شاعري

اڀر چنڊ پس پرين

سرور نواز ٻگهيي جو ھي شعري مجموعو قومي سجاڳي توڻي سماجي ۽ ذاتي وچور ۽ نڪور خيالن جي سونھن ثابت ٿيو آھي. ڌرتيءَ سان عشق، امن سان محبت ۽ انسانيت دوستي سندس صوفياڻي شاعريءَ مان پَسي سگهجي ٿي. ھن ڪتاب ۾ سندس صوفياڻي شاعري، گيت، غزل، ارپنائون، شان قلندر، حمد، نعتون، قصيدہ، منقبت، ڪافيون، ڏوھيڙا، بيت ۽ وايون شامل آھن.

Title Cover of book اڀر چنڊ پس پرين

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران سرور نواز ٻگهيو جي تصوف جي رنگ سان رچيل شاعريءَ جو مجموعو ”اڀر چنڊ پس پرين“  اوھان اڳيان پيش ڪجي ٿو. 
سرور نواز ٻگهيي جو ھي شعري مجموعو قومي سجاڳي توڻي سماجي ۽ ذاتي وچور ۽ نڪور خيالن جي سونھن ثابت ٿيو آھي. ڌرتيءَ سان عشق، امن سان محبت ۽ انسانيت دوستي سندس صوفياڻي شاعريءَ مان پَسي سگهجي ٿي. ھن ڪتاب ۾ سندس صوفياڻي شاعري، گيت، غزل، ارپنائون، شان قلندر، حمد، نعتون، قصيدہ، منقبت، ڪافيون، ڏوھيڙا، بيت ۽ وايون شامل آھن.
ھي ڪتاب 2019ع ۾ سرور نواز فائونڊيشن ڪوٽڙي پاران ڇپايو ويو جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان شيئر ڪجي ٿي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ : ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي.