ڪھاڻيون

احساس نگر

احساس نگر جون ھي ڪھاڻيون نہ صرف نئين دور جون ڪھاڻيون آھن پر ڪھاڻي جي صنف کي سينگاري بيٺيون آھن. ھي ڪھاڻيون اسان جي معاشري ۽ ان جي پس منظر ۾ لکيون ويون آھن. ھن مجموعي ۾ سنڌ جي سينيئر ۽ جونيئر چونڊ ڪھاڻيڪارن جون چونڊ ڪھاڻيون شامل ڪيل آھن، جن ۾ سليم چنا، ڊاڪٽر مقبول ميمڻ مارو، اقبال بلوچ، عين سحر، زاھدہ ابڙو، نور حسين ڪلوڙ، ھدايت قريشي، مجيب اوٺو، يوسف جميل لغاري ۽ طالب ڀنڀرو شامل آھن.

  • 4.5/5.0
  • 18
  • 7
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book احساس نگر

ڪتاب جا حق ۽ واسطا

ڪتاب جا حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ آهن

Book No: 09

احساس نگر
(ڪهاڻيون)
احسان آڪاش
ڇاپو پهريون : 2019ع
ڪمپوزنگ اينڊ ٽائيٽل : حسنين رضا
احساس پبليڪيشن ۔ حيدرآباد (03413687110)


قيمت: 200 روپيه


ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com


Ehsaas Nagar
Stories
Ehsaan Aakash
1st Edition 2019
Haxnain Raza
Ehsaas Publication
Hyderabad
03413687110

ارپنا

ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻيڪارن جي نانءُ ...!!!

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران إحساس پبليڪيشن جي سرواڻ احسان آڪاش جي سھيڙيل چونڊ ڪھاڻيڪارن جي چونڊ ڪھاڻين جو مجموعو ”احساس نگر“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيو.
احساس نگر جون ھي ڪھاڻيون نہ صرف نئين دور جون ڪھاڻيون آھن پر ڪھاڻي جي صنف کي سينگاري بيٺيون آھن. ھي ڪھاڻيون اسان جي معاشري ۽ ان جي پس منظر ۾ لکيون ويون آھن. ھن مجموعي ۾ سنڌ جي سينيئر ۽ جونيئر چونڊ ڪھاڻيڪارن جون چونڊ ڪھاڻيون شامل ڪيل آھن، جن ۾ سليم چنا، ڊاڪٽر مقبول ميمڻ مارو، اقبال بلوچ، عين سحر، زاھدہ ابڙو، نور حسين ڪلوڙ، ھدايت قريشي، مجيب اوٺو، يوسف جميل لغاري ۽ طالب ڀنڀرو شامل آھن.
ھي ڪتاب احساس پبليڪيشن، حيدرآباد پاران 2019ع ۾ ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آھيون پياري احسان آڪاش جا جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي)، ڪراچي
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

اداري طرفان

اڄ جڏهن انٽرنيٽ جي دنيا ۾ اسان جو سماج ۽ ادب ساهه کڻي رهيو آهي. اتي لکڻ لاءِ ڪهاڻيڪارن کي پڻ نوان نوان موضوع ملي رهيا آهن. ۽ انٽرنيٽ هر روز الائي ڪيترين ڪهاڻين کي جنم ڏئي ٿي....!؟
عرساڻي صاحب لکي ٿو ته: “قديم افساني جون ڪيتريون ئي جدا جدا صنفون رائج هيون. سڀني کان پراڻي صنف يعني آکاڻي جنهن ۾ هڪ فرضي خيال يا قصو بيان ٿيل هوندو آهي. ٻئي قسم ۾ Parables آهن. جن کي “تمثيلي قصو” چوڻ مناسب ٿيندو. ان ۾ ظاهري قصي لاءِ الڳ پوشيده معنى به رکيل هوندي هئي. ٽيون قسم Fableهو. جيڪو حقيقت ۾ Tale ۽ Parableجو مرڪب سمجهيو وڃي ٿو. ان ۾ پکين ۽ جانورن جو ن ڳالهيون آهن. افساني جو چوٿون معروف قسم Romance هو. جنهن کي “رومانوي قصا يا داستان” چئجي ٿو. جنهن ۾ عشق ۽ محبت جا قصا بيان ڪيل آهن (آزادي کانپوءِ سنڌي افسانوي جي اوسر (
ڪنهن به ڪهاڻيڪار کي ٻئي ڪنهن ڪهاڻيڪار سان ڀيٽ نه ڏيڻ گهرجي ڇو ته هر ڪنهن جو پنهنجو هڪ الڳ Diction آهي. هر ڪو پنهنجي انداز ۾ سوچي ٿو، محسوس ڪري ٿو، مشاهدو ڪري ٿو ۽ لکي ٿو. ان قسم جون ڳالهيون ۽ بحث اڪثر پنهنجي اهميت وڃائي ويهندا آهن.
هي هڪ جامع مجموعو آهي، جنهن ۾ ڪهاڻي جي دنيا جي سينيئر ڪهاڻيڪارن سان گڏ جديد ٽهيءَ جي ڪهاڻيڪارن جون پڻ ڪهاڻيون شامل ڪيون ويون آهن. جيڪو هڪ سٺو عمل آهي. ان سان انهن دوستن کي هڪ اتساهه ملندو. هن ڪتاب ۾ ڪُل 10 ڪهاڻيڪار شامل آهن.
احساس پبليڪيشن حيدرآباد جي سمورن مقصدن مان هڪ مقصد سنڌي ٻولي جي واڌ ويجهه پڻ آهي. هن سال به ڪجهه اهڙا ڪتاب ڇاپيا آهن، جيڪي سنڌي ادب ۾ هڪ سٺو واڌارو ڪندا. ڪهاڻي جي صنف سنڌي ٻولي ۾ گهڻو پڙهي ويندڙ صنف آهي. سو احسان آڪاش جي طرفان چونڊ ڪيل هي ڪهاڻين جو مجموعو پڻ پڙهندڙن کي پسند ايندو. موسمِ بهار ۾ چونڊ ڪهاڻيون اوهان جي سامهون حاضر آهن. پڙهي ڪري پنهنجي راءِ ضرور ڏيندا.

احساس پبليڪيشن حيدرآباد
balochahsan110@gmail.com
03413687110

جوئي آهيان، سوئي آهيان !

جنوري جي سرد راتين ۾ منهنجو جنم خيرپور ناٿن شاهه جي اولهه طرف ڳوٺ چوٻار شريف ۾ هڪ عالمِ دين مولوي غلام رضا حيدري جي گهر ۾ ٿيو. ناناڻن طرفان بابا وارن کي رهڻ لاءِ هڪ ڪمرو مليل هو. ڇو جو ڳوٺ ۾ بابا وارن جي جڳهه ۾ چاچا وارا رهندا هئا. سو بابا _ امان سان گڏ نانا وارن وٽ رهندا هئا. بنيادي طرح منهنجو گهراڻو مذهبي هيو. ڏاڏا سائين مولوي غلام قاسم گاڏهي عالمِ دين هئا ۽ خيرپور ناٿن شاهه جي مرڪزي امام بارگاهه جو بنياد وجهڻ وارا ۽ سڀ کان پهريون مومن پڻ ڏاڏا سائين هئا. منهنجو بابا سائين پڻ ذاڪرِ اهلبيت هئا ۽ ايران و عراق جون زيارتون پڻ ڪري زوار ٿي آيا هئا. چاچا اسد رضا نعيمي جن پاڻ هڪ عالمِ دين آهن.
ظاهري طرح منهنجي لاءِ به اهيو ئي رستو هيو، پر مون وٽ زماني، شين، ماحول، قدرت ۽ انسانيت کي پرکڻ وارو رُخ مذهبي هرگز نه هيو. اهيو به ناهي ته مذهب انسانن کي غلط رستو ٿو ڏيکاري پر مذهب منهنجي مزاج کي وچڙي نه سگهيو ۽ نه ئي وري مان مذهب کي وچڙي سگهيس. سو شروع کان منهنجو رستو ڪجهه ٻئي طرف هيو. شروعاتي تعليم جي حوالي سان پهريون ۽ ٻيون درجو پنهنجي ڳوٺ چوٻار شريف مان حاصل ڪيم. ان بعد خيرپور ناٿن شاهه شهر ۾ بابا وارا لڏي آيا. بابا سان گڏ چاچا سائين اسد رضا نعيمي صاحب به گڏ لڏي آيا هئا ۽ اسان سان گڏ رهندا هئا. ڳوٺ مان ته لڏي آياسين هاڻي اسانجي ٻروچڪي ٻولي پاڙيوارا ٻار نه سمجهن. مان ٻارن سان پنهنجي ٻروچڪي ۾ ڳالهايان ته هو وائڙا ٿي مون سان گڏ منهنجي ڀائرن کي به ويٺا ڏسن ۽ کلون ڪن. نه انهن ٻارن جي سنڌي ٻولي اسان سمجهون ، ۽ نه هو وري اسان جي ٻولي سمجهن. خير.... ان صورتحال کي محسوس ڪندي بابا سائين مون کي ٻيهر شروعات کان پٽي واري ڪلاس ، مين پرائمري اسڪول خيرپورناٿن شاهه ۾ داخل ڪرايو. ائين خير سان پڙهي 5 درجا پاس ڪيم ۽ پوءِ مئٽرڪ ، هاءِ اسڪول، ڪاليج تائين پنهنجي شهر خيرپور ناٿن شاهه ۾ پڙهيم. ۽ اڳتي پڙهڻ لاءِ يونيورسٽي ويم.
ننڍي هوندي کان ئي شاعراڻي حس اندر ۾ ئي پلجي رهي هئي. ڇو جو حساس ايترو جو پرائمري ۾ پڙهندي هڪ ضعيف شخص جيڪو اسڪول جي گيٽ تي روزانو ڇولا کڻي وڪڻندو هو. ان کي ڏسي منهنجي اکين مان بي اختيار لُڙڪ لڙي ايندا هئا. ۽ سوچيندو هيس ته : “ڪاش ! جيڪر مون وٽ ايترا پئسا هجن ته مان هن ضعيف شخص کان سڀ ڇولا وٺي ڇڏيان ۽ هن کي وڌيڪ ڇولا وڪڻڻ ئي نه ڏيان....!!!” اهيو هو پهريون ڏاڪو منهنجي اندر جي اديب کي جاڳائڻ جو....
مئگزين، رسالا، ڪتاب پڙهڻ جو شوق حد کان وڌيڪ هيو سو هر مهيني پنهنجي خرچي مان باباوارن کان لڪي ڪري مئگزين ۽ رسالا خريد ڪندو هئم ۽ پڙهندو هئم. سن 1999ع کان لکڻ شروع ڪيم. ۽ 2000 کان باقائده خيرپور ناٿن شاهه جي ادبي حلقي جنهن ۾ گلزار سيال، ذوالفقار گاڏهي، ساٿي محبوب زنگيجو، دليپ ڪمار اوڏ، شبير لغاري ۽ ٻين دوستن سان گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيڻ لڳس. بنيادي طرح مان پنهنجي ادبي سفر جي شروعات نثر سان ڪئي. سڀ کان پهرين سن 2002 ۾ منهنجي ڪهاڻي (کُليل اکين جا سپنا) ڊاڪٽر ظفر جي سرپرستي ۾ نڪرندڙ هالار ڊائجسٽ جي آگسٽ واري شماري ۾ شايع ٿي هئي. مون پنهنجي لڪيل نثر واري اديب کي هي گڏيل ڪهاڻين جو ڪتاب مرتب ڪري وري هڪ دفعو ٻيهر ظاهر ڪيو آهي.
2008 کان خيرپور ناٿن شاهه کان ڪوٽڙي لڏي آياسين. لڏي اچڻ کان پوءِ هتي ادبي حلقو نه ملي سگهيو. جنهن ڪارڻ لکڻ ۽ پڙهڻ وارو رُجحان آهستي آهستي گهٽ ٿيندو ويو. پوءِ 2012 ۾ فيس بوڪ جي دنيا ۾ آءِ ڊي ٺاهي لاگ آن ڪيم. هتي ته رنگ ئي ٻيا هئا. هڪ عجيب ۽ ڄڻ ٻي دنيا جا ماڻهو هئا. هتي مون کي جام سارا ادبي دوست مليا. ڪن سان روبرو ملاقاتون ٿيون. ڪن سان اڄ تائين ملاقات نه ٿي سگهي آهي پر هڪٻئي جي نالن سان واقفيت ضرور رکون ٿا.
واٽس ائپ تي مون هڪ گروپ “بزمِ خانه بدوش” جي نالي سان ٺاهيو. ۽ فيسبوڪ جي ادبي دوستن کي ان گروپ ۾ ايڊ ڪيو ۽ ان گروپ جي پليٽ فارم تان اسان سڀني کي هڪٻئي مان ڪافي ڄاڻ، محبت ۽ پيار مليو. وڌيڪ ادبي رهنمائي سائين خاڪي جاني ڪئي. ۽ ادبي دوستن سان چاهتون اڃان به جاري آهن. محبتون قائم و دائم هجن !
مان ٿورائتو آهيان محترم حميد سنڌي جو جنهن پنهنجي تمام قيمتي ۽ مصروف وقت مان مون ادنيٰ جي لاءِ وقت ڪڍي ڪري هن ڪتاب جون ڪهاڻيون پڙهيون ۽ ڪتاب جي بئڪ ٽائيٽل لاءِ ٻه لفظ لکي ڏنا. ڌڻي در دعاڳو آهيان ته شال وڏي ڄمار ۽ صحت ماڻي !
Being A Publisher هئڻ جي ناتي، پبلشنگ جي دنيا ۾ منهنجي رهنمائي “ڪنول پبليڪيشن جي سرواڻ” پياري سعيد سومرو ڪئي. جن لاءِ مان سندس جو دل سان ٿورائتو آهيان. اڃان به هن پرين پياري دوست جون محبتون، عنايتون جاري آهن. جن لاءِ مان سندس جو هميشه مشڪور آهيان.
مان ٿورائتو آهيان سنڌي ادب جي کاهوڙي ڪردار، ليکڪ، اديب، شاعر، ڪهاڻيڪار سليم چنا جو جنهن جو پڻ هر دم مون سان ساٿ رهيو آهي.
مان پنهنجي جيون ساٿياڻي “سپنا گُل” جو پڻ مشڪور آهيان جنهن جو پيار، پاٻوهه، اُتساهه، ويساهه، محبتون، چاهتون، ايثار وقرباني جو ۽ هن جي بي لوث محبتن جو، جن جو ساٿ هر گهڙي مون سان رهيو آهي ۽ ڌڻي در دعاڳو آهيان ته اڳتي به اهي محبتون سلامت رهن.
مان پنهنجي ٻارن حسينن بابا، ايلسا احسان، روميسا جو، جن جون مٺيون، پياريون ڳالهيون، مسڪراهٽون، شرارتون مون لاءِ هميشه اتساهه بخشيندڙ رهيون آهن. جن مون کي ٿڪڻ نه ڏنو آهي. ۽ آخر ۾ هن ڪتاب کي سهڻي رنگ و ڍنگ ۾ شايع ڪرڻ لاءِ شروع کان آخر تائين جي سڀني مرحلن ۾ جن جن دوستن جو ساٿ رهيو انهن سڀني جو ٿورائتو آهيان.
اوهان جي راءِ اسان جي لاءِ تمام قيمتي آهي، ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ پنهنجي قيمتي راءِ کان ضرور آگاهه ڪندا.

خير انديش

احسان آڪاش
گاڏي کاتو _ حيدرآباد
03413687110

سليم چنا

---

افسانه نگار سليم چنا جون ڪهاڻيون

سنڌي ادب جي گونان گون صنفن تي طبع آزمائي ڪندڙ برجستو تخليقڪار سليم چنا جون هي نمائده ڪهاڻيون تحرير جو هڪ خوش نما امتزاج آهن. سليم کي سلوڻي ۽ تُز ٻولي، لهجي ۽ خاص طور تي وچولي سنڌي محاوري تي سٺي دسترس حاصل آهي. هن جا ڪردار گهڻو ڪري شهري بابو ۽ عام هيٺيئن ۽ مڊل ڪلاس سان تعلق رکن ٿا. اهي پيڙا، مايوسي، بيگانگي ۽ نراسائي ڀوڳين ٿا. جيڪا هن حساس ڪهاڻيڪار پنهنجي زندگي ۾ پسي ۽ محسوس ڪئي آهي. سليم هڪ حساس دل ۽ غير معمولي ذهين قلمڪار آهي ۽ هن جو گهرو مشاهدو صوفياڻو ۽ مزاج شاهاڻو آهي. ڇاڪاڻ ته شاهي ۽ تحمل مزاج وارا درگذر ۽ سهپ رکندڙ پُرش هوندا آهن. سندس ڪهاڻي “مٽي جا شيطان” ۾ انسانن جهڙا پر عملن ۾ وحشي خوني حيوانن کان گهڻو اڳتي وڌي خودڪش حملا آور بمبار ۽ دهشتگرد آخر هن ڌرتي تي مٽي مان بڻيل شيطان ڇو ٿي ويا آهن...!؟ ٻي ڪهاڻي “سچي دوستي” به Impression (تاثراتي نُوع) ۾ لکيل آهي. زندگي ڪيئن نٿي بدلجي؟ هڪ عام رواجي ڪلرڪ جي آتم ڪٿا آهي. ڪافي دلچسپ مختصر ڪهاڻي آهي. “سونهن ۽ سرهاڻ” ۾ قيد ٿيل صحافي هڪ روايتي جديد وڏيرڪي سماج جو شهري سماجياتي ڊرامو آهي. جنهن ۾ خود ساخته ۽ هٿ ٺوڪين ليڊر NGO طرز جي ڪردار واري من موهڻي وڏيريءَ، وڏيري سندن مظلوم ڪاري ٿيل نوڪراڻي جي ڌي جو انوکو قصو نيم جنسياتي ۽ نفسياتي رُخن سان هڪ ماهر قصاگو جي قلم مان نڪري قرطاس ابيض تي اچي ٿو. پر هاڻ انٽرنيٽ جي سنسار ۾ اهڙيون سنسي خيز لڳن ٿيون.
سليم چنا کي جس آهي ته هو ڪامياب رهيو آهي. سندس هي ڪهاڻيون به يادگار وٿون آهن ۽ پراڻي ڪهاڻين جي مشق جو زنده جاويد تسلسل آهن. ڪهاڻين ۾ ڪهاڻيت آهي. ۽ سليم وٽ بيانيه (Narration) ۽ منظرڪشي به شاندار آهي.

گل محمد عمراڻي

سُونهن ۽ سُرهاڻ ۾ قيد ٿيل صحافي

نئين ماڊل جي ڪار کي اوچتو بريڪ لڳي، هن پنهنجا تيز رفتاري وارا قدم نه روڪيا، ۽ سامهون کان ايندڙ ڪار کي نظرانداز ڪندو هيءُ فٽ پاٿ تي هلندو رهيو. پويان هِن کي سڏ ٿيو ته هِن ڪنڌ ورائي پويان ڏٺو، اڳتي وڌي وڃي بيٺل ڪار، ريورس گيئر هڻي موٽ کاڌي، ۽ هِن جي ڀرسان اچي بيٺي، جنهن کي هڪ الٽرا ماڊرن گريس فل ليڊي هلائي رهي هئي. ۽ هُن جو اڌڙوٽ عمر وارو وڏيرو مڙس اڳيان ويٺو هو.
مئڊم السّلام عليڪم.
و عليڪم السّلام.
سر سلام عليڪم ائين چئي ڪار جي لٿل شيشي مان هِن هٿ وڌائي ان وڏيري کي ڏنو، جنهن جو مُنهن پيلو ٿي ويو ته ڇو سندس ننڍي نيٽي زال هِن نوجوان کي ڏسي ڪار بيهاري آهي. ٻڏل دل سان وعليڪم سلام چيائين، جيڪو ويجهو هوندي به هن تمام هلڪو ٻڌو.
مئڊم چيو، ”اسان جي عورتن جي حقن واري تنظيم لاءِ به ڪو بيان وغيره ڪڍندا ڪريو، اخبار جي ڪنهن ڪُنڊ ۾ اسان جي سوشل تنظيم کي به ڪا جڳھه ڏيو.“
توهان حڪم ڪريو، توهان جي سياسي، سماجي ۽ عورتن واري تنظيم جا پريس رليز اخبار ۾ هلائڻ اسان جو فرض آهي، پر بيان ڏيڻ توهان جو ڪم آهي. توهان هينئر ڪيڏانهن پيا وڃو، ”گهر“. هلو مان توهان کي ڇڏي اچان، ائين چئي هو پوئين گيٽ جو لاڪ کولي ٿي ڇڏي.
”نه مئڊم مان واڪ ڪندو ويندس.“
”ايترو پري سو به رات جو سوا يارهين وڳي.“
نه مئڊم مهرباني! واڪ منهنجي روٽين آهي، پريس تان موٽي مان پنڌ ئي گهر ويندو آهيان.
پوءِ هلو ڀلا توهان کي ڪارنر تي آئسڪريم کارايون.
ڪار روڊ جي پاسي کان پارڪ ٿيل هئي ۽ ڊبل روڊ هُئڻ ڪري سامهون کان ايندڙ ڪجهه ڪارون تيز روشني ڇڏيندي هليون ٿي ويون.
انهن ڪارن جي روشني ۾ هِن ڏٺو پئي ته اڌڙوٽ وڏيرو سانڊي وانگر رنگ مٽائي رهيو هو، ۽ ٽانڊن وانگر سندس اکيون ٻري رهيون هيون، پر هو ننڍي نيٽي نوجوان خوبصورت ۽ گريجوئيٽ شهري گهر واريءَ آڏو بيوس هو.
هِن چتائي ڏٺو پئي ان ڀرپور جوانيءَ کي، جنهن جا ڳل ڏاڙهون جھڙا ڳاڙها ڳاڙها هُئا. ان جا چپ پڪل صوف جي ڦارن جھڙا هئا ۽ هُن جون اکيون، قلوپيٽرا جي ڪجلين اکين جھڙيون هُيون.
هِن جي دل ڏاڍي تيزيءَ سان ڌڙڪي رهي هئي، پر هن پاڻ کي ڪنٽرول ۾ رکيو، ڇو ته صحافت جي حوالي سان، ان دلربا جو هي دلبر دوست هو.
هِن هڪ ڀيرو وري ان جي ٻانهُن ۾ ڏٺو، جيڪي ڏؤنرن تائين بي لباس هيون. گول گول گلابي ۽ لسين ٻانهُن تي ڪوبه وار نه هو- صفا ولائتي مئڊم لڳي پئي آهي، هِن دل ئي دل ۾ چيو پوءِ ساهه جي رفتار کي ٿورو جهڪو ڪري چيائين مئڊم ڪابه تڪليف نه ڪريو، مان سڀاڻي صبح جو چانهه جو ڪوپ اچي توهان وٽ پيئندس- توهان پريس رليزون لکي رکجو، اخبار ۾ مان ضرور هلرائيندس.
هُن کلي ڏنو ۽ چيائين اِها لکڻ جي تڪليف ته هميشه جيان توهان کي سڀاڻي به ڪرڻي پوندي.
ان وقت هِن جون ٻئي ٻانهون اسٽيئرنگ تان مٿي کڄيون ۽ سامهون واري آرسيءَ ۾ پنهنجا وار سيٽ ڪرڻ لڳيون ۽ هي هُن جا وارن کان بي نياز ڪڇ ڏسڻ لڳو.
هُن وار ٺاهي ٻئي هٿ وري اسٽيئرنگ تي رکيا. ۽ سندس ٻانهُن ۾ پيل سونين چوڙين کي ڦيرائيندي چوڻ لڳي.
سڀاڻي صبح جو يارهين وڳي جي توهان نه آيا ته توهان تي ڏنڊ پوندو.
نه مئڊم ضرور ايندس.
ها مون کي خبر آهي ته توهان وعدي جا پڪا آهيو.
پوءِ اجازت- گاڏي اسٽارٽ ڪندي هُن چيو ۽ سندس مڙس جي مُنهن مان شڪراني جو شوڪارو نڪتو.
ها مئڊم خدا حافظ
چڱو خدا حافظ.
ڪار هلي وئي ته هِن وري پنهنجو پنڌ ڇڪيو.
ٻئي ڏينهن يارنهن وڳي هي اُن حسينه جي عاليشان بنگلي ۾ داخل ٿيو، در اُن دلربا ئي کوليو هو، نوجوان نوڪرياڻي سندس ڀر ۾ بيٺل هُئي.
”مون کي خبر هئي ته توهان واعدي جا پڪا آهيو“.
ائين چوندي هُن جي چپن تي فاتحانه مُرڪ اچي وئي هُئي.
هن به سندس مشڪندڙ چپن تي نظرون کپائي چيو.
”حسن جو حڪم ٽاري نه سگهبو
سڄڻ جو سڏڻ وساري نه سگهبو“
هُن خوشيءَ ۾ ڀرپور ٽهڪ ڏنو ۽ ڊرائينگ روم ڏانهن هلڻ جو اشارو ڪندي چيائين.
توهان جي شاعري اڄڪلهه ادبي پرچن ۾ گهٽ پئي اچي.
بس صحافت مصروف ڪري ڇڏيو آهي، ڪرنٽ اشوز ڏاڍا ٿي پيا آهن.
مٿان وري توهان جا پوليٽڪل بيان به باهه ٻاريو ڇڏين، ٻئي ڄڻا ڊرائينگ روم پهچي آمهون سامهون صوفن تي ويهي رهيا.
اصل ۾ اسان جا برننگ اِشوز تي ئي بيان هوندا آهن، هُن خالص سياسي انداز ۾ جواب ڏيندي چيو.
ڊرائينگ روم اي سي جي ڪولنگ جي ڪري ٿڌو لڳو پيو هو، هِن جي پگهريل بدن کي اِها ڪولنگ ڏاڍو سڪون ڏئي رهي هُئي. نوجوان نوڪرياڻي ڊرائينگ روم ۾ ئي بيٺي هُئي، هِن جي نظر به کيس بنگلي جو در ٽپندي ئي تعاقب ۾ رکيو پئي آئي، ڇا ته وينگس جي نوجواني هُئي، صفا سورهن سالن جي سنهڙي ۽ سهڻي.
مئڊم هن جي نظرن کي سڃاڻي وئي ۽ يڪدم ڪنڌ ورائي نوڪرياڻي کي چيائين، ڇوري اڃان بيٺي آهين؟ وڃ وڃي شربت ٺاهي کڻي آ، فرج مان ڪيڪ به کنيو اچجانءِ.
مون سمجهيو هيءَ ڇوڪري توهان جي سياسي ڪارڪن آهي، يا وري توهان واري عورتن جي تنظيم جي ميمبر آهي.
نه نه ولوَ جي ڌيءَ آهي، اسان جي نوڪرياڻي آهي.
وَلوَ ڪير؟
هاري هو اسان جو هِن جي ماءُ کي ڪاري ڪري ماريائين، جيل ويو ۽ ڇٽي آيو. هاڻي ٻي شادي ڪئي اٿس، ڇوڪريءَ کي ويڳي ماءُ ڪو نه رکيو.
سو رئيس ڪم ڪار لاءِ ڳوٺان وٺي آيو اٿس.
ڇوڪري ته ڏاڍي سلڇڻي آهي.
بس ڪريو، ڏاڍي ٿا ٻڌايو، جي رئيس نه وٺي اچيس ها ته گيدوڙي حجام جي پُٽ سان ڀڳي ٿي ويئي. بهرام ٽانگي واري کي رئيس جو نمڪ ياد آيو، سو هِنن کي ڀڄائڻ ۾ مدد ڪرڻ بدران اچي رئيس سان ڳالهه ڪيائين.
هن وري به ڇوڪري جو پاسو کڻندي چيو پڻس يا ماٽيجي ماءُ ماريندا هوندس. ڏکيو رکندا هوندس، آخر ته پڻس خوني آهي نه؟
ڇڏيو اوهين وري شهري ماڻهو ڪهڙيون پيا ڳالهيون ڪريو.
ٻڌو نه اٿئي جھڙا ڪانگ تهڙا ٻچا.
ڇوري ماءُ تي ٿي ويئي، حجام جي پُٽ سان ياري رکيائين، ان سان ٿي ڀڳي، جي رئيس رحم نه ڪريس ۽ پڻس کي خبر پويس، ته ڇوري ڪاري ٿيڻ کان بچي ها؟
چئبو تنهنجو رئيس ڏاڍو رحمدل آهي، ها ڇوري کي ڀانئين به ڏاڍو ٿو.
الا! هِن تعجب ۾ وڏي واڪ چيو، مئڊم بي حجاب ٿي چيو.
رئيس کي ته سوال ئي ڪونه ٿو پيدا ٿئي ته مان زور ڏيان، ڳوٺان ٿڪجي ٽٽجي اچي ته اِها ئي زور ڏيندي اٿس.
ٿڌو شوڪارو ڀري هِن دل ۾ ئي چيو واهه ڙي وڏيرا واهه ڙي رئيس- تنهنجا روپ ۽ رنگ.
نوڪرياڻي ٽري ۾ شربت ۽ ڪيڪ کڻي آئي ۽ هِنن آڏو رکيائين.
وڃ هُنن مهمانن کان پُڇ ڇا پيئندا شربت يا چانهه؟
نوڪرياڻي ها ڪري اوڏانهن ويئي هلي ۽ هن پڇيو ڪهڙا مهمان؟
پهرئين مون وٽان ته واندو ٿي پوءِ انهن سان ملايائين ٿي، ايئن چئي مئڊم پيسٽري ڪيڪ واري پليٽ هن ڏانهن وڌائي.
هن ان مان ٽڪرو کڻي وات ۾ وڌو ۽ مئڊم جو ظاهري جائزو وٺڻ لڳو. مئڊم کي گهر ۾ اڇي لؤن جا اڌ ٻانهن سان ڪپڙا پهريل هئا. رئي پائڻ جي نه مئڊم کي عادت هئي، نه ئي نوجوان نوڪرياڻي کي رئو پاتل هو. نوڪرياڻي کي سادا پر گهاٽي بلو رنگ جا اڇن گلن سان ڪپڙا پهريل هئا ۽ هوءَ رنگ رُوپ ۾ نوڪرياڻي نه پر گهر ڌياڻي لڳي رهي هئي. بس رڳو هيسيل ۽ خاموش هئي. هِن ڪيڪ پيسٽري جو ٽڪرو کائي پورو ڪيو ته مئڊم وري پليٽ وڌائي چيس.
کائڻ ۽ پيئڻ ۾ حجاب نه ڪبو آهي، هِن وري هڪ ٽڪرو کنيو ۽ وات کي مٺو ڪندي سوچيائين هيءَ مئڊم، مئڊم بائوري ڪانهي، هيءَ بائوري، هيءَ بانوري سنڌ جي رئيس ۽ وڏيري جي مئڊم آهي.
”ڇا پيا سوچيو شربت پيئو نه؟“
هُن ڪيڪ پيسٽري کائيندي چيو، هِن به ٿڌي ۽ مٺي شربت جا ٻه ڍُڪ ڀريا ۽ هِن جون نظرون سفيد لؤن جي وڳي جو نظارو ڪنديون، هُن جي سامهون ئي اٽڪي بيهي رهيون. انگ انگ ڀريل بدن جو لباس ۾ هئڻ جي باوجود به پنهنجو پنهنجو جلوو ڏيکاري رهيو هو.
مئڊم کي ڇا محسوس ٿي رهيو هو، هن جو هاڻي اهو مسئلو نه هو، هاڻي هي پنهنجي لاءِ سوچي رهيو هو.
اي سي جي ٿڌ برقرار آهي، ڪيڪ پيسٽري مٺي ۽ ٿڌي هئي. شربت مٺو ۽ ٿڌو آهي، پر هن کي ڇو پگهر اچي رهيا آهن. اها تپش ڪٿان اچي رهي آهي ۽ هن جي سوچن ڊوڙڻ شروع ڪيو، سامهون ويٺل مئڊم سفيد ڪبوتري آهي ۽ ڪبوتري امن جي علامت آهي.
نه نه نه ائين ناهي، هيءَ سفيد ڪبوتري ناهي، هي ته سفيد چُن جو ٻرندڙ بٺو آهي، جنهن ۾ باهه ٻري رهي آهي، باهه ۾ ڏاڍو تئو آهي.
هِن جو به انگ انگ تپجي ويو آهي، هِن يڪدم بچيل سڄو گلاس يڪ ساهي پي ورتو، ۽ پنهنجن اعصابن تي ڪنٽرول ڪندي چوني جي سفيد ٻرندڙ بٺي تان نظرون هٽائيندي چيو ڪجهه پنا گهرايو ته بيان به لکندا هلون.
بلڪل توهان درست فرمايو ۽ رڙ ڪري چيائين پٺاڻي! او ڇوري پٺاڻي!
پٺاڻي الاءِ ڪٿان هرڻيءَ واري ڇال هڻي ڊرائينگ روم ۾ پهچي وئي.
”منهنجي ڪمري ۾ بستري تي ئي ڪجهه پيپر ۽ اخبارون پيون اٿئي اهي کڻي آ.
پٺاڻي وري ڇال ڏيئي وئي يڪدم پنا ۽ اخبارون کڻي آئي.
مئڊم اخبارون ۽ پنا هِن آڏو ڪندي چيو ته هاڻ توهان پاڻ ئي هنن اخبارن مان ڪو اهم موضوع کڻي اسان جي عورتن واي تنظيم لاءِ ڪو بيان ڪڍو.
هِن بنا اخبارن جي مطالعي جي ئي کيس چيو مون کي خبر آهي ته توهان جي وفاقي سياسي پارٽي ۽ موجوده عورتن جون تنظيمون ۽ اين جي اوز اڄڪلهه ڪهڙا مطالبا ڪري رهيون آهن.
ها مان به اهو ئي چاهيان ٿي ته توهان ڪو سٺو بيان ڪڍو. هن به هڪ نظر ميڊم جي ڀريل بدن تي وجهي کيسي مان پين ڪڍي ٻي ڀرپور نظر نوجوان نوڪرياڻي تي وجهندي هانءُ ٺاريندي بيان لکڻ شروع ڪيو ۽ رکي رکي ٻنهي ڄڻين کي پنهنجي نظرن جي فوڪس سان قلب جي ڪئميرا ۾ محفوظ به ڪندو رهيو. هن جي بيان لکڻ دوران مئڊم ته اخبارن ۾ بيوٽي پارلر ۽ سلمنگ سينٽرن جا اشتهار ڏاڍي غور سان جانچي رهي هُئي، تنهنڪري هن جي غور سان نهارڻ کان هوءَ ڪجهه بي خبر هُئي. ۽ ان بي خبريءَ ۾ ئي هو ان جي جسم جا مختلف زاويا (اينگلز) جاچيندو رهيو، نوڪرياڻي هن جي نهارڻ تي رڳو ڪنڌ ٿي هيٺ ڪيو. باقي سڀ ڪجهه هن جي نظرن جي ٽارگيٽ ۾ اچي ٿي ويو ۽ هن کي به ٻهراڙي جي نوجوان ڇوڪريءَ ۽ شهر جي ماڊرن مئڊم ۾ ايئن نهارڻ سان لکڻ جو اتساهه وڌيو پئي ۽ هن اهو نظارو ڪندي ڪندي بيان پورو ڪري ورتو.
”اجهو هي ٿي ويو بيان پورو“
ڇا لکيو اٿوَ. مئڊم ڏاڍي بيچيني سان پڇيو. هِن کيس بيان پڙهي ٻڌايو ته هوءَ ڏاڍو سرهي ٿي.
ويري گُڊ ويري ايڪسيلينس، اي ون. هن ٿڌو ساهه کنيو ۽ دل ۾ شڪر ڪيو ته بيان قبول ڪيو ويو.
توهان ٿڪجي پيا هوندؤ، ٿورو ريسٽ ڪيو، مان توهان کي فريش ڪرڻ لاءِ چانهه ٿي پياريان.
هن نوڪرياڻي کي سڏڻ لاءِ جيئن پويان نهاريو ته نوڪرياڻي حاضر بيٺي هئي.
ڇوري جلدي ڪر چانهه ٺاهي کڻي آ ۽ پليٽ ۾ بسڪوٽ به کڻي اچ جلدي ...
نوڪرياڻي حڪم ٻڌي پوئتي منهن ڪيو ۽ ڊرائينگ روم کان نڪرڻ تائين هِن جي نظرن ان جي ٽرن بيڪ جو ڀرپور پيڇو ڪندي سوچيو. پٺاڻي جو هلڻ ئي ايڏو پيارو آ ته هن جو وجود ته سراپا پيار هوندو، پوءِ به سنڌ ۾ اهڙين پيارين پيارين پدم جھڙين پدمڻين کي خود، بي غيرت مرد جيڪي پاڻ ته جانورن، ڇوڪرن ۽ عورتن جي زنا ڪاري جا مرتڪب ٿين ٿا. غيرت جي ڪوڙي انڌ ۾ اچي ڪاري ڪري ماري ٿا ڇڏين.
ڇا هِنن جاهلن، ڄٽن ۽ خود پاپي ماڻهن وٽ ان مسئلي جي حل جو قرآني، الهامي، شرعي، سماجي، سائنسي، ۽ انسانيت وارو ڪو رستو نه آهي؟؟؟
”چانهه پي پوءِ توهان کي اسان جي سوشل تنظيم جو بيان ڪڍڻو آهي.“
اِهو ٻڌي هن پاڻ سنڀاليندي چيو مئڊم بلڪل مان هينئر ئي ٿو بيان تيار ڪري وٺان جيسين چانهه اچي.
مئڊم اخبارن مان نظرون هٽائي هاڻ هن ۾ نظرون کپايون ۽ هن وري ٻيو بيان پني تي لکڻ شروع ڪيو.
عادت موجب لکندي لکندي هن ٻه ٽي ڀيرا مئڊم ڏانهن ڏٺو ته هُن جون نظرون تير تفنگ ٿي هن ۾ کتل هيون ۽ هي انهن نظرن جو تاب سهي نه سگهيو ۽ لکندي لکندي محسوس ڪرڻ لڳو ڄڻ مئڊم جون نظرون هن جي جسم تي ڪيولين وانگر ڊوڙي رهيون آهن. هِن کي پنهنجي بدن تي هڪ پاسي ڪتڪتائي پي ٿي ته ٻئي پاسي ڪيولين جي چڪ جو ڊپ ٿي ٿيس ۽ هاڻي هن بنا مئڊم ۾ نهارڻ جي تڪڙو تڪڙو بيان لکڻ شروع ڪيو ۽ دعا گهرندو رهيو ته پٺاڻي جلدي چانهه بسڪوٽ کڻي اچي نه ته هيءَ مئڊم ته نظرن ئي نظرن ۾ هن جي حالت الاءِ ڪٿي پهچائيندي.
مئڊم کي به الاءِ ڇا ٿيو جو ويجهو اچي، قلم واري هٿ کي جهلي چوڻ لڳي ترسو، ايتري تڪڙ ڇو ٿا ڪريو، توهان جا اکر ماڪوڙا ٿيندا پيا وڃن. مئڊم جو هٿ قلم واري هٿ تي رکيل هو، هوءَ وڌيڪ ويجهو ٿي ۽ سندس مٿي جا وار هن جي مٿي جي وارن سان ٽڪرائڻ لڳا، سندس ڳل ۽ چپ ٻرندڙ ٽانڊن جيان ويجهو اچي ويا ۽ هي ان وقت ٿڌي ايئرڪنڊيشن روم ۾ نه پر هن پنهنجو پاڻ کي چوڙين ٺاهڻ واري ڪارخاني ۾ بيٺل ڏٺو، جتي بي انتها تپش هئي ۽ هي ڄڻ ته ان تپش ۾ شيشي جيان وگهري رهيو هو ۽ سڄو پگهر ۾ شل ٿي ويو هو.
خدا جو شڪر ٿيو جو پٺاڻي ڊرائينگ روم ۾ چانهه ۽ بسڪوٽن سوڌو داخل ٿي ته هن ڇت ڏانهن نهاري دل ۾ چيو:
”مالڪ بچائي وڌئي“
۽ مئڊم به سڌي ٿي ويهي رهي.
پٺاڻي ٽري رکي ته مئڊم يڪدم چيس تون هاڻ وڃ مان سڏيائين ته پوءِ اچجان. پٺاڻي وئي ته وري دل ۾ چيائين ”مري ويس.“
مئڊم ته اڄ ڪا شينهڻ شڪارڻ ٿي لڳي، خدا خير ڪري.۽ يڪدم پنا کڻي گوڏي تي رکي صوفي تي مڪمل ٽيڪ ڏئي وري بيان لکڻ کي اچي کنيائين.
”چانهه ته پيئو، بسڪوٽ ته کائو پوءِ لکجو“ چيائين بس اچي پورو ڪيو اٿم ۽ ائين تڪڙو تڪڙو بيان لکي پورو ڪيائين. جڳ مان گلاس پاڻيءَ جو ڀري هڪ پي، ٻيو به پيتائين، تڏهن سامت ۾ آيو ۽ بسڪوٽ کائي چانهه جا ڍڪ ڀرڻ لڳو.
شينهڻ شڪارڻ جي نظرن کان بچڻ لاءِ لکيل پنو ئي ان آڏو ڪري ڇڏيائين جيئن نظرن جا نشتر اتي ڪيرائي.
اهو بيان پڙهي مئڊم مشڪي ڏنو ۽ سندس ڳلن تي لالاڻ اچي وئي، هن به دل جي محبتي جذبن سان کيس ڏٺو، مئڊم پني تان نظرون هٽايون، هلڪو ٽهڪ ڏنائين ته سندس ٻنهي چپن جي چمن پٺيان سفيد موتئي جي گلن جون قطارون نظر آيون، جن مان گلن جھڙن ڏندن جي مهڪ ۽ سونهن پاڻ پسائي رهي هئي. هوءَ به نظرن جي بي تابيءَ کي سمجهي ويئي ۽ ان ئي انداز ۾ سندس وات کليو رهيو ۽ هوءَ کلندي رهي کلندي رهي ۽ هيءَ هوا جي مست جهوٽن تي باغ ارم ۾ پوکيل املتاس جي پيلن گلن جيان ٽڙندو رهيو ۽ جهومندو رهيو. ان وقت مئڊم جي اها دلفريب مسڪراهٽ نه رڳو سندس چپن تي ڦهليل هئي پر سندس پرڪشش ڳل ۽ چمڪندڙ اکيون به ان مرڪ ۽ کل جو خوبصورت سنگم هيون. پوءِ هُن ڏاڍي ڌيرج سان ٻئي چپ ملايا ۽ موتين جا داڻا يعني سندس سهڻا ڏند وات جي سُهڻي صندوق ۾ لڪي ويا.
انهن خوشگوار لمحن ۾ ئي در کليو ۽ هن جون نظرون پٺاڻيءَ تي پئجي ويون، وري ڪا پيار جي پينگهه هن جي مَنَ ۾ ملهاري مند ۾ لڏڻ لڳي ۽ هن جي لؤن لؤن منجهان لهرون اٿڻ لڳيون، هن تي محبت جي مستيءَ جا نشا چڙهڻ لڳا. پٺاڻي نه هئي ڄڻ انگوري شراب جي پيالي هن جي چپن تي هئي ۽ هن جي اندر ۾ مڌ بنجي اوتجي رهي هئي. ايتري ۾ ٽي عورتون ٻيون ڪمري ۾ هليون آيون ۽ مئڊم کي مخاطب ٿي چيائون اسان جي ميٽنگ ته ختم ٿي وئي آهي. صدر صاحبه هن صحافي ۽ توهان کي سڏايو آهي، اهي سياسي عورتون ٿي لڳيون.
مئڊم هن کي ياد ڏياريندي چيو ٿڪجي ته پيا هوندو، پر هاڻي هي ٽيون بيان بس آخري آهي! مون لاءِ اِها ڳالهه ڪا نئين ڪانهي.
پهريئن به توهان وٽ ٽي ٽي بيان لکي چڪو آهيان.
توهان جي وڏي مهرباني هاڻي اچو ته ڀلا هلون. هي ٻئي صوفن تان اٿن ٿا اڳيان اُهي ٽي سياسي عورتون وچ ۾ مئڊم ۽ هي ۽ پٺيان پياري پٺاڻي. ڊرائينگ روم مان نڪري ٽي وي لائونج مان ٿيندا هو هڪ ڪمري ۾ پهچن ٿا، جنهن ۾ رڳو غاليچو وڇايل هو، اي سي هلي رهي هُئي، ويٺلن ۾ چار نوجوان ڇوڪريون هيون، باقي ٽي شادي شده پر جوان جماڻ هيون، ميڪ اپ ۽ خوشبوئن سان ٻهڪي رهيون هيون.
هنن کي ڪمري اندر ايندو ڏسي سڀئي اٿي بيٺيون، مجبور ٿي يا ڄاڻي واڻي صدر صاحبه به اٿي بيٺي.
پنهنجو هٿ وڌائي صحافيءَ جي هٿ ۾ ڏنائين، صحافي ڏند، ٽيڙيا، پر اهي ڪنهن به صورت ۾ ٽُٿ پيسٽ جو اشتهار نه هئا ساڻس ڀر ۾ بيٺل پٺاڻڪي حسن جا جلوا پکيڙيندڙ حسينه جنهن جي حسن ۽ سياسي ڏاهپ جي هاڪ هئي، تنهن به هن کي کلي کيڪاريندي پنهنجو هٿ ڏنو. هن ان وقت پنهنجي خوشنصيبيءَ کي انتها تي پهچندي ڏٺو ڇو ته پشم جھڙو اهو هٿ سندس من پسند شخصيت جو هو ۽ سندس سياسي بصيرت به گهٽ ڪانه هُئي ۽ سياسي تنظيم جي صدر صاحبه هن کي ويهڻ جي آڇ ڪئي ۽ ان سان گڏ سڀ غاليچي تي ويهي رهيا.
هن کي ائين لڳو ڄڻ ڪمري اندر گلن ڦلن جو گلدستو ٺهي ويو. رنگن جا روپ نکري پيا ۽ خوشبوئون ڦهلجي ويون.
”ڪهڙا حال احوال آهن“
توهان جي اخبار اسان جي جلسن کي ڪوريج ئي ڪانه ٿي ڏئي“؟
مون کي جڏهن به توهان گهرايو آهي مون رپورٽنگ سان گڏ توهان جون تصويرون به هلرايون آهن، اُن مهل پشم جھڙن هٿن، ملوڪ مهانڊن ۽ پٺاڻي حسن جھڙي پياري حسينه هن جي حمايت ڪندي تعريف ۾ هيئن به چيو هنن ڏکين ڏينهن ۾ هي اسان کي پاڻ فون ڪري به بيان لکي وٺندو آهي.
مون کي خبر آهي آخر مان ضلعي جي صدر آهيان منهنجو به هن سان رابطو هوندو آهي. ائين چئي صدر صاحبه پنهنجي اهميت کي وڌايو. ها ياد آيم. توهان جي اخبار جو اڳيون رپورٽر هو نه نالو ياد ڪندي ذهن تي زور ڏئي ٿي، هي يڪدم ان جو نالو کڻي ٿو ها ها اهو ئي اهو مون کان انٽرويو وٺي ويو هو، ڪئميرامين به آندو هئائين.
اهو انٽرويو ته هليو هو، هن کيس ياد ڏياريندي چيو.
ها پر اهي تصويرون ته ڪئميرامين کان وٺي اچو، مون ڏاڍي شوق سان اهي پوز ڪڍايا هئا. ڪير هو پريس فوٽوگرافر؟ ها، هو ڏاڙهي وارو، اصل مون مان اک ئي ڪونه پيو ڪڍي، مئو ماريو! پٺاڻڪي حسن مشڪي هن جو نانءُ کنيو ۽ هِن چيو اهو ويچارو ته پنج وقت نمازي آهي.
”نمازين کي دل نه هوندي آهي ڇا؟ اڃان ويچارو ڪُنوارو آهي!“
اهو برجستو جملو مئڊم کان نڪتو ۽ سڀني کان کِل نڪري ويئي. ضلعي صدر صاحبه به کل روڪي نه سگهي ۽ چيائين چئبو ته اهو دل ڀينڪ فوٽوگرافر آهي ۽ هن وري چيو دل ڀينڪ ته ڪو ٻيو به ٿي سگهي ٿو، هن جو جملو پاڻ لاءِ هو پر ڪنهن الاءِ سمجهيو يا نه. البته سڀني جي چهرن تي مرڪ اچي ويئي. هاڻي ڀلا بيان جي ڳالهه ڪجي.
ها بلڪل بيان لکرايان ٿي، هن سياسي ڇوڪرين ۽ عورتن ڏانهن نهاري چيو هاڻ توهان ڀلي هلي ڊرائينگ روم ۾ ويهو.
مئڊم يڪدم نوڪرياڻيءَ کي چيو ته هنن سڀني کي ڊرائينگ روم ۾ ويهار ۽ هو اٿي ويون هليون.
”قسم سان مٿو ٿو ڦاٽي ڳالهائي ڳالهائي نڙيءَ ۾ سور ٿي پيو آهي“ صدر صاحبه چيو. چانهن ٺهرائي ٿي وٺان مئڊم چيو.
انهيءَ کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي سٺي ڳالهه ٿيندي، صدر صاحبه فرمايو.
مئڊم اُٿي ڪمري مان وڃڻ لڳي ته پٺاڻي حسن اٿندي چيو مان هڪ ٻه فون ڪري اچان ٿي.
اڇا ته صحافيءَ جي تِکن سوالن لاءِ توهان ٻئي مون کي اڪيلو ٿيون ڇڏيو وڃو، ٻنهي مرڪي پٺيان نهاري چيو هي تنهنجو انٽرويو يا پريس ڪانفرنس ڪانهي ۽ هي اهو صحافي ڪونهي هي سمجهه کڻي پنهنجي پارٽيءَ جو صحافي آهي.
صدر صاحبه به کلندي چيو وڃو وڃو مان ڊڄڻي سياستدان ناهيان.
هو ٻئي ڄڻيون ڪمري مان نڪتيون، ته صدر صاحبه پنهنجي نانءُ جھڙي شگفتگي تازگي ۽ نرمي منهن تي آندي، اي سي جي هوا سڌو سندس چهري تي لڳي سندس وار به چهري آڏو آڻي رهي هئي، هن ڏاڍي پياري انداز سان وار منهن تان هٽائيندي پڇيو:
ڇا حال آهن توهان جا؟
بس شڪر آهي خدا جو، بيان ۾ ڇا لکان؟
اهي ئي نعرا، خواب ۽ خيال جيڪي وفاق پرست سياسي ليڊرن جا ٿيندا آهن.
”ته ڇا توهان کي پنهنجي صوبي جو فڪر ڪونهي؟“
نه نه بلڪل آهي، اسان جو صوبائي صدر ۽ صوبائي عهديدار انهن مسئلن تي آواز اٿاريندا رهندا آهن، پر وفاقي پاليسيءَ جي فريم ورڪ ۾. بس توهان اهڙو بيان ڪڍو جو صوبي وارا سمجهن اسين ئي وڏا قومپرست آهيون ۽ اسان جي سينٽرل باڊي به خوش ٿئي، ائين چئي هن کي وري چيائين اچو ٿورو اي سي جي ويجهو ٿي ويهو جيئن توهان جي بيان مان ٿڌڪار ئي ٿڌڪار نڪري.
هي اي سي جي ويجهو ٿيو ۽ هيءَ هن جي ويجهو ٿي ويئي، ايترو ويجهو جو ان جي بدن جو ڇهاءُ هن کي لڳندو رهيو ۽ هن جي بدن جي خوشبو اي سي جي ٿڌي هوا سان گڏ هِن ۾ منتقل ٿيندي رهي. هن ان جوان جماڻ سياسي دوشيزه جي جسم کي نظرانداز ڪندي تڪڙو تڪڙو بيان لکڻ شروع ڪيو ۽ هوءَ غير شادي شده سياسي جوانڙي هن ۾ نهاريندي رهي. اڃان اڌ بيان تي پهتو ته کيس لڳو ڄڻ اي سي بند ٿي وئي هجي، هن ڪنڌ مٿي ڪري ڏٺو، اي سي هلي رهي هئي، پر خوبرو دوشيزه جو جسم جلي رهيو هو، جنهن سياست جي ڪري اڃان شادي نه ڪئي هئي. هن وري بيان لکڻ جاري رکيو. هاڻي هن کي محسوس ٿيو هن جي بدن ۾ ڪا گرمي، ڪا حرارت حرڪت ڪري رهي آهي، لکندي لکندي هن نظر هيٺ ڪئي ۽ ڏسي ورتائين هن جي جسم جو ڪو انگ اهو قرب جو ڪرنٽ هن ۾ منتقل ڪري رهيو. هن وڌيڪ تيزيءَ سان بيان لکڻ جاري رکيو. ۽ وري نظرون کڻي هُن ڏانهن ڏٺائين، جنهن اکيون پوري ڇڏيون هيون، پر سندس جسم جو انگ شعوري يا لاشعوري طور هلڪي هلڪي حرڪت سان قرب جو ڪرنٽ هن ۾ منتقل ڪري رهيو هو. هن تڪڙو تڪڙو لکي نيٺ بيان پورو ڪيو، تيسين هن جا انگ به ڪوسا ڪوسا ٿي ويا. هن ان وقت ئي يڪدم اُتان اُٿي ڪرنٽ جي تار پاڻ کان پري ڪري ڇڏي. هن جلندڙ جل پريءَ جا کنڀ به وڌيڪ سڙڻ کان بچي ويا ۽ اک کلي پيس. ”بيان لکجي ويو. ها بيان لکجي ويو.“
ڪمري جو در کليو ته نوڪرياڻي چانهه بسڪوٽن سوڌو اندر هلي آئي، مئڊم سان گڏ پٺاڻڪو حسن به پنهنجي ملوڪ مهانڊي تي ڪارو چشمو چاڙهي پرس هٿ ۾ کڻي اندر داخل ٿيو. بس چانهه پيون بيان ٻڌون ته هلون ٿا پاڻ به صدر صاحبه پنهنجي سياسي پٺاڻي حسينه کي تيار ڏسي چيو.
هن به شوڪارو ڀري چانهه جو ڪوپ نوجوان نوڪرياڻي جي هٿ مان وٺي آڏو رکيو ۽ سڄو بيان پڙهي ويو. بيان سڀني کي ڏاڍو پسند آيو، بعد ۾ آيل ڇوڪرين جو رايو به اهو ئي هو ته بيان سُٺو آهي. بسڪوٽ کائي چانهه پي هي موڪلائي هليو آيو هو، هر پنجن سالن کانپوءِ ان وفاقي پارٽي کي ٻه دفعا حڪومت ملي پر جيڪي خواب، خيال نعرا ۽ وعدا هِن مرد توڙي عورت سياستدانن کان انٽرويوز ۽ بيانن جي صورت ۾ وٺي ڇپرايا ها، انهن مان ڪنهن تي به عمل ڪونه ٿيو. سياست هن سماج ۾ ڪوبه سڌارو ڪونه آندو، ٻنهي وڏين سياسي پارٽين ڪرپشن جي انتها ڪري ڇڏي. هن ملڪ ۾ اين جي اوز به ناڪام ٿي ويون آهن، ڌاڙيل ۽ دهشتگرد خوش آهن، قومپرستن کي ووٽ ڪونه ٿا ملن، وفاق ناڪام ٿي چڪو آهي. منهنجي ڏاڙهي واري دوست پريس فوٽوگرافي ۽ مون صحافت ڇڏي ڏني آهي، پر پوڙهن ناڪاره ۽ ناڪام سياستدانن اڃان به سياست ڪونه ڇڏي آهيسياستدانن اڃان به سياست ڪونه ڇڏي آهي.

مٽي جا شيطان

تون! ٻالڪپڻي ۾ سهڻا ۽ پيارا پکي گليل يا بندوق سان ماريندو هئين؟
نه هرگز نه...!
تون ننڍپڻ ۾ ڪيوليون يا ماڪوڙيون پيرن سان لتاڙي ماريندو هئين؟
نه......نه.......نه!
تون! صبح ساجهر باغ ۾ تازن، گلن، ڦلن، ساون ٻوٽن مٿان ايندڙ خوبصورت ۽ نازڪ نفيس پوپٽ پڪڙي مُٺ ۾ بند ڪري پوءِ ترين سان مهٽي مهٽي ماري ڇڏيندو هئين!؟
ڪڏهن به نه....!
ڀلا ! ڏنگن ڇوڪرن جيان ڀنڀوريون پڪڙي مُٺ ۾ ڀڪوڙي ماريندو هئين!؟
نه بلڪل نه.... اصل نه....
ڪوئيلن کي ڦاسائي سندن گلا ته توئي ڪٽيا هوندا؟
مون ڪڏهن به ائين نه ڪيو هو
پر نوجواني ۾ ته حرڪتي ۽ حرفتي بنجي ويو هوندين؟
مان اهڙين ڳالهين کان پري هئس.
پوءِ هي بلبلون ڄار ۾ ڦاسائي.... ڦٿڪائي ڦٿڪائي ڪير پيو ماري؟
مان شڪاري ۽ ماري ناهيان.
ها مون کي ياد آيو توئي طوطن کي پڃري ۾ بند ڪري ان مان پاڻي جي ڀريل وٽي، ساوا مرچ ۽ زيتون ٻاهر ڪڍي ڇڏيا هئا ۽ طوطا بُک ۽ اُڃ ۾ تڙپي ۽ ڦٿڪي مري ويا هئا.
مان اهڙو ظالم ڇوڪرو يا نوجوان نه هئس تون مون تي الزام پيو هڻين؟
پوءِ ڪير ته آهي جيڪو اهي ڪم ڪري ٿو ۽ توکي جي ان جي خبر آهي ته مون کي ٻڌائي؟
او ماڻهو ڏس ! مان تو جهڙو ماڻهو آهيان ، نه ننڍي هوندي نه وڏي هوندي اهڙا قهري ڪم ڪيا ٿم.
ياد ڪر.... ياد ڪر.... تون ئي ته هئين جنهن پکين جي آکيرن مان آنا ۽ ٻچا ڪيرائڻ لاءِ وڻن کي زور سان پٿر هنيا هئا ۽ وڻن تي چڙهي زور سان ٽاريون ڌوڻي، لٺيون هڻي آکيرا ، آنا ٻچا هيٺ ڪيرايا هئا.
تون مون کي ڇتو يا چريو ڪندين ڇا؟ تو کي چيم ته مان ڪنهن جو به قاتل ناهيان.
ها مان اهوئي ته پڇڻ چاهيان ٿو ته هت ڏسڻ ۾ انسانن جهڙا، پر عملن ۾ وحشي خوني حيوانن کان گهڻو اڳتي وڌي خودڪش حملا آور بمبار ۽ دهشتگرد آخر هن ڌرتي تي مٽي مان بڻيل شيطان ڇو ٿي ويا آهن....!!؟؟

سچي دوستي

در کڙڪيو... امان در کولڻ بنا، اندران ئي پڇيو
ڪير آهي؟
ادي ... عبدالحق کي سڏيو!
ادا... اهو ته ٽي مهينا اڳ گذاريو ويو آ !
“هانءَ...!!! هانوَ ۾ لڳل ڪنهن بڙڇي جيان ڄڻ ڪو نڙي جو گوشت چيريندو هن جو آواز نڪتو هو. ۽ ڪا گهڙي چپ چاپ ۾ گذري وئي.
در کان ٻاهر بيٺل منهنجو ننڍڙو وجود اها خاموشي ڏسي حيران ٿي ويو هو.
پوءِ شايد هن سڄي ذهني قؤت گڏ ڪري پڇيو
“ادو نجم الدين آهي؟”
“نه ... ادا اهو ته نوڪري تان ڇنڇر ڏينهن شام جو ايندو.”
هُن مون ڏانهن نهاري ڌڪندڙ هٿ منهنجي مٿي تي رکيو هو. ڏٺو هئم ته سندس اکين مان لارون ڪري ڳوڙها سفيد قميص تي ڪرندا ٿي ويا.
مون کي ياد آيو ته منهنجي نوجوان چاچي عبدالحق ڪوٽڙي جي ٽي _بي سينٽوريم ۾ وات مان رت اچڻ جي ڪري پنهنجي اڇي قميص ڳاڙهي رت سان ڀري ڇڏي هئي.
اڄ اڌ صدي کان به پنج سال مٿي ٿي ويا آهن ۽ مان سوچيان پيو
چاچا جي اڇي قميص تي ڪريل ڳاڙهي رت ۽ سندس دوست جي سفيد قميص تي ڪريل لڳاتار بي رنگ ڳوڙهن جيڪو رنگ ٺاهيو هو اهو ئي سچي دوستي جو رنگ هو.

زندگي ڪئين نٿي بدلجي؟

تون ڏاڍو ڪنجوس آهين.
ها توکي ڇولا چاٽ ۽ دهي بڙا نٿو کارايان انهي ڪري نه!؟
نه نه هونءَ به مائٽن ۾ اها ڳالهه مشهور آهي ته وسيم پئسن جي معاملي ۾ ڏاڍو پڪو آهي. جڏهن ته شام جو ڊاڪٽر وٽ پارٽ ٽائيم ڪمپائونڊري به ڪري ٿو.
مئڊم شازيا تنهنجي اطلاع لاءِ عرض آهي ته مان پارٽ ٽائيم ڪمپائونڊري جا پئسه ڪونه وٺندو آهيان.
مان صبح واري سرڪاري نوڪري ۾ ڪلارڪ ئي ته آهيان نه!
ڪلارڪي ۾ به هڪ مستقل سيٽ تي نه هوندو آهيان.
پنهنجن پرڪارن ۽ ڪم جي ڪوتاهين ۽ آفيسرن جي پسند ، ناپسند ۽ مهربانين، نامهربانين سبب. هاڻي ڌيان سان ٻڌ شازيه صاحبه !
شروع ۾ مون کي ڪيشئر ڪري رکيائون پوءِ بدلي ڪري اسٽيٽمينٽ شيٽ ٺاهڻ تي ويهاريون اتان بدلي ڪيائون ته ڊسپيچ سيڪشن ۾ ڪم ڪرايائون. آفيسر پوءِ به نه مڙيا يا مان نه سُڌريس. سو انهن به سڌو بدلي ڪري اچي زونل هيڊ سيڪشن ۾ ويهاري سڌرڻ ۽ ڪم سکڻ جو موقعو ڏنو.
پر مئڊم صاحبه ! آئون به آئون ٿي بيٺس.
مان مون مان به نه نڪتي! آفيسر ڪم نه ڪرڻ يا سٺو نه ڪرڻ تي. ايڪسپلينيشن يا وارننگس ڏين ته موٽ ۾ جواب ڏيان ته مون ڪيشئر جي نوڪري لاءِ ٽيسٽ ۽ انٽرويو پاس ڪيو هو ۽ منهنجي پهرئين پوسٽنگ به ڪيشئر جي آهي. لحاظه مون کي منهنجي اصل پوسٽ ڪيشئر تي رکيو وڃي.
نيٺ آفيسر به بيزار ٿي پيا. مٿان يونين وارا به منهنجا همدرد آهن. مان لاپرواهه ، بي پرواهه ڪجهه قسمت ڪجهه يونين جي زور تي واپس ڪيشئر ڪائونٽر تي اچي ويو آهيان.
تڏهن مان اڄڪلهه پنهنجي اصل پوسٽ يعني زونل آفيس ۾ ڪيشئر ئي آهيان.
يونين وارن کي ته پڪوڙا، ڇولا چاٽ، حليم کارائي يا ڪڏهن ڪڏهن ٺلهيون چانهيون پياري خوش ڪيو ويٺو آهيان.
پر آفيسر اڃان به منهنجي ڪم ڪار مان مطمئن نه آهن ۽ مان انهن کي اصل ڪونه وڻان! پر مون کي ڪنهن ٻئي شهر ۾ بدلي به نٿا ڪري سگهن ڇو ته هيٺين اسٽاف جي يونين جو مان ميمبر آهيان ۽ عهديدار منهنجا پڪوڙائي، ڇولائي، کاڌي پيتي جي شوق وارا دوست آهن ته وڏي اسٽاف واري وڏي يونين جو صدر منهنجو محترم چاچو آهي. جنهن ئي مون کي هتي ڀرتي ڪرايو آهي.
وسيم ! شرم نه ٿو اچئي، پنهنجين ڪوتاهين جي ڪري آفيسرن جي نظرن ۾ ڪري پيو آهين ! آئون ته اڄ به چوان ٿي تون مها ڪنجوس آهين.
جيڪڏهن آفيسرن کي به ڪڏهن ڪا سوکڙي ڪا مٺائي ڏين ها ته هر هر تو کي بدلي ئي نه ڪن ها.
آخر ڪيشئر هئين سو به زونل آفيس جو.
ڏس! مان اڄ به چوان ٿي تون پنهنجي شادي جي تياري ڪر. ڪنجوس پائي ڇڏ موٽرسائيڪل به قسطن تي ئي وٺ... ۽ مائٽن مان ئي ڪنوار پرڻجي.
ان کي موٽر سائيڪل تي پاڻ سان گڏ ويهاري پيو گهمائجانءِ
ڏس ته پوءِ زندگي ڪيئن نه ٿي بدلجي...!؟

ڊاڪٽر مقبول ميمڻ مارو

---

ڊاڪٽر مقبول ميمڻ مارو جون ڪھاڻيون

ڊاڪٽر مقبول ميمڻ مارو 14 فيبروري 1957ع تي قاضي محله اسٽيشن روڊ ماتلي ضلعي بدين ۾ جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم پنهنجي شهر مان حاصل ڪئي. انٽر سائنس گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ٽنڊو محمد خان مان ۽ ايم بي بي ايس لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو مان حاصل ڪرڻ بعد 1987ع ۾ سرڪاري ڊاڪٽر مقرر ٿيو. هن گلن جهڙا ٻارا شاخ ماتلي قائم ڪرڻ کان علاوه ڪونڌر پبليڪيشن ماتلي جو بنياد رکيو. ۽ هن جا ڪالم ، ڪهاڻيون، شاعري روزاني عبرت، آفتاب، مهراڻ ، هلال پاڪستان ، الوحيد ۽ سنڌ نيوز ۾ شايع ٿي چڪا آهن. ۽ اکين ۾ ٿي ويهه سندس شاعري جو مجموعو شايع ٿي چڪو آهي. دريا توتي دانهن محمد عثمان ڏيپلائي نمبر ڪڍيائين. ڊاڪٽر پبليڪيشن طرفان سنڌي اردو انگريزي سلسلو شايع ڪيائين. سنڌي ادبي سنگت ماتلي شاخ جو سيڪريٽري 1972ع کان 1977ع تائين رهيو. ڊاڪٽر الهورايو محمدي سان يونائيٽيڊ ميمڻ اسٽوڊنٽ جماعت طرفان سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مفت طبعي ڪيمپ لڳائي حيدرآباد جي مختلف اسڪولن ۾ مفت چڪاس جو اهتمام ڪيو. ڊاڪٽر شفيع پاٽولي، ميڊم شائسته آفندي، ماسٽر نور محمد ملڪ سان سوشل ورڪر آگنائيزيشن طرفان لطيف آباد نمبر 9 حيدرآباد ۾ فلاحي اسپتال (ڪلينڪ) مفت اکين جي ڪيمپ، نيشنل اسپتال حيدرآباد جي ريلوي اسٽيشن ڀرسان قائم ڪيائين. ينگ رائيٽرس گلڊ سنڌ جو صدر پڻ رهي چڪو آهي. ڊاڪٽر خان محمد پنهور جي سهڪار سان ماتلي جي مختلف ڳوٺن ۾ ڳوٺ سُڌار سنگت قائم ڪئي. ۽ سماج بهبود کاتي طرفان مفت طبعي ڪيمپون لڳايون. عورتن جي لاءِ سلائي ڪڙهائي سنيٽر قائم ڪيا. مختلف سنڌي، اردو شاعرن جي شاعري جا مجموعا ڇپايائين. پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئشن ماتلي شاخ جو جنرل سيڪريٽري رهيو ۽ طبعي ڪيمپون لڳايائين. پيپلز ڊاڪٽر فورم ضلعي بدين طرفان تلهار ۾ مفت اکين جي ڪيمپ لڳائي. روزانه آفتاب ۾ شاگردن جو صفحو مفت طبعي مشورا، روزانه مهراڻ ۾ ادبي صفحو ۽ پندرنهن روزه عبرت مئگزين ۾ مفت طبعي مشوره ، روزانه آفتاب ۾ ميڊيڪل صفحو (ڪلينڪ) ڪڍيائين. 2017 ع ۾ ايڊيشنل ميڊيڪل سپرينٽنڊيٽ گورنمينٽ اسپتال ماتلي جي عهدي تان رٽائرڊ ٿيڻ بعد مصطفى ڪلينڪ ماتلي ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.

نور محد ڀٽو

افسوس اٿم !

فيض محمد BA سٺن نمبرن ۾ پاس ڪئي. اڳيان وڌڻ ۽ پرهڻ جي شوق هن کي اڳيان پڙهڻ جو موقعو ڏنو. MA ۾ داخلا ورتائين، ٻه سال به کن پل ۾ گذري ويا. MA به سٺن نمبرن ۾ پاس ڪيائين. مائٽن جو ڪو به ڪاروبار نه هو، سو ڪوشش ڪرڻ لڳو ته ڪا سرڪاري نوڪري ملي وڃي، سو ڪيتريون درخواستون لکي هر شعبي ۾ موڪليائين. تازو عوامي سرڪار آئي هئي. هن کي اميد هئي کيس نوڪري ضرور ملندي. MPA ، MNA تر جي وڏيرن، پيرن ميرن ۽ چڱن مڙسن وٽ ڪيترائي ڏينهن جتيون گسائيندو رهيو پر هن کي نوڪري نه ملي. هن کي ڪهڙي خبر ته جهموري دور ۾ نوڪريون پئسن تي ملن ٿيون. جيڪا به نوڪري آئي پارٽيءَ جا جيالا، ايم پي اي، ايم اين اي ان کي سٺي اگهه ۾ وڪڻيو ڇڏين. هن وٽ ته رشوت ڏيڻ لاءِ به پئسا نه هئا. آخر روزي روٽي ڪرڻي هئي سو زال جا زيور وڪڻي پنهنجي ئي پاڙي ۾ هڪ ننڍڙو پرچون جو دڪان کولي ڇڏيائين. ان دڪان ۾ اڃان هڪ رپئي جو به ڌنڌو نه ڪيو هيائين ته ڪامريڊ ڪرڙ ڪانڊيرو دڪان تي پهچي ويو. ڪامريڊ ڪرڙ ڪانڊيرو هڪ تنظيم جو صدر هو. فيض محمد کان ڀتي جي گُهر ڪيائين. فيض محمد چيو ته:
“مون اڃان دڪان کوليو آهي، هڪ روپئي جو به ڌنڌو نه ڪيو اٿم.”
ڪامريڊ چيس ته: “اهو تنهنجو مسئلو آهي، منهنجو مسئلو تنظيم لاءِ فنڊ گڏ ڪرڻ آهي. ان ۾ ته توکي حصو وٺڻو پوندو.” ڪافي ريڙهه پيڙهه کان پوءِ همراهه گهر وڃي پنهنجي ننڍڙي جي اسڪول لاءِ رکيل في کڻي ڪامريڊ کي ڏئي ڇڏي. ٻئي ڏينهن ڪجهه ڌنڌو ٿيس ته ٻيو ڪامريڊ چٻري جيان ڏند ڪڍندو همراه وٽ پهتو. ڏند ڏسڻ سان معلوم ٿيو ته همراه مهيني کان ڏندن کي ڏندڻ ئي نه ڏنو هو. ويچاري جو جيڪو به ڌنڌو ٿيو اهو هن ان ڪامريڊ کي ڏيئي ڇڏيو. ٽئي ڏينهن ٿيو ڪامريڊ ٽنڊڻ سنڌي هن کان پارٽي ۽ ميٽنگ لاءِ گاڏي ڪرائڻ هن کان ڦري ويو. چوٿين ڏينهن هڪ اک وارو ڪامريڊ ڏيڏر سنڌي هن کان غنڊه ٽيڪس بهاني رقم ميڙي ويو. انهن ٽيهن ڏينهن ۾ هي ٽيهه ئي ڏينهن هي ڪامريڊ ۽ اخباري نمائندن جي هٿان هي ڦربو رهيو. اخباري نمائنده ته ڪامريڊين کان به وڌيڪ هئا. دڪان ۾ هو ڇا جنهن جو اشتهار ڏي. آخر نوبت اچي بکن ۽ فاقن تي پهتي. آخر ڪافي سوچ ۽ ويچار کان پوءِ هن هڪ اهم فيصلو ڪيو. پنهنجو نالو فيض محمد مان مٽائي ڪامريڊ کڙکٻيتو سنڌي رکي ڇڏيو ۽ پنهنجي هڪ پارٽي ٺاهي ڇڏي ان جو صدر ٿي ويهي رهيو. هڪ اخبار ڪڍڻ جو به اعلان ڪري ڇڏيائين. ان کان پوءِ هن اهو ئي ڪم شروع ڪيو جيڪو ڪامريڊ ۽ اخبار وارا ڪن ٿا. ڪالهه مليو ٽويوٽا ڪرولا ۾ چيائين:
“الله جو شڪر آهي مهيني ۾ ٻه ٽي لک ملي وڃن ٿا. پر افسوس اهو اٿم جو هي ڪم مون دير سان شروع ڪيو” .

مذهب

مسلمانن جي ملڪ جي هڪ صوبي جي هڪ ضلعي جي تعلقي جي ننڍڙي ڳوٺ ۾ سيٺ ڄيٺانند پنهنجي عمر جو وڏو حصو گذاري چڪو هو. سيٺ جي گهر جي ڀرسان ئي هڪ مسجد هوندي هئي. ان مسجد مان هر وقت ٻانگ جو آواز سيٺ جي گهر تائين ايندو ئي رهندو هو. هڪ ان مسجد ۾ هڪ ٻاهر جو مولوي آيو. ڏينهن جمع جو هو. سيٺ صاحب جو دڪان بند هو. هو پنهنجي گهر جي اڱڻ تي ويهي پسار ڪري رهيو هو. ان سياري ۾ سيءُ به سٺا ٿي پيا هئا. اس ان کي سيڀائي رهي هئي. مسجد مان ان آيل مولوي صاحب جو آواز به چٽو ٻڌڻ ۾ اچي رهيو هو. ڇاڪاڻ ته ان مسجد جي منبر تي لڳل لائوڊ جو منهن ۾ سڌو سيٺ صاحب جي گهر طرف هو. ان مولوي صاحب پنهنجي جذباتي تقرير ۾ دنيا ۽ آخرت جي وچ جي فرق جي باري ۾ ٻڌايو. جنت ۽ دوزخ جو ذڪر به کولي بيان ڪيو. مسلمانن کي جنت جي خوشخبري ۽ ڪافرن کي دوزخ جي باهه ۾ سڙڻ بابت فرمايو. چڱاين ڪرڻ ۽ براين ڪرڻ کان بچڻ جي تلقين ڪئي. سيٺ ڄيٺارام انهي تقرير جو گهرو اثر ورتو ۽ دل ۾ سوچيائين ته هن پنهنجي سموري زندگي بي ايماني ۽ وياج خوري ۾ گذاري ڇڏي آهي. هاڻ موقعو آهي ته پنهنجي برن عملن کان توبهه تائب ٿي مسلمان بنجي چڱا عمل ڪري بهشت جو حقدار ٿيان. اهو سوچي نماز کان پوءِ مولوي صاحب وٽ ويو ۽ پنهنجي سموري فيملي سميت مسلمان ٿي ويو. پنهنجو نالو کڻي سليم رکرائي ۽ ڏاڙهي کي کڻي ڇڏيائين. همراهه متقي ۽ پرهيزگار ٿي ويو. پنج وقت نماز سان گڏوگڏ ٻيا به سمورا عمل نيڪ مومن مسلمانن جهڙا ڪرڻ لڳو. هڪ دفعي هڪ وڏي شهر ۾ ويو اتي خواجن جي جماعت خاني کي مسلمانن جي عبادت گاهه سمجهي پنهنجي سکيل طريقي سان نماز پڙهائين. انهن مار ڏئي لوڌي ڪڍي ڇڏيس، وري وڃي امام بارگاهه کي پنهنجي فرقي جي عبادت گاهه سمجهي نماز پڙهيائين. جن به کيس ٻاهر ڪڍي ڇڏيس. وري اتان نڪري هڪ مسجد ۾ آيو اتي نماز پڙهيائين جن به کيس ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. وري هڪ مسجد ۾ نماز پڙهيائين ته هڪ همراهه پويان هن جي مليل ٽنگون نماز ۾ ئي کولي ڇڏيائين. نماز پڙهي همراهه کي ان واردات بابت پڇيائين. ان چيس ته : “تو غلط نموني ٽنگون کولي بند ڪري، پئي نماز پڙهي مون توکي صحيح طريقو ڪرايو آهي.” هو سوچن ۾ پئجي ويو ته هڪ مسلمان پنهنجي عبادت گاهه ۾ اچڻ نه ڏنو، ٻين ڪڍي ڇڏيس ۽ ٽيئن نماز ۾ ئي سندس پير ۽ ٽنگون کولي ڇڏيس وري ڪجهه ڏينهن مذهب جي باري ۾ سوچيندو رهيو ۽ جنت ماڻڻ جي تمنا مختلف مسجدن امام بارگاهن جا دورا ڪندو ۽ واعظ ٻڌندو رهيو. هي جڏهن به وڏي شهر ۾ ايندو هو ته پنهنجي ناليج کي وڌائڻ لاءِ مختلف مسجدن ۾ انهن جي طريقي مطابق نماز پڙهندو هيو انهن جو ڳالهيون ٻڌندو هيو.
مسلمانن جي مختلف فرقن جا ماڻهو مسلمانن جا ڪيترائي طريقا ٻين فرقن جي ماڻهن کي ڪافر، ملحد، مشرق ۽ بي ايمان ڪوٺيندا رهيا. هي مسلمانن جا ڪيترائي طريقا ۽ فرقا ڏسي پريشان ٿي ويو. هي مُنجهي پيو ته آخرت جي ڪهڙي فرقي ۾ ٿيندي ۽ مون کي بهشت ڪيئن ملندي....!؟ هتي ته هر فرقي وارا ٻئي فرقي کي نندين پيا هڪ ڏينهن انهي پريشاني جي عالم ۾ هي ڪجهه سمجهي نه سگهيو ۽ جهنگ جو رُخ ڪيائين. ان ڏينهن کان پوءِ سيٺ ڄيٺانند نظر ئي نه آيو.

اولاد جي خواهش

شهر جي پر رونق رستي تان هلندي هڪ ليڊيز ڪاسميٽڪ جي دڪان تي هڪ خوبصورت ماڊل گرل ڏسي ڪجهه دير لاءِ وات ڦاٽي ويم. ڏاڍي غور و فڪر سان هن جي زيب و تن کي ڏسندو رهيس. وقت جو ڪو به احساس نه پئي رهيو. ٻهراڙيءَ مان نئون نئون شهر آيو هيس. آئون پنهنجي ٻهراڙيءَ جي عورتن کي ان ماڊل گرل جي برابري تي آندم ته هو منهنجي خيالن جي ساهميءَ ۾ ان ماڊل گرل کان تمام گهيون هلڪيون لڳي رهيون هيون. منهنجي خيالن جا سلسلا تڏهن ٽٽا جڏهن هڪ مرسيڊيز ڪار منهنجي ڀرسان اچي بيٺي، ان ۾ ويٺل عورت مسلسل هارن وڄائي مون کي سڏي رهي هئي، آئون ويجهو ويس ته چيائين “مون کي اميد آهي تون مون مايوس نه ڪندين.”
مون نوڙت مان وراڻيو: “ فرمايو خاتون مان اوهان جي ڪهڙي خدمت ڪري سگهان ٿو.”
اها عورت 38 يا 40 سالن جي هوندي تمام نفيس قسم جي عورت هئي. هن جي ڪار جي دريءَ جو شيشو لهڻ ڪري پروفيوم جي مڌر خوشبو منهنجي دماغ جا پردا ئي کولي ڇڏيا. عورت شائستگيءَ سان چيو ته:
“آئون سيٺ رياض علي جي زال آهيان. اولاد جي بي انتها خواهش هوندي، اولاد جي نعمت کان محروم آهيان. اڄ منهنجي نظر ِ انتخاب توهان تي پئي ته مون کي اميد جو ڪرڻو نظر آيو. مون کي اميد آهي ته توهان مون کي مايوس نه ڪندا.”
دل ۾ چيم ته هن معزز عورت کي ڪيئن مايوس ڪجي. هي شايد اولاد جي سڪايل آهي. ۽ مون کي پنهنجو پٽ بنائڻ چاهي ٿي. پر اهو ڪيئن ممڪن آهي جو منهنجا ماءَ ۽ پيءُ موجود آهن. انهن جي شفقت کان آئون محروم ٿيڻ جو سوچي به نٿو سگهان.
“ڇا پيا سوچيو...!؟ ” هن منهنجي سوچن جي سلسلي کي ٽوڙيندي چيو.
“آئون چاهيان ٿي ته اسان جي مرڻ کان پوءِ اسان جي دولت ڪانگن جي ويڙهه جو شڪار نه ٿئي. ان کي سنڀالڻ لاءِ اسان جو ڪو پنهنجو وارث موجود هجي. ان لاءِ مون کي اولاد جي شديد خواهش آهي. ... ڏسو خدا جي واسطي! مون کي مايوس نه ڪجو. ”
آئون الائي جي ڇو ڪجهه چاهيندي به ڪُڇي نه سگهيس ۽ هن عورت، ڪار جو دروازو کوليو ۽ آئون ان ڪار ۾ ويهي رهيس. ڪار شهر جي رستن تي هلڻ لڳي. آئون سڄي واٽ اهو سوچيندو رهيس واهه جو ڪمال ٿي ويو. واٽ ويندي هڪ عورت ملي جيڪا مون کي پنهنجو اولاد بنائڻ چاهي ٿي، ۽ پنهنجي سڄي دولت جو وارث به... دل ئي دل ۾ ڏاڍي خوشي محسوس ڪرڻ لڳس، ۽ دل ئي ۾ پنهنجو پاڻ کي امير ٿيندو ۽ محلن ۾ رهندي ۽ ڪارن ۾ گهمندي پئي ڏٺم. رستي ۾ ان عورت مون سان ڪجهه به نه ڳالهايو. ڪار هڪ خوبصورت بنگلي ٻاهر بيٺي. هن ڪار جو دروازو کولي پهرين پاڻ لٿي ۽ منهنجو دروازو کولي مون کي ڪار مان لهڻ جو چيو ۽ پاڻ سان گڏ بنگلي ۾ اندر هلڻ جو چيائين. مختلف ڪمرن مان گذرندا هڪ خوبصورت ڪمري ۾ داخل ٿياسين. جيڪو شايد بيڊروم هو. مون کي ويهاري ڪوڪا ڪولا جي بوتل کولي گلاس ۾ وجهي ان ۾ برف به وجهي منهنجي اڳيان رکندي چيائين:
“توهان پيئو، هن نيڪ دل ۽ باوقار عورت جي باري ۾ سوچيندو رهيس. جيڪا مون کي پنهنجو اولاد بنائڻ جي خواهش رکي پئي. آئون پنهنجي قسمت تي رشڪ ڪندو پاڻ کي امير بنجندو محسوس ڪري رهيو هوس. اوچتو ئي هن کي سامهون ڏسي گلاس منهنجي هٿن مان ڪري پيو. وڏو ٺڪاءُ ٿيو ۽ گلاس ٽٽي پيو. ڪوڪو ڪولا سٺي غاليچي تي هارجي ويئي. هن چيو:
“ڪا ڳاهه ناهي ڊيئر ! ڳالهه اصل ۾ هي آهي جو مسٽر رياض سان شادي ڪندي 25 سال ٿي ويا آهن. پر آئون اولاد جي نعمت کان محروم آهيان. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته مسٽر رياض علي ۾ ٻار پيدا ڪرڻ جا جراثيم نه آهن ۽ مون کي اولاد جي بي پناهه خواهش آهي. ڪيترائي علاج ڪرايا اٿم ۽ حيلا هلايا اٿم پر محرومي ئي منهنجو مقدر آهي. اڄ منهنجي نظر تو تي پئي مون کي اميد آهي ته تون مون کي مايوس نه ڪندين ۽ مونسان ضرور تعاون ڪندي. ان ڳالهه جي مون کي رياض علي طرفان به اجازت مليل آهي. هو ڀرواري ڪمري ۾ شراب پي سُتو پيو آهي. ۽ ان عيوض آئون توکي مالا مال ڪري ڇڏيندس”
اهو چوندي بيگم رياض هڪ پيگ شراب جو پيتو ۽ پنهنجي عريان جسم سان مون ڏانهن وڌندي رهي...!!!”

ارمانن جو مقبرو

غربت جي گهاڻي ۾ پيڙهجندڙ پهر ان کان ڪيئن وسرندا. جنهن ۾ ڪو خود نه پيڙهيو ويو هجي. ملوڪ خوشي ڀريا ڏينهن گذاريا هئا پر هن جي پيري عمن ۽ مصيبتن جا پهاڙ کڻي آئي. ملوڪ ڏهه جريب زمين جو مالڪ هو. اها زمين هن جي مائٽن کان ئي مليل هيس. جنهن جو پاڻ زميندار هو ۽ پاڻ ئي هاري. محنت ۾ عظمت هوندي آهي. ان ڪاڻ ئي محنت جي موٽ ۾ هو مڇي ماني کائڻ وارو هو. ڳوٺ ۾ هن جي تمام گهڻي عزت هوندي هئي. هن جي سڀاءُ ۽ شرافت جي سڄي ڳوٺ ۾ واکاڻ هوندي هئي. هن جي ٻڍائڻ جو سهارو صرف سندس زال روپا وتي ۽ سلڇڻي سٻاجهڙي خوبصورت ۽ نيڪ سيرت ڌيءُ راڻي هوندي هئي. هن جو وقت پيار عزت ۽ شرافت سان پيو گذرندو هو. خبر ناهي ته هن جي خوشين کي ڪنهن جي نظر لڳي ويئي. جو هن جي زال روپا وتي اگهي ٿي پئي ۽ بيماري به اهڙي جو اچڻ کان پوءِ وڃڻ جو نالو ئي وساري ويٺي. ملوڪ زال کي علاج لاءِ شهر جي مشهور هندو ڊاڪٽر هوندراج جي اسپتال ۾ وٺي آيو. جتي داخلا،علاج ۽ ڪمري جي بهاني هن جو پئسو پاڻي وانگر وهڻ لڳو. ملوڪ هونئن به ايترو امير نه هو جو مهانگي علاج جي سٽ سهي سگهي !! بس هي انهن مان هو جو آڻين ۽ چاڙهين ڏٿ ڏهاڙي سومرو!
علاج باوجود به مرض چوي ته مون کي ملوڪ جو گهر ڇڏڻو ئي نه آهي. رکيل پونجي ايڪس ري، رت ، پيشاب جي تپاس، ڪمري ۽ علاج ۾ خرچ ٿي ويس پر هاڻي نوبت اچي زمين وڪڻڻ تائين پهتس. ڳوٺ جو وڏيرو ريئس ولي محمد اصل هن کي اڳ ۾ تڪيو ويٺو هو. ڄڻ ته هن جي مصيبت جو انتظار هئس. جڏهن هن تي پريشانين جا پهاڙ ڪريا ته وڏيري ولي محمد هن جي وڌيڪ ويجهو ٿي هن جي هر مدد جي حامي ڀري. هن جي ڏوڪڙن ختم ٿيڻ سان ئي وڏيري ولي محمد پنهنجي پئسن جو منهن ملوڪ ڏي ڪري ڇڏيو.
ڊاڪٽر هوندراج ڪجهه ڏينهن جي داخلا، ٽيسٽن ۽ علاج جا ملوڪ کان پنجاهه هزار کان به مٿي خرچ ڪرائي ڇڏيا پر ڦڪين فرق نه ڪيو. آخر جڏهن ملوڪ وٽ سمورا پئسا ختم ٿيا. مطلب ته ڊاڪٽر هوندراج ملوڪ کي چوسي نپوڙي خالي ڪري ڇڏيو. تڏهن هن کي مشورو ڏنائين ته هاڻ مريض کي شهر جي وڏي اسپتال ۾ داخل ڪرائي. ملوڪ کي ڊاڪٽر هوندراج جي ذهنيت جو ڏک ٿيو ته اهو جواب پهرين ڏي ها جڏهن هٿ ۾ ڏوڪڙ هئم. پئسن ختم ٿيڻ کانپوءِ ڊاڪٽر وڏي اسپتال جو مشورو ڏنو. جڏهن ته غلط علاج جي ڪري مرض به وڌي چڪو هو. ملوڪ وڌيڪ پئسن لاءِ وڏيري ولي محمد ڏانهن رخ ڪيو. وڏيري جو منهن هينئر ڪجهه ڦريل هو. جنهن ڪار وهنوار رکندي چيس ته:
“ملوڪ ٻه ڀائر، ٽيون ليکو، تو کان پئسا مٿي نه آهن پر دنياداري به ضروري آهي. پئسا اُڌار وٺڻ کان بهتر ته اهو آهي ته تون مون کي پنهنجي زمين لکي ڏي. جنهن وهنوار سان دنيا رکي ان حساب سان مون کي زمين نالي ڪري ڏي.”
ملوڪ مجبور هو، جو زال کي وڏي اسپتال ۾ داخل ڪرايائين. ٽيسٽون ٿيون، بيماري دل جي ظاهر ٿي. ڊاڪٽرن چيو ته دل جي رت جي هڪ نلي بند آهي. جنهن جو آپريشن ڪراچي ۾ ٿيندو. ملوڪ پنهنجي زال کي حيدرآباد مان ڪراچي منتقل ڪيو. جتي سندس زال جي اينجوگرافي ٿي. ان ۾ بيماري ظاهر ٿي پئي. انهن ڊاڪٽرن چيس ته ڪافي دير ڪير پهتو آهين. جلد اچين ها ته بيماري ايترا ڪامپليڪيشن پيدا نه ڪري ها !! پر وري به ڪوشش ڪيون ٿا. وڏن شهرن ۽ وڏين اسپتالن ۾ ته مريضن کي ڏسڻ تپاسڻ ۽ آپريشن لاءِ تاريخون ملنديون آهن. روپاوتي جي داخل ٿيڻ سان هن جون مختلف ٽيسٽون شروع ٿي ويون ۽ علاج چالو ٿي ويو. ملوڪ جي وڪيل سموري زمين جو وڏيري ولي محمد طرفان مليل پئسو، ڊاڪٽرن جي فين ۽ دوائن، اسپتال ۽ آپريشن جي خرچ لاءِ هڪ وڏو چٺو ٺاهي ملوڪ جي هٿ تي رکيائون ته ملوڪ ويتر اُداس ۽ ويڳاڻو ٿي ويو.
اسپتال جي عملي ۽ ڊاڪٽرن کان هڪ ڏينهن جي مهلت گهري همراه زال کي اتي وارڊ ۾ ڇڏي ڳوٺ موٽي آيو. وڏيري ولي محمد کي پنهنجو همدرد سمجهي، حال ڀائي ٿيندي سموري روئداد ٻڌايائين ته:
“وڏيرا زمين توکي لکي ڏنم، تنهنجا ڏنل سمورا پئسا به پنهنجي زال جي علاج ۾ کپائي ڇڏيم، هاڻ ته مون وٽ کائڻ لاءِ به پئسا نه آهن. ڊاڪٽر زال جي علاج ۽ آپريشن لاءِ هي چٺو لکي ڏنو آهي. ان ڪري مهرباني ڪري منهنجي واهر ڪر.”
وڏيرو ولي محمد ڦڪي مرڪ مسڪرائيندو رهيو ۽ چيائين ته: “ ملوڪ! فڪر نه ڪر، پنهنجا ئي پنهنجن کي ڪم ايندا آهن. آئون ته توهان کي پنهنجو وڏو ٿو سمجهان پر هڪڙو عرض اٿم! عرض سمجهين يا شرط سمجهين ان جي گذارش ڪندس”
ملوڪ چيس: “وڏيرا حڪم ڪر!
وڏيري ولي محمد ڪنڌ جهڪائي، شرمائيندي چيو: “اگر توهان پنهنجي ڌيءُ راڻي جي نڪاح مون سان ڪرايو ته آئون توهان جو ٻچو بنجي توهان جي هر واهر ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.”
اهيو ٻڌندي ئي الائي ڪيترا طوفان ملوڪ جي مٿان گذري ويا. هن پاڻ کي ذري گهٽ بي هوش ٿيڻ کان بچائيندي چيو:
“وڏيرا هوش ۾ ته آهين !؟ منهنجي ڌي راڻي ته تنهنجي ڏوهٽين ۽ پوٽين جيڏي آهي، تنهنجي ۽ راڻي جي عمر ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. اهو بي جوڙ رشتو ڪندي توکي پنهنجي ڌي ڪيئن ڏيان...!؟ ”
وڏيري ولي محمد منهن ڦيرائيندي چيس: “ ته پوءِ سائين توهان جي مرضي”
ملوڪ جي سامهون سندس بيمار زال جو چهرو آڏو اچي ويو. جيڪا پنهنجي علاج لاءِ ڄڻ ليلائي چئي رهي هيس ته: “ مون کي موت جي منهن مان بچاءِ، مون کي زندگي ڏي.” ٻئي پل ئي سندس ڌي راڻي جي معصوم صورت سامهون اچي رهي هيس. ائين محسوس ڪيائين ته ان جي چهري کي مردار سمجهي مرون پٽي رهيا هجن.... هي ٻنهي جي ٻُڏتر ۾ ٻڏي ويو.
ملوڪ جي اکين مان ڳوڙها قطارون ڪري ڪرندا رهيا ۽ پريشاني ۽ پيشيماني ۾ ڪنڌ جهڪائي ڇڏيائين. کن پل کان پوءِ جهيڻي آواز سان چيائين:
“وڏيرا ! منهنجي مدد ڪر، جيئن تون چوندين ائين ڪندس”
وڏيري ولي محمد چيس: “هينئر تنهنجي زال بيمار آهي، ان ڪري آئون شادي ڌام ڌوم سان نه ڪندس، پر اهو آهي ته سادگيءَ سان سڀاڻي منهنجو نڪاح راڻي سان ڪرائي ڇڏ ۽ صبح جو بئنڪ کلڻ سان ئي آئون توهان کي جيترا به پئسا گهربل آهن، اهي ڪڍي ڏيندس. ڇاڪاڻ ته توهان جي زال رڳو توهان جي زال نه پر منهنجي ماءُ به آهي”
ٻيو صبح ڇا آيو، راڻي جي ارمانن ۽ آرزوئن جو خون کڻي آيو. راڻي پنهنجي اندر جي اڌمن ۽ سيني جي سورن کي سانڍي ڪنهن خاموش تربت جيان وڏيري ولي محمد جي زال بنجي وئي.
ملوڪ وڏيري کان گهربل رقم وٺي ڪراچي جو رُخ رکيو. اسپتال ۾ قدم رکندي ئي پنڊ پهڻ ٿي ويو ڇو ته هن جي زال هن جي پهچڻ کان هڪ ڪلاڪ پهرين دل جي دوري جي ڪري گذاري چڪي هئي!
ڊاڪٽرن Death Certificate ٺاهي هن جي هٿ تي رکيو ته هن جي اکين اڳيان اوندهه ڇانئجي وئي ۽ ائين محسوس ٿيس ڄڻ سندس ارمانن جو مقبرو، زلزلي جي جهٽڪي سان پٽ ٿي ويو هجي.

ابا الله خوش رکيئي !

مير محمد کي ڳوٺ ۾ ڪم ڪار نه مليو. هن شهر طرف رُخ ڪيو. شهر ۾ به نوڪري ۽ پورهيو مشڪل سان ملي ٿو. پر هن همت نه هاري ڪوشش ڪندو رهيو. آخر رئيس دلبر خان جي زيرِ تعمير بنگلي جي چوڪيداري ملي ويس. هن ان زيرِ تعمير بنگلي جي ٻاهر ئي هڪ ننڍڙي جهوپڙي ٺاهي ان ۾ رهڻ لڳو. زير ِ تعمير بنگلي جي ريتي، سيمينٽ، سريا ۽ سِرن جي حفاظت ڪندو هو. ماني ڪجهه پرڀرو ملباري جي هوٽل تان کائيندو هو. رفع حاجت لاءِ بنگلي کان اڌ ميل پري هڪ جهنگ هو، ان جو استعمال ڪندو هو.
ان ڏينهن به سج لهي ويو. مستري، مزدور پنهنجو ڪم ڪري روانا ٿي چڪا هئا. هي ڀر واري هوٽل تان ماني وٺي، ڀونگي ۾ کائي سمهڻ جي تياري ڪري رهيو هو ته هڪ پوڙهي فقيرياڻي صدا هنئي ته:
“ابا الله جي نالي خيرات!”
هن کي به خدا جو خوف ياد آيو سو 10 روپيه ڪڍي فقيرياڻي کي ڏنائين. فقيرياڻي هيڏانهن هوڏانهن ڏٺو ۽ جهڙپ ڏيئي هن جي ڀونگي ۾ گهڙي آئي. ۽ هن کي خوب دعائون ڏيڻ لڳي. دعائون ڏيندي ڏيندي هن جي کٽ هيٺ ويهي عجيب و غريب حرڪتون ڪرڻ لڳي. هن جو هٿ مسلسل هلندو رهيو. هن جون ڪيل حرڪتون جيڪي غير شرعي زمري ۾ اچن ٿيون. هي به مرد هو پهريئن ته فقيرياڻي کي سمجهائيندو رهيو پر نيٺ شهوت هن تي غالب اچي وئي. هي اهو ڪري ويٺو جنهن کي ڪبيرو گناهه جا نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. ان گناهه ڪرڻ کان پوءِ هن پاڻ کي سنڀاليو، جلدئي ڪپڙا پاتا. فقيرياڻي به پنهنجا ڪپڙا سنڀالي هڙ مٿي تي رکي ڀونگي کان ٻاهر نڪرندي چيو ته :
“ابا الله خوش رکيئي، تو امان کي اصل ٺاري ۽ جياي ڇڏيو ....!!؟”

عظيم ليکڪ

هو سٺو ليکاري هو. هن جا لکيل ليک آئون ڏاڍي شوق سان پڙهندو هوس. الغرض ته هو منهنجي پسند جو ليکڪ هو. هن جون لکڻيون معاشري جون عڪاسي ڪنديون هيون. هن جا لکيل ليک معاشري جي براين کي لپاٽون هڻندا رهندا هيا. هن جو لکڻ واري دنيا ۾ وڏو نالو هو. آئون به هميشه هن جي عظمت کي سلام ڪندو رهندو هئس. من ۾ ڏاڍو شوق هو ته هن سان ملاقت ڪريان.
هڪ ڏينهن وقت ڪڍي هن سان ملڻ لاءِ هن جي آستاني تي پهتس. مون کي اتي پهچڻ ۾ ڪافي دير ٿي چڪي هئي. ڪافي رات ٿي چڪي هئي. اتي پهتس ته خبر پئي ته: صاحب سمهي چڪو آهي. انڪري هاڻي صاحب ملي نه سگهندو. ان جي ملازمن کي پنهنجو تعارف ڪرايم ۽ ٻڌايومانس ته پري کان آيو آهيان. صرف توهان جي صاحب جو ديدار ڪري ان جا هٿ چمي، هليو ويندس. رڳو هڪ منٽ لاءِ صاحب کي سڏايو. ڇاڪاڻ ته آئون هن جو معقد آهيان. ڪافي بحث مباحثي کان پوءِ صاحب جا ملازم راضي ٿي ويا ۽ مون کي اوطاق جي هڪ اهڙي ڪمري ۾ وٺي آيا جتي اهو عظيم دانشور شراب جي نشي ۾ اڌ ننگي حالت ۾ هڪ بازاري عورت سان گڏ مليو. نشو ايترو ته چڙهيل هئس جو مون ان مهل ئي واپسي ۾ پنهنجي عافيت سمجهي. منهنجي سِر تي هن جي عظمت جو ٺهيل بُت ڀورا ڀورا ٿي ويو...!

شارٽ ڪٽ

ڪامريڊ ڪاري ڪوڪي ڪافي عرصو بي روزگار ٿيڻ کانپوءِ هڪ ڏينهن اوچتو ئي اوچتو شهر جي با رونق بازار ۾ شيشن واري ايئر ڪنڊيشن آفيس کولي ڇڏي. پڇيومانس ته آفس ڇا جي کولي اٿئي. ورندي ڏنائين ته “شارٽ ڪٽ ڪيو اٿم. پڇيومانس ته اهو شارٽ ڪٽ ڇا آهي؟ چيائين ته هن شهر ۾ ايندڙ دوائن جي سپلاءِ گاڏيون، ڊبل روٽي، پاپا وڪڻڻ لاءِ ايندڙ گاڏيون يا جيڪي گاڏيون ڪنهن به قسم جو ڪاروبار ڪرڻ هن شهر ۾ اچن ٿيون انهن کان منٿلي وٺڻ شروع ڪئي اٿم. جنههن لاءِ هي آفيس کولي اٿم چيو مانس ته اهو وري ڪيئن؟ چيائين شروع ۾ انهن گاڏين کي لٽن ۽ ڦرڻ شروع ڪيم ۽ هاڻي پاڻهي لائين تي اچي ويا هاڻ ايمانداري سان هڪ حصو پاڻ رکان هڪ حصو پوليس کي ڏيان ۽ هڪ حصو جيڪا پارٽي جوائن ڪئي اٿم جيئن مون کي ڪجهه به ٿئي ته هو ڀرپور مدد ڪن روزي سان تحفظ به حاصل ٿي ويو آهي.

لتر ۽ چڪر

هوٽل تي ويٺي ڏٺم ته مسز اسلم ڪنهن غير مرد سان گڏ هوٽل تي ماني کائڻ آئي. جيئن ته هي منهنجي مريض رهي چڪي هئي. ان ڪري مون هن کي سڃاتو. هي بار بار مون کان لڪي رهي هئي. پر سمجهي ويئي هئي ته ڊاڪٽر مون کي سڃاڻي ورتو آهي. کاڌو کائي جڏهن وڃڻ لڳي ته هي مون وٽ هلي آئي. آهستگيءَ سان مون کي چيائين ته:
“ڊاڪٽر صاحب ! منهنجي عزت رکجو ! منهنجي مڙس سان ان ڳالهه جو ذڪر نه ڪجو ته آئون ڪنهن غير مرد سان گڏ هوٽل تي ماني کائڻ آئي هيس”
اهو چئي هوءَ ويندي رهي. پوري ٻن ڪلاڪن کان پوءِ منهنجي حيرانگيءَ جي حد نه رهي ان ئي عورت جو مڙس مسٽر اسلم اسان جي شهر جي هڪ ليڊي هيلٿ ورڪر سان گڏ ماني کائڻ آيو. جيئن ته ڊاڪٽر هجڻ جي حيثيت سان ليڊي هيلٿ ورڪرن سان واسطو رهي ٿو. ليڊي هيلٿ ورڪر ماني کائي مون وٽ آئي. سلام ڪندي چيائين:
“سر اسان جي سٺي واري دوستي آهي. ڪا به غلط ڳالهه ناهي. متان توهان ڪا غلط سمجهو.”
اهو چئي هو وڃڻ لڳي. آئون ڪجهه سوچيان ئي سوچيان هوءَ وڃي چڪي هئي.

قول ۽ فعل

هو هميشه فيس بوڪ ۽ واٽس ائپ تي نماز، قرآن پڙهڻ جي قاعدن جي حديثن وارو ميسيج ڪندو هو. جنهن ۾ نماز ۽ قرآن شريف پڙهڻ جي تلقين ۽ قاعدا هوندا هئا ۽ نه پڙهڻ وارن لاءِ عذاب جو ذڪر هوندو هو.
هڪ ڏينهن وچين نماز مهل ڪرڪيٽ جي گرائونڊ تي راند کيڏندي ڏٺومانس وچين نماز کان سانجهي نماز جو وقت به ختم ٿي ويو. هي ڪرڪيٽ کيڏڻ ۾ مشغول هو. نماز هن کي ياد ئي نه هئي...!!!

منافع بخش ڪاروبار

1984ع وارن ڏينهن ۾ سرجيڪل وارڊ نمبر 2 جي بيڊ نمبر 2 تي ابوبڪر نالي مريض گردي جي پٿري جي سلسلي ۾ داخل هو. هن جو آپريشن هو. ڊاڪٽر هن کي هڪ پرچو دوائن جو لکي ڏنو ته وٺي اچ ته سڀاڻي تنهنجو آپريشن ڪريون. هن وٽ پئسا نه هئا. آپريشن ملتوي ٿي ويو. آخر ٽي دفعا هن جو آپريشن ملتوي ٿيو. پيشاب جي نالي ۾ ڪيٿٽر لڳل هٿ ۾ يورين بيگ آيو. آئون ڪائونٽر تي ويٺل هئس. چيائين ته:
“ڊاڪٽر مون وٽ پئسا ته آهن ئي ڪو نه.”
چيومانس ته ڪو عزيز قريب ! چيائين ته عزيز قريب نه آهي. هن جي هٿ تي ڪجهه نوٽ رکيم ۽ سڄي وارڊ کان چندو ڪري هن کي پئسا ڏنم. ٻئي ڏينهن هن جو آپريشن ٿي ويو.
1984ع کان پوءِ 2017ع ۾ صدر بازار حيدرآباد ۾ مليو. يورين بيگ هٿ ۾ ۽ پيشاب جي نلي ۾ ڪيٿٽر لڳل هو. ڪافي پوڙهو ٿي ويو هو. مون کي سڃاڻي ورتائين ۽ نالو وٺي سڏ ڪيائين: چيائين ته:
“سائين توهان چندو ڪري جنهن ڏينهن منهنجو آپريشن ڪرايو. ٺيڪ ٿيڻ کانپوءِ مون کان ڪو به ڪم نه پڇيو سو ٻيهر پيشاب يورين بيگ ۾ ڪريو. بيگ هٿ ۾ کينو پندو وتان پيو. چيائين ته : سائين ها ڻ ته روزگار به اهوئي آهي ۽ آهي به ڪافي منافع بخش جنهن ۾ نه دماغ لڳي ۽ نه ئي ڪا محنت !!!

اقبال بلوچ

---

اقبال بلوچ جون ڪھاڻيون

سنڌي ڪهاڻي گذريل هڪ 100 سالن کان وٺي، پنهنجي سفر تي جاري آهي. جيڪڏهن پاڻ جديد سنڌي ڪهاڻي جي شروعات سال 1914ع ۾ لال چند امر ڏني مل جي ڪهاڻي حُر مکي جا مڃيون ٿا ته پوءِ اهو سفر يقيناً هڪ صديءَ کان وڏو ٿي ويندو. انهيءَ هڪ صديءَ دوران سنڌي ڪهاڻي پنهنجي سفر کان وٺي مختلف مرحلا طئي ڪندي پئي اچي. سنڌي ڪهاڻي جي هن سفر ۾ اوائلي ڪهاڻيڪارن لال چند امر ڏني مل، مرزا نادر بيگ، امر لال هنڱوراڻي، آسانند مامتورا، گوبند پنجابي ڪي، ايس ٻالاڻي، حشو ڪيولراماڻي ۽ شيخ اياز جا نالا اهم آهن. ورهاڱي کانپوءِ ع، ق شيخ، جمال ابڙي، اياز قادري، غلام نبي مغل، امر جليل، علي بابا، زيب سنڌي، شوڪت ڪيهر، شرجيل، شوڪت حسين شورو، مشتاق احمد شورو، ماڻڪ ۽ طارق قريشي نا نالا ڪنهن به ريت نظر انداز نه ٿا ڪري سگهجن. چوڻ جو مقصد اهو آهي ته سنڌي ڪهاڻي جو سفر جاري آهي ۽ جاري رهندو. اهيو سفر هرگز بيهڻو نه آهي. سنڌي ٻولي ۾ جيڪي اڄ جا ڪهاڻيڪار آهن. انهن ۾ اقبال بلوچ به شامل آهي ، پاڻ بنيادي طرح ڪهاڻيڪار آهي ۽ گڏو گڏ شاعر به آهي.
ڪهاڻيون جيڪو هو گذريل چاليهه سالن کان لکندو پيو اچي. گهٽ لکيو اٿس پر ڪهاڻي سان سندس ذوق ۽ شوق جاري آهي. هن وقت تائين ڪهاڻين جا 2 مجموعه شايع ٿي چڪا اٿس ۽ 2 مجموعه شاعري جا اچي چڪا آهن. وڏي ڳالهه ته هن جي هڪ ڪهاڻي سرائڪي ۾ لکيل آهي. سرائيڪي به سنڌي ٻولي جي ڄائي آهي ۽ اسان جي پنهنجي ٻولي آهي. سندس اها ڪهاڻي نج ٻهراڙي جي ماحول بابت لکيل آهي. ڪهاڻي ۾ آيل ڪردار سورٺ، سوڍا اسان جي معاشري جا ڪردار آهن. ۽ سورٺ جي ڪهاڻي سنڌ جي هر ڳوٺ جي ڪهاڻي آهي.
اميد اٿم ته اقبال بلوچ ڪهاڻي سان پنهنجو نينهن نڀائيندو رهندو ۽ هو سنڌي ادب کي وڌيڪ ڪهاڻيون ڏيندو رهندو.

مدد علي سنڌي

خواب اڌورا

هنن کي اسان جي جاءِ ۾ رهندي ڪجهه عرصو ئي مس گذريو هو هن جو خاندان ۽ اسان جي گهر جا ڀاتي ڄڻ هڪ گهر جيان ٿي ويا هئا. اسان جو ضلعو نئون ٺهيو هو نئين ضلعي جي قيام سان نوڪرين جون ڀرتيون هليون پئي ۽ ڪي ڪامورا ٻين ضلعن مان به بدلي ٿي آيا هئا. منهنجو پي به روينيو ڊپارٽمينٽ ۾ سپرينڊنٽ هو. هو به بدلي ڪرائي پنهنجي اباڻي ضلعي ۾ آيو هو. اسان جي سڄو خاندان هن ئي شهر ۾ رهندو هو ته بابا جي ڄڻ عيد ٿي وئي. جو پنهنجي گهر ۽ پنهنجي فيملي سان گڏ رهڻ لاءِ اچي ويو هو.
بابا جو هڪ دوست ۽ هن جي آفيس جو هڪ ساٿي محسن علي به بابا سان گڏ بدلي ٿي آيو هو. ڪجهه وقت ته هن آئوٽ بئڪ ڪيو پر پوءِ جلدي ٿڪجي پيو. اسان جي ڀر واري جاءِ جيڪا بابا جي جاءِ هئي هميشه مسواڙ تي رهندي هئي. بابا هن کي هن جي اصرار تي اها جاءِ مسواڙ تي ڏني ته هو پنهنجي فيملي وٺي آيو ۽ اچي پنهنجي ڪٽنب کي رهايائين.
اسان جو گهر وڏي ڪٽنب وارو هو پر هنن جو ڪٽنب ڇهن ڀاتين تي مشتمل هو اسان جي ڀاتين ۾ آءُ سڀ کان ننڍو هوس ۽ هن جي ڀاتين ۾ رابيل سڀ کان ننڍي هئي آءُ پرائمري پڙهي مڊل اسڪول ۾ داخل ٿي چڪو هوس ۽ رابيل پرائمري جي آخري ڪلاس ۾ پڙهي رهي هئي. رابيل تمام گهڻي سهڻي ۽ گڏڙي جيان هئي تمام گهڻي ذهين، شرارتي هئي پنهنجي ڳالهين ۽ شرارتن سان هر ڪنهن جي دل موهي ڇڏيندي هئي. رابيل جو گهڻو وقت مون سان گذرندو هو. مون سان ڪهچريون ڪندي هئي. اسان ٻئي ٻاتن ٻاتن ٻولڙن سان ڳالهائيندي رلندي ملندي جيون جا ننڍڙا لمحا گذاري رهيا هئاسين رابيل جي ماءُ ڪنهن سوڌي سامان لاءِ رابيل کي بازار موڪليندي هئي ته مون کي سڏي چوندي هئي
ابا منور! رابيل سان گڏجي وڃ ۽ آءُ خوشي خوشي رابيل سان گڏ ويندو هوس رابيل ۽ آءُ ٻاتڙيون ٻاتڙيون ڳالهيون ڪري اسڪول جي پڙهائي بابت هڪ ٻئي کي بيت ٻڌائيندي هڪ ٻئي کي شيون کارايئندي سٺا ٻاراڻا دوست ٿي ويا هئاسين ۽ ائين سال کن گذري ويو. هڪ ڏينهن آءُ هن لاءِ ملڪ ٽافي ۽ ببل گم وٺي آيس جو اهي ٻئي شيون هن کي وڻنديون هيون دل ۾ پهريون دفعو ڊپ محسوس ڪندي سوچيم ته هن کي اهي شيون ڪيئن ڏيان؟ پر جڏهن ڏٺمانس ته خوشي سان وٺندي چيائين منور تون ڇا مون کي ايترو ڀائيندو آهين ؟
مون چيو مانس ها رابيل ! تون مون کي ڏاڍي وڻندي آهين. دل چوندي آهي ته جيڪا شي آءُ کاوان اها شي تون به کائين پوءِ هر روز هن کي ملڪ ٽافي ۽ ببل گم ضرور ڏيندو هوس. ته هو کل خوشي سان وٺي کائيندي هئي ۽ پوءِ هن به منهنجي لاءِ چپس وٺڻ شروع ڪيا. مون کي پٽاٽن سان ٺهيل چپس وڻندا هئا. ۽ پوءِ اهو شين وارو سلسلو اسان جو شروع ٿي ويو تيئن ئي اسان جي ٻاراڻي دوستي پختي ٿيندي پئي وڃي اسان جي پاڙي ۾ گهرن کان ٿورو پر ڀرو هڪ واهه وهندو هو پاڙي جون سڀ عورتون انهي واهه ۾ ڪپڙا ڌوئينديون هيون ۽ پاڙي جا سڀ ننڍا ٻار انهي واهه ۾ وهجندا هئا. اهو هر روز جو معمول هو سڀ ٻار جيئن ئي اسڪول مان واپس ايندا هئا ڪپڙا بدلائي سڌو واهه جو رخ ڪندا هئا. ڏسندي ڏسندي سڄو واهه ٻارڙن سان ڀرجي ويندو هو.
رابيل مون کان اڳ اسڪول مان اچي ويندي هئي ۽ ٻاهر گهٽي ۾ اسان جي دروازي تي ويهي منهنجو انتظار ڪندي هئي. جئين ئي آءُ پهچندو هوس ڪپڙا بدلائي اسان به وهنجڻ لاءِ واهه ۾ پهچي ويندا هئاسين. اسان به ٻين ٻارن وانگر پاڻي اندر لڪ لڪوٽي راند ڪندا هئاسين. پر رابيل سڀني ٻارن کي منع ڪري ڇڏيو هو ته هن سان ڪير به هي راند نه ڪندو هو صرف مون سان لڪ لڪوٽي راند ڪندي هئي. چوندي هئي ته صرف تون ئي مون سان هي راند ڪر ۽ مون کي ڳولهي هٿ ڪر ۽ پوءِ صرف آءُ ئي هن سان راند ڪندي ڳولهيندو هوس ۽ هو به صرف مون کي ئي ڳولهيندي هئي آءُ هن کي ڀاڪر پائي ڳولهي وٺندو هوس ته هن کي ڪو به حجاب يا اعتراض نه ٿيندو هو. ته منهنجو هٿ هن جي جسم جي ڪهڙي حصي تي لڳو يا مون هن کي ڀاڪر پائي ڳولهي ورتو. آءُ ڀاڪر پائي ڳولهي وٺندو هوس ته خوشي وچان مون کي چنبڙي پوندي هئي. گهر جي ٻاهرين گيٽ تي ٽن ڏاڪن واري سيمينٽ سان ٺهيل دڪي تي ويهي اسان کوڙ ساريون ڪچهريون ڪندا هئاسين. وچين نماز مهل اسان امام بارگاهه ڀرسان ڄارين مان پيرون پٽڻ ويندا هئاسين هو ڄارين مان مٺا مٺا پيرون پٽي جهول ڀريندي هئي ڄارين جي ڇانو ۾ ويهي کائيندا هئاسين ۽ آءُ هن لاءِ گيدوڙي جي وڻ مان ليار پٽي ايندو هوس. مون کي ليار نه وڻندا هئا پر رابيل شوق سان کائيندي هئي ٻير جي وڻ مان پٿر هڻي آءُ ٻير ڇاڻيندو هوس ۽ هو ڊوڙي ڊوڙي ڪرندڙ ٻيرن کي هٿ ڪري جهولي ڀريندي هئي. امام بارگاهه پويان انبن جو باغ هوندو هو. انهي مان ڪچڙيون انبڻيون کڻي ايندو هوس جو رابيل کي ڪچڙيون ابنڻيون جام وڻنديون هيون ۽ ڪيترا دفعا ائين ڪرڻ سان باغ جي مالهي جون مارون به کاڌيون هيم. پاڙي جا سڀ ٻار شام جو گڏ ٿيندا هئا. اسان جي گهر اڳيان هڪ وڏول ٿلهو هوندو هو انهي ٿلهي تي راند ڪندا هئاسين
ڦر ڦر سونٽو
ڦر ڦر سونٽو
دٻلي ڇڻڪائي ڏي
سون سون پائي ڏي....
چوطرف ڏهه پندرهن ٻار دائري جي صورت ۾ اکيون بند ڪري ڪنڌ هيٺ ڪري ٻن ٽنگن جي وچ ۾ ڪنڌ جهڪائي ويهندا هئاسين. زناني پوتي سان ٺهيل سونٽو ڪنهن ٻار جي پويان رکندا هئاسين جڏهن رابيل جي واري ايندي هئي ته هو منهنجي پويان سونٽو رکي پنهنجي ننڍي هٿڙي سان هلڪڙو ڇهاءَ ڏيئي مون کي ٻڏائي ڇڏيندي هئي ته آءُ سمجهي ويندو هوس ته رابيل سونٽو منهنجي پويان رکيو آهي ۽ آءُ به رابيل سان ائين ڪندو هوس.
ست ٺڪريون راند ڪندي آءُ موقعو ڏيندو هوس ته رابيل ست ٺڪريون ٺاهي وٺي ۽ بال به نه لڳيس ائين اسان ٻنهي جي بهارن سان ڀريل پتڪڙا پتڪڙا ڏينهڙا موجن وارا مستين وارا کن پل ۾ پئي گذريا شعوري طرح ۽ لاشعوري طرح مون کي خبر ئي نه پئجي رهي هئي ته رابيل منهنجي دل جي ڪيترو ويجهو ٿي چڪي هئي ۽ رابيل به ڪڏهن لفظن جو اظهار نه ڪندي مون کي پنهنجي دل جي ڪنهن ڪُنڊ پاسي تي ضرور ويهاري ڇڏيو هو.
ائين اسان جا ننڍڙا پتڪڙا پير شايد جواني جي پهرين ڏاڪي کي ڇُهي رهيا هئا پنهنجي ڌي جي وڌندڙ جسم کي محسوس ڪندي (جو هن جي وڌندڙ جسم سان لڳي رهيو هو ته هن جا قدم به جواني جي ڏاڪي تي چڙهي رهيا هئا) هڪ ڏينهن رابيل جي ماءُ هن کي چيو ته
پُٽ رابيل تون هاڻ وڏي ٿيندي پئي وڃين ڇوڪرن سان راند نه ڪندي ڪر ته رابيل کي اهو احساس ئي نه ٿيو هو ته هو واقعي جواني جي راهه تي تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻي رهي هئي.
چيائين امان مون سان منور هوندو آهي پر وري به چيائين منور کان جدا ٿي ٻي ڪنهن سان راند نه ڪجانءِ ڪڏهن ائين ٿيو به نه هيو جو رابيل مون کان سواءِ ٻي ڪنهن سان راند ڪندي هجي. تڏهن به سختي سان منع ڪندي ماءُ چيس ته اڄ کان پوءِ تون واهه ۾ نه وهنجندين تڏهن رابيل کي اوچتو احساس محسوس ٿيڻ لڳو
ڀانءُ هو جوان ٿي وئي آهي.... ۽ مون به چيومانس ته رابيل تون وڏي پئي ٿئين اڄ کانپوءِ تون واهه ۾ نه وهنجانءِ .
ٺيڪ آهي منور رابيل ڄڻ منهنجو چوڻ مڃي ورتو
آءُ ته ڪڏهن ڪڏهن وهنجي وٺندو هوس پر رابيل منهنجي چوڻ کي آخري ليڪو سمجهي ڪڏهن به نه وهنجندي هئي البت واهه جي ڪپ تي ويهي ٻين ٻارن کي ۽ مون کي ڏسندي هئي. منهنجي مائٽن يا رابيل جي مائٽن اسان ٻن کي هميشه گڏ ڏسندي ڪڏهن به آرها نه ٿيا هئا. يا ڪڏهن به اهو محسوس نه ڪيو ته اسان ٻن وچ ۾ ڪنهن به قسم جي بي شرمائي يا بي حيائي جي ڪا ڳالهه هجي ۽ ائين هو به ڪونه.... ته اسان ٻن جي ڪچهرين ۾ ڪنهن قسم جو اڍنگو لفظ نه نڪتو هجي ته اسان هڪٻئي سان بي انتها پيار ڪريون ٿا.
اسان جا ٻاراڻا قدم ننڍڙي جواني ڏانهن وڌي چڪا هئا آءُ ميٽرڪ ۾ اچي پهتو هوس ۽ رابيل مون کان هڪ ڪلاس پوئتي هئي هاڻ اسان سڀ رانديون ڇڏي ڏنيون هيون. صرف ببل گم ۽ ملڪ ٽافيون رابيل کي ڏيندو هوس ۽ رابيل به اسڪول مان موٽندي مون لاءِ چپس ضرور وٺي ايندي هئي ۽ هاڻ اسان جون ڪچهريون يا ته رابيل کي هوم ورڪ ڪرائيندي هن جي گهر ۾ ٿينديون هيون يا گهر جي ٻاهران دروازي جي چائنٺ تي ٺهيل سيمنينٽ جي دڪي تي ويهي ڪندا هئاسين تان جو آءُ انٽر تي اچي پهتس ۽ رابيل مئٽرڪ پاس ڪري چڪي هئي ته ائين اوچتو خبر پئي ته رابيل جي پيءُ کي پروموشن ڏيئي ڪراچي بدلي ڪيو ويو. رابيل جي گهر ۾ خوشيون هيون پر رابيل مون کي جدا نه ٿيڻ پئي چاهيو اسان ٻنهي جي غم سڀني محسوس ڪري ورتو هو پر اسان ڪجهه به نه ڪڇي سگهياسين هفتي ، ڏهه ڏينهن اندر هو هتان شفٽ ٿي چڪا هئا.
رابيل مون کان تمام گهڻا پري هلي ويئي هئي اسان ته اڃان پيار جا ٻول ٻوليائي ڪو نه هئا. اسان ته اڃان مٺڙين مٺڙين ڳالهين جي شروعات ئي نه ڪئي هئي آءُ ته اڃان همت ئي نه ساري سگهيو هوس ته رابيل کي چئي سگهان ها ته رابيل آءُ توسان ڪيترو پيار ڪريان ٿو... ۽ رابيل به مون کي بي انتها چاهيندي به انهن لفظن جو ا ظهار نه ڪري سگهي هئي. اسان ته اڃان انهن لفظن جو اظهار نه ڪري سگهيا هئاسين ته اسان هڪٻئي کان ڪڏهن به جدا نه ٿينداسين ته جدا ٿي وياسين. اسان هڪٻئي کان جدا ٿي وياسين. اسان جي ٻاراڻي محبت جيڪي ننڍڙي گلاب جي گل جيان هئي. اهو گلاب جو گل اسان پوکيو ضرور هو پر اهو گل اڃان ٽڙيو نه هو اسان انهي گلاب جي گل جي اسرڻ ٽڙڻ جو انتظار هيو هن جي خوشبو سان واسجڻ جو انتظار هيو ته اهو گلاب جو گل ڄڻ ڪنهن پٽي ورتو هجي. ۽ اهو گل ڪومائجي ويو هجي مون ۽ رابيل جيڪي خواب دل ئي دل ۾ سانڍيا هئا اهي بنا تعبير جي ٽٽي چڪا هئا سڀ خواب اڌوروا رهجي ويا.... سڀ تعبيرون اڌ ۾ رهجي ويو.

نينهن نڀايا جوين تون

ميڏي پڦي ڳوٺ مٺل چانڊيو وچ پرڻيل هئي. اهو ڳوٺ اسان ڏي ننڍڙي شهر ڪنون اٺ ڪوهه پري ها. ميڏا ته اُهين ڳوٺ وچ قضا ڪاڻ وڃڻ ٿيندا ها. پر بابا ۽ امان گهڻا ڪر آندي ويندي رهندي هن. ميڏي پڦي دا مڙس اساڏا هم ذات ضرور ها پر ڪو ويجها مائٽ نه ها. اهين ڳوٺ وچ سواءِ پڦي دي ڪو به مائٽ نه ها. ... ها ذات ساڳئي هئي. اوين چا آکيجي ته ميڏي پڦي ڌاريان وچ پرڻيل هئي. هُڻ ته اوندي اولاد به آڻ جوان ٿي هئي. هڪ پٽ سوڍا ۽ هڪ ڌي سورٺ نالي، انهان دي اولاد هئي. او سب اسان ڪن، شادي مرادي، مرڻي پرڻي ته آندي ئي رهندي هن.... پر اوين به مهني وچ هڪ ڏون دفعه آندي هن. امان به انهان تي ساهه پئي ڇوڙيندي هئي. جڏهن اسان ڏي گهر آندي هن ته سوڍا ۽ سورٺ ته مين نال ئي هوندي هن. سورٺ نال ته ڏاڍيان ڪچهريان به ٿينديان هن. سورٺ مين نال ٺهندي ته گهڻا هئي. اسان ڏا پيار ڏيک تي اسان ڏهين دي ماوان ولهور پئي ٿينديان آهن... سوڍا مين جيڏا ها ۽ سورٺ ميڪنون پنج سال ننڍي هئي. انهان دي ڳوٺ وچ اڃان تائين به بجلي نه هئي ۽ نه ئي ڪي بنيادي سهولتان هن. مڊل اسڪول مس ها. ويهه ٽيهه گهران نال آباد اهو ڳوٺ ٻني ٻاري تي آباد ها. ڳوٺ دي سب ماڻهو ٻني ٻاري ۽ مال وٿاڻ تي گذران ڪريندي آهن. تعليم صفا نه هئڻ دي برابر هئي.
سورٺ ته اٺ ڪلاس پڙهه گهر وچ ٻهه رهي پر سوڍا وڌيڪ پڙهڻ ڪيتي اسان ڏي شهر آڳيا ها. اسان ڏا شهر به ڪو خاص وڏا شهر نه ها. هڪ ننڍا شهر ها پر هاءِ اسڪول، ڪاليج دي تعليم دي سهولت موجود هئي. بجلي، پاڻي، روڊ رستا اوين چا آکيجي ته هڪ وڏا سڌريل ڳوٺ ۽ ننڍا شهر ها. سوڍا اٺ ڪلاس پاس ڪر تي وڌيڪ پڙهڻ خاطر اسان ڏي ڳوٺ آڳيا ها. اسان نائين ڪلاس ڪُنون گڏ پڙهڻ لڳوسي. سوڍا اسان دي گهر رهندا ها. تنهن ڪري سوٽ ڪنون وڌيڪ اسان دوست به ٿي ڳئي هسي. سدائين گڏ گهمندي ڦرندي هسي، ڪڏهن ڪڏهن سوڍا ڳوٺ ويندا ها ته ميڪون به گڏ گهن ويندا ها. هڪ رات ترس تي واپس آويندي هسي. مين ته سورٺ ڪيتي ويندا هم جو اونڌي سڪ لڳدي هم. ميڪون سورٺ آهدي هئي ته علي نواز تون هر هفتي سوڍي نال آويندا ڪر... هڪ رات، ڏون راتان ته رهندا هي سوڍا. سورٺ آکيا، علي نواز تين نال ڪچهري ڪريندي ميڪون مذا به آندا هي ۽ ميڪون تيڏي سڪ لڳندي هي، پر هر هفتي مين نه ويندا هم. پڦي به ميڪون گهڻا ڀائيندي هئي. شايد دل وچ اها نيت ڪيتي ٻيٺي هئي ته علي نواز ڪون مين آپڻي ڌي سورٺ نال شادي ڪر ويسان ۽ علي نواز ڌي ڀيڻ آپڻي سوڍي ڪيتي گهن آسان. انٽر پاس ڪر ڳيوسي سورٺ به اٺان ڪلاس پاس ڪر ڇوڙيا ها. مين پڦي ڪون منٿان ڪيتيان هن ته سورٺ پڙهائي وچ ڏاڍي هوشيار هي. ايڪون وڌيڪ پڙهاوڻ ڪيتي اسان ڪن ڇوڙ... گهر ته آپڻاهي. سورٺ به پڙهه پوسي. سورٺ دي ماءِ ڪون ته ڪو اعتراض نه ها. پر سورٺ دي بابا اجازت نه ڏيتي ته ڌي ذات، جوان ٿي ڳئي هي وڌيڪ پڙهاوڻ مناسب ڪونهي.
ٻارهين ڪلاس پاس ڪرڻ ڪنون بعد موڪلان ٿي ڳيان هن. سوڍي مين نال اهو طئي ڪيتا ته ڏون مهيني گرميان واليان موڪلان آپ ميڏي ڳوٺ گذارسيون مين ته دل وچ باغ بهار ٿي ڳيم ته سورٺ نال ڪچهريان ٿيسن ۽ ميڪون اجازت به مل ڳئي. امان ، بابا آکيا ته ڀلي وڃ.
پڦي دا مڙس ها ته ڌاريا پر اسان ڪون ڀائيندا به ها. ويتر جو سوڍا ميڏا دوست ها ته وڌيڪ ڀاوڻ لڳا ها. سورٺ دل وچ جمهريان پاوڻ لڳي هئي. ميڏي ته خدمت او دل نال ڪرڻ لڳي هئي. ڪا به ڪسر نه ڇوڙيندي هئي ته ميڏي خدمت وچ ڪا گهٽتائي ٿي وڃي. صبح دا نيرن هٿان نال کويندي هئي. آهدي هئي علي نواز، شال سدائين مين تيڪون اوين ئي آپڻي هٿان نال ماني کواوان.
علي نواز امان آکدي هي ته مين تيڏي شادي علي نواز نال ڪر ويسان. ها علي نواز ڪيا اهو سچ هي؟ تون مين ڳوٺاڻي نال شادي ڪريسين...!؟
ها سورٺ تون صرف ميڏي هوين... مين تين نال ئي شادي ڪريسان. سورٺ جتنا ميڪون پيار ڪريندي هوين، ميڏي دل وچ به تيڏي ڪاڻ تمام گهڻا پيار هي مين تين نال ئي پيار ڪريندا هم.
سورٺ هُڻ ته سدا ملوڪ ڇوڪري ٿي پئي هئي. اوندا نوجواني والا بدن اُڀر آيا ها... جواني نال ته اصل مارپئي گتيس... وال وڏي... رنگ دي ڀوري ، سهڻيان اکيان وچ سُرما پائيندي هئي ته ڄڻ پري لڳدي هئي. سڄي ڳوٺ دا نڪ ٿي پئي هئي. ڳوٺ دي هر نوجوان دي اها مرضي هئي ته سورٺ ميڏي ڪنوار ٿيوي. پر سورٺ ته ڪنهن ڪون گاهه ئي ڪونه گتيندي هئي. ڳوٺ دي سڀ مرد صبح نال ڪوڏر ڪلهي تي رکي، ڪهاڙي هٿ وچ چاتي، ٻنيان وچ هلي ويندي هن. مين ۽ سوڍا بس گهر وچ هوندي هسي. سوڍي دا ته آپڻا ڳوٺ ها... اهو آپڻي سوٽ نال ملڻ ڪيتي. انهان دي گهر هليا ويندا ها ميڪون به ڪڏهن ڪڏهن گهن ويندا ها. پر ميڏي دل هميشه اهو آکهدي هئي ته مين سورٺ ڪن ٻيٺا هووان. پڦي نال ڪچهري ڪران.
سورٺ ميڏي ڪيتي چانهه پاڻي، ٻوڙ ماني آپڻي هٿان نال ٺاهيندي هئي ۽ آپڻي هٿان نال کويندي هئي.... ڄڻ ته ميڏي خدمت وچ ئي لڳي پئي هوندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن هئو، مئو ٽليل هوندا ها ته مين سورٺ دي ٻانهن ڇڪ تي ڀاڪر وچ ڀريندا همس ۽ چميان به ڏي گهنداهمس. او به زور نال چنبڙ پوندي هئي هڪ منٽ وڇ ڀاڪر وچون نڪل تي آکهدي هئي....
الا! ڪير ڏيک نه گهني... مين ته مرويسان، ميڪون بابا مار ڇوڙيسي.
ترس ته مين ڏيکان، ڪير آندا ته ڪونهي پيا... لوڙهي ڪنون، پري پري تائين نظر ڦيريندي هئي ... ول آڻ ميڪون ڀاڪر وچ ڀريندي هئي. اسان چميان ۽ ڀاڪر والي حد تائين گهڻا ويجهي ٿي ڳئي هسي. سورٺ دي به دل آکهدي هئي.
مين هر روز اوين علي نواز نال ڀاڪران ۽ چميان وچ هووان ۽ ڪچهري ڪران...
علي نواز جلد ڪر آپڻيان مائٽان ڪون موڪل ميڪون پرڻا تي گهن هل.
مين وڌيڪ تين ڪنون سوا اڪيلي نه پئي ره سگهدي هان.
اوين نه ٿيوي ته بابا ميڏي شادي آپڻي ڪنهن ڀائيٽي، ڀاڻيجي نال ڪروا ڇوڙي تيڪنون مين سواءِ ڪو نه رهه سگهسان علي نواز.... اٿان سڀ اڻ پڙهيل... مال وٿاڻ والي ڪنهن جاهل نال ميڪون پرڻايوني ته... ميڏي زندگي زهر ٿي ويسي علي نواز... مين تيڪون هٿ پئي ٻڌيندي ها، جلدي ميڪون گهن وڃ.
مين اوندي سڀ ڳالهه سمجهه ڳيا هم... مين اکيومس :
تون دل نه لاهه تون ميڏي هوين تيڏي ماءُ به آک ڇوڙيا هي تون ڪيون پئي کٽڪا ڪريندي هوين. سورٺ به آپڻي ماءُ دي ڳالهه پچون... آپڻي اميد دي ڏيئي ٻال ڇوڙي هن. اکيان دي ڳوڙهي چا اگهدي هئي. بس سورٺ ڪجهه وڌيڪ پڙهه گهنا جو نوڪري ڪرڻ جهڙا ٿي پووان ته تيڪون شادي ڪر گهن ويسان.
رات دا هرڪو سويل سُمهه رهندا ها. اڱڻ وڏا هوندا ها.... هر ڪنهن دي گهر الڳ الڳ لوڙهيان وچ هوندي هن... گهڻا ڪر ڪکاوين گهر، پر ڪهندي ڪهندي ڪچي مٽي نال ٺهيل گهر به هوندي هن.
سورٺ واليان دا گهر به ڪچي مٽي نال، ٺهيل گهر ها... ڏون ڪمري اڳون ورانڊا ۽ هڪ وڏا اڱڻ ۽ ٻاهرون لوڙها ڏتل هوندا ها... مين ۽ علي نواز ورانڊي وچ سمهدي هسي باقي پڦي والي ۽ سورٺ ٻاهر اڱڻ وچ سمهدي هن. رات دي نائين ڏهين بجي ڄڻ ته خاموشي ادا راڪاس ڦر ويندا ها ڳوٺ وچ هر ڪو ٻنيان ٻاري ۽ ڊور وٿاڻ دا ڪم... ڪر تي سمهدي هن ته ڄڻ ڪرفيو لڳ ويندا ها. سويل سمهدي هن جو صبح سويل اٿڻان به هوندا هنين.
سمهڻ مهل پڦي سورٺ ڪون آکيندي هئي. امان سورٺ جيسيتائين سوڍا ۽ علي نواز جاڳدي پئي هن تيستائين تون سمهندي نه ڪر.... متان ڪو چانهه پاڻي دي ضرورت پووين. ۽ ها سمهڻ مهل انهان ڪون کير ضرور پليندي ڪرين. انهان دي سمهڻ ڪنون پچي تون سمهندي ڪرين... سورٺ ته اهو چاهيندي هئي. ويتر جو ماءُ نين اوين آکيس ته اونڌي دل دي گل ٽڙ پئي هن. اونڌا من موج ڀريا ٿي پيا ها اونڌي دل دا باغ سورج مکي وانگي کُل پيا ها.
سوڍا هر روز آپڻي سوٽ نال ملڻ ڪيتي رات دا ماءُ پيو دي سمهڻ بعد.... ڀيڻ ڪون ٻڌا ويندا ها ته مين سوٽ دي گهر پيا ويندا هم. سمهڻ مهل ميڪون آکهدا ها علي نواز هڻ تون سمهه رهه مين سوٽ دي گهرون ٿي آپڻي آڻ سمهه رهسان. اوين سوڍا هر روز هليا ويندا ها سورٺ ڪون خبر هئي ته سوڍا ڪڏي پيا ويندا هي ۽ ڪنهن مهل واپس آسي. سورٺ آپڻي ڀرا دي ڳالهه ڪنهن نال به ڪونه ڪريندي هئي.
هڪ رات سورٺ ڪنون پڇيا مانس سورٺ سوڍا ڪيڏي ويندا هي... اون اکيا آپڻي مڱيندي سوٽ ڪن ويندا آهي.
مين موقعا پائي اکيومس تون به مين نال سمهندي ڪر....
ڳالهه ڪونه سمجهه ڳئي...
آکيا سڄا ڏينهن ته تين نال گڏ هان... مين اکيومس ته رات دي ڪجهه پل مين نال گذار...
چڱا....چڱا... دل رک هندوري وچ... هڪ رات کير ڏيندي ميڏي هٿ ڪون زور ڏتا ته مين اوڪون ڇڪ تي ڀاڪر وچ چا ڀريا...
ڀاڪر وچ چڙواتي شرماوڻ لڳي... اکيس علي نواز سمهين نا... مين آندي پئي هان... ماءُ پيو دي خبر گدس اهي اگهور ننڊ وچ ستل هن.... سوڍا آپڻي سوٽ دي گهر هليا ڳيا ها.... اوڪون اها پڪ هئي ته سوڍا صبح دي ٻانگ مهل واپس آسي، ميڏيان اکيان ڇت وچ هن. مين چمڪندڙ ستاران ڪون پيا ڳڻان. تنهن مهل ننڍي ننڍي قدم چائي ميڏي کٽ وچ ٻڌل مهاري مٿي ڪرتي، سورٺ ميڪن آڳئي مين جا ڀاڪر وچ قابو ڪيتومانس. اوڪون چمڻ لڳم... ميڏا هٿ حرڪت ڪرڻ لڳا مين سورٺ نين به مين نال پيار ڪرڻ شروع ڪيتا. اسان دي جسم هڪ ٿي ڳئي هن... سورٺ نين اکيان بند ڪر ڇوڙيان هن. چپان وچ چپ رکيل هن... ميڏي بدن وچون سيڪڙات نڪلڻ لڳي هن... اسان پيار دي پالوٽ وچ لڙهه ڳئي هسي حياتي دي سدا مهڪندڙ پل اسان هڪٻئي دي جسم وچ قيد ڪر چوڙي هن....
اوين سورٺ ۽ ميڏي پيار دي پالوٽ هر روز ٿيوڻ لڳي. جنهن رات سوڍا نه ويندا ها. اها رات اسان نه ملدي هسي کن پل وچ مهينا گذر ڳيا.
هڪ ڏينهن سوڍي پڇيا جي اسان دي ڳوٺ بور ڪيتا هووي ته واپس هلون.... مين آکيا نه اهڙي ڪا ڳالهه ڪونهي.... ٺيڪ هي هڪ ڏون ڏينهان وچ واپس هلسون.... مين ڪجهه سوڍي دي ڳالهه دا ڀرم رکيم... ٻي ڏينهن صبح دا، مکڻ ۽ ماني دا گرهه ميڪون کويندي سورٺ آپڻي هٿ ٻڌڻ لڳي.... ڏيک علي نواز خدا دا سونهن هوئي.... اڃان نه وڃ.... ڀلا ڪهڙي تڪڙ هوئي، اڃان ته مين تيڪون پيار ئي ڪونهي ڪيتا..... ميڪون اڃان تيڏي پيار دي ضرورت هي... تون نه وڃ ماءِ ڪون آکيس.... امان ڏيک ته علي نواز ڳوٺ وڃڻ ڪيتي پر چا کولي هنس...
پڦي به اکيا..... ڪيون پُٽ؟ ڪا گهٽتائي ٿي پئي هي ڪيا اسان دي مهمان نوازي وچ.... سورٺ رو پئي مين اکيومس ڀلا رو نه مين ڪونهي پيا ويندا هان. پوتي ڌي پلاند نال سورٺ آپڻي ڳوڙهي اگهي ڏند ڪڍ تي کل پئي اوين سوڍي ڪون ته هلڻ دي تڪڙ ڪونه هئي جو او آپڻي سوٽ نال هر روز ملڻ ويندا ها.
اوين مهيني گذار واپس آپڻي ڳوٺ پئي آيم ته سورٺ تي اکيان وچ ڳوڙهي هن. ٻاهر تائين آئي هئي. پڇاڙي وچ هٿ ٻڌي اتلا اکياهس. علي نواز ميڪون جلد شادي ڪر گهن وڃين. تيڪون خدا دا واسطا هي. مين اونڌي ڳوڙهي اگهه تي پڦي ڪون آکيا هم. پڦي سورٺ ميڏي هي، متان ٻي هنڌ پرڻان ڇوڙينس ايڏا ظلم نه ڪرين... پڦي ميڪون اکيا ها علي نواز اُلڪا نه ڪر سورٺ تيڏي هي... تون شادي ڪر ايڪون گهن وڃين.
سوڍي ته وڃ ٻني سنڀالي ۽ مين يونيورسٽي وچ داخلا گهن تي اٿان ئي هاسٽل وچ رهڻ لڳم. هڪ دفعي ڳوٺ آيم ته امان ٻڌايا ابا تيڏي سورٺ دي شادي پئي ٿيندي هي ... دعوت آئي هي.
ميڏي پيران هيٺيون زمين نڪل ڳئي، ڏينهن وچ تاري نظر آوڻ لڳي. امان سورٺ ميڏي هي... تسان ڪيا ڪجهه ڪونه ڪيتا.... هڻ وڃو شادي دي تاريخ طئي ڪر آئو.
امان سورٺ ميڪنون سوا مر ويسي... مين او ڪنون سواءِ مر ويسان... امان آکيا...
پُٽ مين گهڻي هيلي ڪيتي پوتيان پيران وچ گتيومس پر سورٺ دا پيو پڙ ٻڌ بيهه رهيا ته سورٺ مين آپڻي ڀرا دي پُٽ ڪون ڏيسان. جو ڀرا نال واعدا ڪيتا هم مين گهڻي وس ڪيتم. پر ميڏا هڪ به وس نه هل سگهيا... امان ۽ بابا والي سورٺ دي شادي وچ شريڪ ٿيوڻ ڪيتي گهرون نڪل پئي هن.. ميڏي اڳيان تي ڳوڙهي ختم ئي نه پئي ٿيون رب ڄاڻي سورٺ دا ڪيا حال هوسي...!؟

عين سحر

---

عين سحر جون ڪھاڻيون

دلبر نياڻيءَ لاءِ جيڪي ٻه ٽي سٽون لکيون اٿم سي هن ريت پيش ڪيان ٿو. عين سحر جي ڪهاڻي مون کي ايئن ڇِرڪائي ڇڏيو آهي، جيئن سائين طارق اشرف کي ستيش روهڙا جي ڪهاڻين تپرس ۾ وڌو هئو. سائين طارق اشرف جي وڏي ڳالهه ... ڪٿي سندن ثنا ۽ ڪٿي آئون ڪهاڻيءَ جو گدا. پنهنجي استاد (مينٽور) جي فيض جو اهو اعجاز آهي ته آئون ڪا ڪهاڻي پڙهندو آهيان ته ايترو اندازو ٿي ويندو اٿم ته ڪهاڻيڪار ڪيترو زمين جي هيٺ آهي ۽ ڪيترو مٿاڇري تي آهي؟ عين سحر جي هي ڪهاڻي “ماءُ“ ايمان کي راسخ ڪيو آهي. “ماءُ“ اُها ڪهاڻيءَ آهي، جيڪا تاريخ جي هڪ داستان جو هڪڙو ورق کولي ٿي ۽ اُها حقيقت سمجھائي ٿي ته دنيا ۾ جيڪڏهن جذبن ۽ احساسن سان گھڻي ۾ گھڻو انياءُ ٿيو آهي ته اُهو مذهبن ۽ مُلائيت ڪيو آهي. انسان جو رُوح، ازل کان گھايل آهي جو ڌرتيءَ تي پيشوائيت، مُلائيت پاپائيت، رهبانيت، پادريت (پريسٽ هُڊ) جو راوڻ راڄ ڪڏهن هٽيو ئي ناهي.
هيءَ ڪهاڻي، جيڪا منهنجي معلومات مطابق ورهاڱي جي زماني جي هڪ سچي ڪهاڻي آهي ۽ عين سحر انهيءَ داستان کي ايڏي ته ڪمال فن سان تحرير ڪيو آهي جو بلاشڪ ته هن ڪهاڻيءَ کي هن دور جي هڪ عظيم ڪهاڻي چئي سگھجي ٿو. عين سحر جي ڪهاڻي “ماءُ“ پڙهندي مون کي عظيم ڪهاڻيڪار موهن ڪلپنا ياد اچي ويو. جيڪو سنڌ ماءُ جي زيارت ڪرڻ لاءِ تڙپندو رهيو هئو. هن جي سِڪ کان ملڪن جي وچ ۾ اُڀيون سرحدون وڏيون ٿي پيون هيون. هزارين رڪاوٽون هيون، جن ۾ ڌرم سڀ کان وڏي خندق ! اُها کاهي پار ڪرڻ لاءِ مهان ليکڪ موهن ڪلپنا، طُهَرُ به ڪرائي ڇڏيو هئو ته: “جيڪڏهن ڌرم ڇڏيم ۽ سنڌ ڏسڻ نصيب ٿيم ته به سودو مهانگو ناهي. پاٺڪ جڏهن هيءَ ڪهاڻي پڙهندا ته پاڻ ئي چوندا ته سنڌي ڪهاڻيءَ کي عين سحر جهڙيون ليکڪائون مِلن ته اسان جي ادب جي اڱڻ تي ڪهاڻين جا ولر لهندا رهندا. ياد رکو ته جن قومن وٽ ڪهاڻيون هونديون آهن، اُهي قومون وقت جي جبر کان مغلوب ناهن ٿينديون.

طارق قريشي

ماءُ

هيءَ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کانپوءِ جي ڳالهه آهي. جڏهن عبدالقادر پنهنجي بردبار ۽ حليم طبيعت هئڻ ڪري ماڻهن جي دلين ۾ وسيل هو، عبدالقادر شيخ راڄ جو معزز ۽ ديندار ۽ نيڪ، صالح انسان ھو، نماز جو پابند. ماڻهو اڪثر ڪري دعا ڏيندي اُمالڪ چوندا ته ´شل عبدالقادر جهڙو ديندار ٿئين’ عبدلقادر شِڪل شبيهه ۾ انتهائي سهڻو شخص هو. اڌروٽ وهي ۾ به سندس شخصيت موهيندڙ هئي. بس سندس هٿ جي مٿين حصي کان ڪارائي تائين سڙڻ جو بي هودو نشان هو. هُن ننڍڙي ڪاروبار مان محنت ڪري پنهنجو ڪاروبار خوب مچايو هو، ويتر ايمانداريءَ ۽ سچائيءَ سندس ڪاروبار ۾ وڏي برڪت وڌي هئي. عبدالقادر معمول مطابق گودام جي سار سنڀال کان پوءِ گهر ڏانهن وڃي رهيو هو. اِها خزان (اَسو) جي موسم هئي، ڪڻس پٽ عبدالرحمان به ساڻ هئس جيڪو اڪثر ڪري ڪاروبار ۾ دلچسپي وٺندو هو ۽ ڏيتي ليتي ۾ ٻين واپارين کان ويندي گودام ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن ۽ ڪامين سان به لهه وچڙ ۾ رهندو هو. پڻهس جي به خواهش اِها هئي ته عبدالرحمان دلچسپي وٺي ته اڳتي لاءِ ڪاروبار کي هلائڻ ۾ سولائي ٿيندس ڇو ته آخر سندس وڏو اولاد هو ۽ سڀاڻي اهو سڀ ڪجهه کيس سنڀالڻو هو. گودام ۽ گهر جي وچ جو رستو گهڻو وڏو نه هو، ان وچ رستي ۾ هڪ وڏو مندر ايندو هو جتان گذرندي اڪثر ڪري عبدالقادر گهڙي سوا لاءِ بيهي رهندو هو، ۽ مندر ٻاهران رکيل دُرگا ديوي جي مورتي ڏسي ٿڌو ساهه ڀريندو هو. اڄ به جڏھن مندر کي ڏسي ٿڌو ساهه ڀريائين ته عبدالرحمان جي ذهن ۾ اوچتو سوال اُڀريو، پيءُ کان پڇيائين:
“بابا اڪثر ڪري اوهان ڪجهه پل ترسي هن مندر کي گهوريندا آهيو، ڇا اِن ۾ ڪا خاص ڳالهه آ؟” سوال ڪندي، عبدالرحمان عبدالقادر ڏانهن ڏٺو، کيس وڌيڪ حيرت ٿي جڏهن عبدالقادر جون ڀنل اکيون ڏٺائين. عبدالرحمان ٿورو حيران، ڪجهه وائڙو ٿيندي مندر تي هڪ نظر وڌي، مندر ۾ ڪو ميلو متل هو، شايد نوراتري ‘درگا پوڄا’ هئي. عبدالرحمان غور سان پيءُ ڏانهن ڏٺو. عبدالرحمان سمجهي نه سگهيو، ڇو ته عبدالقادر جي اک جي پُتلين تاريخ جا ورق ٿي ورايا جيڪي ٻئي جي سمجهه کان گهڻا مشڪل هئا. وقت جي تيز گهوڙي جي سنبن جي دز انهن ورقن تي ضرور هئي پر عبدالقادر جي احساسن اُن کي ڇنڊيو ڇاڻيو پئي. جيسين عبدالقادر جواب ڏئي، عبدالرحمان ڳالهائڻ شروع ڪيو.
“بابا اوهان مندر کي جڏهن غور سان ڏسندا آهيو ته آءٌ اهو ئي سمجهندو آهيان ته پراڻيون ۽ مذهبي عمارتون پرڪشش ٿينديون آهن ۽ انهن جا تاريخي سؤ وراڪا قصا ۽ داستان ھوندا آھن، جيڪي اکيون پڙھڻ جي ڪوشش ڪنديون آھن.”
“هزارين سال اڳ اسان جو به مذهب اهو ئي هو نه!؟ شايد ان ڪري مندر....” عبدالقادر سُڏڪو دٻائيندي پٽ ڏانهن نِهاريو ۽ آڳوٺي ۽ اَشهد آڱر سان ٻنهي اکين جي ڳوڙهن کي جڏهن اُگهيو ته عبدالرحمان جو تجسس وڌي ويو. عبدالقادر چپ ڀڪوڙي ڪيئي سڏڪا ۽ اڌما دل جي پنهان خانن ڏانهن واپس ڪري ڇڏيا جتان سُڏڪي نڪتا هئا.
اف.....” جهڙي اندر جي اونهاين مان نڪتل هلڪڙي دانهن ڪڍڻ کان پوءِ هلندي هلندي ڳالهائڻ شروع ڪيائين.
اهڙي ئي نوراتريءَ جي رات هئي..” چوندي چوندي عبدالقادر رُڪجي ويو. عبدالرحمان پيءُ کي اڳ ايڏي ڳنڀيرتا سان ڳالهائيندي ڪونه ڏٺو هو،
“درگا ماتا جي پوڄا جو ئي ڏينهن هو، آخري پوڄا جي رات جڏهن آءٌ گيانچند ولد مولچند” عبدالرحمان جون اکيون حيرت مان پٽجي ويون ۽ دماغ جي دري کُلي ويس هو حيرانگيءَ وچان پيءُ کي ڏسڻ لڳو. ماضيءَ جا ورق اٿلندا ويا ۽ پردا ڪرندا ويا. پيءُ ڳالهائيندو ويو....
پنهنجي گهران ڀڃي نڪتو هوس. ها مان هندو هوس. ماتا درگا به منهنجي امڙ وانگر آهي.” عبدالقادر يادن جي پيرن سان پوئين پير هلندو ويو سوچن جو وهڪرن ۾ ڄڻ لڙهندو ويو.
درگا جي مورتي ڏسڻ سان مون کي امڙ ياد ايندي آهي، جيڪا ماتا درگا جي وڏي پوڄارڻ، ڀڳتياڻي هئي. ان تي ماتا درگا جو وڏو اثر هو، شفقت صبر ۽ سهپ، ديالو محبت جي ديوي هئي. منهنجي امڙ. مون کي ياد آ جيڪو پاٺ هوءَ پڙهندي هئي سو سندس مٺي آواز ۾ گيتا جو ورد ئي هوندو هو. صبح جو امڙ جي خاص ڀڄن تي اک کُلندي هئي اڄ به امڙ جا لفظ محفوظ ٿيل آهن. منهنجي دل ۽ ذهن تي. امڙ مون کي ٻڌائيندي هئي ته،
ماتا درگا جي ٻئي سوَروپ جو نالو برهمچارڻي آهي. برهم جي معنيٰ تپسيا آهي. ماتا سخت تپسيا ۽ صبر جي انتها آهي. ڪٺور سچ جي چارڻي هئڻ ڪري، برهمچارڻي جي نالي سان مشهور ٿي. وڏا وڏا رشي مني به ماتا جي سخت تپسيا ڏسي دنگ رهجي ويا. سندس سوَروپ تمام روشن ۽ تيج وارو آهي، ماتا جي ساڄي هٿ ۾ جپ مالها ۽ کاٻي هٿ ۾ ڪمنڊل ۽ مٿي تي سهڻو سونو مڪٽ هوندو آهي. نوراتريءَ جي ٻئي ڏينهن ماتا جي اپاسنا ڪرڻ جو دستور هلندو اچي جُڳن کان، ماتا درگا جو هي ٻيو سوَروپ ڀڳتن کي تمام گهڻو ڦل ڏيندو آهي. ماتا جي اپاسنا سان ماڻهوءَ ۾ تياڳ، ويراڳ ۽ حد کان وڌيڪ صبر جو واڌارو ٿيندوآهي. ماتا برهمچارڻي جي ڪَرپا هر هنڌ هر ميدان ۾ سَڌي ۽ ڪاميابي ڏيندي آهي. ماتا برهمچاڻي کي مصري، کنڊ ۽ پنج امرت جو ڀوڳ لڳايو وڃي ٿو. انهن شين جو دان ڪرڻ سان وڏي عمر جو سوڀاڳيه پڻ حاصل ٿئي ٿو.”
عبدالرحمان پهريون ڀيرو پيءُ جو اِهو روپ ڏٺو هو، جنهن ڪري حيرت ۾ ٻُڏل، يڪ ٽِڪ نهاريندي پيءُ سان گڏ هلي رهيو هو. ته ھلندي ھلندي رڪجي ويو ۽ مندر کان ڪجهه وکن تي وڻ هيٺان رکيل وڏي پٿر تي اچي پڻهس ويهي رهيو. عبدالرحمان کي تصور به نه هو ته سندس پيءُ هندو هو ۽ هو هڪڙو عجيب داستان ۽ راز اندر ۾ رکيو ويٺو هو. عبدالرحمان کي پيءُ متعلق ڄاڻڻ جي بيقراري وڌي وئي.
“هل ته گهر ٿا هلون.. دير ٿي ويندي”.... پڻهس اُٿندي چيو. عبدالقادر ڊگهيون ڊگهيون وکون کڻڻ لڳو. عبدالرحمان تڪڙو تڪڙو پٺيان هلڪي ڊڪ ڀريندي پيءُ سان مخاطب ٿيو،
بابا! اڄ مٿين ماڙ تي گڏجي ماني کائينداسين. مون کي پنهنجي باري ۾ سڀ ڪجهه ٻُڌائجو، خاص ڪري ڏاڏي امڙ جي باري ۾ جيڪا ممتا جي مورت هئي.....”
“هون..... ها....!” عبدالقادر بس ايترو ڀُڻڪيو.... باقي جو ٿورو رستو خاموشيءَ ۾ گذريو. مانيءَ ۾ مڱن جي اڻ ڇلهيل دال، تورين جي ڀاڄي پاپڙ ۽ سانداڻو رکيل هو. ماني خاموشيءَ سان کاڌائون پر ٻنهي پيءُ پٽ جي بک ڄڻ مري چڪي هئي. ماني دوران عبدالقادر ڳالهائڻ پسند نه ڪيو، جيئن هو هميشه ڪندو هو. مانيءَ کان پوءِ ورانڊي ۾ لوهين ڪرسين تي ٻئي پيءُ پٽ اچي ويهي رهيا. فانوس جي روشنيءَ ۾ عبدالقادر ڪنهن وڏي سفر تان آيل اهڙو مسافر لڳي رهيو هو جنهن جي اندر جي اک ٿڪل هئي ۽ پنبڙين تي ڄڻ رستن جي دزچڙهيل هئي. هو ڊگهو ۽ طوفاني سفر طئي ڪرڻ کان پوءِ به پختي وجود جو اهڃاڻ بڻيل هو. ايڏي دردناڪ ۽ خطرناڪ زندگيءَ جي پنڌ جو نتيجو سندس مهندار ۽ سگهاري شخصيت هئي. عبدالقادر ڳالهائڻ شروع ڪيو..... ورهاڱي کان اڳ جو دؤر هو، ملڪ ڏاڍو محبتي ۽ خاشو
شاهوڪار هو. مون هڪ شاهوڪار هندو گهراڻي ۾ اک کولي منهنجو ننڍپڻ شهزادن جيان گذريو. ‘طلب هُو ته مِل هُو’ واري ڳالهه هئي، جا شيءِ چاهيندو هوس اڳ ۾ ئي حاضر هوندي هئي. ڪا ڪمي ڪونه هئي. ڪا اوڻاٺ نه هئي. دور به سستائي ۽ ايمانداريءَ جو هو، ڳوٺ ننڍڙو هو پر ڪجهه به اوپرو ڪونه هو. سڀ مون سان پيار ڪندا هئا، پر امڙ سان گهڻي اُنسيت هئم، بابا ٿورو کُھَرو ماڻهو هو پر اصول اخلاق وارو ماڻهو هو. بابا کي آءٌ ڏاڍو مٺو هئس، بابا منهنجو تعارف ئي سڪيلڌو پٽ چئي ڪرائيندو هو. تن ڏينهن ۾ شاديون ننڍي وهيءَ ۾ ٿينديون هيون، بابا تِن ڏينهَن ۾ پنهنجي پياري دوست پرساڌ رام جي ٽيون نمبر ڌيءَ سان منهنجو مڱڻو وڏي ڌام ڌوم سان ڪرايو هو. ان وقت آءٌ مشڪل سان ٻارهن سالن جو هئس. منهنجي پتا سيڻن کي به سوَنَ جا تحفا ڏنا هئا. مون کي تڏهن محبت جي ته خبر نه هئي پر ان ڇوڪريءَ سان اُنسيت هئي. ٽن سالن کان اسان جو اچڻ وڃڻ هو. ڪنهن خاص ڏڻ تي سوکڙيون تحفا ڪافي شيون جئين پاڻ عيدن تي ڏيون وٺون ٿا ويساک ۽ بسنت رت جا لهندڙ نوان تازا ڦل فروٽ ويسن وڳن سميت نوڪرن کي کڻائيندو ھو. بابا مونکي نوڪرن سان گڏ سندس گهر موڪليندو هو. هڪ دفعو پنهنجي جعفري واري دروازي ۾ ورانڊي مان بيهي ڏسي رهي هئي ته مون کيس سڃاتو هو. جو سندس ئي پاڙي ۾ کيڏڻ ڪڏڻ دوران اڳي هڪ دفعو مون کيس ڏٺو هو. پر هاڻي ته هوءَ به مون جيڏي ٿي وئي هئي سو ٻاهر ڪونه ٿي نڪتي، ستر ۾ ويٺل هئي. هوءَ لڄاري شرم واري ڇوڪري هئي تڏهاڪو زمانو مروت لحاظ ۽ حياداري وارو هو. عورت کي ڏسڻ مها پاپ هو، اِن ڪري چاهيندي به آءٌ ساڻس ڏسڻ ملڻ جي ڪوشش نه ڪري سگهيس، پر اهو سچ هو ته مون کي اُها ڇوڪري وڻيل هئي.
مڱڻي کي ٽي سال ٿي ويا اوچتو ان دؤر ۾ هڪ وبائي بيماري پکڙجي وئي جنهن کي ماتا چوندا هئا، منهنجي منڱيتر جمنا به ماتا جو شڪار ٿي پئي ۽ پرلوڪ پَڌاري وئي. مون کي دلي صدمو پهتو، تڏهن محسوس ٿيم ته آءٌ کيس پيار ڪندو ھوس. هُن سان ملي بغير وڇوڙو منهنجي ٻاراڻي وهيءَ ۾ مون لاءِ اَسهائيندڙ درد هو. منهنجي تڪليف جو امڙ کي اندازو هو. آخر انتم سنسڪار جو وقت اچي ويو، منهنجي دل ۾ اها آرزو جاڳي ته سندس آخري ديدار ڪيان، اڳلي جنم ۾ ملون الائي نه!! پر هندن ۾ اهو ممڪن ئي نه هو ته ڪو ڪو منڱيتر پنهنجي مڱيتر جو مُنهن ڏسي. منهنجي دِل جمنا جي لوڪ پڌارڻ سبب ڏاڍي ملول هئي. ڪابه ڳالهه نٿي وڻي. اُن رات ننڊ به نه آئي هئم سو پرهه ڦُٽيءَ مهل ئي مان مسڻ هليو ويس اِن خيال سان ته انتم سنسڪار ڪرڻ کان اڳ ضرور جمنا جي ۾ مُنهن تان ڪپڙو لاهيندا ۽ کيس ڪاٺين تي رکندا سو مان اُن وقت جمنا جو مُنهن ڏسي سگهندسُ. آءُ مسڻ جي آخري ڪُنڊ ۾ بيٺل هڪ نم تي چڙهي لِڪي ويٺس. آءُ جمنا جي خيالن ۾ گُم هوس ته ‘رام رام ستئه آ’ جا آواز آيا ۽ ڪجهه ماڻهو هڪ آرتي کڻي آيا ۽ آرتي مان چتا کي لاهي ڪاٺين تي رکيائون اُن وقت مون ڏٺو ته اُها چِتا جمنا جي نه هئي ڪنهن ٻئي عورت جي هئي، مون اُن چِتا جو انتم سنسڪار ڏسندي جمنا جي آرتي اچڻ جو انتظار ڪيو. ڪافي دير کان پوءِ سڀ ماڻهو جمنا جي چِتا سان پهچي ويا. مسڻ ۾ داخل ٿيا ته منهنجون نظرون جمنا کي ڏسڻ لاءِ آتيون هيون پر جمنا ڪپڙي ۾ پوري بند هئي ڏسڻ جي آس بي تابيءَ ۾ بدلجي وئي پر مجبور نم تي خاموش ويٺو رهيس، رسمن پوري ٿيڻ کان پوءِ ڪاٺين جي ڍير تي تيل هاريو ويو، جمنا کي کڻي ان تي رکيائون، جڏهن ڪاٺين ڏانهن کيس نيو پئي ويو، تڏهن منهنجي اکين مان ڳوڙها مينهن جيان وسي رهيا هئا. منهنجي دل تيز تيز ڌڙڪي ٿي، خوف ۽ عجيب ڪيفيت طاري هئي. جمنا جي منهن تان ڪپڙو هٽيو تڏهن مون ڏٺو شهزادين جيان سُتل هئي جمنا، البته رنگ ميرو ٿي ويو هئس، ساهه نڪرڻ جي ڪري يا شايد بيماريءَ جي ڪري.
سندس مٿان ڪاٺيون رکيون ويون، جڏهن کيس باهه ڏني ٿي وئي ته منهنجي پوري جسم مان سِسراٽيون نِڪري ويون. مان باهه جا ڀڀڪا ڏسندي ئي ڏڪي ويس باهه ٻرندي رهي. هڪ پل جمنا جو جسم اڪڙجي اُڀو ٿي ويو، جيئن ماڻهو اُٿي ويهندو آهي. ائين لڳم ته جمنا اوڙاهه مان نڪري مون ڏي اچي رهي آهي، پر مردو جسم اتي ئي ٺڪاءَ سان هار مڃي ڪِري پيو، نه ڄاڻ ڪڏهن کان اکين مان نير جاري هئا. منهنجي اندر ۾ وڍ پئجڻ لڳا، جسم مان ساهه ست نڪرڻ لڳو، اِهو سڄو عمل مون لاء ڏاڍو ڇرڪائيندڙ هو. منهنجو مٿو چڪرائجي ويو پر نم جي ڏار ۾ مون کسڪندڙ هٿ مضبوطيءَ سان جهليا. وهندڙ ڳوڙهن کي اگهڻ به مشڪل هو. سڀ ٻرندڙ جمنا کي ڇڏي هڪ هڪ ٿي جڏهن نِڪري ويا ته مان به وڻ کان لٿس ڄڻ پنهنجي حصي جي سزا ڪاٽي چڪو هوس.
ٻرندڙ لاش جي ويجهو وڃي ڏٺم دل ڏرڻ لڳي ، منهنجي ننڍپڻ جي سنگتي دوست محمد جي گهر جي ڀر واري مسجد ۾ ڏنل مولويءَ جو خطبو ياد اچي ويو، اسين جڏهن جمعي جي ڏينهن دوست محمد جي گهر جي ٿلهي ٻاهران ويهندا هئاسين ته اڪثر مولوي صاحب جي خطبي جو آواز لائوڊ اسپيڪر تي ٻڌبو هو. جنهن ۾ مولوي اڪثر قيامت ڏينهن دوزخ ۾سڙڻ جي ڳالهه ڪندو هو. مون کي لڳو ته اِهو دوزخ هو جنهن ۾ جمنا سڙي رهي هئي. پر هوءَ ته معصوم هئي، جنت جي پرِي هئي، اڇي اُجري هئي، پر هي دوزخ ....ھي ته انسانن ٻاريو هو، هيءِ هٿرادو باهه ته ماڻهن ئي ڪاٺيون گڏ ڪري ٻاري هئي. مونکي اُن لمحي اِهو به ياد آيو ته مولوي چوندو هو ته:
“نيڪيون ڪرڻ وارن ۽ معصومن لاءِ جنت آهي ۽ بدڪارن، گناهگارن لاءِ دوزخ آهي. پوءِ ڇو جمنا!!؟” منهنجو مٿو ڦرڻ لڳو، هڪ ويل سوچيم ته مان به اِن چتا ۾ جلي وڃان، پر پاڻ سنڀاليم. اچانڪ خيال آيو ته آءُ مرندس ته مونکي به ته اِن باهه ۾ ساڙيندا نيٺ. پر آءُ باهه ۾ نه سڙندس. آءُ ثواب ڪمائيندس آءُ جنتي ٿينديس. آءٌ مسلمان ٿيندس. منهنجي عجيب ڪيفيت ٿي وئي، ڇاڪاڻ جو مونکي باهه کان ڏاڍو خوف ٿيندو هو. انڪري جو ننڍي هوندي مان هڪ ڀيرو ڏياريءَ تي ڦٽاڪا ٻاريندي سڙي پيو هوس. منهنجي هٿ ۽ ڪارائي تي هي نشان اُن سڙڻ جو آهي، اُن حادثي ۾ منهنجا سٿر به سڙيا هئا. سڙڻ کان پوءِ مون ڪيئي مهينا لوڙيو هو، مهينن تائين منهنجو جسم ڪُرندو ۽ جلندو هو، مان رڙيون ڪري روئيندو هوس. ان لمحي منهنجي حالت ڏسي امان ڏاڍو روئيندي تڙپندي هئي. آءُ روئيندي روئيندي امان کي چوندو هوس،
امان آءُ ڪڏهن به ڏياري تي ڦٽاڪا نه ٻاريندس. مان ڪڏهن به ڏياريءَ جون خوشيون نه ملهائيندس. مونکي باهه کان ڊپ ٿو لڳي.”
خوف سبب مسڻ ۾ خود کي اڪيلو ڏسي ڊڄي به ويس، سو مون مسڻ مان نِڪري گهر طرف ڊُڪڻ شروع ڪيو. عجيب ڪيفيت ۽ حالت هئي، پر ڄڻ اندر مان ڪو ٻولي رهيو هو، ها آءُ مسلمان ٿيندس، قبر ۾ دفن ٿيندس باهه ۾ نه سڙندس. اِهو سڀڪجهه اُن ڳالهه کان بي خبر سوچي ڊڪندو ٿي رهيس ته مسلمان ٿيڻ ۾ ڪيترا اهنج ۽ ايذاءَ منهنجا منتظر هئا. پر اُن وقت هڪ واڻيءَ جي گهر طرف ڊوڙي رهيو هوس. آءُ گهر پهچڻ ساڻ گهر جي اڱڻ ۾ رکيل کٽولي تي ڪري پيس. اکيون کُليون ته آءُ گهر جي ڪوٺيءَ ۾ هيس، امان کٽ جي سيرانديءَ کان ويٺي هئي، اک کُلندي پيشاني چمي چوڻ لڳي،
ٻچا! ڪالهه شام کان به اڳ سُمهيو آهين، هاڻي منجهند جو اک کلي اٿئي. بخار ۾ تپيل آهين، طبيب به ڏسي ويو اٿئي دوا ڏئي ويو آهي، تاڪيد ڪيائين ته تنهنجي آرام جو خيال رکون جي منجهند تائين اک نه کُلي ته کيس ٻيهر سڏايون.” مان وري اُها باهه ياد ڪرڻ لڳس ۽ امان کي ڏسي روئي ڏنم، امان هنج ۾ منهنجو مُنهن رکي ڳوڙها اگهندي خود به روئيندي رَهي، جو هُن ڄاتو ٿي ته مون کي جمنا جو صدمو آهي
اُن ڏينهن کان پوءِ امان دريءَ ۾ رکيل مورتين جي آڏو ڳچيءَ ۾ ڳارو وجهي ڪي منتر يا پاٺ پڙهندي هئي. پوءِ مون کي به شوڪارا هڻندي هئي ۽ هڪ ڇمڪڻي وڄائيندي هئي. آءُ مهينو بيمار هيس ۽ عجيب ڪيفيت ۾ خود سان جسماني ۽ ذهني طور جنگ جي محاظ تي گذاريم. جسم ان صدمي ۽ اُڻ تُڻ جي ڪري ڪمزور ٿي پيو، هفتو بخار رهڻ کان پوءِ ڪمزوري ۽ اوڪارن جو معاملو هليو، سو ته ٺهيو پر ذهني آنڌ مانڌ ۽ ڇڪتاڻ جيئڻ ڪونه ٿي ڏنو. هر پل گهر مان ڀڄڻ جا منصوبا ٺاهيندو ڊاهيندو ٿي رهيس. گهر وارا خراب طبيعت جي ڪري گهر کان نڪرڻ نه پيا ڏين، خاص ڪري امان جو مون ۾ ساهه هو، تنهن پنهنجي اکين کان پري ٿيڻ ڪونه ٿي ڏنو. آخر مهيني کان پوءِ اسڪول وڃڻ جي اجازت ملي، اسڪول وڏو ڪو سرڪاري بلڊنگ وارو نه هو، هيڊ ماستر جي گهر جو هڪڙو ڪمرو هو ۽ اسين پنج ٻار هئاسين. آءٌ اسڪول کان موٽي انهيءَ ڏينهن سڌو دوست محمد وٽ ويس، مون کي ڏسي دوست محمد ڇرڪي ويو. چوڻ لڳو،
“مِيان ڳري چٽ ٿي پيو آهين، ڇا ٿيو اٿئي؟” مون دل جهلي سَموري ڳالهه ٻڌائيمانس ۽ کيس چيم،
يار مان مسلمان ٿيندسُ....؟” اِهو ٻُڌندي تارا پٽجي ويس، حيرت وچان چيائين،
“چرچا ڇڏ.....”
نه نه چرچو يا مذاق نٿو ڪريان، مان سچ ۾ مسلمان ٿيندس، ڪلمو پڙهندس، الله ۽ اُن جي رسول تي ايمان آڻيندس.” مان مسجد واري مولويءَ جا خطبا ٻڌي اڳ ئي ايمان آڻي چڪو هوس، جيڪا منهنجي اندر جي ڳالهه هئي، ٻيڻو هن واقعي مون کي سُک ويهڻ نٿي ڏنو. هِن گهڙيءَ مسلمان ٿيان ٻي گهڙي نه وجهان. هڪ سمجهه ۾ نه ايندڙ ڪيفيت هڪ جنون هو.
مون کي سڙڻ کان خوف هو، سڙڻ اُهو آڙاهه اُها پري کان ساڙيندڙ ڄڀي جيڪا مون وڻ تان لهي جمنا جي سڙندڙ چِتا جي ويجهو وڃي ڏٺي هئي. مون کي مسلمان ٿيڻ ۾ جيڪي ڏکيائون يا پيچدگيون درپيش هيون سي به ارادا لوڏي نه سگهيون هيون. مون کي ان سفر ۾ موت به منظور هو، پر هندو کان مسلمان تائين جو سفر طئي ڪرڻو هو. دوست محمد ڊڄي ويو ۽ حيرت ۾ اهڙو گم هو، جهڙو آءُ جمنا کي سڙندي ڏسي درد سان گڏ حيرت ۾ سراپجي ويو هوس. دوست محمد چيو هو،
“تون ته هيڏو امير ايڏو خاشو ماڻهو، واڻين جي امير گهر جو ٻار آهين. اسين مسلمان غريب آهيون اسان تي هميشه تون خرچ ڪندو آهين، سڀني سنگتين جي مدد ڪندو آهين، اسين ڀلا توکي ٽڪي ٽڪر ۾ ڪهڙي ٽيڪ ڏئي سگهنداسين، ٻيڻو تنهنجي مالڪن جو زور پئجي ويو ته توسان گڏ پنهنجو به سِر رُلي ويندو.”
“اوهان کي تڪليف نه ڏيندس نه ڏياريندس. مان هي تر ڇڏي ڏيندس بس مسلمان ٿيڻ تائين ساٿ ڏيو، رهي اميري ته اُن جي پرواهه ڪونه اٿم، اهو طئي آ ته مون کي اسلام قبول ڪرڻو آ. باقي آچار، ابراهيم صالح ۽ ڪريم کي به ان صلاح ۾ شريڪ ڪرڻو آهي.”
مان ٻي ڏينهن تي نڪري نه سگهيو هوس. ٽئين ڏينهن اسڪول مان سوير موڪل وٺي دوست محمد وٽ آيس، انجام موجب سڀ دوست گڏ هئا، دوست محمد سڄي صورتحال کان سڀني کي آگاهه ڪري ڇڏيو هو، سڀ حيرت، خوشي ۽ غير يقيني ڪيفيت ۾ مون کي ڏسي رهيا هئا، سڀ مليا ته گرم جوشيءَ ۾ پر سندن سواليه نظرون منهنجي وجود تي سواليه نشان جيان پئجي رهيون هيون. مون اُتي ٿوري بيوسي محسوس ڪئي ته ڪاش! مان ائين سمجهائي سگهان جيئن سمجهي رهيو آهيان. آءُ سينو ڦاڙي دل ڪونه ٿي ڏيکاري سگهيس. مون جيئن محسوس پئي ڪيو تيئن محسوس ڪرائڻ ۾ شديد ناڪام وڃي رهيو هوس. هو منهنجا پيارا دوست هئا، ٿورو منهنجي خاندان جي اثر رسوخ کان ڊنل ۽ هيسيل هئا، غريب ماڻهو ته ڊڄندو ئي آهي نه!. ٻن منٽن جي خاموشي کان پوءِ آچار ڳالهايو،
گيانا! يار تون ڪيئن ٿيندين؟ مسلمان وڏو مسئلو آ، مسلمان جي ٿيندين ته هتي توکي واڻيا رهڻ ته ڪونه ڏيندا، مري نه پئين.”
اڙي تون ماٺ ڪر، جي هو دل سان دين تي اچي ٿو ته اسان به بي وڙا نه ٿينداسين، ساٿ ڏينداسونس، يار تان سر قربان آ. مان نعرو هڻي بيهندس مٿس، مٺي مرسل جي دين تان گهور ٿيس ته خير آ.” ابراهيم جوش ۾ ننڍڙي تقرير ڪري ويو.
“گيانا! اسين سڀ ساٿ ڏينداسين تنهنجو، مولوي به هٿ ڪبو رک الله تي.”
پهرين جڏهن هي خاموش هئا ته به آءُ پنهنجي ارادي تي قائم هيس پر هينئر دل وڏي ٿي وئي هئي، گهر موٽي ته آيو هوس پر جهڙو دوست محمد جي گهر منهنجو روح رهجي ويو هو. رهجي ته آءٌ ان ڏينهن تي ڪٿي ٻاهر ويو هوس، گهر ڪين موٽيو هوس، جنهن ڏينهن جمنا جو انتم سنسڪار ڏٺو هئم. جمنا جو ديهانت ڇا ٿيو هو ڄڻ ته منهنجو به ديهانت ٿي ويو هو. جمنا جي ديهانت کان پوءِ مون ۾ آءُ ڪونه هوس، ڄڻ ڪو ٻيو روح هو جيڪو هلي ڦري ۽ مون کي ڦيرائي رهيو هو. شروع ۾ منهنجو گُم سُم رهڻ ۽ اُداس رهڻ گهر ۾ وڏي پريشاني يا سوالن جو سبب ان ڪري نه ٿيو هو، جو سڀني ڄاتو ٿي ته جمنا جي صدمي ۾ آهيان، پر جڏهن مان گونگن وانگر گهر ۾ بي آواز ۽ موجود هوندي غير موجود رهڻ لڳس. نه آواز نه انگل، نه ٻاراڻي شوخي شرارت تڏهن سڀني مون کان طبيعت جو پُڇيو ۽ جيڪا ڀڳوان جي مرضي چئي وري وساري ڇڏيائون. پر امڙ ڪين وساريو اُن کي منهنجي حالت حيران پريشان ڪرڻ لڳي. هڪ ڏينهن صبح جو اسڪول موڪلڻ کان اڳ پڇڻ لڳي،
“ابا اسڪول جو ڪم ڳرو آهي يا پنهنجي جمنا جي ياد ۾ ڳرندو ٿو وڃين، جي چوين ته چيٽ ۾ ڀڳوان داس جي ڌيءَ وٺي ڏيانءِ کيس ست ڌيئون آهن، جنهن تي هٿ رکين.”
مون خالي نظرن سان امڙ ڏي نهاري ڪنڌ هيٺ ڪيو، امڙ منهنجي وجود جي هر تحرير پڙهي ٿي سگهي، پر ڄڻ هي لکاوت سمجهه ۾ ڪونه ٿي آيس. ايتري ۾ منوهر لال، چيلارام ۽ آنند اسڪول هلڻ لاءِ اچي پهتا، مان تڪڙ ۾ انهن سان نڪري ويس.
امڙ جي تڙپ دل ۾ چهنڊي وڌي پر هڪ اڻ ڏٺل ڪشش ۽ قوت ان تي حاوي هئي. ائين مسلمان ٿيڻ جا پُور پچائيندي سال کان مٿي ٿي ويو. دوستن کي ڪو مولوي ڪونه ٿي سُجهيو. دوست منهنجي حالت تي پريشان هئا. جيسين ڪو مولوي هٿ اچي آءُ دوست محمد سان سندس گهر جي ڀر واري مسجد ۾ نماز پڙهڻ ويندو رهيس، جڏهن مسجد مان سڀ نمازي هليا ويندا هئا. دوستن مون کي نماز سيکاري ۽ ياد ڪرائي هئي. قرآن جو سبق به ڏيندا رهيا، وڏن کان چوري دوست محمد جي گهر جي ڪچي ڇني ۾ دين جون ڳالهيون ڪندا هئاسين، نماز، قرآن پڙهندا هئاسين. آءُ ذهين هوس سو ڪا ڏکيائي نه ٿي، سڀڪجهه جلدي ياد ڪري ويس. آءُ سترنهن سالن جو ٿي ويس، آءُ ڪابه نماز نه گسائيندو هوس، ڪيئن به ڪري لِڪي نماز پڙهندو هوس ۽ دعا ۾ باهه کان پناهه گُهرندو هوس. مون پنهنجي مذهبي ڏينهَن ۽ پوڄا پاٺ ۾حصو وٺڻ ڇڏي ڏنو هو. سڀني گهر وارن کي منهنجو اِهو رويو پسند نه هو. اِن ڳالهه تي سڀ دڙڪا به ڏيندا هئا. سواءِ امڙ جي. بابا کان وڌيڪ چاچا دڙڪا ڏيندو هو. چاچا وڏي رعب ۽ دٻدٻي وارو شخص هو، جيتوڻيڪ چاچا پتا کان ننڍو هو، پر وڏي مڻيا ۽ ڏيا وارو شخص هو، خانداني فيصلا به گهڻو ڪري چاچا ڪندو هو، جو بابا گهر توڙي خانداني مسئلا سندس حوالي ڪري ڇڏيا هئا.
اُهو شايد آچر موڪل جو ڏينهن هو آءٌ دوست محمد وٽ ويس ته پُرجوش طريقي سان مليو زور سان ڀاڪر پائي خوشخبري ڏنائين ته،
گيان تنهنجو ڪم ٿي ويو آ، سونڊا کان سوٽ آيو آهي، مولوي جو ڏس ڏنو اٿائين، جيڪو سندس گهڻ گهرو آ، چاچي جو دوست آ، مون کيس رات رهايو آ، سڀاڻي يار تنهنجي ڪم سان ساڻس رلجي وڃان ٿو. ڪم پڪو ڪري مولوي سان ڳالهائي موٽ ڪندس پوءِ وري هتان گڏجي هلنداسين. بس سڀاڻي نڪرنداسين.” هو پنهنجي سوٽ کي سڏي آيو، ٻاهرين ڇني ۾ ويٺاسين، کوڙ ڪچهري ٿي. سندس سئوٽ ڀلو ماڻهو هو.
عبدالقادر جو ٿڌو ساهه نڪري ويو پٽ کان پاڻي گُهريائين. عبدالرحمان ڪٽوري ۾ پاڻي ڀري ڏنس....يڪ ساهي پاڻي پيئڻ کان پوءِ عبدالقادر وري ڳالهايو.
“آءٌ هفتي کان دوست محمد وٽ وڃي نه سگهيو هوس. هفتي کان پوءِ جڏهن وٽس ويس ته دوست محمد خوشخبري ٻڌائي ته مولوي مڃي ويو آهي، ميار ڏيڻ لڳو ته آءٌ تنهنجي ڪري سوٽ جي منٿن تي به اُتي نه رهيس. تنهنجو ڇهن ڏينهن کان انتظار ويٺي ڪيم. دوست محمد خوشيءَ ۾ ڪونه ٿي ماپيو. دوست محمد پنهنجي والد کي به اِها ڳالهه ٻڌائي چڪو هو. ٻن ڏينهن کان پوءِ مولويءَ وٽ پهچڻو هو. سو انجام موجب جڏهن بيل گاڏيءَ تي ڀرواري ڳوٺ پهتاسين ته دوست محمد جا مائٽ اسان سان ملي ڏاڍا خوش ٿيا. دوست محمد جا مِٽ مائٽ گڻائتا ۽ قربائتا ماڻهو هئا، ڀَلي آجيان ڪيائون. سٺو ڀانيائون، هنڌ ٽپڙ ماني ٽڪي خاشي خدمت ڪيائون.
ٻئي صبح تي مولوي سان ملياسين مولوي صاحب به خوش ٿيو. منهنجي مسلمان ٿيڻ تي مولوي صاحب کي جا سرهائي منهن تي آئي، تنهن مون کي به سرهو ڪري ڇڏيو. مولوي صاحب چيو ڪجهه ڏينهن مهماني کائو. ڏسجي ته پٺيان جاچ جوچ ڳولها ڦولها ڪيتري ٿئي ٿي! پنهنجو به بچاءُ لازمي آهي، ٻيو تون اڃان ڪچو آهين. انگريزن جي حڪومت آ ڪٿي ڪاٺ نه پئجي وڃون. اسين بابا اڀرا ماڻهو ڪنهن ڦڏي مان ڪين ڄاڻون.
ستين رات بابا اوچتو چاچي سان اچي ڳولهي لڌو، ڳوٺ وارن دوستن سڻس ڏئي ڇڏي هئي، چاچا جي رعب آڏو دوستن زبان کولي وڌي، شايد کين مار موچڙو به ٿيو هو. بابا جڏهن آڏو آيو ته رڦڻي وٺي ويم، رت ست ڇڏائي ويو، ڪنڌ هيٺ ڪري بيٺس، چاچا ڪاوڙ ۾ اچي ساڄي ڳل تي چپاٽ وهائي ڪڍي، هٿ چاچا جو ڳرو هو، چپاٽ ڄڻ ڳل تي ٺهي پئي. بابا مولويءَ کي ڏاڍو سوڙهو ڪيو، چيائينس قانوني ڪارروائي ٿيندي... مولوي صاحب منٿ ميڙ ڪيس، هٿ ٻڌائينس ته
“بابا امانت وٺي وڃو، مون کيس ڪلمو ڪونهي پڙهايو. ڇوڪرو اڃان مسلمان ناهي ٿيو.”
مسلمان ٿيندو به ڪيئن اڃان هو ارڙهن سالن جو به ناهي ٿيو.” بابا ڄڻ شينهن وانگر گجگوڙ ڪئي هئي.
اوهين ته دين دنيا ڄاڻو ٿا، هي اوهان غير مناسب قدم ڪيئن پئي کنيو، قانون موجب اوهين ڏوهاري آهيو.”
ديوان سائين! مسلمان ڪيو ته ڪونهي اڃان، پنهنجي خوشيءَ سان پٽ اوهان جو آيو آهي اسين کيس زوري ته ڪونه وٺي آ يا هئاسين، جيئن پهتو آ تيئن ويٺو آ، مون نه ڪو مسلمان ڪيو آ نه وري هاڻي ڪو ڪندس. پنهنجي پٽ کان پُڇي سگهو ٿا. هي دين آ زوري ناهي ٿيندي دين ۾. اِهو آءٌ به ڄاڻان ٿو.”
بابا وارن بيل گاڏي ۾ مون کي ويهاريو، ڀلين جُهلن وارا ٻه ڏانڌ ، وڏا وڪڙ کاڌل سڱ ڍڳا ڄڻ ته بيل گاڏي اُڏائيندا ٿي ويا. آءٌ خوف ۾ هئس ته شايد ماريو وڃان. گهر پهچي چاچا ڏاڍي ڇنڊ پٽي هئي ته “شرم ڪونه آهي توکي راڄ ۾ وڏي عزت وارا آهيون، ستن پُشتن ۾ اسان مان ڪو مسلمان نه ٿيو، توکي اهو خيال ڪٿان آيو، بڻ بڻياد تنهنجو ڪيڏو مانائتو آ، توکي پنهنجي ڌرم جو ڀرم شرم ناهي.”
امڙ منهن تي پردو ڪري منهنجي ڀرسان بيٺي رهي هئي، امڙ چاچن کان پردو ڪندي هئي. پوءِ چاچا مون کي کٽولي سان ٻڌي ڇڏيو هو، چاچا ۽ بابا اِهو چيو ته هي تيسين ٻڌل رهي جيسين آڻ نٿو مڃي. جي سڌو نه ٿيو ته ڪا ٻي ڪارروائي ڪبي. باقي نڪ کڻڻ جهڙو ڪونه ڇڏيو اٿائين. دل تان لهي ويو آهي. آءٌ مسلمان هوس، دل سان روح سان سا ڳالهه ڪير به سمجهڻ لاءِ تيار ڪونه هو، مون کي تڪليف ڏئي ويتر باغي ڪري رهيا هئا. مون کي فقط امڙ جو اونو هو، باقي رشتا دل تان لهي چڪا هئا. جڏهن سڀ ڪمري مان نڪري ويا ته امڙ لالٽين کڻي اچي منهنجو چهرو ڏٺو هو، ڳل تي چاچا جي چپاٽ سَودي ٺهي پئي هئي، امڙ ڏسي ڊڄي وئي، مون ڏٺو ته امڙ جي جسم مان سيسراٽ نڪري ويو. لڳم ته مون کي نه پر ڄڻ امڙ کي اُها چپاٽ لڳي جڏهن منهنجي ڳل تي چپاٽ جي ڇاپ ڏٺائين. امڙ جي اکين مان رُڪيل ڳوڙها ڪري پيا ۽ مسلسل ڪِرندا رهيا، سڏڪو روڪي پڇيائين،
ماني کائيندين؟” مون انڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو، منهنجو منهن ٻنهي هٿن ۾ جهلي چوڻ لڳي
منهنجا لال مُڙي وڃ، ضد چڱو ناهي. آءٌ ممتا کان مجبور آهيان، مون کي ڪين مار.”
پوءِ منهنجا ٻئي هٿ چمندي رهي. منهنجا هٿ سندس ڳوڙهن جي مينهوڳيءَ ۾جل ٿل ٿي ويا هئا. مون اُن لمحي امڙ کي چيو هو ته،
امڙ مان اِن آڙاهه ۾نه سڙندس جيڪا منهنجي چتا کي هڪ ڏينهن ڏني ويندي، مونکي نرڳ دوزخ جي باهه نه، پر سوَرڳ جنت جي طلب آهي. سا لهڻ ۾ منهنجي مدد ڪر امڙ!” ٻئي ڏينهن صبح جو زوري ماني پنهنجي هٿن سان کارائي هئائين. کيس پڪ ٿي چڪي ھيس ته آءُ نه مُڙندس، هوءَ هارائي چڪي هئي. درگا ماتا جي ڀڳت هارائي چڪي هئي. هڪ ماءُ ممتا هٿان هارائي آڻ مڃي چڪي هئي. هوءَ مڪمل ممتا هئي درگا ماتا جهڙي شفيق. مون سڄي رات ننڊ نه ڪئي هئي ڀڄڻ جا پور پچائيندو رهيو هوس. جسم نٻل، بي حال نستو هو، جهڙو بي جان. صبح جو مون امان کان حاجت روائي جي اجازت گُهريم، امڙ سڏڪو دٻائيندي هٿ جي اشاري سان چيو هليو وڃ. نوراتري جي لاءِ سڀ تيارين ۾ مندر ويل هئا. امان کي منهنجي رکواليءَ لاءِ رهائي ويا هئا. منهنجي هٿن پيرن جون رسيون کولي ڇڏيائين. ان مهل سج جا ڪرڻا امڙ جي چهري تي پيا هئا. مون کي لڳو ته سورهيه ونش امڙ جي ممتا کي ڄڻ سلام ڪري رهيو آهي. عبدالقادر سڏڪو چپن ۾ چيڀاٽي اندر ڏانهن موڪلي ڇڏيو. جيڪو عبدالرحمان محسوس ڪري ورتو. وري عبدالقادر ڳالهايو
ويندي ويندي امان مون کي زور سان ڀاڪر پاتو ۽ ڪجهه پئسا منهنجي کيسي ۾ وڌائين.
“ مان گهر جي پوئين پاسي ڍنگهرن جي لوڙهي تي پاڻ اڇلايو. ڪيئي ڪنڊا جسم رهڙي ويا پر ساهه بچائڻ ۽ مسلمان ٿيڻ جو مقصد منهنجي جسم کي چُرڻ تي مجبور ڪري رهيو هو. منهنجي ٺونٺن ۽ پٺي ۾ ڪنڊا ڇڀي ويا هئا، لوڙهو ٽپي ڊوڙ پاتم چپل پير مان ڪڏهوڪي لهي وئي ڪا سڌ ڪين هُئم. پٺتي ڪونه ڏٺم، ٿورو ئي پري ويس ته چاچا گهوڙيءَ تي اچي رهيو هو. آءٌ ڏڪي ويس شڪر الله جو آڏو سگهارو ٻير جو وڻ هو، ان جي اوٽ ۾ لِڪي ويس. چاچا ڪونه ڏٺو. مون وري روڪيل ساهه کنيو ۽ وري پيرن تي زور ڏنم. ڊڪيس ۽ ڊڪندي ڀڄندي واهه جي ڪپ تي پهتس اکين اڳيان اونداهي ڇائنجي وئي آءٌ اُتي ئي ڪري پيس. عبدالقادر ڪجهه لمحا خاموش ٿي ويو... فانوس جي روشنيءَ کان منهن هٽائي عبدالرحمان پهراڻ سان پنهنجا ڳوڙها اگهي ورتا جيڪي پيءُ جي ڪهاڻي ٻُڌندي وهي پيا هئس. عبدالقادر وري ڳالهائڻ شروع ڪيو ته عبدالرحمان منهن روشني طرف ڪيو.
جڏهن هوش آيم ته هڪ غريب ميربحر جي ڀُنگيءَ ۾ هيم. ان مونکي سڃاتو هو، جو روزانو اسانجي ڳوٺ مڇي کڻي ايندو هو. آءٌ ڏڪي ويس. غلامون ميربحر شفقت سان نهاري چيو ته، “سيٺ مولچند جو پٽ آهين نه؟” مون هائوڪار ۾ هلڪو ڪنڌ لوڏيو.
ٻچا تون غشي ۾ واهه جي ڪپ تي پيو هئين ۽ اهو حال ڪيئن ٿيو ٿي؟”
مون کين سڄو حال ٻڌايو.....
ابووو....” غلامون ڪجهه سوچيندي چيو،
ڊڄ نه اسين دين خاطر توسان گڏ آهيون، جيڪو حڪم ڪرين.” پيار سان مٿي تي هٿ رکيائين ۽ چيائين،
اَبا ريل ڪار ۾ چڙهي وڃي شهر ۾ ڪو مولوي ڳولي هٿ ڪر، هتي ته تون پڌرو ٿي پوندين.”
اُتي مون کي خيال آيو ته دوست محمد کي نياپو غلامون هٿان ڪرايان جو هو روز مڇي کڻي ڳوٺ ويندو آهي. غلامون سان ڳالهه ڪيم ته کيس سرهائي ٿي ۽ هائوڪار ڪيائين. ڏينهن اڌ ۾ دوست محمد، پيءُ ۽ ٽنهي دوستن سوڌو اچي پهتو. رات واري ريل ڪار ۾ مان ۽ هو ٽيئي دوست ڪراچي روانا ٿياسين. مون کيسي ۾ هٿ هنيو ته امڙ جا سڪا ۽ سونيون گُينيون هٿ ۾ آيون. ٽڪيٽون مون سڀني جون ورتيون خرچ ڪرائڻ جي عادت ڪڏهن ڪونه هئي سو ڪجهه پئسا دوستن کي به ڏنم. ريل گاڏي ۾ منهنجي ڪيفيت مٽ ٿي وئي هئي، ڪنهن پل نور جي روشني سيني ڏانهن ويندي محسوس ٿي ٿي ۽ جسم ۾ حيرت انگيز سگهه پيدا ٿي وئي ته ڪنهن لمحي وري مائٽن جو ڊپ ۽ باهه جو خوف پئي ٿيم. مون کي پنهنجي ڪَئي تي پڇتاءُ ڪونه هو، پوءِ آءُ خوش هوس جو پنهنجي مقصد جي پوراءُ لاءِ ڪراچي وڃي رهيو هوس.
ڪراچيءَ ۾ هڪ مشهور عالم دين ۽ معروف بزرگ هستيءَ سان وڃي ملياسين. مون ۽ منهنجي دوستن سڄو حال کيس ٻڌايو. مولوي سڀ سوال مون کان ٿي پڇيا ته ڪٿي هي زبردستي ته نه کيس کڻي آيا آهن. مون اعتماد سان جواب ڏنا. منهنجو حوصلو ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو. مٿي تي هٿ رکي چيائين،
“هي مدرسو ۽ منهنجو گهر تنهنجا پنهنجا آهن، تنهنجي عمر ارڙهن سال ٿيڻ تائين توکي ڪلمو نه پڙهائبو، توکي تيسين اسلام جي باري ۾ سڀ سمجهائيندس پوءِ مسلمان ڪندس. سو ٽي مهينا تون ڄاڻ حاصل ڪر، پوءِ آءُ توکي مسلمان ڪندس.” منهنجا دوست موڪلائي واپس روانا ٿي ويا جيئن منهنجي وارثن کي ڪو شڪ نه پئي. ٽن مهينن گذرڻ کان پوءِ مولانا صاحب مون کي مذهبي رسم سان مسلمان ڪيو، ڪلمو پڙهايو. هندو برادري ۽ منهنجي وارثن ۾ وڏو چوٻول متل هو، وڏي ڦڙڦوٽ هئي، هو هر هنڌ مونکي ڳولهي رهيا هئا.
منهنجي مسلمان ٿيڻ کان هفتو پوءِ اچي نيٺ مونکي ڳولهي پهتا. مولانا صاحب مون کي سندن سامهون اچڻ نه ڏنو. پهريان سڀ دليل ثبوت، منهنجو قسم نامو ۽ پوري عمر کين ٻڌايائين. پوءِ کانئن مون سان ملڻ جي لاءِ پڇيائين جنهن تي هنن مونسان ملڻ کان انڪار ڪيو ۽ ڏک ڪاوڙ ۾ واپس هليا ويا. مولانا صاحب منهنجو مسلمانڪو نالو عبدالقادر رکيو هو، نه صرف ايترو پر منهنجي وارثن جي لادعوى هُجڻ ڪري مونکي پنهنجي ولديت جو نالو به ڏنائين، مان قومي سڃاڻپ موجب عبدالقادر ولد مولوي عبدالستار بڻجي ويس. مونکي نالي متعلق سمجهائيندي چيو هيائين عبدالقادر يعني قادر مطلق جو عبد، بندو. مون کي پاڻ وٽ سال ترسائي مڪمل ديني تعليم ڏنائين پوري سِکيا ڏنائين. جڏهن مان هر ڳالهه سمجهي سِکي ويس ۽ دلي طور مطمئن ٿيس ته مون مولانا صاحب کان موڪلايو. مولانا صاحب مونکي ولديت ڏني هئي سو پنهنجو پُٽ ئي سمجهندي سموري زندگي پاڻ سان رهڻ جي آڇ ڪئي. مون سندس ٿورا مڃيا ۽ زندگي پنهنجي انداز ۾ جيئڻ جي اجازت گهري. مولانا صاحب دعائن ۽ تحفن سان رخصت ڪيو ۽ اِهو تاڪيد ڪيائين ته ڇٽي ڇهه ماهي مان کيس مُنهن ڏيکاريندو ضرور رهان.
آءُ سنڌ جي سڀني روضن ۽ زيارتن، ديني بزرگن وٽ ويس. سڀ گاديون گهُميس. آءُ هاڻي ويهن سالن جو جوان ٿي چُڪو هئس. امڙ جو ڏنل سون ۽ پئسا مون وٽ سنڀاليل هئا. آءُ روز گذر لاءِ ڪڏهن مزدوري به ڪري وٺندو هوس، پر انهن پئسن کي هٿ نه لاٿم.
نيٺ پنهنجي ڳوٺ ويجهو ننڍڙي شهر ۾ اچي هڪ مولوي سان مليس. مولوي صاحب مون کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو. پوري شهر ۾ منادي ڪرايائين، گهوڙو سجائي، نئون خوبصورت جوڙو تيار ڪرائي پارائي اُن تي ويهاري شهر ۽ شهر کان منهنجي ڳوٺ تائين جو سرگس ڪرايائين. ڳوٺ جي مندر ۽ مسڻ کان گذرندي منهنجي لونءُ ڪانڊارجي وئي، سڀ يادون سمورا عڪس اولڙا ذهن جي ڪينواس تي تري آيا. هلندي جڏهن پنهنجي گهر کان گذريس ته مٿين ماڙ تي نظر پيم عورتون بيٺل نظر آيون. سڀ زارو قطار روئي رهيون هيون. سڀن جي اکين ۾ ڳوڙها هئا. مون ڪنهن کي ڳولهيو پئي. جڏهن امڙ تي نظر پيم ته دل ئي ڄڻ ڌڏي وئي اکين ۾ پاڻي اچي ويو، پر پاڻ سنڀالي ورتم. امڙ ويجهو ڏسي هڪ ڳوٿري ‘هڙ’ مون ڏانهن اُڇلائي جيڪا اچي منهنجي جهولي ۾ ڪِري مون اُها هڙ کنئين. سوچيم واپس امڙ ڏانهن اڇلايان پر هيڏي ميڙاڪي ۾ ايئن ڪري نه سگهيس. خبرناهي ڪنهن ڏٺو، ڪنهن نه ڏٺو، وڌيڪ ڪنهن کي خبر نه ڏيڻ ئي بهتر هو. وڏي احترام سان جلوس وري واپس شهر مولوي جي گهر طرف رخ ڪيو.
مون گهر پهچي ٿيلهي کولي ڏٺي، ڪافي پئسا ۽ سون هو. آءٌ نماز جو پابند هيس، پر مولوي جي مسجد ۾ رهندي تهجد، اشراڪ ۽ چاشت نماز به پڙهندو هوس، مون جلدي انهن سڀني پئسن مان هي گهر ۽ مسجد جوڙايا ۽ هڪ دڪان کوليم. مولوي ڪجهه ئي مهينن ۾ ڌيءَ جي سڱ جي آڇ ڪئي، جيڪا مون اڻڏٺي قبولي. سڄي دنيا چيو ته تون مولوي جي ڪوجهي ڌيءُ سان ڪيئن ها ڪئي. پاڻ ته ٺاهوڪو سهڻو جوان آهين. توجهڙو شهزادو ته پوري تر ۾ ڪونهي. مون کين چيو سڀ مالڪ جو جهان آ، دنيا باغ آهي ۽ ان ۾ هر رنگ هر قسم جا گل آهن، مالڪ جي ٺهيل ڪابه شئي خراب ڪونهي. منهنجي شادي ٿي وئي... عبدالرحمان کان رهيو نه ٿيو، چيائين،
بابا اوهين واقعي سدا ملوڪ حسين آهيو، امان ۽ اوهان ۾ ڏينهن رات جو فرق آ.” عبدالقادر کِلندي وراڻيو سڀ صورتون اُن ذات جون خلقيل آهن. ڪنهن صورت مان وِڏ ڪڍڻ اُن مالڪ جي شان مان وِڏ ڪڍڻ برابر آهي، مون کي سندس ذات ۽ صورت ۾ ڪڏهن ڪو عيب نظر نه آيو آ. خير سان جڏهن عبدالنبي ڇهن مهينن جو ۽ تون ٽن سالن جو هئين تڏهن امڙ نياپو ڪرايو هو ته مون کي پوٽا ڏيکاري وڃ. دم حياتي الائي ڇا موت ملاقات جي ڪا خبرناهي، مون انڪار ڪيو هو. وري امڙ اِهو نياپو ڪرايو ته،
“پُٽ جي تون هڪ واياڻيءَ سان نٿو ملڻ چاهين ته اُها تنهنجو مذهب اختيار ڪرڻ لاءِ تيار آهي. آخري ڀيرو تنهنجي ۽ تنهنجي ٻچن کي ڏسڻ ڪاڻ هوءَ پوئين وهي ۾ به پنهنجو مذهب ڇڏي ڏيندي. مَذهب ڇڏڻ سان، سندس مانگ اُجڙي ويندي، منگل سُوتر بي معنيٰ ٿي پوندو، هوءَ مڙس هوندي به ڄڻ وڌواهه يعني سُهاڳڻ هوندي به ڏُهاڳڻ ٿي پوندي، سو به قبول آهي ٻچا تو لاءِ.” هوءَ مڪمل ماءُ هئي هُن جنهن دل سان چيو هو سو ڪري به ڏيکاري ها جيڪڏهن مان نه مڃان ها، وٽس توهانکي ڏيکارڻ نه وڃان ها. اُن وقت تنهنجي ماءُ مون کي چيو هو ته ‘آءُ به ماءُ آهيان، ۽ هڪ ماءُ جي دل ۽ محبت جو اندازو اٿم. ماءُ مذهب کان بالاتر هوندي آهي. جي تون نه هلندين ته آءُ ساڻس ٻارن سميت وڃي ملندس.” نيٺ اسان ٻئي اوهان ٻنهي کي بيل گاڏيءَ ۾ وٺي ويا هئاسين.
اوهان جي ڄمڻ تي جا مون کي خوشي هئي، امڙ کي ان کان وڌ خوشي اوهان کي ڏسي ٿي هئي. پتا ۽ چاچا سڀ خاندان مليو هو، سڀ آڻ مڃي چڪا هئا. بس مون کي زندهه ڏسي ٻچڙي وال ڏسي ٽُٽي پيا هئا، بس ڪُڇيا ڪونه پئي پر اندر ئي اندر ۾ روئي رهيا هئا. امڙ اڳ جيان سڏڪن کي گُهٽي ڳالهائيندي رهي ۽ مون کي ڪا مهل ڏسندي رهي.
امڙ واپسي مهل تنهنجي امڙ کي سون ۽ ٻيا تحفا ڏنا هئا. مون تحفا وٺڻ کان انڪار ڪيو ته ٻانهون ٻڌي بيهي رهي.
ابا ايئن انڪار نه ڪر، تنهنجو انڪار مون لاءِ نرڳ جي باهه کان وڌيڪ ساڙيندڙ آهي، ابا مونکي جيئري نرڳ جي باهه ۾ نه اُڇلاءِ ...”
اُن لمحي منهنجي اکين ۾ مسڻ واري ڏينهن جي ياد اچي وئي هئي، جڏهن مان جمنا جي انتم سنسڪار ڏسڻ لاءِ صبح جو سوير وڃي مسڻ ۾ نم جي وڻ تي چڙهي لِڪي ويٺو هوس. جمنا جي آرتي کان اڳ هڪ ٻي آرتي مسڻ ۾ جيڪا آئي هئي ۽ اُن جو انتم سنسڪار ٿيو هو جيڪو مون پنهنجي اکين سان ڏٺو هو. رسمن موجب چتا کي ڪاٺين تي رکي باهه ڏنائون جهٽ پل ۾ باهه جا شعلا ڄڻ ته آسمان کي ڇُهڻ لڳا. ڪجهه ئي لمحن ۾ اُن چتا جو جسم اُڀو ٿي ويو جيئن جمنا جو جسم اُڀو ٿيو هو، کن پل ۾ چتا وري باهه ۾ ڪِري گم ٿي وئي. اوچتو ڪنهن شيءِ جي ڦِسڻ جي آواز سان ڪو باهه جو گولو چتا مان اُڏاميو. سڀ ماڻهو حيرت ۾ پئي ويا مان ته صفا ڊڄي ويس ته ڪٿي اُهو ٻرندڙ گولو مونتي نه اچي ڪِري. گولو ٿورو مٿي وڃي وسامي ويو ۽ زمين تي اچي ڪِريو. منهنجا ته تارا ئي ڦاٽي ويا اُهو گولو هڪ پتڪڙو ڪچو ٻار هو جيڪو چتا مان اُڏامي ڪِريو هو. ماڻهو ته حيرت ۾ پئجي ويا پر آءُ صفا سراپجي ويو ھوس، مساڻ جي سنڀاليندڙ ڊوڙي وڃي ٻار کنيو ۽ ڪپڙي ۾ ويڙهي هڪ پاسي رکي ڇڏيو. چتا جي وارثن مان هڪ همراهه ماڻهن سان مخاطب ٿيندي چيو،
چتا واري عورت ڳورهاري هئي شايد، سو باهه ۽ جسم آڪڙجڻ تي ٻار اچي ٻاهر ڪِريو آهي.”
اُن لمحي منهنجي اکين مان بي بها نير وهڻ لڳا هئا. مونکي جڏهن دوست محمد ۽ سندس پيءَ پنهنجي مائٽن جي ڳوٺ واري مولوي وٽ وٺي ويو هو، ته مونکان اُن مولوي سوال ڪيو هو، ته آخر مان مسلمان ڇو ٿو ٿيڻ چاهيان. جنهن تي مون جمنا ۽ ڳورهاري عورت جي ٻار وارو واقعو کيس ٻڌايو هو جيڪو منهنجي مسلمان ٿيڻ جو وڏو محرڪ هو ۽ کيس چيو هئم ته مان باهه آڙاهه يا دوزخ ۾ سڙڻ جَلڻ نٿو چاهيان. مان جنتي ٿيڻ ٿو گهران. مولوي صاحب مون کي سمجهائيندي صرف ايترو چيو هو ته،
پُٽ! تنهنجي مسلمان ٿيڻ سان ٻئي ڪنهن کي ڀل ڪا پرواھ نه ٿئي پر تنهنجي ماءُ صفا مري پوندي، ماءُ اُها هستي آهي جيڪا مرڻ کان پوءِ به ٻچن لاءِ دعاگو هوندي آهي. پاڻ آڙاهه ۾ سڙندي به پنهنجي ٻار کي سڙندو ڏسڻ نه چاهيندي آهي. جنهن جو مثال مسڻ واري اُها ڳورهاري عورت آهي، جنهن پنهنجي ٻچي کي باهه کان ڪڍي ٻاهر اُڇلايو. جنهن جي ڳالهه تو پاڻ ئي ٻُڌائي آهي. سو وري، به پُٽ سوچ ٻيو ڪنهن جو نه ته، گهٽ ۾ گهٽ ماءُ جو، جنهن جي پيرن ۾ ئي تنهنجي جنت آهي.” عبدالقادر اوڇنگار ڏئي روئي پيو جيڪو شخص ايڏي دير کان هڪ وڏي ضبط سان ڳالهائي رهيو هو سو صفا جھُري پيو. هُن وري ڳالهه جاري ڪئي،
“الائي ڇو ايڏو وڏو مذهبي عالم ۽ مولوي هوندي به آءُ اُن لمحي امڙ جي پيرن تي ڪِري پيو هوس. الائي ڇو هڪ لمحي لاءِ منهنجي اندر مان ئي ڪو آواز آيو ته،
“او گيانا، او مولوي عبدالقادر تنهنجي اصل جنت ته اِنهن چرنن ۾ آهي جيڪا تون مذهبن يا دينن ۾ ڳولهي رهيو آهين، ڪيڏو ڀٽڪيو آهين او مورک تون”
مون امڙ جي پيرن کي چُميو، سندس هٿ وٺي اکين تي رکيم، هوءَ بي وس ٿي بس مونکي ڏسندي رهي کن پل لاءِ ايئن لڳم ڄڻ امان جو روح پرواز ڪري چُڪو آهي. مان اکين جا لُڙڪ روڪيندو واپس هليو آيس. ڇهن مهينن کان پوءِ امان ديهانت ڪري وئي. مان امان جي آخري رسمن ۾ نه ويس الائي ڇو شايد مون ۾ اُن ماءُ کي آڙاهه ۾ سڙندي ڏسڻ جو حوصلو همٿ نه هئي. امان جي گُذاري وڃڻ کانپوءِ ننڍي کنڊ جو به ورهاڱو شروع ٿي ويو. منهنجا سمورا اصل مائٽ لڏڻ لڳا. چاچا ۽ بابا مون وٽ موڪلائڻ آيا، پنهنجي سموري مُوڙي جايون ملڪيتون منهنجي حوالي ڪرڻ چاهيائون جيڪي مون نه ورتيون، بابا مونکي هڪ پرچي ڏني جيڪا کوليم ته امڙ جا هٿ اکر هئا.
ٻچا منهنجا، مان دُرگا جي روپ ۾ سدائين توسان گڏ هونديس. تون منهنجي آتما جي شانتي خاطر ڪجهه به هُجي ڏينهن ۾ هڪ دفعو ضرور مون ڏانهن نِهارجان، پڪ ڄاڻ تون نهاريندي ته مان تنهنجي آس پاس هونديس.”
“سو پُٽ عبدالرحمان مان تڏهن اُن مندر ٻاهران رکيل درگا جي وڏي مورتي کي نِهاريندو آهيان ۽ دل ئي دل ۾ کيس امڙ جو روپ سمجهندو آهيان. پر پُٽ عبدالرحمان مان وڏو مُورک آهيان، پاڻيءَ مٿي جهوپڙا هئم ته اُڃ مُئس، هاڻي ته بار بار الائي ڇو باهه بدران اِهو خوف رهندو اٿم ته، مان جنهن باهه جي خوف کان عبدالقادر بڻجي امڙ جيجل کان ته ڏور هليو ويس، پر ڇا قادر مطلق مونکي پنهنجو عبد قبوليو به الائي نه!؟ “ عبدالقادر هڪ وڏي اوڇنگار سان لڙڪن جي سيلاب ۾ لُڙهي ويو ۽ لُڙڪن جي اُن سيلاپ مان ڪهڙي مهل واپس آيو! واپس آيو به الائي نه!؟ جو عبدالرحمان به ساندهه لڙڪن جي سيلاب ۾ ٻُڏل هو.

