سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران خانبھادر خداداد خان جي لکيل فارسي ڪتاب ”لُبِ تاريخ سنڌ“ جو سنڌي ترجمو پيش آھي جنھن جو سنڌيڪار ڊاڪٽر بني بخش بلوچ آھي.
ھي فارسيءَ ۾ لکيل سنڌ جي مختصر تاريخ آھي جيڪا 1318 ھجري ۾ لکي وئي. سرزمين سنڌ جي سرگذشت، آڳاٽي زماني يعني برھمڻ گهراڻي کان اموي گهراڻي، عباسي گهراڻي، غزنوي، غوري گهراڻي، سنڌ جي ستن راڻا حڪمرانن، سومرا گهراڻي، سما گهراڻي. ارغون، ترخان، ڪلھوڙن، ٽالپر گهراڻي کان وٺي انگريزن جي دور تائين منجهس سمايل آھي.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1989ع ۾ ۽ ٻيو ڇاپو 1994ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان شيئر ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ : ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي.