ڏينهن کان سواءِ هر روز ست يا اٺ ڪلاڪ سبق ۽ باقي ڪرڪيٽ يا فوٽ بال.
جڏهن منهنجي ماءُ جي واپس ويندڙ گاڏي جي ڦيٿن جو آخري آواز به ختم ٿي ويو ته هيڊماسٽر مونکي پنهنجا پئسا پاڻ وٽ جمع ڪرائڻ جو چيو. مون پنهنجا ٽي هاف ڪرائون ڪڍيا جن جي هن هڪ رجسٽر ۾ داخلا رکي ۽ مونکي ٻڌايو ته اسڪول ۾ وقت بوقت هڪ دڪان لڳندو جنهن ۾ هر قسم جون وڻندڙ شيون موجود هونديون اتان آءٌ مقرر پئسن ۾ پنهنجي پسند جون شيون خريد ڪري سگهندس. پوءِ اسين هيڊماستر جي ڪمري ۽ عمارت جي آرامده حصي مان نڪري شاگردن جي تعليم ۽ رهائش لاءِ مخصوص عمارت جي اڻ وڻندڙ حصن ۾ آياسين. مونکي هڪ ڪلاس ۾ وٺي وڃي هڪ ڊيسڪ تي ويهڻ جو چيو ويو. انهيءَ وقت ٻيا سڀ ڇوڪرا ٻاهر ويل هئا ۽ آءٌ استاد سان اڪيلو ويٺو هوس. هو هڪ سنهو سائي ميرانجهڙي پوش وارو ڪتاب کڻي آيو جيڪو مختلف ننڍي ۽ وڏي ٽائيپ جي لفظن سان ڀريل هو.
”تون اڳ ۾ لاطيني ته نه پڙهيو آهين ڪِي پڙهيو آهين؟“ هن پڇيو: ”نه سائين.“
”هي لاطيني گرامر آهي.“ هن ڪتاب جا ورق اٿلايا ۽ جتان گهڻو کلندو هو اهو صفحو کولي رکيائين. ”توکي هي شيون ياد ڪرڻيون پونديون.“ هن سٽن جي هڪ فريم ۾ ڪيترن ئي لفظن ڏانهن اشارو ڪندي چيو: ”آءٌ اڌ ڪلاڪ ۾ واپس اچي ڏسندس ته تون ڇا ياد ڪيو آهي!“
منهنجي حالت جو ٿورو اندازو ڪريو ته هڪ اداس شام جو ڏکندڙ دل سان لاطيني جو پهريون گردان پنهنجي سامهون کوليو ويٺو هوس:

A table
Mensa
O table
Mensa
A table
Mensam
Of a table
Mensae
To or for a table
Mensae
By, with or from a table
Mensa

انهن لفظن جي آخر معنى ڇا آهي؟ انهن جو ڪهڙو مطلب آهي؟ مونکي اهي سڀ شيون ڏاڍيون بي معنى لڳي رهيون هيون. بهرحال هڪ ڳالهه هئي جيڪا آءٌ ڪهڙي به حالت ۾ ڪري سگهيس ٿي. اها هئي ياد ڪرڻ. تنهنڪري آءٌ شروع ٿي ويس ۽ پنهنجن نجي ڏکن ۽ غمن جي بار هوندي جيترو مون کان ٿي سگهيو پنهنجي حوالي ڪيل اهو معما ڏسڻ ۾ ايندڙ ڪم ياد ڪرڻ لڳي ويس.
استاد پوري وقت تي موٽي آيو.
”ڪم ياد ڪيو اٿئي؟“ هن پڇيو:
”سائين منهنجي خيال ۾ آءٌ اهو ٻڌائي سگهان ٿو“ مون ورندي ڏني ۽ لَس پڙهي ويس. هو انهي تي ايترو مطمئن نظر آيو جو منهنجي دل به مضبوط ٿي وئي ۽ هڪ سوال پڇي ويٺس.
”انهن لفظن جو مطلب ڇا آهي سائين؟“
انهن لفظن جو مطلب لفظن مان صاف ظاهر آهي. مينسا هڪ ٽيبل، مينسا پهرين گردان جو اسم آهي. جملي پنج گردان هوندا آهن. تون پهرئين گردان جو واحد صيغو ياد ڪري ورتو آهي.
پر مون وري پنهنجو سوال ورجايو ”انهن جو مطلب ڇا آهي؟“
”مينسا معنى هڪ ٽيبل“ هن وراڻيو.
”پوءِ مينسا جي معنى او ٽيبل ڪيئن ٿي؟“ مون پڇيو ”۽ او ٽيبل جو مطلب ڇا آهي؟“
مينسا، او ٽيبل ندائي صورت آهي.“ هن جواب ڏنو.
”پر، او ٽيبل ڇو؟“ منهنجي هوران کورا حقيقي هئي، تنهنڪري پُڇ پُڇ جاري رکيو آيس.
”او ٽيبل، اهي لفظ تون ٽيبل کي مخاطب ٿيڻ وقت ڪم آڻيندين“ ۽ جڏهن ڏٺائين ته آءٌ سندس ڳالهه نه ٿو سمجهان ته چيائين ”تون اهي لفظ ٽيبل سان ڳالهائڻ وقت ڪم آڻيندين.“
” پر آءٌ ته ٽيبل سان ڳالهائيندو ئي نه آهيان“. حيرت ۾ ٻڏندي فوراً ڳالهائي ويٺس.
”جيڪڏهن گستاخ ٿيندين ته سزائون کائيندين ۽ آءٌ توکي ٻڌائي ڇڏيان ته سزائون به ڏاڍيون سخت کائيندين“ اهو سندس حتمي جواب هو.
ڪلاسيڪي ادب سان اهو منهنجو پهريون تعارف هو. جنهن مان مونکي ٻڌايو ويو هو ته اسان جن ڪيترن ئي هوشيار ماڻهن تمام گهڻو سڪون ۽ فائدو حاصل ڪيو آهي.
سينٽ جيمس اسڪول ۾ ڪلاس جي استاد جا سزا بابت رايا ڪنهن به لحاظ کان بي بنياد نه هئا. ايٽن اسڪول جي طرز تي لڪڻن سان مار انهيءَ نصاب جو اهم حصو هئي. پر مونکي پڪ آهي ته منهنجي دور جي ايٽن ۽ هيرو (Harrow) جي ڪنهن به ڇوڪري ڪڏهن به ايتري بيرحمي سان لڪڻن سان مار نه کاڌي هوندي جيترو اسان جو هيڊ ماستر پنهنجي سنڀال هيٺ رهندڙ ننڍڙن ڇوڪرن کي ڏيڻ جو عادي هوندو هو. اتي ڏنيون ويندڙ سزائون ايتريون ته سخت هونديون هيون جو ايتري سختي وزارت داخلا هيٺ هلندڙ اصلاح گهرن (Reformatories) ۾ به برداشت نه ٿي سگهي ها. مون پوءِ جي زندگي ۾ جيڪو اڀياس ڪيو آهي انهيءَ جي مدد سان سندس مزاج جو ڪجهه سبب معلوم ٿي سگهي ٿو. اتي هر مهيني ۾ ٻه يا ٽي دفعا اسڪول جا سڀ شاگرد لائبريريءَ ۾ قطارون ٺاهي ويهاريا ويندا هئا ۽ انهن مان هڪ يا هڪ کان وڌيڪ ڏوهارين کي هيڊ (Head) ڇوڪرا ڀر واري ڪمري ۾ گهلي کڻي ويندا هئا ۽ انهن جي جسم مان رت وهي هلڻ تائين انهن کي لڪڻن سان مار ڏني ويندي هئي جڏهن ته باقي سڀ ڇوڪرا انهن جون دانهون ويٺا ٻڌندا ۽ ڏڪندا هئا. گرجا گهر ۾ ٿوري ٿوري وقفي سان ٿيندڙ عبادتن جي ذريعي اصلاح جي انهيءَ طريقي ۾ وڌيڪ پختگي پيدا ڪئي ويندي هئي. اهي عبادتون ڪنهن حد تائين انگلينڊ جي هاءِ چرچ فرقي مطابق هونديون هيون.[4] مسز ايوريسٽ پوپ جي بلڪل خلاف هوندي هئي ۽ چوندي هئي ته پوپ حقيقت ۾ آئرلينڊ جي فينين جو حامي آهي. هوءَ پاڻ لو چرچ (Low Church) جي حامي هئي.[5] هوءَ جيئن ته ريتن رسمن ۽ آرائشي شين کي ناپسند ڪندي هئي. ۽ پاپاء روم بابت سندس راءِ ته بلڪل چڱي نه هوندي هئي تنهنڪري آءٌ به انهيءَ شخصيت ۽ انهيءَ سان لاڳاپيل سمجهيا ويندڙ سڀني مذهبي عملن جي خلاف ٿي پيو هوس. تنهنڪري مون انهيءَ موڙ تي پنهنجي تعليم جي روحاني رُخ مان گهڻو سُڪون حاصل نه ڪيو. ٻئي طرف آءٌ زندگي جي غير مذهبي رخ جي مڪمل تجربن مان گذريس.
آءٌ انهيءَ اسڪول کي ڏاڍو ناپسند ڪندو هوس ۽ اتي مون پنهنجي زندگيءَ جو ٻن ورهين کان وڌيڪ عرصو ڏاڍي فڪر ۽ پريشانيءَ ۾ گذاريو. مون پنهنجن سبقن ۾ بنهه ٿوري اڳڀرائي حاصل ڪئي ۽ راندين ۾ ته ڪنهن به لحاظ کان اڳتي نه وڌي سگهيس. آءٌ هر ٽرم جي پُڄاڻيءَ تي پهچڻ جا ڏينهن ۽ ڪلاڪ پيو ڳڻيندو هوس. ته ڪڏهن آءٌ هن نفرت جهڙي غلاميءَ مان نڪري گهر موٽندس ۽ پنهنجن سپاهين کي نرسري جي فرش تي جنگي ترتيب ۾ بيهاريندس. انهن ڏينهن ۾ مونکي سڀ کان وڌيڪ خوشي ڪتابن پڙهڻ مان ملندي هئي. آءٌ ساڍن نون سالن جي ڄمار جو هوس ته منهنجي پيءُ مونکي ”خزاني وارو ٻيٽ“[6] (Treasure Island) ڪتاب آڻي ڏنو ۽ جنهن خوشي ۽ سرور ۾ مون اهو پڙهي چٽ ڪري ورتو هو اها مونکي اڃان تائين ياد آهي. منهنجا استاد مونکي ساڳئي وقت تعليمي لحاظ کان پٺتي پيل به ته سمجهه ۾ پنهنجي عمر کان وڏو به سمهجندا هئا جيڪو پنهنجي عمر جي لحاظ کان وڏا ڪتاب پڙهي ٿو ته به ڪلاس ۾ سڀ کان آخر ۾ آهي. انهيءَ تي اهي ڪاوڙجي پوندا هئا. زور ۽ زبردستي ڪرڻ جا تمام گهڻا وسيلا انهن جي پهچ ۾ هوندا هئا پر آءٌ به پنهنجي ڳالهه تي پڪو هوندو هئس. جن ڳالهين ۾ منهنجي سوچ، تخيل يا دلچسپي شامل نه هوندي هئي اهي سکڻ نه چاهيندو هئس يا سکي نه سگهندو هوس. آءٌ جيڪي ٻارنهن سال اسڪول ۾ رهيس انهن دوران ڪير به مون کان لاطيني جو هڪ به شعر يا يوناني الف ب کان سواءِ ٻيو ڪجهه به لکرائي نه سگهيو. آءٌ پاڻ کي ڪنهن به لحاظ کان انهيءَ الزام کان آجو قرار نه ٿو ڏيان ته منهنجن مائٽن ايترا خرچ ڪري مون کي جيڪي وسيلا مهيا ڪري ڏنا ۽ جن ڏانهن منهنجي استادن زور زبردستي ڪري منهنجي توجهه ڇڪائڻ جي ڪوشش ڪئي اهي مون بيوقوفي ڪري وڃائي ڇڏيا. مونکي جيڪڏهن قديم دور جي ماڻهن سان سندن گرامر ۽ نحو بجاءِ سندن تاريخ ۽ رسم رواج ذريعي متعارف ڪرايو وڃي ها منهنجو رڪارڊ شايد بهتر هجي ها!.
سينٽ جيمس اسڪول ۾ منهنجي صحت خراب ٿي وئي. آخرڪار هڪ شديد بيماريءَ کانپوءِ منهنجا مائٽ مونکي اتان ڪڍي ويا. اسانجو فيملي ڊاڪٽر رابسن روز (Robson Rose) تن ڏينهن ۾ برئيٽن (Brighton) ۾ پريڪٽس ڪندو هو. جيئن ته مونکي هاڻي تمام ڪمزور سمجهيو ٿي ويو تنهنڪري منهنجو سندس لاڳيتي سار سنڀال هيٺ رهڻ بهتر سمجهيو ويو. تنهن کان پوءِ 1883ع ۾ مونکي برائيٽن جي هڪ اسڪول ۾ بدلي ڪرايو ويو جيڪو ٻه عورتون هلائينديون هيون. مون جيڪو اسڪول ڇڏيو هو هيءُ انهيءَ کان ننڍو هو. اهو سستو به هو ۽ ڏيڪ ويک جي لحاظ کان به هن کان گهٽ هو. پر اُتي جيڪو همدردي ۽ شفقت وارو عنصر هو انهيءَ جو مون پنهنجن پهرين تجربن ۾ بلڪل فقدان ڏٺو هو. هتي آءٌ ٽي سال رهيس ۽ آءٌ جيئن ته ڊبل نمونيا جي حملي کان مرندي مرندي بچيو هوس پر اتان جي فرحت بخش آبهوا ۽ آرامده ماحول بتدريج ڪافي مضبوط ۽ توانو ٿي پيس. انهيءَ اسڪول ۾ مونکي اهي شيون سکڻ جي آزادي هئي جن ۾ منهنجي تمام گهڻي دلچسپي هئي يعني فرانسي ٻولي، تاريخ، گهڻي کان گهڻي شاعري ياد ڪرڻ ۽ سڀ کان وڌيڪ ته گهوڙيسواري ۽ سئمنگ. منهنجي ذهن ۾ انهن سالن جي تاثر جي هڪ خوشگوار تصوير آهي جڏهن ته منهنجون شروعاتي اسڪول جي ڏينهن واريون يادگيريون انهيءَ تصوير جي بلڪل برعڪس آهي.
مسز ايوريسٽ کان پرايل لو چرچ جي اصولن ڏانهن منهنجي لاڙي مونکي اُتي هڪ مشڪل صورتحال ۾ وجهي ڇڏيو. اسين برائيٽن ۾ گهڻو ڪري چيپل رائيل (Chapal Royal) ۾ عبادت لاءِ ويندا هئاسين. هتي اسڪول جي شاگردن کي اتر کان ڏکڻ قطار ۾ رکيل بينچن تي ويهاريو ويندو هو. نتيجي طور جڏهن Apostle’s Creed پڙهي ويندي هئي ته سڀئي ماڻهو اوڀر ڏانهن منهن ڪري بيهندا هئا. مونکي پڪ هئي ته مسز ايوريسٽ انهيءَ ڳالهه کي پوپ جي پيروي تصور ڪري ها. تنهنڪري مون انهيءَ جي ابتڙ عمل ڪرڻ کي پنهنجو فرض سمجهيو ۽ بت بڻيو سامهون منهن ڪيون بيٺو رهيس. مونکي خبر هئي ته مون هڪ هلچل مچائي ڇڏي هئي. تنهنڪري پاڻ کي شهادت لاءِ تيار ڪري ڇڏيو. بهرحال اسين جڏهن اسڪول پهتاسين ته منهنجي طرز عمل تي ڪنهن به قسم جي ٽيڪا ٽپڻي نه ڪئي وئي. آءٌ بلڪل مايوس ٿي ويس ۽ پنهنجي عقيدي جي اڃان وڌيڪ اظهار جو انتظار ڪرڻ لڳس. پر جڏهن وري اهو موقعو آيو ۽ اسين ساڳئي گرجا گهر وياسين ته اسان کي مختلف بينچن تي ويهاريو ويو جن جو منهن اوڀر طرف هو. تنهنڪري جڏهن Creed پڙهڻ جو وقت آيو ته اسان مان ڪنهن کي به ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت ئي نه پئي. هاڻي آءٌ منجهي پيس ته مونکي ڇا ڪرڻ گهرجي جو هاڻي اوڀر کان ڦري ٻئي پاسي منهن ڪرڻ اجائي شدت پسندي ڏسڻ ۾ اچي ها. حقيقت اها آهي ته آءٌ اهڙي قدم کي جائز ۽ واجبي سمجهي ئي نه ٿي سگهيس. تنهنڪري آءٌ چاهيندي نه چاهيندي به روايتن جو پيروڪار (Conformist) ٿي پيس.
انهن پيرسن عورتن منهنجن احساسن جو اهڙي نزاڪت سان خيال رکي وڏي سوچ ۽ هوشياريءَ جو مظاهرو ڪيو هو. اهڙيءَ خيال ۽ اوني جا نتيجا به اهڙا ئي نڪتا. انهيءَ کان پوءِ اهڙي ڪنهن به ڳالهه تي نه مون پاڻ کي ڪا تڪليف آئي آهي ۽ نه ئي مون ٻئي ڪنهن کي ڏني آهي. جڏهن ڪير به منهنجي آڏو نه آيو ۽ ڪنهن به برو سلوڪ نه ڪيو ته مون به وسيع نظر رواداري ۽ مڃيل مذهبي روايت (Orthodoxy) جي آڏو سر جهڪائي ڇڏيو.

____________________
[1] سن 1922ع تائين آئرلينڊ جي وائسراءِ کي انهيءَ نالي سان سڏيو ويندو هو. (سنڌيڪار )
[2] اوڻيهين صديءَ ۾ آمريڪا ۽ آئرلينڊ ۾ رهندڙ آئرستانين جي هڪ انجمن جا رڪن، جنهن جو مقصد انقلاب جي راهه هموار ڪرڻ ۽ آئرلينڊ ۾ برطانيه جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ هو. (سنڌيڪار)
[3] ٻه شلنگ ۽ ڇهه پينين تي ٻڌل هاڻي متروڪ ٿي ويل هڪ سڪو. (سنڌيڪار)
[4] اهو فرقو رسمن روايتن ۽ پادرين جي اختيارن تي ڏاڍو زور ڏئي ٿو. (سنڌيڪار).
[5] اها شاخ پادرين جي اختيارن ۽ مذهبي رسمن کي نسبتاً گهٽ اهميت ڏئي ٿي. (سنڌيڪار)
[6] رابرٽ لوئس اسٽيونسن جو ناول (سنڌيڪار)

باب ٻيو: هيرو Harrow

مون پنهنجي ٻارهين سالگره مس گذاري ته امتحانن جي ناسازگار علائقي ۾ اچي پيس. مونکي ايندڙ ستن سالن تائين انهيءَ علائقي ۾ سفر ڪرڻو هو. اهي امتحان منهنجي لاءِ هڪ وڏي آزمائش هوندا هئا. ممتحنن کي سڀ کان وڌيڪ پيارا سبجيڪٽ اهي هوندا هئا جن ڏانهن تقريباً لازمي طور منهنجو لاڙو سڀ کان گهٽ هوندو هو. مونکي تاريخ، شاعري ۽ مضمون نويسيءَ ۾ امتحان ڏيڻ پسند هجي ها پر ممتحنن جو لاڙو وري لاطيني ۽ رياضي ڏانهن هوندو هو ۽ انهن جي خواهش ئي حاوي رهندي هئي. وڌيڪ اهو ته انهن ٻنهي سبجيڪٽن مان اهي لازماً اهڙا سوال پڇندا هئا جن جو آءٌ ڪو مطمئن ڪندڙ جواب نه ڏئي سگهندو هوس. مونکي اها ڳالهه پسند هئي ته مون کان پڇيو وڃي ها ته آءٌ ڇا ڄاڻان ٿو. پر اهي سدائين اهو پڇڻ جي ڪوشش ڪندا هئا ته آءٌ ڇا نه ٿو ڄاڻان. آءٌ جڏهن ته رضا خوشيءَ سان پنهنجي معلومات جو اظهار ڪريان ها اهي منهنجي لاعلمي کي وائکو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. اهڙي قسم جي برتاءُ جو اهو هڪ نتيجو نڪتو جو آءٌ امتحانن ۾ صحيح ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيس.
اها ڳالهه هيرو ۾ منهنجي داخلا جي امتحان بابت خاص طور صحيح آهي. هيڊ ماستر، مسٽر ويلڊن، البت منهنجي لاطيني نثر بابت وسيع النظري وارو رايو قائم ڪيو ۽ منهنجي عمومي صلاحيت بابت ڪٿ ڪرڻ ۾ سمجهه ٻوجهه جو مظاهرو ڪيو. اها ڳالهه پنهنجي جاءِ تي ڏاڍي اهم هئي ڇاڪاڻ ته لاطيني پيپر ۾ آءٌ هڪ به سوال جو جواب نه ڏئي سگهيو هوس. مون جوابي ڪاپي جي ورق جي چوٽيءَ تي پنهنجو نالو لکيو ۽ پوءِ سوال نمبر ”1“ لکيو. گهڻي سوچ ويچار کان پوءِ انهيءَ کي هن طرح (1) ڏنگين ۾ آڻي ڇڏيو پر انهيءَ کان پوءِ منهنجي ذهن ۾ انهيءَ سان لاڳاپيل اهڙي ڪابه ڳالهه نه اچي سگهي جيڪا سچي هجي يا انهيءَ سان ڪو اوسطو رکندڙ هجي. انهيءَ کان پوءِ الائي ڪيئن هڪ مس جو چُٽو ۽ ڪيترائي لينگها به ورق تي نڪري آيا. آءٌ پورا ٻه ڪلاڪ انهيءَ دردناڪ منظر تي اکيون کُپايون ويٺو رهيس. انهيءَ کان پوءِ مهربان استاد ٻين سڀني سان گڏ منهنجو به فولسڪيپ (Foolscap) پنو وٺي هيڊ ماستر جي ٽيبل تي رکي آيا. علميت جي اهڙن ناڪافي اشارن مان ئي مسٽر ويلڊن اهو نتيجو ڪڍيو ته آءٌ پاس ٿي هيرو ۾ داخل ٿيڻ جي لائق هوس. انهيءَ لاءِ تحسين جي لائق به اهو ئي آهي. انهيءَ مان ظاهر ٿيو ٿي ته هن کي شين جي سطح کان هيٺ ڏسڻ جي صلاحيت به هئي يعني هو اهڙو ماڻهو هو جيڪو فقط ڪاغذ تي ٿيل اظهارن تي دارومدار نه رکندڙ هو. مونکي هن لاءِ سدائين تمام گهڻو احترام رهيو آهي.
سندس فيصلي جي نتيجي ۾ مونکي اسڪول جي سڀ کان آخري ٽئين درجي ۾ رکيو ويو. اسڪول ۾ نون آيل ڇوڪرن جا نالا الف ب جي ترتيب ۾ رکيا ويندا هئا ۽ جيئن ته منهنجو نالو اسپينسر چرچل ’ايس‘ سان شروع ٿئي ٿو تنهنڪري مونکي جهڙي طرح لفظن جي وسيع دائري مان ڪجهه هڙ پلئه نه پيو هو تهڙي طرح الف ب مان به مونکي ڪو فائدو نه مليو. حقيقت ۾ منهنجو نالو پڇاڙيءَ کان فقط ٻه نالا مٿي هو ۽ مونکي افسوس سان ٻڌائڻو ٿو پوي ته اهي ٻئي به بيماري يا ٻئي ڪنهن سبب جي ڪري فوراً اسڪول مان غائب ٿي ويا.
هيرو ۾ شاگردن جي حاضري وٺڻ جو طريقو ايٽن کان مختلف آهي. ايٽن ۾ شاگرد ميڙ ڪري بيهندا آهن ۽ پنهنجو نالو اچڻ تي پنهنجو ٽوپلو مٿي ڪندا آهن. هيرو ۾ وري اهي اسڪول جي آڳر ۾ استاد جي سامهون قطار ٺاهي گذرندا ويندا آهن ۽ هڪ هڪ ٿي حاضري ڀرائيندا ويندا آهن. اهڙي صورت ۾ اسڪول ۾ منهنجي حيثيت جو اظهار ڪنهن قدر اڻ وڻندڙ ۽ غير شانائتي نموني ۾ ٿيندو هو. اهو سن 1887ع جو واقعو آهي. لارڊ رنڊولف چرچل هائوس آف ڪامنز جي ليڊر ۽ چانسيلر آف ايڪسچيڪر جي عهدي تان تازوئي استعيفا ڏني هئي ۽ اڃان ملڪي سياست جي مهڙ وارن محاذن تي حاوي لڳو بيٺو هو. نتيجي طور حاضريءَ جي قطار ۾ مونکي ڏسڻ لاءِ اسڪول جي ڏاڪن تي مردن عورتن جو هڪ وڏو انگ گڏ ٿي ويندو هو ۽ ”اڙي هي ته سڀني کان آخر ۾ آهي“ جهڙا گستاخانه گفتا آءٌ اڪثر پيو ٻڌندو هوس.
آءٌ اهڙي ڏيک ويک کان خالي حيثيت ۾ لڳ ڀڳ هڪ سال هلندو رهيس پر اسڪول جي سڀ کان هيٺاهين درجي ۾ ايترو ڊگهو عرصو رهڻ سبب مونکي ٻين هوشيار شاگردن تي به تمام گهڻي برتري حاصل ٿي وئي هئي. اهي سڀ لاطيني، يوناني ۽ ٻيون اهڙيون سٺيون سٺيون شيون سکندا هئا پر مونکي انگريزي پڙهائي ويندي هئي. اسين اهڙا موڳا سمجهيا ويندا هئاسين جو فقط انگريزي ئي سکي ٿي سگهياسين. اسڪول جي سڀ کان بيوقوف ڇوڪرن کي سڀ کان گهٽ اهميت واري شيءِ يعني انگريزي لکڻ سيکارڻ جو ڪم مسٽر سومرويل جي حوالي هوندو هو. هو ڏاڍي دلچسپ شخصيت جو مالڪ هو ۽ آءٌ سندس انتهائي احسانمند آهيان. کيس ڀليءَ ڀت خبر هئي ته اهو ڪم ڪيئن ڪجي. هن اهو ڪم اهڙي طرح سيکاريو جيئن ٻيو ڪير به سيکاري نه سگهيو آهي.
اسين نه صرف انگريزي جملن جي مڪمل ترڪيب ڪرڻ سکياسين پر ڇيد ڪرڻ (Analysis) جي مشق به مسلسل ڪئي سين. مسٽر سومرويل کي انهي ڪم جو پنهنجو هڪ نظام هو. هو هڪ چڱو ڊگهو جملو کڻندو هو ۽ ڪاري، ڳاڙهي، نيري ۽ سائي مس جي مدد سان لکي فعل، فاعل، مفعول، رليٽو، ڪنڊيشنل، ڪنجنڪٽو ۽ ڊسجنڪٽو ڪلازز ۾ ڀڃي ٽڪرا ٽڪرا ڪندو هو. هر حصي جو پنهنجو رنگ ۽ پنهنجي ڏنگي هوندي هئي. اسين تقريباً روزانو اهو ڪم ڪندا هئاسين. آءٌ جيئن ته ٽئين درجي ۾ ٻين شاگردن کان ٽيڻو وڌيڪ عرصو رهيو هوس. تنهنڪري انهيءَ ڪلاس مان ٻين شاگردن کان ٽيڻ تي وڌيڪ پرايو هوم. آءٌ اهو ڪم مڪمل طور سکي ويو هوس. اهڙي طرح هڪ عام رواجي برطانوي جملي-جيڪا هڪ مانائتي شيءِ آهي-جي بنيادي جوڙجڪ منهنجي نس نس ۾ سمائجي وئي هئي. پوءِ جي سالن ۾ منهنجا اهي اسڪولي دوست جن سهڻي لاطيني شاعري ۽ پُر مغز يوناني فقرا لکڻ تي انعام ۽ اعزاز حاصل ڪيا هئا انهن کي وري پنهنجي روزي روٽي ڪمائڻ لاءِ يا پنهنجي اهميت مڃرائڻ لاءِ وري عام انگريزي طرف اچڻو پيو. آءٌ پاڻ کي ڪنهن به لحاظ کان گهاٽي ۽ نقصان ۾ محسوس نه ڪندو هوس. آءٌ فطري طور انهيءَ ڳالهه جو حامي آهيان ته ڇوڪرا انگريزي سکن. آءٌ ته جيڪر انهن سڀني کي انگريزي سکڻ تي ويهاريان ۽ پوءِ انهن مان جيڪي هوشيار هجن انهن کي عزت افزائي طور لاطيني ۽ ضيافت طور يوناني سکڻ جي اجازت ڏيان. پر آءٌ انهن کي سزا فقط انهيءَ صورت ۾ ڏيان جڏهن اهي انگريزي نه سکن.
آءٌ هيرو پهريون دفعو اونهاري واري ٽرم ۾ آيو هوس. اسڪول کي جيڪو سئمنگ پول هو، اهو ايترو وڏو مون پهريون دفعو ڏٺو. اهو حوض کان وڌيڪ ڪنهن درياءَ جو پيٽ لڳندو هو ۽ ان جي مٿان ٻه پليون به ٺهيل هونديون هيون. اسين سڀ اتي هڪ هڪ وقت ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويندا هئاسين ۽ ٽٻيون کائي وري اچي چوڌاري ٺهيل فرش تي اُس جو سيڪ وٺندا هئاسين ۽ وڏابن پيا کائيندا هئاسين. اتي اگهاڙي بيٺل ڪنهن دوست يا ڀلي دشمن ئي جي پٺيان اچي کيس پاڻيءَ ۾ ڌڪو ڏيڻ ۾ ڏاڍو مزو ايندو هو. آءٌ ته قدبت ۾ پاڻ جيترن يا پاڻ کان ننڍن ڇوڪرن سان اهڙي حرڪت ڪرڻ جو عادي ٿي ويو هوس. هڪ ڏينهن جڏهن مون کي اسڪول ۾ آئي اڃان مهينو به نه ٿيو هو ته مون حوض جي بلڪل ڪپر تي هڪ ٽوال ويڙهيل ڇوڪري کي سوچ ويچار واري انداز ۾ بيٺل ڏٺو. هو مون کان وڏو به نه هو تنهنڪري مون کيس سٺو شڪار سمجهيو. مون لڪندي ڇپندي پٺيان اچي کيس ڌڪو ڏنو پر انساني همدرديءَ جي بنياد تي سندس ٽوال ڇڪي ورتم جيئن اهو پسي نه وڃي. پر جڏهن غضب ناڪ منهن کي پاڻيءَ جي گجيءُ مان ظاهر ٿيندي ڏٺم ته ڇرڪجي ويس. هو وڌيڪ طاقت وارو ٿي لڳو ۽ ڪاوڙ ۾ ٻانهون هلائيندو ڪناري ڏانهن وڌي رهيو هو. آءٌ ڀڳس پر اها ڪوشش بي سُود ثابت ٿي. منهنجو تعاقب ڪندڙ واءُ مينهن ڪندو مونکي اچي رسيو ۽ مونکي مضبوطيءَ سان پڪڙي حوض جي سڀ کان اونهي حصي ۾ ڦٽو ڪيائين. آءٌ جلدي ٿڙي ٿاٻڙي ٻئي پاسي تي نڪري آيس ۽ پاڻ کي ننڍن ڇوڪرن جي هڪ ميڙ ۾ گهيريل ڏٺم. ”مري وئين ٻچا!“ انهن چيو، ”خبر اٿئي ڇا ڪري آيو آهين، اهو ڇهين درجي وارو آمري اٿئي. اهو پنهنجي هاسٽل جو هيڊ ۽ جيمخاني جو چئمپين آهي. کيس پنهنجي فوٽ بال ٽيم جا ڪلرز به آهن.“ هو سندس مشهوري ۽ عزت جا ڪيترائي خطاب ٻڌائيندا ويا. انهن اها ڳالهه به ڏاڍي تفصيل سان ٻڌائي ته مونکي انهي حرڪت جو ڪهڙو ڪيتو لوڙڻو پوندو. آءٌ نه فقط ڊپ پر ڪنهن مقدس شيءِ جي بيعزتي ڪرڻ جي گناهه جي احساس کان پڻ ڪنبي ويس. هن کي هڪ ته وهنجڻ وارو ٽوال ٻڌل هو ٻيو ته قدبت ۾ به هو ايترو ننڍڙو هو تنهنڪري مونکي سندس حيثيت جي خبر نه پئجي سگهي. بهرحال مون طي ڪري ڇڏيو ته مونکي فوراً وڃي معافي وٺڻي آهي. آءٌ ڊڄندو ڊڄندو انهيءَ بادشاهه جي ويجهو وڃي بيٺس ۽ چيم؛ ”آءٌ ڏاڍو پشيمان آهيان. مون توهان کي غلطي وچان چوٿين درجي جو شاگرد سمجهيو هو توهان آهيو به ته ايترا ننڍڙا نه!“ هو منهنجي ڳالهه مان ذري برابر به ٿڌو ٿيندو نظر نه پئي آيو تنهنڪري مون پاڻ سنڀاليندي وري چيو؛ ”منهنجو پيءُ به ايترو وڏو ماڻهو آهي پر قد ۾ ننڍو آهي.“ انهيءَ تي هو کلي ويٺو ۽ منهنجي بي ڊپائي بابت ڪي عام رواجي نوعيت جون ڳالهيون ٻولهيون ڪري ۽ آئيندي لاءِ محتاط رهڻ جو چئي اها ڳالهه به واضح ڪري ڇڏيائين ته جيڪو ٿيو سو ٿيو آئيندي انهي جي وڌيڪ پچار نه ڪئي ويندي.
منهنجي خوشقسمتي آهي جو مونکي سندس مزاج ۽ طبيعت جي ڪيترن ئي رُخن کي زندگيءَ جي اهڙن دورن ۾ به ڏسڻ جو موقعو مليو آهي جڏهن عمر ۾ ٽن ورهين جو تفاوت ايتري اهميت رکندو آهي جيتري انهيءَ عرصي کي اسڪول ۾ حاصل هوندي آهي. اسين اڳتي هلي ڪيترائي سال ڪابينا ۾ گڏ وزير رهياسين.
مون جڏهن اسڪول جي هيڊ ماستر کي ميڪاليءَ[1] جي (lays of Ancient Rome) مان هڪ به غلطي ڪرڻ کانسواءِ ٻارنهن سو سٽون برزبان ٻڌائي انعام حاصل ڪيو ته ماڻهن کي اها ڳالهه ڏاڍي بي جوڙ ۽ اڻ ٺهڪندڙ لڳي ڇاڪاڻ ته آءٌ بظاهر ته گهڻي وقت کان هيٺين درجي ۾ پيو هوس ۽ اهو انعام نه فقط منهنجي ڪلاس جي پر سموري اسڪول جي شاگردن لاءِ رکيل هو. آءٌ اسڪول ۾ سڀ کان آخر ۾ هوندي به آرميءَ لاءِ ابتدائي امتحان به پاس ڪري ويس. انهيءَ امتحان لڳي ٿو ته مون کان خاص ڪوشش ڪرائي ڇو ته اسڪول ۾ مون کان گهڻو اڳتي رهندڙ ڪيترا ڇوڪرا به انهيءَ ۾ ناپاس ٿي ويا. انهيءَ ۾ ڪجهه ڀاڳ جو به عمل دخل هو. اسان کي خبر هئي ته امتحان ۾ ٻين سوالن سان گڏوگڏ اسان کي ڪنهن ملڪ جو نقشو ٺاهڻ جو به چيو ويندو. امتحان واري رات مون آخري تياري ڪندي اٽلس ۾ موجود سڀني ملڪن جا نالا لکي ٽوپلي ۾ وڌا ۽ ڪڻو ڪڍيو ته نيوزيلينڊ جو نالو نڪتو. پوءِ مون انهيءَ ملڪ جي جاگرافي ذهن ۾ رکڻ لاءِ پنهنجي حافظي کي چڱو ڪم آندو. ٿيو به ائين ئي جو پيپر ۾ پهريون سوال هو؛ ”نيوزيليند جو نقشو ڪڍو.“ اهڙي طرح مونکي پيپر ۾ تمام سٺيون مارڪون ملي ويون.
هاڻي منهنجا قدم فوجي نوڪريءَ جي راهه تي هئا. منهنجي زندگيءَ جي انهيءَ رخ ۽ حيثيت جو بنيادي سبب اهو هو ته مون وٽ ننڍپڻ ۾ ٻين شين سان گڏوگڏ سپاهي پڻ هوندا هئا. انهن جو انگ وڌندي وڌندي ڏيڍ هزار تائين وڃي پهتو هو. اهي سڀ هڪ سائيز جا ۽ سڀ برطانوي فوجي هوندا هئا ۽ انهن جي انفنٽري ڊويزن جي طرز تي تنظيم ٿيل هوندي هئي. جنهن سان گڏ ڪيولري (گهوڙيسوار) برگيڊ پڻ هوندي هئي. منهنجو ڀاءُ جيڪ دشمن فوج جو اڳواڻ هوندو هو پر اسان پاڻ ۾ تخفيف اسلحي جو هڪ معاهدو ڪري ڇڏيو هو. جنهن تحت هو فقط رنگدار سپاهي رکي سگهيو ٿي ۽ انهن کي آرٽلري (توپ خانو) رکڻ جي به اجازت نه هئي. اها ڏاڍي اهم ڳالهه هئي. ڇو ته مون وٽ به قلعي جي حفاظت لاءِ رکيل توپن کان سواءِ ميدان جنگ ۾ ڪم ايندڙ فقط ارڙهن توپون ئي هيون. انهيءَ کانسواءِ فوج جا ٻيا سڀ معاون شعبا مڪمل هوندا هئا. سواءِ ٽرانسپورٽ جي جنهن جي هر فوج ۾ کوٽ هوندي آهي. منهنجي پيءُ جي پراڻي دوست سر هينري ڊرمنڊ وولف هڪ دفعو منهنجن سپاهين جي صف بنديءَ جو داد ڏيندي اها کوٽ محسوس ڪري ورتي هئي ۽ هڪ رقم مهيا ڪئي هئي جنهن مان انهيءَ کوٽ جو ڪنهن حد تائين پورائو ڪيو ويو هو. آخر اهو ڏينهن به آيو جڏهن منهنجي پيءُ پاڻ اچي منهنجي فوج جو معائنو ڪيو. سڀئي سپاهي حملي جي درست ترتيب ۾ بيٺا هئا. هو ويهن منٽن تائين پُر شوق نظرن ۽ موهيندڙ مُرڪ سان انهيءَ متاثر ڪندڙ منظر جو جائزو وٺندو رهيو. آخر ۾ هن مون کان آرميءَ ۾ وڃڻ بابت پڇيو. مون سوچيو ته آرميءَ جي ڪمانڊ ڪرڻ ته ڏاڍو شاندار ڪم هوندو. تنهنڪري مون فوراً ها ڪري ڇڏي ۽ منهنجي ڳالهه کي عملي جامو پهرائڻ ۾ ڪابه دير نه ڪئي وئي. آءٌ ڪيترائي سال اهو سمجهندو رهيس ته منهنجي پيءُ پنهنجي تجربي ۽ ذهانت جي مدد سان مون ۾ موجود فوجي ڏات جو پتو لڳائي ورتو هو. پر پوءِ مونکي ٻڌايو ويو ته هو ان نتيجي تي پهتو هو ته آءٌ ايترو هوشيار نه هوس جو وڪالت ڪري سگهان. بهرحال انهيءَ بابت صحيح صورتحال ڇا به هجي اها حقيقت آهي ته راند وارن سپاهين منهنجي زندگيءَ جو رُخ بدلائي ڇڏيو. هن کان پوءِ فوج جي پيشيوراڻي فني باريڪ بينين جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ ٿي ويو. انهن کان سواءِ ٻي ڪنهن به شيءِ بابت ڄاڻ مونکي پاڻ حاصل ڪرڻي پئي.

*******

مون هيرو ۾ تقريباً ساڍا چار سال گذاريا جن مان ٽي آرمي ڪلاس ۾ هئا. مونکي انهيءَ ۾ داخلا ابتدائي امتحان پاس ڪرڻ جي نتيجي ۾ ڏني وئي هئي. انهيءَ ۾ اسڪول جا وچولن ۽ مٿين درجن وارا ۽ مختلف عمرين جا ٻار شامل هئا جن سڀني کي سينڊهرسٽ يا وول وچ (Woolwich) امتحان جي تياري ڪرائي ويندي هئي. اسان سڀني کي اسڪول جي معمول واري هلچل کان ڪڍي ڌار ويهاريو ويندو هو. نتيجي طور آءٌ درجي جي لحاظ کان اڳتي نه وڌي سگهيس ۽ توڙي جو چوٿين درجي وارن ڇوڪرن سان گڏ ڪم ڪندو هوس ته به اسڪول جي لسٽ ۾ بلڪل هيٺ رهيس. سرڪاري طور آءٌ لوئر اسڪول مان مٿي نه چڙهي سگهيس. تنهنڪري مونکي خدمتگار شاگرد (Fag) رکڻ جي رعايت به نه ملي سگهي. وقت گذرڻ سان گڏ جڏهن آءٌ اتان جي زبان ۾ ٽه سالو (Three Yearer) ٿي ويس ته مونکي ٻين وڏن شاگردن جو خدمتگار ٿيڻ کان آزادي ملي وئي ۽ جيئن ته آءٌ پنهنجي درجي وارن ٻين ڇوڪرن کان عمر ۾ وڏو هوس تنهنڪري مونکي پنهنجي هاسٽل ۾ Head of Fags مقرر ڪيو ويو. اهو منهنجو پهريون ذميواريءَ وارو پر اعزازي عهدو هو. منهنجين ذميوارين ۾ سڀني خدمتگار ڇوڪرن جون واريون ٺاهڻ، مختلف تاريخن تي انهن جي ڊيوٽين جي لسٽ ٺاهڻ ۽ انهن لسٽن جون ڪاپيون مانيٽرن، فوٽ بال ۽ ڪرڪيٽ جي چيمپئنن ۽ اسان جي عهديداري نظام جي ٻين ميمبرن جي ڪمرن ۾ رکڻ شامل هو. مون اهي ڪم هڪ سال کان وڌيڪ عرصو سرانجام ڏنا ۽ مجموعي طور پنهنجي حال تي راضي رهيس.
انهيءَ دوران مون لاطيني زبان مان ترجمو ڪرڻ جو به هڪ سٺو طريقو ڳولهي ورتو. آءٌ ڊڪشنري ڪم آڻڻ ۾ اصل کان ڍلو رهيو آهيان. اهو ڪم مون کي ٽيليفون ڊائريڪٽري ڪم آڻڻ وانگر لڳندو هو. اها صحيح حرف جي آسپاس کولي وڃڻ ته سولو ڪم آهي پر پوءِ ماڻهو کي پنا اڳتي پوئتي اٿلائڻا پون ٿا ۽ ڪالم ۾ هيٺ مٿي جُوهه پائي ڏسڻو پوي ٿو ۽ ماڻهو پنهنجي گهربل لفظ کان ٽي يا چار پنا اڳتي پٺتي ٿي وڃي ٿو. ڳالهه مختصر ڪجي ته مون کي اهو ڪم ڏاڍو محنت طلب لڳندو هو. جڏهن ته ٻين ڇوڪرن کي انهيءَ ڪم ۾ ڪابه ڏکيائي نه لڳندي هئي. پر هاڻي مون ڇهين درجي واري هڪ ڇوڪري سان اتحاد ڪري ورتو هو. هو ڏاڍو هوشيار هوندو هو. ۽ لاطيني به انگريزي وانگر سولائي سان پڙهي ويندو هو. سيريز، اووڊ، ورجل، هوريس ۽ ويندي مارشل جا پر مغز فقرا به هن لاءِ ڪا به ڏکيائي پيدا نه ڪندا هئا. منهنجو هر روز جو ڪم ڏهه يا پندرنهن سٽون هوندو هو. مونکي انهن جو مطلب ڪڍڻ ۾ ڪلاڪ يا ڏيڍ لڳي ويندو هو ۽ منهنجو ڪڍيل مطلب به گهڻو ڪري غلط هوندو هو پر منهنجو دوست انهيءَ جو پنجن منٽن ۾ لفظي ترجمو ڪري ويندو هو ۽ آءٌ جڏهن هڪ دفعو معنى تي نظر وجهي ڇڏيندو هوس ته اهو مونکي چڱي طرح ياد ٿي ويندو هو. منهنجي ڇهين درجي واري دوست کي وري انگريزي مضمون ايترا ڏکيا لڳندا هئا جيترا مون لاءِ اهي لاطيني معما ڏکيا هوندا هئا. منهنجي دوست کي اهي مضمون هيڊ ماستر لاءِ لکڻا هوندا هئا. اسان پاڻ ۾ اهو ٺهراءُ ڪيو ته هُو مونکي لاطيني مان ترجما ڪري ڏيندو ۽ آءٌ سندس مضمونن جو ڪم ڪندس. اهو بندوبست ڏاڍي سٺي نموني هليو. لاطيني وارو استاد منهنجي ڪم مان بلڪل مطمئن لڳندو هو ۽ صبح جي وقت ۾ مونکي پنهنجي لاءِ سٺو وقت ملي ويندو هو. ٻئي طرف مونکي وري هفتي ۾ هڪ دفعو پنهنجي ڇهين درجي واري دوست لاءِ مضمون لکڻا پوندا هئا. آءٌ ڪمري ۾ چڪر ڏيندو لکرائيندو ويندو هوس- آءٌ هاڻي به ائين ئي ڪندو آهيان- ۽ هو ڪنڊ ۾ ويٺو لکندو ويندو هو. اهو ڪم ڪيترا مهينا بغير ڪنهن ڏکيائي جي هلندو رهيو. پر هڪ دفعو اسان پڪڙجندي پڪڙجندي بچياسين. منهنجي انهن مضمونن مان ڪنهن مضمون ۾ استادن کي ڪا خوبي نظر اچي وئي ۽ اهو هيڊماستر ڏانهن موڪلي ڏنائون. هيڊماستر منهنجي دوست کي پاڻ وٽ گهرايو سندس ڪم تي سندس تعريف ڪئي ۽ هن سان انهيءَ عنوان تي ڏاڍي پُرجوش انداز ۾ گفتگو ڪرڻ لڳو؛ ”تون هتي جيڪو نقطو اٿاريو آهي اهو مونکي ڏاڍو دلچسپ لڳو منهنجي خيال ۾ تون اڃان اڳتي وڃين ها. مون کي بلڪل صحيح صحيح ٻڌاءِ ته هي لکڻ وقت تنهنجي ذهن ۾ ڪهڙا خيال هئا؟“ مسٽر ويلڊن تمام بي روح جوابن جي باوجود ڪجهه وقت ائين ڳالهائيندو رهيو. بهرحال هيڊماستر جيئن ته تعريف ۽ واکاڻ جي موقعي کي ڇينڀڻ ۾ تبديل نه ٿي ڪرڻ چاهيو، تنهنڪري کيس هنن لفظن سان وڃڻ جي اجازت ڏنائين؛ ”تون زباني ڪم بجاءِ تحريري ڪم ۾ بهتر ٿو ڏسجين.“ هو مون وٽ آيو ته اهڙي حالت هئس ڄڻ موت جي چنبي مان بچي نڪتو هجي ۽ پوءِ آءٌ به ڏاڍو خبردار ٿي ويس ۽ مضمون لکڻ وقت نئون رستو اختيار ڪرڻ بجاءِ پراڻا ڳٺل پيچرا ئي ڪم آڻيندو هوس.
مسٽر ويلڊن مون ۾ دوستاڻي دلچسپي رکندو هو ۽ جيئن ته خبر هئس ته آءٌ لاطيني ۽ يوناني ۾ ڪمزور هئس تنهنڪري پاڻ پنهنجي سِر منهنجي مدد ڪرڻ جو پهه ڪيائين. سندس روزاني جو معمول ڏاڍو مصروفيت ڀريل هوندو هو. پر هن هفتي ۾ ٽي ڏينهن شام جي عبادت کان اڳ مونکي خانگي ٽيوشن لاءِ پندرنهن منٽ ڪڍي ورتا. هيڊماستر پاران اها تمام وڏي مهرباني ۽ هڪ لحاظ کان پنهنجي حيثيت کي ڪجهه گهٽ ڪرڻ هو نه ته هو فقط مانيٽرن ۽ تمام ذهين شاگردن کي ئي پڙهائيندو هو. مونکي اهڙي عزت افزائي تي ناز به هو پر انهيءَ مصيبت کان ڏڪي به رهيو هوس ڇاڪاڻ ته هيڊماسترن کي ڪجهه اهڙا اختيار به مليل آهن جيڪي وزير اعظمن کي به ڪڏهن نه مليا آهن. بهرحال مسٽر ويلڊن سان شام جي انهن پندرنهن منٽن منهنجي زندگيءَ جي پريشانين ۾ چڱو خاصو اضافو ڪيو. آخرڪار هو جڏهن لڳ ڀڳ هڪ مڪمل ٽرم جي پنهنجي پُرخلوص پر بي فائدي ڪوشش کان دستبردار ٿيو ته مون پاڻ کي ڏاڍو پُرسڪون محسوس ڪيو.
هتي آءٌ لاطيني زبان بابت ڪجهه رايا ڏيندس. اهي شايد يوناني تي به لاڳو ٿي سگهندا. انگريزيءَ جهڙي ڪنهن معقول زبان ۾ اهم لفظ ٻين ننڍڙن لفظن ذريعي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل يا لاڳاپيل هوندا آهن. رومين پنهنجي قدامت خيالي سبب اهڙي طريقي کي ڪمزور ۽ نامعقول محسوس ڪيو. انهن کي اها ئي ڳالهه صحيح لڳي ٿي ته هر لفظ جي جوڙجڪ تي ڪجهه تفصيلي قاعدن قانونن مطابق ان جي ڀر واري لفظ جو رد عمل ٿئي. انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اهو طريقو اسان جي ٻولي کان ٻڌڻ توڙي ڏسڻ ۾ وڌيڪ متاثر ڪُن لڳي ٿو، سمورو جملو ڪنهن چمڪندڙ مشين وانگر پاڻ ۾ جُڙي بيهي ٿو ۽ هر هڪ فقري کي ڇڪي معنى سان ڀري سگهجي ٿو. ماڻهوءَ جي ڀلي کڻي تعليم تربيت انهيءَ ماحول ۾ ٿي هجي ته به اهو ٺاهڻ ۾ ڏاڍي محنت جي ضرورت پوي ٿي. پر انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته انهيءَ جملي رومين ۽ يونانين کي پنهنجي بعد از مرگ شهرت قائم ڪرڻ جو هڪ سولو ۽ سٺو طريقو مهيا ڪري ڇڏيو آهي. اهي فڪر ۽ ادب جي ميدان ۾ سڀ کان پهريان وارد ٿيا هئا. جڏهن زندگي، محبت، جنگ، قسمت ۽ آداب اخلاق بابت سوچ ويچار ڪري ڪجهه پڌري پٽ پيل نتيجن تي پهتا ته اِنهن پنهنجن ويچارن کي گهڙي ٺاهي نعرن يا پر مغز فقرن جي شڪل ڏئي ڇڏي. ڇاڪاڻ ته سندن زبان ۾ به اها خاصيت ڀلي ڀت موجود هئي. هنن اهڙيءَ طرح انهن تي پنهنجي ملڪيت جا حق هميشه لاءِ محفوظ ڪري ڇڏيا. سندن شهرت جو سبب به اهوئي آهي. آءٌ پوءِ جي زندگيءَ ۾ غور و فڪر ڪري انهيءَ نتيجي تي پهتو آهيان.
پر اسڪولي ڇوڪراڻي وهيءَ ۾ به آءٌ انهيءَ مسئلي تي سوال ۽ شڪ شهبا اٿاريندو هوس ته يوناني ۽ لاطيني ٻوليون اسان جي تعليم جي بنيادي جوڙجڪ لاءِ ڪيتريقدر مناسب آهن. ماڻهو مونکي ٻڌائيندا هئا ته مسٽر گليڊ اسٽون به مزي ۽ تفريح خاطر هومر کي پڙهندو آهي. آءٌ سمجهندو هوس ته مسٽر گليڊ اسٽون لاءِ اها ڳالهه مناسب آهي پر هو جڏهن چوندا هئا ته انهن ٻولين جي تعليم اڳتي هلي منهنجي لاءِ تمام وڏي خوشيءَ جو باعث ٿيندي ته مونکي اها ڳالهه آئڙندي نه هئي. انهيءَ تي هو چوندا هئا ته اهي ٻوليون انگريزي لکڻ ۽ ڳالهائڻ ۾ منهنجي مدد ڪنديون. اهي وري اسانجن ڪيترن ئي جديد لفظن بابت ٻڌائيندا هئا ته اهي لاطيني ۽ يوناني مان ورتل آهن. اها ڳالهه ته ظاهر آهي ته جڏهن ماڻهو کي صحيح خبر هجي ته اهي لفظ ڪهڙي سرچشمي مان ڦٽي نڪتا آهن ته ماڻهو انهن کي وڌيڪ درست نموني ڪتب آڻي سگهي ٿو.
اسين جڏهن هن ڪتاب جي هندستان بابت بابن تي پهچنداسين ته اسان کي علمي تفاخر جي غلط انداز جو هڪ ٻيو مثال به ڏسڻ ۾ ايندو. آءٌ جڏهن ڇوڪر هئس ته ماڻهو Punjab, Pundit ۽ Umbala وغيره لکندا ۽ پڙهندا هئا پر پوءِ ڪجهه پڙهيل لکيل نامور ماڻهو اڳتي اچي چوڻ لڳا ته توهان اهي لفظ صحيح نموني هجي ڪيو. تنهنڪري هاڻي انگريز ماڻهو انهن کي Punjab, Pundit, Ambala ۽ Amritsar لکي ۽ پڙهي ٿو. هاڻي هندستاني ماڻهو انهن جي عجيب گفتگو ٻڌي حيرت ۾ وٺجي وڃن ٿا. ظاهر آهي ته اسان جي انگريز جي اعلى ترين علمي فضيلت جو اهو ئي صلو کيس هڙ پلئه پيو آهي.

_______________
[1] ٿامس بيبنگٽن ميڪالي (1859ع-1800ع) لنڊن جي ويجهو مڊل ڪلاس گهر ۾ ڄائو. ڪيمبرج ۾ پڙهيو 1830ع ۾ پارليامينٽ جو ميمبر ٿيو. انڊيا ۾ ميجسٽريٽ رهيو. انهيءَ دوران پينل ڪوڊ جي تربيت ۾ حصو ورتائين. انگلينڊ واپس اچي 1842ع ۾ شاعري جو مجموعو Lays of Ancient Rome ڇپرايائين. (سنڌيڪار)

باب ٽيون: امتحان Examinations

سينڊهرسٽ جو داخلا جو امتحان پاس ڪرڻ لاءِ مونکي ٽي دفعا ڪوشش ڪرڻي پئي. امتحان ۾ جملي پنج سبجيڪٽ هئا جن مان رياضي، لاطيني ۽ انگريزي لازمي هئا. فرانسيسي ۽ ڪيمسٽريءَ جي مون پاڻ چونڊ ڪئي هئي. مضمونن جي انهيءَ مجموعي ۾ انگريزي ۽ ڪيمسٽري مون لاءِ ڪوبه مسئلو پيدا نه ڪن ها. لاطيني آءٌ نه ٿي سکي سگهيس. آءٌ انهيءَ جي بلڪل خلاف هوس تنهنڪري منهنجي ذهن جا دروازا انهيءَ لاءِ بند ٿي ويا هئا. لاطينيءَ تي ٻه هزار مارڪون رکيل هيون. آءٌ شايد چار سو کن کڻي سگهيس ٿي! فرانسيسي دلچسپ ته هئي پر ڪجهه پيچيدي هئي ۽ اها انگريزي جي ذريعي سکڻ به مشڪل هئي. اهڙي طرح باقي رياضي وڃي ٿي بچي. پهريون امتحان ٿي وڃڻ کان پوءِ جنگ جو جائزو وٺڻ کان پوءِ خبر پئي ته محاذ تي ٻي فوج آڻڻ کان سواءِ جنگ کٽي نه سگهبي ۽ دستياب وسيلن ۾ فقط رياضي موجود هئي تنهنڪري ٻي ڪا واٽ نه ڏسي مون انهيءَ ڏانهن توجه ڪيو. مون کي پنهنجي سموري زندگي ۾ مختلف وقتن تي مختصر نوٽيس تي اڻ وڻندڙ سبجيڪٽ کڻڻا پيا آهن. پر آءٌ پنهنجي اخلاقي ۽ فني فتح جو اهو وقت سمجهان ٿو جڏهن مون ڇهن مهينن ۾ رياضي سکي ورتي هئي. آءٌ انهن ٽنهي مصيبتن مان پهرئين ۾ رياضي ۾ 2500 مان 500 کان وڌيڪ مارڪون کڻي نه سگهيو هوس. ٻين ڪوششن ۾ آءٌ لڳ ڀڳ ٻه هزار مارڪون کڻي ويس. منهنجي انهيءَ حاصلات جو هڪ سبب ته منهنجو پنهنجو مرڻ مارائڻ وارو عهد هو جنهن تي ڪيتري به پُٺي ٺپرجي ۽ شاباس ڏجي اها گهٽ هوندي. پر انهيءَ جو ٻيو سبب هيرو جو نهايت ئي مانوارو استاد مسٽر سي- ايڇ- پي- ميو به هو جنهن مون ۾ ڏاڍي شفقت ڀري دلچسپي ورتي. هو مونکي اها ڳالهه سمجهائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ته رياضي ڪا بي معنى شين جي اهڙي ڌُٻڻ نه آهي جنهن کي پار نه ڪري سگهجي ۽ ٻيو ته رياضي جي کِل جهڙين نشانين پٺيان ڪا معنى ۽ تال ميل به موجود آهي. هن مونکي اهو به يقين ڏياريو ته آءٌ انهن شين جا ڪجهه جهلڪا ۽ ترورا پسي سگهان ٿو.
اها ڳالهه پنهنجي جاءِ تي موجود آهي ته رياضيءَ مان منهنجو مطلب توهان وٽ ايتري ڄاڻ هئڻ آهي جيتري سول سروس ڪمشنر ڪو بلڪل ابتدائي قسم جو امتحان پاس ڪرڻ لاءِ توهان وٽ هئڻ جي توقع ڪن ٿا. آءٌ سمجهان ٿو ته جن پاڻين ۾ آءٌ ترسيس ٿي اهي سينئر رينگلر (Senior Wrangler) يا انهيءَ علم جي قدرتي ڏات رکندڙ ماڻهن لاءِ ته ايٽلانٽڪ سمنڊ جي ڀيٽ ۾ بدڪ جي ترڻ لاءِ کڏن مثل هوندا. بهرحال آءٌ جڏهن ٽپو ڏئي پاڻيءَ ۾ لهي پيس ته پنهنجي مقرر اونهائيءَ کان اڳتي نڪري ويس. هاڻي جڏهن آءٌ انهن ڳڻتيءَ سان ڀريل مهينن تي نظر وجهان ٿو ته انهن جون اهم ڳالهيون يادگيريءَ جي تري مان اڀري ٿي بيهن ٿيون. اسين ڏهائي سرشتي ۽ وهنواري اڻپور (Vulgar Fraction) کان اڳتي ٽپي ويا هئاسين ۽ هڪ اهڙي حيرت ڪدي تي اچي پهتاسين جنهن جي دروازي وٽ Quadratic Equation بيٺل هئي. انهيءَ مساوات وري عجيب نموني منهن ٺاهيندي Theory of Indices ڏانهن اشارو ڪيو. انهيءَ وري دخل درمعقولات ڪندڙ بائنوميل ٿيوريم (Binomial Theorem) جي مصيبتن جي حوالي ڪري ڇڏيو. اڃان اڳتي زرد رنگ جي باهين سان روشن ڪي اونداهان ڪمرا هئا جن جي باري ۾ مشهور هو ته انهن ۾ Differential Calculus نالي ازدها ويٺل آهي. پر اهو راڪاس سول سروس ڪمشنرن پاران مقرر ٿيل حدن کان ٻاهر هو. اسين انهن کان پاسو ڪري وياسين ۽ خوشگوار آبهوا وارن جابلو علائقن ۾ ته نه وياسين پر هڪ عجيب پٽيءَ ۾ وڃي پياسين. جنهن ۾ معمائون ۽ حرفي کيڏن تي ٻڌل ڪي سلسلا هئا جن کي سائين (Sine) ڪوسائين (Cosine) ۽ ٽينجينٽ (Tangent) چيو ٿي ويو. ڏسڻ ۾ انهن کي به وڏي اهميت هئي. خاص طور اهي جڏهن هڪٻئي سان ۽ پنهنجو پاڻ ۾ ضرب پيا ٿين. انهن ۾ هڪ اها به خاصيت هئي ته انهن جا ڪيترائي مختلف قسم زباني ياد ٿي سگهيا ٿي. منهنجي ٽئين ۽ آخري امتحان ۾ ٽئين مول جي صورت ۾ سائين ۽ ٽينجينٽ بابت هڪ سوال هو جيڪو منهنجي ايندڙ زندگيءَ تي به لازماً فيصلائتو اثر وجهي ها. هاڻي اها ڏاڍي ڏکي ڳالهه هئي پر آءٌ خوش قسمتي سان انهيءَ سوال جو بدصورت منهن ڪجهه ڏينهن اڳ ڏسي چڪو هوس ۽ پهرئين ئي نظر ۾ ان کي سڃاڻي ويس.
آءٌ انهيءَ مخلوق سان انهيءَ کان پوءِ وري ڪڏهن به نه مليو آهيان. منهنجي ٽئين ۽ ڪامياب امتحان کان پوءِ اهي بخار واري خواب جي وهمي شڪلين وانگر غائب ٿي ويون. مونکي پڪ آهي ته اهي انجنيئرنگ، فلڪيات ۽ اهڙي قسم جي ٻين شين ۾ تمام گهڻي مدد ڏين ٿيون. پليون ۽ ڪينال ٺاهڻ ۽ مادي تي پوندڙ دٻائن ۽ انهن جي امڪاني صلاحيتن کي سمجهڻ جي به ڏاڍي اهميت آهي. ستارن ۽ ڪائناتن جو ڳاڻيٽو ۽ انهن جي فاصلي جي پيمائش، سج ۽ چنڊ گرهڻن جي اڳڪٿي ڪرڻ، پڇڙتاري جي ظاهر ٿيڻ ۽ اهڙين ٻين شين بابت ته ڳالهه ئي نه ڪريو. مون کي ڏاڍي خوشي آهي ته اهڙا به ڪيترائي ماڻهو آهن جيڪي انهن سڀني شين کي پيدائشي طور پسند ڪن ٿا ۽ انهن بابت قدرتي ڏات مليل اٿن. انهن جو مثال شطرنج جي انهن عظيم رانديگرن وانگر آهي جيڪي هڪ ئي وقت اکيون بند ڪري سورنهن سورنهن رانديون کيڏي وڃن ٿا پر جلد ئي پوءِ مرگهيءَ وگهي مري ويندا آهن. انهن سان سهڻو سلوڪ ڪريو! مونکي اميد آهي ته رياضيدانن کي پنهنجي ڪم جو چڱو صلو ملندو هوندو. آءٌ واعدو ٿو ڪريان ته انهن جي ڌنڌي سان غداري نه ڪندس ۽ نه ئي انهن جي وات مان گرهه کسيندس.
مونکي رياضيءَ بابت هڪ دفعو اهو احساس پيدا ٿيو هو ته آءٌ ان کان مڪمل طور واقف ٿي ويو آهيان. انهيءَ جو اونهي کان اونهو تهه منهنجي اڳيان کُلي ظاهر ٿي پيو آهي. مونکي ائين نظر آيو هو جيئن نه ڪير ڏسي ته هڪ مقدار (Quantity) لامحدود (Infinity) مان گذرندو پئي ويو ۽ واڌو مان بدلجي ڪاٽو ٿي رهيو هو. مون بلڪل صحيح نموني ڏٺو ته اهو عمل ڪيئن واقع ٿيو ۽ ڪيئن نه هڪ قدم سان ٻيا سڀ قدم مربوط هئا. اهو سمورو عمل سياست وانگر هو. پر اهي ڳالهيون رات جي ماني کان پوءِ ٿيون هيون تنهنڪري آءٌ انهن بابت وڌيڪ بحث نه ٿو ڪريان.
پر ڪم جي ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن اهو پوڙهو ۽ ٿڪيل روح وارو سول سروس ڪمشنر ٻئين ۽ ٽئين مول ۾ سائين ۽ ٽينجينٽ بابت اهو خاص سوال نه پڇي ها جيڪو مون بمشڪل هڪ هفتو اڳ ذهن ۾ ويهاريو هو ته هن ڪتاب جا ايندڙ باب ڪڏهن به لکجڻ ۾ نه اچن ها ممڪن آهي ته آءٌ وڃي پادري ٿيان ها ۽ پنهنجي دور سان وڏي ٽڪراءَ ۾ ايندڙ سخت گير روايت پسند خطبا پيو ڏيان ها. اهو به ٿي سگهي پيو ته آءٌ لنڊن جي ڪاروباري دنيا ۾ هليو وڃان ها ۽ وڏي دولت ڪمايان ها. هڪ صورت اها به هئي ته آءُ برطانيه جي نو آبادين يا جيئن هاڻي انهن کي Dominions سڏيو وڃي ٿو. انهن کي مطمئن رکڻ يا انهن جي ڪاوڙ کي ٿڌو ڪرڻ جون اميدون کڻي اوڏانهن هليو وڃان ها ۽ لنڊسي گورڊن يا سيسل رهوڊز[1] (Cecil Rhodes) وانگر ڪو سنسني خيز ڪيريئر اختيار ڪريان ها. مون پاران وڪالت ڏانهن ڇڪجي وڃڻ جو به امڪان هو ۽ هاڻي جيڪي ماڻهو پنهنجا ڏوهاري لاڙا لڪايون آرام سان ويٺا آهن اهي ممڪن آهي ته مونکي وڪيل ڪري ڦاسيءَ جي تختي تي پهچي وڃن ها. بهرحال جيڪا به صورتحال هجي ها منهنجي سموري زندگيءَ جو رُخ تبديل ٿيل هجي ها ۽ اها آءٌ سمجهان ٿو ته ٻين ڪيترين حياتين جا رُخ تبديل ڪري ڇڏي ها ۽ ائين تبديلين جو سلسلو هلندو رهي ها!
پر هاڻي لڳي ٿو ته اسين رياضيءَ ڏانهن واپس موٽي رهيا آهيون. جنهن کي مون سن 1894ع ۾ هميشه لاءِ ڇڏي ڏنو هو. بهرحال ايترو چوڻ ڪافي آهي ته انهيءَ سول سروس ڪمشنر اهو خاص سوال امتحان ۾ ڏئي گهٽ ۾ گهٽ منهنجي صورت ۾ ته سڀني واقعن کي هڪ ترتيب ۾ آڻي ڇڏيو. مون کي انهيءَ کان پوءِ به سول سروس ڪمشنرن کي ڏسڻ جو موقعو ملندو رهيو آهي. مون اهي جيئرا جاڳندا ڏٺا آهن. ويندي مون انهن جي سربراهه کي به نوڪريءَ تي مقرر ڪيو آهي. آءٌ انهن کي قدر جي نگاهه سان ڏسان ٿو ۽ انهن جي عزت ڪريان ٿو ۽ اسين سڀ انهن جي عزت ڪندا آهيون پر ڪير به (اهي پاڻ ته ڪڏهن به نه) اهو اندازو نه ڪري سگهندو ته اهي انساني معاملن ۾ ايترو فيصلائتو ۽ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. انهن ڳالهين مان آءٌ انسان پاران پنهنجي معاملن ۾ آزاد هئڻ (freewill) يا تقدير آڏو بيوس هئڻ (Predestination) بابت پنهنجي سوچ جي نتيجي تي پهتو آهيان. ڀلي ته پڙهندڙ به اها ڳالهه ذهن ۾ رکي ته اهي ٻئي ڳالهيون هڪ جهڙيون آهن.
مونکي پوپٽن سان سدائين محبت رهي آهي. يوگنڊا ۾ مون ڏاڍا سهڻا پوپٽ ڏٺا هئا جن جي پرن جا رنگ نظر جي زاويي مطابق ڳاڙهاڻ مائل ڀوري کان تيز نيرا ٿيندا رهندا هئا. برازيل ۾ جيئن ته اسان سڀني کي خبر آهي ته اهڙي قسم جا اڃان وڏا ۽ وڌيڪ رنگن وارا پوپٽ ٿيندا آهن انهن ۾ رنگن جو تضاد انتها درجي جو ٿيندو آهي. توهان جي ذهن ۾ هڪٻئي کان ايترا مختلف رنگ اچي ئي نه ٿا سگهن. پر اهو هوندو ساڳيو ئي پوپٽ. پوپٽ اصل حقيقت آهي جيڪو ڪڏهن ته چمڪندو، تجلا ڏيندو، پرڙا ڦڙڪائيندو ۽ هڪ لمحي لاءِ پنهنجا پر مڪمل طور کولي سج جي آڏو ڪري ڇڏيندو ۽ پوءِ وري جهنگ جي پاڇن ۾ گم ٿي ويندو. توهان آزاد ارادي ۾ يقين رکو ٿا يا تقدير پرست آهيو سمورو دارومدار انهيءَ ڳالهه تي آهي ته توهان سندس پرن جي ڪهڙي رنگ تي ترڇي نظر وڌي جيڪي حقيقت ۾ هڪ ئي وقت گهٽ ۾ گهٽ ٻه رنگ آهن. پر آءٌ مابعد الطبعيات جي کڏ ۾ ڪرڻ لاءِ رياضيءَ تان دستبردار نه ٿيو آهيان. اچو ته پنهنجي بيان ڏانهن واپس ٿيون.
آءٌ جڏهن سينڊهرسٽ جي امتحان ۾ ٻيو دفعو ناڪام ٿيس ته مون هيرو کي الوداع چئي ڇڏيو ۽ هڪ رٽائي (Crammer) اداري کي اميد جو آخري ڪرڻو سمجهندي ان جي حوالي ڪيو ويس. ڪيپٽن جيمس ۽ سندس باصلاحيت ساٿي ڪرامويل روڊ تي اهو ادارو هلائيندا هئا. انهيءَ بابت چيو ويندو هو ته ڪير پيدائشي بيوقوف نه هجي نه ته انهيءَ اداري مان آرميءَ جو امتحان پاس ڪرڻ ۾ گُسي نه ويندو. انهيءَ اداري سول سروس ڪمشنرن جي ذهنيت جو سائنسي مطالعو ڪيو هو. انهن کي ڄڻ ته ڪنهن ديني حڪم جهڙي حتميت وانگر پڪ هوندي هئي ته اهڙي قسم جا ماڻهو ڪنهن خاص سبجيڪٽ مان سراسري طور ڪهڙا ڪهڙا سوال پڇندو. انهيءَ اداري وارا انهن سوالن ۽ انهن جي جوابن جي تياريءَ ۾ خصوصي مهارت رکندا هئا. اهي تترن جي ولر جي بلڪل وچ تي بندوق جا ڪيترائي ڪارگر فائر ڪندا ويندا هئا ۽ سندن شڪار جو انگ سراسري طور گهڻو ۽ يڪسان بيهندو هو. ڪيپٽن جيمس – جيڪر هو پاڻ انهيءَ حقيقت کان واقف هجي ها- حقيقت ۾ ايجادي ذهن جو مالڪ هو ۽ اها سوچ سڀ کان اڳ سندس ئي ذهن ۾ آئي جنهن کي پوءِ جي موجدن Artillery Barrage جي شڪل ڏني ۽ اهو طريقو جنگ عظيم ۾ ڪم آيو. هو ڏسندو هو ته ڪهڙن علائقن ۾ دشمن جا وڌ کان وڌ سپاهي موجود آهن پوءِ هو ڏاڍي خبرداريءَ سان چونڊيل جاين تان انهن علائقن تي فائر ڪندو ويندو هو. اهڙي صورت ۾ کيس پنهنجو شڪار حاصل ڪرڻ لاءِ في ايڪڙ في ڪلاڪ تي فقط ڪجهه مقرر انگ ۾ گولا فائر ڪرڻا پوندا هئا. هن کي دشمن جا سپاهي اکين سان ڏسڻ جي به ضرورت نه هوندي هئي. کيس پنهنجن گولا اندازن کي فقط مشق ڪرائڻي پوندي هئي. اهڙيءَ طرح هو سال بسال گهٽ ۾ گهٽ ٻن ڏهاڪن تائين اهڙن رٽي باز (Crammer) ادارن جو اڳواڻ بڻيو رهيو. هو تمام ڏکيا ڪيس به وٺندو هو ۽ سو سيڪڙو گارنٽي سا نه ڏيندو هو باقي هر صورت ۾ ڪاميابي جو چڱو خاصو امڪان هوندو هو.
بهرحال مون اڃان جڏهن انهيءَ زياده پيداواري پولٽري فارمنگ جي مشهور سرشتي مان ملندڙ فائدي مان بهرو وٺڻ شروع ئي مس ڪيو ته آءٌ هڪ انتهائي شديد حادثي جو شڪار ٿي ويس.
منهنجي پڦي ليڊي ومبورن اسان کي سندن بورن مائوٿ واري پُر آسائش جاگير سيارو گذارڻ لاءِ ڏني هئي. انهيءَ تي چاليهه يا پنجاهه ايڪڙن تي ديال جا وڻ هوندا هئا جن جي لڳو لڳ واريءَ جا دڙا هوندا هئا جيڪي انگلش چينل جي هموار ڪناري تي ٽڪرين تي وڃي دنگ ڪندا هئا. اهو سمورو علائقو هڪ ننڍڙي جهنگ جو ڏيک ڏيندو هو ۽ انهيءَ جي وچ تي سمنڊ جي سطح برابر هڪ ڦاٽ هوندو هو. انهيءَ ڦاٽ تي تقريباً پنجاهه وال ڊگهي هڪ سادي پل وڌل هوندي هئي. منهنجي عمر تڏهن لڳ ڀڳ ارڙهن ورهيه هئي ۽ آءٌ گهر موڪلن تي آيل هوس. منهنجي ٻارنهن سال عمر واري ڀاءُ ۽ چوڏنهن سال عمر واري هڪ سوٽ رايو ڏيکاريو ته آءٌ ڀڄان ته هو مونکي پڪڙين. هاڻي انهن کي منهنجي پويان لڳندي ويهه منٽ ٿي ويا هئا ۽ آءٌ سهڪي به پيو هوس جو اچي پل تان لنگهيس. وچ پل تي اچي جو ڏسان ته منهنجون وايون بتال ٿي ويون. جو مون مونکي پڪڙيندڙ ٻئي ڄڻا پُل جا ٻئي پاسا جهليو بيٺا هئا. هاڻي پڪڙجڻ يقيني هو. پر هڪ لمحي ۾ منهنجي ذهن ۾ هڪ وڏو منصوبو اچي ويو. جنهن ڦاٽ مٿان پل رکيل هئي اهو صنوبر جي ننڍڙن ننڍڙن وڻن سان ڀريو پيو هو. انهن جون سنهڙيون چوٽيون پل جي رستي جي سطح تي پهچي رهيون هيون. مون دل ۾ سوچيو ته ائين نٿو ٿي سگهي ته آءٌ ٽپ ڏئي انهن مان هڪ ٽاريءَ تي پهچان ۽ ٿنڀي جهڙي ٿڙ تان ترڪندو ٽاريون ڀڃندو وڃي هيٺ پهچان. اهي پور پچائيندو، هيٺ ڏسندو، حساب ڪندو ۽ سوچ ويچار ڪندو رهيس. انهيءَ دوران آءٌ پل جي ڀتڙيءَ تي چڙهي چڪو هوس. منهنجا ننڍڙا تعاقب ڪندڙ اچرج ۾ وٺجي پل جي ٻنهي پاسن کان بيٺا رهيا. هاڻي گُهت هڻان يا نه هڻان اهو ئي سوال منهنجي آڏو هو. هڪ سيڪنڊ ۾ مون هيٺ لمڪو ڏنو ۽ صنوبر جي وڻ جي چوٽيءَ کي پڪڙڻ لاءِ ٻانهون کولي ڇڏيون. منهنجي سوچ ته درست هئي پر انگ اکر غلط هئا. مون کي ٽن ڏينهن کان پوءِ هوش آيو ۽ بستري تان گهلجي سهلجي اٿڻ ۾ ٽي مهينا لڳي ويا. آءٌ اوڻٽيهه فوٽ مٿان اچي هيٺ سخت پٽ تي ڪريو هوس. وڻ جي ٽارين بلاشڪ ته ڪجهه نه ڪجهه مدد ڪئي. منهنجي ماءُ کي جو ٻارن خطري جهڙو پيغام ڏنو ته ”هو پل تان هيٺ ڪري پيو آهي اسان سان ڳالهائي به ڪو نه ٿو“. ته هوءَ ڊوڙندي آئي ۽ پاڻ سان برانڊي به آندائين جنهن جو اهڙي موقعي تي ڪو ڪارج ئي نه هو. منهنجي مائٽن جو اهو اصول هو ته شديد حادثي يا بيماريءَ جي صورت ۾ پئسن کي خاطر ۾ نه آڻيندي سڀ کان سٺي طبي امداد حاصل ڪئي وڃي. سو ناميارا اسپيشلسٽ ڊاڪٽر اچي منهنجي بستري تي بيٺا. آءٌ پوءِ جڏهن هوش ۾ آيس ته انهن ڊاڪٽرن کي مليل ڳرين فين بابت ٻڌي افسوس به ٿيو ته خوش به ٿيس. منهنجو پيءُ تڏهن ڊبلن ۾ لارڊ فٽزگبن جي ڪنهن وقت ۾ مشهور پارٽين ۾ ڪرسمس جون موڪلون گذاري رهيو هو. هو به اها خبر ٻڌي تڪڙو موٽيو ۽ گهر ۾ لنڊن جو سڀ کان وڏو سرجن به گڏ وٺيو آيو. مونکي ٻيا زخم اچڻ سان گڏ منهنجو گردو به ڦاٽي پيو هو. هاڻوڪي پڙهندڙ کي هن ڪهاڻي لاءِ هڪ ته سرجن جي مهارت ۽ ٻيو ته منهنجي پنهنجي زنده رهڻ جي پڪي ارادي جو ٿورائتو هئڻ گهرجي. پر آءٌ هڪ سال تائين زندگيءَ کي ڪجهه قدر ڪنڊائتو ٿي ڏسندو رهيس. انهن ڏينهن ۾ ڪارلٽن ڪلب ۾ هڪ چرچو به مشهور ٿي ويو هو ته ”ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته رنڊولف جو پٽ شديد حادثي جو شڪار ٿي ويو آهي؟ هائو! Follow my leader واري راند پئي کيڏيائين. پوءِ ته ڏاڍو چڱو. انهيءَ طريقي ۾ رنڊولف کي ڪوبه ڏک نه پهچندو.“

* * * *

سن 1892ع جي اونهاري ۾ ٿيل چونڊن ۾ يونينسٽ (Unionist) حڪومت کي چاليهن ووٽن تي شڪست اچي وئي ۽ مسٽر گليڊ اسٽون آئرش قومپرستن جي مدد سان حڪومت ۾ اچي ويو هو. نئين پارليامينٽ حڪومت جي تبديليءَ لاءِ اجلاس هلائڻ کانپوءِ انهن ڏينهن جي ڏاهپ ۽ موزونيت تي ٻڌل طريقي مطابق ڇهن مهينن لاءِ اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو. عوام کي 1893ع جو سيشن ۽ هوم رول جدوجهد جو باب نئين سر کُلڻ جو ڏاڍي شدت سان انتظار هو. اسان جي گهراڻي کي اهڙي حڪومت جي شڪست تي فطري طور ايترو گهڻو افسوس نه ٿيو هو جنهن بابت منهنجي پيءُ هڪ دفعو هي لفظ چيا هئا ته ”اها حڪومت ۽ پارٽي پنجن سالن تائين منهنجي خلاف بهتان بازي ۽ افواهه سازي ڪندي رهي ۽ منهنجو بائيڪاٽ ڪيو.“ حقيقت اها آهي ته اسانجو سمورو ڪٽنب پنهنجين ڪيترين ئي سگهارين شاخن ۽ سڀني دوستن سميت ڀرپور اميد سان نئين صورتحال ٺهڻ جي انتظار ۾ هو. ماڻهن جو خيال هو ته هو مخالف ڌر ۾ رهندي پارليامينٽ ۽ پنهنجي پارٽيءَ ۾ اهو عروج حاصل ڪري وٺندو جيڪو هن ڇهه سال اڳ استعفا ڏئي وڃائي ڇڏيو هو.
پر آءٌ ئي سڀ کان وڌيڪ شوق سان اهي اميدون دل سان لايون ويٺو هوس. آءٌ ماضيءَ ۾ جيتوڻيڪ اهڙيون ڳالهيون ٻڌي نه سگهندو هوس پر اهو ناممڪن هو ته اهڙين حالتن ۾ منهنجي پيءُ جي گهر ۾ پرورش پائيندي- سندس ماءُ ۽ ڀينرن سان گڏ رهڻ جي ته ڳالهه ئي نه ڪجي. ڪير اها ڳالهه نه سمجهي سگهي ته هڪ وڏي سياسي مصيبت اچي چڪي آهي. انهيءَ موضوع بابت ٻاهرين ماڻهن، ٻارن ۽ نوڪرن جي موجودگي ۾ لازمي طور رازداري ۽ عزت ۽ وقار جو خيال رکيو ويندو هو. مونکي فقط هڪ دفعو ياد آهي ته منهنجي پيءُ پنهنجي حالت بابت شڪايت جو هڪ لفظ منهنجي سامهون ڳالهايو هو ۽ اهو به فقط هڪ گهڙيءَ پلڪ لاءِ. هن منهنجي سامهون پنهنجو پردو فقط هڪ دفعو هٽايو هو. اهو سن 1892ع جي سرءُ جي مند ۾ اسانجي نيو مارڪيٽ واري گهر جو واقعو آهي. ٿيو ائين هو جو گهر جي لان ۾ سندس ڪمري جي درين هيٺان هڪ سهو اچي ويٺو هو ۽ مون ان تي دونالي بندوق سان فائر ڪري سندس ڇرڪ ڪڍي وڌو هو. انهيءَ تي هو ڪاوڙ ۾ اچي ويو هو ۽ پريشان ٿي ويو هو. انهيءَ تي هن مون تي وَٺُ ڪئي هئي. پر هن فوراً محسوس ڪري ورتو ته مونکي ڏک پهتو آهي. تنهنڪري هن موقعي مان فائدو وٺندي مون سان ڳالهائي ٻولهائي منهنجو اعتماد بحال ڪيو. هن مون سان زندگيءَ ۾ ٽي يا چار دفعا بي تڪلف نموني ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي. انهن مان هڪ موقعو اهو ٿيو هو. هن مونکي تفصيل سان سمجهايو ته ڪيئن وڏي عمر جا ماڻهو هر وقت ننڍن جو لحاظ نه رکي سگهندا آهن. انهن جو ذهن پنهنجن پنهنجن ئي معاملن ۾ رُڌل رهندو آهي ۽ ممڪن آهي ته اهي ڪنهن اوچتي چڙ يا خفگي تي کهرو به ڳالهائي وجهن. هن چيو ته هو اهو ڏسي خوش ٿيو آهي ته مونکي شڪار سان رغبت آهي ۽ اهو ته هن اهو بندوبست ڪري ڇڏيو آهي ته اسانجي ننڍڙي ملڪيتي ايراضيءَ تي جيڪي تتر هجن آءٌ پهرئين سيپٽمبر تي انهن جو شڪار ڪريان. پوءِ هو اسڪول ۽ فوج ۾ وڃڻ ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ وڏي عمر واري زندگيءَ بابت تمام وڻندڙ ۽ دل لڀائيندڙ انداز ۾ ڳالهائڻ لڳو. هو ٿور ڳالهائڪ ۽ الڳ ٿلڳ رهندڙ هو ۽ سندس انداز ۾ آيل اوچتي تبديليءَ تي حيران ٿي آءٌ کيس ٻڌندو رهيس. آءٌ وائڙو ٿي ويو هوس ته هن منهنجن سڀني معاملن بابت گهرائي سان ڄاڻ رکي ٿي. آخر ۾ اهو به چيائين ته اها ڳالهه ياد رکج ته منهنجا معاملا هميشه درست رخ ۾ نه ٿا هلن. منهنجي کنيل هر قدم مان غلط مطلب ڪڍيو وڃي ٿو ۽ منهنجي هر لفظ کي غلط معنى پهرائي وڃي ٿي.... تنهنڪري اهي ڳالهيون ذهن ۾ رکندي مونکي ڪجهه رعايت ڏجانءِ.
قدرتي طور آءٌ سندس شديد حامي هوس ۽ مسز ايوريسٽ به پنهنجي هلڪي ڦلڪي انداز ۾ سندس طرفداري ڪندي هئي. هوءَ هاڻي منهنجي ڏاڏي جي گهر 50- گروس وينر اسڪائر جي هائوس ڪيپر ٿي وئي هئي ۽ اسين سڀ به خرچ بچائڻ لاءِ اتي وڃي رهيا هئاسين. هو ويهه ورهيه ديانت سان نوڪري ڪرڻ کان پوءِ پينشن تي لٿي ته پنهنجي سموري ميڙي چونڊي منهنجي پيءُ جي حوالي ڪري ڇڏيائين. منهنجو پيءُ خاص گهوڙي گاڏي ۾ چڙهي نيو ڪورٽ ۾ لارڊ روٿس چائيلڊ وٽ مانجهاندي تي ويو ۽ اهي پئسا اتي تمام حفاظت ۽ فائدي واري کاتي ۾ سيڙائي آيو. مونکي چڱي طرح خبر هئي ته ڪنزرويٽو پارٽي جو پوڙهن جو ٽولو ڊگهو عرصو انهيءَ ڪري حڪومت ۾ رهيو هو جو هو ذاتي طور وڙهيو هو ۽ ٽوري جمهوريت کي نئين سر جياريو هو. پر هن کان پهرئين لغزش ٿيندي ئي هو ڪنهن به مروت ۽ مڃوتيءَ جي احساس کان وانجهجي ويا. اسين ته ظاهر آهي ته انتظار ۾ هئاسين ته هو طاقت ۽ اختيار جي قلعي کي نئين سر فتح ڪري. اسين ننڍپڻ ۾ ڏسندا هئاسين ته گهٽين ۾ گهمندڙ ڦرندڙ ماڻهو هن کي ڏسي احترام ۾ پنهنجا ٽوپلا لاهي هٿن ۾ ڪندا هئا ۽ مزدور مڙا سندس وڏن شهپرن تي نظر پوندي ئي مسڪرائڻ لڳندا هئا. آءٌ سالن جا سال هن پاران چيل ۽ اخبارن ۾ هن بابت ڇپيل هڪ هڪ لفظ پڙهندو رهيس. هو جيتوڻيڪ پرائيويٽ ميمبر هوندو هو ۽ بلڪل الڳ ٿلڳ رهندو هو ته به سندس گفتگو توڙي جو اها ننڍي کان ننڍي بازار ۾ ٿي هجي اها اخبارن ۾ لفظ بلفظ ڏني ويندي هئي ۽ سندس وات مان نڪتل هر هڪ گفتي جي تڪ تور ڪئي ويندي هئي ۽ ان ۾ لڪل معنائون ڳولهيون وينديون هيون. هاڻي لڳو ٿي ته وري سندس وارو اچي ويو هو.
مون کي بيماري ۾ لنڊن کڻائي ويا هئا ۽ آءٌ 1873ع جي سياسي واقعن کي بستري تان ڳُوڙهي دلچسپي سان ڏسندو رهيس. انهيءَ لاءِ مونکي حالتون سازگار مليون هيون جو منهنجي ماءُ جيڪو ڪجهه ٻڌندي هئي اهو تفصيل سان مونکي ٻڌائيندي هئي. ۽ ٻيو ته مسٽر ايڊورڊ مارجوري بينڪس جيڪو پوءِ لارڊ ٽئيڊ مائوٿ (TWEED MOUTH) ٿيو ۽ مسٽر گليڊ اسٽون جو چيف وهپ هو اهو منهنجي پڦي فيني (FANNY) جو مڙس هو. اقتدار مان ڊگهو عرصو نيڪاليءَ کان پوءِ لبرل پارٽي اقتدار ۾ واپس اچي جيڪو اطمينان محسوس ڪري رهي هئي انهيءُ ۾ اسين به پري کان شريڪ هئاسين. اسين گهٽ ۾ گهٽ انهن جي ڪجهه خدشن ۽ اميدن کان واقف هئاسين. انهن ڏينهن ۾ سياست مونکي ڏاڍي اهميت واري ۽ ڏاڍي صاف ۽ چٽي ڏسڻ ۾ ايندي هئي. سياست کي رُخ ڏيندڙ مدبر به وڏي ذهانت ۽ اعلى شخصيتن جا مالڪ هوندا هئا. مختلف حيثيتون رکندڙ اعلى طبقي جا ماڻهو انهيءَ ۾ هڪ عادت ۽ ذميواريءَ طور بهرو وٺندا هئا ۽ نوڪريون ڪندڙ طبقو ڀلي انهن کي ووٽ جو حق هجي يا نه انهيءَ ۾ هڪ مشغلي طور حصو وٺندو هو. اهي قومي مسئلن ۾ ايتري ئي دلچسپي وٺندا هئا ۽ عوامي نمائندن جي هلت چلت بابت به اهڙي ئي تُز راءِ رکندا هئا جهڙي اڄ ڪلهه جا ماڻهو ڪرڪيٽ ۽ فوٽ بال بابت رکن ٿا. اخبارون به ڏاڍي نيازمنديءَ سان انهيءَ ئي ڳالهه بابت خبرون ڏينديون هيون جنهن هڪ ئي وقت ڏاڍي سلجهيل ۽ عوامي ذوق جو درجو رکيو ٿي.
آءٌ جيئن ته بيمار ٿيو بستري تي پيو هوندو هوس ۽ منهنجي هر ڳالهه پوري ڪئي ويندي هئي. انهيءَ مان مونکي اهو موقعو مليو ته مون ٻيا سڀ ڪم ڇڏي مسٽر گليڊ اسٽون جي آخري پارليامينٽري جنگ جو غور سان جائزو وٺڻ شروع ڪيو. حقيقت اها آهي ته اها ڳالهه منهنجي ذهن ۾ انهيءَ ڀوائتي امتحان کان به وڌيڪ جاءِ والاريو بيٺي هئي. امتحان جو اهو منهنجو آخري موقعو هو ۽ آگسٽ مهيني ۾ سر تي اچي پهتو هو. وقت گذرڻ سان گڏ مونکي اهو احساس ٿيڻ لڳو ته منهنجي پيءُ جون تقريرون هاڻي اهڙيون معياري نه رهيون آهن جهڙيون اڳ هونديون هيون. کيس جيتوڻيڪ ڪجهه شاندار ڪاميابيون مليون پر مجموعي طور ڏسڻ ۾ پئي آيو ته هو بمشڪل پنهنجي حيثيت برقرار رکيون بيٺو آهي. منهنجي دل ۾ اها تمنا پيدا ٿيڻ لڳندي هئي ته آءٌ جيڪر وقت سر وڏو ٿي سندس مدد ڪري سگهان. مونکي خبر هئي ته هو اها ڳالهه ٻڌي ڏاڍو لطف اندوز ٿئي ها. پر منهنجي ذهن ۾ آسٽن چيمبرلين هوندو هو جنهن کي پنهنجي پيءُ سان ڪلهو ڪلهي ۾ ڏئي لڙڻ جي اجازت ملي هئي ۽ آءٌ هربرٽ گليڊ اسٽون بابت سوچيندو هوس جيڪو گرانڊ اولڊ مئن جو شاه بلوط جا وڻ ڪٽڻ ۾ مددگار ٿيو هو ۽ هر جاءِ تي هن سان گڏ هوندو هو. آءٌ اهي ڏينهن اچڻ جا خواب پيو ڏسندو هوس جڏهن ٽوري جمهوريت هڪ هٿ سان ”پوڙهن جي ٽولي“ جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪندي ۽ ٻئي هٿ سان (Radicals) کي شڪست ڏيندي.
انهيءَ سال آءٌ پنهنجي پيءُ جي گهر ۾ پارليامينٽري جنگ جي ڪيترين ئي سرگرم شخصيتن سان مليس. سندس ٽيبل تي ڪڏهن گهڻو ڪري ڪڏهن رات ته ڪڏهن منجهند جي مانيءَ تي نه فقط دوست ۽ شريڪ ڪار پر مخالف به ايندا هئا ۽ پنهنجي دور جي ٻرندڙ مسئلن تي دوستاڻي نموني خيالن جي ڏي وٺ ڪندا هئا. مسٽر بالفور، مسٽر چيمبرلين، مسٽر ايڊورڊ ڪارسن، لارڊ روزبيري، مسٽر ايسڪئيٿ، مسٽر جان مورلي ۽ ٻين ناميارن وزيرن سان آءٌ پهريون ڀيرو تڏهن مليس. هي ماڻهو جتي رهندا هئا اها هڪ تمام وڏي دنيا لڳندي هئي. اهڙي دنيا جتي اعلى اصولن جي حڪمراني هئي يا کڻي چئجي ته اها وڏي دنيا اهڙو آکاڙو هئي جتي جيتوڻيڪ مرڻ مارڻ تائين ڳالهه پهچندي هجي يا هٿيارن ۾ بارود به ڀريل هجي پر اهڙي حالت ۾ به مُروت ۽ خوش اخلاقي کي هٿان نه ڇڏيو ويندو هو ۽ ٻئي ڌريون هڪٻئي جي عزت ڪنديون هيون. پر آءٌ سماجي هلت چلت جو اهو رُخ تڏهن ڏسي سگهندو هوس جڏهن منهنجي پيءُ وٽ يا ته تمام گهرا دوست ويٺا هوندا هئا يا تمام وڏي سياسي اهميت رکندڙ شخصيتون مهمان ٿي اينديون هيون. مون اها ڳالهه به ٻڌي آهي ته منهنجو پيءُ غيرجانبداريءَ وارن مسئلن تي ناقابل يقين حد تائين سخت گير ٿي ويندو هو ۽ تمام کهرو يا بي مُروتي سان ڳالهائي ماڻهن جي بيعزتي ڪري وجهندو هو. تنهنڪري هن کي چڱيءَ طرح نه سڃاڻيندڙ ماڻهو هن جي ويجهو ويندي وڏو احتياط ڪندا هئا يا چڱيءَ طرح هٿياربند ٿي ايندا هئا.
جيئن ئي منهنجي صحت ۾ بهتري اچڻ شروع ٿي ته مون هائوس آف ڪامنز وڃي اتي ٿيندڙ وڏا بحث مباحثا ٻڌڻ شروع ڪيا. مسٽر گليڊ اسٽون جڏهن هوم رول بل جي ٻين پڙهڻي تي بحث سميٽي رهيو هو ته آءٌ هٿ پير هڻيDistinguished Strangers Gallery ۾ داخل ٿي ويس. مون کي اهو منظر ۽ ان جا ڪجهه واقعا چڱي طرح ياد آهن. گرانڊ اولڊ مئن ڪنهن وڏي سفيد باز وانگر هڪ ئي وقت خونخوار ۽ شاندار لڳي رهيو هو. سندس جملا شان شوڪت سان ادا ٿي رهيا هئا ۽ سڀ ماڻهو سندس چپن ۽ هٿن جي اشارن تي نظرون ڄمايون ويٺا هئا ۽ موقعي جي مناسبت سان داد ڏيڻ يا ٺٺول ڪرڻ لاءِ تيار ويٺا هئا. هو پنهنجي تقرير جي هڪ ڏاڍي اهم ٽڪري جي عروج تي هو ۽ ٻڌائي رهيو هو ته ڪيئن نه لبرل پارٽي جيڪو به مقصد هٿ ۾ کنيو آهي ان کي ڪاميابيءَ سان همڪنار ڪيو آهي. پر انهيءَ دوران هن کان هڪ چڪ ٿي وئي. هن چيو ته: ”اهڙو ڪوبه مقصد مشڪل سان هوندو جنهن لاءِ لبرل پارٽي ايترو ڀوڳيو هوندو يا ايتري هيٺ لهي آئي هوندي.“ انهيءَ تي ٽورين جيڪي ته خوشيءَ مان ٽپا ڏنا ۽ هوڪرا ڪيا! پر مسٽر گليڊ اسٽون پنهنجي ساڄي هٿ کي لوڏيندي ۽ آڱريون باز جي چنبي وانگر پکيڙيندي هل هنگامو ختم ڪرائي ڇڏيو ۽ پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو ”پر اسين وري اٿي کڙا ٿيا آهيون....“
مسٽر چيمبرلين جي پٽ آسٽن پاران پارليامينٽ ۾ پهرئين تقرير ڪرڻ تي هن کيس جيڪو خراج تحسين پيش ڪيو انهيءَ جو به آءٌ اکين ڏٺو شاهد آهيان. هن چيو هو، ”آءٌ انهيءَ تقرير جي ڪا تفصيلي واکاڻ نه ڪندس. اها تقرير هڪ پيءُ جي دل کي ڏاڍي پياري لڳي هوندي ۽ ان کي ڏاڍي فرحت ڏني هوندائين.“ آءٌ گيلري جي فرش تي جنهن جاءِ تي ڄُڪيو ويٺو هوس اتان جهنگلي جي پاون منجهان منهنجي نظر هئي ۽ انهن لفظن مسٽر چيمبرلين تي بروقت جيڪو اثر پيدا ڪيو هو اهو به مون ڏٺو هو. هن کي ڄڻ ته ڪنهن گولي هڻي ڪڍي هئي. هن جو بي رونق ۽ هيڊو منهن جذبي سان ڀرجي گلابي ٿي ويو هو. انهيءَ جذبي کي هو ضبط هيٺ رکي نه سگهيو هو يا ته پاڻ اهڙي ڪوشش نه ڪئي هئائين. هو پنهنجي نشست تان اڌ اٿي بيٺو ڪنڌ ٿورو جُهڪايائين ۽ پوءِ مٿو هيٺ ڪري ڪٻو ٿي بيهي رهيو. اهي لفظ ڀلي ڪيترا به سٺا ڇو نه هجن پر لکت ۾ اچڻ کان پوءِ انهن ۾ ڪا ايتري وڏي ڳالهه نه ٿي لڳي. اصل اهميت انهن لفظن جي طرز ادا کي هئي جنهن هڪ گهڙي لاءِ ته سالن جي شديد دشمنين کي لوڙهي ڇڏيو.
ٻيو دفعو جڏهن آءٌ گيلري ۾ ويٺو هوس ته مون پنهنجي پيءُ ۽ سر وليم هار ڪورٽ ۾ ڪجهه شديد جملن جي ڏي وٺ ٻُڌي هئي. سر وليم لڳو ٿي ته جواب ڏيڻ وقت تمام ڪاوڙ ۾ ڀريل هو ۽ ڪجهه نا واجبي ڪئي هئائين پر مونکي حيرت تڏهن لڳي جڏهن ڪجهه ئي منٽ پوءِ هو منهنجي ڀرسان اچي بيٺو ۽ چهري تي هڪ وڏي مُرڪ سجائي پنهنجو تعارف ڪرائيندي مون کان پڇيائين ته انهيءَ سموري معاملي بابت مون ڇا ٿي ڀانيو؟
هاڻي هڪ طرف منهنجي حادثي کانپوءِ پيدا ٿيل ڪمزوري هئي ٻئي طرف اهي سياسي جوش خروش هئا. انهن جي موجودگيءَ ۾ ڪيپٽن جيمس کي مونکي امتحان لاءِ تيار ڪرڻ جو ڪو چڱو موقعو نه ملي سگهيو. ته به منهنجي ٽئين ڪوشش ڪجهه قدر بهتر ڪاميابي آندي. آءٌ سينڊهرسٽ ۾ ڪيولري (گهوڙيسوار دستي) ڪيڊٽ لاءِ پاس ٿي ويس. جيئن ته ڪيولري ۾ رهندي خرچ تمام گهڻو ايندو هو انهيءَ ڪري انفنٽري لاءِ مقابلو تمام سخت هو. لسٽ جي آخر وارن کي ڪيولري ۾ سولي داخلا جي آڇ ڪئي وئي. آءٌ امتحان پاس ڪرڻ تي ڏاڍو خوش هوس. گهوڙي تي چڙهي فوجي ڪم ڪار ڪرڻ جو سوچي آءٌ ته اڃان وڌيڪ خوش پئي ٿيس! آءٌ گهوڙيسواري ۽ پنڌ گهمڻ جي نسبتي فائدن بابت اڳي ئي هڪ خاص رايو ٺاهي چڪو هوس. پنهنجو جدا گهوڙو هئڻ سان ڪيڏو نه مزو ايندو ۽ ڪيولري وارن جون ورديون به پيدل وارن کان تمام گهڻيون شاندار هونديون هيون. اهي ڳالهيون ذهن ۾ رکندي مون پنهنجي پيءُ ڏانهن بي تڪلف نموني هڪ خط لکيو. مونکي اهو ڏسي حيرت ٿي ته هن جو رايو مختلف هو . آءٌ جو انفنٽري لاءِ پاس نه ٿيو هوس انهيءَ کي هن بيعزتيءَ جي ڳالهه سمجهيو هو. هن سوچي ڇڏيو هو ته آءٌ 60th Rifles رجمينٽ ۾ ويندس. اها چئن بٽالينن تي مشتمل هڪ مشهور رجمينٽ هئي ۽ انهن جي وردي جيتوڻيڪ ڪاري رنگ جي هوندي هئي پر ڪالرن ۽ ڪفن تي ڳاڙهي رنگ جي پٽي هوندي هئن. هن چيو هو ته ”انهي رجمينٽ ۾ وڃڻ سان توکي ڀُونوچ سمنڊ جي ڇانوڻيءَ ۾ ٻه يا ٽي سال نوڪري ڪرڻ جو موقعو ملي ويندو ۽ اهڙي طرح انديا ۾ نوڪري ڪرڻ کان اڳ تو ۾ ذهني پختگي به اچي ويندي. لڳي ٿو ته هن انهيءَ رجمينٽ جي ڪرنل انچيف ڊيوڪ آف ڪوناٽ ڏانهن خط لکي ڇڏيو هو جنهن ۾ اهو رايو ڏيکاريو هئائين ته آءٌ دير سوير سندس رجمينٽ ۾ شامل ٿيا. انهيءَ خط جي کيس هاڪار ۾ موٽ ملي هئي. هاڻي اهي سڀ رٿائون درهم برهم ٿي رهيون هيون ۽ انهيءَ جي نتيجي ۾ وڏي خرچ ۽ ڏکيائي کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو هو جو هاڻي ڊيوڪ جي رجمينٽ ۾ وڃڻ جو سوال ئي نه رهيو ۽ ڀُونوچ سمنڊ واري ڇانوڻي ۾ ڪيولري جي ضرورت ئي نه هوندي آهي. منهنجي پيءُ هڪ دفعو چيو هو ته ”انفنٽريءَ ۾ فقط هڪ ماڻهو رکڻو پوي ٿو جڏهن ته ڪيولريءَ ۾ ماڻهو سان گڏ گهوڙو به رکڻو پوي ٿو.“ اها ڳالهه نه فقط صحيح هئي پر انهيءَ ۾ اڃان حقيقت پوريءَ طرح بيان ٿيل نه هئي. هن کي اندازو ئي نه هو ته نه فقط هڪ گهوڙو پر ٻه سرڪاري گهوڙا ۽ ٻه شڪار جا گهوڙا به رکڻا پوندا- پولو راند ۾ ڪم ايندڙ گهوڙن جي ته ڳالهه ئي ڇڏيو. بهرحال هو بلڪل غير مطمئن هو ۽ ڪجهه وقت اندر مون وٽ هن جو هڪ ڊگهو ۽ سخت لفظن ۾ لکيل خط به اچي پهتو جنهن ۾ هن منهنجي تعليمي سفر بابت تمام مايوسيءَ جو اظهار ڪرڻ سان گڏوگڏ امتحان ۾ منهنجي ڪاميابي کي قدر جي نگاه سان نه ڏسندي چيو هئائين ته آءٌ مڙئي مٿامونا هڻي پاس ٿيو هوس ۽ مون کي خبردار به ڪيائين ته مون پاران سماجي طور نڪمو ۽ بيڪار ماڻهو ٿي وڃڻ جو خطرو موجود هو. انهيءَ خط مون کي ڏاڍو ڏک پهچايو، آءٌ ڇرڪجي به ويس تنهنڪري فوراً پنهنجي پيءُ ڏانهن خط لکي آئيندي بهتر نتيجن جو واعدو ڪيم. بهرحال آءٌ سينڊهرسٽ وڃڻ ۽ ارڙهن مهينن جي اندر جيئرو جاڳندو ڪيولري آفيسر ٿيڻ جو سوچي ڏاڍو خوش هوس ۽ جينٽل مين ڪيڊٽ کي گهربل سامان لاءِ آرڊر ڏيڻ ۾ مصروف ٿي ويس.

******

انهيءَ اونهاري ۾ اسان جي مائٽن مونکي ۽ منهنجي ڀاءُ کي هڪ اتاليق سان گڏ سئٽزرلينڊ جي نام نهاد پيرين پنڌ ٽوئر تي موڪليو. مونکي اهو ٻڌائڻ جي ضرورت نه آهي ته انهيءَ ٽوئر ۾ اسان وٽ جيستائين پئسا هئا اسان ٽرينن تي سفر ڪيو. اتاليق ۽ آءٌ جبلن تي چڙهياسين جن ۾ ويٽر هارن (Wetter Horn) ۽ مونٽ روزا (Monte Rosa) جا نالا ذڪر جوڳا آهن. برنيس اوبر لينڊ جي چوٽين تي اڀرندڙ سج جي ڪرڻن جو منظر رنگ ۽ نور جو هڪ اهڙو عجوبو هو جيڪو اڳ ۾ منهنجي تجربي مان نه گذريو هو. مون کي ميٽر هارن جبل تي چڙهڻ جي ڏاڍي سڌ هئي پر انهيءَ تي هڪ ته خرچ گهڻو اچي ها ٻيو ته اتاليق جي نظر ۾ اهو ڪم ڏاڍو خطرناڪ هو. پر اهي سڀئي دورانديشيءَ وارا قدم لائوسين ڍنڍ ۾ مونکي پيش آيل هڪ واقعي جي نتيجي ۾ شايد درهم برهم ٿي وڃن ها. آءٌ انهيءَ واقعي جو تفصيل هت لکان ٿو. جيئن اهو ٻين لاءِ چتاءَ جو ڪم ڏئي. ٿيو ائين جو آءٌ انهيءَ ڍنڍ تي ٻيڙي هلائڻ ويس. مون سان گڏ مون کان ٿورو ننڍو هڪ ٻيو ڇوڪرو به هو. اسان جي ٻيڙي ڪناري کان هڪ ميل پري هئي. اوچتو اسان سوچيو ته ٻه ٽي ٽٻيون هڻي وٺون سو ڪپڙا لاهي پاڻيءَ ۾ کڻي ٽپا ڏنا ۽ وڏي موج مستيءَ ۾ ترڻ لڳاسين. اسان جڏهن تڙڳي بس ڪئي ته ٻيڙي اسان کان سو وال کن پري هئي. انهيءَ دوران هوا به گهلڻ لڳي جنهن پاڻيءَ ۾ ننڍيون لهرون پيدا ڪرڻ شروع ڪيون. ٻيڙيءَ جي پاڇيل ۾ رکيل ڪرسين تي ڳاڙهي رنگ جو پال ٽنگيل هو. انهيءَ پال تي هوا لڳڻ سان اهو سڙهه جو ڪم ڪرڻ لڳو. هاڻي اسين ٻيڙيءَ ڏانهن ترندا پيا وڃون ۽ ٻيڙي اڳتي ڌڪبي پئي وئي. ائين ڪيترائي دفعا ٿيڻ کان پوءِ نيٺ اسان ۽ ٻيڙيءَ جي وچ وارو فاصلو اڌ ٿي ويو. پر وري هوا به زور گهلڻ شروع ڪيو ۽ اسين ٻئي خاص طور منهنجو دوست ٿڪجڻ به لڳاسين. هيستائين منهنجي ذهن ۾ خطري جو ڪوبه خيال پيدا نه ٿيو هو. چمڪدار نيري پاڻيءَ تي سج چمڪي رهيو هو. جبلن ۽ ماٿرين جو وڻندڙ منظر اکين جي سامهون هو. آرامده هوٽل ۽ رهائشي جايون به دل کي وڻندڙ منظر پيش ڪري رهيون هيون. پر هاڻي موت مونکي ايترو ويجهو نظر اچڻ لڳو جيترو مون پنهنجي حياتيءَ ۾ وري ڪڏهن نه ڏٺو آهي. اهو هاڻي پاڻي ۾ اسان جي پاسن ۾ تري رهيو هو ۽ تيز ٿيندڙ هوا سان وقت بوقت اسان جي ڪنن ۾ سرٻاٽ به ڪري رهيو هو. هاڻي ائين پئي ٿيو ته اسين جيتري رفتار سان تري ٿي سگهياسين هوا به لڳ ڀڳ انهيءَ ئي رفتار سان ٻيڙيءَ کي اسان کان پري ڌڪيندي پئي وئي. ٻي ڪنهن مدد کان سواءِ اسين ڪناري تي نه ٿي پهچي سگهياسين. مونکي ته ترڻ ۾ ڪابه ڏکيائي نه پئي ٿي جو آءٌ تڪڙو تارو هوس ۽ هيرو ۾ پنهنجي هاسٽل جي نمائندگي ڪري چڪو هوس جتي اسان جي ٽيم سڀني کي ماري ويندي هئي. هاڻي مون زندگي بچائڻ لاءِ ترڻ شروع ڪيو. آءٌ ٻه دفعا ٻيڙيءَ جي هڪ وال ويجهو وڃي پهتس ۽ هر دفعي هوا جو تيز جهوٽو ان کي منهنجي پهچ کان پري ڌڪي ٿي ويو. هاڻي مون وڌيڪ ڪوشش ڪري عين وقت تي ان جو ڪنارو پڪڙي ورتو نه ته اڃان وڌيڪ تيز هوا ان جي ڳاڙهي سڙهه کي ڦوڪي سيٽائي ڇڏي ها. مان ڦٿڪي سٿڪي مٿي چڙهي ويس ۽ ونجهه هڻي ٻيڙي پنهنجي ساٿيءَ وٽ هاڪاري ويس. هو جيتوڻيڪ ٿڪجي ته پيو هو پر اسان جي آسپاس موت جي لامارن کان ايترو باخبر نه ٿي لڳو. مون انهيءَ ڳنڀير تجربي بابت پنهنجي اتاليق کي ته ڪجهه به نه ٻڌايو پر اهو آءٌ ڪڏهن وساري نه سگهيو آهيان ۽ اميد ته منهنجا ڪجهه پڙهندڙ به انهيءَ واقعي کي ذهن ۾ رکندا.
رائيل ملٽري ڪاليج ۾ منهنجو رهڻ منهنجي زندگيءَ جو وچ وارو دور هو. اتي رهڻ سان منهنجي تعليم جا لڳ ڀڳ ٻارنهن سال پورا ٿيا. اهو سمورو دور ڇٽيهه ٽرم هليو. هر ٽرم ڪيترن هفتن تي ٻڌل هوندو هو. انهيءَ جي وچ ۾ تمام ٿورا موڪلن جا ڏينهن به ايندا رهيا. انهيءَ عرصي ۾ ڪاميابين جا چند ترورا ئي منهنجي نصيب ۾ آيا. اتي مونکي جن به شين بابت سکيا وٺڻي پئي انهن ۾ مونکي ڪابه دلچسپي ۽ ڪارج نظر نه آيو ۽ نه ئي مونکي اتي ڪا اهڙي راند کيڏڻ جي اجازت ملي جنهن مان مونکي ڪا وندر ۽ ورنهه ملي. آءٌ ذهن ۾ انهن سالن جو تصور ڪريان ٿو ته اهو مونکي پنهنجي زندگيءَ جو بي لطف ۽ اڻ وڻندڙ دور ڏسڻ ۾ اچي ٿو. آءٌ ٻاروتڻ ۾ پنهنجي نرسريءَ ۾ پنهنجن رانديڪن سان خوش هوندو هوس. انهيءَ کان پوءِ جواني جي چائنٺ تي قدم رکڻ کان پوءِ منهنجو هر سال اڳئين سال کان خوش گذريو آهي. پر اهو اسڪول جو وچ وارو دور ئي منهنجي سفر جي نقشي ۾ اداس ۽ بي رنگ چتيءَ وانگر نظر اچي ٿو. اهو هڪ ختم نه ٿيندڙ ڳڻتين وارو دور هو جنهن ۾ مونکي اهڙا جهد پٽڻا پيا جن جو ڪوبه نتيجو نه نڪتو. مطلب ته اهو تڪليفن، پابندين ۽ بي مقصد يڪ رنگيءَ وارو دور هو.
سوچ جي اهڙي وهڪري ۾ وهي آءٌ پنهنجي اسڪول جي ڏينهن جي مجموعي تاثر بابت ڪنهن به وڌاءَ کان ڪم نه وٺندس. انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته نوجواني جي جوش جذبي ۽ کِل خوشيءَ ۾ اهي به گذري ويا. هيرو هڪ تمام سٺو اسڪول هو ۽ اتان جي استادن ڪم جو نهايت اعلى معيار قائم رکيو هو. شاگردن جي اڪثريت خوش گذاريندي هئي ۽ اتان جي ڪلاسن ۽ راند جي ميدانن تي وقت گذارڻ انهن جي نظر ۾ زندگيءَ جو وڏي ۾ وڏو اعزاز هو. آءٌ اها ڳالهه سا رڪارڊ تي رکندس ته آءٌ پنهنجي ڪوتاهين جي سبب ٻين وانگر محسوس نه ڪري سگهيس. مونکي ته اهو وڌيڪ پسند هجي ها ته ڪنهن سرون وجهندڙ سان گڏجي ڪم ڪريان ها، قاصد طور ڊوڙندو ننڍا ننڍا ڪم ڪندو وتان ها يا ڪرياني جي دڪان ۾ پنهنجي پيءُ کي ڪٻٽ ۾ شيون سجائي رکڻ ۾ مدد ڪريان ها. اهي ڪم عملي زندگيءَ کي وڌيڪ ويجها هجن ها، وڌيڪ فطري لڳن ها ۽ انهن ڪمن مان آءٌ وڌيڪ سکان ۽ پرايان ها ۽ اهي ڪم وڌيڪ بهتر نموني ڪريان ها. انهن جي ذريعي مونکي پنهنجي پيءُ کي سمجهڻ جو وڌيڪ موقعو ملي ها ۽ اها ڳالهه مونکي وڌيڪ خوشي ڏئي ها.
سچ پچ ته تعليم جي جنهن ڊگهي دور کي سماج جي ترقيءَ لاءِ اڻٽر سمجهيو وڃي ٿو اهو انسان ذات جي فطرت سان ٺهڪي نه ٿو اچي. اهو فطري صلاحيتن جي بلڪل خلاف آهي. ڇوڪرو غذا يا شڪار جي ڳولها ۾ پنهنجي پيءُ جي پٺيان هلڻ پسند ڪندو آهي. هو پنهنجي وِتَ آهر ڪارائتا ڪم ڪرڻ چاهيندو آهي. هن جي مرضي هوندي آهي ته ڀلي ٿورو ئي پر ڪجهه نه ڪجهه ڪمائي گهر هلائڻ ۾ مدد ڏئي. هو اهو به چاهيندو آهي ته کيس ڪو ٿورو فرصت جو وقت هجي جنهن کي هو پنهنجي پسند جي مطابق صحيح يا غلط نموني ڪم آڻي. پوءِ شايد جيڪي انهيءَ ڪم جي اهل هوندا آهن انهن جي دل ۾ شام جو تعليم پرائڻ جي سچي چاهت پيدا ٿيندي. اهڙي صورت ۾ اهليت نه رکندڙ ٻارن ۾ اهي شيون زوريءَ ڀرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ ۽ علم ۽ فڪر ذهن جون جادوئي ڳڙکيون کولڻ جو ڪم ڪندو.
اسڪول جي ڏينهن مجموعي طور مونکي ڪافي حد تائين دلشڪستو ڪري ڇڏيو. اسڪول ۾ مون تلوار بازيءَ ۾ پبلڪ اسڪول چيمپئن شپ حاصل ڪئي. انهيءَ کان سواءِ ٻي ڪنهن ڳالهه ۾ آءٌ ڪوبه اعزاز ماڻي نه سگهيس. منهنجا سڀئي هم عمر ويندي مون کان ننڍا ڇوڪرا لڳندو هو ته انهن پاڻ کي اسان جي ننڍڙي دنيا جي حالتن مطابق ڪري ڇڏيو هو. اهي راندين توڙي سبقن ۾ گهڻو بهتر لڳندا هئا. گوءِ جي شروعات ۾ ئي پاڻ کي پٺتي رهجندو ۽ ٻين کي گهڻو اڳتي ويندو ڏسي ماڻهو خوش ته نه ٿيندو! مون جڏهن مسٽر ويلڊن کان موڪلايو پئي ته هن وڏي اعتماد سان اڳڪٿي ڪئي هئي جنهن جو مون کي ڪو سبب به نظر نه ٿي آيو ۽ آءٌ ڏاڍو حيران به ٿيو هوس جو هن چيو هو ته آءٌ بلڪل صحيح نموني اڳتي وڌي ويندس. آءٌ انهيءَ ڪري هميشه سندس ڏاڍو احسانمند رهيو آهيان.
آءٌ پبلڪ اسڪولن جو وڏو حامي آهيان پر وري اوڏانهن وڃڻ نه چاهيندس. هيرو ۾ منهنجو سڀ کان ڀلو دوست جئڪ ملبينڪ (Jack Milbank) هوندو هو. هو مون کان لڳ ڀڳ ٻه سال سينئر هو. هو هڪ پيرسن بيرن[2] جو پٽ هو جنهن جو ڪٽنب ڪيترين پيڙهين کان چيچيسٽر ۾ آباد هو. هو راندين توڙي سبقن ڪنهن به ميدان ۾ نمايان نه هوندو هو. انهن ۾ هو پاڻ جيڏن جي سراسري سطح کان ٿورو مٿي هو. پر سندس انداز ۽ اٿي ويٺيءَ ۾ فضيلت جو مثال نه هوندو هو. ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ ذهني سطح جي پختگيءَ ۾ به مونکي هيرو جو ٻيو ڪوبه ڇوڪرو هن جهڙو نظر نه آيو. هو هميشه ڪنهن جينٽلمين جو ڏيک ڏيندو هو. هميشه سنجيدو ۽ باوقار، صاف سٿرو ۽ اڇي اجري پوشاڪ پهريل ۽ بااعتماد. جڏهن به منهنجو پيءُ مون سان ملڻ ايندو هو ته هو اسان ٻنهي کي ڪنگز هيڊ هوٽل ۾ مانجهاندو ڪرائڻ وٺي هلندو هو. آءٌ انهن ٻنهي کي ڳالهائيندو ڏسي خوشيءَ ۾ ڀرجي ويندو هوس. هو ائين پيا ڳالهائيندا هئا جيئن جيڏا جيترا هجن ۽ جيئن ڪو دنيا جي اٿي ويٺيءَ کان واقف ماڻهو ڪنهن پاڻ جهڙي سان ڳالهائيندو هجي. مونکي انهن تي ڏاڍي ريس ايندي هئي. منهنجي اها سَڌ هوندي هئي ته جيڪر منهنجو به پنهنجي پيءُ سان اهڙو تعلق هجي. پر افسوس جو آءٌ اسڪول ۾ پٺتي پيل ڇوڪرو هوندو هئس ۽ انهن جي گفتگو ۾ جڏهن به شامل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو هوس ته لڳ ڀڳ سدائين ڪا خراب يا کل جهڙي ڳالهه ڪري ويهندو هوس.
هڪ دفعو مون ۽ مليبيڪ گڏجي هڪ مهم جوئي ڪئي هئي. اسان معلوم ڪري ورتو ته هيرو جي هڪ پراڻي روايت مطابق امتحانن جي تياريءَ جي هفتي ۾ لازمي فوٽ بال نه ٿيندي آهي. انهيءَ قانون تي ڪجهه سالن کان عمل نه پئي ٿيو. اسان انهيءَ روايت جو حوالو ڏيندي راند کيڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ اهو ٺاهه ٺاهيو ته اسان پنهنجي پڙهائي تي توجهه ڏينداسين. انهيءَ تي مانيٽرن اسان کي لڪڻن سان ڏاڍي مار ڏني. بهرحال انهيءَ ڳالهه کان انڪار نه هو ته انهن جو پنهنجو قانون اسان جي پٺڀرائي ڪري رهيو هو. انهيءَ مسئلي تي اعلى ترين حلقن ۾ ڏاڍي ڳنڀيرتا سان بحث مباحثا ٿيندا رهيا. اسين به ٽي يا چار ڏينهن انتظار ۾ رهياسين ته ڏسون ته ڇا ٿو ٿئي. پر اها ڳالهه اسان جي خلاف پئي وئي ته اسين پڙهي پڙهي بيحال نه ٿي پيا هئاسون. انهيءَ جي ابتڙ اسان جي حالت اها هئي ته اسان کي سُست ۽ ڪاهل چوڻ به بي جاءِ نه هو. بهرحال اهو فيصلو ٿيو ته اسين ڀلي پنهنجي طريقي تي هلندا رهون. مونکي يقين آهي ته اهڙي جرائت سان قائم ٿيل مثال پٺين نسلن به زنده رکيو هوندو.
ملبيڪ جي مقدر ۾ فوج لکيل هئي ۽ هو 10-Hussars رجمينٽ تي اکيون وجهيو ويٺو هو. سندس پيءُ کيس موڪل ڏئي ڇڏي هئي ته هو ڀلي مليشيا ۾ وڃي. اهو ڪورس جيتوڻيڪ ڪجهه ڊگهو هو پر انهيءَ ۾ امتحان گهٽ ٿي ڏيڻا پيا. تنهنڪري هو مون کان هڪ سال اڳ هيرو ڇڏي ويو ۽ جلد ئي مليشيا جو سبالٽرن ٿي اڀريو. اسان باقاعدگيءَ سان خط ڪتابت ڪندا آياسين ۽ موڪل ۾ گهڻو ڪري هڪ ٻئي سان ملندا هئاسين. اسان جي هن سان هنن ئي صفحن ۾ وري ملاقات ٿيندي. ملٽري جا اعلى ترين اعزاز سندس مقدر ۾ لکيل هئا. هن ڏکڻ آفريقا جي جنگ ۾ Victoria Cross حاصل ڪيو جو پاڻ شديد زخمي هوندي پنهنجي هڪ سپاهيءَ کي موتمار فائرنگ مان بچايو هئائين. هو گيلي پولي اُپٻيٽ تي Suvla Bay جي جنگ ۾ هڪ جانثاريءَ واري معرڪي جي اڳواڻي ڪندي ڪم اچي ويو.

****

مونکي هيرو جا گيت ڏاڍا وڻندا هئا. هيرو وارن کي اسڪولي گيتن جو هڪ بيمثال ڪتاب آهي. ڪلاس جي وقفن ۾ اسين اسپيچ روم يا پنهنجين هاسٽلن ۾ ئي گڏ ٿيندا هئاسين ۽ اهي مشهور ڪورس (Chorus) ڳائيندا هئاسين. مونکي يقين آهي ته اهي گيت هيرو جو وڏي ۾ وڏو خزانو آهن. ايٽن ۾ انهن جهڙي ڪابه شيءِ ڪانهي. انهن وٽ فقط هڪ گيت آهي ۽ اهو به ٻيڙي هلائڻ بابت آهي جيڪو ورزش جي لحاظ کان ته چڱو آهي پر راند جي لحاظ کان اهڙو چڱو نه آهي ۽ شاعري جي درجي ۾ ته بدتر آهي. اسين ناميارين شخصيتن کان سائنسي ۽ تاريخي موضوعن تي ليڪچر پڻ ٻڌندا هئاسين. اهي ليڪچر مون تي وڏو اثر وجهندا هئا. پنهنجي ميدان ۾ ڪنهن مڃيل ماڻهوءَ کان ڪا دلچسپ ڪهاڻي ٻڌڻ ۽ خاص طور جڏهن انهيءَ وٽ ڪو جادوئي ڏيو به هجي منهنجي نظر ۾ اهو سکيا جو بهترين طريقو آهي. آءٌ فقط هڪ دفعو ڪو ليڪچر وڏي توجهه سان ٻڌان اهو وري پاڻ ڏيڻ جو ڏاڍو سٺو مظاهرو ڪري ويندو هوس. انهن مان خاص طور پنج ليڪچر مونکي اڄ ڏينهن تائين ياد آهن. انهن مان پهريون ليڪچر هيرو جي تمام مشهور استاد ۽ اسان جن ڪيترن ئي بهترين گيتن جي خالق مسٽر بوون جو آهي. انهيءَ ليڪچر ۾ هڪ ڏاڍي پُرجوش پيرايي ۾ واٽرلو (Waterloo) جي جنگ جو احوال ٻڌايو هو. هن ٻيون ليڪچر سيڊان جي جنگ بابت ڏنو هو. انهيءَ مونکي ڏاڍو مزو ڏنو هو. ڪجهه سال پوءِ مون ڏٺو ته هن اهو ليڪچر تقريباً هوبهو هُوپر جي سيڊان تان ورتو هو. اهو ڪتاب منهنجي ڪرنل جي پسنديده ڪتابن مان هڪ هو. انهيءَ هوندي به اهو ليڪچر ايترو خراب نه هو. الپس جبلن تي چڙهڻ بابت هڪ ليڪچر مسٽر وهائمپر (Whymper) به ڏنو هو جنهن ۾ سياحن ۽ گائيڊن جون تصويرون ڏيکاريون هئائين جيڪي اکين جي پلڪن سان لڙڪيا بيٺا هئا يا جابلو چوٽين ڏانهن پُٺيون ڪيون بيٺا هئا. اهي منظر اهڙا ته خوفناڪ هئا جو تصويرون ڏسي به ماڻهو ڏڪي ٿي ويو. پوپٽ پنهنجي رنگن ذريعي دفاع ڪيئن ٿا ڪن انهيءَ موضوع تي به هڪ ليڪچر ٿيو هو. هڪ تيز رنگن واري پوپٽ جو کائڻ ۾ ذائقو به ڏاڍو خراب هوندو آهي. جنهن ڪري پکي ان کي نه کائيندا آهن. ٻيو هڪ ذائقيدار ۽ رس ڀريل پوپٽ پنهنجي بچاءَ لاءِ جنهن ٽاريءَ يا پن تي عام طور ويهندو آهي پاڻ کي هوبهو ان جهڙو ڪري ڇڏيندو آهي. پر ائين ڪرڻ ۾ انهن کي لکين سال لڳي ويندا آهن ۽ انهيءَ دوران پٺتي پيل قسم کاڄي مري ويندا آهن. انهيءَ ڪري ئي جيڪي باقي رهجي ويندا آهن انهن تي اهڙا نشان ۽ رنگ هوندا آهن. مسٽر پارڪن وري اسان کي Imperial Federation جي موضوع تي ليڪچر ڏنو هو. هن اسان کي ٻڌايو ته ڪيئن نه ٽريفلگر تي نيلسن جو ”انگلينڊ اميد ٿي ڪري ته هر ماڻهو پنهنجو فرض ادا ڪندو“ وارو آواز جنگ ۾ هر سپاهيءَ وٽ پهچي ويو هو ۽ عجب ناهي ته هاڻي به جيڪڏهن اسين ۽ اسانجون ڪالونيون متحد ٿي بيهن ته هڪ ڏينهن اهڙو ايندو جڏهن اهو آواز نه فقط سڀني سامونڊي ٻيڙن پر سڀني قومن تائين به پهچي ويندو. اسان کي حياتيءَ ايتري مهلت ڏني جو اها ڳالهه سچي ٿيندي ڏٺي سون ۽ مون ڪُراڙي مسٽر پارڪن کي سندس زندگيءَ جي آخري سال ۾ اها ڳالهه ياد ڏياري. اسان عظيم جنگ ۾ ڪاميابيءَ جي جشن طور هڪ وڏي ضيافت ڪئي هئي. هو تڏهن انهيءَ ۾ شرڪت ڪرڻ آيو هو.
آءٌ ڀانيان ٿو ته اهي هاڻي هيرو ۾ ايترا ليڪچر نه ٿا ڪرائين. انهيءَ سلسلي ۾ هيءَ ڳالهه بهتر ٿي سگهي ٿي ته اهي هر پندرهين ڏينهن هڪ ليڪچر ڪرائين. انهيءَ کان پوءِ سڀني ڇوڪرن کي ويهارجي ته هو پهريان ليڪچر جون جيڪي ڳالهيون ياد اٿن اهي لکن ۽ ٻئين نمبر تي ليڪچر بابت اُنهن جي پنهنجي ذهن ۾ جيڪي ڳالهيون اچن ٿيون اهي لکن. پوءِ استاد جائزو وٺن ته ڪهڙا ڇوڪرا ڳالهيون ذهن ۾ رکي سگهن ٿا ۽ انهن کي ڪنهن شيءِ بابت سوچ ويچار ۾ ڪم آڻي سگهن ٿا ۽ ڪهڙا ڇوڪرا موڳا مٽر آهن. پوءِ اهي ڳالهيون ذهن ۾ رکي ڇوڪرن کي ڌار ڪري مختلف ڪلاسن ۾ ويهاريو وڃي.
ائين هجي ها ته آءٌ اسڪول ۾ سڀ کان آخر ۾ نه هجان ها ۽ هيرو منهنجي لاءِ اهڙي بي ڪيف جاءِ نه هجي ها ۽ آءٌ اتي وڌيڪ خوش وقت گذاريان ها.


________________
[1] برطانوي منتظم، ماهر ماليات ۽ ڏکڻ آفريقا ۾ برطانوي سلطنت کي مضبوط بنيادن تي بيهاريندڙ 1902-1853ع (سنڌيڪار)
[2] خطاب يافته اميرن ۾ سڀ کان هيٺانهون درجو. (سنڌيڪار)

باب چوٿون: سينڊهرسٽ Sandhurst

سيندهرسٽ ۾ مون نئين سر شروعات ڪئي. هاڻي انهيءَ ڳالهه جو به ڪو امڪان نه هو ته اڳ ۾ فرانسي، لاطيني ۽ رياضي کي نظرانداز ڪرڻ سبب مون کي ڪنهن دشواريءَ کي منهن ڏيڻو پوندو. اسان کي هاڻي نين شين بابت سکيا وٺڻي هئي ۽ اسان سڀني برابر درجي کان شروعات ڪئي. نصاب ۾ ٽيڪٽڪس (Tactics)، قلعي بندي، نقشا ٺاهڻ، ملٽري لا ۽ ملٽري ايڊمنسٽريشن جا مضمون شامل هئا. انهن سان گڏوگڏ جمناسٽڪ ۽ گهوڙيسواري پڻ ڪرڻي هئي. اتي هاڻي لازمي راند کيڏڻ جي پابندي به نه هئي. انتظام سخت هوندو هو ۽ پڙهائي ۽ پريڊ کي وڏو وقت ڏنو ويندو هو. ڏينهن جي پڄاڻيءَ تي ماڻهو ڏاڍو ٿڪجي پوندو هو. مونکي پنهنجي ڪم خاص طور ٽئڪٽڪس ۽ قلعي بندي ۾ ڏاڍي دلچسپي هوندي هئي. منهنجي پيءَ پنهنجي ڪتب فروش مسٽر بين کي هدايتون ڏئي ڇڏيون هيون ته هو مونکي پنهنجي پڙهائي بابت ڪتاب موڪليندو رهي. تنهنڪري مون هيملي جي Operation of war پرنس ڪرافٽ جي Letters on Infantry, Calvary and Artillery ۽ مين جي Infantry Fire Tactics سان گڏوگڏ آمريڪا جي گهرو لڙائي، فرانسين ۽ جرمنن جي جنگ ۽ روس ۽ ترڪيءَ جي جنگ جي تاريخ بابت پڻ ڪيترائي ڪتاب گهرائي ورتا. اهي جنگيون تڏهن تازيون ٿي گذريون هيون ۽ جنگي اڀياس لاءِ بهترين نمونا ليکيون وينديون هيون. جلد ئي مون وٽ هڪ ننڍڙي ملٽري لائبرري وجود ۾ اچي وئي. جنهن مان معمول واري معلومات سان گڏوگڏ هڪ قسم جو پسمنظر پڻ ملي ويندو هو. مونکي ڊرل سان گهڻي رغبت نه هوندي هئي ۽ ڪيترائي مهينا ته آءٌ `Awkward squad` ۾ شامل رهيس. انهيءَ ۾ اهي ڪيڊٽ شامل هوندا هئا جن کي خاص طور چست ڪرڻ جي ضرورت هوندي هئي. پر فيلڊ ۾ وڃي قلعي بندي جي عملي ڪم ۾ منهنجي ڏاڍي دلچسپي هوندي هئي. اسين کاهيون کوٽيندا هئاسين، سينا پناهون ٺاهيندا هئاسين ۽ مورچن جي سامهون واريءَ جي ٿيلهين، گاهه يا ڪانن جي ڀرين سان پشتا ٺاهيندا هئاسين. گڏوگڏ اسين خاردار جهنگلا ۽ فوگاس پڻ ٺاهيندا هئاسين. فوگاس هڪ اوائلي قسم جي بارودي سرنگهه هوندي هئي. اسين ڪکن ڪانن جي تڪرن سان ريلوي لائينون ڪٽيندا هئاسين ۽ سِرن جي ٺهيل پُلين کي ڌماڪي سان اُڏائڻ سکندا هئاسين يا ڪاٺ جا تختا ۽ ٻيڙيون جوڙي پليون ٺاهيندا هئاسين ۽ فوج جي هر اول دستي ۽ پٺ ۾ ايندڙ دستي لاءِ ڪاغذ تي پلان ٺاهيندا هئاسين. اسان ڪجهه ساديون ٽيڪٽيڪل اسڪيمون پڻ ٺاهيون. اسان کي بمن يا هينڊ گرنيڊن بابت ڪجهه به نه پڙهايو ويو جو انهن بابت سمجهيو پئي ويو ته اهي گهڻو وقت اڳ پنهنجو وارو وڄائي ويا هاڻي انهن جو دور نه رهيو آهي. اهي ارڙهين صديءَ ۾ ئي استعمال کان ٻاهر نڪري چڪا هئا ۽ جديد جنگين بابت بلڪل بيڪار هوندا.
انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اهي سڀ شيون بلڪل بنيادي نوعيت جون هونديون هيون ۽ ڪم دوران اسان تي سبالٽرن جي ذهني سطح کان وڌيڪ بوجهه نه وڌو ويندو هو. پر مونکي ڪڏهن ڪڏهن اسٽاف ڪاليج ۾ ڊنر ڪرڻ جي دعوت ملندي هئي. اهو اسانجي ڪاليج کان هڪ ميل کان به گهٽ فاصلي تي هو ۽ اتي فوج جي ذهين ترين آفيسرن کي هاءِ ڪمانڊ جي تربيت ڏني ويندي هئي. هتي ڊويزن، ڪور ۽ مڪمل آرميءَ جو اڀياس ٿيندو هو ۽ ڪارروائي جا مرڪز (Bases)، رسد، مواصلات ۽ ريلوي حڪمت عمليءَ بابت مطالعو ٿيندو هو. اهي سڀ ڳالهيون ڏاڍو پُرجوش ڪري ڇڏينديون هيون. پر اهو ڏسي ڏاڍو افسوس ٿيندو هو ته اهي سڀ ڳالهيون هٿرادو ٽڪساٽ آهن ڇاڪاڻ ته مهذب قومن جي وچ ۾ جنگ جو دور هميشه لاءِ پُڄاڻيءَ تي پهچي چڪو هو. اهو دور جيڪڏهن هڪ سو سال اڳ جو هجي ها ته اسان جو وقت ڏاڍو بهترين گذري ها. ٿورو تصور ڪريو ته آءٌ سنه 1793ع ۾ اوڻيهن ورهين جو هجان ها ۽ نيپولين خلاف جنگ جي 20 سالن جو دور اڃان سامهون هجي ها! پر اهي سڀ ڳالهيون پُڄاڻي تي پهچي چڪيون هيون. برطانوي فوج ڪريميا جي جنگ کان پوءِ ڪنهن به گوري سپاهيءَ تي گولي نه هلائي هئي ۽ هاڻي دنيا جيئن ته ايتري سمجهدار ۽ پُرامن ٿي وئي هئي- ۽ گڏوگڏ جمهوريت پسند به- ته سمجهو ته اسان فوجين جا عظيم ڏينهن ختم ٿي چڪا هئا. پر خوش قسمتيءَ سان اڃا به ڪي وحشي ۽ جهنگلي قومون باقي هيون انهن ۾ زولو ۽ افغان به هئا ۽ سودان جا درويش به هئا. انهن مان ڪجهه جي جيڪڏهن طبيعت مائل ٿي ته ڪڏهن نه ڪڏهن مسئلو کڙو ڪري سگهيا ٿي. ويندي انڊيا ۾ به بغاوت ٿي سگهي ٿي يا انقلاب اچي سگهيو ٿي. انهن ڏينهن ۾ اتان جي ماڻهن انبن جي وڻن کي ڪي چُٽا ۽ نشان ڪرڻ جو هڪ پراسرار ڪم شروع ڪيو هو ۽ اسين Spectator ۾ ڇپيل هڪ ليک تي اميد ڀريون نظرون وجهيون ويٺا هئاسين جنهن ۾ انهيءَ ڳالهه جو برملا اظهار ٿيل هو ته اسان کي شايد ڪجهه مهينن جي اندر انڊيا کي ٻيهر فتح ڪرڻو پوندو. اسين سڀئي انهيءَ مسئلي بابت پيا سوچيندا هئاسين. ممڪن آهي ته اسان سڀني کي وقت کان اڳ ڪميشن ملي وڃي ۽ اسان انڊيا جي ميدان تي مارچ شروع ڪيون ۽ ميڊل ۽ امتيازي نشان ماڻيون. اهو به ٿي سگهي ٿو ته ڪلائيو (Clive) وانگر بلڪل ننڍي عمر ۾ ئي ڪمانڊ جي اعلى ترين عهدي تي پهچي وڃون. اهڙين سوچن سان اسان کي ڪو وڏو اطمينان ته نه ملندو هو ڇاڪاڻ ته ڪنهن سچي پچي يورپي جنگ ۾ حصو وٺڻ جي مقابلي ۾ ويچارن هندستانين سان وڙهڻ ڄڻ ته گرانڊ نيشنل جي ڀيٽ ۾ پيپر چيز (Paper Chase) ۾ گهوڙو ڊوڙائڻ هجي ها[1]، انهيءَ هوندي به اهو ضروري آهي ته پنهنجي دور ۾ ملندڙ موقعن مان وڌ کان وڌ فائدو وٺجي.
آءٌ رائيڊنگ اسڪول مان ڀرپور نموني لطف اندوز ٿيس ۽ ٻين اڪثر ڪيڊٽن وانگر هلندو رهيس. منهنجي پيءُ مونکي موڪلن ۾ گهوڙيسواريءَ جو هڪ وڌيڪ ڪورس ڪرڻ جو بندوبست ڪري ڏنو هو. اهو ڪورس مون Royal Horse Guards سان نائيٽس برج بيرڪس ۾ ڪيو. اتي آءٌ ڪيترا ئي دفعا گهوڙي تان ڪري پٽ تي وڇايل مٽيءَ ۾ ڀڀوت به ٿيس. پوءِ جڏهن آءٌ پنهنجي رجمينٽ ۾ شامل ٿيس ته اتي مون ٻيو پورن پنجن مهينن جو ڪورس به ڪيو ۽ اهو سمورو عرصو ملائڻ کان پوءِ مون کي يقين هو ته مون گهوڙي تي ويهڻ ۽ ان کي قابو ۾ رکڻ جي چڱي خاصي تربيت حاصل ڪري ورتي هئي.
سينڊهرسٽ ۾ گهوڙا منهنجي لاءِ تمام وڏي خوشيءَ جو سامان هوندا هئا. آءٌ ۽ منهنجي اُٿ ويهه واري گروپ جا سڀ ڪيڊٽ پنهنجا سمورا پئسا مقامي اصطبل مان گهوڙا مسواڙ تي وٺڻ ۾ خرچ ڪري ڇڏيندا هئاسين. اسان مستقبل ۾ ملندڙ ڪميشن جي آڌار تي ڏاڍا قرض به کڻي ڇڏيا هئا. اسان هڪ دوست امير جي ميدان تي Point to Point ۽ Steeple Chase جا مقابلا رکندا هئاسين ۽ آسپاس جي ٻهراڙيءَ ۾ مزي سان گهمندا هئاسين. [2] هتي آءٌ والدين ۽ خاص طور پئسي وارن والدين کي چوندس ته ’پنهنجي پٽ کي پئسا نه ڏيو، توهان کيس جيترا ڏئي سگهو گهوڙا ڏيو‘، گهوڙيسواريءَ مان ڪنهن کي به ڪڏهن ڪو غم-سواءِ شان مان واري ڏک جي- نه پهتو آهي. زندگيءَ جو زين تي گذاريل وقت ڪڏهن به ضايع نه ٿو ليکجي. نوجوان اڪثر گهوڙن جي مالڪي يا انهن جي پٺڀرائي مان ته تباه ٿيا آهن پر انهن تي سواري ڪري ڪير به تباه نه ٿيو آهي. ها باقي اهي پنهنجو مڻڪو ڀڃرائي ويهن ته ٻي ڳالهه آهي. گهوڙو چوتال ڊوڙندي مڻڪي ڀڄي پوڻ سان ماڻهو مري وڃي ته اهو به هڪ سٺو موت آهي.
مون جيٽلمين ڪيڊٽ ٿيڻ سان پنهنجي پيءُ جي نظرن ۾ هڪ نئين حيثيت حاصل ڪري ورتي. جڏهن آءٌ موڪلن ۾ گهر هوندو هوس ته هو جيڪڏهن ڪا ڏکيائي محسوس نه ڪري ته آءٌ هن سان گڏ گهمي ڦري به سگهيس ٿي. هو بازيگرن، جادوگرن ۽ جانورن جا ڪرتب ڏسي ڏاڍو خوش ٿيندو هو. ايمپائير ٿيٽر به آءٌ پهريون دفعو هن سان گڏجي ويو هوس. هو ٽرگ (Trig) ۾ لارڊ روٿس چائيلڊ جي گهر ٿيندڙ اهم سياسي پارٽين ۾ به مونکي گڏ وٺي ويندو هو. جتي اڪثر سرڪردا اڳواڻ ۽ ڪنزرويٽو پارٽيءَ جا چونڊ اڀرندڙ ماڻهو اچي گڏ ٿيندا هئا. هو مونکي پنهنجي ريس وارن دوستن وٽ وٺي وڃڻ رهائڻ لڳو هو. هتي بلڪل مختلف سنگت ۽ گفتگو جا بلڪل نوان موضوع ملندا هئا. جيڪي به ساڳئي وندر ۽ تفريح ڏيندا هئا. حقيقت اها آهي ته آءٌ سمجهندو هوس ته هر اها شيءِ جيڪا پاڻ وٽ هئڻ جي تمنا ڪري سگهجي ٿي انهن سڀني يا انهن مان لڳ ڀڳ سڀني جي ڪُنجي هن وٽ آهي. پر مون جڏهن هن سان بي تڪلفي يا دوستيءَ جو هلڪو به خيال ڏيکاريو ته هو چڙي پوندو هو. هڪ دفعو مون جڏهن اهڙو رايو ڏيکاريو ته آءٌ سندس پرائيويٽ سيڪريٽريءَ کي سندس خط پٽ لکڻ ۾ مدد ڏيان ته هن اهڙو رُخ ڏيکاريو جو آءٌ وڌيڪ هڪ لفظ به ڪڇي نه سگهيس. هاڻي آءٌ سمجهان ٿو ته اهو دور جلدي گذري وڃي ها. هو جيڪڏهن چار يا پنج سال وڌيڪ زنده رهي ها ته مون کانسواءِ نه هلي سگهي ها. پر مونکي اهي چار يا پنج ورهيه نه ملي سگهيا. عين انهيءَ وقت جڏهن اسان جا دوساڻا لاڳاپا پختا ٿي دوستاڻي مفاهمت ۾ تبديل ٿي رهيا هئا ۽ جڏهن منهنجي خيال ۾ مناسب ڪوشش ڪري اتحاد (Alliance) يا گهٽ ۾ گهٽ فوجي معاهدي (Military Alliance) جي سطح تائين پهچي سگهجي پيو ته هو هميشه لاءِ غائب ٿي ويو.
سن 1894ع جي بهار جي موسم ۾ اسان سڀني کي خبر پئجي وئي ته منهنجو پيءُ شديد بيمار آهي پر هو اڃان تائين پنهنجو سياسي ڪم ڪار جاري رکيون پئي آيو. هو تقريباً هر هفتي ڪنهن اهم جاءِ تي تقرير ڪندو هو. هاڻي ڪنهن کان به اها ڳالهه ڳجهي نه رهي هئي ته اهي ڪوششون ناڪام ٿينديون ٿي ويون. هونئن سندس جيڪي تقريرون اخبارن ۾ لفظ بلفظ رپورٽ ٿينديون هيون اهي ٻن ٽن ڪالمن کان گهٽجي ڏيڍ ڪالمي صورت ۾ اچڻ لڳيون. هڪ دفعو ته ٽائيمز اخبار اهو به ٻڌائي ڇڏيو ته هال حاضرين سان پورو ڀريل نه هو. آخرڪار مون اهو به ٻڌو ته منهنجي ماءُ ۽ ڏاڏي- جيڪي ٻين ڳالهين ۾ ته ورلي يڪراءِ ٿينديون هيون- کيس آرام ڪرڻ لاءِ زور ڀري رهيون هيون. جڏهن ته هن جو اصرار هو ته هو بلڪل ٺيڪ آهي ۽ هر ڳالهه صحيح پئي هلي. مونکي خبر هئي ته اهي ٻئي جيڪي هن جي تمام ويجهو هيون ۽ مٿس ساهه ڇڏينديون هيون اهي شديد ترين ضرورت کان سواءِ مٿس ايترو زور نه ڀرين ها.
آءٌ هاڻي پنهنجي پيءُ کي انهن ڏينهن کان ڪجهه مختلف رُخ ۽ انداز ۾ ڏسي سگهان ٿو جن ڏينهن ۾ مون سندس سوانح لکي هئي. آءُ گهڻو وقت اڳ اها عمر به گذاري آيو آهيان جنهن ۾ هو فوت ٿيو هو. هاڻي سندس استعفا واري عمل جي فيصلائتي نوعيت به مونکي سولائي سان سمجهه ۾ اچي رهي آهي، هو هاڻي تمام ڏکين حالتن ۾ دلير پائليٽ وارو ڏيک ڏئي رهيو هو. اها سندس فيصلي جي گهڙي هئي ۽ 1886ع ۾ يونينسٽ پارٽيءَ جي سوڀ سان حالتون تبديل ٿي ويون. هاڻي هن لاءِ اها ڳالهه ضروري هئي ته سياسي سرگرمي پُڄاڻي تي پهچي ۽ کيس سانت ۽ سڪون جو وقت ملي. لارڊ سالسبريءَ جي صورت ۾ قوم کي اهو ماڻهو مليو هو جنهن جي ان کي ضرورت ۽ خواهش هئي. هو به ڊگهي ۽ مضبوط حڪومت هلائڻ لاءِ کوپو کوڙي ويهي رهيو. هو فطري طور ڏاڍو خوش به هو جو اقتدار ۾ ڪنهن رقيب جي شراڪت بجاءِ اهو مڪمل طور سندس هٿن ۾ هو. هائوس آف ڪامنز ۾ سندس پاڙون مضبوط هيون ۽ سرڪاري خزاني تي سندس گرفت مضبوط هئي. ڪنهن به ماڻهوءَ لاءِ پنهنجي وڃايل حيثيت ٻيهر حاصل ڪرڻ ممڪن نه هوندي آهي. اهو ممڪن آهي ته هو پنهنجي عمر جي پنجاه يا سٺ سالن واري ڏهاڪي ۾ ٻي ڪا حيثيت حاصل ڪري وٺي پر هن جيڪا حيثيت ٽيهن يا چاليهن سالن واري ڏهاڪي ۾ وڃائي هئي اها ٻيهر حاصل ڪري نه سگهندو. ڪنهن پارٽيءَ يا قوم جي قيادت کي وقار ۽ قوت سان پنهنجن هٿن ۾ رکڻ لاءِ ضروري آهي ته قائد ۾ نه فقط اهي صلاحيتون ۽ اهو عمل جو پيغام هجي جنهن جي پارٽي ۽ قوم کي ضرورت آهي پر اهي پارٽي ۽ قوم جي مزاج سان مطابقت رکندڙ به هجن.
ٻي ڳالهه اها ته لارڊ رنڊولف چرچل چانسلر آف ايڪسچيڪر ٿيڻ سان ئي اهم معاملن ۾ ٽوري انداز فڪر تان دستبردار ٿي ويو. هن آئرش هوم رول کان سواءِ ٻين سڀني ڳالهين ۾ گليڊ اسٽونيا ئي انداز فڪر اپنائڻ شروع ڪيو ۽ سماجي ۽ مزدورن جي معاملن تي سندس موقف پڻ انهيءَ دور جي وگ يا مڊل ڪلاسي لبرل ماڻهن جي برداشت کان ٻاهر هو. ويندي آئرلينڊ بابت به سندس سوچ غير معمولي حد تائين آزاد هئي. ڪنزرويٽو پارٽي اهڙي ڪابه ڳالهه پسند نه ڪري ها. حقيقت ۾ منهنجي اها سوچ آهي ته هو جيڪڏهن زنده رهي ها ۽ سندس صحت بحال ٿي وڃي ها ته گهڻو امڪان اهو آهي ته هو ڏکڻ آفريقا جي جنگ جي ايتري وڏي حد تائين مخالفت ڪري ها جو اهو محنت ڪش طبقو ئي کيس ناپسند ڪرڻ لڳي ها جن جي طرفان ملندڙ حمايت تي کيس ايترو ناز هو. سندس پاران سياست ۾ وري داخل ٿيڻ جو حقيقي رڪارڊ فقط اهو هجي ها ته مسٽر چيمبرلين جي Protection مهم جو ڪو توڙ سوچي ها. مونکي معلوم سڀني شين مان اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي ته گهڻو امڪان اهو آهي ته هو ان جو مخالف ٿي بيهي ها. هو اهڙو ماڻهو نه هو جيڪو پارٽيءَ جي اندروني مضبوط حلقي جي سوچ کي سامهون رکندي پنهنجا فيصلا ڪري ها. هو ڌڙابندي جو مقابلو ڪندي اهڙي جنگ وڙهيو جنهن ۾ هن ڪاميابي حاصل ڪئي. پر هو جڏهن ذميوار حيثيت ۾ هوندو هو ته عوامي معاملن ۾ سندس ڪردار ديانتداريءَ تي ٻڌل ۽ نج اصلي هوندو هو. هو ڪڏهن به آرام سان ويهي سوچيل سمجهيل چالون نه کيڏندو هو. هن جي ذهن ۾ جيڪا ڳالهه هوندي هئي اها چئي ڏيندو هو. اهو انداز ئي صحيح هو.
مسٽر گليڊ اسٽون جي هڪ مقرر طور شهرت جو دارومدار سندس ڇپيل تقريرن بجاءِ حاضرين تي انهيءَ وقت پيدا ٿيندڙ اثر تي آهي. لارڊ رنڊولف چرچل جي اسان جي سياسي تاريخ ۾ مقام جي ڪٿ سندس لفظن يا عملن بجاءِ سندس شخصيت پاران همعصرن تي وڌل اثر مان ڪئي ويندي. اهو اثر ڏاڍو گهرو هو ۽ حالتون جيڪڏهن اڃا سازگار رهن ها ته اهو اثر فيصلائتن واقعن جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ها. هو هڪ ئي وقت طاقت ۽ قوت، موهه ۽ ڪشش ۽ اهڙي ريچڪي انداز جو مالڪ هو جن جو سرچشمو گهڻو ڪري ڏات هوندو آهي.
هو مون ڏانهن انهيءَ دور جي فيشن مطابق جيڪي پنهنجي هٿ سان ۽ وڏي محنت سان خط لکندو هو اهي هاڻي وري وري پڙهي آءٌ سمجهان ٿو ته انهيءَ وقت مونکي اندازو ئي نه هوندو هو ته هن کي منهنجو ڪيترو نه اونو هو ۽ هو منهنجو ڪيترو نه خيال رکندو هو. مونکي انهيءَ ڳالهه جو به ڏاڍو افسوس ٿيندو آهي ته اسين هڪٻئي جي صحبت ۾ ايترو زنده نه رهي سگهياسين جو هڪٻئي کي سمجهي سگهون ها. آءٌ لارڊ روز بيريءَ سان زندگيءَ جي آخري سالن ۾ ملاقات ڪرڻ ويندو هوس. انهيءَ جو هڪ سبب ته اهو هو ته مونکي انهيءَ معزز ماڻهوءَ لاءِ عزت هوندي هئي ٻيو ته آءٌ کيس منهنجي پيءُ بابت ڳالهائيندي ٻڌڻ چاهيندو هئس. آءٌ جڏهن سندس گهاٽي ۽ مشهور دوست سان ڳالهائيندو هوس ته مونکي پنهنجي پيءُ جي وڌيڪ ويجهو ٿيڻ جو احساس ٿيندو هو. آءٌ جڏهن لارڊ روز بيري سان آخري دفعو مليو هوس ته مون چيو هو ته ڪيترو نه سٺو ٿئي جيڪر سال پٺتي ڦري وڃن ۽ آءٌ پنهنجي پيءُ سان برابريءَ جي بنياد تي ڳالهيون ڪريان. انهيءَ تي هن پيرسن مدبر ڏاڍي سهڻي انداز ۾ چيو هو ته: ها! هو ڳالهه سمجهي وڃي ها.

****

مون جون 1894ع ۾ چوبهام ڪامن (Chobham Common) تي هڪ روڊ جو نقشو پئي ٺاهيو جو سائيڪل تي ايندڙ هڪ قاصد مون وٽ ڪاليج جي ايڊ جوٽنٽ جو حڪم پهچايو ته آءُ فورن لنڊن روانو ٿيان. منهنجو پيءُ ٻئي ڏينهن دنيا جي سفر تي روانو ٿي رهيو هو. ڪاليج اختيارين ڏانهن اماڻيل مونکي خاص طور موڪل ڏيڻ جي عام رواجي نموني موڪليل درخواست معمول جي ڪاروائي طور نامنظور ٿي چڪي هئي. تنهنڪري هن سيڪريٽري آف اسٽيٽ فار وار سر هينري ڪيمبيل بينرمين ڏانهن تار موڪلي: ”انگلينڊ ۾ منهنجو آخري ڏينهن.....“ پوءِ مونکي بنا دير لنڊن روانو ڪيو ويو.
ٻئي ڏينهن منهنجي ماءُ، منهنجو ننڍو ڀاءُ ۽ آءٌ گاڏي ۾ چڙهي اسٽيشن وياسين. منهنجي پيءُ چار سال اڳ ڏکڻ آفريقا جي سفر دوران وڏي ڏاڙهي رکي ڇڏي هئي. انهيءَ هوندي به سندس منهن ذهني ٿڪاوٽ سبب خوفناڪ حد تائين ٿڪل ۽ ساڻو پئي لڳو. هن منهنجي گوڏي تي اهڙي انداز ۾ ٿڦڪي ڏني جيڪو تمام سادو هوندي به گهڻو ڪجهه ٻڌائي رهيو هو.
اتان سندس دنيا جي چوگرد سفر جي شروعات ٿي. پوءِ آءٌ فقط سندس جلد لهي ويندڙ پاڇو ئي ڏسي سگهيس.

*****

آءٌ سينڊهرسٽ ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون سکيس جن مان مونکي خبر پئي ته اٿي ويٺي جا آداب ڪهڙا آهن ۽ مختلف عهدن جا آفيسر زندگيءَ جي عام هلي چلي ۽ رجمينٽ جي قاعدي قانون واري زندگيءَ ۾ هڪ ٻئي سان ڪيئن پيش اچن. ويلش رجمينٽ جو ميجر بيل نالي منهنجو ڪمپني ڪمانڊر تمام سخت مزاج ۽ ڏاڍو سخت گير هوندو هو. هو سڀني کان الڳ ٿلڳ رهندو هو، سدائين رسمي انداز رکندڙ ۽ رسمي تڪلفات اپنائيندو هو. سندس هر ڪم بي عيب ۽ گهربل معيار تي پورو هوندو هو. انهيءَ ڪري هر ڪنهن تي سندس رعب ۽ هيبت ويٺل هوندي هئي. حقيقي جنگ جي ميدان تي وڃڻ ته کيس نصيب نه ٿيو هو پر اسان کي پڪ هئي ته هو مرڻ مارائڻ کان سواءِ شڪست قبول نه ڪري ها.
ڪاليج ۾ قانون اهو ٺهيل هو ته توهان جيڪڏهن ڪاليج جي حدن کان ٻاهر وڃڻ چاهيو ٿا ته سڀ کان پهريان ڪمپني ليو-بُڪ ۾ پنهنجو نالو لکو. تنهن کان پوءِ اوهان اهو فرض ڪرڻ ۾ حق بجانب هوندوء ته توهان جي درخواست منظور ٿي وئي آهي. هڪ ڏينهن آءٌ ڪرائي جي گهوڙي گاڏي ۾ چڙهي ايلڊرشاٽ ۾ هڪ دوست سان ملڻ ويس هو اتي مليشيا بٽالين ۾ ٽريننگ تي هو. منهنجي گاڏي مارلبورو لائينز ۾ هئي ته سامهون نظر پوڻ تي منهنجو ساهه ئي سڪي ويو جو ميجر بيل خود پنهنجي گاڏيءَ ۾ سينڊهرسٽ واپس پئي ويو. مون جيئن ئي سندس احترام ۾ ٽوپلو مٿي تان لاهي هٿ ۾ ڪيو ته مونکي ياد آيو ته مون بي ڌياني ڪري ڪمپني ليو بُڪ ۾ پنهنجو نالو لکيو ئي نه هو. بهرحال مون سوچيو ته اڃان موقعو آهي. ممڪن آهي ته هو ميس وڃڻ تائين ليو-بُڪ تي نظر نه وجهي ۽ آءٌ واپس پهچندي ئي پنهنجو نالو لکي ڇڏيندس. مون مليشيا بٽالين ۾ پنهنجو دورو مختصر ڪري ڇڏيو ۽ واپسيءَ ۾ گهوڙن کي ڊُگ هلرائيندو تڙ تڪڙ ۾ ڪاليج اچي پهتس. ڪاليج ۾ داخل ٿيس ته ڇهه وڳا هئا. رستي تان ڊوڙندو وڃي ليو بڪ واري ڊيسڪ تي پهتس ته اٿندي ئي منهنجي نظر ميجر بيل جي انيشل `O.B`تي پئي جيڪا هن ان ڏينهن جون موڪلون منظور ڪندي سڀ کان آخر ۾ هڻي ڇڏي هئي. مون کي گهڻي دير ٿي وئي هئي. هن مون کي ايلڊر شاٽ ۾ ڏسي ورتو هو ۽ اهو به ڏسي ورتو هئائين ته منهنجو نالو ليو-بُڪ ۾ نه هو. پوءِ مون ٻيو دفعو نظر وڌي ۽ منهنجي حيرت جي حد نه رهي جو منهنجو نالو ميجر جي هٿ اکرن ۾ لکيل هو ۽ سندس انيشل سان منظور به ٿيل هو.
انهيءَ واقعي منهنجون اکيون کولي ڇڏيون ۽ مون کي خبر پئي ته پراڻي برطانوي فوج ۾ زندگي ڪيئن ٿي گذري ۽ اها به خبر پئي ته ڪيئن آفيسر طبقي ۾ آداب اخلاق ۽ سهوليت جو دامن هٿن مان ڇڏائجڻ کان سواءِ به تمام سخت نظم ضبط قائم رکي سگهجي ٿو. اها ڳالهه ته فطري آهي ته اهڙي سيکت ملڻ کان پوءِ مون وري اهڙي بي ڌياني جو ڪم نه ڪيو.
هڪ بلڪل اهڙي قسم جو واقعو سن 1915ع جي سياري جي مند ۾ به پيش آيو. تڏهن مون ليونٽي (Laventie) جي محاذ تي گرينيڊيئر گارڊس سان گڏ ڊيوٽي پئي ڪئي. اسان جو ڪرنل ڄاتل سڃاتل ما جيفريز (Ma Jaffreys)، قاعدي قانون جو وڏو سخت ۽ با رعب آفيسر هو جنهن تي سورنهن مهينن جي ڪم جي دٻاءَ به ڪو اثر نه ڪيو هو. هو ڊيوٽي دوران الڪحل جو استعمال پسند نه ڪندو هو. هاڻي حالت اها هئي جو هڪ ته سخت سياري جي موسم لڳي پئي هئي ۽ اسين بلڪل اڳين مورچم ۾ ويٺا هئاسين. هن سرڪاري طور تي حڪم جاري نه ڪيو هو پر سندس مرضي ۽ خواهش اها هئي ته الڪحل خندقن ۾ نه وڃي. اهي ڳالهيون مدنظر رکندي اهو تصور ڪريو ته هڪ اونداهي ۽ پوسل واري کڏ ۾ پورٽ[3] جي شيشي واپرائجي رهي هئي جو ’ڪمانڊنگ آفيسر، ڪمانڊنگ آفيسر‘ جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا ۽ انهيءَ ئي لمحي دوران ڪرنل جيفريز کي ڏاڪا لهندي پاڻ ڏانهن ايندي ڏٺو سون. هڪ نوجوان آفيسر جنهن ۾ فوجي ڏات جا جراثيم ظاهر ظهور موجود هئا انهيءَ هڪ ٻرندڙ ميڻ بتي کڻي پورٽ جي شيشي جي منهن ۾ ٽُنبي ڇڏي. اهڙيون ميڻ بتيون عام هونديون هيون. هر ڳالهه صحيح ٿي وئي. بهرحال ڇهه مهينا پوءِ جڏهن اهو نوجوان آفيسر موڪل تي هو ۽ اتفاقي طور گارڊس ڪلب ۾ ڪرنل جيفريز سان گڏ ساڳئي ٽيبل تي ويٺل هو ته ڪرنل کيس پورٽ جي هڪ جام جي صلاح هنئي جيڪا هن قبول ڪئي. بوتل آئي ۽ گلاس به خالي ٿي ويا ته ڪرنل پڇيو ته ”انهيءَ ۾ ميڻ بتين جي گريس جي بوءِ ته ڪانه هئي؟“ انهيءَ تي ٻئي آفيسر گڏجي خوب کليا.

****

مانوارو پڙهندڙ جيڪڏهن موضوع کان ٿورو هٽڻ جي اجازت ڏئي ته آءٌ هتي اها ڳالهه بيان ڪندو هلان ته سيندهرسٽ ۾ منهنجي آخري ٽرم ۾ مونکي مسز اور مسٽن چانٽ پاران هلايل پاڪائي مهم (Purity Campaign) چيڙائي وڌو هو. اها خاتون لنڊن ڪائونٽي ڪائونسل جي رڪن هئي. هن سن 1894ع جي اونهاري جي مند ۾ ميوزڪ هالن کي پاڪ ڪرڻ جي هڪ سرگرم تحريڪ هلائي هئي. سندس توجهه جو مرڪز خاص طور ايمائير ٿيٽر وارو رستو هو. ڊريس سرڪل جي پٺيان انهيءَ وڏي ايراضيءَ تي شام جي وقت ۽ خاص طور ڇنڇر وارن ڏينهن تي نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا ميڙ لڳا پيا هوندا هئا جيڪي نه فقط پرفارمنس هلندي پر وقفن دوران هڪٻئي سان ڪچهريون ڪندا هئا ۽ وقت بوقت الڪحلي مشروبن مان به فرحت وٺندا هئا. مسز اورمسٽن چانٽ ۽ سندس دوستن انهن خوشيون ملهائيندڙن جي اخلاق ۽ متانت بابت ڪيترائي الزام هنيا ۽ اهو رستو ۽ انهيءَ سان لاڳو شراب خانا بند ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي. حالتن مان لڳو پئي ته انگريز عوام جي اڪثريت معاملن کي مختلف رُخ کان پئي ڏٺو. ڊيلي ٽيليگراف انهن ڏينهن ۾ اسان جي مکيه ۽ مقبول اخبار هوندي هئي. اها اخبار سندس موقف جي حمايت ڪرڻ لڳي. انهيءَ اخبار ”پاڪبازي جا دعويدار شڪار جي ڳولا ۾“ (Prudes on Prowl) جي عنوان سان ڏاڍن سگهارن ليکن جو هڪ سلسلو شروع ڪيو. جنهن ۾ ماڻهو پري پري کان ڏاڍا پُرجوش نموني خط لکي موڪليندا هئا ۽ انهن تي پنهنجن نالن بجاءِ ”پنجن ٻارن جي ماءُ“، ”جيئو ۽ جيئڻ ڏيو“، ”مهذب ۽ عيسائي“، ”جان بل“ ۽ اهڙا ٻيا نالا لکي موڪليندا هئا. اهڙي طرح انهيءَ ڇڪتاڻ ۾ وڏي عوامي دلچسپي پيدا ٿي پئي. منهنجي سينڊهرسٽ جي دوستن جي حلقي ۾ انهيءَ موضوع تي ڏاڍا بحث مباحثا ٿيندا هئا. اسان جي عادت هوندي هئي ته اسان کي مهيني ۾ ٻه دفعا ڇنڇر جي منجهند کان آچر جي اڌ رات تائين جيڪا مختصر موڪل ملندي هئي انهيءَ ۾ انهيءَ رستي جو چڪر ڏيڻ ويندا هئاسين. مسز چانٽ جي کليل ۽ ڍڪيل الزامن اسان جي جذبات کي ڏاڍو مجروح ڪري وڌو هو. اسان کي اتي ٻنهي جنسن جي ماڻهن جي هلت چلت ۾ شڪايت جهڙي ڪابه ڳالهه نظر نه آئي هئي. اسان جي نظر ۾ ته جيڪڏهن ڪنهن ڳالهه تي ڪا حقي واجبي تنقيد ڪري سگهجي پئي ته اهو اتي موجود قد آور ۽ وردي پوش دربانن جو سخت ۽ ان گهڙيو رويو ئي هوندو هو جيڪي ڪنهن هوش حواس مان ٿورو ئي نڪتل ماڻهو کي فوراً وٺي ڌڪا ڏئي ٻاهر ڪڍي ڇڏيندا هئا. اسان جي نظرن ۾ مسز چانٽ جي تحريڪ جو ڪوبه ضرور ڪونه هو ۽ اها برطانوي آزادي جي بهترين روايتن جي بلڪل خلاف هئي.
آءٌ انهيءَ معاملي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ بيتاب هئس. هڪ ڏينهن مون ڊيلي ٽيليگراف ۾ پڙهيو ته ڪنهن معزز ماڻهوءَ- انهيءَ جو نالو مون کان وسري ويو آهي- اها تجويز پيش ڪئي هئي ته مسز چانٽ ۽ ان جي عدم رواداريءَ کي منهن ڏيڻ ۽ ان جو توڙ ڪرڻ لاءِ شهرين جي انجمن (League of Citizens) قائم ڪجي. اها انجمن The Entertainments Protection League جي نالي سان سڏي وڃڻي هئي. انجمن بابت وڌيڪ اهي به تجويزون هيون ته هم خيال ماڻهو گڏجي ان جي مجلس عامله (Executive) ۽ ٻيون ڪميٽيون ٺاهين، عهدا سنڀالين، ميمبر ٺاهين، چندا گڏ ڪن، پبلڪ ميٽنگون ڪوٺائين ۽ ان جي نظرين جي حمايت ۾ لٽريچر جاري ڪن. مون فوري طور پنهنجون خدمتون پيش ڪري ڇڏيون. مون انهيءَ نيڪوڪار فائونڊر ڏانهن سندس ڏنل ايڊريس تي خط لکي سندس مقصدن سان پنهنجي دلي رضماندي جو اظهار ڪرڻ سان گڏوگڏ اهو به لکي ڇڏيو ته آءٌ هر قانوني طريقي ۾ هن سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. جلد ئي مون وٽ هن جو تمام سٺي نموني ڇپيل ڪاغذ تي جوابي خط پهچي ويو. جنهن ۾ منهنجي مدد ۽ سهڪار جو آدرڀاءُ ڪندي مون کي مجلس عامله جي پهرين گڏجاڻي ۾ شريڪ ٿيڻ جي ڪوٺ ڏني وئي هئي. اها گڏجاڻي ايندڙ اربع ڏينهن ڇهين وڳي لنڊن جي هڪ هوٽل ۾ ٿيڻي هئي. اربع ڏينهن اڌ موڪل هوندي هئي ۽ سٺي چال چلت وارن ڪيڊٽن کي فقط گهرڻ سان لنڊن وڃڻ جي موڪل ملي ويندي هئي. آءٌ وچ وارا ٽي ڏينهن هڪ تقرير تيار ڪرڻ ۾ مصروف رهيس جو منهنجو خيال هو ته متان مونکي اتي سخت مُنهن وارن شهرين تي ٻڌل پُرهجوم مجلس عامله جي سامهون تقرير ڪرڻ جو چيو وڃي. مون جيئن ته اڳ ۾ ڪڏهن عوام جي سامهون تقرير ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي هئي تنهنڪري هي منهنجي لاءِ هڪ تمام اهميت وارو ڪم هو. مون تقرير ٽي چار دفعا ورائي ورائي لکي ۽ مڪمل طور ياد ڪري ڇڏي.
انهيءَ تقرير ۾ برطانوي عوام جي پيدائشي حقن، قانون پسند شهرين جي سماجي عادتن ۾ رياست پاران رُخني ۽ عوامي حمايت کان سواءِ بندشون وجهڻ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ بڇڙن اثرن بابت تمام اهم آئيني نقطا اٿاريل هئا. انهيءَ ۾ حقيقت بابت ڪوبه وڌاءُ ٿيل نه هو نه ئي حقيقتن تي پردو وڌو ويو هو. انهيءَ ۾ خوش مزاجي ۽ اعتدال جي ذريعي مخالف کي آماده ڪرڻ ۽ ڪامن سينس گاڏڙ منطق جي ذريعي کيس ڳالهه سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي. انهيءَ جي پُڄاڻي وارن ٽڪرن ۾ اسانجن مخالفن کي ڌيرج ۽ سڪون وارو انداز اختيار ڪرڻ جي اپيل پڻ ڪئي وئي هئي. اهو ڪم پورو ڪرڻ کان پوءِ آءٌ نهايت شدت ۽ بيچينيءَ سان انهيءَ اهم موقعي جو انتظار ڪرڻ لڳس.
ان ڏينهن جيئن ئي اسان جا صبح وارا ڪم پورا ٿيا ته مون تڙ تڪڙ ۾ منجهند جي ماني کاڌي ۽ وردي لاهي سادا ڪپڙا پهريا. (اسان کي Mufti لفظ کان نفرت ڪرڻ سيکاري ويندي هئي ۽ Civvies جهڙا اڻ وڻندڙ لفظ ته انهن ڏينهن ۾ ڪنهن کي معلوم ئي نه هوندا هئا.) ۽ ريلوي اسٽيشن ڏانهن ڀڳس جتان لنڊن ويندڙ تمام آهستي هلندڙ ٽرين ۾ چڙهيس. هتي آءٌ اها ڳالهه به بيان ڪري ڇڏيان ته اهو منهنجي مالي مشڪلات جو دور هو. حقيقت ۾ اوٽ موٽ جي ريلوي ٽڪيٽ کان سواءِ منهنجي کيسي ۾ فقط چند شلنگ ئي باقي بچيا ۽ منهنجو ڏهه پائونڊ ماهوار الائونس اچڻ ۾ اڃا پندرنهن کان وڌيڪ ڏينهن پيا هئا.
سفر دوران آءٌ پنهنجي تقرير جي انهن نقطن ۽ ٽڪرن کي ورجائيندو رهيس جيڪي منهنجي نظر ۾ خاص اهميت وارا هئا. آءٌ واٽرلو کان ليسيسٽر اسڪئائر تائين گاڏيءَ ۾ چڙهي ويس جو مجلس عامله لاءِ مقرر ٿيل هوٽل به ان جي آسپاس واقع هو. آءٌ وڏي روڊ کان پري انهن گهٽين جي گندي ۽ غليظ صورتحال ڏسي ۽ وري جڏهن هوٽل اڳيان منهنجي گاڏي اچي بيٺي ته ان کي به ڏسي مونکي ڏاڍو تعجب ٿيو ۽ ڪجهه ٻڏتر جو شڪار ٿي ويس. بهرحال دل ۾ سوچيو ته انهن شهر جي فيشني علائقي کان پاسو ڪري شايد بلڪل صحيح ڪم ڪيو آهي. انهيءَ تحريڪ کي جيڪڏهن وڌڻو ويجهڻو آهي ته ان جو عوام جي خواهشن تي بنياد هئڻ لازمي آهي. انهيءَ لاءِ اها ڳالهه به ضروري آهي ته اها انسانن جي سڀني طبقن ۾ موجود جبلتن کي مطمئن ڪري. انهيءَ کي خوش باش نوجوانن ۽ اعلى طبقي سان لاڳاپي ۾ اچي پنهنجي اصولن تي سمجهوتو نه ڪرڻ گهرجي. هوٽل جي پورٽر کي مون ٻڌايو ته آءٌ Entertainment Protection League جي گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪرڻ آيو آهيان جنهن جي اڄ توهانجي هوٽل ۾ ٿيڻ جو اعلان ٿيل آهي.
پورٽر پهريان ته ڪجهه پريشان ڏسڻ ۾ آيو پر پوءِ چيائين ته: ”منهنجي خيال ۾ انهن جو هڪ ماڻهو سموڪنگ روم ۾ ويٺو آهي.“ پورٽر مون کي سموڪنگ روم جي نالي ۾ هڪ ننڍڙي اونداهي ڪمري ۾ وٺي هليو. اتي آءٌ نئين انجمن جي بانيڪار سان مليس. هو اڪيلو ويٺو هو. آءٌ اڳي ئي گومگو جو شڪار هوس پر پنهنجي مايوسي کي اميد جي وسامندڙ ڪرڻن هيٺ لڪائيندي مون پڇيو ته ”گڏجاڻي ڪڏهن شروع ڪندا؟“ هو پاڻ منجهيل پئي لڳو سو چيائين: مون ڪافي ماڻهن ڏانهن خط لکيا هئا پر انهن مان آيو ڪير به ڪونهي، فقط آءٌ ۽ توهان آهيون. اسان آئين ته پاڻ ئي ٺاهي سگهون ٿا ڇا خيال آهي؟ مون وراڻيو ”پر توهان ته مون ڏانهن ليگ جي ڇپيل ليٽر پيڊ تي خط لکيو هو“ ”هائو“، هن چيو ”انهيءَ تي خرچ فقط پنج شلنگ آيو هو.[4] اهڙا ڪم شروع ڪرڻ وقت ڇپيل ليٽر پيڊ سٺي ڳالهه هوندي آهي. اهو ماڻهن کي اڳتي وک وڌائڻ لاءِ همٿائيندو آهي. توهان پاڻ ڏسو ته توهانکي به انهيءَ ڪاغذ همٿايو آهي.“ هن ساهي پٽي جو لڳو ٿي ته منهنجي چُپ چپاتي سندس جوش تي ماڪ وجهي ڇڏي هئي. هن وري به ڳالهه کي اڳتي وڏائيندي چيو ته: ”اڄڪلهه انگلينڊ ۾ ماڻهن کي ڪنهن به ڪم ڏانهن مائل ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو آهي. ڇا به ٿي پئي اهي پنهنجي جاءِ تان چُرن پُرن ئي نه ٿا. مونکي خبر نه ٿي پوي ته ملڪ کي ڇا ٿي ويو آهي. لڳي ٿو ته انهن ۾ ڪا روح ۽ جان رهي ئي نه آهي.
معاملي کي اڳتي وڌائڻ مان ڪجهه به حاصل ٿيڻو نه هو ۽ ليگ جي باني سان ڪاوڙجڻ به بيسود هو. تنهنڪري مون بي دليءَ سان پر حتمي طور خدا حافظ چيو ۽ ٻاهر گهٽي ۾ هليو آيس. انهيءَ وقت منهنجي حالت اها هئي جو فصاحت ۽ بلاغت سان ڀريل هڪ تقرير منهنجي سيني ۾ ڇوليون هڻي رهي هئي ۽ منهنجي کيسي ۾ فقط هڪ هاف ڪرائون پيو هو. رستن تي ماڻهن جا ميڙ هئا جيڪي ننڍڙين دلچسپين ۾ مگن هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙي رهيا هئا ۽ انساني حڪومت جي وڏن معاملن کان بي خبر ۽ لاتعلق لڳا پيا هئا. مون رحم ۽ ڌڪار جي هڪ گڏيل نظر انهن کسيس ذهن وارن واٽهڙن تي وڌي. راءِ عامله کي درست رُخ ۾ هلائڻ ايترو سولو نه هو جيترو مون سمجهيو هو. جمهوريت جي اها ڪمزور پيداوار پاڻ کي مليل آزادين کي ڪا اهميت ئي نه ٿي ڏئي ته اها انهن وسيع صوبن ۽ ملڪن جو دفاع ڪيئن ڪندي جيڪي اسان صدين جي وڏ گهراڻي حڪومت جي ذريعي حاصل ڪيا هئا. آءٌ ته ٿوري دير جي لاءِ سلطنت جي مستقبل کان ئي مايوس ٿي ويس. پوءِ مون رات جي مانيءَ بابت سوچيو ۽ بي دلي سان انهيءَ حقيقت کي منهن ڏنو ته منهنجي کيسي ۾ فقط هڪ هاف ڪرائون هو. نه انهيءَ سان ڪم نه هلندو. مزي جهڙي اڌ ڏينهن جي موڪل تي لنڊن اچجي، انهيءَ سفر جو گهڻي وقت کان شوق به دل ۾ رکجي ۽ اهڙي تقرير کڻي اچجي جيڪا شايد قوم جي تقدير جي صورتگري ڪري ها! هاڻي سوچيم ته انهيءَ وقت منهنجي ڪهڙي حالت هوندي جو سموري صورتحال تبديل ٿي وئي. اها غير هضم ٿيل تقرير منهنجي معدي تي چڙهي بيٺي هئي ۽ سينڊهرسٽ وڃڻ سان مونکي بن ۽ چانهن جو ڪوپ مُنهن ۾ لڳي ها. اها ڳالهه صبر ۽ تحمل جي حد کان ٻاهر هئي. اهڙي صورتحال ۾ مون اهو ڪم ڪيو جيڪو اڳ ۾ نه ڪيو هو نه ئي پوءِ ڪڏهن ڪيم. هاڻي آءٌ اسٽرانڊ (Strand) وٽ پهچي چڪو هوس. مون کي مسٽر اٽنبورو جي مشهور دڪان مٿان ٽي سونهري بال لڙڪندي نظر آيا. مون وٽ ڏاڍي سهڻي سوني واچ هئي جيڪا منهنجي پيءُ مونکي گذريل سالگرهه تي ڏني هئي. اها ڪا ايتري وڏي ڳالهه ته نه آهي. وڏين وڏين بادشاهتن جا تاج جا هيرا به سخت موقعن تي گروي ٿيا هئا. دڪاندار واچ کي نهايت عزت سان هٿ ۾ جهليندي مون کان پڇيو: ”ڪيترا پئسا گهرجنئي؟“ ”پنج پائونڊ ڪافي آهن“ مون چيو. هن هڪ کاتي ۾ ڪجهه انگ اکر درج ڪرڻ کان پوءِ مونکي پنج پائونڊ ۽ اها هڪ ٽڪيٽ ڏني جنهن جو ذڪر مون هيستائين فقط ميوزڪ هال گيتن ۾ ٻُڌو هو. آءٌ پئسا وٺي وري لنڊن جي دل ڏانهن نڪري پيس. دير سان سينڊهرسٽ به خيريت سان پهچي ويس.
ٻئي ڏينهن منهنجا سينڊهرسٽ جا دوست گڏجاڻيءَ جي روداد ٻڌڻ لاءِ تيار ويٺا هئا. آءٌ پنهنجي تقرير مان ڪجهه پُر مغز نقطا انهن کي اڳ ئي ٻڌائي چڪو هوس. هاڻي هو اهو ڄاڻڻ لاءِ فڪرمند هئا ته انهن نقطن حاضرين تي ڪهڙو اثر وڌو ۽ ٻيو ته گڏجاڻي ڪيئن ٿي گذري. انهن ته مونکي ڪنهن حد تائين ساراهيو هو ته آءٌ سندن نظرين جي حمايت ۽ تائيد ۾ دل ٻڌي هڪ اهڙي مجلس قائمه آڏو تقرير ڪرڻ پيو وڃان جنهن ۾ وڏي عمر وارا ماڻهو، سياستدان، ڪائونسل ميمبر شريڪ ٿيندا. انهن انهيءَ گڏجاڻيءَ بابت سڀ ڪجهه ڄاڻڻ ٿي چاهيو. مون انهن کي پنهنجي راز ۾ شريڪ نه ڪيو. آءٌ انهن سان عام نوعيت جون ڳالهيون ٻولهيون ڪندو رهيس ته هڪ آرامده ۽ مجموعي طور مطمئن ماڻهن جي ملڪ ۾ عوام کي ڪنهن مسئلي تي کڙو ڪرڻ ۾ ڪهڙيون ڏکيائون پيش اچن ٿيون. مون انهيءَ ڳالهه جي به اهميت واضح ڪئي ته قدم بقدم اڳتي وڌجي ۽ اڳيون قدم کڻڻ کان اڳ پٺئين قدم واري حيثيت کي مستحڪم ڪجي. پهريون قدم مجلس عامله جي شڪل هو ۽ اهو قدم کڄي چڪو هو. ٻيون قدم ليگ جو آئين ٺاهڻ ۽ مختلف ذميواريون ۽ اختيار ماڻهن جي ذمي ڪرڻ هو. اهو ڪم هلي رهيو هو. ٽيون قدم عوام کي وڏي پيماني تي اپيل ڪرڻ هوندو ۽ ان جي موٽ ملڻ تي ٻين سڀني ڳالهين جو دارومدار هو. اهي بيان ڪجهه شڪ شهبو رکندي قبول ڪيا ويا پر آءٌ ٻيو ڪري به ڇا ٿي سگهيس؟ مون کي جيڪڏهن پنهنجي اخبار هجي ها ته آءٌ پنهنجي تقرير انهيءَ ۾ پهرئين صفحي تي توجه ڇڪائيندڙ سرخيون ڏياري لفظ بلفظ شايع هلرايان ها. انهيءَ ۾ مناسب جاين تي ڪميٽي جي ميمبرن جي زوردار تاڙين جو به ذڪر هجي ها. انهيءَ صورت ۾ شايد Entertainment Protection League سچي پچي ترقي ڪري ها. ارڙهن سو نوي واري ڏهاڪي جي شروعاتي سالن ۾ جڏهن ڪيتريون ئي شيون اڃان تشڪيل جي ابتدائي مرحلن ۾ هيون تڏهن اها تقرير شايد سموري انگريزي ڳالهائيندڙ دنيا ۾ اهڙي مضبوط عوامي راءِ پيدا ڪري ها ۽ انهيءَ جي ذريعي دنيا کي اهڙو واضح ۽ چٽو چتاء ملي وڃي جو سگهارو آمريڪا به شايد ‘Prohibition’ کان محفوظ ٿي وڃي ها.
انهيءَ جهاد ۾ هڪ ٻيو وار ڪرڻ به منهنجي مقدر ۾ لکيل هو مسز چانٽ جي مهم ناڪام نه ٿي هئي. اها ايتري خطرناڪ پئي ڏسڻ ۾ آئي جو اسان جي پارٽيءَ کي دورانديشي انهيءَ ۾ ڏسڻ ۾ آئي ته مخصوص برطانوي سمجهوتو ڪري وٺجي. انهيءَ سمجهوتي مطابق اهو طي ٿيو ته هلڪا ڪينواس جا پردا ڏئي ماڻهن کي ناپسند شراب خانن کي عام رستي تان ڌار ڪيو وڃي. اهي قانون جي نظر ۾ رستي کان ايترا پري هوندا ڄڻ اهي ڪنهن ڀر واري ملڪ ۾ هجن. پر مناسب ويڪر جا اچڻ ۽ وڃڻ جا رستا قانوني طور ڏنا ويندا ۽ هوا جي گذر لاءِ به ڪينواس ۾ ضروري خال ڪيا ويندا. اهڙي طرح محبت جي ديوي ۽ شراب جي ديوتا جا مندر ويجها هوندي به هڪٻئي کان جدا هوندا ۽ اهي انساني ڪمزورين تي هڪ ئي وقت گڏيل حملو نه ڪري سگهندا. انهن جو حملو هڪٻئي کان پوءِ هوندو يا هڪ جو حملو هڪ شخص تي هوندو ته ٻئي جو حملو ٻئي شخص تي هوندو. انهيءَ بندوبست جي “Prudes on the Prowl” طرفان ڏاڍي ساراهه ٿي. ميوزڪ هالن جا مالڪ به لڳو ٿي ته تڪليف ۽ احتجاج جون رڙيون ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي نصيب تي راضي ٿي ويهي رهيا. اهو بندوبست سينڊهرسٽ طرفان هلايل تحريڪ جي خواهش مطابق نه هو. اهو اڻ وڻندڙ امن قائم ڪرائڻ ۾ اسان سان ڪو مشورو به نه ڪيو ويو هو. آءُ پاڻ اهڙي امن جي پٺيان موجوده منافقت تي ڌڪار سان ڀريل هوس. مونکي انهن ڏينهن ۾ اها ڳالهه وهم گمان ۾ ئي نه هئي ته دوکو ۽ دولاب جمهوري طور آزاد رهندڙ عظيم قومن جي سماجي زندگيءَ ۾ ايترو وڏو ۽ مددگار ڪردار ادا ڪري ٿو. آءُ چاهيندو هئس ته رياست جي فرضن ۽ فرد جي حقن جي بلڪل واضح وصف هئڻ گهرجي. انهيءَ وصف ۾ عوامي سهوليت جي مدنظر ڪا ضروري ڦيرڦار ڪرڻي هجي ته اها ڀلي ڪئي وڃي.
ايمپائير گذرگاه تي ڪينواس جون اهي رڪاوٽون لڳڻ کان پوءِ پهرئين ڇنڇر جي رات اتفاق اهڙو ٿيو جو اسان ڪيڊٽن جو به هڪ وڏو انگ اتي اچي گڏ ٿيو. لڳ ڀڳ اسان جي عمر جا يونيورسٽين جا به ڪيترائي ڇوڪرا اچي ويا پر اهي بلڪل غير ذميوار ۽ فقط ڪتابي ڪيڙا هئا. سڀني ماڻهن انهن نين اڏاوتن جو غور سان جائزو ورتو ۽ انهن بابت اڻ وڻندڙ رايا ڏيڻ شروع ڪيا. پوءِ ڪنهن نوجوان پنهنجي واڪنگ اسٽڪ ڪينواس ۾ ٽنبي ڪڍي. ٻين به سندس نقش قدم تي هلندي ائين ئي ڪيو. جڏهن ٻيا شريڪ ڪار اهڙي انداز ۾ پنهنجي سوچ جو اظهار ڪري رهيا هئا ته فطري طور آءُ به پٺتي نه رهي سگهيس ۽ اوچتو هڪ تمام عجيب شي واقع ٿي. ٻه يا ٽي سو ماڻهن تي ٻڌل سمورو ميڙ جوش ۽ ڪاوڙ ۾ ڀرجي ويو. اهي هنن ڪمزور رڪاوٽن تي ڪڙڪي پيا ۽ انهن کي ڦاڙي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيائون. اختيارين جي ڪا به نه هلي. ڪاٺ جي ٽڙڪاٽ ۽ ڪينواس جي چيرجڻ جي آوازن ۾ سموريون رڪاوٽون ڊهي پٽ ٿي ويون ۽ شراب خانا هڪ دفعو وري انهيءَ ساڳئي گذرگاه سان لاڳو ٿي ويا جنهن تي انهن گهڻو وقت خدمتون سرانجام ڏنيون هيون.
اهڙين ڪنهن حد تائين ناسازگار حالتن ۾ مون پنهنجي پهرئين تقرير ڪئي. ڪاٺ ڪٻاڙ جي ڍير تي چڙهي بيهي ۽ ڪنهن حد تائين ان جي هيٺيان نڪري منظر تي ايندي مون جذبات سان ڀريل ميڙ کي خطاب ڪيو. منهنجن لفظن جو تُز رڪارڊ ته ڪٿي محفوظ ڪونهي پر ايترو ضرور آهي ته ماڻهن انهن کي توجه سان ٻڌو هو ۽ تڏهن کان وٺي ڪيترن ماڻهن مونکي اهي ڳالهيون پئي ٻڌايون آهن. آءُ آئيني دليلن جي بلڪل ويجهو به نه ويس ۽ ماڻهن جي جذبن ۽ احساسن سان سنئون سڌو مخاطب ٿيس. مون پنهنجي تقرير هنن لفظن تي ختم ڪئي: ”توهان ڏسو ٿا ته اڄ اسان اهي رڪاوٽون ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيون آهن باقي ايندڙ چونڊن ۾ اهي رڪاوٽون قائم ڪرڻ وارن جا تختا ڪڍڻ توهان جو ڪم آهي.“ انهن لفظن تي ماڻهن دل کولي داد ڏنو ۽ پوءِ اسين سڀئي ڪاٺ ۽ ڪينواس جا ٽڪرا ٽرافين طور هوا ۾ جُهولائيندا چوڪ ۾ ڪاهي پياسين. انهيءَ تي مون کي جوليس سيزر جي موت جو واقعو ياد اچي ويو جڏهن سازشي انهيءَ ظالم حڪمران جي قتل ۾ ڪم آيل رت ڀريل خنجر لوڏيندا گهٽين ۾ ڪاهي پيا هئا. آءُ بيسٽل (Bastille) جيل تي قبضي واري واقعي کان به ڀلي ڀت واقف هوس. اهي ڳالهيون به منهنجي ذهن تي تري آيون.
لڳي ٿو ته ڪو به انقلاب آڻڻ کان ان کي اڳتي وڌائڻ وڌيڪ مشڪل هوندو آهي. اسان کي سينڊهرسٽ لاءِ آخري ٽرين تي پهچڻو هو نه ته ڊيوٽي ۾ غفلت جا ڏوهاري ٿيون ها. رات جو ٻارهين وڳي کان ٿورو دير پوءِ اڃان تائين واٽرلو کان هلندڙ اها ٽرين لاشن جو روزاني جو ڏن لنڊن نيڪرو پولس کڻي ويندي آهي تڏهن اها ايلڊرشاٽ ويجهو فرملي (Frimly) تائين هلندي هئي ۽ اتي صبح جو ٽين وڳي پهچندي هئي. اتان رائل ملٽري ڪاليج پهچڻ لاءِ اسان کي اٺ يا ڏهه ميلن جو فاصلو گهوڙي گاڏيءَ ۾ ڪرڻو پوندو هو. اسين انهيءَ رات انهيءَ ڳوٺڙي ۾ پهتاسين ته اتي ڪا به سواري نه هئي. تنهنڪري اسان اتان جي سراء جي مالڪ جو دروازو کڙڪايو. ٿي سگهي ٿو ته اسان سندس دروازو ڪجهه گوڙ شور واري انداز ۾ کڙڪايو هجي جو ڪافي وقت گذرڻ کان پوءِ جڏهن دروازي جو مٿيون اڌ کُليو ته انهيءَ مان اوچتو بندوق جو هڪ نال ظاهر ٿيو انهي جي پٺيان هڪ ماڻهو هيڊو ۽ ڌمڪائيندڙ منهن کنيو بيٺو هو. انگلينڊ ۾ معاملا انتهائن تي ڪڏهن ڪڏهن ئي پهچندا آهن. اسان مضبوط انداز اختيار ڪندي کيس پنهنجي ضرورت کان آگاهه ڪيو ۽ ڏوڪڙن جي آڇ ڪئي. سراءِ مالڪ کي صورتحال سمجهه ۾ آئي ته اڳ ۾ سندس شڪ شهبا دور ٿيا پوءِ ڪاوڙ ختم ڪري ٿڌو ٿيو ۽ هڪ پوڙهو گهوڙو ۽ انهيءَ کان به وڌيڪ پراڻي گاڏي آندائين. اسين ست يا اٺ ڄڻا انهيءَ تي سوار ٿي ڪيمبرلي پهتاسين ۽ دروازي تي پورٽر کي تڪليف ڏيڻ کان سواءِ غير سرڪاري رستن کان ٿيندا پنهنجن ڪمرن ۾ پهچي وياسين ۽ پوري وقت تي صبح سوير واري پريڊ ۾ شامل ٿياسين.
انهيءَ واقعي چڱي خاصي هلچل پيدا ڪئي. ايستائين جو اڪثر اخبارن ۾ انهيءَ بابت ليک به آيا. ڪجهه وقت مونکي ڌڙڪو لڳو رهندو هو ته متان انهيءَ ڪاروائي ۾ منهنجي ادا ڪيل ڪردار سبب ماڻهن جو غير ضروري ڌيان مون ڏانهن نه ٿي وڃي. انهيءَ ڳالهه جو حقيقي خطرو پڻ موجود هو. منهنجي پيءُ جو نالو اڃا به ماڻهن کي جوش ۾ آڻي ڇڏيندو هو. مونکي ظلم جي رستا روڪ ۾ پنهنجي ادا ڪيل ڪردار تي جيتوڻيڪ فخر هو ڇاڪاڻ ته آزاد ملڪ ۾ رهڻ جي خواهش رکندڙ هر شهري جو اهو فرض آهي پر آءٌ انهيءَ ڳالهه کان به بي خبر نه هوس ته انهيءَ جي ابتڙ رايو به پيدا ٿي سگهيو ٿي ۽ اهو رايو هرهنڌ مقبول ٿي وڃڻ جو امڪان پڻ موجود هو. وڏي عمر وارن ماڻهن ۽ اختياريءَ تي ڪڏهن به ڀروسو ڪري نه ٿو سگهجي ته اهي نوجوانن جي بي احتياطين بابت کليل ذهن وارو رايو قائم ڪندا. اهي ڪڏهن ڪڏهن اها اڻ وڻندڙ حرڪت به ڪندا آهن جو ڪنهن فرد کي ٻين کان ڌار ڪري ان کي مثال بڻائي ڇڏيندا آهن. آءٌ جيتوڻيڪ هر وقت شهادت لاءِ تيار هوندو هوس پر تڏهن منهنجي ترجيح اها هئي ته شهادت ڀلي موخر رهي. چڱو ٿيو جو هلندي هلندي جڏهن منهنجو نالو انهيءَ واقعي سان ڳنڍيو وڃڻ لڳو ته انهيءَ ۾ عوامي دلچسپي بلڪل ختم ٿي وئي هئي ۽ ڪاليج يا وار آفيس ۾ انهيءَ واقعي کي نئين سر جيئارڻ وارو ڪوبه بدخواه ماڻهو موجود نه هو. انهيءَ ڀلي ڀاڳ واري ڪم کي ياد رکڻ واجب آهي. جو جيڪڏهن ڪا بدنصيبي حصي ۾ اچي ته ماڻهو انهيءَ کي ياد ڪري آٿت وٺي. هاڻي مون کي فقط اهو ٻڌائڻو آهي ته ڪائونٽي ڪائونسل جي چونڊن جا نتيجا توقع جي ابتڙ آيا. چونڊن ۾ Progressives کٽيو. اهي پاڻ کي انهيءَ نالي سان سڏرائيندا هئا. رڪاوٽون سرن ۽ پلستر سان وري ٺاهيون ويون ۽ اسان جون سڀ ڪوششون بيسود ثابت ٿيون. بهرحال ڪير به ائين نه چئي سگهندو ته اسان پوري ڪوشش نه ڪئي هئي.

****

سيندهرسٽ ۾ منهنجو ڪورس جلد ئي پڄاڻي تي پهتو هن دفعي آءٌ سڀ کان آخر ۾ ريڙهيون پائڻ بجاءِ اعزاز سان پاس ٿيس ۽ ڏيڍ سو ڪيڊٽن جي بئچ ۾ اٺون نمبر آيس. آءٌ اها ڳالهه انهي ڪري هتي بيان ڪريان جو انهيءَ مان ثابت ٿئي ٿو ته آءٌ اهميت واريون شيون جلدي سکي سگهيس ٿي. اهو هڪ سخت پر خوشگوار تجربو هو. ڪورس ۾ جملي ٽي ٽرم هئا ۽ هر ٽرم جي پڄاڻي تي ماڻهو تقريباً پنهنجو پاڻ جونيئر کان انٽرميڊئيٽ ۽ پوءِ سينئر ۾ ٽپي ٿي ويو. ترقي جا مرحلا ايترا مختصر هوندا هئا جو ماڻهو هڪ سال ۾ سينئر ۾ پهچي ٿي ويو. ائين محسوس ٿيندو هو ته ماڻهوءَ ۾ هفتيوار واڌ ٿي وڃي.
سن 1894ع جي ڊسمبر مهيني ۾ آءٌ ڪئينز ڪميشن (Queens Commission) حاصل ڪرڻ لاءِ پوري طرح اهل ٿي گهر موٽيس. مون پنهنجي اسڪولي ڏينهن جي ابتڙ ڪيترائي دوست ٺاهيا جن مان ٽي يا چار حال حيات آهن. جيستائين ٻين جو تعلق آهي اهي سفر سڌاري ويا آهن. ڏکڻ آفريقي جنگ نه فقط منهنجن دوست پر منهنجي ڪمپني جي ئي وڏي حصي کي پورو ڪري ڇڏيو باقي تقريباً ٻين سڀني جو وڏي جنگ سر کنيو. چند جيڪي بچي ويا آهن انهن مان ڪنهن جي سٿر، ڪنهن جي سيني ته ڪنهن جي منهن ۾ دشمن جي گولي لڳل آهي. آءٌ انهن سڀني کي سلام ڪريان ٿو.
آءٌ سينڊهرسٽ مان ڪورس پورو ڪري دنيا ۾ اچي ويس. سن 1895ع جي شروعات کان هن وقت هي سٽون لکڻ تائين مونکي ڪنڌ ورائي پٺتي ڏسڻ جو وقت نه مليو آهي. آءٌ اهڙا ڏينهن پنهنجي آڱرين تي ڳڻي ٻڌائي سگهان ٿو جن ۾ مون کي ڪرڻ لاءِ ڪو به ڪم نه هو. اهو دور هڪ اڻکٽ متحرڪ تصوير وانگر نظر اچي ٿو جنهن ۾ آءٌ هڪ اداڪار هوس. مجموعي طور اهو ڏاڍو دلچسپ دور هو. پر 1895ع کان 1900ع وارا سال جيڪي هن ڪهاڻي جو اهم حصو آهن اهڙي دلچسپي، رنگارنگي ۽ جاکوڙ-وڏي جنگ جي شروعاتي مهينن کان سواءِ-منهنجي زندگيءَ ۾ ڪڏهن نه آئي آهي.
آءٌ جڏهن انهن تي نظر وجهان ٿو ته برتر خدائن لاءِ شڪر جي احساسن سان ڀرجي وڃان ٿو جن مونکي وجود جو تحفو ڏنو. اهي سڀئي سٺا ڏينهن هئا ۽ هر ڏينهن گذريل ڏينهن کان بهتر هو. انهن ۾ لاها چاڙها به آيا، خطرا ۽ سفر به پيش آيا پر سدائين چرپر جو احساس ۽ اميد رهندي هئي. سموري دنيا جا نوجوانو اڳتي قدم وڌايو. جنگ هڪ نسل تباهه ڪري ڇڏيو آهي. اهو خال ڀرڻ لاءِ توهان جي جيتري ضرورت هاڻي آهي ايتري ڪڏهن نه هئي. توهان وٽ وڃائڻ لاءِ هڪ ڪلاڪ به نه آهي. توهان کي زندگيءَ جي جنگ جي صف ۾ پنهنجي جاءِ وٺڻي آهي. ويهن کان پنجويهن ورهين تائين! اهي ئي اهميت وارا سال آهن. حالتون جيئن آهن انهن مان مطمئن ٿي ويهي نه رهو. سموري ڌرتي ۽ ان ۾ جيڪي ڪجهه آهي ان جا توهان ئي مالڪ آهيو. پاڻ کي ورثي ۾ مليل ملڪيت ۾ داخل ٿي وڃو ۽ پنهنجون ذميواريون قبول ڪريو. عزت ۽ عظمت وارا جهنڊا وري کڻو ۽ نئين دشمن جي لشڪر تي ڪاهه ڪري ڏيو. جيڪو انسانذات جي فوج جي آڏو ملسل گڏ ٿي رهيو آهي. انهيءَ تي غلبو حاصل ڪرڻ لاءِ ان کي شڪست ڏيڻي پوندي. ڪنهن به حڪم جي جواب ۾ ناڪار کي تسليم نه ڪريو. ناڪاميءَ جي آڏو ڪڏهن به گوڏا نه کوڙيو. فقط شخصي ڪاميابي يا مڃتا تي ڌُتارجي نه وڃو. توهان کان هر قسم جون غلطيون ٿينديون پر جيستائين توهان ۾ صداقت، اعلى ظرفي ۽ گڏوگڏ سختي موجود آهي ته توهان جي عملن مان دنيا کي ڪابه تڪليف يا ايذاءُ نه پهچندو. اها نوجوانن پاران ريهي ريبي راضي ڪرڻ ۽ ماڻهن لاءِ ٺهي آهي. بار بار ماري مات ڪرڻ جي عمل مان گذري ئي ان واڌ ويجهه ورتي آهي ۽ پنهنجو وجود برقرار رکيو آهي.


__________________
[1] گرانڊ نيشنل لور پول ۾ سالياني ٿيندڙ گهوڙن جي ڊوڙ ۽ پيپر چيز ٻهراڙين ۾ ٿيندڙ گوءِ جنهن ۾ حصو وٺندڙ ڪاغذ جي اڇلايل ٽڪرن کي ڏسي ڊوڙندا ويندا آهن. (سنڌيڪار)
[2] پوائنٽ ٽو پوائنٽ: مقرر رستي تي رڪاوٽن واري ڊوڙ، اسٽيپل چيز: اڳئين زماني جي گهوڙن جي گوءِ جنهن ۾ ڪنهن مناري تائين پهچڻو هوندو هو ۽ وچ ۾ کڏون کوٻا ۽ جهنگ جهر پار ڪرڻو هوندو هو. (سنڌيڪار)
[3] تيز، مٺو، گهري ڳاڙهي رنگ وارو الڪحلي شراب. (سنڌيڪار)
[4] شلنگ هڪ پائونڊ جو ويهون حصو. (سنڌيڪار)

باب پنجون: چوٿين حصار رجمينٽ The Fourth Hussars

هاڻي آءٌ ڪتاب پڙهندڙن جو تعارف هڪ وڏي اثرائتي شخصيت ۽ ڪردار جي مالڪ سان ڪرائڻ چاهيان ٿو جنهن منهنجي انهيءَ دور ۾ زندگيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ شروع ڪيو هو. چوٿين حصارز رجمينٽ جي ڪمان ڪرنل بريبازون (Brabazon) جي هٿ هئي. اها رجمينٽ گذريل سال آئرلينڊ کان ايلدر شاٽ پهتي هئي ۽ ايسٽ ڪيولري بيرڪس ۾ رهائش پذير هئي. ڪرنل بريبازون جي ڪيترن سالن کان منهنجي ڪٽبن سان دوستي هئي. آءٌ پنهنجي اسڪول جي ڏينهن ۾ به هن سان ڪيترا دفعا مليو هوس. آءٌ سينڊهرسٽ ۾ هوس ته مونکي هن سان گڏجي رجمينٽل ميس ۾ ڊنر ڪرڻ جي خاص طور دعوت ملي هئي. منهنجي لاءِ اها وڏي نوازش ۽ انعام هو. انهن ڏينهن ۾ ڪيولري رجمينٽ جي ميس ڪنهن به نوجوان جي اک آڏو ڏاڍو متاثر ڪندڙ منظر پيش ڪندي هئي. تمام سهڻيون ۽ نيريون پوشاڪون پهريل ويهه يا ٽيهه آفيسر هڪ ٽيبل جي چوڌاري ويهندا هئا. گذريل ٻن سو سالن دوران راندين ۽ معرڪن ۾ انهيءَ رجمينٽ پاران حاصل ڪيل ٽرافيون ۽ ڪپ ٽيبل جي وچ تي سجايل هوندا هئا. مانيءَ وقت ميس ڪنهن شاهي ضيافت جو منظر پيش ڪندي هئي. مانيءَ دوران ادب آداب ۽ دٻيل نظم وضبط سان گڏوگڏ شين جي ڪثرت ۽ آب تاب جو وڏي پيماني تي مظاهرو ٿيندو هو ۽ رجمينٽ جون خاص ڌنون به پيون وڄنديون هيون. منهنجو اتي تمام خوشگوار انداز ۾ آدرڀاءُ ڪيو ويو. مون اتي تمام احتياط ۽ نيازمندي جو مظاهرو ڪيو ته مونکي پوءِ به ڪيترا دفعا اتي دعوت ملي. ڪجهه مهينن کان پوءِ منهنجي ماءُ مونکي ٻڌايو ته ڪرنل بريبازن کي ڏاڍي ڳڻتي آهي ته آءٌ سندس رجمينٽ ۾ شامل ٿيان پر منهنجي پيءُ ناڪار ڪري ڇڏيو آهي. حالتن مان لڳو پئي ته هن کي اڃا يقين هو ته هو پنهنجو اثر رسوخ هلائي مونکي انفنٽريءَ ۾ ڪميشن ڏيارائي ويندو. ڊيوڪ آف ڪوناٽ 60th Rifles مان منهنجي تبديليءَ تي به ناراضگي ظاهر ڪئي هئي ۽ انهيءَ ڳالهه جو اظهار ڪيو هئائين ته ڪي اهڙا طريقا به آهن جن جي مدد سان وقت اچڻ تي دشوارين تي حاوي ٿي سگهجي ٿو. اهي ڳالهيون هلندي منهنجي پيءُ خط لکيو هو: ”مونکي خبر آهي ته بريبازن آرميءَ جو هڪ بهترين سپاهي آهي پر کيس انهيءَ ڳالهه سان ڪو واسطو نه آهي ته انهيءَ ڇوڪري جو چوٿين حصار رجمينٽ ۾ وڃڻ بابت مٿو ڦيرائيندو وتي.“
پر اهو مٿو ته پڪي پُختي نموني ڦري چڪو هو. منهنجو پيءُ جڏهن آخري دفعو گهر آيو ته منهنجي معاملن ۾ ڪابه دلچسپي نه وٺي سگهيو. منهنجي ماءُ کيس تفصيلي طور ٻڌايو ته حالتون ڪهڙو رخ اختيار ڪري ويون آهن. هو هاڻي منهنجي ڪيولري آفيسر ٿيڻ تي بلڪل راضي ۽ خوش ڏسڻ ۾ پئي آيو. حقيقت اها آهي ته هن مون سان جيڪي آخري لفظ ڳالهايا هئا اهي هي هئا: ”تون گهوڙا وٺي ڇڏيا آهن؟“

****

منهنجو پيءُ 24-جنوري صبح جو سوير فوت ٿي ويو. انهيءَ رات آءٌ ڀر واري گهر ۾ سمهيل هوس. اتان مونکي نياپو موڪلي گهرايو ويو ته گروس وينر اسڪئائر مان اوندهه ۾ ڊوڙندو آيس. اهو انهيءَ وقت برف سان ڍڪيو پيو هو. هن جو آخري وقت بلڪل آرام سان ٿيو. حقيقت ۾ هو گهڻي وقت کان غشيءَ ۾ هو. منهنجا ڪيترائي خواب هئا ته هن سان دوستاڻو تعلق رکندس، پارليامينٽ جو ميمبر ٿي هن سان گڏ پارليامنيٽ ويندس ۽ هن جي مدد ڪندس. اهي سڀ خواب چڪنا چور ٿي ويا. هاڻي منهنجي لاءِ اها ئي ڳالهه باقي رهي هئي ته سندس ارادن جي حاصلات ۾ لڳو رهان ۽ هاڻي آءٌ وڏي حد تائين پنهنجي قسمت جو پاڻ مالڪ هوس. منهنجي ماءُ مدد ۽ مشوري لاءِ هر وقت موجود هوندي هئي. پر هاڻي آئون عمر جي ايڪيهين سال ۾ هوس ۽ هوءَ والديني ڪنٽرول وارو حق استعمال ڪرڻ جي ڪڏهن به ڪوشش نه ڪندي هئي. حقيقت اها آهي ته هوءَ جلد ئي منهنجي پُرجوش حمايتي ٿي پئي ۽ پنهنجو اثر رسوخ ۽ بي انداز توانائي ڪم آڻيندي منهنجي منصوبن کي اڳتي وڌائيندي هئي ۽ منهنجن مفادن جو تحفظ ڪندي هئي. هو چاليهن ورهين جي ڄمار ۾ به جوان خوبصورت ۽ پُرڪشش ڏسڻ ۾ ايندي هئي. اسين ماءُ پٽ کان وڌيڪ ڀاءُ ڀيڻ وانگر گڏجي برابريءَ جي بنياد تي ڪم ڪندا رهياسين. گهٽ ۾ گهٽ مونکي ائين لڳندو هو ۽ آخر تائين ائين ئي معاملو هلندو رهيو.

****

مارچ 1895ع ۾ منهنجي چوٿين حصار رجمينٽ ۾ وڃڻ جي خبر گزيٽ ۾ اچي وئي. آءٌ پيش بندي ڪندي ڇهه هفتا اڳ وڃي رجمينٽ جي دخلڪار ٿيس ۽ فوراً ٻين سالٽرن آفيسرن سان گڏ ريڪروٽ آفيسر واري سخت ۽ محنت طلب ٽريننگ تي لڳي ويس. هر روز ڏينهن جو وڏو حصو رائيڊنگ اسڪول، اصطبل يا بيرڪ اسڪئائر تي گذرندو هو. منهنجا جيئن ته گهوڙيسواريءَ جا ٻه ڊگها ڪورس اڳ ئي ٿيل هئا تنهنڪري رائيڊنگ اسڪول لاءِ منهنجي چڱي تياري ٿيل هئي. پر آءٌ اها ڳالهه واضح ڪري ڇڏيان ته فوجي گهوڙيسواريءَ جي لحاظ کان چوٿين حصار رجمينٽ ۾ جيڪا سختي آهي اهڙي مون اڳ ۾ ڪڏهن نه ڏٺي هئي.
انهن ڏينهن ۾ اصول هوندو هو ته نئين داخل ٿيل آفيسر کي پهريان ڇهه مهينا ريڪروٽ واري ٽريننگ ڪرائي ويندي هئي. هو عام سپاهين سان گڏ گهوڙيسواري ۽ ڊرل ڪندو هو ۽ کيس بلڪل انهن جهڙي سکيا ۽ تربيت ڏني ويندي هئي. رائيڊنگ اسڪول ۾ قطار جي منڍ ۾ يا پريڊ جي ميدان تي دستي جي ساڄي پاسي ۾ کيس سپاهين لاءِ مثال قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻي پوندي هئي. اهو ڪم هر وقت نمايان ڪاميابيءَ سان سرانجام ٿيڻ ممڪن نه هوندو هو. ڊُگ يارلي ۾ هلندڙ گهوڙي تي چڙهڻ يا لهڻ، ڪڏهن بغير رڪين ته ڪڏهن زين کان سواءِ ئي High Bar تان گهوڙي کي ٽپ ڏيارڻ-ائين ڪرڻ دوران ڪڏهن ڪڏهن ته هٿ به پوئتي ٻڌل هجن يا گهوڙي جي اگهاڙي پٺيءَ تي ويهي گهوڙي کي چوتال ڊوڙائيندو وڃڻ دوران ضرور ڪي حادثا به ٿي پوندا هئا. ڪيترا دفعا ائين به ٿيو هوندو ته آءٌ رائيڊنگ اسڪول ۾ گهوڙيسواري ڪندي گهوڙي تان ڪري پيو هوندس ۽ جسم سور ۾ ڏکندو پيو هوندو پر پنهنجي انداز ۾ وڌ کان وڌ وقار ۽ فضيلت آڻيندي سونهري ڌاڳن سان مڙهيل ٽوپي کڻي وري مٿي تي رکي ڇڏي هوندم ۽ منهنجي حالت ڏسي ويهه ريڪروٽ لِڪي لِڪي پر دل کولي کلندا هوندا ته انهن جو آفيسر به ساڳيون تڪليفون پيو سهي جيڪي بار بار سهڻ سندن مقدر ٿي ويون آهن. منهنجي بدقسمتي جو انهن ڪارواين جي شروعاتي ڏينهن ۾ ئي منهنجي اها مُشڪ ڇڪجي پئي جنهن تي گهوڙي تي گرفت رکڻ جو دارومدار هوندو آهي. انهن ڏينهن ۾ گيلوانڪ (Galvanic) علاج اڃا دريافت نه ٿيو هو تنهنڪري سور ۽ تڪليف هوندي به پيو گهلجڻ کان سواءِ ڪو چارو ئي نه هوندو هو ۽ جيڪڏهن هڪ ڏينهن به ڪم جي موڪل گهربي هئي ته ڪم چور سمجهيو ويندو هو.
اسان جي رجمينٽ جو رائيڊنگ ماسٽر جوڪو جي نالي سان مشهور هوندو هو. کيس خوفناڪ ظالم حڪمران وارا طور طريقا اختيار ڪرڻ ۾ ته هونئن ئي مهارت حاصل هئي پر هو انهن هفتن دوران ڪو ڏاڍو چيڙاڪ طبيعت جو ٿي پيو هو. هڪ سيئنر سبالٽرن ايلڊرشاٽ ٽائيمز ۾ اشتهار جي صورت ۾ هي ٽوٽڪو ڇپرايو هو: ميجر--، گهوڙيسواري جو پروفيسر، ايسٽ ڪيولري بيرڪس، شڪار ٻارنهن سبقن ۾ سيکاري ڇڏيائين ۽ اسٽيپل چيز ارڙهن هفتن ۾. انهيءَ ڪري مٿس ٺٺول جو مينهن وسي پيو هو ۽ شايد اهو ئي سبب هو جو سندس رائيڊنگ اسڪول جي ڪلاس مان ڪنهن ماڻهو جي چپن تي ڪا خفيف مسڪراهٽ ئي ظاهر ٿيندي هئي ته هو سمجهندو هو ته اهو ماڻهو مٿس پيو کِلي.
بهرحال ڪجهه حدن ۾ رهندي آءٌ انهيءَ ڳالهه جو وڏو حامي آهيان ته نوجوانن کي وڏي خوشيءَ سان سادي زندگي گذارڻ سيکارجي. باقي نه ته هاڻي منهنجي سامهون ڏاڍي خوشين ڀري ۽ نوابي انداز واري زندگيءُ جا در کلي پيا هئا. رائيڊنگ اسڪول مان فارع ٿيڻ کان اڳ ئي نوجوان آفيسرن کي پنهنجن سپاهين سان گڏ ايڪسرسائيز يا روٽ مارچ تي وڃڻ جي اجازت ملي وئي هئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته اهي ڊرل ڪندا به هليا ويندا هئا. ڪيولري جو اسڪواڊرن پنهنجي پوري آب تاب ۽ سازن جي جهڻڪار سان ڊُگ ۾ مشقون پيو ڪندو آهي ته ان کي ڏسڻ جو پنهنجو مزو هوندو آهي. اهي ساڳيون مشقون جڏهن ڊيگ بجاءِ چوتال ۾ ٿينديون آهن ته ڏسندڙ جوش ۽ خوشيءَ ۾ ڀرجي ويندو آهي، گهوڙن جي چرپر، انهن جي سازن جي جهڻڪار، گهوڙن جي آرائشي کنڀن جو لڏڻ ۽ لمڻ، هڪ جاندار مشين جو حصو هئڻ جو احساس ۽ وردي پوش سپاهين جو وقار اهي سڀ شيون گڏجي ڪيولري ڊرل کي هڪ عاليشان شيءِ بڻائي ڇڏينديون آهن.
هتي مون کي ناواقف پڙهندڙ جي فائدي لاءِ اها ڳالهه سمجهائي ڇڏڻ گهرجي ته ڪيولري وارا مشق ڪالم (Column) جي صورت ۾ ڪندا آهن ۽ جنگ وقت صف (line) ۾ هوندا آهن. اهي ڊرل ڪرڻ وقت جلدي جلدي جايون تبديل ڪندا ويندا آهن ۽ هڪ ترتيب (Formation) کان ٻي ترتيب ۾ ايندا ويندا آهن. ڪيولري جي وڏن دستن تي به اهي اصول لاڳو ٿين ٿا. ڪيولري جي رجمينٽ، برگيڊ کان ويندي ڊويزن کي به ناقابل يقين حد تائين مختصر وقت ۾ ڪيولري جي سڀ کان وڏي ترتيب يعني چارج (Charge) لاءِ تيار ڪري سگهجي ٿو.
هاڻي جنگ جي لالچي، گيدي ۽ موقع پرستاڻي ڊوڙ ۾ انهن سڀني ڳالهين جو بيڪار ٿي وڃڻ ڏاڍي شرم جهڙي ڳالهه ٿي لڳي. جنگ هاڻي عينڪون پاتل ڪيمسٽن ۽ جهازن يا مشين گنن جا ليور ڇڪيندڙ ڊرائيورن جي هٿن ۾ وڃي پئي آهي. پر سن 1895ع ۾ ايلڊر شاٽ ۾ اهڙيون ڪي به آفتون انسانذات تي نه ڪڙڪيون هيون. ڊريگون، لانسر ۽ سڀ کان وڌيڪ جيئن اسين سمجهندا هئاسين حصار رجمينٽن کي اڃا تائين جنگ جي ميدان ۾ روايتي عزت وارو مقام حاصل هو. جنگ جيڪا اڳ بيرحمي ۽ شان شوڪت وارو ڪم هوندو هو اهو هاڻي بيرحمي ۽ گندگيءَ جي مترادف ٿي ويو آهي. حقيقت اها آهي ته جنگ وارو ڪم هاڻي مڪمل طور بگڙجي ويو آهي. اهو سمورو جمهوريت ۽ سائنس جو ڏوهه آهي. جڏهن کان انهن ٻنهي کي سچي پچي جنگ ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏني ويئي آهي تڏهن کان جنگ جي نصيب تي مهر لڳي وئي آهي. اڳ ۾ جنگ ائين ٿيندو هو ته تربيت يافته پيشور سپاهين جو ننڍڙو انگ پنهنجي ملڪ جي موقف جي حمايت ۾ قديم هٿيارن سان قديم جنگي چالون ڪم آڻيندي وڙهندو هو ۽ سندس قوم به هر گهڙي کين داد ۽ شاباس ڏيندي سندن همت وڌائيندي هئي. هاڻي عورتن ۽ ٻارن سميت ملڪن جون سموريون آباديون جنگ ۾ هڪٻئي جي سامهون ٿي هڪٻئي کي بيرحمي سان ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون ۽ پوئتي فقط ڪجهه چُنجهين اکين وارا ڪلارڪ قاصائي جو حساب ڪتاب ڪرڻ لاءِ باقي رهن ٿا. جڏهن کان جمهوريت کي جنگ جي ميدان تي اچڻ ڏنو ويو آهي يا کڻي چئجي ته زوري گهڙي آئي آهي تڏهن کان جنگ شريفاڻو ڪم نه رهي آهي.
انهن سڀني ڳالهين جي باوجود 1890ع واري ڏهاڪي ۾ جنرل لڪ Luck- انسپيڪٽر جنرل- کي ٽيهن يا چاليهن اسڪواڊرن تي ٻڌل ڪيولري ڊويزن کي مشقون ڪرائيندي ڏسڻ ڏاڍي مزي جي ڳالهه هوندي هئي. اها ڊويزن نظم و ضبط جي لحاظ کان هڪ يونٽ ڏسڻ ۾ ايندي هئي. اهي سپاهي جڏهن تياريءَ واري تربيت ۾ هوندا هئا ۽ پوءِ انهن کي 15 ڊگرين جي ڪنڊ ٺاهيندي فرنٽ ۾ تبديل ڪرڻ جو حڪم ملندو هو ته سڀ کان آخر واري برگيڊ کي مٽيءَ جي ڪڪر ۾ ٻه ميل ڊوڙڻو پوندو هو. مٽيءَ جو اهو ڪڪر ايترو ته گهاٽو هوندو هو جو پنج وال اڳتي ڪابه شيءِ نظر نه ايندي هئي. اهڙي صبح واري ڊرل ۾ ويهارو کن ماڻهن جو گهوڙن تان ڪرڻ ۽ ڇهه کن حادثا معمول جي ڳالهه هوندا هئا ۽ آخرڪار جڏهن لائين ترتيب وٺي بيهندي هئي ۽ رجمينٽ يا برگيڊ کي چارج جو حڪم ملندو هو ته ماڻهو جوش ۽ خوشيءَ ۾ ڀرجي رڙيون ڪرڻ کانسواءِ نه رهي سگهندو هو.
پوءِ جڏهن اسين بيرڪن ۾ واپس پهچندا هئاسين ته اهي ڳالهيون سوچي منهنجا اهي جذبا ٿڌا ٿي ويندا هئا ته جرمنن وٽ ته اسان جي انهيءَ سڪيلڌي ڊويزن جهڙيون ويهه شاندار ڊويزنون آهن.
راڻي وڪٽوريا پاران فوج جي سلامي وٺڻ وقت به پريڊ جا شاندار مظاهرا ڏسڻ ۾ ايندا هئا. هوءَ سلاميءَ واري جاءِ تي پنهنجي گاڏيءَ ۾ ويٺي هوندي هئي ۽ 25000 سپاهين تي مشتمل سموري ايلڊرشاٽ گيريسن جا گهوڙيسوار، پيادا، توپخاني، انجنيئر ۽ سروس ڪور جا ماڻهو نيرن، سونهري ۽ قرمزي لباسن ۾ سندس سامهون تجلا ڏيندڙ وهڪري جي صورت ۾ وهندا ويندا هئا. هاڻي مون کي اها ڳالهه ڏاڍي غلط لڳندي هئي ته فرانس، جرمني، آسٽريا ۽ روس جهڙيون يورپي طاقتون پنهنجن ملڪن ۾ ساڳئي ڏينهن ويهن مختلف جاين تي اهڙا مظاهرا ڪري سگهنديون. آءٌ سوچيندو هوس ته اسان جا مدبر ڪو اهڙو انٽرنيشنل ڪنوينشن ڇو نه ٿا ٺاهين جنهن جي روء سان اولمپڪ راندين وانگر هر ملڪ کي جنگ جي صورت ۾ برابر جي بنيادن تي نمائندگي ڏني وڃي. اهڙي طرح اسين آرميءَ جي هڪ مڪمل ڪور (Crops) جي ذريعي جنهن ۾ هر نسل جا بهترين ماڻهو شامل هجن دنيا تي حاڪميت جو مسئلو حل ڪري سگهون ٿا. پر وڪٽوريائي دور جا وزير ايترا حوصلي مند نه هئا. انهن پنهنجو موقعو هٿان وڃائي ڇڏيو. اڳ ۾ جنگ ماهرن ۽ مناسب نموني ترتيب ورتل ماڻهن جي هٿن ۾ هوندي هئي جيڪي جنگ بابت سڀ ڪجهه ڄاڻندا هئا. انهن وزيرن انهي جنگ کي اهڙن ماڻهن جي هٿن مان ڪڍي ان کي فقط ماڻهن، مشنري ۽ مايا تي دارومدار رکندڙ هڪ بڇڙو ڪم بڻائي ڇڏيو آهي.
اسان مان جيڪي ماڻهو سمجهي ويا هئا ته جنگ ڪهڙي هيٺانهين درجي تي وڃي پهتي هئي اهي هاڻي لازماً انهيءَ نتيجي تي پهچي رهيا هئا ته هاڻي يورپ ۾ ٿيندڙ ڪنهن به ٽڪراءَ ۾ برطانوي فوج ڪوبه حصو نه وٺندي. اسان حصو به ڪهڙن افعالن تي وٺنداسين جو اسانجي سموري ڪائنات آرمي جي هڪ ڪور جنهن ۾ هڪ ڪيولري ڊويزن آهي. باقي ڏئي وٺي وڃي مليشيا- سندس سربخت جو خير هجي- ۽ رضاڪار بچن ٿا. حقيقت اها آهي ته 1895ع واري دور ۾ جنگ جو شيدائي ڪوبه ليفٽيننٽ ۽ ايلڊرشاٽ ڪمانڊ جو ڪو به وڙهسان وڙهسان ڪندڙ اسٽاف آفيسر اها ڳالهه مڃي ئي نه ها ته اسان جي ننڍڙي آرمي وري ڪڏهن يورپ ۾ ڪنهن جنگي محاذ تي مڪلي ويندي. انهيءَ هوندي به هڪ اهڙو ڏينهن اچڻو هو جڏهن ڪيولريءَ جو هڪ ڪيپٽن، هيگ نالي، جيڪو لانگ ويلي تي اسان سان گڏ ڊرل ڪندو هو، محسوس ڪندو ته مرڪز کان هن وٽ ڪمڪ نه ٿي پهچي ڇاڪاڻ ته هڪ اهم جنگي معرڪي لاءِ هن وٽ چاليهن برطانوي ڊويزنن کان وڌيڪ فوج نه آهي. حالت اها هوندي ته فرسٽ آمريڪن آرمي ڪور هن سان گڏ هوندي مجموعي طور ڇهه لک ماڻهو ۽ چار سو آرٽلري برگيڊ هن سان گڏ هوندي.
آءٌ سوچيندو آهيان ته ڇا اسان جي ٻئي ڪنهن نسل انگن اکرن ۽ مقدارن جا اهڙا عقل چرخ ڪندڙ ڦيرا ڏٺا هوندا جهڙا اسين پيا ڏسون. جنهن به مادي يا مڃيل حقيقت بابت منهنجي ذهن ۾ اها ڳالهه ويهاري وئي هئي ته اها مستقل ۽ نهايت اهميت واري آهي اها هاڻي مستقل نه رهي آهي ۽ پنهنجو وجود وڃائي ويٺي آهي ۽ جن به ڳالهين جي ناممڪن هئڻ بابت مونکي پڪ هئي يا مونکي اهو سيکاريو ويو هو ته اهي ناممڪن آهن اهي اڄ واقع ٿي ويون آهن.

****

ڪرنل بريبازون هڪ کُٽل آئرستاني زميندار هو جنهن جي زندگي برطانوي فوج ۾ گذري هئي. هو ايودا[1] (Ouida) جي هيرن (Heroes) جي هڪ مثالي صورت هوندو هو. هو 1860ع واري ڏهاڪي جي شروعات ۾ Grenadier Guards ۾ نوڪري جي شروعات ڪرڻ کان وٺي فيشن جي دنيا ۾ اڳ کان اڳرو رهيو هو. هو لنڊن جي اعلى طبقي جو هڪ سڀ کان روشن ۽ چمڪدار فوجي ستارو هو ۽ پرنس آف ويلز جو زندگيءَ ڀر جو گهاٽو دوست رهيو هو. شاهي دربار هجي، ڪلب هجي، ريس ڪورس هجن يا شڪار جا ميدان هن کي هر جاءِ تي تمام برتر شخصيت تسليم ڪيو ويندو هو. هو جيتوڻيڪ سموري عمر ڪنوارو رهيو هو پر ڪنهن به لحاظ کان زن بيزار شخص نه هو. نوجواني ۾ ته هو لازماً خوش شڪل رهيو هوندو. هن جو قد بلڪل ايترو هو جيترو ڪنهن مرد جو هئڻ گهرجي. هو حقيقت ۾ ڇهه فوٽ نه هو پر لڳندو ڇهن فوٽن جو هو. هاڻي پنهنجي عمر جي بهترين دور ۾ هو ڏاڍو شاندار لڳندو هو. سندس اڀريل متناسب منهن مهانڊي، سفيد چمڪندڙ اکين ۽ مضبوط ڄاڙيءَ تي سندس شهپر ڏاڍا ٺهي بيهندا هئا. انهن شهپرن کي جيڪر قيصر به پنهنجو ناممڪن الحصول سمجهي ها. انهيءَ سان گڏوگڏ هو پاڻ کي اڳئين نسل وارن طرحدار جوانن وارا انداز ۽ آداب رکندو هو. سندس هڪ عجيب ڳالهه اها هئي ته هو انگريزي اکر `R` اُچاري نه سگهندو هو. اها خبر نه آهي ته اهو پيدائشي عارضو هوس يا پاڻ اختيار ڪيو هئائين. مجلس سُلجهيل ماڻهن جي هجي يا غير سلجهيل. سندس غير معمولي شخصيت ڪٿي به مونجهاري جو شڪار نه ٿيندي هئي.
سندس فوجي نوڪريءَ جو عرصو تمام ڊگهو ۽ تمام رنگارنگ گذريو هو. هن کي ڇهن سالن جي نوڪريءَ کان پوءِ تمام سخت مالي مشڪلات جي سبب گرينيڊيئر گارڊس کي ڇڏڻو پيو هو ۽ سخت تڪليفن جي دور مان گذريو هو. هن 1874ع واري ”اشنتي ڪئمپئن (Ashanti Campaign) ۾ جينٽلمين والنٽيئر طور ڪم ڪيو هو. هتي هن پاڻ کي ايترو ته نمايان ڪري ڏيکاريو جو اعلى حلقن ۾ ڏاڍي مضبوط تحريڪ شروع ٿي ته سندس ڪميشن بحال ڪئي وڃي. اهڙي عنايت اڳ ۾ ورلي ڪنهن تي ٿي هئي پر في الحقيقت هن تي ڪئي وئي. پرنس آف ويلز کي انهيءَ ڳالهه جو ڏاڍو فڪر هو ته هو سندس پنهنجي رجمينٽ –ڏهين حصار- ۾ مقرر ٿئي. اها انهن ڏينهن ۾ آرمي جي شايد سڀ کان امتيازي حيثيت واري رجمينٽ هوندي هئي. پر جيئن ته فوري طور ڪا جاءِ خالي نه هئي. تنهنڪري کيس وچ واري عرصي لاءِ لائين (Line) جي انفنٽري رجمينٽ ۾ مقرر ڪيو ويو. هن کان جڏهن پڇبو هو ته ”بريب! هاڻي ڪهڙي رجمينٽ ۾ آهين؟“ ته جواب ڏيندو هو : ”مون کي صحيح ياد نه آهي پر انهن جي بيرڪن جون مهاڙيون سائي رنگ جون آهن ۽ واٽرلو کان ويندي توهان اتي پهچي سگهو ٿا.“
پوءِ وارن سالن ۾ هن هڪ دفعو ايلڊرشاٽ جي اسٽيشن ماستر کان پڇيو هو ته ”لنڊن واري ٽرين ڪٿي آهي؟“ ”اها وئي هلي ڪرنل“، ”وئي هلي! ٻي آڻاءِ نه“.
هو آخرڪار ڏهين حصار رجمينٽ ۾ آيو ۽ 1878ع ۽ 1879ع ۾ افغان جنگ ۾ خدمتون سرانجام ڏئي وڏو نالو ڪڍيائين ۽ پوءِ 1884ع ۾ ساڪم (Suakim)[2] جي آسپاس شديد لڙائي ۾ پڻ حصو ورتائين. هن کي جيئن ته جنگ ۾ حصو وٺڻ تي ٻه دفعا بريويٽ (Brevet)[3] مليون هيون تنهنڪري هو فوجي عهدي جي لحاظ کان حقيقت ۾ پنهنجي ڪرنل کان سينئر هو. انهيءَ مسئلي ڏاڍي پريشان ڪن صورتحال پيدا ڪري وڌي ۽ اهڙي صورتحال فقط انهن ڏينهن جي برطانوي فوج ۾ ئي پيدا ٿي سگهي پئي. ڏهين حصارز جي ڪرنل کي هڪ دفعو بريبازون جي اسڪواڊرن ۾ ڪا خامي ڏسڻ جو موقعو ملي ويو ۽ هن پنهنجي ناپسنديدگي ايتري حد تائين ڏيکاري جو انهيءَ کي واپس بيرڪن ۾ وڃڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيائين. بريبازون لاءِ اها سخت شرمندگيءَ جهڙي ڳالهه هئي. بهرحال ڪجهه هفتا پوءِ ڪجهه فوجي مشقن لاءِ ڏهين حصارز رجمينٽ وڃي ٻي ڪنهن ڪيولري رجمينٽ سان گڏ هڪ برگيڊ جو حصو ٿي. انهيءَ صورت ۾ رجمينٽ واري سينئارٽي لاڳو نه هئي ۽ اعزازي فوجي عهدن جي بنياد تي برگيڊ جي ڪمان پاڻمرادو بريبازون جي هٿن ۾ اچي وئي. هاڻي بريبازون جو ڪمانڊنگ آفيسر سندس سامهون سندس ماتحت ٿيو بيٺو هو ۽ هن ڪجهه وقت اڳ جيڪي ڳالهيون ۽ شرمسار ڪندڙ جملا ٻڌا هئا اهي ئي هتي ورجايائين ۽ ”پنهنجي رجمينٽ ۾ واپس وٺي وڃو سر!“ جو حڪم ڏيندي ڳالهه ختم ڪيائين. آرميءَ جي فيشني طبقي ۾ انهيءَ واقعي جو ڏاڍو ذڪر هليو هو. انهيءَ ڳالهه کان ڪنهن کي به انڪار نه هو ته قانون بريبازون جي حمايت ۾ هو. انهن ڏينهن ۾ ماڻهو ڏاڍي بي لچڪ نموني پنهنجا حق مڃرائيندا هئا. هاڻي اها ڳالهه مناسب نه ٿي سمجهي وڃي. انهي معاملي بابت بهرحال ٻه رايا موجود هئا.
جيئن ته اها ڳالهه واضح هئي ته هو پنهنجي رجمينٽل سينئارٽي جي بنياد تي ڏهين حصارز جي ڪمان نه ڪري سگهي ها تنهنڪري وار آفيس (War Office) کيس 1893ع ۾ چوٿين حصارز جي ڪمان جي آڇ ڪئي. اها ڳالهه خود انهي رجمينٽ جي سينئر آفيسرن لاءِ شرم جو باعث ٿئي ها ڇاڪاڻ ته ڪا به رجمينٽ انهيءَ ڳالهه کي پسنديدگيءَ جي نظر سان نه ڏسندي آهي ته ڪو ٻاهريون ماڻهو انهن کي ”ٺيڪ ڪرڻ“ جي ارادي سان انهن جي رجمينٽ ۾ اچي. هاڻي اهو زبردست ڪرنل جڏهن تمغن ۽ بڪلن سان سينگارجي پنهنجي سموري فوجي ۽ سماجي وجاهت سان گڏ پنهنجي ڏهين حصارز کان به وڌيڪ طويل روايتون رکندڙ رجمينٽ جي پهريون دفعو ڪمان سنڀالڻ آيو هوندو ته اتي اندروني طور ڏاڍي ڇڪتاڻ ته ضرور پيدا ٿي هوندي. بريبازون نئين رجمينٽ ۾ ٺهي هلڻ جي ڪوشش به نه ڪئي. ان جي ابتڙ هن وڏي اعتماد جو مظاهرو ڪيو. جنهن جي سبب سڀ ماڻهو نه فقط سندس مڪمل فرمانبردار ٿي پيا پر ڪيپٽن ۽ سبالٽرن ته سندس ڏاڍي واکاڻ ڪرڻ لڳا. ڪجهه سينئرن کي بهرحال پنهنجو مقام ياد ڏياريو ويو. هڪ رات هن تيز مزاج ميس پريزيڊنٽ کان اهو به پُڇي ورتو ته: ”۽ توهان ڀلا هيءَ شامپين ڪهڙي ڪيمسٽ کان وٺندا آهيو؟“
منهنجي نظر ۾ نوڪريءَ جي معاملن کان سواءِ جن ۾ هو ڊسيپلين جو تمام خيال رکندو هو باقي ٻين ڳالهين ۾ هو تمام وڻندڙ طبيعت جو مالڪ هو. پر مون جلد ئي اها ڳالهه محسوس ڪري ورتي ته جنگ، شڪار، مذهب، غير مذهب، ۽ ميس ۾ ٿيندڙ گفتگو جو اهم حصو رهندڙ اهڙن هڪ يا ٻن موضوعن کان سواءِ ڪرنل ڪافي وسيع مطالعو پڻ ڪيو آهي. مثال طور مون جڏهن هڪ دفعو گفتگو دوران “God tempers the wind for the shorn lamb” چيو ته ڪرنل مون کان پڇيو ته ”اها سٽ ڪٿان آندي اٿئي؟“ مون ڪجهه اطمينان سان جواب ڏنو ته اها سٽ جيتوڻيڪ بائيبل ڏانهن منسوب سمجهي وڃي ٿي پر اها حقيقت ۾ اسٽرن جي[4] (Sentimental Journey) ۾ آيل آهي. ”تو اهو ڪتاب پڙهيو آهي؟“ هن ڏاڍي معصوميت سان پڇيو؟ چڱو ٿيو جو آءُ فطري طور سچ ڳالهائيندڙ آهيان ۽ اهو اعتراف ڪري ورتم ته مون اهو ڪتاب نه پڙهيو هو. پوءِ خبر پئي ته اهو ڪتاب ڪرنل جي خاص طور پسنديده ڪتابن مان هڪ هو.
ڪرنل جي طبيعت ۾ ڪجهه ڳالهيون سندس مقبوليت کي نقصان رسائيندڙ پڻ موجود هيون. مون پاران رجمينٽ ۾ جئائن ڪرڻ کان جلد ئي پوءِ هو سر ايولين ووڊ جهڙي شخصيت سان ٽڪراء ۾ اچي ويو. تڏهن ايلڊرشاٽ جي ڪمان سندس هٿن ۾ هئي. بريبازون رجمينٽ جي ورڪنگ يونيفارم ۾ ڪيتريون ئي ننڍيون ننڍيون تبديليون آنديون. انهن مان اڪثر تبديليون عملي طور ڏاڍيون موزون ۽ مناسب به هيون. مثال طور هن ڊرل لاءِ سونهري جهالرن بجاءِ هيڊي رنگ جون پٽيون مروج ڪيون. اهي ڳالهيون ته بجاءِ خود ٿيون پر هو پاڻ ٽيهن سالن کان وڌيڪ عرصي کان پنهنجي هيٺين چپ تي ننڍڙي امپيريئل ڏاڙهي رکندو پئي آيو. اها ڳالهه Queen’s Regulations جي سيڪشن ستين جي خلاف هئي جنهن مطابق: ”کاڏي ۽ هيٺين چپ کي صافي ڏني ويندي“. پر ٽيهن ورهين جي جنگ توڙي امن جي زماني ۾ ڪنهن به اعليٰ اختياريءَ بريبازون جي امپيريئل کي للڪارڻ جي جرائت نه ڪئي هئي. هو انهيءَ کي هڪ تسليم شده رعايت ۽ اداري طور قائم رکندو پئي آيو ۽ انهيءَ تي کيس تمام گهڻو ناز هو. هاڻي هن جيئن ئي پنهنجي رجمينٽ ايلڊرشاٽ جي ڪمانڊ هيٺ آندي ته سر ايولين به اها ڳالهه ثابت ڪري ڏيکارڻ لاءِ اتاولو ٿي بيهي رهيو ته هو به ڪنهن جو لحاظ رکڻ وارو ماڻهو نه آهي. پتلونن تي هيڊي رنگ جون پٽيون غائب ٿي ويون، رجمينٽ سرج جي سئيٽرن ۾ ڊرل ڪرڻ جي عادي ٿي وئي هئي انهن کي نيڪالي ڏني وئي ۽ پراڻي دور واريون سونهري جهالرون ۽ ڪپڙي جون سوڙهيون جيڪٽون واپس اچي ويون. ڪرنل کي اهي حڪم مجبوراً مڃڻا پيا پر هن پنهنجون شڪايتون غير سرڪاري طور وار آفيس پهچايون. انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته سندس کنيل قدمن ۾ معقوليت موجود هئي ۽ اها ڳالهه سندس فائدي ۾ وڃي رهي هئي. حقيقت اها آهي ته اهي معقول ۽ ڪفايتي تبديليون پوءِ هڪ سال جي اندر ئي سموري آرميءَ ۾ لازمي طور لاڳو ڪيون ويون. پر تڏهن وار آفيس يا لنڊن ۾ به ڪنهن کي سر ايولين جي حڪم کي نظرانداز ڪرڻ جي جرائت نه هوندي هئي جو سندس هر ڳالهه ۾ ڪئينز ريگيوليشن جو حوالو موجود هوندو هو. سر ايولين کي جيئن ئي خبر پئي ته بريبازون سندس فيصلن تي تنقيد ڪئي آهي ته هن دليراڻو قدم کڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو. هن ڪرنل ڏانهن لکت ۾ حڪم موڪليو ته سڀاڻي پريڊ تي هو پنهنجي ڏاڙهيءَ کي قاعدن موجب صافي ڏياري اچي. اها ڏاڍي بيعزتي جهڙي ڳالهه هئي پر بريبازون وٽ اهو حڪم مڃڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ئي نه هو. انهيءَ رات هن اها قرباني ڏني ۽ ايندڙ صبح جو ڏاڍو بدشڪلو ٿي پنهنجن سپاهين جي سامهون آيو. اهو منظر ڏسي انهن جو حيرت ۾ وات پٽجي ويو ۽ اصل حقيقت ٻڌڻ کان پوءِ کين ڏاڍو صدمو رسيو. ڪرنل انهيءَ صورتحال جو ايترو ته دل تي اثر ورتو جو هن پوءِ ڪڏهن به انهيءَ واقعي بابت هڪ لفظ به وات مان نه ڪڍيو ۽ سواءِ ڪنهن ضروري سرڪاري ڪم جي هن سر ايولين وُوڊ سان وري ڪڏهن به نه ڳالهايو.
هاڻي مون کي اهڙي شخص جي ماتحتي ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو هو ۽ جيڪو پوءِ پنهنجي زندگيءَ جا باقي ويهه سال منهنجو گهاٽو دوست ٿي رهيو. ڪرنل سياسي طور تمام پڪو ٽوري (Tory) هو. پروٽيڪشن، لازمي فوجي ڀرتي ۽ Contagious Diseases Act کي نئين سر جاري ڪرڻ اهي سندس اهم ۽ بنيادي متا هوندا هئا. هو حڪومتن ۽ سياستدانن کي انهيءَ پيماني تي پرکيندو هو ته اهي سندس پروگرام سان ڪيتري قدر هم آهنگي رکن ٿيون. پر سياست، فري ٽريڊ بابت تنازعو، لائيڊ جارج واري بجيٽ توڙي السٽر وارو جهيڙو ڪا به ڳالهه اسانجن لاڳاپن کي ختم نه ڪري سگهي.

* * * *

سن 1895ع واري اونهاري ۾ اسين سڀ اها خبر پڙهي ڏاڍا خوش ٿياسين ته هائوس آف ڪامنز ۾ Home Rule Government کي شڪست اچي وئي آهي ۽ لارڊ سالسبري ٻيهر حڪومت ٺاهي رهيو آهي. ماڻهو لارڊ روز بيري کي پسند ڪندا هئا ڇاڪاڻ جو اهي کيس محب وطن سمجهندا هئا. پر تڏهن هن جا دوست ڏاڍا خراب هوندا هئا. انهن خراب دوستن کيس ڇڪي هيٺ آڻي ڇڏيو. ماڻهو چوندا هئا ته هو ايترو ته ڪمزور هو جو کيس پنهنجن صحيح خيالن جي ابتڙ به هنن جي ڳالهه مڃڻي پئجي وئي. تڏهن به آئرش نيشنلسٽ ئي هن کي حڪومت ۾ رکيون ويٺا هئا جن بابت سڀني کي خبر هئي ته برطانوي سلطنت جا ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ کان سواءِ هنن جي دل نه ٺري ها. آءُ هتي هڪ جملو جان مورلي بابت به آڻيان ٿو. ماڻهو چوندا هئا ته هن جو تمام گندن ماڻهن سان تعلق آهي ۽ اهو فينين ۽ هر قسم جي غدارن سان گڏ اٿي ويهي ٿو. انهيءَ ڳالهه تي خاص طور خوشي جو اظهار ٿي رهيو هو ته چڱو ٿيو جو اهڙي حڪومت کي شڪست اچي وئي جنهن ڪورڊائيٽ[5] جي رسد ۾ ڪمي ڪري ڇڏي هئي. فرض ڪيو ته جنگ لڳي ٿي وڃي ته ڪورڊائيٽ کان سواءِ ڪيئن وڙهبو. ڪي ماڻهو وري چوندا هئا ته حقيقت ۾ ڪورڊائيٽ ته وڏي مقدار ۾ موجود آهي پر اهڙن ڪتن کي هڻڻ لاءِ جيڪا لٺ هٿ اچي اها چڱي! سچ پچ ته لبرل پارٽي انهيءَ وقت ايلڊر شاٽ ۾ ڏاڍي غير مقبول هئي. عام چونڊن اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته باقي سمورو ملڪ اسان جو هم خيال هو ڇاڪاڻ ته لارڊ سالسبري 150 ووٽن جي اڪثريت سان ڪامياب ٿيو. ڪنزرويٽو پارٽي ملڪ تي ڏهه سال حڪومت ڪئي جنهن دوران انهن ڪافي جنگن ۾ به حصو ورتو جن جو بيان هن ڪتاب جي چڱي خاصي حصي تي آيل آهي. حقيقت اها آهي ته اهي حڪومت مان جڏهن نڪتا تڏهن انهن Protection جي حمايت شروع ڪئي. پوءِ لبرل پارٽي اچي وئي جنهن تمام وڏيون جنگون ڪيون. پر انهن سڀني ڳالهين جو بيان في الحال روڪجي ٿو.
وزارتي ضيافتن کان پوءِ ڊيونشائير هائوس ۾ ٿيندڙ پارٽي جي مون کي به دعوت ملي. اتي مون سڀئي نوان وزير ڏٺا. اهي پنهنجي نيري ۽ سونهري يونيفارم ۾ ڏاڍا سهڻا پئي ڏسڻ ۾ آيا. اهي جيتوڻيڪ اسان جي يونيفارم جهڙا شاندار ته نه هئا پر انهن کي پنهنجو هڪ انداز هو جنهن سبب اهي مون کي سٺا لڳا. مون پرڏيهي معاملن جي انڊر سيڪريٽري آف اسٽيٽ مسٽر[6] جارج ڪرزن سان خاص طور وڃي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هو ڏاڍو باوقار ۽ هوندي سوندي وارو ڏسڻ ۾ پئي آيو ۽ منهنجين واڌاين کي ڏاڍي خوش اخلاقي سان قبول ڪيائين. هن مونکي اها ڳالهه سمجهائي ته سندس عهدو جيتوڻيڪ ننڍو آهي پر انهيءَ جي ذريعي هائوس آف ڪامنز ۾ فارين آفيس جي نمائندگي ٿيندي آهي. تنهنڪري هن اميد ٿي ڪئي ته هن خارجه پاليسي جي فقط دفاع ۽ تشريح ڪرڻ بجاءِ ان تشڪيل ۾ پڻ حصو ملندو. انهن ئي ماڻهن ۾ ڪجهه ويچارا غريب نوجوان به هئا جن سان ماڻهن گهڻي ميل جول نه ٿي ڪئي. پر انهن کي ٻين کان اڃان وڌيڪ مسڪرائڻو ٿي پيو ۽ اهي انهن ماڻهن وٽ وڃي کين اهي عهدا ملڻ تي واڌايون ڏئي رهيا هئا جيڪي انهن ويچارن پنهنجي لاءِ حاصل ڪرڻ گهريا هئا. آءُ جيئن ته انهن مان ڪنهن عهدي لاءِ زير غور ئي نه هوس تنهنڪري مون کي انهن مان ڪنهن سان ڪو به ساڙ نه ٿيو.

* * * *

هيءُ ئي مسز ايوريسٽ جي فوت ٿيڻ جو وقت آهي. مون جيئن ئي سندس شديد بيماريءَ جي خبر ٻڌي ته کيس ڏسڻ لنڊن هليو ويس. هوءَ پنهنجي ڀيڻ جي ڪٽنب سان نارٿ لنڊن ۾ رهندي هئي. کيس خبر هئي ته سندس حالت خطري واري آهي پر کيس منهنجو ئي فڪر ۽ ڳڻتي هئي. تڏهن مينهن به ڏاڍو تيز وسي پيو هو ۽ منهنجو ڪوٽ پُسيو پيو هو. هن جڏهن انهيءَ کي هٿ لائي ڏٺو ته ڏاڍي پريشان ٿي وئي ته مون کي متان ٿڌ نه لڳي وڃي. بهرحال مون ڪوٽ لاهي چڱي طرح سُڪايو تنهن کان پوءِ ئي هو سامت ۾ آئي. هاڻي هن کي فقط منهنجي ڀاءَ جئڪ کي ڏسڻ جي خواهش هئي پر انهيءَ جو بندوبست نه ٿي سگهيو. آءُ سٺو اسپيشلسٽ وٺڻ لنڊن هليو ويس ۽ پوءِ ٻنهي ڊاڪٽرن سندس مرض بابت گڏي صلاح مشورو ڪيو. مون کي صبح جو سوير پريڊ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ رات جو ٻارهين وڳي واري ٽرين ۾ ايلڊرشاٽ موٽي وڃڻو هو. صبح جو پريڊ ختم ٿيندي ئي آءُ واپس ڀڳس. هوءَ اڃان هوش ۾ هئي ۽ مون کي سڃاتائين ٿي پر پوءِ آهستي آهستي بيهوش ٿي وئي. موت هن کي ڪا به تڪليف نه ڏني. هن ايڏي معصومانه ۽ ٻين جي خدمت ڪندي پيار ڀري زندگي گذاري هئي ۽ سندس عقيدو ۽ ايمان به اهڙو ئي سادڙو هو جو هن کي ڪنهن به قسم جو ڊپ نه هو. نه ئي کيس ڪو فڪر ۽ ڳڻتي ڏسڻ ۾ ٿي آئي. هوءَ منهنجي سموري ويهن ورهين جي ڄمار ۾ منهنجي تمام پياري ۽ تمام گهري دوست رهي هئي. هاڻي مون انهي پادريءَ ڏانهن تار موڪلي جنهن وٽ هن تقريباً پنجويهه سال اڳ ڪم ڪيو هو. هو ڪمبرلينڊ ۾ رهندو هو ۽ هاڻي archdeacon ٿي ويو هو. اسان جي ملاقات قبر وٽ ٿي. مسز ايوريسٽ جي ديانتداريءَ سان ڪيل خدمتن بابت هن جي ذهن ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون محفوظ هيون پر هو ننڍڙي ايلا کي پاڻ سان گڏ نه وٺي آيو هو.
منهنجي ذهن ۾ جڏهن انهن غريب پيرسن عورتن جو خيال ايندو آهي جن مان ڪيترين وٽ پنهنجي زندگي جي پڇاڙيءَ ۾ ڪير به سار سنڀال لهڻ وارو ۽ ڪو پئسو ڏوڪڙ نه هوندو اٿن ته مون کي خوشي ٿيندي آهي ته اسان جي ملڪ جو پينشن ۽ انشورنس جو نظام ٺاهڻ ۾ منهنجو به حصو آهي جيڪو اهڙين بي سهارا عورتن لاءِ خاص طور وڏي مدد جو وسيلو آهي ۽ اهڙو بهتر نظام دنيا جي ٻئي ڪنهن به ملڪ ۾ نه آهي.


__________________
[1] ايودا: فرانسي ۽ انگريزي ماءُ پيءُ مان ڄاول برطانوي ناول ليکڪا. فيشني اپر ڪلاس طبقي جي ڪردارن تي ٻڌل عام مقبول ناول لکيائين. اصل نالو Marie Lousise de la Rame سن 1908ع ۾ 69 سالن جي ڄمار ۾ فوت ٿي. (سنڌيڪار)
[2] ساڪم: اتر اوڀر سوڊان ۾ ڳاڙهي سمنڊ تي هڪ بندرگاهه. (سنڌيڪار)
[3] پگهار ۾ اضافي کانسواءِ اعزازي حيثيت. (سنڌيڪار)
[4] لارنس اسٽرن (1768ع-1713ع) آئرلينڊ ۾ ڄائو پادري. ناول ۽ خطبا لکڻ سان گڏوگڏ مقامي سياست ۾ پڻ بهرو ورتائين. لنڊن ۾ فوت ٿيو. سندس ٻيو مشهور ناول (Life and opinions of Tristam Shandy) آهي. (سنڌيڪار)
[5] گن-ڪاٽن، نائٽروجن گليسرين ۽ ويزلين مان ٺهندڙ بي دونهين ڌماڪيدار مادو – (سنڌيڪار)
[6] ڪرزن (1925-1859ع) اڳتي هلي انڊيا جو وائسراءِ پڻ ٿيو. وڏو مدبر ۽ پڙهيل لکيل ماڻهو هوندو هو. پنهنجي ايامڪاريءَ ۾ ڪيترائي انتظامي سڌارا آندائين. (سنڌيڪار)

باب ڇهون: ڪيوبا Cuba

وڪٽوريائي دور جي آخري ڏهاڪي ۾ سلطنت ۾ ايترو ته لاڳيتو عرصو امن رهيو هو جو برطانوي فوج ۾ تمغن ۽ انهن جي پٺيان موجود تجربي ۽ مهم جوئي جي ڏاڍي کوٽ پيدا ٿي رهي هئي. ڪريميا جي جنگ ۽ هندستاني بغاوت ۾ حصو وٺندڙ جهونا سپاهي گهڻو وقت اڳ فوج جي Active List تان لهي چڪا هئا. افغانستان ۽ مصر جي جنگين ۾ حصو وٺندڙ 1880ع واري دور جا فوجي سينئر ٿي چڪا هئا. تڏهن کان وٺي مشڪل سان ڪو گولو يا گولي ڪاوڙ ۾ ڇُٽي هوندي ۽ آءُ جڏهن جنوري 1895ع ۾ چوٿين حصارز رجمينٽ ۾ شامل ٿيس تڏهن ملڪ جي فوجن ۾ ورلي ڪو ڪيپٽن ۽ مشڪل سان ڪو سبالٽرن هوندو جنهن ننڍي کان ننڍو ڪو جنگي معرڪو اکين سان ڏٺو هوندو. ڪا به پسنديده شي گهٽ ملندي آهي ته ان جو مُلهه وڌي ويندو آهي. انهيءَ کان اڳ ۾ ڪڏهن به اهڙو وقت نه آيو هو جڏهن ملٽري اختياريون War service کي ايتري عزت جي نگاه سان ڏسنديون هجن ۽ هر عهدي جا آفيسر ان جي شدت سان تمنا ڪندا هجن. فوج جي هر شعبي ۾ ان کي ترقي ۽ اڳتي وڌڻ جو تيز روڊ سمجهيو ويندو هو ۽ جنگ ۾ ڊيوٽي سرانجام ڏيڻ کي اعزاز ۽ اڪرام جو چمڪندڙ دروازو سمجهيو ويندو هو. وڏي عمر وارا معزز شخص توڙي نوجوان عورتون جنگ ۾ ڊيوٽي سر انجام ڏيندڙ شخص جي موهه ۾ منڊجي وينديون هيون. اسين نوجوان آفيسر ابوقلي (Abuklea) ۾ مهمن ۾ حصو وٺڻ تي انهيءَ سينئر ميجر تي ڏاڍيون ريسون کائيندا هئاسين. ڪرنل جي سيني تي سجايل تمغن جي ڊگهي قطار به اسان کي ڏاڍي سٺي لڳندي هئي. هو اسان کي پنهنجين ڪارگذارين ۽ واقعن جو تفصيل وقت بوقت ٻڌائيندا رهندا هئا پر انهن ۾ اسان جي دلچسپي ڄڻ ته ختم ئي نه ٿيندي هئي. اسان جي ڏاڍي خواهش هوندي هئي ته اسان کي به اهڙو يادگيرين جو ذخيرو هجي جنهن جي اسين به همدرد حاضرين جي آڏو نمائش ڪندا رهون. اسين سوچيندا هئاسين ته اسان کي اهڙو موقعو ملندو به يا نه! الاءِ اسان جو وارو ايندو يا نه جو اسين ميس ٽيبل تي ڊنر کان پوءِ واري خوشگوار ماحول ۾ ويهي وڙهيل جنگيون ورائي ورائي وڙهنداسين. پولو جي راند ۾ يا شڪار جي ميدان تي مهارت ممڪن آهي ته ٿوري گهڻي اهميت رکندي هجي پر جنهن نوجوان سپاهي جنگ جي ميدان ۾ يا هلندڙ فائر ۾ ڊيوٽي سرانجام ڏني هجي ان کي هڪ اهڙي حيثيت ملي ويندي هئي جو هو جن جرنلن جي ماتحتي ۾ ڪم ڪندو هو، جن سپاهين جي اڳواڻي ڪندو هو يا جن ڇوڪرين جي محبت حاصل ڪرڻ گهرندو هو اهي کيس پُر خلوص، سچي ۽ فوري مڃتا ڏيندا هئا.
هاڻي مونکي جن حلقن ۾ پنهنجي زندگي گذارڻي هئي انهن ۾ اٿندڙ ويهندڙ منهنجا همعصر انهيءَ ڳالهه جي ڏاڍي سخت ضرورت محسوس ڪري رهيا هئا ته جنگي خدمت جا جوڳا موقعا پيدا ٿيڻ گهرجن. انهيءَ شڪايت جو ازالو ٿيڻو هو ۽ اسانجين سڀني گهرجن جو مڪمل پورائو ٿيڻو هو. انهن ڏينهن ۾ جيڪو اهو خطرو محسوس ٿيڻ لڳو هو ته لبرل ۽ جمهوري حڪومتون جنگ کي ناممڪن بڻائينديون پيون وڃن اهو خطرو جلد ئي ختم ٿي وڃڻو هو. امن جو دور پڄاڻي تي پهچي چڪو هو. ايندڙ دور ۾ جنگ جي کوٽ ختم ٿي وڃڻي هئي ۽ سڀني کي ان مان ڪافي حصو ملڻو هو. هائو! گهرج آهر به ۽ اڃان وڌيڪ به. سينڊهرسٽ جي ڪيڊٽن جون جيڪي پُرشوق ۽ پُراميد کيپون ۽ جيڪي نوجوان آفيسر انهن ۽ پوءِ وارن سالن ۾ ڏاڍي بي فڪري سان رائل سروس ۾ شامل ٿيا هئا انهن مان تمام ٿورڙا قدرت جي پڪڙ کان بچي سگهيا. جلد ئي پوءِ هندستاني سرحد ۽ سوڊان ۾ جيڪي هلڪا ڦلڪا معرڪا لڳا انهن ۾ حصو وٺڻ لاءِ سموري برطانوي فوج ۾ ڊوڙون لڳي ويون. پوءِ ڪنهن کي ڀاڳ ته ڪنهن کي ڪنهن جي نوازش سان اهو حصو ملي ويو. پر ڏکڻ آفريقا واري جنگ اهڙين حدن کي پهچڻي هئي جنهن سان اسان جي ننڍڙي آرمي جون گهرجون مڪمل طور پوريون ٿي وڃڻيون هيون ۽ ٻوڏ ته اڃان پوءِ اچڻي هئي.
فوج جو سال ٽريننگ جي ستن مهينن جي اونهاري جي موسم ۽ پنجن مهينن جي موڪلن واري موسم ۾ ورهايل هوندو هو. هر آفيسر کي اڍائي مهينا لاڳيتا آرام جا ملندا هئا. منهنجا سڀ پئسا پولو تي خرچ ٿي ويا هئا ۽ جيئن ته شڪار تي وڃڻ لاءِ مون وٽ وسيلا نه هئا تنهنڪري مون ڪنهن مهم جوئي يا جوش جذبي واري منظر جي ڳولها ۾ سموري دنيا جو جائزو ورتو. انسانذات ڪيترن ورهين کان جنهن امن امان واري حالت ۾ ماندي لڳي پئي هئي انهيءَ ۾ فقط ڌرتي جي هڪ ٽڪري تي رخنو پيل هو. ٻڌڻ ۾ پئي آيو ته اسپينين ۽ ڪيوبائي باغين جي وچ ۾ گهڻي وقت کان هلندڙ گوريلا جنگ پنهنجي سڀ کان شديد مرحلي ۾ داخل ٿي رهي هئي.
اسپين انهيءَ باغي ٻيٽ تي پنهنجو مشهور معروف ڪيپٽن – جنرل مارشل مارٽينيز (Marshal Martinez) موڪليو هو جنهن موئرن (Moors) تي ڪاميابين ۽ اسپينين لاءِ جاري ڪيل اعلانن (Pronunciamentos) سبب مشهوري ماڻي هئي. هاڻي انهيءَ بغاوت کي ڪُچلڻ جي اعليٰ ترين ڪوشش ڪندي اسي هزار اسپيني سپاهي ڏاڍي تيز رفتاري سان سمنڊ پار موڪلجي رهيا هئا. معنيٰ ته اتي سچي پچي جنگ جاري هئي. نوجواني جي شروعاتي ڏينهن کان وٺي سپاهين ۽ جنگ جا خيال منهنجي ذهن تي حاوي هوندا هئا ۽ منهنجن خوابن جو موضوع به پهريون دفعو فائر جي منهن ۾ هئڻ وقت پيدا ٿيندڙ جذبا ۽ احساس هوندا هئا. آءُ سوچيندو هئس ته هر وقت گولين جا زوزاٽ ٻڌڻ ۽ زخمي ٿيڻ ۽ مرڻ جي خطري ۾ موجود رهڻ ڏاڍو پرجذبات ۽ زبردست تجربو هوندو. ٻيو ته هاڻي جڏهن مونکي انهيءَ معاملي ۾ پيشيوراڻيون ذميواريون به ملي ويون هيون ته مون سوچيو ته خانگي طور ريهرسل ۽ آزمائش ڏاڍي مناسب رهندي جيئن پڪ به ٿي وڃي ته اهو ڪٺن ڪم منهنجي مزاج ۽ طبيعت جي موافق به آهي. تنهنڪري ڪيوبا منهنجي نظرن جو مرڪز ٿي ويو.
مون پنهنجي منصوبي کان هڪ برادر سبالٽرن – ريجينالڊ بارنيس کي آگاه ڪيو. هو به مون کي انهيءَ معاملي ۾ ڏاڍو پُرشوق نظر آيو. هن اڳتي هلي گهڻو وقت فرانس ۾ ڊويزنن جي اڳواڻي ڪئي. ڪرنل ۽ ميس ۾ ٻين ماڻهن به هلندڙ جنگ ۾ پيشيوراڻو تجربو حاصل ڪرڻ جي انهيءَ منصوبي کي پسنديدگيءَ جي نظر سان ڏٺو ۽ انهيءَ ڪم کي به شڪار جي موسم گذارڻ جهڙو ئي فائديمند سمجهيو ويو جنهن کان سواءِ ڪنهن به ڪيپٽن يا سبالٽرن کي عزت آبرو جي زندگي گذارڻ جي قابل ئي نه سجهيو ويندو هو. اهڙيءَ طرح پاڻ کي سڀني حوالن کان مضبوط ٿيندو ڏسي مون پنهنجي پيءُ جي پراڻي دوست ۽ اسپين ۾ اسان جي سفير سر هينري وولف کي خط لکي ان کان پڇا ڪئي ته ڇا هو اسان کي اسپيني فوجي اختيارين کان ضروري اجازت نامو وٺرائي ڏئي سگهي ٿو. انهيءَ معزز ۽ مهربان شخص کي اسپيني درٻار ۾ جهڙو اثر رسوخ حاصل هو اهڙو سفارتي حلقن مان ٻئي ڪنهن به سفير کي حاصل نه هو. هن منهنجي سبب ڏاڍي تڪليف ورتي ۽ بهترين قسم جا رسمي ۽ شخصي تعارف ناما اچي پهتا جن سان گڏ سفير صاحب اها به خاطري ڪرائي هئي ته اسان کي فقط هوانا پهچڻو هو جتي ڪيپٽن – جنرل اسان جو گرمجوشي سان آڌرڀاءُ ڪندو ۽ ٻيا سڀ معاملا سندس نگراني ۾ طي ٿيندا. ائين اسين سن 1895ع جي نومبر مهيني جي شروعات ۾ سامونڊي جهاز ۾ نيو يارڪ روانا ٿياسين ۽ اتان پوءِ هوانا اُسهياسين.
جنگ موجوده نسل جي ذهنن کي ٿڪائي ساڻو ۽ بيزار ڪري وڌو آهي، ۽ ان تي ڏاڍا وحشياڻا اثر وڌا آهن. تنهنڪري اهو اُنهيءَ خوشي ۽ اُلڪي گاڏڙ احساس کي سمجهي ئي نه ٿو سگهي جيڪي کڻي امن جي وڏي عرصي ۾ پليل نوجوان برطانوي آفيسر پهريون دفعو حقيقي جنگ جي ميدان ڏانهن وڌي رهيو هو. مون جڏهن ڪيوبا جي ڪنارن کي پهريون دفعو صبح سوير جي اڻ چٽي روشنيءَ ۾ ڳوڙهي افق مان اڀرندي ۽ واضح ٿيندي ڏٺو ته مون ائين پئي محسوس ڪيو ته ڄڻ آءُ لانگ جان سلور سان گڏ جهاز تي هجان ۽ منهنجي نظر پهريون دفعو Treasure Island تي پئجي رهي هجي. انهيءَ جاءِ تي شيون پنهنجي اصلي صورت ۾ واقع ٿي رهيون هيون. اهميت وارو سين به اتي ئي هو ۽ ڪا اهم شيءِ به اتي ئي ٿيڻي هئي. اهو به ممڪن آهي ته منهنجا هڏا هتي ئي رهجي وڃن.
بهرحال آءٌ اهي جيڪي پور پچائي رهيو هوس ناشتو اچڻ سان اهي ٽڙي پکڙي ويا ۽ پوءِ جهاز تان لهڻ جي هڙ تڪڙ ۾ غائب ٿي ويا.
ڪيوبا هڪ ڏاڍو وڻندڙ ٻيٽ آهي. اسپيني انهي کي حق تي The Pearl of Antilles ڪوٺين ٿا،[1] هتان جي معتدل پر دل کي امنگن سان ڀريندڙ آبهوا، گهڻي وسندڙ مينهن، گهاٽي وڻڪاري ۽ زمين جي بيمثال زرخيزي ڏسي آءٌ انهي وقت کي پٽڻ لڳس جڏهن اسان جي وڏڙن اهڙي فرحت بخش ملڪيت مان هٿ ڪڍي ڇڏيا هئا. بهرحال اسان جي جديد جمهوريت کي ڪافي شيون ورثي ۾ مليون آهن ۽ اهو هاڻي انهيءَ تي دارومدار ٿو رکي ته اها انهن تي پنهنجو قبضو برقرار رکي ٿي يا اڇلائي ڇڏي ٿي.
هوانا جو بندر ۽ شهر پنجٽيهه سال اڳ اهڙو منظر پيش ڪندا هئا جيڪو هر لحاظ کان شاندار هو. اسين هڪ چڱي سٺي هوٽل ۾ وڃي رهياسين، تمام گهڻيون نارنگيون کاڌيوسين ۽ تمام گهڻا سگار پيتاسين ۽ پنهنجا ڪاغذ اختياري وارن کي پيش ڪيا. هر ڳالهه صحيح نموني هلي رهي هئي. اسان جا ڪاغذ پڙهجي پورا ٿيندي ئي اسان سان ڏاڍي اهميت واري سفارت وارو برتاءُ ٿيڻ لڳو جيڪا ڏاڍي دٻاءَ واري دور ۾ هڪ طاقتور ۽ پراڻي اتحادي ملڪ طرفان موڪلي وئي هئي. هاڻي حالت اها هئي ته اسان وڌ کان وڌ ڪوشش ڪري پنهنجي دوري جي اهميت کي گهٽائي رهيا هئاسين ۽ ٻئي طرف وري ان جي بظاهر دٻيل اهميت کي وڌ کان وڌ محسوس ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي هئي. ڪيپٽن-جنرل مختلف پوسٽن ۽ ڇانوڻين جي معائني لاءِ گشت تي ويل هو پر سڀ بندوبست سندس خواهش مطابق ٿي رهيو هو. هاڻي اهو طئه ٿيو ته اسين به سندس پٺيان وڃي سانتاڪلارا ۾ هن سان ملون. سفر بلڪل سولو هو ريل گاڏيون سڀ بڪتربند هيون. ٽرينن جي اڳيان ۽ پويان خاص گاڏين ۾ محافظ دستا هلندا هئا ۽ ريل گاڏين جي پاسن کان لوهه جون مضبوط پليٽون لڳل هيون ۽ جڏهن معمول مطابق فائرنگ شروع ٿي وڃي ته اسان کي فقط گاڏن جي فرش تي ليٽي پوڻو هو. اهڙي طرح اسين حفاظت سان پنهنجي منزل تي پهچي وينداسين. اسان ٻئي ڏينهن صبح جو سفر شروع ڪيو.
مارشل مارٽينيز ڪيمپوزا اسان جي ڏاڍي سهڻي نموني ڀليڪار ڪئي ۽ پوءِ پنهنجي هڪ اسٽاف آفيسر جي حوالي ڪيو. جئان او ڊونيل (Juan O’Donnell) نالي انهيءَ ليفٽيننٽ انگريزي تمام سٺي ڳالهائي ٿي ۽ ڊيوڪ آف ٽيٽان جو پٽ هو. آءٌ نالي تي ڪجهه حيران ٿيس پر خبر پئي ته اهو آئرش برگيڊ جي ڏينهن کان اسپيني ٿي ويو آهي. او ڊو نيل اسان کي صورتحال سمجهائي ته اسين جيڪڏهن لڙائي ڏسڻ چاهيون ٿا ته اسان کي سفر ۾ رهندڙ ڪالم سان گڏ هلڻ گهرجي. اهڙو هڪ ڪالم اڃان انهيءَ ڏينهن ئي جنرل والڊيز (Valdez) جي اڳواڻي ۾ سانتاڪلاز مان نڪتو هو ۽ چاليهه ميل پري باغين جي گهيري ۾ آيل سهر سينڪٽي اسپرٽس (Sancti Spiritus) وڃي رهيو هو. هن اهو اسان کان نڪري وڃڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو. اسان راءِ ڏيکاري ته پنڌ ئي ڪرڻو آهي ته اها ڪا وڏي ڳالهه نه آهي اسين سولائي سان انهيءَ وٽ پهچي سگهون ٿا. اسان جي نوجوان اسپينيءَ ڪنڌ لوڏيندي چيو ته ”توهان پنج ميل به اڳتي نه وڃي سگهندوء“. ”ڀلا دشمن آهي ڪٿي؟“ اسان پڇيو: ”اهي هر جاءِ تي آهن ۽ ڪٿي به نه آهن.“ هن وراڻيو ”پنجاهه گهوڙيسوار جيڏانهن چاهين وڃي سگهن ٿا پر ٻه ڪيڏانهن به نه ٿا وڃي سگهن. بهرحال جنرل والڊيز وٽ پهچي سگهجي ٿو. اسان کي ريل گاڏيءَ ۾ سينفيگوس وڃي پوءِ سمنڊ ذريعي ٽيونا وڃڻو پوندو. هن چيو ته ٽيونا کان سينڪٽي اسپرٽس تائين ريلوي لائين جي حفاظت لاءِ بلاڪ هائوسز ٺهيل آهن ۽ انهيءَ تي فوجي گاڏيون باقاعدگي سان هلنديون رهن ٿيون. اهڙي طرح اسين 150 ميلن جو سفر ڪري ٽن ڏينهن ۾ سينڪٽي اسپرٽس پهچي وينداسين ۽ جنرل والڊيز پنهنجن سپاهين سان گڏ چوٿين ڏينهن شام جو پهچندو. اتي اسين سندس ڪالم ۾ شامل ٿي سندس وڌيڪ ڪارواين تي اک رکي سگهون ٿا. اتي اسان کي گهوڙا ۽ اردلي به مهيا ڪري ڏنا ويندا ۽ جنرل اسان کي پنهنجي اسٽاف ۾ معاون طور شامل ڪندو.
اسان ڪجهه خطرو هوندي پر ڪنهن به حادثي کان سواءِ سفر پورو ڪيو. سينڪٽي اسپرٽس جو نالو کڻي ڪهڙو به هجي پر تمام گندي ۽ غير صحتمند جاءِ هئي. اتي ماتا ۽ زرد بخار[2] (Yellow Fever) جو راڄ لڳو پيو هو. اسان رات هڪ گندي، پرشور ۽ ماڻهن سان ڀريل سراءِ ۾ گذاري. ٻئي ڏينهن شام جو جنرل والڊيز ۽ سندس ڪالم مارچ ڪندو پهچي ويو. اها چڱي خاصي فوج پئي نطر آئي جنهن ۾ ٽي هزار پيادن تي مشتمل چار بٽاليون، ڪيولري جا ٻه اسڪواڊرن ۽ هڪ خچرن جي بيٽري هئي. سپاهي پيادل سفر جي باوجود ڏاڍا فِٽ ۽ ٺيڪ ٺاڪ لڳي رهيا هئا. انهن کي سوٽي ورديون پهريل هيون جيڪي اصل ۾ ته شايد سفيد هجن پر هاڻي مٽي ۽ ڌوڙ ۾ انهن جو رنگ ڦِٽي ڪي قدر خاڪي ٿي ويو هو. انهن کي پٺن تي ڳرا ٿيلها هئا. گولين جا ٻه ٻه پٽا هرهڪ کي هئا ۽ مٿن تي تيلين جا وڏا پناما ٽوپلا هئن. شهر ۾ موجود انهن جي دوستن ۽ لڳي ٿو ته دشمنن به انهن جو آڌرڀاءُ گرمجوشيءَ سان ڪيو هو.
اسين مناسب وقفي کان پوءِ جنرل جي هيڊ ڪوارٽر آياسين. اسان کي سندس حوالي ڪرڻ بابت کيس موڪليل ٽيليگرام هو پڙهندو رهيو هو تنهنڪري ڏاڍي محبت سان اسان جو آڌرڀاءُ ڪيائين. ساريز والڊيز (Saurez Valdez) ڊويزن جو جنرل هو ۽ باغي علائقن ۾ پندرنهن ڏينهن جي گشت تي هو. انهيءَ دوران سندس سامهون ٻه مقصد هئا هڪ ته جن شهرن ۽ پوسٽن تي اسپيني ڇانوڻيون قائم آهن انهن جو دورو ۽ ٻيو ته جتي ۽ جڏهن به باغي نظر اچي وڃن ته انهن کي سيکت به ڏئي وٺڻ. هن ترجمان جي مدد سان اسان کي سمجهايو ته هڪ عظيم ۽ دوستاڻي ملڪ جي ٻن معزز نمائندن جي سندس ڪالم ۾ موجودگيءَ کي هو پنهنجي لاءِ ڏاڍي عزت جي ڳالهه سمجهي ٿو ۽ ٻيو ته برطانيه عظمى جي انهيءَ قدم ۾ جنهن اخلاقي مدد جو پيغام سمايل آهي انهيءَ کي به هو ڏاڍي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. اسان به ترجمان جي مدد سان چيو ته اها سندس مهرباني ۽ نوازش آهي ۽ اسان کي پڪ آهي ته اسان جو وقت ڏاڍو خوشگوار گذرندو. ترجمان انهيءَ ڳالهه کي ڦيرائي سيرائي ڪو ڏاڍو ڀلو بڻائي ڇڏيو ۽ جنرل ڏاڍو خوش پئي ڏسڻ ۾ آيو. پوءِ هن ٻڌايو ته هو پرهه ڦُٽيءَ وقت روانو ٿي ويندو. ڇاڪاڻ ته شهر بيمارين سان ڀريو پيو هو تنهنڪري هن هڪ ڪلاڪ به اجايو ترسڻ نه ٿي چاهيو ۽ اهو ته اسان جا گهوڙا به باک ڦٽي کان اڳ تيار هوندا. اهي ڳالهيون هلندي هن اسان کي ڊنر جي دعوت به ڏني.
ٻئي ڏينهن صبح جو هڪ نوجوان آفيسر جي دل ۾ جيڪي جذبا پيدا ٿيا هوندا انهن بابت ڪجهه سوچيو: هر طرف اونده لڳي پئي آهي پر آسمان تي اڇاڻ ڇائنجڻ لڳي آهي. اسين جنهن حالت ۾ آهيون انهيءَ کي هڪ ذهين پر گهٽ مشهور ليکڪ باک ڦٽي جو اونداهون پُراسرار مندر ڪوٺيو آهي. (ميڪي پنهنجي ڪتاب ”انڊيا ۾ ويهه ڏينهن“ (Twenty Days in India) ۾: اصل ليکڪ پاران وضاحت) اسان کي ورديون پهريل آهن، گهوڙن تي سوار آهيون ۽ اسان جا ريوالور لوڊ لڳا پيا آهن. جهونجهڪڙي ۽ اڌ اونداهيءَ ۾ هٿياربند ۽ ٻي هر سامان سان ليس سپاهين جون قطارون دُشمن ڏانهن وڌي رهيون آهن. ٿي سگهي ٿو ته دشمن بلڪل ويجهو ويٺو هجي. هو شايد هڪ ميل اڳتي اسان جي انتظار ۾ ويٺو هجي. اسان ڪجهه به نه ٿا چئي سگهون. اسان کي پنهنجن دوستن يا دشمنن جي صلاحيت بابت به صحيح ڄاڻ نه آهي. پنهنجي دفاع کان سواءِ اسين انهن جي ويڙهه ۾ ڪوبه حصو وٺي نه ٿا سگهون. پر اسين اهو سمجهون ٿا ته هي اسان جي زندگين جو عظيم ترين لمحو آهي. حقيقت اها آهي ته اهو اسان جي تجربي مان گذرندڙ بهترين لمحو آهي. اسين سمجهون ٿا ته ڪجهه نه ڪجهه ٿيڻ وارو آهي. اسان جي شديد تمنا آهي ته ڪجهه نه ڪجهه ٿئي. ساڳئي وقت اسان زخمي ٿيڻ يا مارجي وڃڻ به نه ٿا چاهيون. آخر اسين چاهيون ڇا ٿا؟ توهان انهيءَ کي حماقت به چئي سگهو ٿا. هزارين ميل سفر ڪرڻ جنهن جو خرچ به توهان مشڪل سان برداشت ڪيو هجي ۽ صبح جو سوير چئين وڳي بلڪل اجنبي ماڻهن سان گڏ اها اميد کڻي اٿڻ ته ڪنهن کرکسي ۾ وڃي پئجي انهيءَ کي سمجهه ڀريو انداز ته نه ٿو چئي سگهجي. انهن ڳالهين جي باوجود به اسان کي خبر هئي ته برطانوي فوج ۾ ڪيترائي اهڙا سبالٽرن هوندا جيڪي هڪ مهيني جي پگهار ڏئي به وڏي خوشيءَ سان اسان جي جاءِ تي اچڻ چاهين ها!
بهرحال ڪابه غير معمولي ڳالهه واقع نه ٿي. ڏينهن جي روشني آهستي آهستي وڌندي وئي ۽ ڊگهو اسپيني ڪالم نانگ وانگر ور وڪڙ کائيندو گهم ۾ پُسيل ۽ سج جي روشنيءَ ۾ چمڪندڙ اڻ کٽ ٻيلن ۾ لهي ويو. اسان تقريبن اٺ ميل پنڌ ڪيو ۽ تقريباً نائين وڳي جو وقت ٿيندي ۽ ڪجهه کليل ميدان تي پهچندي نيرن ۽ آرام لاءِ وقفي جو حڪم ٿي ويو. انفنٽري پنهنجو رڌپچاءُ ڪرڻ لاءِ باهيون ٻاري ڇڏيون. گهوڙن تان زينون لاهي کين چرڻ لاءِ ڇڏيو ويو ۽ اسٽاف کي ٽيبلن تي ڪافي ۽ پڪل گوشت پيش ڪيو ويو. سمورو ماحول پڪنڪ جهڙو پئي لڳو. جنرل جي اي ڊي سي گهڻي دير کان پوءِ هڪ ڊگهي ڌاتوءَ جي شيشي ڪڍي انهيءَ ۾ هڪ مشروب ٺاهيو. انهيءَ کي هو (Rumcotelle) چئي رهيو هو. اهو لفظ مونکي اڃان تائين ياد آهي. پر انهيءَ جي معنى مونکي گهڻو پوءِ سمجهه ۾ آئي. اهو لفظ اصل ۾ رم ڪاڪٽيل[3] (Rum Cocktail) هو. انهيءَ جو نالو کڻي ڪهڙو به هجي پر اها ڏاڍي سٺي شي هئي. انهيءَ دوران هڪ جهڳٽي ۾ بيٺل وڻن جي وچ ۾ ڪپڙي جا پينگها لڳي ويا هئا. هاڻي اسان کي انهن پينگهن ۾ وڃي آرام ڪرڻ جون هدايتون مليون. سپاهي ۽ ريجمينٽل آفيسر زمين تي ئي آهلي پيا. مونکي پڪ آهي ته انهن انهيءَ کان اڳ ضروري فوجي اُپاءَ لازماً ورتا هوندا. اهڙي طرح سڀئي ماڻهو ڇانوري ۾ تقريبن چار ڪلاڪ سمهي پيا.
ٻين وڳي آرام جو وقت پورو ٿيو. پڙاء ۾ هلچل ۽ گوڙ شروع ٿي ويو شام جو ٽين وڳي اسان وري پنڌ پياسين ۽ پوڻا چار ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان چار ڪلاڪ پنڌ ڪيو. نما شام مهل اسين پنهنجي رات لاءِ ڪيمپ واري ميدان تي پهتاسين. ڪالم مجموعي طور 18 يا 19 ميل پنڌ ڪيو هو ۽ انفنٽري ڪنهن به لحاظ کان ٿڪيل نه ٿي ڏسڻ ۾ آئي. اهي سخت جان اسپيني ڪڙمي ۽ وطن ڄاوا پُٺن تي ڳرا بار کڻي نالي ماتر رستن تي ڏاڍي اورچائي سان هلي سگهيا ٿي. اڌ ڏينهن وارو ڊگهو وقفو انهن لاءِ ڄڻ ته ٻيون دفعو رات جو آرام هو.
مونکي انهيءَ ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ شهبو نه آهي ته رومي پنهنجي ڏينهن جو ٽائيم ٽيبل اسان کان گهڻو سٺي نموني ٺاهيندا هئا. اهي هر موسم ۾ سج اڀرڻ کان اڳ اٿندا هئا ۽ اسين جنگ جي ڏينهن کان سواءِ باک ڦٽيءَ جو وقت ڪڏهن به نه ٿا ڏسون. سج لٿو اسانکي ڪڏهن ڪڏهن نظر اچي ٿو وڃي. سج لٿي جو پيغام غم ۽ ڏک آهي جڏهن ته باک ڦٽي اميد جو پيغام آهي. ڏينهن جي وچ ۾ آرام ۽ ٿوري ننڊ انساني جسم کي ڊگهي رات کان وڌيڪ تازگي ڏئي ٿي. قدرت اسان جي جسم جي ساخت ئي اهڙي نه رکي آهي جو اسين صبح جو اٺين کان رات جو ٻارهين وڳي تائين ڪم ڪندا رهون. اهڙي طرح اسين پنهنجي نظام تي دٻاءَ وجهي ٿا ڇڏيون. اها غير انصافي ۽ بي احتياطي آهي. ڪاروبار هجي يا وندر ورونهه، ڪم جسماني هجي يا دماغي اسان کي پنهنجن ڏينهن کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ گهرجي. آءُ جڏهن جنگ جي دور ۾ ايڊ مرلٽيءَ ۾ هوس ته مون محسوس ڪيو ته آءُ منجهند جي مانيءَ کان پوءِ هڪ ڪلاڪ بستري تي ليٽي پنهنجي ڪم ڪار جي وقت ۾ تقريباً ٻن ڪلاڪن جو اضافو ڪري سگهان ٿو. لاطيني ماڻهو پنهنجي زندگي گذارڻ جي طريقي ۾ اينگلوسيڪسنن ۽ ٽيوٽنن (Teutons) کان وڌيڪ هوشيار ۽ فطرت جي وڌيڪ ويجها آهن پر اهي بهترين آبهوا وارن علائقن ۾ رهن ٿا.
انهيءَ نيم تي هلندي اسين ڪيترائي ڏينهن وڻندڙ ٻهراڙين مان مارچ ڪندا رهياسين ۽ جنگ جي ڪا به علامت، آواز يا منظر نظر نه آيو. انهيءَ دوران اسان پنهنجن اسپيني ميزبانن سان ڏاڍو دوستاڻو تعلق قائم ڪري ورتو ۽ مشترڪ طور ڏاڍي خراب فرانسي ڳالهائيندي انهن جي سوچ ۽ خيالن کان ڪنهن حد تائين واقف ٿي وياسين. مثال طور چيف آف اسٽاف ليفٽيننٽ ڪرنل بينزو (Benzo) هڪ موقعي تي جنگ بابت ڳالهائيندي چيو: ”جيڪا اسين پنهنجي ملڪ جي سالميت برقرار رکڻ لاءِ وڙهي رهيا آهيون.“ اها ڳالهه منهنجي دل ۾ ويهجي وئي. مون پنهنجي محدود تعليم سبب انهيءَ ڳالهه تي ڪڏهن غور ئي نه ڪيو هو ته اهي ٻيون قومون پڻ پنهنجي قبضي ۾ آيل ملڪن بابت اهڙائي خيال ۽ سوچون رکن ٿيون جهڙا اسان کي پنهنجن ملڪن بابت رکڻ جي سکيا ڏني ويندي رهي آهي. لڳي پيو ته انهن جا ڪيوبا بابت اهڙا ئي احساس ۽ جذبا هئا جهڙا اسان جا آئرلينڊ بابت آهن. انهيءَ ڳالهه مونکي ڏاڍو متاثر ڪيو. مونکي اها ڳالهه ڪجهه بي ادبي واري لڳي ته اهي غير ملڪي به پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجين ڪالونين بابت اهڙيون ئي سوچون رکن ٿا ۽ اهڙي زبان ڪم آڻين ٿا ڄڻ ته اهي برطانوي هجن. بهرحال مون انهيءَ حقيقت کي تسليم ڪري ورتو ۽ انهيءَ کي پنهنجي دماغي نعمت خاني ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو. هيستائين آءُ ڳجهي نموني باغين يا گهٽ ۾ گهٽ بغاوت سان همدردي رکندو هوس. پر هاڻي مونکي اها ڳالهه سمجهه ۾ اچڻ لڳي ته اسپيني پنهنجو سهڻو Pearl of Antilles پاڻ کان ڇڄي ڌار ٿيڻ جي تصور کان ئي ڪيترا ناخوش آهن. مون کي انهن تي ڏاڍو افسوس ٿيڻ لڳو.
اسان کي اها ڳالهه سمجهه ۾ ئي نه پئي آئي ته اهي ڪامياب ڪيئن ٿيندا؟ چار هزار جي لڳ ڀڳ ماڻهن جي ڪالم تي في ڪلاڪ ايندڙ خرچ جو تصور ته ڪريو جيڪي هن بي انت جهنگ ۾ ڏينهن رات رُلندا ٿا رهن ۽ اهڙا شايد هڪ ڊزن ٻيا به ڪالم هئا ۽ ٻيا ڪيترائي انهن کان ننڍڙا ننڍڙا ڪالم هئا جيڪي هر وقت گهوم ڪندا رهندا هئا. انهن کان سواءِ ٻيا ٻه لک ماڻهو پوسٽن، ڇانوڻين ۽ ريلوي لائينن تي ٺهيل بلاڪ هائوسن ۾ هئا. اسان کي خبر هئي ته انهيءَ وقت جي حالتن جي لحاظ کان اسپين ڪو امير ملڪ نه هو. اسان کي خبر هئي ته کاري پاڻيءَ جا پنج هزار ميل پري اڍائي لک فوج رکڻ لاءِ انهن کي ڪيتريون نه سخت ڪوششون ڪرڻيون ۽ قربانيون ڏيڻيون پئجي رهيون هيون. انهيءَ هوندي به دشمن جي حالت وري ڇا هئي؟ اسان انهن جو هڪ ماڻهو به نه ڏٺو هو ۽ نه ئي ڪا رائيفل جي گولي ڇُٽندي ٻڌي هئي. پر ظاهر آهي ته اهي موجود هئا. اهي سڀ حفاظتي اپاءُ ۽ ايتري طاقتور فوج بار بار جي مصيبتن کان پوءِ ئي آندي وئي هئي. انهن ٻيلن ۽ جبلن ۾ سخت جان ماڻهن جا ٽولا گهمي رهيا هئا جن وٽ رائيفلن ۽ بارود جي ڪا کوٽ نه هئي. ٻين هٿيارن سان گڏ انهن جو سڀ کان خطرناڪ هٿيار هڪ وڏو چاقو هوندو هو جنهن کي machete سڏيو ٿي ويو. انهن ماڻهن کي جنگ تي ڪو به خرچ نه ٿي ڪرڻو پيو باقي غربت، خطري ۽ جسماني تڪليفن جو امڪان سڀني لاءِ موجود هو. اسپيني هن گوريلا جنگ ۾ مات کائي رهيا هئا. اهي اُپٻيٽ ۾ نيپولين جي هٿياربند ٽولن وانگر جٿن جي صورت ۾ هڪ جي پٺيان ٻيون هڪ اهڙي دنيا ۾ گهمندا ٿي رهيا جنهن ۾ دشمن ظاهر ڏسڻ ۾ نه ايندو هو. ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي شديد وار ڪري غائب ٿي ويندو هو.
اسان 29- نومبر واري رات ”آرو وُو بلانڪو“ (Aroyo Blanco) واري قلعي بند ڳوٺ ۾ سُتاسين. اسان قافلي جي وڏي حصي کي ٻن بٽالينن ۽ هڪ اسڪواڊرن سان گڏ ڇانوڻين کي رسد پهچائڻ لاءِ موڪلي ڇڏيو هو. باقي تقريباً 1700 ماڻهن تي مشتمل اسان جي فوج کي دشمن ۽ جنگ جي تلاش ڪرڻي هئي. 30- نومبر منهنجي ايڪيهين سالگره جو ڏينهن هو ۽ انهيءَ ڏينهن ۾ پهريون دفعو ڪاوڙ ۾ هلايل گولين جو آواز ٻڌو جيڪي هوا ۾ سوساٽ ڪنديون ويون يا گوشت ۾ لڳيون.
اسين صبح جو سوير روانا ٿياسين ته هر طرف ڪوهيڙو هو ۽ اوچتو ڪالم جي پُٺ فائرنگ ۾ مصروف ٿي وئي. انهن ڏينهن ۾ جڏهن ماڻهو وڙهڻ جي مقصد لاءِ هڪٻئي جي تمام ويجهو اچي ويندا هئا ۽ وڙهڻ لاءِ وڏي بور واريون رائيفلون ڪم آڻيندا هئا ته ٺڪائن جا وڏا ڌڌڪا ٻڌڻ ۾ ايندا هئا ۽ دونهين جا گولا ۽ چمڪاٽ به ڏسڻ ۾ ايندا هئا. فائرنگ تقريباً هڪ فرلانگ[4] اڳتي ٿي ڏسڻ ۾ آئي ۽ اتان ڪافي گوڙ شور ٻڌڻ ۾ اچي رهيو هو ۽ گوليون جيئن ته منهنجي ويجهو ايندي ڏسڻ ۾ نه ٿي آيون تنهنڪري آءُ انهيءَ شخص وانگر مطمئن ٿي ويهي رهيس جيڪو پنهنجي آسپاس ٿيندڙ واقعن بابت تيستائين فڪرمند نه ٿيندو آهي جيستائين انهن جو مٿس ڪو اثر نه ٿيندو آهي. ڪوهيڙي جي سبب ڪا به شي نظر نه ٿي آئي. ڪجهه دير کان پوءِ اهو صاف ٿيڻ شروع ٿيو ۽ مون ڏٺو ته اسين جهنگ جي هڪ سو کن وال ويڪري صاف ٽڪري مان مارچ ڪري رهيا هئاسين. انهيءَ کي ملٽري روڊ چيو ٿي ويو. اسين انهيءَ تي ڪيترائي ڪلاڪ هلندا رهياسين. جهنگ ڏاڍو حرص ڪندو روڊ تي وڌي آيو هو ۽ آفيسر پنهنجا چاقو ڪڍي وڻن جون ٽاريون ڪَٽيندا ٿي ويا يا انهن تا لڙڪندڙ وڏن کوپن کي کل خوشيءَ ۾ ڪٽي ٻه اڌ ڪندا ٿي ويا. جنهن مان سير کن صاف اڇو پاڻياٺ وهي هيٺان گذرندڙ بي خبر ماڻهو تي اچي ٿي پيو.
اسين انهيءَ ڏينهن ناشتي لاءِ ترسياسين ته هر ماڻهو پنهنجي گهوڙي جي ڀرسان ويٺو ۽ فقط پنهنجي کيسي ۾ موجود شي ڪڍي کاڌائين. مون کي پوري ساري مُرغي جو اڌ ڏنو ويو هو. مون انهيءَ جي ٽنگ ويٺي کاڌي جو اوچتو بلڪل ڀرسان ڄڻ اسان جي منهن وٽ جهنگ جي ڪڙ وٽان ايندڙ گولين جو دس اچي ڪريو. منهنجي بلڪل پٺيان بيٺل گهوڙي- منهنجي گهوڙي نه- ٽپ ڏنو. هر طرف ڀڄ ڊڪ ۽ هل هنگامو ٿي ويو. سپاهين جي هڪ ٽولي انهيءَ جاءِ ڏانهن لُوهه ڪئي جتان اهي فائر ٿيا هئا. پر اتي انهن کي گولين جي ڪجهه خولن کان سواءِ ٻيو ڪجهه نظر نه آيو. انهيءَ دوران آءُ زخمي گهوڙي کي ڏسندو رهيس. انهيءَ جو رنگ ڳاڙهاڻ مائر ڀُورو (بُور) هو. گولي انهي جي پاسراٽين ۾ لڳي هئي ۽ اتان رت ٺينڍيون ڪري زمين تي وهي رهي هئي ۽ زخم واري جاءِ جي چوڌاري لڳ ڀڳ هڪ فوٽ ويڪرو گهاٽي ڳاڙهي رنگ جو گول ٺهي ويو هو. هن ڪنڌ هيٺ لڙڪائي ڇڏيو پر پاڻ هيٺ نه ڪريو. ظاهر آهي ته اهو مرڻ ڪنڌيءَ تي هو. جو جلد ئي هن مٿان زين ۽ لغام پڻ لاٿا ويا. آءُ اها ڪاروائي ڏسندي انهيءَ ڳالهه تي به غور ڪندو رهيس ته انهيءَ گهوڙي کي لڳندڙ گولي لازماً منهنجي مٿي جي هڪ فوٽ ڀرسان گذري هوندي. تنهنڪري چئي سگهجي پيو ته آءُ فائر جي زد ۾ هوس. اها ڳالهه اهميت کان خالي نه هئي بهرحال هاڻي مون پنهنجي انهيءَ مهم جوئي بابت وڌيڪ ڳڻتي سان سوچڻ شروع ڪيو.
ٻيو سمورو ڏينهن اسين پيرو کڻندا هلندا رهياسين. اتان جو جهنگ جيڪو اڳ ۾ ٿورو ٿورو انگلينڊ جي شڪارگاهن وانگر ڏسڻ ۾ ٿي آيو ان جي جاءِ تي هاڻ بوتل جي ٿڙن جهڙا هر ممڪن سائيز ۽ عجيب شڪلين جا پام جا وڻ اچي ويا. اهڙي علائقي ۾ ٽي يا چار ڪلاڪ هلڻ کان پوءِ اسين وري وڌيڪ کُليل پٽ تي اچي وياسين. ۽ هڪ واهه منجهان ٽپي ٻئي ڀر ٿيڻ کان پوءِ هڪ سادي سُودي ٺهيل ڪيبن ڀرسان رات رهڻ لاءِ لٿاسين. انهيءَ ايتري ڪيبن جو نالو به نقشي تي موجود هو. اسان جي پڙاء جي ٽن طرفن کان واهه هو. موسم ڏاڍي گرم هئي سو مون ۽ منهنجي دوست ٻن نوجوان اسٽاف آفيسرن کي انهيءَ واهه تي هلي وهنجڻ لاءِ راضي ڪري ورتو. انهيءَ هنڌ منظر ڏاڍو سهڻو ۽ پاڻي به ڏاڍو صاف هو. اسين وهنجڻ کان پوءِ ڪناري تي ڪپڙا پائي رهيا هئاسين ته اوچتو بلڪل ويجهو فائر جو آوزا ٻڌڻ ۾ آيو. پوءِ هڪ هڪ فائر ٿيندو آخر ته گولين جو دس ڇٽي ويو. گوليون اسان جي مٿن مٿان زوڪاٽ ڪنديون رهيون. اها ڳالهه يقيني هئي ته هڪ قسم جو حملو ٿي رهيو هو.
اسان جيئن تيئن ڪري ڪپڙا پائي واهه جي اندرئين ڪڙ ڏيندا جيتري شانائتي طريقي سان ٿي سگهيو هلندا اچي جنرل جي هيڊ ڪوارٽر پهتاسين. اسين جڏهن اتي پهتاسين ته اڌ ميل کن پري باقاعدي جهڙپ هلي رهي هئي ۽ سڄي ڪئمپ جي مٿان هيڏانهن هوڏانهن گوليون ڪِري رهيون هيون. اڪثر باغين وٽ ريمنگٽن[5] هيون ۽ انهن جي گولن جو گهرو ڌماڪو اسپينين جي ميگزين وارين رائيفلن جي سنهي ڇڻڪاٽ کان بلڪل واضح ٻڌڻ ۾ اچي رهيو هو. اڌ ڪلاڪ کن کان پوءِ باغين جي دل ڀرجي وئي ۽ اهي پنهنجا زخمي ۽ مئل ساٿي کڻي روانا ٿي ويا.
اسان بغير زخني جي ويرانڊي ۾ ويهي ماني کاڌي ۽ ننڍڙي جائڙي ۾ وڃي اتي ٽنگيل پينگهن ۾ سمهي رهياسين. جلد ئي فائرنگ جي آواز تي مونکي جاڳ ٿي وئي. هڪ هڪ گولي نه پر گولين جا دس واڄٽ ڪري رهيا هئا. هڪ گولي اسان جي مَنهه جي ڀت چيري اندر گهڙي آئي ۽ ٻي گولي ٻاهر بيٺل اردلي کي زخمي ڪري وڌو. مونکي پينگهي مان نڪري هيٺ پٽ تي لهي سمهڻ گهربو هو. پر جيئن ته ٻي ڪنهن به چُرپر نه ڪئي تنهنڪري مون به اهو مناسب سمجهيو ته جتي آهيان اتي پيو رهان. آءُ اها ڳالهه ذهن ۾ آڻي پاڻ کي محفوظ سمجهندو رهيس ته منهنجي ۽ دشمن جي فائر جي وچ ۾ جيڪو پينگهو آهي انهيءَ تي چڱي خاصي جسامت وارو آفيسر سُتل آهي. مون ڪڏهن به ٿلهن ماڻهن خلاف راءِ نه رکي آهي ۽ هن شخص پاران کاڌل مانين تي ته آءُ ڪڏهن به ارهو نه هوس. بهرحال آهستي آهستي مونکي ننڊ اچي وئي.
بي سڪوني ۾ گذريل رات کان پوءِ ڪالم صبح جو سوير مارچ شروع ڪيو. باغين جي نشاني بازي کي ڪوهيڙي آڏ مهيا ڪري ڇڏي هئي ۽ اسين جيئن ئي واهه ٽپي ٻاهر ٿياسين ته انهن فائرن سان اسان کي سلامي ڏيڻ شروع ڪئي. دشمن اسان جي سامهون پٺئين پير ٿيندو هر آڙ جو فائدو وٺندو ٿي ويو. انهن جون گوليون ته جيتوڻيڪ گهڻن ماڻهن کي نه لڳيون پر سموري ڪالم تي اڳتي پٺتي ٿينديون رهيون جنهن سبب مارچ سڀني ماڻهن لاءِ ڏاڍو جاندار ٿي پيو. اسپيني ڪالم جو مهڙ وارو حصو اٺين وڳي کليل ميدان تي نڪري ظاهر ٿيو. اتان ميدان جي شروع کان دشمن جي قطار تائين هڪ ويڪرو رستو هو جنهن جي هڪ طرف تارن جو جهنگلو ۽ ٻئي طرف ننڍڙن سُڪل وڻن جي قطار هئي. انهيءَ رستي جي ٻنهي پاسن کان چيلهه جيتري ڊگهي گهاٽي گاهه جا ميدان هئا. انهيءَ رستي جي اڌ وٽ يعني ميل کن اڳتي ساڄي طرف سو کن پام جي وڻن جو هڪ جهڳٽو بيٺل هو. انهيءَ رستي جي بلڪل پڇاڙيءَ وٽ ۽ انهيءَ سان گونيون ڪنڊون ٺاهيندي هڪ هيٺاهين ڊگهي ٽڪري بيٺل هئي. انهيءَ جي پُٺ تي گهاٽو جهنگ هو. دشمن جو اهو ئي ٺڪاڻو هو ۽ جنرل فوري طور انهيءَ تي حملو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.
انهيءَ حملي ۾ تمام ساديون تدبيرون ڪم آنديون ويون. جيئن ئي منڍ واري اسپيني بٽالين هيٺ مٿاهين پٽ مان نڪري ٻاهر ٿي ته ان جي ٻنهي پاسن کان هڪ هڪ ڪمپني وڃي ٽڙي پکڙي وئي. ڪيولري رستي جي ساڄي طرف هلي وئي ۽ آرٽلري وچ ڏانهن وڌي وئي. جنرل، سندس اسٽاف ۽ ٻه برطانوي مهمان ڏاڍي ڳنڀيرتا سان رستي تي پنجاه وال کن اڳتي وڌي ويا. ٻي بٽالين وري ڪمپنين جي ڪالم جي صورت ۾ توپن جي پٺيان هلڻ لڳي. تقريباً ٽي سو والن تائين ڪا به فائرنگ نه ٿي. پوءِ تمام پراهين چوٽيءَ کان دونهين جا ننڍڙا ننڍڙا ڪيترائي گولا ظاهر ٿيا جن کان فوراً پوءِ رائيفلن جا ٺڪاء شروع ٿي ويا. ائين ٻه دفعا ٿيڻ کان پوءِ دشمن جو فائر لاڳيتو ٿيندو ۽ سندس سموري پوزيشن جي ساڄي ۽ کاٻي طرف پکڙجي ويو. اسپيني انفنٽري هڪ ئي وقت فائر جو جواب ڏيڻ ۽ لاڳيتي اڳتي وڌڻ لڳي. ٻنهي طرفن ڏانهن فائرنگ شديد ٿيندي وئي. اسان جي چوڌاري ڪڏهن شوڪارن جهڙا ته ڪڏهن سيٽيءَ جهڙا آواز اچي رهيا هئا. جنرل ۽ سندس اسٽاف اڳتي وڌندو رهيو ايستائين جو دونهين جي چوٽيءَ وارو جهنگلو فقط چار پنج سو وال پري وڃي بچيو. اسين اتي ويهي رهياسون ۽ ڪا به آڙ وٺڻ يا پاڻ کي لڪائڻ کان سواءِ گهوڙن تي ويٺا انفنٽري جو حملو ڏسندا رهياسين. انهيءَ دوران هوا ۾ سوساٽ لڳا پيا هئا ۽ پام جا وڻ گولين جا ڌڪ کائي وڏا ٽڙڪاٽ ڪري رهيا هئا. اسپيني هاڻي پنهنجيءَ تي اچي ويا هئا ۽ اسين وڏي ڪوشش ڪري ٻاهريون پنو ٺاهيون بيٺا رهياسين. صورتحال ڏاڍي خطرناڪ پئي ڏسڻ ۾ آئي ۽ آءُ اهو ڏسي حيران پئي ٿيس ته ايتري ٺڪا ٺڪ ٿيڻ باوجود به ماڻهو ايترا ٿورا زخمي ڪيئن ٿيا آهن. اسان جي تقريباً ويهن ماڻهن جي گروپ ۾ فقط ٽي يا چار ماڻهو ۽ گهوڙا زخمي ٿيا هئا ۽ ڪو به مئو نه هو. هاڻي آءُ اهو ڏسي سامت ۾ آيس ته مائوزر پستولن[6] جا ٺڪاء ٻين فائرن تي حاوي ٿي ويا هئا ۽ باغين جا فائر گهٽ ٿيندا ٿي ويا. آخرڪار اهي بلڪل ختم ٿي ويا. هڪ وقت ته مون ماڻهن کي ڊوڙندي ڊڪندي وڻن جي آڙ وٺندي به ڏٺو. پوءِ هر طرف ماٺ ٿي وئي. انفنٽري اڳتي وڌي دشمن جي پوزيشن تي قبضو ڪري ورتو. جيئن ته جهنگ مان گذرڻ جو رستو ئي نه هو تنهنڪري دشمن جي پٺيان لڳڻ ناممڪن هو.
هاڻي جيئن ته اسان جي ڪالم وٽ فقط هڪ ڏينهن جو راشن باقي بچيو هو تنهنڪري اسين ميدان مان نڪرندا La Jicota ڏانهن هليا وياسين. اسپينين جي شان مان جو به ڀرم رهجي ويو ۽ اسان جي هورا کورا به ختم ٿي وئي. ڪالم ڪناري ڏانهن موٽيو ۽ اسين انگلينڊ روانا ٿياسين. اسان نه ٿي سمجهيو ته اسپيني ڪيوبا ۾ پنهنجي جنگ کي جلد پڄاڻي تي پهچائيندا.


_________________
[1] اينٽليز: بهاماز کان سواءِ ويسٽ انديز جا ٻيٽ. (سنڌيڪار)
[2] هڪ قسم جو بخار جيڪو خاص مڇر سبب ٿيندو آهي، ننڍي کنڊ ۾ مختلف دورن ۾ پليگ کان پوءِ هن زرد بخار سبب لکين انسان مئا آهن، هزارين وسنديون ويران پئجي ويون، هڪ انومان اهو آهي ته سنڌو تهذيب جي زوال ۾ ان بخار جو بنيادي ڪردار رهيو آهي. (ادارو)
[3] رم ڪاڪٽيل: شراب جو هڪ قسم جيڪو ڪجهه شرابن کي ملائي ٺاهيو ويندو آهي. (سنڌيڪار)
[4] ميل جو اٺون حصو يا 220 وال- (سنڌيڪار)
[5] ريمنگٽن (1863ع-1793ع) آمريڪي موجد ۽ بندوق ساز. (سنڌيڪار)
[6] پال وون مازر (1914-1838ع) جي نالي پٺيان جنهن 1868ع ۾ پهريون دفعو ڌاتوئي گولي واري بريچ لوڊنگ رائيفل ڊزائين ڪئي. (سنڌيڪار)

باب ستون: هائونسلو Hounslow

چوٿين حصارز رجمينٽ 1896ع جي بهار جي موسم ۾ هائونسلو ۽ هيمپٽن ڪورٽ ڏانهن مارچ ڪيو جيئن سرء ۾ انڊيا ڏانهن سفر لاءِ تياري ڪري سگهي. هائونسلو ۾ اسان پنهنجا گهوڙا ٻي رجمينٽ جي حوالي ڪري ڇڏيا. اهڙي طرح هر قسم جي ڪيولري ٽريننگ پڄاڻي تي پهچي وئي. اها رجمنيٽ ٻارنهن يا چوڏهن سال مشرق جي ملڪن ۾ رهڻي هئي تنهنڪري آفيسرن کي پنهنجا مسئلا نبيرڻ لاءِ پوري پوري موڪل ۽ سهوليتون ڏنيون ويون. اسان پنهنجا گهوڙا ٻي رجمينٽ جي حوالي ڪرڻ کان اڳ Hounslow Heath تي فائنل پريڊ ڪئي. هاڻي ڪرنل بريبازون جي ڪمانڊ جو مدو به پورو ٿي رهيو هو. انهيءَ موقعي هن مختصر سپاهيانه تقرير ڪري رجمينٽ کان موڪلايو. سندس تقرير جي خصوصيت تمام چونڊ جملا هئا.
تڏهن مون اهو ڇهن مهينن جو عرصو تمام وڻندڙ نموني گذاريو. حقيقت ۾ مونکي پنهنجي زندگيءَ ۾ تقريباً اهو ئي واندڪائي ۽ بي فڪريءَ جو دور مليو آهي. تڏهن ئي آءُ پنهنجي ماءُ سان گڏ گهر ۾ وقت گذاري سگهيس. آءُ هفتي ۾ ٻه يا ٽي دفعا انڊر گرائونڊ ريل ذريعي هائونسلر بيرڪس ويندو هوس. اسين (هرلنگهام) ۾ ريني لي (Ranelagh) تي پولو کيڏندا هئاسين. روهيمپٽن گرائونڊ تڏهن اڃا وجود ۾ نه آيو هو. تڏهن مون وٽ پنج سٺا گهوڙا هوندا هئا ۽ ماڻهو مون ۾ سٺن نتيجن جي اميد رکيون ويٺا هئا. آءُ لنڊن شهر جي تفريحن ۽ وندر ورونهه ۾ مگن ٿي ويس. انهن ڏينهن ۾ انگريزي سماج اڃان پنهنجي پراڻي وضع ۾ موجود هو. اهو ڏاڍو سٺو ۽ سگهارو ادارو هو جنهن کي پنهنجا اٿي ويٺي جا معيار ۽ انهن کي لاڳو ڪرڻ جا پنهنجا طريقا هوندا هئا. اهي هاڻي بلڪل ميسارجي ويا آهن. ماڻهو وڏي پيماني تي هڪٻئي کان واقف هوندا هئا ته هو ڪير آهي ۽ ڇا ڪندو آهي. انگلينڊ تي نسلن کان حڪومت ڪندڙ ان کي پنهنجي شان و شوڪت جي عروج تي پهچندي ڏسندڙ ٻه ٽي سو ڪٽنب شادين ذريعي تمام وڏي حد تائين هڪ ٻئي سان ڳنڍيل هوندا هئا. ماڻهوء کي هر جاءِ تي دوست ۽ مٽ مائٽ ملي ويندا هئا. اڪثر حالتن ۾ ائين ٿيندو هو ته اعليٰ طبقي جا سر ڪردا ماڻهو پارليامينٽ ۾ سياست ڪندي به نظر ايندا هئا ته پولو گرائونڊ تي مک رانديگر به اهي ئي هوندا هئا. لارڊ سالسبري هميشه انهيءَ ڳالهه جو ڏاڍو خيال رکندو هو ته نيو مارڪيٽ ۾ گهوڙن جي ريس ٿيڻ وقت ڪابينه جو اجلاس نه گهرائيندو هو ۽ هائوس آف ڪامنز به ڊربي هلندي اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيندو هو.
انهن ڏينهن ۾ لينسڊائون هائوس، ڊيوون شائير هائوس، يا اسٽريفورڊ هائوس ۾ ٿيندڙ جڳ مڳ ڪندڙ پارٽين ۾ پارليامينٽ جي هلي چلي، آرمي ۽ نيوي جي اعليٰ عهدن ۽ رياست جي پاليسي سان تعلق رکندڙ سماجي حلقي جا سڀ عنصر موجود هوندا هئا. هاڻي لينسڊائون هائوس ۽ ڊيوون شائير هائوس جي جاءِ تي هوٽل، فليٽ ريسٽارينٽ ٺهي ويا آهن ۽ اسٽريفورڊ هائوس دنيا ۾ موجود سڀ کان بدصورت ۽ واهيات عجائب گهر ٿي ويو آهي جنهن جي رنگ لٿيل ڪمرن مان سوشلسٽ حڪومت ڏاڍي بي دلي سان عوامي مهمان نوازيءَ جو فريضو سرانجام ڏئي ٿي.
پر 1896ع ۾ لنڊن تي اڃان اهڙو ڪو به پاڇو نه پيو هو. سڀني جي ذهنن ۾ ايندڙ سال ٿيندڙ ڊائمنڊ جوبلي جي سوچ هئي. آءُ هڪ دلچسپ سنگت ۽ منظر مان اٿي ٻئي ۾ وڃي ويهندو هوس ۽ آچرن جا ڏينهن انهن سهڻين جاين ۽ محلاتن ۾ گذاريندو هوس جيڪي انهيءَ وقت پنهنجن اصلي مالڪن جي ذريعي برطانيه جي ڊگهي فاتحانه تاريخ سان ڳنڍيل هيون. مونکي خوشي آهي ته مون ڀلي ڪجهه مهينن لاءِ ئي صحيح پر اها منظر تان غائب ٿي ويل دنيا ڏٺي آهي. منهنجي ذهن جي اک ۾ 1897ع ۾ ٿيل ڊچيز آف ڊيوون شائير واري Fancy Dress Ball جو منظر محفوظ آهي. انهيءَ ۾ اهڙن منظرن کي اسٽيج تي آندو ويو هو جن کي ڊزرائيلي پنهنجن ناولن ۾ تفصيل سان بيان ڪيو. انهيءَ ڊريس بال سندس هڪ تمام مشهور بيان کي ته اهڙي طرح سچي پچي زنده ڪري ڏيکاريو جو گرين پارڪ جي ٻاهران اونهاري جي رات ماڻهن جو هڪ وڏو ميڙ گڏ ٿي ويو هو جيڪي مهمانن کي ايندي ويندي ڏسڻ ۽ ميوزڪ ٻڌڻ سان گڏوگڏ شايد انهيءَ لاءِ به آيا هئا ته انهن ڏينهن ۾ حاڪم ۽ محڪوم جي وچ ۾ موجود فاصلي بابت غور و فڪر ڪري سگهن.
ايم پال ڪيمبن (M. Paul Cambon)، 1920ع ۾ جڏهن سينٽ جيمز جي درٻار ۾ پنهنجو يادگار رهندڙ سفارتڪاريءَ جو دور پورو ڪيو ته وڏي مهرباني ڪري منهنجي گهر ماني کائڻ آيو هو. تڏهن گفتگو دوران ڳالهين جو رُخ صديءَ جي شروعات کان وٺي انهيءَ وقت تائين دنيا پاران طي ڪيل فاصلي ۽ انهن تمام وڏن واقعن ڏانهن ٿي ويو جن مان اسين گذريا هئاسون. انهيءَ پيرسن سفير چيو ته: ”مون جيڪي ويهه ورهيه هتي گذاريا آهن انهي دوران مون هڪ اهڙو انگريزي انقلاب برپا ٿيندي ڏٺو آهي جيڪو فرينچ انقلاب کان وڌيڪ اونهو ۽ وڌيڪ دل ۽ دماغ کي جهنجهوڙيندڙ هو. حڪمران طبقي کي تقريباً مڪمل طور سياسي طاقت کان محروم ڪيو ويو آهي ۽ اهي پنهنجين ملڪيتن ۽ جاگيرن کان به وڏي حد تائين محروم ڪيا ويا آهن. اهو ڪم بلڪل اڻ لکي نموني ۽ هڪ به ماڻهو قتل ڪرڻ کان سواءِ سر انجام ڏنو ويو آهي.“ منهنجي خيال ۾ اها ڳالهه بلڪل صحيح آهي.

* * * * *

منهنجي چاچي اٺين ڊيوڪ آف مارلبورو جي بيوه لليان (Lilian) آمريڪي نيويءَ جي هڪ ڪموڊرو جي ڌي هئي ۽ اڳئين مڙس وٽان ڏاڍي دولت ملي هئس. انهيءَ هاڻي لارڊ وليم بيريس فورڊ (William Beresford) سان ٽئين شادي ڪئي هئي. هو لارڊ واٽرفورڊ جي ٽنهي ڀائرن مان سڀ کان ننڍو هو. اهي سڀئي ڀائر ڏاڍا مشهور معروف ماڻهو هئا. انهن مان سڀ کان وڏو چارلي مشهور ايڊمرل هو. ٻئين مارڪوس (Marcus) اعليٰ طبقن ۽ پولو گرائونڊ ۾ وڏو مقام پيدا ڪيو ۽ بل (Bill) نالي ٽئين ڀاءُ جيڪو فوج ۾ هو تنهن زولولينڊ ۾ وڪٽوريا ڪراس حاصل ڪيو. منهنجو سموري زندگي انهن جي مرڻ تائين انهن سان مکا ميلو ٿيندو رهيو.
لارڊ وليم ۽ لليان چڱي پڪي عمر ۾ شادي ڪئي پر انهن جو ساٿ ڏاڍو خوش ۽ خوشحال گذريو ۽ اهي اولادي به ٿيا. اهي ڊورڪنگ جي ويجهو ڊيپ ڊين جي علائقي ۾ وڃي رهيا ۽ مون کي چئي ڇڏيو هئائون ته آءُ انهن سان ميل ملاقات ڪندو رهان. مونکي انهن ڀائرن مان بل بيريسٽ فورڊ ڏاڍو وڻندو هو. ڪيولري سبالٽرن جي دل کي موهيندڙ هر ڪا خاصيت هن ۾ موجود هئي. هو جهانديدو ماڻهو ۽ ڪلبن ۽ اعليٰ طبقي جي هر انداز کان واقف هو. هو هڪٻئي پٺيان انڊيا جو وائسراءِ رهندڙ لارڊ ڊفرن ۽ لارڊ لينسڊائون جو سالن جا سال ملٽري سيڪريٽري ٿي رهيو. هو هڪ وڏو اسپورٽس مين هو جنهن پنهنجي سموري زندگي گهوڙن جي مقابلن ۾ گذاري هئي. پولو، گهوڙن جي ريس، گهوڙي تي ويهي جهنگلي سوئر جو شڪار ۽ بندوق سان وڏن جانورن جو شڪار سندس مشغوليتن جو اهم حصو هوندا هئا. ٻارهين لانسرز ۾ نوجوان آفيسر هوندي هن نائيٽس برج ۾ بلوز ميس مان ڊنر کان پوءِ هائونسلر ۾ ڪيولري بيرڪس ۾ وڃي اتي ڏهين حصارز پاران رکيل هڪ ڳورپٽ پڪڙي ٿيلهيءَ ۾ وجهي اهو ڪلهي تي کڻي تمام ٿوري وقت ۾ واپس نائيٽس برج پهچي هڪ وڏي شرط کٽي هئي. راند يا راند بابت جُوا جو اهڙو ڪو به اسم نه هو جنهن جو هن سواد نه ورتو هو. هن بابت آخري ڳالهه ته هو هڪ اهڙو آفيسر هو جنهن ٽن يا چئن جنگين ۾ فرض سرانجام ڏنا هئا ۽ پنهنجي هڪ ساٿي کي تمام ڏکين حالتن ۾ زولن (Zulus) جي ڀالن ۽ گولين مان بچايو هئائين. عوامي معاملن بابت سندس راين تي هلڪو سرڪاري رنگ چڙهيل هوندو هو پر اهي ڏاڍا قابل عمل هوندا هئا. عام هلت چلت ۽ پُر تڪلف آداب اخلاق بابت ته سندس راءِ کي ڪيترا ماڻهو بلڪل حتمي ۽ فيصلائتو سمجهندا هئا.
اهڙي شان شوڪت رکندڙ ۽ پُر آسائش ڊيپ ڊين ڏانهن منهنجي گهڻي اچ وڃ هوندي هئي. بل جون ڏاهپ ڀريون ڳالهيون ٻڌي يا پنهنجي ڏاهپ هن ڏانهن منتقل ڪندي آءُ ڪڏهن نه ٿڪبو هوس. مونکي سندس اها دعويٰ هر وقت ياد رهندي آهي ته مُهذب ملڪن جي وچ ۾ هاڻي ڪڏهن به ڪا جنگ نه لڳندي. هو چوندو هو ته مون ڪيترائي دفعا ملڪن کي بلڪل ڪناري تي ايندي ڏٺو آهي پر سدائين اهڙي ڪا نه ڪا شي واضح ٿي ويندي آهي جيڪا انهن کي جنگ کان روڪي وٺندي آهي. هو چوندو هو ته هاڻي دنيا ۾ تمام گهڻي سٺي سوچ موجود آهي ۽ انهيءَ جي موجودگي ۾ اها بڇڙي ۽ خطرناڪ شي دنيا جي مهذب ملڪن ۾ پکڙجي نه سگهندي. آءُ انهيءَ راءِ کي حتمي طور ته قبول نه ڪندو هوس پر انهيءَ ۾ مونکي ڪجهه وزن لڳندو هو جو ٽي يا چار دفعا جڏهن ماحول جنگ جي افواهن سان ڀرجي ويو ته مون اها ڳالهه ذهن ۾ آڻي پاڻ کي اطمينان ڏياريو ۽ ٽي يا چار دفعا انهيءَ راءِ کي سچو ثابت ٿيندي ڏٺو. اها راءِ وڪٽوريائي دور ۾ گذاريل زندگيءَ جو فطري عڪس هئي. پر هڪ وقت اهڙو به آيو جڏهن دنيا ايترن اونهن پاڻين ۾ لهي وئي جن ۾ لارڊ وليم بيريسٽ فورڊ يا سندس همعصر لٿا ئي نه هئا.
ڊيپ ڊين ۾ ئي سن 1896ع ۾ منهنجي سربنڊن بلڊ سان پهريون دفعو ملاقات ٿي. هيءَ جنرل هندستاني سرحد جو هڪ تمام معتبر ۽ تجربيڪار ڪمانڊر هو ۽ منهنجي ميزبان جو سڄي عمر دوست رهيو هو. هو 1895ع جي سرءُ جي مند ۾ مالاڪنڊ پاس تي پنهنجي ڪامياب حملي کان پوءِ تازو ئي پنهنجي وطن آيو هو. کيس پڪ هئي ته جيڪڏهن اڳتي هلي هندستاني سرحد تي ڪا مشڪلات پيش آئي ته اعليٰ ڪمانڊ کيس ئي سونپي ويندي. معنيٰ ته مستقبل جي خوشين جون ڪنجيون هن وٽ هيون. مون هن سان دوستاڻو تعلق قائم ڪري ورتو. هڪ آچر جي صبح جو ڊيپ ڊين جي روشن ۽ چمڪدار لان تي مون جنرل کان اهو واعدو وٺي ڇڏيو ته هندستاني سرحد تي هن کي وري جڏهن به ٻي ڪنهن مهم جي ڪمانڊ ملندي ته هو مونکي پاڻ سان گڏ هلڻ جي اجازت ڏيندو.
آءُ ڊيپ ڊين تي هڪ پريشان ڪُن تجربي مان به گذريس. اتي هڪ دفعو پرنس آف ويلز جي اعزاز ۾ هڪ پارٽي رکي وئي ۽ مون کي پڻ انهيءَ ۾ شرڪت جي دعوت ملي جيڪا ڪنهن سيڪنڊ ليفٽيننٽ لاءِ هڪ وڏو اعزاز هئي. ڪرنل بريبازون به مهمانن ۾ شامل هو. مونکي خبر هئي ته مونکي انهيءَ موقعي تي تمام بهترين اخلاق جو مظاهرو ڪرڻو پوندو ۽ وقت جي پابندي ڪندس ۽ ادب آداب ۽ چپ چپات ۾ رهندس. مختصر طور چئجي ته انهن سڀني خاصيتن جو مظاهرو ڪندس جيڪي مونکي قدرت طرفان گهٽ ۾ گهٽ عطا ٿيون آهن. مون کي ڊورڪنگ لاءِ ڇهين وڳي واري ٽرين وٺڻ گهربي هئي پر مون سوا ستين وڳي واريءَ ۾ وڃڻ جو فيصلو ڪيو. بهرحال ايستائين سڀ ڪم بهترين انداز ۾ ٿيندو رهيو پر سفر جو اڌ حصو پورو ٿيڻ کان پوءِ مون کي احساس ٿيو ته آءُ ڊنر تي پڪ دير سان پهچندس. ريل 8:18 تي اسٽيشن تي پهچڻي هئي ۽ اسٽيشن کان ڊيپ ڊين تائين ڏهن منٽن جو گاڏيءَ جو پنڌ هو تنهنڪري گاڏي هلندي اسٽيشن جي وچ ۾ ڪپڙا مٽائڻ شروع ڪيا. انهيءَ تي مون سان گڏ سفر ڪندڙ معززن کي اُلڪو ٿيو هوندو پر مون انهيءَ جو ڪو به خيال نه ڪيو. ريل گاڏي به تمام آهستي پئي هلي. وري هر اسٽيشن تي اسٽاپ به ڪيائين ٿي. آءُ ڊورڪنگ پهتس ته نَونَ ۾ ويهه منٽ هئا. آءُ لُوهه پائي گاڏي مان لٿس ته مونکي وٺڻ لاءِ آيل نوڪر کي پليٽفارم تي پريشان بيٺل ڏٺم. آءُ ٽپ ڏئي گهوڙي گاڏيءَ ۾ ويٺس ۽ جنهن رفتار سان گهوڙا گهلجندا پئي هليا انهيءَ مان مون محسوس ڪري ورتو ته منهنجي منزل تي هڪ شديد بحران منهنجي انتظار ۾ هوندو. بهرحال مون دل ۾ سوچيو ته آءُ ڪنهن ڪنڊ پاسي مان اچي ٽيبل تي ويهي رهندس ۽ ڪنهن جو به مون ڏانهن ڌيان ئي نه ويندو ۽ پوءِ معافي تلافي ڪري ڇڏيندس.
آءُ ڊيپ ڊين پهتس ته سڀ ماڻهو ڊرائنگ روم ۾ گڏ ٿيا ويٺا هئا. پارٽيءَ ۾ مون کان سواءِ ڪُل تيرنهن ماڻهو هئا. اها ته سڀني کي خبر آهي ته انهن ڏينهن جي رائل فيملي تيرنهن ڄڻن سان ويهي ڊنر ڪرڻ جي ڪيترو خلاف هئي. پرنس ته اهڙي صورتحال ۾ اندر وڃڻ کان ئي ٺپ جواب ڏئي ڇڏيو ۽ ٻن ٽيبلن تي رکيل ڪرسين ۾ ردوبدل جي به اجازت نه ٿي ڏنائين. هو پنهنجي روايت مطابق پوري ساڍي اٺين وڳي پهچي ويو هو. هاڻي نون ۾ ٻارنهن منٽ هئا. هاڻي انهيءَ ايتري وڏي ڪمري ۾ هڪ طرف اهي چونڊ ۽ معزز ماڻهو تمام خراب موڊ ۾ بيٺا هئا ۽ ٻئي طرف آءُ هڪ نوجوان ڇوڪرو هئس جنهن کي خاص مهرباني طور انهيءَ پارٽيءَ ۾ شرڪت جي دعوت ملي هئي. پر مون وٽ هڪ تمام سٺي وضاحت ته موجود هئي. عجيب اتفاق آهي ته اها وضاحت مون کي انهيءَ کان پوءِ به ڪيترا دفعا ڪم آڻڻي پئي آهي. آءُ صحيح وقت تي گهران نه نڪتو هوس! تنهنڪري مون اها وضاحت ڪم نه آندي. معافي جا هڪ ٻه لفظ هٻڪندي هٻڪندي وات مان ڪڍيا ۽ پرنس کي آداب ڪرڻ لاءِ وڌي ويس. ”ونسٽن! توکي پنهنجي رجمينٽ وارن وقت جي پابندي ڪرڻ نه سيکاري آهي ڇا؟“ پرنس پنهنجي تمام سخت لهجي ۾ چيو ۽ پوءِ تيز نظرن سان ڪرنل بريبازون ڏانهن نهاريائين. جنهن وري غضبناڪ نگاهن سان مون ڏانهن ڏٺو. اهو ڏاڍو ڏکيو لمحو هو! اسين ٻه ٻه ڄڻا ٿي ڊنر ٽيبل ڏانهن وڌياسين ۽ پورا چوڏنهن ڄڻا ٿي ويٺاسين. پرنس فطري طور ڏاڍو مهربان ماڻهو هو تنهن لڳ ڀڳ پندرنهن منٽن کان پوءِ مون سان ڳالهائي ۽ ڪا هلڪي ڦلڪي مذاق جهڙي ڳالهه ڪري مون کي سامت ۾ آندو.
منهنجي اها سوچيل سمجهيل راءِ آهي ته وقت جي پابندي نه ڪرڻ هڪ تمام بڇڙي عادت آهي ۽ مون پنهنجي سموري زندگي پاڻ کي انهيءَ کان پري رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڪجهه سال پوءِ مسٽر ويلڊن انهي موضوع تي مون سان ڳالهائيندي چيو هو ته: ”مون کي انهن ماڻهن جي سوچ ڪڏهن به سمجهه ۾ نه اچي سگهي آهي جيڪي سمورو ڏينهن هر ملاقات لاءِ ڏهه ڏهه منٽ دير ڪندا آهن.“ آءُ انهيءَ ڳالهه سان بلڪل متفق آهيا. سڌو سنئون طريقو اهو آهي ته ٽائيم ٽيبل مان هڪ يا ٻه ملاقاتون ئي ماڳهين ڪڍي ڇڏجن ۽ دير جو پورائو ڪري وٺجي. پر سوچ جي اهڙي پختگي تمام ٿورن ماڻهن وٽ هوندي آهي ماڻهن سان ڀريل ملاقاتين جي ڪمري ۾ نَو ملاقاتي پنهنجي پنهنجي واريءَ تي ڏهن ڏهن منٽن لاءِ ويٺا خفي ۽ پريشان ٿين انهيءَ کان بهتر آهي ته هڪ معزز کي در وٽان ئي بحثا بحثي ڪندي موٽائي ڇڏجي.

****

ڊسمبر 1895ع ۾ ڏکڻ آفريقا ۾ هڪ اهڙو واقعو ٿي گذريو جنهن کي آءٌ جڏهن پنهنجي زندگيءَ جي نقشي تي نظر وجهي ڏسان ٿو ته اهو مونکي خرابيءَ جو هڪ سرچشمو نظر اچي ٿو. گذريل اونهاري ۾ لارڊ سالسبري ڪنزرويٽو پارٽي جي 150 ووٽن جي اڪثريت سان حڪومت ۾ آيو هو ۽ بلڪل پُرسڪون دور حڪومت لاءِ تيار ويٺو هو. هن لاءِ Septennial Act ڪا ٿوري گهڻي رڪاوٽ پيدا ڪري ها. هن پنهنجي سامهون اهو مقصد رکيو هو ته هو سوڊان ۾ مسٽر گليڊ اسٽون جي بيعزتيءَ جو داغ ڌوئي صاف ڪندو. انهيءَ بيعزتي جو ڪارڻ هڪ ته جنرل گورڊون جو قتل ۽ ٻيو ته مجوبا هِل[1] (Majuba Hill) تي اسان جي شڪست کان پوءِ هن پاران هٿيار ڦٽا ڪرڻ هو. هن انهن ٻنهي مقصدن جي حاصلات لاءِ آهستي آهستي پختا قدم رکندي ۽ تمام احتياط سان ڪم شروع ڪيو. هن ڏاڍي احتياط سان يورپ ۾ امن جي فضا قائم ڪئي ۽ پنهنجي ملڪ ۾ به هر ڳالهه کي ٿڌو ۽ ماٺو رکندو آيو. جڏهن ڏور اوڀر ۾ روس جي توسيع پسندي برطانوي مفادن ۽ جاپان جي زندگيءَ لاءِ خطرو پيدا ڪرڻ لڳي ته هن پسپائي اختيار ڪرڻ کان به نه ڪيٻايو. روسين برطانيه جي چانئا فليٽ کي پورٽ آرٿر مان نڪري وڃڻ جو حڪم ڏنو ته به هو ماٺ رهيو. انهن ڏينهن جي لبرل مخالف ڌر سندس بي حوصلگيءَ تي جيڪي چوٽون ۽ چٿرون ڪيون اهي به هو سهندو رهيو. آمريڪا مان جڏهن وينيزولا بابت اولني نوٽ (Olney Note)،-حقيقت ۾ الٽيميٽم- آيو ته به هن اهڙو جواب موڪليو جنهن سان ڪاوڙ گهٽ ٿئي. هن پنهنجن مقصدن کي برطانوي سلطنت تائين محدود رکيو ۽ سوڊان ۽ ٽرانسوال لاءِ ميدان صاف رکندو آيو.
انهيءَ آخري ميدان ۾ مسٽر چيمبرلين به سرگرمي ڏيکاري رهيو هو. عظيم جو (Joe) لارڊ سالسبري کي 1886ع کان 1892ع تائين اقتدار ۾ رکڻ کان پوءِ 1895ع ۾ لبرل پارٽيءَ جو مختصر دور حڪومت ختم ڪرڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو هو. هن آخرڪار لارڊ سالسبري جي نئين حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو ۽ وڪٽوريائي دور جي اڌ تائين به غير اهم سمجهي ويندڙ ڪالونيل آفيس[2] سندس هٿن ۾ اچي قومي پاليسي جو اهم تخليقي اوزار بڻجي وئي. لارڊ سالسبري خرطوم جي خليفي ۽ پريٽوريا جي صدر ڪروگر (Kruger) سان حساب برابر ڪرڻ لاءِ ڏاڍو سوچي سمجهي قدم کڻندو پئي ويو ته کيس ڏکڻ آفريقي معاملي ۾ برمنگهم واري سلطنت جي سخت گير حمايتي کان به وڏو تحرڪ ملڻ لڳو.
انهن شخصي ۽ مزاجي وهڪرن کي هڪ پاسي رکندي ڏکڻ آفريقا ۾ واقعن جي جيڪا لهر پيدا ٿي اها سڀني ڳالهين کي ڌِڪيندي هڪ بحراني صورتحال ۾ پهچائي آئي. رانڊ[3] (Rand) ۾ سمنڊ مان نڪرندڙ سون جي سبب جوهانسبرگ فقط ڪجهه سالن ۾ نه فقط برطانيه پر سموري دنيا جي مالياتي ۽ اقتصادي معاملن ۾ هڪ حيثيت رکندڙ عنصر ٿي ويو. بوئر (Boer) هارين جا ابا ڏاڏا جن ويران پٽن تي لڏي اچي ويٺا هئا اتي هيستائين دهقاني زندگين مان مطمئن لڳا ويٺا هئا. هاڻي اهي سون جي کاڻين مان ملندڙ وڏن محصولن جا مالڪ ٿي ويا ۽ هڪ وڏي آباديءَ وارو، گهڻ ٻوليائي ۽ وڌندڙ ويجهندڙ جديد شهر انهن جي دم قدم سان آباد ٿي ويو. پريٽوريا ۾ هڪ مضبوط، باصلاحيت ۽ پُرعزم حڪومت جو نظام وجود ۾ اچي ويو ۽ سموري ڏکڻ آفريقا ۾ ڊچن (هالينڊ جي رهواسين) جي اميدن جو مرڪز ٿي پيو. اهو وڌ کان وڌ ملندڙ سون تي ٽيڪس هڻي پاڻ کي تڳائيندو رهيو ۽ لڳ لاڳاپن ۽ يورپي مدد جي تلاش ۾ هالينڊ ۽ جرمنيءَ تائين پنهنجا پر پکيڙي ڇڏيائين. انهيءَ سموري نظام جي پٺڀرائي لاءِ تنگ نظر ۽ تعصبي سوچ رکندڙ پنجاهه يا سٺ هزار بوئر هارين جي فوج موجود هئي. جيڪا دنيا جي بهترين رائيفل بردار گهوڙيسوارن ۽ منگولن کان پوءِ دنيا جي قابل ترين شهسوارن تي مشتمل هئي.
برطانوي اڪثريت تي ٻڌل جوهانسبرگ جا نوان رهاڪو- جن کي Outlanders چيو ويندو هو- بوئرن جي گندي ۽ بدعنوان حڪومت مان مطمئن نه هئا. انهن جي بي اطميناني جو وڏو سبب ڳرا ۽ روز بروز وڌندڙ ٽيڪس هئا. انهن پراڻو آواز بلند ڪيو ته: ”حڪومت ۾ نمائندگيءَ کان سواءِ ٽيڪس نه ڏينداسين.“ (No taxation without representation) انهن ووٽ جو حق گهرڻ شروع ڪيو. پر اهي جيئن ته پنهنجي اڪثريت سبب بوئي حڪومت تي ڇائنجي وڃن ها ۽ ٽرانسوال جي حڪومت ساڳين برطانوي هٿن ۾ اچي وڃي ها جن مان 1881ع ۾ کسي وئي هئي تنهنڪري انهن جو اهو حقي واجبي مطالبو ڪڏهن به تسليم نه ٿي سگهي ها.
مسٽر چيمبرلين آٽوٽ لينڊرز جي اڳواڻي جو ڪم هٿن ۾ کنيو. لارڊ سالسبري سندس پُٺ تي موجود رهندو آيو. اها دعوى ڪاغذي طور به ڏاڍي مضبوط هئي. پر ڪيترا به عقلي دليل ڏجن ڪير پنهنجي چمڙي لهرائڻ تي ڪڏهن به آماده نه ٿيندو آهي. ٽرانسوال جا پراڻا رهواسي پنهنجي خودمختياري يا ان جو ڪو موثر حصو نون آيلن کي ڪڏهن به نه ڏين ها. ڀلي اهي نوان آيل انگ ۽ اثر رسوخ جي لحاظ کان ڪيترا به وڌيڪ ڇو نه هجن. انهن جي مرضي اها هئي ته انهن تي ٽيڪس مڙهي انهن کي ماتحتي ۾ رکڻ جا ضروري وسيلا پيدا ڪندا رهن. صدر ڪروگر ۽ سندس دوستن جي سوچ اها هئي ته جيڪڏهن اهو تڪرار وڌندي سچي پچي جنگ تائين وڃي پهتو ته يورپ انهن جي حمايت ۾ ٽپي پوندو ۽ اهي سموري ڏکڻ آفريقا جا مالڪ ٿي ويندا. انهن جو ڪيس به پنهنجي جاءِ تي مضبوط هو. هاڻي انگلينڊ جيڪڏهن بوسٽن ٽي پارٽي[4] واري زبان ڪم آندي ته بوئر وري (آمريڪا جي) (War of secession) دوران ڏکڻ جي آبادگارن جهڙي هلت ڪندا. انهن بغير ڪنهن رک رکاءَ جي اها ڳالهه چئي ڇڏي ته برطانوي سامراج سون لاءِ لامارا ڏيندي انهن جي آخري پناهه گاهه تائين انهن جي پٺيان لڳو آيو آهي. انهيءَ تي مسٽر چيمبرلين به هيءَ ڳالهه ڦهڪائي ڏني ته هو سندن ملڪ جي ڏهن مان نو حصا پيدا ڪندڙ جديد پيداواري عنصرن کي پنهنجا شهري حق ڏيڻ کان انڪار ڪري رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته انهن کي ڊپ هو ته پوءِ انهن کي پنهنجي ڪافر (Kaffir) آبادي کي به ڇڏڻ جو موقعو نه ملندو. معنى ته ٽڪراءُ ڏاڍو خراب رُخ اختيار ڪري ويو هو.
مسٽر سيسل رهوڊز (Cecil Rhodes) چارٽرڊ ڪمپني جو چيئرمين ۽ خالق هو. هو چڱي حد تائين ڊچن جي مدد سان ڪيپ ڪالوني جو وزير اعظم به هو. ڊاڪٽر جيمسن سندس ماتحتي ۾ ڪم ڪندڙ ڪمپني جو ايڊمنسٽريٽر هو ۽ ڏاڍي مضبوط ۽ هُوڙهه شخصيت جو مالڪ هو. هن ميفڪنگ (Mafeking) ۾ ڇهه يا ست سو ماڻهن جي هڪ مختصر فوج به گڏ ڪري ورتي هئي ته جيڪڏهن آٽوٽ لينڊرز پنهنجون شهري ۽ سياسي آزاديون حاصل ڪرڻ لاءِ اٿي کڙا ٿين جنهن جي هو اڪثر ڌمڪي ڏيندا رهندا هئا ته اهڙي صورت ۾ جيڪڏهن ضروري هجي ته هو مسٽر رهوڊز جي رضامندي ۽ برطانوي حڪومت جي منظوري سان فوراً ميفڪنگ کان 150 ميل پري جوهانسبرگ ڏانهن مارچ ڪري ۽ اجائي خون خرابي کي روڪي وٺي.
هڪ طرف اها صورتحال هئي ته وري جوهانسبرگ ۾ واقعي اهڙي قسم جي سازش ٿي به رهي هئي ته آئوٽ ليندرز لاءِ طاقت جي زور تي شهريت جي حقن جو مطالبو ڪيو وڃي. انهيءَ لاءِ پئسي جي ڪابه کوٽ نه هئي جو سازشين ۾ سون جي کاڻين جا وڏا وڏا مالڪ به شامل هئا. انهن جا وڏا حامي انهن جا ملازم ۽ جوهانسبرگ جي غير ڊچ آبادي هئي. اهي غير ڊچ تعداد جي لحاظ کان باقي سموري ٽرانسوال جي آباديءَ کان وڌيڪ هئا. نيٺ اپريل جي هڪ صبح جو جوهانسبرگ ۾ هڪ عبوري حڪومت قائم ٿي وئي ۽ ڊاڪٽر جيمسن ست سو گهوڙيسوار ۽ ٻه توپون کڻي شهر ڏانهن روانو ٿي ويو.
انهي واقعي يورپ کي لوڏي وڌو ۽ سموري دنيا ۾ جوش ۽ جذبي جي لهر پيدا ٿي وئي. جرمنيءَ جي قيصر صدر ڪروگر ڏانهن پنهنجو مشهور ٽيليگرام موڪليو ۽ موقعي تي موجود جرمن بحري فوجين کي ڊيلاگوئا بي (Delagoa Bay) تي لهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. برطانيه عظمى تي هر ملڪ ۾ لعنت ملامت ڪئي وئي. گهڻي وقت کان تيار بيهاريل بوئر ڪمانڊوز ڊاڪٽر جيمسن ۽ سندس فوج کي سولائي سان گهيري ۾ آڻي ڇڏيو ۽ ڏاڍي سخت ويڙهه کان پوءِ انهن کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. ساڳئي وقت ٽرانسوال جي ٻين وڏين فوجن جوهانسبرگ جي بغاوت کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ ان سان لاڳاپيل سڀني اڳواڻن ۽ لکاپتين کي گرفتار ڪري ورتو. جڏهن ڊاڪٽر جيمسن جي ڪاهه (Raid) جون خبرون پهريون ڀيرو انگلينڊ پهتيون ته برطانوي حڪومت فوراً سندس قدم کان لاتعلقي جو اظهار ڪري ڇڏيو. سيسل رهوڊز جوهانسبرگ ۾ لفظ ئي اهي چيا ته: “He has upset my applecart” لارڊ سالسبري وڳوڙ کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجي ديريني ۽ سگهاري سفارتڪاري جا سڀ وسيلا ڪم آڻي ڇڏيا. جوهانسبرگ سازش جي سرڪردن کي موت جون سزائون ملڻ کان پوءِ تاوان ۾ وڏيون رقمون وٺي آزاد ڪيو ويو. بوئرن جيمسن جي فوجين کي برطانوي انصاف جي حوالي ڪري ڇڏيو. انهن جي اڳواڻ ۽ سندس نائبن تي ڪيس هليو ۽ کين ٻه سال قيد جي سزا ڏني وئي.
لبرل پارٽي جي نظرداري هيٺ سخت انڪواري ڪرائي وئي ته جيئن خبر پوي ته مسٽر چيمبرلين يا مسٽر رهوڊز جيڪڏهن انهيءَ سازش کان باخبر هئا ته انهيءَ ۾ سندن حصو ڪيتريقدر هو. انهيءَ انڪوائري تمام گهڻو وقت ورتو ۽ آخر ۾ ڪنهن حتمي نتيجي تي نه پهتي ۽ اهو معاملو آهستي آهستي ختم ٿي ويو ۽ پنهنجي پٺيان تاريڪ نتيجن جو هڪ سلسلو ڇڏي ويو. سموري دنيا ۾ برطانوي شهرت کي وڏو شديد زخم رسيو. ڊچن ڪيپ ڪالونيءَ ۾ سيسل رهوڊز کي حڪومت مان ڪڍي ڦٽو ڪري ڇڏيو. برطانوي قوم جرمني جي شهنشاهه جي ٽيليگرام کي دشمناني نيت جو اظهار سمجهيو ۽ انهيءَ ڳالهه کي ڪڏهن به پنهنجي ذهن مان نه ڪڍيو. شهنشاهه وري برطانوي سامونڊي طاقت آڏو پاڻ کي مڪمل طور بيوس سمجهندي پنهنجو سمورو ڌيان سامونڊي ٻيڙو ٺاهڻ ڏانهن ڪري ڇڏيو. سموري ڏکڻ آفريقي سياست پرامن طريقن جي راهه کان هٽي وئي. برطانوي آبادڪار مدد لاءِ برطانوي حڪومت ڏانهن واجهائڻ لڳا ۽ انهيءَ سموري برصغير ۾ موجود ڊچ نسل ٻنهي بوئر رياستن جي جهنڊي هيٺ گڏ ٿي ويو. برطانوي حڪومت انهيءَ تباهه ڪن ڌچڪي کان پوءِ پاڻ سنڀالي ورتو. جڏهن ته ٽرانسوال حڪومت آئوٽ لينڊرز تي اڃان وڌيڪ ٽيڪس هڻي انهي آمدني مان تمام گهڻو هٿياربند ٿيڻ شروع ڪيو. ويڙهه جي سڀني سببن کي ڀڙڪايو ويو ۽ انهن جو فيصلو اڃان وڌيڪ اهم عدالت ڏانهن موڪليو ويو.
زندگيءَ سان ڀرپور انهيءَ اونهاري جي موسم ۾ منهنجي ماءُ ٻنهي پارٽين جي سياستدانن، ادب، ۽ فن جي اهم شخصيتن سان گڏوگڏ ٻين دلچسپ شخصيتن کي لاڳيتو مانيءَ جي دعوتن تي گهرائيندي رهي. هڪ دفعي هن انهيءَ سلسلي ۾ ڏاڍي فراخدليءَ جو مظاهرو ڪيو. سرجان ولوباءِ اسان جي ڪٽنب جو هڪ تمام پراڻو دوست هو. هو ڊاڪٽر جيمسن جي فوج ۾ شامل هو ۽ ضمانت تي آزاد هو جو سندس ڪيس لنڊن ۾ هلي رهيو هو. حقيقت ۾ انهيءَ ئي مون کي پهريون دفعو منهنجي راند جي گهوڙيسوار سپاهين کي هر اول دستي (Advanced Guard) جي صحيح تربيت (Formation) ۾ بيهڻ سيکاريو هو. آءٌ هائونسلو مان موٽيس ته هو مون کان اڳ ئي لنچ لاءِ پهچي ويو هو. منهنجي ماءُ کي ٻاهران موٽڻ ۾ ڪجهه دير ٿي وئي هئي. اوچتو دروازو کليو ۽ نوڪر مسٽر جان مورلي جي اچڻ جو اطلاع ڏنو. مون خطري جي بوءِ محسوس ڪري ورتي هئي پر همٿ ڪري ٻنهي کي هڪٻئي سان ملايم. انهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه ٿي ئي نه پئي سگهيو. جان مورلي پاڻ کي کڻي سوڙهو ڪيو ۽ پنهنجو هٿ وڌائڻ کان سواءِ بلڪل رسمي انداز ۾ ٿورڙو ڪنڌ جهڪايائين. ولوباء انهيءَ جي ڪابه موٽ نه ڏني ۽ بي تعلق بڻيو سامهون نهاريندو رهيو. آءٌ اندروني طور ڏڪي ويس ۽ ڪا گفتگو شروع ڪرڻ جي ڪوشش ۾ واري وٽيءَ سان ٻنهي کان عام رواجي سوال پڇندو رهيس. جلد ئي منهنجي ماءُ به اچي وئي ۽ مون سک جو ساهه کنيو. هن ۾ اهڙي موقعي کي منهن ڏيڻ جون صلاحيتون موجود هيون ۽ مانيءَ جو سلسلو گهڻو اڳتي وڌڻ کان اڳ ڪوبه نئون ماڻهو اهو محسوس نه ڪري ها ته ٽيبل تي ويٺل چئن مان ٻه ڄڻا هڪ ٻئي سان سنئون سڌو مخاطب نه ٿيا آهن. آخر ۾ مون ائين محسوس ڪيو ته اهي جيڪڏهن هڪٻئي سان سنئون سڌو مخاطب ٿين ها ته به انهيءَ ۾ هنن لاءِ ڪو مسئلو نه هجي ها پر اهي جيئن ته هڪ دفعو جيڪا پوزيشن وٺي بيهي رهيا ته انهي تي ئي قائم رهڻو پئجي وين. مونکي شڪ ٿيو ته اهو اتفاق نه پر منهنجي ماءُ جي هڪ رٿ هئي. هن انهيءَ غير معمولي سخت مزاج ۾ ڪجهه نرمي آڻڻ ٿي گهري ۽ ڏکڻ آفريقا ۾ انهي حملي (Raid) واري واقعي کي عام رواجي سياست واري سطح تي آڻڻ چاهيو ٿي. پر انهيءَ واقعي ۾ انساني رت وهيل هئي جنهن سان ڳالهه ٻي ٿي وڃي ٿي.
مونکي اهو ٻڌائڻ جي ڪا ضرورت نه آهي ته آءٌ ايڪويهن سالن جي عمر ۾ ڊاڪٽر جيمسن ۽ سندس ماڻهن جو وڏو حامي هوس. ٻنهي طرفن تي تڪرار جا جيڪي سبب هئا اهي به مون چڱي طرح سمجهيا ٿي. مون کي انهن ڏينهن جي تمنا هئي جڏهن اسين مجوبا جو بدلو وٺنداسين. مونکي اهو ڏسي ڏاڍو صدمو پهتو ته اسان جي ڪنزرويٽو حڪومت انهيءَ بحران ۾ ڏاڍي بزدلي ڏيکاري. حڪومت پاران گمراهه مخالف ڌر آڏو ڪنڌ جهڪائي بيهي رهڻ ۽ انهن بهادرن کي سزا ڏيڻ تي به مونکي ڏاڍو شرم محسوس ٿيو. انهن مان ڪيترن کي آءٌ چڱي طرح سڃاڻندو هوس. مونکي ڏکڻ آفريقا بابت ايندڙ سالن ۾ اڃان گهڻو ڪجهه سکڻو هو.


____________
[1] سائوٿ آفريقا جي اوڀر ۾ 6500 فوٽ اوچو جبل، سن 1881ع ۾ انهيءَ جي ڀرسان بوئرن برطانوين کي شڪست ڏني هئي. (سنڌيڪار)
[2] برطانوي نوآبادين جو نگران سرڪاري کاتو. (سنڌيڪار)
[3] رانڊ اصل ۾ Witwatersrand سائوٿ آفريقا ۾ هڪ جابلو سلسلو آهي ۽ ان جو وڏو حصو جوهانسبرگ جي اولهه ۾ آهي. اتان 1880ع واري دور کان سون ڪڍڻ جو ڪم هلندڙ آهي. (سنڌيڪار)
[4] بوسٽن ٽي پارٽي (1773ع): آمريڪي انقلاب کان اڳ برطانوين سان نو آبادياتي مخالفت جو اظهار ڪندڙ فقرو. آمريڪي شدت پسندن جي هڪ گروه سستي چانهه جي درآمد تي اعتراض ڪندي چانهه جي هڪ وڏي کيپ بوسٽن جي بندر ۾ اڇلائي ڇڏي هئي. (سنڌيڪار)

باب اٺون: انڊيا India

اسان جو انڊيا جي سفر تي اُسهڻ جو وقت اچي ويو هو. اسين سائوٿيمپٽن کان فوجي جهاز تي روانا ٿياسين جنهن تي 1200 فوجي سوار هئا ۽ ٽيويهن ڏينهن جي سفر کان پوءِ بمبئي جي بندر تي لنگر انداز ٿياسين. اتي جيڪو منظر اسان جي سامهون هو انهيءَ کي هڪ مختلف دنيا چئي سگهجي ٿو.
جهاز تي موجود آفيسرن ۽ سپاهين لڳ ڀڳ هڪ مهيني تائين جهاز جي ڪوٺڙين ۾ بند رهڻ کان پوءِ جڏهن بمبئي جي پام جي وڻن ۽ محلاتن کي پنهنجي سامهون هڪ وسيع چنڊ جي شڪل ۾ ڏٺو هوندو ته اهي ڪيترا نه خوش ٿيا هوندا! انهيءَ جو تصور ڪرڻ ڪا ڏکي ڳالهه نه آهي. اسان سمنڊ جي جرڪندڙ ۽ موجدار پاڻي ۽ ڪناري تي ٺهيل پُشتي کان پرتي انهيءَ منظر تي اکيون کُپائي ڇڏيون. هر ماڻهو بنا دير ڪناري تي وڃي انڊيا کي ڏسڻ ٿي گهريو. جهاز مان لهڻ جي سلسلي ۾ ٿيندڙ جن ڪارواين ۽ ديرين کي عام مسافرن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو اهي شاهي خرچ تي سفر ڪرڻ لاءِ اڃان وڌيڪ هونديون آهن. بهرحال منجهند جو ٽين وڳي ڌاران اهڙا حڪم اچي ويا ته اسين رات جو اٺين وڳي جهاز مان لهنداسين جو انهيءَ وقت ٿڌڪار به ٿي ويندو. البت ڪجهه آفيسر پنهنجي مُنهن ڪناري تي وڃي سگهن ٿا. اسان جي جهاز جي چوڌاري سڄو ڏينهن ٻيڙين جو ميڙو لڳو پيو هو جيڪي وير سان گڏ هيٺ مٿي ٿي رهيون هيون. اسان وڏي بيتابيءَ سان انهن مان ڪجهه ٻيڙين کي پاڻ ڏانهن سڏائي ورتو. اسين تقريباً پندرنهن منٽن ۾ ”ساسون ڊاڪ“ (Sassoon Dock) جي گهاٽ تي پهچي وياسين. مون ۽ منهنجن ٻن دوستن کي ٻيڙي جي وڻندڙ لوڏن مان ڏاڍي فرحت پئي آئي ۽ آءٌ پاڻ کي اتي ڏسي ڏاڍو خوش ٿي رهيو هوس. اسين پٿر جي ٺهيل هڪ وڏي ڀت جي ڀرسان اچي بيٺاسين جنهن جا ڏاڪا به پاڻيءَ ۾ پسي رهيا هئا. انهيءَ تي هٿ وجهي مٿي چڙهڻ لاءِ لوهه جا ڇلا لڳل هئا. سمنڊ ۾ ايندڙ اڀام سان ٻيڙي به چار يا پنج فوٽ مٿي ٿي وري هيٺ ٿي رهي هئي. مون پنهنجو هٿ وڌايو ۽ هڪ ڇلي کي هٿ سان جهليو پر ڏاڪن تي پير رکڻ کان اڳ ئي ٻيڙي نڪري وئي ۽ منهنجي ساڄي ڪلهي ۾ ڏاڍي سخت سٽ اچي وئي. آءٌ ڦٿڪي سٿڪي مٿي ته چڙهي ويس ۽ الفابيٽ جي منڍ وارن اکرن سان شروع ٿيندڙ عام نوعيت جا ڪجهه لفظ چئي ٿوري دير ڪلهي کي هٿ ۾ جهلي ويهي رهيس. جلد ئي اها ڳالهه منهنجي ذهن مان نڪري وئي.
آءٌ هتي پنهنجي نوجوان پڙهندڙن کي اها صلاح ڏئي ڇڏيان ته اهي نڪتل ڪلهن کان خبردار رهن. ٻين ڪيترين ڳالهين وانگر هن مسئلي ۾ به پهريون قدم اهميت وارو هوندو آهي. ڪلهي کي جوڙي بيهندڙ جهلي يا سخت کل چڱي خاصي سٽ کان پوءِ ئي ڇڄي ڌار ٿيندي آهي. پر جيڪڏهن اها هڪ دفعو ڌار ٿي وئي ته پوءِ ڏاڍو ڏکيو اهنج هميشه لاءِ باقي رهجي ويندو آهي. منهنجو ڪلهو جيتوڻيڪ نڪري ته نه پيو هو پر مونکي اهڙي ضرب اچي وئي هئي جنهن جو اثر منهنجي سموري زندگي باقي رهڻو هو. اها مونکي پولو راند ۾ لاچار ڪندي رهي. انهيءَ جي سبب آءٌ ٽينس راند ڪڏهن به کيڏي نه سگهيس ۽ ڪنهن به خطري، ويڙهه، جهيڙي ۽ ڪنهن به قسم جي جسماني ڪوشش ڪرڻ وقت اها منهنجي لاءِ وڏي پريشاني جو سبب ٿيندي رهي. منهنجو ڪلهو تڏهن کان وٺي وقت بوقت تمام ٿورين ٿورين ڳالهين تي نڪرندو رهيو آهي. ٻانهن ويهاڻي هيٺان ڏئي سمهيو هوندس، لائبريريءَ ۾ شيلف تان ڪتاب پيو کڻندو هوندس يا ڪڏهن ترندي ته ڪڏهن ڏاڪڻ تان پير ٿڙندي ڪلهو نڪتو پيو هوندو. هڪ دفعو ته هائوس آف ڪامنز ۾ تقرير ڪندي ٻانهن کي ڪجهه وڌيڪ ئي لوڏو ڏنو هوم تڏهن به اهو بلڪل نڪرڻ تي هو ۽ منهنجي خيال ۾ ته ٻيا سڀ ميمبر به ڏاڍي اچرج ۾ پئجي ويا هوندا ته هنن جنهن مقرر جي تقرير پئي ٻڌي اهو الائي ڇو اوچتو پٽ تي ڪري پيو آهي. حقيقت اها آهي ته آءٌ ٻانهن جي هڏي ڏانهن وڌي ويل دٻاءَ کي گهٽائڻ جي ڪوشش ۾ غير ارادي طور هيٺ ڪري پيو هوس.
اهو هڪ حادثو هڪ وڏي بدقسمتي هو. انهيءَ هوندي به ڪنهن کي خبر نه ٿي پئجي سگهي ته ممڪن آهي ته اها بدقسمتي اڳتي هلي خوش قسمتي ٿي پوي. آءٌ اومدرمام (Omdurmam) جي حملي ۾ مائوزر پستول بجاءِ جيڪڏهن تلوار ڪم آڻي سگهان ها ته شايد منهنجي هيءَ ڪهاڻي هيستائين نه پهچي سگهي ها. جڏهن ڪو برو اتفاق پيش اچي ته ماڻهو کي اها ڳالهه ڪڏهن به نه وسارڻ گهرجي ته ممڪن آهي ته اها ڳالهه ڪنهن اڃان به خراب شي کان بچائي وجهي. اهو به ٿي سگهي ٿو ته توهان پاران ٿيل ڪا عظيم غلطي به توهان جي ڪنهن سوچيل سمجهيل قدم کان توهانکي وڌيڪ فائدو ڏئي وجهي. زندگي ۽ ڀاڳ هڪ ڪُل (whole) جي حيثيت رکن ٿا ۽ انهن مان ڪنهن جي به هڪ جز کي باقي سموري حصي کان جدا نه ٿو ڪري سگهجي.
اچو ته دنيا جي انهيءَ حصي ۾ پنهنجي سفر جي روداد جو سلسلو شروع ڪريون جنهن کي ڪرنل بريبازن پنهنجي الوداعي تقرير ۾ ”تاج برطانيه جو مشهور ڀاڱو“ چيو هو. اسان کي پونا ۾ هڪ ريسٽ ڪيمپ ۾ موڪليو ويو. اتي اسين رات جو دير سان پهتاسين. اسان ٻي رات به هڪ وڏي ميدان تي ٻٽي تهه وارن خيمن ۾ گذاري. صبح ٿيندي ئي پٽڪا ٻڌل، ڏاڍا شائستا ۽ باتڪلف ڏسڻ ۾ ايندڙ ماڻهو اچي گڏ ٿيا جيڪي بٽلر، ڊريسنگ بئاء ۽ هيڊ گھُروم ٿيڻ لاءِ درخواستون کڻي آيا هئا. انهن سڀني وٽ هتان انگلينڊ رواني ٿيل رجمينٽ جي آفيسرن طرفان ڏنل تصديقي خط به هئا. اهي ماڻهو انهن ڏينهن ۾ ڪيولري سبالٽرن جي گهر جو بنياد هوندا هئا ۽ مختصر رسمي ڪارواين ۽ ادبن آدابن کان پوءِ آفيسر جي سموري گهريلو زندگي جي مڪمل ذميوارين جو بار پنهنجن ڪلهن تي کڻي ڇڏيندا هئا. توهان جيڪڏهن چاهيندا هجو ته ماڻهو توهانجي خدمت ۾ بيٺا هجن ۽ توهان گهريلو پريشانين کان آجا هجو ته انهيءَ سلسلي ۾ ٽيهه سال اڳ وارو انڊيا جو ملڪ هر لحاظ کان مڪمل هوندو هو. توهان کي ڪرڻو فقط اهو پوندو ته پنهنجا سڀ ڪپڙا ۽ ورديون ڊريسنگ بئاء جي حوالي ڪري ڇڏيو. پنهنجا سڀ گهوڙا سائيس جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجا پئسا بٽلر کي ڏئي ڇڏيو پوءِ توهان کي ڪنهن به شي جو فڪر ۽ ڳڻتي ڪرڻ جي ضرورت نه پوندي. اهڙي طرح توهانجي ڪابنيا مڪمل ٿي ويندي ۽ انهن مان هر هڪ وزير ڄاڻ، تجربي ۽ ديانتداريءَ سان پنهنجو عهدو سنڀاليندو. اهي پنهنجي ذميواريءَ کي پنهنجون حياتيون ارپي ڇڏيندا هئا ۽ پوري ساري پگهار، انصاف ڀري هلت ۽ ٻن ٽن مهرباني جي لفظن جي بدلي ۾ هرڪا خدمت بجا آڻيندا هئا. انهن جي ڪائنات توهان جي لٽي ڪپڙي ۽ ٻين ننڍڙين ننڍڙين شين جي دائري ۾ محدود ٿي ويندي هئي. انهن لاءِ ڪهڙو به ڪم ڏکيو نه هوندو هو. ڪيترو به ڪم وٺجين ٿڪبا نه هئا ۽ هر حالت ۾ پُرسڪون رهندا هئا. شهزادا به اسان کان بهتر حالت ۾ رهي نه ٿي سگهيا.
اسان جي خيمي وٽ آيل درخواست گذارن ۾ ٻه يا ٽي سائيس به هئا جن وٽ پولو جا گهوڙا ۽ اڳين مالڪن طرفان ڏنل تعارفي خط هئا. پوءِ وري ڳاڙهي ۽ سونهري فراڪ سان هڪ وڏي شان شوڪت وارو ماڻهو هڪ وڏي مهر لڳل لفافو کڻي آيو. اهو گورنر لارڊ سينڊهرسٽ جو قاصد هو ۽ مون ۽ منهنجي دوست هيوگو بيرنگ (Hugo Baring) لاءِ انهيءَ رات گورنمينٽ هائوس ۾ ڊنر جي دعوت کڻي آيو هو. اهو سمورو ڏينهن اسين مصروف رهياسين. مصروفيت وري گهڻي ڀاڱي اها هئي جو جن سپاهين کان ٽوپلا پائڻ وسري ٿي ويا انهن کي ڇڙٻون ڏيندا رهياسين ته اهي ٽوپلا نه پائي پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي رهيا آهن. شام جو اسين گورنمينٽ هائوس وياسين ۽ ڏاڍي جلويدار، شان و شوڪت ۽ ٿڌي شامپين واري ضيافت مان لطف اندوز ٿياسين. راڻي جو جام صحت نوش ٿي وڃڻ ۽ مانيءَ کان پوءِ هز ايڪسيلنسي مهرباني ڪري مون کان ڪيترين ئي ڳالهين بابت منهنجو رايو معلوم ڪيو. سندس مهمان نوازيءَ جو اهڙو شاهانه انداز ڏسڻ کان پوءِ مون سمجهيو ته سندس ڳالهين جو مڪمل جواب نه ڏيڻ مناسب نه ٿيندو. هاڻي برطانوي ۽ هندستاني معاملن جا اهي خاص نقطا ته مون کان وسري ويا آهن جن بابت هن مون کان صلاحون ۽ مشورا ورتا هئا. پر مون کي اها ڳالهه ياد آهي ته مون سندس سوالن جا تفصيلي جواب ڏنا هئا. گفتگو دوران ڪجهه اهڙا لمحا به آيا جڏهن هو پنهنجا رايا پيش ڪرڻ لاءِ آماده نظر پئي آيو پر مون سوچيو پئي ته هن کي ايتري تڪليف ۾ وجهڻ سٺي ڳالهه نه آهي. تنهنڪري هن هر دفعي پاڻ کي روڪي پئي ورتو. هن مهرباني ڪري پنهنجو اي ڊي سي به اسان سان گڏ موڪلي ڏنو جيئن هو اها خاطري ڪري اچي ته اسين خيريت سان ڪيمپ واپس پهچي ويا آهيون. مجموعي طور چئجي ته مون اٺيتاليهن ڪلاڪن جي ڳوڙهي اڀياس کان پوءِ انڊيا بابت تمام سٺو رايو قائم ڪري ورتو. منهنجو خيال هو ته ماڻهو اهي شيون ڪڏهن ڪڏهن پهرئين نظر ۾ ئي مڪمل طور ڏسي وٺندو آهي. جيئن ڪنگ ليڪ (King Lake) چيو آهي: ”ڪنهن به شي تي هوائي نظر وجهڻ سان اها شي درست تناسب ۾ نظر اچي ويندي آهي ۽ ماڻهو کي صحيح فيصلو ڪرڻ ۾ مدد ملندي آهي. انهيءَ جي ابتڙ ڪنهن به شيءِ جو بلڪل گهرائي سان جائزو وٺڻ سان اها نظر جي غلط زاويي ۾ اچي ويندي آهي ۽ ماڻهو صحيح فيصلو نه ڪري سگهندو آهي.“ انهيءَ ڏينهن جڏهن اسين سمهياسين ته اسان جي ذهنن ۾ اهو احساس بلڪل صحيح نموني اجاگر ٿي ويو هو ته انگلينڊ انڊيا ۾ ڪيترو نه عظيم ڪم سرانجام ڏئي رهيو آهي ۽ اهو انهن پراچين پر وڻندڙ قومن تي حڪومت ڪري جيڪو انهن جي پنهنجي ۽ اسان جي ڀلائي جو اعلى مقصد هٿن ۾ کنيو هو انهيءَ بابت به اسان جي ذهنن ۾ پختو شعور قائم ٿي ويو هو. پر ڏسڻ ۾ ائين ٿي آيو جو شايد سمهڻ کان فوراً پوءِ بگلن ريويلي وڄائي ڇڏي[1]، جو اسان کي 5:10 وڳي واري ٽرين تي بنگلور لاءِ 36 ڪلاڪن جي سفر جي شروعات ڪرڻي هئي.
ڏکڻ انڊيا جي وسيع ٽڪنڊي پٽ تي دکن جي نظام ۽ ميسور جي مهاراجا جا علائقا اچي وڃن ٿا. انهن علائقن جي مجموعي ايراضي فرانس جي ملڪ جيتري ٿيندي. بنگلور ۽ سڪندرآباد ۾ فوجي ڇانوڻين جي ذريعي انهن علائقن ۾ امن امان قائم ٿيل آهي. انهن مان هر هڪ ڇانوڻي ته ٻن کان ٽن هزارن تائين فوجي رهن ٿا. هر هڪ تي وري انهن کان ٻيڻو انگ هندستاني فوجين جو به رهندو آهي. جيئن ڪنهن به قسم جي ٽريننگ ۽ مشقن لاءِ هر قسم جي هٿيارن سان ليس فوجي دستا هر وقت دستياب هجن. برطانوي ڇانوڻيون لازمي رواج مطابق ڳتيل آباديءَ وارن شهرن کان پنج يا ڇهه ميل پري ٺهيل آهن ۽ انهن ٻنهي جي وچ ۾ وري هندستاني رجمينٽن جي رهائش جون جايون آهن. برطانوي سپاهي وڏين ٿڌين، دالانن وارين بيرڪن ۾ رهندا آهن. انهن جا نقشا ٺاهڻ ۾ سوچ ويچار ۽ ترتيب سان گڏوگڏ انهن جاين کي زمين ڏيڻ ۾ به فراخدليءَ کان ڪم ورتو ويو آهي. گورن جي چڱي خاصي آباديءَ جي انهن مرڪزن جون خاص نشانيون وڏا ويڪرا روڊ، اڻ کٽ ٻٽا رستا جن جي ٻنهي پاسي کان گهاٽي ڇانو وارا وڻ ۽ ڪافي مقدار ۾ صاف پاڻي آهن. انهيءَ سان گڏوگڏ اتي بارعب آفيسون، اسپتالون ۽ وڏا پريڊ گرائونڊ ۽ رائيڊنگ اسڪول پڻ آهن.
بنگلور سطح سمنڊ کان ٽي هزار فوٽ مٿي آهي. انهي ڪري هتان جي آبهوا ڏاڍي سٺي آهي. ڏينهن جو جيتوڻيڪ سج جي تپش ڏاڍي تيز هوندي آهي پر تمام گرم مهينن کان سواءِ راتيون ڏاڍيون ٺري پونديون آهن. تمام وڏين ڪونڊين ۾ لڳل يورپي گلابن جا مختلف قسم خوشبوء ۽ رنگ جي لحاظ کان تمام بهترين ٿي ويندا آهن. ٻيا مختلف گل، گلن وارا ٻوٽا ۽ وليون به تمام ڪثرت سان ٿين ٿيون. ڍورن ۽ پوسل وارن علائقن جي آسپاس نانگ گهڻا ٿين ٿا. سج جي روشنيءَ ۾ سهڻن رنگن وارا پوپٽ پيا اڏامندا آهن ۽ چنڊ جي روشني ۾ ناچو ڇوڪريون ناچ ڪنديون آهن.
آفيسرن لاءِ ڪي به جايون ٺهيل نه آهن. انهن کي پگهار ۽ ٻين فائدن سان گڏوگڏ مهينيوار لاجنگ الائونس ملندو آهي. اها جملي رقم ايتري هوندي جنهن سان هڪ وڏي گوگڙي جيتري ڳوٿري چاندي جي رپين سان ڀرجي ويندي آهي. ڪيولري ميس جي چوڌاري ڪشادا هڪ ماڙ بنگال ٺهيل آهن جن مان هر هڪ جي چوديواري جي اندر ميدان ۽ باغ پڻ آهن. سبالترن کي هر مهيني جي آخر ۾ پنهنجي چانديءَ جي ڳوٿري ملندي آهي جيڪا کڻي هو لڏندو لمندو پنهنجي بنگلي تي پهچندو آهي ۽ خوشيءَ مان ٽڙندڙ پنهنجي بٽلر کي اڇلائي ڏيندو آهي. انهيءَ کان پوءِ اصولي طور کيس ڪنهن به دنياوي ضرورت جو فڪر ڪرڻو نه پوندو آهي. پر انهن ڏينهن جي ڪيولري رجمينٽ ۾ اها ڳالهه بهتر ليکي ويندي هئي ته راڻي طرفان کُليءَ دل سان ملندڙ معاوضن کان ٽيڻو يا چوڻو الائونس گهر مان به اچڻ گهرجي. اسان کي پنهنجين خدمتن عيوض مجموعي طور تقريباً چوڏهن شلنگ في ڏينهن جي حساب سان پگهار ملندي هئي جنهن سان گڏ ٻن گهوڙن جي سار سنڀال لاءِ لڳ ڀڳ ٽي پائونڊ في مهينو جدا ملندا هئا. منهنجي مجموعي آمدني اها پگهار ۽ 500 پائونڊ ساليانو ملندڙ رقم هوندي هئي جنهن مان هر ٽئين مهيني قسط ملندي هئي. اڃان وڌيڪ گهربل رقم تمام ڳري وياج تي مقامي ساهوڪارن کان اوڌر وٺڻي پوندي هئي. اهي ساهوڪار پنهنجي گراهڪن کي اوڌر بابت هر ڪا سهوليت ڏيندا هئا. هر آفيسر کي انهن کان هوشيار رهڻ جو تاڪيد ڪيو ويندو هو. مون کي ته اهي هميشه ڏاڍي وڻندڙ طبيعت جا مالڪ ڏسڻ ۾ آيا: تمام ٿلها، تمام بااخلاق، بلڪل ايماندار ۽ بيرحميءَ جي حد تائين ڦورو. توهان کي فقط ڪاغذ جي ننڍڙن ٽُڪڙن تي صحيحون ڪرڻيون پونديون هيون ۽ پوءِ ڄڻ ته ڪنهن جادوئي لٺ جي ذريعي پولو جو گهوڙو موجود ٿي ويندو هو. حساب ڪتاب ٿي وڃڻ کان پوءِ هو مسڪرائيندو اُٿندو هو، هٿن سان پنهنجو منهن ڍڪيندو هو ۽ پنهنجا جوتا پائي گهوڙي تي چڙهي اطمينان سان روانو ٿي ويندو هو ۽ ساڳئي تاريخ تي ٽن مهينن کان پوءِ ظاهر ٿيندو هو. اهي فقط ٻه سيڪڙو في مهينو وٺندا هئا ۽ انهيءَ مان به انهن جو گذر سفر ڏاڍو سٺو ٿيندو هو ڇاڪاڻ ته انهن جا سڀ قرض واپس ٿي ملندا هئا.
اسان ٽنهي ريجينالڊ بارنيس، هيوگو بيرنگ ۽ مون ڦوڙي ڪري هڪ محل جهڙو بنگلو ورتو. انهيءَ تي گلابي ۽ سفيد رنگ ڏنل هو ۽ ڇت ۾ ڳريون سرون پيل هئس. ڪمرن جي سامهون سفيد پلستر ٿيل ٿنڀن تي بيٺل وڏا ويرانڊا هئس ۽ چوطرف بوگن ويلا جي ولين ۾ ڍڪيو پيو هو. انهيءَ جي وڏن گرائونڊن سميت ايراضي ٻه کن ايڪڙ هوندي. هن بنگلي ۾ اڳئين رهندڙ کان اسان کي ڏيڍ سو کن شاندار گلاب جا ٻوٽا پڻ مليا جن ۾ (Marechal Niel, La france) ۽ (Gloria de Dijon) جهڙا قسم به شامل هئا. اسان انهيءَ ۾ ٽيهن گهوڙن جي بيهڻ لاءِ ڪچين ڀتين سان هڪ طنبيلو به ٺاهي ڇڏيو. اسان جي ٽنهي بٽلرن گڏجي هڪ اهڙي ٽمورتي ٺاهي ورتي جنهن ۾ ڪڏهن به ڪي اندروني اختلاف پيدا نه ٿيا. اسين ڦوڙيءَ ۾ برابر رقم ڏئي دنياوي مسئلن کان آزاد ٿي پاڻ کي زندگيءَ جي سنجيده مسئلي لاءِ ارپي ڇڏيندا هئاسين.
اهو سنجيده مسئلو فقط هڪ لفظ پولو ۾ سمايل هوندو هو. ڊيوٽي کان پوءِ اهوئي اسانجين دلچسپين جو مرڪز هوندو هو. پر پولو کيڏڻ کان اڳ توهان وٽ گهوڙن جو هئڻ لازمي هو. اسان انگلينڊ کان ايندي سامونڊي سفر دوران ئي رجمينٽل پولو ڪلب ٺاهي ورتو هو جنهن ۾ پولو کيڏندڙ توڙي نه کيڏندڙ سڀني آفيسرن کي پوري ساري رقم باقاعدگيءَ سان چندي طور جمع ڪرائڻي هئي جنهن مان وري اهي لازمي اتحادي حاصل ڪرڻ لاءِ رقم اوڌر ملڻي هئي. انگلينڊ کان ايندڙ رجمينٽ بابت اهو سمجهيو ويندو هو ته اها هندستاني پولو جي دنيا ۾ هڪ ٻن سالن تائين ڪنهن ليکي ۾ ئي نه ايندي. اها رجمينٽ انهيءَ عرصي ۾ مناسب تعداد ۾ گهوڙا گڏ ڪري وٺندي هئي. پر اسان جي پولو ڪلب جي صدر ۽ سينئر آفيسرن تمام ڊگهي ۽ ڳوڙهي بحث مباحثي کان پوءِ اهو طي ڪري ورتو ته هڪ دليراڻو ۽ نئين قسم جو قدم کڻڻو آهي.
هندستان ۾ عربي نسل جي گهوڙن جي درآمد جو مکيه واپاري مرڪز بمبئي جا اصطبل (Bycullah) آهن. پُونا لائيٽ هارس هڪ مقامي رجمينٽ آهي. جنهن ۾ گهڻي ڀاڱي برطانوي آفيسر آهن. اها جيئن ته مستقل طور انڊيا ۾ رهندي آهي تنهنڪري اها عربي نسل جي گهوڙن جي خريداريءَ ۾ ٻين رجمينٽن کان وڏي فائدي ۾ رهندي آهي. اسان پونا مان گذرندي انهن جي گهوڙن کي آزمائي ڏٺو هو ۽ انهن سان تمام اهم ڳالهيون ٻولهيون ڪيون هيون ۽ آخرڪار اهو طي ٿيو هو ته رجمينٽل پولو ڪلب پولو لاءِ ڪم ايندڙ پنجويهه ئي گهوڙا پونا لائيٽ هارس کان خريد ڪندو. جئين اهي گهوڙا اڳتي هلي انٽر رجمينٽل ٽورنامينٽ ۾ ڪاميابيءَ لاءِ بنياد جو ڪم ڏين. آءُ صحيح نموني بيان ئي نه ٿو ڪري سگهان ته انهيءَ عظيم الشان ڪم ۾ اسان ڪيتري نه گهري دلچسپي ۽ انهماڪ سان حصو ورتو هو. هندستاني پولو جي تاريخ ۾ اڳ ۾ ڏکڻ هندستان جي ڪنهن ڪيولري رجمينٽ انٽر رجمينمٽل ڪپ نه کٽيو هو. اسانکي خبر هئي ته اهو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششن، تدبيرن ۽ تڪليفن جا ٻه يا ٽي سال لڳي ويندا. پر اسان کي يقين هو ته جيڪڏهن ٻيون سڀ دلچسپيون هڪ پاسي ڪري ڇڏجن ته ڪاميابي ناممڪن نه آهي. اهڙيءَ طرح اسين پوري انهماڪ سان اهو مقصد حاصل ڪرڻ لڳي وياسون.
مون کي اها ڳالهه ٻڌائڻ به وسارڻ نه گهرجي ته اسان کي ڪيتريون ئي فوجي ڊيوٽيون به سرانجام ڏيڻيون پونديون هيون. هر روز باک ڦٽي کان اڳ هڪ ڌُنڌلو وجود اچي اسان کي ننڊ مان اٿاريندو هو ۽ چيڙهالي هٿ سان کاڏيءَ کي ڏاڍي مهارت سان مٿي ڪري گجي لڳل ڳچي تي چمڪندڙ پاڪي هڻڻ شروع ڪندو هو. رجمينٽ ڇهين وڳي پريڊ تي پهچي ويندي هئي ۽ اسين گهوڙن تي چڙهي هڪ وڏي ميدان تي پهچندا هئاسين جتي ڏيڍ ڪلاڪ تائين ڊرل ۽ فوجي مشقون ڪندا هئاسين. پوءِ موٽي اچي بنگلي تي وهنجندا هئاسين ۽ ميس ۾ نيرن ڪندا هئاسين. پوءِ نائين وڳي کان تقريباً ساڍي ڏهين وڳي تائين اردلي روم (Orderly room) ٿيندو هو. پوءِ سج ۾ تپش اچڻ کان اڳ اسين بنگلي تي موٽي ايندا هئاسين. وڏي ايراضيءَ تي پکڙيل ڪينٽونمينٽ ۾ فاصلا ايترا ته وڏا هوندا هئا جو پنڌ هلڻ ناممڪن هوندو هو. اسين هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تائين گهوڙن تي چڙهيا پيا هلندا هئاسين پر ٻارهين وڳي وارو سج پنهنجي پوري آپيشاهي طاقت ڏيکاريندو هو ۽ سڀئي گورا يارهين وڳي کان اڳ اندر هليا ويندا هئا. اسين ڏيڍ وڳي ساڙيندڙ اُس ۾ مانيءَ لاءِ ٿوري دير ٻاهر نڪرندا هئاسين ۽ موٽي اچي پنجين وڳي تائين سمهي رهندا هئاسين. هاڻي ڇانوڻيءَ ۾ وري زندگي ۽ رونق اچڻ شروع ٿي ويندي هئي اهو پولو جو وقت هوندو هو. اسين سمورو ڏينهن انهيءَ وقت جي انتظار ۾ ئي گذاريندا هئاسين. انهن ڏينهن ۾ منهنجي عادت هوندي هئي ته راند ۾ مونکي جيڪو به چڪو (Chukka) واري ملندي هئي انهيءَ ۾ شامل ٿي ويندو هوس. راند جي ترتيب صبح جو ئي ڏاڍي ڌيان سان ٺهي تيار ٿي ويندي هئي ۽ هڪ ننڍڙو ٺاهوڪڙو پٽيوالو وڃي پني تي لکي ايندو هو ته ڪهڙا ڪهڙا آفيسر ڪيترا چڪا کيڏڻ گهرن ٿا. پوءِ وڌ ۾ وڌ ماڻهن کي راند جو وڌ ۾ وڌ موقعو ڏيڻ لاءِ سراسري حساب ڪيو ويندو هو. آءُ ورلي ئي ڪڏهن اٺن کان گهٽ يا ڏهن يا ٻارهن کان وڌيڪ چڪا کيڏي سگهيو هوندس.
پولو گرائونڊ تي شام جا پاڇا ڊگها ٿيندا هئا ته اسين به ٿڪي ٽٽي ۽ پگهرجي واپس موٽندا هئاسين ۽ آرام ڪري وهنجي سهنجي ساڍي اٺين وڳي رجمينٽل بينڊ جي ڌنن ۾ ڀريل گلاسن ۾ برف جي کڙڪن تي اچي ڊنر تي وهندا هئاسين. مانيءَ کان پوءِ جنهن جو ڀاڳ ڀلو هوندو هو ۽ ان کي ڪو سينئر آفيسر انهن ڏينهن جي مروج پتي راند Whist لاءِ پڪڙي نه ويهاريندو هو ته هو اچي چانڊوڪيءَ ۾ ساڍي ڏهين يا وڌ ۾ وڌ يارهين تائين ويهي سگريٽ پيئندو هو ۽ پوءِ سمهي رهندو هو. جيڪا مونکي خبر آهي ۽ مون جيڪو ٽن ورهين جو وقت گذاريو آهي اُنهيءَ موجب هندستان جو ڊگهو ڏينهن اهڙو هوندو آهي.

باب نائون: بنگلور ۾ تعليم Education in Bangalore

اها سن 1896ع جي مند هئي ۽ مون پنهنجي عمر جا لڳ ڀڳ ٻاويهه ورهيه پورا ڪيا هئا جو مون ۾ علم حاصل ڪرڻ جي خواهش پيدا ٿي. مون اها ڳالهه محسوس ڪرڻ شروع ڪئي ته سوچ ۽ فڪر جي ڪيترن ئي وسيع دائرن بابت مونکي بلڪل معمولي ڄاڻ به حاصل نه آهي. مون لفظن جو وڏو ذخيرو حاصل ڪري ورتو هو ۽ جهڙي طرح سڪا مشين ۾ پوندا ويندا آهن اهڙيءَ طرح لفظن کي پنهنجي جاين تي جڙي بيهندو ڏسڻ به منهنجي لاءِ خوشيءَ جو باعث هوندو هو. مون پاڻ کي ڪيترائي اهڙا لفظ ڪتب آڻيندي پڪڙي ورتو جن جي تُز معني آءُ جيڪر نه ٻڌائي سگهان ها. مونکي اهي لفظ وڻندا هئا پر انهن کي ڪتب آڻيندي ڊپ ٿيندو هو ته متان ڪا بي معنيٰ ڳالهه نه ڪري وجهان. انگلينڊ ڇڏڻ کان اڳ، منهنجي هڪ دوست هڪ ڏينهن هي لفظ چيا: ”اخلاقيات ۾ يسوع مسيح جي انجيل[2] حرف آخر آهي.“ مونکي اهي لفظ ٻڌڻ ۾ سٺا لڳا پر اخلاقيات (Ethics) جو مطلب ڇا هو؟ مون هيرو يا سينڊهرسٽ ۾ ته انهن جو ذڪر نه ٻڌو هو. بيان جي اڳ پوءِ ذهن رکندي مون سوچيو ته انهيءَ جو مطلب ”پبلڪ اسڪول وارو جذبو“. راند کيڏڻ، پنهنجي گروهه سان وابستگي، ايمانداريءَ واري هلت چلت، حب الوطني يا لازماً اهڙيون ڪي ڳالهيون هونديون. پوءِ ڪنهن ماڻهوءَ مونکي ٻڌايو ته اخلاقيات جو تعلق نه صرف انهن ڪمن سان آهي جيڪي توهان کي ڪرڻ گهرجن پر انهيءَ سان به آهي ته توهان کي اهي ڇا لاءِ ڪرڻ گهرجن ۽ اهو ته انهيءَ موضوع تي مڪمل ڪتاب لکيل آهن. آءُ ته جيڪر ڪنهن اسڪالر کي ٻه پائونڊ به ڏيان ها ته مونکي اخلاقيات بابت ڪلاڪ يا ڏيڍ ڪلاڪ جو ليڪچر ڏئي ها ته انهيءَ جو اسڪوپ ڇا آهي؟ انهيءَ جون اهم شاخون ڪهڙيون آهن؟ اهو ڪهڙن اهم مسئلن سان بحث ڪري ٿو؟ انهيءَ ۾ ڪهڙا وڏا اختلافي موضوع آهن ۽ انهيءَ علم جا مڃيل استاد ۽ معياري ڪتاب ڪهڙا آهن؟ پر هتي بنگلور ۾ ته اهڙو ڪو به ماڻهو نه هو جيڪو مونکي پئسن عيوض اخلاقيات بابت ڳالهيون ٻڌائي ها. ٽيڪٽڪس (Tactics) تي مونکي مضبوط گرفت هئي، سياسيات بابت منهنجو هڪ نقطئه نظر هو پر اخلاقيات جو هڪ مختصر پر جامع خاڪو هڪ نئين ڳالهه هئي جيڪا مقامي طور حاصل ٿي نه ٿي سگهي.
اهو ته فقط هڪ مثال آهي پر اهڙيون ڊزن کن ٻيون به ذهني ضرورتون هيون جيڪي مون کي شدت سان تنگ ڪري رهيون هيون. مون کي اها ته خبر هئي ته يونيورسٽين جا نوجوان ته اوڻيهن يا ويهن ورهين جي ڄمار ۾ ئي انهي گيڙپ گيڙي سان ڀريل هوندا آهن ۽ منجهائيندڙ سوال پُڇي سگهندا آهن ۽ وايون بتال ڪندڙ جواب ڏئي سگهندا آهن. اسين خود انهن کي يا هو جنهن برتري جو اظهار ڪندا هئا انهيءَ کي ڪا اهميت ئي نه ڏيندا هئاسين ڇاڪاڻ ته اسان کي اها ڳالهه ذهنن ۾ هوندي هئي ته اهي ته فقط پنهنجن ڪتابن جا ماهر آهن جڏهن ته ماڻهن جي ڪمان اسان جي هٿن ۾ آهي ۽ اسين سلطنت جي دفاع جو ڪم ڪري رهيا آهيون. انهيءَ هوندي به انهن مان ڪجهه ڇوڪرن جي تمام گهڻي ۽ هر صورتحال جي موافق معلومات ڏسي منهنجي دل ننڍي پئي ٿيندي هئي. هاڻي منهنجي خواهش هئي ته مونکي ڪو اهڙو قابل استاد ملي وڃي جنهن جون آءُ هر روز ڪلاڪ کن ڳالهيون ٻُڌان ۽ هن کان سوال جواب ڪريان.
پوءِ مون ڪنهن کي ”سقراطي طريقو“ (Socratic method) جا لفظ ڪم آڻيندي ٻڌو. انهيءَ جو مطلب ڇا هو؟ ڀلا سقراط ڪير هو؟ هو بحث جو وڏو شوقين هڪ يوناني هو جنهن جي زال کيس تنگ پئي ڪندي هئي ۽ کيس آخر ڪار خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو ڇاڪاڻ ته کيس آبادي جي لاءِ نقصانڪار سمجهيو ٿي ويو. انهيءَ هوندي به هو بلاشڪ ته ڏاڍي اهميت وارو شخص هو. هو پڙهيل لکيل ماڻهن جي نظرن ۾ ڏاڍو وزن رکندو هو. مون سقراط جي ڪهاڻيءَ کان واقف ٿيڻ ٿي گهريو. ايترا زمانا گذرڻ کانپوءِ به سندس شهرت برقرار رهڻ جو سبب ڪهڙو هو؟ آخر اهي ڪهڙا مسئلا هئا جو هن جي چيل ڳالهين جي سبب هڪ حڪومت کي کيس مارڻو پئجي ويو. اهي ضرور ڪي ڳنڀير مسئلا هوندا جو اٿيني حاڪم ۽ هن باتوني پروفيسر ٻنهي مان هڪ جي زندگيءَ جو خاتمو ڪرڻ لازمي ٿي پيو هو. اهڙين دشمنين جو سبب ڪي ننڍڙيون ڳالهيون نه هونديون آهن. ظاهر آهي ته سقراط گهڻو وقت اڳ هڪ فڪري ڊائنامائيٽ (Intellectual Dynamite) ۽ اخلاقي بم (Moral Bomb) وجود ۾ آڻي چڪو هو جيڪي تمام گهڻا ڌماڪا خيز هئا. پر ڪئينز ريگيوليشنز ۾ ته انهيءَ بابت ڪا ڳالهه درج ٿيل نه هئي.
انهيءَ کان پوءِ وري تاريخ جو مضمون هو. اسڪول ۾ تاريخ سدائين منهنجو پسنديده مضمون رهيو هو پر تڏهن اسان کي بلڪل بي جان، خشڪ ۽ تلخيصون ٿيل (The Student’s Hume) جهڙا ڪتاب ڏنا ويندا هئا. هڪ دفعو ته مونکي انهي ڪتاب جا هڪ سو صفحا موڪلن جي ڪم طور مليا هئا. منهنجي اسڪول وڃڻ کان اڳ بلڪل غير متوقع طور منهنجو پيءُ انهيءَ مان منهنجو امتحان وٺڻ اچي ويٺو. هن جيڪي صفحا کوليا انهن ۾ چارلس پهرئين جو ذڪر هو. هن مون کان (Grand Remonstrance) بابت پڇيو. مون چيو ته آخر ۾ پارليامينٽ بادشاه کي شڪست ڏئي ڇڏي ۽ سندس سر قلم ڪري ڇڏيو. منهنجي خيال ۾ ته انهيءَ کان وڏي ٻي ڪنهن (Grand Remonstrance) جو تصور ئي نه پيو ڪري سگهجي. اها ڳالهه صحيح نه هئي. منهنجي پيءُ چيو ته اهو هڪ تمام ڳنڀير مسئلو آهي جنهن جا اثر اسان جي آئيني تاريخ جي سموري جوڙجڪ تي پون ٿا. اهي ڳالهيون تنهنجي اسڪولي ڪم جي بلڪل وچ تي پيون آهن ۽ توکي ڪنهن به لحاظ کان خبر ئي نه آهي ته انهيءَ سان ڪيترا وڏا معاملا لاڳاپيل آهن. سندس ڳڻتي ڏسي آءُ ته پريشان ٿي ويس. مونکي تنهن وقت اها ڳالهه سمجهه ۾ ئي نه پئي آئي ته انهيءَ ڳالهه کي ايتري اهميت ڇو ٿي ڏني وڃي. هاڻي مون انهي بابت به وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪرڻ ٿي گُهري.
تنهنڪري مون تاريخ، فلسفي، اقتصاديات ۽ اهڙين شين بابت ڪتاب پڙهڻ جو پڪو پهه ڪيو ۽ انهن مضمونن بابت مون جن ڪتابن جا نالا ٻڌا هئا اهي پنهنجي ماءُ ڏانهن خط ۾ لکي اهي موڪلڻ لاءِ چيو. هن تمام ڦڙتائي سان جواب ڏنو ۽ پوءِ مون وٽ هر مهيني ٽپال ذريعي معياري ڪتابن جي چڱي ڀلي هڙ ايندي رهي. تاريخ ۾ مون گبن کان شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. مونکي ڪنهن ماڻهوءَ ٻڌايو هو ته منهنجو پيءُ گبن کي شوق سان پڙهندو هو ۽ هن کي انهيءَ جا صفحن جا صفحا ياد هوندا هئا ۽ انهيءَ ڪتاب سندس تقرير ۽ تحرير جي انداز تي وڏو اثر وڌو هو. تنهنڪري آءُ بنا دير ڊين مل مين واري ايڊيشن ۾ گبن جي ”روسي شهنشاهيت جو عروج ۽ زوال“ (The Decline and Fall of Roman Empire) جي اٺن جلدن کي لڳي ويس. آءُ فوراً ڪتاب جي سلسله بيان ۽ اسلوب جي اثر هيٺ اچي ويس. اصطبلن مان واندو ٿيڻ کان وٺي شام جي پاڇن پاران پولو جو وقت ٿيڻ جو اعلان ڪرڻ تائين هندستاني ڏينهن جي وچ وارن ڊگهن روشن ڪلاڪن ۾ آءُ گبن کي ڳڙڪائيندو ويس. آءُ انهيءَ ۾ شروع کان آخر تائين فاتحانه انداز ۾ ڪونتل ڪُڏائيندو ويس ۽ انهيءَ سموري مان لطف اندوز ٿيس. آءُ پنهنجا رايا صفحن جي حاشين تي لکندو ويندو هوس ۽ مون جلد ئي محسوس ڪري ورتو ته منهنجي راءِ سندس بارعب ۽ پاڪباز ايڊيٽر پاران ڪيل گلائن جي ڀيٽ ۾ اصل ليکڪ ڏانهن وڌيڪ لاڙو رکي ٿي. سندس شرارت آميز حاشيا منهنجو توجهه هن ڏانهن ڇڪي نه سگهيا. ٻئي طرف ڊين پاران ڪيل دستبردارين ۽ معافين به مونکي چيڙائي وڌو. آءُ ”روسي شهنشاهيت جو عروج ۽ زوال“ (The decline and fall of the Roman Empire) مان ايترو ته خوش ٿيس جو مون فوراً گبن جي آتم ڪهاڻي به پڙهڻ شروع ڪئي جيڪا خوشقسمتيءَ سان ساڳئي ايڊيشن ۾ آيل هئي. مون جڏهن سندس پوڙهي نرس بابت سندس هي لفظ پڙهيا ته: ”منهنجي حياتيءَ هجڻ تي جيڪڏهن ڪي ماڻهو خوش آهن ۽ مون کي پڪ آهي ته اهڙا ڪجهه ماڻهو ضرور هوندا ته سندن شڪريي جي مستحق به اها بهترين ۽ پياري عورت آهي.“ ته مون کي مسز ايوريسٽ ذهن ۾ اچي وئي. سندس لوح مزار اهائي ٿيندي.
آءُ گبن کانپوءِ ميڪالي ڏانهن متوجه ٿيس. سندس شاعريءَ جو مجموعو (The Lays of the Ancient Rome) مون بر زبان ياد ڪيو هو ۽ اهو مون کي ڏاڍو پسند هو. مون کي اها به خبر هئي ته هن تاريخ تي هڪ ڪتاب لکيو هو پر مون انهيءَ جو هڪ صفحو به نه پڙهيو هو. مون هاڻي انهيءَ شاندار رومانس تي قدم رکيو ۽ انهيءَ ۾ سڙهه کولي تيز هوا ۾ سفر ڪيو. مونکي ياد آهي ته مسز ايوريسٽ جي ڀيڻيوي پوڙهي جيل وارڊن وٽ ميڪالي جي تاريخ جي هڪ ڪاپي هوندي هئي. هن اها حصن ۾ خريد ڪري اهي گڏ جلد ڪرايا هئا. مون کي اهو به ياد آهي ته هو ان بابت ڏاڍي عزت ڀرئي انداز ۾ ڳالهائيندو هو. مون ميڪالي جي سموري تحرير کي مقدس ڪتاب قبول ڪيو پر هن ڊيوڪ آف مارلبورو بابت جيڪي سخت فيصلا ڏنا آهن اهي پڙهي مون کي ڏک به ٿيو. تڏهن منهنجي آسپاس اهڙو ڪو به ماڻهو نه هو جيڪو مونکي ٻڌائي ها ته جادوئي اسلوب ۽ زبردست خوداعتمادي رکندڙ اهو مورخ ادبي بدمعاشن جو شهزادو آهي جيڪو صداقت کي ڇڏي داستان کي اختيار ڪندو آهي ۽ عظيم ماڻهن مان جنهن کي وڻيو اٿس ان جي ثنا خواني ڪئي اٿائين ته ڪنهن جي شهرت کي داغدار ڪري ڇڏيو اٿائين ۽ تاريخي دستاويزن ۾ پنهنجي ڪهاڻي مطابق تحريفون ڪيون اٿائين. هن منهنجي اعتماد ۽ منهنجي پوڙهي دوست وارڊن جي سادي يقين کي دوکو ڏنو تنهن ڪري آءُ کيس معاف نٿو ڪري سگهان. انهيءَ هوندي به آءُ اها ڳالهه تسليم ٿو ڪريان ته آءُ ٻئي لحاظ کان سندس تمام گهڻو زيربار به آهيان. آءُ سندس Essays مان به سندس تاريخ جيترو ئي لطف اندوز ٿيس.
آءُ نومبر کان مئي مهيني تائين هر روز چار يا پنج ڪلاڪ تاريخ ۽ فلسفي تي ڪتاب پڙهندو رهيس. افلاطون جو ريپبلڪ - مونکي هو عملي طور هر لحاظ کان سقراط جهڙو لڳو؛ مسٽر ويلڊن جو ايڊٽ ٿيل ارسطو جو پاليٽڪس، شوپنهارجي (Pessimism) ۽ مالٿوس جي (Population) تي تحرير ۽ ڊارون جو ڪتاب اَنواع جي منڍ (Origin of Species)، ٻين ڪجهه گهٽ اهم ڪتابن سان گڏوگڏ اهي ڪتاب به منهنجي مطالعي ۾ رهيا. اهو هڪ پُرتجسس تعليمي سلسلو هو. انهيءَ جو هڪ سبب اهو هو ته مون اهو ڪم بلڪل خالي ذهن سان شروع ڪيو هو ۽ مونکي ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو شوق هو. مون جيڪو ڪجهه پڙهيو ٿي انهيءَ کي هضم به ڪندو ٿي ويس. ٻيو ته منهنجي آسپاس اهڙو ڪو ماڻهو نه هو جيڪو مونکي ٻڌائيندو رهي ته: ’اُهو ڪتاب ايترو مستند نه آهي، تون انهن ڳالهين جي جوابن لاءِ فلاڻا فلاڻا ڪتاب پڙهه انهن ٻنهي کي گڏ پڙهڻ سان توکي بحث جو خلاصو ملي ويندو. انهيءَ موضوع تي ٻيو اڃا سٺو ڪتاب اٿئي.‘ هاڻي آءُ زندگيءَ ۾ پهريون دفعو يونيورسٽين جي انهن ڇيڳرن ڇوڪرن تي ريسون کائڻ لڳس جن وٽ هر شي کان واقف ڪرائڻ لاءِ بهترين اسڪالر موجود هوندا آهن. اهڙا پروفيسر جيڪي علم جي هر شاخ جي نظرين تي مهارت حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجيون حياتيون وقف ڪري ڇڏيندا آهن ۽ پنهنجي حياتي جو ڏيئو وسامجي وڃڻ کان اڳ پنهنجا گڏ ڪيل خزانا ورهائڻ لاءِ آتا هوندا آهن. پر هاڻي آءُ يونيورسٽي ۾ گريجوئيشن ڪندڙن کي پنهنجي زندگيءَ جو اهو سڀ کان قيمتي دور راند روند ۾ گذاريندي ڏسندو آهيان ته مونکي انهن تي ڏاڍو افسوس ٿيندو آهي. ماڻهوءَ جي زندگيءَ جو فڪر (Thought) يا عمل (Action) ٻنهي مان ڪنهن هڪ جي صليب تي ٽنگيل هئڻ لازمي آهي. ڪو به ڪم ڪرڻ کان سواءِ ڪا به تفريح يا راند روند نه هئڻ گهرجي.
آءُ جڏهن سقراطي موڊ ۾ هوندو آهيان ۽ پنهنجي ريپبلڪ جون رٿائون پيو رٿيندو آهيان ته خوشحال شهرين جي پٽن جي تعليم ۾ تمام وڏيون تبديليون ڪري ڇڏيندو آهيان. آءُ سوچيندو آهيان ته اهي جڏهن سورنهن يا سترهن ورهين جا ٿين ته اهي ڪو هنر سکڻ شروع ڪن ۽ صحت بخش جسماني ڪم ڪن ۽ پنهنجي واندڪائي واري وقت ۾ شاعري ۽ گيت پڙهن، ناچ، ڊرل ۽ جمناسٽڪ ڪن. اهڙي طرح انهن کي ڪنهن ڪارائتي ڪم تي پنهنجي ٻاڦ ڪڍڻ جو موقعو ملندو رهندو. آءُ انهن کي يونيورسٽي وڃڻ جي اجازت تڏهن ئي ڏيندس جڏهن انهن ۾ علم جي حقيقي تڙپ پيدا ٿيندي ۽ اهي مختلف شين بابت نيون ڳالهيون ٻڌڻ جي تمنا ڪندا. يونيورسٽي وڃڻ به هڪ عنايت ۽ نوازش هوندي ۽ اهڙي رعايت هوندي جنهن لاءِ ڪيترائي ماڻهو سڌون پيا ڪندا پر اها فقط انهن کي ئي ڏني ويندي جيڪي ڪارخاني يا زمين تي ڪم ڪري پنهنجي قابليت مڃرائيندا يا جن جون صلاحيتون ۽ شوق سڀ کان نمايان هوندا. پر اهي رٿائون عمل ۾ اچڻ سان ٻيون ڪيتريون ئي شيون درهم برهم ٿي وينديون ۽ هڪ وڏو مانڌاڻ مچي ويندو ۽ شايد آخرڪار مونکي زهر جو پيالو پيئڻو پئجي ويندو.

* * * * *

ايندڙ ٻن سالن دوران مون جيڪي ڪتاب پڙهيا انهن مون ۾ اها تحريڪ پيدا ڪئي جو مون پاڻ کان مذهب بابت سوال پڇڻ شروع ڪيا. هيستائين مونکي جيڪا به ڳالهه ٻڌائي ويندي هئي آءُ انهيءَ کي تسليم ڪري ويهي رهندو هوس. ايستائين جو مون کي موڪلن ۾ به هفتي ۾ هڪ دفعو گرجا گهر وڃڻو پوندو هو ۽ هيرو ۾ ته روزاني صبح شام جي عبادت کان سواءِ آچر ڏينهن ته ٽي دفعا گرجا گهر ويندا هئاسين. اهي سڀ ڏاڍا چڱا ڪم هئا. مون انهن ورهين ۾ مذهبي حڪمن جي پوئيواريءَ جي بينڪ ۾ ايتري چڱي خاصي پونجي جمع ڪرائي ڇڏي هئي جو تڏهن کان وٺي آءُ وڏي اعتماد سان انهيءَ مان ڪڍرائيندو رهيو آهيان، شادين، ڇٺين، فوتين جي موقعن تي به مستقل سالياني آمدني ٿيندي رهي ٿي. مون پنهنجي کاتي بابت بلڪل تفصيلي پڇائون به نه ڪرايون آهن. اهو به ممڪن آهي ته آءُ پيش وصولي (اوور ڊرافٽ) ڪري ويو هجان. پر هاڻي جواني جي انهن روشن ڏينهن ۾ به گرجا گهر ۾ منهنجون حاضريون آچر جي ڏينهن کان وڌيڪ هونديون هيون. آرميءَ ۾ به باقاعدگيءَ سان چرچ پريڊون ٿينديون هيون ۽ آءُ ڪڏهن رومن ڪيٿوليڪ ته ڪڏهن پروٽيسٽنٽ چرچ هليو ويندو هوس. برطانوي آرميءَ ۾ مذهبي رواداري وڌندي وڌندي لاتعلقيءَ جي حدن تائين وڃي پهتي هئي. ڪنهن به ماڻهو سان سندس مذهب جي بنياد تي ڪڏهن به ڪو تعصبي برتاء نه ٿيندو هو نه ئي انهيءَ بنياد تي سندس راهه ۾ ڪا رڪاوٽ وڌي ويندي هئي. هر ماڻهوءَ کي مذهبي حڪمن جي پوئواريءَ ۾ ريگيوليشنز مطابق سهوليتون موجود هونديون هيون. انڊيا ۾ ڪل ديوتائي شهنشاهي مندر ۾ ته هڪ سو مسلڪن جي ديوين ديوتائن جا بت به ڏاڍي احترام سان رکيا ويندا هئا. اسين رجمينٽ ۾ ڪڏهن ڪڏهن هنن ڳالهين بابت بحث مباحثا ڪندا هئاسين ته: ”ڇا اسين هن دنيا جي خاتمي کان پوءِ وري ڪا حياتي گذارينداسين؟ ڇا اسان اڳ ۾ به ڪا حياتي گذاري آيا آهيون؟ ڇا اسين موت کان پوءِ هڪٻئي کي ياد رکندا آهيون، ۽ هڪٻئي سان ملندا آهيون يا ٻوڌين وانگر نئين سر شروعات ڪندا آهيون؟ ڇا ڪا ارفع ذهانت دنيا جي معاملن تي اک رکيون ويٺي آهي يا شيون ڪنهن نه ڪنهن نموني پيون ٿيون هلن؟“ بهرحال انهيءَ ڳالهه تي سڀ ماڻهو متفق ٿي ويندا هئا ته توهان جيڪڏهن باعزت زندگي گذارڻ جي پنهنجي سر پوري ڪوشش ڪريو ٿا، پنهنجي ڊيوٽي سرانجام ڏيو ٿا، دوستن سان وفادار آهيو ۽ ڪمزورن ۽ غريبن سان ناروا سلوڪ نه ٿا ڪريو ته اها ڳالهه گهڻي اهميت نه ٿي رکي ته توهان جو ڪنهن عقيدي ۾ ايمان آهي يا نه. هر ڳالهه صحيح ٿي ويندي. منهنجي خيال ۾ انهيءَ سوچ کي اڄڪلهه `The Religion of Healthy Mindedness` جو نالو ڏيڻ گهرجي.
ڪجهه سينئر آفيسر عورتن ۽ هيٺين طبقن لاءِ عيسائي مذهب جي اهميت تي به ڳالهائيندا رهندا هئا ته اهو عورتن کي سڌو رکڻ ۾ مدد ڏئي ٿو ۽ جيئن ته هيٺين طبقن جي هتي گذر اوقات بهتر ٿيڻ جو ڪو به وسيلو نه آهي تنهنڪري اهو انهن کي اها سوچ ڏياري وڌيڪ مطمئن ٿو رکي ته آخرت ۾ انهن جو وقت سٺو گذرندو. لڳندو هو ته عيسائي مذهب – خاص طور جڏهن انهي کي چرچ آف انگلينڊ جي ذريعي پيش ڪيو وڃي – جي نظم و ضبط قائم رکڻ جي لحاظ کان به اهميت هئي. اهو ماڻهن ۾ اها چاهت پيدا ڪندو هو ته اهي باعزت نموني زندگي گذارين ۽ ٻاهريون پنو رکندا اچن. اهڙي طرح اهو ڪيترن ئي اسڪينڊلن کان بچائي وجهندو هو. انهيءَ نقطئه نظر سان ڏسڻ سان مذهبي ڏڻ ۽ ريتون رسمون اهميت وڃائي ويهنديون هيون. انهن جي حيثيت ساڳئي نظريي واري وڃي بيهندي هئي جنهن کي مختلف نسلن ۽ مزاجن سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ ڄڻ ته مختلف ٻولين ۾ ترجمو ڪيو ويو هجي. پر ڪهڙي به قسم جي مذهب جي تمام گهڻي عملداري به چڱي ڳالهه نه هئي. خاص طور مقامي ماڻهن ۾ ته مذهبي شدت پسندي تمام خطرناڪ ليکي ويندي هئي ۽ انهن کي قتل ۽ بغاوت تي اڀاريندي هئي. آءُ جهڙي قسم جي نظرياتي آبهوا ۾ رهندو هوس اهي ڳالهيون منهنجي خيال ۾ ته انهي جو ڪافي چٽو عڪس پيش ڪن ٿيون.
هاڻي مون ڪيترائي اهڙا ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيا جيڪي انهيءَ سموري مذهبي تعليم کي ئي للڪاري رهيا هئا جيڪا مون هيرو ۾ حاصل ڪئي هئي. انهن مان پهريون ڪتاب ون ووڊ ريڊ جو (The Martyrdom of Man) هو. اهو ڪرنل بريبازون جو عظيم ڪتاب هو. هن اهو ڪتاب ڪيترائي ڀيرا پڙهيو هو ۽ ان کي هڪ قسم جي بائيبل سمجهندو هو. حقيقت ۾ اها انسانذات جي هڪ مختصر ۽ سٺي انداز ۾ لکيل عالمگير تاريخ آهي جنهن ۾ سڀني مذهبن جي اسرارن تي سخت لفظن ۾ بحث ڪيو ويو آهي. انهيءَ بحث مان انهيءَ مايوس ڪن نتيجي تي پهچجي ٿو ته اسين بس ميڻ بتيءَ وانگر وسامي وڃون ٿا. انهيءَ ڪتاب ۾ پڙهيل ڳالهين مون کي ڇرڪائي ۽ منهنجن جذبن کي مجروح ڪري وڌو هو. پوءِ مون کي خبر پئي ته گبن به ساڳيو نظريو رکندو هو. آخري سال سياري جي موسم ۾ مون ليڪي جا ٻه ڪتاب (Rise and influence of Rationalism) ۽ (History of European Morals) پڙهيا. انهن ٻنهي منهنجي ذهن ۾ هڪ بلڪل لاديني نقطئه نظر قائم ڪري ڇڏيو. ڪجهه وقت ته مونکي انهيءَ ڳالهه تي به ڏاڍي ڪاوڙ رهي ته اسڪول جي استادن ۽ پادرين مونکي ايترا ڪوڙ ڇو ٻڌايا. آءُ تڏهن ته انهن کي ڪوڙ ئي سمجهندو هوس. پر آءُ ڪنهن يونيورسٽي ۾ هجان ها ته ممڪن آهي ته اتي گڏ ٿيل ناميارا پروفيسر ۽ دينيات جا عالم منهنجيون ڏکيائون حل ڪري ڇڏين ها. ٻيو ڪجهه نه ته اهي مونکي اهڙن ڪتابن بابت ضرور ٻڌائي ڇڏين ها جن ۾ ٻئي ڌر جو نقطئه نظر به معقول نموني بيان ٿيل هجي ها. اهڙي طرح آءٌ انهيءَ شديد ۽ جھارحانه مذهب بيزار دور مان گذريس جيڪو جيڪڏهن گهڻو عرصو قائم رهي ها ته آءٌ شايد ماڻهن لاءِ ڏاڍي تڪليف جو باعث ٿيان ها. ايندڙ ڪجهه سالن ۾ آءٌ بار بار خطرن جي منهن ۾ پيس ته منهنجي طبيعت ۾ اعتدال اچي ويو. انهن حالتن مان گذرندي مون تي اها ڳالهه واضح ٿي ته منهنجون سوچون ۽ دليل ڪهڙا به هجن پر آءٌ جڏهن دشمن جي فائر جي زد ۾ اچڻ وارو هوندو آهيان ته مون خاص تحفظ لاءِ دعا گهرندي ڪڏهن به هٻڪ محسوس نه ڪئي آهي ۽ جڏهن حفاظت سان گهر پهچي چانهن جو ڪوپ کڻي ويهندو آهيان ته منهنجي دل جي گهراين ۾ احسانمندي جا جذبا ضرور پيدا ٿيندا آهن. جلدي مارجي وڃڻ کان بچڻ جي دعا ته وڏي ڳالهه آهي پر مون انهيءَ کان ننڍڙين ننڍڙين ڳالهين لاءِ به دعائون گهريون ۽ انهن ورهين ۾ ته تقريباً دفعي ۽ پوءِ پنهنجي سموري زندگيءَ ۾ مون جيڪو به گهريو آهي اهو مون کي مليو آهي. اهو عمل بلڪل فطري ۽ ايترو ئي مضبوط ۽ حقيقي لڳندو هو جيترو منطقي دليلن وارو انداز انهيءَ جي بلڪل ٽڪراءَ ۾ هوندو هو. اڃان وڏي ڳالهه اها ته انهيءَ عمل مان سڪون ملندو هو ۽ منطقي دليل بازيءَ مان ڪجهه به نه ملندو هو. تنهنڪري آءٌ اهڙي روش کي فڪري نتيجن سان هم آهنگ ڪرڻ جي تڪليف ڪرڻ بجاءِ پنهنجن احساسن مطابق عمل ڪندو هوس.
جنهن ماڻهوء باقاعدي تعليم حاصل نه ڪئي هجي انهيءَ لاءِ اقتباسن جا ڪتاب پڙهڻ سٺي ڳالهه آهي. بارٽليٽ جو (Familiar Quotations) ڏاڍو سٺو ڪتاب آهي. ۽ اهو مون شوق سان پڙهيو هو. اقتباس جڏهن حافظي ۾ نقش ٿي وڃن ٿا ته توهان کي سٺا خيال ڏين ٿا ۽ انهن جي ذريعي توهان ۾ اصل ليکڪن ۽ اڃان وڌيڪ ڳالهين پڙهڻ جو شوق پيدا ٿئي ٿو. انهيءَ يا اهڙي ڪنهن ٻئي ڪتاب ۾ مونکي هڪ فرانسي چوڻي نظر اچي وئي هئي. انهيءَ ۾ خيال ڏاڍن مناسب ۽ تُز لفظن ۾ بيان ڪيو ويو آهي: ”دل جون ڳالهيون عقل کي سمجهه ۾ نه اينديون آهن“ (The Heart has its reasons which the reason dos dose know) مون اها راءِ قائم ڪئي ته دماغ جي دليلن جي پٺيان لڳي دل جي دليلن کي ٿڏي ڇڏڻ ڏاڍي بيوقوفيءَ واري ڳالهه ٿيندي. پر آءُ ته سوچيندو هوس ته آءٌ انهن ٻنهي مان فائدو ڇو نه وٺان. سوچ ۽ عقيدي ۾ عدم مطابقت به منهنجي لاءِ ڪو مسئلو نه هوندي هئي. مون کي اها ڳالهه صحيح لڳندي هئي ته ذهن کي ڇڏي ڏجي ته جيترو ٿي سگهيس فڪر ۽ منطق جي پيچرن تي کوجنائون ڪندو وتي ۽ اها ڳالهه به غلط نه لڳندي هئي ته ماڻهو مدد ۽ دستگيريءَ لاءِ دعائون به گهرندو رهي ۽ جڏهن اهي حاصل ٿي وڃن ته پاڻ ۾ احسان منديءَ جو احساس به پيدا ڪري. مونکي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي هئي ته جنهن برتر خالق اسان کي ذهنن سان گڏوگڏ روح به ڏنا آهن اهو انهيءَ ڳالهه تي ڇو ڪاوڙجي پوندو ته اهي هر وقت هڪ ئي پاڃاريءَ ۾ رواني سان گڏجي ڇو نه ٿا هلن. اها ڳالهه ته لازمي آهي ته انهيءَ جو هن شروع کان ئي اندازو ڪري ورتو هوندو ۽ انهيءَ سموري معاملي کي سمجهندو به هوندو.
ساڳئي طرح آءٌ جڏهن پادرين کي بائيبل جي قصن کي جديد سائنسي ۽ تاريخي علم سان مطابقت ڏيڻ ۾ وڏيون ڪوششون ڪندي ڏسندو آهيان ته مون کي ڏاڍي حيرت ٿيندي آهي. اهي آخر انهن ٻنهي ۾ مطابقت ڇو ٿا چاهين؟ توهان کي جيڪڏهن اهڙو ڪو پيغام ملي ٿو جنهن سان اوهان جي دل خوشيءَ سان ڀرجي وڃي ٿي ۽ توهان جي روح کي تقويت پهچي ٿي ۽ اهو پيغام توهان ۾ اها اميد پيدا ڪري ٿو ته توهان وڏن موقعن ۽ وڏين همدردين واري هڪ دنيا ۾ پنهنجن پيارن سان وڃي ملندو ته توهان هن لفاظي رنگ ۽ شڪل بابت ڳڻتي ڇو ٿا ڪريو ته انهيءَ تي صحيح ٽڪليون لڳل آهن يا نه ۽ پوسٽ آفيس جو ٺپو ۽ تاريخ صحيح لڳل اٿس يا نه؟ اهي ڳالهيون مونجهارا ته پيدا ڪري سگهن ٿيون پر اها ڳالهه يقيني آهي ته اهي ڪا اهميت نه ٿيون رکن. اهميت پيغام ۽ انهيءَ جي ذريعي توهان کي ملندڙ فائدن کي آهي. تمام ڳوڙهي دليل بازيءَ مان انهيءَ خالص نتيجي تي پهچبو ته معجزا ناممڪن آهن ۽ اهو ته قدرت جي قانونن جي خلاف ورزي ٿيڻ بجاءِ انهيءَ ڳالهه جو وڌيڪ امڪان آهي ته انسانن طرفان ملندڙ شاهديءَ ۾ ڪا غلطي هوندي ۽ ساڳئي وقت ماڻهو اهي ڳالهيون پڙهي خوش به ٿي سگهي ٿو ته يسوع مسيح گليلي جي پاڻيءَ کي شراب ۾ تبديل ڪري ڇڏيو يا هو ڍنڍ جي پاڻيءَ مٿان هلندو هو ۽ مرڻ کانپوءِ زنده ٿي ويو هو. انساني ذهن لامحدود (Infinity) کي سمجهي نه ٿو سگهي پر رياضيءَ جي ايجاد انهيءَ کي انهيءَ قابل بڻائي ڇڏيو آهي جو هو انهيءَ تصور کي بلڪل سولائيءَ سان ڪم آڻي سگهي ٿو. اهو نظريو ڏاڍو احمقاڻو آهي ته سچ فقط اهو آهي جنهن جو اسين ذهن جي ذريعي ادراڪ ڪري سگهون ۽ اها ڳالهه ته اڃان وڌيڪ احمقاڻي آهي ته جن خيالن کي اسانجو ذهن دليل ذريعي ثابت نه ٿو ڪري سگهي اهي تباهه ڪار آهن. حقيقت اها آهي ته ذهنن ۽ احساسن لاءِ انهي کان وڌيڪ ڪو اڻوڻندڙ منظر ٿي ئي نه ٿو سگهي ته هنن جي چواڻي ته لکين ڪائناتون هميشه لاءِ هلنديون رهن ٿيون ۽ انهيءَ جو ڪو به عقلي يا فائديمند سبب به نه آهي. تنهنڪري مون زندگيءَ ۾ ڪافي اڳ ئي هڪ نظام ٺاهي ڇڏيو هو جنهن تحت مونکي جنهن شي تي يقين ڪرڻو هوندو هو انهيءَ تي يقين ڪري ڇڏيندو هوس. ساڳئي وقت عقل کي ڇيڪ ڇڏي ڏيندو هوس ته هو جن به رستن پيچرن تي هلي سگهي ٿو ڀلي انهن تي پيو هلي.
منهنجا ڪي سوٽ ماسات جن کي يونيورسٽيءَ جي تعليم جو فائدو مليو هو اهي دليلن سان اها ڳالهه ثابت ڪري مون کي چيڙائيندا هئا ته ڪا به شي بذات خود ڪو به وجود نه ٿي رکي. اسين ان بابت جيڪو ڪجهه سوچون ٿا اهو ئي ان جو وجود آهي. سموري تخليق هڪ خواب آهي ۽ سڀ مظهر تصوراتي آهن. توهان پنهنجي زندگيءَ جي سفر سان پنهنجي ڪائنات پاڻ تخليق ڪندا وڃو ٿا. توهان جڏهن خواب جي جهان مان ٻاهر اچو ٿا ته ڪائنات به پنهنجو وجود وڃائي ويهي ٿي. اهي دل خوش ڪندڙ ذهني بازيگريون پاڻ کي وندرائڻ لاءِ ته بلڪل صحيح آهن ۽ انهن مان ڪو به نقصان پهچڻ جو انديشو ڪونهي پر اهي بلڪل بي ڪار به آهن. آءُ پنهنجي ننڍي عمر وارن پڙهندڙن کي خبردار ٿو ڪريان ته اهي انهن کي فقط راند سمجهن. آخري ڳالهه وڃي ما بعد الطبعيات دانن جي ٿيندي ۽ اهي توهان کي للڪاريندا ته سندن واهيات مفروضن جو رد پيش ڪري ڏيکاريو.

مون ڪيترا سال اڳ پنهنجي سر هيءَ هڪ دليل ٺاهيو هو ۽ سدائين انهيءَ جو سهارو وٺندو هوس. اسين آسمان ڏانهن ڏسون ٿا ۽ اسان کي سج ڏسڻ ۾ اچي ٿو. اسان جون اکيون تيز روشنيءَ ۾ انڌيون ٿي وڃن ٿيون ۽ اسان جا حواس اها ڳالهه رڪارڊ ڪري ڇڏين ٿا. هاڻي اهو عظيم سج اسان جي جن طبعي حواسن جهڙي مضبوط بنياد تي بيٺو آهي. پر اسان جن طبعي حواسن کان بلڪل جدا هڪ اهڙو طريقو به موجود آهي جنهن جي مدد سان اها پرک ڪري سگهجي ٿي ته سج حقيقت ۾ موجود آهي. اها پرک رياضيءَ جي مدد سان ڪري سگهجي ٿي. فلڪياتدانن حواسن جي مدد کان بلڪل سواءِ، رياضي جي تمام ڊگهن عملن جي ذريعي سج گرهڻ ٿيڻ جي وقت جو حساب ڪري سگهن ٿا. اهي خالص عقل جي مدد سان اڳڪٿي ڪن ٿا ته ڪنهن خاص ڏينهن تي هڪ ڪارو نشان سج جي سامهون گذري ويندو. توهان انهيءَ ڏينهن ٻاهر وڃي ڏسو ٿا ۽ توهان جي ڏسڻ جي حس فوراً توهان کي ٻڌائي ٿي ته انهن جو حساب صحيح ثابت ٿيو آهي. هاڻي توهان جي حواسن پاران ڏنل ثبوت کي رياضياتي اصولن جي هڪ عمل ذريعي ڏنل ثبوت مان تقويت ملي ٿي. انهيءَ طريقي کي فوجي نقشي نويسي ۾ ڪراس بيئرنگ (Cross bearing) چيو ويندو آهي. اسان کي سج جي حقيقت هئڻ جي ٻين ذريعن جي مدد کان آزاد شاهدي حاصل ٿي وئي آهي. منهنجا ما بعد الطبعياتي دوست مونکي چوندا آهن ته فلڪياتدانن جن انگن اکرن کي حسابن ۾ ڪم آندو اهي ته اصل ۾ لازماً حواسن جي شاهديءَ جي ذريعي حاصل ڪيا ويا هوندا ته آءُ چوندو آهيان ”هرگز نه“. اهي انگ اکر اصولي طور خود ڪار حساب ڪندڙ مشين ذريعي به حاصل ٿي سگهن ٿا جيڪي انهن تي سج جي روشني پوڻ سان ازخود عمل ۾ اچي سگهن ٿيون ۽ انهن ۾ ڪنهن به ڏاڪي تي انساني حواسن جي شموليت نه هوندي. هو جڏهن ساڳئي دليل کي اڳتي وڌائيندي چوندا آهن ته مشينن جي حساب بابت به ڪير نه ڪير اسان کي ٻڌائيندو ۽ اسين انهيءَ مقصد لاءِ پنهنجا ڪن ڪم آڻينداسين ته آءُ کين جواب ڏيندو آهيان ته رياضياتي عمل بذات خود هڪ حقيقت آهي ۽ اهو هڪ دفعو دريافت ٿي وڃڻ کانپوءِ هڪ نئين ۽ آزاد عنصر جي حيثيت وٺي بيهي ٿو. منهنجي عادت آهي ته آءُ انهيءَ موقعي پنهنجي پاڻ تي يقين جو ڏاڍي تاڪيدي انداز ۾ اظهار ڪندو آهيان ته سج حقيقت ۾ موجود آهي ۽ آءُ اها ڳالهه به چوندو آهيان ته اهو گرم به آهي. حقيقت ۾ انهيءَ تي دوزخ جهڙي گرمي آهي ۽ ما بعد الطبعياتدانن کي انهيءَ بابت جيڪڏهن ڪو شڪ آهي ته انهن کي پاڻ وڃي اهو ڏسي اچڻ گهرجي.

* * * *

هندستاني پولو جي دنيا تي اسان جي پهرئين يلغار ڏاڍي ڊرامائي انداز ۾ ٿي. اسان جي پاران هندستان جي ڌرتيءَ تي قدم رکڻ جي ڇهن هفتن جي اندر ئي حيدرآباد ۾ گولڪنڊا ڪپ ٽورنامينٽ ٿي. نظام جي علائقي جي گاديءَ جي هنڌ ۽ ان جي پاڙي ۾ پنج ميل پري سڪندرآباد جي ڇانوڻي ۾ رهندڙ برطانوين وٽ ڇهه ست پولو جون ٽيمون هونديون هيون. انهن مان هڪ ٽيم اوڻيهين حصارز رجمينٽ جي هئي جن کان اسان بنگلور ۾ اچي چارج ورتي هئي. اوڻيهين ۽ چوٿين حصارز رجمينٽ جي ماڻهن ۾ هڪ قسم جي اڻبڻت هلندي پئي آئي. انهيءَ جو سبب اهو ٿي ٻڌايو ويو ته ٽيهه سال اڳ اوڻيهين حصارز جي ڪنهن خانگي سپاهي چوٿين حصارز جي جاءِ تي اچڻ وقت انهن جي بيرڪن جي حالت بابت ڪا اڻ وڻندڙ ڳالهه چئي ڇڏي هئي. هاڻي جيتوڻيڪ انهيءَ تڪرار سان لاڳاپيل ڪو هڪ فرد به باقي نه بچيو هو پر هاڻوڪا سڀ سارجنٽ ۽ سپاهي انهيءَ واقعي کان مڪمل طور واقف هئا ۽ انهن جي دلين ۾ ايتري ئي ڪاوڙ موجود هئي ڄڻ ته اهو واقعو گذريل مهيني ٿيو هجي. پر اهي اختلاف ڪميشنڊ آفيسرن تائين نه پهتا هئا ۽ آفيسرز ميس ۾ اسان جي خاطر تواضع ڏاڍي کليءَ دل سان ٿي. مونکي چيٽ ووڊ (Chetwode) نالي هڪ نوجوان ڪيپٽن جي بنگلي ۾ رهايو ويو. اهو هاڻي انڊيا جو ڪمانڊر ان چيف مقرر ٿيل آهي. ٻين ڇانوڻين جي ٽيمن کان سواءِ ٻه زبردست هندستاني ٽيمون پڻ هيون. انهن مان هڪ وقار الامراء يا وزيراعظم جي ٽيم هئي ۽ ٻي ٽيم گوڪنڊا برگيڊ جي نمائندگي ڪندي هئي. گوڪنڊا برگيڊ نظام جو محافظ دستو هو. اها ڏکڻ انڊيا جي بهترين ٽيم ليکي ويندي هئي. انهن اتر انڊيا جي ٻن مک ٽيمن پٽياله ۽ جوڌپور سان مقابلن ۾ سخت چوٽون کاڌيون هيون. پولو کيڏڻ لاءِ بي انداز دولت به انهن کي مهيا ڪري ڏني وئي هئي جنهن جو اظهار انهن جي گهوڙن مان ڀلي ڀت ٿي رهيو هو. انهيءَ سان گڏوگڏ انهن کي گهوڙيسواريءَ جو هنر به هو ۽ راند جي ڄاڻ به هئي. اهي ئي شيون انهن ڏينهن ۾ نوجوان هندستاني ۽ برطانوي آفيسرن جو مشترڪ آئيڊيل هونديون هيون.
اسين پونا لائيٽ هارس کان خريد ڪيل گهوڙن سان دکن ڏانهن ڊگهي سفر تي روانا ٿياسين. اسين جيتوڻيڪ ڪجهه فڪرمند هئاسين پر اسان جا ارادا مضبوط هئا. اوڻيهين حصارز وارن اسانجي ميزبانن اسان جو گرمجوشيءَ سان آڌرڀاءُ ڪيو پر اها ڳالهه ٻڌائي اسان سان مناسب نموني افسوس جو اظهار به ڪيائون ته اسان جو ڀاڳ ڀلو نه ٿيو آهي جو اسان جو پهرئين رائونڊ ۾ ئي گولڪنڊا جي ٽيم سان مقابلو ٿيندو. انهن اها ڳالهه ڏاڍي نيڪ نيتيءَ سان چئي ته اسان جي بدقسمتي چئبي جو اسان کي انڊيا ۾ رهندي ڪو گهڻو وقت به نه ٿيو آهي ۽ پنهنجي پهرئين ميچ ۾ ئي اهڙي ٽيم جي سامهون اچي رهيا آهيون جيڪا پڪ سان ٽورنامينٽ کٽي ويندي.
صبح ٿيڻ سان سموري ڇانوڻي اسان جي اکين جي سامهون اچي گذري. برطانوي توڙي هندستاني سپاهي ۽ نظام جي فوج مڪمل فوجي شان و شوڪت سان اسان جي سامهون يا شايد سرڪاري عهديدارن جي سامهون مارچ ڪندا ويا. سڀ کان آخر ۾ ويهه کن هاٿين جي قطار هڪ تمام وڏي توپ کي ڇڪيندي وئي. تڏهن اهو رواج هوندو هو ته هاٿي مارچ ڪندي گذرندا هئا ته پنهنجون سونڊيون مٿي ڪري سليوٽ ڪندا هئا. هاڻي به انهن اهو ڪم ڏاڍي مثالي انداز ۾ ڪيو. اڳتي هلي اهو رواج ختم ڪيو ويو ڇاڪاڻ ته غير مهذب ماڻهو هاٿين کي ڏسي واتن تي هٿ رکي پيا کلندا هئا ۽ انهيءَ سان هاٿين يا سندن فيل بانن جو وقار مجروح ٿيندو هو. اڃان ڪجهه وقت پوءِ ته خود هاٿين جو رواج ئي ختم ٿي ويو ۽ هاڻي اسان کي انهن جي جاءِ تي کڙ کڙ ڪندڙ ٽريڪٽر آهن جيڪي انهن توپن کان گهڻيون وڏيون ۽ وڌيڪ تباهي آڻيندڙ توپون گهلين ٿا. اهڙيءَ طرح تهذيب ترقيءَ جون منزلون طي ڪندي رهي ٿي. پر آءُ ته هاٿين ۽ انهن جي سليوٽن جو ماتم ڪريان ٿو.
شام جو پولو ميچ ٿي. حيدرآباد ۾ ٿيندڙ ٽورنامينٽون ڏاڍو شاندار منظر پيش ڪنديون هيون. سمورو ميدان هر طبقي جي هندستاني تماشائين سان ڀرجي ويندو هو جيڪي ڏاڍي شوق سان ۽ سيکاريل پڙهايل توجهه سان ويهي راند ڏسندا هئا. برطانوي طبقو، دکن جا هندستاني عهديدار ۽ ٻيو فيشن ايبل طبقو تنبن ۽ شاميانن ۾ ويهندو هو. اهي به عام ماڻهن سان سٿيا پيا هوندا هئا. ماڻهن اسان کي سولو شڪار پئي سمجهيو ۽ راند جي شروعاتي ڪجهه منٽن ۾ ئي جڏهن لچڪدار جسم ۾ گوليءَ واري تيزي رکندڙ ۽ سڌو ڌڪ هڻندڙ اسانجن مخالفن اسان جي ٻڙي جي مقابلي ۾ ٽي گول ڪري ورتا ته اسان جي راءِ به لڳ ڀڳ ٻين ماڻهن جهڙي ٿي وئي. بهرحال آءُ راند جي تفصيلن ۾ نه ٿو وڃان جيڪي اهم ته آهن پر گهڻو وقت گذري وڃڻ ۽ ٻين وڏن واقعن جي ٿي وڃڻ سبب ذهن تان ميسارجي ويا آهن. اصل ڳالهه اها آهي ته اسان ويٺل ماڻهن جي هوڪرن ۾ گولڪنڊا جي ٽيم کي ٽن جي مقابلي ۾ نون گولن تان هارائي ڇڏيو. ايندڙ ڏينهن ۾ اسان ٻين سڀني مخالفن جو صفايو ڪري ڇڏيو ۽ انڊيا ۾ قدم رکڻ جي پنجاهه ڏينهن جي اندر فرسٽ ڪلاس ٽورنامينٽ کڻڻ جو اهڙو رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو جيڪو اڃان تائين ڪنهن نه ڀڳو آهي.
پڙهندڙ تصور ڪري سگهي ٿو ته اسان هاڻي پنهنجي سامهون بيٺل عظيم تر مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترا نه مضبوط ارادا ڪري ڇڏيا هوندا. پر انهيءَ مقصد جي حاصلات ۽ اسان جي وچ ۾ ڪيترن ئي ورهين جو عرصو بت بڻيل رهيو آهي.
سن 1897ع جي گرم موسم ويجهي ٿيندي ئي اها خبر عام ٿي وئي ته ڪجهه آفيسر انگلينڊ وڃڻ لاءِ ٽن مهينن جي حقي موڪل وٺي سگهن ٿا. جيئن ته هتي پهتي گهڻو وقت نه گذريو هو تنهنڪري ڪنهن به ماڻهو گهر وڃڻ نه ٿي گهريو. مون سوچيو ته بغير گهرڻ جي ملندڙ اهڙي موقعي جو ائين هٿان هليو وڃڻ ڏاڍي افسوس جهڙي ڳالهه ٿيندي تنهنڪري مون رضاڪارانه طور انهيءَ خال کي ڀري ڇڏيو. آءُ مئي مهيني جي آخر ڌاران ساڙيندڙ گرمي، خراب موسم ۽ خوفناڪ سي سڪنيس[3] (Sea sickness) ۾ بمبئيءَ کان روانو ٿيس. جهاز هلڻ کان پوءِ آءُ وري جڏهن اٿي ويٺس ته اسين هندي وڏي سمنڊ جو ٽن مان ٻن حصن جيترو سفر ڪري چڪا هئاسون. انهيءَ دوران مون ايان هيملٽن نالي هڪ ڊگهي سنهي ڪرنل سان واقفيت پيدا ڪري ورتي. هو تڏهن انڊيا ۾ مسڪيٽري ٽريننگ (Musketry Training) جو انچارج هو. هن منهنجو ڌيان انهيءَ ڳالهه ڏانهن ڇڪرايو ته ترڪي ۽ يونان ۾ ڇڪتاڻ هلي رهي آهي. آءُ انهيءَ ڳالهه کي هيستائين نظر انداز ڪريو ويٺو هوس. حقيقت ۾ اهي ٻئي ملڪ جنگ جي ڪناري تي پهچي چڪا هئا. هو جيئن ته رومانوي طبيعت جو مالڪ هو تنهنڪري يونانين جو طرفدار هو ۽ جنگ ۾ ڪنهن نه ڪنهن حيثيت ۾ انهن جي پاران شامل ٿيڻ جي اميد ڪريو ويٺو هو. منهنجي پرورش جيئن ته ٽوري (Tory) ماحول ۾ ٿي هئي تنهنڪري آءُ ترڪن جي پاسي هوس ۽ منهنجي ذهن ۾ اها ڳالهه آئي ته ڪنهن اخبار جو نامه نگار ٿي انهن جي فوجن جي پٺيان هلي سگهان ٿو. مون تڏهن انهيءَ ڳالهه جو به اظهار ڪري ڇڏيو ته اهي جيئن ته انگ پنجوڻ تي آهن ۽ اسلحي جي لحاظ کان به بهتر آهن تنهنڪري اهي يونانين کي لازماً شڪست ڏئي ويندا. اها ڳالهه ٻڌي ڪرنل کي سچو پچو ڏک ٿيو هو پر مون هن تي اها ڳالهه واضح ڪري ڇڏي ته آءُ ڪارواين ۾ ڪو به حصو نه وٺندس فقط تماشو ڏسندس ۽ ڏٺل ڳالهيون ٻين کي ٻڌائيندس. اسين جڏهن پورٽ سعيد پهتاسين ته اها ڳالهه واضح ٿي چڪي هئي ته يوناني هار کائي چڪا آهن. اهي دانشمنديءَ جو ثبوت ڏيندي انهيءَ اڻ برابر مقابلي ۾ ڏاڍو جلدي ڀڄي ويا هئا ۽ هاڻي وڏا ملڪ سفارتڪاريءَ ذريعي انهن کي وڌيڪ تباهي کان بچائڻ جون ڪوششون ڪري رهيا هئا. تنهنڪري مون ٿريس (Thrace) جي جنگ جي ميدانن تي وڃڻ بجاءِ پندرنهن ڏينهن اٽليءَ ۾ گذاريا. انهيءَ دوران ويسووئس جبل تي چڙهيس. پومپي[4] (Pompeii) شهر (جي ڦٽل آثارن: سنڌيڪار) جو سير ڪيو ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته روم شهر ڏٺو. مون گبن جو اهو جملو وري پڙهيو جيڪو هن ابدي شهر (Eternal City) ۾ پهريون دفعو اچڻ تي پاڻ ۾ پيدا ٿيل جذبن بابت لکيو آهي. مون وٽ جيتوڻيڪ هن جهڙيون تعليمي لياقتون ته نه هيون ته به آءُ ڏاڍي عزت جي جذبي سان هن جي پيرن جي نشانن تي هلندو رهيس.
اهو سير لنڊن جي تفريحن جي موسم جي هڪ سٺي تمهيد جي حيثيت اختيار ڪري ويو.


___________________
[1] فوج توڙي فوجي بندوبست هيٺ هلندڙ ادارن ۾ اڳ ۾ صبح جو ننڊ مان اٿارڻ لاءِ وڄندڙ ڌُن- هاڻي جيتوڻيڪ ڌُن نه وڄي ته به صبح جو ننڊ مان اٿڻ جي وقت کي ريويلي سڏين. (سنڌيڪار)
[2] حضرت عيسيٰ جي حياتي، سيرت ۽ تعليمات تي ٻڌل نئين عهدنامي جا شروعاتي چار صحيفا (سنڌيڪار)
[3] هن سامونڊي بيماريءَ ۾ الٽي ٿيندي آهي ۽ ماڻهو کائڻ پيئڻ کان لاچار رهندو آهي. (ادارو)
[4] پومپي ۽ ان جو جاڙو شهر هرڪيولينيئم ويسووئس جبل جو آتش فشان ڦاٽڻ سبب آگسٽ 79ع ۾ تباهه ٿي ويا. جبل مان لاوا ۽ خاڪ جو مينهن ٻه ڏينهن جاري رهيو. اٽليءَ جو نپلز شهر ويجهو انهيءَ جا ڦٽل آثار 1748ع ۾ اتفاقي طور دريافت ٿيا. (سنڌيڪار)

باب ڏهون: مالاڪنڊ فيلڊ فورس Malakand Field Force

هندستاني سرحد تي جڏهن پٺاڻ قبائلين جي بغاوت شروع ٿي انهيءَ وقت آءُ گڊ وڊ (Good wood) جي سبزه زارن تي هوس ۽ پئسا کٽيندو پئي ويس. مون اخبارن ۾ پڙهيو ته ٽن برگيڊن تي ٻڌل هڪ فيلڊ فورس جي تشڪيل ٿي چڪي آهي ۽ انهيءَ جو سربراهه سربائيڊن بلڊ آهي. مون فوراً تار ڪري کيس پنهنجو واعدو ياد ڏياريو ۽ برائينڊيسي[1] (Brindisi) لاءِ ريل گاڏيءَ ۾ سوار ٿيس جيئن اتان انڊين ميل ۾ چڙهي سگهان. مون لارڊ وليم بيريسفورڊ کي به دليل دلائل ڏئي پنهنجو حامي ڪري ورتو. هن منهنجين گذارشن کي اڃان وڌيڪ مضبوط ڪري جنرل تائين پهچايو ۽ منهنجي ريل گاڏي وڪٽوريا مان رواني ٿيڻ کان اڳ مارلبورو ڪلب ۾ پنهنجي خاطر تواضع ڪئي. اهي بيريسفورڊ ڏاڍي رک رکاء وارا هوندا هئا ۽ هر ڪنهن ملڻ واري کي اهو تاثر ڏياريندا هئا ته سموري دنيا ۽ انهيءَ ۾ موجود سڀني ماڻهن مان آخرڪار فائدو ئي ٿيڻو آهي. مون کي چڱي طرح ياد آهي ته هن مون کان عمر ۾ ڪيترائي سال وڏن پنهنجن ڪلب جي دوستن سامهون منهنجي خواهش جو اظهار ڪئين نه ڪيو هو ته: ’هي اڄ رات اوڀر طرف جنگ جي ميدان ڏانهن پيو وڃي‘. انهيءَ موقعي تي گهڻا ماڻهو فقط اهو چون ها ته: ’هي انڊيا ٿو وڃي. پر انهيءَ نسل لاءِ اوڀر جو مطلب ڪارنامن ۽ انگلينڊ لاءِ فتحن جو دروازو هوندو هو. سندس انهيءَ ڳالهه تي هنن پڇيو ته ”ڇا هو محاذ تي ٿو وڃي؟“ ڪاش آءُ جيڪر انهن جي جواب ۾ چئي سگهان ها ته ”هائو! منهنجي اها خواهش آهي.“ بهرحال انهن سڀني جو رويو تمام دوستاڻو ۽ پرجوش هو. آءٌ پاڻ کي ڏاڍو اهم محسوس ڪرڻ لڳس. پر سر بائينڊن بلڊ جي مهم جي رٿا بابت به ڏاڍو محتاط رويو رکندو آيس.
آءٌ ريل گاڏيءَ تي به عين وقت تي وڃي پهتس پر انهيءَ تي سوار ٿيڻ وقت تمام پُرجوش لڳو پيو هوس.
انڊيا ڏانهن هڪ سامونڊي سفر ئي ڪافي آهي. ٻين سفرن ۾ تجربي جي لحاظ کان ڪابه نواڻ نه هوندي آهي. اهي سال جا گرم ترين ڏينهن هئا ۽ ڳاڙهي سمنڊ تي هوا به بلڪل بند هئي انهيءَ ڪري ساهه ٻوساٽجي رهيو هو. انهن ڏينهن ۾ بجلي وارا پکا ته هوندا نه هئا باقي ماڻهن سان ڳتيل ڊائننگ سيلون ۾ هٿ واريون جهليون ڏاڍي زور سان لُڏي کاڌي جي بوءِ واري گرم هوا پيدا ڪري رهيون هيون. پر اهي جسماني اهنج منهنجين ذهني پريشانين جي مقابلي ۾ ڪجهه به نه هئا. آءٌ پورن پندرنهن ڏينهن جي موڪل تان هٿ کڻي رهيو هوس. برائينڊيسي ۾ به سر بائينڊن بلڊ وٽان ڪوبه جواب نه پهتو. مون سوچيو ته اهو عدن ۾ ته ضرور پهچي ويندو. عدن پهچڻ تي جڏهن اسٽيورڊ ٽپال ورهائي رهيو هو ته منهنجا پير زمين تي ئي نه ٿي کُتا پر هو آخري تار به ڏئي مون کي نااميد ڇڏي هليو ويو. پر بمبئي ۾ خوش خبري ملي وئي. جنرل جي تار ۾ لکيل هو ته: ”ڏاڍو مشڪل آهي، جايون خالي نه آهن، نامه نگار طور اچ، توکي ڪا جاءِ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندس. بي. بي.
مونکي سڀ کان پهريان بنگلور ۾ پنهنجي رجمينٽ مان موڪل وٺڻي هئي. انهيءَ جو مطلب ته مونکي پنهنجي اميدن جي مرڪز جي ابتڙ رخ ۾ ٻن ڏينهن جو ريل سفر ڪرڻو هو. رجمينٽ وارا مونکي پنهنجي موڪل پوري ٿيڻ کان اڳ واپس ڏسي حيران ته ٿيا پر ڊيوٽيءَ لاءِ هڪ واڌو سبالٽرن کي هميشه خوش آمديد ئي چيو ويندو آهي. انهيءَ دوران پائنيئر (Pioneer) اخبار مونکي پنهنجو جنگي نامه نگار (War correspondent) مقرر ڪري ڇڏيو. انهيءَ سان گڏوگڏ منهنجي ماءُ انگلينڊ ۾ اهو به بندوبست ڪري ڇڏيو ته منهنجا خط ساڳئي وقت ڊيلي ٽيليگراف اخبار ۾ به ڇپبا جنهن لاءِ اهي پنج پائونڊ في ڪالم معاوضو ڏيڻ لاءِ راضي هئا. جيئن ته مونکي سڀ خرچ پنهنجي هڙان وڙان ڪرڻو هو تنهنڪري اها ايتري وڏي رقم نه هئي. آءٌ جڏهن اهي صحافتي اجازت ناما پنهنجي ڪمانڊنگ آفيسر وٽ کڻي ويس ۽ کيس سر بائينڊن بلڊ جي تار ڏيکاريم ته آءٌ ذهني طور ڏاڍو پريشان هوس پر هڪ ته ڪرنل منهنجو لاڏ کڻي ورتو ۽ ٻيو ته قسمت به مهربان هئي جو جيتوڻيڪ تار بلڪل غير رسمي ۽ غير سرڪاري انداز ۾ لکيل هئي ته به هن چيو ته آءٌ ڀلي وڃي پنهنجي قسمت آزمايان. تنهنڪري آءٌ انهيءَ رات ئي پنهنجو ڊريسنگ بئاء ۽ سفري ٿيلهو ساڻ کڻي بنگلور ريلوي اسٽيشن ڏانهن روانو ٿي ويس ۽ نوشهري لاءِ ريل گاڏي جي ٽڪيٽ ورتم. هندستاني ڪلارڪ مون کان پئسن جي ننڍڙي ڳوٿري وٺي ڳڙکيءَ مان آرڊنري ٽڪيٽ کسڪائي ڏني. مونکي هورا کورا لڳي پئي هئي تنهنڪري پڇيومانس ته اهو ڪيترو پري آهي؟ انهيءَ بااخلاق هندستاني هڪ ريلوي ٽائيم ٽيبل کڻي ڏٺو ۽ بلڪل عام رواجي نموني چئي ڇڏيائين 2028 ميل. مون سوچيو ته انڊيا ته تمام وڏو ملڪ ٿيو! انهيءَ جو مطلب ته تمام سخت گرميءَ ۾ پنجن ڏينهن جو سفر ڪرڻو پوندو. آءٌ اڪيلو هوس پر جيئن ته ڪافي ڪتاب گڏ هئا تنهنڪري وقت خراب نه گذريو. انهن ريلوي گاڏن ۾ مقامي حالتن مطابق سٺو بندوبست ٿيل هوندو هو. ٻاهرئين هلاک ڪندڙ اُس کان بچڻ لاءِ درين تي مضبوط شٽر لڳل هوندا هئا ۽ پُسيل ڪکن ڪانن جي هڪ گول ڦيٿي جي ذريعي اهي چڱا ٿڌا به رهندا هئا. ماڻهو انهن کي وقت بوقت ڦيرائيندا رهندا هئا. مون پنج ڏينهن انهيءَ متحرڪ، اونداهي ۽ نرم ڀتين واري کوليءَ ۾ گذاريا ۽ گهڻو وقت بتيءَ جي روشني يا ٻاهران ايندڙ بنهه ٿوري روشني جي ترورن تي ويٺو ڪتاب پڙهندو رهيس.
مون راولپنڊي ۾ هڪ ڏينهن ۽ رات جو وقفو ڪيو. اتي ڦورٿ ڊريگون گارڊس ۾ منهنجو سبالٽرن دوست رهندو هو. اهو وقت انهيءَ وٽ گذاريم. راولپنڊي جيتوڻيڪ محاذ کان سوين ميل پري هو پر اتي به هڪ قسم جي هلچل لڳي پئي هئي. سموري ڇانوڻيءَ ۾ هرڪو ماڻهو اها اميد ڪيون ويٺو هو ته کيس اتر طرف موڪليو ويندو. هر قسم جون موڪلون بند ڪيون ويون هيون ۽ دريگون گارڊس ذهني طور بلڪل تيار ويٺا هئا ته کين ڪنهن به وقت تلوارون تکيون ڪرڻ جو حڪم ملي ويندو. اسين ڊنر کان پوءِ سارجنٽ ميس ڏانهن لڙي وياسون. اتي شوقيه ڳائڻ وڄائڻ جي محفل پئي هلي. ڪنهن به قسم جي بوءِ ماضيءَ جي ياد تازي ڪرڻ جو هڪ موثر ذريعو هوندي آهي. بوءِ نه هجي ته ڪا موسيقيائي ڌن به ساڳيو ڪم ڪندي آهي. آءٌ جنهن به جنگ ۾ ويو آهيان يا منهنجي زندگيءَ جي هر اهميت ۽ دلچسپيءَ واري دور متعلق منهنجي ذهن ۾ ڌنون محفوظ آهن. ڪنهن ڏينهن جڏهن منهنجو جهاز گهر واپس پهچندو ته آءٌ اهي سڀ ڌنون گرامو فون رڪارڊن تي چاڙهيندس ۽ ڪرسيءَ تي ويهي سگار پيو ڇڪيندس ۽ منهنجي ذهن تان گهڻو اڳ ويسارجي ويل ماڻهن جا چهرا ۽ مختلف منظر، احساس ۽ مزاجي ڪيفيتن جون يادون تازيون ٿينديون وينديون ۽ گذريل ڏينهن جا ڌنڌلا پر حقيقي عڪس اُڀري ايندا. انهيءَ موقعي تي سپاهين جيڪي گيت چيا هئا اهي مونکي چڱي طرح ياد آهن. انهن ۾ (The New Photographee) گيت به هو. انهن ڏينهن ۾ تازو هڪ حيران ڪندڙ ڪيميرا ايجاد ٿي هئي جنهن جي مدد سان ڪنهن به پردي يا نيم شفاف رڪاوٽ جي پويان به فوٽو ڪڍي سگهجن ها. انهيءَ گيت ۾ انهيءَ ايجاد جو ذڪر هو. مون انهيءَ بابت پهريون دفعو تڏهن ٻڌو هو. ائين پئي لڳو ته هاڻي شايد جلد ئي ڪنهن به قسم جي پرائيويسي جو تصور ختم ٿي ويندو. انهيءَ بابت گيت جا ٻول هئا:

The inside of everything you see,
A terrible thing an horrible thing is new photographee.

[توهان هر شي جي اندر نظر وجهي سگهو ٿا
نئين فوٽو گرافي ڏاڍي خطرناڪ ڳالهه آهي.]

بهرحال اسان ته انهيءَ کي هڪ ڀوڳ ئي سمجهيو هو پر پوءِ مون اخبارن ۾ پڙهيو ته اهي ڪنهن ڏينهن توهان جي جسم جون هڏيون به ڏسڻ جي قابل ٿي ويندا. انهن وري هڪ ٻيو گيت ڳاتو جنهن جو ڪورس هي هو:

And England asks the question,
When danger is nigh,
Will the sons of India do or die?

[انگلينڊ سوال ٿي ڪري ته
جڏهن خطرو سِر تي اچي پهتو آهي
ته هندستان جا جوڌا مرڻ لاءِ تيار ٿيندا؟]

ظاهر آهي ته انهيءَ جو وڏي خاطري ڏيندڙ جواب اچي رهيو هو. پر سڀ کان بهترين گيت جا ٻول هي هئا:

The great white Mother, far across the sea,
Ruler of the Empire may she ever be,
Long may she reign, glorious and free,
In the Great White Motherland.

[سمنڊ پار عظيم سفيد ماءُ
شال سدائين سلطنت جي حڪمران رهي
عظيم سفيد فام وطن ۾
شال آزادي ۽ شان شوڪت سان حڪومت ڪندي رهي.]

اهڙن اعلى جذبن جو اظهار ٿيندي ٻڌي ۽ خاص طور رجمينٽل ميس ۾ ڏاڍي سٺي نموني خاطر تواضع ٿيڻ کان پوءِ منهنجا جذبا ڏاڍا بلند ٿي ويا. انهيءَ جي باوجود به مون پنهنجي اٿي ويٺيءَ ۾ هڪ محتاط انداز قائم رکيو. ڇاڪاڻ ته انهيءَ وقت انهيءَ نامياري رجمينٽ ۽ منهنجي رجمينٽ وچ ۾ هڪ قسم جي اڻبڻت هلندي پئي آئي. انهيءَ جو سبب اهو ٿيو هو جو فورٿ ڊريگون گارڊس جي هڪ آفيسر فوجي نوڪري جي بلڪل عام رواجي معمول مطابق اسان جي هڪ ڪيپٽن ڏانهن تار موڪلي هئي ته: ”فورٿ ڊريگون گارڊس ۾ بدلي ٿي اچڻ لاءِ تنهنجا گهٽ ۾ گهٽ شرط ڪهڙا آهن؟“ انهيءَ تي اسان جي ڪيپٽن به ڏاڍي خوش مزاجيءَ سان جواب موڪليو ته: ”ڏهه هزار پائونڊ روڪ، نوابي خطاب ۽ فوجي ورديون.“ ڊريگون گارڊس کي انهيءَ تي ڏاڍي مٺيان لڳي ۽ انهيءَ مان اهو مطلب ڪڍيائون ته هو سڀ سندن رجمينٽ بابت اهڙي سوچ رکيو ويٺا آهن. اسان پوءِ 1898ع ۽ 1899ع ۾ جڏهن انهيءَ بهترين رجمينٽ سان پولو جون ميچون کيڏيون ته انهيءَ جذباتي ڇڪتاڻ سبب مقابلن ۾ ڏاڍو جوش و خروش پيدا ٿي ويندو هو.
آءٌ پنهنجي پڙهندڙن کي اها ڳالهه وسارڻ نه ڏيندس ته آءٌ هڙ تڪڙ ۾ محاذ تي وڃي رهيو هوس ۽ بنگلور ڇڏڻ کان پوءِ ڇهين ڏينهن تي صبح جو سوير نوشهري جي پليٽ فارم تي بيٺو هوس. مالاڪنڊ فيلڊ فورس لاءِ ريل جي ذريعي رسد پهچڻ جي اها آخري اسٽيشن هئي. اسٽيشن کان اڳتي ميداني علائقي ۾ تيز اُس ۾ چاليهن ميلن جو پنڌ هو. انهيءَ کان اڳتي مالاڪنڊ دري (Malakand Pass) وٽ پهچڻ لاءِ ورن وڪڙن واري اتهين چاڙهي چڙهڻ لاءِ تانگو ڪم اچي ٿو. تانگو تيز گهوڙن سان ڇڪي ويندڙ هڪ قسم جي ننڍي گاڏي آهي. سربائينڊ بلڊ ٽي سال اڳ انهيءَ دريءَ ۾ داخل ٿي ويو هو ۽ هاڻي انهيءَ نئين مهم جي هيڊ ڪوارٽر سان گڏوگڏ هر قسم جي هٿيارن سان ليس هڪ برگيڊ انهيءَ چوٽيءَ تي ڪيمپ ۾ موجود هئي. آءٌ مٽيءَ ۽ دز ۾ ڀڀوت ٿي انهيءَ ڪيمپ جي اسٽاف آفيس ۾ پيش ٿيس. جنرل پاڻ موجود نه هو. هو هڪ مختصر فوجي ڪالم سان بونيروالن کي منهن ڏيڻ ويو هو. اهو ڏاڍو ڏکيو قبيلو هو ۽ صدين کان پنهنجي وادي ۾ ٻاهرين حملي آورن کان محفوظ لڳو ويٺو هو. امپيرئيل گورنمينٽ 1863ع ۾ بونير ڏانهن هڪ مهم رواني ڪئي هئي. جيڪا اڳتي هلي اينگلو انڊين تاريخ ۾ امبيلا Umbeyla مهم جي نالي سان سڏجڻ ۾ آئي. بونيروالن تمام وڏي جوش ۽ جذبي سان مهاڏو اٽڪايو هو ۽ سوين برطانوي فوجين ۽ مقامي سپاهين جا لاش ڪنهن وقت ۾ بدنام ڪريگ پڪيٽ (Crag Picquet) جي آسپاس ڳري سڙي مٽي ٿي ويا هئا. انهيءَ پڪيٽ تي بار بار حملا ٿيندا هئا ۽ هٿن مان نڪري وري قبضي ۾ ايندي هئي. ڪنهن کي به صحيح خبر نه هئي ته سر بائينڊن بلڊ کي انهن مشهور ۽ خونخوار ڦورن کي منهن ڏيڻ ۾ ڪيترو وقت لڳندو. بهرحال مونکي اسٽاف ميس جو ميمبر ڪيو ويو ۽ ڪنهن تنبوءَ ۾ وڃي پنهنجي سفري ٿيلهو کولڻ جي به اجازت ڏني وئي. مونکي ڊپ هو ته آءُ جنهن نئين دنيا ۾ چڙهي اچي پهتو هوس انهيءَ ۾ مون کان ڪو به اهڙو ڪم نه ٿي وڃي جنهن جي سبب منهنجي گلا نه ٿي پوي تنهنڪري مون فيصلو ڪري ڇڏيو ته آءُ هر وقت تمام بهترين ڪردار جو مظاهرو ڪندس.
جنرل کي بونيروالن کي ريهڻ ريبڻ ۽ ٿڌو ڪرڻ ۾ فقط پنج ڏينهن لڳا پر مونکي ته اهو تمام ڊگهو وقت لڳو مون انهيءَ وقت کي تمام فائديمند بنائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ انهيءَ دوران هڪ بلڪل نئين صلاحيت حاصل ڪري ورتي. آءُ انهيءَ کان اڳ وهسڪي بلڪل پي نه سگهندو هوس. مونکي انهيءَ جو ذائقو بلڪل نه وڻندو هو. مونکي اها ڳالهه سمجهه ۾ ئي نه ايندي هئي ته منهنجا ٻيا دوست آفيسر سوڊا ۽ وهسڪي جي ايتري گهڻي طلب ڪيئن لايون ويٺا هوندا هئا. مونکي سفيد توڙي ڳاڙهي وائين ۽ خاص طور شامپين وڻندي هئي ۽ وقت پئي برانڊي جو ننڍو گلاس به پي ويندو هوس. پر اها دونهين جو ذائقو رکندڙ وهسڪي ڪڏهن به وات تي نه آڻي سگهيس. پر هاڻي آءُ پنجن ڏينهن کان اهڙي گرمي ۾ سڙي رهيو هوس جنهن کي مون جيتوڻيڪ ڏاڍي سٺي نموني منهن ڏنو هو پر اها تمام شديد هئي ۽ انهيءَ دوران پيئڻ لاءِ چانهه کانسواءِ نيم گرم پاڻي هو يا نيم گرم پاڻي سان لائيم جوس يا نيم گرم پاڻي سان وهسڪي. اهڙين حالتن ۾ منهنجو بلند حوصلو به منهنجو سهارو ڏيندو رهيو. مون جيئن ته پاڻ کي جنگ جي حالتن مطابق تيار ڪرڻ ٿي چاهيو تنهنڪري آءُ جسماني ڪمزورين تي غالب پئجي ويس. مونکي وهسڪي جي ذائقي کان ئي جيڪا نفرت هوندي هئي انهن پنجن ڏينهن جي پڄاڻيءَ تي آءُ انهيءَ تي به مڪمل طور غالب پئجي ويس ۽ اها ڪا عارضي حاصلات نه هئي. آءُ انهن ڏينهن ۾ حاصل ڪيل علائقي تي مضبوطي سان ڄميو بيٺو رهيو آهيان ۽ پنهنجي سموري زندگي انهيءَ تي قبضو برقرار رکيو آهي. ماڻهو ڪنهن به شي جو هڪ دفعو عادي ٿي وڃي ٿو ته پوءِ انهيءَ کان اڳ ۾ جيڪا ناپسنديدگي هوندي آهي اها هڪ قسم جي ڪشش ۾ تبديل ٿي ويندي آهي. آءُ اڄ ڏينهن تائين جيتوڻيڪ صحيح معنيٰ ۾ شراب کان پرهيز جي روش تي عمل پيرا رهيو آهيان پر جڏهن موقعي ۽ محل جي لحاظ کان ضروري هوندو آهي ته مون انهيءَ کان ڪڏهن ڪيٻايو نه آهي. جئين مشرق ۾ گوري آفيسر جي مکيه ۽ مستقل خاطر تواضع جي شي شراب هوندو هو تڏهن آءُ اهو بنا هٻڪ جي واپرائيندو هوس.
پر اها حقيقت آهي ته انگلينڊ جي فيشني طبقي پاران وهسڪي سان اها رغبت بلڪل نئون معاملو هو. مثال طور منهنجي پيءُ جنگ ۾ شڪار ڪرڻ يا ڪنهن ويران ٿڌي جاءِ کان سواءِ ڪڏهن به وهسڪي نه پيئندو هو. هن پنهنجي زندگي برانڊي ۽ سوڊا واري دور ۾ گذاري جنهن لاءِ باعزت طبقي ۾ وڏو جواز موجود هوندو هو. پر انهيءَ صورتحال جو اڻ ڌري حيثيت ۾ جائزو وٺڻ ۽ ڪافي تجربي ۽ سوچ ويچار کان پوءِ هاڻي منهنجي پڪي پختي راءِ اها آهي ته روزاني جي عام رواجي استعمال لاءِ انهن ٻنهي جنن مان ڇڍي وهسڪي وڌيڪ ڪارآمد آهي.
هاڻي آءُ جڏهن مالاڪنڊ پاس جي چوٽي تي ويهي هن موضوع ڏانهن ڇڪجي ئي آيو آهيان ته مونکي اها ڳالهه به چوڻ ڏيو ته آءُ ۽ ٻيا نوجوان آفيسر انهن ڏينهن جي يونيورسٽي جي ڇوڪرن کان بلڪل مختلف ماحول ۾ پروان چڙهيا هئاسون. آڪسفورڊ ۽ ڪئمبرج جا شاگرد ته پونئرن وانگر پيئندا هئا ۽ انهن کي ته ڪلب به هوندا هئا ۽ رسمي ڊنرن ۾ به شريڪ ٿيندا هئا جتي هر ڪنهن لاءِ وِت کان وڌيڪ شراب واپرائڻ لازمي هوندو هو. ٻئي طرف وري سينڊهرسٽ ۽ آرمي ۾ شراب پي نشي ۾ مدهوش ٿي وڃڻ شرم جهڙو ڏوهه هوندو هو جنهن جي سزا ۾ سماجي لعنت ملامت کي منهن ڏيڻو پوندو هو ۽ انهيءَ جو گهڻو ڪري جسماني طور به اظهار ٿيندو هو پر انهيءَ مدهوشيءَ جو اثر جيڪڏهن سرڪاري دائري ۾ اچي ويندو هو ته نوڪريءَ تان برطرفي جي سزا به اچي ويندي هئي. منهنجي تعليم ۽ تربيت اهڙي ماحول ۾ ٿي هئي جنهن ۾ مونکي شراب سان سخت نفرت ڪرڻ سيکاري وئي هئي. ها باقي ڪجهه خاص موقعن ۽ ڪجهه سالگراهن تي ماڻهو پي ٿو وٺي ته اها ٻي ڳالهه هئي. منهنجي ته خواهش هوندي هئي ته يونيورسٽين جي شرابي شاگردن کي قطار ۾ بيهاري ٺيڪ ٺاڪ نموني فهمائش ڪريان ته اهي اهڙي سٺي شي جو بنهه خراب استعمال ٿا ڪن جنهن کي آءُ ديوتائن جو هڪ بهترين تحفو سمجهان ٿو. انهن ڏينهن ۾ آءُ شرابين توڙي شراب تي بندش جي حامين ۽ ٻين اهڙن گهڻو هڪ طرفو لاڙو رکندڙ جي بلڪل خلاف هوندو هوس. پر هاڻي آءُ انهن طرفان حد کان وڌي وڃڻ جو سبب بڻجندڙ فطري ڪمزورين کي وڌيڪ کلي دل سان سمجهي سگهان ٿو. انهن ڏينهن ۾ سبالٽرن ۾ رواداري بلڪل نه هوندي هئي. اهي خود شرابي توڙي ٻين کي شراب پيئڻ جي اجازت نه ڏيندڙ ٻنهي کي ناپسند ڪندا هئا. پر هاڻي جيئن ته جنگ عظيم اسان کي تهذيب ۽ شرافت سيکاري ڇڏي هئي تنهنڪري هاڻي اسين ڳالهين کي وڌيڪ بهتر نموني سمجهي سگهون ٿا.
اسان جي فوج ايندڙ ڪنهن به وقت چُرپر شروع ڪري ڇڏي ها تنهنڪري مون کي انهن پنجن ڏينهن دوران انهيءَ لاءِ مڪمل تياري به ڪرڻي هئي. مون کي ٻه سٺا گهوڙا خريد ڪرڻا هئا، فوجي سائيس پاڻ وٽ بيهارڻو هو ۽ منهنجي فوجي وارڊروب جون ڪيتريون ئي شيون کٽل هيون اهي به پوريون ڪرڻيون هيون. گذريل هفتي دوران ڪيترائي آفيسر مارجي ويا هئا. اها ڳالهه انهن لاءِ ته ڏاڍي بدقسمتيءَ واري چئبي پر مون لاءِ ڏاڍي سهوليت ٿي پئي جو انهن ڏينهن جي اينگلو انڊين مهمن جي رواج مطابق انهن جون سڀ شيون بشمول انهن جي جيڪي مرڻ وقت انهن جي جسمن تي هجن اهي ڪفن دفن ٿيڻ کان فوراً پوءِ (جيڪڏهن ڪنهن جو ٿيو به) نيلام ڪيون وينديون هيون. مون اهڙي طرح مڪمل ساز سامان حاصل ڪري ورتو. هڪ ماڻهو ڪالهه گڏ گهمي ڦري رهيو هو اڄ انهيءَ جي بلڪل شخصي استعمال جون شيون ڪوٽ، قميص، بوٽ، ڪمبل، ريوالور، پاڻيءَ جي بوتل ۽ رڌ پچاءُ جو ٿانء اهڙي بي زيب نموني اوپرن ماڻهن ۾ ورهائجڻ مونکي ڪجهه اڻ وڻندڙ ڳالهه لڳي. پر اها ڳالهه بلڪل منطقي ۽ اقتصاديات جي اعليٰ ترين اصولن جي مطابق هئي. هتي منڊي به تمام سٺي هئي جو ٽرانسپورٽ جا خرچ به اڳواٽ ڏنل هئا. مئل ماڻهو پنهنجا اثاثا ڄڻ ته پنهنجي مرضيءَ جي اگهه تي نيڪال ڪري ڇڏيندو هو. دنياوي سازوسامان لاءِ ليفٽيننٽ اي. بي. يا ڪيپٽن ايڪس. واءِ. جي بيوه يا ماء کان ڪيمپ جو نيلامي ڪندڙ تمام سٺيون قيمتون ڏياريندو هو. آفيسر جي شين سان ٿيندڙ هلت خانگي فوجين جي سامان سان پڻ پر اڃان تڪڙي تڪڙي ٿيندي هئي. انهيءَ هوندي به مونکي اها ڳالهه لازماً تسليم ڪرڻ گهرجي ته ڪجهه هفتا پوءِ مون جڏهن هڪ ڏينهن اڳ مارجي ويل پنهنجي هڪ بهادر دوست جي سيٽي ٻڌڻ جي ڏوري پهريون دفعو ڪلهي ۾ لڙڪائي ته مون کي دل ۾ سور جي هڪ سٽ محسوس ٿي هئي.
هاڻي پڙهندڙن کي مهم بابت وڌيڪ ڄاڻ ڏيڻ جو وقت اچي ويو آهي. برطانوي ٽن ورهين کان مالاڪنڊ پاس جي چوٽي تي قابض رهيا هئا ۽ اهڙيءَ طرح وادي سوات کان چترال تائين روڊ جو رستو بحال رکندا آيا هئا. اهو روڊ سوات نديءَ کان اڳتي ٻين ڪيترن وادين مان ٿيندو چترال پهچندو هو. چترال کي تڏهن فوجي لحاظ کان ڏاڍي اهميت وارو سمجهيو ويندو هو. اهو رستو تڏهن کان ڏاڍي خوشيءَ سان روان دوان رهندي نظر آيو آهي پر انهيءَ ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته اهو انهيءَ وقت به ڏاڍي اهميت رکندو هو. وادي سوات جا قبائلي صدين کان انهيءَ علائقي کي پنهنجو ملڪ سمجهندا آيا هئا سو اهي اتي فوجين جي موجودگيءَ تي چڙيل هئا پر هاڻي اوچتو بلڪل غضبناڪ ٿي پيا هئا. سرڪار انهيءَ ڪاوڙ کي مذهب ڏانهن منسوب ڪري رهي هئي پر انهيءَ جا بلڪل سولائي سان بنهه عام رواجي سبب به ڏئي سگهجن پيا. انهن مالاڪنڊ پاس جو دفاع ڪندڙ ڇانوڻين ۽ چقدره جي ننڍڙي قلعي تي حملا ڪيا هئا. اهو قلعو ننڍڙي جبرالٽر وانگر هڪ ٽڪريءَ جي مٿان بيٺل هو ۽ سوات ندي جي ڊگهي پينگهي وانگر لڏندڙ پل جي حفاظت جو ڪم ڪندو هو. غلط فهميءَ جو شڪار قبائلين پُرامن ۽ برطانوين سان دوستاڻو تعلق رکندڙ عورتن ٻارن سميت ڪيترائي ماڻهو ماري ڇڏيا هئا. انهن پاران اوچتي حملي سبب مالاڪنڊ پاس جي دفاع ۾ هڪ بحراني وقت به اچي ويو هو. بهرحال اهڙي ڪاهه کي ڌڪي پٺتي ڪيو ويو ۽ صبح جي روشني ٿيندي ئي گائيڊس ڪيولري ۽ يارهين بنگال لانسرز وارا انهن فسادي ۽ بي قابو قبائلين کي وادي سوات جي هڪ ڪناري کان ٻي ڪناري تائين ڊوڙائيندا ويا ۽ اها دعويٰ پڻ ڪيائون ته هو انهن جي چڱي خاصي انگ کي گرزن سان زخمي ڪري ۽ ماري آيا آهن. چقدره جي قلعي؛ جنهن کي لِليپيوٽيائي جبرالٽر چئجي؛ جو محاصرو ٿيو هو پر اهو جيئن تيئن ڪري سر بچائي ويو. لڏندڙ رسن نوڙن واري پل سلامت هئي ۽ هاڻي 12000 ماڻهن ۽ 4000 جانورن تي ٻڌل تاديبي مهم انهيءَ پل تان ٽپي دير ۽ باجوڙ جي وادين منجهان ٿيندي جبلن ڏانهن رواني ٿيڻي هئي ۽ واپسي ۾ پشاور جي آسپاس مهمند جي تمام سرڪش قبيلي کي مطيع ڪندي آخرڪار انڊيا جي ميدانن تي تهذيب و تمدن واري علائقي ۾ اچي شامل ٿيڻي هئي.
سربائينڊن بلڊ بونير والن کي زير ڪري مناسب وقت تي واپس اچي ويو. هو تمام تجربيڪار اينگلو انڊين آفيسر هو ۽ هڪ به ماڻهو مارڻ کانسواءِ بونيروالن کي سمجهه ڀري روش وٺرائي آيو هو. هو انهن وحشين کي ڏاڍو پسند ڪندو هو ۽ انهن سان ڳالهائڻ جو ڏانءُ به ايندو هوس. پٺاڻ عجيب ماڻهو آهن. انهن جون ريتون رسمون ۽ رواج به ڏاڍي عجيب قسم جا آهن ۽ اهي ڏاڍي خوفناڪ نموني پلاند ڪندا آهن. اهي سوديبازي کان به مڪمل طور واقف آهن ۽ انهن کي جڏهن پڪ ٿي ويندي آهي ته اڳئين ڌر به ايتري طاقتور آهي جيڪا انهن سان برابري جي بنياد تي ڳالهائي سگهي ٿي ته پوءِ اهي ظاهر ظهور يا ڳجهه ڳوهه ۾ ڪو راضي نامو ڪري وٺندا آهن. هاڻي سر بائينڊن بلڊ به بونيروالن سان ڏاڍي خوشگوار نموني صلح صفائي ڪري آيو هو. انهيءَ ۾ فقط هڪ ننڍي جهڙپ ٿي هئي جنهن ۾ لارڊ فنڪيسل (Fincastle) سندس اي. ڊي. سي. ۽ هڪ ٻئي آفيسر مرڻ ڪنڌيءَ تي پهتل هڪ زخمي ساٿيءَ کي ڏاڍي دليريءَ سان بچائي وڪٽوريا ڪراس حاصل ڪيو هو. هاڻي منهنجو ڊيپ ڊين جي ڏينهن وارو پراڻو دوست جنرل ۽ ڪمانڊر انچيف به واپس اچي پهتو آهي. سندس اسٽاف ۽ اسڪارٽ گڏ اٿس ۽ سندس جوان جوڌا سندس پٺيان اچي رهيا آهن.
سر بائينڊن بلڊ جي شخصيت انهن اجاڙ جبلن ۽ رائيفل بردار وحشي قبائلين ۾ ڏاڍي متاثر ڪندڙ لڳي رهي هئي. مون کيس انگلينڊ جي پرامن ۽ آرامده ماحول ۾ ڏٺو هو. هاڻي هو پنهنجي فوجي ورديءَ ۾ گهوڙي تي سوار ۽ سموري قافلي سان گڏ ڏاڍو بارعب لڳي رهيو هو. هن برطانوي ۽ هندستاني فوجن سان جنگ ۽ امن جو وڏو عرصو گذاريو هو تنهنڪري سندس ذهن ۾ ڪنهن به ڳالهه بابت ڪي به غلط فهميون نه هيون. کيس انهيءَ ڳالهه تي ڏاڍو فخر هو ته هو بدنام زمانه ڪرنل بلڊ جي پيڙهيءَ مان آهي جنهن چارلس ٻئين جي دور ۾ لنڊن ٽاور[2] مان هٿياربند جٿي سان گڏ شاهي جواهرات چورائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. اهو واقعو تاريخي ڪتابن ۾ بيان ٿيل آهي. ڪرنل ٽاور جي دروازي مان نڪرندي وقت اهڙي طرح گرفتار ڪيو ويو جو شاهي جواهرات سندس هٿن ۾ هئا. مٿس غداري ۽ ٻين ڪيترن وڏن ڏوهن جي الزام هيٺ ڪيس هليو. پر هو انهن مان باعزت بري ٿيو ۽ فوراً بادشاه جي محافظ دستي جي ڪمان سندس هٿن ۾ ڏني وئي. واقعن جي اهڙي عجيب رخ اختيار ڪرڻ تي اهڙيون گنديون ڳالهيون به منظر تي آيون ته سندس پاران ٽاور مان شاهي جواهرات ڪڍڻ جي ڪوشش ۾ خود بادشاه به هم صلاحي ٿيل هو. اها ڳالهه بلڪل سچ آهي ته انهي مشڪل دور ۾ بادشاه وٽ پئسن جي تمام گهڻي کوٽ ٿي وئي هئي ۽ مسٽر اٽينبورو جا ابا ڏاڏا پڻ يورپ جي ڪيترن ئي حصن ۾ موجود هئا. بهرحال انهيءَ واقعي بابت صورتحال ڪهڙي به هجي ته به سربائينڊن بلڊ پنهنجي انهيءَ وڏي ڏاڏي پاران شاهي جواهرات جي چوريءَ جي ڪوشش کي پنهنجي خاندان جي تاريخ جو تمام شاندار واقعو سمجهندو هو ۽ نتيجي طور کيس هندستاني سرحد تي رهندڙ پٺاڻ قبائلين سان به دلي همدرديون هونديون هيون. اهي سڀئي انهيءَ واقعي ۽ انهيءَ جي نتيجن ۽ اثرن کي پوريءَ طرح سمجهن ها ته جيڪر سڀني ڌرين کي دل کولي داد ڏين ها، جيڪڏهن جنرل انهن سڀني کي گڏ ويهاري اها ڳالهه تفصيلي طور ٻڌائي وڃي ها ته فوج جي ٽن برگيڊن ۽ بي انداز خچرن ۽ اٺن کي جبلن ۽ ڇڊي پاڊي آباديءَ وارن جابلو پٽن تي ڪشالا ڪرڻا ئي نه پون ها پر ائين نه ٿي سگهيو ۽ منهنجا ايندڙ ٻه ٽي هفتا انهن ڪشالن ۾ گذري ويا.
جنرل تڏهن ئي ڪافي وڏي عمر جو هو پر هو اڃان حال حيات ۽ خوش چڱو ڀلو آهي. هو انهيءَ مهم ۾ هڪ شخصي مصيبت مان پڻ گذريو هو. ٿيو ائين جو هڪ وفد ۾ ٻين سان گڏ ايندڙ هڪ جنوني اوچتو هڪ چاقو ڇڪي ڪڍي ورتو ۽ لڳ ڀڳ اٺن والن جي فاصلي تان جنرل ڏانهن لُوهه ڪيائين. سر بائينڊن بلڊ پنهنجي گهوڙي تي ويٺي پنهنجو ريوالور ڪڍيو ۽ حملي آور کي ٻن والن تان فائر ڪري ماري وڌائين. اسان مان اڪثر ماڻهو سمجهندا هئا ته هڪ ڊويزن جي جنرل جو ريوالور مڙئي نمائش جو هٿيار هوندو پر انهيءَ واقعي تي فيلڊ فورس جا سڀئي ماڻهو ويندي، اڇوت جمعدار تائين ڪيترا خوش ٿيا هوندا انهيءَ جو اندازو ڪرڻ ايترو مشڪل نه آهي.
هتي مهم بابت تفصيلي بيان ڏيڻ منهنجو مقصد نه آهي جو آءُ اڳ ۾ ئي انهيءَ موضوع تي هڪ معياري تاريخ لکي چڪو آهيان. پر افسوس آهي ته هاڻي انهيءَ ڪتاب جي ڪا به ڪاپي مارڪيٽ ۾ موجود نه آهي. تنهنڪري آءُ فقط ڪجهه جملن ۾ انهيءَ جي واقعن جو رُخ بيان ڪندس. مالاڪنڊ فيلڊ فورس جون ٽئي برگيڊون مون پاران اڳ ۾ ذڪر ڪيل وادين مان هڪ ٻئي پٺيان گذرنديون قبائلين سان کونس ڪنديون ويون ۽ کاڌي پيتي لاءِ انهن جا ڍور ڪاهي ۽ پنهنجن وهٽن جي کاڌ خوراڪ لاءِ انهن جا فصل لڻي انهن کي تمام گهڻي تڪليف پهچائينديون ويون. فورس سان گڏ هلندڙ پوليٽيڪل آفيسر سمورو وقت سردارن، مذهبي عالمن ۽ ٻين مقامي معززن سان صلح جون ڳالهيون ٻولهيون به ڪندا رهيا. ڪوٽن جي ڪالرن تي سفيد پٽيون لڳل اهي پوليٽيڪل آفيسر آرميءَ جي آفيسرن ۾ تمام غير مقبول هوندا هئا. انهن کي ته راند ڦٽائيندڙ سمجهيو ويندو هو. ماڻهو سمجهندا هئا ته اهي سدائين ڪنهن کي به ٻڌائڻ کانسواءِ ٺهراءَ ڪري ۽ سلطنت جي وقار کي داغدار ڪري ٿا ڇڏين. انهن تي ٽال مٽول ڪرڻ جي ڏوهه جو الزام به مڙهيو ويندو هو ته اهي فائر ڪرڻ کان اڳ هر ممڪن ڪوشش ڪري جنگ کان بچي وڃن ٿا. اسان سان به ميجر ڊين نالي هڪ ڏاڍو هوشيار پوليٽيڪل آفيسر هوندو هو جنهن کي ماڻهو ڏاڍو ناپسند ڪندا هئا ڇاڪاڻ ته هو سدائين فوجي ڪاروايون روڪرائي ڇڏيندو هو. اسين جڏهن ڏاڍي سٺي معرڪي لاءِ تيار ٿيا ويٺا هوندا هئاسون، هر ڪو پُرجوش لڳو پيو هوندو هو ۽ سڀئي بندوقون لوڊ لڳيون پيون هونديون هيون ته اهو ميجر ڊين- اسين ته چوندا هئاسين ته اهو ميجر ٿيو ڪيئن آهي؟ سچ ته اهو آهي ته انهيءَ جو عام رواجي سياستدانن کان وڌيڪ ڪو ڪردار ئي نه هوندو هو- اچي ويندو هو ۽ اهي سڀ ڳالهيون روڪرائي ڇڏيندو هو. لڳندو ته ائين هو ته اهي سڀ وحشي سردار ڪي سندس پراڻا دوست يا شايد ويجها مائٽ هجن. انهن جي دوستيءَ ۾ ڪا به ڳالهه حائل نه ٿيندي هئي. ويڙهه هلندي به اهي ائين ڳالهيون ٻولهيون ڪندا هئا جيئن ڪي عام ماڻهو يا دوست پاڻ ۾ ڳالهائيندا آهن. اهي ته اسان جي جنرل سان به ائين ڳالهائيندا هئا جيئن ڪو ڦورُو ٻئي ڦورو سان ڳالهائيندو هجي.
اسان کي اها خبر ته نه هئي ته شڪاگو ۾ پوليس ۽ ڏوهاري ٽولن جي وچ ۾ معاملا ڪيئن ٿا هلن پر انهن ۾ لازماً اهڙي قسم جي سوچ ئي ڪم ڪندي هوندي. انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اهي سڀئي هڪٻئي کان چڱيءَ طرح واقف هوندا هئا ۽ جمهوريت، واپار، ڪاروبار، پئسو گڏ ڪرڻ ۽ ايمانداريءَ جهڙي ڳالهين کان نفرت ڪندا هئا. ٻئي طرف اسان وري پنهنجا هٿيار هلائڻ چاهيا ٿي. اسان ايترو پنڌ ڪري انهيءَ لاءِ نه آيا هئاسون ۽ ايتريون گرميون ۽ اهنج انهيءَ لاءِ نه سٺا هئا ته پوليٽيڪل آفيسرن ۽ انهن چيڙاڪ ۽ خونخوار قبائلين جي وچ ۾ ناقابل بيان معاملن تي ٿيندڙ اڻکٽ رازو نياز جي ڳالهين ۾ اچي شريڪ ٿيون. گرمي جو هر طرف ايترو ته راڄ هوندو هو جو توهان اها جيڪر پنهنجن هٿن ۾ کڻي سگهو ها. اها توهان جي ڪلهن تي ٿيلهي وانگر پئي هوندي هئي ۽ توهان جي دماغ تي ڪنهن ڀوائتي خواب وانگر سوار هوندي هئي. ٻئي طرف اسان ۾ تمام شديد جوش ۽ جذبو رکندڙ شدت پسند ۽ دشمن جي طرف به ”گرم خون رکندڙ“ ماڻهو موجود هئا. انهن اسان تي اسان انهن تي گوليون هلائڻ چاهيون ٿي. پر اسان ٻنهي ڌرين ۾ موجود اهڙن ماڻهن جا ارادا اهي ”وڏڙا“ يا جن کي هاڻي پوڙهن جو ٽولو چئي سگهجي ٿو. اهي ۽ پوليٽيڪل آفيسرن جي ڪوٽن جي ڪالرن تي سفيد پٽيون يا سفيد کنڀ، ناڪام ڪري ڏيندا هئا. بهرحال جئين هيستائين صورتحال رهي هئي تيئن هاڻي به گوشت خور قوتن پنهنجي لاءِ دڳ ڪڍي ورتو. ڪجهه قبيلا پنهنجي پوڙهن جي ٽولي کان ڌار ٿي ويا ۽ اسان جي پوليٽيڪل آفيسرن جي ڳالهين سان به ٿڌا نه ٿيا. تنهنڪري ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا ۽ اسان جي طرفان مئلن جي بيواهن کي امپيرئيل گورنمينٽ طرفان پينشن ڏيڻي پئي ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا ۽ پنهنجي باقي حياتي ۾ منڊڪائيندا رهيا. باقي جيڪي مارجڻ ۽ زخمي ٿيڻ کان بچي ويا انهن لاءِ ته اها ڏاڍي دلچسپي ۽ کل خوشي جهڙي ڳالهه ٿي. مون کي اميد آهي ته مون انهن ڪنهن حد تائين گستاخانه جملن جي ذريعي گورنمينٽ آف انڊيا جي صبر ۽ تحمل ۽ معلومات جو ڪنهن حد تائين اندازو ڪرائي ڇڏيو هوندو. انهيءَ کي مون انهيءَ ڪري صبر تحمل وارو چيو آهي جو ٻين ڳالهين سان گڏوگڏ کيس اها به خبر آهي ته جيڪڏهن ڪا بدترين صورتحال پيش اچي وئي ته اها ڪنهن به ماڻهو تي گولي به هلائي سگهي ٿي. پر اها پاڻ اهڙن اڻ وڻندڙ نتيجن کان بچڻ چاهي ٿي. اها ڏاڍي پُرسڪون حڪومت آهي جنهن جا هٿ قانونن سان ٻڌل آهن ۽ جيڪا ڪيترن ئي ويجهن لاڳاپن ۽ مذاڪرات جي ذريعي ڦاٿي پئي آهي. انهيءَ جا هٿ نه فقط هائوس آف ڪامنز پر ڪيترن ئي خالص اينگلو انڊيا ئي رڪاوٽن سان به ٻڌل آهن. انهن رڪاوٽن جو سبب ڪڏهن ته فياضي ۽ عالي ظرفي جا اعليٰ تصور هوندا آهن ته ڪڏهن افسر شاهي جي ڳاڙهي پٽي (Red Tape) دشواريون پيدا ڪري وجهندي آهي.

انهيءَ هوندي به وقت بوقت ڪجهه نه ڪجهه ٿيندو رهندو ۽ ڪي ڀُلون چڪون يا جن کي افسوسناڪ واقعا چئجي ٿو، ٿيندا رهندا. ايندڙ ڪجهه صفحن ۾ اهڙي ئي هڪ واقعي جو بيان آهي.


____________
[1] اٽليءَ ۾ هڪ سامونڊي بندر.
[2] اڳ ۾ قلعو پوءِ شاهي قيد خانو ۽ هاڻي اسلحه گهر ۽ نمائش: (سنڌيڪار)

باب يارهون: ماموند وادي The Mamund Valley

هندستاني سرحد تي ڪنهن مهم ۾ حصو وٺڻ پنهنجي نوعيت جو هڪ انوکو تجربو آهي. اتان جي ماڻهن ۽ منظرن جو جوڙجيس دنيا جي ڪنهن به حصي ۾ نه ٿو ملي. جابلو وادين جون اُڀڪپريون ڀتيون سڀني طرفن کان پنج يا ڇهه هزار فوٽن تائين هليون وڃن ٿيون. فوجين جون قطارون پتل جهڙي آسمان هيٺان ور وڪڙ کائيندڙ وڏن جابلو رستن تي آهستي آهستي هلنديون رهن ٿيون جن جي هيٺان برفاني پاڻين جا ريلا گجيون اُڏائيندا وهندا رهن ٿا. اهڙن عمدن قدرتي منظرن ۾ هڪ اهڙي قوم رهائش پذير آهي جنهن جون خصوصيتون به سندن ماحول سان هم آهنگي رکندي ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. پٺاڻ قبيلا لاباري جي وقت کان سواءِ باقي سمورو وقت ذاتي يا قبيلائي جنگ ۾ مصروف هوندا آهن. انهيءَ وقت تحفظ ذات جي سبب عارضي جنگ بندي لازمي ٿي ويندي آهي. هر هڪ ماڻهو هڪ ئي وقت ويڙهاڪ به هوندو آهي ته سياستدان ۽ مذهبي معاملن جو ڄاڻو به هوندو آهي. هر وڏو گهر سچو پچو جاگيرداري قلعو هوندو آهي. انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اهو مٽي جو ٺهيل هوندو آهي پر انهيءَ ۾ دفاعي لحاظ کان گهربل ڳالهيون جهڙوڪ مورچا، مينارا، عالم پناه ۾ جارا ۽ ڦاٽڪ جي سامهون کاهيءَ جي مٿان ڇڪجي بند ٿيندڙ پل (Draw bridge) وغيره سڀ هونديون آهن. هر ڳوٺ کي پنهنجو دفاع جو بندوبست ڪيل هوندو آهي. هر خاندان پنهنجو وير پاليندو ۽ هر قبيلو پنهنجي دشمني زنده رکيون ايندو آهي. مختلف قبيلن ۽ قبيلن جي مجموعن کي هڪٻئي سان پنهنجو حساب برابر ڪرڻو هوندو آهي. ڪا به ڳالهه وساري نه ويندي آهي ۽ نه ئي ڪو قرض چُڪتو ڪرڻ کان سواءِ ڇڏيو ويندو آهي. سماجي زندگيءَ جي مقصدن لاءِ لاباري واري عارضي جنگ بنديءَ واري روايت سان گڏوگڏ هڪ تمام تفصيلي اخلاقي ضابطو پڻ رواج ۾ آندل آهي جنهن جي مجموعي طور ڏاڍي سچائي سان پاسداري ڪئي ويندي آهي. انهيءَ جي ڄاڻ رکندڙ ۽ انهيءَ تي چڱيءَ طرح عمل ڪندڙ ڪو به شخص بغير ڪنهن هٿيار جي سرحد جي هڪ ڪناري کان ٻي ڪناري تائين وڃي سگهي ٿو. پر ننڍي ۾ ننڍي اصولي قسم جي ڀُل چُڪ موتمار ٿي سگهي ٿي. اهڙيءَ طرح هڪ پٺاڻ جي زندگي دلچسپيءَ سان ڀرپور هوندي آهي ۽ سندس واديون به سج جي بي انداز روشني ۽ وافر مقدار ۾ پاڻي سان ملندڙ طاقت جي سبب ايتريون ته زرخيز هونديون آهن جو اهي ٿورڙيءَ محنت سان ئي اتان ڇڊي پاڊي آباديءَ جي مادي ضرورتن لاءِ پوري پيداوار ڏئي ڇڏين ٿيون.
اوڻيهين صديءَ انهيءَ خوش گذاريندڙ دنيا ۾ ٻن نين شين جو اضافو ڪيو. انهن مان هڪ هئي برطانوي حڪومت ٻي هئي بريچ لوڊر رائيفل[3] انهن مان پهرئين هڪ مڪمل آزار هو ۽ ٻي هڪ تمام وڏي سهوليت ۽ نعمت هئي. بريچ لوڊنگ ۽ اڃان به ميگزين واري رائيفل جو هندستان جي جابلو علائقن کان وڌيڪ ٻي ڪنهن به جاءِ تي ايترو قدر نه ٿيو. پندرهن سو والن جي فاصلي تي به درستگيءَ سان مار ڪري سگهندڙ هٿيار هر انهيءَ خاندان لاءِ خوشين جون نيون راهون کولي ڇڏيون جيڪي اهو حاصل ڪري سگهيا ٿي. هاڻي ماڻهو پنهنجي گهر ۾ هوندي به ڪنهن پاڙيسريءَ تي لڳ ڀڳ هڪ ميل کان به فائر ڪري سگهيو ٿي. ماڻهو ڪنهن مٿاهينءَ ٽڪري تي لڪي ويهي تمام گهڻو هيٺان گذرندڙ گهوڙيسوار کي به گولي هڻي سگهيو ٿي. ويندي ڳوٺن جا ڳوٺ به گهرن کان گهڻو پري نڪرڻ جي تڪليف ڪرڻ کان سواءِ هڪٻئي تي فائر ڪري سگهيا ٿي. اهڙن فائدن هوندي سائنس جي اهڙي حيران ڪندڙ پيداوار لاءِ تمام وڏين قيمتن جي آڇ ٿيڻ لڳي. تنهنڪري سمگلرن جي ڪوششن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ رائيفل چور به سموري هندستان ۾ نوس نوس ڪرڻ لڳا. اهي وڏي طلب وارا هٿيار روانيءَ سان پهچڻ لڳا ته انهن جو خوشگوار اثر به سمورن سرحدي علائقن ۾ پکڙجڻ لڳو ۽ پٺاڻ قبائلي عيسائي تهذيب لاءِ جيڪا عزت رکندا هئا انهيءَ ۾ تمام گهڻو اضافو ٿي ويو.
ٻئي طرف برطانوي حڪومت جي ڪارگذاري وري بلڪل غير اطمينان بخش هئي. اها عظيم طاقت جيڪا ڏکڻ طرف وڌندي، تنظيم پيدا ڪندي ۽ مختلف شيون پاڻ ۾ جذب ڪندي ٿي وئي انهي کي فقط ٻين جي راند بگاڙيندڙ سمجهيو ٿي ويو. هاڻي پٺاڻ جيڪڏهن جبلن تان لهي ميدانن تي ڪي حملا ڪري ڏيندا هئا (انهيءَ ۾ اهڙي ڪا خرابي ته نه هئي.) ته انهن کي نه فقط ڌڪي پٺتي ڪيو ويندو هو پر انهيءَ کان پوءِ انهن جي علائقن ۾ مداخلتن جو هڪ سلسلو شروع ٿي ويندو هو جنهن کان پوءِ وقفي وقفي سان فوجي ڪاروائي ڪندڙ مهموم موڪليون وينديون هيون جيڪي وادين ۾ وڏا ڪشالا ڪاٽي قبائلين کي دڙڪا دهمان ڏيندا هئا ۽ انهن پاران ڪيل ڪنهن به نقصان جا ڏنڊ به ڀرائي وٺندا هئا. اهي جيڪڏهن اچي لڙائي ڪري واپس هليا وڃن ها ته جيڪر انهن مهمن کي ڪير خاطر ۾ ئي نه آڻي ها. اڪثر موقعن تي ته انهن جي اها ئي روش هوندي هئي ۽ گورنمينٽ آف انڊيا به گهڻو وقت انهيءَ Butcher and bolt Policy تي ڪار بند رهي. پر انهن ٻاهران گهڙي ايندڙن اوڻيهين صديءَ جي آخر ڌاران ڪيترين ئي وادين جي وچ مان ۽ خاص طور چترال ڏانهن ويندڙ وڏو روڊ ٺاهڻ شروع ڪيو. اهي ڌمڪين، قلعن ۽ روڪ رقمن ذريعي انهن روڊن جي تحفظ جي خاطريءَ جون ڪوششون ڪرڻ لڳا. جيستائين آخري طريقي جو تعلق آهي ته انهيءَ تي ڪنهن کي به اعتراض نه هو. پر پٺاڻ انهي روڊ ٺاهڻ واري لاڙي کي سخت ناپسند ڪندا هئا. روڊ ٺهڻ کان پوءِ ماڻهن کان اها توقع ڪئي ويندي هئي ته اهي روڊ جي ٻنهي پاسن کان ماٺ ميٺ ۾ رهن ۽ هڪٻئي تي فائر نه ڪن ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته روڊ تي هلندڙ مسافرن تي فائر نه ڪن. اها هڪ تمام وڏي طلب هئي ۽ اهائي ڳالهه لڙاين جي ڪيترن سلسلن جو سبب بڻي.

* * * *

اسين مهمند قبيلي جي علائقي ڏانهن مارچ ڪندي ماموند واديءَ جي مُنهن وٽان لانگهائو ٿياسين. اها وادي ڪنهن برتن جي شڪل جهڙو پٽ آهي جيڪا لڳ ڀڳ ڏهه ميل ويڪري ٿيندي. اسان ۽ ماموندن جي وچ ۾ ڪو تنازعو نه هو. انهن بابت مشهور هو ته اهي تمام خطرناڪ ماڻهو آهن تنهنڪري وڌ کان وڌ ڪوشش ڪري انهن کي پنهنجي حال تي ڇڏيو ويو. پر ڪيمپ جون اُس کان بچاء لاءِ سهڻن سڌن ڇپرن جون قطارون، اسپتال جي خيمن جو جهڳٽو ۽ ڪيترائي اٺ، گهوڙا، گڏهه ۽ خچر ڏسي ڳالهه ماموندن جي ضبط کان ٻاهر نڪري وئي. رات جي پهر ۾ هڪ وڏي چوڪنڊي ۾ اسان جون ٽمڪندڙ باهيون ڏسي هندستاني سرحد تي پروان چڙهيل انساني طبيعت لاءِ انهن جو نشانو وٺڻ کان پاڻ پلي سگهڻ ڏاڍو مشڪل ٿي پيو. مختلف ماڻهن طرفان نشاني بازي اڻٽر هئي ۽ اها اسان جي سڀ کان اڳ واري برگيڊ جي ڪيمپ تي اوندهه ٿيڻ کانپوءِ شروع ٿي وئي. ڪو گهڻو نقصان نه ٿيو. ٿورا ماڻهو زخمي ٿي پيا. سربائينڊن بلڊ انهيءَ ڳالهه جو ڪو به اثر وٺڻ کان سواءِ پنهنجو ڊنر جاري رکيو جيتوڻيڪ هڪ موقعي تي اسان کي ميڻ بتيون وسائڻيون پئجي ويون. اسان صبح جو ماموندن جي گستاخيءَ کي نظرانداز ڪندا نواگئي ڏانهن مارچ ڪري وياسين. پر قبائلي هاڻي جوش ۾ اچي ويا هئا ۽ جڏهن ٻن ڏينهن جي وقفي تي رهندڙ اسان جي ٻين برگيڊ اچي پهتي ته سوين ماڻهو پراڻي ۾ پراڻي بندوق کان جديد ترين رائيفل تائين هر قسم جي هٿيار سان ليس ٿي اچي پهتا ۽ ماڻهن ۽ جانورن جي قطارن تي ٽي ڪلاڪ لاڳيتو فائر ڪندا رهيا. فوجين جي وڏي حصي پنهنجي لاءِ اڳي ئي تانگهيون کڏون کوٽي ڇڏيون هيون ۽ سموري ڪيمپ جي چوگرد به حفاظتي کاهي کوٽجي چڪي هئي. تنهن هوندي به رات جي انهيءَ ٺڪا ٺوڪيءَ ۾ انهن کي چاليهن آفيسرن ۽ سپاهين تان هٿ ڌوئڻا پئجي ويا ۽ ڪيترن ئي لاڏو وهٽن ۽ گهوڙن جو نقصان تنهن کانسواءِ ٿيو. اها رپورٽ سربائينڊن بلڊ تائين پهتي ته هن جوابي حملي جا حڪم موڪليا. ٻين برگيڊ جي ڪمان ڪندڙ جنرل جيفريز کي چيو ويو ته هو ايندڙ ڏينهن تي ماموند واديءَ ۾ داخل ٿي وحشي حملي آورن کي سيکت ڏئي. انهيءَ سيکت جي صورت اها ٿيڻي هئي ته مارچ ڪندو انهن جي وادي (جيڪا هڪ گهٽيءَ وانگر آهي) جي آخري ڇيڙي تائين وڃجي ۽ رستي ۾ ايندڙ سڀني فصلن کي تباه ڪندو، پاڻيءَ جي ذخيرن کي ڀڃندو ۽ وقت کي ذهن ۾ رکندي وڌ کان وڌ قلعن کي ڌماڪي سان اُڏائيندو وڃجي ۽ انهيءَ عمل ۾ جيڪو به رڪاوٽ بڻجي انهيءَ کي گولي سان اڏائيندو وڃجي. سربائينڊن مون کي چيو ته: ”تون جيڪڏهن لڙائي ڏسڻ چاهين ٿو ته پٺتي وڃي جيفريز جي برگيڊ ۾ شامل ٿيءُ“. اسان جي ۽ جيفريز جي ڪيمپ جي وچ ۾ ڏهن ميلن جو فاصلو هو ۽ انهيءَ رستي تي گهڻي اچ وڃ پئي ٿيندي هئي. انهيءَ وقت به بنگال لانسرز وارا ٻين برگيڊ ڏانهن واپس پئي ويا سو آءُ انهن کي پنهنجو ايسڪارٽ ڪري ڏاڍي احتياط سان روانو ٿي ويس ۽ رات جي اونداهي پکڙجڻ کان اڳ جيفريز جي هيڊ ڪوارٽر پهچي ويس.
ڪيمپ جي مٿان سڄي رات گوليون اُڏامنديون رهيون پر هاڻي سڀني پنهنجي لاءِ سٺا کُڏڙا ٺاهي ورتا هئا ۽ گهوڙن ۽ خچرن جو به وڏي حد تائين بچاءُ ڪيو ويو هو. اسان جي سموري برگيڊ 16 سيپٽمبر تي صبح جو سوير جنگي ترتيب ۾ ماموند واديءَ ڏانهن مارچ شروع ڪيو ۽ جلد ئي واديءَ جي وسيع ايراضي ۾ ٽڙي پکڙي وئي. اسان کان اڳ ۾ بنگال لانسرز جي هڪ اسڪواڊرن به رواني ٿي چڪي هئي. اسان جي برگيڊ جا ٽي جدا جدا دستا هئا ۽ هر هڪ کي پنهنجي مقرر ٿيل تادِيبي ڪاروائي سرانجام ڏيڻي هئي. اسان جو جملي انگ ٻارنهن سو لڙائي جي قابل ماڻهن کان وڌيڪ نه هو. هاڻي اهي جڏهن مختلف طرفن ۾ ٽڙندا پکڙندا ويا ته اسين جلد ئي بلڪل ننڍڙين ننڍڙين ٽولين جي صورت ۾ ورهائجي وياسين. مون پاڻ کي مرڪزي ڪالم ۾ شامل ڪري ڇڏيو جنهن جي ذميواري اها هئي ته اهو واديءَ جي بلڪل آخري ڇيڙي تائين هليو وڃي. اهڙيءَ طرح مون ڪيولريءَ سان گڏ هلڻ شروع ڪيو.
اسين هڪ به فائر ڪرڻ کان سواءِ واديءَ جي مُنڍ تائين پهچي وياسين. ڳوٺ توڙي ميدان بلڪل ويران لڳا پيا هئا. اسين جيئن جبل جي وٽ جي ويجهو اچي پهتاسين ته دوربين جي ذريعي هڪ گول ٽڪريءَ تي ننڍڙين ننڍڙين شڪلين جا ميڙ نظر اچڻ لڳا. انهن گول نشانن تان وقفي وقفي سان سج جي روشنيءَ ذريعي اسٽيل جا چمڪاٽ ڏسڻ ۾ اچڻ لڳا جو قبائلي پنهنجون تلوارون لوڏائي رهيا هئا. اهو منظر ڏسي هر ڪو تمام خوش پئي ٿيو ۽ اسان جو سڀ کان اڳيون دستو پنهنجن گهوڙن کي ڪڏهن ڊُگ ته ڪڏهن رلي ۾ هلائيندو اڳتي وڻن جي هڪ ننڍڙي جهڳٽي وٽ پهچي ويو. اها جاءِ گول ٽڪريءَ تان رائيفل جي گوليءَ جي پهچ ۾ هئي. اسين اتي لهي پياسون ۽ ست سو والن جي فاصلي تي فائر جي شروعات ڪري ڏني. اسان وٽ جملي شايد پندرهن ڪاربائينون هيون. اوچتو سموري ٽڪري تي دونهين جا اڇا گولا ظاهر ٿي ويا ۽ اسان جي ننڍڙي جهڳٽي مٿان گوليون سوساٽ ڪرڻ لڳيون. اها مزي جهڙي جهڙپ تقريباً هڪ ڪلاڪ تائين جاري رهي ۽ انهيءَ دوران انفنٽريءَ وارا به لُڇندا ڪڇندا پٽ لتاڙي اسان جي ويجهو اچي پهتا. انهن جي پهچڻ کان پوءِ اها ڳالهه طي ٿي ته 35هين سک ڪمپني گول ٽڪريءَ تي حملو ڪري ڏي ۽ ٻه وڌيڪ ڪمپنيون انهيءَ ٽڪري جي کاٻي پاسي کان جبل جي اڳتي وڌيل حصي تان ٿينديون ڳوٺ ڏانهن هليون وڃن. انهيءَ ڳوٺ جون ڇتيون وڏين ڇپن ۽ جبل جي ڪڇ ۾ بيٺل فصل جي لڏندڙ تيلن منجهان ظاهر ٿي رهيون هيون. انهيءَ دوران ڪيولري کليل ميدان واري پاسي کان چوڪي ڏيندي ۽ اسان جي فوج جي رزرو (Reserve) واري حصي سان رابطو رکندي جيڪو هاڻي گهڻو تڻو بفز (Buffs East Kent Regiment) تي مشتمل هو.
مون به ٻين ٽوليءَ سان گڏجي جبلن جي اڳتي وڌيل حصي تي چڙهي ڳوٺ ڏانهن وڃڻ جو فيصلو ڪيو. مون پنهنجو گهوڙو هڪ مقامي سپاهي جي حوالي ڪيو ۽ انفنٽري سان گڏ جبل تي چڙهڻ شروع ڪيو. اسين وک وک ۾ کڻندا ڪِرندا ڊهندا ڪڏهن زمين جي اتاهن ٽڪرن تي بيٺل فصل مان ته ڪڏهن جابلو ڇپن تان، ڪڏهن پٿريلن پيچرن تان ته ڪڏهن لسين چاڙهين تان ٿيندا لڳ ڀڳ هڪ ڪلاڪ هلندا رهياسين. پر اهو سمورو وقت اسين وياسين ٿي مٿي چڙهندا. مٿان جبل تان ڪجهه فائر ٿيا باقي نه ته لڳو پئي بلڪل ٺاپر ٿي وئي هئي. اسين مٿي چڙهندا پئي وياسين ته اسان جي پٺيان ماموند واديءَ جو سمورو بيضوي برتن پکڙيل پئي نظر آيو. آءُ اُتي ٿوري دير ساهي پٽڻ ۽ پنهنجي نرڙ تان پگهر اگهڻ لاءِ هڪ وڏي پٿر تي ويهي رهيس ته واديءَ جو جائزو به وٺڻ لڳس. انهيءَ وقت ڏينهن جا يارنهن ٿي چڪا هئا. پهرئين ڳالهه جنهن منهنجو ڌيان ڇڪايو اها هئي ته واديءَ ۾ ڪو به سپاهي نظر نه پئي آيو. جبل جي انهيءَ اڳتي وڌيل حصي جي پاڙ کان تقريباً اڌ ميل تي لانسرز جا ڪجهه سپاهي گهوڙن تان لٿا بيٺا هئا. گهڻو اڳتي جبل جي هڪ ڏورانهين اُڀڪپري وٽان هڪ سڙندڙ قلعي مان دونهين جي سنهي ليڪ مٿي وڃي رهي هئي. اسان جي فوج ڪٿي هئي؟ انهن ڪجهه ڪلاڪ اڳ ڪيمپ مان ٻارهن سون جي تعداد ۾ مارچ شروع ڪيو هو ۽ هاڻي وادي انهن سڀني کي ڳهي وئي هئي. مون پنهنجي دوربين ڪڍي ميدان جو غور سان جائزو ورتو. هِتي هُتي مٽي جا ٺهيل ڳوٺ ۽ قلعا نظر اچي رهيا هئا. گڏوگڏ اونها کوٽيل واٽر ڪورس، پاڻيءَ جي ذخيرن جا ترورا ۽ وڻن جا الڳ ٿلڳ بيٺل جهڳٽا ۽ ڪٿي ڪٿي پوک جا ٽڪرا به ڏسڻ ۾ پئي آيا. پر برطانوي – هندستاني برگيڊ جو ڪو نالو نشان ئي نظر نه ٿي آيو.
تڏهن مونکي اها ڳالهه پهريون دفعو ذهن ۾ آئي ته اسان جي ٽولي ته تمام ننڍڙي آهي جنهن ۾ مون سميت پنج برطانوي آفيسر ۽ شايد ته پنجاسي سک آهن. اسان جي سموري فوج اها هئي ۽ اسين تمام خطرناڪ ماموند واديءَ جي مُنڍ وٽ بيٺا انهي جي بلڪل ڏورانهين ڳوٺ کي سيکت ڏيڻ پئي وياسين. آءُ سينڊهرسٽ مان بلڪل تازو نڪتو هوس ۽ فوج کي پکيڙي ڇڏڻ بابت چتاء اڃان منهنجي ذهن ۾ تازا هئا. اسان جي مضبوط فوج صبح جو ڪيمپ مان نڪرڻ وقت جيترا حفاظتي اپاء ورتا هئا هاڻي موجوده صورتحال ۾ اسان چند ماڻهن جي صورت ۾ انهن جي بلڪل ناڪار ٿي رهي هئي. انهيءَ جي باوجود به اڪثر نوجوان بيوقوفن وانگر آءُ به ڪنهن مشڪل جي ڳولها ۾ هئس. دل ۾ اها ئي اميد هئي ته ڪا دلچسپ ڳالهه ٿيڻ گهرجي.
اسين آخرڪار ڳوٺ جي ڪجهه ڪچن گهرن وٽ پهچي وياسين. ٻين سڀني ڳوٺن وانگر اهو به ويران لڳو پيو هو. اهو ڳوٺ وڏي جبل مان نڪري اڳتي وڌيڪ حصي جي مُنڍ تي واقع هو ۽ هڪ ويڪري ڳچيءَ جي ذريعي ٻين جبلن سان ڳنڍيل هو. آءُ هڪ آفيسر ۽ اٺن سکن سان گڏ ڳوٺ جي جبل واري پاسي کان ٿي ويهي رهيس. جڏهن ته ڪمپنيءَ جو باقي حصو ڪچن گهرن جي تلاشي وٺندو يا انهن جي پاڇي ۾ ويهي آرام ڪندو رهيو. پندرهن منٽ ٻيا ته گذري ويا پر ڪجهه به نه ٿيو. پوءِ ڪمپني جو ڪيپٽن اچي ويو.
’اسين هي علائقو خالي پيا ڪريون‘. هن سبالٽرن کي چيو، ”اسين جيستائين ڳوٺ کان هيٺان انهيءَ ٽڪريءَ تي نئين پوزيشن وٺون تيستائين تون اسان کي ڪور (cover) ڏي. بفز (Buffs) ته ايندا ڪو نه پيا ڏسجن ۽ ڪرنل جي خيال ۾ اسين هتي فائر جي زد ۾ آهيون.“
منهنجي ذهن ۾ به اها ڳالهه آئي ته اها بلڪل درست راءِ آهي. اسان ٻيا ڏهه منٽ انتظار ڪيو. انهيءَ دوران مون ذهن جي اک سان ڪمپني جي مک حصي کي ڳوٺ خالي ڪري ٽڪري ڏانهن ويندي ڏٺو. ذهن جي اک سان انهيءَ ڪري جو آءُ انهن کي سڌو سنئون نه پئي ڏسي سگهيس. اوچتو جبل جي پاسي ۾ وڏي هلچل پيدا ٿي وئي. وڏن پٿرن جي پٺيان تلوارون چمڪڻ لڳيون ۽ هيڏانهن هوڏانهن جهنڊا ڦڙڪڻ لڳا. اسان جي سامهون ٻارنهن مختلف جاين تان سفيد دونهين جا گولا اٿڻ لڳا ۽ بلڪل ويجهو ڪنهن جاءِ تان ڌماڪن جا آواز اچڻ لڳا. اسان کان هڪ ٻه يا ٽي هزار فوٽ مٿي هڪ وڏي پٿر جي چوٽيءَ تي سفيد يا نيري رنگ جون شڪليون ظاهر ٿيڻ لڳيون ۽ پٿرن جي وچ ۾ هموار سطحن تي ائين لهڻ لڳيون جئين ڀولڙا ڪنهن ڊگهي وڻ جي ٽارين تان لهندا آهن. ڪيترين جاين تان سنها تيز ڪيڪاٽ به ٿيڻ لڳا. يي! يي! يي! سڄي جبل تان دونهون اٿڻ لڳو ۽ هر گهڙيءَ ننڍڙيون شڪليون مٿان کان هيٺ لهنديون اسان جي ويجهو اچڻ لڳيون. اسان جي اٺن سک سپاهين فائر شروع ڪري ڏنو جيڪو جلد ئي وڌ کان وڌ تيز ٿيندو ويو. دشمن جا ماڻهو جبل کان هيٺ لهندا آيا ۽ اسان کان لڳ ڀڳ هڪ سو وال مٿي وڏي انگ ۾ گڏ ٿي ويا. ايترا سولا ۽ ظاهر ٽارگيٽ ڏسي پاڻ تي ضبط ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو هو. مون پنهنجي ڀرسان ويٺل سک کان مارٽيني رائيفل وٺي پنهنجي هٿ ۾ ڪئي. هو مونکي ڪارتوس ڏيندو وڃڻ تي بلڪل راضي هو. مون پهڻن ۾ گڏ ٿيندڙ ماڻهن تي ڏاڍي ڌيان سان فائر ڪرڻ شروع ڪيا. اسان جي آسپاس به ڪيتريون ئي گوليون سوساٽ ڪنديون ويون. پر اسين پٽ تي بلڪل سڌا پيا هئاسين تنهنڪري ڪو به نقصان نه ٿيو. ٻنهي طرفن کان اها لڳاتار ڇتي فائرنگ پنجن منٽن تائين هلندي رهي. اسين جنهن مهم جوئي جي ڳولها ۾ هئاسين اها اسان کي ملي وئي هئي. پوءِ ويجهو ئي ڪنهن انگريز جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. اهو بٽالين ايڊجوٽنٽ هو.
”هاڻي هليا اچو. اسان کي وڌيڪ وقت ڪونهي. اسين ننڍڙي ٽڪري تان توهان کي ڪور ڏئي سگهون ٿا.“
مون جنهن سک کان رائيفل ورتي هئي انهيءَ منهنجي ڀرسان پٽ تي اٺ يا ڏهه ڪارتوس رکي ڇڏيا هئا. فوج جو اهو اصول هو ته ڪنهن به قسم جو بارود قبائلين جي هٿن ۾ وڃڻ ناهي ڏيڻو. سک ڪافي پُرجوش پئي لڳو تنهن ڪري مون هڪ هڪ ڪري سڀ ڪارتوس هن کي ڏئي ڇڏيا جئين اهي پنهنجي ڳوٿريءَ ۾ رکي ڇڏي. اها به قسمت جي ڀلائي هئي جو اها ڳالهه ذهن ۾ اچي وئي. اسان جي ٽوليءَ جا ٻيا سڀ ماڻهو اٿي واپس روانا ٿي ويا هئا. اوچتو جبل مان گولين جو ڇتو وسڪارو ٿي ويو ۽ هڪلون ۽ هوڪرا ٿي ويا ۽ هڪ رڙ ٻڌڻ ۾ آئي. انهيءَ وقت منهنجي ذهن ۾ اها ڳالهه آئي ته اسان جا پنج يا ڇهه ماڻهو وري ڪريا آهن. ائين ئي ٿيو هو. ٻه مئا هئا ۽ ٽي زخمي ٿيا هئا. هڪ ماڻهو کي سيني ۾ گولي لڳي هئي ۽ انهيءَ مان رت ناليون ڪري وهي رهيو هو. ٻيو ماڻهو پُٺي ڀر پيو وٽجي سٽجي ۽ کرڙيون هڻي رهيو هئو. برطانوي آفيسر منهنجي بلڪل پٺيان ڦرڻيءَ وانگر ڦيراٽيون پائي رهيو هو. سندس منهن رت جو دڳ ٿي ويو هو ۽ سندس ساڄي اک کوپي مان ٻاهر نڪتي پئي هئي. هائو! بلاشڪ ته اها مهم جوئي هئي.
هندستاني سرحد تي اهو عزت جو معاملو ليکيو ويندو آهي ته زخمي ماڻهن کي پٺتي نه ڇڏيو وڃي. جنگ ۾ جيڪي به ماڻهو زخمي ٿي پٺاڻ قبائلين جي هٿن ۾ ايندا آهن انهن جا لازمي طور عضوا ڪپيا ويندا آهن ۽ اهي آخرڪار چُڻي چُڻي مري ويندا آهن. هاڻي ايڊجوٽنٽ به واپس اچي ويو. هن سان هڪ برطانوي سبالٽرن، هڪ سِک سارجنٽ ميجر ۽ ٻه يا ٽي سپاهي گڏ هئا. اسان سڀني زخمين کي هٿ وڌا ۽ انهن کي ٽڪري تان هيٺ کڻڻ ۽ گهلڻ شروع ڪيو. اسان ڏهن يا ٻارنهن ماڻهن جي هٿن ۾ چار زخمي ماڻهو هئا ۽ ڳوٺ جي ڪجهه گهرن مان نڪري ٻاهر ٿي زمين جي هڪ خالي پٽيءَ تي ظاهر ٿي بيٺاسين. اتي ڪيپٽن ڇهن ماڻهن تي ٻڌل ڪمپني جي ڪمان سنڀاليون بيٺو هو. هوڏانهن هيٺ ڏيڍ سو وال پري هڪ ننڍڙي ٽڪري هئي هڪ مددي پارٽيءَ کي اتي مقرر هئڻ گهربو هو. انهن جا ڪي آثار نظر نه ٿي آيا. شايد اها ٽڪري اڃان هيٺ هئي. اسان زخمين جي احتجاجن کي نظرانداز ڪندا انهن کي کنڀيندا وياسين. اسان کي ڪنهن به قسم جو ريئر گارڊ نه هو. سڀئي زخمي کنيو پئي آيا تنهنڪري مون کي پڪ هئي ته اسان کي اڃان بدترين صورتحال کي منهن ڏيڻو هو. اسان کليل علائقي ۾ اڌ پنڌ به نه ڪيو هو ته گهرن جي پٺيان ويهه يا ٽيهه غضبناڪ ماڻهو جوش ۾ فائرنگ ڪندا يا پنهنجون تلوارون لوڏيندا ظاهر ٿيا.
انهيءَ کان پوءِ جيڪو ڪجهه ٿيو انهيءَ جا مون کي فقط ٽڪرا ٽڪرا ياد آهن. ٻه سک جيڪي مون سان پنهنجو زخمي کڻائي رهيا هئا انهن مان هڪ کي پٺيءَ ۾ گولي لڳي وئي. هو سور ۾ رڙيون ڪرڻ لڳو. سندس پڳڙي هيٺ ڪري پئي ۽ ڊگها ڪارا وار ڪُلهن تي پکڙجي ويس. هو ڏک ۽ کل جو گڏيل منظر پيش ڪري رهيو هو. هيٺان ٻه وڌيڪ ماڻهو آيا ۽ اسانجي ماڻهو کي قابو ڪيائون. نئين سبالٽرن ۽ مون انهيءَ سک کي ڪالر مان ورتو ۽ کيس زمين تي گهليندا وياسين. چڱو ٿيو جو هاڻي سمورو پنڌ ٽڪريءَ تان هيٺ لهڻ جو هو. ظاهري ڳالهه آهي ته اسان کيس تکن پٿرن تي گهليندي ايترو ته ڦٽي وڌو هو جو هن عرض ڪيو ته کيس اڪيلو ڇڏيو وڃي. هو منڊڪائيندو، گهلبو، ٿيڙ کائيندو ۽ ٿاٻڙبو پر چڱي رفتار سان اڳتي وڌندو آيو. اهڙيءَ طرح هن پنهنجي جان بچائي ورتي. مون ڪنڌ ورائي پنهنجي کاٻي طرف ڏٺو. ايڊجوٽنٽ کي به گولي لڳي وئي هئي. سندس چار سپاهي کيس کنيو پئي آيا. هو ڳرو مڙس هو تنهنڪري هنن سڀني جا هٿ هن ۾ مضبوطي سان پيل هئا. اوچتو گهرن جي ڪنارن وٽان اڌ ڊزن پٺاڻ تلوار باز ظاهر ٿيا. انهن جي ويجهو اچڻ تي ويچاري ايڊجوٽنٽ جا ڪانڌي کيس اڇلائي پاڻ ڀڄي ويا. سڀ کان اڳئين تلوار باز ڊوڙي اچي منهن ڀر ڪريل ماڻهو مٿان اچي بيٺو ۽ کيس پنهنجي تلوار سان ٽي يا چار دفعا ڌڪ هنيائين. انهيءَ وقت ٻيون سڀ ڳالهيون منهنجي ذهن مان نڪري ويون ۽ اها تمنا دل ۾ اڀري بيهي رهي ته انهيءَ شخص کي قتل ڪريان. پبلڪ اسڪول جو تلوار بازيءَ جو تمغو ته منهنجو اڳ ۾ ئي کٽيل هو. مون دوبدو مقابلي جو فيصلو ڪري ورتو. وحشيءَ مون کي ايندو ڏسي ورتو. آءُ ويهن والن کان وڌيڪ پري نه هوس. هن هڪ وڏو پٿر کڻي کاٻي هٿ سان مون ڏانهن اڇلايو ۽ پوءِ تلوار جهلي منهنجو انتظار ڪرڻ لڳو. هن جي پٺيان ٻيا ماڻهو به بيٺل هئا جيڪي هن کان گهڻو پري نه هئا. مون تلوار ڪم آڻڻ بابت پنهنجو ارادو تبديل ڪري ڇڏيو. مون پنهنجو ريوالور ڪڍيو ۽ پنهنجي اندازي مطابق تمام ڌيان سان نشانو وٺي فائر ڪري ڇڏيو. ڪو به نتيجو نه نڪتو. مون ٻيهر فائر ڪيو. وري به نتيجو نه نڪتو، مون وري فائر ڪيو. آءُ چئي نه ٿو سگهان ته هن کي ڌڪ لڳو يا نه پر هو ٻه يا ٽي وال پوئتي ڀڄي ويو ۽ هڪ پٿر جي پٺيان پئجي رهيو. گولين جو وسڪارو مسلسل ٿي رهيو هو مون چوطرف نظر وڌي پر ڪو به ساٿي نظر نه ٿي آيو. آءُ دشمنن جي وچ ۾ بلڪل اڪيلو هوس. آءُ پنهنجي پوري رفتار سان ڊوڙڻ لڳس. هر طرف گوليون ئي گوليون هيون. منهنجي سامهون جيڪا پهرئين ٽڪري آئي آءُ انهيءَ تي چڙهي ويس. سک هيٺين ٽڪريءَ تي پوزيشن سنڀاليون بيٺا هئا. انهن هٿن سان ڏاڍي پُرجوش نموني اشارا ڪيا ۽ آءُ ڪجهه گهڙين ۾ ئي انهن وٽ پهچي ويس.
ميدان تي پهچڻ کان اڳ اڃان جبل جي وڌيل حصي تي مني ميل جيترو پنڌ ڪرڻو هو ۽ اسان جي ٻنهي پاسن کان جبل جا ٻيا وڌيل حصا هيٺ وڃي رهيا هئا. اسان جو تعاقب ڪندڙ انهن ٻنهي تان ڊوڙندا ۽ اسان جي ٻنهي پاسن کان فائر ڪندا پئي آيا. انهن جي ڪوشش هئي ته اسان کي پنهنجن ساٿين کان ڪٽي ڇڏين. مون کي ياد نه آهي ته اسان کي هيٺ پهچڻ ۾ ڪيترو وقت لڳو پر اسان اهو سمورو فاصلو بلڪل آهستگي ۽ مضبوطي سان طي ڪيو. اسان ٻه آفيسر ۽ ڇهه سک زخمي به پاڻ سان کنيو پئي آياسين. انهن کي کڻڻ لاءِ ئي ويهه ماڻهو درڪار هئا. اسان هڪ آفيسر ۽ ٻارنهن زخمي ۽ مئل سپاهين کي وڍجي ٽڪرا ٽڪرا ٿيڻ لاءِ اتي ئي ڇڏي ڏنو.
انهيءَ دوران مون هڪ مئل ماڻهو جي مارٽيني رائيفل ۽ بارود کڻي ورتو ۽ کاٻي پاسي تي اسي کان هڪ سو ويهن والن جي فاصلي تي بيٺل قبائلين تي وڌ ۾ وڌ احتياط سان ٽيهه يا چاليهه فائر ڪيا. انهن موقعن تي مشڪل اها هوندي آهي ته وڏي هڻ وٺ جي سبب ماڻهو جا عضوا پيا ٿڙڪندا آهن ۽ ڏاڍو پيو سهڪندو آهي. بهرحال مونکي پڪ آهي ته مون فائر نشانو وٺي ڪيو.
اسين هيٺ پهتاسين ته اسان جي حالت ماڻهن جي ڪنهن بي ترتيب ميڙ کان بهتر نه هئي پر انهيءَ هوندي به اسان پنهنجا زخمي گڏ آندا هئا. ڪمپني جو رزرو (Reserve) حصو ۽ ليفٽيننٽ ڪرنل به بيٺا هئا. هو بٽالين ڪمانڊر هو پر حالت اها هئي جو فقد چند اردلي سندس ڪمان هيٺ بيٺا هئا. زخمين کي هيٺ سمهاريو ويو ۽ سموري ڪمپني جي باقي بچيل ماڻهن کي ٻن قطارن ۾ ڪلهو ڪلهي ۾ ڏئي بيهاريو ويو. قبائلي جن جو انگ هاڻي لازماً ٻه يا ٽي سو ٿيندو اهي هڪ اڌ چنڊ جي شڪل ۾ اسان جي ٻنهي پاسن کان گڏجي بيهي رهيا. مون ڏٺو پئي ته گورا آفيسر سکن کي نظم ضبط ۾ رکڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيا هئا. اها ترتيب جيتوڻيڪ دشمن کي وڏو نشانو مهيا ڪري رهي هئي پر ٽڙيل پکڙيل هئڻ کان ڪهڙي به ترتيب ۾ هئڻ بهتر هو. سڀئي قبائلي به ننڍڙن ميڙن جي صورت ۾ گڏيا بيٺا هئا ۽ اهي به جوش ۽ جذبي ۾ آپي کان ٻاهر ٿي نظر آيا.
ڪرنل مونکي چيو ته: ”بفز اڌ ميل کان وڌيڪ پري نه آهن. وڃ ۽ انهن کي چئه ته جلدي ڪريو نه ته اسين سڀ ختم ٿي وينداسين.“
مون انهيءَ ڪم تي روانو ٿيڻ لاءِ منهن ئي مس ڦيرايو ته منهنجي ذهن ۾ هڪ چڱي ڳالهه اچي وئي. مون تصور جي اک سان ڪمپني کي زير ٿيندي ۽ ختم ٿيندي ڏٺو ۽ پاڻ ڊويزن جي جنرل سان مقرر اردلي آفيسر کي اڪيلو بچيل، پوري رفتار سان ڊوڙندي ۽ سهڪندي اچي تباهي جي خبر ٻڌائيندي ۽ مدد لاءِ اپيل ڪندي ڏٺم.
”مون کي اهو حڪم لکت ۾ گهرجي سر!“ مون چيو.
ڪرنل حيران ڏسڻ ۾ آيو پر پنهنجي ڪوٽيءَ جي کيسي ۾ کوٽهڙا هڻي پنهنجو پاڪيٽ بڪ ڪڍيائين ۽ لکڻ لڳو.
انهيءَ دوران پيدا ٿيل وڏي گوڙ گهمسان ۽ بدنظميءَ ۾ ڪيپٽن ڪمپنيءَ کي پنهنجو حڪم ٻڌائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. هن زور زبردستي ڪرائي ڪمپني کان گولين جي وسڪاري جي شدت گهٽ ڪرائي ورتي. هڪ حڪم جو آواز منهنجن ڪنن تي پيو. ”والي فائرنگ، ريڊي. پريزنٽ“ ڦهڪا ٿي ويا ۽ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڊزن قبائلي هيٺ ڪري پيا. گولين جو وري ٻيو وسڪارو ٿيو ۽ اهي ڍرا ٿي ويا. ٽئين وسڪاري تي اهي پٺيان پير ڪري جبل ڏانهن وڌڻ لڳا. بگل وڄائيندڙ ”چارج“ جي ڌن وڄائڻ شروع ڪئي ۽ هر ڪو ماڻهو هڪلون ۽ رڙيون ڪرڻ لڳو. بحران پڄاڻي تي پهچي چڪو هو ۽ واکاڻ تنهن واحد جي جو سامهون بفز جي مُنڍ وارين قطارن به منهن ڪڍيو.
پوءِ اسان خوشي ملهائي لنچ کاڌي پر پوءِ اها صورتحال سامهون آئي ته اسان کي رات کان اڳ تمام گهڻو پنڌ ڪرڻو هو.

* * * *

هاڻي بفز جي اچي وڃڻ کانپوءِ اهو اٽل فيصلو ٿيو ته اسان کي جبل جي جنهن وڌيل حصي تان ڀڄايو ويو هو انهيءَ تي وري قبضو ڪجي جيئن وڃايل عزت ۽ ايڊجوٽنٽ جو لاش حاصل ڪيا وڃن. اهو ڪم سراجام ڏيندي شام جا پنج ٿي ويا.
انهيءَ دوران 35 سک واري ڪمپني به اچي وئي جيڪا اسان جي ساڄي پاسي واري جبل تي چڙهي وئي هئي ۽ اسان کان به بدتر تجربن مان گذري هئي. اهي به آخرڪار ميدان تي لهي آيا هئا ۽ پاڻ سان گڏ شايد هڪ ڊزن زخمي آندا هئائون ۽ ڪيترائي آفيسر ۽ پندرهن سپاهي بگهڙن هٿان هڙپ ٿيڻ لاءِ اتي ئي ڇڏي آيا هئا. واديءَ تي اڳ ۾ ئي شام جا پاڇا پوڻ شروع ٿي ويا هئا ۽ جن دستن کي صبح جو ڏاڍي غير دانشمنديءَ سان ٽيڙي پکيڙي ڇڏيو ويو هو اهي به ڪيمپ واپس موٽڻ لڳا. ڪيمپ به آهستي آهستي رات جي اونداهيءَ سان گڏوگڏ هوا جي طوفان ۾ ويڙهبي وئي ۽ جنهن کان پوءِ خوشيءَ ۾ ٽڙندڙ دشمن ۽ وحشي به پهچڻ لڳا. آءُ به بفز ۽ ڏاڍي ڏتڙيل 35هين سک ڪمپني سان گڏ ڪيمپ موٽيس. اسين جڏهن ڪيمپ جي چوطرف ٺاهيل مورچن ۾ داخل ٿياسين ته اوندهه ٿي چڪي هئي. ٻيون سڀئي ٽوليون به شديد پر غير تسلي بخش ويڙهه کان پوءِ ڪيمپ واپس پهچي ويون هيون. پر جنرل ڪٿي هو؟ سندس اسٽاف ڪٿي هو؟ ۽ خچر بيٽري ڪٿي هئي؟
ڪيمپ جي سڀني پاسن کان ڏاڍي سخت چوڪي هئي ۽ اسان ماني به معمول وارين گولين جي سنهي مينهن هلندي کاڌي. ٻه ڪلاڪ ٻيا به گذري ويا جنرل آخر ويو ڪيڏانهن؟ هاڻي اسان کي خبر پئي ته خچر بيٽري سان گڏوگڏ انجنيئرن ۽ سرنگهون وڇائيندڙن جي اڌ ڪمپني ۽ ڏهه گورا آفيسر به هن سان گڏ هئا. اوچتو وادي مان توپ جي گولي جي گونج ٿي جيڪو اندازي مطابق ٽي ميل پري هو. انهيءَ کان پوءِ ٿوري وقفي سان شايد ويهه ٻيا به ڌڌڪا ٿيا. پوءِ ماٺ ٿي وئي. ڇا ٿي رهيو هو؟ جنرل رات جي اونداهيءَ ۾ ڇا تي توپون هلائي رهيو هو؟ اها ڳالهه ضرور آهي ته سندس مدمقابل به سندس بلڪل ويجهو ئي موجود هوندو. اهي يا ته هڪٻئي ۾ گڏجي ويا آهن يا ائين ته ڪونهي ته اهي توپن جا ٺڪاء مدد جا سگنل آهن؟ ڇا اسان کي سندس مدد لاءِ نڪرڻ گهرجي؟ رضاڪارن جي ڪابه کوٽ نه هئي؟ سينئر آفيسر گڏجي صلاح مشورو ڪرڻ لڳا. جيئن اڪثر موقعن تي ٿيندو آهي ته حالتون خراب ٿي وينديون آهن ته رسمي ڳالهين تي ڪير به عمل نه ڪندو آهي سو آءُ به وڃي ڳالهين ۾ شريڪ ٿي ويس. اها ڳالهه طي ٿي ته رات جو ڪو به سپاهي ڪيمپ مان ٻاهر نه نڪرندو. گگهه اونداهيءَ ۾ واديءَ جي بيشمار کڏن کوٻن ۽ رڪاوٽن جي موجودگيءَ ۾ ريسڪيو فورس موڪلڻ وڌيڪ ڪنهن آفت جو سبب ٿيندو ۽ ائين ڪرڻ جي صورت ۾ جيڪڏهن ڪيمپ تي حملو ٿي ويو، جنهن جو چڱو خاصو امڪان آهي، ته ڪيمپ موتمار حد تائين ڪمزور ٿي ويندي. جنرل ۽ بيٽري جتي به آهن ڀلي وڙهي ڏينهن ڪن. واديءَ ۾ وري توپن جا فائر ٿيا. انهيءَ جو مطلب ته اهي اڃان تائين زير نه ٿيا هئا. مون تڏهن پهريون دفعو جنگ جون ڳڻتيون، پريشانيون ۽ دٻاء اکين سان ڏٺا. بظاهر ته اها ڪا کِل خوشي واري مهم نه ٿي لڳي. اسين اڳي ئي خطري جي حالت ۾ هئاسين. ڪجهه به ٿي سگهيو ٿي. اهو فيصلو ٿيو ته پرهه ڦٽڻ سان ئي بنگال لانسرز جو هڪ اسڪوارڊن، انفنٽري جي ڪالم جي مدد سان جنرل جي امداد لاءِ روانو ٿي وڃي. هاڻي اڌ رات ته گذري وئي هئي سو مون به جنگي لباس ۽ بوٽن سميت ٻه ٽي ڪلاڪ سٺي ننڊ ڪري ورتي.
ڏينهن جي روشني ۾ واديءَ جي کليل ميدان ۾ اسان جي لاءِ ڪي به خطرا نه هئا. اسان جنرل ۽ سندس بيٽريءَ کي ڪچن گهرن واري هڪ ڳوٺ ۾ مُچي ٿي ويٺل ڏٺو. هن ڏاڍو خراب وقت گذاريو هو. کيس مٿي ۾ زخم رسيو هو پر اهو ايترو شديد نه هو. اوندهه ٿي وڃڻ سان هن پنهنجي فوج کي ڪجهه گهرن ۾ آڻي هڪ قسم جو قلعو ٺاهي ورتو . ساڳئي وقت ماموند به پهچي ويا ۽ سموري رات مٽي جي انهيءَ ڳجهه ڳهيڙي جي گهرن ۽ گهٽين ۾ شديد ترين جنگ ٿيندي رهي. حملي آور علائقي جي هڪ هڪ انچ کان پوريءَ طرح واقف هئا. اهي ته پنهنجي گهرن جي صُفن ۽ رڌڻن ۾ وڙهي رهيا هئا. جڏهن ته دفاع ڪندڙن کي علائقي يا عمارتن بابت ڪا به ڄاڻ نه هئي اهي ته بس گگهه اونداهيءَ ۾ جيڪو جتي هو اتي ئي بيهجي ويو. قبائلي ته ڀتيون ٽپندا، ڇتين تان لڙڪندا، گوليون هلائيندا ۽ پنهنجا وڏا خنجر هڻندا ويا. ماڻهن جا هڪٻئي ۾ هٿ هئا ۽ هر ڪنهن دڦ تي بندوقون پئي ڇوڙيون. توپ جا گولا ائين هلايا ويا جيئن ٻن يا ٽن والن تي بيٺل دشمن تي پستول سان فائر ڪجي. ڏهن مان چار برطانوي آفيسر زخمي لڳا پيا هئا. انجنيئرن ۽ توپچين جو ٽيون حصو زخمي هو ۽ لڳ ڀڳ سڀئي خچر مئا يا زخمي لڳا پيا هئا. باقي بچي ويل آفيسرن جا لٿل منهن صبح جي انهيءَ خوفناڪ منظر جي ڄڻ ته تڪميل ڪري رهيا هئا. اسان اڳتي وڌي زخمي خچرن کي گوليون هنيون ۽ پوءِ نيرن ڪرڻ ويٺاسين.
جڏهن اسين سڀ ڪيمپ واپس موٽي آياسين ته اسان جي جنرل هڪ ڏورانهين جبل جي چوٽيءَ تي بيهي آئيني جي اولڙن ذريعي نواگئي ۾ سربائينڊن بلڊ سان رابطو ڪيو. سربائينڊن بلڊ ۽ اسان جي مهڙ واري برگيڊ تي پاڻ گذريل رات شديد حملو ٿيو هو. انهن جو به سوين وهٽن ۽ ويهن يا ٽيهن ماڻهن جو نقصان ٿيو هو. باقي ٻي ڪا به اهڙي خراب صورتحال پيش نه آئي هئن. سربائينڊن بلڊ حڪم موڪليا ته اسان مامود واديءَ ۾ رهي باهه ۽ تلوار سان بدلو وٺي انهيءَ کي اجاڙي برباد ڪري ڇڏيون. اسان اهوئي ڪم ڪيو. پر انهيءَ دوران وڏا حفاظتي اپاء پڻ ورتا. اسين هڪ طريقه ڪار تحت هڪ ڳوٺ کان ٻئي ڳوٺ ويندا، گهر تباهه ڪندا، کوهه لٽيندا ۽ قلعن جي مينارن کي ڌماڪن سان اڏائيندا وياسين. ساڳئي طرح تاديبي تباهيءَ طور وڏن ڇانو وارن وڻن کي ڪٽي، بيٺل فصلن کي باهيون ڏئي پاڻي جي ذخيرن جا بند ڀڃي ڇڏياسين. ميداني ڳوٺن تي ته اهي ڪاروايون سرانجام ڏيڻ تمام سولو ڪم هو. قبائلي جبلن تي ويٺا ڏاڍي افسوس سان پنهنجن گهرن ۽ گذر سفر جي ذريعن جي تباهي ڏسندا رهيا. پر اسين جڏهن جبلن جي پاسن تي واقع ڳوٺن تي حملا ڪرڻ وياسين ته انهن ڏاڍي مزاحمت ڪئي ۽ هر ڳوٺ جي بدلي ۾ اسان جو ٻن يا ٽن برطانوي آفيسرن ۽ پندرهن يا ويهن مقامي سپاهين جو نقصان ٿيو. ڳوٺن جي تباهي ايترو جاني نقصان لهڻو ٿي يا نه؛ انهيءَ بابت آءُ ڪجهه به چئي نه ٿو سگهان. بهرحال پندرهن ڏينهن جي پڄاڻيءَ تي وادي اجڙي ويران ٿي وئي ۽ اسان جي عزت جي احساس به تسڪين حاصل ڪري ورتي.

_______________________
[3] اڳ ۾ مزل لوڊ يعني ناليءَ جي مُنهن ۾ بارود ڀرجڻ واريون بندوقون ۽ رائيفلون هونديون هيون پوءِ بريچ لوڊ يعني ڪنداق وٽان کولي ڪارتوس يا گولي ڀرجڻ واريون بندوقون ۽ رائيفلون ٺهيون. (سنڌيڪار)

باب ٻارهون: تيرهه مهم Tirah Expedition

سورهين سيپٽمبر تي اسان کي پهتل نقصانن جي نتيجي ۾ جيڪي نئين سر بندوبست ضرور ٿي پيا هئا انهن ۾ مونکي هنگامي قدم طور 31 هين پنجاب انفنٽري ۾ مقرر ڪيو ويو. انهيءَ ۾ ڪرنل کان سواءِ باقي ٽي گورا آفيسر هئا. مون جنگ توڙي امن جي حالت ۾ رجمينٽل آفيسر جي حيثيت ۾ مجموعي طور چوٿين حصارز، 31هين پنجاب انفنٽري، 21 هين لانسرز، سائوٿ آفريقن لائيٽ هارس، آڪسفورڊ شائر آرٽلريءَ ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. ايشيا، آفريقا ۽ يورپ جي انهن مختلف يونٽن ۾ حالتون هڪ ٻئي کان مختلف هيون. پر هيءُ پنجاب انفنٽريءَ وارو معاملو ٻين سڀني کان جدا قسم جو هو. آءٌ جيتوڻيڪ ڪيولري آفيسر آهيان پر مون سينڊهرسٽ ۾ انفنٽري جي ڊرل جي سکيا پڻ ورتي هئي ۽ پاڻ کي سڀني ننڍي قسم جي ڪارواين يا کڻي چئجي ته وڏين لاءِ به پيشوراڻي طور قابل سمجهندو هوس. پر هتي ٻوليءَ واري ڏکيائي وڌيڪ ڳنڀير قسم جي هئي. آءٌ مقامي سپاهين سان هڪ لفظ به نه ٿي ڳالهائي سگهيس جن کي آفيسر جي کوٽ جي صورت ۾ لازماً منهنجي حڪمن تي ئي هلڻو هو. تنهنڪري مون کي مڪمل طور اشارن تي هلڻو پوندو هو يا ٻئي ڌريون اوٽ تي مطلب ڪڍنديون هيون. مون انهن اشارن ۾ ’مارو‘، ’چلو‘ ۽ Talli ho! جي ٽن لفظن جو اضافو ڪري ڇڏيو. آخري لفظ جي معنى ته پڌري پٽ پئي آهي.[1] اهڙين حالتن ۾ ڪمپني ڪمانڊر ۽ سندس ماتحتن جي وچ ۾ اهو بي تڪلف رابطو ته مشڪل هوندو جيڪو قانون جي ڪتاب مطابق هئڻ لازمي آهي. بهرحال اسين ٽن يا چئن جهڙپن مان بغير ڪنهن اڻ وڻندڙ واقعي جي ٽپي پار ٿي وياسين. آءٌ انهن جهڙپن کي معرڪي جو نالو ڏئي انهن جي اهميت ته نه وڌائيندس پر ايترو آهي ته اهي انهن ۾ شريڪ ٿيندڙ ٿورڙن ماڻهن لاءِ ڪجهه نه ڪجهه سيکارڻ سان گڏوگڏ دلچسپ پڻ ثابت ٿيون. آءٌ اهو ڪم اخلاقي طاقت ذريعي ئي سرانجام ڏئي سگهيو هوندس.
آءٌ جيتوڻيڪ انهن جي سوچن ۽ احساسن تائين مڪمل رسائي ته حاصل نه ڪري سگهيس ته به مون ۾ پنجابين لاءِ هڪ قسم جو لحاظ پيدا ٿي پيو هو. انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اهي جنگ دوران ڪنهن گوري آفيسر جي پاڻ ۾ موجودگيءَ تي خوش هئا ۽ ان جي هلت چلت کي غور سان ڏسندا هئا. آءٌ کلندو هوس ته اهي به کلندا هئا تنهنڪري آءٌ وڏي ڪوشش ڪري کلندو هوس. انهيءَ دوران آءٌ مهم جا احوال خط يا تار ذريعي پئانير ۽ ڊيلي ٽيليگراف اخبارن ڏانهن موڪليندو رهيس.
مون ۾ هاڻي چڱي اميد پيدا ٿي پئي هئي ته مونکي مستقل طور مالاڪنڊ فيلڊ فورس سان اٽيج ڪيو ويندو ۽ آءٌ ڪجهه وقت انهن وادين ۾ خوب گهمندس ڦرندس. پر هاڻي ڪارواين جي نوعيت تبديل ٿي وئي. قبائلين 16- سيپٽمبر واري ڳالهه هر طرف پکيڙي ڇڏي هئي ۽ ماموندن به شايد اهو سمجهي ورتو هو ته انهن ڪا وڏي ڪاميابي ماڻي ورتي آهي. انهن اسان جي مئلن جو انگ به وڌائي ٿي ٻڌايو ۽ اهي ڳالهيون به ڪندا رهيا ته انهن جون ڪاروايون رٿا مطابق هلي رهيون آهن. ڳالهيون ته اسان به ساڳيون پئي ڪيون پر اهي اسان جون اخبارون ته نه پڙهندا هئا. بهرحال سموري سرحدي علائقي ۾ وڏو جوش خروش پيدا ٿي ويو هو ۽ سيپٽمبر جي آخر ۾ آفريدين جو اڃان طاقتور قبيلو به بغاوت ۾ ٽپي پيو. آفريدي تيره ۾ رهندا آهن. اهو تمام وڏن جبلن وارو علائقو پشاور جي اتر ۽ خيبر پاس جي اوڀر ۾ واقع آهي. تيره وارا جبل مالاڪنڊ واري پاسي کان وڌيڪ اوچا ۽ وڌيڪ اڀڪپرا آهن ۽ اتان جون واديون به سڌين بجاءِ V شڪل جون آهن. اها ڳالهه قبائلين جي تمام فائدي ۾ آهي ۽ ڪنهن باقاعدي فوج لاءِ وڏيون مشڪلاتون پيدا ڪري ٿي. تيره جي وچ ۾ ماموند واديءَ جهڙو ئي هڪ سڌو پٽ آهي پر اهو ان کان گهڻو وڏو آهي ۽ اتي پهچڻ جو واحد رستو به V شڪل جهڙا جابلو درا آهن. انهيءَ پٽ کي تيره ميدان سڏيو وڃي ٿو.
گورنمينٽ آف انڊيا هاڻي پنهنجي سوچ مطابق تيره ميدان ڏانهن هڪ مهم موڪلڻ جو فيصلو ڪيو. حڪومت جو خيال هو ته آفريدي قبيلن جا مکيه رهائشي علائقا، مال جا ڌڻ ۽ اناج جا ذخيرا به اتي ئي آهن ۽ انهن سڀني کي تباهه ڪري قبائلين کي وچ سياري ۾ عورتن ۽ ٻارن سان گڏ مٿي جبلن تي لوڌي ڪڍبو ته اهي لازماً وڏي تڪليف ۾ اچي ويندا. اهڙي سيکت ڏيڻ لاءِ ٻه مڪمل ڊويزنون گهربل هونديون. هر ڊويزن ٽن برگيڊن تي ٻڌل هوندي. چئجي ته اهي 35000 ماڻهو ٿيندا جن سان گڏوگڏ مواصلات ۽ مرڪز (Base) لاءِ به وڏي فوج درڪار هوندي. نيٺ ايتري فوج حرڪت ۾ آندي وئي ۽ تيره تي ڪاهه جي تيارين طور انهن کي پشاور ۽ ڪوهاٽ جي آسپاس گڏ ڪيو ويو. هيستائين ڪوبه گورو سپاهي تيره ميدان ٽائيم نه پهتو هو. انهن ڪارواين کي سرحد تي افغان جنگ کان پوءِ تمام وڏي اهميت وارو سمجهيو پئي ويو ۽ انهن جي ڪمان به هڪ تجربيڪار ۽ وڏا اعزاز رکندڙ آفيسر وليم لاڪهارٽ (William Lockhart) کي سونپي وئي هئي. ٻئي طرف وري سر بائينڊن بلڊ کي مالاڪنڊ واري پاسي ڏانهن قبائلين کي روڪي رکڻو هو. اهڙي طرح اسان جون سرگرم ڪاروايون پڄاڻي تي پهچي ويون ۽ لڳ ڀڳ ساڳئي ئي وقت پنجابين جي رزرو (Reserve) وارا گورا آفيسر پنهنجي رجمينٽ ۾ خالي جايون ڀرڻ لاءِ پهچي ويا. تنهنڪري مون پنهنجون اکيون تيره مهم (Terah Expenditionar Force) تي کُپائي ڇڏيون ۽ پاڻ کي انهيءَ ۾ شامل ڪرائڻ لاءِ سخت ڪوششون ڪرڻ لڳس. پر آءٌ انهيءَ طرف ڪنهن به اعلى اختياريءَ واري کان واقف نه هوس. هڪ برگيڊ جي ڪمانڊ سان ڪرنل آئن هيملٽن جي هٿ ۾ هئي ۽ هو لازماً مدد ڪري ها پر بدقسمتي اها ٿي جو هو ڪوهاٽ پاس مان گذرندي گهوڙي تان ڪري نه فقط ٽنگ ڀڃرائي ويٺو پر برگيڊ جي ڪمان به هٿن مان ويس هلي ۽ مهم ۾ شريڪ ٿيڻ کان ئي رهجي ويو. تنهنڪري بلڪل دلشڪستو ٿي پيو هو. هاڻي آءٌ هڪ طرف اهڙي ڪمزور حيثيت ۾ هوس جو هڪ فورس مان ڌار ڪيو ويو هوس ۽ ٻي ڪنهن ۾ اڃان شامل نه ٿيو هوس ٻئي طرف وري پري ڏکڻ انڊيا ۾ ويٺل منهنجو ڪرنل منهنجي واپسيءَ لاءِ زور ڀري رهيو هو. سر بائينڊن بلڊ جي منهنجي لاءِ خيرخواهي جي باوجود مون کان اڌ به ويو ته سڄو به ويو ۽ آءٌ اچي بنگلور پهتس.
آءٌ جڏهن واپس پهتس ته منهنجا برادر آفيسر مون سان تمام خوش اخلاقيءَ جو مظاهرو ڪري رهيا هئا، پر مونکي مون بابت عام راءِ اها نظر آئي ته آءٌ ڪافي موڪلون ڪري چڪو آهيان. تنهنڪري مونکي هاڻي باقاعدگيءَ سان معمول واري ڊيوٽي ڪرڻ گهرجي. رجمينٽ سرء جي موسم واري ٽريننگ ۾ مصروف هئي ۽ فوجي مشقن لاءِ رواني ٿيڻ واري هئي. اهڙي طرح آءٌ ماموند واديءَ ۾ گولين جا سوساٽ ٻڌڻ جي ٻن هفتن اندر ئي ٻه هزار ميل پري جعلي جنگين ۾ خالي ڪارتوسن سان ڦٽاڪا ڪڍي رهيو هوس. اها ڳالهه ڏاڍي عجيب پئي لڳي ته هر طرف رائيفلون ڇُٽي رهيون هيون پر ڪنهن به تڪڙ ۾ پنهنجو مٿو هيٺ نه ٿي ڪيو يا ڪَوَر نه ٿي ورتو. انهيءَ کان سواءِ زندگيءَ جو ٻيو سمورو انداز بلڪل ساڳيو ئي هو. گرمي به اوتري ئي ٿي لڳي ۽ اسين هر روز مارچ ڪندا ۽ رات جو پڙاءُ ڪندا هئاسين. اهو ميسور به ڏاڍو سهڻو علائقو هو، جتي تمام سهڻا وڻ ۽ بي انداز پاڻي هوندو هو. اسان نندي دروگ (Nundydroog) نالي هڪ وڏي جبل جي آسپاس مشقون ڪندا هئاسين جتي سون جون کاڻيون آهن ۽ چمڪندڙ قرمزي پنن جي وڻن جا جهڳٽا آهن.
اتي اهڙي ته ڪابه ڳالهه نه هئي جنهن بابت ڪا شڪايت ڪجي پر، جيئن جيئن هفتا ۽ مهينا پيا گذرندا هئا ته آءٌ تيره مهم بابت اخباري بيانن کي حسرت ڀريل نگاهن سان پيو ڏسندو هوس. ٻه ڊويزنون جبل تي چڙهي ويون هيون ۽ آخرڪار گهڻي ويڙهه ۽ انهن ڏينهن جي لحاظ کان ڪيتري ئي جاني نقصان کان پوءِ تيره جي مرڪزي ميدان تي پهچي ويون هيون. انهن کي ٻيون قدم اهو کڻڻو هو جو شديد سيارو شروع ٿيڻ کان اڳ واپس موٽڻو هو. انهن اهو ڪم بروقت ئي ڪيو پر ايتري تڪڙ نه ڪري سگهيا. آفريدي ڪاوڙيل ته اڳي ئي هئا پر هاڻي ته اهي سوڀارا به ٿي ويا هئا تنهنڪري اهي ٽڪرين جي قطارن تي ڊوڙندا فوجين جي ڊگهي ڪالم تي موتمار مهارت سان فائر ڪندا ٿي ويا. فوجين کي انهن جي فائرنگ کان مجبور ٿي هر مارچ ۾ ڏهه ٻارنهن دفعا نديءَ جي يخ ٿڌي پاڻيءَ ۾ لهڻو پوندو هو. سوين سپاهين ۽ هزارين جانورن کي گوليون لڳيون ۽ ٻين ڊويزنن جي باڙا واديءَ مان پسپائي ته انتهائي خراب حالت ۾ ٿي. اسان کي خانگي طور ٻڌڻ ۾ آيو ته اها پسپائي ڪڏهن ڪڏهن ته تاديبي فوج جي فاتحانه واپسيءَ بجاءِ شڪست کاڌل فوج جي ڀاڄ جو روپ اختيار ڪري ويندي هئي. اها ڳالهه ته پڌري پٽ پئي آهي ته سزا ڪنهن کي آئي ۽ بل ڪير ڀريندو. پنجٽيهه هزار انهن درن ۾ ٻن مهينن تائين آفريدين کي شڪار ڪندا ۽ انهن جي هٿان شڪار ٿيندا رهيا ۽ وڌيڪ ويهه هزار سپاهي انهن جي مواصلات جي حفاظت لاءِ مقرر رهيا. انهيءَ خرچ جو حساب رپين ۾ ڪجي ٿو ته تمام خراب ٽوٽل سامهون ٿو اچي. ڪلڪتي ۾ ويٺل عقل جي اڪابرن جون پيشانيون ڪاراٽجي ويون ۽ برطانيه ۾ لبرل مخالف ڌر به ڏاڍي زوردار واويلا مچائي.
مونکي تيره مهم جي ناڪامين تي ڪو به افسوس نه ٿيو. انهن به نه خود غرضي ڏيکاريندي مون کي پاڻ سان گڏ هلڻ نه ڏنو هو. مون سوچيو ته انهن کي بهار جي موسم ۾ وري وڃڻو پوندو تنهنڪري مون انهن سان شريڪ ٿيڻ جون ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون. منهنجي ماءُ پنهنجي طرفان پُرزور تعاون ڪيو. هن منهنجي فائدي ۾ هر ڏور کي ڇڪيو، هر پٿر کي لوڏيو ۽ گوشت جي هر ٻوٽيءَ کي رڌي پچايو. هن منهنجي هدايت هيٺ لارڊ وولسلي ۽ لارڊ رابرٽس جو شديد محاصرو ڪيو. پر انهن قلعن به سخت مزاحمت ڏيکاري. لارڊ رابرٽس لکيو:
”آءُ وڏي خوشي سان توهان جي پٽ جي مدد ڪريان ها پر جنرل لاڪهارٽ سان منهنجي خط و ڪتابت ڪنهن به ڪم جي نه ٿيندي جو جنرل جارج وهائيٽ هال تمام طاقتور آهي ۽ جيئن ته هو ونسٽن کي مالاڪنڊ فيلڊ فورس ۾ جنرل بلڊ سان اڳ ۾ ڊيوٽي سر انجام ڏيڻ کان پوءِ وري انهيءَ آفيسر جي اسٽاف ۾ شامل ٿيڻ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪري چڪو آهي تنهنڪري مون کي پڪ آهي ته هو سندس تيره فيلڊ فورس ڏانهن موڪلڻ تي راضي نه ٿيندو.
آءُ کڻي سر جارج وهائيٽ ڏانهن تار ڪيان پر مونکي پڪ آهي ته هن صورتحال ۾ منهنجو ائين ڪرڻ کيس سٺو نه لڳندو.“
انهيءَ دوران آءُ بنگلور ۾ پنهنجي ڇانوڻي سان واڳيل رهيس. بهرحال ڪرسمس جي موقعي تي ڏهن ڏينهن جي موڪل وٺڻ سولو ڪم هو. ڏهه ڏينهن ايترو ڊگهو عرصو ته نه آهي پر اهو بهرحال ايترو ڊگهو هو جو ماڻهو سرحد تي پهچي ۽ موٽي سگهيو ٿي. مون کي چڱي طرح خبر هئي ته اڳ ۾ ماحول تيار ڪرڻ کانسواءِ فيلڊ فورس جي هيڊ ڪوارٽر پهچڻ ۾ ڪو به فائدو نه ٿيندو. ڇاڪاڻ ته فوجي ٻلي ايستائين ته تمام ڀلو جانور آهي جيستائين توهان انهيءَ جي چنبن کان پري رهو ٿا پر اها جوش يا ڪاوڙ ۾ اچڻ کان پوءِ پاڻ کي تمام ناپسنديده روپ ۾ به آڻي سگهي ٿي ۽ اها جيڪڏهن موڊ ۾ اچي وڃي ته کيس انهيءَ مان ڪڍڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم هوندو آهي. تنهنڪري مون سرحد بجاءِ ڪلڪتي وڃڻ جو فيصلو ڪيو جيئن هندستاني حڪومت جي مرڪز تان محاذ تي ڪنهن خالي جاءِ لاءِ ڪوشش ڪريان. انهن ڏينهن ۾ بنگلور کان ڪلڪتي وڃڻ لاءِ ساڍا ٽي ڏينهن لڳاتار ريل جو سفر هوندو هو ۽ واپسي لاءِ ايترو ئي وقت ڪڍڻ کان پوءِ اهم ترين ڪم سرانجام ڏيڻ لاءِ باقي ٽيهه ڪلاڪ ٿي بچيا. وائسراءِ لارڊ ايلچن[2] جنهن جي هيٺ مون اڳتي هلي ڪالونيل آفيس ۾ انڊر – سيڪريٽري آف اسٽيٽ جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو؛ مناسب تعارف رکندڙ نوجوان آفيسرن جي وڏي خاطر تواضح ڪندو هو. منهنجي به شاهاڻي انداز ۾ مهماني ٿي ۽ چڙهي لاءِ ايترو ته ڀلو گهوڙو ڏنو ويو جو مون اتي هر پندرهين ڏينهن ٿيندڙ ايس پوائنٽ به پوائنٽ (Point- to- point) به کٽي ورتي. تڏهن ڪلڪتي واري ڇانوڻي انهيءَ جي ڏاڍي شوقين هوندي هئي. اهي سڀ ڳالهيون ته ڀليون ٿيون پر منهنجو جيڪو اهو ڪم هو انهيءَ ۾ ڪا به اڳڀرائي نه ٿي. آءُ موقعي تي پهچڻ کان اڳ پنهنجي وس ۾ موجود هر ذريعو ڪم آڻي چڪو هوس ۽ جن به اعليٰ اختيارين تائين منهنجي پهچ هئي انهن کان بهترين صلاحون ۽ مشورا پڻ وٺي چڪو هوس. انهن سڀني جي راءِ اها هئي ته سڀ کان ڀلي ڳالهه اها ٿيندي ته آءُ ايڊجوٽنٽ – جنرل کي قابو ڪيان. هو تمام اڻ وڻندڙ شخصيت جو مالڪ هو ۽ مونکي خوشي آهي ته مون کان انهيءَ جو نالو وسري ويو آهي. هو جيڪڏهن چاهي ته اهو ڪم ڪري سگهي ٿو ۽ جيڪڏهن هو اعتراض ڪري ته ڪير به اهو ڪم نه ڪري سگهندو. اهڙي صورتحال ۾ آءُ وڃي سندس ملاقاتين جي ڪمري ۾ پهتس ۽ ملاقات لاءِ نالو لکرايم. هن مون سان ملڻ کان پٽيء انڪار ڪري ڇڏيو. تڏهن مون کي اهو احساس ٿيڻ لڳو ته منهنجين ڪوششن مان ڪجهه به ورڻو نه آهي. انهن ٻن ڏينهن دوران آءُ جن به اعليٰ فوجي اختيارين سان لنچ يا ڊنر تي مليس انهن جي هلت چلت مان طنزيه کِل جو احساس پئي ٿيو. انهن سڀني کي خبر هئي ته آءُ ڪهڙي ڪم لاءِ آيو هوس ۽ منهنجي درخواست جو ڪهڙو حشر ٿيڻو هو. ڪمانڊر انچيف سر جارچ وهائيٽ کان وٺي آءُ هيٺين کان هيٺين جنهن به عملدار سان مليس اهي سڀئي تمام شائستگي سان مليا ٿي پر انهن سڀني جي دوستاڻي انداز مان ڪنهن نه ڪنهن نموني اها ڳالهه ظاهر پئي ٿي ته ڪجهه موضوعن جو ذڪر نه ڇيڙجي ته چڱو آهي. اهڙيءَ طرح منهنجن سٺ ڪلاڪن جي پڄاڻي تي مون کي وري بي دلي سان ريل گاڏي ۾ چڙهي بي سوڀو ٿي بنگلور پهچڻو پيو.
انهيءَ سياري جي موسم دوران مون پنهنجو پهريون ڪتاب لکيو. مون کي انگلينڊ مان خبر پئي ته ڊيلي ٽيليگراف ۾ منهنجن خطن کي سٺي موٽ ملي آهي. انهن تي جيتوڻيڪ منهنجي نالي بجاءِ ”هڪ نوجوان آفيسر“ طرفان لکيل هو ته به انهن ماڻهن جو ڌيان ڇڪائي ورتو. پئانيئر اخبار پاران به خوشي جو اظهار ڪيو ويو هو. انهن خطن کي بنياد بنائيندي مون پڪو پهه ڪري ڇڏيو ته آءُ هڪ ننڍڙو ادبي ادارو قائم ڪندس. منهنجن دوستن مون کي ٻڌايو ته لارڊ فنڪيسل به مهم جو احوال لکي رهيو هو. هاڻي اهو مقابلو هو ته ڪنهن جو ڪتاب اڳ ۾ ٿو پورو ٿئي ٿي. مون جلد ئي محسوس ڪري ورتو ته مون کي لکڻ جي ڪم مان حقيقي خوشي ملي ٿي ۽ ڏينهن جي وچ وارا ٽي يا چار ڪلاڪ جيڪي اڳ ۾ ننڊ يا پتي راند جي حوالي هوندا هئا هاڻي آءُ انهن ۾ ڏاڍي محنت سان ڪم ڪرڻ لڳس. ڪرسمس کان فوراً پوءِ مسودو تيار ٿي گهر منهنجي ماءُ ڏانهن روانو ٿي ويو جيئن اها ڪنهن پبلشر کي وڪرو ڪري سگهي. هن لانگ مينز پاران انهيءَ جي اشاعت جو بندوبست ڪري ورتو.
پاڻ ۾ لکڻ جي عادت پيدا ڪري وٺڻ کانپوءِ مون فڪشن ڏانهن رخ ڪيو. مون سوچيو ته آءُ پاڻ کي ناول ۾ آزمائي ڏسان. حقيقتن جي تزبيان کان اهو ڪم مونکي وڌيڪ تڪڙو لڳو. قصو هڪ دفعو شروع ٿي وڃڻ کان پوءِ خود بخود اڳتي وڌندو ٿي ويو. مون بنيادي خيال طور بالقان جي ڪنهن تصوراتي يا ڏکڻ آمريڪا جي هڪ رياست جي چونڊ ڪئي جنهن ۾ هڪ لبرل اڳواڻ جي زندگي ۾ درپيش آيل واقعن جو احوال ڏيندي ٻڌايو هو ته هن هڪ آپيشاهه حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ته مٿان سوشلسٽ انقلاب اچي سندس محنتن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو. منهنجا برادر آفيسر ڪهاڻي جي پيش رفت مان ڏاڍا خوش ٿيا ۽ انهيءَ ۾ محبت جو عنصر شامل ڪرڻ لاءِ ڪيتريون ئي تجويزون ڏنائون، پر آءُ انهن کي قبول نه ڪري سگهيس. پر اسان وٽ سياست ۽ جنگ جي به ڪا کوٽ نه هئي جنهن جي وچ ۾ آءُ پنهنجي صلاحيت مطابق فيلسوفاڻا نقطا به وجهندو ويس. انهن سڀني ڳالهين جي مدد سان ناول جي پڄاڻي ائين ٿي جو ٻاهران هڪ مضبوط سامونڊي ٻيڙي اچي گاديءَ واري شهر جي بغاوت کي ختم ڪيو. ناول تقريباً ٻن مهينن ۾ پورو ٿي ويو. اهو ميڪملنز ميگزين ۾ (Savrola) جي عنوان سان شايع ٿيو. انهيءَ جا پوءِ ڪيترائي ڇاپا نڪتا جن مان مون کي ڪيترن سالن ۾ مجموعي طور ست سو پائونڊ آمدني ٿي. آءُ مسلسل پنهنجن دوستن کي تاڪيد ڪندو رهيو آهيان ته اهو پڙهڻ کان پاسو ڪن.
انهيءَ دوران سرحد جي جنگ بابت منهنجو ڪتاب به ڇپجي پڌرو ٿي ويو. پروف انڊيا موڪلڻ ۾ ٻن مهينن جو وقت بچائڻ لاءِ مون انهن جي درستگيءَ جو ڪم پنهنجي چاچي جي حوالي ڪيو جيڪو ڏاڍو هوشيار ماڻهو ۽ پاڻ به هڪ ليکڪ هو. ڪو سبب ٿيو جو هن کان ڪيتريون ئي غلطيون چڪاسڻ کان رهجي ويون ۽ هن بيهڪ جي نشانين کي درست ڪرڻ جي به ڪا ڪوشش نه ڪئي. انهيءَ هوندي به ”مالاڪنڊ فورس“ فوري ۽ وڏي ڪاميابي ماڻي ورتي. تبصري نگارن جيتوڻيڪ ڇپائي جي غلطين وغيره بابت ڏاڍيون تنقيدون ڪيون پر تعريفن ۾ به هڪ ٻئي کان وڌڻ جي ڪوشش ڪيائون. جڏهن ڪتاب جي ڇپيل ڪاپي ۽ تبصرن جو پهريون بنڊل مون وٽ پهتو ته آءُ مبارڪن ۽ واڌاين تي خوشي ۽ ناز ۾ ڀرجي ويس پر ڪتاب ۾ ڇپائي جون وڏيون وڏيون غلطيون ڏسي پريشان به ٿيس. پڙهندڙن کي لازماً ياد هوندو ته منهنجي اڳ ۾ ڪڏهن به تعريف نه ٿي هئي. اسڪول ۾ مونکي پنهنجي ڪم تي بس اهي ئي رمارڪ ملندا هئا: ’گندو‘، ’خراب‘، ’تمام خراب‘، ’لاپرواهي سان ڪيل‘ وغيره. هاڻي هيڏي ساري وڏي دنيا ۾ مکيه ادبي اخبارون ۽ چوڪس ۽ داناء نقاد منهنجي تعريفن ۾ سڄا ڪالم لکي رهيا هئا! حقيقت ۾ ته منهنجي ’اسلوب‘ جي جن شاندار لفظن ۾ تعريف ڪئي وئي هئي اهي ته لکندي مون کي هاڻي به شرم ۾ ڳاڙهو ٿي وڃڻ گهرجي. اٿينيئم (Athenaeum) لکيو هو: ”نيپيئر بابت لکيل صفحن تي پبلشر جي ڪنهن بيوقوف پروف ريڊر بيهڪ جون نشانيون ڏنيون آهن.“ ٻين ماڻهن ته اهڙي کوٽ سوٽ نه ڪئي پر تعريفون تمام گهڻيون ڪيائون. پئانيئر اخبار: ’سندس عمر کان تمام وڌيڪ ڏاهپ ۽ دانائي‘ بابت ڪجهه لکيو. آءُ خوشي ۾ ڀرجي ويو هوس. مون کي خبر هئي ته جيڪڏهن اهو ڪتاب اگهامجي ويو ته اهو جتان آيو آهي اتي اڃان گهڻو مواد موجود آهي ۽ آءُ محسوس ڪرڻ لڳس ته منهنجي آڏو روزگار ۽ پنهنجي اهميت مڃرائڻ جو هڪ نئون رستو کلي رهيو آهي. مون ڏٺو ته هن ننڍڙي ڪتاب به مون کي ڪجهه مهينن ۾ سبالٽرن جي ٻن سالن جي پگهار جيترو پئسو ڪمائي ڏنو آهي. مون پڪو ارادو ڪري ڇڏيو ته جيئن ئي دنيا جي مختلف حصن ۾ شروع ٿي ويل جنگيون پُڄاڻي تي پهچنديون ۽ اسين پولو ڪپ کٽي وينداسين ته آءُ پاڻ کي هر قسم جي نظم ضبط ۽ بالا اختيارين کان آزاد ڪري ڇڏيندس ۽ مڪمل آزاديءَ سان انگلينڊ ۾ سيٽ ٿي ويندس جتي مونکي ڪو به آرڊر نه ڏيندو ۽ نه ئي ڪير گهنٽي يا بگل وڄائي مون کي ننڊ مان سجاڳ ڪندو.
انهيءَ دوران مونکي جيڪو هڪ خط مليو انهيءَ مون کي تمام گهڻي خوشي ڏني. آءُ اهو خط هتي ڏيان ٿو ڇاڪاڻ ته انهيءَ مان ظاهر ٿئي ٿو ته پرنس آف ويلز (اڳتي هلي ڪنگ ايڊ ورڊ ستون) نوجوانن سان ڪيتري نه غير معمولي مهرباني وارو ورتاء ڪندو هو ۽ انهن کي ڪيتري نه اهميت ڏيندو هو.


مارلبورو هائوس،
22- اپريل 1898ع

منهنجا پيارا ونسٽن

آءُ تنهنجي ڪتاب جي ڪاميابيءَ تي ڏاڍي شوق مان هي ٻه ٽي سٽون مبارڪ طور لکي رهيو آهيان! مون اهو وڌ ۾ وڌ دلچسپيءَ سان پڙهيو آهي ۽ منهنجي راءِ آهي ته واقعن جو بيان ۽ ٻولي مجموعي طور تمام شاندار آهن. هرڪو ماڻهو اهو پڙهي رهيو آهي ته آءُ سڀني جي واتان انهيءَ جي تعريف ٻڌي رهيو آهيان. هاڻي تون جيئن ته پنهنجي اکين سان جنگ ڏسي چڪو آهين تنهنڪري توکي اڃان وڌيڪ جنگي واقعا ڏسڻ جي خواهش هوندي ۽ مونکي پڪ آهي ته توکي به وڪٽوريا ڪراس حاصل ڪرڻ جو ايترو ئي موقعو آهي جيترو فنڪسيل کي مليو هو. پر مون کي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته هو آرمي ڇڏڻ جو ارادو رکي ٿو جيئن پارليامينٽ ۾ وڃي سگهي.
تنهنجي سامهون ڪافي وقت پيو آهي تنهنڪري پنهنجي نالي ۾ M.P. جو اضافو ڪرڻ کان اڳ ۾ توکي آرمي سان چنبڙيو رهڻ گهرجي.
مون کي اميد آهي ته تون خوش ۽ آباد هوندين.

تنهنجو تمام گهڻو مخلص

اي. اِي

هاڻي مون وٽ رجمينٽل پولو ٽيم پاران مارچ جي وچ ۾ سالياني ڪيولري ٽورنامينٽ کيڏڻ لاءِ اتر طرف وڃڻ کان اڳ ڪا به موڪل نه هئي. مون کي خوش قسمتيءَ سان انهيءَ ٽيم ۾ جاءِ ملي ۽ آءُ پوري وقت تي ميرٺ پهچي ويس. ميرٺ تمام وڏي ڇانوڻي آهي ۽ اهي مقابلا به عام طور اتي ئي ٿيندا آهن. انهيءَ ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته اسان جي ٽيم مقابلي ۾ شامل سڀني ٽيمن ۾ ٻئي نمبر تي هئي. اسان ٽورنامينٽ جي فاتح مشهور ٽيم درهام لائيٽ انفنٽري کان هارايو. ڪيولري ڪپ کٽيندڙ انفنٽري جي اها واحد رجمينٽ هئي. انهن ڪنهن کان به نه هارايو. سڀئي بهترين رجمينٽون انهن جي آڏو ڍير ٿي ويون. بهترين مقامي ٽيمن جو به ساڳيو حشر ٿيو. انهن اجيت پيدل سپاهين گولڪنڊا ۽ راجپوتانا جي سموري دولت انهن جي مهاراجائن جو سمورو تڪبر ۽ انهن جي بهترين رانديگرن جي مهارت کي پنهنجي سامهون پير کوڙڻ ئي نه ڏنا. هندستاني پولو جي تاريخ ۾ ڪير به انهن جهڙو رڪارڊ نه ٺاهي سگهيو. انهن جي حاصلات جو واحد سبب فقط هڪ شخص ڪيپٽن ڊي لسلي (Delisle) جي ذهانت ۽ قوت ارادي هئي. هن اڳتي هلي گيلي پولي ۽ مغربي محاذ تي ڪور ڪمانڊر طور نالو ڪڍيو. اهو ئي پنهنجي ٽيم کي منظم رکندو ۽ مشق ڪرائيندو هو ۽ چئن سالن تائين پنهنجي ٽيم جي اڳواڻي ڪري انهن کي هندستان جي سڀني حصن ۾ مسلسل ۽ يقيني ڪاميابيون ڏياريندو رهيو. هندستاني پولو جي سفر جي سندس انهيءَ آخري سال ۾ اسين سندس مهارت آڏو ڍير ٿي وياسين.
ميرٺ، بنگلور جي 1400 ميل اتر ۾ هو. پر محاذ کان اڃان 600 ميل پري هو. اسان جي موڪل ٽورنامينٽ جي فائينل ميچ کان ٽي ڏينهن پوءِ ٿيڻي هئي ۽ ريل ذريعي بنگلور موٽڻ ۾ پورا ٽي ڏينهن لڳا ٿي. ٻئي طرف وري پشاور ۾ محاذ تائين پهچڻ ۾ ڏيڍ ڏينهن لڳو ٿي. آءُ هاڻي ايترو ته بي صبرو ٿي ويو هوس جو مون سمجهيو ته هاڻي شديد خطرو کڻڻ جو وقت اچي ويو آهي. ڪرنل آئن هيملٽن به آخرڪار پنهنجي حادثي مان صحتياب ٿي ويو هو ۽ پنهنجي برگيڊ جي تيره کان واپسي تي ڪمان سنڀالي ورتي هئائين. هو آرميءَ ۾ ڏاڍو مشهور هو ۽ سر جارج وهائيٽ سان گڏ ڊيوٽيون سر انجام ڏنيون هئائين ۽ سندس گهاٽو دوست هو ۽ سروليم لاڪهارٽ سان به سندس تمام سٺا لاڳاپا هئا. ڪرنل آئن هيملٽن سان منهنجي گهڻي وقت کان بي تڪلفي واري خط ڪتابت هلندڙ هئي ۽ هن منهنجي پاران گهڻيون ئي ڪوششون ڪيون هيون. پر هن وٽان ڪي همٿ افزائي واريون خبرون نه ٿي آيون. ايڪسپيڊيشنري فورس ۾ ڪيتريون ئي جايون ڀري وڃڻيون هيون پر اهي سڀئي مقرريون ڪلڪتي مان ايڊجوٽنٽ جنرل جي ڊپارٽمينٽ جي ذريعي ٿي رهيون هيون. اهو اصول فقط سر وليم لاڪهارٽ جي ذاتي اسٽاف ۾ ٿيندڙ مقررين تي لاڳو نه هو. مونکي سروليم لاڪهارٽ سان ڪا به واقفيت نه هئي ۽ نه ئي منهنجي يادگيريءَ مطابق منهنجي پيءُ يا ماءُ جي هن سان ڪا سڃاڻپ هئي. آءُ هن تائين رسائي ڪيئن حاصل ڪريان ۽ سندس اسٽاف جي ٻن يا ٽن جونيئر عهدن مان هڪ پاڻ کي ڏيڻ تي کيس ڪيئن آماده ڪريان، جن عهدن تي اڳيئي تمام لٺ پئي ٿي لڳي. ٻي ڳالهه ته سندس اسٽاف اڳيئي مڪمل ٿي چڪو هو. ٻئي طرف وري ڪرنل آئن هيملٽن انهيءَ جي حمايت ۾ هو ته آءُ خطرو ڪيئن کڻان. هن خط ۾ لکيو هو، مون کان جيترو ٿي سگهيو آءُ ڪندس. ڪمانڊر انچيف جو هالڊين نالي هڪ اي. ڊي. سي آهي. اهو گورڊون هائلينڊرس ۾ مون سان گڏ هو. اهو تمام وڏو اثر رسوخ رکي ٿو. حقيقت ۾ ته ماڻهو چون ٿا ته سموري آرميءَ ۾ سندس تمام هلندي پُڄندي آهي. جيڪڏهن هن جي ذهن ۾ تنهنجي بابت چڱي راءِ قائم ٿي وئي ته هر ڳالهه جو بندوبست ٿي ويندو. مون ماحول ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن جي ذهن ۾ تنهنجي بابت ڪو دوستاڻو تاثر ته نه آهي پر هو تنهنجي خلاف به نه آهي. تون جيڪڏهن هيڏانهن اچين ته ٿي سگهي ٿو ته تون مٿا مونا ڏئي ۽ پنهنجي مڇڏ طبيعت سبب ڪم ڪرائي وڃن.“
هي انهيءَ خط جو خلاصو آهي جيڪو ٽورنامينٽ جي سيمي فائنل ۾ اسان جي شڪست جي ٻئي ڏينهن تي مون وٽ پهتو. مون اتر ۽ ڏکڻ طرف ويندڙ ريل گاڏين بابت پڇا ڪئي. ظاهر آهي ته مون وٽ ايترو وقت ته ڪو نه هو جو آءُ اتر طرف پشاور ڏانهن ڏيڍ ڏينهن جو سفر ڪري وڃان. اتي ٻه ٽي ڪلاڪ رهان ۽ پنهنجي باقي موڪل دوران ئي ڏکڻ طرف ساڍن چئن ڏينهن جو سفر ڪري واپس پهچي وڃان. اها پڪ هئي ته آءُ جيڪڏهن اتر طرف ويندڙ ريل گاڏي تي چڙهيس ۽ محاذ تي مقرري وٺڻ ۾ ناڪام ٿي ويس ته آءُ پنهنجي موڪل کان گهٽ ۾ گهٽ 48 ڪلاڪ دير سان پهچندس. مون کي چڱي طرح خبر هئي ته اهڙي فوجي ڏوهه لاءِ مونکي واجب طور سزا ملندي. عام رواجي حالتن ۾ ته موڪل ۾ ايتري مختصر واڌ لاءِ تار ذريعي درخواست ڪرڻ بلڪل سولو ڪم هجي ها پر مون پاران محاذ تي وڃڻ جي رٿا جي رجمينٽل اختيارين کي کڙڪ پئجي وڃڻ کان پوءِ مون کي موڪل ۾ واڌ نه پر فوري طور واپس پهچڻ جو حڪم ملي وڃي ها. بهرحال ڇا به ٿي پوي مون خطرو کڻڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو ۽ فوراً پشاور ڏانهن سفر جي شروعات ڪري ڇڏي.
آءُ صبح سوير جي خوشگوار هوا ۾ ڌڙڪندڙ دل سان سروليم لاڪهارٽ جي هيڊ ڪوارٽر ۾ پيش ٿيس ۽ سندس اي. ڊي. سي. ڏانهن نالو موڪليم. مضبوط ۽ زبردست هالڊين ٻاهر نڪري آيو. هن گهڻي گرمجوشي ته نه ڏيکاري پر لڳو پئي ته کيس منهنجي ڪم ۾ دلچسپي هئي ۽ ٻهِ دليو به لڳو پئي. مون کي اهو ته ياد نه آهي ته مون ڪهڙيون ڳالهيون ڪيون ۽ پنهنجو ڪيس ڪيئن پيش ڪيو پر ايترو ضرور آهي ته آءُ پنهنجي ڳالهه سندس دماغ ۾ صحيح نموني ويهاري ويو هوندس. ريتي وڇايل رستي تي اڌ ڪلاڪ ڦيرا ڏيڻ کان پوءِ ڪيپٽن هالڊين چيو: ”ٺيڪ آهي آءُ اندر وڃي ڪمانڊر انچيف کان پڇان ٿو ڏسون ته هو ڇا ٿو چئي؟“ هو اندر هليو ويو ۽ آءُ اڪيلو رستي تي اچ وڃ ڪندو رهيس. هو اندر گهڻي دير نه ترسيو ۽ واپس اچي چيائين: ”سر وليم توکي پنهنجي ذاتي اسٽاف ۾ واڌو اردلي آفيسر (Extra Orderly Officer) طور مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي تون فوراً پنهنجي ڊيوٽي تي چڙهه. اسين گورنمينٽ آف انڊيا ۽ تنهنجي رجمينٽ سان لکپڙهه ڪريو ٿا.“
اهڙي طرح منهنجي صورتحال هڪ لمحي ۾ تبديل ٿي وئي جيڪا اڳ ۾ بي قاعدگي تي ٻڌل ۽ اڻ وڻندڙ هئي اها هاڻي وڏي فائدي واري ٿي ويئي. منهنجي ڪوٽ جي ڪالرن تي ڳاڙهيون پٽيون لڳي ويون. ايڊجوٽنٽ جنرل منهنجي مقرري جي خبر گزيٽ ۾ ڇپائي ڇڏي. بنگلور مان رجمينٽ گهوڙا ۽ نوڪر موڪلي ڏنا ۽ آءُ ڪاڄ جي گهوٽ جي ويجهو شخصي خدمتگار ٿي ويس. هو سرحد جي چپي چپي کان واقف هو ۽ چاليهن سالن تائين اتي لڳندڙ هر جنگ ۾ حصو ورتو هئائين. هاڻي اهڙي نامور ۽ دلچسپ شخص جي روزاني گفتگو ٻڌڻ جي خوشي سان گڏوگڏ سندس فوج جو هر هڪ حصو گهمڻ ۽ هر طرف مرڪندڙ منهن ڏسڻ جو موقعو ملي رهيو هو.
پهريان پندرهن ڏينهن مون به اهڙي اٿي ويٺي رکي ۽ مون سان به اهڙو ورتاء ڪيو ويندو هو جيڪو منهنجي نوجواني ۽ ماتحت حيثيت سان ٺهڪي ٿي آيو. آءُ ماني دوران ماٺ هوندو هوس يا ورلي ڪو پُرفهم سوال پُڇي وٺندو هوس. پر اوچتو هڪ اهڙو واقعو پيش اچي ويو جنهن مونکي سر وليم لاڪهارٽ جي اسٽاف ۾ بلڪل مختلف حيثيت ڏئي ڇڏي. ڪيپٽن هالڊين مونکي پنهنجي روزاني واري واڪ تي وٺي ويندو هو ۽ جلد ئي اسان ۾ گهرائپ پيدا ٿي وئي. هن مون کي جنرل، اسٽاف، فوج ۽ ڪارواين متعلق اندروني نقطه نظر بابت ڪيتريون ئي اهڙيون ڳالهيون ٻڌايون جن مان مون کي خبر پئي ته ڪيتريون ئي اهڙيون ڳالهيون به آهن جن کان آءُ ۽ عام پبلڪ ناواقف آهيون. هڪ ڏينهن هن مون کي ٻڌايو ته هڪ اخباري نمائندو جنهن کي فوج مان واپس انگلينڊ موڪليو ويو هو انهيءَ ”فورٽ نائيٽلي رويو ’ Fortnightly Review‘ ۾ هڪ ليک لکي تيره مهم ۽ انهيءَ جي سموري انداز تي سخت تنقيد ڪئي آهي. هن انهيءَ تنقيد کي نامناسب ٿي ڪوٺيو. جنرل ۽ هيڊڪوارٽرز اسٽاف کي انهيءَ بيرحماڻي تنقيد مان شديد تڪليف پهتي هئي. چيف آف دي جنرل اسٽاف، جنرل نڪلسن انهيءَ تنقيد جو ڏاڍو ماهراڻو يا گهٽ ۾ گهٽ رکو جواب لکيو هو ۽ اهو ٽپال ۾ انگلينڊ روانو به ٿي چڪو هو.
مون سان جيڪو مهرباني وارو سلوڪ ڪيو ويو هو هاڻي هڪ سٺو ۽ بروقت مشورو ڏئي مون کي انهيءَ جو بدلو ڏيڻ جو موقعو نظر اچي ويو. مون چيو ته جنگ جي ميدان تي آرمي جي جنرل اسٽاف جي هڪ اعليٰ آفيسر طرفان هڪ برطرف ڪيل جنگي نامانگار سان ڪارواين جي رُخ بابت اخباري تڪرار ۾ شامل ٿيڻ کي تمام هلڪڙائپ وارو ۽ نامناسب قدم سمجهيو ويندو ۽ مون کي پڪ آهي ته اهو قدم حڪومت کي حيران ۽ وار آفيس کي غضبناڪ ڪري ڇڏيندو. مون اهو به چيو ته آرمي اسٽاف کان اها توقع ڪئي ويندي آهي ته اهي پنهنجن عملن جي دفاع جو ڪم پنهنجن بالادست آفيسرن يا سياستدانن لاءِ ڇڏي ڏين ۽ اهو ته دليل ڀلي ڪيترائي سٺا ڇو نه هجن انهن کي پيش ڪرڻ واري ڳالهه کي ئي هر جاءِ تي ڪمزوريءَ جي نشاني سمجهيو ويندو. ڪيپٽن هالڊين ڏاڍو پريشان ٿيو. اسين فوراً واڪ تان واپس ٿياسين ۽ رهائشگاه تي موٽي آياسين.
اها سموري رات ڪمانڊر انچيف ۽ سندس اسٽاف آفيسرن جي وچ ۾ ڳالهيون ٻولهيون هلنديون رهيون. ٻئي ڏينهن مون کان پڇيو ويو ته پوسٽ ٿيل ليک کي روڪرائڻ جا ڪهڙا طريقا ٿي سگهن ٿا. وار آفيس کي چئجي ته اهي فورٽ نائيٽلي رويو جي ايڊيٽر تي دٻاء وجهن ۽ اهو ليک وصول ٿيڻ تي ڇاپڻ کان منع ڪن؟ ائين ٿي سگهي ٿو ته هو اهڙي درخواست مڃيندو؟ مون چيو ته هو معزز شخص ڀانئجي ٿو ۽ ليکڪ هن کي جيڪڏهن ڪيبل ذريعي ليک نه ڇاپڻ جو چوندو ته هو ڳالهه مڃي ويندو ۽ ليک نه ڇپجڻ تي پنهنجي مايوسي برداشت ڪري ويندو. اهڙي طرح ڪيبل موڪلي وئي ۽ انهيءَ جو خاطر خواه جواب اچي ويو.
انهيءَ کان پوءِ مون کي اسٽاف جي رازداريءَ وارن حلقن ۾ وڌيڪ جاءِ ملڻ لڳي ۽ مون سان هڪ وڏي عمر واري ماڻهو جهڙو ورتاء ٿيڻ لڳو. هاڻي آءُ سمجهڻ لڳس ته بهار واري مهم ۾ مونکي جاءِ ملڻ لاءِ حالتون سازگار ٿي ويون آهن ۽ مون ۾ اهميت وارن ڪمن ۾ مصروف ٿيڻ جي اميد به پيدا ٿي وئي. ڪمانڊر انچيف مون مان تمام خوش لڳي رهيو هو ۽ آءُ هر ڳالهه ۾ مڪمل طور شريڪ ٿي رهيو هوس. گهٽ ۾ گهٽ منهنجي لاءِ اهو چڱو نه ٿيو جو منهنجو ڀاڳ دير سان کليو. جن ڪارواين بابت اميد هئي ته اهي ڪنهن ڏينهن وڏي پيماني تي شروع ٿي وينديون اهي اميدون آهستي آهستي ڪمزور ٿينديون پوءِ قبائلين سان طويل مذاڪرات ۾ وجود وڃائي ويٺيون ۽ انهن جي نتيجي ۾ آخرڪار ديرپا امن قائم ٿي ويو. انهيءَ امن جي پٺيان موجود ڏاهپ کي مون مستقل جي سياستدانن جي حيثيت ۾ مجبور ٿي تسليم ڪري ورتو پر انهيءَ جو مونکي پشاور آڻڻ واري معاملي سان ڪو به تعلق نه هو.
معنيٰ ته لڌڙو پنهنجو ڊيم پيو ٺاهيندو آهي ۽ هو جڏهن مڇين جي شڪار جي شروعات ڪرڻ وارو هوندو آهي ته ٻوڏ اچي سندس بندَ، ڀاڳَ ۽ مڇين کي لوڙهي ڇڏيندي آهي ۽ کيس نئين سر شروعات ڪرڻي پوندي آهي.

____________
[1] شڪاري لومڙي تي پنهنجا ڪتا ڇڏڻ وقت ڪتن کي هشڪارڻ لاءِ اهو لفظ چوندا آهن. (سنڌيڪار)
[2] سن 1894ع کان 1899ع تائين (سنڌيڪار)

باب تيرهون: ڪچنر کي درپيش مشڪلات Difficulty With Kitchener

هندستاني سرحد تي جنگ اڃان بند ئي نه ٿي هئي جو سوڊان ۾ هڪ نئين مهم بابت افواهه پڪ ۾ تبديل ٿيندا ويا. لارڊ سالسبري جي حڪومت جي انهيءَ عزم جو کليو کلايو اظهار ٿي رهيو هو ته اها خرطوم ڏانهن پيش قدمي ڪري درويشن جي طاقت کي چٿي ڇڏيندي ۽ انهن وسيع علائقن کي درويشن جي آخري پساه کڻندڙ ظلم زبردستي واري راڄ کان آزادي ڏياريندي. اڃان تيره ايڪسپيڊيشنري فورس ۾ شامل يونٽ پنهنجن ماڳن ڏانهن روانا ئي ٿي رهيا هئا ته نين ڪارواين جو پهريون مرحلو شروع ٿي ويو هو ۽ سرهربرٽ ڪچنر تقريباً 20000 برطانوي ۽ مصري فوج سان نيل ۽ عتبره[3] جي سنگم وٽ پهچي چڪو هو ۽ خليفي جي نائب محمود جي اڳواڻيءَ هيٺ هن کي منهن ڏيڻ لاءِ موڪليل فوج کي هڪ شديد معرڪي ۾ تباهه ڪري ڇڏيو هئائين. هاڻي سوڊان جي ڊگهي ڊرامي جو فقط آخري مرحلو باقي هو. جنهن ۾ 200 ميل ڏکڻ طرف درويشن جي گاديءَ جي هنڌ ڏانهن پيش قدمي ڪري درويش طاقت جي مڪمل طاقت سان فيصلائتي لڙائي ڪرڻي هئي.
آءُ انهيءَ لڙائي ۾ حصو وٺڻ لاءِ تمام فڪرمند هوس.
پر هاڻي آءُ هڪ نئين ۽ شديد نوعيت جي مزاحمتن کي منهن ڏيڻ لڳو هوس. آءُ جڏهن فوج ۾ نئون داخل ٿيو هوس ۽ جنگ تي وڃڻ چاهيندو هوس ته لڳ ڀڳ سڀني ماڻهن جو رويو دوستاڻو ۽ همٿ افزائي وارو هوندو هو.
پر هاڻي اهو مرحلو پڄاڻي تي پهچي چڪو هو. آءُ هاڻي محسوس ڪرڻ لڳس ته ڪيترائي غلط ڄاڻ ۽ غلط رويو رکندڙ ماڻهو آهن جيڪي منهنجي سرگرمين کي چڱيءَ نظر سان نه ٿا ڏسن. انهن ۾ مخالف ۽ اڃان به دشمنيءَ وارو رويو پيدا ٿيڻ لڳو هو. اهي هن قسم جون ڳالهيون ڪرڻ لڳا ته: ”هي ماڻهو آخرڪار ڪهڙي بلا آهي؟ هو انهن مختلف مهمن ۾ ڪيئن ٿو پهچي وڃي؟ هو آفيسر هوندي ساڳئي وقت اخبارن لاءِ ڪيئن ٿو لکي؟ ڪنهن سبالٽرن کي پنهنجن سينئر آفيسرن جي تعريف ۽ تنقيد جو ڪهڙو حق آهي؟ جنرل آخر هن کي سهوليتون ڇو ٿا ڏين؟ هو پنهنجي رجمينٽ مان ايتري موڪل ڪيئن ٿو وٺي؟ ٻيا به هيترا سارا محنتي ماڻهو آهن جيڪي روزاني ۽ معمول وارن ڪمن کان سواءِ ڪڏهن ٻئي پاسي ويا ئي نه آهن. بس هاڻي ته گهڻو ٿيو. هو تمام ننڍي عمر ۾ آهي ۽ ممڪن آهي ته اڳتي هلي صحيح ٿي وڃي پر موجوده دور ۾ سيڪنڊ ليفٽيننٽ چرچل کي نظم ضبط ۽ معمول واري زندگي کان سواءِ ٻي ڪا به شي گهربل نه آهي.“ ڪجهه ماڻهن ته سچ پچ گندي زبان به ڪم آندي ۽ وقت بوقت ڪجهه اعليٰ ۽ ڪجهه ادنيٰ فوجي حلقن ۾ منهنجي لاءِ ”تمغا مار“ (Medal – Hunter) ۽ ”پاڻ مشهور ڪرائيندڙ“ جهڙا فقرا به ڪم آندا ويا. مون کي يقين آهي ته هي ڳالهيون پڙهندڙن کي انهن مان ڏک ۽ حيرت ضرور ٿي هوندي. انساني فطرت جي انهن ڪجهه اڻ وڻندڙ رخن کي مجبوراً رڪارڊ تي آڻڻ ڏاڍي افسوسناڪ ڳالهه آهي پر اهو ڏاڍو عجيب ۽ سمجهه ۾ نه ايندڙ اتفاق آهي ته مون انهن کي سدائين پنهنجو پيڇو ڪندي ڏٺو آهي ۽ اهي ڪڏهن ڪڏهن ته منهنجو دڳ جهلي به بيهي رهيا آهن.
بهرحال مون پاران سوڊان مهم ۾ حصو وٺڻ جي انتظام ڪرڻ جي بلڪل شروعات ۾ ئي مون کي خبر پئجي وئي ته مصري فوج جو سردار، سر هربرٽ ڪچنر[4] انهيءَ کي کليو کلايو ناپسند ٿو ڪري ۽ دشمناڻو رويو رکي ٿو. انهيءَ فوج ۾ شرڪت بابت منهنجي درخواست وار آفيس جي حمايت باوجود رد ٿي وئي جڏهن ته مون جيتري ئي سروس ۽ عهدي وارا ٻيا ڪيترا آفيسر قبول ٿي ويا. مون مختلف ذريعن مان جيڪي پڇائون ڳاڇائون ڪرايون انهن مان اها ڳالهه واضح ٿي وئي ته انڪار سڀ کان مٿاهين جاءِ تان ٿيو هو. آءُ اميد ئي نه ٿي ڪري سگهيس ته آءُ بنگلور جي ڇانوڻين ۾ ويهي انهن وڏين رڪاوٽن تي حاوي ٿي سگهندس. جيئن ته تيره ايڪسپيڊيشنري فورس جي ختم ٿي وڃڻ کان پوءِ آءُ ڪجهه وقت لاءِ موڪل جو حقدار ٿي ويو هوس تنهنڪري مون بنا دير سلطنت جي مرڪز لنڊن وڃي ڪنهن سان ڳالهائي ٻولهائي مسئلو حل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
لنڊن پهچي مون پنهنجي پهچ وارا سڀ وسيلا حرڪت ۾ آڻي ڇڏيا. منهنجي ماءُ پنهنجو سمورو اثر رسوخ منهنجي خواهش جي پورائي لاءِ وقف ڪري ڇڏيو. انهن ٻن مهينن دوران انهن ڏينهن جون ڏاڍيون سگهاريون شخصيتون پُرتڪلف ماني جي دعوتن تي آيون ۽ ڏاڍا بحث مباحثا ٿيندا رهيا پر ڪجهه به حاصل نه ٿيو. منهنجي مصر وڃڻ جي راه ۾ رڪاوٽ هڪ ئي وقت تمام طاقتور به هئي ۽ هن جي پهچ کان تمام ڏورانهين به هئي. هو ايتري حد تائين به وئي جو سر هربرٽ ڪچنر کي منهنجي متعلق ذاتي طور خط به لکيائين. منهنجي ماء جي هن سان بلڪل سٺي ڄاڻ سڄاڻ هئي. هن تمام شائستگي سان جواب موڪليو ته هن وٽ مهم لاءِ اڳي ئي ضرورت کان وڌيڪ آفيسر آهن ۽ ٻيو ته هن وٽ اهڙن ماڻهن جون تمام گهڻيون درخواستون پهتل آهن جيڪي حق توڙي اهليت جي لحاظ کان هن کان گهڻا وڌيڪ آهن ۽ ايندڙ وقت ۾ جيڪڏهن ڪو موقعو پيدا ٿي پيو ته کيس تمام خوشي ٿيندي. وغيره وغيره.
هاڻي جون مهيني جا آخري ڏينهن هئا. فوج جي پيشقدمي لازماً آگسٽ جي شروع ۾ ٿي ويندي. هاڻي ڳالهه هفتن نه پر ڏينهن تي وڃي بيٺي هئي.
پر انهيءَ وقت هڪ بلڪل غير متوقع واقعو ٿي پيو. وزيراعظم لارڊ سالسبري اتفاقي طور منهنجو ڪتاب (The Malakand Field Force) پڙهي ورتو. هن جي منهنجي پيءُ سان سياسي لاڳاپن ۾ ڪي دکدائڪ پهلو به آيا هئا پر هن کي منهنجو ڪتاب نه فقط دلچسپ لڳو پر هن انهيءَ ۾ ڪافي ڪشش به محسوس ڪئي هئي. هن بروقت ۽ اوچتو انهيءَ ڪتاب جي ليکڪ سان واقفيت پيدا ڪرڻ جو ارادو ڪري ورتو. مون وٽ جولاءِ مهيني جي شروعات ۾ هڪ صبح جو سندس پرائيويٽ سيڪريٽري سر شومبرگ ايم ڊونيل (Sir Schomberg M. Donnell) کان هڪ خط اچي پهتو. جنهن ۾ ٻڌايو ويو هو ته وزيراعظم منهنجو ڪتاب وڏي دلچسپيءَ سان پڙهيو هو ۽ انهيءَ جي ڪجهه حصن تي مون سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جو ارادو رکيائين ٿي. ڪنهن ڏينهن فارين آفيس اچي ساڻس ملاقات ڪرڻ ۾ مون کي ڪا دشواري ته نه ٿيندي؟ جيڪڏهن مون لاءِ مناسب هجي ته ايندڙ اڱاري تي چئين بجي جو وقت هن لاءِ بهتر رهندو. پڙهندڙ فوراً سمجهي ويو هوندو ته مون ’بدڪ کي ترڻ ۾ ڪو اَهنج‘ يا اهڙي قسم جي لفظن ۾ جواب موڪلي ڏنو.
برطانوي دنيا جي مالڪ، ڪنزرويٽو پارٽي جي متفق سربراه ۽ پنهنجي ڊگهي سياسي سفر جي عروج تي پهتل ٽيون دفعو وزيراعظم ۽ وزير خارجه ٿيندڙ انهيءَ عظيم شخص مقرر وقت تي منهنجو استقبال ڪيو ۽ آءُ پهريون دفعو انهيءَ وسيع عريض ڪمري ۾ داخل ٿيس جنهن ۾ مونکي اڳتي هلي ڪيترن سالن تائين وقت بوقت جنگ ۽ امن دوران ڪيترن ڳنڀير معاملن کي تڪميل تي پهچندي ڏسڻو هو.
اهو ڏاهو پوڙهو مدبر وڏي رک رکاء وارو ماڻهو هو. هو جديد خيالن جو تمام مخالف هو ۽ شايد ته ڪنهن حد تائين اهو ئي سبب هو جو هو برطانوي سلطنت جي وڌندڙ طاقت کي اهڙي امتحان جي وقت ۾ مجتمع ڪرڻ ۾ ٻي ڪنهن به تاريخي شخصيت کان وڏو ڪردار ادا ڪري ويو جنهن جي اچڻ بابت تمام ٿورن ماڻهن سوچيو هو ۽ ان جي شدت جو ته ڪير ڪاٿو ئي نه ڪري سگهيو هو. مون کي چڱي طرح ياد آهي ته هو ڪيئن نه پراڻي دور واري شائستگيءَ سان در وٽ اچي مون سان مليو هو ۽ استقبال جي هڪ وڻندڙ اشاري ۽ سلام سان مون کي وٺي وڃي پنهنجي ڪمري جي وچ تي هڪ ننڍڙي صوفا تي ويهاريو هئائين.
”مون کي تنهنجي ڪتاب ۾ تمام گهڻي دلچسپي پيدا ٿي پئي آهي. مون اهو تمام خوشيءَ سان پڙهيو آهي ۽ انهي جي نه فقط مواد پر اسلوب کي به تعريف جي نگاهه سان ڏسان ٿو. هائوس آف ڪامنز ۽ هائوس آف لارڊز ۾ هندستاني سرحدي پاليسيءَ بابت ٿيندڙ بحث مباحثا تمام شدت اختيار ڪري وڃن ٿا ۽ ڪيترين ئي غلط فهمين جي ڪري اهي مونجهارن جو شڪار پڻ ٿي وڃن ٿا. آءُ پاڻ انهن سرحدي وادين ۾ ٿيندڙ لڙاين بابت صحيح تصوير سرڪاري دستاويزن بجاءِ تنهنجو ڪتاب پڙهي ئي ٺاهي سگهيو آهيان.“
مون سمجهيو پئي ته مون تي ٿيندڙ عنايت جي حد ويهه منٽ هوندي جنهن کان وڌيڪ ويهڻ جو مون کي ڪو به ارادو نه هو ۽ ايترو وقت گذرڻ کان پوءِ مون اٿڻ جي ڪئي پر هو مون کي اڌ ڪلاڪ کان وڌيڪ ويهاريون ويٺو رهيو ۽ آخر جڏهن هو مون کي وسيع قالين تان ٿيندو در تائين وٺي هليو ته هنن لفظن سان مون کان موڪلايائين. ”مون کي اميد آهي ته تون مون کي ايترو چوڻ جي اجازت ڏيندين ته توکي ڏسي مون کي تنهنجو پيءُ ٿو ياد اچي جنهن سان مون پنهنجي سياسي زندگي جا ڏاڍا اهم ڏينهن گذاريا هئا. جيڪڏهن ڪنهن به وقت ڪا اهڙي ڳالهه ٿي پوي جنهن ۾ آءُ تنهنجي ڪا مدد ڪري سگهان ته مهرباني ڪري مون کي ضرور ٻڌائج.“
گهر پهچي مون انهيءَ موڪلاڻي واري آڇ تي تمام گهڻو ويهي سوچ ويچار ڪئي. مون پوڙهي لارڊ کي پنهنجي سبب ڪنهن تڪليف ۾ وجهڻ نه ٿي گهريو. ٻئي طرف وري مون کي لڳو پئي ته هن جي طرفان فقط اشارو ئي مون کي اها شي ڏيارڻ لاءِ ڪافي هوندو جنهن جي مون کي انهيءَ وقت شديد ترين خواهش هئي. سر هربرٽ ڪچنر وٽ وزيراعظم ۽ پنهنجي سڀ کان وڏي حمايتي طرفان فقط هڪ گُفتو ئي پهچندو ته هو منهنجي معمولي خواهش آڏو پنهنجي بلڪل اڻ ٺهڪندڙ مخالفت ختم ڪري ڇڏيندو. ايندڙ سالن ۾ جڏهن آءُ پاڻ انهن معاملن کي نهايت وڏي پئماني تي اُڪلائيندو هوس ۽ نوجوان جنگ ۾ حصو وٺڻ جي موڪل گهرندا هئا ۽ انتظامي ڳاڙهي پٽيءَ وارا بدمزاج پوڙها پنهنجو ويٽو ڪم آڻيندا هئا ته آءُ اهو چئي انهن اعتراضن کي ريٽي ڇڏيندو هوس ته: ”اهي فقط هڪ گوليءَ کي روڪڻ جي اجازت ئي ته گهرن ٿا. ڇڏيون ته ڀلي پنهنجي خواهش پوري ڪن.“
اهڙيءَ طرح ڪيترن ڏينهن جي سوچ ويچار کان پوءِ آءُ سر شومبرگ ايم ڊونيل سان مليس. هن سان آءُ ننڍي عمر کان ئي سماجي حلقن ۾ ملندو رهندو هوس. تيستائين جولاءِ جو ٽيون هفتو ٿي ويو هو ۽ خرطوم ڏانهن پيشقدمي شروع ٿي وڃڻ کان اڳ عتبره آرميءَ ۾ شريڪ ٿيڻ جو ٻيو ڪو به ذريعو نظر نه ٿي آيو. مون هڪ شام جو دير سان کيس هٿ ڪيو. هو ڪنهن ڊنر ۾ وڃڻ لاءِ ڪپڙا پهري رهيو هو. مون کيس ٻڌايو ته وار آفيس منهنجي سفارش ڪري ڇڏي آهي. منهنجي رجمينٽ مون کي موڪل پڻ ڏئي ڇڏي آهي ۽ 21هين لانسرز وارا مون کي وٺڻ لاءِ بلڪل راضي آهن ۽ ٻي ڪنهن به قسم جي ڪابه رڪاوٽ نه آهي. اهڙي صورت ۾ ڇا وزيراعظم سر هربرٽ ڪچنر کي تار ڪندو؟ ۽ ڇا انهيءَ کي ڪا وڏي ڳالهه ته نه ليکيو ويندو؟ ڇا هو ڪنهن نموني اها ڳالهه معلوم ڪري سگهندو ته لارڊ سالسبري جو انهيءَ بابت ڇا رايو آهي؟
’مون کي پڪ آهي ته هو پنهنجي پوري ڪوشش ڪندو‘، هن چيو، ’هو تو مان ڏاڍو خوش آهي پر هو هڪ حد کان اڳتي نه ويندو. هو اهڙي نموني پڇا ڪري سگهي ٿو جنهن ۾ اهو اشارو به ڏنل هوندو ته هو ڪهڙي ورندي چاهي ٿو. پر تون هن مان ڪڏهن به اها اميد نه رک ته جيڪڏهن جواب ناڪار ۾ مليو ته هو زور بار وجهندو.‘ مون چيو ته آءُ انهيءَ تي بلڪل راضي رهندس. هن بهادر شخص چيو ته ”آءُ اهو ڪم فوراً ٿو ڪريان“ هو لارڊ سالسبري جي ڊگهي حڪمرانيءَ دوران سندس وڏي اعتماد وارو ساٿي ۽ مددگار ٿي رهيو هو ۽ ايندڙ سالن ۾ ڪافي وڏي عمر ۾ جنگ عظيم جي خندقن ڏانهن وڃڻ تي ڏاڍو زور ڀريو هئائين ۽ اتي پهچڻ سان ئي گولي جو ٽڪرو لڳڻ سبب موت جو شڪار ٿي ويو.
هو پوءِ پنهنجي ڊنر پارٽي ڇڏي پنهنجي چيف جي ڳولها ۾ نڪري پيو ۽ اونده ٿيڻ کان اڳ سردار ڏانهن هنن لفظن جي تار رواني ٿي وئي ته لارڊ سالسبري جيتوڻيڪ ماتحت عهدن تي مقررين ۾ سردار جي خواهش يا اختيار ۾ مداخلت ڪرڻ جو ارادو نه ٿو رکي پر جيڪڏهن منهنجي ايندڙ ڪارواين ۾ حصو وٺڻ جي خواهش سرڪاري ڪمن ڪارين کي ڪنهن به قسم جو جوکو پهچڻ کان سواءِ پوري ڪئي ويندي ته هن کي تمام گهڻي خوشي ٿيندي. جواب پهچڻ ۾ دير ئي نه ٿي. سر هربرٽ ڪچنر کي گهربل آفيسر اڳ ئي وٽس موجود آهن ۽ جيڪڏهن ڪي جايون ڀرجڻ ۾ آيون ته ٻيا ڪيترائي آفيسر آهن جن کي هو انهيءَ نوجوان آفيسر تي ترجيح ڏيڻ لاءِ پابند هوندو.
اهو تلخ اطلاع بروقت مون تائين پهچايو ويو. جيڪڏهن مون ۾ انهيءَ وقت اورچائي جي کوٽ هجي ها ته آءُ اومدرمان (Omdurman) جي لڙائي جي جذبا جاڳائيندڙ واقعن ۾ ڪڏهن به حصو نه وٺي سگهان ها. پر انهيءَ دوران آءُ هڪ اهڙي ڳالهه کان واقف ٿي ويس جنهن آخري ڪوشش ڪرڻ جي اميد جو دروازو کولي ڇڏيو.
سر فرانسس جييون (Sir Francis Jeune) نالي اسان جي هڪ نامياري جج جي اسان جي ڪٽنب سان گهڻي وقت کان دوستي هئي. سندس گهر واري، هاڻي ليڊي سينٽ هيليئر (Lady St: Helier) فوجي حلقن ۾ گهڻي اٿندي ويهندي هئي ۽ سر ايولين ووڊ، ايڊجوٽنٽ جنرل سان به اڪثر ملندي رهندي هئي. هن اڳتي هلي لنڊن ڪائونٽي ڪائونسل ۾ جنهن انداز ۾ ڪم ڪيو انهيءَ مان اندازو ٿي سگهي ٿو ته هوءَ ڪهڙين صلاحيتن جي مالڪ هئي ۽ مردن ۽ معاملن تي کيس ڪيترو نه اثر رسوخ حاصل هو. هن مون کي ٻڌايو ته سر ايولين ووڊ ڪنهن ڊنر ٽيبل تي انهيءَ راءِ جو اظهار ڪيو هو جيڪا هن جي به ڪنن تي پئي هئي ته سر هربرٽ ڪچنر وار آفيس طرفان سفارش ٿيل ڪجهه آفيسر چونڊڻ ۽ انهن مان پنهنجي مرضي جا کڻڻ ۾ تمام گهڻو اڳتي وڃي رهيو هو ۽ اهو ته هن کي اها ڳالهه ڪڏهن به پسند نه آهي ته وار آفيس کي ڪنهن اهڙي فوج جو سپه سالار مڪمل طور نظرانداز ڪري ڇڏي جيڪا بهرحال برطانوي آرميءَ جو هڪ ننڍڙو حصو آهي. انهيءَ ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته مصري فوج جي دائري ۾ ته هر ڪا ڳالهه سردار جي مرضيءَ مطابق ٿيندي پر (هڪ انفنٽري ڊويزن، آرٽلري جي هڪ برگيڊ ۽ 21هين لانسرز واري برطانوي ڪيولري رجمينٽ تي ٻڌل) برطانوي دستو (Contingent) ته ايڪسپيڊيشنري فورس جو هڪ حصو هو ۽ انهيءَ جي اندروني جوڙجڪ جو اختيار فقط وار آفيس کي ئي حاصل هو. هن مون کي ٻڌايو ته سر ايولين ووڊ انهيءَ موضوع تي پنهنجن جذبن جو چڱو چوکو اظهار ڪيو هو. مون هن کان پڇيو ته ڇا تون کيس اها ڳالهه ٻڌائي هئي ته وزيراعظم کيس منهنجي پاران ذاتي طور تار موڪلي هئي؟ هن چيو نه. مون کيس چيو ته مهرباني ڪري تون کيس اها ڳالهه ٻڌاءِ ڏسون ته هو پنهنجي انهيءَ خصوصي اختيار جو دفاع ڪري ٿو.
ٻه ڏينهن پوءِ مون وٽ وار آفيس مان هي ٿور – اکريو اطلاع پهچي ويو. ’توکي سوڊان مهم لاءِ واڌو ليفٽيننٽ (Supernumerary Lieutenant) طور 21هين لانسرز سان اٽيچ ڪيو ويو آهي. توکي فوري طور قاهره ۾ عباسيه بيرڪس ۾ رجمينٽل هيڊڪواٽرز ۾ رپورٽ ڪرڻي آهي. واضح هجي ته تون اوڏانهين پنهنجي خرچ تي ويندين ۽ جيڪڏهن ايندڙ ڪارواين ۾ مارجي وئين، زخمي ٿي پئين يا ٻيو ڪو سبب ٿي پيو ته برطانوي آرميءَ جي فنڊ مان ڪو به خرچ نه ڪيو ويندو.‘
مارننگ پوسٽ اخبار جي مالڪ جي پٽ اوليور بورٿ وڪ جي اخبار جي معاملن ۾ ڏاڍي هلندي پڄندي هئي ۽ هو منهنجو سهيوڳي ۽ گهاٽو دوست هو نيپولين[5] جي انهيءَ چوڻي جي اثر کي ذهن ۾ رکندي ته’جنگ کي جنگ مان ئي مدد ملڻ گهرجي‘ (War should support War) مون انهيءَ رات اوليور سان اهو طي ڪري ڇڏيو ته آءُ مارننگ پوسٽ لاءِ موقعي مهل جي مناسبت سان 15 پائونڊ في ڪالم جي حساب سان خطن جو هڪ سلسلو لکندس. رات جي مانيءَ کان پوءِ Physical Research Society جي صدر مون کان ڪجهه نامناسب طور اهو واعدو ڪرائي ورتو ته جيڪڏهن ڪا بدقسمتي جهڙي ڳالهه ٿي پئي ته آءُ کيس خط لکي احوال ڏيندس. آءُ ٻئي ڏينهن مارسائي لاءِ يارهين وڳي واري ريل گاڏيءَ ۾ چڙهيس. منهنجي ماءُ ڏاڍي دليري سان هٿ لوڏي مون کي الوداع چيو. ڇهه ڏينهن پوءِ آءُ قاهره ۾ هوس.

* * * * *

عباسيه بيرڪس ۾ وڏي ڪلهي گس ۽ ڏاڍي جوش خروش وارو ماحول لڳو پيو هو. 21هين لانسرز جا ٻه اسڪواڊرن اڳيئي نيل طرف روانا ٿي چڪا هئا. ٻيا ٻه اسڪواڊرن ٻئي ڏينهن صبح جو روانا ٿيڻا هئا. ايڪيهين لانسرز ۾ جنگ جو تعداد پورو ڪرڻ لاءِ ٻين ڪيولري رجمينٽن مان جملي ست واڌو آفيسر اٽيچ ڪيا ويا هئا. انهن آفيسرن کي مختلف اسڪواڊرنن ۾ رسالن (Troops) جي ڪمان ڏني وئي هئي. هڪ مکيه اسڪواڊرن ۾ منهنجي لاءِ به هڪ رسالو رکيو ويو هو. پر منهنجي اچڻ ۾ دير ٿي وڃڻ ۽ پڪ نه هئڻ سبب اهو ڪنهن ٻي جي حوالي ٿي ويو. سيڪنڊ ليفٽينٽ رابرٽ گرين فيل (Robert Grenfell) اها جاءِ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. هو تمام وڏا جذبا کڻي روانو ٿيو هو. مرڪز (Base) ۾ هر ڪنهن اهو ٿي سمجهيو ته اسان کي لڙائي تي پهچڻ ۾ دير ٿي ويندي. شايد پهريان ٻه اسڪواڊرن وقت تي پهچي وڃن پر ڪنهن کي به صحيح خبر نه هئي. گرين فيل پنهنجي گهر وارن ڏانهن خط ۾ لکيو هو: ”ٿورو سوچيو ته آءُ ڪيترو نه خوشقسمت آهيان. هتي مون کي انهيءَ رسالي جي ڪمان ملي وئي آهي جيڪو ونسٽن کي ملي ها ۽ اسين سڀني کان اڳ ۾ روانا ٿينداسين.“ اسانجين زندگين جي مسلسل اتفاق جو عمل دخل رهندو آهي پر اسين انهيءَ جي ڪار گذارين کي هر وقت واضح صورت ۾ ڏسي نه سگهندا آهيون. اڳتي هلي ٿيندڙ واقعن ۾ ٻِي سيپٽمبر واري لڙائي ۾ رجمينٽ جيڪو حملو ڪيو انهيءَ ۾ اهو رسالو ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو ۽ انهيءَ جو دلير نوجوان ليڊر مارجي ويو. هو سلطنت جي جنگين ۾ پنهنجي جان جا نذرانا پيش ڪندڙ گرين فيلز جي انهيءَ شاندار قطار جو پهريون فرد هو. هن جا ٻه ننڍا ڀائر جنگ عظيم ۾ مارجي ويا جن مان هڪ وڪٽوريا ڪراس پڻ ماڻيو. پر سندس جذبو ڪنهن به لحاظ کان هنن کان گهٽ نه هو.
رجمينٽ 1400 ميلن جو فاصلو طي ڪري آفريقا جي دل ۾ وقت جي پابندي، تيزي ۽ آرام سان پهچي وئي. اهي خصوصيتون انهن ڏينهن ۾ ڪچنر جي سڀني انتظامن جي سڃاڻپ هونديون هيون. اسان کي ريل گاڏي ذريعي اسيوط ۽ اتان اسٽيمرن ۾ اسوان پهچايو ويو. اسين چار ڏينهن اڃان وڌيڪ پاڻي جهاڳي وادي الحلفه آياسين ۽ اتان ريگستان منجهان 400 ميل انهيءَ اچرج جهڙي فوجي ريلوي ذريعي آياسين. انهيءَ ريلوي جي تڪميل ذريعي ڄڻ ته درويش طاقت جي قسمت جو فيصلو ٿي ويو هو. قاهره ڇڏڻ کان پورا پندرهن ڏينهن پوءِ اسين انهيءَ جاءِ تي فوجي ريلوي مرڪز ۽ ڪيمپ اچي پهتاسين جتي عتبره ندي سگهاري نيل ۾ ڇوڙ ڪري ٿي.
سمورو سفر تمام خوشگوار گذريو. ڪيترين ئي ڳالهين گڏجي انهيءَ تجربي کي تمام وڻندڙ بڻائي ڇڏيو جو هڪ ته اسان جي آرام ۽ سهوليت لاءِ عاليشان بندوبست ٿيل هئا، وري زنده دل ماڻهن جي صحبت ۽ درين مان پٺتي ڊوڙندڙ عجيب غريب ۽ شاندار نظارن سان گڏوگڏ هر ڪو ماڻهو جوش ۽ بيفڪريءَ واري کل خوشيءَ ۾ ايندڙ لڙائي ۽ انهيءَ ۾ واحد برطانوي ڪيولري رجمينٽ جي ڪردار بابت فڪرمند هو. پر هڪ شديد ۽ مسلسل خوف منهنجو پيڇو ڪندو رهيو ۽ منهنجي ذهن ۾ واسو ڪيون ويٺو رهيو. مون کي قاهري مان ڪا به خبر نه پئي هئي ته منهنجي مقرري بابت وار آفيس پاران سندس خواهشن کي ريٽڻ تي ڪچنر ڇا محسوس ڪيو هو. آءُ تصور ڪرڻ لڳس ته هن وار آفيس ڏانهن احتجاجي تارون ڪيون هونديون. وري وار آفيس به پنهنجي پختگي ڏيکاري هوندي ۽ جيئن ته پريشاني ۾ ماڻهو جو ذهن وڌاء ڏانهن مائيل ٿي ويندو آهي. منهنجي ذهن ۾ هر وقت اهو خيال هوندو هو ته ڪنهن به وقت واپسي جو حڪم اچي ويندو. ٻيون ڳالهيون ته پنهنجي جاءِ تي رهيون پر هاڻي ته آءُ سردار جي ڪمان هيٺ هوس. کيس هي ٻه ٽي لفظ يا اهڙيون ئي ڪي اڻ وڻندڙ ڳالهيون وات مان ڪڍڻ ۾ ڪا تڪليف ئي نه ٿيندي ته: ”هن کي مرڪز (Base) ڏانهن واپس موڪلي ڇڏيو. چئوس ته لڙائي کان پوءِ گهوڙن جي نئين رسد سان گڏ اچي“. جڏهن به ريل گاڏي ڪنهن اسٽيشن تي بيهندي هئي يا اسٽيمر پتڻ سان لڳندا هئا ته آءُ پريشان اکين سان ماڻهن جي ميڙ کي پيو جاچيندو هوس ۽ جڏهن اسٽاف آفيسر جي لباس جون مخصوص نشانيون نظر اچي وينديون هيون ته آءُ فوراً سمجهي ويندو هوس ته مصيبت سر تي اچي پهتي آهي. آءُ سمجهان ٿو ته قانون کان ڀڄندڙ ڏوهاري به اهڙن احساسن مان گذرندو هوندو. خدا جو شڪر جو انهن ڏينهن ۾ وائرليس جو نظام نه هو نه ته مون کي هڪ پل به قرار نه اچي ها. پر ماڻهو عام رواجي ٽيليگراف کان ته بچي نه ٿي سگهيو ۽ تڏهن به انهيءَ جي ڊگهين ڪئائلن (Coils) ۾ جڪڙيل رهندو هو. پر تڏهن گهٽ ۾ گهٽ چئن يا پنجن ڏينهن جا وقفا ته وچ ۾ ملي ويندا هئا جڏهن اسين انهيءَ شاهي درياء مان ڏاڍي آرام سان پاڻي جا ڇنڊا اڏائيندا اڳتي وڌندا رهندا هئاسين ۽ نامهربان دنيا سان ڪو به رابطو نه هوندو هو.
جيئن جيئن سفر جا مرحلا ڪنهن به مصيبت کان سواءِ ڪاميابي سان پورا ٿيندا ويا ته منهنجي سيني ۾ اميد جو وڻ مضبوط کان مضبوط تر ٿيندو ويو. وادي الحلفه پهچندي پهچندي مون پاڻ کي اڃان پُر اعتماد نموني سمجهائڻ ۽ تسليون ڏيڻ شروع ڪيون ته سردار پنهنجي تمام اهميت واري ۽ فيصلائتي جنگ شروع ڪرڻ وارو آهي. سندس ذهن تي هڪ تمام منجهيل مسئلو حاوي لڳو پيو آهي ۽ اها به سڀني کي خبر آهي ته هو ننڍي کان ننڍي شي جي شخصي طور پاڻ نگراني ڪري ٿو تنهنڪري هن جي ذهن تي ٻيا به ڪيترائي مسئلا هوندا ۽ ڪنهن بدنصيب سبالٽرن جي راه ۾ رڪاوٽ جي ڳالهه ئي هن کان وسري وئي هوندي. شايد هن وٽ ٽيليگرامن ذريعي وار آفيسن سان الجهڻ جو وقت ئي نه هجي. ممڪن آهي هن کان اها ڳالهه ئي وسري وئي هجي. سڀ کان سٺي صورتحال اها ٿي سگهي ٿي ته ممڪن آهي هن کي ڪنهن ٻڌايو ئي نه هجي. بهرحال اسين جڏهن 14-آگسٽ جي شام جو عتبره ڪيمپ مان ٻيڙين ذريعي ٽپي نيل جي کاٻي ڀر ٿياسين، جتان درويشن جي گاديءَ جي هنڌ ڏانهن اسان جو 200 ميل مارچ شروع ٿيڻو هو تڏهن وڃي مون کي لُڪيءَ ۾ ساهه پيو ۽ يقين ٿي ويو ته سڪرات جو دور ختم ٿي ويو.
منهنجين ڪوششن کي ناڪاميءَ جو منهن ڏسڻو نه هو ۽ جئين اڳتي هلي مون کي خبر پئي ته سر هربرٽ ڪچنر کي جڏهن وار آفيس طرفان منهنجي مقرري جي خبر پئي ته ڏاڍو بي فڪري سان ڪلها لوڏائي ٻين وڌيڪ اهميت وارن مسئلن ڏانهن متوجه ٿي ويو.


_____________
[3] 500 ميل ڊگهو اهو درياء اوڀر سوڊان مان وهي نيل درياء ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. (سنڌيڪار)
[4] لارڊ هربرٽ ڪچنر (1915ع-1850ع) برطانيا جو وزير به رهيو هو ۽ عوام جي دلين تي راڄ ڪندو هو. زار روس سان ملاقات لاءِ وڃي رهيو هو ته سندس جهاز بارودي سرنگهه سان ٽڪرائڻ سبب ٻڏي مري ويو.
[5] نيپولين بوناپارٽ (1821-1769): آرٽلري ۾ 1785ع ۾ سيڪنڊ ليفٽيننٽ ٿيو. ننڍي عمر ۾ فوجي ذهانت ثابت ڪيائين. اٽلي، فرانس، مصر ۽ روس ۾ فوجي مهمون سرانجام ڏنائين. آخرڪار برطانيا جي ويلنگٽن ۽ پرشيا جي بلوچر بيلجيئم جي ڳوٺ واٽرلو وٽ شڪست ڏنس. مارچ 1815ع ۾ انگريزن سينٽ هيلينا ۾ قيد ڪري ڇڏيس. (سنڌيڪار)

باب چوڏهون: اومدرمان جي جنگ جون تياريون The Eve of Omdurman

اومدرمان[1] جهڙي جنگ وري ڪير نه ڏسي سگهندو. اها انهن زور آزماين جي ڊگهي سلسلي جي آخري ڪڙي هئي جن جي شاهاڻي شان و شوڪت سموري جنگ جي عمل کي گليمر ڏئي ڇڏڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. انهيءَ جنگ ۾ هر شي خالي اکين سان نظر پئي آئي. فوجن ريگستاني ميدان جي ڪُرڪري سطح تي مارچ ۽ مشقون پئي ڪيون. انهيءَ ريگستان منجھان نيل دريا ڪڏهن اسٽيل ته ڪڏهن پتل جهڙو ڏيک ڏيندو وسيع وهڪرن ۾ ور وڪڙ ڪندو ٿي ويو. ڪيولري وارن هڪٻئي جي ويجهو گهوڙا ڊوڙائيندا حملا ٿي ڪيا ۽ انفنٽري وارا يا نيزي بردار سپاهي انهن کي روڪڻ لاءِ قطارن يا ميڙن جي صورت ۾ اڀا ٿيا بيٺا هوندا هئا. انهيءَ شاهي دريا جي ڪناري تي ڪٿي ڪٿي بيٺل ٽڪرين تان سمورو منظر ننڍي کان ننڍي تفصيل سان ظاهر ٿيو بيٺو هوندو هو. پر شيون عجيب نموني ابتيون سُبتيون ۽ ڌُنڌليون نظر اينديون هيون ۽ انهن جي وچ ۾ رُڃ جي سبب پاڻي پيو نظر ايندو هو. مادي ۽ ٺوس شيون بلڪل گهڙيل ٺهيل شڪل ۾ نظر اچي وري نظر جي دوکي ۽ شڪ جي ترورن ۾ بدلجي وينديون هيون. اسان کي جتي خبر هوندي هئي ته ريگستان آهي اتي مارچ ڪندڙ سپاهين جي گوڏن ۽ چيلهين تائين تجلا ڏيندڙ پاڻي جون ڊگهيون لهرون نظر اينديون هيون. آرٽلريءَ جون بيٽريون يا ڪيولريءَ جا ڊگها ڪالم ناهموار بلور جي نيم شفاف دنيا مان اوچتو زردي ڀوري رنگ جي پڪي واريءَ تي نمودار ٿي ڳاڙهن ڪارن پهڻن جي وچ ۾ پوزيشنون سنڀالي بيهي رهندا هئا ۽ انهن جا واڱڻائي پاڇا هر طرف پکڙجي ويندا هئا. هلڪي ڀوري کان فيروزي ۽ فيروزي کان ڳُوڙهي نيري ٿيندڙ آسمان جي شاهي گنبذ مان سج جا ساڙيندڙ اُلا نڪري مارچ ڪندڙ سپاهين ڪلهن ۽ ڪنڌن تي ڪري ڏاڍي تڪليف ڏيندا هئا.
ايڪويهين لانسرز وارا، 14 آگسٽ جي شام جو عتبره جي نيل ۾ ڇوڙ واري جاءِ وٽان نيل ٽپي کاٻي ڪناري تي وڃي، نون ڏينهن جي مارچ کان پوءِ شبلوقه[2] آبشار جي اتر ۾ فوجين جي گڏ ٿيڻ جي سڀ کان اڳئين ڪيمپ ۾ پهچي ويا هئا. اهو آبشار به هڪ عجيب خصوصيت آهي. نيل درياء جي ڀُونوچ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ تائين چار هزار ميلن جي سفر ۾ قدرت انهيءَ جاءِ تي پٿرن جي هڪ اوچي ڀت وجهي ڇڏي آهي. درياء به انهيءَ جي اولهائين ڇيڙي وٽان ڏهن ميلن جو ڦيرو ڪرڻ بجاءِ آمهون سامهون حملي کي ترجيع ڏني آهي ۽ رڪاوٽ وجهندڙ ڍير جي بلڪل وچ ۾ رستو کوٽي يا ڳولهي ورتو اٿائين. انهيءَ جاءِ کي تمام ڏکيو سمجهيو ويندو هو. ڪنهن ڪارگر فوجي قوت کي ٻيڙين ۽ اسٽيمرن جي ذريعي انهيءَ آبشار تان ايستائين گذارڻ ممڪن نه هو جيستائين ريگستان جي طرف کان ٽڪرن جي سموري سلسلي کي ڦيرو نه ٿو ڏئي اچجي. اهڙي ڪاروائيءَ سان شبلوقه ٽڪرين جي پٺيان ويٺل درويش فوج کي تمام بهترين ٽيڪنيڪل موقعو هٿ اچي وڃي ها ۽ جيڪا به فوج اهو لازمي ڦيرو ڪري ها ته اهي انهيءَ جي پاسي تي حملو ڪري ڏين ها. سر هربرٽ ڪچنر پنهنجي ڪيولري، اسڪائوٽن ۽ پنهنجن جاسوسن کان اها خاطريءَ جي خبر ٻڌي ڏاڍي سک جو ساهه کنيو ته دشمن اهڙي اهم هنڌ جي دفاع جو ڪو به بندوبست نه ڪيو هو.
تنهن هوندي به ٽڪري جي هڪ پاسي کان ريگستان منجهان خطرناڪ مارچ ڪندي سڀئي جنگي حفاظتي اُپاء ورتا ويا. سڀني سوار دستن وڏي گولائيءَ ۾ حرڪت ڪئي. مارچ ڪندڙن ۾ اسين جيتوڻيڪ سڀ کان اندرئين طرف هئاسين ته به اتان صبح جو نيل درياء مان شبلوقه جي اتر ۾ جنهن جاءِ تان پاڻي کنيو هو اتان هلندي شبلوقه جي ڏکڻ ۽ اومدرمان واري طرف شام جي پڙاء واري هنڌ پهچڻ ۾ اسان کي تقريباً 25 ميلن جو پنڌ ڪرڻو پيو. اسان مان جيڪي ماڻهو منهنجي دستي وانگر اڳ ۾ موڪليل گشتي پارٽين ۾ شامل هئا اهي جڏهن سنهي جهنگ ۾ ٽڙي پکڙي ويا ته اسان مان هر ڪنهن اهو ٿي سمجهيو ته هر ٻوٽي ۽ ٿُٻ پٺيان دشمن لڪيل نظر ايندو ۽ سڀني جا ڪن کڙا ۽ اکيون پٽيون پيون هيون ۽ هر گهڙيءَ اهو انتظار هو ته ڄاڻ ٿي بندوقن جي ٺڪاٺڪ شروع ٿئي. پر چند ڀڄندڙ گهوڙيسوارن کان سواءِ اهڙو ڪو به دشمن جو ماڻهو يا آواز پيدا نه ٿيو جنهن سان اسان جي مارچ ۾ رخنو پوي يا کڻي ان جو رستو ئي تبديل ٿئي ۽ جڏهن لهندڙ سج ۾ وسيع ميدان ڳاڙهو ٿيندو ويو ته اسين به پنهنجن ڊگهن ٿيندڙ پاڇن پٺيان هلندا ڏاڍي امن سان پر ڏاڍا تاسارا ٿي اچي نيل جي مٺي پاڻيءَ تي پهتاسين. انهيءَ دوران تراکڙي تري واريون توپ بردار ٻيڙيون ۽ اسان جو رسد جو سامان ڌوئيندڙ سڙهه وارين ٻيڙين کي ڇڪيندڙ اسٽيمر آبشار وٽان حفاظت سان ڦري آيا ۽ ستاويهين تاريخ تائين اسان جون سڀئي ريگستاني ۽ دريائي فوجون شبلوقه ٽڪرين جي ڏکڻ ۾ گڏ ٿي ويون ۽ اسان کي گهربل شهر ڏانهن فقط کليل ميدان تي پنجن ڏينهن جو مارچ باقي هو.
فوج 28- تاريخ تي پنهنجي آخري پيشقدمي شروع ڪئي. اسان مڪمل جنگي ترتيب ۾ ۽ روزانو اٺن يا ڏهن ميلن جي ڏاڪن ۾ هلياسين جيئن پنهنجي سموري قوت ڪنهن به وقت ٿيندڙ ٽڪراء لاءِ بچائي سگهون. اسان پاڻ سان گڏ لباس ۽ هٿيارن کان سواءِ ڪا به شي ۽ گهوڙن تي به سازن کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه رکيو هو. اسين پنهنجو کاڌو ۽ پاڻي روزانو رات جو نيل ۽ ان ۾ هلندڙ جنگي ٻيڙي مان کڻندا هئاسين. آفريقا جي انهيءَ حصي ۾ ۽ سال جي انهيءَ وقت ۾ گرمي تمام شديد هئي. اسان کي جيتوڻيڪ ٿلها ڪپڙا ۽ وڏين ڪنارين وارا ٽوپلا پهريل هئا ۽ ڪرنگهيءَ جي هڏن تي به ڪپڙن جون گديون رکيل هيون پر ائين پئي لڳو ته ڄڻ سج اسان جي مٿان جهُڪي پنهنجا ساڙيندڙ ڪرڻا اسان جي جسمن ۾ ٽُنبي رهيو هجي. اسان جي زينن ۾ لڙڪندڙ ڪينواس جون پاڻيءَ جون ٿيلهيون جيتوڻيڪ بخارن جي سبب وڻندڙ حد تائين ٿڌيون هونديون هيون پر منجهند کان گهڻو اڳ ئي خالي ٿي وينديون هيون. شامن جو جڏهن انفنٽري وارا ڪنهن مناسب جاءِ تي پهچي پڙاء جو حڪم ڏئي ڇڏيندا هئا ۽ فوج جي سامهون رهندڙ ڪيولري جي آڏ هٽائي ويندي هئي ۽ اسين شام جو سونهري ۽ ارغواني جهونجهڪڙي ۾ قطارون ڪري اچي نيل جو جهجهو ۽ ڇوٽ وهندڙ پاڻي بار بار پيئندا هئاسين ته ڏاڍو مزو ايندو هو.
بهرحال هن وقت تائين برطانوي ڪيولري ۾ موجود هر ماڻهوءَ اهو سوچي ڇڏيو هو ته هاڻي ڪا به جنگ ٿيڻي نه آهي. ڇا اهي سمورا بندوبست ٺڳيءَ جو ٺاهه ته نه هئا؟ درويشن جو واقعي ڪو وجود به هو يا اهي سردار ۽ سندس انگريزي- مصري مصاحبن پاران گهڙيل هڪ افسانو هئا. وري ڪجهه درست ڄاڻ رکندڙ ماڻهن جو رايو هو ته جيتوڻيڪ انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه هو ته اومدرمان ۾ وڏي تعداد ۾ درويش گڏ ٿي ويٺل هئا پر انهن سڀني جنگ کان پاسو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو هو ۽ اهي اڳيئي روڊن جا پاسا وٺندا قطارن جي صورت ۾ ڪردفان[3] جي ڏورانهين علائقي ڏانهن نڪري ويا آهن. اسين اهڙي طرح مهينن جا مهينا مارچ ڪندا خط استوا ڏانهن وڌندا رهنداسين. ٺيڪ آهي، ڪائي ڳالهه نه آهي. اها به ڪا اهڙي خراب ڳالهه نه آهي، زندگي مزي ۾ پئي ٿي گذري، صحت سٺي آهي. ورزش سان دل خوش ٿي وڃي ٿي، کاڌو ضرورت آهر آهي ۽ پاڻي گهٽ ۾ گهٽ صبح ۽ شام جو بي انداز ملي وڃي ٿو. اسين هر وقت نئين زمين ڏسي رهيا هئاسين ۽ شايد آخرڪار ڪنهن ڏينهن ٻيو ڪجهه به ڏسي وٺون. پر مون جڏهن 31- تاريخ جو هڪ سوڊاني بٽالين جي برطانوي آفيسرن جي ميس ۾ ماني کاڌي ته مون کي مختلف رايو ٻڌڻ ۾ آيو. اهي سڀئي هتي ئي آهن. درويشن سان ڏهن سالن کان وڙهندڙ انهن ماڻهن جو چوڻ هو: ’اهي پنهنجي سلطنت جي گادي جي هنڌ لاءِ لازماً جنگ جوٽيندا. اهي ڀڄي وڃڻ جهڙا ماڻهو ئي نه آهن اهي اسان کي شهر ٻاهران ئي تيار بيٺل نه ملي وڃن، ۽ شهر هاڻي فقط 18 ميل پري هو.‘
اسان جو پهرئين سيپٽمبر وارو مارچ ٻين ڏينهن وانگر بلڪل سانت ۾ شروع ٿيو پر نائين وڳي جي لڳ ڀڳ اسان جي گشتي پارٽين کي ڪي شيون نظر اچڻ لڳيون. اهڙيون رپورٽون دستن کان ٿينديون اسڪواڊرنن تائين پهچڻ لڳيون ته ڏاکڻين طرف واري آسماني ڪناري تي رُڃ جي تجلن ۾ روشني جا ترورا ۽ ڪي سفيد چَتيون نظر اچي رهيون آهن. آءُ انهيءَ ڏينهن جنهن اسڪواڊرن سان لاڳاپيل هوس انهيءَ جي ذمي فقط ڪيولري جي مهڙ واري آڏ جي مدد جو ڪم رکيل هو ۽ اسين دٻيل جوش واري ڪيفيت ۾ آهستي آهستي اڳتي وڌي رهيا هئاسين. اسين تقريباً ساڍي ڏهين وڳي واريءَ جي هڪ ويڪري دڙي تي چڙهياسين ۽ ڏٺوسين ته اسان جون سڀئي گشتي پارٽين مشڪل سان هڪ ميل اڳتي هڪ ڊگهي صف ۾ گهوڙا جهليون ڪنهن شي کي غور سان ڏسي رهيون هيون جيڪا ائين پئي لڳو ته ڪا انهن جي رستي جي بلڪل وچ تي پئي آهي. جلد ئي اسان کي بيهڻ جو حڪم ملي ويو ۽ ڪا دير نه گذري ته هڪ دوست سبالٽرن اچي منهن ڪڍيو. هو گشتي پارٽيءَ ۾ شامل هو ۽ اسان لاءِ ڏاڍي اهم فيصلائتي خبر آندي هئائين. ’دشمن نظر اچي ويو آهي.‘ هن خوشيءَ مان ٻهڪندي چيو، ’ڪٿي؟‘ اسان پڇيو ’اوهو، توهان کي نطر نه ٿو اچي. اهو ڊگهو ميٽوڙو نشان ڏسو، اهي اٿو.‘ ائين چئي هو ته اڳتي ويو هليو. اسان سڀني پري آسمان جي ڪناري تي رنگ ۾ آيل اها تبديلي محسوس ته ڪري ورتي هئي پر انهيءَ کي ڪانڊيرن جو جهنگ سمجهيو هئوسين. اسان جنهن جاءِ تي بيٺا هئاسين اتان بهترين دوربين به ٻيو ڪجهه نه ٿي ڏيکاري سگهي. وري رجمينٽل سارجنٽ – ميجر اچي ويو. هو به آئوٽ پوسٽ لائين تان پئي آيو.
’اهي ڪيترا ٿيندا؟‘ اسان پڇيو.
’وڏي فوج آهي. چڱي خاصي وڏي فوج آهي.‘ ائين چوندي هو به پنهنجو رستو وٺي ويو هليو.
پوءِ مدد جي ڪم سان لاڳاپيل دستي لاءِ حڪم آيو ته اهي ڪنهن اهڙي سبالٽرن کي جنهن جو گهوڙو ٿڪيل نه هجي، آئوٽ پوسٽ لائين ۾ ڪرنل وٽ موڪلين.
’مسٽر چرچل‘، منهنجي اسڪواڊرن ليڊر چيو ته آءُ گهوڙو هڪلي روانو ٿي ويس.
مون کي ڪرنل مارٽن آئوٽ پوسٽ لائين ۾ ڪجهه ڀٽن جي ويجهو نظر اچي ويو پر انهيءَ کان اڳ مون کي هڪ تراکڙي ترائي ۽ انهيءَ کان پوءِ ٻئي مٿاهين پٽ تي اچڻو پيو. ’گڊ مارننگ‘ هن چيو، ’دشمن بلڪل هاڻي پيشقدمي شروع ڪئي آهي ۽ اهي چڱا تيز پيا اچن. منهنجي مرضي آهي ته تون صورتحال جو پاڻ جائزو وٺ ۽ پوءِ پنهنجي گهوڙي کي ٿڪائڻ کان سواءِ جلد از جلد واپس وڃي سردار وٽ پاڻ رپورٽ پيش ڪر. هو توکي انفنٽري سان گڏ ايندو نظر اچي ويندو.‘
انهيءَ جو مطلب ته منهنجو آخرڪار ڪچنر سان مکاميلو ٿيندو! هو مون کي ڏسي حيران ته نه ٿي ويندو؟ هو ڪاوڙ جو اظهار ته نه ڪندو؟ ڇا هو ائين ته نه چوندو ته ’تون هتي ڇا ٿو ڪندو وتين؟ منهنجي خيال ۾ مون ته توکي نه اچڻ جو چيو هو!‘ متان هو ڌڪار وچان ڪو ردعمل ئي نه ڏيکاري! يا هو فقط رپورٽ وٺندو ۽ اها آڻيندڙ آفيسر جو نالو پڇڻ جي تڪليف ئي نه ڪندو؟ بهرحال انهيءَ عظيم ماڻهوءَ جي ويجهو وڃڻ جو اها خبر کڻي وڃڻ کان سواءِ ٻيو ڪو سٺو سبب ٿي نه ٿي سگهيو ته دشمن جي فوج هن ڏانهن وڌي رهي آهي. آءُ اها ڳالهه سوچي ئي ايترو شوق ۽ جوش ۾ ڀرجي ويس جيترو هوند ايندڙ جنگ جو انتظار مون کي شوق ۽ جوش ۾ ڀري ڇڏي ها. پوءِ درپيش ايندڙ ڳالهيون ۽ مسئلا به اسان جي سامهون بيٺل دشمن کان ڪي گهٽ دلچسپ ۽ ڪجهه لحاظن کان ته گهٽ خطرناڪ ڏسڻ ۾ نه ٿي آيا.
دشمن جو باريڪ بيني سان جائزو وٺڻ ۽ آئوٽ پوسٽ لائين وارن کي مون کي جيڪو ڪجهه ٻڌائڻو هو اهو ٻڌڻ کان پوءِ مون فوج ۽ اڳ ۾ رواني ڪيل ڪيولري جي دستن جي وچ ۾ ريگستان جي ڇهن ميلن تي گهوڙو هڪلڻ شروع ڪيو. اس تمام شديد هئي ۽ مون کي جيئن ته اها تقريباً پڪ هئي ته اسان کي ٻيپهري جو سمورو وقت گهوڙي تي ويهي جنگ ڪرڻي پوندي، پر مون کي مليل حڪم به فوري نوعيت جا هئا تنهنڪري انهن کي ذهن ۾ رکندي مون پنهنجي گهوڙي جو وڌ ۾ وڌ بچاء به ڪيو. اهڙيءَ طرح آءُ لڳ ڀڳ چاليهن منٽن ۾ انفنٽري جي مُک حصي جي ويجهو پهچي ويس. مون هڪ ڪاري ٽڪريءَ تي بيهي پنهنجي گهوڙي کي ساهي پٽرائي ۽ منظر جو جائزو ورتو. اهو نظارو سچ پچ ته ڏاڍو شاندار لڳي رهيو هو. برطانوي ۽ مصري فوج جنگي صف بنديءَ ۾ پيشقدمي ڪري رهي هئي. پنج پڪيون پختيون برگيڊون نيل کي پُٺيءَ تي رکي کُلي ترتيب ۾ اڳتي وڌي رهيون هيون. انهن مان هر هڪ برگيڊ ٽن يا چئن انفنٽري بٽالينن تي ٻڌل هئي. انسانن جي انهن شاهي جٿن جي پٺيان توپخاني جون ڊگهيون قطارون هيون ۽ انهن کان پريان رسد ڍوئيندڙ اٺن جو اڻکٽ بهيرون هيون. درياء ۾ سامان سان سٿيل سڙهن وارين ٻيڙين جا ميڙ هلندا ٿي رهيا جن کي ويهه کن اسٽيمر ڇڪي رهيا هئا. ٻيڙين جي انهيءَ ميڙ مان ست يا اٺ خطرناڪ چمڪندڙ سفيد رنگ جون توپ بردار ٻيڙيون ڪاروائي لاءِ تيار نظر اچي رهيون هيون. ريگستان جي پاسي کان ۽ دشمن جي طرف وڏين وٿين تي مصري ڪيولري جا ٻارنهن اسڪواڊرن آئوٽ پوسٽ لائين جي مدد ۾ نظر اچي رهيا هئا ۽ اڃا اڳتي ڪيمل ڪور جا ميرانجهڙا ۽ چاڪليٽي ڪالم وسيع پيش منظر جي تڪميل ڪري رهيا هئا.
مون جيئن ته هڙ تڪڙ ۾ پيش ٿيڻ نه ٿي چاهيو تنهنڪري بيهي گهوڙي کي ساهي پٽرائڻ کان پوءِ گهوڙو هڪلي انفنٽري جي مکيه حصي جي وچ ڏانهن وڌيس. مون کي جلد ئي انهن جي مُهڙ ۾ هڪ تيز ڳاڙهي بينر پٺيان چڱو خاصو ماڻهن جو اٽالو هلندي نظر اچي ويو. ويجهو پهچڻ تي مصري جهنڊي جي ڀرسان يونين جيڪ به نظر اچڻ لڳا. ڪچنر به پنهنجي هيڊڪوارٽر اسٽاف کان ٻن يا ٽن گهوڙن جي ڊيگهه جيترو اڳتي هو. سندس ٻه علمبردار سندس بلڪل پٺيان مارچ ڪندا پئي آيا ۽ انگريزي – مصري آرمي اسٽاف جا پرنسپال آفيسر وري انهن جي پٺيان هئا.
آءُ هڪ ڪنڊ کان ڳتي وڌيس ۽ اڌ گول ٺاهيندي پنهنجو گهوڙو هن جي گهوڙي پاسي ۾ آڻي ٿورڙو پٺتي رکي کيس سليوٽ ڪيم. اهو منهن مهانڊو جيتوڻيڪ گهڻو ڄاتل سڃاتل هو، پر آءُ انهيءَ تي پهريون دفعو نظر وجهي رهيو هوس. اڳتي هلي ۽ شايد ڪيترن نسلن تائين سموري دنيا انهيءَ چهري کان واقف رهڻي هئي.[4] هن پنهنجو ڳنڀيرتا سان ڀريل منهن مون ڏانهن ڪيو. وڏا شهپر، عجيب انداز ۾ ڦرندڙ اکيون، اُس جي تپش ۾ لهسيل ۽ تقريباً رتا ڳاڙها ڳل ۽ ڄاڙي حواسن تي ڏاڍو چٽو اثر وجهي رهيا هئا.
’سر‘ مون چيو، ’آءُ ايڪيهين لانسرز مان هڪ رپورٽ کڻي آيو آهيان.‘ هن ڪنڌ کي هلڪو لوڏو ڏئي ڄڻ ته مون کي ڳالهه جاري رکڻ جو اشارو ڏنو. مون وڌ کان وڌ مختصر ۽ جامع لفظن ۾ پنهنجي ورتل جائزي مطابق صورتحال جو احوال پيش ڪيو ته ’دشمن نظر اچي رهيو آهي، بظاهر وڏي تعداد ۾ آهي. انهن جو مکيه حصو تقريباً ست ميل پري آهي ۽ اهي اسان جي موجوده پوزيشن ۽ اومدرمان جي شهر جي تقريباً وچ تي بيٺل آهن. انهن يارهين وڳي تائين ڪا چُر پر نه ٿي ڪئي پر يارنهن لڳي پنجن منٽن تي اهي حرڪت ڪندي نظر اچي رهيا هئا ۽ مون جڏهن چاليهه منٽ اڳ اها جاءِ ڇڏي تڏهن به اهي تڪڙي پيش قدميءَ ۾ هئا.‘
هن مڪمل سڪوت ۾ هر لفظ ٻڌو. اسان جا گهوڙا گڏوگڏ هلندا ۽ واريءَ کي پنهنجن سُنبن هيٺان ڪِرس ڪِرس ڪرائيندا ٿي هليا. پوءِ چڱو وقت ماٺ رهڻ کان پوءِ هن چيو، ’تون چوين ٿو ته درويش فوج اڳتي وڌندي پئي اچي. تنهنجي خيال ۾ مون وٽ ڪيترو وقت آهي؟‘ منهنجو جواب فوراً چپن تي تري آيو، ’توهان وٽ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪلاڪ آهي سر، يا ڏيڍ ڪلاڪ، ڀلي اهي جيڪڏهن ساڳئي رفتار سان وڌندا ايندا هجن.‘ هن پنهنجي مٿي کي اهڙي انداز ۾ لوڏو ڏنو جنهن مان آءُ شڪ ۾ پئجي ويس ته هن اهو تخمينو الائي قبول ڪيو الائي رد ڪيو. پوءِ وري ڪنڌ کي ٿورو جهڪائي اهو اشارو ڏنائين ته منهنجو ڪم پورو ٿيو. مون سليوٽ ڪري پنهنجي گهوڙي جي واڳن جي ڇڪي سندس اٽالي کي اڳتي وڌي وڃڻ ڏنو.
آءُ ڪجهه پريشانيءَ ۾ رفتارن ۽ فاصلن جو حساب ڪرڻ لڳس جيئن خبر پوي ته منهنجو تڪڙ ۾ ڏنل جواب صحيح هو يا نه. نتيجي ۾ مون کي ايتري پڪ ٿي وئي ته آءُ گهڻو ٻاهر نه هوس. درويش جي وڌ ۾ وڌ رفتار چار ميل في ڪلاڪ کي ذهن ۾ رکندي جيڪو فاصلو منهنجي حساب مطابق ست ميل هو انهيءَ لاءِ ڏيڍ ڪلاڪ جو وقت بلڪل محفوظ ۽ پڪو تخمينو هو.
سوچن جي انهيءَ سلسلي ۾ هڪ دوستاڻي آواز رخنو وجهي ڇڏيو. ’اسان سان گڏجي هل ۽ ڪا لنچ ڪري وٺ.‘ هو فوج جي ڊائريڪٽر آف انٽيليجنس سر ريجينالڊو نگيٽ جي اسٽاف ۾ شامل هڪ آفيسر هو. هو مون کي پنهنجي چيف وٽ وٺي هليو جيڪو مون سان ڏاڍي مهرباني سان مليو. مون کي هاڻي اها ڳالهه ٻڌائڻ جي ته ڪا ضرورت ڪانهي ته پيٽ ڀري ماني ملڻ، اعليٰ عملدارن وٽ پهچ رکندڙ دوست سان گڏجڻ ۽ ايندڙ واقعن بابت بهترين معلومات جي اميد؛ اها هيڪوڻي نه پر ٽيڻ تي وڻندڙ ڳالهه هئي. انهيءَ دوران مون اها ڳالهه ڏسي ورتي ته انفنٽري وارا هر هنڌ نيل درياء سان قوس ٺاهيندڙ صفن ۾ ايندا ٿي ويا ۽ سڀ کان اڳئين برگيڊ جي سامهون ڪنڊيدار ٻوٽا ڪپي انهن سان هڪ لوڙهو ٺهي رهيو هو. پوءِ اسان جي رستي جي بلڪل وچ ۾ بسڪوٽن جي هڪ ننڍي ڀت نمودار ٿي وئي. انهيءَ تي ڏاڍي تڪڙ ۾ ڪم ٿي رهيو هو ۽ پوءِ مون ڏٺو ته انهيءَ ميز پوش جو هڪ وڏو ٽڪر وڇائجي ويو. وري ماڻهو انهيءَ تي دل کي سَٽون ڏيندڙ شڪلين جون ڪيتريون ئي بوتلون، اچار ۽ مڪئي جي اٽي ۾ پڪل وڏو گوشت رکندا ويا. مون جو اهڙي سُڃ ۾ لڙائي کان ڪجهه گهڙيون اڳ ڄڻ ته ڪنهن جادوئي اثر ذريعي اهڙو خوشگوار منظر اڀرندي ڏٺو ته منهنجي دل شڪراني جي احساس سان ڀرجي وئي ۽ اهو احساس روزاني واري ماني کائي شڪراني جي دعا گهرڻ واري احساس کان تمام گهڻو وڌيڪ هو.
سڀ ماڻهو سوارين تان لهي پيا ۽ اردلي وڌي اچي گهوڙا ڪاهي ويا. جيئن جو هي کاڌي پيتي جون شيون منظر تي آيون ته ڪچنر منهنجي نظرن کان غائب ٿي ويو. لڳو پئي ته هو پنهنجي اسٽاف کان ٿورو پرڀرو ٿي ويو هو. هن پنهنجي لاءِ نويڪلي بسڪوٽن جي پُڙن جي ڍير تي لنچ ڪئي يا ماڳهين لنچ ئي نه ڪئي. اها مون کي خبر نه پئجي سگهي نه وري مون کي اها خبر رکڻ جي ڪا ڳڻتي هئي. مون گوشت ۽ ٿڌي مشروب تي مڪمل ڌيان سان حملو ڪيو. هر ڪو ماڻهو ڏاڍو پُر جوش لڳو پيو هو ۽ تمام سٺي موڊ ۾ هو. ماني ڊربي کان اڳ ريس لنچ وارو منظر پيش ڪري رهي هئي. مون کي ياد آهي ته منهنجي ڀرسان جرمن جنرل اسٽاف بيرون وون ٽيڊمان جو نمائندو ويٺو هو. هو چئي رهيو هو ته: ”اڄ پهرئين سيپٽمبر آهي، اسان جو عظيم ڏينهن ۽ هاڻي توهان جو عظيم ڏينهن.“ سيڊان[5] ۽ سودان. هو انهيءَ مان تمام گهڻو خوش هو ۽ ويٺلن ۾ اها ڳالهه ڪيترائي دفعا ورجائي هئائين. انهن مان ڪجهه ماڻهن جو خيال هو ته هنن انهيءَ جملي ۾ لڪل چوٽ سمجهي ورتي. ”ڇا لڙائي واقعي ۾ ٿيندي؟“ مون جنرل ونگيٽ کان پڇيو: ”بلڪل، ڇو نه،“ هن وراڻيو. مون چيو ته ”ڪڏهن؟ سڀاڻي؟“ انهيءَ تي هن چيو ته ”نه، هتي، هينئر، ڪلاڪ ٻن ۾.“ سچ پچ ته اهو حياتي جو ڏاڍو سٺو لمحو هو ۽ آءُ ويچارڙو هڪ سبالٽرن جنهن پاڻ کي عتاب هيٺ آيل ٿي سمجهيو سو انهن سڀني اعليٰ فوجي عملدارن جي کل خوشيءَ جي وچ ۾ ويٺو مضبوط ارادي سان پنهنجو ڇُري ڪانٽو هلائيندو رهيس.
انفنٽري جون تڙ تڪڙ ۾ ٺهڪندڙ صفون ۽ انهن جي آڏو لمحي به لمحي ٺهندڙ لوڙها هر وقت ڏسڻ ۾ پئي آيا. اسان جي سامهون صاف وارياسو ميدان درياء وٽان مٿي اڀري سنهي چنڊ جي شڪل اختيار ڪري ٿي ويو جنهن جي ڀرسان اسان جون ڪيولريءَ جون آئوٽ پوسٽون هيون ۽ گمان اهو هو ته دشمن به پنهنجي پيشقدمي جاري رکيون ٿي آيو. اهو آکاڙو هڪ ڪلاڪ جي اندر حملي آور درويشن سان ڀرجي ويندو ۽ اتي لاشن جا ڍير لڳي ويندا. جڏهن ته لوڙهن جي پٺيان انفنٽري جون صفون رائيفل فائرن جا ڌوڙيا لائي ڏينديون ۽ توپن جا ڌڌڪا هوندا.
اسان جي فتح يقيني ڳالهه هئي. اسان انهن کي لُڻي رکنداسين. انهيءَ هوندي به اها ڳالهه آهي ته انهن ساڳين درويشن، جديد هٿيارن جي ايتري درستگي جي باوجود به هڪ کان وڌيڪ موقعن تي جيئن ابوقلي ۽ تمائي ۾ چوطرف بيهاريل برطانوي فوجين جي گهيري کي ٽوڙي وڌو هو ۽ مصري فوجين جي قبضي ۾ رهندڙ قلعن ۾ بار بار ڪاهي آيا هئا يا انهن کي زير ڪري ڇڏيو هو. آءُ پنهنجي تصور ۾ نقشا ٺاهڻ لڳس ته، اها بلڪل ويجهي ايندڙ لڙائي ڪهڙا مختلف انداز اختيار ڪري سگهي ٿي ۽ انهيءَ مهل ڄڻ ته انهيءَ جي شروعات جي اعلان طور ڌماڪن جا آواز اچڻ لڳا. نيل جي هڪ ٻيٽاري تان ننڍين توپن اومدرمان ۾ مهدي[6] جي مزار تي گولا باري شروع ڪري ڏني هئي.
بهرحال پهرئين سيپٽمبر تي لڙائي ٿيڻي نه هئي. آءُ آئوٽ پوسٽ لائين ۾ پنهنجي اسڪواڊرن ۾ وري دخلڪار ئي مشڪل سان ٿيس ته درويش فوج پيشقدمي روڪي ڇڏي ۽ توپن سان خطرناڪ نموني سلامي وٺڻ کان پوءِ لڳو ٿي ته اهي ٻئي ڏينهن ڏينهن تائين سڪون سان ويهي رهيا هئا. اسين سڄي ٻيپهري ۽ شام انهن ۾ اکيون وجهي ويٺا رهياسين ۽ اسان جون گشتي پارٽيون انهن جي پارٽين سان جهڙپون ۽ ڀڄ ڀڄان ڪنديون رهيون. سج جي روشني جهڪي ٿي وڃڻ کان پوءِ اسان نيل ڏانهن موٽياسين ۽ اسان کي ماڻهن ۽ گهوڙن کي درياء جي اتاهين ڪناري هيٺ لوڙهي ۾ هڪلي وڃڻ جا حڪم ملي ويا.
انهيءَ محفوظ پر هٿ پير ٻڌل صورتحال ۾ اسان کي خبر پئي ته اهڙيون ڀروسي جوڳيون خبرون مليون آهن ته دشمن رات جو حملو ڪندو. جيڪو به ماڻهو لوڙهي ۾ ڪهڙي به حالت ۾ ڀلي کڻي پنهنجي جان بچائڻ لاءِ پسٽل يا ڪربائين جو فائر ڪندو انهيءَ لاءِ تمام شديد سزائن جو اعلان ڪيو ويو. درويش جيڪڏهن صفون ٽوڙي ڪيمپ ۾ ڪاهي پون ته اسان کي پنهنجي دفاع لاءِ پيرن ڀر بيهي پنهنجين تلوارن يا نيزن سان وڙهڻو پوندو. اسان پاڻ کي اطمينان ڏياريو ته گرينيڊئيرز جي فرسٽ بٽالين ۽ رائيفل بٽالين جي هڪ برگيڊ سو وال پري ۽ اسان جي بلڪل مٿان لوڙهي جي حفاظت لاءِ بيٺل آهي. پنهنجو تحفظ اهڙن سپاهين جي حوالي ڪندي اسين ڊنر جي تيارين کي لڳي وياسين.
اتي مون کي هڪ دلچسپ واقعو به درپيش آيو. آءُ جيئن ته درياء جي ڪناري تي هڪ بردار آفيسر سان گڏ چهل قدمي ڪري رهيو هوس ته ڪناري کان 20 يا 30 فوٽ پري بيٺل توپ بردار ٻيڙين مان اسان کي ڪنهن هٿ کڻي کيڪاريو. ٻيڙيءَ جي ڪمان بيٽي (Beatty) نالي نيوي جي هڪ جونيئر ليفٽيننٽ وٽ هئي جيڪو گهڻي وقت کان نيل جي ٻيڙين تي خدمتون سرانجام ڏئي رهيو هو ۽ اڳتي هلي سمنڊن تي مشهوري ماڻڻ سندس مقدر ۾ لکيل هئي. توپ بردار ٻيڙي جا سفيد بي داغ ورديون پهريل آفيسر اها خبر چار وٺڻ لاءِ ڏاڍا بيتاب هئا ته ڪيولريءَ وارن جي نظر مان ڇا گذريو آهي. اسان کي به ٻڌائڻ ۾ ڪنهن به لحاظ کان ڪا به هٻڪ نه هئي. سج آسمان جي ڪناري ۾ ٻڏي رهيو هو ۽ اسان پاڻي جي پريان بيٺي بيٺي سٺي ڳالهه ٻولهه ڪري ورتي. اهي لوڙهي اندر آتشين هٿيارن جي استعمال خلاف حڪمن بابت ٻڌي خاص طور ڏاڍا خوش ٿيا ۽ انهيءَ بابت اسان سان ڏاڍا چرچا ڪيائون. انهيءَ دوران اها به آڇ ڪيائون ته جيڪڏهن ڪا بدترين صورتحال پيش اچي وڃي ته اهي ٻيڙيءَ تي اسان جي خاطر تواضع ڪندا. اسان انهيءَ ڳالهه کي ڏاڍي وقار سان نظرانداز ڪري ڇڏيو ۽ انهي رٿا تي پنهنجي اطمينان جو اظهار ڪيو ته اسين درويشن جي انبوهن خلاف گهگهه اونداهيءَ ۾ واريءَ جي دڙن تي اڀي پيرين بيهي ڪيولري تلوارون ۽ نيزا ڪم آڻينداسين. بهرحال چڱي کل ڀوڳ کان پوءِ ڀلي ڀاڳ واري شي به اچي وئي.
”مشروبات جو ڪهڙو بندوبست اٿو؟ اسان وٽ هتي دنيا جي هر شي موجود آهي. ڪيچ ڪري وينداؤ؟“ ائين چوندي هنن شامپين جي هڪ وڏي بوتل ڪناري ڏانهن اڇلائي ڏني. اها نيل جي پاڻيءَ ۾ ڪري پئي پر چڱو ٿيو جو قدرت طرفان اتي پاڻي تانگهو هو ۽ ترو نرم هو. آءُ پاڻيءَ ۾ لهي پيس ۽ پاڻي گوڏن تائين آيو جو انهيءَ قيمتي تحفي وٽ پهچي قابو ڪري کڻي آيس. اسان پوءِ اها فاتحانه انداز ۾ واپس پنهنجي ميس کڻي آياسين.
هن قسم جي جنگ وڏن جوش ۾ آڻيندڙ واقعن سان ڀريل هئي. اها جنگ عظيم وانگر نه هئي. ڪنهن کي به مارجڻ جي توقع نه هئي. هِتي هُتي هر رجمينٽ يا بٽالين ۾ اڌ ڊزن، ويهه يا ڪنهن بدترين صورتحال ۾ ٽيهن يا چاليهن ماڻهن جو تاوان ڏيڻو پيو. پر انهن آهستي آهستي منظر تان غائب ٿيندڙ بي فڪريءَ وارن ڏينهن ۾ جن ماڻهن برطانيه جي ننڍڙين جنگين ۾ حصو ورتو انهن جي وڏي اڪثريت لاءِ اهو به هڪ شاندار راند جو فقط تفريحي عنصر هو. اسان مان گهڻن جي نصيب ۾ هڪ اهڙي جنگ ڏسڻ لکيل هو، جنهن ۾ نقصانن جا انگ اکر ابتڙ ٿي ويا. جنهن ۾ هر ڪنهن جي ذهن ۾ مارجي وڃڻ جو خيال موجود هو ۽ شديد ترين زخمن تي ماڻهو سمجهندو هو ته ڀاڳ ڀلو ٿيو جان ته بچي وئي. جنهن ۾ توپخاني ۽ مشين گنن جي گولاباري ۾ سموريون برگيڊون لڻجي ويون ۽ جنهن ۾ هڪ طوفان مان زنده بچي ويلن کي خبر هوندي هئي ته اهي ايندڙ يا انهيءَ کان پوءِ واري طوفان ۾ پڪ سان ڪم اچي ويندا.
هر ڳالهه واقعن جي پيماني تي دارومدار رکي ٿي. اسان نوجوان جيڪي انهيءَ رات بهترين نموني هٿياربند سٺ هزار جنوني درويشن کان ٽن ميلن جي فاصلي تي سُمهياسين تن کي هر گهڙيءَ انهن جي شديد حملي جو انتظار هو ۽ پڪ هئي ته دير ۾ دير به باک ڦٽيءَ وقت ويڙهه شروع ٿي ويندي. اسان پاڻ کي جيڪڏهن ڪنهن حقيقي جنگ ۾ موجود سمجهيو هئو سي ته اسان کي معاف ڪيو وڃي.


____________
[1] سوڊان ۾ درياء نيل جي ڪناري تي خرطوم جي آمهون سامهون شهر محمد احمد مهدي، 1885ع ۾ انهيءَ کي پنهنجو گاديءَ جو هنڌ ٺاهيو هو. (سنڌيڪار)
[2] هتي ليکڪ Cataract جو لفظ ڪتب آندو آهي، جنهن جي عام مروج معنيٰ ته آبشار آهي پر جيئن ته متن مان به ظاهر ٿئي ٿو ته اتي دريا جي وچ ۾ پٿرن جي هڪ وڏي رڪاوٽ آهي جتان پاڻي تيزي سان وهي ٿو. انهيءَ لاءِ انگريزي ۾ تز لفظ Rapid آهي. جنهن لاءِ سنڌي توڙي اردو ۾ ڪو مناسب لفظ نه هئڻ جي صورت ۾ آبشار ئي ڪم آندو ويو آهي. (سنڌيڪار)
[3] موجوده سوڊان ۾ تيل جي پيداوار ڏيندڙ هڪ علائقو. (سنڌيڪار)
[4] سندس چهري جي ايتري مشهوري جو هڪ سبب سندس تصوير وارو اهو پوسٽر ٿيو جنهن تي ”توهان جي وطن کي توهان جي ضرورت آهي“. (Your country needs you) وارا لفظ لکيل هئا ۽ اهو پوسٽر پير علي محمد راشدي جي تحرير مطابق سندس ڳوٺ بهمڻ ۾ به پهتو هو. (سنڌيڪار)
[5] فرانس ۾ مييوز درياء تي هڪ شهر ۽ هڪ لڙائي جو هنڌ. (سنڌيڪار)
[6] محمد احمد مهدي (1885-1848ع) عرف مهدي سوڊاني انگريزن خلاف 13 جنگيون وڙهيون ۽ سڀني ۾ ڪاميابي حاصل ڪيائين. جنرل گورڊن خلاف جنگ ۾ کيس شڪست ڏنائين ته گورڊن جي سسي لاهي سندس سامهون پيش ڪئي وئي. انهي جو بدلو وٺڻ لاءِ ڪچنر سندس مقبري تي گولاباري ڪرائي سندس لاش ڪڍرايو ۽ سري لاهي گورڊن جي ڀائٽي ڏانهن موڪلي. هن سوڊان ۾ مڪمل اسلامي نظام قائم ڪيو هو. (سنڌيڪار)

باب پندرهون؛ ڪيولريءَ جي ڪاهه جو جوش و خروش Sensations of a Cavalry Charge

اسين پرهه ڦٽي کان گهڻو اڳ سجاڳ ٿي چڪا هئاسين ۽ پنج ٿيندي ٿيندي ايڪيهين لانسرز وارا لوڙهي جي ٻاهران گهوڙن تي سوار ڪنهن به حملي کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار بيٺا هئا. منهنجي اسڪواڊرن ليڊر ميجر فن (Finn) مون سان ڪجهه ڏينهن اڳ واعدو ڪيو هو ته مناسب وقت اچڻ تي هو مون کي ڪا چڱي شي ڏيکاريندو. مون سمجهيو پئي ته هو هڪ ڏينهن اڳ مون پاران ڪچنر وٽ پيش ٿيڻ کي منهنجي لاءِ ڇوٽڪارو سمجهي وٺندو پر هاڻي مون کي پنهنجي دستي مان سڏي هڪ گشتي پارٽي سان گڏ وڃي جبل سرغام جي ٽاڪرو چوٽي ۽ درياء جي وچ ۾ ٽڪرين جي قطار تي دشمن جو جائزو وٺي اچڻ لاءِ موڪليو ويو. اسان جي اسڪواڊرن، توڙي مصري ڪيولريءَ مان ٻين پارٽين کي پڻ جلدي جلدي اوندهه ۾ اڳتي روانو ڪيو ويو هو. مون ڇهه سپاهي ۽ هڪ ڪارپورل پاڻ سان کنيا. اسان گهوڙن کي ميدان تان تڪڙو هلايو ۽ جلد ئي ٽڪرين جي قطار جي نامعلوم چاڙهين تي چڙهڻ شروع ڪيو. باک ڦٽي جهڙو ڪو منظر ٿي ئي نه ٿو سگهي. نامعلوم منظر تان پردو کڄڻ کان پندرهن منٽ اڳ وارو وقت جهنگ جو هڪ معنائن سان ڀريل تجربو هوندو آهي. ٽڪرين جي قطار تي دشمن جو قبضو هو يا نه؟ ڇا اسين اوندهه ۾ هزارين غضبناڪ وحشين مان ته نه گذري رهيا هئاسين؟ هر وک موتمار ٿي سگهي ٿي؛ انهيءَ جي باوجود به تمام گهڻي احتياط جو وقت نه هو. رجمينٽ اسان جي پٺيان اچي رهي هئي ۽ باک ڦٽي رهي هئي. اسان پاران چاڙهي تي چڙهندي اڳي ئي اڌ روشني ٿي وئي هئي. اسان کي چوٽيءَ تي ڇا ڏسڻ ۾ ايندو؟ گهري ۽ تجسس ڀريل سر خوشي لاءِ اهڙا لمحا منهنجي نظر ۾ بهترين آهن.
اسين هاڻي چوٽي جي ويجها اچي پهتا آهيون. آءُ هڪ ماڻهو جي پٺيان ٻيو ماڻهو سو والن جي وٿي تي بيهاريان ٿو جيئن ڪجهه به ٿي پوي ته ڪير ٻين کي ڳالهه ته ٻڌائي سگهي. اسان جي پنهنجي کٽ کٽ کان سواءِ ٻيو ڪو به آواز ٻڌڻ ۾ نه ٿو اچي. اسين چوٽي جي مٿئين حصي تي پهچي ويا آهيون ۽ گهوڙن کي بيهاريون ٿا. آسمان جو ڪنارو هر گهڙيءَ وڌيڪ روشن ٿيندو پيو وڃي ۽ اسين ٻه سو والن تائين ڏسي سگهون ٿا. هر طرف ماٺ لڳي پئي آهي. پهڻن ۽ واريءَ جي ڀٽن ۾ اسان جي ساهن کان سواءِ زندگيءَ جو ڪو به آثار نظر نه ٿو اچي. ڪو به شب خون نه ٿو لڳي نه ئي ڪو زوريءَ قبضو ٿي رهيو آهي. اسان کان اڳتي ميدان بلڪل خالي لڳو پيو آهي: هاڻي اسين اڌ ميل کان به اڳتي ڏسي سگهون ٿا.
معنيٰ ته اهي سڀئي ڪيمپ پٽي روانا ٿي ويا آهن! اسان به ائين ئي چيو هو! سڀني ڪردفان ڏانهن رخ رکيو آهي؛ جنگ نه ٿيندي! پر ٿورو ترسو! هاڻي پرهه ڦٽيءَ ۾ تيزي ايندي پئي وڃي. پيش منظر تان تهن پٺيان لهندو پيو وڃي. پري ميدان تي اهي ترورا ڇا جا آهن؟ اهي ته هاڻي وڌيڪ واضح ٿيندا پيا وڃن. انهن ترورن جي هيٺان اهي گهاٽا نشان ڇا جا آهن؟ معنيٰ ته هو اتي ويٺا آهن! اهي تمام وڏا ڪارا چُٽا هزارين ماڻهو آهن؛ اهي ترورا انهن جي هٿيار جي چمڪڻ جا آهن. هاڻي ڏينهن جي روشني ٿي وئي آهي. آءُ پنهنجي گهوڙي تان لهي پوان ٿو ۽ پنهنجي فيلڊ سروس بڪ ۾ لکان ٿو: ”درويش فوج اڃان جبل سرغام جي ڏکڻ اولهه ۾ ڏيڍ ميل جي فاصلي تي پوزيشن ۾ آهي.“ آءُ اهو پيغام مون کي مليل حڪم مطابق ڪارپورل جي هٿان سڌو ڪمانڊر انچيف ڏانهن موڪليائين ٿو ۽ انهيءَ تي XXX جو نشان هڻان ٿو. ڊرل بڪ مطابق انهيءَ جو مطلب آهي تمام تيزي سان.
اسان جي پٺيان شاندار نموني سج اڀري رهيو آهي. پر اسين ٻئي ڪنهن نظاري ۾ محو آهيون. هاڻي روشني ايتري ٿي وئي آهي جو دوربين ڪم آڻي سگهجي ٿي. اهي وڏا نشان هاڻي مختلف انداز ۾ نظر اچي رهيا آهن. اهي اڳي ئي پٽ کان وڌيڪ روشن ٿي ويا آهن ۽ هاڻي هلڪي ڀوري رنگ جا پيا لڳن. هاڻي اهو هڪ قسم جو سفيد رنگ اختيار ڪري ويا آهن جڏهن ته پٽ هلڪو بادامي پيو ڏسڻ ۾ اچي. اسان جي سامهون چئن يا پنجن ميلن تائين فوجي صف بندي نظر اچي رهي آهي. انهيءَ سان افق ڀريل پيو نظر اچي. اهو وقت گهڙيءَ گهڙي ماڻڻ جو آهي. اسين وري گهوڙن تي سوار ٿيون ٿا ۽ اوچتو نوان تاثر ذهن ۽ اکين جي پردن سان ٽڪرائجن ٿا. ماڻهن جا اهي ميڙ ساڪن نه آهن. اهي اڳتي وڌندا پيا اچن ۽ انهن جي پيشقدمي جي رفتار تيز آهي. هڪ وير آهي جيڪا چڙهندي پئي اچي. پر اسين اهو آواز ڇا جو پيا ٻڌون؟ هڪ خاموش گجگوڙ لهرن جي صورت ۾ اسان ڏانهن وڌندي پئي اچي؟ اهي خدا، سندس پيغمبر ۽ پاڪ خليفي جي واکاڻ ۾ نعرا پيا هڻن. اهي سمجهن ٿا ته اهي اچي سوڀ حاصل ڪري وٺندا. انهيءَ ڳالهه جي به جلد ئي خبر پئجي ويندي. انهيءَ هوندي به مون کي اها ڳالهه تسليم ڪرڻ گهرجي ته اسان کي ٽڪرين جون چاڙهيون لهڻ کان اڳ ٿوري دير پنهنجا گهوڙا جهلي چوٽيءَ تي بيهي رهڻ گهرجي.
پر هاڻي چٽي صبح ٿي وئي آهي ۽ ليٽيل سج منظر ۾ شاندار رنگ جو اضافو ڪري رهيو آهي. ميڙ هاڻي ماڻهن جي انبوهن جي شڪل ۾ واضح ٿي بيٺا آهن. اهي باترتيب صفن ۾ چمڪندڙ هٿيار کنيو بيٺا آهن ۽ انهن جي مٿان بي انداز رنگا رنگ جهنڊا ڦڙڪي رهيا آهن. صليبي مجاهدن جيڪو ڪجهه ڏٺو هو اهو اسين به پنهنجين اکين سان ڏسي رهيا آهيون. اسان کي ته اڃان اهڙيون گهڻيون شيون ڏسڻيون آهن. آءُ اڳتي انهن ڀٽن جي ڪجهه ويجهو وڃان ٿو جتي ڪالهه ايڪيهين لانسرز وارا بيٺا هئا. هتان اسين ماڻهن جي وڏن ميڙن کان مشڪل سان 400 وال پري آهيون. اسين وري بيهون ٿا ۽ آءُ چئن سپاهين کي انهن تي فائر ڪرڻ تي بيهاريان ٿو جڏهن ته ٻيا ٻه انهن جا گهوڙا جهلي بيهن ٿا. دشمن سمنڊ وانگر اڳتي وڌي اچي ٿو. اسان جي سامهون ۽ کاٻي طرف بندوقن جي ٺڪا ٺڪ شروع ٿي وڃي ٿي. ڀٽن ۾ ڌوڙ جا ڦوهارا پيدا ٿيڻ لڳن ٿا. هتي عيسائين جي بيهڻ جي جاءِ نه آهي. اسين ڀڄي وڃون ٿا ۽ خوش قسمتي سان ڪو به ماڻهو يا گهوڙو زخمي نه ٿيو آهي. اسين وري ٽڪرين جي قطار تي چڙهي وڃون ٿا ۽ لڳ ڀڳ انهيءَ ئي وقت ڪارپورل سهڪندڙ گهوڙي تي موٽي اچي ٿو. هو سڌو ڪچنر وٽان آيو آهي ۽ چيف آف اسٽاف جي صحيح پيل آرڊر آندو اٿائين. ’جيترو وڌيڪ ٿي سگهي اتي ئي رهو ۽ حملي آور لشڪر جي چر پر بابت رپورٽ موڪليو‘ واهه جي ڳالهه ٿي. لانگ هيٺان گهوڙو، سج اڀرڻ جو وقت، پيشقدمي ڪندڙ فوج جي گوليءَ جي زد ۾، هر شي پنهنجي اکين سان ويٺو ڏسجي ۽ هيڊڪوارٽر سان سڌي لکپڙهه. اهڙو موقعو وري ڪڏهن ملندو! اسين تقريباً اڌ ڪلاڪ ٽڪرين تي رهياسين ۽ مون هڪ اهڙو منظر بلڪل ويجهي کان ڏٺو جيڪو بلڪل ٿورن ماڻهن کي ڏسڻ نصيب ٿيو هوندو. انهن مان هڪ کان سواءِ باقي ٻيا سڀ جٿا ٿوري دير لاءِ اسان جي ساڄي طرف جبل سرغام جي چوٽي پٺيان اسان جي نظرن کان غائب ٿي ويا. اها پڪ سان ڇهه هزار ماڻهن جي هڪ ڊويزن ٽڪرين جي ڪنڌيءَ کان سڌي پئي آئي. انهن اڳي ئي انهيءَ جي مهڙ وارين چاڙهين تي چڙهڻ شروع ڪيو هو. هوڏانهن اسان جي فوج درياء وٽ گڏ ٿي ۽ صف بندي ڪيون بيٺي هئي ۽ توپ بردار ٻيڙيون وهڪري ۾ انتظار ۾ بيٺيون هيون. توپون فائر لاءِ تيار هيون. انهيءَ دوران ٻئي طرف وري هي وڏو مستطيل شڪل ۾ رنگ برنگي لشڪر چڱي سٺي ترتيب ۾ ڏاڍي تيزي سان چوٽي تي چڙهي آيو هو. اسين پنهنجين بيٽرين کان تقريباً 2500 وال پري انهن جي وڌندڙ نشاني کان 200 والن کان ٿورو پري هئاسين. آءُ انهن درويشن کي ’سفيد جهنڊا‘ ڪوٺيندو هوس. انهن جي سفيد ۽ هيڊي رنگ جي سڌو مٿي جهليل جهنڊن جي قطار جي سبب انهن کي ڏسي مون کي بييوڪس[7] (Bayeux) جي ديوارگير ڪپڙي تي ٺهيل فوجون ياد اچي وينديون هيون. هاڻي درويشن جو ميدان ۾ گهڻو ٻاهر نڪتل مرڪز به فائر جي زد ۾ اچي ويو هو ۽ هڪ ٻئي پٺيان برطانوي ۽ مصري بيٽرين انهن تي فائر ڪري ڏنو. منهنجون اکيون هڪ ويجهي منظر تي ڄمي بيهي رهيون. سفيد جهنڊا ٽڪري جي چوٽي تي بيهي پنهنجي صفن کي ٻيهر ترتيب ڏيڻ لڳا ۽ چوٽي سان لڳو لڳ ويڪري ۽ مضبوط صف بندي ڪري بيهاريائون. پوءِ ته انهن تي لاڳيتي گولي باري شروع ٿي وئي. ٻن يا ٽن بيٽرين ۽ ٻيڙين تي بيٺل گهٽ ۾ گهٽ ٽيهن توپن شديد فائر شروع ڪري ڏنو. انهن جا گولا اسان ڏانهن سوساٽ ڪندا ٿي آيا ۽ وڏي تعداد ۾ سفيد جهنڊن جي مٿن تي ۽ انهن جي وچ ۾ وڃي ٿي ڪريا. اسين ساهه مٺ ۾ ڪيون گهوڙن تي بيٺا هئاسين ۽ انهن جي ايترا ته ويجها هئاسين جو لڳ ڀڳ انهن جهڙا ئي خطرا اسان کي به درپيش هئا. مون موت کي پوري رفتار سان انسانن جي ڀت سان ٽڪرائيندي ڏٺو. انهن جا جهنڊا ڊزنن جي حساب سان ۽ ماڻهو سون جي انگ ۾ هيٺ ڪري پيا. انهن جي صفن ۾ وڏا وڏا خال ۽ بي ترتيب ڍير پيدا ٿي پيا. اهي گولا ڦاٽڻ کان پوءِ ٽپ ڏيندي ۽ ٿاٻڙجي ڪرندي نظر اچي رهيا هئا پر ڪنهن به پٺي نه ٿي ڏني. اهي صفن پٺيان صفون ٿيندا اسان جي لوڙهي ڏانهن ڪاهيندا ۽ رائيفل سان شديد فائر ڪندا پئي آيا ۽ فائر سبب دونهين ۾ ويڙهجي ٿي ويا.
هيستائين ڪنهن به اسان ڏانهن ڌيان نه ڏنو هو. پر هاڻي مون ڏٺو ته بغارا گهوڙيسوار ٻن ٻن ٽن ٽن جي ٽولين ۾ اسان جي کاٻي طرف ميدان مان ٽڪرين طرف وڃي رهيا هئا. انهن مان ٽن ماڻهن جي هڪ پارٽي پسٽل جي فائر جي زد ۾ اچي وئي. اهي رنگ جا ڪارا هئا ۽ جبا پهريل هئن. جئين گهوڙن تي راهب نظر ايندا آهن. بدشڪل، بڇڙا وحشي جن کي هٿن ۾ ڊگها نيزا هئا. مون گهوڙي تي ويٺي انهن تي ٻه ٽي فائر ڪيا ته اهي ڀڄي ويا. مون کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ته اسان حملي دوران انهن ٽڪرين تي ڇو نه بيٺا رهياسين. مون سوچيو ته اسين نيل ڏانهن نڪري وڃي سگهون ٿا جتان خطري کان پري رهي ٻنهي ڌرين کي ڏسي سگهون ٿا. پر هاڻي ميجر فن وٽان واضح حڪم اچي ويو ته ”فوراً لوڙهي ۾ اچي وڃو جو انفنٽري فائر شروع ڪرڻ واري آهي.“ حقيقت ۾ اسين ٽڪرين تي وڌيڪ محفوظ هجون ها. جو اسان جي پاران انفنٽري وٽ پهچندي ئي رائيفل جي گولين جو مينهن وسڻ شروع ٿي ويو.

* * * * *

ذاتي تاثرات جي هن رڪارڊ ۾ اومدرمان جي لڙائي جو سربستو احوال ڏيڻ منهنجو مقصد نه آهي. اها ڳالهه ايتري ته بار بار ۽ فوجي لحاظ کان ايتري ته تفصيلي بيان ٿي چڪي آهي جو انهيءَ موضوع ۾ دلچسپي رکندڙ هر شخص اتي ٿيندڙ واقعن کان چڱي ريت واقف آهي. آءُ فقط لڙائي جو ايتريقدر احوال ڏيندس جيترو منهنجن تجربن جي بيان لاءِ ضروري هوندو.
خليفي جي تقريباً سٺ هزار سپاهين تي مشتمل سموري فوج پنهنجي گذريل رات واري ڪيمپ جي جاءِ کان جنگي ترتيب ۾ پيشقدمي ڪندي ٻنهي فوجن کي هڪٻئي جي نظرن کان اوجهل ڪندڙ دڙي تي چڙهي وئي ۽ اتان آهستي آهستي جنگ جي ميدان ۾ لهي آئي جتي ڪچنر جا ويهه هزار سپاهي ڪلهو ڪلهي ۾ ڏئي نيل کي پنهنجي پٺ تي رکي انهن سان مقابلي لاءِ تيار بيٺا هئا. تڏهن قديم ۽ جديد هڪ ٻئي جي سامهون اچي ويا. وچئين دور (Middle Ages) جي شدت پسندي، جنگي طريقا ۽ جنگي هٿيار اوڻيهين صديءَ جي ايجادن ۽ تنظيم سان شديد ٽڪراء ۾ اچي ويا. انهيءَ جو نتيجو ڪو حيرت ۾ وجهندڙ نه هو. قديم مسلمان مجاهدن جا جانشين درياء ۽ سندن دشمنن ڏانهن ويندڙ ڊگهين هموار لاهين تان لهندي ئي اڍائي ڊويزن ترتيب يافته انفنٽري جي رائيفل جي فائر جي منهن ۾ اچي ويا. اهي هڪٻئي جي پٺيان ٻن قطارن ۾ بيٺل هئا. انهن جي مدد لاءِ درياء جي ڪناري تي ۽ درياء ۾ بيٺل ٻيڙين مان ستر توپون به ڏاڍي ڪارگر ۽ لاڳيتي گولاباري ڪري رهيون هيون. انهيءَ فائر جي زد ۾ اچي سموري حملي جو زور ٽٽي ويو ۽ انهيءَ جي پيشقدمي رڪجي وئي ۽ شايد ڇهه يا ست هزار ماڻهن جو نقصان ٿي ويو. پر درويش فوج وٽ قديم ترين کان جديد ترين هر قسم جون تقريباً ويهه هزار رائيفلون موجود هيون ۽ جڏهن نيزي بردار اڳتي وڌي نه سگهيا ته رائيفلن سان مسلح اهي ماڻهو زمين تي ڪري پيا ۽ حفاظتي لوڙهي تي بغير نشاني جي ڇتي ۽ بي ترتيب فائرنگ شروع ڪري ڏنائون. هاڻي انهن پهريون دفعو پنهنجن مخالفن کي نقصان پهچائڻ شروع ڪيو ۽ جيڪو مختصر وقت اها ڪاروائي جاري رهي انهيءَ دوران برطانوي ۽ مصري سپاهين ۾ فوتين ۽ زخمين جو انگ تقريباً ٻن سون کي پهچي ويو.
ڪچنر جڏهن ڏٺو ته حملي آور وڏي خون خرابي کان پوءِ پٺتي ڌڪجي ويا آهن ۽ هو درويش فوج جي ڀيٽ ۾ اومدرمان شهر جي وڌيڪ ويجهو پهچي ويو آهي ته هن فوراً پنجن برگيڊن کي پنهنجي معمول واري ترتيب ۾ آڻي پنهنجي فوج جي کاٻي حصي کي درياء جي ڀر تي رکندي شهر ڏانهن مارچ شروع ڪيو. سندس ارادو هو ته ائين ڪري هو درويش فوج جي رهيل کهيل حصن کي پنهنجي گاديءَ جي هنڌ، مرڪز، کاڌي پيتي ۽ سندن گهرن کان ڪٽي انهن کي هر طرف کان وات کولي بيٺل ريگستان ڏانهن هڪلي ڇڏيندو. پر درويش ڪنهن به لحاظ کان شڪست نه کاڌي هئي. انهن جو سمورو کاٻو حصو جيئن ته پنهنجي هدف کان اڳتي وڌي ويو هو تنهنڪري اڃان ڪنهن فائر هيٺ آيو ئي نه هو. خليفي جي تقريباً پندرهن هزارن تي ٻڌل رزرو (Reserve) فوج به اڃان محفوظ هئي. ماڻهن جي انهن سڀني انبوهن هاڻي اڻموٽ همٿ ۽ بهادريءَ سان برطانوي ۽ مصري فوجين تي حملو ڪرڻ لاءِ پيشقدمي شروع ڪري ڏني. برطانوي ۽ مصري فوجون هاڻي تيار حالت ۾ نه هيون پر آزادي سان ريگستان مان مارچ ڪنديون ٿي ويون. اهو ٻيون ٽڪر پهرئين کان گهڻو وڌيڪ شديد هو. حملي آور درويش هر جاءِ تي مخالف سپاهين جي سو کان ٻه سو والن تائين ويجهو اچڻ جي ڪامياب ٿي ويا ۽ فوج جي آخري حصي واري سوڊاني برگيڊ تي ٻنهي طرفن کان ايترا ته شديد حملا ٿيا جو اها پنهنجي ڪمانڊر جنرل هيڪٽر ميڪڊونالڊ جي مهارت ۽ ثابت قدمي جي سبب ئي تباهي کان بچي وئي. بهرحال نظم و ضبط ۽ مشينري انتهائي بي جگري تي سوڀ ماڻي ورتي ۽ تمام وڏي خون خرابي ۽ ويهن هزارن کان وڌيڪ ماڻهو مارجي وڃڻ کان پوءِ درويشن جو سمورو لشڪر ٽڪرن ۽ ذرن ۾ ورهائجي ريگستان جي رڃ ۾ وهي ويو.
حفاظتي لوڙهي تي حملو ٿيڻ وقت مصري ڪيولري ۽ ڪيمل ڪور جي ساڄي پاسي جو دفاع ڪري رهيون هيون ۽ سموري فوج ۽ کاٻي طرف کان فقط ايڪويهين لانسرز وارا ئي واحد گهوڙيسوار جٿو هئا جيڪي اومدرمان جي سڀ کان ويجهو هئا. پهرئين حملي کي منهن ڏيڻ کان فوراً پوءِ اسان کي حڪم مليو ته لوڙهي مان نڪري اها پڪ ڪريون ته ڪچنر ۽ شهر جي وچ ۾ دشمن جي ڪا فوج ته نه بيٺي آهي. جيڪڏهن آهي ته ان کي پوئتي ڌڪي اڳتي وڌندڙ فوج لاءِ رستو صاف ڪريون. حقيقت اها آهي ته رجمينٽل آفيسر کي لڙائي جي سموري ميدان تي ٿيندڙ واقعن بابت ڪا گهڻي خبر نه هوندي آهي. اسين پهرئين حملي دوران درياء جي ڪپر تي پنهنجن گهوڙن جي ڀرسان مٿن کان سوساٽ ڪندڙ گولين کان نيل جي اڀڪپري ڪناري کي آڏ ڪيون بيٺا رهياسين. جيئن ئي فائر جو زور ختم ٿيڻ لڳو ۽ هر طرف کان اها ڳالهه ٻڌڻ ۾ اچڻ لڳي ته حملي آورن کي ڪاميابي سان پٺتي ڌڪيو ويو آهي ته هڪ جنرل پنهنجي اسٽاف سان گهوڙو ڊوڙائيندو اچي پهتو ۽ فوري حڪم ڏنائين ته گهوڙن تي چڙهي پيشقدمي شروع ڪئي وڃي. ٻن منٽن جي اندر فوج جا چار اسڪواڊرن گهوڙن تي چڙهي لوڙهي مان نڪري ڏکڻ طرف وڃي رهيا هئا. اسين وري جبل سرغام جي چاڙهين تي چڙهي وياسين جنهن ڪاروائي جي شروعاتي مرحلن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو هو ۽ جلد ئي انهيءَ جي ٽڪرين تان اومدرمان جو سمورو ميدان اسان جي نظرن جي سامهون اچي ويو ۽ ڇهه يا ست ميل پري شهر جون ڪچيون جايون ۽ منارا ۽ گنبذ اسان کي نظر اچڻ لڳا. ڪيترائي دفعا اڳتي وڌي وري بيهڻ ۽ آسپاس جو جائزو وٺي وري اڳتي وڌڻ کان پوءِ اسان فوجي دستن جي هڪ اڳتي وڌندڙ ڪالم جي شڪل اختيار ڪري ورتي. هڪ اسڪواڊرن ۾ چار دستا ۽ هڪ رجمينٽ ۾ چار اسڪواڊرن هوندا آهن. هاڻي اهي سڀئي دستا هڪٻئي جي پٺيان پئي هليا. آءُ پٺيان کان ٻئي دستي جي ڪمان ڪري رهيو هوس جنهن ۾ ويهن کان پنجويهن جي وچ ۾ لانسرز (Lancers) هئا.
سڀ ماڻهو اها توقع ڪيون ويٺا هئا ته اسين هاڻي ڪاهه ڪنداسين. قاهره مان نڪرڻ کان ئي سڀني جي ذهنن ۾ اهو خيال هو. هائو ڪاهه ٿيڻ ته يقيني ڳالهه هئي. انهن ڏينهن ۾ بوئر جنگ کان اڳ برطانوي ڪيولري کي ٻي ڪنهن ڳالهه جي مشڪل سان ڪا سکيا ملي هئي. هتي ڪاهه ڪرڻ جو سنئون سڌو موقعو موجود هو. پر اها ڪاهه دشمن جي ڪهڙي لشڪر تي، ڪهڙي ميدان تي ۽ ڪهڙي طرف کان ٿيندي يا انهيءَ جو مقصد ڪهڙو هوندو انهن ڳالهين بابت عام سپاهي کي ڪا به خبر نه هئي. اسين سخت واريءَ تي اڳتي وڌندا رهياسين. اسان جون نظرون رُڃ جي سبب بگڙيل منظر پيش ڪندڙ ميدان تي کُتل هيون ۽ دلين ۾ تمام گهڻو پر دٻيل جوش خروش موجود هو. مون کي اوچتو اسان جي پاسي تي ٽي سو وال پري، اسان جي قطار جي پور وڇوٽ تي نيرين ۽ ڪارين شين جي هڪ ڊگهي قطار نظر آئي جيڪي هڪ ٻئي کان ٻه يا ٽي وال پري هيون. مون سوچيو ته اهي ڏيڍ سو کن هونديون. پوءِ مون کي پڪ ٿي وئي ته اهي زمين تي پلٿي هڻي ويٺل دشمن جا ماڻهو هئا. تقريباً ساڳئي وقت بگل ’ڊگ‘ جو ساز وڄايو ۽ ڪيولري جي سموري ڪالم انهن ڄُڪي ويٺل ماڻهن جي سامهون جهڻڪار لائي ڏني.
اسين جنگ کان اڳ واري ماٺ ميٺ ۾ هئاسون ۽ هر طرف مڪمل خاموشي لڳي پئي هئي. اوچتو هر ڪاري نيري نشان مان دونهين جو اڇو ويڙهوٽو نڪري آيو ۽ بندوقن رائيفلن جي تيز ٺڪائن عجيب ماٺ کي ٽوڙي ڇڏيو. اهڙي نشاني کان ايتري فاصلي تي گسي وڃڻ ڏاڍو مشڪل هو ۽ سموري ڪالم ۾ هِتي هُتي گهوڙن وٺي ٽپا ڏنا ۽ ڪجهه ماڻهو هيٺ ڪري پيا.
انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اسان جي ڪرنل جا شروع ۾ ارادا هي هئا ته هن هاڻي درويشن جو جيڪو لشڪر ڏٺو هو انهيءَ جي پاسي کان ڦري انهن تي ڪنهن وڌيڪ فائدي واري هنڌ تان حملو ڪري. انهن جو لشڪر سندن رائيفل بردار ماڻهن جي پٺيان ڪجهه اڀريل زمين جي پٺيان لڪيل هو ۽ اسان کي نظر نه ٿي آيو. پر جڏهن فائر شروع ٿي ويو ۽ نقصان وڌڻ شروع ٿي ويو ته هن به لازماً کليل ميدان تي پنهنجي پيشقدمي جاري رکڻ کي مصلحت جي خلاف سمجهيو هوندو. وري بگل جي ذريعي نئون حڪم ملي ويو ۽ سورنهن ئي دستا ڦيرو کائي نيرن ڪارن رائيفل بردار ماڻهن ڏانهن وڌي آيا. انهيءَ کان فوراً پوءِ رجمينٽ گهوڙن کي چوتال ڊوڙائڻ شروع ڪيو ۽ ايڪويهين لانسرز وارا پهريون دفعو جنگ ۾ پنهنجي ڪاهه تي لٿا.
منهنجو مقصد آهي ته آءُ پاڻ کي پيش آيل واقعن ۽ مون جيڪو ڪجهه ڏٺو ۽ محسوس ڪيو. انهيءَ جو پورو پورو بيان ڏيان. مون لڙائي کان پوءِ هي ڳالهيون ذهن ۾ ايترو ته بار بار ورجايون آهن جو منهنجي ذهن ۾ انهن جو تاثر ايترو ئي صاف ۽ چٽو آهي جيترو اهو 25 سال اڳ هو. آءُ جنهن دستي جي ڪمان ڪري رهيو هوس اهو رجمينٽ جي ساڄي طرف کان ٻئي نمبر تي هو. آءُ هڪ سفيد سڻائي ۽ مضبوط پيرن واري عربي پولو گهوڙي تي سوار هوس. اسان پاران چوتال شروع ڪرڻ اڳ آفيسرن کي تلوارون هٿن ۾ هيون. مون پنهنجي ڪلهي جي سبب شروع کان ئي اهو فيصلو ڪري ڇڏيو هو ته مون کي جيڪڏهن ڪڏهن به آمهون سامهون وڙهڻو پئجي ويو ته آءُ تلوار نه پر پسٽل ڪم آڻيندس. مون لنڊن مان هڪ خودڪار مائوزر (Mausar) پسٽل خريد ڪيو هو. اهو تڏهن سڀ کان نئون ۽ سڀ کان جديد ڊزائين ۾ هو. مون انهيءَ هٿيار سان وڙهڻ جو پڪو پهه ڪري ڇڏيو هو. هاڻي مون کي سڀ کان اڳ پنهنجي تلوار کي مياڻ ۾ وجهڻو هو. گهوڙي کي چوتال ڊوڙائيندي اهو ڪم ڪو ايترو سولو نه هوندو آهي. پوءِ مون کي پنهنجو پسٽل ڪاٺ جي هولسٽر مان ڪڍي انهيءَ جو گهوڙو چاڙهڻو هو. انهيءَ ٻٽي ڪاروائي چڱو وقت ورتو ۽ انهيءَ جي پوري ٿيڻ تائين لڙائي جي مڪمل منظر تي منهنجي نظر نه وئي. باقي مون پنهنجي کاٻي طرف هڪ ٻه دفعا نگاهه وجهي ورتي ته جيئن ڏسان ته فائر جي نتيجي ۾ ڇا ٿي رهيو هو.
پوءِ مون پنهنجي بلڪل سامهون ۽ پولو جي گرائونڊ جي اڌ ڊيگهه جيترو پري ڄُڪيل نيرن ماڻهن جي قطار کي ڇتن وانگر فائر ڪندي ۽ اڇي دونهين ۾ ويڙهيل ڏٺو. منهنجي ساڄي ۽ کاٻي بيٺل دستن جا ليڊر سٺي سڌ ٺاهيون بيٺا هئا. بلڪل پٺيان نيزن جي هڪ نچندڙ ڊگهي قطار حملي لاءِ تيار بيٺي هئي. اسين خاصي تيز پر يڪسان رفتار سان وڃي رهيا هئاسين. ساڄي کاٻي طرف ۽ پنهنجي دستي تي اها نگاهه وجهڻ کان پوءِ مون وري دشمن ڏانهن ڏٺو. منظر اوچتو بلڪل بدليل نظر آيو. نيرا ڪارا ماڻهو اڃان فائر ڪري رهيا هئا پر هاڻي انهن جي پٺيان ڪجهه ويهجي ويل روڊ جهڙي هيٺاهين نظر اچي رهي هئي. اها ماڻهن سان سٿي ۽ ڀري پئي هئي جيڪي انهيءَ لڪ جي جاءِ مان هاڻي اڀا ٿي بيهي رهيا هئا ڄڻ ته ڪنهن جادوئي لٺ جي ذريعي سفيد جهنڊا به ظاهر ٿي ويا ۽ دشمن جي ميڙ منجهان ۽ ان جي آسپاس گهوڙن تي سوار امير به مون کي ايندي ڏسڻ ۾ اچڻ لڳا. درويشن جون لڳو ٿي ته هڪٻئي پٺيان ڏهه يا جتي اهي تمام گهڻا هئا اتي ٻارنهن قطارون هيون. سڪل واٽر ڪورس ۾ بيٺل ماڻهن جو اهو وڏو اڇو ميڙ سج تي چمڪندڙ تلوارن جي سبب تجلا ڏئي رهيو هو. مون ساڳئي اک ڇنڀ ۾ اهو به ڏسي ورتو ته اسان جو ساڄو حصو انهن جي کاٻي حصي جي مٿان پئجي رهيو هو ۽ منهنجو دستو انهن جي صفن جي بلڪل ڪنارن تي حملو ڪندو. منهنجي ساڄي پاسي تي ستين حصارز وارو منهنجو سبالٽرن دوست ورمالڊ (Wormald) به ساڳئي صورتحال ڏسي سگهيو ٿي، تنهنڪري اسان ٻنهي پنهنجي اسپيڊ وڌائي ڇڏي ۽ سنهي چنڊ جي چوٽين وانگر اندر پلٽو کاڌوسين. تڏهن مون پاران بيان ڪيل انهن ضروري ڪمن ڪرڻ کان سواءِ ڊڄڻ يا ٻيو ڪجهه سوچڻ جيترو وقت ئي نه هو. اهي ئي ڪم ذهن ۽ حواسن تي مڪمل طور حاوي لڳا پيا هئا.
هاڻي ٻنهي فوجن جي ٽڪراءَ جو وقت بلڪل ويجهو اچي ويو هو. مون کي پنهنجي بلڪل سامهون ڏهن والن کان به گهٽ فاصلي تي منهنجي رستي ۾ ٻه نيرا ماڻهو ويٺل نظر آيا. انهن جي وچ ۾ شايد ٻن والن جيتري وٿي هئي. آءُ انهن ٻنهي جي وچان گهوڙو ڊوڙائي ويس. انهن ٻنهي فائر ڪيو. آءُ دونهين مان اڳتي ڌوڪيندو ويس. اها خبر هئم ته مون کي ڪو به زخم نه رسيو آهي. منهنجي بلڪل پٺيان وارو گهوڙيسوار بلڪل انهيءَ هنڌ ۽ انهيءَ وقت مارجي ويو. باقي مون کي اها خبر نه آهي ته هو انهن جي گولين سان مئو يا انهيءَ جو ٻيو ڪو سبب هو. مون پنهنجي گهوڙي جون واڳون ڇڪي ورتيون جو اڳتي ڪچي زمين سندس سنبن هيٺان نڪرندي ٿي وئي. اهو سياڻو جانور چار يا پنج فوٽ هيٺ واٽر ڪورس جي وارياسي پيٽ تي ٻليءَ وانگر وڃي ڪريو ۽ مون پاڻ کي انهيءَ وارياسي پيٽ ۾ درجنين ماڻهن جي گهيري ۾ آيل ڏٺو. اهي انهيءَ مرحلي تي هڪٻئي جي ايترا ويجها نه هئا جو آءُ سمجهان ته انهن سان حقيقي معنيٰ ۾ ڪو دوبدو مقابلو ٿيندو. منهنجي کاٻي طرف هڪ ڇڏي ٻئي نمبر تي گرين فيل جو دستو بلڪل اڳتي وڌي نه سگهيو ۽ ان جو تمام شديد نقصان ٿيو جڏهن ته اسين اڳتي ڌوڪيندا اهڙي طرح پنهنجو رستو ٺاهيندا وياسين جيئن گهوڙيسوار پوليس وارا ڪنهن ميڙ کي ڇڙوڇڙ ڪندي نظر ايندا آهن. جيترو وقت اها ڳالهه ٻڌائڻ ۾ لڳي ٿو منهنجو گهوڙو انهيءَ کان به گهٽ وقت ۾ رڙهي سڙهي کڏ جي ٻئي پاسي چڙهي ويو. مون پنهنجي چوطرف نظر وڌي.
آءُ هڪ دفعو وري پڪي ۽ خشڪ ريگستان تي هوس ۽ منهنجو گهوڙو ڊگ هلي رهيو هو. مون کي ائين لڳو ڄڻ ته ڇڙوڇڙ درويش هر طرف هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙي رهيا هجن. منهنجي بلڪل سامهون هڪ ماڻهو پاڻ کي پٽ تي کڻي ڪيرايو. پڙهندڙن کي اها ڳالهه ضرور ياد هوندي ته منهنجي تربيت هڪ ڪيولري جي سپاهي طور ٿي آهي ۽ منهنجي ذهن ۾ اها ڳالهه ويٺل هئي ته جڏهن به ڪيولري وارا انفنٽري ۾ ڪاهي پوندا ته انفنٽري وارا ڪيولري وارن جي رحم ڪرم تي هوندا. تنهنڪري منهنجي ذهن ۾ پهريون خيال اهو آيو ته اهو ماڻهو خوف ۾ ورتل آهي. پر عين انهيءَ لمحي مون کي سندس تلوار جو چمڪو نظر آيو جو هن اها منهنجي گهوڙي جون کچون ڪٽڻ لاءِ اُڀي ٿي ڪئي. مون وٽ ايترو وقت به هو ۽ جاءِ به هئي جو آءُ پنهنجي گهوڙي کي سندس پهچ کان ٻاهر ڪڍي ويس. ٻئي پاسي ڏانهن ڍُرڪندي مون ان تي تقريباً ٽن والن کان ٻه فائر ڪيا. آءُ جيئن پنهنجي هني تي سڌو ٿي ويٺس ته مون پنهنجي سامهون هڪ ٻيو ماڻهو تلوار اڀي ڪيون بيٺل ڏٺو مون پنهنجو پسٽل سڌو ڪري فائر ڪيو. اسين هڪٻئي جي ايترو ته ويجهو هئاسين جو خود پسٽل هن کي لڳو. ماڻهو ۽ تلوار هيٺ ۽ منهنجي پٺيان غائب ٿي ويا. منهنجي کاٻي طرف ڏهه وال پري هڪ عرب گهوڙيسوار هڪ تيز رنگ صدري، لوهي ٽوپلو ۽ زره بڪتر پهريو بيٺو هو. مون انهيءَ تي فائر ڪيو. هو هڪ پاسي ٿي ويو. مون پنهنجي گهوڙي کي آهستي هلائي ڇڏيو ۽ وري چوطرف نظر وڌي.
هڪ لحاظ کان ڪيولري جي ڪاهه زندگيءَ جي ڪنهن بلڪل عام راوجي ڳالهه وانگر هوندي آهي. توهان جيستائين بلڪل ٺيڪ ٺاڪ آهيو، پنهنجي هني تي ڄميا ويٺا آهيو، گهوڙي جون واڳون توهان جي هٿن ۾ آهن ۽ توهان چڱي طرح هٿياربند آهيو ته ڪيترائي دشمن توهان کان پاسو ڪندا. پر جيئن ئي توهان کان رڪاب ڇڏائجي وئي، رين ڪٽجي وئي، هٿيار هيٺ ڪري پيو، يا توهان پاڻ يا توهان جو گهوڙو زخمي ٿي پيو ته انهيءَ وقت هر طرف کان دشمن توهان ڏانهن ڌوڪيندا ايندا. منهنجي بلڪل کاٻي طرف وارن دستن ۾ منهنجن ڪيترن ئي دوستن جو اهو حشر ٿيو. انهن کي دشمن جي ميڙ ۾ چُرڻ پُرڻ جي جاءِ ئي نه ملي ۽ اهي هڪ جاءِ تي بيهجي ويا. هر طرف کان وٺ وٺان ٿي وين، نيزن ۽ تلوارن سان وارو وار ٿي وين ۽ آپي کان نڪتل دشمن انهن کي گهوڙن تان ڇڪي لاهي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو. پر آءُ انهيءَ وقت اها ڳالهه ڏسي يا محسوس نه ڪري سگهيو هوس. منهنجي تاثرات تي خونا خوني هلندي ٿي آئي. آءُ سمجهي رهيو هوس ته صورتحال اسان جي ڪنٽرول ۾ آهي ۽ اسين دشمن کي سنبن هيٺان لتاڙيندا، انهن کي ڇڙوڇڙ ڪندا ۽ ماريندا پيا وڃون. مون پنهنجي گهوڙي جون واڳون ڇڪيون ۽ پنهنجي چوطرف ڏٺو منهنجي کاٻي طرف چاليهه يا پنجاهه ميل پري درويشن جو هڪ ميڙ بيٺو هو. اهي هڪٻئي سان گڏيا ۽ پنهنجي دفاع لاءِ مُچي ڪيون بيٺا هئا. اهي جوش ۾ چريا نظر اچي رهيا ۽ پنهنجا نيزا هيٺ مٿي ڪندي پيرن تي نچي رهيا هئا. سمورو منظر باهه جي ڄڀيءَ وانگر ڄرڪي رهيو هو. منهنجي ذهن ۾ هڪ تاثر موجود آهي پر اهو ايترو ته سرسري آهي جو انهيءَ کي لفظن ۾ بيان نه ٿو ڪري سگهجي ته خاڪي ڪپڙا پهريل لانسرز هِتي هُتي انهيءَ انبوهه ۾ گڏيا سڏيا پيا آهن. منهنجي بلڪل آسپاس ٽڙيل پکڙيل ماڻهن مون کي تنگ ڪرڻ جي ڪا به ڪوشش نه ڪئي. منهنجو دوست ڪٿي هو؟ اسڪواڊرن جا ٻيا دستا ڪٿي هئا؟ مون کي پنهنجي هڪ سو والن جي اندر ڪو به سپاهي يا آفيسر نظر نه ٿي آيو. مون وري درويشن جي ميڙ تي نظر وڌي. مون کي انهيءَ جي ڪناري تان ٻه يا ٽي ڄُڪي ويٺل رائيفل بردار پنهنجين رائيفلن سان منهنجو نشانو وٺندي نظر آيا. تڏهن انهيءَ صبح جو پهريون دفعو منهنجي ذهن ۾ آيو ته اهي رائيفل بردار مون کي ڌڪ هڻندا ۽ ٻيا مون کي بگهڙن وانگر هڙپ ڪري ڇڏيندا. آءُ ڪيترو نه بيوقوف هوس جو دشمن جي وچ ۾ ائين رُلي رهيو هوس. مون هني تي جهڪي گهوڙي کي اڙي هنئي ۽ انهيءَ جنگاڻ مان ٻاهر نڪري آيس. مون پنهنجو دستو ٻه يا ٽي وال پري ۽ ڪنهن حد تائين صفن ۾ بيٺل نظر اچي ويو.
اسڪواڊرن جا باقي ٽي دستا ويجهو ئي بيٺا نئين ترتيب ۾ اچي رهيا هئا. اوچتو دستي جي وچ ۾ هڪ درويش نڪري نروار ٿيو. مون کي خبر نه آهي ته هو اتي ڪيئن پهتو هو. هو ضرور ڪنهن وڻ ٻوٽي يا ڪنهن ٻرڙ مان ٽپي آيو هوندو. سڀئي سپاهي پنهنجا نيزا اڀا ڪري هن ڏانهن وڌيا پر هو هيڏانهن هوڏانهن گهتون هڻڻ لڳو جنهن ڪري ڪجهه دير لاءِ هلچل ۽ وٺ وٺان ٿي وئي. انهيءَ ۾ هن کي ڪيترائي زخم به آيا پر پوءِ به هو پنهنجو نيزو اڀو ڪيون ٿڙندو ٿاٻڙندو مون ڏانهن وڌيو. مون هن تي هڪ وال کان به گهٽ فاصلي تان فائر ڪيو. هو واريءَ تي ڪري پيو ۽ اتي ئي مري ويو. ماڻهو مارڻ ڪيترو نه سولو ڪم آهي. پر مون کي انهي بابت ڪا به پريشاني نه هئي. مون پنهنجي مائوزر پسٽل جي ميگزين ۾ پيل سڀئي گوليون فائر ڪري ڇڏيون هيون تنهنڪري مون ڪنهن به شي بابت سوچڻ کان اڳ ڏهن گولين جي نئين ڪلپ پسٽل ۾ وڌي.
منهنجي ذهن تي اڃان به اهو خيال حاوي هو ته اسان دشمن جو وڏو ڪوس ڪيو آهي ۽ اسان جو پنهنجو مشڪل سان ئي ڪو نقصان ٿيو آهي. منهنجي دستي مان ٽي يا چار ماڻهو گم هئا. ڇهن سپاهين ۽ نون يا ڏهن گهوڙن کي نيزن يا تلوارن جا زخم آيل هئا جن مان رت وهي رهي هئي. اسان سڀني کي اميد هئي ته اسان کي فوراً وري ڪاهه ڪرڻ جو حڪم ملندو. سپاهي جيتوڻيڪ تيار هئا پر اهي سڀئي ڪجهه ڳنڀير ڏسڻ ۾ پئي آيا. ڪيترن ئي چيو ته انهن کي پنهنجا نيزا اڇلائي تلوارون ڪڍڻ جي موڪل ڏني وڃي. مون پنهنجي سيڪنڊ سارجنٽ کان پڇيو ته ڪيئن کيس مزو آيو. جنهن تي هن جواب ڏنو ته: ”سائين آءُ ائين ته نه چوندس ته مون کي انهيءَ مان مزو آيو آهي پر منهنجو خيال آهي ته آءُ ٻئي دفعي انهيءَ ڪم سان اڃان وڌيڪ هري ويندس.“ انهيءَ تي سمورو دستو کلڻ لڳو.
پر هاڻي دشمن جي طرف کان تمام خوفناڪ ۽ ڀوائتيون تصويرون اچڻ لڳيون: ٽن ٽنگن تي گهلجندڙ رت ڳاڙيندڙ گهوڙا، ڪرندا ڊهندا سپاهي، خطرناڪ زخمن مان رت وهائيندڙ ماڻهو، مڇي ڦاسائڻ جي ڪنڊي جهڙا نيزا لڳل، ٻانهون ۽ منهن چچريل ته ڪنهن جا آنڊا پيٽ کان ٻاهر لڙڪندڙ. ماڻهن جا لُڪي ۾ ساهه هئا ۽ آهون ڪندا وٽبا سٽبا مرندا ٿي ويا. اسان جو پهريون ڪم انهن کي امداد پهچائڻ هو. انهيءَ دوران اسان جي ليڊرن جي رت به ٿڌي ٿي وئي. انهن جي ذهن ۾ پهريون دفعو اها ڳالهه آئي ته اسان وٽ ڪاربائينون به هيون. اڃان هر ڳالهه وڏي مونجهاري ۾ لڳي پئي هئي. پر بگل وڄي ويا ۽ وڏي آواز ۾ حڪم ملي ويا ۽ اسين سڀئي گهوڙن کي ڊگ هلائيندا دشمن جي پاسي ڏانهن هلي پياسين. اسين جڏهن اهڙي جاءِ تي پهتاسين جتان واٽر ڪورس تي گولين جو مينهن وسائي اتي موجود ماڻهن جو صفايو ڪري سگهجي ته اتي ٻه اسڪواڊرن گهوڙن تان لهي پيا ۽ انهن جو ٽي سو والن تان فائر لائي ڏنو ته درويش ڪجهه منٽن جي اندر پٺيان پير ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا. تنهنڪري ميدان اسان جي قبضي ۾ رهيو. اسان جي ڪاهه شروع ٿيڻ جي ويهه منٽن جي اندر اسين انهيءَ ساڳئي واٽر ڪورس ۾ ويٺا نيرن ڪري رهيا هئاسين جيڪو لڳ ڀڳ ته اچي اسان جي شڪست ۽ تباهي جو سبب ٿيو هو. درويش پنهنجا زخمي ماڻهو کڻي ويا هئا ۽ زمين تي دشمن جا فقط ٽيهه يا چاليهه لاش نظر اچي رهيا هئا. انهن ۾ ويهن کان مٿي لانسرز جا لاش به پيا هئا جن کي ايترا ته ڌڪ لڳل هئا ۽ اهي ايترا ته چچريا پيا هئا جو انهن مان گهڻا سڃاڻپ کان ئي ٻاهر هئا. مجموعي طور 310 آفيسرن ۽ سپاهين مان رجمينٽ ٻن يا ٽن منٽن جي عرصي ۾ پنج آفيسر ۽ پنجهٺ سپاهي مارائي يا زخمي ڪرائي وڌا هئا ۽ رجمينٽ وٽ موجود گهوڙن جي تقريباً چوٿين حصي جيترا يعني 120 گهوڙا به مئا يا زخمي ٿيا هئا.
انهيءَ مشهور واقعي ۾ مون کي اهو ڀاڳ پلئه پيو. اهو ڏاڍو ورلي ٿيندو آهي ته ڪيولري ۽ انفنٽري جڏهن اڃان ڪنهن نقصان کان آجون هجن ۽ ڪنهن ٽڪراء جي نتيجي ۾ هڪٻئي ۾ گڏجي سڏجي وڃن يا ته انفنٽري پنهنجا مٿا کنيو بيٺي هوندي آهي ۽ ڪيولري کي ڪرائيندي ويندي آهي يا ته اهي وڳوڙ جو شڪار ٿي ويندا آهن ۽ ڀاڄ وقت تلوارن ۽ نيزن جي زد ۾ اچي ويندا آهن. پر اومدرمان وٽ واٽر ڪورس ۾ ايڪويهين لانسرز سان آمهون سامهون ٿيندڙ ٻه يا ٽي هزار درويش نه ئي لڙائي جي دٻاء سبب همٿ هاري ويٺا نه ئي ڪيولري کان ڊڄي ويا. انهن جو فائر اهڙو ڪارگر ته نه هو جو اهو ڪاهه کي روڪي سگهي. پر انهيءَ ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته اهي حبشه (Abyssinia) سان جنگ ۾ ڪيترائي دفعا گهوڙيسوارن کي منهن ڏئي چڪا هئا انهن کي خبر هئي ته گهوڙن جي ڪاهه سان ڪهڙيون مشڪلاتون درپيش اينديون آهن. هيءُ اهڙي قسم جي لڙائي هئي جنهن کان اهي مڪمل طور واقف هئا ۽ لڙائي به هڪجهڙن هٿيارن سان ٿي رهي هئي ڇاڪاڻ ته برطانوي به قديم دور وانگر تلوارن ۽ نيزن سان وڙهيا هئا.

* * * *

هڪ سفيد توپ بردار ٻيڙي اسان جي پهرئين پيشقدمي ڏسندي، ڪنهن قسم جي مدد ڏيڻ جي اميد ۾ تڙ تڪڙ ۾ درياء ۾ مٿي هلي آئي هئي. انهيءَ جي ڪمانڊر بيٽي (Beatty) انهيءَ جي ديدبان مان سموري واقعي جو ڏاڍي دلچسپي سان مشاهدو ڪيو هو. ڪيترا سال پوءِ منهنجي انهيءَ آفيسر سان ملاقات ٿي ۽ خبر پئي ته هن اسان کي گهوڙا چوتال ڊوڙائيندي ڏٺو هو. اسان جي جڏهن ملاقات ٿي ته آءُ فرسٽ لارڊ آف دي ايڊمرلٽي هوس ۽ هو رائيفل نيوي ۾ سڀ کان ننڍي عمر وارو ايڊمرل هو. ”اهو منظر ڪيئن ٿي لڳو؟“ مون هن کان پڇيو ”تنهنجي ذهن تي سڀ کان حاوي تاثر ڪهڙو هو؟“ ايڊمرل بيٽي چيو ته: ”اهو ڪشمڪش ۽ مائي مان ٺهيل کيرڻيءَ وانگر ٿي لڳو: ڀوري ڪشمڪش جا داڻا تمام گهڻي گيهه ۾ ٽڙيا پکڙيا پيا هئا“. انهيءَ اثرائتي پر ڪجهه قدر سادي بيان سان انهيءَ مهم بابت منهنجي روداد مناسب نموني پڄاڻي تي پهچي سگهي ٿي.


________________
[7] انهيءَ نالي سان فرانس ۾ هڪ شهر آهي جنهن جي گرجا گهر ۾ اهو 69 ميٽر ڊگهو يارهين صديءَ جو ڀرت ڀريل ڪپڙو ٽنگيل هو. انهيءَ تي 1066ع ۾ ايگلينڊ تي نارمنن جي فتح جا منظر چٽيل آهن. روايت آهي ته اهو وليم فاتح جي زال مٽلڊا ٺاهيو هو. (سنڌيڪار)

باب سورهون: آرميءَ کي الوداع I leave the Army

درويش فوج کي جيئن ته مڪمل طور شڪست ۽ تباهي کي منهن ڏيڻو پيو هو تنهنڪري گهٽ خرچائو ڪچنر به برطانوي ڪيولريءَ رجمينٽ جي مهانگين خدمتن کان فوري طور جان ڇڏائڻ جي قابل ٿي ويو. ايڪويهين لانسرز وارن لڙائي ختم ٿيڻ کان ٽي ڏينهن پوءِ اتر طرف وطن ڏانهن پنهنجو مارچ شروع ڪيو. مون کي نيل ۾ گرينيڊيئر گارڊس کي کڻي ويندڙ وڏين سڙهه وارين ٻيڙين ۾ سفر ڪرڻ جي اجازت ملي وئي. قاهره ۾ مون کي ڊڪ مولينيڪس ملي ويو. هو بليوز (The Blues) ۾ سبالٽرن هو ۽ مون وانگر ايڪويهين لانسرز ۾ اٽيچ ڪيو ويو هو. هن کي ساڄي ٻانهن جي ويڻي مٿان تلوار جو ڏاڍو شديد زخم آيو هو. انهيءَ سان سندس سڀ مشقون ڪٽجي ويون هيون ۽ مجبوراً کيس پنهنجي روالور مان هٿ ڪڍڻا پيا هئا. ساڳئي وقت سندس گهوڙي کي تمام ويجهي فاصلي کان گولي لڳي وئي. کيس سندس هڪ سپاهي وڏي دليريءَ جو مظاهرو ڪندي بچائي ورتو هو نه ته سندس موت يقيني هو. هو هاڻي اسپتال جي هڪ نرس جي نگرانيءَ ۾ انگلينڊ پئي ويو. مون هن سان گڏ رهڻ جو فيصلو ڪيو. اسين ڳالهين ۾ ئي هئاسون ته ڊاڪٽر سندس زخم تي ملم پٽي ڪرڻ آيو. زخم ڏاڍو خطرناڪ هو ۽ ڊاڪٽر کي اها ڳڻتي هئي ته جيترو جلدي ٿي سگهي انهيءَ تي ٻي کل جو ٽڪرو چاڙهيو وڃي. هن دٻيل آواز ۾ نرس کي ڪجهه چيو جنهن تي هن پنهنجي ٻانهن تان ڪپڙو پري ڪيو. پوءِ هو هڪ ڪنڊ ڏانهن ويا جتي ڊاڪٽر نرس جي ٻانهن تان هڪ ٽڪرو ڪٽڻ لڳو جئين اهو مولينيڪس جي زخم تي لڳي سگهي. نرس ويچاري ته ڊپ ۾ اڇي ٿي وئي. انهيءَ تي ڊاڪٽر مون ڏانهن منهن ڪيو. هو وڏي هڏ ڪاٺ وارو آئرستاني هو ۽ پنهنجي مخصوص لهجي ۾ چوڻ لڳو ته: ’مون کي اهو تو تان کڻڻو پوندو.‘ بچڻ جي ڪا واٽ ئي نه هئي ۽ آءُ جڏهن پنهنجو ڪف مٿي کنجي رهيو هوس ته ڏاڍي نرميءَ سان چيائين: ’ڪڏهن جيئري ماڻهو جي کل لهندي ٻڌي اٿئي؟ هن ڪم ۾ ائين ئي محسوس ٿيندو آهي.‘ هاڻي هن منهنجي ٻانهن جي اندرئين حصي مان هڪ شلنگ جي ماپ جيترو کل جو ٽڪرو ٿوري گوشت سميت ڪٽڻ شروع ڪيو. هو جيئن بليد کي آهستي آهستي اڳتي پوئتي ڪري رهيو هو ته منهنجا احساس بلڪل اهڙا ئي هئا جهڙي هن ڳالهه ٻڌائي هئي. بهرحال آءُ دل پڪي ڪري بيٺو رهيس ۽ هن کل جو هڪ سهڻو ٽڪرو گوشت جي سنهي ٽڪري سميت ڪٽي ورتو. اهو قيمتي ٽڪرو پوءِ منهنجي دوست جي زخم تي هنيو ويو. اهو اڄ ڏينهن تائين اتي ئي لڳو پيو آهي ۽ کيس ڪيترين ئي ڳالهين ۾ وڏو فائدو ڏنو اٿائين ۽ آءُ وري پنهنجي ڦٽ جي نشان کي يادگار طور سنڀاليون ويٺو آهيان.
منهنجا پيءُ ماءُ سدائين لنڊن واري دنيا جي مرڪز ۽ چوٽي جي ويجهو رهيا هئا ۽ چڱي حد تائين هر شي حاصل هين. پر اهي ڪڏهن به وڏا امير نه رهيا هئا. ڪجهه بچت جي ته ڳالهه ئي نه ڪجي. پر انهن جيڪا تمام سرگرم خانگي ۽ عوامي زندگي گذاري انهيءَ جي سبب قرض ۽ ٻيون زير باريون به باقاعدگي سان وڌنديون ويون. منهنجي پيءُ 1891ع ۾ ڏکڻ آفريقا ڏانهن جيڪو سفر ڪيو انهيءَ ۾ هن بهرحال تمام قيمتي سون جي کاڻين واري ايراضي ۾ حصو خريد ڪري ورتو هو ۽ ٻين ملڪيتن سان گڏ رانڊ (Rand) جي کاڻين ۾ پنج هزار شيئر به خريد ڪيا هئا. سندس زندگي جي آخري سال ۾ ته مارڪيٽ ۾ انهن جي حصن جي قيمت تقريباً روزانو وڌندي هئي ۽ سندس وفات وقت انهن جي قيمت اصل قيمت کان تقريباً ويهوڻ تي پهچي وئي هئي. جلد ئي انهيءَ قيمت تي پنجاهوڻ يا سٺهوڻ تي اضافو ٿي ويو ۽ هو جيڪڏهن ٻيو سال به زنده هجي ها ته چڱي خاصي وڏي دولت جو مالڪ هجي ها. انهن ڏينهن ۾ جڏهن ڪي قابل ذڪر ٽيڪسون به نه هونديون هيون ۽ پئسي جي قوت خريد به هاڻوڪي کان گهٽ ۾ گهٽ ٻيڻي هئي تڏهن اڍائي لک پائونڊن جي رقم کي به وڏي دولت سمجهيو ويندو هو. پر هن اهڙي وقت هيءُ جهان ڇڏيو جڏهن سندس نئين دولت سندس قرضن جي لڳ ڀڳ برابر اچي ٿي هئي. اهي شيئرز وڪرو ڪرڻ کان پوءِ جڏهن هر ڳالهه اطمينان بخش طريقي سان طي ٿي وئي ته منهنجي ماءُ وٽ فقط اها جائداد باقي بچي جيڪا کيس شاديءَ ۾ ملي هئي. اها به بهرحال سک آرام ۽ خوشيءَ لاءِ بلڪل ڪافي هئي.
مون کي اهو ڏاڍو فڪر هو ته آءُ ڪنهن به طرح مٿس بار نه ٿيان. فوجي مهمن ۽ پولو ٽورنامينٽن جي سرگرمين ۽ تفريحن دوران به آءُ پنهنجي فوجي زندگيءَ جي مالياتي رُخ بابت سوچ ويچار ڪندو رهيس. منهنجو پنج سو پائونڊ ساليانو وارو الائونس منهنجي پولو ۽ رجمينٽ جي خرچن لاءِ ڪافي نه هو. منهنجو مالي خسارو سال بسال بيرحمي سان وڌندو پئي ويو ۽ منهنجي انهيءَ تي به نظر هوندي هئي. اهو جيتوڻيڪ ايترو گهڻو ته نه هو پر بهرحال خسارو ته هو. مون هاڻي اهو محسوس ڪري ورتو ته مون کي جنهن واحد پيشي جي سکيا ملي آهي انهيءَ مان مون کي ايترو پئسو به نه ملندو جو آءُ قرض کڻڻ کان بچي سگهان. گهران ملندڙ الائونس نه وٺڻ ۽ جيئن منهنجي خواهش هئي ته آءُ مڪمل طور خودمختيار هجان اها ته ڳالهه ئي پنهنجي هنڌ رهي. پنهنجي زندگي جا تمام قيمتي سال ڏئي چوڏهن شلنگ روزاني واري نوڪري تي پهچڻ جنهن مان ٻن گهوڙن جي سار سنڀال ۽ تمام قيمتي وردين جو خرچ به ڪڍڻو پوي سا ڳالهه ڪو معقول ڪم نظر نه ٿي آئي. چند وڌيڪ سال فوجي نوڪري جاري رکڻ سان آءُ ۽ مون سان لاڳاپيل سڀ ماڻهو مشڪلات ۾ پئجي ويندا. ٻئي طرف وري مون جيڪي به ڪتاب لکيا هئا ۽ ڊيلي ٽيليگراف ڏانهن جيڪي خط موڪليا هئا انهن مان ئي مون کي ملڪه لاءِ محنت ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته پاڻ کي خطري ۾ وجهي ٽن سالن جي نوڪري جي پگهار کان تقريباً پنجوڻ تي آمدني ٿي هئي. ملڪه تي پارليامينٽ طرفان ايتريون ته مالي پابنديون هيون جو هوء ته مون کي گذاري لائق پگهار به نه ٿي ڏئي سگهي. تنهن ڪري مون ڏاڍي افسوس سان اهو فيصلو ڪري ڇڏيو ته آءُ بنا دير سندس نوڪري ڇڏي ڏيان. مون اومدرمان جي لڙائي بابت مارننگ پوسٽ لاءِ جيڪو خطن جو سلسلو لکيو هو انهن تي جيتوڻيڪ منهنجو نالو به پيل نه هو ته به انهن مان مون کي ٽي سو پائونڊن کان وڌيڪ آمدني ٿي هئي. منهنجي ماءُ سان گڏ رهڻ سان منهنجا خرچ به گهٽ ٿيندا ۽ مون کي اميد هئي ته مون کي سوڊان مهم بابت پنهنجي نئين ڪتاب (مون انهيءَ تي The River War نالو رکڻ جو فيصلو ڪيو هو) مان ايتري آمدني ٿي ويندي جيڪا منهنجي جيب خرچ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ٻن سالن لاءِ ڪافي هوندي. انهيءَ کان سواءِ مون وٽ پئائنيئر وارن سان به هڪ معاهدو غور هيٺ هو جنهن تحت مون کي ٽي پائونڊ في خط جي حساب سان لنڊن مان هفتيوار خط لکڻا هئا. مون پوءِ جي زندگيءَ ۾ انهيءَ رقم ۾ بهتري آندي آهي پر انهيءَ وقت مون سوچيو ته اها رقم سبالٽرن آفيسرن طور منهنجي پگهار جي تقريباً برابر آهي.
تنهنڪري مون سال 1899ع جي هن طرح رٿا بندي ڪئي: انڊيا واپس وڃان ۽ پولو ٽورنامينٽ کٽيان؛ ڪاغذ مٿي موڪليان ۽ آرمي کي الوداع چوان؛ پنهنجي ماءُ کي مون کي الائونس ڏيڻ کان آزاد ڪريان؛ پنهنجو نئون ڪتاب ۽ پئائنيئر کي خط لکان؛ ۽ پارليامينٽ ۾ وڃڻ جي ڪنهن موقعي جي ڳولها ڪريان. جيئن اڳتي هلي ڏسڻ ۾ ايندو ته اهي رٿائون چڱي حد تائين عملي صورت ۾ آيون. حقيقت اها آهي ته انهيءَ سال کان وٺي سن 1919ع تائين منهنجو دارومدار مڪمل طور پنهنجي محنت سان ڪمايل آمدني تي رهيو. انهيءَ سال مون کي پنهنجي گهڻو وقت اڳ گذاري ويل پڙ ڏاڏي فرانسس اين کان غير متوقع طور تمام قيمتي ملڪيت ورثي ۾ ملي. انهن ويهن سالن دوران آءُ پاڻ کي ۽ پوءِ پنهنجي ڪٽنب کي به اهڙي طرح هلائيندو آيس جو اسان وٽ صحت توڙي تفريح لاءِ ضروري گهربل ڪنهن به شي جي ڪا به کوٽ نه هوندي هئي. مون کي انهيءَ تي فخر آهي ۽ پنهنجي پٽ ۽ پنهنجي سڀني ٻارن آڏو به پنهنجو مثال پيش ڪندو آهيان.

* * * * *

مون نومبر جي آخر ۾ انڊيا ڏانهن واپسي جو فيصلو ڪيو جيئن فيبروري جي آخر ۾ پولو ٽورنامينٽ جي تياري ڪري سگهان. انهيءَ وچ واري عرصي ۾ مون وطن ۾ پنهنجي ڏاڍي خاطر تواضع ٿيندي ڏٺي. مارننگ پوسٽ ۾ منهنجا خط وڏي ڌيان سان پڙهيا ويا هئا. ماڻهن انهيءَ مهم، اومدرمان ۽ سڀ کان وڌيڪ ڪيولري جي ڪاهه بابت ڳالهيون ٻڌڻ ٿي گهريون. آءُ پاڻ گهڻو ڪري ڪنهن ڊنر ٽيبل تي يا ڪلبن يا نيو مارڪيٽ ۾ ويٺل ڏسندو هوس. آءُ انهن ڏينهن ۾ نيو مارڪيٽ گهڻو ويندو هوس جيڪو منهنجون ڳالهيون ٻڌندڙن ۽ مون کان پڇائون ڪندڙ قدردان حلقن جو مرڪز هوندو هو. اهي ماڻهو مون کان عمر ۾ به گهڻا وڏا هوندا هئا. اهڙين جاين تي نوجوان عورتون به موجود هونديون هيون جيڪي منهنجين ڳالهين ۽ معاملن ۾ ڪجهه دلچسپي وٺنديون هيون. تنهنڪري اهي هفتا وڻندڙ نموني گذري ويا.
انهيءَ ئي وقت آءُ پارليامينٽ جي نون ڪنزرويٽو ميمبرن جي هڪ گروپ سان مليس. انهن سان اڳتي هلي منهنجو گهڻو تعلق رهيو. مسٽر آئن ميلڪوم مون کي لنچ تي دعوت ڏني جتي ٻين مهمانن ۾ لارڊ هيو سيسل، لارڊ پرسي ۽ لارڊ بلڪاريز (Balcarres) شامل هئا. اهي ڪنزرويٽو پارٽي جا اڀرندڙ سياستدان هئا. انهيءَ کان پوءِ ٻيون به ڪيتريون ئي پارليامينٽون چونڊجي آيون آهن پر ڪنهن ۾ به اهڙا طاقتور ۽ اهڙا ناميارا ماڻهو ايتري تعداد ۾ گڏ نه آيا آهن. اهي منهنجين سرگرمين بابت پڙهي چڪا هئا ۽ منهنجي پيءُ کي به موت کان پوءِ جيڪا عزت ۽ وقار مليو هو انهيءَ ڪري اهي سڀئي مون سان ملاقات جا خواهشمند هئا. فطري طور آءُ به پنهنجون صلاحيتون ڏيکارڻ لاءِ بلڪل تيار هوس جو مون کان عمر ۾ ٻه ٻه ٽي ٽي سال وڏين انهن نوجوانن جي موجودگيءَ ۾ منهنجي دل ۾ به ڪجهه رقابت ۽ ريس جا جذبا پيدا ٿي رهيا هئا جو اهي سڀئي وڏن خاندانن جا ٻار هئا، سڀني آڪسفورڊ يا ڪئمبرج جا امتحان امتيازي حيثيت سان پاس ڪيا هئا ۽ سڀني کي پنهنجا محفوظ ٽوري چونڊ حلقا هئا. حقيقت ۾ ته آءُ پاڻ کي پتل جي ٿانون ۾ هڪ ٺڪر سمجهي رهيو هوس.
لارڊ هيوسيسل جي فطري لياقتن کي جهڙو عروج اوائل جوانيءَ ۾ مليو تهڙو وري ڪڏهن نه مليو. هن جيئن ته ويهن سالن تائين هڪ وزيراعظم ۽ پارٽي سربراهه جي گهر ۾ پرورش ورتي هئي تنهنڪري ننڍپڻ کان ئي رياست جي عظيم مسئلن کي اسان جي معاملن جي هڪ ذميوار فرد جي نقطئه نظر کان بحث هيٺ ايندي ٻڌندو رهيو هو. سيسل ڪٽنب جا فرد؛ مرد توڙي عورتون، جنهن بي تڪلفي ۽ آزاديءَ سان هڪٻئي سان ڳالهيون ٻولهيون ۽ بحث مباحثا ڪندا هئا اهي ڏسڻ وٽان هونديون هيون. اختلاف راءِ کي همٿايو ويندو هو ۽ پيءُ ۽ اولاد، ڀائرن ۽ ڀينرن، چاچن ۽ ڀائيٽين ۽ وڏن توڙي ننڍن جي وچ ۾ وڏ ننڍائي جي ڪنهن فرق کان سواءِ فقري بازي ۽ ڏي جواب وٺ جواب پئي هلندي هئي. انهيءَ کان اڳ اهو موقعو به اچي چڪو هو جو لارڊ هيو دنياوي اقتدار پادرين جي هٿن هئڻ يا پادرين کي دنياوي اقتدار جي ماتحت ڪرڻ جي مسئلي تي هڪ ڪلاڪ تقرير ڪري هائوس آف ڪامنز کي پنڊ پاهڻ ڪري چڪو هو. کيس فصاحت بلاغت توڙي جدليات جي هر قسم تي مهارت حاصل هئي ۽ سندس گفتگو ايتري ته طرافت سان ڀريل هوندي هئي ۽ هو ايترو ته جلدي ڳالهه جو رخ سمجهي ۽ غير متوقع طور جوابي حملو ڪري ڏيندو هو جو کيس فقط ڳالهائيندي ٻڌڻ ئي ڏاڍي خوشي جو باعث هوندو هو.
لارڊ پرسي هڪ دانا ۽ رومانوي لاڙا رکندڙ نوجوان هو ۽ مذهبي طور جيتوڻيڪ ارونگي (Irvingite) هو ته به وڏي شخصي لطافت ۽ اعليٰ ترين تعليمي حاصلات جو مالڪ هو. ٻه سال اڳ آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ سال جو بهترين نظم لکڻ تي نيو دي گيٽ پرائز (Newdigate prize) ماڻيو هئائين. هن ڪا ڪيشيا ۽ ترڪي جي جابلو علائقن ۾ ڏاڍا سفر ڪيا هئا جتي جهنگلي شهزادن ۽ جنوني مذهبين سان پڻ گهڻو اُٿيو ويٺو هو.
پوءِ گفتگو جو رخ انهيءَ مسئلي ڏانهن ٿي ويو ته عوام کي خود حڪومت (Self-government) ۽ سٺي حڪومت ٻنهي مان ڪهڙو حق ملڻ گهرجي ۽ انسان جا بنيادي حق ڪهڙا آهن ۽ انهن جو بنياد ڇا تي آهي؟ انهيءَ موضوع مان اسين غلاميءَ ڏانهن وڌي آياسين. آءُ اهو ڏسي ڏاڍي اچرج ۾ پئجي ويس ته منهنجا صحبتي انهن سڀني مسئلن جي عوام ۾ غير مقبول رخ جو ڀر کڻڻ ۾ ذري برابر به نه ٿي هٻڪيا. پر جنهن ڳالهه مونکي اڃا وڌيڪ حيران ڪيو ۽ تڪليف ڏني اها هئي ته انهن جي غلط بنيادن تي ٻڌل ۽ پُر فريب دليلن جي خلاف مون کي پنهنجو بلڪل چٽو ۽ سچائي تي ٻڌل نقطه نظر پيش ڪرڻ ۾ ڏاڍي ڏکيائي ٿي پيش آئي. انهن زير بحث موضوع ۽ انهيءَ جي مختلف رخن بابت ايتري وسيع ڄاڻ رکي ٿي جو منهنجا آزادي، مساوات ۽ اخوت بابت عام اصول انهن جي سامهون پير ئي نه کوڙي سگهيا. بهرحال آءُ ”يونين جيڪ هيٺ غلامي نه ٿي رهي سگهي“ جي نعري تي ڄمي بيهي رهيس. انهن جو رايو هو ته غلامي درست يا غلط ٿي سگهي ٿي ۽ يونين جيڪ بلاشڪ ته قابل تعظيم جهنڊي آهي پر انهن ٻنهي جي وچ ۾ اخلاقي ڳانڍاپي جو بنياد ڪهڙو آهي؟ مون کي انهن ڏاڍي اعتماد سان پيش ڪيل بيانن جو بنياد دريافت ڪرڻ ۾ ايتري ئي دشواري کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو هو جيتري ڏکيائي مون کي انهن ماڻهن سان بحث ڪندي پيش آئي هئي جن جو خيال هو ته سج فقط اسان جي خيالي قوت جو ڪرشمو آهي. حقيقت اها آهي ته ڳالهه شروع ڪرڻ وقت ته ائين پئي لڳو ته آءُ سڀ ڳالهيون پنهنجي فائدي ۾ چوندس پر جلد ئي ائين محسوس ٿيڻ لڳو جيئن نه آءُ سينٽ جيمس اسٽريٽ يا پڪا ڊلي ۾ وڃي ڏاڍي سولائي سان ڪا رڪاوٽ کڙي ڪري ماڻهن جي ميڙ کي آزادي، انصاف ۽ جمهوريت جي دفاع لاءِ اُڀاري رهيو هجان. بهرحال آخر ۾ لارڊ هيو مون کي چيو ته مون کي اهڙن بحث مباحثن کي سنجيدگيءَ سان نه وٺڻ گهرجي ۽ جذبا ڀلي ڪيترا به قابل قدر ڇو نه هجن انهن بابت سوچ ويچار ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي. هن اهو به چيو ته هو ۽ سندس دوست غلاميءَ جا هڪ اداري جي حيثيت ۾ ايترا حمايتي نه آهن جيترو ممڪن آهي ته مون سمجهيو ٿي. تنهن مان ظاهر ٿيو ته انهن جو مقصد فقط مون کي چيڙائڻ ۽ اهڙي ميدان تي چوتال ڊوڙائڻ هو جنهن بابت انهن کي چڱي طرح خبر هئي ته اهو ڪوڙڪين، دامُن ۽ کڏن کوٻن سان ڀريل آهي.
انهيءَ ملاکڙي کان پوءِ منهنجي ذهن ۾ اهو خيال آيو ته ٽورناميٽ کان پوءِ انڊيا مان واپس اچي مون کي آڪسفورڊ يونيورسٽي وڃڻ گهرجي. مون سمجهيو پئي ته انهيءَ وقت آءُ آڪسفورڊ جي زندگي ۽ اتان جي ڏاهپ مان فائدو ۽ لطف حاصل ڪرڻ جي قابل ٿي ويو هوس. تنهنڪري مون اوڏانهين وڃڻ بابت پڇائون شروع ڪري ڇڏيون. ڏسڻ ۾ پئي آيو ته مون جهڙن پختي عمر جي ماڻهن کي به امتحان ڏيڻا پون ها ۽ اهڙين رسمي ڪارواين جو پورائو ڪرڻ لازمي هو، مون کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي آئي ته مون کي پنهنجون فيون ڏئي، اوڏانهن وڃي ليڪچر ٻڌڻ، پروفيسرن سان بحث مباحثا ڪرڻ ۽ انهن پاران سفارش ڪيل ڪتابن پڙهڻ جي اجازت ڇو نه هئڻ گهرجي. بهرحال اها ڳالهه واضح ٿي وئي ته اهو ناممڪن آهي. مون لاءِ نه فقط لاطيني پر يوناني جا امتحان پاس ڪرڻ به لازمي هئا. برطانوي باقاعدي دستن جي ڪمان ڪرڻ کان پوءِ يوناني بي قاعدي فعلن سان مٿا ڪٽ واري ڳالهه منهنجي سمجهه کان ٻاهر هئي. تنهنڪري وڏي سوچ ويچار کان پوءِ مون کي انهيءَ رٿا تان دستبردار ٿيڻو پيو.
مون ڪو چونڊ حلقو ڳولهڻ بابت پڇا ڳاڇا ڪرڻ لاءِ نومبر مهيني جي شروعات ۾ سينٽ اسٽيفن چيمبرز ۾ ڪنزرويٽو پارٽي جي مرڪزي آفيسن جو چڪر هنيو. فٽز راءِ اسٽيورٽ (Fitz Roy Stewart) نالي منهنجو هڪ پري وارو واسطيدار اتي گهڻي وقت اعزازي حيثيت ۾ ڪم ڪندو هو. تڏهن پارٽي مينيجر مسٽر مڊلٽن هو ۽ انهيءَ عهدي واري ماڻهو کي اسڪپر (Skipper) سڏيو ويندو هو. هن منهنجو انهيءَ سان تعارف ڪرايو. مسٽر مڊلٽن جو تڏهن وڏو ناماچار هو جو پارٽي 1895ع واريون عام چونڊون کٽي آئي هئي. پر پارٽيون جڏهن خراب قيادت، بيوقوفاڻين پاليسين يا فقط سُستي ڪاهلي ۽ عوامي مزاج جي تبديلي جي سبب ئي چونڊون هارائينديون آهن ته اهي سدائين پارٽي مينيجر کي عهدي تان هٽائي ڇڏينديون آهن. اسڪپر ڏاڍي گرمجوشي سان مليو. هن چيو ته پارٽي مون کي لازماً ڪا سيٽ هٿ ڪري ڏيندي ۽ کيس اميد هئي ته هو مون کي جلد ئي پارليامينٽ ۾ ڏسندو. هن پوءِ ڏاڍي نزاڪت سان مالي معاملن جي ڳالهه ڪڍي ۽ پڇيائين ته ڇا آءُ پنهنجي خرچ پکي جو بندوبست ڪري ويندس ۽ اهو به پڇيائين ته آءُ ساليانو چونڊ حلقي تي ڪيترو خرچ ڪري سگهندس. مون چيو ته آءُ لڙائي ته خوشي سان وڙهندس پر ذاتي خرچ کان سواءِ ٻي ڪنهن مد ۾ ادائيگي نه ڪري سگهندس. انهيءَ تي هو ڪجهه ٿڌو ٿيندي نظر آيو ۽ چيائين ته سڀ کان سٺا ۽ سڀ کان محفوظ چونڊ حلقا پنهنجن ميمبرن کان چندي طور وڏين رقمن جي توقع ڪندا آهن. هن ڪجهه اهڙا مثال به ڏنا جن ۾ ميمبرن کي سيٽ رکڻ جي اعزاز جي موٽ ۾ ساليانو هزار پائونڊ يا ان کان به وڌيڪ رقمون چندي ۾ خيراتي ادارن کي ڏنيون هيون. غير يقيني ۽ خطري واريون سيٽون اهڙي گُهر ته نه ٿيون ڪري سگهن، پر جن خواهش جي پورائي جي اميد ئي نه هجي اهي سيني ۾ سانڍڻ تي خرچ به ڪهڙو ايندو؟ بهرحال هن چيو ته هن کان جيترو ٿي سگهيو اهو ڪندو. هن اهو به چيو ته منهنجي پيءُ جي سبب ۽ پڻ جنگين ۾ منهنجي تجربي سبب منهنجو ڪيس غير معمولي نوعيت جو آهي جيڪو ٽورين جي محنت ڪش طبقي ۾ مقبوليت ماڻي وٺندو.
ٻاهر نڪرندي فٽز راءِ اسٽيوارٽ سان ٻيو دفعو گفتگو ڪئي. اوچتو منهنجي نظر سندس ٽيبل تي رکيل هڪ وڏي نوٽ بڪ تي وڃي پئي. انهيءَ جي پوش تي لڳل ليبل تي هي لفظ لکيل هئا: ”تقريرون ڪندڙ گهربل آهن.“ مون ڏاڍي حيرت سان انهيءَ تي نگاهه وڌي. ٿورو تصور ڪريو ته تقريرون ڪندڙ گهربل هئا ۽ درخواستون وٺڻ لاءِ هڪ ٿُلهو نوٽ بڪ رکيل هو. هاڻي منهنجي دل ۾ ته هميشه کان تقرير ڪرڻ جي خواهش موجود رهي هئي پر مون کي ڪنهن به وڏي توڙي ننڍي موقعي تي تقرير ڪرڻ جي ڪا دعوت ئي نه ملي هئي. حقيقت ته اها آهي ته مون کي ڪٿي تقرير ڪرڻ ڏني ئي نه وئي هئي. چوٿين حسارز يا سينڊهرسٽ ۾ تقريرون نه ٿينديون هيون. البت هڪ اهڙو موقعو آيو هو پر انهيءَ ۾ مون پاران تقرير ڪرڻ جي ڪا تُڪ ئي نه هئي. اهي ويچار ذهن ۾ رکي مون فٽز راءِ اسٽيورٽ کي چيو ته: ”مون کي هن بابت ڪجهه ٻڌايو. توهان جو مطلب اهو آهي ڇا ته گهڻيون ئي گڏجاڻيون ٿينديون رهن ٿيون جن لاءِ تقريرون ڪندڙ گهربل آهي؟ هن چيو ته هائو، اسڪپر به مون کي چيو هو ته تو مان ڪجهه نه ڪجهه ڪڍڻ کان سواءِ توکي نه ڇڏيان. سو توکي ڀلي بُڪ ڪريان نه؟“ منهنجي اندر ۾ ڏاڍي هلچل مچي وئي. هڪ طرف ته مون ڏاڍي اُتاولائي محسوس ڪئي پر آءُ ڏاڍو پريشان به ٿي ويس. بهرحال زندگيءَ جي اسٽيپل چيز (Steeple Chase) ۾ جڏهن ڪي رڪاوٽون سامهون اچي ئي وڃن ته پوءِ گهوڙي کي ٽپ ڏيارڻ به ضروري هوندو آهي. بهرحال مون کان جيترو ٿي سگهيو ٻاهريون پنو رکندي ۽ پنهنجن اندروني احساسن جي ابتڙ ٻاهران اهڙي ڏيک ڏيندي ڄڻ ته اها منهنجي لاءِ ڪا عام رواجي ڳالهه هجي. مون کيس جواب ڏنو ته جيڪڏهن حالتون سازگار هجن ۽ حاضرين ۾ مون کي ٻڌڻ جي حقيقي خواهش موجود هجي ته آءُ سندس درخواست قبول ڪرڻ تي آماده ٿي سگهيس ٿي. انهيءَ تي هن نوٽ بڪ کوليو.
خبر پئي ته سوين اندرون خانه گڏجاڻيون ۽ کليل ميدانن تي ميلا ۽ بازاريون رٿيل هيون جن سڀني طرفان تقريرون ڪندڙ جي گُهر ٿي رهي هئي. مون انهيءَ جو ائين جائزو ورتو جيئن ڪو رولو ٻار حلوائي جي دڪان کي تڪيندو آهي. آخرڪار اسان منهنجي پهرئين ڪوشش جي هنڌ طور باٿ[1] (Bath) جي چونڊ ڪئي ۽ اهو طي ٿيو ته آءُ ڏهن ڏينهن جي اندر پرمزور ليگ جي هڪ گڏجاڻي کي خطاب ڪندس جيڪا مسٽر ايڇ. ڊي. اسڪرائين نالي ڪنهن صاحب جي ملڪيتي ايراضي جي پارڪ تي ٿيندي. اهو پارڪ انهيءَ قديم شهر جي ٻاهران هڪ ٽڪريءَ تي واقع آهي. آءُ دٻيل جوش جا جذبا کڻي مرڪزي آفيس مان ٻاهر نڪتس.
مون کي ڪجهه ڏينهن اهو ڊپ رهيو ته انهيءَ رٿا ۾ متان ڪا گڙ ٻر نه ٿي وڃي. متان مسٽر اسڪرائين يا ٻيو ڪو مقامي اثر رسوخ وارو ماڻهو مون کي گهرائڻ نه چاهي يا انهن کي اڳي ئي پنهنجي پسند جو ڪو ماڻهو ملي ويو هجي. بهرحال سڀ ڳالهيون صحيح ٿينديون ويون. مون کي رسمي دعوت به ملي وئي ۽ مارننگ پوسٽ ۾ گڏجاڻي جو اعلان به ٿي ويو. اوليور بورٿ وڪ مون ڏانهن لکيو ته مارننگ پوسٽ باٿ ڏانهن خاص طور رپورٽر موڪليندي جيڪو منهنجي تقرير جو هڪ هڪ لفظ لکندو ۽ مارننگ پوسٽ انهيءَ کي نمايان جاءِ تي ڇاپيندي. انهيءَ سان منهنجو شوق ته وڌيو پر گڏوگڏ پريشاني به وڌي وئي. مون پنهنجي تقرير تيار ڪرڻ ۽ ياد ڪرڻ ۾ ڪيترائي ڪلاڪ صرف ڪيا ۽ اها مون کي ايتري ته ياد ٿي وئي جو آءُ اها جيڪر ننڊ ۾ اُبتي به پڙهي وڃان ها! مون طي ڪيو ته آءُ ملڪه جي حڪومت پاران جارحاڻو ۽ ويڙهاڪ انداز اختيار ڪرڻ جي عمل جو دفاع ڪندس. آءُ پنهنجي هن ٺاهيل جملي مان خاص طور ڏاڍو خوش ٿيو هوس ته: ”انگلينڊ کي انتها پسندي جي سڪ نيساري بجاءِ ٽوري جمهوريت جي چڙهندڙ وير مان وڌيڪ فائدو ٿيندو.“ آءُ انهيءَ ۽ انهيءَ جهڙن ٻين جملن کي ورجائي گدگد پيو ٿيندو هوس. انهن وڻندڙ خيالن جو هڪ دفعو وهڪرو شروع ٿي وڃڻ کان پوءِ ائين پئي لڳو ته ڄڻ اهي پاڻمرادو ايندا ٿا وڃن. حقيقت اها آهي ته مون وٽ ڪيترين ئي تقريرن جيترو مواد گڏ ٿي ويو. بهرحال مون اها پڇا ڪري ڇڏي هئي ته آءُ تقرير ڪيتري ڊگهي ڪريان جنهن جي جواب ۾ مون کي ٻڌايو ويو هو ته پندرهن منٽن جو وقت ڪافي ٿيندو. انهيءَ تي مون وڏي ڪوشش ڪري پاڻ کي پنجويهن منٽن جي اندر بيهاري ڇڏيو. مون اسٽاپ واچ سان بار بار تجربا ڪري ڏٺو ته آءُ انهيءَ تي ويهن منٽن ۾ لَس هليو ويندس. اهڙي طرح وچ ۾ ٿيندڙ رخنن لاءِ به وقت ملي ويندو. گهڻي تڪڙ ۽ گهبراهٽ جو شڪار ٿيڻ ۽ حاضرين جي ڪمزورين جي آڏو سولائي سان ڊهي پوڻ کان بچڻ به ضروري آهي. اهي ڪري به ڇا ٿي سگهيا. انهن انهيءَ جي گُهر به پاڻ ڪئي هئي ۽ مُنهن به پاڻ کي ڏيڻو هُئن.
اهو ڏينهن به اچي ويو. آءُ پيڊنگٽن کان ريل ۾ چڙهيس. مارننگ پوسٽ جو رپورٽر به موجود هو. هن کي سفيد فراڪ ڪوٽ پهريل هو ۽ ڏاڍو رُلڻو ملڻو ماڻهو هو. اسان گڏجي سفر ڪيو ۽ جڏهن گاڏي ۾ اڪيلا ٿياسين ته مون تقرير جا ٻه ٽي جملا هن تي آزمائي ڏٺا. پر ظاهر ائين ڪيم ڄڻ ته اهي اتفاقي طور گفتگو ۾ اچي ويا هجن. اسين باٿ شهر مٿان ٽڪرين تائين گهوڙي گاڏي ۾ به گڏجي وياسين. مسٽر اسڪرائين ۽ سندس ڪٽنب ڏاڍي مروت سان منهنجو آڌر ڀاءُ ڪيو. ميدان تي ميلو متو پيو هو ۽ مختلف قسمن جا کيل ۽ تماشا جاري هئا. موسم وڻندڙ هئي هر ڪو لطف اندوز ٿي رهيو هو. مون کي جيئن ته هڪ اڳوڻو تجربو ياد هو تنهنڪري مون ڪجهه قدر ڳڻتيءَ سان گڏجاڻي بابت پڇا ڪئي. هر ڪم صحيح لڳو پيو هو. پنجين وڳي گهنڊ وڄندو ته کل خوشي ۾ مصروف اهي سڀئي ماڻهو هڪ شامياني جي مُنهن وٽ اچي گڏ ٿيندا. انهيءَ ۾ هڪ پليٽ فارم به تيار ڪيو ويو هو. ضلعي وج پارٽي چيئرمين منهنجو تعارف ڪرائيندو. شڪريي ادائي جي مختصر تقرير کان سواءِ آءُ ئي واحد مقرر هوس.
مقرر وقت تي گهنڊ وڄڻ شروع ٿيو ۽ اسين پنهنجي شامياني ڏانهن وڌي آياسين ۽ پليٽ فارم تي چڙهي بيٺاسين. پليٽ فارم ننڍين نادين تي چار تختا رکي ٺاهيو ويو هو. شامياني ۾ ڪا به ڪرسي ٽيبل ڪا نه هئي ۽ جيئن ئي هڪ سو جي لڳ ڀڳ ماڻهو، منهنجي خيال ۾ ته نه چاهيندي به پنهنجون ٻاراڻيون تفريحون ڇڏي آيا ته چيئرمين اڳتي وڌي مختصر تقرير ۾ منهنجو حاضرين سان تعارف ڪرايو. سينڊهرسٽ توڙي آرميءَ ۾ ڪنهن جي تعريف ڇٺيءَ شماهيءَ ۾ ئي ٿيندي آهي ۽ سبالٽرز جي تعريف جو ته ڪو وجود ئي نه هوندو آهي. توهان ڀلي کڻي وڪٽوريا يا ڪراس، گرانڊ نيشنل اسٽيپل چيز يا آرمي هيوي ويٽ چيمپئن شپ کٽيو ته به توقع اها رکو ته دوستن کان تنبيهون ئي هڙ پلئه پوندوَ ته ’ڀاڳ ڀلو ٿيو اٿئي خيال رکجانءِ متان مٿو نه ڦري وڃئي.‘ اها ڳالهه بلڪل واضح هئي ته سياست ۾ معاملو بلڪل مختلف هو. هتي ته مکڻ چونارن سان لڳي رهيو هو. منهنجي پيءُ سان زندگيءَ ۾ ته تمام خراب ورتاء ٿيندو رهيو هو پر هاڻي مون تعارف ڪرائيندڙ کي سندس بابت تمام شاندار لفظ ڪم آڻيندي ٻڌو ته هو قدامت پرستن جو هڪ عظيم ترين ليڊر هو. ڪيوبا، هندستاني سرحد ۽ نيل ڏانهن منهنجين مهم جوئين بابت چيئرمين جيڪو ڪجهه چيو انهيءَ بابت ته مون دعائون پئي گهريون ته شال اهي لفظ رجمينٽ وارن جي ڪنن تي نه پون. هو جڏهن ”شمشير زنيءَ ۾ منهنجي دليري ۽ قلم ڪاريءَ ۾ منهنجي مهارت بابت قصيدا پڙهي رهيو هو ته مون کي ڊپ پئي ٿيو ته حاضرين مان ڪير رڙ نه ڪري ته بس بس! گهڻو ٿيو! پر مون کي اهو ڏسي ڏاڍي حيرت ٿي ته سامت ۾ به آيس ته هُو انهن ڳالهين کي ڪنهن الهامي ڪلام وانگر ڏاڍي شوق سان ٻڌي رهيا هئا.
پوءِ منهنجو وارو آيو. مون پنهنجي دل کي پڪو ڪندي ۽ قوت ارادي کي گڏ ڪندي پنهنجي تقرير مان هٿ ڪڍيا. هڪ مرحلي کان ٻي مرحلي ۽ هڪ نقطي کان ٻئي نقطي تائين تقرير جي ٺهيل ٺڪيل انداز تي هلندي مون محسوس ڪيو ته اها بلڪل صحيح انداز ۾ هلي رهي هئي. حاضرين جو انگ آهستي آهستي وڌي ويو هو. اهي به ڏاڍا خوش ڏسڻ ۾ پئي آيا. مون جڏهن ڄاڻي واڻي انهن کي موقعو ڏيڻ لاءِ مناسب جاين تي وقفا ڪيا ته انهن خوب واه واه ڪئي ۽ نعرا هنيا. انهن واه واه ته اهڙن موقعن تي به ڪئي جن بابت مون اڳ ۾ سوچيو به نه هو. تقرير جي پڄاڻي تي انهن چڱو وقت زور زور سان تاڙيون وڄايون. معنيٰ ته آءُ اهو ڪم ڪري سگهيس ٿي. رپورٽر ۽ آءُ گڏجي واپس ٿياسين. هو منهنجي بلڪل سامهون بيٺو هو ۽ لفظ بلفظ لکندو ٿي ويو. هن ڏاڍي گرم جوشي سان مبارڪون ڏنيون ۽ مارننگ پوسٽ ٻئي ڏينهن مڪمل ڪالم ڇاپيو ۽ اها ڳالهه به توهان جي ذهن ۾ هجي ته انهن سياسي منظرنامي تي هڪ نئين شخصيت جي اچڻ بابت هڪ ننڍو اداريو به لکيو. آءُ پاڻ مان ۽ دنيا مان ڏاڍو خوش ٿيڻ لڳس ۽ انهيءَ موڊ ۾ انڊيا ڏانهن روانو ٿيس.

* * * * *

اسين هاڻي ٻين ۽ وڌيڪ ڳنڀير مسئلن ڏانهن رخ ڪريون ٿا. رجمينٽ جي سمورن آفيسرن اسان جي ٽيم کي ميرٺ ۾ ٿيندڙ ٽورنامينٽ ۾ موڪلڻ لاءِ چندو ڏنو. ٽيهه گهوڙا هڪ سارجنٽ ميجر جي چارج ۾ چوڏهن سو ميلن جي سفر تي هڪ خاص ريل گاڏيءَ ۾ چاڙهي موڪليا ويا. گهوڙن سائِسن سان گڏوگڏ اسان جا ڪيترائي بااعتماد نان ڪميشنڊ آفيسر ۽ هڪ فاريئر سارجنٽ به انهن سان گڏ هو[2] ريل گاڏي هر روز ٻه سو ميلن جو سفر ڪندي هئي ۽ گهوڙن کي هر روز شام جو گاڏي مان لاهي ورزش ۽ آرام ڪرايو ويندو هو. اهڙي طرح اهي منزل تي پهچڻ وقت به پهرئين ڏينهن جهڙا فِٽ لڳا پيا هئا. اسان ته ڌار سفر ڪيو پر ساڳئي ڏينهن اتي پهتاسين. اسان ميرٺ وڃڻ کان اڳ پندرهن ڏينهن جوڌپور ۾ کيڏڻ جو بندوبست ڪري ڇڏيو هو. اتي اسين سر پرتاب سنگهه جا مهمان هئاسين. سندس ڀائيٽيو جوڌپور جو اصل مهاراجا جيئن ته اڃا ننڍو هو تنهنڪري هو نائب السلطنت مقرر ٿيل هو. هن اسان کي پنهنجي وڏي، ٿڌي، پٿر جي ٺهيل گهر ۾ شاهاڻِي انداز ۾ رهايو هو. سندس نوجوان مٽ مائٽ ۽ جوڌپور جا ٻيا معزز اسان سان هر روز شام جو راند کيڏندا هئا. سندس ٻه مائٽ هُرجي ۽ ڊوڪل سنگهه ته انڊيا جا بهترين پولو جا رانديگر هئا. پوڙهو پرتاب جنهن کي دنيا ۾ جنگ کان پوءِ ٻئين نمبر تي پولو سان عشق هو، ان جي عادت هوندي هئي ته بار بار راند بيهاري اسان جي راند جي خامين جي نشاندهي ڪندو هو يا جتي ٿي سگهندو هو ته راند ۾ بهتريءَ بابت ٻڌائيندو هو. هو ”تيز تيز بلڪل مک وانگر“ زوردار آواز ڏئي راند جي اسپيڊ وڌرائيندو هو. جوڌپور جي پولو گرائونڊ تي راند هلڻ وقت ڳاڙهي دز جا وڏا بادل پيا اُٿندا هئا. تيز هوا گُهلڻ وقت اُهي بادل راند ۾ رڪاوٽ ۽ ڪنهن حد تائين خطرناڪ پيچيدگي پيدا ڪندا هئا. دز جي بادل مان اوچتو ڪو پٽڪو ٻڌل ماڻهو گهوڙي کي چوتال ڊوڙائيندي ظاهر ٿيندو هو يا انهيءَ مان غير متوقع طور بال سوساٽ ڪندو نڪري ويندو هو. راجپوت ته انهيءَ تي هريل هئا ۽ آهستي آهستي سندس مهمانن به انهيءَ مان پريشان ٿيڻ ڇڏي ڏنو.
جوڌپور مان ميرٺ لاءِ نڪرڻ کان هڪ رات اڳ مونکي هڪ وڏي بدنصيبي کي مُنهن ڏيڻو پئجي ويو. آءُ ڊنر لاءِ هيٺ لهندي پٿر جي ڏاڪڻ تي ترڪي پيس ۽ منهنجو ڪُلهو نڪري پيو. آءُ اهو ڏاڍي سولائي سان پنهنجي جاءِ تي وجهرائي ته ويس ته مُشقن ۾ آيل سٽ برقرار رهي. ٻئي ڏينهن صبح ٿيندي آءُ پنهنجي ٻانهن جي استعمال کان وانجهجي ويس. اڳ ۾ پيش آيل تلخ تجربن مان مون کي خبر هئي ته مون کي پولو بال کي زور سان ڌڪ هڻڻ جهڙو ٿيڻ ۾ اهو ٽي هفتا يا اڃان وڌيڪ وقت لڳي ويندو. تڏهن به مون کي اهو احتياط ڪرڻو پوندو جو منهنجي ٺونٺ منهنجي پاسي سان ٻڌل هوندي ۽ فقط ٻه ٽي انچ چُرپر ڪري سگهندي. ٽورنامينٽ چئن ڏينهن ۾ شروع ٿيڻ واري هئي. پڙهندڙ چڱي طرح سمجهي سگهي ٿو ته مون کي ڪيتري نه مايوسي ٿي هوندي. منهنجي ٻانهن آهستي آهستي طاقت وٺندي پئي وئي ۽ آءُ نمبر پهرئين تي کيڏي رهيو هوس. اسان جي ٽيم مون مان بلڪل مطمئن هئي. پر هاڻي آءُ معذور ٿي ويو هوس. خوش قسمتي سان اسان وٽ پنجون ماڻهو به هو. تنهنڪري منهنجن دوستن جڏهن مون کي ٽيم ۾ کنيو ته مون انهن کي پاڻ کي ٽيم مان ڪڍڻ لاءِ چيو. اهي ٻيو سمورو ڏينهن انهيءَ مسئلي تي ڏاڍي ڳنڀيرتا سان سوچ ويچار ڪندا رهيا. پوءِ اسان جي ڪيپٽن مون کي ٻڌايو ته انهن کي ڪهڙي به حالت ۾ کيڏائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. انهن جو خيال هو ته ڀلي آءُ بال کي بلڪل ڌڪ نه هڻي سگهان ۽ فقط هٿ ۾ اسٽڪ جهلي سگهان ته به آءُ راند بابت پنهنجي ڄاڻ ۽ ٽيم ۾ سڀني کي سمجهي وڃڻ سبب ڪاميابي جو سٺو امڪان پيدا ڪري ويندس. مون پهريان ته اها پڪ ڪئي ته اهو فيصلو مون تي ڪهل کائيندي نه پر حقيقتن کي سامهون رکي ڪيو ويو آهي. تنهن کان پوءِ مون پنهنجي پاران بهترين ڪوشش ڪرڻ تي رضامندي ڏيکاري ڇڏي. انهن ڏينهن ۾ آف سائيڊ (Off – Side) رول هلندو هو ۽ نمبر پهريون مخالف ٽيم جي بئڪ (Back) سان مسلسل ويڙهاند ۾ مصروف هوندو هو جيڪو پنهنجي گهوڙي کي ڦيرائيندو گهيرائيندو پنهنجي مخالف کي آف سائيڊ تي آڻڻ جي ڪوشش ۾ لڳو پيو هوندو هو. نمبر پهريون جيڪڏهن بئڪ تي قبضو برقرار رکي هن کي راند مان ٻاهر ڪڍي هر جاءِ تي هن جي آڏو رڪاوٽ وجهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو هو ته انهيءَ سان هو ٽيم کي بال کي گهڻا ڌڪ هڻڻ بنسبت وڌيڪ فائدو پهچائيندو هو. اسان کي خبر هئي ته ڪيپٽن هارگريس لائڊ (Hargress Llyod) چوٿين دريگون گارڊس جو بئڪ ۽ انهن جو تمام مضبوط کلاڙي هو. اسان کي جن ٽيمن سان مقابلو ڪرڻو هو هيءَ انهن مان سڀ کان مضبوط ٽيم هئي ۽ هارگريس لائيڊ اڳتي هلي آمريڪا خلاف کيڏندڙ بين الاقوامي رانديگر ٿيو.
نيٺ اهو وقت به آيو ۽ آءٌ ٽورنامينٽ جي ٻن ميچن ۾ اهڙي طرح کيڏيس جو منهنجي ٺونٺ منهنجي پاسي سان ڇڪي ٻڌل هئي ۽ مون کي اسٽڪ هٿ ۾ جهلي بيهڻ سان به ڏاڍو سُور ۽ ڊُوهه پئي محسوس ٿي. اسان اهي ٻئي ميچون کٽي ورتيون ۽ آءٌ جيتوڻيڪ محدود ڪردار ادا ڪري سگهيو هوس ته به منهنجا دوست مطمئن نظر پئي آيا. اسان جو نمبر ٻيون آلبرٽ سيوري ڏاڍو بهترين ۽ زوردار هِٽر (Hitter) هو. مون راند ۾ هن لاءِ رستو پئي صاف ڪيو. پولو راندين ۾ شهزادي واري حيثيت رکي ٿي ڇاڪاڻ ته بال کي زور سان ڌڪ هڻڻ جيڪا ڪيترين تفريحن جو بنياد آهي، هن ۾ اها هڻڻ سان گڏوگڏ گهوڙيسواري جي تفريح به موجود آهي. انهن ٻنهي سان گڏوگڏ هن ۾ فوٽ بال يا بيس بال جو بنيادي عنصر يعني ٽيم ورڪ به شامل آهي. انهيءَ جي نتيجي ۾ تفريحن جو هڪ اهڙو حقيقي مجموعو وجود ۾ اچي ٿو جيڪو جدا جدا راندين ۾ انفرادي طور حاصل ٿيندڙ تفريحن کان تمام برتر هجي ٿو.
آخرڪار اهو عظيم ڏينهن به اچي پهتو. اسان جي اندازي جي عين مطابق اسان جو ٽاڪرو چوٿين ڊريگون گارڊس سان ٿيو. ميچ پهرئين گهڙيءَ کان ئي ڏاڍي شديد ۽ برابر پئي هلي. اسين پڪي ۽ لسي هندستاني پولو گرائونڊ تي هڪ طرف کان ٻئي طرف تائين گهوڙا ڊوڙائيندا رهياسين. انهيءَ گرائونڊ تي بال تي ڌڪ ورلي گُسيو ٿي ۽ سڀني کي خبر هئي ته انهيءَ کي ڌڪ هڻي ڪٿي پهچائڻو آهي. جلد ئي اسان جي مخالفن ٻه ۽ اسان هڪ گول ڪري ورتو ۽ ڪجهه وقت تائين ته ڇڪتاڻ جو ڪو نيتجو نه ٿي نڪتو. مون مخالف ٽيم جي بئڪ کي ڇڏيو ئي نه ۽ جيئن ته منهنجو گهوڙو به ڀلو هو تنهنڪري هن کي تمام مصروف رکندو آيس. اوچتو مخالفن جي گول ڀرسان ٿيندڙ وٺ وٺان ۾ بال مون کي پاڻ ڏانهن رڙهندي نظر آيو. بال منهنجي کاٻي طرف هو. مون اسٽڪ ٿوري مٿي کڻي گهوڙي تي ٿورو جُهڪي ان کي ٿورو اڳتي ٿيڙ ڏئي ڇڏيو ته اهو ڦرندو ڦرندو گول ۾ ويو هليو. ٻنهي پاسي ٻه گول! نمبر پهرئين تي کيڏندڙ معذور کان سواءِ اسان جي ٽيم واقعي تمام بهترين هئي. نمبر ٽئين تي کيڏندڙ اسان جي ڪيپٽن ريجينالڊ هور (Reginald Hoare) کان ڀلو کلاڙي سموري انڊيا ۾ مشڪل سان ملي ها. ڪيوبا ۾ منهنجو سنگتي ۽ اسان جو بئڪ بارنيس ٽڪ وانگر ڄميو بيٺو هو ۽ بال کي چتائي بلڪل انهيءَ جاءِ تي پئي موڪليائين جتي آءٌ ۽ سيوري رستو صاف ڪرڻ لاءِ انتظار ۾ بيٺا هوندا هئاسين. اهو مقابلو ٽن سالن تائين اسانجين زندگين جي مکيه مشغولي رهي هئي ۽ اسان پاڻ وٽ موجود هر وسيلو انهيءَ تي لڳائي ڇڏيو هو. هاڻي مون کي وري ٻيو موقعو مليو. وري مخالف گول جي ڀرسان بال مون وٽ اچي ويو. هن دفعي اهو تيز پئي آيو ۽ هڪ سيڪنڊ جيتري وقت ۾ آءٌ اهو ئي پئي ڪري سگهيس جو پنهنجي اسٽڪ اڳتي ڪري ان کي گول جي ڏنڊن جي وچ ۾ ريڙهي ڇڏيو. ٽي- ٻه! پوءِ اسان جي مخالفن وڏا زور ڏئي اسان کي گرائونڊ جي هيٺئين پاسي ڌڪي ڇڏيو ۽ وري گول ڪري ورتو. اهڙي طرح ٻنهي پاسي ٽي ٽي گول ٿي ويا.
هتي آءٌ اها ڳالهه واضح ڪري ڇڏيان ته انهن ڏينهن جي هندستاني پولو ۾ ميچ برابر ٿي وڃڻ کان بچڻ لاءِ سبسيڊيئري (Subsidiary) گول به ڪري سگهبا هئا. گول جي ٻنهي ڏنڊن جي وچ واري فاصلي جي اڌ اڌ جيتري ٽڪر تي ٻنهي پاسن کان ٻه جهنڊيون هنيون وينديون هيون ۽ جيڪڏهن گول نه به ٿيندو هو ته به انهن جهنڊين جي وچ ۾ ويندڙ بال کي سبسيڊيئري گول ڪري ڳڻيو ويندو هو. ڀلي ڪيترا به سبسيڊيئري گول ٿين اهي هڪ گول جي برابر ته نه ليکيا ويندا هئا پر جڏهن گول برابر هوندا ته فيصلو سبسيڊيئري گولن تي ٿيندو هو. بدقسمتيءَ سان اسان جا مخالف سبسيڊيئري گولن ۾ اسان کان وڌيڪ هئا. هاڻي اسان جيڪڏهن ٻيو گول نه ڪيو ته هارائي وينداسين. قسمت هڪ دفعو ٻيهر منهنجو ساٿ ڏنو ۽ مون گهوڙي جي سنبن جي وچ مان بال کي هلڪو ڌڪ هنيو ۽ انهيءَ کي ٽيون دفعو گول ۾ ويندي ڏٺو. انهيءَ سان ستون چڪو به پڄاڻي تي پهتو.
هاڻي جڏهن اسين وري لائين ٺاهي بيٺاسين ته اسان جا چار گول ۽ ٽي سبسيڊيئري ۽ اسان جي مخالفن جا ٽي گول ۽ چار سبسيڊيئري گول هئا. هاڻي جيڪڏهن انهن هڪ گول وڌيڪ ڪيو ته اهي ميچ کٽي ويندا. مون ٻنهي طرفن تي اهڙا ڳڻتين ۾ ورتل مُنهن ورلي ڪڏهن ڏٺا هوندا. صورتحال ڏسڻ کان پوءِ توهان انهيءَ کي زندگيءَ ۽ موت جو ڪو مسئلو سمجهو ها. انهيءَ کان به ڳنڀير مسئلن تي ايترو جذباتي هيجان پيدا نه ٿيندو آهي. مون کي آخري چڪي جي فقط اها ڳالهه ياد آهي ته اسين جڏهن گرائونڊ تي حملن ۽ جوابي حملن ۾ چوتال گهوڙا ڊوڙائي رهيا هئاسين ته منهنجي ذهن تي فقط اها سوچ حاوي هئي ته ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان راند ختم ٿئي ۽ آخرڪار جڏهن راند ختم ٿيڻ جو گهنڊ وڳو ته مون کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ ته مون اهڙو خوشگوار آواز اڳ ۾ ڪڏهن به نه ٻڌو هو. اسين ٿڪا ٽٽا گهوڙن تي ويٺا هئاسين ۽ پگهر اسان مان ٽمي رهيو هو. پر انهيءَ آواز کان پوءِ اسين چئي پئي سگياسين ته ”اسان 1899ع جي انٽر رجمينٽل ٽورنامينٽ کٽي ورتي آهي.“ ڊگهي سُرور، گهري اندروني اطمينان ۽ رات جو ٿيندڙ جشنن ذريعي سوڀ ملهائي وئي. اها ڳالهه به واضح هجي ته انهن جشنن ۾ شراب واپرائڻ تي ڪابه پابندي نه هئي. توهان ڀانت ڀانت جي رجمينٽن مان گڏ ٿيل انهن نوجوان سپاهين پاران خوشي ملهائڻ تي دل سوڙهي نه ڪريو. انهيءَ خوش گذاريندڙ ٽولي مان فقط چند ڄڻا ئي وڏي عمر ماڻي سگهيا. اسان جي ٽيم به وري ڪڏهن نه کيڏي سگهي. آلبرٽ سيوري هڪ سال پوءِ ٽارنسول ۾ مارجي ويو. بارنيس ناتال ۾ تمام شديد زخمي ٿي پيو ۽ آءٌ به ويهي وقت گذاريندڙ سياستدان ٿي ويس ۽ منهنجو هچارو ڪلهو به منهنجي لاءِ ڏاڍو اهنج پيدا ڪندو رهيو. تڏهن اها صورتحال هئي ته اسان هاڻي نه کٽيو ته وري ڪڏهن به نه کٽنداسين ۽ واقعي به تنهن کان پوءِ ڏکڻ انڊيا مان ڪنهن به ڪيولري رجمينٽ اهو انعام نه کٽيو آهي.
آءٌ جڏهن وطن روانو ٿي رهيو هوس ته رجمينٽ مون سان ڏاڍو سهڻو ورتاءُ ڪيو ۽ مون جڏهن انهن سان آخري دفعو ڊنر ڪئي ته انهن منهنجو جام صحت نوش ڪري اهو ورلي ڪنهن کي ملندڙ اعزاز به مون کي ڏنو. مون انهن سان ڏاڍا خوشگوار سال گذاريا هئا ۽ ڏاڍا گهاٽا دوست ٺاهيا هئا. اهو هڪ اعلى تربيت گاه هو. انهيءَ نظم و ضبط ۽ سنگت ساٿ جا سبق پڙهايا ٿي. اهي شايد ته ايترا ئي قيمتي آهن جيترو يونيورسٽين جو علم. انهيءَ هوندي به ماڻهو جي خواهش هوندي ته هن وٽ ٻئي شيون هجن.

****

آءٌ انهيءَ دوران لاڳيتو `The River War` ڪتاب تي ڪم ڪندو رهيو هوس. انهيءَ ڪم جو دائرو وڌندو ٿي ويو. شروعات ۾ انهيءَ ۾ فقط اومدرمان جي مهم جي واقعن جو بيان ڏيڻو هو پر انهيءَ جو دائرو وڌندو سوڊان جي تباهي ۽ نجات جي تاريخ تائين وڃي پهتو. مون ڪيترائي ڪتاب، اڃان به چئجي ته انهيءَ موضوع تي ڇپيل هر شي پڙهي ورتي ۽ هاڻي منهنجي رٿا هڪ ٻه ٿلها جُلد ڪڍڻ جي هئي. مون ميڪالي ۽ گِبن جي اسلوبن جو هڪ مرڪب اختيار ڪيو ۽ انهيءَ ۾ وقت بوقت پنهنجو انداز به ٽنبيندو ويس. مون کي هاڻي اها ڳالهه سمجهه ۾ اچڻ لڳي ته تحرير ۽ خاص طور بياني تحرير ۾ سمورو دارومدار نه فقط جملن پر پيراگرافن تي آهي. حقيقت ۾ مون پيراگراف کي جملي جيترو ئي اهميت وارو سمجهيو ٿي. ميڪالي پيراگرافن جو استاد آهي. جهڙي طرح جملي ۾ هڪ خيال مڪمل موجود هوندو آهي اهڙي طرح پيراگراف کي هڪ جدا واقعي ۾ پاڻ ۾ سمائڻ گهرجي ۽ جئين جملا هڪٻئي جي پٺيان هم آهنگ سلسلي ۾ هلندا اچن تيئن هڪ پيراگراف ٻئي پيراگراف سان ريل جي گاڏي جي آٽو ميٽڪ ڪپلنگ (Coupling) وانگر جڙيل هئڻ گهرجي. مون تي اهو راز به کلڻ لڳو ته باب ڪهڙي ترتيب سان ٺاهڻ گهرجي. سڀئي باب برابر اهميت ۽ گهٽ وڌ ساڳئي ڊيگهه وارا هئڻ گهرجن. ڪجهه باب ته فطري ۽ ظاهر ظهور نموني پنهنجي ترتيب وٺي بيهندا آهن پر انهيءَ وقت ڏاڍي ڏکيائي درپيش ايندي آهي جڏهن ڪيترائي مختلف نوعيت جا واقعا جن کي حذف به نه ڪري سگهبو آهي پر انهن کي اهڙي طرح هڪٻئي ۾ ملائي پيش ڪرڻو پوندو آهي جيئن اهي هڪ موضوع تي ڏسڻ ۾ اچن. آخري ڳالهه اها ته سموري ڪم جو ڪُلي حيثيت ۾ جائزو ورتو وڃي ۽ منڍ کان آخر تائين صحيح تناسب ۾ پختي ترتيب قائم ڪئي وڃي. مون کي اڳ ۾ ئي خبر هئي ته سولي بياني سلسلي لاءِ واقعن جي تاريخي ترتيب بنيادي اهميت رکي ٿي ۽ مون اها ڳالهه به محسوس ڪري ورتي هئي ته سٺو فهم سٺي تحرير جو بنياد آهي. مون پاڻ کي انهيءَ خاميءَ کان به خبردار رکيو ته پنهنجي ڪهاڻي جي شروعات ائين نه ڪريان جيئن ڪي ويچارا ماڻهو ڪندا آهن ته: ”نوح جي طوفان کان چار هزار سال اڳ جي ڳالهه آهي.“ مون پنهنجي هڪ بهترين فرانسي چوڻي ڏاڍي سچائي سان بار بار ذهن ۾ آندي ته بوريت پيدا ڪرڻ جو فن انهيءَ ۾ آهي ته هر ڪا ڳالهه چوندا وڃو. آءُ سمجهان ٿو ته آءُ اها هاڻي وري ورجائيندس.
ڪتاب لکڻ به ڏاڍي مزي جهڙي ڳالهه آهي. ماڻهو ڄڻ ته انهيءَ سان گڏ پيو جيئندو آهي. اهو هڪ ساٿي ٿي ويندو آهي. اهو ماڻهو جي خيالن ۽ دلچسپين جي چوگرد هڪ غير محسوس شفاف گولو ٺاهي وٺندو آهي. هڪ لحاظ کان ته ماڻهو ڪنهن پيالي ۾ رکيل گولڊ فش وانگر محسوس ڪندو آهي. پر هن صورتحال ۾ گولڊ فش پنهنجو پيالو پاڻ ٺاهيندي آهي. اهو هر جاءِ مون سان گڏ هلندو هو. اهو سفر ۾ ڌار نه ٿيندو هو ۽ ڪنهن به وقت دلچسپ مشغلي جي کوٽ ئي محسوس نه ٿيندي هئي. ڪڏهن شيشو پالش پيو ٿيندو هو ته ڪڏهن ڍانچي ۾ توسيع پئي ٿيندي هئي ته ڪڏهن ڀتين کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت هوندي هئي. مون پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪيترين ئي مختلف قسمن جي شين ۾ ڏاڍي مشابهت محسوس ڪئي آهي. ڪتاب لکڻ ۽ گهر ٺاهڻ يا ڪم ايندڙ مواد مختلف آهن پر اصول ساڳيو آهي. سڀني ڪمن ۾ بنياد رکبو آهي، انگ اکر گڏ ڪبا آهن ۽ اهو به ضروري هوندو آهي ته مفروضا پنهنجن نتيجن جو بار برداشت ڪري سگهن. آرائشي شين ۽ سوڌ سنوار جو پوءِ به اضافو ٿي سگهي ٿو. سموري شي جڏهن تڪميل تي پهچندي ته هڪ خيال جي ڪامياب پيشڪش هوندي. لڙائين ۾ البت ٻيو همراهه هر وقت دخل اندازي ڪندو ۽ ڪمن کي ڦٽائيندو رهندو آهي ۽ بهترين جنرل اهي ليکيا ويندا آهن جيڪي رٿائن ۾ وچڙجڻ کانسواءِ رٿابندي جي نتيجن تي پهچي ويندا آهن.
وطن واپسيءَ تي اسٽيمر ۾ مون صحافتي دنيا جي پنهنجي ملاقات ۾ آيل ذهين ترين ماڻهو سان دوستي ڪري ورتي. مسٽر جي. ڊبليو. اسٽيونس (G. W. Steevens) مسٽر هارمس ورٿ نالي ڪنهن ماڻهو جي ڊيلي ميل نالي نئين اخبار جو مکيه ليکڪ هو. انهيءَ اخبار اچي ڊيلي ٽيليگراف کي وڪٽوريا ئي عزت داري جي هڪ وک اڃان ويجهو ٿيڻ تي مجبور ڪيو. هارمس ورٿ انهن شروعاتي ۽ تمام اهميت وارن ڏينهن ۾ اسٽيونس تي تمام گهڻو ڀاڙيندو هو ۽ جيئن ته مون بابت به سٺي راءِ رکندو هو تنهنڪري اڳتي هلي کيس چئي ڇڏيائين ته هو منهنجي ساراهه ۾ لکندو رهي. اهو ڪم هن ڏاڍي پُرجوش نموني ۾ ڪيو. انهن ڏينهن جي نئين ڄاول هارمس ورٿ پريس جو اهو اصول هو ته شهرت طلبيندڙ کي ڀلي مشهور ڪيو وڃي. انهيءَ ميدان تي سندن نوازشن لاءِ منهنجي چونڊ ڪئي وئي.
آءُ سامونڊي جهاز جي سيلون ۾ ڪم ڪري رهيو هوس ۽ پنهنجي ڪهاڻي جي هڪ پُرجوش نقطي تي اچي پهتو هوس. نيل ڪالم اڃان رات جو ئي مارچ ڪري ابو حميد وٽ پهتو هو ۽ انهيءَ تي حملو ڪرڻ وارو هو. آءُ پنهنجي تمام پُر تصنع اسلوب ۾ منظر تيار ڪري رهيو هوس. باک ڦٽي رهي هئي ۽ درياء تان ڌُنڌ کڄندي کڄندي سج اڀرڻ سان ٽڙندي پکڙندي پئي وئي ته درويشن جي شهر جا اڻ چٽا آثار ۽ ان جي پٺيان ٽڪرين جو اڌ گول به ظاهر ٿيڻ لڳو. جنگ جي انهيءَ پٺئين ميدان ۾ هاڻي جنگ جي هڪ ننڍي ڊرامي لاءِ منظر تيار ٿيڻو هو. ’واه واه‘، اهي اسٽيونس جا لفظ هئا جيڪو اوچتو اچي منهنجي ڪلهي جي مٿان بيهي منهنجي لکت کي ڏسي رهيو هو. ’هاڻي ڀلا تون ئي انهيءَ کي پورو ڪر‘. مون اٿندي چيو ۽ عرشي تي ويس هليو. مون کي شوق هو ته ڏسان ته هو اهو ڪم ڪيئن ٿو ڪري ۽ حقيقت اها آهي ته مون کي اميد هئي ته هو ڪو ڪارآمد ڪم ڪندو. پر آءُ جڏهن هيٺ لهي آيس ته ڏٺم ته هن منهنجي ڏاڍي سٺي ڪاغذ تي پنهنجن ننڍڙن اکرن ۾ فقط هي لفظ ئي لکيا هئا Pop! Pop! Pop – Pop, Pop, Pop, ۽ پوءِ ڪاغذ جي آخر ۾ وڏن اکرن ۾ “Bang!!!” لکي ڇڏيو هو. مون کي انهيءَ هلڪڙائي تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي. پر هو ڊيلي ميل ۾ جنهن بي فڪري ۽ البيلي انداز ۾ لکندو هو انهيءَ کان سواءِ سندس ٻيا به ڪيترائي انداز هوندا هئا. انهيءَ ئي وقت برطانوي سلطنت جي آئيندي بابت هڪ ليک ڇپيو هو. جنهن تي ”نئون گبن“ (The New Gibbon) جو نالو لکيل هو. انهيءَ ليک جي طرز تحرير مان ڪير به پڙهندڙ اهو سمجهي ها ته اهو هوبهو انهيءَ رومن تاريخ نويس جي ڪتاب تان کنيل آهي. جڏهن اسٽيونس باسيو ته انهيءَ جو ليکڪ هو پاڻ هو ته آءُ ڏاڍو حيران ٿيو هوس.
اسٽيونس پوءِ مهرباني ڪري منهنجي ڪتاب جا پروف به پڙهيا هئا ۽ ڏاڍا قيمتي مشورا ڏنا هئائين. جيڪي آءُ هتي لکان ٿو: ’مون ڪتاب جا جيڪي ٽڪرا پڙهيا آهن انهن مان لڳي ٿو ته اهي جي. ڊبليو. اسٽيونس جي تحريرن تي ڪارائتا اضافا آهن. حقيقت ۾ ته اهو ڏاڍو ڪمائتو ڪتاب آهي. انهيءَ بابت منهنجي راءِ اها آهي ته اهو نهايت اعليٰ قسم جو آهي، انهيءَ ۾ پيش ڪيل رايا بلڪل درست آهن. نقطه نظر درست نموني اڀاريل ۽ صحيح ترتيب ۾ رکيل آهي ۽ تمام معلوماتي ۽ بياني صفحن سان ڀريل آهي. مون کي تنقيد فقط اها ئي ڪرڻي آهي ته تنهنجا فيلسوفاڻا ويچار جيتوڻيڪ سٺي نموني بيان ٿيل آهن پر گهڻو ڪري ڏاڍا تکا آهن ۽ ڪجهه جاين تي جيتوڻيڪ حقيقت سان مطابقت رکن ٿا ته به اهي تمام گهڻين جاين تي آيل آهن. آءُ جيڪڏهن تنهنجي جاءِ تي هجان ها ته فيلسوف کي جنوري 1898ع ڌاران خارج ڪري ڇڏيان ها. اهو ماڻهن کي فقط ڪڪ ڪندو. جن ماڻهن کي اهڙي ويچارن جي ضرورت آهي اهي ڪنهن مدد کان سواءِ ئي اهي حاصل ڪري سگهن ٿا. هو پنهنجي وڻندڙ ۽ چرچائي طبيعت ۽ تمام حاضر جوابي سبب ڏاڍو دلچسپ ساٿي ليکيو ويندو هو ۽ سن 1899ع جي اونهاري مهينن ۾ اسان جي واقفيت دوستي ۾ بدلجي وئي. اهو سندس زندگيءَ جو آخري اونهارو ثابت ٿيو. هو ايندڙ فيبروري مهيني ۾ ليڊي سمٿ ۾ ٽائيفائيڊ وگهي فوت ٿي ويو.

* * * * * *

آءُ قاهره ۾ پندرهن ڏينهن ترسي پيس جيئن پنهنجي ڪتاب لاءِ مواد گڏ ڪرڻ سان گڏوگڏ سوڊان ڊرامي جي ڪيترن ئي ڪردارن جو تعاون حاصل ڪري سگهان. انهيءَ سلسلي ۾ مون ريگستاني ريلوي تعمير ڪندڙ نوجوان ڪينيڊين رائيل انجنيئر جيرارڊ (Girourd)، خليفي جو ڏهه سال قيدي رهندڙ ننڍڙي آسٽريائي آفيسر سلاطين پاشا[3] جنهن جو ڪتاب ”باهه ۽ تلوار سوڊان ۾“ (Fire and Sword in the Sudan) پنهنجي دائري ۾ هڪ شاهڪار جي حيثيت رکي ٿو. انٽيليجنس جي سربراه سر ريجينالڊ ونگيٽ آءُ هن جو اڳي ئي ٿورائتو هوس جو هن هڪ اهم موقعي تي مون کي ماني کارائي هئي ۽ مصري ايريگيشن سروس جي سربراه گارسٽن سان ملاقاتون ڪرڻ سان گڏوگڏ آءُ ٻين ڪيترن ئي سرڪردن مصري مدبرن سان پڻ مليس. انهن سڀني باصلاحيت ماڻهن اهڙا جنگي توڙي حڪومتي قدم کڻڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو هو جن مصر کي ويهن ورهين کان به گهٽ عرصي ۾ وڳوڙن، ڏيواليي ۽ شڪست مان ڪڍي سوڀائتي خوشحالي تي پهچائي ڇڏيو هو. آءُ انهن جي اڳواڻ لارڊ ڪرومر کان اڳي ئي واقف هوس. هن مون کي برٽش ايجنسي جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني ۽ سوڊان جي آزادي ۽ گورڊون جي موت بابت منهنجي ڪتاب جا باب پڙهڻ جو خوشي سان انجام ڪيائين. آءُ اهي باب اڳي ئي مڪمل ڪري چڪو هوس ۽ پوءِ ٽائيپ ٿيل ڪاغذن جو هڪ ٿلهو بنڊل کيس موڪلي ڏنم. ٿورن ئي ڏينهن ۾ جڏهن اهو مون کي واپس اچي مليو ته مون کي خوشي سان گڏوگڏ ڏاڍي حيرت به ٿي جو انهيءَ تي هنڌين هنڌين نيري پينسل سان اهڙي ڀرپور انداز ۾ ليڪا ڏنل هئا جو مون کي هيرو ۾ پنهنجي لاطيني جي مشقن سان ٿيندڙ حالت ياد اچي وئي. مون ڏٺو ته لارڊ ڪرومر منهنجي لمبي لکت تي ڏاڍي هلاکي ڪئي هئي. تنهنڪري مون به سندس راين ۽ تنقيدن کي دل سان تسليم ڪيو. سندس رايا گهڻو ڪري هر لحاظ کان مڪمل ۽ بعض جاين تي ته ڏاڍي سخت انداز ۾ لکيل هئا. مثال طور مون جنرل گورڊن پاران سندس ڪيريئر جي هڪ دور ۾ لارڊپن جو پرائيويٽ سيڪريٽري ٿيڻ بابت لکيو هو ته: ”چمڪندڙ سج ميڻ بتي وانگر اپگرهه ٿي ويو.“ انهيءَ تي لارڊ ڪرومر جو رايو هي هو ته: ”چمڪندڙ سج حد کان وڌيڪ تعريف ٿو لڳي ۽ ميڻ بتيءَ جا لفظ لارڊ رپن جي وائسراءِ واري حيثيت سان انصاف نه ٿا ڪن. لارڊ رپن ته دل ۾ نه ڪندو پر سندس دوست شايد ڪاوڙجي نه وڃن ۽ انهيءَ سان گهڻا ماڻهو تو تي به کلندا.“ مون کيس لکي موڪليو ته آءُ هيستائين انهيءَ هيري کي ڏاڍو قيمتي سمجهي رهيو هوس پر هاڻي سندس چوڻ تي انهيءَ کي قربان ٿو ڪريان. مون سندس ٻيون به ڪيتريون ئي تنقيدون ڏاڍي نهٺائي سان قبول ڪيون. انهيءَ تي لارڊ ڪرومر به هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا ۽ ٿڌو ٿي ويو ۽ پوءِ به منهنجي ڪتاب ۾ دوستاڻي دلچسپي وٺندو آيو. هن مون ڏانهن لکيو ته: مون کي خبر آهي ته منهنجا رايا ڏاڍا سخت هئا پر تون به اهو ڏاڍو سمجهه جو ثبوت ڏنو آهي جو انهن کي انهيءَ ئي روح (Spirit) ۾ ورتو اٿئي جيڪو منهنجو اصل مقصد هو يعني دوستاڻي تنقيد. مون تنهنجي لاءِ اهو ئي ڪم ڪيو آهي جيڪو آءُ بار بار ٻين کي مون لاءِ ڪرڻ جو چوندو رهيو آهيان. آءُ ڪجهه لکڻ يا ڪو اهم ڪرڻ کان اڳ دوستن کان انهن تي تنقيدي رايا گهرندو آهيان. پنهنجي ڪم جي ڪمزورين جي نشاندهي دوستن پاران ٿيڻ تمام سٺي ڳالهه آهي بجاءِ انهيءَ جي پوءِ دشمن انهيءَ مان ڪمزوريون ڪڍن ۽ پوءِ وقت گذري وڃڻ سبب انهيءَ ۾ ڪا ڦير ڦار به نه ڪري سگهجي. مون کي اميد آهي ۽ آءُ سمجهان ٿو ته تنهنجو ڪتاب ضرور ڪامياب ٿيندو. مون کي هاڻي زندگيءَ ۾ جيڪي ٿوريون دلچسپيون رهيون آهن انهن مان هڪ هيءَ به آهي ته آءُ نوجوانن کي اڳتي وڌندو ڏسڻ گهران ٿو.
آءُ پندرهن ڏينهن دوران لارڊ ڪرومر سان بار بار مليس ۽ سندس ڄاڻ ۽ ڏاهپ مان پورو پورو فائدو ورتم. هن ۾ اوڀر ۾ مقرر ٿيندڙ اعليٰ برطانوي منتظمن سان منسوب سڪون ۽ ٿڌي طبيعت واريون خوبيون تمام وڏي پيماني تي موجود هونديون هيون. هن کي ڏسي مون کي پنهنجي هڪ بهترين فرانسي چوڻي ياد اچي ويندي هئي ته: ماڻهو سانت جي ذريعي ئي روحن تي راڄ ڪري سگهي ٿو. هن کي ڪڏهن به ڪا تڪڙ نه هوندي هئي نه ئي ڪو اثر يا احساس پيدا ڪرڻ جي ڪا ڳڻتي هوندي هئس. هو هڪ جاءِ تي ويٺو هوندو هو ۽ ماڻهو هن وٽ ايندا هئا. هو واقعن تي اک رکي ويٺو هوندو هو ايستائين جو مختلف واقعن جي ميلاپ کان پوءِ هو ڏاڍي سهوليت سان ۽ فيصلائتي انداز ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي قابل ٿي ويندو هو. هو هڪ سال جيترو عرصو به هڪ هفتي وانگر ڏاڍي سولائي سان انتظار ۾ ڪڍي ويندو هو ۽ هن اڪثر حالتن ۾ پنهنجو دڳ ڪڍڻ لاءِ چار چار يا پنج پنج سال به انتظار ڪيو هو. هن کي مصر ۾ حڪمراني ڪندي هاڻي لڳ ڀڳ سورهن سال ٿي ويا هئا. هن وڏا وڏا لقب رد ڪري ڇڏيا ۽ فقط برٽش ايجنٽ ٿي رهيو. سندس منصب جون ڪي به حدون مقرر ٿيل نه هيون. ممڪن آهي ته هو ڪجهه به نه هجي پر حقيقت ۾ هو سڀ ڪجهه هو. سندس لفظ قانون هوندو هو. ڪرومر چند نائبن جي ذريعي حڪم هلائي (جن مان اڪثر نوجوان هئا ۽ جن پنهنجي سربراه وانگر پاڻ کي پس منظر ۾ رکڻ سکي ورتو هو) مصري حڪومت جي هر کاتي ۽ ان جي پاليسي جي هر پهلو کي تمام ڌيان سان ڪنٽرول ڪندو هو. انهيءَ دوران ڪيتريون ئي برطانوي ۽ مصري حڪومتون آيون ۽ ويون. هن سوڊان کي پنهنجن هٿن مان نڪرندي ۽ وري فتح ٿيندي ڏٺو هو. هو ماليات تي مضبوط گرفت رکندو هو ۽ مصري سياسيات جي سموري چرپر تي سندس ماهراڻو ڪنٽرول هوندو هو. کيس ڏسي ڏاڍي خوشي ٿيندي هئي جو سندس زندگي ۾ ٿيل سمورو ڪم سندس چوگرد پيو تجلا ڏيندو هو ۽ هو پاڻ اعليٰ ترين اختيار جو مُجسم هوندي به ڪنهن ڏيک ويک کان سواءِ رهندو هو. هو مون سان جنهن مهرباني سان پيش ايندو هو انهيءَ سان آءُ پنهنجي ڏاڍي عزت افزائي محسوس ڪندو هوس. اسان کي جيتوڻيڪ ڏاڍي شديد ضرورت آهي ته به اڄڪلهه انهن جهڙا ماڻهو نظر نه ٿا اچن.


______________
[1] سومر سيٽ، انگلينڊ ۾ هڪ شهر (سنڌيڪار)
[2] فاريئر گهوڙن کي نعل چاڙهيندڙ يا گهوڙن جو علاج ڪندڙ کي چيو ويندو آهي. (سنڌيڪار)
[3] پورو نالو Baron Rudolf Carl Von Slatin سن 1857ع ۾ آسٽريا ۾ ڄائو. 1878ع ۾ سوڊان ۾ جنرل گورڊون جي نوڪريءَ ۾ گهڙيو ۽ 1883ع ۾ وليم هِڪس جي شڪست وقت مهدي محمد احمد وٽ پيش پيو جتان 1895ع ۾ ڀڄي نڪتو. اومدرمان جي مهم ۾ ڪرنل جي حيثيت ۾ شريڪ ٿيو. سن 1900ع کان 1914ع تائين سوڊان جو انسپيڪٽر جنرل رهيو. سن 1932ع ۾ فوت ٿيو. (سنڌيڪار)

باب سترهون: اولڊهام Oldham

آءُ سال 1899ع جي بهار جي مند ۾ انهيءَ حقيقت کان واقف ٿيس ته هڪ ٻيو ونسٽن چرچل به آهي جيڪو پڻ ڪتاب لکي ٿو. بظاهر ته هن ناول پئي لکيا ۽ ناول به تمام سٺا جيڪي آمريڪا ۾ تمام گهڻو وڪرو ٿي رهيا هئا. فڪشن جي ليکڪ طور منهنجي مهارت تي مونکي ڪيترن ئي طرفن کان مبارڪون ملڻ لڳيون. شروع ۾ مون سمجهيو ته اهي سيورولا (Savrola) تي هونديون جو ماڻهن کي انهيءَ جون خوبيون دير سان سمجهه ۾ آيون آهن. آهستي آهستي مون کي محسوس ٿيڻ لڳو ته ٻيو مڙس به ميدان ۾ موجود آهي پر خوشقسمتيءَ سان اهو ايٽلانٽڪ سمنڊ جي ٻئي پاسي آهي. مون پنهنجي انهيءَ ايٽلانٽڪ پار همزاد ڏانهن هڪ خط لکيو جيڪو سندس جواب سان گڏ شايد هڪ ادبي عجوبو ليکجڻ ۾ اچي.

لنڊن،
جون 7، 1899.

مسٽر ونسٽن چرچل، مسٽر ونسٽن چرچل کي مبارڪون پيش ڪري ٿو ۽ سندس توجه هڪ اهڙي مسئلي ڏانهن ڇڪائڻ گهري ٿو جيڪو ٻنهي سان لاڳاپيل آهي. کيس پريس ۾ ڇپيل اطلاعن مان خبر پئي آهي ته مسٽر ونسٽن چرچل رچرڊ ڪارول (Richard Carvil) جي نالي سان هڪ ٻيو ناول ڪڍڻ جو ارادو رکي ٿو جنهن بابت پڪ آهي ته انگلينڊ ۽ آمريڪا ۾ چڱو خاصو وڪرو ٿيندو. مسٽر ونسٽن چرچل پڻ هڪ ناول جو ليکڪ آهي جيڪو هاڻي ميڪملنز ميگزين ۾ قسطوار ڇپجي رهيو آهي جنهن بابت کيس اميد آهي ته اهو به انگلينڊ ۽ آمريڪا ۾ ڪجهه نه ڪجهه وڪرو ٿيندو. هو پهرئين آڪٽوبر تي سوڊان جي جنگ بابت هڪ ٻي فوجي تاريخ پڻ شايع ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. کيس پڪ آهي ته مسٽر ونسٽن کي جيڪڏهن ٻئي ڪنهن ذريعي مان نه ته هن خط مان خبر پئجي ويندي ته انهيءَ ڳالهه جو شديد خطرو موجود آهي ته سندس ڪتابن کي غلطيءَ وچان مسٽر ونسٽن چرچل جو سمجهيو ويندو. کيس پڪ آهي ته مسٽر ونسٽن چرچل هن وانگر اها ڳالهه ڪڏهن به نه چاهيندو. مستقبل ۾ جيترو ٿي سگهي غلطين کان بچڻ لاءِ مسٽر ونسٽن چرچل اهو فيصلو ڪيو آهي ته هو هاڻي جيڪي به ليک، ڪهاڻيون يا ٻيون شيون ڇپرائيندو انهن تي اڳ وانگر ’ونسٽن چرچل‘ بجاءِ ونسٽن اسپينسر چرچل نالو لکندو. کيس يقين آهي ته اهو بندوبست مسٽر ونسٽن چرچل کي پسند ايندو ۽ هو هن غير معمولي اتفاق جي نتيجي ۾ وڌيڪ ڪنهن مونجهاري کان بچڻ لاءِ هيءَ تجويز رکي ٿو ته مسٽر ونسٽن چرچل ۽ مسٽر ونسٽن چرچل پنهنجن ڪتابن ۾ هڪ مختصر نوٽ شامل ڪري عوام کي ٻڌائين ته ٻنهي مان ڪنهن جا ڪهڙا ڪتاب آهن. مسٽر ونسٽن چرچل جيڪڏهن مسٽر ونسٽن چرچل جي تجويز سان اتفاق ڪري ته انهيءَ نوٽ جي عبارت بابت وڌيڪ ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي ٿي. هو هن موقعي مان فائدو وٺندي مسٽر ونسٽن چرچل کي سندس اسلوب ۽ سندس ڪتابن جي ڪاميابي تي واڌايون ڏئي ٿو جيڪي رسالن توڙي ڪتابي صورت ۾ سندس نظرن مان گذرندا رهيا آهن ۽ کيس يقين آهي ته مسٽر ونسٽن چرچل جي نظر مان به هن جي جيڪا به شي گذري هوندي انهيءَ مان هن ساڳئي خوشي حاصل ڪئي هوندي.


ونڊسر، ورمونٽ
جون 21، 1899.

مسٽر ونسٽن چرچل، مسٽر ونسٽن چرچل جو ڏاڍو شڪرگذار آهي جو هن مسٽر ونسٽن چرچل جي سامهون اهڙو موضوع آندو آهي جنهن مسٽر ونسٽن چرچل کي ڏاڍو پريشان ڪيو آهي. مسٽر ونسٽن چرچل، مسٽر ونسٽن چرچل پاران ڀلائي ڪري پنهنجن ڪتابن، ليکڪن وغيره ۾ ’ونسٽن چرچل‘ جو نالو اختيار ڪرڻ کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. پر مسٽر ونسٽن چرچل انهيءَ ڳالهه جو به اضافو ڪري ٿو ته هن کي جيڪڏهن ڪي ٻيا نالا هجن ها ته اهو انهن مان ڪو ضرور اختيار ڪري ها. مسٽر ونسٽن اسپينسر چرچل (جنهن کي اڳتي انهيءَ نالي سان سڏيو ويندو) جون تحريرون ’سينچري‘ ۾ سندس پهرئين ڪهاڻي ڇپجڻ کان وٺي مسٽر ونسٽن چرچل نظرن مان گذرنديون رهيون آهن. مسٽر ونسٽن چرچل کي تڏهن اندازو ئي نه هو ته مسٽر ونسٽن چرچل جون تحريرون سندس پاران فڪشن ۾ ڪيل ڪوشش سان ڪنهن به لحاظ کان ٽڪراء ۾ اينديون. مسٽر ونسٽن اسپينسر چرچل پاران مسٽر ونسٽن چرچل ۽ مسٽر ونسٽن اسپينسر چرچل جي تحريرن ۾ هڪ نوٽ شامل ڪرڻ جي تجويز- جنهن جي عبارت ٻنهي جي رضامندي سان ٺهندي- مسٽر ونسٽن چرچل کي بلڪل قبول آهي. مسٽر ونسٽن اسپينسر چرچل جيڪڏهن مهرباني ڪري اهو نوٽ تحرير ڪندو ته مسٽر ونسٽن چرچل لازماً انهيءَ جي هر ڳالهه سان اتفاق ڪندو.
ٻي ڳالهه اها ته مسٽر ونسٽن چرچل پنهنجن دوستن ۽ پبليشرن کان راءِ وٺندو ته ڇا سندس ڪتابن جي سرورقن تي سندس نالي پٺيان ’آمريڪي‘ جو لفظ وجهڻ مناسب ٿيندو. هنن کي جيڪڏهن اها ڳالهه درست سمجهه ۾ آئي ته هو پنهنجن پبلشرن کي ايندڙ اشاعتن ۾ اها تبديلي ڪرڻ جي گذارش ڪندو.
مسٽر ونسٽن چرچل پنهنجا ٻه ناول مسٽر ونسٽن چرچل ڏانهن موڪلي رهيو آهي. هو مسٽر ونسٽن اسپينسر چرچل جي ڪتابن کي ڏاڍو پسند ڪري ٿو ۽ ڏاڍي خوشيءَ سان سيورولا کي پڙهڻ جو منتظر آهي.
اهڙي طرح هر ڳالهه ڏاڍي خوشگوار نموني طي ٿي وئي ۽ عوام به آهستي آهستي انهيءَ حقيقت کي سمجهي ورتو ته ساڳئي نالي وارا به مختلف شخص هڪ ئي وقت منظر تي اچي ويا آهن جيڪي هاڻي انهن جي ادبي ۽ جيڪڏهن ضرورت پئي ته سياسي ضرورتن جو چڱي چوکي انداز ۾ پورائو ڪندا. آءُ جڏهن هڪ سال پوءِ بوسٽن ويس ته مسٽر ونسٽن چرچل مون کي ڀليڪار ڪندڙ پهريون شخص هو. هن منهنجي مان ۾ ڏاڍي پُرتڪلف ضيافت ڪئي جنهن ۾ ڪيترائي نوجوان گهرايائين ۽ اسان ٻنهي هڪٻئي جي واکاڻ ۾ تقريرون به ڪيون. اتي به البت ڪجهه مونجهارو برقرار رهيو جو منهنجي سموري ٽپال هن جي ائڊريس تي ويندي رهي ۽ ڊنر جو بل مون ڏانهن هليو آيو. مون کي اها ڳالهه ٻڌائڻ جي ته ضرورت نه آهي ته انهن ٻنهي غلطين جو بنا دير ازالو ڪيو ويو.

* * * * *

اولڊهام مان ڪنزرويٽو ميمبر مسٽر رابرٽ ايسڪروفٽ (Robert Ascroft) هڪ ڏينهن مونکي هائوس آف ڪامنز وٺي هليو اتي هو مون کي سموڪنگ روم ۾ وٺي ويو ۽ هڪ اهم رٿا بابت ڳالهه ٻولهه شروع ڪيائين. اولڊهام جي حلقي مان ٻه ميمبر چونڊجن ٿا ۽ هن وقت ٻئي سيٽون ڪنزويٽو پارٽي وٽ هيون. ٻنهي مان سينئر ميمبر ايسڪروفٽ جي پوزيشن مضبوط هئي ڇاڪاڻ جو هن کي نه فقط ڪنزرويٽر ووٽرن جي حمايت حاصل هئي پر هو اولڊهام جي (Cotton Operatives Trade Unions) جو به آزمايل ۽ بااعتماد وڪيل هو. لڳو ٿي ته سندس ساٿي ڪجهه وقت کان بيمار هو ۽ مسٽر ايسڪروفٽ ڪنهن اهڙي ماڻهو جي ڳولها ۾ هو جيڪو هن سان گڏجي ڪم ڪري. هن سمجهيو ٿي ته آءُ ڪم ڪري ويندس. هن ڪجهه معقول ڳالهيون به ڪيون ته نوجوانن وٽ گهڻو ڪري وڏي عمر جي ماڻهن جيترو پئسو نه هوندو آهي. مون کي انهيءَ دکدائڪ حقيقت جي رد ۾ چوڻ لاءِ ڪا به ڳالهه نه ٿي سُجهي. بهرحال لڳي پيو ته سندس سوچ اها هئي ته سڀئي رنڊڪون عبور ٿي سگهيون ٿي ۽ آءُ ڪنهن ويجهي تاريخ تي اولڊهام اچي سندس سرپرستي ۾ هڪ گڏجاڻي ۾ خطاب ڪرڻ لاءِ راضي ٿي ويس.
هن گڏجاڻي جي تاريخ به مقرر ٿي وئي هئي جو ڪجهه هفتن کان پوءِ اخبارن منهنجي لاءِ ڏاڍي افسوس جي باعث مسٽر ايسڪروفٽ جي موت جي خبر ڏني. اها ڳالهه ڏاڍي عجيب ٿي لڳي جو ڏاڍو توانو ۽ مصروف ۽ بظاهر بلڪل خوش چڱو ڀلو ڏسڻ ۾ ايندڙ ماڻهو ائين هٿن مان نڪتو هليو وڃي جڏهن ته هو پنهنجن دوستن جي صحت بابت ڏاڍو فڪرمند هوندو هو اهي جيئرا ويٺا هئا. اولڊهام جو محنت ڪش طبقو رابرٽ ايسڪروفٽ جي ڏاڍي عزت ڪندو هو. انهن ”محنت ڪشن جي دوست“ (The Workers Friend) طور سندس خدمت جي مڃتا طور هڪ مجسمو ٺاهڻ لاءِ چندو ڪري ٻه هزار پائونڊن کان وڌيڪ رقم گڏ ڪئي هئي. انهي رقم جو وڏو حصو تمام ٿورا ٿورا پئسا ٿي گڏ ٿيو هو. انهن جو شرط اهو هو ته انهن پئسن مان ڪنهن اسپتال ۾ بسترا نه رکيا ويندا، ڪنهن لائبريري ۾ اضافا نه ڪيا ويندا، ويندي ڪو ڦوهارو به نه هنيو ويندو. مطلب ته ڪا به ڪم ايندڙ شي نه پر فقط هڪ يادگار ٺاهيو ويندو. مون کي ذهن ۾ آيو ته اها لنڪاشائر ڪارڪن طبقي جي هڪ خصوصيت هئي. انهن جو چوڻ هو ته اهي پاڻ کي ڪا سوکڙي ڏيڻ نه ٿا چاهين.
هاڻي اها خالي جاءِ ڀرجي وڃڻي هئي ۽ انهن فوراً مون کي اڳتي ڪري ڇڏيو. چيو ٿي ويو ته فوتي معزز ميمبر مون کي جهڙوڪر چونڊي ويو هو. هڪ گڏجاڻي کي خطاب ڪرڻ لاءِ منهنجو نالو به اشتهاري بورڊن تي اچي ويو هو. انهيءَ ۾ منهنجي پيءُ جي ياد شامل ڪرڻ سان ڪيس مڪمل ٿي ويو ٿي. مون کي ڪنهن به گذارش، طلب يا ڪنهن ڪاميٽيءَ آڏو پيش ٿيڻ کان اڳ ئي سيٽ تي مقابلو ڪرڻ لاءِ رسمي طور دعوت ملي وئي. ڪنزرويٽو سينٽرل آفيس ۾ ’اسڪپر‘ مقامي فيصلي مان بلڪل مطمئن ٿي ڏسڻ ۾ آيو پر هن جو زور انهيءَ ڳالهه تي هو ته ڇوٽي چونڊ مان فائدو ورتو وڃي ۽ ٻئي سيٽون هڪ ئي وقت خالي ڪيون وڃن، سندس رايو هو ته حڪومت انهيءَ وقت اهڙي سٺي پوزيشن ۾ نه هئي جو لنڪاشائر جون ڇوٽيون چونڊون کٽي سگهي. انهيءَ جي ڪجهه مهينن جي عرصي ۾ اولڊهام ۾ ٻي خالي سيٽ جي ضرورت نه هئي. لارڊ سالسبري کي ٻن ٽن سيٽن جو نقصان ڪجهه به نه ڪري ها. اهي ٻئي سيٽون هاڻي هارائي ڇڏڻ ۽ عام چونڊن تائين اولڊهام تان آسرو پلي ڇڏڻ ئي بهتر هو جو عام چونڊن ۾ اهي ٻئي وري کٽي سگهجن ها. انهيءَ سوچ جي اهميت مون کان ڳُجهي نه هئي. پر انهن ڏينهن ۾ مون کي ائين نظر آيو ته ڪهڙين به حالتن ۾ ڪهڙي به قسم جو سياسي مقابلو ماٺ ڪري ويهڻ کان بهتر آهي. تنهنڪري مون پنهنجو جهنڊو ڦڙڪائي ڇڏيو ۽ لڙائي ڏانهن پيش قدمي شروع ڪري ڇڏي.
اهڙي طرح آءُ هاڻي ڇوٽي چونڊ ۾ ڪاهي پيس. اهڙن واقعن جي جيڪا مڪمل پبلسٽي ٿيندي آهي اها هن چونڊ جي به ٿي رهي هئي. مون هيستائين چوڏهن چونڊ مقابلن ۾ حصو ورتو آهي جن مان هر هڪ زندگيءَ جو تقريباً هڪ مهينو وٺي ٿو. اسان جي زندگي جي مختصر عرصي تي غور ڪندي اهو ڏسي ڏاڍو افسوس ٿو ٿئي ته زندگي جا سارا چوڏهن مهينا انهيءَ ٿڪائيندڙ گوڙشور ۾ گذري ويا آهن. ڇوٽيون چونڊون جيڪي مون پنج وڙهيون آهن اهي ته عام چونڊن کان به وڌيڪ خراب هونديون آهن جو ملڪ جا سمورا چرياڻ، خبطي ۽ انهن سان واسطيدار ٻيا سمورا ماڻهو ۽ سموريون ڄورن جهڙيون ’ترقياتي‘ تنظيمون ويچاري اميدوار کي سوگهو ڪري وٺنديون آهن. هو جيڪڏهن حڪومت جو حمايتي آهي ته دنيا اڄ سمورا ڏک سور ۽ انساني سماج جون سموريون اوڻايون آڻي سندس آڏو ڍير ڪيون وينديون آهن ۽ هن کان رڙيون دانهون ڪري پڇيو ويندو آهي ته هو انهن بابت ڪهڙا قدم کڻندو.
تڏهن يونينسٽ (Unionist) حڪومت غير مقبول ٿيندي پئي وئي. لبرل به ڪافي وقت حڪومت کان ٻاهر هئا. تنهنڪري ووٽرن به تبديلي ٿي چاهي. انگريزن کي سواءِ ڪجهه تمام وڏن موقعن جي انهيءَ عياشيءَ کان محروم نه ٿو رکي سگهجي ته اهي وزير ڀلي کڻي ڪهڙي به پارٽيءَ جا هجن انهن کي ڌڪي ٻاهر ڪڍندا ۽ انهن جي پاليسي ڀلي ڪهڙي به هجي؛ انهيءَ ۾ تبديلي آڻيندا رهن. تنهنڪري مون ابتڙ طرف ۾ ٻيڙي هاڪاري ڇڏي. ٻيو ته ڪنزرويٽو انهيءَ وقت هائوس آف ڪامنز مان Tithes Bill پاس ڪرائي رهيا هئا جنهن سان چرچ آف انگلينڊ جي ويچارن غريب پادرين لاءِ ڪجهه سهوليتون پيدا ٿي پون ها. پر نان ڪنفورمسٽ[1] ۽ ويسلي (Wesleyans) جيڪي لنڪاشائر ۾ ڏاڍو اثر رسوخ رکندا هئا انهن کان اها اميد نه پئي ڪري سگهجي ته اهي هن معاملي ۾ گهڻو جوش خروش ڏيکاريندا. ريڊيڪل (The Radicals) ته ايترا بي حيا ٿي ويا جو هن فلاحي قدم کي (The Clerical Doles Bill) جي نالي سان سڏڻ لڳا. مون کي اها ڳالهه ٻڌائڻ جي ته ضرورت نه آهي ته اولڊهام پهچڻ تائين منهنجي دل ۾ هن تڪرار جي ڪنهن به پهلو ڏانهن جهڪاءَ نه هو. منهنجي تعليم توڙي فوجي تجربن جي مدد سان مون کي ذري برابر به خبر نه ٿي پئي ته اهڙي ڪنهن مسئلي تي مون ۾ ڪهڙا جذبا پيدا ٿيڻ گهرجن. تنهنڪري مون پڇا ڪئي ته انهيءَ سموري معاملي جي حقيقت ڇا آهي. منهنجن وڏن حمايتين جي اڪثريت ريڊيڪلن جي انهيءَ سوچ سان متفق ٿي لڳي ته Clerical Doles Bill هڪ وڏي غلطي هئي. انهن جيئن ئي مونکي مسئلا سمجهائي بس ڪئي ته مون کي هڪ حل نظر اچي ويو. هاڻي انهيءَ ۾ ته ڪو شڪ نه هو ته پادرين جي گذر سفر جو مناسب بندوبست هئڻ گهرجي. جيڪڏهن اهڙو بندوبست نه ڪيو ويو ته اهي پنهنجي حيثيت مطابق ڪيئن رهي سگهندا. ڀلا انهن سڀني کي مساوي حيثيت ۾ ڇو نه رکجي جيئن اسين آرميءَ ۾ ڪندا آهيون؟ هر مذهبي فرقي جي انهيءَ جي پيروڪارن جي مطابق ڪٿ ڪري، انهن سڀني کي پاڻ ۾ ملائي واڌو پئسا انهن ۾ برابر ورهائي ڇڏجن. اها ڳالهه سٺي، منطقي، عزت ڀري ۽ مصالحت واري آهي. مون کي حيرت پئي ٿي ته اها ڳالهه اڳ ۾ ڪنهن کي ذهن ۾ نه آئي هئي. پر مون جڏهن اها رٿا پنهنجي ڪاميٽي جي ڪجهه ميمبرن آڏو پيش ڪئي ته انهن سڀني جي سوچ اها پئي لڳي ته انهيءَ سان مسئلو حل نه ٿيندو. حقيقت ۾ ته انهن چيو ته اها ڳالهه ڪنهن به لحاظ کان بهتر نه آهي. جيڪڏهن سڀني جي سوچ اها هئي ته پوءِ لازماً حقي واجبي ڳالهه به اها ئي هوندي. تنهنڪري آءُ سڀني جي ڀلائي واري پنهنجي تجويز تان دستبردار ٿي ويس ۽ ٻين اهڙن موضوعن جي ڳولها ۾ لڳي ويس جن جي بنياد تي برطانيه جي انهيءَ وقت جي سڀ کان وڏي چونڊ حلقي کي حمايت تي آماده ڪري سگهجي.
انهيءَ وقت مقابلي ۾ منهنجو نئون ساٿي به مون سان اچي مليو. سندس شموليت کي سينٽرل آفيس جو سڀ کان وڏو داء سمجهيو پئي ويو. هو ٻيو ڪير نه پر مسٽر جيميس ماڊسلي (James Mawdsley) هو. هو سوشلسٽ خيال رکندڙ ۽ Operative Spinners Association جو ڏاڍو مانائتو سيڪريٽري هو. آءُ ٽوري محنت ڪش طبقي جي جن به اميدوارن سان مليو آهيان مسٽر ماڊسلي انهن جو سڀ کان سچو ۽ کرو نمونو آهي. هو ٽوري جمهوريت ۽ ٽوري سوشلزم جي واکاڻ ڏاڍي بهادري سان ڪندو هو. هن ٻنهي پارٽين کي منافق قرار ڏئي ڇڏيو هو پر لبرل وڌيڪ خراب هئا. هن کي وري انهيءَ ڳالهه تي فخر هو ته هو قديم برطانوي وڏگهراڻي جي هڪ چشم و چراغ سان گڏ انهن ماڻهن جي حمايت ۾ بيٺو آهي جيڪي هن کي چڱيءَ طرح سڃاڻن ٿا ۽ جن جو گهڻي وقت کان مٿس اعتماد رهيو آهي. انهيءَ سوچ مون کي به ڏاڍو متاثر ڪيو ۽ اها ڪجهه ڏينهن ڪامياب نظر آئي. وڏگهراڻي جي چشم و چراغ ۽ سوشلسٽ ۾ ڀائيواري سياست جي هڪ شاندار نئين رخ طور ظاهر ٿي رهي هئي. پر بدمزاج ۽ ويڙهاڪ ريڊيڪل انهيءَ شاندار تاثر کي ڦٽائيندا رهيا. انهن کي ٽريڊ يونينسٽن ۾ موجود ڪجهه ناراض ماڻهن کان به ڏاڍي مدد ملي رهي هئي. اهي ويچاري مسٽر ماڊسلي تي پنهنجي طبقي کي ڇڏي وڃڻ جا الزام به هڻندا رهيا. انهن جو ڪنزرويٽو پارٽي ڏانهن رويو به ڏاڍو گستاخاڻو هو. اهي ته لارڊ سالسبري ڏانهن توهين واري رويي کان به نه مڙيا ۽ هن بابت ايترو به چيائون ته هو ترقي پسند سوچ نه ٿو رکي ۽ جديد جمهوري انداز سان ٽڪراءَ ۾ آهي. اسان ته انهن بهتانن کي ٿڏي ڇڏيو. آخر ۾ البت سڀئي لبرل ۽ ريڊيڪل ٽريڊ يونينسٽ ٿڌا ٿي ويا ۽ پنهنجي پارٽي کي ووٽ ڏنائون ۽ اسان وٽ فقط پنهنجا مضبوط حمايتي ئي باقي رهيا جيڪي به پنهنجي پليٽ فارم تي هڪ بڇڙي سوشلسٽ جي منظر تي اچڻ تي ڪجهه پريشان لڳا پيا هئا. انهيءَ دوران اسان جي ٻنهي لبرل مخالفن پنهنجي اهميت مڃرائي ورتي. انهن مان وڏي مسٽر ايماٽ (Mr. Emmott) جو اولڊهام ۾ پيڙهين کان هزارين ائٽ هلائيندڙ ڪٽنب سان تعلق هو. هو دولتمند، تجربيڪار ۽ ڦوه جواني ۾ هو ۽ شهري زندگي جي تاڃي پيٽي ۾ اُڻيل هئڻ سان گڏوگڏ هن ۾ ڪجهه اهڙيون صلاحيتون پڻ موجود هيون جن کيس اڳتي هلي اعليٰ سرڪاري عهدي ۽ حڪومت جي خلاف هڪ مقبول پارٽيءَ جي سربراهي تي پهچايو. هن جهڙي مخالف تي حاوي ٿيڻ سولو ڪم نه هو. انهن مان ننڍو مسٽر رنسيمئن (Mr. Runciman) تڏهن نوجوان ۽ ڏاڍو ٺاهوڪو مڙس هو. هو به ڏاڍو دولتمند، اڇو اجرو ۽ باصلاحيت ماڻهو هو ۽ غير معمولي اهليت وارو اميدوار هو. منهنجو غريب ٽريڊ يونينسٽ دوست ۽ آءُ گڏجي به پنج سو پائونڊ به مشڪل سان هٿ ڪري سگهون ها انهيءَ هوندي به اسان تي اهو الزام هنيو ٿي ويو ته اسين سماج جي ڪنهن ذاتي مفاد رکندڙ گروهه جي نمائندگي ڪري رهيا آهيون جڏهن ته اسان جا اڍائي اڍائي لک لهندڙ مخالف غريبن ۽ گُهرجائن جي نمائندگي ڪرڻ جون دعوائون ڪري رهيا هئا. اهو ڏاڍو عجيب تضاد هو.
مقابلو ڏاڍو سخت ۽ ڊگهو هليو. مون حڪومت جي خوبين، سماج جي موجوده نظام، حڪومت طرفان مڃيل چرچ (Establish Church) ۽ سلطنت جي اتحاد جو دفاع ڪيو. آءُ پنهنجي تقريرن ۾ چوندو هوس ته انگلينڊ جي آبادي اڳ ۾ ڪڏهن به ايتري نه هئي ۽ نه ئي اڳ ۾ ڪڏهن انهن کي کائڻ لاءِ ايترو گهڻو مليو هو جيترو هاڻي ملي ٿو. آءُ برطانيه جي قوت ۽ طاقت، سوڊان جي آزادي ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ قيدين کان ٺهرايل شيون ملڪ ۾ آڻڻ جي ضرورت بابت ڳالهائيندو هوس. مسٽر ماڊسلي به منهنجي پيروي ڪندو هو. اسان جا مخالف محنت ڪش ماڻهن جي بدحالي، ڪچين آبادين ۾ گندگي، اميرن ۽ غريبن جي وچ ۾ تمام وڏي فرق ۽ خاص طور (Clerical Doles Bill) جي ناانصافي تي ٻڌل هئڻ تي افسوس جو اظهار ڪندا هئا. مقابلو تمام اڻبرابري وارو ٿئي ها پر لنڪا شائر جي محنت ڪشن کي اها تمام عجيب صلاحيت آهي ته اهي انهن کان ووٽ وٺندڙ جي خوبين ۽ خامين کي توري ڏسندا آهن ۽ اڻبرابري وارين ڳالهين بابت سوچ ويچار ڪري ڏسندا آهن ته انهن ۾ ڪجهه سڌارا ۽ واڌارا ڪرڻ سان ڪهڙا نتيجا نڪرندا. آءُ صبح کان شام تائين تقريرون پيو ڪندو هوس ۽ مسٽر ماڊسلي به پنهنجو اهو نعرو لڳاتار پيو ورجائيندو هو ته لبرل ٽورين کان وڌيڪ منافق آهن.
اولڊهام نِجو محنت ڪشن تي ٻڌل چونڊ حلقو آهي. انهن ڏينهن ۾ اتي تمام خوشحال طبقو رهندو هو. اهي انڊيا، چين ۽ جپان لاءِ نه فقط سوٽي شيون ٺاهيندا هئا پر انهيءَ سان گڏوگڏ آساليز (Asa Lees) جي ڪارخانن ۾ اهڙيون مشينون به ٺاهيندا هئا جن جي مدد سان آخرڪار اهي ملڪ اهي شيون پاڻ به ٺاهڻ جي قابل ٿي وڃن. سموري شهر ۾ اهڙو ڪو به هوٽل نه هو جتي ماڻهو رات گذاري. اتي امير گهراڻا به ڪي ڳاڻ ڳڻيا هئا. پر اهڙن مطمئن محنت ڪشن جا هزارين گهر هئا جن جي حالت ۾ اڌ صدي کان وڌيڪ عرصي کان آهستي آهستي بهتري ايندي ٿي وئي. انهن جي خوشحالي جو معيار وڌندو ٿي ويو. انهن جي ڇوڪرين جي مٿن تي اوني شالون ۽ پيرن ۾ ڪاٺ جون چاکڙيون اينديون ٿي ويون. مون انهن کي دنيا جي معاملن ۾ ڪجهه پوندي به ڏٺو ته به انهن جي زندگيءَ جو معيار انهن ڏينهن واري خوشحاليءَ کان گهڻو سٺو هو. انهن ڏينهن ۾ ’چئن پيڙهين ۾ چاکڙين کان چاکڙين تائين‘ جي چوڻي مشهوري هوندي هئي. يعني پهرئين پيڙهي پئسو ڪمائيندي آهي ٻين انهيءَ ۾ واڌارو ڪندي آهي ٽين اهو اجايو خرچ ڪري ڇڏيندي آهي ۽ چوٿين وري اچي ڪارخاني ۾ پهچندي آهي.
اليڪشن مهم هلندي اڌ ۾ منهنجن مکيه حمايتن مون کي Clerical Doles Bill جي حمايت تان هٿ کڻڻ جي منٿ ڪئي. جيئن ته مون کي خبر ئي نه هئي ته انهيءَ بل جي پويان محرڪ جذبو ڪهڙو آهي نه ئي مون کي انهيءَ سان ڪا جذباتي وابستگي هئي تنهنڪري انهيءَ تان دستبردار ٿيڻ جي خواهش وڌي وئي. مون به انهيءَ خواهش آڏو ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو ۽ پنهنجن حمايتن جي پُرجوش نعرن جي گوڙ ۾ اعلان ڪري ڇڏيو ته آءُ جيڪڏهن چونڊجي ويس ته انهيءَ قدم جي حمايت ۾ ووٽ نه ڏيندس. اها ڏاڍي خطرناڪ غلطي هئي، ڇو ته حڪومت يا پارٽين جو دفاع ايستائين ڪنهن به ڪم جو نه ٿيندو آهي، جيستائين توهان انهن خراب ۾ خراب ڳالهين لاءِ به انهن جو دفاع نه ڪريو جن بابت انهن تي حملا ٿي رهيا هجن. مون جنهن وقت اهو اعلان ڪيو انهيءَ وقت بل تي تمام شديد بحث مباحثا ٿي رهيا هئا. ويسٽ منسٽر ۾ حڪومت تي انهيءَ ڳالهه تي لعنت ملامت ٿي رهي هئي ته انهيءَ جو پنهنجو چونڊيل اميدوار انهيءَ مسئلي تي لنڪاشائر جي ووٽرن کي منهن نه ٿو ڏئي سگهي. اولڊهام ۾ وري ٻي ڌُر منهنجي اعتراف تي جوش ۾ اچي بل تي پنهنجا حملا شديد ڪري ڇڏيا. زندگيءَ جو اهو به هڪ سبق ٿيو! منهنجي خيال ۾ ته آءُ ڪنهن فخر کان سواءِ اها ڳالهه چئي سگهان ٿو ته آءُ انهن ڏينهن ۾ چڱو سٺو اميدوار هوس. اها ڳالهه آهي ته اسان جي پاسي ماڻهن ۾ سچو پچو جوش ۽ جذبو موجود هو ۽ انهن محنت ڪش ماڻهن جا ميڙ ڏسي منهنجي دل کي ڏاڍي خوشي ٿيندي هئي ته ڪيئن نه اهي ڏاڍي جذبي سان ۽ ڪنهن مالي فائدي جي لالچ کانسواءِ اسان جي سلطنت تي پنهنجي فخر ۽ مملڪت جي قديم روايتن سان پنهنجي محبت جو اظهار ڪندا. پر جڏهن ووٽن جي ڳڻپ ٿي ته اسان کي شڪست اچي وئي. جملي 23000 پيل ووٽن مان- تڏهن انگلينڊ ۾ ايترا ووٽ اڳ ۾ ڪڏهن نه پيا هئا- آءُ کٽيندڙ اميدوار کان تيرهن سو ووٽ گهٽ هوس ۽ مسٽر ماڊسلي جا مون کان ٽيهه ووٽ گهٽ هئا.
پوءِ هڪٻئي تي الزامن جو سلسلو شروع ٿي ويو جيڪو هر قسم جي شڪست کان پوءِ سدائين ٿيندو آهي. سڀني ماڻهن مون تي الزام پئي هنيا. مون اها ڳالهه ڏٺي آهي ته ماڻهو الزام تقريباً سدائين مون تي هڻندا آهن. منهنجي خيال ۾ ته انهيءَ جو سبب اهو آهي ته هو سمجهن ٿا ته آءُ اهي سٺي نموني برداشت ڪري ويندس. ٽورين جو اعليٰ طبقو ۽ ڪارلٽن ڪلب وارا چوڻ لڳا ته هن جي چڱي خاطر تواضع ڪريو جو هو سوشلسٽ سان گڏ بيٺو هو. ڪو به بااصول شخص اهو ڪم نه ڪري ها. مسٽر بالفور تڏهن هائوس آف ڪامنز جو ليڊر هو. انهيءَ جو اها ڳالهه ٻڌي ته مون Clerical Tithes Bill جي خلاف بيان ڏئي ڇڏيو آهي ته مون کي مڃڻو پوندو ته هن تڏهن لابيءَ ۾ جيڪي لفظ چيا اهي بلڪل برحق هئا ته I thought he was a young man of promise, but it appears he is a young man of promises. پارٽيءَ جي اخبارن ۾ نمايان جاين تي ليک ڇپيا جن ۾ چيو ويو هو ته محنت ڪش ماڻهن تي ٻڌل چونڊ حلقن ۾ چونڊ وڙهڻ جو ڪم نوجوان ۽ ناتجربيڪار اميدوارن جي حوالي ڪري ڇڏڻ تمام وڏي غلطي هئي. پر پوءِ سڀني ماڻهن انهيءَ دکدائڪ واقعي مان جلد از جلد جان ڇڏائڻ ٿي گهري. آءُ لنڊن موٽيس ته منهنجي اندروني احساسن جي حالت اهڙي هئي جهڙي شامپين يا سوڊا واٽر جي اڌ خالي بوتل جي سموري رات ٻوچ ڏيڻ کان سواءِ رکڻ سان ٿيندي آهي.
آءُ جڏهن پنهنجي ماءُ جي گهر موٽيس ته ڪير به مون سان ملڻ نه آيو. باقي مسٽر بالفور جيڪو مون سان سدائين مخلص رهيو ۽ منهنجي مزاج کي سمجهندو هو انهيءَ مون ڏانهن پنهنجن هٿن اکرن ۾ خط لکيو جيڪو مون هاڻي پنهنجن تمام قديم ڪاغذن مان ڳولهي ڪڍيو آهي.

1899 – 07 – 10

مون کي اولڊهام ۾ تنهنجي ناڪاميءَ جو ٻڌي ڏاڍو افسوس ٿيو ڇاڪاڻ ته مون کي وڏي اميد هئي ته توکي جلد از جلد ايوان ۾ ڏسان جتي گذريل ڏينهن ۾ تنهنجي پيءُ ۽ مون ڪلهو ڪلهي ۾ ڏئي ڪيترائي معرڪا سرانجام ڏنا هئا. پر مون کي اميد آهي ته تون انهيءَ واقعي مان همٿ نه هاريندين. هي وقت ڪيترن ئي سببن جي ڪري ڇوٽي چونڊ وڙهڻ لاءِ بلڪل مناسب نه هو ڇاڪاڻ ته ڇوٽي چونڊ جي مخالف ڌر تنقيد جي مورچي ۾ محفوظ بيٺي هوندي آهي ۽ انهيءَ کي حڪومت جي مقابلي ۾ ڪو به پروگرام آڻڻ جي ضرورت نه هوندي آهي. اها سدائين فائدي واري ڳالهه ٿيندي آهي. وڌيڪ اهو ته اهڙي وقت مخالف ڌر جي تنقيد ٻڌڻ لاءِ ماڻهو به بلڪل آماده ۽ تيار هوندا آهن. نوڪرين ڏيڻ وارن ماڻهن ۽ ادارن کي ڪمپينسيشن بل ناپسند هوندو آهي. ڊاڪٽر وئڪسينيشن بل کي ناپسند ڪندا آهن ته وري عام پبلڪ پادرين کي ناپسند ڪندي آهي. تو پاران (Tithes Bill) کي رد ڪرڻ واري ڳالهه پادرين کي نه وڻي هئي. آرينج مين[2] به ڏاڍا ڪاوڙيل آهن ۽ لور پول تجويزن لاءِ ووٽ ڏيڻ جي واعدي تي به ٿڌا نه ٿا ٿين. حقيقت اها آهي ته تنهنجن قدمن مان جن ماڻهن کي فائدو پهچندو اهي احسان ئي نه ٿا مڃين ۽ جيڪي ماڻهو انهن مان پاڻ کي تڪليف سمجهن ٿا اهي انهن تي افسوس جو اظهار ڪن ٿا. لنڪاشائر سيٽ تي مقابلو ڪرڻ لاءِ اهڙيون حالتون بنهه ناسازگار آهن.
بهرحال تون پريشان نه ٿي سڀ ڳالهيون صحيح ٿي وينديون ۽ هي ننڍڙو جهٽڪو تنهنجي سياسي قسمت تي ڪو دائمي خراب اثر نه وجهندو.

* * * * *

انهيءَ جولاءِ جي آخر ۾ مون مسٽر چيمبر لين سان چڱي ڊگهي گفتگو ڪئي. آءُ هن سان جيتوڻيڪ پنهنجي پيءُ جي گهر ۾ ڪيترائي دفعا مليو هوس ۽ هن پاڻ به ڪيترن موقعن تي مون کي ڏاڍي مهرباني سان کيڪاريو هو پر هي پهريون موقعو هو جو آءُ هن سان حقيقي معنيٰ ۾ واقف ٿيس. اسين ٻئي منهنجي دوست ليڊي جيئون (Lady Jeune) جا مهمان هئاسين. سندس ٽيمس نديءَ جي ڪناري تي ڏاڍو وڻندڙ گهر هوندو هو ۽ اسان شام جو لانچ ۾ چڙهي درياء جو سير پڻ ڪيو هو. مسٽر ايسڪئٿ کان ته جيترو ٿي سگهندو هو آفيس جي وقت کان پوءِ سرڪاري ڳالهه ٻولهه نه ڪندو هو پر مسٽر چيمبرلين سياست تي ڳالهه ٻولهه لاءِ هر وقت تيار هوندو هو. هو ڪابه ڳالهه لڪائيندو نه هو ۽ گڏوگڏ حيرت انگيز طور تي تمام بي تڪلفي سان ۽ سڌو سنئون ڳالهائيندو هو. سندس گفتگو ڄڻ ته عملي سياست جي تعليم هوندي هئي. هن کي راند جي هر داء ۽ پيچ ۽ هر تفصيل بابت ڄاڻ هوندي هئي ۽ ٻنهي وڏين پارٽين ۾ اندروني طور ڪم ڪندڙ وڏين طاقتن کان چڱيءَ طرح واقف هوندو هو. لانچ ۾ توري ڊنر جي وقت گفتگو بنيادي طور اسان ٻنهي جي وچ ۾ رهي. سائوٿ آفريڪا وري اهم موضوع جي حيثيت اختيار ڪرڻ لڳو هو. صدر ڪروگر سان بالادستي جي اهم ۽ ڳنڀير مسئلي تي مذاڪرات آهستي آهستي قومي ۽ بين الاقوامي ڌيان ڇڪرائي رهيا هئا. پڙهندڙ کي انهيءَ ڳالهه جو يقين هئڻ گهرجي ته آءُ مضبوط موقف اختيار ڪرڻ بابت ڏاڍو پرجوش هوس ۽ مون کي مسٽر چيمبرلين جا اهي لفظ ياد آهن ته: ”اهڙي ڪاهه لاءِ بگل وڄائڻ جو ڪو فائدو ئي ڪونهي جو ڪنڌ ورائي پٺتي جو ڏسجي ته ڪو سپاهي ئي نه هجي.“ پوءِ اسين لانچ ۾ هڪ پيرسن ماڻهوء وٽان گذرياسين جيڪو نديءَ جي ڪناري تي پنهنجي ڪرسي تي اڀو لڳو ويٺو هو. ليڊي جيئون چيو: هو ڏسو لبوچيئر (Labourchere) ويٺو آهي. مسٽر چيمبرلين ”پراڻين ٿڳڙين جي هڙ!“ چوندي پنهنجي شديد سياسي مخالف کان منهن ٻئي پاسي ڪري ڇڏيو. سندس منهن تي نفرت ۽ حقارت جو جيڪو مختصر پر شديد اظهار پيدا ٿيو اهو ڏسي آءُ ڏاڍو ڇرڪجي ويس.
باقي وقت آءُ The River War ڪتاب ۾ ٻڏل رهيس. ڏکيو ڪم سمورو ٿي ويو هو ۽ هاڻي آءُ پروفن سان راند جي وڻندڙ مشغلي ۾ رڌل هوس. آءُ هاڻي جيئن ته فوجي نظم و ضبط کان به آزاد هوس تنهنڪري لارڊ ڪچنر بابت منهنجي ذهن ۾ جيڪا به ڳالهه آئي ٿي اها ڪنهن به ڊپ، خوشامد يا محبت کانسواءِ لکي ٿي ۽ مون حقيقت ۾ ائين ئي ڪيو. هن مهديءَ جي مقبري جي جهڙي ريت بي حرمتي ڪئي هئي ۽ جنهن وحشياڻي نموني مهدي جي سري گاسليٽ جي دٻي ۾ وجهي ٽرافي طور کڻي ويو هو انهيءَ تي منهنجا جذبا به مجروح ٿيا هئا. انهيءَ واقعي تي پارليامينٽ ۾ ڏاڍو بحث مباحثو ٿيو هو ۽ جڏهن جان مورلي ۽ مانچيسٽر گارڊين اخبار جو ايڊيٽر مسٽر پي. سي. اسڪاٽ جنرل تي حملن جي وارو وار لائي ڏني هئي ته گيلري ۾ ويٺي اهي مون کي به پنهنجي دل جو آواز محسوس ٿيا ها. لبرل ته انهيءَ عمل تي سخت ڪاوڙيل هئا ۽ انهن جي نظر ۾ اهو ڪم فقط هن (Huns) ۽ وانڊل (Vandals) ئي ڪري سگهيا ٿي. ٽورين ته انهيءَ کي ڀوڳ ٿي سمجهيو. تنهنڪري آءُ ته اڳي ئي ميڙ کان ٻاهر نڪري ويو هوس.
اسان آڪٽوبر جي وچ ڌاران ڪتاب پڌرو ڪرڻ جو سوچي ڇڏيو هو ۽ آءُ ته پنهنجي ٻن جلدن ۾ سڀ کان وڏي ڪم جي عوام جي آڏو اچڻ جا ڏينهن ڳڻي رهيو هوس.
پر جڏهن آڪٽوبر جو وچ اچي پهتو ته اسان سڀني کي ٻين مسئلن بابت سوچڻو پئجي ويو.


________________
[1] اهي پروٽيسٽنٽ عيسائي جيڪي چرچ آف انگلينڊ جا پيروڪار نه هجن. (سنڌيڪار)
[2] پروٽيسٽنٽ عقيدي جي مضبوطي ۽ پکيڙ لاءِ 1795ع ۾ آئرلينڊ ۾ قائم ڪيل هڪ سياسي تنظيم جا رڪن. (سنڌيڪار)

باب ارڙهون: جنرل بُلر سان گڏ ڪيپ ڏانهن روانگي With Buller to the Cape

چيو ويندو آهي ته عظيم تڪرار ننڍڙن سببن مان نه پر ننڍڙن واقعن مان جنم وٺندا آهن. سائوٿ آفريڪا جي جنگ کان فوراً اڳ ٿيندڙ واقعن تي نه فقط انگلينڊ پر سموري دنيا جي گهري نظر هئي. برطانوين ۽ بوئرن[3] جي وچ ۾ مجوبا هِل جي واقعي کان وٺي لاڳاپن جي ڊگهي ڪهاڻي ۽ انهيءَ منحوس واقعي کان اڳ غلط فهمين جي اڃان ڊگهي آکاڻي کان عوام جي وڏي اڪثريت واقف هئي. سن 1889ع ۾ ٿيندڙ مذاڪرات ۽ تڪرار جي هر مرحلي تي مخالف ڌر جي ڪوڙي نظر هئي ۽ انهيءَ تي هائوس آگ ڪامنز ۾ پُرزور بحث مباحثا ڪري رهي هئي. اونهاري ۽ سرءُ جا مهينا گذرندي گذرندي برطانوي سياست ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي وئي جن مان هڪ جو خيال هو ته بوئر رياستن Republics)) سان جنگ ضروري ۽ اڻٽر هئي جڏهن ته ٻيا انهيءَ راءِ تي مضبوط بيٺا هئا ته ڳالهين ٻولهين، ڌيرج ۽ پيش بيني کان ڪم وٺندي جنگ کي ٽاريو وڃي.
انهيءَ اونهاري جي مهينن ۾ ڏاڍي گرمي ۽ ٻُٽ ٿي هئي. ماحول آهستي آهستي پر مسلسل ڇڪتاڻ وارو ٿيندو پئي ويو جنهن ۾ ايندڙ طوفان جا آثار چٽا پئي نظر آيا. ٽرانسوال ٽي سال اڳ جيمسن ريڊ (Jameson Raid) کان وٺي وڏي پيماني تي هٿيار گڏ ڪندو پئي ويو. سٺي نموني سان هٿياربند پوليس آئوٽ لينڊرس کي ڏاڍي سختي سان دٻايون ويٺي هئي. جرمن انجنيئر جوهانسبرگ جي ٻاهران مٿاهين تي واقع هڪ قلعي جا نشان ڳولهي رهيا هئا جيئن اتان جي توپخاني مان شهر کي هٿ هيٺ رکي سگهجي. هالينڊ ۽ جرمني مان توپون، بارود ۽ رائفلون ايتري مقدار ۾ اچي رهيون هيون جن سان نه فقط ٻنهي بوئر رياستن جي آبادي پر سموري ڪيپ ڪالونيءَ ۾ ڊچ نسل جي ماڻهن جي وڏي انگ کي هٿياربند ڪري سگهجي ها. برطانوي حڪومت بغاوت توڙي جنگ جو خطرو محسوس ڪندي آهستي آهستي ناتال ۽ ڪيپ ۾ پنهنجين ڇانوڻين ۾ فوجين جي انگ ۾ واڌارو ڪندي وئي. انهيءَ دوران ڊائوننگ اسٽريٽ[4] ۽ پريٽوريا[5] جي وچ ۾ خطن ۽ چٺين جو سلسلو به هلندو رهيو.
ٽرانسوال جي پاليسي هلائيندڙ دلير ۽ بهادر ماڻهن اوچتو آڪٽوبر جي شروعاتي ڏينهن ۾ هڪ هِڪاڻي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. پريٽوريا 8- آڪٽوبر تي انهيءَ الٽيميٽم جي تار موڪلي ڇڏي ته بوئر رياستن جي سرحدن سان لاڳو علائقن مان برطانوي فوجون هٽايون وڃن ۽ انهن ڏانهن ڪمڪ موڪلڻ بند ڪئي وڃي. الٽيميٽم ۾ ٽن ڏينهن جو مدو ڏنل هو. انهيءَ کان پوءِ جنگ لڳڻ يقيني هئي.
بوئرن جي الٽيميٽم واري تار کي ٽيپ مشينن تي هلندي اڃان هڪ ڪلاڪ ئي مس گذريو هو ته اوليور بورٿ وڪ مون وٽ اڍائِي سو پائونڊ في مهيني تي مارننگ پوسٽ جي مکيه جنگي نامه نگار طور مقرر ڪرڻ جي آڇ کڻي آيو جنهن ۾ ٻيا سڀ خرچ اخبار ڀريندي، گهمڻ ڦرڻ ۽ ڪنهن به قسم جي راءِ رکڻ تي منهنجو پنهنجو اختيار هوندو ۽ نوڪريءَ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ چئن مهينن جي گارنٽي ڏنل هئي. نوڪري سان گڏ اهي شيون ملي رهيون هيون جيڪي منهنجي خيال ۾ ته برطانوي صحافت ۾ اڳ ۾ ڪڏهن به ڪنهن جنگي نامه نگار کي نه مليون هيون ۽ اهي چوويهن ورهين جي ڄمار واري نوجوان لاءِ ته لازماً پُر ڪشش هجن ها جنهن تي پنهنجي خرچ پکي جيترو ڪمائڻ کان سواءِ ڪابه ذميواري نه هئي. سڀ کان پهريون جهاز Dunottar Castle يارهين تاريخ روانو ٿيڻو هو. مون فوراً انهيءَ جي ٽڪيٽ وٺي ڇڏي.
مون کي گهر ۾ جيڪي ٻه ٽي ڪلاڪ مليا اهي خوشگوار اميدن سان تيارين ۾ گذري ويا. لنڊن ۾ هڪ طرف ته حب الوطني وارو جوش و خروش هو ته ٻئي پاسي پارٽين جي موقف بابت شديد ٽڪراء عروج تي هو. هاڻي هڪٻئي پٺيان جلدي جلدي اهي خبرون اچڻ لڳيون ته بوئرن پاڻ شروعات ڪري ڇڏي آهي ۽ انهن جون فوجون ڪيپ ڪالوني ۽ ناتال ڏانهن وڌي رهيون آهن، جنرل سر ريڊورس بُلر (General Sir Redverse Buller) برطانيه جو ڪمانڊر انچيف ٿي ويو آهي، رزرو (Reserve) دستن کي به گهرايو ويو آهي ۽ اهو ته اسان جي واحد آرمي ڪور کي فوراً ٽيبل بي (Table Bay) ڏانهن اماڻيو پيو وڃي.
منهنجي ذهن ۾ خيال آيو ته مون کي سفر کان اڳ مسٽر چيمبرلين سان ملڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. وزير صاحب جيتوڻيڪ مصروف هو پر هن مون کي ڪالونيل آفيس ۾ ملڻ جو وقت ڏنو ۽ آءُ جڏهن اتي وقت تي نه پهچي سگهيس ته هن مون ڏانهن نياپو موڪليو ته آءُ هن سان ٻئي ڏينهن صبح جو سوير شهزادن جي باغ (Princes Gardens) ۾ سندس گهر ۾ مِلان. آءُ انهيءَ غير معمولي ماڻهو سان سندس ڪيرئر جي هڪ تمام فيصلائتي گهڙيءَ ۾ وڃي ملاقاتي ٿيس. هو معمول مطابق سگار ڇڪي رهيو هو. هن هڪ سگار مون کي به پيش ڪيو. اسان صورتحال تي تقريباً ڏهه منٽ ڳالهه ٻولهه ڪئي. مون کي ٻڌايو ته آءُ ڪهڙي ڪم تي وڃي رهيو هوس. پوءِ هن چيو ته: مون کي لازماً ڪالونيل آفيس پهچڻو آهي. تون ڀلي مون سان گڏجي هل. اسين رستي ۾ ڳالهائينداسين.
انهي ڏينهن ۾ پرنس گارڊنز کي وهائيٽ هال[6] تائين گهوڙي گاڏيءَ ۾ پندرهن منٽ لڳي ويندا هئا. آءُ ته انهيءَ سفر کي ڪهڙي به حالت ۾ مختصر ٿيڻ نه ڏيان ها. مسٽر چيمبرلين جنگ جي امڪاني رخ بابت ڏاڍو پُراميد هو.
هن چيو ته بُلر کي گهڻي دير نه ٿي وڃي. هن کي عقلمندي جو مظاهرو ڪندي جلدي نڪري وڃڻ گهربو هو. هاڻي جيڪڏهن بوئر ناتال تي ڪاهه ٿا ڪن ته سر جارج وهائيٽ پنهنجن سورهن هزار فوجين سان سموري معاملي کي سولائي سان منهن ڏئي ويندو.
”ميفڪنگ شهر بابت توهان جو ڇا خيال آهي؟“
’ها، ميفڪنگ جو شايد محاصرو نه ٿي وڃي. پر اهي جيڪڏهن ٻه ٽي هفتا نه ٿا ڪڍي وڃن ته باقي ٻي ڪهڙي اميد ڪجي؟‘
پوءِ هن ڏاڍي دانشمندي سان چيو: ”بهرحال مون کي وار آفيس جي موقف مطابق پنهنجي راءِ قائم ڪرڻي آهي. بلڪل پُر اعتماد آهن. مون کي ته انهن جي ئي ڳالهه تي هلڻو آهي.
انهن ڏينهن جي برطانوي وار آفيس (War Office) کي هائوس آف ڪامنز طرفان پورو سارو خرچ ملندو هو ۽ گذريل ٻن پيڙهين کان هلندڙ انهيءَ طريقي ۾ ڪنهن شديد ضرورت جي صورت ۾ به ڪا تبديلي نه ٿي آندي وئي. وار آفيس جون سوچون خيال انهيءَ وقت جي واقعي حقيقتن سان ايترو ته اڻ لاڳاپيل هئا جو آسٽريلوين پاران سپاهين جو هڪ دستو موڪلڻ جي گذارش جو فقط اهو جواب ڏنو ويو ته ”گهوڙيسوارن بجاءِ پيدل سپاهين کي ترجيح ڏني ويندي.“ بهرحال انهن جي پنهنجي انٽيليجنس برانچ جيڪا هڪ جدا عمارت ۾ ڪم ڪندي هئي انهيءَ بوئر رياستن بابت رپورٽن جا ٻه جُلد تيار ڪيا هئا. جيڪي پوءِ پارليامينٽ ۾ به پيش ڪيا ويا هئا. انهن ۾ تمام مڪمل ۽ تز معلومات ڏنل هئي. انهيءَ برانچ جي سربراه سر جان ارداگ (John Ardagh) سيڪريٽري آف اسٽيٽ فار وار لارڊ لينسڊائون کي ٻڌايو هو ته ٻه لک ماڻهو گهربل هوندا. سندس راين کي حقارت سان رد ڪيو ويو ۽ بُلر ڏانهن موڪليل ٻه جلد هڪ ڪلاڪ جي اندر انهي پيغام سان گڏ واپس موڪليا ويا ته ”هو سائوٿ آفريقا بابت هر ڳالهه جي ڄاڻ رکي ٿو.“ لڳي پيو ته فقط انڊر سيڪريٽري آف اسٽيٽ مسٽر جان وائينڊ هام (John Wyndhan)- جنهن تڏهن هڪ رات مون سان گڏجي ماني کاڌي هئي- کي ئي انهيءَ ڪم ۾ درپيش مشڪلاتن ۽ اهو جنهن پيماني تي ٿيندو انهيءَ جو اندازو هو. هن چيو ٿي ته بوئر مڪمل تيار آهن ۽ مقرر رٿائن مطابق ڪم ڪري رهيا آهن. انهن وٽ بارود جا وڏا ذخيرا هئڻ سان گڏوگڏ هڪ انچ جا گولا فائر ڪندڙ ڳري ميڪسم (Maxim) جو هڪ نئون قسم به هو (اسين اڳتي هلي انهيءَ کان چڱي طرح واقف ٿياسين. انهيءَ کي پوم – پوم به چيو ويندو هو) هن جو خيال هو ته مهم جي شروعات شايد سٺي نه ٿئي، برطانوي فوجن تي شديد حملا به ٿي سگهن ٿا، وڏي پيماني تي متحرڪ دشمن انهن کي هِتي هُتي گهيري ۾ به آڻي سگهي ٿو ۽ انهن جي چُرپر روڪي انهن کي هڪ جاءِ تي بيهاري انهن کي ساڳين مئڪسمن سان ٽڪرا ٽڪرا به ڪري سگهي ٿو. آءُ اهو اعتراف به ڪري ڇڏيان ته جواني جي جذبي ۽ جوش ۾ مون کي اهو ٻڌي ڏاڍو سڪون مليو ته جنگ بلڪل هڪ طرفي نه ٿيندي يا اها محدود ٿيندي ٿيندي وڃي ڪنهن فوجي پريڊ يا مظاهري جو روپ نه اختيار ڪري ويندي. مون سوچيو ته بوئر ڏاڍا جوڌا ٿي پيا آهن جو سموري برطانوي سلطنت سان اچي مهاڏو اٽڪايو اٿائون ۽ مون کي ڏاڍي خوشي به ٿي ته انهن پنهنجي بچاءُ جو پورو بندوبست ڪيو هو.
هاڻي اچو ته ڪجهه سبق سکي وٺون. توهان هرگز، هرگز، هرگز اهو نه سمجهي ويهجو ته ڪا به جنگ آسان ۽ ڪنهن مشڪلات کان سواءِ پوري ٿي ويندي يا ائين به نه سمجهجو ته جيڪو انهيءَ عجيب سفر تي نڪري ٿو اهو سامهون ايندڙ خطرن جو پتو به لڳائي ويندو. جنگي جنون جي آڏو گوڏا کوڙي ويندڙ سياستدان کي اها ڳالهه ضرور ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته جنگ جو سگنل ڏيڻ کان پوءِ جنگي پاليسي تي سندس گرفت ڪڏهن به نه رهندي پر هو هاڻي اهڙن واقعن جو غلام ٿي پوندو جن بابت اڳ ۾ ڪنهن سوچيو به نه هوندو ۽ اهي ڪنهن جي ڪنٽرول ۾ به نه ايندا. جنگ جو اعلان ٿي وڃڻ کان پوءِ ڪائونسل جي اجلاس ۾ دقيانوسي وار آفيس، ڪمزور، نااهل يا مغرور ڪمانڊر سان گڏوگڏ ناقابل اعتبار اتحادين، دشمن اڻ ڌرين، خراب قسمت، اڻ وڻندڙ اتفاقن ۽ خطرناڪ غلط اندازن کي به ذهن ۾ رکڻو پوندو. توهان کي ڀلي ڪيتري به پڪ هجي ته توهان سولائي سان فتح حاصل ڪري ويندؤ ته به اها ڳالهه ڪڏهن نه وسارجو ته جيڪڏهن ٻي ڌر ائين نه سمجهي ها ته هو به کٽي سگهي ٿي ته جنگ لڳي ئي نه ها.

* * * * *

منهنجي پيءُ جي هڪ پراڻي دوست بلي جيرارڊ، ڪيترا سال اڳ سر ريڊروس بلر کان واعدو وٺي ڇڏيو هو (جيئن مون سر بائينڊن بلڊ کان ورتو هو) ته جنرل کي جيڪڏهن ڪڏهن به جنگ جي ميدان ۾ فوج جي ڪمان ملي ته هو کيس پنهنجي اسٽاف ۾ شامل ڪندو. لارڊ جيرارڊ جي هاڻي عمر وڏي ٿي وئي هئي، پئسو به تمام گهڻو ٿي ويو هوس، سماج ۾ ڏاڍو مشهور هو ۽ ريس جي گهوڙن جي مکيه مالڪن ۾ سندس شمار ٿيندو هو. هن جي محاذ تي روانگي ويجهو اچڻ جي موقعي تي سر ارنيسٽ ڪيسل (Earnest Cassel) سندس مان ۾ ڪارلٽن هوٽل ۾ ڊنر جو اهتمام ڪيو. شان و شوڪت جي انهيءَ مظاهري ۾ آءُ به معمولي حيثيت ۾ شامل هوس. انهيءَ طاقتور ۽ خوشيون ملهائيندڙ ماڻهن جي محفل ۾ پرنس آف ويلز ۽ حڪمران نسل جا چاليهه کن ماڻهو شامل هئا. ڪمانڊر انچيف جي شخصي سک ۽ آرام جو بندوبست جيرارڊ جي ذمي ٿيل هو ۽ انهيءَ ڪم جي لاءِ ڊنر جي موقعي تي کيس لنڊن جي تمام بهترين شامپين ۽ تمام پراڻي برانڊي جا ڪيترائي کوکا پيش ڪيا ويا هئا. اهي تحفا ڏيندڙن کيس چيو هو ته جڏهن به اهڙو موقعو اچي ته هو مون کي به انهن نعمتن مان هٿ کولي ڏيندو رهي. هر ڪو ماڻهو اهڙي خوشگوار موڊ ۾ هو جيڪو جنگ شروع ٿيڻ وقت پيدا ٿي پوندو آهي. اسان جي ٽوليءَ ۾ موجود هڪ ماڻهو جيڪو پڻ محاذ تي روانو ٿي رهيو هو اهو پنهنجي گذريل زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن حد کان وڌيڪ الڪحل به واپرائي ويهندو هو. سندس اها عادت هڪ مثال جي صورت اختيار ڪري وئي هئي. هاڻي هو جڏهن اسان کان موڪلائڻ لاءِ اٿيو ته لارڊ مارڪوس بيربيسفورڊ کيس ڏاڍي سنجيدگيءَ سان چيو ته: ”خدا حافظ برزگوار! وي. سي. ذهن ۾ رکجو.“ انهيءَ تي اسان جي ويچاري دوست ڏاڍو متاثر ٿيندي وراڻيو: ”آءُ اهو کٽڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪندس.“ انهيءَ تي لارڊ مارڪوس چيو ته: ”توهان کي غلط فهمي ٿي آهي. منهنجو مطلب وڪٽوريا ڪراس نه پر (Vieux cognac)[7] هو.
آءُ هتي اهو ٻڌائي ڇڏيان ته اهي شامپين ۽ برانڊي جا کوکا ۽ انهن ۾ منهنجو حصو جنگ جي محرومين جي نظر ٿي ويا. اهي هيڊڪوارٽر تي جيئن جو تيئن پهچڻ لاءِ لارڊ جيرارڊ اهو احتياطي اپاء ورتو جو انهن تي ”ارنڊي جو تيل“ جون پرچيو هڻي ڇڏيون. ٻه مهينا پوءِ به جڏهن اهي کوکا ناتال نه پهتا ته هن ڊربن ۾ قائم مرڪز ڏانهن ارجنٽ ٽيليگرام موڪلي پنهنجي ارنڊيءَ جي تيل جي گُهر ڪئي. اتان اهو جواب آيو ته انهيءَ دوا جي دٻن تي لارڊ صاحب جي ائڊريس لکيل هئي اهي غلطي ۾ اسپتال کي اشو ٿي ويا آهن پر هاڻي اها مرڪز ۾ ڪافي مقدار ۾ موجود آهي ۽ ڪمانڊنٽ اها چڱي مقدار ۾ موڪلي رهيو آهي.
اسان جا سائوٿ آفريقا جا ڪيترائي تجربا اهڙي نوعيت جا ٿيڻا هئا.
منهنجو سامونڊي جهاز 11- آڪٽوبر تي بوئرن جي الٽيميٽم ختم ٿيڻ واري ڏينهن تي سائوٿيمٽن مان روانو ٿيو. انهيءَ تي فقط مارننگ پوسٽ جو نامه نگار ۽ سندس قسمت نه پر سر ريڊروس بلر ۽ اسان جي اڪيلي منظم آرمي ڪور جو سمورو هيڊڪوارٽر اسٽاف پڻ سوار هو. بُلر جذبات کان بلڪل خالي ۽ ٿڌو ٿانهريو نظر ايندو هو. هو گهٽ ڳالهائيندو هو ۽ جيڪو ڪجهه ڳالهائيندو هو انهيءَ جو واضح مطلب سمجهه ۾ نه ايندو هو. هو اهڙي قسم جو ماڻهو ئي نه هو جيڪو ڪا ڳالهه سمجهائي سگهي ۽ هو اهڙي ڪا ڪوشش به نه ڪندو هو. هو سنجيده بحث مباحثن ۾ به عام طور فقط ’ها‘ يا ’نه‘ ۾ ورندي ڏيندو هو يا نڙيءَ مان ڪجهه سمجهه ۾ نه ايندڙ آواز ڪڍندو هو. سندس عام رواجي گفتگو ۾ ڪنهن به قسم جي سرڪاري ڳالهه ٻولهه شامل نه هوندي هئي. هن پنهنجي نوجواني ۾ پاڻ کي دلير ۽ ماهر آفيسر ثابت ڪري ڏيکاريو هو ۽ وهائيٽ هال ۾ تقريباً ويهه سال اهڙن اهم انتظامي عهدن تي رهيو هو جن ۾ گهڻو ڪري ڪرسي تي ويهي ڪم ڪرڻو پوي ٿو. سندس سياسي سوچن تي جيئن ته لبرلزم جو رنگ چڙهيل هوندو هو تنهنڪري کيس تمام سمجهدار سپاهي سمجهيو ويندو هو. سندس نالو گهڻي وقت کان عوام جي سامهون رهيو ۽ انهن سڀني خصوصيتن جي سبب هنن جو مٿس تمام گهڻو ويساهه هو. لارڊ سالسبري 9- نومبر 1899ع تي وهائيٽ هال ۾ چيو هو ته: ”منهنجو برطانوي سپاهيءَ تي ايترو ئي اعتماد آهي جيترو ريڊروس بلر تي آهي.“ انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته هو چڱي خاصي سماجي حيثيت جو مالڪ هو. هو غلطين مٿان غلطيون ڪندو مصيبتن مٿان مصيبتون آڻيندو رهيو ته به سندس ملڪ پاران هن جي عزت ۽ سندس سپاهين پاران مٿس ڀروسي ۾ ڪا به کوٽ نه آئي جن سپاهين توڙي پنهنجي کاڌ خوراڪ تي هو ڏاڍو ڌيان ڏيندو هو. هو آزاد ۽ خودمختيار هو، اٿي ويٺيءَ مان ڪجهه رعب تاب ظاهر ڪندو هو ۽ دنيا جو ماڻهو هو. هن مان انهيءَ وقت برطانوين کي اهڙي قسم جو تاثر ملندو هو جهڙو پوءِ اسان جنرل جوفري (Goffre) جي شخصيت مان فرانسي قوم تي پوندي ڏٺو.
جڏهن جنگ ۽ امن جا مسئلا اڃان تارازي جي ٻنهي ٻُڙن ۾ برابر لڙڪي رهيا هئا ۽ اڃان هڪ به گولي نه ڇٽي هئي ته اسان جو جهاز وچ سمنڊ تي پهچي ويو. انهن ڏينهن ۾ وائرليس ته نه هوندي هئي تنهنڪري ڪمانڊر انچيف، هيڊڪوارٽر اسٽاف توڙي مارننگ پوسٽ جو نامه نگار اهڙي هيجاني دور ۾ دنيا کان ڪٽجي ويا. انهيءَ هوندي به اسان کي مديرا (Madeira) ۾ خبرن جي اميد هئي. جتي اسين چوٿين ڏينهن پهتاسين. مديرا ۾ فقط اُهي خبرون هيون ته مذاڪرات پڄاڻي ته آهن ۽ ٻنهي طرفن تي فوج حرڪت ۾ آهي.
هاڻي اسان کي پندرهن ڏينهن اسانجن خيالن تي حاوي ڊرامي جي هڪ جهلڪ کان به پري گذارڻا هئا. اهي پندرهن ڏينهن آسمان صاف ۽ سمنڊ پُرسڪون رهيو جنهن تي جهاز ڏاڍي آرام ۽ بي فڪري سان هلندو رهيو. انهيءَ معمول واري ڪمرشل شرح کان به پنهنجي رفتار نه ٿي وڌائي ڇو ته اهڙو قدم اڳ ۾ ڪڏهن به نه کنيو ويو هو. برطانيه کي ڪنهن گوري ملڪ سان جنگ ڪئي لڳ ڀڳ پنجاهه سال ٿي ويا هئا پر سندس طور طريقن مان ڪٿي به اها سوچ نظر نه ٿي آئي ته ڪو اهڙي معاملي ۾ وقت وڏو اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. پُر سڪون جهاز مڪمل سانت جي آغوش ۾ پئي هليو. انهيءَ جا سِول توڙي فوجي مسافر سامونڊي سفر وارين دستوري راندين ۽ مشغلن ۾ مصروف هئا. بُلر هر روز جهاز جي عرشي تي پُر اسرار ماٺ ۾ واڪ ڪندو هو. اسٽاف آفيسرن ۾ عام راءِ اها هئي ته انهن پاران اتي پهچڻ کان اڳ ئي سمورو کيل ختم ٿي ويو هوندو. جهاز تي موجود اسان جي ڪجهه بهترين آفيسرن کي اها ڳالهه سمجهه ۾ ئي نه ٿي آئي ته بوئرن جهڙي بي قاعدي ۽ غير پروفيشنل فوج منظم ۽ پروفيشنل سپاهين تي ڪيئن ڪاميابي حاصل ڪري سگهندي.
بوئر جيڪڏهن ناتال ۾ ڪاهي پيا ته اهي فوراً جنرل پين سائمنز جي سامهون اچي ويندا جيڪو ناتال جي بلڪل اتر ۾ ڊنڊي (Dundee) ۾ هڪ مڪمل انفنٽري برگيڊ ۽ هڪ ڪيولري رجيمنٽ ۽ آرٽلري جي ٻن بيٽرين سان گڏ موجود هو. اسٽاف آفيسرن کي اهو ڊپ هو ته اهو ڌچڪو انهن کي ايتري تڪيلف ۾ وجهي ڇڏيندو جو اهي وري ڪڏهن به باقاعدي فوج سان زور آزمائي جي ڪوشش ئي نه ڪندا. اهي ڳالهيون ڏاڍيون دلشڪستو ڪندڙ هيون ۽ سر ريڊورس بُلر جيڪڏهن ايترو بي مزي ڏسڻ ۾ پئي آيو ته انهي تي مون کي ڪابه حيرت نه پئي ٿي.
ٻارهن ڏينهن چپ چاپ، امن امان ۾ ۽ اندازا هڻندي گذري ويا. مون تصوراتي صورتحال تي ٻڌل ٻارهن خاڪا ٺـاهي ڇڏيا هئا جن ۾ ڪروگر پاران ڪيپ ٽائون تي قبضي کان وٺي سر جارج وهائيٽ يا ويندي جنرل پين سائمنز پاران پريٽوريا تي قبضو ڪرڻ شامل هو. منهنجي ذهن ۾ انهن مان ڪنهن به ڳالهه کي تسليم نه ٿي ڪيو. بهرحال باقي ٻن ڏينهن کان پوءِ اسان کي خبر پئجي ويندي ته انهن سڪتي جهڙن پندرهن ڏينهن ۾ ڇا ٿي گذريو هو. پوءِ اهو وقفو ختم ٿي ويندو ۽ دنيا جي منظر نامي تان وري پردو کڄي ويندو. اسان کي ڇا ڏسڻ ۾ ايندو؟ مون سوچيو پئي ته جنرل بُلر لاءِ اهو تجسس برداشت ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي ويندو. واقعن ۽ حالتن کان باخبر رهڻ لاءِ هو ڪيتري قيمت ڏئي سگهي ٿو؟ حڪومت به ڪيتري نه بيوقوفي پئي ڪري جو جهاز جي ڪناري تي پهچڻ کان پنج ڏينهن اڳ هن ڏانهن تارپيڊو بوٽ نه ٿي موڪلي جيئن هو سڀني حقيقتن کان باخبر ٿي پنهنجي ذهن کي درپيش مسئلي سان هم آهنگ ڪري ۽ پنهنجن شروعاتي قدمن بابت واندڪائيءَ ۾ آرام سان سوچ ويچار ڪري وٺي.
اوچتو جهاز جي عرشي تي هلچل مچي وئي. بلڪل سامهون هڪ اسٽيمر نظر اچي ويو هو جيڪو چئجي ته معلومات جي سرزمين تان پئي آيو. اسين تڙ تڪڙ ۾ اچي گڏ ٿي بيٺاسين. اسان مان ڪجهه نوجوان جيڪڏهن جوش و خروش مان گوڙ شور شروع ڪري نه ڏين ها ته منهنجي خيال ۾ اهو اسان کان هڪ ميل جي فاصلي تان لنگهي وڃي ها. ”اسين انهيءَ کان ڪجهه خبرون نه وٺون؟“ ”انهيءَ کي بيهاريون ڇو نه؟“ ”انهي تي ڪيپ جون اخبارون ته هونديون!“ ”اسين انهيءَ کي بيهارڻ جي ڪوشش ته ڪري ڏسون!“
اهي ڀڻڪا وڏن سينئرن جي ڪنن تائين وڃي پهتا. ڳنڀير صلاحون مشورا ٿيا. فيصلو اهو ٿيو ته سمنڊ ۾ جهاز کي بيهارڻ غير معمولي ڳالهه ٿيندي. ممڪن آهي ته حڪومت جي خلاف هرجاڻي جي دعوى نه ٿي وڃي يا بغير ڪنهن مناسب سبب جي ريل جي زنجير ڇڪڻ وانگر ڪو ڏنڊ نه پئجي وڃي. دلبراڻي وچئين رستي طور اسٽيمر کي سگنل ڏئي خبرون پڇيون ويون. انهيءَ تي اسٽيمر پنهنجو رستو مٽايو ۽ اسان کان هڪ سو والن کان ڪجهه پرڀرو اچي لنگهيو. اهو ڪو مقرر روٽ تي هلندڙ نه پر رولو (Tramp) اسٽيمر هو ۽ انهي تي ويهن جي لڳ ڀڳ ماڻهو سوار هئا. اهي سڀ اسان کي ڏسڻ لاءِ گڏ ٿي بيٺا ۽ جيئن ته پڙهندڙ چڱيءَ طرح سمجهي سگهي ٿو ته اسان به انهيءَ خيرسگالي جي جذبي جي ساڳئي انداز ۾ موٽ ڏني. اسٽيمر جي عرشي تان هڪ بلئڪ بورڊ کڄي بيٺو ۽ انهيءَ تي اسان هيءَ عبارت پڙهي:

بوئرن کي شڪست اچي وئي آهي.
ٽي لڙايون ٿيون آهن.
پين سائمنز مارجي ويو آهي.

اهو پوءِ اسان جي پٺيان نظرن مان غائب ٿي ويو ۽ اسين انهيءَ مبهم پيغام تي سوچ ويچار ڪرڻ لڳاسين.
اسٽاف آفيسر ته بلڪل هراس ۾ وٺجي ويا. معنى ته ويڙهه ۽ سچيون پچيون لڙايون ٿي رهيون هيون ۽ هڪ برطانوي جنرل به مارجي ويو هو. معنى ته ڏاڍي شديد ويڙهه ٿي هوندي. هاڻي ته بوئرن وٽ ڪا سگهه بچڻ جو امڪان ئي نه هوندو. انهن پاران ٽن لڙاين ۾ شڪست کائڻ کان پوءِ به ڪو امڪان آهي ته اهي پنهنجي اجائي جدوجهد جاري رکندا. اسان جي پارٽي تي وڏي مايوسي ڇائنجي وئي. تڪليف جي وقت ۾ طاقت جي مينار فقط بُلر جي اندر جي ئي خبر نه پئجي سگهي. هن پنهنجي دوربين ذريعي پيغام پڙهيو هو. پر ڪابه ڳالهه ظاهر نه ڪئي هئائين. ڪجهه منٽ گذرڻ کان پوءِ هڪ اسٽاف آفيسر دل جهلي هن سان مخاطب ٿيو.
”سر لڳي ٿو ته سمورو معاملو ختم ٿي ويندو.“
اهڙيءَ طرح مجبور ٿيڻ کان پوءِ هن عظيم انسان هنن لفظن ۾ جواب ڏنو:
”آءٌ ايترو چوندس ته اڃان ايترو ڪم بچندو جو اسان کي پريٽوريا جي ٻاهران هڪ لڙائي ڪرڻي پوندي.“
سندس فوجي حس خاطريءَ واري حقيقت تي ٻڌل هئي. اڃان چڱو خاصو ڪم رهيل هو.
انهيءَ اثرائتي گُفتي اسان جا حوصلا بحال ڪيا. اهو هڪ ماڻهو کان ٻئي تائين ٿيندو چند گهڙين ۾ سموري جهاز تي پکڙي ويو. هر اک ۾ اڳي کان وڌيڪ چمڪ اچي وئي ۽ هر دل بار کان آزاد ٿي وئي. اسٽاف آفيسرن هڪ ٻئي کي مبارڪون ڏنيون ۽ اي ڊي سي تي خوشي ۾ ڊيل وانگر ٽلندا ٿي رهيا. سڀ ماڻهو ايترا ته پُراميد ٿي ويا جو مون جڏهن وڏي آواز سان هي ڳالهيون ڪيون ته: ”جهاز کي بيهاري صحيح خبر وٺڻ ۾ فقط ڏهه منٽ لڳن ها. اهڙي طرح اسان سڀني کي صحيح صورتحال جي خبر پئجي وڃي ها.“ ته ڪنهن به ماڻهوءَ مون ڏانهن منهن ڪري منهنجي ڳالهه ئي نه ٻڌي.
منهنجي سوچ جي ابتڙ مون کي جيڪو مناسب جواب مليو اهو هن ريت هو: ”بي صبرو ٿيڻ نوجوانن جي هڪ ڪمزوري آهي. جيڪو ٿي گذريو آهي انهيءَ بابت اسان کي جلد ئي سڀ ڳالهه معلوم ٿي ويندي. سر ريڊورس بُلر قبل از وقت معلومات نه وٺي پنهنجي مخصوص ٿڌي مزاج جو مظاهرو ڪيو آهي. اها معلومات ڪيپ ٽائون ۾ لهڻ سان ئي هن کي ملي ويندي ۽ جيئن ته ڪمانڊر انچيف جو رايو آهي ته باقي لڙائي اسان جي پريٽوريا پهچڻ کان اڳ نه لڳندي ۽ جيئن ته پريٽوريا ڪيپ ٽائون کان ست سو ميلن کان به وڌيڪ فاصلي تي آهي تنهنڪري بوئرن جي جيتريقدر مزاحمت جي سگهه باقي بچي آهي انهيءَ جو خاتمو ڪرڻ لاءِ سمورا ضروري بندوبست ڪرڻ لاءِ ڪافي وقت ملي ويندو. آخري ڳالهه ته جنگ جي وقت يا کڻي امن جي وقت ئي اعلى آفيسرن تي سوال اٿارڻ جي عادت جنگي نامه نگار ۾ ۽ خاص طور جيڪو ويجهڙائي ۾ فوجي آفيسر به رهيو هجي، افسوسناڪ آهي.“
آءٌ ته بهرحال بي صبرو ئي رهيس ۽ انهيءَ مون تي ڪوبه اثر نه ڪيو.


__________
[3] سائوٿ آفريڪا ۾ رهندڙ ڊچ (هالينڊ ملڪ جا ماڻهو) يا ڊچ نسل جا ماڻهو. (سنڌيڪار)
[4] برطانوي وزيراعظم جي رهائشگاه (سنڌيڪار)
[5] سائوٿ آفريڪا ۽ برطانيه مخالفن جو گاديءَ جو هنڌ (سنڌيڪار)
[6] ويسٽ منسٽر لنڊن ۾ هڪ اسٽريٽ جتي ڪيتريون ئي سرڪاري عمارتون واقع آهن. (سنڌيڪار)
[7] هڪ قسم جو شراب (سنڌيڪار)

باب اوڻيهون: بڪتربند ٽرين The Armored Train

اسان ٽيبل بي ۾ لنگر لاٿو ته اڃان اوندهه لڳي پئي هئي. پر ڪناري تي بيشمار روشنيون ٽمڪي رهيون هيون ۽ اسان جي جهاز جي چوڌاري لانچن جي وڏي هلچل مچي وئي. اعلى عملدار ۽ نيوي ۽ ملٽري جا آفيسر پنهنجون رپورٽون کڻي پهچي ويا. هيڊڪوارٽر اسٽاف اهي رپورٽون پڙهڻ لاءِ سڄي رات ويٺو رهيو. مون اخبارن جو هڪ بنڊل کنيو ۽ انهن کي وڏي توجه سان ويهي پڙهيو.
بوئرن ناتال تي ڪاهه ڪري ڏني هئي، ڊنڊي (Dundee) ۾ اسان جي فوجن تي حملو ڪيو هو ۽ انهن کي جيتوڻيڪ تلانا هل (Talana Hill) واري معرڪي ۾ شڪست آئي هئي ته به جنرل پين سائمنز انهن هٿان مارجي ويو هو ۽ سندس ڪمان وارا جيڪي ٽي يا چار هزار سپاهي تڙ تڪڙ ۽ خطرناڪ نموني ۾ پٺيان پير ڪندا ليڊي سمٿ (Ladysmith) ڏانهن وڃي رهيا هئا، انهن کي لڳ ڀڳ گهيري ۾ آڻي ڇڏيو هو. ليڊي سمٿ ۾ سر جارج وهائيٽ جي ڪمان ۾ ٻارنهن يا تيرهن هزار ماڻهو، چاليهه يا پنجاهه توپون ۽ ڪيولري جي هڪ برگيڊ هئي. هن انهن جي مدد سان بوئرن جي پيشقدمي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. تنهن وقت مون کي جيتوڻيڪ اها خبر نه هئي پر تڏهن برطانوي حڪومت جو ارادو اهو هو ته هو پوئتي هٽي ٽوگيلا ندي (Tugela River) جي ٻئي پاسي هليو وڃي ۽ بوئرن جي پيشقدمي کي ايستائين روڪي جيستائين انگلينڊ ۽ انڊيا مان نڪتل ڪُمڪ هن وٽ پهچي وڃي. سڀ کان وڏي ڳالهه ته هو پنهنجي رسد ڪٽجي وڃڻ ۽ پاڻ کي گهيري ۾ اچي وڃڻ کان بچائي. برطانيه جي وار پلان (War Plan) ۾ اتر ناتال تان عارضي طور هٿ کڻڻ واري ڳالهه سان گڏوگڏ (ڇو ته ان جي ٻاهر نڪتل ٽڪنڊي جو دفاع ممڪن نه هو) اها ڳالهه به زير غور هئي ته ڪيپ ڪالوني مان بُلر جي ڪمان هيٺ مکيه فوج آرينج فري اسٽيٽ (Orange Free State) مان لنگهي پريٽوريا تائين ويندي. انهيءَ رٿا ۾ جلد ئي وڏو خلل پئجي ويو.
مون کي ياد آهي ته مون ڪيترا سال پوءِ هڪ رات هڪ ڊنر پارٽي ۾ مسٽر بالفور کي چيو هو ته سر جارج وهائيٽ سان ڏاڍو خراب سلوڪ ٿيو آهي. اوچتو سندس مُرڪندڙ ۽ کِل مَک منهن تي ڏاڍي سختي اچي وئي ۽ ائين لڳو ڄڻ ڪو بلڪل مختلف ماڻهو مون سان مخاطب هجي. ”اهو ئي اسان کي ليڊي سمٿ ۾ ڦاسائڻ جو ذميوار هو جنهن جو اسين هن کان حساب لهڻون ٿا.“
اسان جي پهچڻ واري ڏينهن (31 آڪٽوبر) ئي ليڊي سمٿ جي آسپاس ڏاڍا ڳنڀير واقعا پيش اچي چڪا هئا. جنرل وهائيٽ جنهن کي ايلانڊس لاگٽ (Elands Legate) ۾ هڪ مقامي ڪاميابي حاصل ٿي هئي. انهيءَ پيشقدمي ڪندڙ پر لڪندڙ ڇپندڙ بوئر ڪمانڊوز خلاف ڏاڍي پُرجوش ۽ جارحانه چُرپر شروع ڪري ڏني. انهيءَ دوران وڏي تباهي ٿي وئي. برطانوي انفنٽري جي تقريباً ٻارنهن سو ماڻهن کي نڪلسنز نيڪ (Nicholson’s Nek) وٽ گهيري ۾ آڻي هٿيار ڦٽا ڪرايا ويا ۽ باقي وڏي پيماني تي ٽڙيل پکڙيل فوجن اچي ليڊي سمٿ ۾ پناهه ورتي. انهن جلديءَ ۾ انهيءَ جي چوڌاري خندقون کوٽي ڇڏيون ته بوئرن به انهيءَ جو چئني طرفن کان گهيرو ڪرڻ ۾ دير ئي نه ڪئي. هاڻي انهن جي ريلوي لائين به ڪٽجي وئي ۽ انهن وٽ ويهي امداد جو انتظار ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو رستو ئي نه بچيو. بوئرن انهن جو چئني پاسن کان گهيرو ڪري پنهنجي فوج جي ٽن مان ٻه حصا انهن جي ناڪابندي تي بيهاري ڇڏيا ۽ بظاهر ائين پئي لڳو ته اهي هاڻي باقي فوج سان توگيلا ندي ٽپي ڏکڻ ناتال تي دٻاءُ وڌائڻ وارا هئا. ٻين بوئرن فوجن به ساڳئي طرح ميفڪنگ ۽ ڪمبرلي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو هو ۽ هاڻي انهن کي بُکن ۾ مارڻ لاءِ کوپو کوڙي ويهي رهيون هيون ۽ آخري ڳالهه اها ته خود ڪيپ ڪالونيءَ جا ڊچ آباديءَ وارا علائقا بغاوت جو علم کڙو ڪرڻ وارا هئا. هيڏي ساري وسيع ننڍي کنڊ[1] ۾ هر ماڻهو جا هٿ پنهنجي ڀاءُ جي ڳچيءَ ۾ هئا ۽ برطانوي توپ جو گولو وڃي سگهيو ٿي.
مون کي جيتوڻيڪ اسان جي پلان توڙي دشمن جي صورتحال بابت ڪابه ڄاڻ نه هئي ۽ ناتال ۾ آيل تباهيءَ جون خبرون به اڃان ظاهر نه ڪيون ويون هيون ته به اسان جي اتي پهچڻ سان ئي اها ڳالهه واضح ٿي وئي هئي ته پهرئين شديد لڙائي ناتال ۾ پيش ايندي. بُلر واري آرمي ڪور کي ڪيپ ٽائون ۽ پورٽ الزبيٿ ۾ گڏ ٿيڻ ۾ هڪ مهينو يا ڇهه هفتا لڳي ويندا. معنى ته ناتال ۾ ٿيندڙ ڪاروايون ڏسڻ ۽ وري مکيه پيشقدمي لاءِ ڪيپ ڪالوني ۾ موٽي اچڻ جو وقت ملي ويندو. مون اها ڳالهه سوچي هئي ۽ ڪجهه ڏينهن پوءِ وڏي افسوس کان پوءِ سر ريڊورس بُلر کي به اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي. فري اسٽيٽ مان هر قسم جي ٽريفڪ بيهجي وئي ۽ هاڻي ناتال پهچڻ لاءِ ڊي آر (De Aar) جنڪشن ۽ اسٽارمبرگ (Stormberg) مان ٿيندو پورٽ الزبيٿ تائين ست سو ميل ريل جو سفر ڪري، اتان وري ڪنهن ننڍي ٽپال ٻيڙي يا وڏن جهازن کي ڇڪڻ واري ٻيڙي ذريعي ڊربن پهچجي ها. انهيءَ ۾ ڪل چار ڏينهن لڳي وڃن ها. ڊي آر کان اسٽارمبرگ تائين ريل جو بند دشمن جي سرحد جي پورو ڇوٽ هليو ٿي. انهيءَ جو ڪنهن به قسم جو دفاع نه هو ۽ ڪنهن به وقت بند ٿي سگهيو ٿي بهرحال اختيارين سمجهيو ته انهيءَ مان لنگهي وڃڻ جو سٺو موقعو آهي. تنهنڪري آءٌ به وقت وڃائڻ کان سواءِ مانچسٽر گارجين جي نامه نگار مسٽر جي بي اٽيڪنس (J.B.Atkins) سان گڏ نڪري پيس. موصوف ڏاڍو ٺاهوڪو نوجوان هو ۽ اڳتي هلي Spectator ايڊيٽر ٿيو. حقيقت اها آهي ته اسان جي ٽرين اتان نڪرندڙ سڀ کان آخري گاڏي هئي ۽ اسين جڏهن اسٽارمبرگ پهتاسين ته اسٽيشن جو اسٽاف پنهنجو سامان ٻڌي رهيو هو.
اسين ايسٽ لنڊن مان تقريباً ڏيڍ سو ٽن واري اسٽيمر تي چڙهياسين. سمنڊ تي تمام خطرناڪ اينٽارڪٽڪ طوفان هلي رهيو هو. مون ته سوچيو پئي ته اهو ننڍڙو جهاز وڏن لهرن ۾ اچي تباه نه ٿي وڃي يا اڇلجي وڃي ٽڪرين تي نه ڪري جيڪي اسان جي کاٻي پاسي کان مشڪل سان هڪ ميل پري لاڳيتو پنهنجا ڪارا ڏند ڪڍيون بيٺيون هيون. پر اهي سڀئي شڪ شبها جلد ختم ٿي ويا ۽ انهن جي جاءِ سامونڊي سفر واري بيماري (sea sickness) جي شديد دورن اچي ولاري. هير سامونڊي سفر ۾ انهن دورن کي منهن ڏيڻ منهنجو مقدر ٿي ويو آهي. جهاز جي پاڇيل ۾ عرشي هيٺان هڪ ننڍڙي ڪيبن ۾ عملي جا ڇهه ست ڄڻا رهندا هئا ۽ سمهندا ۽ ماني به اتي کائيندا هئا. آءٌ اهڙي ئي هڪڙي کُڏي ۾ انتهائي جسماني تڪليف ۾ ورتو پيو هوس ۽ اسان جو جهاز سموري منجهند، شام ۽ رات لڏندو لمندو، آسيرو پاسيرو ٿيندو ۽ وري سڌو ٿيندو رهيو. مون کي ياد آيو ته ٽيٽوز اوٽيز[2] (Titus Outes) چهبڪن جي وڏي مار کائڻ کان پوءِ به ڪيترا سال خوش چڱو ڀلو رهيو هو. اهي پور پچائيندي ۽ اهو پڪو يقين رکندي ته قدرت جي طرفان بهتري ئي ٿيندي مون ۾ به اميدن جو وڏو ذخيرو پيدا ٿي ويو.
هر ڳالهه جي پڄاڻي ٿي وڃي ٿي ۽ خوشي جي ڳالهه اها آهي ته ٻي ڪنهن به ڳالهه کان جسماني تڪليف جي يادگيري جلد وسري وڃي ٿي. انهيءَ هوندي به ڊربن ڏانهن منهنجي سامونڊي سفر جي ’ياد‘ تي `Bab Ballads` جا هيٺيان ٻول ٺهڪي اچن ٿا ته:

انهيءَ جي ورقن تان سڀاڻو جڏهن ڊهي ويندو
ته پنهنجي ذهن جي ڦرهين تي چِٽي لکيل
زماني جي غفائن ۾ کڻي ويندس.

* * * *

اسين ڊربن ۾ لٿاسين ۽ هڪ رات سفر ڪري پيٽر مارٽز برگ پهتاسين. اسپتال اڳي ئي زخمين سان ڀري پئي هئي. هتي مون کي ريگي بارنيس (Reggie Barnes) به نظر اچي ويو. جنهن کي سٿر ۾ گولي لڳي هئي. هن کي ايلانڊس لاگٽ اسٽيشن تي اسان جي شاندار پر ننڍڙي فتح ۾ بلڪل ويجهي فاصلي تان گولي لڳي هئي. انهيءَ معرڪي جي ڪمان منهنجي دوست آئن هيملٽن ڪئي هئي. جيڪو هاڻي جنرل ٿي ويو آهي. هن مون کي لڙائي جو سمورو تفصيل ٻڌايو ۽ اهو به ٻڌايو ته بوئر گهوڙي ۽ رائيفل جي استعمال ۾ ڏاڍا ماهر هئا. انهيءَ دوران هن مون کي پنهنجي ٽنگ به ڏيکاري. ٽنگ جي هڏي ڪابه ڀڳل ته نه هئي پر اها ڍاڪ کان پير جي پٻ تائين ڪاري ڪوئلو لڳي پئي هئي. سرجن پوءِ مون کي خاطري ڏياري ته اهي فقط ٻاهريان زخم هئا ۽ جيئن ته مون کي ڊپ هو پر گوشت سڙيل نه هو آءٌ انهيءَ رات ايسٽ ڪورٽ ڏانهن روانو ٿي ويس جيڪو ڪجهه سَون جي آبادي تي ٻڌل ٽين جي گهرن جو ننڍڙو شهرڙو آهي، انهيءَ کان اڳتي ريل گاڏيون نه ٿي هليون.
منهنجو ارادو ليڊي سمٿ ۾ داخل ٿيڻ جو هو جتي مون کي خبر هئي ته آئن هيملٽن منهنجي سار سنڀال لهندو ۽ مون کي چڱيون شيون ڏيکاريندو پر مون کي گهڻي دير ٿي وئي هئي ۽ دروازو بند ٿي ويو هو. بوئرن ٽوگيلا ندي تي ڪولينسو اسٽيشن تي قبضو ڪري ورتو هو ۽ لوهي ريلوي پل به انهن جي قبضي ۾ هئي. جنرل فرينچ ۽ سندس اسٽاف – جنهن ۾ هيگ (Haig) ۽ هربرٽ لارينس به شامل هئا- ليڊي سمٿ مان توپ خاني جي گولا باري هلندي آخري ريل گاڏي تي چڙهي کسڪي ويا هئا جو انهن کي ڪيپ ڪالوني پهچڻو هو جتي ڪيولري جا دوست گڏ ٿيا هئا. هاڻي ايسٽ ڪورٽ ۾ ويهي انتظار ڪرڻ کان سواءِ ڪو چارو ئي نه هو جتي ناتال جي ڏاکڻين پاسي کي بوئرن جي سِر تي پهتل ڪاهه کان بچائڻ لاءِ ڪجهه دستا تڙ تڪڙ ۾ گڏ ٿي رهيا هئا. ڪالوني جي دفاع لاءِ فقط ڊبلن فيوزيليئرز جي هڪ بٽالين، ٻه يا ٽي توپون، ناتال ڪاربائينيئرز جا چند اسڪواڊرن، ڊربن لائيٽ انفنٽري جون ٻه ڪمپنيون ۽ هڪ بڪتربند ريل گاڏي بيٺل هئي. باقي سموري ناتال آرمي جي ليڊي سمٿ ۾ ناڪابندي لڳي پئي هئي. برطانوي سلطنت جي سمورن حصن مان ڪُمڪ وڏي رفتار سان اچي رهي هئي پر جيڪو هفتو آءٌ ايسٽ ڪورٽ ۾ رهيس انهيءَ دوران اسين ايترا ته ڪمزور هئاسين جو تقريباً هر روز ائين سمجهندا هئاسين ته ڪالهه نه ته اڄ ضرور اسان جو محاصرو ٿي ويندو ۽ اسين پنهنجين چوڪين کي مضبوط ڪرڻ ۽ ٻاهران پُر اعتماد ڏيکاري ڏيڻ کان سواءِ ڪجهه به نه ٿي ڪري سگهياسين.
ايسٽ ڪورٽ ۾ مون کي پراڻا دوست به ملي ويا. ليو آمري (Leo Amery) ڪلاس جو مانيٽر، جنهن کي مون ڏهه سال اڳ هيرو ۾ بدقسمتي سان وهنجڻ جي حوض ۾ ڌڪو ڏنو هو، ۽ جنهن پوءِ پارليامينٽ ۽ حڪومت ۾ گهڻو وقت مون سان گڏجي ڪم ڪيو انهي هاڻي ٽائيمز جي هڪ جنگي نامه نگار طور ڪم ٿي ڪيو. اسين پهريون دفعو هڪٻئي سان برابري ۽ ڀائپي جي بنيادن تي ملياسين ۽ مانسچيسٽر گارجين واري منهنجي دوست سان گڏ ريلوي اسٽيشن جي شنٽگ واري ٽڪنڊي ۾ بيٺل هڪ خالي تنبوءَ ۾ رهياسين. انهيءَ شام جو شهر جي واحد گهٽيءَ ۾ گهمندي مون کي ڪيپٽن هالڊين نظر اچي ويو جنهن تيره مهم دوران مون کي سر وليم لاڪهارٽ جي اسٽاف ۾ مقرر ڪرائڻ ۾ منهنجي ڏاڍي مدد ڪئي هئي. هالڊين ايلانڊس لاگٽ ۾ زخمي ٿي پيو هو ۽ ليڊي سمٿ ۾ گورڊون هائلينڊرز واري پنهنجي بٽالين ۾ شامل ٿيڻ جي آس ڪيون ويٺو هو پر مون وانگر دشمن جي رستا روڪ ۾ اچي ويو هو تنهنڪري کيس ڊبلن فيوزيليئرز جي هڪ ڪمپني جي عارضي ڪمان ڏني وئي هئي. ڏينهن تمام آهستي ۽ تمام اُلڪي ۾ گذري رهيا هئا. اسان جي ننڍڙي فوج جي حالت ڏاڍي خطري واري هئي. ڏهه يا ٻارهن هزار گهوڙيسوار بوئر ڪهڙي به وقت اڳتي وڌي اسان تي حملو ڪري يا اسان جي پسپائي جو رستو بند ڪري سگهيا ٿي. انهيءَ هوندي به جيترو وڌيڪ وقت ۽ جيترو مضبوطي سان ٿي سگهي ايسٽ ڪورٽ تي قبضو برقرار رکڻ ضروري هو. هر ورز صبح جو دشمن جي طرف ڏهن يا پندرهن ميلن تائين ڪيولري جون جاسوس ٽوليون موڪليون وينديون هيون جيئن اهي انهن جي متوقع پيشقدميءَ جي بروقت خبر آڻي ڏين. ڪمان ڪندڙ جنرل جي ذهن ۾ ڪنهن نڀاڳي گهڙيءَ ۾ اها ڳالهه اچي وئي ۽ هن ڪيولري جي ڪوشش ۾ اضافو ڪرڻ لاءِ ريلوي لائين جي سورهن ميلن واري محفوظ ٽڪري تي پنهنجي بڪتربند ٽرين موڪلڻ جو فيصلو ڪيو.
ڏسڻ ۾ ته بڪتربند ٽرين کان وڌيڪ ڪا به شي اثرائتي ۽ ڀوائتي نه لڳندي آهي پر حقيقت ۾ ڌڪ کائڻ ۾ انهيءَ کان وڌيڪ سولي ۽ پنهنجي بچاءَ ۾ بيوس ٻي ڪابه شي نه هوندي آهي. انهيءَ ڀوت کي رڃ ۾ رولڻ لاءِ ڪنهن پُل يا موريءَ کي اڏائڻ ئي ڪافي آهي. اها پنهنجن توڙي ڪنهن به مدد کان سواءِ دشمن جي رحم و ڪرم تي بيهجي ويندي. اها ڳالهه لڳي ٿو ته اسان جي ڪمانڊر جي ذهن ۾ نه آئي هئي. هن ڊبلن فيوزيليئرز ۽ ڊربن لائيٽ انفنٽري جي هڪ هڪ ڪمپني، ايڇ.ايم.ايس ٽيريبل (HMS Terrible) تان آيل ڪجهه خلاصي ۽ هڪ ننڍي ڇهه پائونڊي نيويءَ جي توپ ۽ ڪجهه ڪم ڪار وارن ماڻهن سميت پنهنجي فوج جو اهو چڱو خاصو حصو ڇهن گاڏن واري هڪ بڪتربند ٽرين ۾ چاڙهي ڪولينسو (Colenso) ڏانهن خبر چار لهي اچڻ لاءِ موڪلڻ جو فيصلو ڪيو. هن انهيءَ ڪاروائي جي ڪمان لاءِ ڪيپٽن هالڊين جي چونڊ ڪئي. هالڊين 14- نومبر جي رات مون کي ٻڌايو ته سڀاڻي کيس ڪهڙو ڪم سونپيو ويو آهي ۽ اهو ته هو پرهه ڦٽيءَ وقت انهيءَ ڪم تي روانو ٿي ويندو. هن انهيءَ مهم جي ڪوتاه انديشي بابت پنهنجا شڪ شهبا ته ضرور ظاهر ڪيا پر جيئن جنگ جي شروعات ۾ ٿيندو آهي هو به ٻين ماڻهن وانگر ڪنهن قسم جي مهم جوئي ۽ دشمن سان آمهون سامهون ٿيڻ بابت ڏاڍو پرجوش لڳو پيو هو. مون هن کان پڇيو ته ”آءٌ هن سان گڏ هلان؟“ انهيءَ تي هن وراڻيو ته هو منهنجي گڏجي هلڻ کي پسند ڪندو! هڪ ته سنگت ۾ ٻيو ته مارننگ پوسٽ لاءِ وس آهر معلومات گڏ ڪرڻ منهنجي ڊيوٽي هئي ۽ آءٌ ڪنهن به مصيبت ۾ پوڻ لاءِ به آتو لڳو پيو هوس تنهنڪري مون بغير ڪنهن کٽڪي جي آڇ قبول ڪري ورتي.
انهيءَ کان پوءِ پيش ايندڙ فوجي واقعا عام مشهور آهن ۽ اڪثر بحث هيٺ ايندا رهيا آهن. بڪتربند ٽرين دشمن جي علائقي ۾ چوڏهن ميلن تائين وئي هلي ۽ شيولي (Chieveley) اسٽيشن تائين به اهڙي طرح پهچي وئي جو ناتال جي زمينن جي وسع هيٺ مٿانهين تي ڪنهن به قسم جي مخالفت ته ٺهيو پر زندگي يا چرپر جا ڪي به آثار نظر نه ٿي آيا. اسان شيولي تي ڪجهه گهڙيون ترسي جنرل کي ٽيليگرام ذريعي انهيءَ هنڌ تي پهچي وڃڻ جو اطلاع ڏنو. اسان انهيءَ ڪم مان اڃان واندا ئي مس ٿياسين ته اسان کي پاڻ کان تقريباً ڇهه سو وال پري هڪ ٽڪري تي ڪيتريون ئي ننڍڙيون شڪليون حرڪت ڪندي ۽ اڳتي ڊوڙندي نظر آيون. اهي لازماً بوئر ئي هئا ۽ اسان جو تعاقب ڪري رهيا هئا نه ته ريلوي لائين تي انهن جو ڪهڙو ڪم هو؟ گهڙي گهڙي قيمتي هئي. اسان فوراً پنهنجو واپسي جو سفر شروع ڪيو. اسين جڏهن ٽڪريءَ جي ويجهو پهتاسين ته آءٌ هڪ پيتي تي چڙهيو بيٺـو هوس ۽ منهنجو مٿو ۽ ڪلها آخري بڪتربند گاڏيءَ جي اسٽيل پليٽن کان مٿي هئا. مون کي ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي بوئرن جو هڪ ميڙ نظر آيو. اوچتو انهن جي وچ ۾ ٽن ڦيٿن واريون شيون ظاهر ٿيون ۽ ڏهه يا ٻارهن دفعا روشنين جا تيز چمڪا ٿي وري بند ٿي ويا ۽ دونهين جو هڪ وڏو اڇو گولو ٺهي مخروطي شڪل ۾ اچي ڦاٽي پيو. اهو ايترو ته ويجهو هو جو منهنجي مٿي کان فقط ٻه ٽي فٽ مٿي پئي نظر آيو. اهو شراپنيل (Shrapnel) هو جيڪو مون جنگ ۾ پهريون دفعو گهڻي قدر ته آخري دفعو ڏٺو. گاڏي جي اسٽيل جا پاسا گولين جي ڇڻڪاٽ سان وڄي ويا. ٽرين جي منڍ ۾ هڪ ڌڌڪو ۽ هڪٻئي پٺيان زوردار ڌماڪا ٿيا. ٽڪريءَ جي سڌي پٽ کان اڳتي ريلوي لائين ۾ اوچتو وڏو لاهه اچي ٿي ويو ۽ دشمن جي فائر جي دٻاءَ توڙي لاهي جي سبب اسان جي رفتار تمام وڌي وئي. بوئرن جي توپخاني (ٻه توپون ۽ هڪ پوم-پوم) کي هڪ دفعو ئي گولا ڇوڙڻ جو موقعو ملي سگهيو جو پوءِ اسان ڦيرو کائي انهن جي نظرن کان اوجهل ٿي وياسين. اوچتو منهنجي ذهن ۾ اها ڳالهه آئي ته اڳتي ضرور ڪا ڄار وڇايل هوندي. آءٌ اڃان ڦرڻ وارو ئي هوس جيئن هالڊين کي ٻڌايان ته ڪو ماڻهو ٽرين سان گڏ ڊوڙندو وڃي ڊرائيور کان اسپيڊ گهٽ ڪرائي ته اوچتو تمام وڏو لوڏو اچي ويو ۽ هالڊين، مون ۽ گاڏيءَ ۾ موجود سڀني سپاهين وڃي گاڏيءَ جي فرش تي ڦهڪو ڪيو. چاليهه ميل في ڪلاڪ کان وڌيڪ رفتار سان هلندڙ بڪتربند ٽرين ڪنهن رڪاوٽ يا پٽڙي کي ڪنهن نقصان سبب پٽڙيءَ تان لهي وئي.
اسان جي گاڏي ۾ ڪوبه ماڻهو شديد زخمي نه ٿيو ۽ آءٌ ڪجهه سيڪنڊن ۾ رڙهي سڙهي اٿي بيٺس ۽ بڪتربند ٽرين جي چوٽي مٿان نظر وڌي. ٽرين هڪ واديءَ ۾ دشمن جي ٽڪري تي اسان جي واپسيءَ واري طرف ٻارنهن سو وال کن اڳتي بيٺل هئي. انهيءَ ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي ڪيتريون ئي شڪليون اڳتي ڊوڙنديون ۽ پاڻ کي هيٺ گاهه ۾ اڇلينديون ٿي ويون جتان ڏاڍو شديد ۽ توريل تڪيل فائر ٿي رهيو هو. گوليون مٿن کان سيٽيون وڄائينديون، اسٽيل جي پليٽن تي ڳڙي وانگر سٽڪا ڪري رهيون هيون. آءٌ پنهنجي کُڏڻي تان لهي آيس ۽ هالڊين ۽ مون صلاح مشورو ڪيو ته هاڻي ڇا ڪرڻ گهرجي. صلاح کان پوءِ اهو طئي ٿيو ته هو پنهنجي ڊبلن فيوزيليئرز ۽ ننڍي نيويءَ جي توپ سان آخري گاڏي مان دشمن جي فائر جي شدت کي گهٽائڻ جي ڪوشش ڪري ۽ آءٌ وڃي ڏسان ته ٽرين کي ڇا ٿيو آهي، پٽڙي کي ڪهڙو نقصان پهتو آهي ۽ ڇا انهيءَ جي مرمت ڪرڻ يا نقصان پهتل گاڏن کي رستي تان هٽائڻ جو ڪو امڪان آهي.
آءٌ ٽپ ڏئي گاڏي مان لهي پيس ۽ پٽڙيءَ سان گڏ ڊوڙندو گاڏي جي منڍ وٽ پهچي ويس. انجڻ اڃان پٽڙي تي بيٺي هئي، پهريون گاڏو جيڪا عام رواجي بوگي هئي، اهو بلڪل اونڌو ٿي ويو هو پر لائين تان بلڪل پري بيٺو هو. انهيءَ تي سوار پٽڙيءَ جي مرمت ڪندڙن مان ڪجهه مري ويا هئا ۽ ڪجهه شديد زخمي ٿي پيا هئا. انهيءَ جي پٺيان ٻه بڪتربند گاڏا جن تي ڊربن انفنٽري واري ڪمپني سوار هئي. اهي ٻئي پٽڙي تان لهي ويا هئا. جن مان هڪ اڃان سڌو بيٺو هو جڏهن ته ٻيو پاسي ڀر ڪريو پيو هو. اهي بي ترتيبي ۾ هڪٻئي ۾ گهريا پيا هئا جنهن سان ٻين گاڏين جي واپسيءَ جو رستو ته بند ٿي ويو هو. ڊربن لائيٽ انفنٽري جي ڪجهه ماڻهن کي رهڙون آيون هيون ته ڪي شديد زخمي هئا ته ڪي خوف ۾ ورتا پيا هئا. انهن سڀني هاڻي پاسي ڀر ڪريل گاڏن جي پٺيان عارضي پناه گاه ٺاهي ورتي هئي. دشمن جو فائر لڳاتار هلي رهيو هو ۽ جلد ئي رائيفلن سان گڏ توپن جا ڌڌڪا پڻ ٿيڻ لڳا ۽ انهن جا گولا ويجهو اچي ڦاٽن لڳا. اسين دشمن جي ڄار ۾ ڦاسي چڪا هئاسون.
آءٌ انجڻ جي ڀرسان گذري رهيو هوس ته وري ٻيو شراپنيل ڦاٽو ۽ انهيءَ ۾ موجود گوليون ۽ لوهه جا ٽڪرا سرڙاٽ ڪندا هوا ۾ پکڙجي ويا. ڊرائيور بنا دير ڪيبن مان ٽپ ڏئي لٿو ۽ پاسي ڀر ڪريل گاڏن جي پناهه گاهه ڏانهن وٺي لوهه پاتائين. شراپنيل جي هڪ ٽڪر سندس منهن چچري ڇڏيو هو جنهن مان رت ٺينڍيون ڪري وهي رهيو هو ۽ هو ڏاڍي ڪاوڙ ۾ واويلا ڪري رهيو هو ته ”آءُ سويلين آهيان، مون کي پگهار انهي لاءِ ٿا ڏين ته بمن ۾ مري وڃان؟ نه نه آءُ وڌيڪ هڪ منٽ به نه ترسندس!“ مٿي تي لڳل ڌڪ سبب سندس هوش حواس خطا ٿي ويا هئا ۽ لڳو پئي ته هو شديد هيجاني ڪيفيت سبب انجڻ نه هلائي سگهندو ۽ جيئن ته مشينريءَ جي فقط هن کي ئي ڄاڻ هئي تنهنڪري ڀڄي نڪرڻ جي اميد به ختم ٿي ويندي. تنهنڪري مون کيس چيو ته ڪنهن به ماڻهو کي هڪ ئي ڏينهن ۾ ٻه دفعا ڌڪ نه لڳندو آهي ۽ جيڪو ماڻهو زخمي هئڻ جي باوجود به پنهنجي ڊيوٽي سرانجام ڏيندو آهي انهيءَ کي (Distinguished Gallantry) جو انعام ملندو آهي. مون کيس اهو به چيو ته اهڙو موقعو کيس شايد وري نه ملندو. اهي ڳالهيون ٻڌي هن پنهنجا حواس يڪجاءِ ڪيا، پنهنجي منهن تان رت اگهي، ٽپ ڏئي پنهنجي ڪيبن ۾ چڙهي ويـٺو ۽ پوءِ مون کيس جيڪو به حڪم ڏنو انهيءَ جي بجا آوري ڪيائين (مون کي پنهنجو واعدو پورو ڪرڻ ۾ ڏهن ورهين کان به وڌيڪ عرصو لڳي ويو. فوجي اختيارين هن ماڻهو لاءِ ڪجهه به نه ڪيو هو. پر سن 1910ع ۾ جڏهن آءُ هوم سيڪريٽري هوس ته البرٽ ميڊل (Albert Medal) لاءِ بادشاهه کي مشورو ڏيڻ منهنجي ڊيوٽي ۾ شامل هو. تنهنڪري مون پراڻا رڪارڊ اٿلايا. ناتال جي گورنر ۽ ريلوي ڪمپني سان لکپڙهه ڪئي ۽ آخرڪار ڊرائيور ۽ سندس فائرمين ٻنهي کي سويلين ماڻهن کي ملي سگهندڙ بهادري جو سڀ کان اعليٰ انعام مليو). مون اها راءِ قائم ڪئي ته انجڻ کي داسي طور ڪم آڻيندي ڪريل گاڏن کي اڳتي پوئتي ڌڪي لائين تان هٽائي سگهجي ٿو ۽ اهڙي طرح سموري فوجي پارٽي جي ڀڄي نڪرڻ کي ممڪن بڻائي سگهجي ٿو. لڳو پئي ته لائين کي ڪو به نقصان پهتل نه هو ۽ ڪا به پٽڙي نڪتل نه هئي. آءُ پٽڙي وٺي ڪيپٽن هالڊين جي گاڏي ڏانهن موٽيس ۽ هڪ سوراخ مان کيس صورت حال ٻڌائڻ سان گڏوگڏ کيس اهو به ٻڌايم ته مون ڇا ڪرڻ چاهيو ٿي. هن منهنجي هر ڳالهه سان اتفاق ڪيو ۽ انهيءَ دوران دشمن کي مصروف رکڻ جو ڪم پنهنجي ذمي کنيائين.
آءُ ڏاڍو خوشقسمت هوس جو ايندڙ ڪلاڪ ۾ مون کي ڪو به ڌڪ نه لڳو. منهنجي لاءِ اها ڳالهه ڏاڍي ضروري هئي ته آءُ لاڳيتو ٽرين جي پاسي ۾ ڊوڙندڙ يا کليل جاءِ تي بيهي ڊرائيور کي هدايتون ڏيندو رهان. پهريون ڪم پٽڙي تان اڌ لٿل گاڏي کي مڪمل طور پٽڙي کان لٿل گاڏي کان ڌار ڪرڻو هو. انهيءَ ڪم لاءِ انجڻ کي اهڙي نموني حرڪت ڪرائڻي هئي جيئن اڌ لٿل گاڏي کي لائين تي ايستائين ڇڪي پٺتي آڻيندو وڃجي جيستائين اهو ٻئي گاڏي کان مڪمل طور ڌار ٿي وڃي ۽ پوءِ انهيءَ گاڏي کي پٽڙي تان لاهي ڇڏجي. پٽڙي تان اڌ لٿل گاڏو بي انتها وزني هو ۽ انجڻ جي ڦيٿن ۾ ڇڪڻ جي ڪا سگهه پيدا ٿيڻ کان اڳ ته اهي ڪيترا دفعا پٽڙي تي کِسڪندا ٿي رهيا. آخرڪار گاڏو چڱو پري ڇڪجي آيو ۽ مون رضاڪارن جي گُهر ڪئي جيئن ان کي پـٺيان انجڻ ڌڪي ته اهي رضاڪار ان کي پاسي کان ڌڪي اونڌو ڪن. صاف ّظاهر هو ته اهي ماڻهو ڪافي خطري جي منهن ۾ هوندا. ويهه رضاڪار گهريا ويا هئا ۽ جواب ۾ دير ئي نه ٿي پر گاڏي مان فقط نَوَ ماڻهو ئي ٻاهر نڪتا جن ۾ ڊربن لائيٽ انفنٽري جي ميجر سميت ڊبلن فيوزيليئرز جا چار يا پنج ماڻهو شامل هئا. ڪوشش بهرحال ڪامياب ٿي وئي. گاڏو انهن جي زور تي اڃان مٿي کڄي ويو ۽ انجڻ به صحيح وقت تي ڌڪو ڏنس ته پٽڙي تان پري وڃي ڪريو ۽ رستو صاف ٿي ويو. بچاءُ ۽ ڪاميابي ٻئي گڏ نظر اچي رهيا هئا. پر منهنجي زندگي جي هڪ تلخ ترين نااميدي انهن تي غالب پئجي وئي.
انجڻ جي فوٽ پليٽ[3] ٽينڊر کان ڇهه انچ ويڪري هئا ۽ هاڻي ڦيرايل گاڏي جي ڪنڊ ۾ ڦاسي پئي. هاڻي گهڻو زور ڏيڻ به صحيح نه پيو لڳي ته متان خود انجڻ ئي پٽڙي تان نه لهي وڃي. اسان انجڻ کي پٺين گاڏي کان ڌار ڪيو ۽ هڪ ٻه وال پوئتي ڌڪي وري اڳتي رڪاوٽ ۾ هڻندا رهياسين. انهيءَ هر دفعي ٿورڙي حرڪت ڪئي ٿي پر جلد ئي اها ڳالهه واضح ٿي وئي ته ٻيون پيچيدگيون به پيدا ٿي ويون آهن. پٽڙي تان نئون لٿل گاڏو اڳ ۾ لٿل گاڏي سان انگريزيءَ جي اکر T جي شڪل ۾ اٽڪي پيو ۽ انجڻ جيترو وڌيڪ ڌڪو پئي ڏنو اهو ايترو وڌيڪ بند پئي ٿيندو ويو.
منهنجي ذهن ۾ اها ڳالهه آئي ته گاڏا جيڪڏهن اڳتي ڌڪڻ سان هڪٻئي ۾ مضبوطيءَ سان ڦاسي پون ٿا ته ممڪن آهي ته اهي وري پوئتي ڇڪڻ سان ڍرا به ٿي وڃن. پر هاڻي وري هڪ نئين ڏکيائي پيدا ٿي پئي. انجڻ جي ڪپلنگ (Coupling) جون ڪڙيون اونڌي ٿيل گاڏي کان پنج يا ڇهه انچ ننڍيون ٿي پيون. هاڻي وري ڪنهن فالتو ڪپلنگ جي ڳولها ڪئي وئي. خوشقسمتي سان هڪ ڪڙي هٿ اچي وئي. انجڻ ناڪارا گاڏي کي ڇڪيو ۽ ڪڙي جي ڌار ٿي وڃڻ کان اڳ انهيءَ کي وال کن جيترو پوئتي ڇڪي لائين تان هٽائي ڇڏيائين. هاڻي وڃي لائين بلڪل صاف ٿي. پر وري انجڻ جي فوٽ پليٽ جي ڪنڊ گاڏي ۾ ڦاسي پئي ۽ اسين وري هڪ جاءِ تي بيهجي وياسين ڪم جي جوش ۽ سرگرمي سبب منهنجي ذهن ۾ ٻي ڪا به ڳالهه نه هئي. مون کي ياد آهي ته انهيءَ وقت جي صورتحال بابت مون ائين پئي محسوس ڪيو اسين ڄڻ ڪنهن رائيفل رينج جي ’آئرن ٽارگيٽ‘ جي سامهون بيٺا هجون جنهن تي ماڻهو مسلسل فائرنگ ڪري رهيا هجن. اسين انهن کڙڪندڙ ۽ وڄندڙ لوهي پيتين جي سامهون ستر منٽن تائين اهڙي حالت ۾ بيٺا جُهد پٽيندا رهياسين جو هڪٻئي جي پٺيان گولن جا ڌماڪا ٿي رهيا هئا ۽ گولين جي وسڪاري ۾ ڪو وقفو ئي نه ٿي آيو ۽ هڪ طرف خطري، قيد ۽ شرمساري ۽ ٻئي طرف تحفظ، آزادي ۽ فتح جي وچ ۾ پنجن يا ڇهن انچن جيتري لوهي پٽي جو سنڌو هو.
ٻين سڀني ڳالهين کان وڌيڪ اسان کي انهيءَ ڳالهه جو به ڌيان رکڻو هو ته متان انجڻ ئي لائين تان نه لهي وڃي. پر پوءِ جڏهن توپخاني جي فائرنگ ۾ لاڳيتو اضافو ٿيندو ويو ۽ مخالف طرف کان ٻي توپ به گولاباري شروع ڪري ڏني ته مون هڪ وڏو خطرو کڻڻ جو فيصلو ڪيو. انجڻ کي بلڪل پوئتي هٽائي پوري رفتار سان هلائي رڪاوٽ تي هنيو ويو. انهيءَ سان ڏاڍو تيز چيڪاٽ ٿيو. انجڻ پٽڙي تي لڏي وئي ۽ رڪاوٽ پيدا ڪندڙ گاڏو مٿي کڄي ويو ته اها آزاد ٿي واپسي واري طرف اچي وئي. پر اسان جا ٽي گاڏا پنجاه وال پري ۽ اڃان رڪاوٽ جي پرئين طرف بيٺا هئا جو انجڻ جي ٽپي وڃڻ کان پوءِ اهو گاڏو پنهنجي اصلي حالت ۾ اچي ويو هو. هاڻي ڇا ڪجي؟ اسين انجڻ ته واپس نه ٿي آڻي سگهياسين. ڀلا گاڏا انجڻ تائين هٿن سان ڏڪجي سگهيا ٿي؟ اهي انجڻ کان سوڙها هئا ۽ انهن جي اڳتي کِسڪي وڃڻ جي جاءِ ٿي ويندي.
آءُ وري پٺتي ڪيپٽن هالڊين وٽ ويس. هن اها رٿا منظور ڪئي. هن پنهنجن ماڻهن کي پنهنجي اسٽيل جي بنديخاني مان هيٺ لهڻ ۽ انهي کي انجڻ ڏانهن ڌڪڻ جي ڪوشش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. اها رٿا ته بلڪل درست هئي پر حالتن جي دٻاء هيٺ ناڪام ٿي وئي. گاڏو ڏاڍو ڳرو هو ۽ انهيءَ کي حرڪت ۾ آڻڻ لاءِ سڀئي ماڻهو گهربل هئا. پر فائر به ڏاڍو شديد هو ۽ انهيءَ جي نتيجي ۾ ايترو ته مونجهارو پيدا ٿي رهيو هو جو سڀئي ماڻهو غير محفوظ پاسي کان کِسڪي ويا. دشمن تي جيئن ته اسان جي جوابي فائرنگ جو دٻاءُ به نه رهيو هو تنهنڪري اهي هاڻي ٽڪريءَ تان تمام وڏي انگ ۾ وڏي جوش سان فائرنگ ڪندي صاف نظر اچي رهيا هئا. پوءِ اسين انهيءَ تي يڪراءِ ٿياسين ته انجڻ سڀئي زخمي کڻي آهستي آهستي هلي ۽ ڊبلن ۽ ڊربن ڪمپنين جا ماڻهو انجڻ جي آڏ وٺندا پنڌ هلندا هلن. انجڻ به ماڻهو جي پنڌ جي رفتار تي هلندي. چاليهن کان مٿي ماڻهو جن جي اڪثريت رتورت لڳي پئي هئي انهن کي انجڻ ۽ ان جي ٽينڊر تي سوڙهه سنگهوڙ ۾ چاڙهيو ويو ۽ اسان آهستي آهستي اڳتي وڌڻ شروع ڪيو. آءُ ڊرائيور جي ڪيبن ۾ ويٺو کيس هدايتون ڏئي رهيو هوس. انجڻ زخمي ماڻهن سان ايتري ته ڀري پئي هئي جو چُرڻ پرڻ جي جاءِ به نه ٿي ملي. هر طرف گولا ڦاٽي رهيا هئا جن مان ڪجهه انجڻ کي پئي لڳا ته ڪجهه رستي تان ڌوڙ اٿاري گاڏي ۽ ان جي ڏکويل انساني کيپ تي اڇلائي رهيا هئا. انجڻ جي رفتار وڌندي وئي ۽ ٻاهران هلندڙ انفنٽري ۽ انجڻ ۾ پهريان وٿي پيدا ٿي ۽ پوءِ اها پٺتي رهجي وئي. نيٺ مون ڊرائيور تي انجڻ کي بلڪل بيهارڻ لاءِ زور ڀريو. پر آءُ جيستائين انجڻ بيهاريان تيستائين اسين پنهنجي انفنٽري کان ٽي سو وال پري ٿي وياسين. ڀرسان ئي بلو ڪرانٽز (Blue Krantz) ندي جي چڱي ڊگهي پل هئي. مون انجڻ ڊرائيور کي چيو ته هو پُل ٽپي ٻئي پاسي ٿي بيهي ۽ آءُ جيئن تيئن ڪري ڪيبن مان هيٺ لٿس ۽ پٽڙي تي پوئتي هلڻ شروع ڪيم جيئن ڪيپٽن هالڊين ۽ سندس ڊبلن فيوزيليئرز ڪمپني کي ڳولهي پاڻ سان وٺي اچان.
پر جڏهن اهي ڳالهيون ٿي رهيون هيون ته ٻي هر شي حرڪت ۾ هئي. آءُ اڃان ٻه سو وال پٺتي ئي نه موٽيو هوس ته ڪيپٽن هالڊين ۽ سندس ڪمپني بجاءِ سادن ڪپڙن ۾ ٻه ماڻهو لائين تي ظاهر ٿيا. مون دل ۾ سوچيو ته اهي پٽڙي جي مرمت ڪندڙ هوندا پر پوءِ مون تي اها حقيقت ظاهر ٿي ته اهي بوئر هئا. منهنجي ذهن ۾ انهن ڊگهن، توانائي سان ڀريل ماڻهن جو نقش اڃان محفوظ آهي جن کي ڳوڙهي رنگ جا ڍِلا ڪپڙا ۽ اُس مينهن ۾ خراب ٿيل لڙڪندڙ ٽوپلا پهريل هئا ۽ مشڪل هڪ سو وال پري پنهنجون رائيفلون تاڻيون بيٺا هئا. آءُ وري پوئتي موٽيس ۽ انجڻ ڏانهن ڊوڙ پاتي. آءُ پٽڙين ۾ ڊوڙندو پئي ويس ته بوئرن فائرنگ شروع ڪري ڏني. انهن جون گوليون ساڄي ۽ کاٻي پاسي کان سوساٽ ڪنديون فقط ڪجهه انچن تان گُسنديون پئي ويون. اسين هڪ ننڍڙي واديءَ ۾ هئاسون جنهن جا ڪنارا ٻنهي پاسن کان ڇهه فوٽ کن اوچا هئا. مون پاڻ کي هڪ ڪناري تي کڻي اڇلايو پر انهيءَ مان ڪا به آڏ نه ملي. مون ٻنهي ماڻهن تي هڪ دفعو ٻيهر نظر وڌي. هاڻي هڪ ماڻهو گوڏو ڀڃي نشانو وٺي رهيو هو. چُرپر ذريعي ئي ڪو موقعو ملي سگهيو ٿي. مون وري اڳتي لُوهه پاتي. وري ٻن هلڪڙين چمين هوا ۾ سُوساٽ ڪيو پر مون کي ڪا به شي نه لڳي. اهو ڪم گهڻو وقت نه هلي سگهي ها. مون کي انهي واديءَ مان نڪرڻ گهرجي. مون کاٻي طرف لهرو کاڌو ۽ مٿي ڪناري تي چڙهي ويس. منهنجي ڀرسان زمين ۾ ڌوڙيو ٿي ويو. آءُ تارن جي جهنگلي مان صحيح سلامت ٽپي ويس. واديءَ کان ٻاهر زمين ۾ ٿوري هيٺاهين هئي. آءُ انهيءَ ۾ ڪرونڊڙو ٿي پاڻ کي سامت ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳس.
پنجاه وال پري پٽڙين جي مرمت ڪندڙن جي سرن جي ٺهيل هڪ ڪيبن هئي. اتي بچاء ٿي سگهيو ٿي. تقريباً ٻه سو وال پري بلو ڪرانٽز نديءَ جي پٿريلي گهاٽي هئي. انهيءَ ۾ آڏ ملي سگهي ها. مون ندي ڏانهن ڊوڙ پائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ اُٿي کڙو ٿيس. اوچتو ريل جي بند جي ٻئي پاسي مون کي هڪ ڊگهو، پڪي رنگ جو ماڻهو، ساڄي هٿ ۾ رائيفل کنيو گهوڙو چوتال ڊوڙائيندو نظر آيو. انهيءَ جي ۽ منهنجي وچ ۾ فقط ريل جون پٽڙيون ۽ تارن جا اڻ ڪٽيل ٻه جهنگلا هئا. هن پنهنجي گهوڙي جون واڳون ڇڪيون ۽ مون تي رائيفل تاڻيندي رڙڪندي ڪو حڪم ڏنو. اسين هڪ ٻئي کان چاليهه وال پري هئاسين. انهيءَ صبح جو مون پنهنجي نامه نگار واري دستاويز سان گڏوگڏ پنهنجو مائوزر پستول به پاڻ سان گڏ کنيو هو. منهنجي ذهن ۾ آيو ته آءُ انهيءَ ماڻهو کي ماري سگهان ٿو ۽ مون سان جيڪو سلوڪ ٿيو هو انهيءَ کان پوءِ مون ۾ اهو ڪم ڪرڻ جي ڏاڍي شديد خواهش پيدا ٿي هئي. مون پنهنجو هٿ پنهنجي بيلٽ تي هنيو پر اتي پستول نه هو. لائين صاف ڪرڻ ۽ انجڻ تي چڙهڻ لهڻ ۾ مون اهو لاهي رکيو هو. اهو هاڻي مون وٽ نه هو پر حفاظت سان انجڻ تي رکيو هو ۽ هن وقت آءُ بلڪل هٿين خالي هوس. انهيءَ دوران منهنجي خيال ۾ ته جيترو وقت هيءَ ڳالهه ڪرڻ ۾ لڳي ٿو بوئر ايتري وقت ۾ گهوڙي تي ويٺي ئي مون کي پنهنجي رائيفل جي نشاني تي آڻي ڇڏيو. هو ساهدار ۽ آءُ بلڪل ٿنب لڳا هڪ جاءِ تي بيٺا هئاسين. مون هڪ نظر نديءَ ڏانهن ۽ هڪ نظر پٽڙي جي مرمت ڪندڙن جي ڪيبن تي وڌي. بوئر پنهنجي شست ٻڌيون بيٺو رهيو. مون سوچيو ته فرار جو ڪو به رستو نه هو. هو جيڪڏهن فائر ڪندو ته لازماً مون کي ڌڪ لڳي ويندو. تنهنڪري مون پنهنجا هٿ مٿي ڪري پاڻ کي جنگي قيدي (Prisoner of War) جي حيثيت ۾ پيش ڪري ڇڏيو.
انهيءَ کان پوءِ وارين چُڀندڙ گهڙين ۾ عظيم نيپولين جا هي لفظ منهنجي ذهن تي تري آيا ته: ”ماڻهو جڏهن اڪيلو ۽ هٿين خالي هجي ته پيش پوڻ کي درگذر ڪري سگهجي ٿو.“ (When one is alone and unarmed, a surrender may be pardoned.) اڃان به امڪان آهي ته هو متان گُسي وڃي ۽ بلو ڪرانٽز ندي به تمام ويجهي هئي. بهرحال جيڪو ٿيڻو هو سو ٿي چڪو. مون کي باندي بڻائيندڙ پنهنجي رائيفل هيٺ ڪئي ۽ مون کي پاڻ ڏانهن اچڻ جو اشارو ڪيائين. مون ايئن ئي ڪيو. آءُ تارن جي جهنگلن ۽ پٽڙيءَ تان هلندو هن جي پاسي ۾ وڃي بيٺس. هو ٽپ ڏئي پنهنجي گهوڙي تان لهي بيٺو ۽ پل ڏانهن منهن ڪري واپس ويندڙ انجڻ ۽ چند پٺتي رهجي ويل برطانوين تي فائرنگ شروع ڪري ڏنائين. پوءِ جڏهن آخري ماڻهو به غائب ٿي ويو ته هو وري پنهنجي گهوڙي تي چڙهيو ۽ آءُ سندس پاسي ۾ ڳرا قدم کڻندو انهي جاءِ ڏانهن هلڻ لڳس جتي مون ڪيپٽن هالڊين ۽ سندس ڪمپني کي ڇڏيو هو. اتي مون کي انهن مان ڪو به نظر نه آيو. اهي اڳ ۾ ئي باندي بڻجي چڪا هئا. مون هاڻي محسوس ڪيو ته ڏاڍو تيز مينهن وسي رهيو هو. آءُ جڏهن مون کي باندي بڻائيندڙ جي پاسي ۾ وڏي گاهه مان ڪرندو ڊهندو وڃي رهيو هوس ته هڪ ڏاڍي پريشان ڪندڙ پر بروقتي سوچ منهنجي ذهن ۾ اچي وئي. منهنجي خاڪي ڪوٽ جي سامهون وارن ٻنهي کيسن ۾ مائوزر پستول جي هڪ هڪ ڪلپ پئي هئي. جن مان هر هڪ ۾ ڏهه ڏهه گوليون هيون. اهي ساڳيون ئي گوليون هيون جهڙيون مون اومدرمان ۾ ڪم آنديون هيون ۽ مائوزر پستول لاءِ فقط اهو هڪ قسم ئي ملندو هو. انهن کي ‘Soft nosed bullets’ چيو ويندو هو. منهنجو هيستائين انهن ڏانهن ڪو خيال ئي نه ويو هو ۽ هاڻي مون سوچيو ته اهي تمام خطرناڪ شيون ٿي سگهن ٿيون. مون ساڄي هٿ واري ڪلپ پٽ تي ڪيرائي ڇڏي ۽ مون کي ڪنهن به نه ڏٺو. هاڻي مون کاٻي پاسي واري هٿ ۾ ڪئي ۽ اها اڃان اڇلائڻ وارو ئي هوس ته مون کي باندي بڻائيندڙ هيٺ گُهوري ڏٺو ۽ انگريزيءَ ۾ چيائين ”اهو ڇا اٿئي؟“
”الاء ڇا آهي؟“ مون پنهنجي هٿ جي تري کوليندي چيو ”مون هيٺان کنيو آهي.“
هن اها وٺي انهيءَ تي نظر وڌي ۽ ان کي پري اڇلائي ڇڏيو. اسان هلندي هلندي قيدين جي هڪ وڏي ميڙ وٽ اچي پهتاسين ۽ پاڻ کي سوين بوئرن جي وچ ۾ ڏٺوسين جيڪي ٻن ٻن ۽ ٽن ٽن جي ڊگهين صفن ۾ بيٺا هئا ۽ تيز مينهن کان بچڻ لاءِ گهڻا مٿن تي ڇٽيون رکيون بيٺا هئا.

* * * * *

بڪتربند ٽرين جو واقعو ۽ 15- نومبر 1899ع ۾ منهنجي گرفتاريءَ جي ڪهاڻي اها آهي.
انهيءَ واقعي کي ٽي سال گذري ويا جو بوئر جنرل پنهنجي تباهه ٿيل ملڪ لاءِ ڪجهه قرض ۽ سهڪار حاصل ڪرڻ لاءِ انگلينڊ آيا ۽ مانيءَ جي هڪ خانگي دعوت ۾ آءُ انهن جي سربراه جنرل بوٿا (Botha) سان متعارف ٿيس. اسين جنگ بابت ڳالهائي رهيا هئاسين ۽ مون کيس مختصر طور پنهنجي گرفتاري جي ڳالهه ٻڌائي. بوٿا ماٺ ۾ ٻڌندو رهيو پوءِ چيائين ”مون کي نه ٿو سڃاڻين؟ اهو ماڻهو آءُ هوس. توکي قيد ۾ آڻيندڙ آءُ هوس. آءُ خود.“ ۽ سندس اکيون خوشي وچان ٽمڪڻ لڳيون. بوٿا کي مون ناتال ۾ انهيءَ خراب ڏينهن تي جنگ جي دور ۾ ڏٺو هو ۽ هاڻي هو سفيد شرٽ ۽ فراڪ ڪوٽ ۾ فقط قد ڪاٺ ۽ ڪاري چمڙيءَ کان سواءِ ٻي هر ڳالهه ۾ ڏاڍو مختلف لڳي رهيو هو. پر انهيءَ غير معمولي حقيقت بابت ڪو به شڪ شبهو نه ٿو ڪري سگهجي. هو ناتال جي ڪاهه ۾ هڪ عام بوئر شهري جي حيثيت ۾ شامل ٿيو هو. هن پاڻ جيئن ته جنگ کي ناپسند ٿي ڪيو تنهنڪري کيس انهيءَ جي شروعات ۾ ڪو اعليٰ ڪمان وارو عهدو نه مليو هو. اهو سندس پهريون معرڪو هو. پر هو معمولي خانگي شهريءَ جي حيثيت ۾ هيٺين درجي وارن سپاهين سان گڏ ڪم ڪندي تعاقب جي جوش ۾ سموري بوئر فوج جي مهڙ ۾ هليو آيو هو. اهڙي طرح اسان جي ملاقات ٿي وئي.
آءُ جن ماڻهن سان مليو آهيان انهن مان مون کي ڪي چند ماڻهو ئي لوئس بوٿا کان وڌيڪ دلچسپ لڳا آهن. تقريباً باقابل يقين تعارف جي نتيجي ۾ ۽ تمام عجيب حالتن ۾ پيدا ٿيل واقفيت رچي راس ٿي هڪ اهڙي دوستيءَ ۾ تبديل ٿي وئي جنهن کي آءُ ڏاڍي قدر جي نگاهه سان ڏسندو هوس. مون کي انهيءَ وڏي ۽ ڪنهن نفاست کان خالي شخص ۾ پنهنجي ملڪ جو اهو، ڏاهو ۽ عميق مُدبر، آبادگار – جنگجو، جهنگ جو ماهر شڪاري ۽ اڪيلائي جو اونهو ۽ پختو ماڻهو نظر ايندو هو.
سن 1906ع ۾ هو جڏهن ٽرانسوال جي نئين چونڊيل پهرئين وزيراعظم جي حيثيت ۾ امپيريئل ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ لنڊن آيو ته ويسٽ منسٽر هال ۾ ڊومينين رياستن جي وزيراعظمن جي مان ۾ هڪ وڏي دعوت جو اهتمام ڪيو ويو هو. آءُ ڪالونين جو انڊر سيڪريٽري آف اسٽيٽ هوس ۽ ويجهڙائي تائين اسان جو دشمن رهندڙ بوئر ليڊر هال مان لنگهيو پنهنجي جاءِ تي پئي ويو ته رستي ۾ بيهي منهنجي ڀر ۾ بيٺل منهنجي ماءُ کي چيائين ته: ”هيءُ ۽ آءُ هر موسم ۾ گڏ رهيا آهيون.“ اها ڳالهه بلڪل صحيح هئي.
جڳهه جي قلت سبب آءُ انهن ڪيترن ئي اهم معاملن جو بيان نه ٿو ڏئي سگهان جيڪي هن عظيم انسان سان منهنجي ڪيترن ورهين دوران سرڪاري فرضن جي بجا آوري ۾ واسطي ۾ رهندي پيش آيا. دنيا ۾ موجود ٻئي ڪنهن به هيري کان گهٽ ۾ گهٽ ويهوڻي وڏي خالص ترين (Cullinan Diamond) بادشاه کي پيش ڪرڻ جي پنهنجي رومانوي رٿا جو به سڀ کان پهرئين مون سان ئي اظهار ڪيو هئائين. ٽرانسوال ۽ آرينج فري اسٽيٽ (Orange Free State) کي خود حڪومت ڏيڻ جي پاليسي جي تشريح ۽ هائوس آف ڪامنز ۾ قانوني بل (Constitution Bills) پيش ڪرڻ به منهنجي ئي نصيب ۾ آيو. اڳتي هلي آءُ جڏهن بورڊ آف ٽريڊ ۽ وري ائڊمرلٽي (Admiralty) ۾ هوس ته جنرل بوٿا ۽ سندس رفيق سمٽز (Smuts) سان گهڻي رابطي ۾ هوندو هوس. انهن 1906ع کان جنگ عظيم جي پڇاڙيءَ تائين وارن سورنهن سالن ۾ پنهنجي ملڪ تي ڏاڍي مهارت سان حڪومت ڪئي هئي.
بوٿا سدائين اهو سمجهندو هو ته هن کي منهنجي توجه تي خاص حق آهي. هو جڏهن به يورپ ايندو هو ته اسين ڪائونسل ۾، ڊنر تي، گهر يا سرڪاري آفيسن ۾ ڪيترائي دفعا هڪٻئي سان ملندا هئاسين. هن جي مضبوط اندروني ٻوجهي کيس خبردار ڪري ڇڏيو هو ته هڪ وڏي ڇڪتاڻ پيدا ٿيڻ واري آهي. سن 1913ع ۾ هو جڏهن جرمني مان آبي علاج ڪرائي موٽيو هو ته مون کي اتان جي خطرناڪ موڊ بابت ڏاڍي خلوص سان چتاءَ ڏنو هئائين. هن مون کي چيو هو ته: ”پنهنجي تياريءَ کان غافل نه رهج ۽ انهن ماڻهن تي ڀروسو نه ڪج. مون کي خبر آهي ته اهي ڏاڍا ماڻهو آهن. اهي توهان کي نقصان پهچائڻ گهرن ٿا. آءُ اهڙيون ڳالهيون ٻڌي رهيو آهيان جيڪي تون نه ٻڌي سگهندين. پنهنجا سڀ سامونڊي جهاز تيار رک. مون کي ماحول ۾ خطرو محسوس ٿي رهيو آهي ۽ وڏي ڳالهه اها ته جڏهن اهو ڏينهن ايندو ته آءُ به تيار هوندس. اهي جڏهن توهان تي حملو ڪندا ته آءُ جرمن ساوٿ ويسٽ آفريقا تي حملو ڪري ڏيندس ۽ انهن کي هميشه لاءِ ڪڍي ڇڏيندس. جڏهن وقت ايندو ته آءُ به پنهنجو فرض پورو ڪرڻ لاءِ موجود هوندس. پر تون پنهنجي نيويءَ سان گڏ اها ڳالهه ذهن ۾ رکجانءِ ته ڪٿي اوچتو حملو نه ٿي وڃنئي.“
اتفاق ۽ رومانس اسان جي قسمتن کي عجيب نموني هڪٻئي جي ويجهو آڻيندا رهيا. سن 1914ع ۾ 28 يا 29 جولاءِ تي عالمگير ڌماڪي کان اڳ واري بحراني هفتي جي وچ ڌاران آءُ هائوس آف ڪامنز ۾ سوالن جي وقفي (Question Time) کان پوءِ پنڌ پئي ويس ته پيليس يارڊ ۾ مسٽر ڊي گراف (De Graaf) نالي هڪ سائوٿ آفريقي وزير سان ملاقات ٿي وئي. هو ڏاڍو قابل ماڻهو هو ۽ منهنجي ڪافي وقت کان انهيءَ سان واقفيت هئي. ”هنن ڳالهين جو ڇا مطلب آهي؟ تنهنجي خيال ۾ ڇا ٿيڻ وارو آهي؟“ هن پڇيو. ”منهنجو خيال آهي ته جنگ لڳندي.“ مون وراڻيو ۽ ”منهنجي خيال ۾ ته برطانيه شريڪ ٿي ويندي. ڇا بوٿا هن معاملي جي اهميت کان واقف آهي؟“ ڊي گراف تمام ڳنڀير شڪل ٺاهي روانو ٿي ويو ۽ مون به انهيءَ واقعي بابت وڌيڪ ڪجهه نه سوچيو. پر انهيءَ پنهنجا ڪي نتيجا ضرور ظاهر ڪيا.
ڊي گراف انهيءَ رات بوٿا ڏانهن هنن لفظن جي تار موڪلي ته: ”چرچل جي خيال ۾ جنگ اڻٽر آهي ۽ برطانيه شامل ٿيندي.“ بوٿا گادي جي هنڌ کان ٻاهر اتر ٽرانسوال ۾ هو ۽ پريٽوريا ۾ جنرل سمٽز سندس جاءِ تي ڪم ڪري رهيو هو. تار سمٽز جي سامهون رکي وئي. هن انهي تي هڪ نظر وجهي اهو هڪ پاسي تي ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجن ڪاغذن جي دفتر تي ڪم ۾ مصروف ٿي ويو. پوءِ هن جڏهن ڪم پورو ڪيو ته انهيءَ تي وري نظر وڌائين. ”انهيءَ ۾ ضرور ڪا ڳالهه هوندي.“ هن سوچيو ”نه ته ڊي گراف تار نه موڪلي ها.“ هن اها تار وري وزيراعظم ڏانهن اتر ٽرانسوال موڪلي ڇڏي. اها جنرل بوٿا وٽ ڪيترائي ڪلاڪ پوءِ پر وقت اندر پهچي وئي. هو انهيءَ ئي رات ريل گاڏي ذريعي ڊيلا گوا بي (Delagoa Bay) روانو ٿي وڃڻو هو ۽ ايندڙ صبح جو ڪيپ ٽائون ڏانهن واپسي جي سفر لاءِ جرمني جي هڪ جهاز تي چڙهي ها. هن پوءِ مون کي ٻڌايو هو ته جيڪڏهن اهو ٽيليگرام نه اچي ها ته هو جنگ جو اعلان ٿي وڃڻ وقت سمنڊ ۾ جرمني جي جهاز تي هجي ها. عين انهيءَ لمحي جڏهن سائوٿ آفريقن يونين جي وڏن علائقن ۾ بغاوت جي باه ڀڙڪڻ تي هجي ها ته سائوٿ آفريقا جو وزيراعظم ۽ سگهارو قومي ليڊر دشمن جي هٿن ۾ هجي ها. جيڪڏهن اهڙو واقعو پيش اچي وڃي ها ته اندازو ئي نه ٿو ڪري سگهجي ته سائوٿ آفريقا کي ڪهڙين مصيبتن کي منهن ڏيڻو پئجي وڃي ها! جنرل بوٿا پيغام ملندي ئي پنهنجا سڀ پروگرام ڪينسل ڪري خاص ٽرين ذريعي واپسي جو سفر ڪيو ۽ جنگ شروع ٿيڻ کان اڳ وقت سر پريٽوريا پهچي ويو. هن جون جنگ ۾ ڪيل عظيم تر ڪوششون، هن پاران سر تي کنيل خطرا، هن جنگ ۾ جنهن ۾ وڏي همٿ جو مظاهرو ڪيو، کيس پنهنجي قوم تي جيڪو وڏو اختيار حاصل هو ۽ هن جنهن هوشياريءَ سان جرمن سائوٿ ويسٽ آفريقا تي ڪاهه ڪري ڏني، سن 1917ع واري امپيريئل وار ڪيبنيٽ (War Cabinet) ۾ سندس جاندار صلاحون، پيرس ۾ 1919ع ۾ ٿيل پيس ڪانفرنس ۾ فتح کان پوءِ سندس تدبر ۽ مانائتو ڪردار اهي سڀ ڳالهيون هاڻي تاريخ جو حصو آهن.
هو جڏهن انگلينڊ مان آخري دفعو روانو ٿيو هو ته آءُ سيڪريٽري آف اسٽيٽ فار وار هوس. هو مون سان الوداعي ملاقات لاءِ وار آفيس آيو هو. اسان زندگي جي لاهن چاڙهن ۽ اسين جن وڏن خطرناڪ واقعن مان گذريا هئاسون انهن بابت گهڻو وقت ڳالهيون ڪيون هيون. فتح جي انهن ڏينهن ۾ ڪيترن ئي ملڪن جون اعليٰ شخصيتون مون سان وار آفيس ۾ ملاقات ڪرڻ اينديون هيون. پر فقط هڪ شخص کي ئي آءُ پاڻ وڏي ڏاڪڻ تان هيٺ وٺي ويو هوس ۽ پنهنجن هٿن سان سندس ڪار ۾ ويهاريو هو. سندس ملڪ پهچڻ کان پوءِ جلد ئي سندس موت جو وقت اچي ويو. اهو ملڪ جنهن جو جنگ توڙي امن، ڏک توڙي ڪاميابي ۽ بغاوت توڙي صلح ۾ هو سچو پچو مسيحا ٿي رهيو هو.

* * * * *

مون کي اميد آهي ته موضوع کان ايترو هٽي وڃڻ کي پڙهندڙ درگذر ڪري ڇڏيندو. آءُ هاڻي واقعن جي صحيح ترتيب ڏانهن موٽڻ ۾ دير نه ٿو ڪريان. آءُ جيئن ٻين قيدين ۽ شديد زخمين سان گڏ پاڻي ۾ پُسيو پٽ تي ويٺو هوس ته نه فقط پنهنجي نصيب پر پنهنجي فيصلي تي به افسوس ڪري رهيو هوس. آءُ انجڻ تي ڏاڍي بهتر نموني نڪتو هليو وڃان ها. منهنجي خيال ۾ ته انهيءَ معاملي بابت بچي ويلن جيڪي ڳالهيون ڪيون آهن انهن مطابق ته منهنجي تمام سٺي نموني ڀليڪار ٿئي ها. مون وڏيون ڪوششون ڪري ۽ بنا ضرورت پاڻ کي هڪ اجائي مصيبت ۾ ڦاسائي ڇڏيو مون پاران ڪمپني ڏانهن واپس وڃڻ جي ڪوشش ۾ ڪنهن جو به فائدو نه ٿيو هو. انهيءَ سان مون فقط پنهنجو پاڻ کي انهي دلچسپ جنگ مان ڪٽي ڌار ڪري ڇڏيو هو جنهن ۾ مهم جوئي ۽ اڳتي وڌڻ جا بي انداز موقعا هئا. آءُ نيڪيءَ جي ملندڙ تلخ بدلي تي سوچي رهيو هوس. پر آءُ جيڪڏهن مستقبل جي پيش بيني ڪري سگهان ها ته مون کي سمجهه ۾ اچي وڃي ها ته انهيءَ بدنصيبيءَ کي منهنجي ايندڙ زندگيءَ جا بنياد رکڻا هئا. آءُ مهم مان خارج ٿيڻو هوس نه ئي قيديءَ جي حيثيت ۾ بيڪار پيو رهڻو هوس. مون کي اڳتي هلي فرار ٿيڻو هو ۽ فرار مان اهڙي مشهوري يا بدنامي حاصل ڪيان ها جيڪا مون کي پنهنجن هم وطنن ۾ هڪ ڄاتل سڃاتل شخصيت ڪري ڇڏين ها ۽ ڪيترن ئي چونڊ حلقن ۾ اميدوار طور قبوليت ڏيارائي ڇڏي ها. انهيءَ سان مون کي اهڙو مقام به ملي وڃي ها جنهن جي ذريعي آءُ ايترو پئسو ڪمايان ها جو ڪيترا سال خودمختيار زندگي گذاريان ها ۽ پارليامينٽ ۾ وڃڻ لاءِ گهربل وسيلا به ملي وڃن ها. پر آءُ جيڪڏهن انجڻ ڏانهن موٽي وڃان ها ته بروقت منهنجي شايد تعريف ۽ ڪجهه لاڏ ڪوڏ ٿئي ها پر اهو امڪان بلڪل موجود هو ته مهيني کن کان پوءِ سر ريڊورس بُلر جي اسٽاف ۾ موجود منهنجن ڪيترن ئي واسطيدارن وانگر مون کي به مٿي ۾ ڪو ڌڪ لڳي وڃي ها.
پر اهي واقعا ۽ امڪان منهنجين نظرن کان اوجهل هئا ۽ آءُ ڏاڍي ڪروڌ سان بوئر هيڊڪوارٽرز جي تڙتڪڙ ۾ کوڙيل تَنبو جي سامهون ٺهندڙ قطار ۾ اچي بيٺس. منهنجي مايوسيءَ وارن سوچن تڏهن اڃان شديد ۽ اونداهون رخ اختيار ڪري ورتو جڏهن مون کي ٻين باندي آفيسرن کان ڌار ڪري جدا ٿي بيهڻ جو حڪم مليو. ملٽري قانون جي ايتري ڄاڻ مون کي به هئي ته ڪنهن لڙائي ۾ نمايان ۽ سرگرم حصو وٺندڙ سويلين پاڻ ڀلي جيڪڏهن هڪ گولي به نه هلائي هجي ته به سمري ڪورٽ مارشل ان کي فوراً گولي هڻڻ جو حڪم ڏئي سگهي ٿي. جنگ عظيم ۾ شامل ڪا به فوج انهيءَ معاملي تي ڏهن منٽن جو وقت به نه وڃائي ها. تنهنڪري آءُ تيز مينهن ۾ اڪيلو بيٺو اذيتناڪ پريشاني جو شڪار ٿيندو رهيس. منهنجو ذهن انهيءَ مسئلي ۾ منجهيل رهيو ته شايد ته ڪجهه دير کان پوءِ مون کان جيڪي مختصر ۽ ڇپندڙ سوال پڇيا ويندا آءُ انهن جا ڪهڙا جواب ڏيان ۽ اوچتو جيڪڏهن مون کي ٻڌايو وڃي ته منهنجي پڄاڻي جو وقت اچي ويو آهي ته منهنجي منهن تي ڪهڙو تاثر هئڻ گهرجي. پندرهن منٽ اهڙيءَ طرح گذري وڃڻ کان پوءِ مون سک جو ساهه کنيو جو تنبو ۾ ٿيندڙ سوچ ويچار کان پوءِ مون کي دُرشتي سان چيو ويو ته آءُ ٻين سان گڏجي بيهان. حقيقت اها آهي ته مون کي انهيءَ وقت ڏاڍي خوشي ٿي جڏهن ڪجهه منٽن کان پوءِ هڪ ننڍي آفيسر ٻاهر اچي مون کي چيو ته: ”ڇوڪرا، تون جيتوڻيڪ نامه نگار آهين ته به اسين تو کي نه ڇڏينداسين. اسان کي لارڊ جو پٽ هر روز ته هٿ نه ايندو.“ حقيقت ۾ ته مون کي ڳڻتي ڪرڻ جي ڪا ضرورت ئي نه هئي. بوئر گورن ماڻهن سان واسطي وقت ڏاڍا مهربان ۽ نرم دل ٿي پوندا هئا. باقي ڪافرن[4] جي ته ڳالهه ئي جدا آهي. بوئر جنگ ۾ به گوري ماڻهو جي زندگيءَ کي نقصان کي افسوسناڪ سمجهندا هئا. مون دنيا جي چئن کنڊن تي جن به ماڻهن سان جنگيون لڙيون آهن انهن ۾ اهي تمام مهربان دشمن رهيا آهن.
بهرحال اهو طي ٿيو ته اسين سڀ حفاظتي نگرانيءَ ۾ سٺ ميل پري بوئرن جي قبضي هيٺ شروعاتي ريلوي اسٽيشن ايلانڊس لاگٽ وينداسين ۽ اتان اسان کي جنگي قيدين جي حيثيت ۾ پريٽوريا روانو ڪيو ويندو.


______________
[1] ڏکڻ آفريقا لاءِ ڪم آندل آهي. (سنڌيڪار)
[2] ٽيٽو اوٽيز (1705-1649ع) هڪ انگريز سازشي ڪئمبرج ۾ پڙهيو، پادري ٿيو. نيوي ۾ به سرڪاري پادري ٿي رهيو پر خراب پرڪارن سبب هر جاءِ تان نيڪالي مليس. مئي 1685ع ۾ حلف کڻي ڪوڙ ڳالهائڻ تي پادريءَ واري حيثيت کسي ويس ۽ ڪوڙن ۽ عمر قيد جي سزا مليس. (سنڌيڪار)
[3] عملي لاءِ ٺهيل دِڪو. ٽينڊر (ٻارڻ وغيره لاءِ انجڻ سان گڏ لڳل گاڏو). (سنڌيڪار)
[4] Kaffir: سائوٿ آفريقا جا ڪارا رهواسي. (سنڌيڪار)

باب ويهون: بنديخاني ۾ In Durance Vile

جنگي قيدي! قيدين جو اهو سڀ کان گهٽ نڀاڳو قسم آهي. پر قيد بهرحال هڪ غمگيني ۽ مايوسيءَ واري صورتحال هوندي آهي. توهان پنهنجي دشمن جي هٿ وس هوندا آهيو. توهان جي جياپي جو دارومدار سندس انساني همدرديءَ تي هوندو آهي ۽ توهان کي روزانيءَ جو ماني گرهه سندس رحم ۽ ڪهل جي سبب ملي سگهندو آهي. توهان کي هن جا حڪم لازماً مڃڻا پوندا، هو جيڏانهن چئي توهان اوڏانهن ويندا، هو توهان کي جتي ويهاري توهان اتي ويهندا، کيس خوش ڪرڻ جي موقعن جي انتظار ۾ هوندا. مطلب ته هر وقت توهان جو ساهه مُٺ ۾ هوندو. انهي دوران جنگ جاري هوندي آهي ۽ وڏا واقعا ٿيندا رهندا آهن ۽ فوجي معرڪن ۽ مهم جوين جا بهترين موقعا هٿن مان نڪرندا ويندا آهن. ڏينهن پڻ تمام ڊگها ٿي ويندا آهن. ڪلاڪ اڌ رنگي ورتل سو پيرين وانگر ريڙهيون پائيندا محسوس ٿيندا آهن. توهان کي ڪنهن به شي مان ڪا به خوشي ۽ وندر نه ملندي آهي. پڙهڻ ڏکيو ۽ لکڻ ناممڪن ٿي ويندو آهي. پرهه ڦٽي کان وٺي رات جو اوجهراڻين تائين زندگي بوريت جو هڪ ڊگهو دور لڳندي آهي.
قيد خانو ڀلي ڪهڙو به سهوليتن وارو ۽ بهترين قاعدن قانونن مطابق هلندڙ ڇو نه هجي ته به اتان جو سمورو ماحول بلڪل اڻ وڻندڙ هوندو آهي. اهڙي قسم جي بدنصيبيءَ ۾ گڏ رهندڙ دوست ساٿي به ننڍڙين ننڍڙين ڳالهين تي وڙهي پوندا آهن. هڪٻئي جي صحبت مان گهٽ خوشي ملندي اٿن. توهان جيڪڏهن اڳ ۾ ڪڏهن پابنديءَ هيٺ نه رهيا آهيون ۽ خبر نه اٿو ته قيدي ٿيڻ جو مطلب ڇا آهي ته توهان جهنگلن ۽ تارن جا لوڙها ڏنل سوڙهي جاءِ ۾ واڙجي هٿياربند ماڻهن جي نظرن هيٺ رهندي ۽ قاعدن قانونن ۽ رڪاوٽن جي ڄار ۾ ڦاسي هڪ مسلسل بيعزتي جي احساس ۾ گذرندا رهندا آهيو. حقيقت اها آهي ته آءُ پنهنجي قيد جي هڪ منٽ کان ايتري ته نفرت ڪندو هوس جيتري مون پنهنجي سموري زندگيءَ جي ٻئي ڪنهن به دور کان محسوس نه ڪئي آهي. خوشقسمتي سان اهو دور تمام مختصر رهيو. مون پاران ناتال ۾ پاڻ کي قيديءَ جي حيثيت ۾ پيش ڪرڻ کان پوءِ هڪ مهينو به نه گذريو ته آءُ سائوٿ آفريقا جي وسيع بر صغير ۾ - جيتوڻيڪ منهنجي ڳولها ٿي رهي هئي ته به – آزاد هوس. آءُ جڏهن به ڪنڌ ورائي انهن ڏينهن تي نظر وجهندو آهيان ته مون کي قيدين ۽ باندين تي ڏاڍو ترس اچي ويندو آهي. ڪنهن به ماڻهو ۽ خاص طور پڙهيل لکيل ماڻهو لاءِ سالن جا سال جديد دور جي ڪنهن ڏوهارين واري قيدخاني ۾ بند هجڻ جو مطلب ڪهڙو ٿي سگهي ٿو. انهيءَ ڳالهه تي سوچي سوچي منهنجو دماغ ساڻو ٿي پوندو آهي. هر ڏينهن بلڪل گذريل ڏينهن جهڙو جنهن ۾ پٺيان اجائي گذري ويل زندگيءَ جي رک پئي نظر ايندي آهي ۽ سامهون قيدوبند جا ڊگها سال پکڙيا پيا هوندا آهن. تنهنڪري ايندڙ سالن ۾ جڏهن آءُ هوم سيڪريٽري هوس ۽ انگلينڊ جا سڀ قيدخانا منهنجي چارج هيٺ هئا ته مون سرڪاري پاليسي جي دائري ۾ رهندي پنهنجي وڌ کان وڌ ڪوشش ڪئي ته اتان جي رهواسين جي زندگيءَ ۾ ڪنهن قسم جي تنوع (Variety) ۽ تفريح آڻيان، پڙهيل ذهنن کي غذا لاءِ ڪتاب ڏيان ۽ سڀني لاءِ مقرر وقتن تي ٿيندڙ اهڙين تفريحن جو انتظام ڪريان جن جي هو اوسئيڙي ۾ رهن ۽ اهي ٿي وڃڻ کان پوءِ انهن جون ساروڻيون سنڀالي رکن ۽ جن جي مدد سان هو پنهنجي شوم بختي کي معقول حد تائين گهٽائي سگهن ۽ اها ڀلي جيڪر سندن ڪرتوتن جي ڪري ئي آيل هجي پر اها هاڻي سهي وڃن. مون کي جيتوڻيڪ اها ڳالهه سخت ناپسند هوندي هئي ته ڪو ماڻهو ٻين کي خوفناڪ سزائون يا موت جي سزا ڏيندو وتي پر جڏهن ڪي اهڙا ذميواريءَ وارا موقعا آيا ته آءُ اهو سوچي پاڻ کي آٿت ڏيندو هوس ته عمر قيد کان وري به موت جي سزا وڌيڪ رحم تي ٻڌل آهي.
قيديءَ جي ذهن ۾ تاريڪ سوچون سولائي سان اچي وينديون آهن. پر هن کي جيڪڏهن کاڌو به تمام ٿورو ڏنو وڃي ۽ زنجيرن ۾ جڪڙيو تهه خاني ۾ پيو رهي جتي روشني کان محروم ۽ اڪيلائي ۾ ٻڌل رهي ته سندس سوچون فقط سندس چوگرد ئي ڦرنديون رهن ٿيون. پر توهان جيڪڏهن جوان آهيو، کاڌو پيتو سٺو مليوَ ٿو، دل زنده اٿوَ، نگراني به سخت نه اٿوَ ۽ ٻين سان گڏجي ڪا سازش ڪري سگهو ٿا ته توهان جي طبيعت سوچ کي پختي ارادي جي ۽ پختي ارادي کي عمل جي ويجهو آڻي ڇڏي ٿي.
اسان کي محاذ کان پريٽوريا ۾ پنهنجي قيد واري جاءِ ڏانهن مارچ ڪندي ۽ ٽرين ۾ ٽي ڏينهن لڳي ويا. اسين ليڊي سمٿ جو گهيرو ڪري بيٺل بوئر فوجن جي وچ مان گذرندا ۽ دشمنن ۽ دوستن جي توپن جي ڌڌڪار ٻڌندا ايلانڊس لاگٽ اسٽيشن تي پهتاسين. هتي هالڊين، فرينڪلينڊ[1] نالي ڊبلنز جي هڪ بلڪل نوجوان ليفٽيننٽ، مون ۽ تقريباً پنجاهه سپاهين سميت اسان جي ننڍڙي پارٽي کي هڪ ٽرين تي چاڙهيو ويو ۽ اسين دشمن جي علائقي جي وچ مان سوين ميلن تي آهستي آهستي گرڙاٽ ڪندا هلياسين. ڪنهن شروعاتي اسٽيشن تي امپيريئل لائيٽ هارس جو هڪ سوار به اسان سان اچي مليو جيڪو انهيءَ ڏينهن گشت ڪندي گرفتار ٿيو هو. بروڪي (Brookie) نالي وارو اهو ماڻهو سائوٿ آفريقي آبادڪار هو. هن بوئرن وٽ پاڻ کي آفيسر ظاهر ڪيو ۽ هن جيئن ته ڊچ ۽ ڪافر ٻوليون روانيءَ سان ڳالهايون ٿي ۽ علائقي کان به واقف هو تنهنڪري اسان سندس بيان جي ترديد نه ڪئي. اسان سوچيو ته هيءُ ئي ماڻهو اسانکي ڪم اچي سگهي ٿو. اسين سڀ 18- نومبر 1899ع تي پريٽوريا پهتاسين. سپاهي ريس – ڪورس تي پنهنجي پڃري ڏانهن نيا ويا ۽ اسان چئن آفيسرن کي اسٽيٽ ماڊل اسڪولز ۾ بند ڪيو ويو. اسان سموري سفر ۾ بار بار ۽ موقعي آهر فرار جي رٿائن بابت سوچيندا رهياسين ۽ پڪو پهه ڪري ڇڏيو ته پنهنجي آزادي حاصل ڪرڻ جي وڌ کان وڌ ڪوشش ڪنداسين. اهو ڏاڍو عجيب اتفاق هو جو اسان چئن مان ٽي مختلف وقتن تي ۽ مختلف حالتن ۾ اسٽيٽ ماڊل اسڪولز مان ڀڄي نڪتاسين ۽ هڪ کانسواءِ فقط اسين ئي اهي قيدي هئاسين جيڪي انهن وٽان ڀڄي نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿياسين.
اسٽيٽ ماڊل اسڪولز ۾ اسان کي اهي سڀئي آفيسر ملي ويا جيڪي جنگ جي شروعاتي لڙاين ۽ خاص ڪري نڪلسنز نيڪ وٽ قيد ٿيا هئا. اسان سڀني نون آيلن کي هڪ ئي ڊارميٽري (Dormitory) ۾ رهايو ويو. اسان پنهنجي ٺڪاڻي جو تمام غور سان جائزو ورتو. اسان جي ذهن ۾ آزادي کان سواءِ ٻي ڪا ڳالهه ئي نه هوندي هئي ۽ اسين صبح کان رات تائين ذهن تي زور ڏئي فرار جا رستا پيا ڳولهيندا هئاسين. اسان کي جنهن سسٽم تحت نظر بند رکيو ويو هو اسان جلد ئي انهيءَ ۾ ڪيترائي نُقص ڳولهي ورتا. اسان کي پنهنجين حدن اندر ايتري آزادي هوندي هئي ۽ ڏينهن رات جي وڏي حصي ۾ اسين ايترو ته گهٽ نگهباني هيٺ رهندا هئاسين جو اسين بغير ڪنهن رڪاوٽ جي پنهنجي مقصد ۾ لڳي ٿي سگهياسين. اسان کي اتي رهندي هڪ هفتو به نه گذريو ته اسان جي فرار جي اصلي جذبي ۾ هڪ اڃان وڌيڪ پُرعزم رٿا شامل ٿي وئي.
اسان آهستي آهستي ۽ ڳوڙهي صلاح مشوري کان پوءِ هڪ وڏي دليري ۽ هوڙيائپ واري اسڪيم تيار ڪري ورتي. انهيءَ جو ٺاٺ موجوده صورتحال جي حقيقتن مان تيار ٿيو. اسين اسٽيٽ ماڊل اسڪولز ۾ پاڻ ۾ تقريباً سٺ آفيسر جنگي قيدي هئاسين. اسان وٽ ڏهه يارهن کن برطانوي سپاهي نوڪر به هئا. اسان جي پهريدارن ۾ تقريباً ڏهه هر وقت انهيءَ احاطي جي چئن طرفن تي سنتري ڊيوٽي تي هوندا هئا جنهن جي وچ ۾ اسڪول جي عمارت هوندي هئي. ڏينهن جو عام طور ٻين ڏهن جي ڊيوٽي نه هوندي هئي ۽ اهي شهر ۾ هوندا هئا. جڏهن ته باقي ماڻهو ويٺا پنهنجا اوزار صاف ڪندا هئا، سگريٽ ڇڪيندا هئا، پتي کيڏندا هئا يا پنهنجي تنبوءَ ۾ آرام ڪندا هئا. پهريدارن جو اهو تنبو چوڪنڊي احاطي جي هڪ ڪنڊ ۾ کُتل هو ۽ جن ٽيهن زرپن جي ڊيوٽي نه هوندي هئي اهي سڀئي رات جو انهيءَ ۾ بلڪل بي اونا ٿي سمهي پوندا هئا.
انهن پهريدارن تي ڪنٽرول ڪري ۽ انهن کي بي هٿيار ڪري ڇڏڻ سان هڪ اهم قدم کڄي ويندو. هاڻي شروعات ۾ اها ڄاڻ حاصل ڪرڻ بلڪل ضروري ٿي پئي ته اهي رات جو وقت ڪيئن ٿا گذارين. پنهنجين رائيفلن ۽ ريوالورن جو ڇا ٿا ڪن، انهن مان ڪيترا پنهنجين فوجي وردين ۽ ساز سامان سان سمهن ٿا يا مڪمل هٿياربند ٿي سمهن ٿا يا گهٽ ۾ گهٽ ريوالور پاڻ سان رکن ٿا. انهي بابت رات توڙي ڏينهن جو ڏاڍي باريڪ بيني سان جاچ ڪئي وئي. نتيجي ۾ خاص طور انهيءَ ڳالهه جي پڪ ٿي وئي ته جيڪي به پهريدار ڊيوٽي لاءِ گهربل نه هوندا آهن اهي تنبوءَ جي ٻنهي پاسن تي هڪ هڪ قطار ۾ پنهنجا ڪمبل ويڙهي سمهي پوندا آهن. جيڪي ماڻهو انهيءَ رات جو سنتري ڊيوٽيءَ لاءِ گُهربل نه هوندا آهن اهي به پنهنجا بوٽ ۽ گهڻا ڪپڙا لاهي سمهندا آهن. ويندي جن ماڻهن کي پنهنجن دوستن کان هڪ يا ٻن ڪلاڪن ۾ ڊيوٽي وٺڻي هوندي آهي اهي به پنهنجيون جيڪٽون بوٽ ۽ بيلٽ لاهي سمهندا آهن. انهن جون رائيفلون جگاڙ ڪري ٺاهيل رَفن تي ۽ گولين جا پٽا تنبوءَ جي لڪڙن ۾ ٽنگيا پيا هوندا آهن. معنيٰ ته رات جو پهريدارن جي ڊيوٽين جي تبديلي جي وچ ۾ ڪي وقت اهڙا ايندا آهن جڏهن اهي ٽيهه ئي ماڻهو ڪنهن به لحاظ کان ايترا محفوظ نه هوندا آهن جيترو پاڻ کي سمجهندا آهن. جو اهي تنبوءَ جي ڀت کان سواءِ ٻئي ڪنهن به بچاءَ کان سواءِ سٺ پُر عزم ۽ ڪسرتي آفيسرن کان پنجاه والن کان به گهٽ فاصلي سمهيا پيا هوندا آهن.
انهيءَ تنبوءَ جي در تي هڪ سنتريءَ جي نظر هوندي آهي. ممڪن ۽ ناممڪن بابت ڪجهه به نه ٿو چئي سگهجي. عمل جي انهن دائرن ۾ ڪَري ڏسڻ کان سواءِ ڪجهه به نه چئي سگهبو آهي. اها ڳالهه ناممڪن نه پئي لڳي ته انهيءَ سنتريءَ کي هڪ ٻه آفيسر ڪنهن ڇرڪائيندڙ واقعي يا ڪنهن جي اوچتي بيماريءَ بابت ڪنهن ڪهاڻي تي گفتگو ۾ مصروف ڪري ڇڏين جڏهن ته ساڳئي وقت ٻه يا ٽي قيدي پهريدارن جي تنبوءَ جي پٺئين پاسي کان ڪينواس کي ڦاڙي اندر گهڙي رف تي رکيل پستولن يا رائيفلن تي قبضو ڪري وٺن ۽ گهيرٽن مان سجاڳ ٿيندڙ سمورن پهريدارن کي قابو ۾ آڻي وٺن. در تي بيٺل هٿياربند سنتري کي به اوچتو ڪنٽرول ڪري وٺبو. پهريدارن تي گولي ڇوڙڻ يا ٻئي ڪنهن کي خبردار ڪرڻ کان سواءِ ڪنٽرول ڪري وٺڻ تمام ڏکيو ۽ خطري وارو مسئلو هو. اهڙي قسم جي مهم جوئي بابت فقط اهو ئي چئي سگهجي پيو ته جنگ ۽ - آءُ اهو به اضافو ڪريان ته- ڏوهه جي تاريخ ۾ اهڙا ڪيترا ئي غير متوقع ۽ هوڙيائي وارا واقعا موجود آهن.
ٻيو قدم وري ڊيوٽي تي موجود ڏهه هٿياربند سنتري هجن ها. اهو مرحلو انهيءَ ڪري مونجهاري جو شڪار هو ته انهن مان ٽن ماڻهن جي احاطي جي نوڪدار ڏنڊن واري جهنگلي جي ٻاهران ڊيوٽي هوندي هئي. اهي انهيءَ کان فقط هڪ وال پري هوندا هئا ۽ ڏينهن جو ته اڪثر ڪري انهيءَ کي ٽيڪ ڏئي ڪچهري بيٺا ڪندا هئا. پر رات جو اهڙو موقعو پيدا نه ٿيندو. تنهنڪري اهي پهچ کان ٻاهر هئا. باقي سڀ اندر هئا. انهن ڏهن مان هرهڪ (ٽي ٻاهر ۽ ست اندر) خاص اڀياس گهرندڙ هڪ مسئلو هو.
پر انهيءَ جو اهو مطلب نه ٿي نڪتو ته انهن مان هڪ يا ٻه جيڪڏهن ڀڄي ويا ۽ ٻين کي خبردار ڪري ڇڏيائون ته مهم ناڪام ٿي ويندي. پهريدارن تي ڪنٽرول ٿي وڃڻ ۽ انهن جون رائيفلون ۽ پستول ورهائجي وڃڻ کان پوءِ اسين هڪ اهڙو هٿياربند جٿو ٿي وڃون ها جيڪو اڌ ڪلاڪ کن جي اندر اسان جي مقابلي ۾ ايندڙ بوئرن جي ڪهڙي به منظم جماعت کان انگ ۾ ته وڌيڪ هجي ها پر اسان جي خيال ۾ ته تنظيم ۽ ذهانت جي لحاظ کان به وڌيڪ هجي ها. اڌ ڪلاڪ ۾ ته گهڻو ڪجهه واقع ٿي سگهيو ٿي. لڳو پئي ته پهريدارن جي وچئين ڊيوٽي واري وقت جي اڌ ۾ رات جو ٻين بجي وارو وقت تمام سازگار هجي ها. ڪجهه ننڍڙن معاملن ۾ ٿيندڙ ڪنهن گوٿ کي ذهن ۾ رکندي اها اميد بلڪل واجبي هئي ته جيڪڏهن هر برطانوي آفيسر پنهنجو ڪم بلڪل صحيح وقت تي سرانجام ڏنو ۽ جيڪڏهن سڀ ڳالهه رٿا مطابق ٿي ته اسين اسٽيٽ ماڊل اسڪولز جا مالڪ ٿي سگهياسين ٿي.
سمورو احاطو ڊگهن ٿنڀن تي لڳل بجلي جي لائيٽن سان ڏاڍو روشن هوندو هو. پر اسان اها ڳالهه ڳولهي ورتي ته انهن لائيٽن جو جن تارن تي دارومدار آهي اهي اسٽيٽ ماڊل اسڪول جي عمارت ۾ اسان جي رهائش وارين ڊارميٽرين مان گذرن ٿيون. اسان جو هڪ ماڻهو جيڪو انهن معاملن ۾ ماهر هو انهيءَ ٻڌايو ته هو ڪنهن به وقت انهن کي ڪٽي سموري جاءِ ۾ گگهه اوندهه ڪري سگهي ٿو. اهو ڪم تجربي طور هڪ رات ٿوري دير لاءِ ڪيو به ويو. جيڪڏهن تنبوءَ ۾ پهريدارن تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ جو سگنل ملڻ کان هڪ منٽ پوءِ اها ڳالهه عمل ۾ اچي وڃي ته ڊيوٽي تي موجود سنترين کي قابو ڪرڻ ايترو مشڪل مسئلو نه رهندو جيترو بظاهر ڏسڻ ۾ آيو پئي ڇو ته آسپاس ٿيندڙ واقعن مان سنترين جون متيون بلڪل منجهي ويون هونديون. آخري ڳالهه اها ته اسٽيٽ ماڊل اسڪول جي جمنازيم ۾ چڱي خاصي تعداد ۾ ڊمب بيل (Dumbbell) به موجود هئا. هاڻي اوندهه ۾ بيٺل سر ڌڙ جي بازي لڳائيندڙ ڊمب بيل سان هٿياربند ٽي ماڻهو جن کي چڱيءَ طرح خبر هجي ته ڪهڙو ڪم ڪرڻو آهي اهي هڪ ماڻهو جي برابر به نه ٿي سگهندا ڇا؟ هو ڀلي هٿياربند به هجي پر هو بلڪل غافل هوندو ۽ حالتن بابت ڪا خبر ئي نه هوندس. جيڪڏهن پهريدارن مٿان اوچتو ڪڙڪي انهن تي ڪنٽرول ڪري وٺجي ۽ سنترين جي اڪثريت کي بي هٿيار ڪري ڇڏجي ۽ جيڪڏهن اسين ٽيهه آفيسر ريوالرن سان هٿياربند ٿي وڃون ۽ ٽيهن ٻين ماڻهن کي رائيفلون هجن ته دشمن جي گادي جي هنڌ پريٽوريا جي دل ۾ انهيءَ عظيم ۽ رومانوي مهم جو پهريون ۽ سڀ کان ڏکيو مرحلو سر ٿي ويندو. انهيءَ کان پوءِ؟
اسٽيٽ ماڊل اسڪولز کان ڏيڍ ميل پري پريٽوريا ريس ڪورس هو. ڪنڊيدار تارن واري انهيءَ احاطي ۾ ٻن هزارن کان مٿي برطانوي قيدي سپاهي ۽ نان ڪميشنڊ آفيسر بند هئا. اسين انهن ماڻهن سان رابطي ۾ هئاسين ۽ رٿون رٿي سگهياسين ٿي. اسٽيٽ ماڊل اسڪولز وارن آفيسرن کي خدمتگار طور ڏنل ڏهه يارنهن سپاهي ڪنهن بي اطميناني جو سبب پيدا ڪري وجهندا هئا ۽ انهن کي ريس ڪورس واپس موڪلي انهن جي جاءِ تي ٻيا آندا ويندا هئا. تنهنڪري اسان کي انهن ٻن هزار برطانوي سپاهين جي احساسن ۽ انهن جي قيد جي حالتن کان باقاعدي آگاهي حاصل ٿيندي رهندي هئي. اسان کي خبر هئي ته اهي حالتن مان بلڪل غير مطمئن هئا انهن جون زندگيون بلڪل يڪسانيت جو شڪار هيون. کاڌو پيتو گهٽ ملندو هون ۽ رهائش به بلڪل خراب هين. اهي هر وقت بکايل ۽ چڙيل رهندا هئا. هڪ دفعي ته اهي انبوه ڪري در وٽ بيٺل پهريدارن وٽ وڃي گڏ ٿيا هئا جيتوڻيڪ ڪو خون خرابو ته نه ٿيو هو ته به اسان کي خبر هئي ته بوئرن کي ايترن ماڻهن کي قابو ۾ رکڻ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪرڻي پئي هئي. اسان کي خبر پئي هئي ته قيدين جي ايتري وڏي پڃري جي حفاظت لاءِ تقريباً هڪ سو ويهه زرپ (Zarps) مقرر ٿيل هئا جن وٽ مشين گنون هيون. ايترو وڏو تعداد جيڪڏهن مڪمل طور تيار هجي ته ڪنهن بغاوت کي خون ۾ وهنجاري سگهيو ٿي. فرض ڪريو ته جڏهن قيدي اٿي کڙا ٿين ته ريس ڪورس جي پهريدارن تي سٺ هٿياربند آفيسر پٺيان کان حملو ڪري ڏين! فرض ڪريو ته پٺئين پاسي کان فوري طور مشين گنون اچي ٿيون وڃن! فرض ڪريو ته سمورا ٻه هزار ماڻهو هڪ مقرر رٿا تي عمل ڪندي مُهڙ کان حملو ڪري ٿا ڏين! ڪير چئي سگهي ٿو ته رات جي وڳڙي ۽ مونجهاري ۾ تعداد ۽ منصوبابندي غالب نه ٿي ويندا؟ جيڪڏهن ائين ٿي ويو ته مهم جو ٻيو مرحلو ڪاميابي سان همڪنار ٿي ويندو. پوءِ ڇا ٿيندو؟
سموري پريٽوريا ۾ پنج سو ماڻهو به هٿيار کڻڻ جي قابل نه هئا ۽ انهن جي وڏي حصي ۾ يا ته اهڙا خوشحال شهري هئا جن محاذ تي وڃڻ کان موڪل وٺي ڇڏي هئي يا جيڪي ڇاپا مار ڪارواين ۾ حصو وٺڻ جي قابل نه هئا يا سرڪاري اهلڪار ۽ سرڪاري آفيسن ۾ ڪم ڪندڙ ڪلارڪ هئا. انهن جي نالي ماتر شهر جي پهريداريءَ ۾ تشڪيل ڪئي وئي هئي ۽ کين رائيفلون ورهائي ڏنيون ويون هيون. انهيءَ کان سواءِ ٻي ڪنهن به تنظيم ڪاري جو وجود نه هو. جيڪڏهن پهريون قدم کڄي وڃي ٿو ته ٻيو قدم انهي کان وڌيڪ ۽ ٽيون قدم اڃان وڌيڪ سولو هوندو. اسين تصور ۾ پاڻ کي دشمن جي گاديءَ جي هنڌ جا مالڪ ٿيندي ڏسي رهيا هئاسون. قلعن ۾ به فقط نگران ويٺل هئا. ٻيو سڀڪو ماڻهو محاذ تي هو. قلعن تي رکيل توپن جا منهن به ٻاهر هئا. انهن تي پٺئين پاسي کان حملي جو ڪنهن موثر نموني بچاءَ ٿيل نه هو. اسين جيڪڏهن شهر جو ڪنٽرول حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ٿا وڃون ته قلعن تي قبضو ڪرڻ سولو ٿي ويندو ۽ حقيقت ۾ ته اهو قدم هڪ فطري نتيجو هجي ها. سڀ کان ويجهي برطانوي فوج ٽي سو ميل پري هئي. پر جيڪڏهن سڀ معاملا صحيح هلن ها ته دشمن جو قلعي بند گادي جو هنڌ اسان جي قبضي ۾ هجي ها جو اسين گهٽ ۾ گهٽ ميفڪنگ جي محاصري جيترو وقت پنهنجو دفاع ڪري وڃون ها.
اها سموري ڪاروائي نما شام کان باک ڦٽيءَ تائين عمل ۾ اچي وڃي ها. اسان تي حملو ٿيڻ کان اڳ اسان کي ڪيترو وقت ملي ها؟ اسان جو خيال هو ته پڪ سان چڱا خاصا ڏينهن ملي ويندا. اسين سائوٿ آفريقن ريلوي جي مرڪزي ريلوي جنڪشن تي قبضو ڪري وٺون ها ۽ اتي اتر ڏکڻ ۽ اوڀر طرف ويندڙ ريل گاڏيون گڏجن ٿيون. اسين انهن سڀني لائينن تي جيترو اڳتي مناسب لڳي ها- چاليهه يا پنجاهه ميل يا شايد اڃان وڌيڪ- ريل گاڏيون موڪلي پوءِ واپس ايندا پنهنجي پٺيان هر پُل ۽ موريءَ کي ڌماڪي سان اڏائيندا اچون ها. اهڙي طرح حاصل ڪيل وقت دوران شهر جي دفاع جي موثر نموني تنظيم ڪاري ٿي وڃي ها. فرض ڪريو ته بوئرن جي فوج سجاڳ ٿي ڏسي ٿي ته سندن گاديءَ جو هنڌ اهڙن جنگي قيدين جي انبوهن جي هٿن ۾ اچي ويو آهي جن کي هنن جوڳي تعداد ۾ فوجي رهائڻ کانسواءِ ائين بي احتياطي سان هڪ هنڌ گڏ ڪري رهائي ڇڏيو هو. هاڻي انهن کي انهيءَ جي محاصري لاءِ ڪيترا ماڻهو موڪلڻا پوندا؟ بوئر جنهن قسم جي لڙائي ۾ ماهر هئا انهيءَ لاءِ کليل علائقو گهربل هو. اهي سموري جنگ ۾ مضبوط جاين کي زير ڪرڻ ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿي سگهيا. ڪمبرلي، ميفڪنگ ۽ ليڊي سمٿ انهيءَ جا مثال آهن. اهي جتي به خندقن ۽ محفوظ جاين جي سامهون آيا ته پوئتي هٽي ويا. انهن جي قوت ۽ طاقت جا ميدان وسيع ۽ کليل واديون هيون. اسان جيڪڏهن پريٽوريا هٿ ڪري ورتو ته انهيءَ تي مهينن تائين قبضو برقرار رکي سگهون ٿا. اهو ڪهڙو نه شاندار ڪارنامو هوندو؟ صدر ڪروگر ۽ سندس حڪومت اسان جي هٿن ۾ قيد هوندي. هن هڪ دفعو ”منجهائي ڇڏيندڙ انساني جذبي“ بابت ڳالهايو هو. هاڻي هيءُ ڪم کيس سچو پچو منجهائي ڇڏيندو.
اسين هٿن ۾ اهي پتا رکي شايد ته باعزت امن لاءِ مذاڪرات ڪري سگهياسين ٿي ۽ دوستاڻي ۽ بهتر نموني ڇڪتاڻ کي پُڄاڻي تي پهچائي ٿي سگهياسين. جنهن سان اسان جون فوجون وڌيڪ جاکوڙ ۽ لڙائي کان بچي وڃن ها. اهو هڪ عظيم خواب هو. اهو ڪيترائي ڏينهن اسان جي خيالن تي حاوي رهيو ڪجهه جوشيلن ماڻهن ته انهي ڏينهن تي ڪم اچڻ لاءِ ڪپڙا ٽڪر گڏ ڪري يونين جيڪ به ٺاهي ورتو هو. ٻه يا ٽي سينئر آفيسر جيڪي اسان سان گڏ قيد هئا اهي جڏهن اسان جي رٿائن کان واقف ٿيا ڏاڍي سختي سان انهن جي خلاف فيصلو ڏئي ڇڏيائون. آءُ ڪڏهن به اها دعويٰ نه ڪندس ته اهي غلطي تي هئا. اتي اها ڪامڪ آپيرا ياد اچي ٿي وڃي جنهن ۾ وِلين ڏاڍي رعب سان اعلان ٿو ڪري ته: ”ٻارنهن هزار هٿياربند خچر سوار شهر ۾ ڦرلٽ مچائڻ لاءِ تيار بيٺا آهن.“ ”ته پوءِ دير ڇاجي آهي؟“ هن کان پڇيو وڃي ٿو: ”انهن کي پوليس نه ٿي ڇڏي.“ هائو اها ئي ته اصل رڪاوٽ هئي. ڏهه مڪمل سجاڳ ۽ هٿياربند ماڻهو ممڪن آهي ته هڪ وڏي اسڪيم ۾ هڪ ننڍڙي رڪاوٽ هجن پر اهي ٻين ڪيترين حالتن وانگر هن صورتحال ۾ به فيصلائتو ڪردار ادا ڪري سگهيا ٿي. اسان هاڻي اجتماعي سوچون ترڪ ڪري ڇڏيون ۽ فرار جي انفرادي رٿائن تي توجهه مرڪوز ڪري ڇڏي.

____________________
[1] اهو وڏي شخصي لطافت ۽ صلاحيت وارو آفيسر هو. ڪرنل جي عهدي تي هو ته 25- اپريل 1915ع تي گيلي پولي جي ڪنارن تي مارجي ويو.

باب ايڪويهون: منهنجو بوئرن وٽان ڀڄڻ I Escape from the Boer’s

آءُ پنهنجي قيد جي پهرين ٽن هفتن دوران جيتوڻيڪ بغاوت يا فرار جي سڀني رٿائن ۾ شريڪ رهيس پر بوئر اختيارين سان ڳالهين ۾ پڻ شريڪ رهيس ته اهي اخباري نامانگار جي حيثيت ۾ مون کي آزاد ڪري ڇڏين. انهن جو جواب هو ته مون بڪتربند ٽرين واري لڙائي ۾ حصو وٺي پنهنجي غير ويڙهاڪ (Non Combatant) حيثيت وڃائي ويٺو آهيان. منهنجو زور انهيءَ ڳالهه تي هوندو هو ته مون ته هڪ گولي به نه ڇوڙي هئي ۽ هٿين خالي گرفتار ٿيو هوس. اها ڳالهه ته بلڪل سچي هئي پر ناتال جون اخبارون بوئرن جي قبضي ۾ اچي ويون هيون. انهن ۾ منهنجي سرگرمين جو شاندار بيان آيل هو ۽ انجڻ ۽ زخمين جو فرار مڪمل طور مون ڏانهن منسوب ٿيل هو. تنهنڪري جنرل جوبرٽ (General Joubert) اها راءِ ڏيکاري ته مون پاڻ ڀلي هڪ گولي به نه ڇوڙي هجي پر مون انجڻ کي آزاد ڪري بوئر ڪارواين کي ڇيهو رسايو هو تنهنڪري مون کي جنگي قيدي سمجهيو ويندو. مون کي ڊسمبر جي پهرئين هفتي ۾ جيئن ئي انهيءَ فيصلي جي خبر پئي ته مون ڀڄڻ جو پڪو پهه ڪري ڇڏيو.
مون تڏهن انهيءَ بابت جيڪو ڪجهه لکيو هو انهيءَ ۾ ڪا بهتري نه ٿو ڪري سگهان ۽ اهو ئي هتي نقل ڪريان ٿو.
اسٽيٽ ماڊل اسڪولز هڪ چوڪنڊي جي وچ ۾ ٺهيل هئا. انهن جي ٻن پاسن کان لوهي گِرل ۽ ٻن پاسن کان مضبوط لوهه جو تقريباً ڏهه فوٽ اوچو جهنگلو لڳل هو. اهي حدون نوجواني واري ڦڙتي رکندڙ ڪنهن به ماڻهو جي راهه ۾ رڪاوٽ نه وجهن ها پر جيئن ته انهن جي اندرئين طرف پنجاه پنجاه والن تي رائيفلن ۽ ريوالورن سان هٿياربند سنتري پهري تي بيٺا هوندا هئا تنهنڪري اهي جهڙو ڪر ناقابل عبور رڪاوٽون هيون. ٽپي پار پوڻ ۾ جيئري جاڳندي ڀت کان وڌيڪ ٻي ڪا به ڀت نه هوندي آهي.
ڳڻتي گاڏڙ غوروفڪر ۽ مسلسل نظر رکڻ کان پوءِ ڪيترن ئي قيدين اها ڳالهه معلوم ڪري ورتي ته سنتري جڏهن اوڀارين پاسي واري پنهنجي حد ۾ چڪر ڏيندا آهن ته اهي ڪجهه گهڙين لاءِ ننڍڙن گول ڪاڪوسن جي ڀرسان ٻه ٽي وال ڀت جي چوٽي تي نظر نه رکي سگهندا آهن. چورس احاطي جي وچ ۾ لڳل بجليءَ جون لائيٽون سموري جاءِ کي بلڪل روشن رکنديون آهن پر اوڀارين ڀت پاڇي ۾ رهندي آهي. تنهنڪري پهريون ڪم ڪاڪوسن جي ڀرسان بيٺل سنترين وٽان ٽپي وڃڻ هو. اها ڳالهه نهايت ضروري هئي ته جڏهن اهي ٻئي پٺيرا بيٺل هجن ته انهيءَ ئي وقت ڪم ڪري وٺجي. ڀت ٽپي وڃڻ کان پوءِ اسين ٻئي پاسي ٺهيل جاءِ جي باغ ۾ هونداسين. اتي پلان پڄاڻي تي پهچي ٿي ويو. انهيءَ کان اڳتي هر ڳالهه مبهم ۽ غيريقيني هئي. باغ مان ٻاهر نڪربو، گهٽين مان ڪنهن جي نظر تي چڙهڻ کان سواءِ ڪيئن لنگهبو، شهر جي چوطرف گشتي پارٽين کان پاڻ کي ڪيئن لڪائبو ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته پرتگالي سرحد تائين 280 ميلن جو فاصلو ڪيئن طي ڪبو؟ اهي اهڙا سوال هئا جيڪي پوءِ جي مرحلي تي ڪر کڻندا.
مون 11- ڊسمبر تي ڪيپٽن هالڊين ۽ ليفٽيننٽ بروڪي سان گڏ هڪ ناڪام ڪوشش ڪئي. ڪاڪوسن تائين پهچڻ ۾ ڪا ڏکيائي نه هئي. پر اتان ڀت ٽپڻ شديد نوعيت جي خطري واري ڳالهه هئي. ائين ڪندڙ ماڻهو جڏهن ڀت جي مٿان هجي ها ته پندرهن وال پري بيٺل سنتري جيڪڏهن صحيح جاءِ تي هجن ها ۽ اوڏانهن اک هجين ها ته هو انهن کي صاف نظر اچي وڃي ها. اهڙي صورت ۾ سنتري هن کي هڪل ڪن ها يا فائر ڪن ها انهيءَ جو دارومدار سندس طبيعت تي هجي ها. اڳواٽ ڪير به چئي نه ٿي سگهيو ته هو ڇا ڪندا. بهرحال مون پڪو پهه ڪري ڇڏيو ته ٻئي ڏينهن ڇا به ٿي پوي آءُ ميدان ۾ ڪاهي پوندس. ٻارهين جو ڏينهن گذرندو ويو ته منهنجا خوف ۽ ڊپ بي خوفيءَ ۾ بدلجندا ويا. شام جو جڏهن منهنجا ٻه دوست ڪوشش ڪري چڪا ۽ مناسب موقعو نه ملين ته آءُ احاطي مان گهمندو گهمندو ويس هليو ۽ گول ڪاڪوسن ۾ لڪي ويهي رهيس. آءٌ ڪاڪوس جي ڌاتوئي چادر جي هڪ سوراخ مان سنتري تي نظر رکي ويٺو رهيس. ڪجهه وقت ته اهي هڪ جاءِ تي رڪاوٽ بڻيا بيٺا رهيا. اوچتو هڪ سنتري ڦِريو ۽ پنهنجي سنگتيءَ وٽ هلي ويو ۽ انهن پاڻ ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو. انهن جون پٺيون مون ڏانهن هيون.
”هاڻي يا وري ڪڏهن به نه“ آءُ ڏنڊي تي چڙهي بيٺس. ڀت جي چوٽي پنهنجن هٿن ۾ قابو ڪيم ۽ پاڻ کي مٿي ڇڪيم. مون ٻڏتر جو شڪار ٿي ٻه دفعا پاڻ کي هيٺ ڇڏي ڏنو ۽ پوءِ ٽيون دفعو پڪو ارادو ڪري مٿي چڙهي ويس. منهنجي واسڪوٽي چوٽيءَ تي ٺهيل آرائشي بُونبي ۾ ڦاسي پئي. پاڻ کي آزاد ڪرائڻ لاءِ مون کي ڪجهه دير ترسڻو پيو. انهيءَ انداز ۾ مون سنترين جي هڪ الوداعي جهلڪ ڏسي ورتي جيڪي پندرهن وال پري پٺي ڏنيون اڃان بيٺا ڳالهائي رهيا هئا. انهن مان هڪ پنهنجو سگريٽ دکائي رهيو هو ۽ مون کي ياد آهي ته سندس هٿن جي اندرئين پاسي واري چمڪ جو ڌنڌلو عڪس منهنجي ذهن تي نقش ٿي ويو. پوءِ مون پاڻ کي آهستڙي ڀرسان واري باغ ۾ لاٿو ۽ ڪرونڊڙو ٿي ٻوڙن ۾ ويهي رهيس. آءُ آزاد هوس! پهريون قدم کڄي چڪو هو ۽ اهو واپس نه پئي ٿي سگهيو. هاڻي منهنجن سنگتين جي اچڻ جو انتظار ڪرڻو هو. باغ جا ٻوٽا چڱي خاصي آڏ ڏئي رهيا هئا ۽ چانڊوڪيءَ ۾ انهن جا پاڇا زمين تي اونداهي ڪري رهيا هئا. آءُ اتي هڪ ڪلاڪ تائين وڏي بي صبري ۽ ڳڻتيءَ ۾ پيو رهيس. باغ ۾ مسلسل ماڻهن جي اچ وڃ لڳي پئي هئي هڪ دفعو ته هڪ ماڻهو اچي ڪجهه والن کان سڌو مون ڏانهن نهارڻ لڳو. ٻيا ڪٿي هئا؟ انهن ڪوشش ڇو نه ڪئي؟
اوچتو مون احاطي مان هڪ آواز ٻڌو جيڪو وڏي آواز ۾ چئي رهيو هو ”ڪجهه به نه آهي“ آءُ رڙهي پٺتي ڀت ڏانهن ٿي ويس. اندر ٻه آفيسر هيڏانهن هوڏانهن گهمندي کلڻ ۽ اجايو سجايو ڳالهائڻ سان گڏوگڏ ڪي لاطيني لفظ به ڪڍي رهيا هئا. انهيءَ ۾ مون پنهنجو نالو به ٻڌي ورتو. مون ٿورڙو کنگهڪار جو جوکم کنيو. هڪ آفيسر پنهنجي منهن ڳالهائڻ شروع ڪيو. ٻئي آهستي ۽ صاف نموني چيو: ”اهي ٻاهر نه ٿا وڃي سگهن. سنتري کي وهم ٿيو آهي. ڪجهه به نه آهي.“ پر هاڻي منهنجا سڀ خوف بنا دير مون کان جدا ٿي ويا. هاڻي آءُ نظر ۾ اچڻ کانسواءِ ڀت نه ٽپي سگهان ها. ٻاهرئين پاسي کان ڪو مدد ڏيندڙ ڏنڊو به نه هو. قسمت اڳتي جي راه ڏيکاري رهي هئي. انهيءَ کان سواءِ مون پاڻ کي چيو، هائو، آءُ ٻيهر پڪڙجي پوندس. پر آءُ گهٽ ۾ گهٽ پنهنجن پئسن جيترو ته ڀڄندس. مون آفيسرن کي چيو: ”آءُ اڪيلو ويندس.“
هاڻي آءُ اهي قدم کڻڻ لاءِ بلڪل صحيح موڊ ۾ هوس. ناڪاميءَ جو تقريباً پڪو امڪان هو. ڪاميابيءَ جي خلاف ويندڙ ڪنهن به ڳالهه مون تي اثر نه وڌو. نقشي تي هڪ نظر وجهڻ سان ڏسڻ ۾ ايندو ته روڊ ڏانهن دروازو ٻئي سنتريءَ کان فقط چند وال پري هو. مون پاڻ کي چيو: ”مڙس ٿي. همٿ ڪر“. ٽوپلو پنهنجي هٿ ۾ ڪيو ۽ وڏيون وکون کڻندو باغ جي وچ ۾ اچي ويس. لڪڻ جي ڪا به ڪوشش ڪرڻ کان سواءِ گهر جي دريءَ جي ڀرسان لنگهيس ۽ در مان ٿيندو کاٻي طرف ڦري ويس. آءُ سنتري وٽان پنجن والن کان به گهٽ فاصلي تي لنگهيس. انهن مان گهڻا مون کي مهانڊن مان سڃاڻندا هئا. هن مون ڏانهن ڏٺو يا نه مون کي خبر نه آهي ڇو جو مون پنهنجو منهن ڪنهن پاسي ڦيرايو ئي نه. مون ڊوڙ پائڻ جي جذبي تي ڏاڍي ڏکيائي سان ڪنٽرول ڪيو. پر هڪ وال هلڻ ۽ ڪا به هڪل نه ٻڌڻ کان پوءِ سمجهي ورتو ته ٻين رڪاوٽ به عبور ٿي وئي.
آءُ پريٽوريا ۾ آزاد هوس. آءُ رات جو ڏاڍي بي فڪري سان وچ روڊ تي هلندو ۽ هڪ ڌن جهونگاريندو رهيس. گهٽيون شهرين سان ڀريل هيون پر ڪنهن به مون ڏانهن ڌيان نه ڏنو. آءُ آهستي آهستي شهر جي ٻاهرين علائقن ۾ پهچي ويس ۽ هڪ ننڍڙي پل تي ويهي رهيس جيئن ڪجهه سوچ ويچار ۽ غور فڪر ڪري سگهان. آءُ دشمن جي ملڪ جي دل ۾ هئس. آءُ ڪنهن به ماڻهو کان واقف نه هوس جنهن ڏانهن مدد لاءِ واجهائي سگهان. منهنجي ۽ ڊيلاگوا بي جي وچ ۾ تقريباً ٽي سو ميلن جو فاصلو هو. باک ڦٽي تائين منهنجي فرار جي خبر عام ٿي ويندي ۽ بنا دير جي تعاقب شروع ٿي ويندو. پر نڪرڻ جا سڀ رستا بند هئا. شهر ۾ چوڪيون ٺهيل هيون. ملڪ ۾ گشت ٿي رهيو هو. ريل گاڏين جي تلاشي ورتي پئي وئي ۽ ريلوي لائين تي پهرو لڳل هو. مون کي فلالين جي ناسي رنگ جا سويلين ڪپڙا پهريل هئا. مون کي کيسي ۾ پنجهتر پائونڊ ۽ چاڪليٽ جا چار ٽڪر هئا ۽ قطب نام ۽ نقشو جيڪي منهنجي رهنمائي ڪن ها، آفيم جون گوريون ۽ گوشت جون ٽڪيون جيڪي مون کي قوت ڏين ها اهي اسٽيٽ ماڊل اسڪولز ۾ پنهنجن دوستن جي کيسن ۾ پيون هيون. سڀ کان خراب ڳالهه اها ته آءُ ڪافر ۽ ڊچ ٻولين جو هڪ لفظ نه ٿي ڳالهائي سگهيس. اهڙي صورت ۾ آءُ کاڌو ڪيئن حاصل ڪندس ۽ طرف ڪيئن پڇندس؟
پر جڏهن اميد موڪلائي وئي ته خوف به نڪري ويو. مون هڪ پلان ٺاهيو. آءُ ڊيلاگورا ويندڙ ريلوي لائين ڳولهيندس. نقشي ۽ قطب نما کان سواءِ ۽ هر جاءِ تي چوڪيون هوندي به انهيءَ پلان تي هلندس. مون تارن تي نظر وڌي. ٽيڙو چمڪي رهيو هو. اڃان هڪ سال به مشڪل سان گذريو هوندو جو آءُ نيل نديءَ جي ڪناري تي ريگستان ۾ رستو وڃائي ويٺو هوس ته انهيءَ مون کي راهه ڏيکاري هئي ۽ پاڻي ڏنو هو. هاڻي اهو مون کي آزادي جي واٽ تي وٺي هلندو. پاڻي توڙي آزادي آءُ ٻنهي جي کوٽ نه سهي سگهان ها.
ڏکڻ طرف اڌ ميل هلڻ کان پوءِ آءُ ريلوي لائين تي پهچي ويس. اها ڊيلاگوا ڏانهن ويندڙ لائين هئي يا پيٽرزبرگ برانچ هئي؟ اها جيڪڏهن ڊيلا گوا واري لائين هئي ته انهيءَ ئي اوڀر طرف وڃڻ گهرجي ها. پر منهنجي اندازي ۾ اها اتر طرف پئي وئي. پر ممڪن آهي ته اها ٽڪرين ۾ وڙ وڪڙ پئي ڪندي هجي. بهرحال مون انهيءَ تي هلڻ جو پڪو پهه ڪري ڇڏيو. رات ڏاڍي خوشگوار لڳي پئي هئي. ٿڌڙي هير منهنجي منهن تي جهلڪا ڏئي رهي هئي ۽ مون تي ڏاڍي سر خوشيءَ جو احساس حاوي هو. ڇا به هجي، ڀلي هڪ ڪلاڪ لاءِ ئي پر آءُ آزاد هوس. اها ڳالهه اهميت کان خالي نه هئي. مهم جوئي جو موهه وڌندو ٿي ويو. جيستائين پنهنجن مدارن ۾ گردش ڪندڙ ستارا منهنجي لاءِ جنگ نه ٿا جوٽين آءُ فرار نه ٿي سگهندس ته پوءِ ڀلا احتياط جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ آءُ ريلوي لائين جي ڀرسان تڪڙيون وکون کڻندو هلندو رهيس. هِتي هُتي ڪنهن چوڪي جي باهه جي روشني چمڪي رهي هئي. هر پُل تي نگهبان بيٺل هئا. آءُ خطري وارين جاين تي ننڍڙا ڦيرا ڪندو انهن سڀني وٽان لنگهي ويس ۽ ڪو به احتياط نه ٿي ڪيم. شايد اهو ئي سبب هو جو آءُ ڪامياب ٿي ويس.
هلڻ دوران مون پنهنجي پلان ۾ توسيع ڪري ڇڏي. آءُ سرحد تائين ٽي سو ميل پنڌ نه ڪري سگهان ها. آءُ هلندڙ ٽرين تي چڙهي پوندس ۽ سيٽن هيٺان، ڇت تي، ڪپلنگ تي يا جتي به جاءِ ملي لِڪي ويهي رهندس. مون کي وائس ورسا (Vice Versa) ۾ پال بلٽيٽيوڊ جو اسڪول کان ڀڄڻ ذهن ۾ اچي ويو.[2] مون تصور ۾ پاڻ کي سيٽ جي هيٺان نڪرندي ۽ فرسٽ ڪلاس جي ڪنهن ٿلهي متاري مسافر کي پنهنجي مدد لاءِ رشوت ڏيندي يا منٿ ميڙ ڪندي ڏٺو. آءُ ڪهڙي ٽرين ۾ چڙهان؟ ظاهر آهي ته جيڪا پهريان اچي. ٻه ڪلاڪ پنڌ ڪرڻ کان پوءِ مون کي ڪنهن اسٽيشن جون سگنل لائيٽون نظر اچي ويون. آءُ لائين کان پري ٿي ويس ۽ ان کان ڦيرو کائيندي پليٽ فارم کان تقريباً ٻه سو وال اورتي هڪ کڏ ۾ لڪي ويهي رهيس. مون سوچيو ته ٽرين اسٽيشن تي بيهندي ۽ پوءِ مون تائين پهچڻ ۾ گهڻي اسپيڊ نه حاصل ڪري ويندي. هڪ ڪلاڪ گذري ويو. آءُ بي صبرو ٿيڻ لڳس. اوچتو مون کي سيٽي جو آواز ۽ کڙ کڙ ٻڌڻ ۾ آئي پوءِ انجڻ جي وڏين هيڊي رنگ جي هيڊ لائيٽن جو چمڪاٽ ظاهر ٿيو. ٽرين اسٽيشن تي پنج منٽ بيٺي ۽ وري ڏاڍو گوڙ ڪندي ۽ دونهون ڪڍندي هلي پئي. آءُ رستي تي ڄُڪي ويهي رهيس ۽ ذهن ۾ پنهنجي ڪم جي ريهرسل ڪندو رهيس. مون کي انجڻ جي لنگهي وڃڻ تائين انتظار ڪرڻو پوندو نه ته ڏسجي ويندس. انهيءَ کان پوءِ آءُ گاڏن وٽ پهچڻ لاءِ ڊوڙ پائيندس.
ٽرين آهستي آهستي هلي پر منهنجي توقع کان جلدي اسپيڊ وٺي وئي. چمڪندڙ لائيٽون جلد ئي ويجهو اچي ويون. کڙ کڙ گجگوڙ ۾ بدلجي وئي. اونداهي ڇپ هڪ سيڪنڊ لاءِ منهنجي مٿان بيٺي. انجڻ ڊرائيور جو پنهنجي بٺي جي چمڪي جي پٺيان پاڇولو، انجڻ جو ڪارو پاسو ۽ دونهين جا ڪڪر تيزي سان گذرندا ويا. پوءِ مون پاڻ کي گاڏن ۾ کڻي اڇلايو، ڪنهن شي ۾ هٿ وڌو، هٿ نه پيو، وري هٿ وڌو وري هٿ نه پيو؛ ڪنهن جاءِ ۾ هٿ پئجي ويو ۽ منهنجا پير مٿي کڄي ويا ۽ پٻ زمين تي سٽڪڻ لڳا. آءُ وڏي جدوجهد کان پوءِ ريل جي مُنڍ کان پنجين نمبر گاڏي جي ڪپلنگ تي ويهجي ويس. اها مال گاڏي هئي ۽ گاڏا ٻورن سان سٿيا پيا هئا. ٻورا ڏاڍا نرم هئا ۽ ڪوئلن جي دز سان ڍڪيا پيا هئا. اصل ۾ اهي ٻورا ڪوئلن جي خالي ٻورن سان ڀريل هئا ۽ پنهنجي کاڻ ڏانهن واپس پئي ويا. آءُ ريڙهيون ڏئي مٿي چڙهي ويس ۽ انهن جي وچ ۾ لڪي ويس ۽ پنجن منٽن ۾ مڪمل طور دٻجي ويس. ٻورا گرم ۽ آرامده هئا. انجڻ جي ڊرائيور مون کي ٽرين ڏانهن لوهه پائيندي ڏسي نه ورتو هجي ۽ ايندڙ اسٽيشن تي ماڻهن کي خبردار نه ڪري ڇڏي. يا شايد هن نه ڏٺو هجي. ٽرين ڪيڏانهن پئي وئي؟ انهيءَ تان مال ڪٿي لهندو؟ انهيءَ جي تلاشي ته نه وٺندا؟ ڇا اها ڊيلاگوا واري لائين تي هئي؟ آءُ صبح جو ڇا ڪريان؟ انهيءَ جي ڳڻتي نه ڪر. رات لاءِ رات جو ڀاڳ ڪافي آهي. نين حالتن لاءِ نيون رٿائون. مون ننڊ ڪرڻ جو ارادو ڪري ڇڏيو ۽ ريل جي کڙ کڙ کان وڌيڪ ٻي ڪنهن وڻندڙ لوليءَ جو تصور ئي نه پئي ڪري سگهيس جيڪا مفرور قيدي کي ويهه ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان دشمن جي گاديءَ واري شهر کان پري کڻي وڃي رهي هئي.
مون کي اها خبر نه آهي ته آءُ ڪيترو وقت سمهيس پر جڏهن اوچتو سجاڳ ٿيس ته خوشي جا سڀئي احساس غائب هئا ۽ ذهن تي فقط شديد ڏکيائين جي سوچ ٻوجهه بڻي بيٺي هئي. مون کي پرهه ڦٽي کان اڳ ٽرين مان لهڻ گهرجي جئين ڪنهن تلاءَ مان پاڻي پيئان ۽ اوندهه ٿيڻ تائين ويهڻ لاءِ ڪا لڪڻ جي جاءِ ڳولهي سگهان. آءُ ڪوئلي جي ٻورن سان گڏ لهڻ جو خطرو ڪڏهن به نه کڻندس. ٻيءَ رات جو ٻي ٽرين ۾ چڙهندس. آءُ ٻورن ۾ پنهنجي آرامده لڪڻ واري جاءِ مان ريڙهيون ڏئي نڪري آيس ۽ وري ڪپلنگ تي ويهي رهيس. ٽرين سٺي اسپيڊ سان هلي رهي هئي پر مون محسوس ڪيو ته انهيءَ کي ڇڏڻ جو وقت اچي ويو آهي. مون گاڏي جي آخر ۾ لوهي هينڊل کي پنهنجي کاٻي هٿ ۾ قابو جهليو ۽ ٽپ ڏنم. منهنجا پير ٻن وڏين اڇالن ۾ زمين تي کُتا ۽ پوءِ پکڙجي هڪ کڏ ۾ اچي ڪِريس. جسم چڱو خاصو لُڏي ويو هو پر ڪو به زخم نه آيو. رات جو منهنجي وفادار ساٿي رهندڙ ٽرين تيز رفتاريءَ سان پنهنجي سفر تي هلندي رهي.
اڃان اوندهه لڳي پئي هئي. آءُ هڪ وسيع ماٿريءَ جي وچ ۾ هئس جنهن جي چوطرف ننڍڙيون ٽڪريون هيون ۽ پٽ تي ماڪ ۾ ٻڏل وڏي گاهه جي چادر وڇايل هئي. مون سڀ کان ويجهي واهي ۾ پاڻي جي ڳولها ڪئي ۽ جلد ئي هڪ صاف تلاء ڳولهي لڌم. مون کي ڏاڍي اُڃ هئي پر اڃ اجهائڻ کان گهڻي دير پوءِ به پاڻي پيئندو رهيس. جيئن مون وٽ سڄي ڏينهن لاءِ ڪافي مقدار ۾ پاڻي هجي.
هاڻي باک به ڦٽڻ شروع ٿي ۽ اوڀر طرف آسمان ۾ ڪارن ڪڪرن جي وچ مان هيڊي ۽ ڳاڙهي رنگ جون ڌارائون ظاهر ٿي ويون. مون کي اهو ڏسي ڏاڍو اطمينان ٿيو ته ريلوي لائين ڏاڍي يڪسانيءَ سان اڀرندي طرف وڃي رهي هئي.
پيٽ ڀري پاڻي پيئڻ کان پوءِ مون ٽرين ڏانهن رخ ڪيو جن ۾ مون کي لِڪڻ جي جاءِ هٿ اچڻ جي اميد هئي ۽ ڏينهن جي روشني پکڙجڻ سان آءُ هڪ اونهي نئي جي ڪناري تي ڦٽل وڻن جي هڪ جهڳٽي ۾ داخل ٿي ويس. مون ارادو ڪري ڇڏيو ته نماشام تائين اتي ويٺو هوندس. مون کي دل ۾ اهو اطمينان هو ته دنيا ۾ ڪنهن کي به خبر نه هئي ته آءُ ڪٿي هوس. خود مون کي به خبر نه هئي. هاڻي چاروڳا هئا. مون ۽ رات جي وچ ۾ چوڏهن ڪلاڪ پيا هئا مون کي اها بي صبري لڳي پئي هئي ته اڃان سگهه ۽ قوت هوندي اڳتي هلي وٺان تنهنڪري اها ٻيڻا وڏا پئي لڳا. شروع ۾ ته سيءُ ڏاڍو هو پر آهستي آهستي سج طاقت وٺندو ويو. ڏهين وڳي تائين گرمي شديد ٿي وئي. منهنجي اڪيلي ساٿي هڪ وڏي ڳِجهه هئي جيڪا منهنجي حالت ۾ ڪجهه حد کان وڌيڪ دلچسپي ڏيکاري رهي هئي ۽ وقت بوقت ڏاڍا خوفائتا ۽ بڇڙا گرڙاٽ ڪري رهي هئي. منهنجي مٿاهين جاءِ تان سموري واديءَ جو نظارو منهنجي سامهون هو. اولهه طرف ٽن ميلن جي فاصلي تي ٽين جي ڇتين جي گهرن وارو هڪ ننڍڙو شهر هو. هيٺ مٿاهين زمين جي يڪسانيت کي دُور ڪرڻ لاءِ فارمن تي ٺهيل گهر ٽڙيا پکڙيا پيا هئا جن مان هر هڪ سان گڏ وڻن جو هڪ جهڳٽو هو. ٽڪريءَ جي پاڙ ۾ ڪافرن جو هڪ لوڙهي بند ڳوٺ هو ۽ انهيءَ جي رهواسين جون شڪليون زمين جي آباد ٽڪرن تي پکڙيون پيون هيون يا اهي ساوڪ تي چرندڙ ٻڪرين ۽ ڍڳين جي ڌڻن جي چوڌاري بيٺا هئا. مون ڏينهن جو چاڪليٽ جو هڪ ٽڪرو کاڌو جنهن ڏينهن جي تپش وڌڻ سان شديد اُڃ پيدا ڪئي. تلاء مشڪل سان اڌ ميل پري هو پر آءُ ننڍڙي ڳوٺ واري پناهه گاهه ڇڏڻ جي همٿ نه پئي ڪري سگهيس جو مون کي ڪڏهن ڪڏهن ڪي گورا ماڻهو گهوڙن تي يا پنڌ واديءَ تي گهمندي نظر اچي ٿي ويا ۽ هڪ دفعو هڪ بوئر اچي منهنجي لڪڻ واري جاءِ جي ڀرسان پکين تي ٻه فائر به ڪيا. پر ڪنهن جي به مون تي نظر نه پئي.
گذريل رات واري خوشي ۽ جوش ڪافور ٿي ويا ۽ انهن جي جاءِ تي لڱ ٺاري ڇڏيندڙ رد عمل اچي ويو. مون کي ڏاڍي بک لڳي هئي جو مون نڪرڻ کان اڳ ماني نه کاڌي هئي ۽ چاڪليٽ جيتوڻيڪ توانائي ڏئي ٿو پر بک جو احساس ختم نه ٿو ڪري. مون ننڊ به نالي ماتر ڪئي هئي پر منهنجي دل ايترو زور سان ڌڙڪي رهي هئي ۽ آءُ مستقبل بابت ايترو ته گهٻراهٽ ۽ مونجهاري جو شڪار هوس جو مون کي آرام ئي نه پئي آيو. آءُ پيش ايندڙ سڀني اتفاقن بابت سوچي رهيو هوس. مون کي پڪڙجي پوڻ ۽ واپس پريٽوريا گهلجي وڃڻ کان ايترو ته ڊپ پئي لڳو ۽ انهيءَ ڳالهه کان ايتري ته نفرت پئي آئي جنهن جو لفظن ۾ اظهار ٿي ئي نه ٿو سگهي. مون کي اهڙن فيلسوفاڻن خيالن مان به ڪو آرام نه پئي آيو جن کي ڪجهه ماڻهو پنهنجي سهوليت، طاقت ۽ تحفظ واري وقت ۾ ويٺا ورجائيندا آهن. اهي فقط سٺي موسم جا دوست پئي لڳا. مون اها ڳالهه ڏاڍي شدت سان محسوس ڪئي ته منهنجي ڪمزور دانش ۽ طاقت جو ڪهڙو به استعمال مون کي پنهنجن دشمنن کان نه بچائي سگهندو ۽ اهو ته آءُ انهيءَ ارفع طاقت (High Power) جي مدد کان سواءِ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿي سگهندس جيڪا علت ۽ معلول جي دائمي سلسلي ۾ انهيءَ کان وڌيڪ دخل انداز ٿيندي رهي ٿي جيترو اسين تسليم ڪريون ٿا. مون مدد ۽ رهنمائي لاءِ دل جي گهراين سان ڏاڍي ڊگهي دعا گهري. مون کي لڳي ٿو ته منهنجي دعا ڏاڍو جلدي ۽ حيرت انگيز نموني قبول ٿي.
مون اهي سٽون ڪيترا سال اڳ لکيون هيون جڏهن انهيءَ مهم جو اثر مون تي اڃان پڪو بيٺل هو. تڏهن آءُ وڌيڪ نه ٿي ٻڌائي سگهيس. ائين ڪرڻ سان جن ماڻهن منهنجي مدد ڪئي هئي انهن جي آزادي ۽ شايد زندگيون ئي خطري ۾ پئجي وڃن ها. ڪيترن سالن کان اهي سبب به منظر تي نه رهيا آهن. هاڻي وقت اچي ويو آهي جو آءُ پوءِ ٿيندڙ اهي واقعا بيان ڪري سگهان ٿو جن منهنجي شروعاتي نااميديءَ واري صورتحال کي وڏي فائدي واري حالت ۾ تبديل ڪري ڇڏيو هو.
ڏينهن جو مون ريلوي لائين تي ڌيان سان نظر رکي هئي ۽ ڏٺو هو ته انهيءَ تي ٻنهي پاسن کان ٻه يا ٽي گاڏيون آيون ويون هيون. مون سوچيو ته ساڳيو تعداد رات جو به گذرندو. مون انهن مان ڪنهن تي چڙهڻ جو ارادو ڪيو. مون سوچيو ته آءُ پنهنجي گذريل رات واري طريقي ۾ بهتري آڻي سگهيس ٿي. منهنجي مشاهدي ۾ اها ڳالهه آئي هئي ته خاص طور ڊگهيون مال گاڏيون ڪجهه اُتاهين چاڙهين تي ڏاڍو آهستگيءَ سان مٿي چڙهن ٿيون. ڪڏهن ڪڏهن ته اهي مشڪل سان پيدل ماڻهو جي رفتار جيترو هليون ٿي. تنهنڪري شايد ڪو اهڙو هنڌ چونڊڻ ۾ سولائي ٿيندي جتي لائين نه فقط مٿي چڙهندي هجي پر انهيءَ ۾ وڪڙ به هجي ۽ آءُ ڪنهن ٻاهرئين پاسي واري گاڏي تي اهڙي طرح چڙهي وڃان جو انجڻ ۽ گارڊ جو گاڏو ٻئي پٺتي وَريل هجن. اهڙي طرح نه انجڻ ڊرائيور نه ئي گارڊ مون کي ڏسي سگهندا. اهو پلان مون کي هر لحاظ سان درست پئي ڏسڻ ۾ آيو. مون رات ۾ ٻيا سٺ ستر ميل اڳتي کڄي وڃڻ کان پوءِ چشم تصور سان پاڻ کي پرهه ڦٽي کان اڳ ٽرين مان لهندي ڏٺو. اهڙي طرح سرحد کان ڏيڍ سو ميلن جو فاصلو وڃي باقي رهندو ۽ اهو طريقو ٻيهر ڇو نه عمل ۾ اچي سگهندو؟ انهيءَ ۾ ڪا خامي هئي ڇا؟ مون کي ته اها نظر نه پئي آئي. ٽن لڳاتار راتين ۾ ٽن ڊگهين اڇالن ۾ آءُ پرتگالي علائقي ۾ هوندس. مون وٽ اڃان ٻه يا ٽي چاڪليٽن جون ٽڪيون ۽ بسڪوٽن جي ڀور جو کيسو ڀريل هو جيڪي مڙئي بُک مارڻ ۽ جسم ۽ روح جي تند ڳنڍيل رکڻ لاءِ ڪافي هئا نه ته بک کان بي حال ٿي ڪنهن ماڻهو جي سامهون اچڻو پوي ها ۽ اهڙي طرح وري قيد ۾ اچي وڃڻ جو خطرو هجي ها. اهي پُور پچائيندي آءُ وڌندڙ بي صبريءَ سان اوندهه ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ لڳس.
ڊگهو ڏينهن آخر پنهنجي پڄاڻي تي پهتو. اولهه طرف وارا ڪڪر ڳاڙها لال ٿي ويا. ٽڪرين جا پاڇا ماٿريءَ ۾ پکـڙجي ويا. ڊگهن گهوڙن سان بوئرن جي هڪ وڏي گاڏي ريلوي لائين سان شهر ڏانهن آهستي آهستي گهلبي پئي وئي. ڪافر پنهنجن ڌڻن کي هڪليندا پنهنجي لوڙهي بند ڳوٺ ڏانهن ڪاهيون پئي ويا. آخرڪار ڏينهن جي روشني ختم ٿي وئي ۽ آءُ ٻاهر نڪتس ۽ تڪڙو تڪڙو ريلوي لائين ڏانهن وڌيس. پٿرن تان ۽ وڏي گاهه مان رڙهندو سڙهندو، ٿڌي مٺي پاڻي جي هڪ واهي تي ٿوري دير ويهي پاڻي پيتو. آءُ انهيءَ جاءِ ڏانهن هلڻ لڳس جتي مون ريل گاڏين کي تمام آهستڙي چاڙهي تي چڙهندي ڏٺو هو. مون کي جلد ئي اهڙي جاءِ نظر اچي وئي جتي ريلوي لائين جو وڪڙ منهنجي پلان جي سڀني ڳالهين جي مطابق هو. اتي آءُ هڪڙي ننڍڙي ٻوڙي جي پٺيان ويهي رهيس ۽ وڏي آس کڻي انتظار ڪرڻ لڳس. هڪ ڪلاڪ گذري ويو، ٻه ڪلاڪ گذري ويا، ٽي ڪلاڪ به گذري ويا ته به ڪا ٽرين ئي نه آئي. هاڻي آخري گاڏيءَ کي وئي ڇهه ڪلاڪ گذري ويا هئا ڪنهن جو وقت ته لازماً ٿي ويو هوندو. ٻيو ڪلاڪ به نڪري ويو ته به ڪا گاڏي ئي نه! منهنجو پلان ڊهڻ لڳو ۽ منهنجون اميدون مون وٽان ڀڄڻ لڳيون ڪٿي ائين ته ناهي ته ريلوي لائين جي هن حصي تي اوندهه ۾ گاڏيون نه ٿيون هلن؟ حقيقت ۾ اها ئي ڳالهه هئي ۽ آءُ ڏينهن ٿيڻ تائين اجايو ويٺو انتظار ڪريان ها. بهرحال رات جو ٻارهين ۽ هڪ وڳي جي وچ ۾ مون کان صبر ڇڏائجي ويو ۽ مون اهو پڪو پهه ڪري ريلوي لائين سان گڏوگڏ هلڻ شروع ڪيو ته ڇا به ٿي پوي آءُ پنهنجي سفر جا ڏهه پندرنهن ميل ڪري وڃان. آءُ گهڻو اڳڀرو نه ٿي سگهيس. هر پُل تي هٿياربند ماڻهن جو پهرو هو ۽ ٻن ٽن ميلن تي ڪيبن ٺهيل هئا. وچ ۾ اسٽيشنون هيون جن جي چوڌاري ٽين جي ڇتين جي گهرن تي ٻڌل ڳوٺ هئا. سموري ماٿري چنڊ جي روشن ڪرڻن ۾ ٻُڏي پئي هئي. انهن خطرناڪ جاين کان بچڻ لاءِ مون کي وڏا ڦيرا ڪرڻا ٿي پيا ۽ ڪٿي ته زمين تي جيتن وانگر سرڻو به پيو. آءُ ريل بند کي ڇڏي دُٻن ۽ دلدلن ۾ وڃي پيس. ماڪ ۾ تر ٿيل وڏي گاهه ۾ گهڙيس ۽ ريل بند جي هيٺان گذرندر ننڍڙن واهڙن ۾ لهي اهي پار ڪيم. آءُ جلد ئي چيلهه تائين پاڻي ۾ پُسي ويس. پنهنجي قيد جي هڪ مهيني دوران مون ورزش تمام گهٽ ڪئي هئي تنهنڪري پنڌ ڪرڻ ۽ کاڌي ۽ ننڊ جي کوٽ سبب جلد ئي ٿڪجي پيس. هاڻي آءُ هڪ اسٽيشن جي ويجهو اچي پهتو هوس. اها اسٽيشن فقط هڪ پليٽ فارم هو جنهن جي چوڌاري ٻه يا ٽي جايون ۽ جهوپڙا هئا. پليٽ فارم تي اصل ريلوي لائين جي ڀرسان وارين لائينن تي ٽي ڊگهيون مال گاڏيون بيٺيون هيون. اهي ظاهر آهي ته رات جو وقت گذارڻ لاءِ اتي بيٺيون هيون. ريلوي لائين تي ٻنهي پاسن کان گاڏين جي اچ وڃ هڪ جيتري نه هئي. چنڊ جي روشني ۾ نظر ايندڙ ٽن ريل گاڏين منهنجي شڪ شبهن کي صحيح ثابت ڪيو. لائين جي هن حصي تي رات جو ٽريفڪ نه ٿي هلي. شام جو ايترو سٺو ۽ پڪو پختو نظر ايندڙ منهنجي پلان جي هاڻي وڃي اها حالت ٿي هئي.
هاڻي منهنجي ذهن ۾ اها ڳالهه آئي ته بنا دير آءُ انهن بيٺل گاڏين مان ڪنهن تي چڙهي وڃان ۽ ان تي چڙهيل بار ۾ لڪي وڃان ته ممڪن آهي ته ٻيو ڏينهن ۽ جيڪڏهن سڀ ڳالهه صحيح هلي ته رات به اڳتي کڄي وڃان. ٻئي طرف اها سوچ به هئي ته اهي ڪيڏانهن پئي ويون؟ اهي ڪٿي بيهنديون؟ انهن تان بار ڪٿي لهندو؟ گاڏي ۾ چڙهڻ سان ئي منهنجي قسمت جو فيصلو ٿي ويندو. ائين به ٿي سگهي ٿو ته آءُ وِٽ بينڪ، مڊل برگ يا سرحد تائين ٻه سو ميلن ۾ ڪنهن به اسٽيشن تي گرفتار ٿي، بيعزتو ڪري ٽرين تان لاٿو وڃان. اهڙو ڪو به قدم کڻڻ کان اڳ ڪنهن به قيمت تي اها ڳالهه معلوم ڪرڻ ضروري هئي ته اهي گاڏيون ڪيڏانهن پئي ويون. انهيءَ لاءِ مون کي اسٽيشن ۾ وڃڻو پوندو ۽ گاڏيون يا مال تي لڳل پرچين جو جائزو وٺي انهن مان ڪا معلومات وٺڻي پوندي. آءُ پيٽ ڀر سُرندو پليٽ فارم تائين ويس ۽ پاسي وارين لائينن تي بيٺل ڊگهين گاڏين جي وچ ۾ پهچي ويس. مون اڃان گاڏن تي لڳل نشانن کي ڏسڻ شروع ئي مس ڪيو هو ته گاڏين جي ٻاهران ايندڙ تيز آوازن مون کي ڊپ ۾ ڀري ڇڏيو. ڪيترائي ڪافر پنهنجي غير هموار آوازن ۾ کِلي ۽ زور سان دانهون ڪري رهيا هئا ۽ منهنجي خيال ۾ ته مون کي هڪ يورپي آواز به ٻڌڻ ۾ آيو جيڪو ڪجهه سمجهائي يا حڪم ڏئي رهيو هو. ڇا به هجي ايتري ڳالهه منهنجي لاءِ کوڙ هئي. آءُ ٻنهي گاڏين جي وچ ۾ هلندو آخري ڪناري تائين پهچي ويس ۽ لڪندو ڇپندو پر ڏاڍي تڪڙ ۾ وسيع ميدان جي گاهه ۾ لڪي ويس.
هاڻي بس بغير ڪنهن مقصد ۽ اميد جي بي دليءَ سان وکون کڻندي هلندو رهڻ کان سواءِ ڪا واه ئي نه هئي. مون جڏهن چوطرف نظر وڌي ۽ هِتي هُتي ڪجهه گهرن جون روشنيون نظر آيون ته انهن ۾ موجود گرمائش ۽ آرام جو تصور ڪري منهنجي دل ڏاڍي ننڍي ٿي وئي جو مون سمجهيو ته انهن ۾ مون لاءِ خطري کان سواءِ ڪجهه به نه هو. گهڻو اڳتي چانڊوڪيءَ ۾ چمڪندڙ آسمان جي ڪناري تي ڇهن يا اٺن وڏين لائيٽن جي قطار نظر اچڻ لڳي جيڪي وٽ بينڪ يا مڊل برگ اسٽيشن جون نشانيون هيون. منهنجي کاٻي هٿ تي اونده ۾ ٻه يا ٽي باهيون ٽمڪي رهيون هيون. مون کي اها پڪ هئي ته اهي گهرن جو روشنيون نه هيون پر اها پڪ به هئي ته اهي ڇا جون هيون يا ڪيترو پري هيون. منهنجي ذهن ۾ اهو خيال ٺهيو ته اهو ڪافرن جو لوڙهي بند ڳوٺ هوندو. پوءِ مون اهو سوچڻ شروع ڪيو ته منهنجي باقي توانائي جو بهتر استعمال انهن ڪافرن ڏانهن وڃڻ ٿيندو. مون کي اها ڳالهه ٻڌڻ ۾ آئي هئي ته اهي بوئرن کان نفرت ڪندا هئا ۽ برطانوين ڏانهن دوستاڻو رويو رکندا هئا. ايترو آهي ته اهي شايد مون کي گرفتار نه ڪن. ممڪن آهي ته اهي مون کي کاڌو ۽ سمهڻ لاءِ ڪا خشڪ جاءِ ڏئي وجهن. آءُ جيتوڻيڪ انهن جي زبان جو هڪ لفظ به نه ٿي ڳالهائي سگهيس ته به مون سوچيو ته اهي شايد برطانوي نوٽ جي اهميت سمجهندا هجن. ائين به ٿي سگهي ٿو ته انهن کي ريهي ريبي منهنجي مدد تي آماده ڪري وجهجي. منهنجي ذهن تي فقط اهي سوچون ئي حاوي هيون ته فقط هڪ گائيڊ ۽ گهوڙو ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته ڪجهه آرام، کاڌو ۽ گرمائش ملي وڃي. تنهنڪري آءُ باهين ڏانهن هلي پيس.
مون اها سوچ ذهن ۾ رکي ميل کن جيترو پنڌ ڪيو هوندو ته مون کي اها ڳالهه ورائي وئي ته اهو فيصلو ڪٿي نا سمجهي تي ٻڌل نه هجي. پوءِ آءُ ريلوي لائين ڏانهن موٽيس ۽ شايد اڌ فاصلي جيتريون پٺتي وکون کنيون. آخر ڪنهن به طرف هلڻ بند ڪري هڪ جاءِ تي ويهي رهيس. هاڻي منهنجي ذهن بلڪل ڪم نه پئي ڪيو ۽ ڪا به خبر نه پئي پوي ته ڇا ڪريان ۽ ڪيڏانهن وڃان. اوچتو بغير ڪنهن عقلي سبب جي منهنجا سڀ شڪ شبها غائب ٿي ويا. اهي ڪنهن منطقي سوچ جي نتيجي ۾ زائل نه ٿيا هئا. بس منهنجو ذهن بلڪل صاف ٿي ويو ته مون کي ڪافرن جي لوڙهي بند ڳوٺ ڏانهن وڃڻو آهي. گذريل سالن ۾ آءُ ڪڏهن ڪڏهن ڦار ڪڍڻ واري پينسل هٿ ۾ جهلي ويهندو هوس ۽ ٻيا منهنجي هٿ يا ڪرائي کي لوڏيندا هئا ۽ اهڙي طرح لکت مان مطلب ڪڍندا هئا. مون هاڻي به بلڪل ساڳئي لاشعوري يا تحت شعوري انداز ۾ ڪم ڪيو.
آءُ تڪڙا تڪڙا قدم کڻندو باهين ڏانهن هلڻ لڳس جن بابت مون پهرئين سٽ اهو سمجهيو هو ته اهي ريلوي لائين کان ٻه کن ميلن کان وڌيڪ پري نه هونديون. پر مون کي جلد ئي خبر پئجي وئي ته اهي انهيءَ کان گهڻو پري هيون. تقريباً ڪلاڪ يا ڏيڍ ڪلاڪ هلڻ کان پوءِ به اهي تقريباً ايترو ئي پري ٿي لڳيون. پر آءُ هلندو رهيس ۽ صبح جو ٻين ۽ ٽين وڳي جي وچ ۾ مون کي محسوس ٿيو ته اهي ڪافرن جي ڳوٺ جون باهيون نه هيون. باهين جي پس منظر ۾ عمارتن جا ڪُنڊاوان نقش ظاهر ٿيڻ لڳا ۽ آءُ جلد ئي محسوس ڪرڻ لڳس ته آءُ ڪنهن ڪوئلن جي کاڻ جي منهن جي چوڌاري ٺهيل گهرن جي ويجهو پهچي رهيو آهيان. وائينڊنگ گيئر کي هلائيندڙ چرخي صاف نظر پئي آئي ۽ هاڻي آءُ اهو به ڏسي سگهيس پئي ته جيڪي باهيون مون کي ايترو پري کان وٺي آيون هيون اهي انجڻ جي بٺين جون هيون. ويجهو ئي هڪ ننڍو پر چڱو خاصو پٿر جو ٻه ماڙ گهر ٺهيل هو جنهن جي آسپاس هڪ يا ٻه ننڍيون جايون به هيون.
آءُ سُڃ ۾ بيهي رهيس جيئن هن منظر جو جائزو وٺان ۽ پنهنجي عمل تي ڪجهه سوچ ويچار ڪريان. اڃان به واپس وڃڻ ممڪن هو. پر انهيءَ رخ ۾ مون کي انهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نظر نه ٿي آيو ته آءُ اجايو ڀٽڪندو رهندس جنهن جي پڄاڻي تي بک ۽ تپ هوندو ۽ آءُ ماڻهن کي هٿ اچي ويندس يا پاڻ ئي وڃي پيش پوندس. ٻئي طرف وري هتي هڪ موقعو سامهون هو. مون فرار ٿيڻ کان اڳ ڪنهن جي واتان ٻڌو هو ته وٽ بينڪ جي کاڻين واري ضلعي ۽ مڊل برگ ۾ انگريزن جو ڪجهه تعداد رهي ٿو جيڪي کاڻين تي ڪم هلائڻ لاءِ مجبوريءَ وچان ملڪ ۾ رهي پيا هئا. ڇا آءُ اهڙي ڪنهن ماڻهو وٽ وڃي پهتو هوس؟ مون کي اوندهه ۾ گهوريندڙ انهيءَ پراسرار گهر ۾ ڪير هوندو؟ برطانوي يا بوئر؛ دوست يا دشمن؟ پر انهيءَ سان ممڪنات جو سلسلو ختم ته نه ٿي ٿيو؟ مون وٽ برطانوي نوٽن جي صورت ۾ پنجهتر پائونڊ کيسي ۾ پيا هئا. مون سوچيو پئي ته مون جيڪڏهن پنهنجي سڃاڻپ ظاهر ڪري وڌي ته ڪنهن کي هڪ هزار پائونڊ جي ادائيگي جي به چڱي خاصي خاطري ڏئي ويندس. ممڪن آهي ته مون کي ڪو لاتعلق ۽ غيرجانبدار ماڻهو ملي وڃي جيڪو ڀل مانسائي ۾ يا ڪنهن وڏي رقم جي بدلي ۾ اهڙي سخت ضرورت ۾ منهنجي مدد ڪري وجهي. مون کي ڪوشش ڪري ڏسڻ گهرجي ته متان ڪو معاملو ٺهي وڃي جو مون ۾ اڃان ڪنهن کي پنهنجي صورتحال بابت قائل ڪرڻ جي سگهه به آهي ۽ جيڪڏهن نتيجا خراب نڪرن ته آءُ شايد پاڻ کي ڇڏائي به سگهان ٿو. پر اڃان به آثار منهنجي سخت خلاف هئا ۽ آءُ بي دليا ۽ لُڏندڙ قدم کڻندو ماٿريءَ جي اڌ اونداهيءَ مان بٺين جي باهين جي روشنين ۾ آيس ۽ خاموش گهر ڏانهن وڌيس ۽ پنهنجي مڪ سان در تي کڙڪو ڪيو.
ٿوري دير ترسڻ کان پوءِ مون وري در کڙڪايو. انهيءَ کان فوراً پوءِ مٿي روشني ٿي ۽ مٿئين دري کُلي.
هڪ مرداڻي آواز ۾ رڙ ٿي “Wer ist da”?[3] (ور اسٽ ڊا) منهنجو سمورو وجود مايوسي ۽ هراس ۾ وٺجي ويو.
”مون کي مدد جي ضرورت آهي. مون کي هڪ حادثو پيش آيو آهي.“ مون ورندي ڏني.
انهيءَ کانپوءِ ڪجهه ڀڻڪاٽ ٿيا. پوءِ مون کي ڪنهنجو ڏاڪا لهڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو ۽ قلف کليو ۽ ڪڙو لٿو.
امالڪ در کُليو ۽ سامهون اونداهي رستي ۾ مون کي پنهنجي سامهون لٿل منهن ۽ ڪارن شهپرن سان هڪ ماڻهو نظر آيو جنهن تڙ تڪڙ ۾ ڪپڙا پهريا هئا.
”ڇا گهرجئي؟“ هن دفعي هن انگريزيءَ ۾ چيو.
هاڻي مون کي سوچڻو هو ته آءُ ڇا ڳالهايان. منهنجي لاءِ سڀ کان وڏي ڳالهه هئي ته مون انهيءَ شخص سان گفتگو جو سلسلو هلائڻ ٿي گهريو جيئن صورتحال اهڙو رخ اختيار ڪري وٺي جو خطري جي گهنٽي وڃائڻ ۽ ٻين کي سڏڻ جي بجاءِ هو مون سان ماٺ ميٺ ۾ ڳالهين ۾ لڳي وڃي.
”آءُ شهري ماڻهو آهيان.“ مون شروعات ڪئي، ”مون کي هڪ حادثو درپيش اچي ويو آهي. آءُ ڪوماٽي پورٽ ۾ ڪمانڊو مهم ۾ شريڪ ٿيڻ پئي ويس. اسان موج مستيءَ ۾ ٺينگ ٽپا پئي ڏنا ته آءُ ٽرين تان ڪري پيس. آءُ ڪيترا ڪلاڪ بيهوش پيو هوس. آءُ ڀانيان ٿو ته منهنجو ڪُلهو نڪري پيو آهي.“
انهن ڳالهين تي سوچجي ٿو ته حيرت وٺي وڃي ٿي. اها آکاڻي منهنجي زبان تي ائين جاري ٿي وئي ڄڻ مون اها ويهي ياد ڪئي هجي. انهيءَ هوندي به مون کي ڪا خبر ئي نه ٿي پئي ته آءُ چوان ڇا پيو يا ٻيو جملو ڪهڙو هوندو.
اجنبيءَ مون کي غور سان ڏٺو ۽ آخرڪار ڪجهه ٻڏتر کان پوءِ چيائين: ”ٺيڪ آهي اندر اچ“ هو اونداهين رستي ۾ ڪجهه پٺتي ٿيو. انهي جي پاسي ۾ دروازو کوليائين ۽ پنهنجي کاٻي هٿ سان هڪ اونداهين ڪمري ڏانهن اشارو ڪيائين. آءُ هن جي پٺيان لنگهندو ڪمري ۾ داخل ٿيس. منهنجي ذهن ۾ اها سوچ هئي ته ڪٿي اهو ڪمرو منهنجو قيد خانو نه ثابت ٿئي. هو به منهنجي پٺيان آيو ۽ بتي ٻاري هڪ ٽيبل تي رکيائين. اهو هڪ ننڍو ڪمرو هو جيڪو بظاهر هڪ ئي وقت ڊائننگ روم ۽ آفيس طور ڪم ايندو هو. مون کي ڪمري ۾ وڏي ٽيبل کانسواءِ تختو کلندڙ ۽ بند ٿيندڙ ڊيسڪ ۽ ٻه يا ٽي ڪرسيون به نظر آيون. انهيءَ سان گڏوگڏ سوڊا واٽر ٺاهڻ واري مشين به پئي هئي. منهنجي ميزبان ٽيبل جي پنهنجي پاسي واري ڇيڙي تي هڪ ريوالور رکيو جيڪو هو شايد ته هيستائين پنهنجي ساڄي هٿ ۾ جهليو بيٺو هو.
”آءُ ڀانيان ٿو ته تنهنجي انهيءَ ريلوي جي حادثي بابت ڪجهه وڌيڪ خبر پوي.“ هن چڱي خاصي وقفي کان پوءِ چيو.
”منهنجي خيال ۾ ته بهتر ٿيندو ته آءُ توهان کي سچ ٻڌائي ڇڏيان.“
”اهو ته تون ٻڌايو آهي.“ هن آهستگي سان چيو.
آءُ به خوف خطرا لاهي بيهي رهيس ۽ هر ڪا ڳالهه ڪري ڇڏيم.
”آءُ ونسٽن چرچل آهيان. مارننگ پوسٽ جو جنگي نامانگار. آءُ گذريل رات پريٽوريا مان ڀڄي نڪتو آهيان ۽ سرحد ڏانهن پنهنجي راه وٺيو پيو وڃان. (پنهنجي راهه وٺيو!) مون وٽ پئسو جام آهي. توهان منهنجي مدد ڪندا؟“
وري ٻيو ڊگهو وقفو آيو. منهنجو ساٿي آهستگيءَ سان ٽيبل تان اٿيو ۽ در بند ڪري ڇڏيائين. اهو ڪم مون کي ڏاڍو اگرو لڳو ۽ انهيءَ جا لازماً هڪ کان وڌيڪ مطلب ٿي سگهيا ٿي. بهرحال هو انهيءَ کان پوءِ مون ڏانهن وڌيو ۽ اوچتو پنهنجو هٿ وڌايائين.
”خدا جو شڪر جو تون هتي آيو آهين. ويهن ميلن ۾ هيءُ ئي واحد گهر آهي جتي توکي پڪڙي سرڪار جي حوالي نه ڪيو وڃي ها! اسين هتي سڀ برطانوي آهيون ۽ تنهنجي لاءِ ڪو بندوبست ڪنداسين.“
منهنجي جسم ۾ جيڪا سڪون جي لهر پيدا ٿي انهي کي ايترن سالن جي وِٿي کان پوءِ به سولائي سان ذهن ۾ آڻي سگهجي ٿو پر ان کي بيان ڪرڻ ڏکيو آهي. هڪ گهڙي اڳ آءُ پاڻ کي ڪنهن ڄار ۾ ڦاٿل محسوس ڪري رهيو هوس. پر هاڻي دوست، کاڌو، مدد ۽ وسيلا سڀ منهنجي لاءِ هڪيا تڪيا رکيا هئا. مون ائين پئي محسوس ڪيو ڄڻ ڪنهن ٻڏندڙ ماڻهوءَ کي پاڻي مان ڇڪي ڪڍي وٺجي ۽ کيس ڊربي کٽي وڃڻ جو به ٻڌائجيس.
منهنجي دوست هاڻي مسٽر جان هوورڊ (John Howard) طور پنهنجو تعارف ڪرايو جيڪو ٽرانسوال جي ڪوئلي جي کاڻين جو مينيجر هو. هن کي جنگ کان ڪجهه سال اڳ ٽرانسوال جي شهريءَ جي حيثيت ملي وئي هئي. پر هڪ ته سندس برطانوي نسل کي ذهن ۾ رکندي ۽ ٻيو ته هن مقامي فوجي عملدار کي ڪجهه لالچون ڏنيون هيون انهيءَ ڪري کيس برطانوين خلاف جنگ لاءِ طلب نه ڪيو ويو هو. انهيءَ جي بجاءِ کيس هڪ ٻن ٻين ماڻهن سان گڏ کاڻ تي رهڻ جي اجازت ڏني وئي هئي جيئن هو ڪوئلي جي کوٽائي شروع ٿيڻ تائين انهيءَ مان پاڻي ڪڍندو رهي ۽ انهيءَ کي درست حالت ۾ رکي. هاڻي هن وقت پنهنجي برطانوي سيڪريٽري سان گڏوگڏ لنڪاشائر جو هڪ انجڻ مين ۽ ٻه اسڪاٽلينڊ جا کاڻ مزدور هئا. اهي چار ئي برطانوي رعيت هئا ۽ انهن کي فقط انهيءَ واعدي تي رهڻ جي اجازت ملي هئي ته اهي بلڪل اڻ ڌريا رهندا. هو پاڻ ٽرانسوال ريپبلڪ جي شهريءَ جي حيثيت ۾ مون کي پناه ڏئي راڄ ڊوهي جو مرتڪب ٿئي ها ۽ جيڪڏهن بروقت پڪڙجي پوي ها يا پوءِ مٿس ڏوهه ثابت ٿئي ها ته گولي جو حقدار ٿئي ها.
”ڳڻتي نه ڪر.“ هن چيو ”اسين ڪنهن نه ڪنهن نموني انهيءَ جو بندوبست ڪري وٺنداسين.“ ۽ اهو به چيائين ته ”فيلڊ ڪورونيٽ (Field Coronet) تنهنجو پڇائيندي اڄ شام هتي آيو هو. انهن سموري ريلوي لائين سان سموري ضلعي ۾ وڏو هل مچائي ڇڏيو آهي.“
مون چيو ته مون کيس خطري ۾ وجهڻ نه ٿي گهريو. مون کي فقط کاڌو، هڪ پسٽل هڪ گائيڊ ۽ ٿي سگهي ته هڪ گهوڙو ڏيو. آءُ پاڻهي ريلوي لائين ۽ آبادين کان گهڻو پري رات جو مارچ ڪندو سمنڊ تائين پهچي ويندس.
هن اها ڳالهه ٻڌي ئي نه ٿي ۽ چوندو رهيو ته هو ڪجهه نه ڪجهه ڪري وٺندو. پر هن تمام وڏي احتياط جو تاڪيد ڪيو. جاسوس هر هنڌ موجود هئا. هن وٽ ٻه ڊچ نوڪرياڻيون هيون جيڪي انهيءَ ئي گهر ۾ سُتيون پيون هيون. کاڻ واري ايراضيءَ ۾ کاڻ جي پمپنگ مشينري تي به ڪيترائي ڪافر ملازم رکيل هئا. انهن خطرن کي ذهن ۾ آڻيندي هو ڏاڍي سوچ ۾ پئجي ويو.
پوءِ چيائين: ”پر تون ته بک ۾ پاهه ٿي رهيو آهين.“
مون سندس ڳالهه جي ترديد نه ڪئي. هو بنا دير جي رڌڻي ڏانهن هليو ويو پر مون کي اهو چوندو ويو ته آءُ وهسڪي جي بوتل ۽ سوڊا واٽر جي مشين مان پنهنجي ڪجهه تواضع ڪري وٺان. ٿوري دير کان پوءِ هو ننڍي گوشت جو هڪ تمام سٺو ٽُڪر ۽ ٻيون مختلف لذيذ شيون کڻي آيو ۽ مون کي انهن سان مڪمل انصاف ڪرڻ لاءِ ڇڏي ڪمري مان نڪري پٺئين دروازي مان گهر مان ٻاهر نڪري هليو ويو.
هو تقريباً هڪ ڪلاڪ کان پوءِ واپس آيو. انهيءَ دوران منهنجي جسماني حالت منهنجي ايندڙ حالت ۾ بهتري جي توقع سان هم آهنگ ٿي چُڪي هئي. آءُ پاڻ کي ڪاميابي بابت پُراميد ۽ ڪو به ڪم ڪري وڃڻ جي قابل سمجهڻ لڳس.
’هاڻي سڀ ڳالهه صحيح ٿي وئي آهي‘ مسٽر هوورڊ چيو ’آءُ ماڻهن سان ملي آيو آهيان سڀني انهي تي رضامندي ڏيکاري آهي. اسان کي اڄ رات توکي هيٺ کاڻ ۾ رهائڻو پوندو ۽ جيستائين توکي ملڪ مان ٻاهر ڪڍڻ جو طريقو ڳولهيون تيستائين توکي اتي رهڻو پوندو. کاڌي جي بابت مشڪلات رهندي جو ڊچ ڇوڪري منهنجي هڪ هڪ گرهه تي نظر رکندي آهي ۽ بورچياڻي به پنهنجي گوشت جي ٽڪر بابت پڇا ڪندي. مون کي رات وچ ۾ انهيءَ جو ڪو حل ڪڍڻو پوندو. تون هاڻي بنا دير جي کاڻ ۾ هل. اسين تنهنجي آرام جو چڱو خيال رکنداسين.
اهڙي طرح بلڪل باک ڦٽڻ وقت آءُ پنهنجي ميزبان جي پٺيان هلندو هڪ ننڍڙي آڳر مان ٿيندو انهيءَ احاطي ۾ آيس جنهن ۾ کاڻ جو وائينڊنگ گيئر بيٺل هو. هتي هڪ جانٺي جوان اولڊهام جي مسٽر ڊيوزنيپ (Dewsnap) طور پنهنجو تعارف ڪرايو ۽ منهنجي هٿ کي پنهنجي هٿ جي مضبوط گرفت ۾ آندو.
”ٻئي دفعي هو سڀئي توکي ووٽ ڏيندا.“ هن سرٻاٽ ڪيو.
هڪ دروازو کليو ۽ آءُ پڃري ۾ داخل ٿي ويس. اسين هيٺ ڌرتي جي پيٽ ۾ لهي وياسين. هيٺ کاڻ جي تري ۾ ٻه اسڪاٽلينڊي کاڻ مزدور لالٽينون ۽ هڪ وڏو بنڊل کنيون بيٺا هئا. پوءِ خبر پئي ته بنڊل ۾ هڪ گدو ۽ ڪمبل هئا. اسين ڪجهه وقت اونداهين ڳُجهه ڳجهيڙي ۾ هلندا رهياسين جنهن ۾ ڪيترائي وروڪڙ آيا ۽ سطح به هيٺ مٿي ٿيندي رهي. نيٺ اسين هڪ قسم جي صُفي ۾ آياسين جتي هوا صاف ۽ ٿڌي هئي. اتي منهنجي گائيڊ پنهنجو بنڊل هيٺ رکيو ۽ مسٽر هوورڊ ٻه ٽي ميڻ بتيون، وهسڪي جي هڪ بوتل ۽ سگارن جو هڪ دٻو ڏنو.
”هنن شين بابت ڪو به مسئلو نه آهي.“ هن چيو ”آءُ انهن کي قلف ۾ بند ڪري رکندو آهيان. هاڻي اسين تنهنجي سڀاڻي جي ماني جو بندوبست ڪريون.“
”ڇا به ٿي پوي، هتان ڪيڏانهن به نه وڃجانءِ.“ الوداعي حڪم مليو. ڏينهن جو کاڻ جي آسپاس ڪافر هوندا پر اسين نظر رکيو ويٺا هونداسين ته جيئن ڪير به هيڏانهن ڀٽڪي نه اچي. هيستائين ڪا به شي انهن جي نظر تي نه چڙهي آهي.
منهنجا چار ئي دوست پنهنجون لالٽينون کنيون هليا ويا ۽ آءُ اڪيلو رهجي ويس. کڏي جي بخملي اونداهي مان زندگي گلابي روشني ۾ وهنتل نظر اچي رهي هئي. هاڻي بيعزتو ٿي گرفتار ٿيڻ ۽ شايد ته عام جيل ۾ قيد ٿي وڃڻ بجاءِ آءُ پاڻ کي هڪ دفعو وري فوج ۾ شامل ٿيندي ڏسي رهيو هوس جتي هڪ حقيقي ڪارنامو منهنجي ليکي ۾ شامل هجي ها ۽ آءُ آزاديءَ مان مڪمل طور لطف اندوز ٿيان ها ۽ وڏي شوق سان ڪنهن مهم جوئي جو ڳولها ۾ هجان ها جيڪا نوجوانن جي دل کي ڏاڍي پياري هوندي آهي. تمام شديد ٿڪاوٽ ننڊ آڻڻ ۾ دير ئي نه ڪئي ۽ آءُ تمام ٿڪل پر ڪامياب ماڻهو وانگر سمهي رهيس.