زاھدہ ابڙو

---

زاھدہ ابڙو جون ڪھاڻيون

ادب ئي هڪ اهڙو پاسو آهي جيڪو انساني تجربن ۽ مشاهدن جي ترجماني ڪندو آهي. ڪهاڻي جي پلاٽ ۾ چَس ضروري آهي نه ته پڙهندڙ بور ٿي پوندو ۽ جلدئي اوهان جي ڪهاڻي مان هٿ ڪڍي وٺندو.... ۽ ڪڏهن ڪڏهن وري چَس سان گڏ ڪهاڻي جي ڪردارن ۽ خيالن جي رابطي جو به پڻ هڪ خاص خيال رکيو ويندو آهي. ڪنهن به انسان کي خبر ناهي ته اهو پل ڪهڙو آهي، جنهن پل هن کي خوشي يا ڏک ملندو....؟؟؟ زندگي پنهنجي رُخ ۾ هڪ وڏي معنى ۽ مفهوم رکي ٿي. جنهن کي سمجهڻ لاءِ هر شخص وٽ پنهنجو هڪ الڳ ماپو آهي. سٺي ۽ معياري تخليق پاڻ مڃائيندي آهي. اها نالي جي محتاج نه هوندي آهي. ڪهاڻي چوڻ، لکڻ جو فن عورت جي نس نس ۾ شامل آهي. عورت سراپا ڪهاڻي آهي. ڪا خبر ناهي هوءَ ڪهاڻيون لکندي آهي يا ان کان ڪهاڻيون لکرايون ٿيون وڃن....!؟
زاهد ابڙو جي ڪهاڻين مان وقت جي درد جا احساس، سماج جا ڪوجها پاسا ۽ اهڙا ئي ٻيا احساس پڻ نمايان آهن. زاهده جي لکڻين ۾ اوهان کي زندگي جو تجربو به ملندو ته مشاهدو به..... ڇو ته هڪ سٺي ڪهاڻيڪار لاءِ تجربو ۽ مشاهدو ٻئي ضروري آهن. جيترو تجربو ۽ مشاهدو تيز ۽ گهرو هوندو لکندڙ اوترو ئي اثر پنهنجي پڙهندڙن تي ڇڏيندو. سو زاهده جون لکڻيون پنهنجو هڪ الڳ اثر رکن ٿيون. جتي موجوده عورت ڪهاڻيڪارن مان فرزانه شاهين، زيب نظاماڻي، تانيه ٿيٻو، فردوس مزناڻي، عاليه آغا، ثمينه ميمڻ، بانو محبوب جوکيو، الماس رسول ميمڻ، رعنا شفيق، منظور زهره، ناهيد مغل، ڪلثوم مغل، نجمه پنهور، گلشن سنڌو، شبانه سنڌي، سلمى پنهور، زاهده ٿيٻو، ارم محبوب ۽ شگفته شاهه سٺو لکي رهيون آهن. اتي زاهده ابڙو جي ڪهاڻين مان تخليقي سگهه واضع آهي. ڪو شڪ نه آهي ته ايندڙ وقت ۾ زاهده ابڙو هڪ ڪامياب ڪهاڻيڪاره جي روپ ۾ سنڌي ادب جي اُفق تي نروار هوندي.

احسان آڪاش

مهرو

اهو جون جو مهينو هو سخت گرميءَ جا ڏينهن هئا پر رات جا چار پهر مڙئي ٿوري گهڻي ٿڌڪار ٿي ويندي هئي ۽ ان کانسواءِ هڪڙو پيڊسٽل فين به وچ تي رکيو هوندو هو. جنهن سان سڀني کي سڪون واري ننڊ اچي ويندي هئي فجر مهل مُلن جي ٻانگن تي وڃي مس اک کلندي هئي، پر اڄ ٻانگ کان پهرين مسجد مان اعلان لاءِ سڏ ٿيو. جيئن ته ان ڏينهن گرمي به ڏاڍي هئي ۽ اعلان تي سڀني جي ننڊ ڦٽي وئي. “حضرات هڪ ضروري اعلان ٻڌندا سِلو چاڪيءَ جي وڏي نياڻي جو انتقال ٿي ويو آهي سندس جنازي نماز مدينه مسجد ۾ هڪ وڳي ادا ڪئي ويندي سڀئي مسلمان ڀائر ان ۾ شرڪت ڪري ثواب دارين حاصل ڪندا.”
مولوي اهو اعلان ٽي دفعا دهرايو مان ته پنهنجي کٽ تي ئي اٿي ويهي رهيس پوءِ بس هڪ هڪ ڪري اهي سڀ ڳالهيون ياد اچڻ لڳيون ته ڪيئن ننڍپڻ ۾ گڏجي گهٽين ۾ راند کيڏندا هئاسين، شام جو جيئن ئي سج جا پاڇا لڙندا هئا ته آئون سڀني ٻارن کي پاڙي مان وڃي سڏ ڪري جمع ڪندي هئس ۽ آخر ۾ مهرو کي سڏيندي هئس ڇو ته هوءَ اسان کان عمر ۾ مڙئي سال ٻه وڏي هئڻ ڪري ٿورو گهٽ نڪرندي هئي پر ان هوندي به منهنجي سڏ ڪرڻ تي هوءَ ايئن ٻاهر نڪري ايندي هئي ڄڻ ته ڀت جي پٺيان بس منهنجي سڏ جي انتظار ۾ بيٺل هوندي هئي. راند کيڏندي کيڏندي هن جو چهرو گلابي ٿي ويندو هو، هوءَ رنگ جي ڳوري هئي وري وار ڪارا ۽ ٻن چوٽين ۾ ٻڌل صفا ٻاگهُل ٻائي لڳندي هئي. راند کيڏندي جڏهن هن جي نظر پنهنجي پيءُ سِلو چاڪيءَ تي پوندي هئي جيڪو ڪڏهن ڪڏهن جلدي گهاڻي تان واپسيءَ ۾ مٿي تي کڙ ۽ هٿ ۾ کير جي بالٽي کڻي گهر ڏانهن پيو موٽندو هو ته ڄڻ هن کي نانگ سونگهي ويندو هو. هوءَ هڪدم پنهنجي گهر ڏانهن ڀڄندي هئي ۽ ٿوري دير ۾ سندس در تي ٻوريءَ جو لڳل پردو ساڪن ٿي ويندو هو. منهنجي دل ۾ اڻ تڻ هوندي هئي ته هوءَ ايئن ڇو ٿي ڪري؟؟
آئون سڄي پاڙي ۾ ڪنهن ڪامريڊ وانگر پئي گهمندي هئس ۽ پوءِ جتي به مانيءَ جو وقت ٿيو اتي ماني کائي وٺندي هئس ايئن هڪڙي ڏينهن مهرو جي ماءُ ماسي خيران مون کي چانورن جي مانيءَ تي مکڻ هڻي ڏنو، ٽماٽن جي چٽڻي به ڏني جيڪا مون کي اڄ به ياد ايندي آهي پر ان سان گڏ مون هڪڙو دل ڏڪائيندڙ منظر ڏٺو جيڪو مو نکان ڪڏهن به وسري نه سگهندو. ماني کائيندي مهرو ڪِري پئي هن جا هٿ پير ڦري ويا وات مان گجي نڪرڻ لڳس اکين جا ڪارا تارا مٿي غائب ٿي ويس. ان ڏينهن کانپوءِ مون کي هن کان خوف اچڻ لڳو ۽ هوءَ سست نظر اچڻ لڳي ۽ راند لاءِ به گهٽ ايندي هئي پوءِ آهستي آهستي هن گهٽيءَ ۾ راند لاءِ اچڻ بلڪل بند ڪري ڇڏيو. سڀني جي وات ۾ اها ئي ڳالهه هلڻ لڳي ته مهرو تي جن ٿو اچي، ماسي خيران پنهنجي سمجهه آهر کيس مختلف درگاهن تي وٺي ويندي هئي. ماسي خيران اڪثر منهنجي ماءُ وٽ اچي سڄا قصا ٻڌائيندي هئي ۽ پنهنجي جوان ڌيءَ جي حال تي ويهي روئندي هئي. هن جي ڳالهين مان خبر پوندي هئي ته هوءَ مهرو کي مختلف درگاهن تي وٺي ويندي هئي اتان ڌاڳا ڦيڻا ڪرائيندي هئي پر ماسي خيران جو چوڻ هو ته هن جي ڌيءَ کي ڪنهن ڪافر جن قابو ڪيو آهي جيڪو هن کي جيئڻ نٿو ڏئي. مهروءَ جو گهر ۽ اسان جو گهر لڳو لڳ هئا وچ ۾ هڪڙي ڀت هئي. هاڻي هن کي بيهوشيءَ جي دورن سان گڏوگڏ الائي ڇا ٿيندو هو جو رڙيون ڪرڻ لڳي هئي ۽ رڙيون به اهڙيون هونديون هيون جو ڄڻ ڪنهن جانور کي ذبح ڪرڻ لاءِ زوري زبردستي دسڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هجي پر هڪڙي ڏينهن ته ظلم جي انتها ٿيندي ڏٺم مهرو جو پيءُ ڪنهن جن لاهڻ واري فقير کي وٺي آيو، جيئن ته منهنجو مهروءَ جي گهر اچڻ وڃڻ ائين هو ڄڻ ته اهو منهنجي ڪنهن چاچي يا مامي جي گهر ويندي هجان، آئون در جي اوٽ وٺي اندر گهڙي ويس ڏٺم ته اڱڻ جي وچ تي باهه پئي ٻري ۽ فقير ڪجهه عمل پڙهڻ ۾ مصروف هو ۽ ٿوري ئي دير ۾ هن رڙ ڪري جن کي للڪارڻ شروع ڪيو ۽ مهروءَ جي ننڍي ڀيڻ سڪينه کي ٽڦڻي کڻي اچڻ لاءِ چيو جيڪا هن باهه ۾ وجهي ڇڏي. ٿوري دير ۾ ٽڦڻي گرم ٿي وئي ۽ مهرو کي به آندو ويو جنهن کي فقير وارن کان پڪڙي باهه ۾ وجهڻ جو ناٽڪ ڪيو ان تي مهرو رڙيون ڪرڻ لڳي منهنجي حالت اهڙي هئي جو اتان ڀڄڻ چاهيندي به پنهنجي جاءِ تان چُري نه سگهيس! ان فقير گرم ٽڦڻيءَ جو ڏنڀ مهرو جي پيشانيءَ تي ڏنو جنهن ۾ هوءَ بيهوش ٿي ڪري پئي. شايد ان وقت هن کي دورو پيس جنهن تي فقير ڏاڍي فخر سان گهروارن کي خوشخبري ڏيندي چيو ته هاڻي هن جو جن ڀڄي ويو آهي ۽ مون کي هديو ادا ڪريو ته جيئن آئون پنهنجي آستاني تي پهچي سگهان. اهو ڏينهن پوءِ مهروءَ کي مون ڳالهائيندي نه ٻڌو مان جڏهن به راند لاءِ کيس سڏڻ ويندي هئس ته هوءَ کٽ تي هڪ لاش وانگر پئي هوندي هئي ۽ سندس اکين مان لڙڪ پيا وهندا هئا ۽ مان اهو ڏسندي رهندي هئس ته هوءَ ڏينهون ڏينهن ڪيئن سُڪندي ۽ سڙندي پئي وئي، هن جو رنگ ۽ روپ سڀ غائب ٿي چڪا هئا، هوءَ هاڻي ڪنهن سڙيل ڪاٺيءَ جي ٽڪري جهڙو ڏيک ڏيڻ لڳي هئي پر گهر ۾ سڀ خوش هئا ته هاڻي هن کي جن ايترو تنگ نٿو ڪري. مان ماضيءَ جي جهروڪن ۾ رکيل ڪجهه يادگيرين کي اٿلائي پٿلائي پئي ڏٺو ته در تي کڙڪو ٿيو پڇيم ته بابا سائين چيو، “مان آهيان” بابا مهروءَ جي جنازي نماز پڙهي اچڻ کانپوءِ اچي ڪمري ۾ پاسي تي رکيل ڪرسيءَ تي ويٺو. ڪرسيءَ جي پاسي تي رکيل گلاس مون کي ڏيندي چيائين، “امان پاڻي ته پيار”. مان جلدي سان بابا لاءِ پاڻي کڻي آيس ۽ کيس ڏنم. بابا پاڻيءَ جو گلاس هٿ ۾ جهلي پنهنجو پاڻ سان ڳالهائيندي چيو، “نياڻيءَ کي هٿن سان ماري ڇڏين، جهالت جي ڪري کيس اهڙي اوڙاهه ۾ ڦٽو ڪين جتان نڪري نه سگهي. الائي ته ڪيتريون نياڻيون ائين روز مرنديون هونديون.” سندس اکين ۾ آلاڻ هئي ۽ پاڻي پيئڻ لاءِ گلاس چپن تي رکيائين ۽ پنهنجون اکيون بند ڪري ڇڏيائين ته جيئن مان سندس اکين ۾ ڳوڙها نه ڏسي سگهان.

مهانگائي

“اڄ تنهنجي ڀاڄائي آئي هئي” هن هٿ ۾ جهليل ريموٽ سان ٽي. ويءَ جو چئنل بدلائيندي، آرامده صوفي تي ويهندي چيو.
“ڪهڙي ڀاڄائي” علي مراد پنهنجي ڪٻٽ مان نوٽن جون سٿيون ٿانيڪيون ڪندي زينت کان پڇيو.
“ادا گوهر جي گهرواري حميده”، زينت بي ڌيانيءَ سان مڙس کي جواب ڏنو، سندس پوري توجهه ٽي. ويءَ تي هلندڙ فيشن شو تي هئي. علي مراد نوٽن جون ٿهيون هٿ ۾ کڻي زينت جي ڀرسان اچي بيٺو ۽ ٿوري ڳڻتيءَ واري انداز ۾ پڇيائين ته ڇا پئي چوي ڀاڄائي، امان ته ٺيڪ آهي نه؟
زينت پنهنجا پير سامهون پيل شيشي واري ميز مٿان رکندي وراڻيو،
“ها خير آهي سڀ پر شڪايت پئي ڪري ته مهانگائي وڌي وئي آهي. گذارو نه پيو ٿئي.”
هن طنزيه پنهنجي ڏيرياڻيءَ جا لفظ ورجائيندي چيو.
“علي مراد” زينب ڏاڍي پيار سان مڙس کي مخاطب ٿيندي چيو جيڪو سندس سامهون واري ڪٻٽ ۾ اڃان پئسن جون سٿيون ٺاهي رکي رهيو هو.
“ها ڇا هي” علي مراد ڪٻٽ وٽان جواب ڏنو.
“پاڻ به هن ئي ملڪ ۾ رهون ٿا، هن ئي ملڪ ۾ خرچ ڪيون ٿا، اسان جا به ٻار پڙهن ٿا پر تون سچ ٻڌائي ته مون تو سان ڪڏهن مهانگائيءَ جي شڪايت ڪئي آهي. مان ته جڏهن به دڪان تي ويندي آهيان ته هڪ شيءِ جي جاءِ تي ٻه شيون وٺي ايندي آهيان الائجي ڇو ماڻهن کڻي مهانگائيءَ جي واويلا وڌي آهي.”
هن هڪ دفعو وري ريموٽ کي کڻندي چئنل تبديل ڪيو.
علي مراد ڪٻٽ ڀرسان مسڪرائيندو رهيو.