_______________
[2] وائيس ورسا: اي ليسن ٽو فادرز: ايف. اينسٽي (F. Anstey) جو 1882ع ۾ ڇپيل ناول جيڪو پال بلٽيٽيوڊ نالي هڪ ڪاروباري شخص ۽ سندس پٽ ڊڪ جي چوگرد ڦري ٿو. (سنڌيڪار)
[3] جرمن زبان ۾ معنيٰ ڪير آهي؟ (سنڌيڪار)

باب ٻاويهون: منهنجو بوئرن وٽان ڀڄڻ- II I Escape from the Boers

مون کي خبر نه آهي ته مون ڪيترا ڪلاڪ ننڊ ڪئي پر ٻئي ڏينهن ٻنپهرن کان پوءِ به گهڻو وقت ٿي ويو هوندو جو آءُ پوريءَ طرح سجاڳ ٿيس. مون ميڻ بتي لاءِ پنهنجو هٿ ڊگهيريو پر اها ڪٿي به هٿ نه آئي. آءُ کاڻ جي انهن چوگلين کان واقف نه هوس تنهنڪري پنهنجي گدي تي پيو رهڻ ۽ ڪجهه نه ڪجهه ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ بهتر سمجهيم. ڪيترا ڪلاڪ گذرڻ کان پوءِ لالٽين جي هڪ اڻلکي تروري مان خبر پئي ته ڪو ماڻهو اچي رهيو آهي. اهو مسٽر هوورڊ پاڻ هو جيڪو هڪ مرغ ۽ ٻين ڪيترين ئي سٺين شين سان هٿياربند ٿيو آيو هو. هن ڪيترائي ڪتاب پڻ آندا هئا. هن مون کان پڇيو ته مون پنهنجي ميڻ بتي ڇو نه ٻاري هئي؟ مون چيو ته اها مون کي هٿ نه اچي سگهي.
’تو اها گدي هيٺان نه رکي هئي ڇا؟‘
’نه‘
’ته پوءِ اها پڪ ڪوئا کڻي ويا هوندا.‘
هن مون کي ٻڌايو ته کاڻ ۾ ڪوئن جا ولر هئا ۽ ڪيترا سال اڳ هن پاڻ اڇي رنگ جي ڪوئي جو هڪ خاص قسم آندو هو جيڪو ڏاڍو سٺو گندخور هو. هاڻي انهن ۾ تمام واڌ ويجهه اچي وئي هئي. هن ٻڌايو ته هو مرغي وٺڻ لاءِ ويهه ميل پري هڪ انگريز ڊاڪٽر جي گهر ويو هو. هو ٻنهي ڊچ نوڪرياڻين جي رويي بابت ڏاڍو پريشان هو جن گوشت جي ٽنگ ۾ ٿيل لٽ مار بابت به ڏاڍي پُڇ پُڇ پئي ڪئي. انهيءَ جو ذميوار ته آءُ هوس. هو جيڪڏهن سڀاڻي لاءِ ٻي مرغي نه پچرائي سگهيو ته پنهنجي پليٽ فارم ۾ ٻه ٻه دفعا کڻندو ۽ واڌو شيون نوڪرياڻي جي غير موجودگي ۾ منهنجي لاءِ هڪ پارسل ۾ وجهندو ويندو. هن چيو ته بوئرن پاران مون بابت سموري ضلعي ۾ پڇائون ٿي رهيون هيون ۽ پريٽوريائي حڪومت به مون بابت وڏي هاهاڪار مچائي ڇڏي هئي. جيئن ته مڊل برگ جي کاڻين واري علائقي ۾ ڪيترائي انگريز رهيا پيا هئا تنهنڪري سمجهيو پئي ويو ته مون به اوڏانهن رخ ڪيو هوندو. تنهنڪري انگريزي نسل جي سڀني ماڻهن تي ٿورو گهڻو شڪ ڪيو پئي ويو.
مون وري به انهيءَ ڳالهه تي پنهنجي آمادگي ڏيکاري ته آءُ هڪ ڪافر گائيڊ ۽ گهوڙي سان گڏ اڪيلو هليو وڃان پر هن اها ڳالهه ٻڌي ئي نه ٿي. هن چيو ٿي ته مون کي ملڪ مان ڪڍڻ لاءِ وڏي رٿابندي جي ضرورت پوندي ۽ مون کي شايد ته چڱو خاصو وقت کاڻ ۾ رهڻو پوندو.
هن چيو ته: ”تون هتي بلڪل محفوظ آهين. ميڪ (انهيءَ مان سندس مطلب اسڪاٽلينڊي کاڻ مزدور هو) کي کاڻ جي ڪم ۾ نه ايندڙ اهڙن سڀني حصن جي خبر آهي جن ڏانهن ٻئي ڪنهن جو وهم گمان به نه ويندو. هتي هڪ اهڙي جاءِ به آهي جتي پاڻي ڇت کان فوٽ ٻه هيٺ هوندو آهي. انهن جيڪڏهن کاڻ جي تلاشي ورتي ته ميڪ توکي انهيءَ جي هيٺان تاري کاڻ جي پاڻي کان اڳتي ٻين حصن ڏانهن وٺي ويندو. ڪير ايڏانهن ڏسڻ جو سوچيندو ئي نه. اسان ڪافرن کي جنن ڀوتن جون ڳالهيون ٻڌائي ڊيڄاري ڇڏيو آهي ۽ انهن جي چُرپُر تي به مسلسل نظر رکيون ويٺا آهيون.
آءُ جيستائين ماني کائيندو رهيس هو مون سان گڏ ويٺو رهيو. پوءِ هليو ويو ۽ ٻين شين سان گڏ اڌ ڊزن ميڻ بتيون به ڇڏي ويو جيڪي مون بروقت چتاء ملڻ تي وهاڻي ۽ گدي جي هيٺان رکي ڇڏيون.
آءُ وري ڪافي وقت سمهي رهيس منهنجي اک اوچتو تڏهن کُلي جڏهن مون کي پنهنجي آسپاس ڪنهن چُرپر جو احساس ٿيو. لڳو پئي ته ڪا شي منهنجي وهاڻي کي ڇڪي رهي هئي. مون جلدي پنهنجو هٿ ڊگهيريو ته پيرن جي ٽپ ٽپ ٿي. ڪوئا ميڻ بتين تي آيا هئا. مون وقت سر ميڻ بتيون بچائي ورتيون ۽ هڪ کڻي ٻاري. اها به منهنجي ڀلائي ٿي جو آءُ ڪوئن کان ڊڄندو نه آهيان ۽ هاڻي ته انهن جي ڀاڙيائپ اکين سان ڏسڻ کان پوءِ مون کي ڪا خاص پريشاني نه ٿي. بهرحال مون کاڻ ۾ جيڪي ٽي ڏينهن گذاريا اهي منهنجي يادگيري ۾ محفوظ ڪي تمام وڻندڙ ڏينهن نه آهن. ننڍڙن پيرن ٽپ ٽپ، چُرپر جو احساس ۽ تيز ڀڄڻ جو سلسلو به هر وقت جاري رهيو. هڪ دفعو ته مون کي گهيرٽن مان جاڳ ٿي وئي جو هڪ ڪوئو منهنجي مٿان ڊوڙندو پئي ويو. ميڻ بتي ٻرڻ تي اهي شيون غائب ٿي وينديون هيون.
ٻيون ڏينهن – توهان جيڪڏهن انهيءَ کي ٻيون ڏينهن چئي سگهو ٿا ته – پنهنجي وقت تي آيو. اهو 14- ڊسمبر ۽ مون پاران اسٽيٽ ماڊل اسڪولز مان ڀڄڻ کان پوءِ ٽيون ڏينهن هو. ڏينهن جي يڪسانيت ختم ڪرڻ لاءِ اسڪاٽلينڊي کاڻ مزدور آيا جن سان مون ڊگهي ڪچهري ڪئي. تڏهن مون کي اها ڳالهه ٻڌي ڏاڍو تعجب ٿيو ته کاڻ تقريباً ٻه سو فوٽ اونهي هئي.
ميڪ چيو ٿي ته کاڻ جا ڪجهه حصا اهڙا به آهن جتي ڏينهن جي روشني ڏسڻ لاءِ ڪنهن ٻاهرئين رستي تي چڙهي مٿي اچڻو پوندو آهي. هن مون کي چيو ته آءُ جيڪڏهن کاڻ جي ڪجهه پراڻن حصن جو چڪر ڏيڻ ۽ روشني جو ترورو ڏسڻ چاهيان ته ساڻس گڏجي هلان. اسين ڪلاڪ ٻه انهن زير زمين چور گلين ۾ ڀٽڪندا رهياسين ۽ پندرهن منٽ کن ٻاهرئين رستي جي تري وٽ گذرياسين جتان سج ۽ ٻاهرئين دنيا جي ڪجهه جهيڻي ۽ سفيد روشني جو احساس ٿيو ٿي. انهيءَ گشت ۾ ڪيترائي ڪوئا به ڏٺا. اهي بلڪل سفيد رنگ ۽ گهرين اکين سان ڏاڍا سٺا پئي لڳا. ڏينهن جي روشني ۾ مون ڏسي پڪ ڪئي ته انهن جون اکيون تيز گلابي هيون. انهيءَ ضلعي ۾ ڊيوٽي تي موجود هڪ برطانوي آفيسر ٽي سال پوءِ مون ڏانهن خط لکيو ته هن هڪ ليڪچر ۾ سفيد رنگ ۽ گلابي اکين وارن ڪوئن بابت منهنجي ڳالهه ٻڌي انهيءَ کي ڪوڙ جي انتها سمجهيو هو. پر هاڻي هن پاڻ وڃي کاڻ گهمي ڏٺي هئي ۽ منهنجي صداقت تي شڪ ڪرڻ تي مون کان معافي ورتي هئائين.
مسٽر هوورڊ پندرهين تاريخ تي ٻڌايو هو ته هاڻي چوپڇو ختم پئي ٿيندي وڃي. سموري کاڻين واري ضلعي مان ڀاڳيلي جو ڪو کر پير نه لڌو هو. هاڻي بوئر عملدارن ۾ اها ڳالهه ٻولهه پئي ٿيندي هئي ته آءُ پريٽوريا ۾ ڪنهن برطانوي همدرد وٽ لڪو پيو هوندس. انهن کي اهو يقين هو ته منهنجو شهر مان نڪري وڃڻ ممڪن ئي نه هو. هن جو خيال هو ته اهڙين حالتن ۾ آءُ ڀلي رات جو ٻاهر نڪري وادي جو چڪر ڏيان ۽ جيڪڏهن وڌيڪ ڪا چوپڇو نه ٿي ته آءُ ٻي صبح جو لڏو کڻي آفيس جي پٺئين ڪمري ۾ هلي رهان. هڪ طرف هن جو اعتماد بحال ٿيندي پئي نظر آيو ۽ ٻئي طرف مهم جوئي جي احساس سان سندس جوش به وڌندو پئي ويو. اهڙي طرح مون تازي هوا ۽ چاونڊوڪي ۾ سٺي چهل قدمي ڪئي ۽ پنهنجي پروگرام تي ڪجهه اڳواٽ عملدرآمد ڪندي آفيس جي پٺئين ڪمري ۾ خالي کوکن جي پٺيان اچي رهيس. آءُ وڌيڪ ٽي ڏينهن اتي رهيس ۽ هر روز رات جو مسٽر هوورڊ يا سندس اسٽنٽ سان وسيع ميدان تي واڪ ڪرڻ ويندو هوس.
منهنجي فرار جي پنجين ڏينهن؛ سورهين تاريخ تي مسٽر هوورڊ مون کي ٻڌايو ته هن مون کي ملڪ مان ٻاهر ڪڍڻ جو پلان ٺاهي ڇڏيو هو. کاڻ برانچ لائين جي ذريعي مين ريلوي لائين سان ڳنڍيل هئي. کاڻ جي ويجهو برجينر (Burgener) نالي هڪ ڊچ رهندو هو جيڪو 19- تاريخ تي اُن جي هڪ کيپ ڊيلا گوابي ڏانهن اُماڻي رهيو هو. اهو مانائتو شخص برطانوين بابت سٺي راءِ رکندو هو. مسٽر هوورڊ هن سان رابطو ڪيو ۽ کيس پنهنجي رٿا ۾ شريڪ ڪيو. اهڙي طرح هو مدد لاءِ راضي ٿي ويو. مسٽر برجينر جي اُن وڏين ڳٺڙين ۾ پيڪ ٿيل هئي. انهي سان ٻه يا ٽي وڏا گاڏا ڀرجي وڃن ها. اهي گاڏا کاڻ واري لائين تي لوڊ ٿيڻا هئا. پلان مطابق ڳٺڙيون اهڙي طرح رکيون وينديون جيئن گاڏي جي وچ ۾ ايتري ٿوري جاءِ خالي هجي جنهن ۾ آءُ لڪي وڃان. گاڏا لوڊ ٿيڻ کان پوءِ انهن تي پال ٻڌو ويندو ۽ سرحد تي به جيڪڏهن پال ساڳئي طرح ٻڌل هوندو ته انهي جي چڪاس لاءِ کُلڻ جو امڪان بلڪل گهٽ هوندو. ڇا آءُ اهو خطرو کڻڻ تي راضي هوس؟
آءُ پنهنجي مهم ۾ پاڻ کي هيستائين پيش آيل ڪنهن به ڳالهه مان ايترو پريشان نه ٿيو هوس جيترو هن بابت پريشان ٿي رهيو هوس. ڪو ماڻهو جڏهن ڪنهن غير معمولي واقعي سبب ڪو وڏو فاعدو يا انعام حاصل ڪري وٺندو آهي ۽ اهو سندس ملڪيت ۾ اچي ويندو آهي ۽ هو ڪيترا ڏينهن انهيءَ مان لطف اندوز ٿيندو آهي ته پوءِ انهيءَ کي وڃائڻ جو تصور ئي ڏاڍو ڏکيو ٿي ويندو آهي. آءُ آزادي کي يقيني سمجهڻ لڳو هوس ۽ هاڻي پاڻ کي ڪنهن اهڙي صورتحال ۾ وجهڻ جو تصور ئي ڏاڍو پريشان پيو ڪري ڇڏي جنهن ۾ آءُ ڪجهه به نه ڪري سگهان ۽ بلڪل بي يارو مددگار هجان ۽ سرحد تي تفتيشي پارٽيءَ کي ايندڙ ڪنهن ريچڪ جي رحم و ڪرم تي هجان. انهيءَ ڀوڳنا مان گذرڻ بجاءِ ته آءُ هڪ گهوڙو ۽ گائيڊ کڻي واديءَ ۾ نڪري پوڻ کي ترجيح ڏيان ها ۽ انسان جي اچ وڃ جي جاين کان گهڻو پري منزلون ماريندو بوئر ريپبلڪ جي وسيع علائقن کان ٻاهر نڪري وڃان ها. بهرحال مون پنهنجي وڏي دل واري نجات دهندي جي تجويز قبول ڪري ورتي ۽ انهي لاءِ سڀ اتنظام ڪيا ويا.
آءُ جيڪڏهن انگريزي اخبارن وٽ پهچندڙ ٽيليگرام پڙهان ها ته اڃان وڌيڪ پريشان ٿيا ها. جن مان ڪجهه هي آهن:
پريٽوريا، 13- ڊسمبر:- مسٽر چرچل جو فرار جيتوڻيڪ ڏاڍي هوشياري سان عمل ۾ آيو آهي ته به سندس پاران سرحد ٽپي سگهڻ جو امڪان بلڪل گهٽ آهي.
پريٽوريا، 14- ڊسمبر:- خبر آئي آهي ته مسٽر ونسٽن چرچل ڪوماٽي پورٽ جي سرحدي ريلوي اسٽيشن تي گرفتار ٿي ويو آهي.
لورينڪو مارڪئيس 16 ڊسمبر:- خبر آئي آهي ته مسٽر چرچل واٽر وال بووين تي گرفتار ٿي ويو آهي.
لنڊن، 16- ڊسمبر:- مسٽر ونسٽن چرچل جي پريٽوريا مان فرار جي سلسلي ۾ اهڙن خدشن جو اظهار ڪيو پيو وڃي ته هو شايد جلد ئي پڪڙجي پوندو ۽ جيڪڏهن پڪڙجي پيو ته کيس شايد گولي هنئي ويندي.

يا آءُ جيڪڏهن پنهنجي تحريري خاڪي ۽ گرفتاري تي رکيل انعام وارو اشتهار پڙهان ته به ڏاڍو پريشان ٿيان ها. اهي اشتهار وڏي پيماني تي ورهائجي رهيا هئا ۽ ريلوي لائين سان گڏوگڏ ڀتين تي لڳي رهيا هئا. مون کي خوشي آهي ته مون کي انهن سڀني معاملن بابت ڪا به خبر نه هئي.
18- تاريخ جي شام آهستي آهستي گذرندي وئي. مون کي ياد آهي ته مون انهيءَ جو وڏو حصو اسٽيونن جو ڪڊنيپڊ (Kidnapped) پڙهندي گذاريو هو. ڪتاب جا اهي جوش ڏياريندڙ صفحا جن ۾ ڊيوڊ بالفور ۽ الين بريڪ جي فرار جو ذڪر آهي اهي بلڪل ساڳيا جذبا جاڳائي رهيا هئا جن کان آءُ چڱي طرح واقف هوس. ڀاڳيلو ۽ گهربل هئڻ ۽ اهڙو ماڻهو هئڻ جنهن جي ڳولها ٿي رهي هجي اهو پنهنجي قسم هڪ ذهني تجربو آهي. لڙائي جي ميدان جا خطرا ۽ گولي يا بم جا نقصان هڪ ڳالهه آهي ۽ پوليس توهان جي پٺيان هئڻ بلڪل ٻي ڳالهه آهي جيڪو حوصلي کي بلڪل ڪمزور ڪري ڇڏيندو آهي. اهو احساس خود اعتماديءَ جي بنيادن کي ڪُتريندو رهندو آهي ته ڪنهن به وقت قانون جا عملدار سامهون اچي سگهن ٿا يا ڪو به اجنبي ماڻهو اهو سوال پڇي سگهي ٿو ته: ”ڪير آهين؟ منهنجي جسم جي هر هڪ تند انهيءَ ڀوڳنا جي احساس کان ڪنبي رهي هئي جيڪو ڪوماٽي پورٽ تي منهنجو منتظر هو ۽ مون کي جيڪڏهن دشمن وٽان ڀڄي نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيڻو هو ته انهي کي جيئن تيئن ڪري برداشت ڪرڻو هو.
آءُ انهن سوچن ۾ ئي هوس ته رائيفل جي هڪٻئي پٺيان ٿيندڙ ٺڪائن جي آواز مون کي ڇرڪائي وڌو. منهنجي ذهن ۾ انهن جو هڪ منحوس سبب ٺهي آيو ته بوئر اچي ويا هئا! هوورڊ ۽ سندس چند انگريزن دشمن جي ملڪ جي دل ۾ کليل بغاوت ڪري ڇڏي هئي! مون کي ڏاڍو سختيءَ سان تاڪيد ڪيو ويو هو ته آءُ ڪهڙي به حالت ۾ ڇا به ٿي پوي کوکن جي پٺيان پنهنجي لڪ واري جاءِ نه ڇڏيان. تنهنڪري آءُ وڏي پريشانيءَ ۾ اتي ئي پيو رهيس. پر جلد ئي اها ڳالهه واضح ٿي وئي ته اهڙي ڪا به ڳالهه نه ٿي هئي. آفيس مان کِلڻ ۽ ڳالهائڻ جو آواز اچڻ لڳو جن مان ظاهر پئي ٿيو ته ڪا دوستاڻي قسم جي گفتگو هلي رهي هئي. مون وري الين بريڪ سان پنهنجي سنگت جو سلسلو جوڙيو. آخر آواز ختم ٿي ويا ۽ پوءِ ٿوري وقفي کان پوءِ دروازو کليو ۽ مسٽر هوورڊ جو هيڊو ۽ ڳنڀير منهن ظاهر ٿيو جنهن تي هڪ وڏي مُرڪ سجايل هئي. هن دروازي کي قلف ڏنو ۽ وڏي خوشي ۾ آهستي قدم کڻندو مون ڏانهن وڌيو.
’فيلڊ ڪورونيٽ هتي آيل آهي‘، هن چيو ’نه نه هو تنهنجي ڳولها ۾ نه هو. پر مون نه ٿي چاهيو ته هو ڪا ڳڙٻر ڪري وجهي تنهنڪري مون هن سان شيشن کي رائيفل سان ڌڪ هڻڻ جي شرط رکي. هن مون کان ٻه پائونڊ کٽيا ۽ ڏاڍو خوش ٿي ويو آهي.‘
’اڄ رات لاءِ سڀ بندوبست ٿي ويا آهن‘
’مون کي ڇا ڪرڻو آهي؟‘ مون پڇيو.
’ڪجهه به نه، آءُ جڏهن اچان ته تون فقط منهنجي پٺيان هلج.‘
اوڻيهين تاريخ صبح جو ٻين وڳي آءُ ڪپڙا پائي تيار ٿي سنگل جو انتظار ڪرڻ لڳس. دروازو کليو، منهنجو ميزبان ظاهر ٿيو ۽ اشارو ڏنائين ڪنهن به هڪ لفظ به نه ڳالهايو. هو آفيس مان ٿيندو ريلوي لائين ڏانهن هليو جتي ٽي وڏا گاڏا بيٺا هئا. ڊيوزنيپ ۽ اسڪاٽلينڊي کاڻ مزدور چانڊوڪيءَ ۾ مختلف طرفن ۾ چهل قدمي ڪري رهيا هئا. ڪافرن جو هڪ ٽولو هڪ تمام وڏي ڳٺڙي سڀ کان آخري گاڏي تي چاڙهڻ ۾ رڌل هو. هوورڊ آهستي وکون کڻندو پهرئين گاڏي تائين ويو ۽ لائين ٽپي اُن جي ڇيڙي تائين ويو. انهيءَ دوران هن پنهنجي کاٻي هٿ سان اشارو ڪيو. آءُ گاڏن جي بفرن (Buffers) ڏانهن ويس هليو ته پنهنجي سامهون گاڏي جي پڇاڙي ۽ اُن جي ڳٺڙين جي وچ ۾ هڪ سوراخ نظر آيو جيڪو فقط ايترو ويڪرو هو جو ان ۾ ماڻهو سوڙهو ٿي لنگهي وڃي. انهيءَ مان اُن جي ڳٺڙين جي ٺهيل هڪ سوڙهي سُرنگهه گاڏي جي وچ تائين وئي ٿي. هتي جاءِ ڪجهه ايتري ويڪري هئي جنهن ۾ سُمهي سگهجي ۽ ايتري مٿي هئي جنهن ۾ ويهي سگهجي. مون انهيءَ ۾ پنهنجو ٺڪاڻو ٺاهيو.
ٽي يا چار ڪلاڪ پوءِ جڏهن منهنجي پناهه گاهه جي سوراخن ۾ گاڏي جي فرش جي تختن جي وٿين مان ڏينهن جي روشني جا ترورا مون تائين پهچڻ لڳا ته ويجهو ايندڙ انجڻ جو گوڙ ٻڌڻ ۾ آيو. وري گاڏن جا هڪٻئي کي اچي لڳڻ جا آواز شروع ٿيا. وري هڪ وقفي کان پوءِ اسان نامعلوم طرف ۾ پنهنجي سفر تي گهرڪڻ شروع ڪيو.
هاڻي مون پنهنجي نئين ٺڪاڻي ۽ اهو جنهن رصدي سامان ۽ بارود سان ليس هو انهيءَ جو جائزو ورتو. سڀ کان پهريون ته هڪ ريوالور هو. اها جيتوڻيڪ اخلاقي مدد هئي پر اها ڳالهه سولائي سان سمجهه ۾ نه پئي آئي ته مون کي جيڪڏهن ڪو مسئلو حل ڪرڻو پيو ته انهيءَ کي پنهنجي مدد ۾ ڪيئن ڪم آڻي سگهبو. ٻئي نمبر تي ٻه پڪل مرغ، گوشت جا ڪجهه ٽڪرا، ماني جو هڪ ٽڪر، هڪ گدرو ۽ ٿڌي چانهه جون ٽي بوتلون هيون. سمنڊ تائين پهچڻ ۾ سفر سورهن ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت نه وٺي ها پر ڪا به خبر نه ٿي پئي ته جنگ جي دور ۾ عام رواجي تجارتي ٽريفڪ کي ڪيتري دير ٿي سگهي ٿي.
آءُ جنهن جاءِ ۾ بند هوس انهيءَ ۾ هاڻي چڱي روشني ٿي وئي هئي. گاڏي جي پاسن ۽ فرش وارن تختن ۾ ڪيتريون ئي وٿيون هيون. روشني انهن مان ٿيندي اُن جي ڳٺڙين جي وچ ۾ پهچي ٿي ويئي. مون سُرنگهه مان گاڏي جي پڇڙي تائين هلي هڪ سوراخ ڳولهي ورتو جيڪو هڪ انچ جي تقريباً اٺين حصي جيترو ويڪرو هوندو. انهيءَ مان ٻاهرئين دُنيا جو جزوي منظر ڏسڻ ۾ آيو ٿي. سفر ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي لاءِ مون رستي تي ايندڙ سڀني اسٽيشنن جا نال اڳواٽ ئي ياد ڪري ڇڏيا هئا. انهن مان ڪيترائي مون کي اڄ به ياد آهن: وٽ بينڪ، مڊل برگ، برجينڊال، بيلفاسٽ، ڊالمينوٿا، ميڪاڊو ڊورپ، واٽروال اونڊر، ايلانڊس، نوجي ڊاٽ، اهڙي طرح ويندي ڪوماٽي پورٽ تائين. اسين هاڻي انهن مان پهرئين تي پهتاسين. اتي کاڻ کان ايندڙ برانچ لائين مين لائين سان اچي ملي ٿي. اتي ٻه ٽي ڪلاڪ دير ۽ شنٽنگ کان پوءِ اسين باقاعدي هلندڙ ٽرين سان ڳنڍجي وياسين ۽ جلد ئي ڏاڍي سٺي ۽ اطمينان بخش رفتار سان هلڻ لڳاسين.
اسين سمورو ڏينهن ٽرانسوال جي علائقي منجهان اوڀر طرف هلندا رهياسين. اوندهه ٿيڻ تي اسان کي رات لاءِ هڪ اسٽيشن تي بيهاريو ويو جيڪا منهنجي اندازي مطابق واٽروال بووين هئي. اسان پنهنجو لڳ ڀڳ اڌ سفر ڪري ڇڏيو هو. پر اسين هتي ڪيترو وقت انتظار ڪنداسين؟ ممڪن آهي ته ڏينهن لڳي وڃن، بهرحال صبح تائين ته پڪ سان بيٺا هونداسين. ڏينهن جو سمورو ختم ئي نه ٿيندڙ وقت آءُ گاڏي جي فرش تي پيو هوس ۽ جيترو ٿي سگهيو ٿي ذهن کي مصروف رکيو ويٺو هوس ۽ آزادي جي خوشين، فوج ۾ وري شامل ٿيڻ جي سرشاري ۽ ڪاميابي سان فرار ٿيڻ بابت خوبصورت تصويرون ٺاهيندو رهيس پر سرحد تي تلاشي واري پريشاني به مسلسل ذهن کي ستائيندي رهي. اها ڀوڳنا ته اڻٽر هئي ۽ مسلسل ويجهو اچي رهي هئي. هاڻي مون کي هڪ ٻيو فڪر ورائي ويو. مون ننڊ ڪرڻ ٿي گهري. مون نه ٿي سمجهيو ته آءُ سجاڳ رهي سگهندس. پر جيڪڏهن مون کي ننڊ وٺي وئي ته ممڪن آهي ته آءُ کونگهرا نه هڻان ۽ مون جيڪڏهن ٽرين جي انهيءَ خاموش لائين تي بيٺي کونگهرا هڻي ورتا ته ممڪن آهي ته ڪير ٻڌي نه وٺي! ۽ جيڪڏهن ڪنهن ٻڌي ورتو ته؟ مون اصولي طور اهو فيصلو ڪري ورتو ته ننڊ کان پري رهڻ ۾ ئي دانشمندي هوندي پر جلد ئي مون کي مٺي ننڊ وٺي وئي جنهن مان آءُ صبح جو ئي ٽرين جي کڙڪن ۽ لوڏن تي سجاڳ ٿيس جو ان سان انجڻ وري ڳنڍجي رهي هئي.
واٽر وال بووين ۽ واٽر وال اونڊر جي وچ ۾ هڪ تمام اڀڪپري لاهي آهي. گاڏي انهيءَ لاهيءَ تان ڦيٿن تي لڳندڙ اشڪنجن ۽ چڪرن جي مدد سان لهندي آهي. اسين اتان ٽي يا چار ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان لٿاسين. انهيءَ لاهيءَ منهنجي اندازي کي پختو ڪيو ته ايندڙ اسٽيشن واٽروال اونڊر هوندي. اسين اهو سڄو ڏينهن به دشمن جي ملڪ مان کڙ کڙ ڪندا هلياسين ۽ شام جو دير سان ڪوماٽي پورٽ پهتاسين جنهن کان مون کي ايترو ڊپ هو. سوراخ تي اک رکڻ سان مون کي ڏسڻ ۾ آيو ته اها چڱي خاصي جاءِ هئي. ريل جون گهڻيون ئي لائينون هيون جن تي ڪيتريون ئي گاڏيون بيٺل هيون ۽ ڪيترائي ماڻهو اچي وڃي رهيا هئا. سيٽيون وڄي رهيون هيون ۽ ماڻهن جا آواز ۽ رڙيون به ٻڌڻ ۾ پئي آيون. منظر جي شروعاتي جائزي کان پوءِ ٽرين به هڪ جاءِ تي بيٺي ته آءُ پٺتي پنهنجي ٺڪاڻي جي وچ ۾ هليو ويس ۽ پاڻ کي هڪ ٻوريءَ جي ٽڪر سان ڍڪي گاڏي جي فرش تي سڌو ٿي پئجي رهيس ۽ ڌڙڪندڙ دل سان ٿيندڙ واقعن جو انتظار ڪرڻ لڳس.
ٽي يا چار ڪلاڪ گذري ويا. مون کي خبر نه پئي ته اسان جي تلاشي ٿي يا نه. ڪيترائي دفعا ماڻهو ٽرين جي شروع کان آخر تائين ڊچ ٻوليءَ ۾ ڳالهائيندا ويا پر پال نه لاٿو ويو ۽ لڳي ٿو ته گاڏي جي ڪا خاص تلاشي نه ورتي وئي. انهي دوران اوندهه پکڙجي وئي ۽ مون کي پنهنجي غير يقيني صورتحال جي غير معين وقت تائين جاري رهڻ تي راضي ٿي ويهي رهڻو پيو. سوين ميلن جو سفر ٿي وڃڻ کان پوءِ وري ايترو وقت غير يقيني صورتحال ۾ پيو رهڻ سان دل جي آنڌ مانڌ وڌي پئي ويئي ۽ هاڻي ته آءُ سرحد کان ٻه ٽي سو وال پري هوس. مون وري کونگهرن جي خطرن بابت سوچ ويچار ڪئي پر مون کي آخر ڪار ننڊ اچي وئي ۽ ڪو به حادثو نه ٿيو.
اسين اڃان بيٺا ئي هئاسون جو منهنجي اک کُلي وئي. گاڏيءَ جي شايد تمام وڏي تلاشي پئي ورتي وئي جو ايتري دير پئي ٿي! ٻيو سبب اهو ٿي سگهيو ٿي ته شايد ماڻهن کان ڳالهه ئي وسري وئي هئي ۽ اسين اتي ڪيترا ڏينهن يا هفتا بيٺا هونداسين. مون کي دل ۾ ڏاڍي خواهش پيدا ٿي رهي هئي ته ٻاهر ڏسان پر آءُ انهيءَ کان باز رهيس.آخرڪار يارهين وڳي انجڻ اسان جي گاڏن سان لڳي ۽ اسان فوراً هلڻ شروع ڪيو. منهنجي جيڪڏهن اها سوچ صحيح هئي ته اسان جنهن اسٽيشن تي رات گذاري اها ڪوماٽي پورٽ هئي ته انهي مطابق اسين اڳي ئي پورچوگالي علائقي ۾ اچي ويا هئاسين. پر مون کان شايد غلطي ٿي وئي هئي مون شايد ته ڳڻپ ۾ غلطي ڪئي هئي. شايد ته سرحد کان اڳ اڃان ٻي اسٽيشن هجي. شايد ته تلاشي اڃان اڳتي ٿئي. پر ٽرين جي ٻي اسٽيشن تي پهچڻ سان اهي سڀ شڪ شبها دور ٿي ويا. مون سوراخ تي اک رکي ڏٺو ته پليٽ فارم تي پورچوگالي عملدار جون ورديءَ واريون ٽوپيون ۽ هڪ بورڊ تي Resana Garcia لکيل نظر آيو. آءٌ اڳتي وڌڻ تائين پنهنجي خوشي جي جذبن جي اظهار تي ڪنٽرول ڪندو رهيس پر پوءِ جڏهن اسين اڳتي کسڪياسين ته مون پنهنجو مٿو پال مان ٻاهر ڪڍيو ۽ زور زور سان ڳائڻ ۽ رڙيون ڪرڻ لڳس. آءٌ شڪرگذاري ۽ خوشي جي جذبن ۾ ايترو ته وهي ويس جو مون پنهنجي ريوالور سان ٻه ٽي دفعا هوائي فائر به ڪيا پر انهن بيوقوفين مان ڪي به خراب نتيجا نه نڪتا.
اسين شام جو دير سان ”لورينڪو مرڪيوس“ (Lorenco Marques) پهتاسين منهنجي ٽرين هڪ گڊس يارڊ ۾ اچي بيٺي ۽ ڪافرن جو هڪ مٽولو انهي تان مال لاهڻ لاءِ وڌي آيو. مون سوچيو ته هاڻي منهنجي لڪڻ جي جاءِ مان نڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي. جنهن ۾ مون فڪرمندي ۽ بي آرامديءَ وارا تقريباً ٽي ڏينهن گذاريا هئا. مون کاڌي جي هر ڪا شي اڳ ۾ ئي اڇلائي ڇڏي هئي ۽ گاڏيءَ ۾ پنهنجي رهڻ جا سڀ نشان ختم ڪري ڇڏيا هئا. آءٌ هاڻي گاڏي مان کسڪي ٻاهر نڪري آيس ۽ ڪنهن جي نظر ۾ اچڻ کان سواءِ يارڊ ۾ بيٺل رولو ماڻهن ۽ ڪافرن سان گڏجي سڏجي ٻاهرين دروازن ڏانهن هلندو آيس ۽ لورينڪو مارڪيس جي گهٽين ۾ اچي پهتس.

برجينر دروازن کان ٻاهر منهنجي انتظار ۾ هو. اسان جون اکيون چار ٿيون. هو پٺي ڏئي شهر ۾ هلي پيو ۽ آءٌ به ويهن والن جو فاصلو رکي هن جي پٺيان هلندو رهيس. اسين ڪيترن ئي گهٽين مان هلياسين ۽ ڪيترائي موڙ مڙياسين. هاڻي هو هڪ هنڌ بيهي رهيو ۽ ٿوري دير سامهون واري گهر جي ڇت کي ڏسندو رهيو. مون به ساڳي طرف نهاريو-مقدس منظر!- مون کي يونين جيڪ ڦڙڪندي نظر آيو. اهو برطانوي قونصل خانو هو.
برطانوي قونصل جي سيڪريٽري کي منهنجي اچڻ جي ڪا اميد نه هئي. ’هليو وڃ‘ هن چيو. ”قونصل اڄ توسان نه ملي سگهندو. جيڪڏهن ڪجهه گهُرجئي ٿو ته سڀاڻي نوين وڳي سندس آفيس اچ.“
انهيءَ تي مون کي ايتري ته ڪاوڙ وٺي وئي ۽ ڪيترا دفعا اها ڳالهه ايترو ته زور سان چئي ته مون کي قونصل سان فوراَ ذاتي طور تي ملڻو آهي جو انهيءَ شريف شخص پاڻ دريءَ مان منهن ٻاهر ڪڍي ڏٺو ۽ آخرڪار هيٺ در وٽ لهي آيو ۽ مون کان منهنجو نالو پڇيائين. انهيءَ لمحي کان تواضع ۽ ڀليڪار جي هر شي منهنجي لاءِ هڪي تڪي موجود ٿي وئي. گرم پاڻي مان غسل، صاف ڪپڙا، شاندار ڊنر، ٽيليگرام جي سهوليت مطلب ته مون کي جنهن به شي جي گهرج هئي سا ملندي وئي.
مون پنهنجي سامهون رکيل اخبارن جو فائيل ڳڙڪائڻ شروع ڪيو. مون پاران اسٽيٽ ماڊل اسڪولز جي ڀت ٽپڻ کان پوءِ عظيم واقعا رونما ٿي چڪا هئا. برطانوي فوج تي بوئر جنگ جو ڪارو هفتو (Black Week) ڪڙڪي چڪو هو. جنرل گيٽ ايڪر اسٽارمبرگ ۾، لارڊ ميٿيوئين ميگرس فائونٽين ۾ ۽ سر ريڊورس بلر ڪولينسو ۾ وڏيون شڪستون کائي ويٺا هئا ۽ انگلينڊ جو جاني نقصان ايترو ٿيو هو جيترو ڪريميا جي جنگ کان پوءِ ڪنهن به لڙائي ۾ نه ٿيو هو. انهن سڀني ڳالهين مون کي فوج ۾ وري شموليت لاءِ اتاولو ڪري ڇڏيو. قونصل جنرل کي وري مون کي لورينڪو مارڪيس مان ٻاهر ڪڍڻ بابت ڳڻتي هئي جو اهو شهر بوئرن ۽ بوئرن جي همدردن سان ڀريو پيو هو. ڀلو ٿيو جو ڊربن ڏانهن ويندڙ هفتيوار اسٽيمر به انهيءَ ئي شام روانو ٿي رهيو هو. مون انهيءَ تي سوار ٿيڻ جو فيصلو ڪيو.
منهنجي پهچڻ جي خبر سموري شهر ۾ جهنگ جي باهه وانگر پکڙجي وئي ۽ اسين اڃان جڏهن ڊنر تي ئي هئاسين ته قونصل جنرل باغ ۾ اوپرن ماڻهن جو هڪ گروپ ڏسي پريشان ٿي ويو. بهرحال خبر پئي ته اهي مڪمل هٿياربند ٿي آيل انگريز هئا جيڪي ڊوڙندا ڊڪندا قونصل خاني اچي پهتا هئا ۽ اهو عزم ڪري آيا هئا ته منهنجي ٻيهر گرفتاريءَ جي ڪنهن به ڪوشش جي مزاحمت ڪندا. آءٌ انهن محب وطن معززين سان گڏ گهٽين مان ٿيندو حفاظت سان بندر تي پهتس ۽ تقريباً ڏهين وڳي Induna جهاز ۾ کاري پاڻيءَ تي هوس.
ڊربن پهچندي پهچندي آءٌ مقبول عام هيرو ٿي ويس. منهنجو اهڙيءَ طرح استقبال ٿيو ڄڻ ته مون ڪا وڏي فتح حاصل ڪئي هجي. بندرگاه جهنڊن سان سينگاريو پيو هو ۽ دڪن تي ماڻهن ۽ بينڊ وارن جا ميڙ لڳا پيا هئا. ايڊمرل، جنرل ۽ ميئر مون سان هٿ ملائڻ لاءِ ڌوڪيندا جهاز تي چڙهي آيا. آءٌ پُرشوق مهرباني جي انهيءَ اظهار تي شڪرگذاري جي احساس هيٺ ڇڄندو پئي ويس. ماڻهن مون کي ڪلهن تي ڦيراٽيون ڏياريندي اچي ٽائون هال جي ڏاڪڻين وٽ لاٿو ۽ تقرير کان سواءِ ڪنهن به ڳالهه تي راضي نه پئي ٿيا جيڪا مون مناسب ٽال مٽول کان پوءِ ڪئي. مون وٽ دنيا جي سڀني حصن مان ٽيلگرامن جا سٿا اچي رهيا هئا. آءٌ انهيءَ ئي رات فوج ۾ شريڪ ٿيڻ هليو ويس.
هتي به منهنجو استقبال تمام وڏي خيرخواهي سان ٿيو. هتي انهيءَ ساڳئي لائين جي مرمت ڪندڙن جي ڪيبن ۾ رهيس جنهن جي هڪ سو والن جي فاصلي تان مون کي مهيني کان ڪجهه وڌيڪ وقت اڳي باندي بڻايو ويو هو.

باب ٽيويهون: فوج ۾ واپسي Back to the Army

مون کي ڏسڻ ۾ آيو ته آءٌ جيڪي هفتا جنگي قيدي ٿي رهيو هوس انهن دوران ملڪ ۾ منهنجو نالو وڄي ويو هو. بڪتربند ٽرين ۾ منهنجي ڪردار کي ريلوي وارن ۽ انجڻ تي چڙهي حفاظت سان پهتل زخمين ڏاڍو وڌائي چڙهائي بيان ڪيو هو. ايسٽ ڪورٽ ۾ گڏ ٿيل اخباري نامانگارن ڪيترن ئي عجيب و غريب ۽ وڻندڙ اضافن سان اها ڳالهه انگلينڊ موڪلي ڇڏي هئي. تنهنڪري اخبارون منهنجي ڪردار جي حد کان وڌيڪ ساراهه ۽ واکاڻ سان ڀريون پيون هيون. نون ڏينهن جي تجسس ۽ منهنجي وري گرفتاريءَ جي افواهن کان پوءِ جو منهنجي فرار جي خبر آئي ته عوام منهنجي ساراهه ۽ واکاڻ ۾ زمين آسمان هڪ ڪري ڇڏيو. نوجوان مهم جوئي جي ڳولها ۾ هوندا آهن، صحافت کي اشتهارن جي ضرورت هوندي آهي. انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته مون کي ٻئي شيون ملي ويون هيون. آءٌ في الوقت ته ڏاڍو مشهور ٿي ويس. برطانوي قوم فوجي نوعيت جا ڪيترا ئي ڌچڪا کائڻ کان پوءِ اندروني صدمي جي اثر هيٺ هئي. پر اهڙا موقعا ڪنهن به قوم کي پنهنجي قوت کي ڪم آڻڻ تي اڀارڻ لاءِ گهڻو ڪري ضروري هوندا آهن. اهڙي حالت ۾ مون پاران بوئرن کي چالاڪي ڏيکارڻ جي خبرن کي تمام وڏي ۽ غير متناسب اطمينان سان ٻُڌو ويو. انهيءَ سان وري هڪ لازمي ردعمل پيدا ٿيو. داد و تحسين جي واهڙن سان گڏوگڏ منهنجي بيعزتي ۽ مذمت جو هڪ اندروني وهڪرو به شامل ٿي ويو جيڪو به ساڳي طرح بي واجبيءَ تي ٻڌل هو. مثال طور 23- نومبر جي (Truth) ڏسو:
......ٽرين پٽڙيءَ تان لهي وئي ۽ مسٽر چرچل بابت چيو وڃي ٿو ته هن ”جوان ٿيو! جوان ٿيو!“ جا نعرا هڻي فوجين کي جوش ڏياريو ته پوءِ دستي جي ڪمان ڪندڙ آفيسر ڇا ڪري رهيا هئا؟ ۽ ڀلا انهن ماڻهن جي هلت چلت جوانن جهڙي نه هئي ڇا؟ ۽ لڙائي جي ميدان تي ڪمان ڪندڙ آفيسرن هڪ صحافيءَ کي اها اجازت ڇو ڏني ته هو سندن حڪم هيٺ هلندڙ ماڻهن کي جوش ڏيارائي؟

23- نومبر جي فنيڪس (Phoenix) (هاڻي معدوم).

’اها ڳالهه ته بلڪل ممڪن آهي ته مسٽر ونسٽن چرچل بڪتربند ٽرين ۾ هڪ زخمي ماڻهو جي جان بچائي هوندي. ممڪن آهي ته هن ڪا رائيفل کڻي ڪنهن بوئر تي فائر ڪيو هجي. پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته هن بڪتربند ٽرين ۾ ڇا پئي ڪيو؟ هن کي اتي هئڻ جو ڪوبه حق نه هو هن کي جيتوڻيڪ ڪنهن وقت ۾ چوٿين حصارز ۾ ڪميشن هئي پر هاڻي هو سپاهي نه رهيو آهي. اسان ته اها ڳالهه ٻڌي آهي ته هو هاڻي مارننگ پوسٽ جو نمائندو به نه آهي. هاڻي يا ته اها ڳالهه ٿي سگهي ٿي ته انهي بدنصيب بڪتربند جي ڪمان جنهن وٽ به هئي انهيءَ مسٽر چرچل کي ٽرين تي مسافر ڪري پنهنجي ڊيوٽي جي حد اورانگهي آهي يا ته مسٽر چرچل ناواجب طور بنا موڪل جي ويو هليو آهي ۽ اهڙي طرح ڪمان ڪندڙ آفيسر جي اڳي ئي ڳرين ذميوارين ۾ اضافو ڪيائين.‘ فنيڪس وارا مون کي اڃان تائين دشمن جي هٿن ۾ سمجهي رهيا هئا جنهن بابت صورتحال اڃان واضح نه ٿي هئي تنهنڪري هو ساڳئي بيرحماڻي انداز ۾ لکن ٿا ته، ’دل جي گهراين سان اميد ڪجي ٿي ته مسٽر چرچل کي گولي نه هنئي ويندي. ساڳئي وقت جيڪڏهن بوئر جنرل کيس موت جي سزا جو حڪم ڏئي ٿو ته مٿس ڪوبه الزام نه ايندو. ڪنهن غير ويڙهاڪ کي هٿيار کڻڻ جو ڪوبه حق نه هوندو آهي. فرانسي پروشيائي جنگ ۾ جن به غير ويڙهاڪن هٿيار کنيا هئا انهن کي گرفتار ٿيڻ تي بنا دير قتل ڪيو ويو هو ۽ اسين اها توقع به نه ٿا ڪري سگهون ته بوئر وڏن تهذيب يافته فرانسين ۽ جرمنن کان وڌيڪ رحمدل ٿيندا.‘

16- ڊسمبر جي (Daily Nation) (اها به معدوم)

مسٽر چرچل جي فرار کي فوجي حلقن ۾ ڪو شاندار يا عزت ڀريو ڪارنامو نه ٿو ليکيو وڃي. هن کي هڪ ويڙهاڪ جي حيثيت ۾ گرفتار ڪيو ويو هو ۽ کيس ٻين قيدي آفيسرن جهڙي ئي پيرول (Parole) تحت رکيو ويو هو. هن هڪ عزت ڀرئي معاهدي کان ڪنڌ ڪڍايو آهي تنهنڪري پريٽوريائي اختياريون جيڪڏهن اهڙي هلت کي روڪڻ لاءِ اڃان به سخت اپاءَ وٺن ٿيون ته انهيءَ ۾ ڪابه حيرت جهڙي ڳالهه نه هوندي.‘

آخر ۾ 26-ڊسمبر جي ويسٽ منسٽر گزيٽ:

مسٽر چرچل هڪ دفعو وري آزاد آهي. هو پنهنجي طبيعت تي پيل حرفت ڪم آڻيندي پريٽوريا مان ڀڄي نڪتو آهي ۽ اتان جي حڪومت سندس فرار جو رستو ڳولهڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهي. جيستائين پاڻ کي آزاد ڪرائڻ جي ڳالهه آهي انهيءَ تي ته ڪو اعتراض نه ٿو ڪري سگهجي. پر مسٽر چرچل پاران جنرل جوبرٽ کي جيڪا درخواست ڏيڻ واري خبر آئي آهي جنهن ۾ هن پاڻ کي انهي بنياد تي آزاد ڪيو وڃڻ جو چيو آهي ته هو اخباري نامانگار آهي ۽ هن لڙائي ۾ ڪو حصو نه ورتو هو اها ڳالهه اسان کي سمجهه ۾ نه ٿي اچي. اهي ڳالهيون پڙهڻ وقت ته اسين اکيون مهٽڻ لڳاسين. اسين ته بڪتربند ٽرين واري واقعي ۾ مسٽر چرچل جي بهادريءَ وارن ڪارنامن جو شاندار لفظن ۾ بيان پڙهي چڪا آهيون. اتي ته جنرل جوبرٽ به پنهنجون اکيون مهٽيون هونديون. هن اهو جواب ڏنو ته مسٽر چرچل- جنهن کان هو ذاتي طور واقف نه آهي- کي انهيءَ ڪري قيد ۾ رکيو ويو آهي جو ناتال جي سڀني اخبارن بڪتربند گاڏي جي نڪري وڃڻ کي سندس ڪوششن ۽ بهادريءَ ڏانهن منسوب ڪيو آهي. پر جيئن ته اها ڳالهه غلط ڏسڻ ۾ پئي آئي تنهنڪري جنرل نامانگار جي انهيءَ ڳالهه کي تسليم ڪري ورتو ته هو غير ويڙهاڪ هو انهيءَ ڪري سندس آزاديءَ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيائين جيڪو مسٽر چرچل پاران فرار ٿيڻ کان اڌ ڏينهن پوءِ پهتو. مسٽر چرچل جي غير ويڙهاڪ هئڻ واري ڳالهه ته هڪ اسرار آهي پر اها ڳالهه واضح آهي ته هو ٻئي فائدا نه ٿو وٺي سگهي. جنرل جوبرٽ ڏانهن سندس خط سان انهيءَ امڪاني وڪٽوريا ڪراس جو به ڪو جواز باقي نه ٿو رهي جنهن سان ڪيترن ئي نامانگارن کيس نوازڻ شروع ڪيو آهي.‘
جڏهن اهي ڳالهيون مون تائين پهتيون ته مون انهن کي ڪم ظرفي تي ٻڌل ئي سمجهيو. ريلوي وارن ۽ بڪتربند ٽرين جي زخمين جيڪي ڳالهيون بيان ڪيون هيون يا اهي جنهن انداز ۾ انگلينڊ پهچايون ويون هيون انهن بابت آءٌ ڪنهن به ريت ذميوار نه هوس ۽ انهن کي اتي جيڪا تشهير ڏني وئي ان بابت منهنجو ذميوار هئڻ بعيد از امڪان هو. آءٌ قيدي هوس ۽ انهيءَ ڪري لازماً خوش هوس. هنن صفحن جي پڙهندڙن کي خبر هوندي ته آءٌ ڪيپٽن هالڊين سان سندس جاسوسي واري نڀاڳي مهم تي ڇو ويو هوس ۽ مون لڙائي ۾ واقعي جيڪو ڪردار ادا ڪيو هو انهيءَ کان به هو واقف هوندا. تنهنڪري هو پاڻ فيصلو ڪري سگهن ٿا ته منهنجي غير ويڙهاڪ هئڻ واري دعوى ڪيتري قدر درست هئي. جنرل جوبرٽ مون کي جنگي قيدي ڪري رکڻ وارو پنهنجو اڳيون فيصلو واقعي تبديل ڪيو هو يا نه انهيءَ ڳالهه جي مون کي خبر نه آهي باقي اهو واقعي به هڪ عجيب اتفاق آهي ته انهيءَ حڪم کي منهنجي فرار ٿيڻ کان پوءِ ئي مشهور ڪيو ويو. اها ڳالهه به حقيقت تي ٻڌل نه آهي ته مون فرار ٿي پنهنجي پيرول يا ڪنهن عزت ڀرئي معاهدي جي خلاف ورزي ڪئي هئي. ڪنهن به جنگي قيدي کي ڪوبه پيرول ڏنو ئي نه ويو هو ۽ مون جيئن بيان ڪيو آهي اسان سڀني کي هٿياربند گارڊ هيٺ سخت پهري ۾ رکيو ويو هو. ڪوڙ هڪ دفعو پکڙجڻ کان پوءِ سياسي تڪرار جي بازارين ۾ وجود برقرار رکندو آيو ۽ مون مجبور ٿي گهٽ ۾ گهٽ چئن جدا موقعن تي بدناموسي جا ڪيس داخل ڪري ماڻهن کان معافيون وٺرايون آهن ۽ هرجاڻا اوڳاڙيا آهن. تڏهن آءٌ بوئرن جي همدردن کي بدخواهن جو ٽولو سمجهندو هوس.
مون ڊربن مان مارننگ پوسٽ ڏانهن جيڪو ٽيليگرام موڪليو انهيءَ به فوجي ۽ سماجي حلقن ۾ تنقيد کي جنم ڏنو:
مون لکيو ته: ”سموري صورتحال جو جائزو وٺڻ کان پوءِ اها ڳالهه تسليم نه ڪرڻ ڏاڍي بيوقوفي ٿيندي ته اسين هڪ سگهاري ۽ خطرناڪ دشمن سان وڙهي رهيا آهيون. اتان جي شهرين جون صلاحيتون انهن جي ڪارڪردگي ۾ اضافو ڪري ڇڏين ٿيون. اتان جي حڪومت جيتوڻيڪ ڏاڍي ڪرپٽ آهي ته به پنهنجون سموريون توانائيون فوجي ڪارواين لاءِ وقف ڪري ڇڏيون اٿائين.“
”اسان کي حقيقتن کي منهن ڏيڻو پوندو. موافق علائقي ۾ گهوڙي تي سوار اڪيلو بوئر ٽن يا چئن باقاعدي سپاهين جي برابر آهي. جديد رائيفلون ايتريون ته طاقتور آهن جو سامهون وارو حملو اڪثر پسپا ٿي وڃي ٿو. دشمن جي چرپر جي غير معمولي صلاحيت سندس پاسن کي محفوظ رکي ٿي. انهيءَ مسئلي کي منهن ڏيڻ جو واحد حل اهو آهي ته يا ته اهڙا ماڻهو آندا وڃن جيڪي دشمن جي رائيفل بردار ماڻهن جهڙيون جسماني ۽ ذهني صلاحيتون رکندا هجن يا جيڪڏهن انفرادي طور ائين نه ٿو ٿي سگهي ته پوءِ تمام وڏي تعداد ۾ سپاهي آندا وڃن. اسي هزار ماڻهن جي پيشقدمي جنهن جي دفاع لاءِ 150 ٽينڪون به هونديون ته اهڙي فوج کي منهن ڏيڻ بوئرن جي وس کان ٻاهر هوندو جڏهن ته 15000 فوجين تي مشتمل ڪالم وڏي نقصان جي ور چڙهي ويندا. ٿوري ٿوري ڪري ڪمڪ موڪلڻ ۽ فوجن کي ضايع ڪري ڇڏڻ خطرناڪ پاليسي آهي.“
”ريپبلڪن کي به ڪانفيدريٽ رياستن وانگر آهستي آهستي ڌڪ هڻي ٿڪائي ڪمزور ڪري ڇڏڻ گهرجي. اسان کي ڪابه تڪڙ نه ڪرڻ گهرجي پر تمام وڏي تعداد ۾ فوجي گڏ ڪرڻ گهرجن. آخر ۾ حساب ڪبو ته ضرورت کان وڌيڪ فوجي موڪلڻ گهڻو سستو پوندو. هتي اڍائي لک ماڻهن جي لاءِ به ڪيترو ئي ڪم آهي ۽ سائوٿ آفريقا خون ۽ پئسي جي لحاظ کان ايتري قيمت لهي ٿو. بي قاعدي فوج جا اڃان وڌيڪ ڪور (Crops) گهربل آهن. انگلينڊ جا مانائتا شخص لومڙين جي شڪار تي هليا ويا آهن ڇا؟ انگلش لائيٽ هارس ڇو نه ٿي تشڪيل ڏئي سگهجي؟ اسان کي پنهنجي جوانمردي، نوآبادين ۾ رهندڙ پنهنجن گهڻگهرن ۽ پنهنجي مئل سپاهين جي صدقي ثابت قدمي سان جنگ جاري رکڻ گهرجي.‘

انهن اُگرن سچن تي ماڻهن کي ڏاڍي مٺيان لڳي. ”موافق علائقي ۾ گهوڙي تي سوار اڪيلو بوئر ٽن يا چئن باقاعدي سپاهين جي برابر آهي.“ واري ڳالهه ۾ فوج جي توهين سمجهي وئي. اڍائي لک ماڻهن جي ضرورت هئڻ واري تخميني کي به واهيات سمجهي ننديو ويو. مارننگ ليڊر اخبار لکيو: ”اسان کي انهيءَ ڳالهه جي ڪٿان تصديق نه ملي سگهي آهي ته لارڊ لينسڊائون، لارڊ رابرٽس جي اچڻ تائين، سائوٿ آفريقا ۾ فوجين جي ڪمان مسٽر ونسٽن چرچل کي سونپي آهي جنهن ۾ سر ريڊورس بلر سندس چيف آف اسٽاف هوندو.“ بهرحال اها هڪ ٺٺول هئي. بڪ اينڊ ڊاڊر ڪلب (Buck and Dodder Club) وارا ڪراڙا ڪرنل ۽ جنرل انهي تي غضبناڪ ٿي ويا. انهن مان ڪجهه ماڻهن ته مون ڏانهن تار (Cable) موڪلي ته: ”هتي تنهنجي سٺن دوستن کي اميد آهي ته تون هاڻي وڌيڪ پنهنجي چريائپ نه ڏيکاريندين.“ بهرحال منهنجن ٻاراڻن خيالن کي واقعن جلد ئي درست ثابت ڪري ڏيکاريو. پيشيور فوج جي پٺڀرائي لاءِ ڏهه هزار ماڻهن تي مشتمل امپيريئل يومينري (Imperial Yoemanry) ۽ هر قسم جا رضاڪار موڪليا ويا ۽ اڍائي لک برطانوي فوجي يا ته بوئرن جي جملي فوج کان پنجوڻ تي ماڻهو سائوٿ آفريقا جي سرزمين تي بيٺا تڏهن وڃي فتح حاصل ٿي. تنهنڪري آءٌ پاڻ کي بائيبل جي هنن لفظن سان تسلي ڏئي سگهان ٿو ته: ”پوڙهو ۽ بيوقوف بادشاهه ٿيڻ کان غريب ۽ عقلمند ٻار ٿيڻ بهتر آهي.“
انهيءَ دوران ڪاري هفتي جي تباهين برطانوي قوم کي سجاڳ ڪري ڇڏيو ۽ حڪومت به انهن جي موڊ مطابق قدم کنيو. مسٽر بالفور جنهن کي سندس نقاد، عورتاڻا انداز رکندڙ ۽ ڪچو جدلياتي سمجهندا هئا، انهيءَ بحران واري دور ۾ پاڻ کي امپيريئل حڪومت جو قوت جو سرچشمو ثابت ڪري ڏيکاريو. سر ريڊورس- اسان کي انهيءَ ڳالهه جي گهڻو پوءِ خبر پئي. 15- ڊسمبر تي ڪولنيسو ۾ پنهنجي پسپائي ۽ يارهن سو ماڻهن جي زخمي ٿيڻ يا مرڻ واري انگ- تڏهن اهو تمام وڏو نقصان سمجهيو ويندو هو- مان ايترو ته پريشان ٿي ويو جو هن وار آفيس ڏانهن ڏاڍو خطري وارو خط ۽ سر جارج وهائيٽ ڏانهن ڏاڍو بزدليءَ وارا حڪم موڪلي ڇڏيا. هن ليڊي سمٿ جو دفاع ڪندڙ کي مشورو ڏنو ته هو پنهنجو سمورو بارود ڇوڙي ڇڏي ۽ جيترو ٿي سگهيس بهتر شرطن تي هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏي.
هن 15- ڊسمبر تي وار آفيس ڏانهن تار (Cable) موڪلي ته: ”منهنجي خيال ۾ مون وٽ هاڻي ايتري طاقت نه آهي جو وهائيٽ کي مدد ڏئي سگهان.“ اها تار آچر ڏينهن پهتي جڏهن وزيرن مان فقط مسٽر بالفور لنڊن ۾ هو. هن بلڪل ٿور اکرو جواب موڪليو ته ”تون جيڪڏهن ليڊي سمٿ کي مدد ڏئي نه ٿو سگهين ته پنهنجي ڪمان سر فرانسس ڪليري (Francis Clery) جي حوالي ڪري ملڪ موٽي اچ.“ وهائيٽ پڻ ڏاڍو رکو جواب موڪليو ته هو هٿيار ڦٽا ڪرڻ جو ڪوبه ارادو نه ٿو رکي. ”انهيءَ دوران ڪجهه ڏينهن اڳ جرمني جي شهنشاهه عجيب دوستاڻي انداز ۾ برلن ۾ برطانيه جي ملٽري اتاشي کي ملڪه وڪٽوريا لاءِ اهو شخصي پيغام ڏئي انگلينڊ موڪليو ته آءٌ دائمي طور سيفٽي والو (Safety Valve) تي ويهي نه ٿو سگهان. منهنجو عوام دخل اندازي جو مطالبو ڪري رهيو آهي. توهان کي لازماً فتح حاصل ڪرڻي آهي. آءٌ توهان کي اها صلح ڏيندس ته لارڊ رابرٽس کي ڪمانڊر انچيف ۽ لارڊ ڪچنر کي موڪليو.“ اها خبر نه آهي ته انهيءَ تجويز تي يا ڪنهن ٻئي سبب جي ڪري بهرحال 16- ڊسمبر تي لارڊ رابرٽس کي ڪمانڊر انچيف ۽ لارڊ ڪچنر کي چيف آف اسٽاف مقرر ڪيو ويو. انڊيا کان ٻاهر سموري برطانوي فوج ۽ ملڪ ۽ نوآبادين (Colonies) مان مضبوط رضاڪارن تي ٻڌل ڪمڪ سائوٿ آفريقا ڏانهن حرڪت ۾ آندي وئي. بُلر- جنهن وٽ هاڻي وڏي ڪمڪ پهچي وئي هئي- کي انهن حڪمن سان ناتال جي ڪمان سونپي وئي ته هو ليڊي سمٿ جي امداد ۾ ڄمي بيٺو رهي. جڏهن ته شروعاتي پلان کان تمام وڏي پيماني تي ترتيب ڏنل مکيه فوج کي ڪيپ ڪالوني کان اتر طرف پيشقدمي ڪري ڪمبرلي کي امداد ڏيڻي هئي ۽ بلوم فائونٽين تي قبضو ڪرڻو هو.
بُلر پنهنجي ذميواريءَ مان ڪنهن به لحاظ کان گهڻو خوش نه هو. هن کي ٽوگيلا (Tugela) کان اڳتي جبلن تي دشمنن جي ٺڪاڻن جي طاقت جي خبر هئي ۽ ڪولنيسو ۾ آيل صدمي کان پوءِ ته هو بوئرن جي اعلى صلاحيتن بابت مبالغي کان ڪم وٺڻ لڳو هو. ٽوگيلا پار ڪرڻ جي ڪيترين ئي ناڪام ڪوششن کان پوءِ هن هڪ دفعو مون کي ڏاڍي بي تڪلفي سان پنهنجي دل جو حال ٻڌايو هو ته: ”مون کي هتي ناتال ۾ اهڙي جنگ وڙهڻ لاءِ ڦٽو ڪيو ويو آهي جنهن کان منهنجي سوچ مون کي بچڻ جو چئي رهي آهي ۽ هڪ اهڙي لائين ڏانهن پيشقدمي ڪرڻ جو چيو پيو وڃي جيڪا اسان جي سپاهين جي قطعي موافق نه آهي.“
هن هاڻي پاڻ کي پنهنجي خراب قسمت جي حوالي ڪري ڇڏيو هو. مون کي انهيءَ بابت ڪو به شڪ شبهو نه آهي ته هن عمر ۾ هن وٽ نه ئي فوجي صلاحيت ۽ ذهني ۽ جسماني قوت هئي نه ئي حالتن کي منهن ڏيڻ جو فن ۽ سخت دلي هئي جيڪي سندس ڊيوٽي لاءِ گهربل هيون. بهرحال سندس سپاهين جو هن مٿان اعتماد رهندو آيو ۽ هو برطانوي عوام جو نور نظر بڻيو رهيو.
آءٌ انهيءَ سلسلي ۾ شڪ جو شڪار آهيان ته جنهن ماڻهو نوجوانيءَ ۾ بهادريءَ تي وڪٽوريا ڪراس حاصل ڪيو هجي اهو انهيءَ بنياد تي ويهه يا ٽيهه سال پوءِ ڪنهن فوج جي ڪمان ڪرڻ جي اهل ٿي وڃي ٿو ڇا؟ منهنجي مشاهدي ۾ ته اها ڳالهه آئي آهي ته اهڙن مفروضن جي نتيجي ۾ هڪ کان وڌيڪ ڳنڀير بدنصيبين جنم ورتو آهي. عمر، سولي زندگي، جسم جو وزن، امن جي دور ۾ ڪاميابي ۽ ترقي جا ڪيترائي سال؛ اهي سڀ ڳالهيون زندگيءَ سان ڀرپور انهن طاقتن کي زائل ڪري ڇڏين ٿيون جيڪي پرزور عمل لاءِ انتهائي ضروري هونديون آهن. رياست کي امن جي ڊگهي وقت ۾ ملٽري ۽ نيوي جا ڪجهه اهڙا آفيسر هر وقت تيار رکڻ گهرجن جيڪي وچولي رينڪ جا هجن ۽ جن جون عمريون چاليهن ورهين کان گهٽ هجن. انهن آفيسرن کي خاص تربيت ڏني وڃي ۽ آزمائش مان گذاريو وڃي. انهن جي هڪ ڪمان کان ٻيءَ ڏانهن ڦير گهير ٿيندي رهي ۽ انهن کي اهم فيصلا ڪرڻ جا موقعا ڏنا وڃن. انهن کي ڪائونسل آف ڊفينس ۾ طلب ڪري انهن جي راين تي جرح ڪئي وڃي. انهن جي عمر وڏي ٿي وڃي ته انهن جي جاءِ تي ساڳئي عمر وارا ٻيا ماڻهو آندا وڃن.

* * * * *

سر ريڊورس بُلر پاران ٽرانسول جي حالتن بابت مون کان تفصيلي طور پڇا ڳاڇا ڪرڻ ۽ آءٌ به ريل گاڏي جي تختن جي وٿي مان جيڪا مختصر معلومات گڏ ڪري سگهيو هوس اها کيس ڏيڻ کان پوءِ هن مون کي چيو:
”تون تمام چڱو ڪم ڪيو آهي. ڀلا ڪو ڪم ڪار هجئي ته ٻڌاءِ؟“
مون بنا دير جي جواب ڏنو ته هر طرف جيڪي بي قاعدي فوجي ڪورون (Crops) ٺهي رهيون هيون مون کي انهن مان ڪنهن ۾ ڪميشن ڏني وڃي. مون جنرل کي ڪيپ ڏانهن ايندي اسان جي سامونڊي سفر جي پڄاڻي کان پوءِ وري ڪٿي به نه ڏٺو هو پر منهنجي چئن سالن جي فوجي نوڪريءَ دوران منهنجو هن سان گاهي ماهي واسطو پوندو رهندو هو. سو هن ڳالهه تي هو ٻُڏتر ۾ پئجي ويو ۽ چڱي وقفي کان پوءِ چيائين: ”ويچاري پوڙهي بورٿ وڪ جو ڇا ٿيندو؟ انهيءَ مان مطلب سر الگرنان بورٿ وڪ مارننگ پوسٽ اخبار جو مالڪ هو جيڪو پوءِ لارڊ گلينسڪ (Glenesk) ٿيو. مون وراڻيو ته منهنجو هن سان جنگي نامانگار طور خاص معاهدو هو ۽ آءٌ انهيءَ ذميواريءَ کان شايد آجو ٿي نه سگهندس. تنهنڪري انهيءَ صورتحال چڱا خاصا مسئلا پيدا ڪيا. گذريل ڪجهه سالن جي مختلف ننڍڙين جنگين ۾ اها عام رواجي ڳالهه ٿي وئي ته موڪلون گذاريندڙ ملٽري آفيسر جنگي نامانگارن طور ڪم ڪندا هئا. پوءِ ته خود ڊيوٽي تي موجود آفيسر به اهو ڪم ڪرڻ لڳا. انهيءَ کي قاعدي جي هڪ وڏي ڀڃڪڙي سمجهيو ويندو هو. انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته انهيءَ عمل تي ڪيترائي اعتراض ٿي سگهيا ٿي. انهيءَ سلسلي ۾ مون کان وڌيڪ ڪنهن تي به ايتري تنقيد نه ٿي هئي جو مون هندستاني سرحد تي توڙي نيل مهمن ۾ ٻٽو ڪردار ادا ڪيو هو. وار آفيس وارن نيل مهم کان پوءِ اهو پڪو پهه ۽ آخري فيصلو ڪري ڇڏيو ته ڪوبه فوجي هاڻي نامانگار نه ٿيندو ۽ ڪوبه نامانگار فوجي نه ٿيندو. هاڻي انهيءَ نئين قاعدي جو تقدس ته برقرار رکڻو هو ۽ انهيءَ مان وري منهنجي لاءِ ئي ڪا ڳڙکي کولڻ- جيڪو انهي قاعدي ٺهڻ جو مکيه سبب هو- ڏاڍي ڏکي ڳالهه ٿئي ها. سر ريڊورس بُلر جيڪو گهڻو وقت وار آفيس ۾ ايڊجوٽنٽ جنرل رهيو هو ۽ دنيا جي هلي چلي کان واقف ماڻهو هو پر تمام اصول پرست فوجي مڪتبه فڪر جو نمائندو پڻ هو، تنهنڪري اها ڳالهه ڏاڍي خراب پئي لڳي. هن مون ڏانهن ڏاڍو عجيب نموني نهاريندي ڪمري جا ٻه ٽي چڪر ڏنا ۽ آخرڪار چيائين:
”ٺيڪ آهي. توکي ’بنگوجي رجمينٽ ۾ ڪميشن ملي سگهي ٿي. توکي ٻنهي نوڪرين لاءِ پنهنجي صلاحيت مطابق ڪم ڪرڻو پوندو. پر اسان جي نوڪري لاءِ توکي پگهار نه ملندو.“
انهيءَ بي قاعدي بندوبست تي آءٌ فوراً راضي ٿي ويس.

* * * * *

هاڻي آءٌ آرميءَ ۾ بحال ٿي ويس ۽ مونکي سائوٿ آفريقن لائيٽ هارس ۾ ليفٽيننٽ جي ڪميشن ملي وئي. ڇهن اسڪواڊرنن، ست سو گهوڙيسوارن ۽ هڪ مشين گن بيٽري تي ٻڌل اها رجمينٽ ڪرنل جولين بينگ (Julian Byng) ڪيپ ڪالوني ۾ تشڪيل ڏني هئي. جولين بينگ ڏهين حصارز جو ڪيپٽن هو جنهن کان بجا طور تمام وڏين ڳالهين جي توقع ڪئي پئي ويئي. هن مون کي پنهنجو اسٽنٽ ايڊجوٽنٽ مقرر ڪيو ۽ اها اجازت ڏئي ڇڏيائين ته رجمينٽ جڏهن جنگ ۾ مصروف نه هجي ته آءُ ڀلي پنهنجي مرضي مطابق گهمندو ڦرندو رهان. منهنجي لاءِ انهيءَ کان وڌيڪ مناسب ٻي ڪا ڳالهه ٿي ئي نه ٿي سگهي. مون پنهنجي رينڪ جا بيج پنهنجي خاڪي ڪوٽ تي ٽوپيا ۽ سڪابلو (Sakabulu) پکي جي پڇ جي کنڀن جو ڊگهو طرو پنهنجي ٽوپي ۾ ٽُنبيو ۽ ڏاڍو خوش ٿي زندگي گذارڻ لڳس.
سائوٿ آفريقن لائيٽ هارس، لارڊ ڊنڊونلڊ (Dundonald) جي ڪيولري برگيڊ جو حصو هئي ۽ انهيءَ جي روح روان آفيسرن ۽ دوستن جي گروپ مان تقريباً سڀئي عظيم يورپي جنگ ۾ ناموري حاصل ڪري چڪا هئا. بينگ، برڊ ووڊ ۽ هوبارٽ گاف سڀئي عظيم آرمي ڪمانڊر ٿيا. بارنيس، سولي فلڊ، ٽام برجز ۽ ٻين ڪيترن ڊويزنن جي ڪمان ڪئي. اسين ساڳئي ئي ويگنن جي هيٺان سمهندا هئاسين ۽ اسان جي پاڻ ۾ تمام سٺي دوستي رهي. سپاهي ڀانت ڀانت جي نسلن جا هئا پر سڀئي بهترين ويڙهاڪ هئا. سائوٿ آفريقن لائيٽ هارس ۾ اڪثريت سائوٿ آفريقين جي هئي پر دنيا جي سمورن حصن مان آيل اڻ گهڙين مهم بازن جو به وڏو حصو شامل هو. وري آمريڪن سول وار مان هڪ ڪانفيڊريٽ گهوڙيسوار به موجود هو. بارنيس جي امپيريئل لائيٽ هارس جي اسڪواڊرن رانڊ (Rand) جي سون جي کاڻين وارن آئوٽ لينڊرز (Outlanders) تي مشتمل هئي. ناتال ڪاربائينيز جا ٻه اسڪواڊرن ۽ ٿارنيڪروفٽ جي (Mounted Infantry) وارا ڪاهه هيٺ آيل صوبي جا بهترين آبادگار ۽ نوآبادڪار هئا. نوآبادڪار ۽ خاص طور آئوٽ لينڊرز ۽ ناتال مان آيل ماڻهن ۾ دشمن جي خلاف اهڙو شديد جذبو ڀريل هو جنهن کي انهن ڏينهن جا باقاعدي سپاهي غير پيشيوراڻو سمجهندا هئا. پر سڀني گڏجي دل سان ڪم ڪيو.

باب چوويهون: خاڪي اليڪشن

پريٽوريا تي قبضي ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته ميفڪنگ کي امداد پهچي وڃڻ کان پوءِ انگلينڊ ۾ اڪثر ماڻهن جو خيال هو ته جنگ پڄاڻي تي پهچي چڪي آهي. انهن جي انهيءَ سوچ کي لارڊ لابرٽس جي تقريرن مان هٿي ٿي ملي. اهي بي اختيار ٿي خوشيون ملهائڻ لڳا. پر حڪومت کي صورتحال بابت صحيح خبر هئي. اها ڪاميابي جي لهرن تي وهي هڪ خطرناڪ ۽ اهڙي صورتحال ۾ اچي وئي هئي جنهن تي انهن جو ڪو به وس نه هو. بوئر ريپبلڪن سان ڪي به مذاڪرات نه ٿيڻا هئا. انهن کي بس ختم ڪري ڇڏڻو هو. پر بوئر جيڪڏهن انفرادي طور يا پنهنجن جنرلن سان گڏ اچي پيش پيا ته انهن سان تمام سٺو سلوڪ ڪيو ويندو ۽ اڳتي هلي جڏهن فتح ٿيل علائقن کي محفوظ بنائڻ لاءِ اتي ڪافي تعداد ۾ انگريز اچي آباد ٿي ويا ته انهن کي به ٻين برطانوي نو آبادين وانگر خود حڪومت ڏني ويندي. ٻي صورت ۾ انهن جو تعاقب جاري رکيو ويندو ۽ انهن جي آخري ماڻهو کي به گرفتار ڪيو ويندو. جيئن لارڊ ملنر ڪجهه وقت پوءِ اها ڳالهه هنن لفظن ۾ بيان ڪئي: ’هڪ لحاظ کان جنگ ڪڏهن به پڄاڻي تي نه پهچندي. اها فقط منظر تان هٽي ويندي. گوريلا ويڙهه واري مرحلي کي فوج پڄاڻي تي پهچائيندي، ۽ انهيءَ کان پوءِ جبلن ۽ ماٿرين ۾ ڦرمار کي هٿياربند پوليس ختم ڪندي.‘
اها اهڙي غلطي هئي جنهن جي اسان کي اڳتي هلي مهانگي قيمت ڏيڻي هئي. اڃان بوٿا، سمٽس، ڊي ويٽ (De Wet)، دي لاري (De La Rey) ۽ هرٽ زوگ (Hertzog) جهڙن ليڊرن جي اڳواڻي ۾ هزارين جهنگلي، خونخوار ۽ بي ڊپا ماڻهو پنهنجي وسيع ملڪ ۾ فتح لاءِ نه پر آن ۽ عزت لاءِ وڙهي رهيا هئا. مڪمل طور پُرامن علائقن ۾ ويٺل فوجن کان گهڻو پري بار بار ڌڙا بندي واري جنگ جا شُعلا ڀڙڪي ٿي اٿيا. ويندي ڪيپ ڪالوني ۾ به سمٽس (Smuts) اهڙي باهه مچائيندو رهيو جيڪا ٻن تباه ڪن سالن تائين ڪڏهن دُکندي ته ڪڏهن ڀڙڪندي رهي ۽ رسمي مذاڪرات کان پوءِ ئي وسامي سگهي. انهيءَ تمام گهڻو وقت هلندڙ ڇڪتاڻ وڏيون خرابيون پيدا ڪيون. گهمندڙ ڦرندڙ دشمن کي پنهنجو ڪو خاص يونيفارم پهريل نه هوندو هو. عام آبادي سان گڏيا وتندا هئا. جن ماڻهن اڻ ڌريو رهڻ جو حلف کنيو هو انهن جي فارمن تي رهندا هئا ۽ اتان مدد ملندي هئن ۽ ڪڏهن هِتي ته ڪڏهن هُتي وجود ۾ اچي ڪنهن بي خبر فوجي ڪالم يا ڪنهن اڪيلي چوڪي تي خطرناڪ ۽ بيرحماڻو حملو ڪري وٺندا هئا. انهيءَ سموري مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ برطانوي فوجي اختيارين اهو ضروري سمجهيو ته سمورن ضلعن کي اتان جي رهاڪن کان خالي ڪرائي آباديءَ کي ”ڪنسنرٽيشن ڪئمپ“ (Concentration Camp) گڏ ڪيو وڃي. جيئن ته ريلوي نظام به مسلسل ڪٽيل رهندو هو تنهنڪري انهن ڪئمپن کي زندگيءَ جون سموريون ضرورتون مهيا ڪرڻ مشڪل هوندو هو. اتي بيمارين جي منهن ڪڍڻ سان هزارين عورتون ۽ ٻار مري ويا. جن فارم مالڪن غير جانبدار رهڻ جي قسمن جي خلاف ورزي ڪئي انهن جي فارمن کي باهيون ڏيڻ جي پاليسي ويڙهاڪ بوئرن کي ٿڌو ڪرڻ ته پري رهيو اڃان انهن کي ڇتو ڪري ڇڏيو. هوڏانهن برطانوي وري قسم ڀڃندڙ خلاف ڪاوڙ ۾ ڀريا پيا هئا. بوئر ته ورديون به برطانوين کان ڦريل پهريندا هئا (انهيءَ جو وڏو سبب ته اهو هوندو هو ته انهن وٽ ٻيا ڪپڙا ئي نه هوندا هئا پر ڪڏهن ڪڏهن هو انهيءَ کي دوکي طور به ڪم آڻيندا هئا). بهرحال تمام ٿورن ماڻهن کي موت جي سزا آئي. هڪ برطانوي آفيسر ۽ اتان جي ڪجهه گوڙيسوارن بوئر قيدين کي ماري ڇڏيو هو. گهڻو پوءِ اهو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ڪچنر وڏي غير جانبداري جو مظاهرو ڪندي انهن کي گوليون هڻي ڇڏيون. بوئر ڪمانڊو ته آخر تائين پنهنجن زخمين کي برطانوي فيلڊ اسپتال ڏانهن موڪلڻ کان به نه ڪيٻائيندا هئا. اهڙيءَ طرح انسانيت ۽ تهذيب کي ڪڏهن به مڪمل طور هٿان نه ڇڏيو ويو ۽ ٻئي ڌريون تباهي ۽ برباديءَ جي ٻن سخت سالن ۾ هڪ ٻئي کي سخت هاڃا رسائيندي به ڪنهن حد تائين هڪ ٻئي جي عزت برقرار رکنديون آيون.
گهر پهچڻ تي منهنجو پرجوش استقبال ٿيو. اولڊهام وارن بغير ڪنهن پارٽي جي اعزاز جي منهنجي فتح جو جشن ملهايو. آءٌ ڏهن گاڏين جي جلوس ۾ پرجوش ڪارڪنن ۽ مل ۾ ڪم ڪندڙ ڇوڪرين سان ڀريل گهٽين مان گذرندو ٽائون هال ۾ داخل ٿيس. ٿيٽر رائل (Theatre Royal) ۾ هڪ تمام وڏي گڏجاڻي ۾ مون پنهنجي فرار جو واقعو بيان ڪيو. هاڻي جيئن ته اسان جون فوجون وٽ بينڪ جي کاڻين واري ضلعي تي قبضو ڪري ويون هيون ۽ منهنجا مددگار برطانوي حفاظت ۾ اچي ويا هئا تنهنڪري مون کي پهريون دفعو سموري ڳالهه ڪرڻ جي آزادي ملي. مون جڏهن اولڊهام جي انجنيئر ڊيوز نيپ جو نالو کنيو- جيڪو مون کي ڦيرائيندو ڦيرائيندو کاڻ ۾ هيٺ وٺي ويو هو- ته حاضرين زور زور سان چوڻ لڳا ته: ” سندس گهرواري گيلريءَ ۾ ويٺي آهي.“ هر طرف وڏي خوشي جو ماحول ٿي ويو.
انهيءَ يگانگت ۽ اتفاق واري ماحول ۾ اوس ڦيٽارو پوڻو هو. ڪنزرويٽو ليڊرن اهو عهد ڪري ڇڏيو ته هو فتح جو جوش و خروش ٿڌو ٿيڻ کان اڳ ملڪ جي ماڻهن ڏانهن رجوع ڪندا. انهن کي حڪومت ۾ اڳي ئي پنج سال ٿي ويا هئا. ارڙهن مهينن جي اندر عام چونڊون ٿيڻيون هيون. اهڙي موقعي کي هٿان نه پيو وڃائي سگهجي. حقيقت به اها آهي ته اهي بوئر ريپبلڪن جي الحاق ۽ مخالفت کي مذاڪرات کان سواءِ هٿيارن جي زور تي دٻائڻ جي پاليسي کي به نئين پارليامينٽ ۽ نئين اڪثريت کانسواءِ جاري نه ٿي رکي سگهيا. تنهنڪري سيپٽمبر مهيني جي شروعات ۾ پارليامينٽ کي برخواست ڪيو ويو. اسين ساڳئي قسم جي چونڊ عمل مان گذرياسين جهڙو جنگ عظيم کان پوءِ ڊسمبر 1918ع ۾ وڌيڪ شديد نموني ٿيو. سڀئي لبرل ويندي اهي به جن جنگي قدمن جي وڏي حمايت ڪئي هئي ۽ جن جا پٽ جنگ ۾ مري ويا هئا انهن کي بوئرن جو حمايتي (Pro Boers) چئي ننديو ويو. مسٽر چمبرلين اهو مشهور جملو چيو ته: ”حڪومت جيڪا به سيٽ وڃائيندي اها بوئرن جي جهوليءَ ۾ پوندي.“ قدامت پرستن به عام طور تي سندن ئي روش اختيار ڪئي. لبرل ۽ ريڊيڪل عوام بهرحال جنگ جي عارضي وقفي ۾ اهو سمجهندي ته جنگ ختم ٿي وئي آهي. وڏي شدت سان پنهنجين پارٽين جي تائيد ڪرڻ لڳا. چونڊن ۾ سموري ملڪ ۾ سٺا مقابلا ٿيا. انهن ڏينهن ۾ قدامت پرستن کي انگريزي ووٽرن ۾ هڪ وڏي مستقل اڪثريت هوندي هئي. عام راءِ جو جهڪاءُ به انهن ڏانهن هو. تنهنڪري لارڊ سالسبري ۽ سندس رفيق، آئرستاني قومپرستن جي 80 ووٽن سميت سڀني مخالفن تي 134 جي اڪثريت سان چونڊجي آيا. برطانيا جي مک ٻيٽ تي ته انهن کي تمام وڏي اڪثريت ملي.
آءٌ انهيءَ فتح جي هر اول دستي ۾ بيٺو هوس. انهن ڏينهن ۾ اسان جي ڏاهي ۽ دورانديش قانون مطابق عام چونڊون ڇهن هفتن تي پکڙيل هونديون هيون. بجاءِ انهيءَ جي جو سڀئي ووٽر اکيون بند ڪري هڪ ڏينهن ووٽ وجهن ۽ ٻئي ڏينهن خبر پوين ته اهي ڇا ڪري آيا آهن؛ قومي مسئلن تي سچي پچي جنگ ڪئي ويندي هئي. قومي مسئلن تي بغير ڪنهن رک رکاءَ جي پر ڏاڍو تفصيلي ۽ ڏاڍي سچائي سان بحث مباحثو ٿيندو هو جنهن ۾ ٻنهي طرفن جا سرڪردا ماڻهو حصو وٺندا هئا. ڪنهن به چونڊ حلقي جا ووٽر تعداد جي لحاظ کان تمام گهڻا نه هوندا هئا ۽ ڪنهن به اميدوار جا جيڪي به حمايتي کيس ٻڌڻ چاهيندا هئا ته هو انهن کي ڪنهن جاءِ تي آڻي تقرير ڪري سگهندو هو. ڪنهن نامور شخص جي وڏي تقرير تي گهڻو ڪري سمورو حلقو يا ويندي شهر به مِڙي ايندو هو. ڄاتل سڃاتل ۽ تجربيڪار سياستدانن جون تقريرون سڀني اخبارن ۾ مڪمل طور ڇاپيون وينديون هيون ۽ اهي وسيع طبقن ۾ پڙهيون وينديون هيون. اهڙي طرح بي لچڪ بحث مباحثي جي عمل مان گذري ۽ ڪڇيل قدم کڻي قومي فيصلن تي پهچبو هو.
انهن ڏينهن واري هڻ وٺ واري سياست ۾ سڀ کان پهريان ايندڙ چونڊ نتيجن جو ڏاڍي شديد دلچسپي سان انتظار ڪيو ويندو هو. اولڊهام ووٽ وجهندڙ تقريباً سڀ کان پهريون حلقو هوندو هو. مون انهيءَ پليٽ فارم تان چونڊ وڙهي ته جنگ حق تي هئي ۽ ضروري هئي. لبرل انهيءَ جي مخالفت ۾ غلطي تي هئا ۽ ڪيترن ئي طريقن سان انهيءَ ۾ رڪاوٽون وڌيون هئائون ۽ اهو ته انهيءَ کي جاري رکي ڪنهن غير تڪراري نتيجي تي پهچائڻ ضروري هو ۽ انهيءَ کان پوءِ ڪو کليءَ دل وارو ٺاهه ٿيڻ گهرجي. هاڻي سي بي ڪرائسپ (C.B. Crisp) نالي لنڊن شهر جو هڪ واپاري منهنجو نئون شريڪ ڪار هو. مسٽر ماڊسلي هاڻي موجود نه رهيو هو. هو ڏاڍو ڳرو مڙس هو ۽ چيني جي هڪ ٿان ۾ وهنجي رهيو هو ته اهو سندس بار سبب ڀڄي پيو جنهن سان کيس ڪيترائي زخم آيا هئا جن وگهي هو آخرڪار فوت ٿي ويو. منهنجن مخالفن مسٽر ايماٽ (Mr. Emmott) ۽ مسٽر رنسني مان (Runciman) لارڊ روز بيري جي جنگ ڏانهن رويي کي پنهنجي مخالفت جو مرڪز بنايو. يعني انهن جنگ ۾ ته ملڪ جي حمايت ٿي ڪئي پر اهو الزام هڻي رهيا هئا ته قدامت پرست پارٽيءَ جنگ ۾ وڏي نااهلي کان ڪم ورتو هو. ظاهر آهي ته لبرل بلڪل مختلف غلطيون ڪن ها. انهن جو رايو هو ته لبرل پنهنجي سفارتڪاريءَ ۾ اهڙي حرفت کان ڪم وٺن ها جو شايد جنگ جي نوبت ئي نه اچي ها ۽ جنگ جا سڀئي مقصد خون خرابي کان سواءِ حاصل ٿي وڃن ها. انهن سڀني ڳالهين جو بنياد ته بهرحال زباني دعوائن تي ئي هو. آءٌ انهيءَ جو جواب اهو ڏيندو هوس ته جنگ ڀلي ڪيتري به خراب انداز ۾ ڇو نه هلي هجي پر اسان هاڻي ڪاهه ڪندڙن کي پوئتي ڌڪي ۽ انهن جي ٻنهي گادي جي هنڌن قبضو ڪري ڇڏيو هو. قدامت پرست پارٽي سموري ملڪ ۾ اها سوچ پيش ڪندي رهي ته هيءَ خاص چونڊ آهي جيڪا جنگ جي حق تي هئڻ واري واحد قومي مسئلي تي ٿي رهي آهي ۽ اهو مڪمل فتح حاصل ڪرڻ لاءِ محب وطن ماڻهن کي عام رواجي طبقاتي، جماعتي ۽ فرقيواراڻن اختلافن کي وساري ڇڏڻ گهرجي. انهيءَ وقت منهنجي دلي سوچ اها ئي هئي.
مسٽر چيمبرلين خود منهنجي جلسي ۾ تقرير ڪرڻ آيو. انهيءَ وقت ماڻهن ۾ هن لاءِ ايترو جوش ۽ جذبو هو جيترو مسٽر لائيڊ جارج ۽ سر ڊگلس هيگ کي جنگ عظيم کان پوءِ گڏيل طور به نه مليو هو. تڏهن ساڳئي وقت تمام شديد مخالفت به ٿي رهي هئي پر مخالفت انهن جي دلين مان ساراهه کي مڪمل طور خارج نه ڪيو هو. اسين پنهنجي عظيم جلسي ۾ هڪ کليل گاڏيءَ ۾ گڏجي روانا ٿياسين. ٿيٽر اسان جي دوستن سان ڀريو پيو هو جڏهن ته مخالف انهيءَ جي رستن تي ميڙ ڪيون بيٺا هئا. ٿيٽر جي دروازي وٽ اسان جي گاڏي ڪجهه منٽن لاءِ تمام وڏن مخالفن جي ميڙ ۾ ڦاسي پئي جيڪي زور سان رڙيون ۽ هوڪرا ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجي ملڪ جي اهڙي مشهور ماڻهو کي ڏسڻ جي خوشي ۾ ڏند به ڪڍي رهيا هئا جنهن جي مخالفت ڪرڻ سندن حق ۽ فرض هو. مون پنهنجي معزز مهمان کي پوري ڌيان سان پئي ڏٺو. هن کي ماڻهن جي ميڙ جا آواز ڏاڍا وڻندا هئا. تڏهن منهنجي پيءَ وانگر هو به اهوئي چوي ها ته ”مون کي انگريزن جي جمهوريت کان ڪڏهن به ڪو ڊپ نه آهي“. جوش ۾ سندس ڳلن تي لالاڻ اچي وئي ۽ سندس اکيون منهنجي اکين سان چار ٿيڻ وقت ڏاڍي خوشيءَ ۾ ٽمڪي رهيون هيون. مون کي اها وضاحت ضرور ڪرڻ گهرجي ته انهن ڏينهن ۾ اسان وٽ اهڙي حقيقي سياسي جمهوريت هوندي هئي جنهن جي اڳواڻي اخبارن مان اثر وٺندڙ ڦرڻي گهرڻي عوام بجاءِ منظم سياستدانن جي هٿن ۾ هوندي آهي. تڏهن اهڙو سرشتو موجود هوندو هو جنهن ۾ سياستدان، ووٽر ۽ پريس سڀ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪندا هئا. جلسي دوران اسين سڀ مسٽر چيمبرلين جو ضبط ڏسي حيران ٿي وياسين. سندس جهيڻي اطمينان ڀريل آواز ۽ چڀندڙ منطقي جملن وڏو اثر پيدا ڪيو. اها ڳالهه آهي ته هو اڪثر جملن لاءِ ڌيان سان نوٽ لکي آيو هو. هن هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ تقرير ڪئي. حاضرين سندس انهيءَ ڳالهه تي ڏاڍو خوش ٿيا ته هن کان جڏهن ڪنهن حقيقت يا ڪنهن انگ اکر بيان ڪرڻ ۾ ڪا اهڙي غلطي پئي ٿي وئي جنهن سان سندس مخالفن کي ڪو نقصان پهچي سگهيو ٿي ته هن اهو چئي انهيءَ کي درست پئي ڪيو ته کيس ڪنهن سان به ناانصافي نه ڪرڻ گهرجي. اهي سڀ ڳالهيون برطانوي سياسي نظام جو پاڻياٺجڻ شروع ٿيڻ کان اڳ جون آهن.
اسين جڏهن ووٽ ڳڻڻ آياسين ته اها ڳالهه واضح ٿي وئي ته لبرل ۽ ليبر ٻنهي کي اولڊهام ۾ مضبوط اڪثريت حاصل هئي. ڪُل تقريباً ٽيهه هزار ووٽن مان مسٽر ايماٽ سڀني کان مٿي هو. پر خبر پئي ته تقريباً ٻه سو لبرل اهڙا هئا جن کيس ووٽ ڏيڻ کانپوءِ شخصي خيرخواهي يا جنگي جذبي تحت پنهنجو ٻيو ووٽ مون کي ڏنو هو. تنهنڪري مون مسٽر رنسي مان کي ٻئي نمبر تان هٽائي ڇڏيو ۽ 230 ووٽن جي پوري ساري فرق سان هائوس آف ڪامنز جو ميمبر چونڊجي ويس. آءُ پنهنجن دوستن سان گڏ ماڻهن جي گوڙ شور مان ٿيندو (Conservative Club) اچي پهتس. اتي لارڊ سالسبري طرفان واڌايون اڳيئي منهنجو انتظار ڪري رهيون هيون. پيرسن وزيراعظم نتيجو ٻڌڻ لاءِ ٽيليفون هٿ ۾ کنيو يا ان جي بلڪل ويجهو ويٺو هوندو. پوءِ ته ملڪ جي هر حصي مان خوشين سان ڀريل ۽ تعريفي پيغامن جو درياء وهندو آيو. انهيءَ کان پوءِ آءُ سڀ کان بهترين چونڊجي آيل ميمبر سمجهيو وڃڻ لڳس. ملڪ جي هر حصي مان منهنجي طلب ٿيڻ لڳي. ايندڙ رات مون کي لنڊن ۾ تقرير ڪرڻي هئي ۽ انهيءَ کان پوءِ واريون ٻه راتيون مسٽر چيمبرلين برمنگهم جي علائقي لاءِ گُهري ورتيون هيون. آءُ اڃان انهن ڪمن ۾ ئي مصروف هوس جو مسٽر بالفور جي ماڻهو مون کي ريل گاڏي تي اچي نياپو ڏنو ته سندس خواهش آهي ته آءُ پنهنجي لنڊن واري مصروفيت ڪينسل ڪري فوراً مانچيسٽر موٽي اچان ۽ انهي شام هن سان گڏ تقرير ڪري انهيءَ رات جو اسٽاڪ پورٽ ۾ چونڊ مهم کي پڄاڻي تي پهچايان. مون سندس حڪم جي پوئواري ڪئي.
آءُ جڏهن پهتس ته مسٽر بالفور چڱي خاصي مجمع کي خطاب ڪري رهيو هو. آءُ داخل ٿيس ته سڀئي ماڻهو اٿي بيٺا ۽ نعرا هڻڻ لڳا. هائوس آف ڪامنز جي ليڊر پنهنجي وڏي رک رکاء واري انداز ۾ حاضرين جي سامهون منهنجو تعارف ڪرايو. انهيءَ کان پوءِ مون تمام وڏن مجمعن آڏو ئي تقريرون ڪيون جن ۾ پنج يا ڇهه هزار وڏي دلچسپي رکندڙ ووٽر تمام بهترين هالن ۾ گڏ ٿي ويهندا هئا جيڪي اهم مسئلن کان چڱي طرح واقف به هوندا هئا. انهيءَ سان گڏوگڏ پارٽي جا وڏا معزز ٿنڀ ۽ پارليامينٽ جا ميمبر به حمايتي ٿي پليٽ فارم تي ويهندا هئا. انهيءَ چونڊ ۽ انهيءَ کان پوءِ لڳ ڀڳ هڪ نسل تائين آءُ اهڙن تجربن مان گذرندو رهيس. مون مسٽر چيمبرلين سان هاءِ بري (Highbury) ۾ ٻه ڏينهن گذاريا. هن انهن مان هڪ سمورو ڏينهن بستري ۾ آرام ڪندي گذاريو. پر آءُ جڏهن مڊلينڊ جي علائقي ۾ خاص ريل گاڏي تي چڙهي ٽن گڏجاڻين مان ٿي آيس ته هو مون سان تمام سٺي موڊ ۾ رات جي ماني تي مليو. جتي 34 پورٽ جي بوتل به موجود هئي. آءُ ٽي هفتا ملڪ ۾ فاتحانه انداز ۾ گهمندو رهيس. پارٽي جا مينيجر تمام اهميت وارين سيٽن تي وڃڻ لاءِ منهنجي چونڊ ڪندا هئا. ڪيتريون ئي ڪاميابيون منهنجي پٺيان هلنديون رهيون. هاڻي منهنجي عمر چوويهه ورهيه هئي. آءُ جنهن منزل تي پهچي چڪو هوس انهيءَ کي ڪمال سمجهڻ ڪيتريقدر صحيح هو؟ پر چڱو ٿيو جو زندگي ايتري سولي نه آهي. نه ته اسين انتها تي پهچڻ ۾ دير ئي نه ڪريون.
بهرحال، لڳو پئي ته اڃان ٻه اهم قدم کنيا وڃڻا هئا. پهريون ته ايترو پئسو گڏ ڪرڻو هو جيئن آءُ ٻيو ڪو ڪم ڪرڻ کانسواءِ پورو ڌيان سياست تي ڏئي سگهان. سائوٿ آفريقا مان منهنجي جنگي خط و ڪتابت تي ٻڌل ٻن ڪتابن ۽ دريائي جنگ (The River War) جي وڪري مان ٿيل آمدني سان گڏوگڏ مون کي مارننگ پوسٽ مان جيڪو ڏهن مهينن جو 2500 پائونڊ پگهار مليو هو. انهيءَ مان مون وٽ جملي 4500 پائونڊ کان وڌيڪ رقم ٿي وئي هئي هاڻي انهيءَ محفوظ سرمايي ۾ واڌارو ڪرڻ جو موقعو اچي ويو هو. مون سرءُ ۽ سياري جي موسم پنهنجي ملڪ ۽ آمريڪا ۾ ليڪچر ڏيڻ جو پلان ٺاهي ڇڏيو هو. چونڊ ختم ٿيندي ئي انگلينڊ جو ٽوئر شروع ٿي ويو. آءُ اڳيئي گذريل پنج هفتا روز رات جو تقريرون ڪري چڪو هوس. هاڻي مون کي اڍائي مهينن تائين ساڳيا ڪشالا ڪڍڻا هئا جن ۾ سمنڊ ٽپي آمريڪا وڃڻ لاءِ فقط هڪ هفتي جي سفر واري وِٿي اچڻي هئي. انگلينڊ ۾ ليڪچر بلڪل ڪامياب رهيا. پهرئين ليڪچر جي صدارت لارڊ ولسلي (Wolsely) ڪئي ۽ پوءِ جيئن آءُ هڪ شهر کان ٻئي شهر ويندو رهيس ته ٽنهي بادشاهتن جي ٻنهي سياسي پارٽين جون عظيم ترين شخصيتون منهنجن پروگرامن جي صدارت لاءِ اينديون رهيون. آءُ جتي به ويندو هوس ملڪ جا سڀ کان وڏا هال دوستاڻن ماڻهن جي ميڙن سان ڀرجي ويندا هئا جن جي سامهون آءُ پنهنجون مهم جوئيون ۽ فرار جا واقعا بيان ڪندو هوس. مون ڪنهن به رات ورلي هڪ سو پائونڊن کان گهٽ ڪمايا نه ته گهڻو ڪري وڌيڪ ڪمائيندو هوس. لور پولي جي ”فِل هارمونڪ هال“ (Philharmonic Hall) ۾ مون ٽي سو پائونڊن کان وڌيڪ گڏ ڪيا. مون نومبر جي مهيني ۾ برطانيا جي اڌ کان به وڌيڪ حصي جو سفر ڪري مجموعي طور 450 پائونڊن کان وڌيڪ ڪمائي ورتا.
پارليامينٽ جو اجلاس ڊسمبر جي شروعاتي ڏينهن ۾ ٿيڻو هو ۽ مون کي هائوس آف ڪامنز ۾ پنهنجي سيٽ وٺڻ جي به ڏاڍي سَڌ هئي. پر ايٽلانٽڪ سمنڊ پار ڪري ڏنل وقت مطابق ليڪچر به ڏيڻا هئا. آمريڪا ۾ بلڪل مختلف ماحول لڳو پيو هو. مون کي اهو ڏسي حيرت ٿي ته ڪيترائي خوش مزاج ۽ مهمان نواز آمريڪي جن ساڳئي زبان ڳالهائي ٿي ۽ بنيادي ڳالهين ۾ بلڪل اسان وانگر ڏسڻ ۾ پئي آيا پر اهي سائوٿ آفريقي جنگ بابت ايترا پُرجوش نه هئا جيترا اسين پنهنجي ملڪ ۾ لڳا پيا هئاسين. وڏي ڳالهه ته انهن مان گهڻن ماڻهن جو خيال هو ته بوئر حق تي هئا ۽ آئرستاني به هر جاءِ تي اچي سرگرمي سان مخالفت ڪندا هئا. حاضرين جو تعداد به هر هنڌ مختلف هوندو هو. بالٽيمور ۾ جنهن هال ۾ 5000 ماڻهو اچي سگهن ها اتي فقط ٻه ٽي سو ماڻهو آيا. ٻئي طرف وري بوسٽن ۾ برطانيه جي حمايت ۾ هڪ تمام وڏو مظاهرو ٿيو ۽ فريموٽ هال ڏانهن ويندڙ رستا به ماڻهن سان ڀرجي ويا. هتي ڪنهن اينگلو آمريڪن سوسائٽي سان لاڳاپيل 300 ماڻهو ڳاڙهي رنگ جون ورديون پهري پليٽ فارم تي ويٺا هئا ۽ گڏجاڻي جو مجموعي تاثر ڏاڍو شاندار هو. شڪاگو ۾ وري مون کي ڏاڍي پُرشور مخالفت کي منهن ڏيڻو پيو. بهرحال مون جڏهن پاڻ تي هڪ ٻه چرچا ڪيا ۽ بوئرن جي همٿ ۽ انسان دوستي تي کين دل کولي داد ڏنو ته اهي ٿڌا ٿي ويا. مجموعي طور مون کي آمريڪي حاضرين کي پنهنجو دوست ڪري وٺڻ ۾ ڏاڍي سولائي ٿيندي هئي. اهي ٿڌا ۽ تنقيدي سوچ رکڻ سان گڏوگڏ خوش اخلاق ۽ سٺي طبيعت وارا پڻ هئا.
منهنجن سفرن دوران مون کي ناميارن آمريڪين جي مدد حاصل رهي. مسٽر بورڪ ڪوڪران، مسٽر چانسي ڊيپيو ۽ ٻين سرڪردن سياستدانن منهنجي جلسن جي صدارت ڪئي ۽ نيويارڪ ۾ منهنجو افتتاحي ليڪچر مارڪ ٽئين (Mark Twain) جهڙي شخصيت جي سرپرستي ۾ ٿيو. آءُ پنهنجي نوجواني جي انهيءَ مشهور ساٿي کي ڏسي جوش ۾ ڀرجي ويس. هاڻي هو ڏاڍو پوڙهو ٿي ويو هو ۽ وار برف جهڙا اڇا ٿي ويا هئس. سندس اٿي ويٺيءَ ۾ شانائتو رک رکاء هو ۽ ڏاڍي وڻندڙ نموني گفتگو ٿي ڪيائين. اسان جنگ بابت به ڳالهيون ٻولهيون ڪيون. پر ڪجهه ڏي وٺ کان مون ڀڄي وڃي ”منهنجو ملڪ، صحيح يا غلط“ واري قلعي ۾ پناه ورتي. مانائتي پيرسن چيو ته ”هائو! جڏهن ويچارو ملڪ پنهنجو وجود بچائڻ لاءِ وڙهي رهيو هجي ته آءُ اها ڳالهه مڃان ٿو. پر توهان جي مسئلي ۾ اها صورتحال نه آهي.“ بهرحال منهنجي خيال ۾ ته مون هن کي ناراض نه ڪيو هو. جو هن منهنجي درخواست تي مهرباني ڪري پنهنجا ٽيهه ئي ڪتاب پنهنجي صحيح ڪري ڏنا ۽ پهرئين ڪتاب تي هيءَ چوڻي لکي ڏني. جنهن جو مطلب منهنجي خيال ۾ ته هلڪي تنبيهه ڪرڻ هو ته چڱائي ڪرڻ ڀلو ڪم آهي، ٻين کي نيڪي ڪرڻ جي تعليم ڏيڻ اڃان ڀلو ڪم آهي ۽ انهيءَ ۾ ڪو جوکو به نه آهي.

(To do good is noble, to teach others, to do good is nobler and no trouble)

اسين جڏهن سرحد ٽپي ڪينيڊا ۾ آياسين ته (آمريڪي حاضرين جون ڳالهيون) ماٺ ميٺ ۾ برداشت ڪرڻ وارو ماحول تبديل ٿي ويو. هتي وري ساڳيا ماڻهن جا پُرجوش ميڙ موجود هئا جن سان آءُ پنهنجي ملڪ ۾ سولائي سان عادي ٿي ويو هوس. پر افسوس جو آءُ اهڙين جذبا جاڳائيندڙ جاين تي فقط ڏهه ڏينهن گذاري سگهيس. جنوري مهيني جي وچ ۾ آءُ پنهنجي ملڪ موٽيس ۽ پنهنجي شهرن جو دورو شروع ڪيم. مون جڏهن السٽر هال ۾ تقرير ٿي ڪئي ته مانواري لارڊ ڊفرن منهنجو تعارف ڪرايو. هن کان بهتر نموني ٻيو ڪير تعريف ڪري ئي نه سگهي ها. پراڻي فيشن واري تلفظ ۾ چيل سندس لفظ هاڻي به منهنجي ڪنن ۾ ٻُري رهيا آهن. ”هن نوجوان جي هم عمرن اڃان پنهنجي تعليم به مشڪل سان پوري ڪئي هوندي پر هيءَ ايتري عمر ۾ يورپ جي اڌ جنرل آفيسرن جي برابر جنگي تجربو حاصل ڪري چڪو آهي.“ اها ڳالهه اڳ ۾ منهنجي ذهن ۾ نه آئي هئي. اها به سٺي ڳالهه هئي.
جڏهن فيبروري جي وچ ۾ منهنجو سفر پورو ٿيو ته آءُ ٿڪجي پيو هوس. مون پنجن مهينن کان وڌيڪ عرصي تائين آچرن کان سواءِ تقريباً هر روز رات جو هڪ ڪلاڪ يا اڃان به وڌيڪ وقت تقريرون ڪيون هيون ۽ مسلسل سفر ۾ رهيو هوس. آءُ سفر به عام طور رات جو ڪندو هوس ۽ ورلي ئي ساڳئي بستري ۾ ٻه دفعا سمهيو هوندس. جڏهن ته انهيءَ کان اڳ هڪ سال مارچ ڪندي ۽ لڙائي ۾ گذريو هو. جنهن ۾ ورلي ئي ڪڏهن سمهڻ لاءِ ڇت يا هنڌ بسترو مليو هوندو. پر نتيجا چڱا سٺا مليا. تقريباً ڏهه هزار پائونڊ منهنجي ملڪيت ۾ اچي ويا. هاڻي آءُ بلڪل خود مختيار هوس ۽ مستقبل بابت ڪا به ڳڻتي نه هئي ۽ ڪيترا سال سياست ڪرڻ کان سواءِ ڪو به ڪم نه هو. مون پنهنجا ڏهه هزار پائونڊ پنهنجي پيءُ جي پراڻي دوست سر ارنيسٽ ڪاسل ڏانهن انهيءَ هدايت سان اماڻي ڇڏيا ته ”منهنجي رڍن کي کاراءِ پيئار.“ هن منهنجي رڍن جي کاڌ خوراڪ ۾ ڏاڍي دانشمندي کان ڪم ورتو. انهن جي تعداد ۾ تڪڙي واڌ ته نه آئي پر اهي لڳاتار متاريون ٿينديون ويون ۽ انهن مان ڪا به مري نه وئي. انهن سال بسال ڪجهه گهيٽڙا به ڏنا پر اهي ڪي ايترا گهڻا نه هئا جو آءُ انهن تي گذران ڪري سگهان. مون کي هر سال هڪ يا ٻه رڍ کائڻي به پئي ٿي تنهنڪري منهنجو ڌڻ آهستي آهستي ننڍڙو ٿيندو ويو ايستائين جو اهو سمورو ختم ٿي ويو. بهرحال اهو جيترو به وقت موجود رهيو مون کي ڪا به ڳڻتي ڪرڻي نه پئي.

باب پنجويهون: هائوس آف ڪامنز House of Commons

پارليامينٽ جو وري فيبروري جي آخر ۾ اجلاس ٿيو ۽ بنا دير شديد بحث مباحثا شروع ٿي ويا. انهن ڏينهن ۾ هائوس آف ڪامنز جي ڪاروائي مڪمل طور پريس ۾ رپورٽ ٿيندي هئي ۽ ووٽر اها ڌيان سان پڙهندا هئا. وڏي اهميت وارن مسئلن تي ٽي ڏينهن هلندڙ بحث ۾ وڏي جوش خروش سان تقريرون ٿينديون هيون. انهيءَ دوران سڀئي مک مقرر پنهنجو موقف پيش ڪندا هئا ۽ انهن جي پڄاڻي تي سڀني پارٽين کي پنهنجي طاقت جو اندازو ٿي ويندو هو. هائوس جو اجلاس اڌ رات تائين هلندو هو ۽ ساڍي نائين وڳي کان پوءِ انهيءَ ۾ تقريباً سدائين وڏي رش هوندي هئي. هائوس جي ليڊر طور مسٽر بالفور جي اها عادت هوندي هئي ته تقريباً هر اهم مسئلي تي بحث کي سميٽيندي آخري تقرير ڪندو هو ۽ مخالف ڌر جا اهم ماڻهو يارهين کان ٻارهين وڳي تائين تفصيلي جواب ٻڌندا هئا. ليڊرن طرفان ڳالهه مڪمل ڪرڻ کان پوءِ جيڪو به ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪندو هو انهيءَ کي گوڙ شور ڪري ماٺ ڪرايو ويندو هو.
انهيءَ مشهور اسيمبلي جي بحثن ۾ حصو وٺڻ هڪ اعزاز هوندو هو جنهن صدين تائين بي شمار خطرن ۾ انگلينڊ جي رهنمائي ڪئي هئي. مون جيتوڻيڪ ڪيترائي مهينا حاضرين جي وڏن مجمعن آڏو تقريرن ڪرڻ کان سواءِ ڪو به ڪم نه ڪيو هو پر هن ڪم لاءِ آءُ پاڻ کي وڏي شوق ۽ هيبت جي احساس سان تيار ڪري رهيو هوس جو انهي کي مون هڪ وڏي آزمائش سمجهيو ٿي. آءُ جيئن ته سياري واري مختصر سيشن ۾ موجود نه رهيو هوس تنهنڪري آءُ اجلاس ۾ تقرير ڪرڻ کان اڳ فقط چار ڏينهن پنهنجي سيٽ تي ويٺو هوس. مون کي هاڻي اهو ٻڌائڻ جي ضرورت نه آهي ته مون تقرير تيار ڪرڻ لاءِ ڪيتريون نه تڪليفون ورتيون هيون ۽ تياري جو ڪم لڪائڻ لاءِ ڪيتريون نه ڪوششون ڪيون هيون. تقريرن ۾ جنگ جي مکيه مسئلي تي بحث ٿي رهيو هو ۽ اهو اهڙو مسئلو هو جنهن بابت مون پاڻ کي ڪا صلاح يا راءِ ڏيڻ جي اهل سمجهيو ٿي. مون ڪيترن دوستن طرفان ملندڙ صلاحن کي به ذهن ۾ رکيو هو. ڪجهه دوستن چيو ته: ”ايتري تڪڙ نه ڪر، ٻه ٽي مهينا ترسي ايوان کان واقف ٿيءُ.“ ٻين جو وري چوڻ هو ته: ”هيءُ تنهنجو موضوع آهي، اهو موقعو هٿان نه وڃاءِ.“ مون کي انهيءَ ڳالهه کان به خبردار ڪيو ويو ته هن موقعي تي هر ڪو ماڻهو خيرسگاليءَ جي جذبن جو اظهار ڪرڻ گهري ٿو انهي تي آءُ تڪڙي ڳالهه ڪري متان ايوان کي ڪاوڙائي نه ويهان. مون کي معمولي ۽ عام رواجي ڳالهيون ڪرڻ کان به هوشيار ڪيو ويو. پر سڀ کان سٺي صلاح مسٽر هينري چيپلن ڏني جنهن پنهنجي گرجدار آواز ۾ چيو ته: ”ڳالهائڻ ۾ تڪڙ نه ڪر. پنهنجو ڪيس کولي بيان ڪر. جيڪڏهن تون وٽ ڳالهائڻ لاءِ ڪجهه آهي ته ايوان ضرور ٻڌندو.“
مون کي خبر پئي ته لائيڊ جارج نالي ويلز جو هڪ اڀرندڙ نوجوان جيڪو بوئرن جو حمايتي آهي ۽ ايوان ۾ لبرل پارٽي جي ليڊرن لاءِ ڏاڍا مسئلا پيدا ڪري ٿو انهيءَ کي تقرير ڪرڻ لاءِ شايد ته نائين وڳي وارو ڏنو ويندو. هن وٽ پورن سارن لفظن ۾ ڪاغذ تي لکيل هڪ ترميم به هئي پر اها پڪ نه هئي ته هو اها پيش ڪندو يا نه. مون سوچ ڪئي ته مون کي سندس ڳالهه جي پٺيان ڳالهه ڪرڻ جو موقعو ملي سگهي ٿو. انهن ڏينهن ۾ ۽ حقيقت ۾ ته ڪيترن سالن تائين آءُ اڳواٽ لکڻ ۽ اهو ياد ڪرڻ کانسواءِ ڪجهه نه ڳالهائي سگهندو هوس (ڪو هڪ اڌ جملو يا وچ ۾ ڪنهن کي جواب ڏيڻ ٻي ڳالهه آهي). يونيورسٽين جي نوجوانن کي ڊبيٽنگ سوسائيٽين ۾ هر قسم جي موضوعن تي ڳالهائڻ جي جيڪا مشق هوندي آهي اها مون کي ڪڏهن به حاصل نه ٿي سگهي. مون کي اڳواٽ سوچ ويچار ڪرڻي پوندي هئي ته صورتحال ڪهڙا رُخ اختيار ڪري سگهي ٿي. پوءِ مختلف حالتن مطابق مختلف ڳالهيون تيار رکندو هوس. تنهنڪري هاڻي به آءُ مختلف نمونن ۽ سائيزن جو هڪ ترڪش تيار ڪري آيس. مون کي اميد هئي ته انهن مان ڪجهه نه ڪجهه نشاني تي لڳي ويندو. جيئن ته اها خبر نه پئي پوي ته مسٽر لائيڊ جارج ڇا ڪندو تنهنڪري منهنجي ڳڻتي وڌندي پئي وئي. مون کي اميد هئي ته مون جيڪي سٽون تيار ڪيون آهن اهي سندس ڳالهين جي پٺيان چڱي طرح هلي وينديون.
آخرڪار اهو وقت به اچي پهتو. آءُ سيٽن جي وچ واري رستي جي ڪنڊ تي وزيرن جي بلڪل پٺيان ويٺو هوس. هن ئي سيٽ تان منهنجي پيءُ پنهنجي استعفا واري تقرير ڪئي هئي. منهنجي کاٻي طرف وڏو پارلياماني تجربو رکندڙ مسٽر ٿامس گبسن بائولز (Thomas Gibson Bowles) ويٺو هو. نائين وڳي ڌاران ايوان ڀرجڻ شروع ٿي ويو. مسٽر لائيڊ جارج مخالف ڌر واري پاسي کان ٽئين نمبر سيٽ تان اٿي تقرير ڪئي. هن جي آسپاس ويلز ۽ ريڊيڪلز جو هڪ گروه ويٺو هو ۽ کيس آئرش نيشنلسٽ پارٽي جي حمايت پڻ حاصل هئي. هن بنا دير اها ڳالهه ٻڌائي ڇڏي ته هو پنهنجي ترميم پيش ڪرڻ جو ارادو نه ٿو رکي ۽ مکيه مسئلي بابت ڳالهائيندو. سندس حامين جي تاڙين سندس همٿ وڌائي ڇڏي ۽ هو جلد ئي جوش ۽ ڪاوڙ ۾ اچي ويو. آءُ مسلسل جملن پٺيان جملا گهڙيندو رهيس جيئن هن جي ويهڻ کان پوءِ سندس ڳالهين جو جواب ڏيندو وڃان. پر اهي سڀئي ڪڙيون واري وٽي سان بيڪار ٿينديون پيون وڃن. هاڻي مون ۾ خطري ۽ مايوسي جو احساس پيدا ٿيڻ لڳو. تڏهن مسٽر بائولز منهنجي ڪن ۾ ڀڻڪاٽ ڪيو: ”تون ائين کڻي چئجانءِ ته هن پنهنجي وچٿري ترميم پيش ڪرڻ بجاءِ تيز تقرير ڪئي آهي. هن لاءِ بهتر اهو هو ته هو پنهنجي تيز تقرير ڪرڻ بجاءِ وچٿري ترميم پيش ڪري ها.“ انڌو گهري هڪ اک، مون کي ٻه ٿي مليون! اوچتو مون پنهنجي مخالف کي اهي لفظ چوندي ٻڌو ته هو پنهنجي ڳالهه مختصر ڪري رهيو آهي جو کيس پڪ آهي ته ايوان نئين ميمبر کي ٻڌڻ چاهي ٿو. انهيءَ بامروت ادا سان هو بنا دير پنهنجي سيٽ تي ويهي رهيو.
مون کي خبر ئي نه پئي ته الائي ڪيئن اٿي بيٺس ۽ ٽومي بائولز جو جملو پڙهي ڇڏيم. ايوان ۾ وڏي واه واه ٿي وئي. آئرستاني- جن کان مون کي نفرت ڪرڻ سيکاري وئي هئي- ڏاڍا سٺا حاضرين ثابت ٿيا. انهن بلڪل اهڙي مخالفت مهيا ڪئي جنهن سان مدد ملي ۽ اهڙي ڪا به ڳالهه نه ڪئي جيڪا انهن جي خيال ۾ تقرير ۾ رخنو وجهي. مون جڏهن انهن تي هڪ چرچو ڪيو ته به اهي بلڪل نه ڪاوڙيا. پر مون جڏهن هي لفظ چيا ته ’بوئر جيڪي ميدان تي جنگ ڪري رهيا آهن ۽ آءُ به جيڪڏهن بوئر هجان ها ته آءُ سمجهان ٿو ته آءُ به ميدان تي لڙائي ۾ مصروف هجان ها...‘ ته مون کي حڪومتي بينچن تي ڪجهه چُرپر محسوس ٿي. مسٽر چيمبرلين پنهنجي ڀرسان ويٺل ميمبر کي ڪجهه چيو جيڪو آءُ ٻڌي نه سگهيس. پوءِ جارج وائينڊهام مون کي ٻڌايو ته هن هي لفظ چيا هئا: ”واٽ ويندڙن کي ائين سيٽون ڏبيون آهن.“ پر هاڻي مون کي ڪنارو ويجهو پئي نظر آيو ۽ آءُ زور سان ٻانهون هڻندو ڦٿڪي سٽڪي مٿي چڙهي ته آيس پر ساهه هيٺ مٿي لڳو پيو هو ۽ ڄڻ ته پگهر ۾ شل لڳو پيو هوس پر جان بچي وئي هئي. هر ڪنهن همدردي جو اظهار ڪيو. سامت ۾ آڻيندڙ معمول واريون ڳالهيون ڪم آنديون ويون ۽ آءُ ڪجهه دير ڄڻ ته بيهوشي واري حالت ۾ ويٺو رهيس جيستائين وڃي توانائي ملي ۽ گهر روانو ٿيس. عام راءِ به ناموافق هئي. جيتوڻيڪ گهڻن ماڻهن سمجهيو پئي ته آءُ اها ياد ڪري آيو هوس ته به منهنجي ڪيل محنت جي مدنظر انهيءَ کي درگذر ڪيو ويو. هائوس آف ڪامنز هاڻي جيتوڻيڪ ڏاڍو تبديل ٿي ويو آهي ته به اهو ڪنهن بارعب اجتماعي شخصيت وارو انداز برقرار رکيو ويٺو آهي. اهو اصل کان وٺي انهن ماڻهن جون ڪَميون ڪوتاهيون معاف ڪندو رهيو آهي جيڪي انهيءَ جا خدمتگار ٿيڻ کي پنهنجو فخر سمجهندا آهن.
انهيءَ تقرير کان پوءِ مون پهريون دفعو مسٽر لائيڊ جارج سان سڃاڻپ ڪئي. اسين هائوس آف ڪامنز جي بار ۾ هڪٻئي سان متعارف ٿياسين. خوش خير عافيت کان پوءِ هن چيو: ”تنهنجي جذبات مان معلوم ٿي رهيو آهي ته تون حالتن جي ابتڙ وڃي رهيو آهين.“ مون جواب ڏنو ته ”توهان برطانوي سلطنت کي بلڪل معروضي نظر سان ڏسي رهيا آهيو.“ اهڙي طرح هڪ اهڙي تعلق جي شروعات ٿي جيڪو ڪيترن ئي لاهن چاڙهن اچڻ جي باوجود برقرار رهيو.
مون انهيءَ پارليامينٽ واري دور ۾ ڪنزرويٽو بينچن تان ٻيون فقط ٻه واقعي ڪامياب تقريرون ڪيون ۽ اهي ٻئي انهيءَ جي بلڪل شروعاتي مهينن ۾ ڪيون. وار آفيس وارن ڪولوائيل (Colville) نالي ڪنهن جنرل کي جبرالٽر تي متعين برگيڊ جي ڪمان ڏني هئي. انهيءَ کان پوءِ اهي تقريباً هڪ سال اڳ سائوٿ آفريقا جي ڪنهن معرڪي ۾ سندس هلت چلت بابت غيرمطمئن ٿي پيا. جنهن جي حقيقتن کان اهي هاڻي واقف ٿيا هئا. تنهنڪري انهن کيس سندس ڪمان تان هٽائي ڇڏيو. مخالف ڌر جنرل جي مسئلي کي هٿ ۾ کنيو ۽ کيس دير سان ملندڙ سزا جي مذمت ڪئي. سوالن جوابن جي وقفي ۾ وڏو گوڙ شور ٿيو ۽ ايندڙ هفتي ۾ بحث لاءِ ڏينهن مقرر ڪيو ويو. آءُ هن ميدان مان چڱي طرح واقف هوس ۽ بهترين دفاعي پوزيشن چونڊڻ لاءِ مون وٽ وقت به ڪافي هو. بحث جي شروعات حڪومت لاءِ خراب نموني سان ٿي ۽ انهي تي هر طرف کان تنقيد ٿيندي وئي. انهن ڏينهن ۾ ڪنهن حڪومت لاءِ بحث ۾ واضح مار کائي وڃڻ ڏاڍو ڳنڀير معاملو هوندو هو. سمجهيو ويندو هو ته انهيءَ مان پارٽي کي نقصان پهچندو. وزير جيڪڏهن سمجهندا هئا ته جيڪڏهن هارڪورٽ، ايسڪئيٿ ۽ مارلي يا گري (Grey) مان ڪنهن سندس دفاعي لائين ۾ ڪو سوراخ ڪري وڌو آهي ته هو ڏاڍا پريشان ٿي ويندا هئا. انهيءَ تقرير ۾ منهنجي ڪاڪردگي سٺي رهي پر انهيءَ جو سبب اهو به هو ته مون خوش قسمتي سان ٿيندڙ بحث جو اڳواٽ ئي رخ سمجهي ورتو هو حقيقت ۾ ته مون حڪومت جو اهڙن دليلن سان دفاع ڪيو جيڪي مخالف ڌر کي دل سان لڳي رهيا هئا. قدامت پرست خوش ٿيا ۽ لبرل وارن واڌايون ڏنيون. جارج وائينڊهام جيڪو هاڻي آئرش سيڪريٽري ٿي ويو هو ۽ منهنجي انهيءَ سان ڏاڍي گهرائپ ٿي وئي هئي انهيءَ مون کي ٻڌايو ته اعليٰ ترين وزارتي حلقن ۾ منهنجي بابت ڏاڍيون سٺيون ڳالهيون ڪيون ويون آهن. مون کي سچي پچي نظر اچي رهيو هو ته آءُ ايوان ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي رهيو هوس.
انهيءَ دوران مون اهو به محسوس ڪيو ته آءُ ڪنزرويٽو پارٽي جي اڪثريتي سوچ جي بلڪل ابتڙ وڃي رهيو آهيان. آءُ جنگ جاري رکڻ ۽ انهيءَ کي سوڀائتي پڄاڻيءَ تي پهچائڻ جو حامي هوس. جنگ هاڻي وري بي ترتيب انداز ۾ ڀڙڪو کائي اٿي هئي. آءُ انهيءَ مقصد لاءِ فوج جو وڏو تعداد ڪم آڻيان ها ۽ موجوده سپاهين کان اڃان بهتر سپاهي ڪم آڻيان ها. آءُ هندستاني سپاهي پڻ ڪم آڻيان ها. مون ساڳئي وقت بوئرن جي دليراڻي مزاحمت جي به واکاڻ ٿي ڪئي ۽ پريس ۾ انهن کي جنهن غلط انداز ۾ پيش ڪيو ٿي ويو انهيءَ تي به افسوس جو اظهار پئي ڪيم. آءُ هڪ اهڙي باعزت امن جي اميد ڪيون ويٺو هوس جيڪو انهن بهادر ماڻهن ۽ انهن جي ليڊرن کي هميشه لاءِ اسان سان واڳي ڇڏي. آءُ فارم ساڙڻ کي نفرت جي قابل حماقت سمجهندو هوس ۽ ڪمانڊنٽ شيپرز (Scheepers) کي موت جي سزا ڏيڻ تي به احتجاج ڪيو هو. مون شايد ته ڪمانڊنٽ ڪروٽزنگر کي موت جي سزا کان بچائڻ لاءِ پردي جي پٺيان ڪجهه ڪردار ادا ڪيو هو. منهنجا اختلاف اڃان وسيع دائري ۾ پکڙجي ويا. مون کي سيڪريٽري آف اسٽيٽ فار وار جي هنن لفظن تي به ڪاوڙ آئي هئي ته: ”اسين اتفاقي طور فوجي قوم ٿي ويا آهيون. هاڻي اسان کي وڏيون ڪوششون ڪري فوجي ٿي رهڻو پوندو.“ منهنجو خيال هو ته اسان کي طاقت ۽ دريا دلي سان جنگ کي پڄاڻي تي پهچائي پوءِ جلد از جلد امن، سڌارن ۽ اسلحي ۾ تخفيف جي راهن ڏانهن وڃڻ گهرجي. مون کي جيتوڻيڪ تمام سٺن حلقن ۾ ڪنزرويٽو ليڊر سان ملاقات جو شرف ملندو رهندو هو ۽ مسٽر بالفور به سدائين مون سان وڏي مهرباني وارو سلوڪ ڪندو هو ۽ منهنجي جيتوڻيڪ مسٽر چيمبرلين سان به اڪثر ملاقات ٿيندي رهندي هئي ۽ آءُ کيس مختلف مسئلن تي وڏي آزادي سان بحث مباحثا ڪندي ٻڌندو هوس ته به آءُ مسلسل کاٻي ڌر ڏانهن لڙهندو ويس. مون اهو محسوس ڪيو ته روزبيري، ايسڪئيٿ، گري ۽ وڏي ڳالهه ته جان مورلي منهنجو نقطئه نظر منهنجن پنهنجن ليڊرن کان وڌيڪ سٺي نموني سمجهن ٿا. آءُ انهن ماڻهن جي فڪري قدبت ۽ عوامي مسئلن بابت انهن جي وسيع ۽ پرجوش نقطئه نظر تي موهجي ويس.
پڙهندڙ کي لازماً ياد هوندو ته ڪنهن يونيورسٽي نه وڃڻ سبب مون کي جواني وارن اهڙن بحث مباحثن ۾ شريڪ ٿيڻ جو موقعو نه مليو هو جن سان ڏاڍي آزاديءَ واري ماحول ۾ سوچ جي تشڪيل يا اصلاح ٿيندي آهي. آءُ اڳيئي هڪ ڄاتل سڃاتل عوامي شخصيت ٿي ويو هوس. گهٽ ۾ گهٽ مون ته پنهنجي چيل هر ڳالهه کي تمام وڏي اهميت ٿي ڏني ۽ اها گهڻو ڪري تمام وڏي پيماني تي اشاعت هيٺ به ايندي هئي. مون کي هاڻي اهو فڪر ٿي بيٺو ته ڪنزرويٽو پارٽي کي لبرل پارٽي جي رستن تي هلايان. آءُ جنگ حمايتي سوچ کان بغاوت ڪري بيٺس. منهنجي ذهن ۾ بوئرن بابت هڪ جذباتي سوچ هئي. آءُ پاڻ کي ڪيترين ئي ڳالهين ۾ ٻنهي پارٽين کان مختلف محسوس ڪرڻ لڳس. منهنجي ڪا تربيت به ٿيل نه هئي جو مون سمجهيو پئي ته منهنجو ڪم فقط اهو آهي ته سوچ ويچار ڪري ڏسان ته ڪهڙي ڳالهه درست آهي پوءِ انهيءَ کي بغير ڪنهن خوف جي بيان ڪري ڇڏيان. منهنجو خيال هو ته انهي بابت ديانتداري ٻين سڀني ديانتدارن کان وڌيڪ اهم آهي. مون کي پارٽي ڊسيپلين ۽ اتحاد ۽ پارٽي جي مفاد ۾ قانوني طور پنهنجي راءِ کان دستبردار ٿيڻ جي اهميت بابت ڪابه خبر نه هئي.
منهنجي ٽئين تقرير ڏاڍي اهميت واري هئي. مسٽر براڊرڪ سيڪريٽري آف اسٽيٽ فار وار پنهنجي هڪ اسڪيم جو اعلان ڪيو هو جنهن مطابق آرمي جي هڪ وڏي پيماني تي نئين سر تنظيم ڪئي وڃڻي هئي. هن جي تجويز هئي ته باقاعدي فوج، مليشيا ۽ رضاڪارن سميت سموري فوج جي ڇهن آرمي ڪورن ۾ تشڪيل ڪئي وڃي. مون فيصلو ڪري ڇڏيو ته (Army Estimates) جڏهن ايوان ۾ پيش ٿيندو ته آءُ انهيءَ جي مخالفت ڪندس. مون اها تقرير تيار ڪرڻ ۾ ڇهه هفتا لڳايا ۽ اها مڪمل طور ياد ڪري ڇڏي. بحث لاءِ ٻه ڏينهن مقرر ٿيل هئا. مون کي خوش قسمتي ۽ اسپيڪر جي مهرباني سان پهرئين ڏينهن يارهين وڳي ڳالهائڻ جو موقعو مليو. ٻارهين وڳي کان پوءِ ڪنهن ٻئي موضوع تي راءِ لاءِ ميمبرن جي ورهاست (Division) ٿيڻ کان اڳ مون وٽ هڪ ڪلاڪ هو. تنهنڪري ايوان جو هر حصو ڀريو پيو هو ۽ منهنجي سموري تقرير وڏي ڌيان سان ٻڌي وئي. مون پنهنجي تقرير ۾ نه فقط حڪومت جي پاليسي پر ڪنزرويٽو پارٽي جي سوچ ۽ رجحان تي به وڏا حملا ڪيا ۽ امن، خرچن ۽ ڪفايت ۽ هٿيار گهٽائڻ تي زور ڏنو. قدامت پرست حيرانگي سان مون ڏانهن ڏسڻ لڳا جڏهن ته مخالف ڌر دل کولي داد ڏنو تقرير طور ته اها ڳالهه ڪامياب وئي پر انهي سان منهنجي آسپاس وارين بينچن تي ويٺل تقريباً سڀني ماڻهن جون سوچون ۽ همدرديون مون کان جدا ٿي ويون. مون اها تقرير اڳواٽ ئي مارننگ پوسٽ ڏانهن موڪلي ڇڏي هئي ۽ اها ڇپجي به وئي هئي مون کي جيڪڏهن تقرير جو وارو ئي نه ملي ها يا وارو ملي ها پر آءُ اها ڪري ئي نه سگهان ها ته جيڪر الائي ڇا ٿئي ها! بهرحال اها ٿي وڃڻ کان پوءِ مون ڏاڍو سک جو ساه کنيو.
انهن ڏينهن ۾ اسان هڪ ننڍڙي پارليامينٽري سوسائٽي ٺاهي هئي جنهن تي The Hooligans جو نالو رکيو هو. انهيءَ ۾ لارڊ پرسي، لارڊ هيوسيسل، مسٽر آئين ميلڪوم، مسٽر آرٿر اسٽينلي ۽ آءُ شامل هئاسون. اسين هر خميس تي ڊنر ايوان ۾ ڪندا هئاسون ۽ سدائين ڪنهن نامياري مهمان کي دعوت ڏيندا هئاسين. اسين ڪڏهن ڪڏهن ڊبليو. جي. بريان (W. J. Bryan) جهڙن ڄاتل سڃاتل اجنبين کي به گهرائيندا هئاسين. اسان هڪ دفعو لارڊ سالسبري کي به دعوت ڏني. هن جواب موڪليو ته اسين آرلنگٽن اسٽريٽ ۾ اچي هن سان گڏ ڊنر ڪيون. وزيراعظم ڏاڍي سٺي موڊ ۾ هو ۽ گفتگو ۾ ايندڙ هر موضوع تي وڏي شان سان ڳالهايائين. اسين جڏهن ٻاهر روڊ تي پئي آياسين ته پرسيءَ مون کي چيو هو آءُ سوچيان ٿو ته ويهه سال وزيراعظم رهڻ ۽ موت جي بلڪل ويجهو هئڻ سان ماڻهو جا احساس ڪهڙا هوندا؟ لارڊ سالسبري سان گڏوگڏ ٻيو به گهڻو ڪجهه پنهنجو وارو وڄائي وڃڻو هو. سندس رٽائرمينٽ ۽ موت سان هڪ دور جي پڄاڻي ٿي. طوفان ۽ تبديلي جي نئين صدي برطانوي سلطنت کي اڳي ئي پنهنجي مضبوط ڀاڪر ۾ آڻي ڇڏيو هو.
لارڊ سالسبري جنهن دنيا ۾ حڪمراني ڪئي ٿي، اهو دور ۽ اهي منظر جيڪي هنن صفحن ۾ بحث هيٺ آيل آهن، ڪنزرويٽو پارٽي جي جوڙجڪ ۽ مجموعي سڃاڻپ ۽ انگلينڊ جي حڪمران سماج جي بنيادن ۽ اسان جي وچ ۾ تمام مختصر وقت ۾ وڏيون وٿيون ۽ کاهيون پئجي وڃڻيون هيون. اسين انهيءَ ڳالهه جي ڪا اڳواٽ پيش بيني نه ٿي ڪري سگهياسين ته اسان کي وڏي طاقت سان اڳتي کڻي ويندڙ يا هڪٻئي کان جدا ڪري ڇڏيندڙ لهرون ڪيتريون نه سگهاريون هونديون. نه ئي اسان کي اها خبر ٿي پئجي سگهي ته اهڙي خطرناڪ اُٿل پٿل ايندي جيڪا دنيا کي لوڏي ڇڏيندي ۽ اوڻيهين صدي جي نظامن کي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندي بهرحال پرسيءَ کي اهڙن واقعن بابت اڳ چتاءُ ملي ويو هو جن کي ڏسڻ سندس مقدر ۾ نه هو. آءُ جڏهن سرءُ جي موسم ۾ ڊنروبن (Dun robin) ۾ هن سان گڏ واڪ ڪري رهيو هوس ته هن مون کي ارونگي (Irvingite) مذهب بابت سمجهاڻي ڏني هئي. انهيءَ مطابق انسان ذات کي خبردار ڪرڻ لاءِ ٻارهن رسول آيا هئا پر انهن جي پيغام تي ڪن نه ڌريو ويو. انهن مان آخري ملڪه وڪٽوريا جي وفات واري ڏينهن فوت ٿي ويو. تنهنڪري هاڻي اسان جي تحفظ وارو امڪان ختم ٿي ويو هو. هن ڏاڍي عجيب خاطريءَ سان اها اڳڪٿي ڪئي ته خوفناڪ جنگين ۽ خطرن جو هڪ اهڙو دور ايندو جنهن جو ڪاٿو ئي نه ڪري سگهبو ۽ انهن ڳالهين ۾ واڌ پئي ايندي هئي. هن آرميگيڊن[1] (Armageddon) جو لفظ ڪتب آندو هو جنهن جو مون اڳ ۾ فقط بائيبل ۾ ذڪر ٻڌو هو. اتفاق اهڙو ٿيو جو جرمني جو ڪرائون پرنس به ڊنروبن ۾ رهيل هو. آءُ اهو سوچڻ کان رهي نه سگهيس ته وهاڻن جي لڙاين ۽ بليئرڊ جي راندين ۾ اسان جو ساٿي رهندڙ اهو وڻندڙ نوجوان پرسي جي انهن خوفناڪ اڳڪٿين جي عملي روپ ۾ اچڻ ۾ ڪو ڪردار ته ادا نه ڪندو.
اپريل 1902ع ۾ هائوس آف ڪامنز ۾ مسٽر ڪارٽ رائيٽ (Cartwright) نالي ڪنهن ماڻهو بابت هڪ تڪرار پيدا ٿي پيو. اهو ماڻهو سائوٿ آفريقا ۾ جنگ هلندي هڪ باغيانه ليک لکڻ تي هڪ سال قيد ۾ رهيو هو. هن پنهنجي سزا ڪاٽي هئي ۽ هاڻي انگلينڊ اچڻ ٿي گهريائين. سائوٿ آفريقا جي فوجي اختيارين کيس ڇڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ جڏهن پارليامينٽ ۾ وزيرن کان انهيءَ بابت سوال ٿيا ته انڊر سيڪريٽري آف اسٽيٽ فار وار جواب ڏنو ته: ”انگلينڊ ۾ برطانيه مخالف نظرين جي پرچار ڪندڙ ماڻهن جو تعداد وڌائڻ ڏاڍي خطرناڪ ڳالهه ٿيندي.“ اهڙي طرح تمام خراب دليل سان اختيارن جي غلط استعمال جو پرچار ڪيو ويو. ڇاڪاڻ ته اهڙي وقت ۾ برطانيه مخالف نظرين جو پرچار برطانيه کان وڌيڪ ٻيو ڪٿي گهٽ نقصان ڪار ٿئي ها؟ جان مورلي تحريڪ التوا پيش ڪري ڇڏي. انهن ڏينهن ۾ اهڙي تحريڪ فوراً بحث هيٺ آندي ويندي هئي. مخالف ڌر جي سڀني ليڊرن ڪاوڙ ۾ تقريرون ڪيون ۽ قدامت پرستن ۽ اسان جي ننڍڙي گروپ جي هڪ ٻئي ماڻهوءَ انهن جي حمايت ڪئي. اهو معاملو ته سطحي نوعيت جو هو پر جذبات ۾ وڏو اڀار اچي ويو هو.
انهيءَ رات وري ڊنر تي مسٽر چيمبرلين اسان جو مهمان هو. ”آءُ ڏاڍي خراب سنگت ۾ ڊنر تي ويٺو آهيان.“ هن اسان کي للڪارڻ واري انداز ۾ ڏسندي چيو. اسان وضاحت پيش ڪئي ته حڪومت جو قدم نهايت نااهلي ۽ گهمنڊ تي ٻڌل هو تنهنڪري اسان کان انهيءَ جي حمايت جي توقع ڪيئن پئي ڪئي وئي؟ هن وراڻيو ته پنهنجي حڪومت جي اهڙي حمايت مان ڪهڙو فائدو جڏهن اها فقط حق تي هجي ته ڪجي! ڳالهه ته اها آهي ته حڪومت جڏهن اهڙي قسم جي مونجهاري ۾ هجي ته توهان اسان جي مدد ڪريو ها. بهرحال ڪجهه ٿڌو ٿيڻ کان پوءِ هو ڏاڍو خوشگوار ۽ دل لڀائيندڙ ٿي ويو. مون کي ياد نه آهي ته مون کيس انهيءَ کان وڌيڪ سٺو ڳالهائيندي ڪڏهن ٻڌو هجي. هو جڏهن موڪلائڻ لاءِ اٿيو ته دروازي تي ٿوري دير بيهي منهن ورائيندي ڏاڍي احتياط سان چيائين: ”معزز نوجوانو! توهان منهنجي خاطر تواضع شاهاڻي انداز ۾ ڪئي آهي ۽ بدلي ۾ آءُ توهان کي ڏاڍو قيمتي راز ڏيان ٿو. اهو اٿو محصول (Tariffs). اها مستقبل ۽ ويجهي مستقبل جي سياست آهي. انهيءَ جو ڳوڙهو اڀياس ڪريو ۽ پاڻ کي انهن جو استاد ڪري ڇڏيو. توهان منهنجي جيڪا خاطر تواضع ڪئي آهي انهيءَ تي توهان کي ڪو به افسوس نه ٿيندو.“
هو بلڪل صحيح هو. مالياتي حلقي ۾ جلد ئي اهڙا واقعا پيش اچڻا هئا جيڪي مون کي نئين جدوجهد ۾ ڇڪي وڃن ها ۽ منهنجن خيالن ۽ توانائين کي گهٽ ۾ گهٽ سيپٽمبر 1908ع تائين مصروف رکن ها جڏهن مون شادي ڪئي ۽ انهيءَ کان پوءِ خوش گذارڻ لڳس.


______________
[1] انجيل مطابق قيامت کان اڳ حق ۽ باطل جي وچ ۾ ٿيندڙ آخري معرڪو. (سنڌيڪار)