ساهيڙي

اڄ صبح جو رڌڻي ۾ نيرن ڪندي امان ۽ چاچي پاڻ ۾ ڪجهه ڳالهائي رهيون هيون، مون به ٿورو ويجهو رڙهي وڃي سندن ڳالهيون ٻڌڻ جي ڪوشش ڪئي. ٻئي ڄڻيون اوپراٺا، تريل پٽاٽا به مزي مزي سان کائينديون پئي ويون ۽ لسيءَ جا ڍڪ ڀريندي، چاچي نبن ڪاسائيءَ جي زال چاچي مئنا جي ڳالهه ڪندي ڏکويل به لڳي رهيون هيون. مون وجهه وٺندي کانئن پڇيو ته:
“چاچي مئنا کي ڇا ٿيو آهي؟”
جنهن تي ٿوري دير لاءِ هو ٻئي چپ ٿي ويون ۽ ڪجهه سوچيندي چاچيءَ وراڻيو ته: “مئنا نبن ڪاسائيءَ واري زال چري ٿي وئي آهي، کيس چرين جي اسپتال ۾ داخل ڪرڻ لاءِ گدوءَ واري اسپتال کڻي ويا آهن.”
هوءَ چري ڇو ٿي آهي؟ مون هڪ ٻيو سوال پڇندي چيو، جنهن تي امان کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ چڙ مان دڙڪو ڏيندي چيائين ته: “توکي سوالن پڇڻ کانسواءِ ٻيو ته ڪو ڪم آهي ئي ڪونه!هر وقت سوال مٿان سوال..”
مان ٿورو هيسجي چپ ڪري ويهي رهيس ۽ سوچڻ لڳس ته چاچي نبن ڪاسائيءَ جي زال ڇو چري ٿي؟ سندن گهر اسان جي گهرن جي پٺيان هو. ڪنهن وقت ۾ هوءَ ڏاڍي سهڻي هوندي هئي، سندس ڳورو رنگ، ڪارا ڊگها وار ۽ نشيلا نيڻ، سنهڙو سيپڪڙو سڊول جسم مٿان وري قيامت جهڙو قد مٿس سڀ عورتون رشڪ ڪنديون هيون. مان ننڍي هوندي جڏهن به سندن گهر ويندي هئس ته هوءَ پنهنجي ڪمري ۾ ئي هوندي هئي. سندس ڪمري ۾ جنڊيءَ جي جڙيل کٽ ۽ ڪرسيون رکيل هونديون هيون پاڻ ڪمرو بند ڪري گهڻو تڻو کٽ تي وڇايل نرم هنڌ مٿان ڪنهن نئين نويلي ڪنوار وانگي ليٽيل ئي هوندي هئي. سندس مڙس جي اچڻ وقت سندس گهر ۾ ڪم ڪندڙ ماسي جيڪا اڌ وهي کائي آئي هئي پنهنجو ڪم اڌ ۾ ڇڏي مون کي ٻاهر ڌڪو ڏيندي چوندي هئي “هاڻي وڃ نبن اچڻ وارو آهي اهو ڪنهن کي به ڪونه سهي.” ذهن ۾ سوال اٿندا هئا ته “ڇو؟”
هو اهڙو ڇو آهي جو ڪنهن کي به گهر ۾ نٿو سهي. اسان ٻار سڀني پاڙيوارن جي گهرن ۾ ايندا ويندا ۽ کيڏندا رهندا هئاسين پر هن گهر ۾ پابندي “ڇو؟”.
ڪڏهن ڪڏهن ايئن به ٿيندو هو ته چاچا نبن جنهن جو ڊگهو قد، بُت ڀريل، رنگ ڪڻڪائو، هيبت طاري ڪري ڇڏيندو هو جڏهن گهر ۾ گهڙندو هو سندس هٿ ۾ ڪات ۽ ڇريون هونديون هيون ۽ لباس رت سان ڀريل، ائين لڳندو هو ڄڻ ته ڪنهن جو خون ڪري آيو هجي يا اڃان به خون جي پياس اجهائڻ چاهيندو هجي. سندس چهرو هميشه سنجيده ۽ جذبات کان خالي هوندو هو. سندس ٻيا ڀائر جيڪي هڪ ئي ويڙهي ۾ رهندا هئا، اهي کانئس بلڪل مختلف هئا. پنهنجن ٻارن ۽ زالن سان رلجي ملجي رهڻ وارا کل ڀوڳ ڪندي پيا گهر ۾ گهمندا هئا پر چاچي نبن جي ايندي ئي اڱڻ تي راڪاس گهمي ويندو هو ۽ ٻار ٻچا ڪنڊن ۾ لڪي ويندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن مان، امان ۽ چاچيءَ سان گڏجي سندن گهر گهمڻ ويندي هئس اتي منهنجي عمر جي ڇوڪرين سان راند کيڏڻ ۽ پينگهي ۾ ويهي لڏڻ ۾ ڏاڍو مزو ايندو هئم سو گڏجي ويهي راند کيڏنديون هيون سين.
وري هڪ دفعو امان ۽ چاچيءَ جي ڳالهين تي منهنجو ڌيان اوڏانهن ڇڪجي ويو ۽ منهنجو چاهه ان ڳالهه ۾ هو ته چاچي مئنا چري ڇو ٿي وئي؟ کيس چرين جي اسپتال ۾ ڇو داخل ڪيو ويو آهي؟ “مئنا به ته ڪونه مُڙي نه” چاچيءَ جي لفظن ۾ ڏک به هو ته گهري سوچ به. گرهه کي آهستي آهستي چٻاڙيندي چيائين “ان ڪاري دونهي جهڙي نڀاڳي ڦاپو کي ڪونه ڇڏيائين سندس ساهيڙائپ هڻي سندس گهر ۽ الهه تلهه چٽي ڇڏيو.” مٿان وري امان به چاچيءَ کي سُر وٺرائيندي چيو ته:
“ها نبن ڪاسائي گهڻا ئي وس ڪيا ته ڦاپوءَ جي گهر ۾ اچڻ تي پابندي مڙهي پر هيڏانهن هو نڪتو ناهي هوڏانهن ڦاپو گهر ۾ اندر گهڙي ناهي،” مون وري وچ ۾ هڪ سوال اڇلايو “امان ڦاپو ڪهڙي؟ اها ئي شيدياڻي جيڪا شادين ۾ نچندي ۽ ڳائيندي آهي.” تنهن تي سندس شادين ۾ رقص ڪندڙ لچڪدار جسم، ڪاري رنگ مٿان ڳاڙهي سرخي، گهرو ميڪ اپ، ڀڙڪيلو ۽ چُست لباس منهن تي موڙا، وات ۾ سوپاريءَ جو ٽڪر ۽ ان جا چاٻا منهنجي اکين اڳيان ڦري ويا. تنهن تي امان مون کي اک ڏيکاريندي چيو ته: “ڏاڍو ٿي ڳالهائين!” آخر ۾ مون فيصلو ڪيو ته چپ ڪري ويهان ۽ چپ چاپ معلومات گڏ ڪندي وڃان ۽ پوءِ ايئن ئي ڪيم.
“نبن مئنا کي هڙئي سُک به ڏنا پر مٿس شڪ ڪرڻ جي عادت ۽ ڪڏهن ڪڏهن مٿس مار موچڙي هڻي کيس دنيا جهان کان وڃائي ڇڏيو.” امان مانيءَ جو گرهه ٺاهيندي چيو. “مرد جي ذات ئي اهڙي آهي جو هو عورت کي پنهنجي ملڪيت ڀانئين ٿو، پاڻ ٻاهر ڀلي ڇا به ڪري پر کيس عورت جي عورت سان ويجهڙائپ به قبول ناهي پوندي.” چاچي لسيءَ جي گلاس مان ڍڪ ڀريندي چيو. “مرد ته هميشه کان عورت سان ائين ئي ڪندو آيو آهي.” ها ڪڏهن ڪڏهن رات جو مئنا جون رڙيون ۽ ڪوڪون ان ڳالهه جون گواهه آهن ته سندس مڙس مٿس ڪيڏو نه جسماني ۽ ذهني تشدد ڪندو هو، ويچاريءَ کي ڇا ڇا نه سهڻو پيو.” امان خالي ٿانو هڪٻئي جي مٿان رکندي بورچيخانو صاف ڪندي چيو.
مون کي ڄڻ پنهنجن سڀني سوالن جا جواب ملي ويا هئا جو اڪثر چاچي مئنا ۽ ڦاپو نچڻ واريءَ کي گڏ ويهي کلندي ۽ هڪ ئي پن واري ٻيڙيءَ مان گڏ دونهان ڪڍندي ڏٺو هيم. شادين ۽ ڪاڄن ۾ ساڻس سوانگ ڪندي به ڏٺو هو. گهور جي نوٽن کي سندس ڳلن تان چهنڊڙي پائي کڻندي به ڏٺو هئم سندن ايتري محبت ۽ ويجهڙائپ سڄي پاڙي اوڙي ۾ ڪنهن باهه جي خبر جيان پکڙيل هئي ۽ سندس مڙس تائين به خبرون پهتل هيون پر ڇا هڪ عورت کي ايترو به حق نه آهي ته هوءَ پنهنجي مرضيءَ سان ڪنهن عورت کي پنهنجي زندگيءَ ۾ عزيز رکي. ٻئي هڪٻئي کي “ساهيڙي” ڪري سڏينديون هيون ڇا ساهيڙائپ سندس گناهه عظيم هو جو کيس جسماني ۽ ذهني اذيت جو شڪار بڻايو ويو ۽ اڄ هوءَ حسين عورت هڪ جهنم جي واديءَ ۾ ڌڪجي وئي آهي. ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته هوءَ اتان ڪڏهن واپس به ورندي يا اتي ئي دفن ٿي ويندي.

منافقت

“مان شادي ٿو ڪيان.” عاطف ڪيفي ۾ پنهنجي سامهون ويٺل دوست عادل کي اطلاع ڏيندي چيو. “اڇا” آرام سان سامهون صوفا تي اڌ ليٽيل عادل جيڪو فيس بُڪ تي مصروف لڳو پيو هو جلدي سان سڌو ٿي ويٺو ۽ عاطف ڏي متوجهه ٿي فون کي ٽيبل تي پاسيرو رکي عاطف جي اکين ۾ غور سان ڏسندي سوال ڪيائين، “نتاشا؟”
“نه..” عاطف اکيون جهڪائيندي سگريٽ جو ڪش هڻندي ٿورو پريشانيءَ مان چيو. “ڇا مطلب؟ تون ۽ نتاشا ته روميو ۽ جوليٽ هئا،” عادل جي ان جملي ۾ ڪيترائي سوال ڀريل هئا، عادل جي چهري تي عجيب پريشاني هئي ته آخر شادي نتاشا سان نه ته پوءِ ٻي ڪنهن ڇوڪريءَ سان ڪيئن، جڏهن ته عاطف نتاشا سان ڪمٽيڊ هو. اها ڳالهه سڀني دوستن کي به خبر هئي سندن گڏ اٿڻ ويهڻ، يونيورسٽي ۾ گڏجي امتحانن جي تياري ڪرڻ. هوءَ هڪ مڊل ڪلاس جي ڇوڪري هئي، تمام گهڻي حسين ته نه هئي پر پُرڪشش شخصيت جي مالڪ، سندس خود اعتمادي سندس شخصيت جو حسن هو. هوءَ هر وقت مسڪرائيندي رهندي هئي. سندس هلڪا ڀورا وار جن ۾ اس تي ٻه ٽي برائون شيڊ پيا نظر ايندا هئا. گهڻو ڪري کليل وارن سان ئي هوءَ ڪلاس ۾ ايندي هئي. قد پورو پنو ۽ ڊريس هميشه اهڙو ئي پائيندي هئي جيڪو واقعي کيس سونهندو هو. هوءَ ڪلاس جي هر ڇوڪري سان جيڪو ساڻس ڳالهائڻ جي ڪنهن به طرح ڪوشش ڪندو هو، کيس جواب ڏيندي نه گهٻرائيندي هئي. هن جي چهري تي ڪوئي خوف نظر نه ايندو هو ۽ نه ئي هوءَ ڪنهن مشرقي ڇوڪري جيان شرميلي نظر ايندي هئي. سندس انهن خوبين جي ڪري هوءَ ڪيترن ئي ڇوڪرن جي اکين جو خواب به هئي پر سندس اکين ۾ عاطف جا ئي خواب هئا. هوءَ پنهنجي ان رشتي کي ڪنهن کان به نه لڪائيندي هئي. شايد کيس عاطف تي پنهنجو پاڻ کان به وڌيڪ ڀروسو هو. عادل جو دماغ ٿوري دير لاءِ يونيورسٽيءَ جي ڪئمپس ۾ ٻنهي کي ڏسڻ لڳو، جتي هو ٻئي هڪٻئي لاءِ لازم ۽ ملزوم وانگر نظر ايندڙ جوڙو هئا جنهن لاءِ هر دوست کي اها پڪ هئي ته اهي هڪٻئي کان ڪڏهن به الڳ نٿا ٿي سگهن...
پوءِ هي ڇا ٿي ويو ۽ ڇو..؟؟ عادل پنهنجو پاڻ کان سوال ڪرڻ لڳو.
“يار آخر مون کي ٻڌائي ته سهي ته تون شادي ڪٿي پيو ڪرين ڇا توکي وري ڪو ٻيو عشق ٿي ويو آهي جنهن جي خبر مون کي نه پئي..” عادل شرارت مان مسڪرائيندي ڪافيءَ جو ڍڪ ڀريندي پنهنجي جاءِ تي سڌو ٿي ويهندي چيو.
“يار ڇڏ انهن ڳالهين کي، پيار ۽ شادي به الڳ الڳ شيون آهن.” عاطف لاپرواهيءَ سان هٿ جي آڱرين سان ميز وڄائيندي چيو.
“چڱو ڀلا اهو ته ٻڌائي شادي ڪٿان پيو ڪرين ۽ اها خوش نصيب ڇوڪري ڪير آهي ۽ ڇا ٿي ڪري.”؟
“بابا جي دوست جي ڌيءَ آهي” عاطف سنجيدگيءَ سان جواب ڏنو. “عالما جو ڪورس ڪيو اٿس.” هن پنهنجون نظرون عادل کان چورائيندي ٻئي پاسي ڏسندي چيو، هو ڄڻ پنهنجي اندر جي ان مرد کي لڪائڻ چاهيندو هجي جنهن جا ٻه چهرا هئا ۽ هو خود به انهن ٻنهي چهرن جي منافقت کان خوفزده ٿي لڳو.
“ڇا؟؟ تون هڪ اهڙي ڇوڪريءَ سان شادي ڪندين جيڪا عالما آهي.” عادل پنهنجي جاءِ تان ٽپ کائيندي حيرت وچان چيو.
“هوءَ هڪ پرائيويٽ اسڪول ۾ اسلاميات جي استاد به آهي” عاطف ٿورو هٻڪندي چيو ۽ ان کانسواءِ گهر ۾ درس به ڏيندي آهي، پردو به فُل ڪندي آهي.” عاطف پنهنجي چهري تان هر تاثر لڪائيندي هڪ ئي ساهيءَ ۾ عادل کي جواب ڏنو ۽ کيس وڌيڪ حيران ڪري ڇڏيو.
“يار اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي...؟ عاطف ٺونٺ ميز تي رکي پنهنجي کاڏيءَ کي پنهنجي هٿ تي ٽيڪ ڏيندي ڳڻتيءَ مان چيو. تنهنجو مذهب سان نه ڪو لڳ نه لاڳاپو، تون هميشه مذهبي سوچ رکندڙن کان پري ڀڄڻ وارو... يار اهو سڀ ڪيئن؟؟” عادل هاڻي ٻئي ٺونٺون ميز تي کپائيندي پنهنجي کاڏي پنهنجن هٿن ۾ جهليندي ڳڻتيءَ مان چيو.
“مون کي سمجهائي...” عادل هڪ گهري نظر عاطف جي چهري تي وجهندي عاطف سان نظرون ملائيندي سوال ڪيو.
عاطف جيڪو مسلسل سگريٽ مٿان سگريٽ ساڙي رهيو هو، ائش ٽري ۾ سگريٽ رکندي سڌو ٿي ويٺو ۽ چيائين: “يار ٻڌ، پيار جي حد تائين ته نتاشا تمام سٺي ڇوڪري آهي. مان اڄ به هن سان پيار ڪيان ٿو پر اهڙيون ڇوڪريون سٺيون زالون نٿيون ٿي سگهن.” هن ٿورو ساهي کڻندي چيو.” هوءَ انتهائي ترقي پسند سوچ رکندڙ آهي مرد ۽ عورت جي انتهائي درجي تائين برابريءَ جي قائل پر يار هي جيڪي مذهبي ڇوڪريون هونديون آهن نه..” هن ٿورو هٻڪندي ۽ نظرون جهڪائيندي چيو، “اهي سٺيون زالون ٿي سگهن ٿيون، هو پنهنجي مڙس کي وڏو مان ڏين ٿيون ڇو ته هو پنهنجي عقيدن ۾ ڏاڍيون پڪيون هونديون اٿئي. ڪنهن غير مرد سان لهه وچڙ ۾ ناهن اينديون. پنهنجو پاڻ کي بچائي، لڪائي ۽ ڍڪي هلنديون اٿئي. مان ڪيترو به سيڪيولر هجان پر هڪ غيرتمند سنڌي به ته آهيان باقي اڄڪلهه ٻين ڇوڪرين جي ته ڪا به خبر ئي نٿي پوي.” عاطف پنهنجي ڳالهه پوري ڪندي چيو. عادل پنهنجي دوست جي جواب ٻڌڻ کانپوءِ ڪجهه دير خاموشيءَ سان کيس تڪيندو رهيو ۽ پوءِ مسڪرائيندي چيائين “اسان نالي ماتر ترقي پسند ته ٿي ويا آهيون پر اسان کي مغرب جي ماڻهن وانگر سيڪيولر ۽ پروگريسوو ٿيڻ لاءِ اڃان صديون گهرجن.”
عاطف هٿ سان اشارو ڪندي ويٽر کي سڏ ڪندي چيو “بل کڻي اچ” ٿوري دير ۾ ويٽر ٽيبل تي بل آڻي رکيو، عاطف بل جا پئسا ٽري ۾ رکندي عادل کي اٿڻ جو اشارو ڪيو ۽ ٻئي مسڪرائيندي ڪيفي کان ٻاهر نڪري ويا.

نور حسين ڪلھوڙو

---

نور حسين ڪلھوڙو جون ڪھاڻيون

جديد سنڌي ڪهاڻي جي شروعات 1930ع جي ڏهاڪي ۾ ٿي. جنهن جي شروعات ڪهاڻي “ادو عبدالرحمّان” کان ٿي. جنهن جو ڪهاڻيڪار امر لال هنڱوراڻي هو. هي ڪهاڻي دينا جي ڪيترن ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿي آهي. ان کان پهرين 1914ع ۾ ماهوار رسالن ۾ طبعزاد ۽ ترجمو ٿيل ڪهاڻيون به ڇپجڻ لڳيون. ان دور جي لکيل ڪهاڻي “حرمکي” جا اهم جاءِ والااري ٿي، جنهن کي سنڌي جي پهرين اصلوڪي ڪهاڻي سمجهيو وڃي ٿو. 1930ع جي ڏهاڪي کان اڄ تائين سنڌي ڪهاڻي پنهنجو پاڻ ملهايو آهي ۽ ڪيترن ڪهاڻيڪارن ان کي پنهنجي عروج تي پهچايو آهي. اڄ به ڪيترن ئي ڪهاڻين کي اهم حيثيت حاصل آهي.
هر دور ۾ سنڌ جي مٿان ڪيترائي جبر جا دور آيا، انهن دورن جي عڪاسي ڪهاڻيڪارن پنهنجي ڪهاڻي جي ڪردارن جي ذريعي ڪئي. مختلف موضوعن سنڌي ڪهاڻيڪارن کي لکڻ لاءِ اتساهه ڏنو ۽ انهن ڪهاڻيڪارن خوبصورت ڪهاڻيون لکيون. اڄ به ڪيتريون علمي ڪهاڻيون (Taritical Story) سنڌي ادب ۾ موجود آهن. انهيءَ تسلسل ۾ نور حسين ڪلهوڙو جي ڪهاڻيون انهيءَ قطار ۾ شامل آهن. نور حسين جي ڪهاڻين ۾ خاص ڪري ٻهراڙيءَ جا ڪردار جيڪي پنهنجي جيئڻ جي جنگ جي محاذ تي بيٺل آهن ، انهن ڪردارن جي ڳالهائڻ جو لهجو، نج ٻهراڙيءَ جو لهجو آهي ڇاڪاڻ ته ڪهاڻيڪار پڻ ڳوٺائي زندگي سان واسطو رکي ٿو ۽ پاڻ ان ماحول ۾ رهيو آهي، انڪري سندس ڪهاڻين جا ڪردار سندس مشاهدي ۾ آيل آهن. اهي ڪردار سندس اکين اڳيان گذريا آهن.
اسان جي دوست نور حسين ڪلهوڙو ڪهاڻين جي ڪردار سان خوب نڀايو آهي ۽ اميد ٿي ڪجي ته ڪهاڻي کيتر ۾ هن جون ڪهاڻيون هڪ خوبصور ت اضافو ٿينديون.

پارس حميد

رام رام

نالو عبدالحميد هُيس. پر کيس سيٺ حميد چوندا هئا. هارپي سان ڏاڍا ڏورڻا ڏنائين. اباڻڪي پنج جريب ٻني هُيس. فصل ڦاڙي، ڀاڄيون ڀتيون ڪري ٻه روپيه هڙ ۾ ڪيائين. دل ۾ ويچاريائين ته ڪو ڌنڌو ڌاڙي ڪجي. ٻني ٻاري جي سخت پورهيئي مان جان ڇڏائجي. وڃي ننڍڙو هلر کوليائين. ٻني ڀائرن حوالي ڪري هلر تي کوپا کوڙيائين. هلر جي اُڀي لوهي پائيپ مان ، ٺو ٺو جا آواز ڌڌڪو ڏئي داهون ڪري، دونهون ٻاهر ڇڏيندا هئا. هلر جي اڱڻ ۽ گهٽين ۾ جوٽ کان نڪتل بيل گاڏيون ساهيون پٽينديون هُيون. ڍڳا ڍور، گهوڙا اُٺ ۽ گڏهه ڇيڻن ، لڏين تي لتڙ ڪندا هئا. هلر مان اٽو، کڙ ۽ تيل نڪرندو هيو. هلر تي ٻاڪر ڪٽو متل هوندو هيو. ٺڪ ٺڪ، ٺو ٺو مشين جي ويلن ۽ پٽن جا آواز پڙاڏو ڪندا هُيا. مس وڃي ڪنهن جو آواز سمجهه ۾ ايندو هيو. هاريو حميد سيٺيو سڏجڻ لڳو. هر ڪنهن جي هن ڏانهن ڊوڙ هوندي هئي. سندس مزدور ۽ پاڻ، اٽي ۽ سنهي دز ۾ ڀڀوت هوندا هئا. سڀ ڪو کيس ورائي ويندو هيو ته، سيٺ پهريون منهنجو ان پيهي ڏي. پوئتي هڙ رُلي پئي آهي. ڪنهن مهل ڪاوڙ ۾ ۽ ڪنهن مهل ٻاجهه ۾ هر ڪنهن کي ان پيهي ڏيندو هيو. روڪ پئسن ملڻ سان گڏ ، ان، اٽي جون چنگيون ۽ چنگي جو کڙ تيل ملي ويندو هيو. جن جا دٻا دُڪاندارن تائين نفعي ۾ پهچندا هئا. هڪڙيون بيل گاڏيون گڏهه، گهوڙا نڪرندا هيا ته ٻيا اچي پڙ پڌاريندا هيا. ٻه ٽي درجا پرائمري جا پاس هيو. ليکي چوکي ۾ ڀڙ هيو. پينون، پينسلون بندين تي هلائي، حسابن ڪتابن جو گوهر بڻيو. ٻه روپيه هڙ ۾ ٿيس ته سکيو ستابو وقت گذارڻ لڳو. ڪنهن وڏيري يا رئيس جي غرض گهٽ ڪڍندو هيو. وڏيرا سانده تاڙ ۾ هوندا هيا ته ڦاسي، ڦندي ۾ اچي. وڏيرن جي ڦيرن گهيرن کان بنهه بيزار هيو. پئسي ڏوڪڙ جي ٻل تي ڦڏن ۽ ٿاڻن کي منهن ڏيندو هيو. ڪنهن جي ڪاڻ نه ڪڍندو هيو. ڪڏهن ته ڪنهن هلڪي وڏيري کي ست سريون ٻڌائيندو هيو. وڏيرا هن جي پٽڪي لاهڻ جا پيا وجهه ڳوليندا هيا. قدبت ۾ بندرو، ڀريل هاٺي ۽ نڪتل پيٽ جو مالڪ هيو. پٽڪي جا ور هڻي ، تُري سان نڪرندو هيو. وڏيرا ۽ عام خلقت کيس واڻيو چوندا هيا. ايندي ويندي هرڪو کيس سلام بجاءِ “رام رام” ڪندو هيو. جنهن تي هي ڏمرجي ويندو هيو. ڪڏهن ڪنهن سان ڳنڍجي پوندو هيو ته ڪڏهن ڪاوڙ ۽ ڪروڌ مان ڀڻڪندو اڳتي راهي ٿيندو هيو.
پٽ جوان ٿيس. سندن شادي جو رٿيائين. سڄي ڳوٺ کي سڏ ڏنائين باقي وڃي وڏيرو بچيو. لوڪ مياران وڏيري کي سڏ ڏيڻ ضروري سمجهائين. سهڪي سندس اوطاق تي پهتو. وڏيري جي اوطاق تي پهتو. وڏيري جي اوطاق ماڻهن سان ڀري پئي هئي. جانڻ وڏيرا پُٽ پرڻايان ٿو، سڏ هجئي...! پر وڏيرا منهنجي ڪاڄ ۾ فتن گيري نه ڪجانءِ..... وڏيرا کلي سندس سڏ قبول ڪيو. پر هن جي اڍنگي سڏ ۽ لفظن تي وڏيرو وٺجي ويو. زخمي شينهن جيان گهٽ، تاڙ ٿي ويٺو ته ان واڻيئي جي بيعزتي ڪيئن ڪرايان....؟ وڏيري انتقام وٺڻ لاءِ ٽل جوڙي.
ڳوٺ جي مڱڻهار کي پنهنجي منهن سڏايائين....
“مصري فقير ڳالهه ٻُڌ !”
“جي ءُ وڏيرا ، حڪم سائين !”
“رام ، رام جي پُٽن جي شادي آهي. پر هڪڙو توکي پهر وهڻو آهي.”
“جيءُ سائين، اوهان صرف ڳالهه ڪريو...!!”
“فقير... رام رام کي ٻه روپيه هڙ ۾ ٿيا اٿس پر پاڻ کي الائي ڇا ٿو سمجهي!؟، ان واڻيئي جي ڦر کي ڪاڄ ۾ بيعزتي ڪرڻي آهي.”
“پر سائين ! ڪيئن ؟”
“ٻارڙن جو ميڙ آڻجانءِ، آءُ ريجي ۽ ڊينگلن جي پئسن سان کيسا ڀريون ايندس. سڀ ڊينگلا ۽ ريجو رام جي مٿي تي گهور لاءِ اُڇليندس. ٻار ڊوڙندا پئسن لاءِ پٽڪي تائين پهچندا. ٻارڙن کي تڙيندي، پئسن ميڙڻ جي هڻ وٺ ۾ تون سندس پٽڪو ڌُوڙ ڪجانءِ ۽ پوءِ سيٺ کي چئجانءِ ته تڙ تڪڙ ۾ ٿي ويو.....!!! نه گهٻرائجانءِ پٺيان مان ويٺو آهيان”
مڱڻهار فقير ٽهڪ ڏئي ها ڪئي. شادي جي ڏينهن ڄاڃين جا ميڙ متا. سڄو ڳوٺ پهتو. دُهل کي واڄٽ لڳا. بينن، شرنانين ۽ سهرن جا آواز پڙاڏو بڻجي گونجڻ لڳا. سيٺ حميد گهوٽ پٽن سان دهلين دمامي، اوطاق تي ماڻهن جي ميڙ ۾ پهتو. گهور مبارڪون شروع ٿيون. سيٺ پارايل هارن کي سهيڙيندي گهور مبارڪن تي خوش ٿيڻ لڳو.
وڏيرو جانڻ، گهوٽن ۽ سندن پيءُ سيٺ حميد مٿان کيسي مان ريجي جون مُٺيون ڀري گهور ڪرڻ لڳو. ٻارڙا پئسن مٿان ٽُٽي پيا. ڪي ٻار هيٺيان کڻڻ لڳا ته ڪي مٿان جهٽن لڳا. هاڻ سڀن جا هٿ سيٺ جي پٽڪي کي ويجهو پهتا. مصري مڱڻهار هٽو هٽو ۽ کلا کلا ڪندي ٻارڙن کي تڙيندي پٽڪي تان ريجو سٽڻ لڳو. تڙ ڀيڙ، هڻ وٺ، گهتم گهتان سان سيٺ حميد جو پٽڪو ڪِري پٽ تي پيو. سيٺ حميد پٽڪو ڪرندي ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيو. سندس ڳلو خشڪ ٿيڻ لڳو ۽ سڄو ڪاراٽجي ويو ۽ چتائي وڏيري کي ڏسڻ لڳو. سندس ٽڪڻ پٽڪي کان آجي پڌري ٿي پئي هئي. راڄ ۽ ڪاڄ ۾ ماڻهن جا ٽهڪ مچي ويا.
مڱڻهار فقير هٿ ٻڌندي، تڙ تڪڙ، هڻ وٺ، ٻارڙن جي پيهه ۽ روزي جو بهانو بڻائي معذرت گهرڻ لڳو. وڏيري جانڻ مشڪندي پيسن جي آخري مُٺ سيٺ مٿان گهوريندي مبارڪ ڏيندو.... رام رام ڪندو گهر روانو ٿيو.

مرچو

جون جي ڪاڙهي ڄڻ ٽانڊا ٿي اُڇليا. ڳوٺ جون ڀتيون تپي ٽامون ٿي ويون هُيون. گرميون سهندي ساڻيون ٿي هنڌان هنڌان ڏري پيون هيون. پيدا ٿيل سنهين وٿين بي پردگي ڪري ڇڏي هئي. مرد مايون سارين جي رونبي تي ويل هئا ۽ ٻار مال سان ويل هيا. پوڙهو ونجڻو هڻندي ننڊ ۾ الوٽ ٿي کونگهرا هڻڻ لڳو. سندس جواڻ جماڻ پوٽي زرينه گهر جو ڪم ڪار لاهڻ سبب، ٿڪجي پگهر ۾ شُم ٿي وئي. گهر ۾ ٻي ڪا به پهر نه هئي. وهنجڻ ۽ ڪپڙا مٽائڻ لاءِ پاڻي جو مٽ کڻي غسل خاني پهتي. سندس جرڪندڙ جسم گهڻن کي موهت ڪري وڌو هيو. سندس ويڙهي جي جوان مائٽن هن کي ماڻڻ لاءِ شرطون لڳايون. مرچو انهن ۾ سر فهرست هيو. مرچو ٻن شادي شده ڀائرن جو دادلو ننڍو ڀاءُ هيو. ٽي بي هن جو ماس روڙي ڇڏيو هيو. هُلا هڻي هلندو هيو ته سهڪي ڳالهائيندو هيو. رومال ويڙهي مٿي سان ڇڪي ٻڌندو هيو. سدائين گوڏ قيمص، هن ڪانچ ڪڏهن به نه پاتي هئي. پيرن ۾ کرڪڻ هوندا هيس. قد جو لاٻڙ ۽ رنگ جو ڪارو هيو. منهن تان ماس روڙيل، ڦڪا ڏند سندس شبيهه کي ويتر بدتر ڪندا هيا. هن جو خاندان پئسي ڏوڪڙ، رزق مال ۾، پاڻ ڀرو هيو. حد درجي جا ڪنجوس ۽ روپئي تي ساهه ڏيندا هيا.
تڏهن ته ٽي بي سندس جسم ۾ گهر ٺاهي ويٺي هئي. ڪمزور، ڏٻل هيڻو، پر ڪاني جي سيپٽي سان روز ڏاڙهي چٽ ڪندو هيو. مڇون ڍنگر وانگر هيس. اکيون چچيون ۽ لڪل هيس. پر گهڻي سرمي پائڻ سان ماڻڪيون چمڪنديون هيس. بي حساب بخيل ۽ ڦڏئي هيو. ڪنهن جي پرواهه نه ڪندو هيو. بي رُخي ۽ شوخ طبعيت جو مالڪ هيو. حرص ۽ ڊاڙ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هيو. هن زرينه کي ماڻن جو پڪو پهه ڪيو. زرينه هن کان شديد نفرت ڪندي هئي. زرينه کي ماڻڻ، مڃائڻ ۽ هيٺ ڪرڻ لاءِ هن ڪيئي ٽڪ ساٺ جوڙيا. ڀائرن سان ساندهه گهپي ، پِٽڪو ۽ مانڌاڻ هيس ته منهنجي شادي زرينه سان ڪرايو. سڀ ملڪيت جهليو، نه ته مان خودڪشي ڪندس. ڀائر مجبور ٿيا. ڪيئي هيلا هلايا پر هر دفعي کين کُتو جواب ٿي مليو. زرينه اهڙي رشتي جو ٻُڌي وٺي کڻي پيءُ مان پار ڪڍندي هُئي. جيڪو نانگ ڏنگڻ سبب فوت ٿي چُڪو هيو.
غسل خاني کي ڇت ڪانه هئي. ڪاٺ جي پراڻي دروازي جي ڪُنڊي هڻي. ڪپڙا لاهي زرينه وهنجڻ لڳي. مرچو جي نظر ڀت تي رکيل ڪپڙن تي پئي. لِڪ وٺي گهر ۾ داخل ٿيو. رومال جو پلاند منهن ۽ ڏندن ۾ ڏيئي. غسل خاني جي ڀتين جي وِٿين مان تڪڻ لڳو. سونهن تجلا ڏئي ڀتين جي سنهين ڏارن مان ٿي نڪتي. سهڪي سان مرچو جي دل ڦٿڪڻ لڳي. خشڪي وٺي وئي هُيس. مرچو ڀتين جي سنهين وٿين مان سُرٻاٽ ڪري کيس سڏڻ لڳو. زرينه کي جيئن کُڙڪ پئي، سَٽ ڏئي ڪپڙا پائي دروازو کولي ٻاهر نڪتي، مرچو ڀڄي غائب ٿيو. زرينه ويچارڻ لڳي ته ڪير منهنجي پويان پيل آهي. گهر ۾ سرناٽو هيو. هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙي ڏسڻ لڳي. پرکيس ڪجهه به نظر نه آيو. پريشاني ۽ پڇتاءُ ۾ جهڄڻ لڳي ته ڪنهن منهنجي اوگهڙ ته نه ڏسي ورتي...!؟ رونبي تان واپس ايندي ماءُ کي ڪنڊ پاسي وٺي، سڄي ماجرا ٻڌائي. ماڻس هڪي ٻڪي ٿي وئي. هاڻ سندس ماءُ هن کي گهر ۾ اڪيلو ڇڏڻ گوارا نه ڪيو. پٽن کي چيائين: ٻنين جا ڪم ڪار وڃي پاڻ سنڀاليو. منهنجي طبعيت خراب آهي. مان گهر کان نڪري نه ٿي سگهان. ماءُ ڌي کي اچي اُڻ تڻ ورايو ته ... آخر اها حرڪت ڪنهن ڪئي.....!؟”
اڃان مهينو مس گذريو ته مرچو جا ڀائر ۽ مائٽ رنين آهرين، ڊنب ماڻهن جا ميڙ وٺي زرينه جي گهر ۾ داخل ٿيا. آزيون، نيازيون، قرآن مصاف، ميڙ منٿون... ته زرينه جو سنگ مرچو لاءِ ڏيو. جيئن چئو تيئن ڪيون. زرينه ماءُ کي ڀاڪر وجهي اوڇنگاريون ڏئي روئڻ لڳي. ماءُ جو هنيانءُ جهڄي جهري پيو. گهر جي ڪُتن مرچو جي مائٽن تي ڀونڪڻ شروع ڪيو. ماين ٻار هنجهه ۾ هڻي کٽن تي ٽُٽيون. ڪتا کين کائڻ ٿي آيا. زرينه جي ماءُ پٽن کي رئو لاهي پيرن تي وڌو. چار چڱا مائي تي جُهلون ڪرڻ لڳا. ويهاري کارائيندين ڇا؟ نياڻي جو بار لاهي جان ڇڏائي. کين وراڻيائين. منهنجي نياڻي سان اهڙو ظلم نه ڪيو. اهو رشتو اسان کي ڪڏهن به قبول نه آهي.
مرچو جي ڀائرن 14 جريب ٻني بدلي ۾ سڱ ڏيڻ جو چيو. زرينه جي ڀائرن لالچ ۽ حرص ۾ هار مڃي. ڏنڊو کڻي ماءُ ڀيڻ تي بيهي رهيا. ڪڇندؤ ته ٻئي مرندؤ. بي وسي جي عالم ۾ ماءُ ڌي روئنديون رهيون. ڀائرن ها ڪئي..... ڏاج ڏيوڻ گڏ ٿيا. سُتت ئي شادين جي تاريخ طئي ٿي. ڪنوارن کي ونواهه ۾ ويهاريو ويو. هيڏانهن سهرا شروع ٿيندا هيا. هوڏانهن زرينه جا پار شروع ٿيندا هيا. مال، رزق رنڀون ڪندا هيا. دُهل وڳا، ڦنڊريون ڪُٺيون، وڏا ڀت ٻاٽ ٿيا. اچي خلق لٿي پر ڪنهن به ماءُ ڌي جي دانهن جو ازالو نه ڪيو.
شادي رات جلال چانڊيئي جا ڪلام لائوڊ اسپيڪر تي گونجي اُٿيا. گهور مبارڪون ۽ بندوقن جا ٺڪاءُ شروع ٿيا. زرينه جا پار لائوڊ جي پڙاڏن ۾ گم ٿي ويا. شاديون ۽ نيکيٽون ٿيون. زرينه مرچو کي ويجهي نه ٿي ڇڏيو. مرچو جي ڀائرن زرينه کي لٺين جي ڦيهه ڏني.
“ڇوڪري جو دماغ خراب آهي. 14 جريب ٻني ڏنيسين، سڱ ڏنوسين ته به ڇوڪري نه ٿي بيهي....!” زرينه جي ڀائرن مارڪٽ جي داد رسي نه ڪئي. اڃان به کيس چيائون ته “گهر اهو اٿئي، مڙس اهو اٿئي” زرينه جون آسون، نراسون، خواب ۽ خيال سڀ ڌُوڙ ٿي ويا. زرينه وٽ مرچو کي قبولڻ کانسواءِ ٻي ڪابه واٽ نه بچي. ڦوهه جواني جهرڻ لڳي. مرچو جو گهر زرينه لاءِ قيد خانو ثابت ٿيو.
اڃان ڇهه مهينا نه گذريا ها ته.....!!؟ مرچو ٽي بي جي مرض جي شدت ۾ اچي دم ڌڻي حوالي ڪيو. چاليهه ڏينهن عِدت ۾ گذريا. هر ڏينهن هڪ صدي وانگر گذريو. عِدت پوري ٿيڻ کانپوءِ مرچو جي وڏي ڀاءُ خُدن لٺ کنئي. 14 جريب ٻني ۽ سنڱ ڏنو اٿم. ڀاءُ به ويو. هاڻ انهي ڇوريءَ زري سان پاڻ شادي ڪندس. زرينه جي ڀائرن ۾ سُتل غيرت جاڳي پئي. خدن جي ڏاڍ مڙسي کي للڪار ڪيائون. سڄو ويڙهو دشمني جي دنگ تي پهتو. جهيڙا ٿيا. ڪهاڙين، ڏنڊن، لٺين ۽ سروٽن جا وسڪارا ٿيا. مايون مرد رت ۾ ڳاڙها ٿيا. سڄو ويڙهو جنگ جو ميدان بڻجي ويو. ڪيس فرياد، ڪورٽ ڪچهريون، ۽ جيلن کانپوءِ برادرين جا ڪٺ وچ ۾ پيا. جرڳائي وڏيري جرڳي ۾ فيصلو ڏنو.
“14 جريب ٻني خدن کي واپس ملندي، زرينه خدن کي نه ملندي ته ڪنهن کي به نه ملندي.” ڌرين فيصلو قبول ڪيو. زخميل زرينه واپس پنهنجي پيڪن پهتي. ڀائرن جي گهرن جا ڪم ڪار سر تي کنيائين، ڀاڄاين کيس ڄڻ نوڪر جي حيثيت ڏني. زرينه پنهنجي جواني، پنهنجو جوڀن، پنهنجو حُسن، پنهنجي زندگي، ڀائرن ۽ برادرين جي فيصلن لاءِ وقف ڪئي. زرينه پنجاهه سال کي پهتي آهي. سندس اکيون سدائين آليون هونديون آهن. ڳوٺ ۾ ڪٿي به ڪنهن جو قضيو ٿيئي. زرينه ۽ سندس پوڙهي ماءُ اوسيرا ڪڍي پٽينديون آهن. ڄڻ قضيو ئي هنن جو ٿيو آهي...!؟

چنگل

انگريزن جو دور هيو. سنڌ جو وڏيرو All In All ۽ وڏي آڪڙ ۾ هيو. وڏيرا کاٽين جا پئسا کائي، هارين کي مفت ۾ بيگرون هڻندا هيا. آفيسر انهن سان ٻِٽ هيا. تعليم ۽ شعور جي اڻ هوند هئي ۽ وڏيرن جا جاوا هيا. ڳوٺاڻا مظلوميت ۽ محڪومي جي زندگي گذاريندا هيا. ڪنهن ۾ دم نه هيو ته وڏيري جي حڪم کي پُٺي ڏيئي سگهي. وڏيرن کان وڌ، ڪمدارن جي هڻ وٺ هوندي هئي. ماڻهن کي مال جي ڌڻ جيان هلائيندا هيا. جائز ناجائز ، آنڌي مانڌي وڏيري جا حڪم هلندا هيا. وڏيرا اڇي ڪاري جا مالڪ هيا. نياپي سان وڏيري جي لٺ پهچندي هئي. ته ماڻهو ڊپ ۾ وٺجي ويندا هيا. ڪنهن ٻِڙڪ ڪڇي ته ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسجي ڪاري پاڻي پهچندو هيو. جتان موٽي ان جو لاش به نه ملندو هيو. ڳوٺ وڏيرن جي State هيا. ماڻهن جي مجال، جو وڏيري آڏو کٽ تي يا منجي تي ويهي سگهن. وڏيرا ماڻهن کي پٽ تي ويهاري نادري حڪم هلائيندا هيا. چُرچ، بڇ، چالاڪي، ڪاروڪاري، ٺڙڪ ٺڳي جا فيصلا ۽ ڏنڊ رکي پنهنجا کيسا گرم ڪندا هيا. وڏيرا انگريزن آڏو پُڇ لٽڪائي، خوشامنديون ڪري پنهنجي ڳوٺ جي بادشاهت حاصل ڪندا هيا. ٻه اکر پڙهيل ملان به وڏيرن سان جُهٽ هوندا هيا. وڏيرو، واڻيو ۽ ملان هم صلاحي هيا. نتيجي ۾ سنڌ جو هاري پيٽ گُذر لاءِ پورو ۽ انگ اگهاڙي زندگي گذاريندو هيو.
انن جا انبار لهندي به هاري ان داڻي کان وانجهيل رهندو هيو. وڏيري جي کنڌن ۽ واڻين جي بندين ۾ پورهيت قيد هيو. وڏيرن جي ٿاڦيل کنڌن ۽ واڻين جي بندين ماڻهن کي محتاج بڻائي ڇڏيو هيو. رياستي قانون به وڏيري پنهنجي قبضي ۾ ڪري ورتا هيا. هُو ڪنهن به غريب هاري کي ڇهه مهينا پنهنجن ٺاهيل جيلن ۾ واڙي ڇڏيندو هيو. هڪ اوندهه، بربريت، ظلم ۽ جهالت جو دور هيو. ٻه ٽي درجا تعليم ڪنهن کي نصيب ٿي ته واهه، نه ته جهالت ڪاريهر نانگ وانگر ڪر کنيون بيٺي هوندي هئي. تنهن وقت مئٽرڪ به بمبئي مان ڪرڻي پوندي هئي. اهڙين حالتن ۾ سنڌ جي وڏيري جون موجون هيون. وڏيرو پنهنجي اولاد کي بمبئي تائين پهچائيندو هيو ۽ غريب جي ٻار کي صرف ديني تعليم تائين پابند بڻايو ويندو هيو. سرڪاري تعليم غريبن لاءِ مهانگي ، اڻ لڀ ۽ مهڻي آب هئي. نتيجي ۾ ماڻهن ۾ غربت، مفلسي، لاچارگي انتها تي پهتل هئي. اهڙي اونده، اذيتناڪ ۽ ناانصافي جي دور ۾ چنگل پنهنجي ڳوٺ سنگهڙ ۾ اک پٽي. بچپن کان جواني تائين هو وڏيرن جي ظلمن کي ڏسندي ۽ سهندي وقت گذاريو. هن ۾ تعليم نه هئي. البته شعور جي بُلندي هئي. هو ناانصافيت کي برداشت نه ڪري سگهندو هيو. هن ڪيترائي ڀيرا هڪ جيڏن، وڏڙن بزرگن ۽ ڳوٺاڻن کي ظلم خلاف اُٿي پوڻ لاءِ چوندو رهيو، پر سڀ ڪو کيس ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيندو هيو. هو ماڻهن جي احساس محرومي، ڪجهه چئي نه سگهڻ، ڪجهه ڪري نه سگهڻ تي افسوس ڪندو هيو. وڏيرو ڳوٺاڻن کي هيٺاهيون، مٿاهيون هڻي کين هڪٻئي سان ويڙهائي حڪومت ڪندو رهيو. ڪنهن ۾ جرئت نه هئي ته وڏيري جي اجازت کان بغير سرڪار وٽ دانهين ٿئي. جيڪو بنا پڇا دانهين ٿيو تنهن تي ڏنڊ پوندو هيو. ٿاڻا وڏيرن جي حڪومت جي ماتحت هيا. سچن گيهن جا دٻا، سگداسي چانور وڏيرن طرفان ٿاڻن تي سوکڙي ٿي پهچندا هيا. وڏيرو هٿ سان چوريون ڪرائي جهيڙا جهٽا ڪرائي، غريب مفلس پورهيت ڦاسائي پنهنجا ڀڀ ڀريندو هيو ۽ پوليس جا کيسا گرم ڪندو هيو. هميشه غريب ۽ مفلس پورهيت نه ڪيل ڏوهه جي سزا ڀوڳيندا هيا. لوفر، چور لُچ ۽ رهزن وڏيرن جي هٿ هيٺ هيا. ڏوهارين کي ڄڻ ڇُوٽ مليل هوندي هئي. اهڙن گهڻ طرفي ظلمن، بي واجبين ۽ ناانصافين خلاف چنگل بغاوت جو اعلان ڪيو.
ڳوٺاڻن جوئر جي لابارن ۽ ڳاهن مان مس جان ڇڏائي هئي ته مٿان ڪڻڪن جي لابارن ۽ ڳاهن منهن ڪڍيا هيا. مئي مهيني جي ڪاڙهن ويتر هارين جون متيون منجهائي ڇڏيو ن هيون. ڪاڇي ۽ سنڌو جي پاڻي تي جڏهن جاڙا فصل اُڀري پوندا هيا تڏهين هارين جي بيخ نڪري پوندي هئي. پوکائي، سنڀالي، ڳاهه ٻار بٽايون ساهي ڏيڻ نه ڇڏيندا هيا. مال متاع، گاهه پٺا، دنيا داري، گهر گهاٽ جون ذميواريون، پورهيتين کي ٿڪائي وجهنديون هيون. مٿان وڏيرن جون بيگرون هارين لاءِ ڪمهلي مصيبتون ثابت ٿينديون هيون. ڪڏهن پلال پڄائڻ جي بيگر، ڪڏهن بهه گاهه ۽ ڪاٺين پڄائڻ جي بيگر....!!!
ٽريڪٽر ٽرالين، ٿريشرن ۽ مشينرين اڃان منهن نه ڪڍيا هيا. پوکي راهي ماڻهن جي هٿن ۽ ٻانهن جي ٻل تي ٿينديون هيون. هرلا ۽ ڪاٺوڙا نار چينگهٽ ڪري مڌر آواز پکڙيندا هيا. ماڻهو ڪڻڪن جي ڳاهن ۽ ديرن تي ڦاٿا پيا هيا. اهڙي هڻ وٺ ۽ ڀڄ ڀڄان جي موقعي تي وڏيرن شاخن ۽ واهن جي کاٽين جا پڙها گهمايا هيا. ڳوٺ جا هاري انهي اڻ تڻ ۾ هيا ته کاٽي جي بيگرن تي وينداسين ته پويان انن جا ديرا رُلي ويندا، يا چور چڪارن جي نظر ٿي ويندا. هارين وڏيري کان مهلت ملڻ جا وڏا هيلا هلايا، پر وڏيري خانڻ ڪنهن جي هڪ به نه ٻُڌي. وڏيرن آفيسرن سان ملي ڀڳت ڪري کاٽين جا پئسا ڦٻايا هيا. وڏيري جي دٻدٻي ، جيل جي ڀؤ، ڳوٺاڻن ۾ خوف جي ڪيفيت پيدا ڪري ڇڏي هئي.
سرڪاري پشت پناهي، ڪاري پاڻي موڪلڻ جي دڙڪي ڳوٺاڻن جو ڄڻ ساهه مُٺ ۾ ڪري ڇڏيو هيو. پرپُٺ هر ڪنهن اهڙي انڌي فيصلي جي مخالفت پئي ڪئي. پر ڪنهن ۾ دم نه هيو ته وڏيري کي بيگاهه بيگارين کان جواب ڏئي سگهي. ڳوٺ جي هڪ دلير، شهزور ۽ اڙٻنگ جوان چنگل اهڙي انڌي فيصلي ۽ حڪم مڃڻ کان انڪار ڪيو، ۽ وڏيري سان ٻه پاڻي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. هن سِر تريءَ تي رکي انفرادي بغاوت جو ا علان ڪيو. رات جي اونداهي ۾ هن شاخ جو ڳنڍو لوڙهڻ جو پڪو پهه ڪيو. هن کي خبر هئي ته ڳنڍو لوڙهڻ سان شاخ پاڻي ۾ اچي ويندو. ڪي پندرنهن ڏينهن ان پاڻي کي سُڪڻ ۾ لڳندا، تيسيتائين انن جا ديرا ۽ ڪڻڪن جا ڳاهه نڪري ويندا. ڪوڏر ڪهاڙي کڻي، اوطاق تي ٻڌل ڪميت تي سنج رکي لانگ ورائي سوار ٿيو. پويان عزيز پڇڻ لڳس ته ڪيڏانهن پيو وڃين. پر ڪنهن کي ڪجهه به نه ٻڌايائين.
ڪاري رنگ جي ڪميت گهوڙي جي ٽاپن، رات جي سرناٽي کي چيري وڌو. گهوڙي جي ٽاڙهيا ٻاريندڙ هڻڪار تي گدڙن اونايون ڪرڻ بند ڪيون. گهوڙي جي تيز رفتار ڊوڙ چند ميلن جي مفاصلي کي ختم ڪيو. اچي راڄوڻي ڳنڍي تي پهتو. گهوڙي تي شفقت جو هٿ گهمائي کيس شاخ جي ڪناري واري نم جو وڻ سان ٻڌائين. ڪوڏر کڻي شاخ جي ڳنڍي جو بند ٽوڙيائين. پاڻي ڊوڙڻ جي انتظار ۾ بيٺو هيو. بيٺل پاڻي ڇڇڪا مچائي شاخ ۾ ڪلٽيون کائڻ لڳو. هاڻ بند ۽ ڳنڍي جا ڪي به نشان نه رهيا. پاڻي سرپور ٿي شاخ جي ڪنارن سان ڪلها هڻڻ لڳو. صبح ٿيڻ تائين شاخ ۽ واه جا ڪنارا پاڻي سان ڀرجي چڪا هيا. ماڻهن ۾ خوشي جا هوڪرا مچي ويا. ماڻهن کي ڪم ڪار مان نڪرڻ لاءِ ڪي ٻيا ڏينهن ملي ويا.
ڪنهن لوڙهيو؟ ڪنهن لوڙهيو؟ پيرا چنگل جي گهر تي پهتا. چُغل خورن، لاٺڙين وڏيري کي سربستو احوال ٻڌايو. وڏيرو واٺن سميت اچي ڳوٺ تي ڪڙڪيو. چنگل منهنجي حوالي ڪريو. ان کي سيکت ڏئي پوليس حوالي ڪرڻو آهي. ماڻهن جا ميڙ گڏ ٿي ويا. وڏيرو ڪاوڙ ۾ آپي کان ٻاهر نڪتل هيو. هر ڪنهن تي دونالي بندوق ٿي تاڻيائين. وڏيري واٺن سان چنگل جي گهر ڏانهن وڌڻ لڳو. بزرگ پورهيت آزيون نيازيون ڪرڻ لڳا، پر وڏيري ڪنهن جي به نه ٿي ٻڌي. چنگل ٽپ ڏيئي ڪهاڙي هٿ ۾ کڻي وڏيري سامهون ٿيو.
“وڏيرا همت اٿئي ته بندوق هلاءِ، ها .... ها... ڳنڍو مون ٽوڙيو آهي. اڳي يا پوءِ ڪنهن کي ته تنهنجي ظلمن خلاف للڪار ڪرڻي هئي، هاڻ هڪ وک به اڳتي وڌئين ته ڪهاڙي سان ڪنڌ ڪپيندو سانءِ”
وڏيري جي واٺن، بندوق جا گهوڙا چاڙهيا. ماڻهن جا ميڙ وچ ۾ اچي ويا. وڏيري هٿ سان پنهنجي واٺن کي بندوقون هيٺ ڪرڻ لاءِ چيو. هاڻ وڏيرو ڳوٺاڻن جي گهيري ۾ هيو. ڳوٺاڻن وڏيري کي چيو: “ٻڌي ڇڏ وڏيرا ! اگر چنگل کي ڪجهه به ٿيو ته تنهنجي سر جو به خير نه هوندو. خانڻ وڏيرا تو ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي. اسان جي هڙ رلي پئي آهي. ۽ توکي بيگار جي لڳي پئي آهي. هاڻ چنگل ۾ وڌيڪ حوصلو مضبوط ٿيو. وڏيري کي للڪاريندي چيائين:
“خانڻ وڏيرا ! توسان هاڻ حساب ٿيندا. ٻڌي ڇوڙي، واٺن ۽ ڪاري پاڻي جي دڙڪن ۽ داٻن سان تو ڳوٺاڻن کي هيسائي مظلوم ۽ محڪوم بڻايو آهي. سرڪار کان پئسا وٺي، اسان کان بيگاريون پيو ڪرائين. هاڻ بيگاريون نه هلنديون، کاٽين جي مزدوري جا پئسا ملندا ته کاٽيون ٿينديون نه ته کاٽيون نه ٿينديون...! اڃان ته ڳنڍو لڙهيو آهي. پر جڏهن تنهنجو پٽڪو ڌُوڙ ڪنداسين ته تڏهن توکي خبر پوندئي.... هاڻ چنگل هڪ نه آهي، سڄو ڳوٺ تنهنجي ظلمن خلاف گڏ ٿيو آهي”
وڏيرو ڪاوڙ ۾ ٽامڙجي ويو. ۽ سڄي ڳوٺ کي گاريون ۽ ڌمڪيون ڏيڻ لڳو. ڳوٺاڻن مڇرجي ڏنڊن ۽ ڪهاڙين ۾ هٿ وڌا. وڏيرو خوف ۾ وٺجي ويو. ڳوٺاڻن جي غضب جي غصي کي ڏسي. وڏيرو ڏڪڻ لڳو. هاڻ وڏيري جو عقل ماڻهپي ۽ انسانيت تي پهتو. وڏيري صبر ۽ تحمل جي تلقين ڪندي کاٽي کڻڻ جي مزدوري جي پئسن تي رضامند ٿيو ۽ ڳوٺاڻن کان معذرت گهرڻ لڳو. ان ڏينهن کان پوءِ ڳوٺ تي بيگر لڳڻ بند ٿي. تڏهن کان ان ڳوٺ ۾ پهاڪو جڙيو:
“چنگل ٻوڙائي ڇٽو راڄ ڇيڙ کان”

ھدايت قريشي

---

ھدايت قريشي جون ڪھاڻيون

سنڌي جديد ڪهاڻي جي عروج کان ڌنڌلائجي وڃڻ بابت رايا وقت بوقت رقص ڪندا رهيا آهن. نئين ڪا راءِ ڏيڻ بدران آئون اهو چوڻ چاهيندس ته سنڌي جديد ڪهاڻي ختم ناهي ٿي، ان سان عشق رکندڙ اڄ به اسان جو نئون ٽيلينٽ موجود آهي، جيڪو سچ ته دلڪش دلربا اميد جو هڳاءُ آهي.
نوجوان اڀرندڙ ۽ متاثر ڪندڙ ڪهاڻيڪار هدايت قريشي جي ڪجهه ڪهاڻين کي پڙهي خوشي ۽ اميد جا ڀرپور تاثر گڏ جاڳن ٿا، ته اسان جو ڪهاڻي لکڻ وارو وجدان ننڊ ۾ ناهي آيو. هدايت قريشي جي دلچسپ سهڻين ڪهاڻين. (خوشخبري، گلاب جو گل ۽ پيرو ماڇي) جي اڻت مان ئي ڄاڻي وٺجي ٿو ته هو باشعور، آرٽسٽ، خبردار ۽ مشاهدڪار خوبصورت ڪهاڻيڪار آهي.
هن جي ڪهاڻين ۾ موضوعيت به آهي ته تجسس به چهرو پسائي ٿو. هن ڊائلاگيا ۽ بيانيا ڪهاڻي جو اسلوب گڏ رکي ڪهاڻي کي سندر روپ ڏنو آهي. هن جي استعمال ڪيل ٻوليءَ به وڻندڙ آهي. هن ڪارگر ڪهاڻي لکي آهي. اها زندگيءَ جي ڪهاڻي آهي. زندگيءَ جيڪا چرپر ۽ بقا لاءِ سرگردان آهي.
اصل ۾ هدايت ڪهاڻي لکڻ جي فن کان چڱي ريت واقف آهي. ان ڪري هن وٽ ڪهاڻي کي دلچسپ بڻائڻ جي صلاحيت موجود آهي. هن تڪڙي دور ۾ جتي عالمي سطح تي به ڪهاڻي مختصر ٿي هاڻ چند جملن ۾ لکجي رهي آهي، اتي هدايت پنهنجي جديد طويل سنڌي ڪهاڻي جي حسناڪ روايت کي جهڙي ريت دل ۾ سمايو آهي هن جي ان جرئت ۽ محبت کي دل جو ڀاڪر ڀريان ٿو.
هدايت قريشي صلاحيتن سان سرشار نوجوان ليکڪ آهي. هن جا پيش ڪيل ڪردار اسان جي آس پاس ساہ کڻندڙ آهن. اهي روئن ٿا، کلن ٿا، وڇڙن ٿا. مطلب اهو ته سندس ڪهاڻيون مصنوعيت کان صاف آهن. هو هن ڪهاڻي ميدان ۾ اڳتي وڌي آيو آهي، سندس دل سان آجيان اسان جو فرض آهي.

ايوب کوسو

گلاب جو گل

“بابا مان زمين تان ٿي اچان ٿو“ رابيل پيءُ کي چيو:
“ٺيڪ آ هي پٽ.........ها رابيل پٽ ٻيو ٻڌ ٽيوب ويل تي وڃجانءِ ۽ ڏسجانءِ ته تالو لڳل آهي يا نه..! چاچهين پنهنجي ٻنيءَ کي پاڻي ڏنو هيو، اِهو مڙئي خيال گهٽ رکندو آهي“ عبدالرحيم پٽ کي تاڪيد ڪندي چيو.
“جي بابا” ائين چئي رابيل هليو ويو.
رابيل هر موڪل واري ڏينهن تي پنهنجي زمين گهمڻ لاءِ به ضرور ويندو آهي، شهر ۾ نوڪري ڪري هن کي موڪل کان سواءَ ٻيو ٽائيم ناهي ملندو، هنن جي زمين ڳوٺ ڀرسان ئي آهي جيڪا هارپي تي ڏنل آهي. هن جو پيءُ عبدالرحيم پرائمري ماستر آهي. پٽ کي سٺي تعليم ڏياري وڏي جدوجهد کانپوءِ رابيل کي سرڪاري نوڪري وٺرائي ڏنائين. رابيل هر روز وانگر زمين جو جائزو وٺندي جڏهن ٽيوب ويل تي پهتو ته هن کي ٽيوب ويل جي حوض تي گلاب جو گل نظر آيو اهو کڻي واپس آيو، وري ٻئي هفتي جڏهن زمين تي ويو ته ساڳي جڳهه تي گلاب جو گل هن کي نظر آيو، هن ڀيري ٿوري حيرت ٿيس هيڏانهن هوڏانهن ڏٺائين پر ڪير به نظر نه آيس، اهيو سوچيندي گهر آيو ته اهيو ڪير ٿي سگهي ٿو، گل ڪير رکي ٿو يا ڪو اتفاق آهي. هفتو ٻيو گذري ويو جڏهن ٽئين هفتي تي ويو ته وري به گل پيو هيو. هاڻي سمجھي ويو ته اهيو اتفاق نه پر ڪير سايو ڪري رکي ٿو ۽ هن سان ائين ڪجهه هفتا ٿيندو رهيو ۽ گل رکڻ وارو سامهون نه آيو. هڪ ڏينهن اهو به آيو جو هن کي گلاب جو گل نظر نه آيو ۽ هي سمجھي ويو ته هي شخص يا ته ٿڪجي پيو هوندو يا وري بيمار ٿيو هوندو، پر اهيو سٺو ٿيو جو هن مان جان ڇٽي هروڀرو ذهن تي سوچون اچن پيون، جئين واپس گهر جي دروازي تي پهتو ته هن کي گلاب جو گل ڀت ۾ لڳل نظرآيو، هاڻي ته هن کي پهريان کان به وڌيڪ حيراني ٿي جلدي گهر اندر داخل ٿيو پر گهر ۾ گهر ڀاتين کان علاوه ڪير به نه هيو. هن کي اُن شخص تي گهڻي ڪاوڙ اچڻ لڳي ته هرو ڀرو ڇو پريشان ڪري رهيو آهي ۽ ائين مونکي پريشان ڪرڻ مان هُن کي ڪهڙو فائدو ملي ٿو، هاڻي رابيل اهيو پرگرام ٺاهيو ته آفيس کان موڪل ڪري ڏسان ته اهو شخص منهنجي باري ۾ ڪيترو باخبر رهي ٿو، هي آفيس ويو ۽ اڳين ڏينهن جي موڪل لکي آيو، شام کان پهريان زمين تي ويو پر اتي هن کي گل نطر نه آيو، گهر موٽي آيو دروازي تي به هن کي گل نظر نه آيو سمجھي ويو ته اهو گل رکڻ وارو شخص ايترو باخبر ناهي. سڌو پنهنجي ڪمري ۾ آيو ته سامهون ٽيبل تي رکيل گلاب جي گل تي نظر پيس، جلدي ڪمري کان ٻاهر نڪتو ۽ پنهنجي ماءُ کان پڇيائين:
“امان منهنجي وڃڻ کانپوءِ ڪمري ۾ ڪير آيو هيو....؟“
“ابا مان پاڙي ۾ وئي هيس، خير ته آهي......!“
“ها امان خيرآهي، رضيه ڪاٿي آ....؟“
“جي ادا” رضيه رڌڻي مان نڪرندي چيو:
“ادا منهنجي دوست مهوش کان علاوه ته ٻيو ڪير نه آيو هيو“
“اهيا مهوش ڪير آ....!“
“ادا تون هُن کي نه سڃاڻين، چار پنج مهينا پهريان ڀر واري ڳوٺ مان لڏي سامهون واري گهر ۾ ويٺا آهن“
“پر هوءَ منهنجي ڪمري ۾ ڇو آئي“ اصل حقيقت تائين پهچڻ جي ڪرڻ لڳو.
“ادا مهوش کي پين کپندي هئي مون وٽ نه هئي انهيءَ ڪري توهان جي ڪمري مان کڻي ڏني مانس“
“وڏي سياڻي آهي“
“ڇو ادا خير ته آهي، ڇا ڪيو آهي مهوش“ رضيه حيرانيءَ مان چيو
“انهيءَ ڪري چيم جو ڪمري ۾ پين نه هئي“ رابيل ڳالهه لڪائيندي چيو:
رابيل سمجھي ويو ته اهيا مهوش ئي ٿي سگهي ٿي جيڪا هٿ ڌوئي منهنجي پويان پئي آهي، پر هن کي ڪهڙي خبر ته منهنجي طرفان ڪهڙي موٽ ملندس. رابيل دل ۾ چوڻ لڳو.
ٻئي ڏينهن تي رابيل جڏهن آفيس وڃڻ لاءِ گهر کان نڪتو ته سامهون مهوش جي نظر پيس جيڪا دروازي مان جھاتي پائي هن جو ديدار ڪري رهي هئي، هي هاڻي سمجھي ويو ته ائين ئي روز ڏسندي هوندي. هن سان ٿيو به ائين روز هن جو ديدار ڪندي هئي، ٻنهين جي طرفان ڪا به چرپر نه ٿي، آخر مهوش سمجھي وئي ته رابيل مون تي ڪابه توجهه نه ٿو ڏئي ته مهوش ڇا ڪيو جو پنهنجي دروازي کان بيهي رابيل کي گل ڏيندي چوڻ لڳي:
“هي وٺو منهنجو تحفو“
“توکي ڪنهن سمجھايو آهي ته منهنجي سامهون گل رک، تنهنجي گهر ڪا گلن جي فيڪٽري آهي ڇا، جو مان جتي وڃان ٿو اڳيان گل پيا آهن“رابيل پهريون ڀيرو هن سان ڳالهايو.
“توهان جيئن به چئو پر مان هميشه توهان جي اڳيان گل وڇائيندي رهندس“
“بس هاڻي گهڻو ڊرامو ٿي ويو، مهرباني ڪري منهنجا خواب ڏسڻ ڇڏي ڏي ۽ آئنده اڳيان نه بيهجان“ ائين چئي رابيل آفيس لاءِ روانو ٿي ويو.
مهوش رابيل جا اهڙا لفظ ٻڌا ته مايوس ٿي وئي ۽ هن جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا، مهوش رابيل جي اهڙي رويي کانپوءِ دروازي تي يا هن کي ڪاٿي به گلاب جو گل يا پاڻ نظر نه آئي، انهن ڏينهن ۾ ئي رابيل جو ٽرانسفر اسلام آباد ٿي ويو، رابيل اسلام آباد وڃڻ لاءِ جيئن گهران نڪتو ته سامهون مهوش بيٺي هئي، ٽن مهينن کانپوءِ هن کي ڏٺائين ته ڪافي ڪمزور لڳي رهي هئي، جيئن هن رابيل کي ڏٺو ته روئڻ ۾ پئچي وئي ۽ روئندي چيائين:
“اڄ ته توهان وڃي رهيا آهيو پر هاڻي ته گل وٺندا وڃو ۽ چئو ته مون سان محبت ڪندا آهيو، مان سڄي زندگي توهان جو انتظار ڪندي رهندس“
“ڏس! مهوش توکي پهريان به چيو هيم ته ان ڊرامي بازي ۾ پنهنجو وقت ظايع نه ڪر ۽ نه منهنجو وقت ظايع ڪر، ڪوئي سٺو ڇوڪرو ڏسي اُن سان شادي ڪري ڇڏ“
“مري ته سگهان ٿي پر توهان کان سواءِ ٻي ڪنهن جي ڪنوار بڻجي گلن جي سيج تي نه ٿي ويهي سگهان“
“ٺيڪ آهي تنهنجي مرضي پر مان ان چڪر ۾ پوڻ وارو ناهيان“ ائين چئي رابيل هليو ويو ۽ مهوش پنهنجا ڳوڙها اگهندي رهي.
رابيل اسلام آباد پهچي اُتي هن ڊيوٽي جوائن ڪئي، رابيل کي آفيس جي طرفان رهڻ لاءِ جڳھ به ملي وئي، رات جو اڪيلو پنهنجي ڪمري ۾ سمهي پيو هيو ته هن جو ذهن پنهنجي ڪاليج جي دوَر ۾ هليو ويو، هن کي اُهي گهڙيون اُهي پل ياد اچڻ لڳا جيڪي هن پنهنجي زندگيءَ سان گذاريا هئا، ڪيڏو نه ٻئي هڪٻئي تي ساھ ڏيندا هئا، اهي زندگيءَ جا وڏا وڏا ٽهڪ هن کان ڪيئن وسري سگهندا، اهي گهڙيون ياد اچڻ لڳس جڏهن هن زندگي جي چوڻ تي پنهنجي پيءُ ماءُ کي رشتي لاءِ موڪليو هيو، ڪيڏو نه اهو خوشيءَ جو ڏينهن هيو هن جو هڪ ڏينهن سالن وانگر گذريو هن هڪ هڪ سيڪنڊ ڏسندي گذاريو ۽ جڏهن شام ٿي ته هن کي اهي لفظ ٻڌا ته “توکي زندگي نه ٿي ملي سگهي ڇو ته تون هڪ پرائمري ماستر جو پٽ آهين“ اهي لفظ هن کي ڪنهن پٿر وانگر لڳا، صرف گهر وارن کي اهيو چيو ته “زندگي کان بغير منهنجي زندگي جو هلڻ مشڪل آهي“ زندگيءَ کي به گهڻو سمجھايائين ته ڪنهن به طريقي سان گهر وارن کي راضي ڪر شروع ۾ ته زندگيءَ سٺو ساٿ ڏنس پر پوءِ آهسته آهسته زندگي به ساٿ ڇڏي ڏنس، انهيءَ کانپوءِ دل ۾ ارادو ڪيائين ته ڪڏهن به شادي نه ڪندس، زندگيءَ کان سواءِ ڪهڙي زندگي آهي. موبائل جي آواز تي هي سوچن مان نڪتو، موبائل کڻي ڏٺئين ته ڪنهن اڻڄاڻ نمبر تان ميسيج آيل هيو، ميسيج کوليائين ته جنهن ۾ لکيل هيو “رابيل تون منهنجو آهين“ هي سمجھي ويو اهيا مهوش ٿي سگهي ٿي اهيا هتي به پچر نه ٿي ڇڏي، ڳوٺ وڃان ته هن کي سبق سيکاريندس. پنهنجو پاڻ سان ڳالهائڻ لڳو.
رابيل ٻن مهينن کانپوءِ موڪل تي ڳوٺ آيو ته مهوش کي هن جي اچڻ جي خبر پئي ته هن جو محبوب آيو آهي ته بهانو ڪري رضيه سان ملڻ آئي، رضيه سان ڳالهين ۾ ويٺي ته هن جي نظر باربار رابيل جي ڪمري طرف پئي وڃي، رضيه به اهيو نوٽ ڪرڻ لڳي، ٿوري دير ۾ رابيل ڪمري مان نڪتو ۽ مهوش ۾ ساھه پئجي ويو.
“اسلام عليڪم“ مهوش اٿي سلام ڪيو،
“وعليڪم اسلام دشمنن کي خبر پئجي وئي“ رابيل ڪاوڙ مان چيو.
“الله نه ڪري جو تنهنجي دشمن ٿيان“
“نه باقي سڄڻن جا اهڙا ڪم هوندا آهن جو اُتي به جيئڻ نه ٿا ڏين“ ائين چئي رابيل گهران نڪري ويو، رضيه ۽ اُن جي ماءُ ٻئي حيران هئا ته هي ڇا ٿي رهيو آهي، هي پهريون ڀيرو هيو جو هنن ٻنهين سڀني جي سامهون اهڙي انداز ۾ ڳالهايو هيو.
“مهوش هي مان ڇا پئي ٻڌان، ادا کي تون ڇا ڪيو آهي جو تومان ايڏو بيزار آهي. رضيه حيران ٿيندي چيو:
“رضيه تنهنجي ڀاءُ جي دل پٿرآهي، جيڪڏهن ٻيو ڪو ڇوڪرو هجي هان ته پيو منهنجي گهٽيءَ ۾ چڪر هڻي هان“
“مهوش توکي ادا جي باري ۾ ڪا به ڄاڻ ناهي، منهنجي ڀاءُ جھڙو نرم دل شايد ئي ڪو ٻيو هجي، بس ادا کي ته زندگيءَ اهڙو ڪري ڇڏيو آهي“
“زندگي ڇا مطلب مون نه سمجھيو...!ٰ“ مهوش حيرانيءَ مان پڇيو.
“زندگي ادا جي ڪلاس ميٽ هئي ۽ ادا......................“ پوءِ سڄي حقيقت مهوش کي ٻڌايائين.
“رضيه مونکي گھڻو افسوس ٿيو آهي جو رابيل سان ائين ٿيو، پر تون بي فڪر ٿيءُ تنهنجي ڀاءُ جي دل مان ئي نرم ڪندس ۽ هُن کي زندگي منهنجي روپ ۾ ملندي“
رضيه کي ته تمام گهڻي خوشي ٿيڻ لڳي جو سندس ڀاءُ کي اهڙي سگھڙ ڇوڪري پسند ڪرڻ لڳي آهي، رضيه به دل ۾ پڪو پھ ڪيو ته مهوش کي ڀاڀيءَ جي روپ ۾ ضرور ڏسندي، رضيه پيءُ ماءُ سان اهيا ڳالهه ڪئي انهن کي به ڏاڍي خوشي ٿي
ڇوته خوبصورت ۽ سگهڙ ڇوڪري کي ڪير گهر ۾ نه آڻڻ چاهيندو، بس هاڻي اهيو سوچي رهيان هئا ته پٽ کي ڪيئن راضي ڪن.
رابيل جي موڪل پوري ٿي ۽ واپس ورڻ لاءِ جيئن دروازي کان ٻاهر نڪتو ته سامهون هميشه وانگر مهوش بيٺي هئي پر هن ڀيري هن جي هٿ ۾ گل نه هيو، رابيل ٿورو اڳتي وڌيو ته مهوش اڳيان اچي ٻانهون ٻڌندي چوڻ لڳس:
“رابيل مونکي معاف ڪجو، اهيا مونکي خبر نه هئي ته زندگي توهان کي ايڏا ڏک ڏنا آهن ۽ هُن توهان جي زندگي برباد ڪري ڇڏي آهي مان اهيو نه ٿي چاهيان ته منهنجي ڪري توهان کي ڪا تڪليف پهچي، هاڻي ڪڏهن به توهان کي تنگ نه ڪندس، پر ايترو ضرور به سوچجو ته هر ڇوڪري زندگي ناهي هوندي ۽ نه ئي هر ڇوڪري جا والدين اهڙا هوندا آهن“
“اهيا به توکي خبر پئجي وئي!، تون ڇو ٿي ايڏي منهنجي باري ۾ با خبر رهين“ رابيل ڪاوڙ مان چيو:
“رابيل مان توهان جا ڏک ونڊڻ ٿي چاهيان“ مهوش پيار مان چيو:
“ڇو تون منهنجو ٺيڪو کنيو آ، ٻيو ته مهوش پيار هڪ طرفو ناهي ٿيندو، انهيءَ ڪري منهنجو خيال دل مان ڪڍي ڇڏ“ رابيل صاف انڪار ڪندي چيو:
“رابيل هڪ ڳالهه ذهن ۾ رکجو ۽ ڏسجو ته هڪ ڏينهن اهو به ايندو جڏهن توهان منهنجي ڪري هڪ ٻن ڏينهن لاءِ نه پر هميشه لاءِ هتي بدلي ڪرائي ايندا“
“مهانڊو به اٿئي ڀلو جو تنهنجي ڪري بدلي ڪرائي ايندس“ ائين چئي رابيل هليو ويو، مهوش جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا ۽ آلين اکين سان گهرهلي وئي. رابيل جي اهڙي جواب کانپوءِ به مهوش همٿ نه هاري ۽ رابيل جي موبائل تي روزانو صرف هڪ ميسيج ۾ هڪ ئي جملو لکي موڪليندي هئي ته “رابيل توهان صرف منهنجا آهيو“ ۽ رابيل هن جو اهڙو جملو پڙهي چوندو هو “چري ڇوڪري“.
رابيل جي پيءُ کي جڏهن انهيءَ ڳالھ جي خبر پئي ته ڏاڍو خوش ٿيو ۽ دل ۾ اهيو ارادو ڪيائين ته مهوش کي پنهنجي ننهن ڪري ضرور گهرآڻيندو.
هن کي پوري پڪ هئي ته رابيل کي هاڻي سٺي نوڪري آهي اُن ڪري هن کي مهوش ضرور به ملندي، گهر واريءَ کي ساڻ ڪري مهوش جي گهر ويا ۽ خوشبريءَ سان گڏ موٽي آيا. رابيل جي والدين کي اهيا به پوري پڪ هئي ته اسان جو پٽ والدين سان انڪار نه ڪندو. انڪري پٽ کي فون ڪري رشتي جي ڳالھ ڪئي ته رابيل تپي باھ ٿي ويو، پر پيءُ ماءُ جي اڳيان گهڻي ڪاوڙ نه ڪڍي سگهيو بس ايترو چيائين:
“بابا اهيو رشتو ڪرڻ کان پهريان مونکان پڇو ته هان“
“پٽ تون آخر ڪيسيتائين ائين ويٺو هوندين، اسان زندگيءَ جي آخري ڏاڪي تي بيٺا آهيون، تون اسان کي خوشي ڏسڻ نه ڏيندين“ رابيل جي پيءُ مايوسيءَ مان چيو:
“بابا ائين نه چيو منهنجو مطلب هيو رشتو منهنجي مرضي وارو وٺو هان“ رابيل ڳالھ تبديل ڪندي چيو:
“پٽ رابيل اسان کي پوري ڳوٺ ۾ مهوش کان وڌيڪ ڪا ٻي ڇوڪري سٺي نه لڳي ۽ تو کي شادي انهيءَ سان ڪرڻي پوندي“ رابيل جي پيءُ فيصلو ٻڌائيندي چيو:
“ها پٽ تنهنجو پيءُ بلڪل ٺيڪ پيو چوي مونکي به مهوش کان وڌيڪ سٺي ڇوڪري نه ملي“ رابيل جي ماءُ پهريون ڀيرو مڙس کان فون وٺي ڳالهايو:
هاڻي والدين جي خوشيءَ اڳيان رابيل مجبور ٿي پيو ۽ مهوش خوشيءَ ۾ ماپي نه پئي سگهي هن جي سالن جي حسرت پوري ٿي رهي هئي ۽ هن جي گلاب جي گلن جي خوشبو سڄي ڳوٺ ۾ محسوس ٿيڻ لڳي، انهيءَ خوشبوءَ ۾ رابيل جي شاديءَ جون تيارون شروع ٿي ويون هيون.
اڄ پورو ڳوٺ جهمريون پائي رهيو هو ڇوته رابيل اسلام آباد کان ڳوٺ اچي رهيو هو، هميشه وانگر هن بس جو سفر ڪيو ۽ الائي ڇو هاڻي رابيل جي دل ۾ مهوش لاءِ پيار جنم وٺڻ لڳو ۽ مهوش جا اهي لفظ باربار هن جي دماغ ۾ گردش ڪرڻ لڳا ته “هڪ ڏينهن تون هميشه لاءِ هتي بدلي ڪرائي ايندين ۽ توکي منهنجا گل قبول ڪرڻا پوندا“ اکيون بند ڪري انهن سوچن ۾ هيو ته ڪنهن جا مظبوط هٿ هن جي قميص جي ڪالرن ۾ پيا.
“اڙي هيٺ لهه“ زوردار آواز هن جي ڪنن ۾ پيو، رابيل حيران ٿي ويو ته هي ڇا ٿي رهيو آهي، مسافرن کي ڏٺائين پر ڪير نظر نه آيس سڄي بس خالي هئي. نقاب پوش هن کي بندوق جي زور تي هيٺ لاٿو ۽ هن کي سڀني سان گڏ لائين ۾ بيهاريائين. چار نقاب پوش سڀني کان تلاشي وٺي رهيا هئا.
“جيڪو به اٿئي ڪڍي ڏي“ انهيءَ ساڳي همراھ چيو:
“اڙي ٻڌين ڪو نه ٿو چيم نه ته جيڪو اٿئي ڪڍي ڏي“ وڌيڪ ڪاوڙ ۾ چيائين:
رابيل سوچ ۾ پئجي ويو ته اگر هي سڀ پئسا هنن کي ڏنم ته منهنجو ڇا ٿيندو، منهنجي بابا ۽ امڙ جيڪي منهنجي شادي جا خواب ڏسي رهيا آهن انهن جو ڇا ٿيندو.
“گار ڏيندي........اڙي ٻڌين ڪونه ٿو“ ٻي همراھ چيو.
رابيل پڪو ارادو ڪيو ته ڪجهه به ٿي پوي پر هنن کي هڪ رپيو به نه ڏيندو، هن چالاڪيءَ سان ڀر واري نقاب پوش کان پسٽل کسي انهيءَ کي منڍيءَ مان پڪڙي اُن جي مٿي تي پسٽل جو نشانو ڪندي چوڻ لڳو:
“خبرادر جو ڪنهن چالاڪي ڏيکاري آهي ته پوءَ گولي هن جي پارهوندي.
هنن جي سربراھ پنهنجي ساٿي جي پرواھ نه ڪندي ڪلاشن جو منهن رابيل جي طرف ڪيو ۽ مسافرن جي رڙين سان گڏ زمين ڳاڙهي ٿي وئي.
رابيل جي بابي ۽ امڙ سان گڏ اڄ پورو ڳوٺ هن جي واٽ تڪي رهيا ته ڪيڏي مهل ٿو هنن جو شهزادو اچي، هرڪو پنهنجي طرفان خوشي جا منصوبا ٺاهي رهيو ته هنن جي ڪنن تي ايمبولنس جو آواز پيو ته سڀني جي مُرڪ حيرت ۾ تبديل ٿي وئي. سڀئي رب پاڪ کي ٻاڏائڻ لڳا ته يا رب العالمين تون خير ڪجان، هرڪو ايمولنس جي طرف ڍڪڻ لڳو ته ايمولنس وڃي رابيل جي در تي بيٺي، ڳوٺ وارن جي رڙين سان گڏ رابيل جا پيءُ ماءُ ۽ مهوش زندھ لاش ٿي ويا. ڳوٺ ڀرسان ئي رابيل کي دفنايو ويو، هن جي مٿان گلاب جي گلن جي چادر چاڙهي وئي ۽ اڄ رابيل نه چاهيندي به مهوش جا گل قبول ڪيا هئا.

پيرو ماڇي

“پٽيل ڪو بلائو، ڀتا لايا هون“ ريڙهي تي ڀتو (جيل جي اندر ماني کي ڀتو چئبو آ) کڻي بيرڪ جي دروازي تي پهچي سپاهي کي چيو:
پيرو ۽ مينڊڪ (نديم) پٽيل جو انتظار ڪندا رهيا، هڪ بيرڪ جو پٽيل ڀتو کڻي ويو پر ٻي بيرڪ جو پٽيل نه آيو ته پيرو کي ڪاوڙ آئي:
“اِن ڪا پيٽ ڀر گيا هي دو جوتي لڳين ته خبر پوندن“ سپاهيءَ کي سنڌي ۽ اردو ۾ چيائين:
سپاهيءَ به گرم ٿي ويو ۽ ڪاوڙ ۾ پٽيل کي سڏ ڪيائين ته پوءِ پٽيل ڍڪندو آيو،
“مين تمهاري باپ ڪا نوڪر نهين هون جو انتظار ڪرون يه ڀتا لو اور پيٽ ڀرو همين ٻيا ڀي ڪم هين“
ٻئي ڄڻا اتان فارغ ٿي ريڙهو ڪاهي واپس ننگرخاني (ڪچن) ۾ آيا. پيرو جيل جي اندر تندور جو بهترين ڪاريگر آهي، جڏهن ننگرخاني ۾ ڪو ماڻهو فارغ نه هوندو آهي ته منشي پيروءَ کي ئي موڪليندو آهي، پيرو ڍول (ڀاڄي) ۽ ڀتو (ماني) کڻي ويندو آهي اڪثر ڪري پيرو مينڊڪ کي وٺي ويندو آهي ڇو ته هنن ٻنهين جي پاڻ ۾ دوستي آهي.
پيرو ماڇي جو اصل تعلق سنڌ جي مشهور ماڳ ڀنڀور ڀرسان آهي، هن جو اباڻڪو ڪم مڇي مارڻ آهي، پيرو جڏهن ڏهن سالن جو هيو ته پنهنجي پيءُ ابو ماڇي ۽ چاچي سان گڏجي ٻيڙي تي هليو ويندو هيو، جيڪڏهن هن کي مڇي مارڻ لاءِ نه وٺي ويندا هيا ته هي لڪي لڪي وڃين ٻيڙي ۾ ويهندو هيو. هڪ ڏينهن سمنڊ ۾ شڪار ڪندي ڪندي ڀارت جي سرحد ۾ پهچي ويا ۽ ڀارتي ظالمن وڏن سان گڏ هن معصوم تي به ڏاڍو ظلم ڪيو، پيرو ننڍي لاڪون اهڙن حالتن مان گذريو جو هن جي دل ڏاڍي مظبوط پٿر ٿي وئي هئي، جيترو به عرصو مان هن سان گڏ رهيم ڪڏهن به هن جي اکين ۾ ڳوڙها نه ڏٺم، هي سڀني کي پيو نصيحتون ڪندو هيو، پيرو سال کن ڀارت ۾ رهڻ کانپوءِ جڏهن واپس پاڪستان آيو ته ٻيهر ساڳي ڪرت ۾ لڳي ويو. سمنڊ مان مڇي ماري پنهنجو گذر سفر ڪرڻ لڳو ۽ ائين هن جي زندگيءَ جا ٽيھ سال گذري ويا.
پيرو کي هن جو پيءُ ابو ماڇي سدائين پيو منٿون ڪندو هيو ته پٽ شادي ڪر ۽ هي به هميشه انڪار ڪندو هيو. پيءُ ماءُ جي گهڻي اسرار تي آخر شاديءَ لاءِ راضي ٿيو پر هن کي اهيا خبر نه هئي ته اهيا شادي مونکي نقصان ڏيندي.
سونو جي پيدا ٿيڻ تي پيرو سان گڏ هن جو ڏاڏو ابو ماڇي ڏاڍو خوش هيو هنن جا پراڻا سڀئي ڏک سونوءَ جي پيدا ٿيڻ تي ختم تي ويا گهر ۾ هر وقت خوشين جا پيا گيت ڳائيندا هيا. پر قدرت ۾ جيڪو لکيل هوندو آهي اهو ڪير به ڊاهي نه ٿو سگهي، انسان جڏهن ته پيدا ٿيندو آهي انهيءَ وقت ئي هن جي زندگيءَ جي باري ۾ لکجي ويندو آهي ۽ پيرو جي زندگيءَ ۾ به هن جي شادي ٿيڻ کانپوءِ اهيو لکيو ويو ته تنهنجي زندگيءَ ۾ خوشيون صرف سونوءَ جي ڄمڻ تائين آهن، سونوءَ جي پيدا ٿيڻ جي مهيني کانپوءِ هنن جي پراڻي دشمني اچانڪ ٻيهر ڪر کنيو ۽ انهيءَ دشمنيءَ پيرو جي هٿان قتل ڪرائي ڇڏيو ۽ هن جو وڏو ڀاءُ به هميشه لاءِ معزور ٿي ويو، پيرو کي گرفتار ڪري حيدرآباد جيل موڪليو ويو پيروءَ جو ڪيس ايترو مظبوظ هيو جو جلد ئي هن کي عمر قيد (25 سالن) جي سزا لڳي وئي. پيرو حيدرآباد جيل ۾ زندگيءَ جا ڏھ سال گذاريا، اتي هن جو معذور ڀاءُ ملاقات لاءِ ايندو رهيو پر ڪڏهن به هن جو پٽ سونو نه آيو هي چاهي پيو ته هڪ ڀيرو به پنهنجي پٽ سونو کي ڏسي پر هن جو ڀاءُ چوندو هيس ته ننڍڙو آهي ذهن تي اثر ٿي پوندس. ائين پيرو جا حيدرآباد جيل ۾ ڏھ سال گذري ويا، حيدرآباد جيل ۾ جڏهن حالتون خراب ٿيون ته انهن حالتن جو شڪار پيرو به ٿيو ۽ هن کي اتان ڪڍي ڪراچي سينٽرل جيل موڪليو ويو. پيرو ڪراچي جيل ۾ اچڻ کانپوءِ به پنهنجي ڪرتِ ساڳي رکي ۽ محنت مزدوري ڪري زندگي گذارڻ لڳو، هي تندور جو بهترين ڪاريگر سان گڏ سنڌي ٽوپيون ٺاهي کپائيندو هيو، پنهنجي پٽ سونوءَ لاءِ شاديءَ جا موڙ ۽ پنهنجي گهرواريءَ لاءِ هن سڳيون ۽ چوڙيون به ٺاهي رکيون هي چوندو هو ته جڏهن به آزاد ٿيندس پنهنجن هٿن سان هنن کي پارائيندس. پيرو کي ڪراچي جيل ۾ ڇهه سال ٿي ويا آهن، اڌ اڇو مٿو ٿي ويو اٿس ۽ نظر به ڪافي گهٽ ٿي اٿس پر ڳالهائڻ جو انداز ساڳيو ئي، هر ڪنهن سان سنڌيءِ ۾ ڳالهائڻ ۽ ان سان گڏ گار به ضرور ڏيندو هيو، نماز لاءِ جڏهن هن کي چوندو هيم ته جواب ڏيندو هيو “ڪهڙيون جيل ۾ نمازون پڙهون، جڏهن ٻاهر نڪرندس ته سڀئي نمازون گڏ پڙهندس“
پيروءَ اڄ ڪم تان موڪل ڪئي انهيءَ ڪري دير تائين سمهي پيو هيو، مينڊڪ هن جي اٿڻ جو گھڻو انتظار ڪيو پر پيرو نه اٿيو آخرڪار مينڊڪ هن کي اٿاريندي چيو:
“پيرو ڀائي اٺو ناشتا ڪرو“ پيرو اٿي هر روز وانگر هٿ منهن ڌوئڻ کان بغير ئي ناشتو ڪرڻ شروع ڪيو،
“پيرو اپنا مون تو ڌوڪر آئو“ مينڊڪ ڪاوڙ مان چيس.
“شينهن به ڪڏهن منهن ڌوئندا آهن ڇا....!“
“هان پيرو يه حقيقت هي جانور ڪو ڪيا پتا مون ڪيسي ڌوتي هين“
“هاڻي مٿو نه کاءُ ناشتو ڪر“ پيروءَ مينڊڪ کي چيو.
هي ٻئي ناشتو ڪري رهيا هئا ته منشي اچي ٻنهين کي چيو:
“تم دونون جائو اور ڍول (ڀاڄي) ديڪر آئو“
“پڻهين جي بادشاهي آ، جو مان وڃان اڄ منهنجي موڪل آهي مان نه ويندس“ پيرو منشي کي جواب ڏيندي چيو.
“پيرو ڀائي چلتي هين منشي ناراض هو جائي گا اور باهر چڪر ڀي لگائين گي“ مينڊڪ منشي کان ڍڄندي چيو.
“اگر تم ڪو جانا هي تو جائو مان نه ويندس“ پيرو چيو.
“مين ڀي تمهاري بغير نهين جائون گا“ مينڊڪ به پيرو جو ساٿ ڏيندو چيو ۽ منشي نا اميد ٿي هليو ويو،
“هن جي پيءٌ جا نوڪر ناهيون جو موڪل واري ڏينهن به ڪم ڪيون، هڪ ته موڪل مشڪل سان ڏين ٻيو وري ڪم ٿا ٻڌائن“
“پيرو پتا نهين تم سنڌي ۾ ڪيا بولتي هو، ڪڀي اردو ۾ ڀي بولا ڪرو“
“پڻهين جو نوڪر آهيان جو اردو ۾ ڳالهايان مان سنڌي آهيان سنڌيءَ ۾ ئي ڳالهائيندس، سمجھ ۾ اچي يا نه اها تنهنجي مرضي آ“
“ڪيا بولا“ مينڊڪ کي ڪجھ سمجھ ۾ نه آيو،
“ڪها اڳتي سنڌي ۾ نهين پر اردو ۾ بولون گا“ پيرو ڳالھ بدلائيندي چيو.
هي ٻئي ناشتو ڪري رهيا هئي ته ماڙي (جيل جي آفيس) مان منشي آيو ۽ اچڻ شرط پيرو کي چيائين:
“پيرو ولد ابو ماڇي تم ڪو ماڙي ۾ بلايا هي“
“منشي صاحب خير تو هي“ مينڊڪ منشيءَ کي چيو:
“مجھي پتا بس پيرو تم جلدي چلو“
پيرو ناشتي کي اڌ ۾ ڇڏي جلدي جلدي منهن ڌوئي قميص پائي منشيءَ سان گڏجي هليو ويو.
ماڙي وارا پڪي قيدي يعني سزا آيل قيدي کي گهڻي قدر انهيءَ ڪري گهرائيندا آهن جو يا ته انهن جي ڪا معافي لڳندي آ، يا وري ڪورٽ وارا گهرائيندا آهن، پيرو به انهيءَ اميد سان خوشي خوشي ويو ته اڄ ڪا نه ڪا خوشخبري ملندي.
ميندڪ سان گڏ پوري بيرڪ وارا پيرو جي اچڻ جو انتظار ڪري رهيا هئا، پيرو کي جيل ۾ سورنهن سال ٿي ويا هيا، ٿوري دير کانپوءِ پيرو واپس آيو ۽ چيائين سڀاڻي مونکي هاءِ ڪورٽ گهرايو آهي، سڀني بيرڪ وارن مبارڪ ڏنس ۽ چوڻ لڳس ته تون ڪجھ ڏينهن جو مهمان آهين. پيرو پاڻ به ڏاڍو خوش هيو سورنهن سالن کان انهيءَ ڏينهن جو پيو انتظار ڪري ته اهو ڏينهن ڪڏهن ايندو. پيرو اڄ رات جلدي سمهي پيو جڏهن جلدي سمهڻ جي وجهه پڇي مانس ته چوڻ لڳو:
“يار جلدي سمهندس ته رات به جلدي گذرندي“
“پيرو ڏسئون ٿا ڪينئن ٿي توکي ننڊ اچي“ مان چيو مانس.
پيرو رات جو هر هر جاڳي گهڙيال ۾ ٽائيم ڏسڻ ۽ سگريٽ ڇڪڻ ۾ لڳي وڃين، رات واري مقدم جي جيئن پيرو تي نظر پئي ته هن کي چوڻ لڳو:
“پيرو انڪل مجھي پتا هي تم ڪو آج نيند نهين آئيگي، ڦر ڀي بيٺو نهين بستر پر ليٽ جائو يي ڊسيپلين ڪي خلاف هي“
“ڀاڙ ۾ وڃين تيرا ڊسيپلين، آج ميري مرضي هلندي“ مقدم به سمجھي ويو ته هن سان بحث ڪرڻ فضول آهي. پيرو جي رات مشڪل سان گذري، آخر نئون صبح ٿيو ۽ پيرو تيار ٿيڻ لاءِ ڪپڙا ڪڍڻ لڳو.
“پيرو هي ڇا پيو ڪرين، استري ٿيل وڳي پائڻ بدران هي پراڻون وڳو پائين ٿو تنهنجو دماغ ته ٺيڪ آهي“ مان چيو مانس
“ابا تون نئون قيدي آهين مونکي توکان وڌيڪ عقل آهي ته ڪهڙا ڪپڙا پائڻ گهرجن، بس تنهنجو ڪم لکڻ آهي اهو ڪر“ هن مونکي اهڙو جواب ڏنو جو وري ٻيهر هن سان ڳالهائڻ جي همٿ نه ٿي.
“ڀائي يه اس ليئي پراني ڪپڙي پهن ڪي جا رها هي تا ڪي جج ڪو ترس آئي“ مينڊڪ مونکي چيو:
“مليئي جواب“ مٿان وري پيروءَ مونکي چيو.
پيرو جلدي جلدي تيار ٿي ڪورٽ وڃڻ لاءِ روانو ٿي ويو، پيرو جي ڪورٽ وڃڻ کانپوءِ سڀني کي اهيا اميد هئي ته اڄ پيرو هليو ويندو، مان به شوٽر (جيڪو بيرڪ ۾ حجم آهي) کي چيم ته جيئن پيرو جو ڪم ٿئي ته دوڪان تان گل وٺي اچجانءِ جيئن هن کي سٺي طريقي سان موڪلايون. سڀئي بيچينيءَ سان پيرو جي اچڻ جو انتظار ڪري رهيا هئا.
“ادا پيرو ويو“ شوٽر ڀڄندو بيرڪ ۾ آيو ۽ اچڻ شرط چيائين:
“ڪاڏي ويو“ مان چيو مانس:
“منهنجو مطلب آهي، هن جو ڪم ٿي ويو هاءِ ڪورٽ آزاد ڪري ڇڏيس“
“سڀني کي مبارڪ هجي“ مان بيرڪ ۾ سڀني کي مبارڪ ڏني، ايتري ۾ پيرو بيرڪ ۾ آيو تمام گهڻو خوش هيو، سڀني هن کي مبارڪ ڏني. هن جي ننڍڙي دوڪان ۾ جيڪي به کائڻ جون شيون هيون سڄي بيرڪ ۾ ورهائڻ لڳو. سڀني جو منهن مٺو ڪرڻ کانپوءِ شوٽر کي چوڻ لڳو:
“شوٽر سامان ڪڍ ۽ منهنجا وار ٺاھ“
“ها حڪم اڄ ته ڪو به بهانو نه ٿو ڪري سگھان“ شوٽر چيو
پيرو وار ٺهرائڻ سان گڏ پهريون ڀيرو وارن کي رنگ ڪرايو هيو ۽ پنهنجي عمر کان تمام گهڻو ننڍو لڳڻ لڳو.
“پيرو ڀائي يه بتائو گهر ڪيسي جائو گي“ مينڊڪ جيڪو ڪافي دير کان خاموش هيو ان شرارت مان پيرو کي چيو.
“مان تنهنجي گهر ٿورئي ويندس جو ڏکيائي ٿيندي“ اسان کي کل اچي وئي
“ڪيا بول رهي هو“ مينڊڪ چيو
“بولا مجھي اپني گهر ڪا پتا هي“ پيرو ته ائين چئي ويو، پر واقعي هن کي پنهنجي ڳوٺ جي خبر ناهي، مان پاڻ سوچي رهيو هيم ته ڪيئن ڳوٺ پهچندو، خير ڏکيائي ضرور به ٿيندس.
شام ٿي آخر پيرو جو نالو رليز لسٽ ۾ اچي ويو ۽ سڀني گلن سان هن کان موڪلايو ۽ پيرو سورنهن سالن کان پوءِ جيل مان آزاد ٿي ٻاهر نڪتو.
پيرو جڏهن جيل مان ٻاهر نڪتو ته هن کي سڀ ڪجهه عجيب لڳي رهيو هو هنن کي ايتري خوشي ٿي رهي هئي جو سمجهه ۾ نه پيو اچيس ته اظهار ڪيئن ڪري، سينٽرل جيل جي آخري گيٽ کان جڏهن ٻاهر نڪتو ته گاڏين جي آواز ۽ دونهين سان هن جو مٿو چڪرائڻ لڳو، هي چاهي پيو ته هن ٻوسٽ مان جلدي ٻاهر نڪران. هن کي اهيا به خبر نه هئي ته منهنجي ڳوٺ ڪهڙي گاڏي ويندي انڪري هن بهتر سمجھيو ته ٽيڪسي ڪرائجي، ٽيڪسي وارو به هن کي ڏسي ورتو ۽ سمجھي ويو:
“انڪل ڪهان جانان هي“ ٽيڪسي واري چيس
“پنهنجي گهر ويندس ٻيو ڪيڏانهن ويندس“ پيرو چيس
“ڪس ڪي گهر“ ٽيڪسي واري کي صرف گهر جو لفظ سمجهه ۾ آيو
“چيم نه ته پنهنجي گهر“ پيرو وري ٻيهر چيس
“ٺيڪ هي يه بتائين آپ ڪا گهر ڪهان هي“
“ڀنڀور ۾“
“يه ڀنڀور ڪهان هي پهلي مرتبا سن رها هون“ گهڻي بحث کانپوءِ ٽيڪسي وارو راضي ٿي ويو ۽ پيرو پنهنجي گهر لاءِ روانو ٿيو. پيرو کي رستي ۾ صرف اهيا سوچ هئي ته گهر وارا ڪيئن هوندا، سونو منهنجو پٽ ڪيترو ٿيو هوندو، مونکي سڃاڻيندو الائي نه، سوني جي ماءُ ڪيئن هوندي، وري ٻاهر نظر پيس ته هر هڪ بدليل پئي لڳيس، هي وڏا وڏا اسمان کي ڇهندڙ گهر، روڊ تي رڳو پليون پهريان ته ائين نه هيو، هن کي خبر ئي نه پئي جو ٽيڪسي واري ڪراچي کان ٻاهر نڪرندي پڇڻ لڳو:
“اور ڪتنا آگي هي“
“سڀ ڪجهه بدلجي ويو آ ڌوڙ مونکي خبر پوندي“
“ڪيا بولا“
“چيم اور آگي چلو“
سج لهڻ وارو هيو ته پيرو جو نيٺ اسٽاپ به اچي ويو ۽ هيڏانهن هوڏانهن واجھائڻ لڳو پر هن کي ڪوبه اهڙو ماڻهو نظر نه آيو جيڪو هن کي سڃاڻي، هاڻي سوچي رهيو هو ته ڪنهن سان ڳوٺ وڃان اوندھ اچي ٿي آ. پان جي ڪيبن واري ڏي ويو ۽ چوڻ لڳو:
“ڀائو ڀنڀور وڃڻو آهي ڪا گاڏي ويندي“
“نه ادا رات ٿي وئي آ ڪير به نه ويندو باقي سامهون جيڪو گڏھ گاڏي وارو ڇوڪرو بيٺو آ، اهو ڀنڀور ويندو“
“مهرباني توهان جي“ ائين چئي پيرو گڏھ گاڏي واري ڏي وڃين ٿو ۽ ڀرسان وڃين چوڻ لڳيس ٿو:
“پٽ تون ڀنڀور ويندي ته مونکي پنهنجي گاڏي تي کڻي هلندي“
“ها ڪاڪا ڀلي هلو پر ڪاڪا ٿوري دير بيهجو مان گهر جو سيڌو وٺان ته پوءِ هلئون ٿا“ ڇوڪري چيس
“ٺيڪ آهي پٽ“
ڇوڪري گهر جو سامان وٺي پيرو کي پنهنجي گڏھ گاڏي تي ويهاري ڳوٺ لاءِ روانو ٿيو.
“پٽ ڇانالو اٿئي“
“منهنجو نالو سونو آهي“ پيرو سونو جو نالو ٻڌي حيرت ۾ پئجي ويو، ڪٿي منهنجو سونو ته ناهي...؟
“ڪنهن جو پٽ آهين“
“ڪاڪا منهنجو ابو گذاري ويو آ“ هن جي سوچ ختم ٿي ۽ دل ۾ چوڻ لڳو مان ته زندھ آهيان هي منهنجو سونو ناهي.
“پٽ گهر ۾ ٻيو ڪير اٿئي ڪمائڻ وارو“
“ڪاڪا گهر ۾ منهنجي امان کان سواءِ ٻيو ڪير به ناهي، ڪاڪا مان ڪڏهن به توهان کي ناهي ڏٺو، هتي ڪنهن جا مهمان آهيو ڇا....!؟“
“پٽ مان هتي مهمان نه پر ڪنهن جي مهماني کائي واپس آيو آهيان“ ڇوڪري ڳالهه نه سمجھي ۽ ائين اوندھ ٿيڻ سان گڏ ٻئي پنهنجي ڳوٺ پهچي ويا ته ڇوڪري چيس:
“ڪاڪا اڳيان ئي منهنجو گهر آهي توهان ڀلي لهو“
“ٺيڪ آ، مونکي لاھ منهنجو گهر به هتي ئي آهي“ پيرو گاڏي مان لهي هيڏانهن هوڏانهن واجھائڻ لڳو پر اوندھ هجڻ ڪري ڪا شيءِ چٽي نظر نه پئي اچيس باقي پنهنجو گهر هن کي چٽو ياد هيو، گاڏي وارو ڇوڪرو به هليو ويو پر هن کي اهيا خبر نه پئجي سگهي ته ڇوڪرو ڪهڙي گهر هليو ويو، پر هن جو ان سان ڇا پنهنجي گهر طرف رخ ڪيائين ۽ دروازي کي بند ڏسي کڙڪائڻ سان گڏ اهيو سوچي رهيو هو ته خبر ناهي گهر ۾ ڪير ڪير هوندو ۽ زندگي ڪيئن گذاريندا هوندا، هي سوچي ئي پيو ته ساڳي ڇوڪري سونو دروازو کوليو:
“ڪاڪا منهنجي گاڏي ۾ ته توهان جو ڪوبه سامان نه رهيو آ“
“هن گهر ۾ ڪير رهندو آ“ پيرو چيس
“ڪاڪا مان ۽ منهنجي امان“
“سونو در تي ڪير آ“ سونو جي ماءُ چيو ءُ ائين اها در تي نڪري آئي:
“سوني جا پيءُ تون........!“ سوني جي ماءُ حيران ٿي وئي ۽ مڙس سوني سان ڀاڪر ۾ چمبڙي وئي.
“ها سوني جي ماءُ مونکي عدالت ڇڏي ڏنو ۽ هميشه لاءِ اچي ويو آهيان“
“هي تنهنجو پٽ سونو آهي“
پيرو پنهنجي پٽ سونو سان ڀاڪر پائي صدين جي سڪ لاهڻ لڳو ۽ سوني جي ماءُ به ٻنهين سان گڏ ڀاڪر پائڻ لڳي،
“بابا هاڻي ڪڏهن به ڇڏي نه وڃجانءِ“
“نه منهنجا پٽ هاڻي ڪاڏي به نه ويندس ۽ هميشه هتي ئي رهندس“
سوني جي ماءُ جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا اهي ڳوڙها خوشي جا هيا.

مجيب اوٺو

---

اداس ڪردارن جو ليکڪ مجيب اوٺو

هن ڇوڪري جو ننڍپڻ منهنجي اڳيان گذريو آهي ۽ هاڻ سندس جواني به منهنجي سامهون گذري رهي آهي. ننڍي هوندي کيس پُر اسرار ڳالهيون ٻڌڻ جو گهڻو شوق هوندو هو. پر، مون کي ذري جو به گمان نه هو ته ڪو هي مجيب ايندڙ وقت ۾ اهڙيون پراسرار ۽ حيران ڪندڙ ڪهاڻيون تخليق ڪندو.
سندس ڪهاڻين جا ڪردار ايئن آهن جيئن؛ ننڊ ۾ هلندڙ ڪو ماڻهو، جيئن وڏي واڪي چيل ڳالهه به نه ٻڌندڙ ماڻهو، جيئن ڊگهي شاهراهه تي بي وجه هلندڙ ماڻهو. . يعني پنهنجو پاڻ کان به وڃايل ۽ وسري ويل ماڻهو. هن جا بي چين ڪردار پنهنجي ويران ۽ سنسان اندر ۾ ڀٽڪندا رهن ٿا.
معصوم ۽ مظلوم ڪردارن جو هي ليکڪ پاڻ به هڪ اداس ڪردار آهي. هي ڪڏهن ته اکين ۾ پليل خواب ڏسي ڪهاڻي لکي وٺندو آهي ۽ ڪڏهن ته لهجن ۽ روين جي تيرن سان زخمي ٿي ڪهاڻي لکندو آهي. هن جي ڪهاڻي پڙهي ايئن لڳندو آهي جيئن هڪ اداس ريلوي اسٽيشن تان پنهنجي پيار ڪندڙ جي ريل کي ڏور ويندي ڏسجي ۽ پوءِ ڀنل اکين سان درد جو منظر ڌنڌلائجي وڃي.
هن جي ڪهاڻين ۾ بي واهه عورت جي زندگيءَ جو درد آهي. مون اڪثر کيس ڪهاڻي جي پڃري ۾ قيد ڪاٽيندي ڏٺو آهي. سندس ڪهاڻين جي اڻت / معيار کي ڪهاڻين سان پيار ڪندڙ ئي جج ڪرڻ جو حق رکن ٿا.

پروفيسر اروشي

ماڻهپي جو موت

هُن جي عمر چاليهن سالن کان گذري چڪي هئي. زندگيءَ جي تمام موسمن ۾ هن جي ڪنن ڪيترين مشينن جي شور جا آواز، ڪيترن ئي ماڻهن جي ڀونڪڻ جي آوازن سان ماڻهن جي نڙيءَ مان نڪرندر پيار جا ٻول به ٻڌا هئا ته عصر ويل ڪوئل جا گيت به ٻڌا هئا، ڪيترن ئي جانورن جي خوفناڪ رڙين جا آواز ٻڌا هئا بلڪه هو چوندو هئو ته هن دلين جي ٽٽي پوڻ جا آواز به ٻڌا هئا. جسمن جي پڃري ۾ واڙيل آتمائن جي رڙين جا آواز اڪثر سندس ڪنن ۾ گونجندا هئا.
هو هڪ وڏي قبرستان جي ڀرسان پراڻي ڳوٺ جي ڪچي گهر ۾ رهندو هو. ڪالهه رات جي ابتدائي پهر ۾ هو پنهنجي گهر ۾ صبح جو مري ويل هڪ خوبصورت ڪنواري ڇوڪريءَ جي موت تي سوچي رهيو هئو. کيس ان ڇوڪريءَ جي مري وڃڻ جو ايترو ڏک ٿيو هئو ڄڻ اها ڳوٺ جي ڪنهن هاريءَ جي ڌيءُ نه پر سندس ڌيءَ هجي!
ان ڇوڪري جو ٻالڪپڻ به سندس اڳيان گذريو هئو کيس سندس ٻالڪپڻ جون ڪيئي ڳالهايون ياد اچڻ لڳيون هيون. کيس ياد هئو سترهن سال اڳ ئي سياري جي هڪ رات ۾ سندس جنم ٿيو هئو. هو گهر ۾ کٽ تي خاموشيءَ سان ليٽيو پيو هئو ۽ سندس اکين ۾ لڙڪ وهي رهيا هئا.
ڳوٺ جي سانت ماحول ۾ اچانڪ گدڙن جون اوناڙيون ڦهلجي ويون هيون ۽ پرڀرو ڪٿان ڪنهن ڪتي جي ڀونڪي پوڻ سان ڪائنات ڀونڪ جي پڙاڏي ۾ گونججي پئي وئي.
هُو اڪثر چوندو هو ته؛ ‘‘ڪنهن جاءِ تي ڪتي جو ڀونڪڻ گناهه ڏانهن اشارو هوندو آهي!’’
سندس اهڙي راءِ تي مان چوندو هئس ته ‘‘ڪتو مون کي پسند نه آهي. مان ڪتن کان ڊجندو آهيان مون کي ڪتي جي وات ۾ موت جو ذائقو رهندي نظر ايندو آهي.’’
هو چوندو هئو ته؛
‘‘ڪتو پالتو جانور آهي تنهن ڪري سندس هڪ اک ۾ انسانيت آهي ۽ ٻئي اک ۾ حيوانيت هوندي آهي. اگر هو حيوانيت جي اک سان ڏسي ته خونخواريت جي انتها تي پهچي اگر انسانيت جي اک سان ڏسي ته انسانيت جي انتها تي پهچي.’’
گدڙن جون اوناڙيون خوف جي علامت آهن. ۽ قبرستان سراپا خوف جي هڪ علامت آهي، هن کي خاطري ٿي وئي هئي ته اهي آواز قبرستان کان اچي رهيا آهن.
هو ڇوڪريءَ جي سوچن جي سرحد مان نڪري سوچن جي هڪ ٻئي سرحد ۾ داخل ٿي رهيو هئو، هُو سوچي رهيو هئو ته قبرستان ۾ ڳوٺ جو ڪو بزرگ، ڪا پرهيزگار عورت دفن ٿئي ته برسات وسندي آهي ۽ اگر ڪو چور، ڌاڙيل يا پاپي قبرستان ۾ دفن ٿئي ته ڳوٺ ۾ حيراث ڦهلجي ويندو آهي.
اڄ جي هڪ ڪنواري ڇوڪريءَ جي قبرستان ۾ دفن ٿيڻ سان گدڙن جي اوناڙين ۽ ڪتن جي باهوڙ ٿي رهي آهي. يعني بيحد خوفائتي ماحول ۾ هڪ گناهه ٿي رهيو آهي سندس شڪ يقين ۾ بدلجي ويو هئو. . .
ڪجهه ساعتون اڳ ڇوڪريءَ جي موت تي ڦهليل اداسيءَ کان پوءِ خاموشيءَ جي چادر ۾ پناهه وٺندڙ شخص اندر موت ۽ قبرستان مان ايندڙ اهڙن آوازن اڻ تڻ پيدا ڪري ڇڏي هئي هُو پنهنجي گهر ۾ پريشان ٿي ويو هئو.
هُو ان سڄي روئداد جي سڌ لهڻ لاءِ اتاولو ٿي پيو، ڪهاڙي کڻي ٻاهر نڪري آيو هئو. قبرستان جي ڀيانڪ ماحول، پاڻ ۾ جن جي پئجي وڃڻ، آدمخور جي موجودگيءَ جي ڊپ جي لهر هڪ پل سندس دل مان جنم ورتو ته ٻئي پل اها لهر ڪناري سان وڃي لڳي ۽ هن بهادر هجڻ جي احساس کي پاڻ تي ويڙهي ڇڏيو هئو.
تنهن پل هن جي دماغ ۾ خيال آيو هئو ته؛
قبرستان جي هڪ پاسي ڪيلي جو فصل آهي ۽ ٻن پاسي ڪمند ئي ڪمند آهي، خونخوار جانور جي حملي کان بچڻ لاءِ مون کي به ان وقت ساڻ وٺيو وڃي مگر ٻئي پل هن جي دماغ مان هي خيال به نڪري ويو هئو هن سوچيو هو ته هي سڏ پنڌ تي ته قبرستان آهي ۽ ٻيو ته مجاور قاسم به ته قبرستان ۾ موجود هوندو ضرور ان ڇوڪريءَ جي مغفرت لاءِ عبادت ڪندو هوندو!
هن ٻڌايو ته؛
‘‘پوءِ هن آسمان ڏانهن ڏٺو جنهن ۾ چوڏهين تاريخ جو چنڊ چمڪي رهيو هئو ۽ پوءِ هو قبرستان ڏانهن روانو ٿي ويو هئو. جتي خوف رهندو هئو. هن کي ايئن لڳي رهيو هئو ڄڻ اها دفن ڪيل ڇوڪري جيئري ئي پوري وئي هجي ۽ قبر ۾ اندر رڙيون ڪري رهي آهي جنهن جي ڪري هي سڄو منڊل تڙپي اٿيو آهي ايئن ٿو لڳي زمين ڦاٽي پوندي ۽ آسمان ذرا ذرا ٿي پوندو.’’
هُو قبرستان ۾ داخل ٿيو چانڊاڻ ۾ قبرون ته نظر اچي رهيون هيون پر ڪتبا پڙهڻ سندس وس کان ٻاهر هئو. گدڙ چپ جي ڏر ۾ لڪي ويا هئا ڪتن جي ڀونڪن ۾ ڪمي آئي هئي ته ڪائنات به سانت سان سلهاڙجي ڪنهن ڪنڊ ۾ ڇپ هڻي ويهي رهي هئي.
هيڏي ساري تبديليءَ جي جانچ وٺڻ لاءِ هن قبرسان ۾ اڳتي وڃڻ چاهيو ڪُٻي کٻڙ هيٺان گذريو ته سندس منهن تي ڪا ڪپڙي نما شيءِ ويڙهجي ويئي يڪدم سٽ ڏئي منهن تان لاهي ڏٺائين ته ڪجهه پڙ هئا جيڪي هڪ ڏار مان لڙڪي رهيا هئا. هن پڙن کي سٽ ڏئي وڻ مان ڇني هيٺ زمين تي ڦٽو ڪري ڇڏيو هئو. سٽ سان وڻ جي ڏارن کي آيل لوڏي تي وڻ تي ويٺل ٻن ٽي پکين ڀڙڪو کاڌو ته ٻئي پل ئي قبرستان جي سمورن پکين جو آرام ڦٽي ويو ۽ وڻ ڇڏي خلائن ۾ لامارا ڏيڻ لڳا هئا. پکين جي پرن جي آوازن تي گدڙن اوناڙيون ڪيو ۽ گدڙڻ جي اوناڙين تي ڪتن به ڀونڪيو.
هن جي هٿ ۾ هڪ سگريٽ ڪيتري دير کان دکڻ جي اوسيئڙي ۾ هئو. ۽ نيٺ هن ڳالهه روڪي ۽ سگريٽ دکائي ڪش هنيو.
هُن ڳالهه جاري رکندي چيو ته؛
‘‘ هُن ڪهاڙيءَ جي ڳن ۾ هٿ سوگها ڪيا هئا ۽ اتي بيٺي ئي قبرستان جي ڏِکَ تي نهارون ڦيرائي رهيو هئو، نهارون ڦيرائيندي سندس نظر وڃي هڪ مٽيءَ جي ڍير تي پئي. اهو مٽيءَ جو ڍير هن کان ٻاري جي منڊي جيترو پري مس هئو. هن کي محسوس ٿيو هو ته اهو مٽيءَ جو ڍير آلو آهي. هن سوچيو هن مهل ڪنهن جي لاءِ قبر کوٽي وئي آهي ڪو ماڻهو به ته ويجهو نظر نه ٿو اچي ۽ نه ئي ڀرپاسي مان ڪنهن جي مرڻ جو پڙو آيو آهي. اها هڪ ڇوڪري ئي ته اڄ جهان ڇڏي ويئي آهي جنهن کي ته سج بيٺي ئي واري پوري ڇڏيو هئوسين هن جي وجود کي هڪ وڏو جهٽڪو لڳو هن غور ڪيو ته مٽيءَ جو ڍير ته اڄ دفن ڪيل ڪنواري ڇوڪريءَ جي قبر وٽ ئي آهي.’’
هٿن ۾ مضبوط جهليل ڪهاڙي سان اڳتي وڌيو ته سندس پير ڪنهن شيءِ ۾ وچڙيا، ڏٺائين ته ساڳيا پڙ ئي هئا.
ٻليءَ پير وڃي ان ڍير وٽ پهتو هئو ڍير جي هڪ پاسي ڇوڪريءَ جي کوٽيل قبر هئي ۽ ٻئي پاسي هُو هئو. هُن ٿورو ڪنڌ مٿي ڪري قبر ۾ ڏٺو قبر ۾ لاش جي مٿان هڪ اونڌو چرندڙ جسم هو.

ٺري ويل چانهه جو ڪوپ

هُوءَ ڊگهي ڳچيءَ ڊگهن وارن ۽ وڏين اکين سان چهبڪ جهڙي ڇوڪري، جواني ۾ سندس محبوبه هوندي هئي. سندس نگاهون مئخانه بڻيل هيون، هُوءَ پنهنجي دور جي هڪ قاتل اپسرا رهي هئي، پر سندس مزاج هرڻيءَ جيئن ٽاهڙ هو. هُوءَ محبت جي اظهار کان پوءِ کانئس ڇرڪجي وئي هئي خبر نه آهي ڪهڙي حادثي جي انديشي کيس هن کان گهڻو پري ڪري ڇڏيو هو.
پر، ان ڏينهن سالن پڄاڻا سندس گهر ۾ سندس سامهون هُو چانهه پي رهيو هئو. ۽ هاڻ جڏهن جواني جي سرحد عبور ڪرڻ تي هئو ته خاموشي سندس مزاج ۾ پيهي وئي هئي. هُو جيڪو ڪنهن وقت ۾ جهنگ جو خطرناڪ شڪاري رهيو هئو پر هن وقت سندس اندر جو ماحول گهاٽي جهنگ جهڙو هو. جتي ڪنهن وقت پکين جون ٻوليون هيون ته ڪنهن ڪنهن وقت خونخوار جانور جي رڙ گونجي ٿي نه ته اڪثر سندس من اندر موت مار خاموشي هئي.
‘‘جيئن هن سهڻي ڪوپ ۾ پيل چانهه گرم نه هجڻ ڪري پنهنجي سموري لذت وڃائي ويٺي آهي. منهنجي همسفر جو مثال به بلڪل ايئن ئي آهي. هُو سهڻو، جوان ۽ ويڪري ڇاتيءَ رکندڙ قدآور مڙس آهي مگر هن چانهه وانگر بلڪل ٺري ويل آهي.’’ عمر چڙهيل عورت چيو ۽ وڏي مايوسيءَ سان ڪوپ ڏانهن ڏسڻ لڳي هئي.
هن چانهه پي خالي ڪوپ رکي ڇڏيو هو پر عورت جي چانهه جو ڪوپ ايئن ئي ٽيبل تي پيل رهيو هو.
ڪافي دير هُو ٻئي خاموش رهيا هئا. هُو عورت کي حسرت سان ڏسي رهيو هو ۽ هُوءَ اداسي مان ڏانهنس نهاري رهي هئي.
پوءِ هن مسڪرايو ۽ ٺري ويل بي سوادي چانهه کڻي پيئڻ لڳي هئي.
جڏهن هن چانهه پي بس ڪئي ته هن کيس چيو؛ ‘‘ تون چاهين هان ته اها بي سوادي چانهه هاري ڇڏين هان يا ٻيهر گرم ڪري به پي پئي سگهينءَ ’’
چانهه ٻيهر گرم ٿي به سگهي ٿي ڇا...؟ هُن کانئس سوال پڇيو.
هن سندس سوال جي گهرائي کي سمجهي ورتو هو، وٽس سندس ان سوال جي نوعيت جو هاڻ شايد ڪوبه جواب نه هو، هُو خاموش رهجي ويو هو ته هن ڳالهائڻ شروع ڪيو هو،
‘‘ هاڻ گهڻو وقت گذري چڪو آهي مان ٺريل چانهه جي عادي بڻجي چڪي آهيان. بي سوادي چانهه هاريان ته ڇا نه هاريان ته ڇا!’’
‘‘ تنهنجي وڇڙڻ کان پوءِ جلد ئي توکي ڏاڍو ياد ڪرڻ لڳي هئس. ’’ هُن وڏي اداسيءَ مان چيو ته هن جي روح سڏڪي ڏنو ۽ سندس منهن ۾ نهارڻ لڳو هئو.
هُن چيو؛ ‘‘ جڏهن تو طرف کلندڙ دل جي دري مان ڏٺم ته تون دور دور تائين مون کي نظر نه آيو هئين تڏهن گهڻو پڇتاءُ ٿيو هئم ته ڇو نه ڌرتتي جهڙي تنهنجي زندگيءَ ۾ توتي گهٽا ٿي گهليس! ڇو نه توکي پنهنجين ٻاجهارين ٻانهن سان پياريم! ڇو نه توکي پنهنجي جوڀن جي بارشن ۾ ڀڄايم! ’’
هاڻ جڏهن سندس ڇاتي لڙڪڻ لڳي هئي، وار اڇا ٿيڻ لڳا هئس ۽ جسم خشڪ ٿيڻ جي موسم جي انتظار ۾ هئس ته کيس جواني جا آنڀون نه پچائڻ جو ڏک ويڙهي ويو هو.
هُو شطرنج راند ۾ راڻي کي مخالف پيادي هٿان مارجڻ لاءِ ڇڏيندڙ رانديگر اداس ٿي کيس ڏسي رهيو هو.
عورت وري ڳالهائڻ شروع ڪيو هو.
مون چرين جيئن توکي ڳوليو آهي، مون کي ڪٿي به تنهنجي خوشبو نه ملي، ڪيڏانهن ويو هئين . . ؟ هن چيو ۽ اٿي سندس ڀر ۾ اچي ويٺي.
سندس چهري تي هٿ گهمائيندي چوڻ لڳي هئي، ‘‘ مان تولاءِ ڏاڍو تڙپي آهيان.’’ هيتري عمر گذاري پوءِ آيو آهين! وهي گذري وڃڻ سان ڄاڻي ورتو اٿم ته محبت جي لذت جي ڌارا جسم مان شروع ٿيندي آهي ۽ روح ۾ ڇوڙ ڪندي آهي. عورت چيو؛
هُن پنهنجون پُر اسرار اکيون عورت جي اکين سان ملايون ته عورت چيو؛ ‘‘ هڪ منٽ مان اڇي چادر کڻي اچان ٿي.!’’
جڏهن، هُوءَ واپس موٽي آئي ته ٽيبل تي چانهه جو ڀريل ڪوپ ٺري چڪو هو. ۽ هُوءَ هٿن ۾ اڇي چادر کنيل وهيءَ کان موٽ کائيندڙ عورت اداس رهجي وئي هئي.

سُڪي ويل گل جي خوشبو

هُو گهڻي عرصي کان چپ چاپ ۾ ان رستي تي هلي رهيو هو جنهن جي منزل خودڪشي هئي. پر، هن پاڻ کي هميشه جي لاءِ ختم ڪرڻ جو حتمي فيصلو گذريل رات ڪري ڇڏيو هو. هن پنهنجي ڊائري ۾ خودڪشي جو ڪو به واضع سبب نه لکيو هو.
هن ڊائري ۾ لکيو هو ته؛
“مان ان جي ڪري پنهنجي خودڪشي جو فيصلو ملتوي نه ٿو ڪيان ته منهنجي مري وڃڻ تي منهنجون ٻه محبوبائون اداس ٿي وينديون ۽ زال بي واهه ٿي ويندي‘‘
“مان انڪري به خودڪشي جو فيصلو ملتوي نه ٿو ڪري سگهان ته؛ منهنجي پڄاڻان دفتر ۾ فائلن جي لاشن جا ڍير لڳي ويندا ۽ سندن وارث انهن جي لاءِ روز فاتحه تي ايندا پر هُو ڪڏهن به بخشيا نه ويندا.‘‘
“ منهنجي پٺي ۾ لڳل دوست جي خنجر وارو زخم ناسور ضرور ٿي چڪو آهي پر ان گهري زخم جي تڪليف سبب به مان خودڪشي نه ڪري رهيو آهيان‘‘
هُو نه غمِ روزگار جي موضي مرض ۾ مبتلا هو، نه ئي محبت کان محروم هجڻ جي احساس جو گهايل هو. شهر جون ڪيتريون ئي عورتون مٿس موهت هيون. پر هن جي دل لڳي ڪنهن سان به گهڻو عرصو رهي نه سگهندي هئي.
هُو هاڻ هڪ رنگ برنگي پوپٽ جيئن هو جيڪو ڪنهن مهل ڪنهن گل تي ويهي رهي ته ٻئي پل اڏامي وڃي ڪنهن ٻئي گل تي ويهي. کيس اس نه وڻندي هئي ۽ جڏهن آسمان ڪڪرن سان ڍڪجي ويندو هو ته هُو ان وقت کليل آسمان هيٺان تنها ويهڻ پسند ڪندو هو، ۽ جڏهن بارش ٿيندي هئي ته ڪو وقت پيو ڀڄندو هو.
پر الائي ڇو کيس تازن ٽڙيل گلن جي خوشبو نه وڻندي هئي، هُو هميشه هڪ پراڻي خوشبو جو متلاشي هو جيڪا کيس ڪڏهن مهينن تائين محسوس نه ٿيندي هئي يا ڪڏهن ته اها خوشبو ايتري وڌي ويندي هئي جو هن کي ننڊ مان به اٿاري ڇڏيندي هئي. ۽ پوءِ هُو ان خوشبو ۾ واسجي مدهوش ٿي ويندو هو کيس ڏسي ايئن لڳندو هو ڄڻ ڪنهن درويش کي خدا جي خوشبو ملي وئي هجي.
هُو ايندڙ ڪنهن به شام جو اداس ٿي ويندو هو، سندس دل بي چين ٿي پوندي هئي کيس ايئن لڳندو هو ڪو هانءُ ڦاڙ حادثو ٿيڻ وارو آهي. هن کي پنهنجي وجود کان به الجهن ٿيڻ لڳندي هئي ته روح جي ويجهي عورت کان به پري ٿي ويندو هو.
(هُو دوستن کان ته هونءَ به گهڻو پري رهندو هو، هُو چوندو هو ته اڪثر دوستن جون اکيون زالن ۾ هونديون آهن ۽ سندن دل ۾ دوکي جو ڪنڊيدار وڻ ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي.)
هُن کي زال جي ٻڌايل هڪ ڪهاڻي ياد آئي؛
“ سندس هڪ سهيلي هوندي هئي جنهن کي هفتن جا هفتا ننڊ نه ايندي هئي، ميڊيڪل جا غير معمولي فارمولا ڪجهه ڪلاڪن تائين کيس بي هوش ڪري ڇڏيندا هئا پر کيس اها ننڊ واپس نه ملي سگهي جيڪا هن ڪنهن ڇوڪري جي محبت ۾ وڃائي هئي. . .‘‘
هڪڙي شام جو جڏهن هُو ٻئي مليون ته هوءَ گهري خاموشي جي گهيري ۾ هئي. ڳالهين ڳالهين ۾ کيس ڀاڪر پائي، اڇگارون ڏيئي روئڻ لڳي سندس اکين مان ڳوڙها اوڙڪون ڪري وسڻ لڳا. جڏهن هنن موڪلايو ته کيس ايئن لڳو ڄڻ سندس سهيلي جو روح جسم مان نڪري هن سان گڏ هلڻ لڳو آهي.
ان شام کان پوءِ کيس خبر پئي ته هوءَ چري ٿي پئي آهي. سندس وجود سراپا اذيعت بڻجي ويو آهي. کيس ننڊ بلڪل به نه ٿي اچي. مگر پوءِ هڪ رات جڏهن کيس ننڊ آئي ته ان کان پوءِ وري ڪڏهن سجاڳ نه ٿي‘‘
کيس زال جي اها سهيلي ڏاڍو ياد آئي، هن سندس عڪس تصور ۾ چٽو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ ان اداس سنهڙي ڇوڪريءَ جا ڪيترائي عڪس چٽا ڪيائين، هر عڪس ۾ اداسي ۽ ميار هئي.
کيس لڳندو هو ته اها ڇوڪري ان تنها خوفزده مسافر عورت جيئن هئي جيڪا پنهنجو رستو ڀلجي وڃي ۽ ان صدمي ۾ چري ٿي پئي ته هر راهه ويندي کان پنهنجي منزل جو پڇندي رهي. مگر، ڪوبه کيس سندس منزل جا پتا پار نه ڏئي ته بي وس ٿي روئڻ لڳي.
هُو گهڻي عرصي کان هڪ ئي خواب ڏسندو هو ته؛
“ هُو اونهي پاڻي ۾ ٻڏي رهيو آهي، اهو پاڻي جڏهن سندس وات ۾ ويندو هو ته ننڊ مان ڇرڪ ڀري اٿي پوندو هو، ۽ اوڪارا ڏيڻ لڳندو هو. زال جي پڇڻ تي چوڻ لڳندو هو؛ ‘‘ پاڻي جي ڪڙاڻ سندس وات ۾ ڦهلجي وئي آهي، جنهن سان سندس گلو سڙيو ٿو وڃي.‘‘ پر، حقيقت ۾ اهو کارو پاڻي سندس زندگي کي لڳل هڪ روڳ هو جنهن جي ڪري سندس زندگي اداس ۽ بي معني ٿي وئي هئي.‘‘
هُن جڏهن نجومي کان ان خواب جي تعبير پڇي ته نجوميءَ کيس چيو؛ ’’ تون سمنڊ ۾ ٻڏي خوڪشي ڪندي’’ نجوميءَ جي اهڙي تعبير ٻڌائڻ کان پوءِ هُو خوفزده ٿي ويو ۽ سمنڊ کان دوستي ٽوڙي ڇڏيائين‘‘
هُو سمنڊ جو شهر ڇڏي پنهنجي پراڻي شهر ۾ موٽي آيو هو، جتي سندس زال جي سهيلي دفن ٿيل هئي. الائي ڇو اهو شهر کيس پنهنجو شهر لڳندو هو. کيس هن شهر سان بي نام الفت هوندي هئي، هتي جي هوائن مان وڻندڙ خوشبو ايندي هئيس.
سالن پڄاڻان، جڏهن هڪ مينهنوڳي شام جو هُو پنهنجي هڪ دوست سان گڏ سمنڊ تي ويو هو ته دوست کي چيائين؛ ‘‘ ڪڏهن به هي کارو پاڻي ئي منهنجي موت جو سبب بڻجندو.’’
دوست گهڻي حيرت مان ڏانهنس تڪڙو نهاريو ۽ ڪيتري دير سندس منهن ۾ ڏسندو رهيو هو، ۽ پوءِ کائنس پڇيائين؛ خبر اٿئي سمنڊ جو پاڻي کارو ڇو آهي؟’’
“ نه‘‘ هُن مختصر جواب ڏنو ۽ سمنڊ ۾ دور دور تائين نهاريندو رهيو هو، سندس نهار ۾ گهري اداسي هئي.
“محبت ۾ روئندڙن جا لڙڪ سمنڊ جي پاڻي ۾ شامل آهن تڏهن هي پاڻي کارو آهي ‘‘ سندس دوست کيس چيو ته هن کي لڳو ان خواب جي تعبير ايئن ته ناهي جو مان به هڪ محبت ڪندڙ جي لڙڪن ۾ ٻڏي رهيو آهيان. ڪٿي ايئن ئي ته نه ٿيندو جو مان ڪنهن جي لڙڪن ۾ ٻڏي مري ويندس!
ان شام کان پوءِ هن ڪڏهن به اهو ساڳيو خواب وري نه ڏٺو. سندس اکيون ان خواب کي ڳولينديون رهيون هيون، پر آخر ۾ هن کان ننڊ به رسي وئي هئي.
مان ڇو ڏينهن جو ان ڇوڪري جي قبر تي گل رکڻ به ناهيان وڃي سگهندو؟ هن پنهنجو پاڻ کان سوال ڪيو، مان گل ڏيڻ جي معاملي ۾ اڃان به گهڻو بزدل آهيان! هن پاڻ کي چيو.
هُن پنهنجون بي خواب اکيون کوليون ۽ تصور جي دنيا مان موٽي ڪمري جي دنيا ۾ آيو. هن سگريٽ دکايو ۽ هڪ ڪش هڻي، پنهنجو ڪنڌ آرام ڪرسي تي لاڙي ڇڏيو.
ڪجهه دير کان پوءِ جڏهن سگريٽ اڌ کان گهڻو سڙي چڪو هو، تڏهن هن ٻيو ڪش هنيو ۽ دونهون هوا ۾ اڏائي ڊائري ۾ لکيو ته؛
“ جن جي خودڪشي جو سبب ڪوبه نه هوندو آهي درحقيقت انهن جي ئي خودڪشي جو سبب دنيا جو سڀ کان وڏو سبب هوندو آهي. هڪ خاموش سبب جيڪو موجود هوندي به ڪنهن کي نظر ناهي ايندو‘‘
“ مون کي ائين لڳي رهيو آهي، جيئن ڪو بي چين روح مون کي سڏي رهيو آهي، اتي جتي صرف روح ئي رهندا آهن‘‘
هُو ڪرسي تان اٿيو ۽ ٻاهر وڃڻ لڳو. دروازي تي پهچي سندس قدم رڪجي ويا هئا، ۽ دل جي ڌڙڪن تيز ٿي ويس. هُن مڙي ستل زال ڏانهن ڏٺو. هُوءَ سندس سوچ کان بي نياز ننڊ جي وادي ۾ هئي. هن جي نظر زال جي پيٽ تي پئي ته سندس بدن مان سيسڙاٽ نڪري ويو ۽ اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي ويس. ڪيتري دير هُو انهيءَ جاءِ تي بت بڻيو بيٺو رهيو، کيس تازي ٽڙندڙ گل جي خوشبو آئي. اکين مان وهيل ڳوڙها سڪي ويس.
هُو سالن کان سانڍيل هڪڙي گل کي ڳولڻ لڳو. جڏهن کيس سڪل گل هٿ آيو ته هُو سراپا خوشبو بڻجي ويو ۽ پهرين پيار جي اظهار جي موسم محسوس ڪري مهڪڻ لڳو.
هُو اهو سڪل گل کڻي ڪمري مان ٻاهر نڪري ويو.

سائي چادر جو ڏُک

هڪ شام جو ڪوارٽرن جي ٻاهران ٻار راند ڪري رهيا هئا ۽ هُو ڪوارٽرن جا گٽر صاف ڪري رهيو هو ته کيس ڪتو نظر آيو، هن جي دماغ ۾ فوري طور ڪتي کي مارڻ جو خيال آيو ڪتو ڪاغذن ۽ پلاسٽڪ جي ٿيلهين کي نوس نوس ڪندو اچي سندس ڀرسان بيهي رهيو ۽ ڏسي رهيو هو جيڪي ڪجهه هُو ڪري رهيو هو پر سمجهي نه سگهيو جيڪي هن جي اندر ۾ هو. هن مناسب وقت ڏسي ڪتي کي ڦڙتيءَ سان وهندڙ گٽر ۾ ڪيرائي گٽر تي ڍڪڻ رکي ڇڏيو.
هُو بي خوف ۽ چپ چاپ ۾ اتان نڪري ويو.
مگر ٻن ڏينهن جي اندر کيس ڳولي ڳولي گرفتار ڪيو ويو. هن جو هڏ هڏ جهري رهيو هو، سندس جسم تي ڪتيرن ئي زخمن جا نشان هئا. ايئن، جيئن دل ۾ زال جي جدائي جو زخم تازو هئس. زال جي جدائيءَ جو زخم ٽڙي مهڪندڙ گلاب ۾ بدلجي ويو هو جنهن جي خوشبو جي سحر هن کي عجيب چريائپ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو هو. هن کي مار کان وڌيڪ ڏک ان ڳالهه جو هو ته؛ ‘‘ڪنهن به قسم جي پڇا ڳاڇا کان سواءِ کيس ايڏي بيدرديءَ سان ماريو ويو هو.’’
‘‘ اڄ ڏينهن تائين، جيترا به ڪتا ماريا اٿم هاڻ سڀني جي سزا ملنديم.’’ هن سوچيو ۽ پوءِ هُو هڪ خوبصورت تصور ۾ هليو ويو.
‘‘سندس زال هن جي زخمن تي پها پئي رکيا ۽ کيس چئي رهي هئي تنهنجي زخمن جو سمورو درد توکان وٺڻ چاهيان ٿي’’ زال سندس پيشاني تي چمي ڏني، هن زال جي اکين ۾ نهاريو ته ڇرڪ ڀريائين ۽ تصور مان ٻاهر نڪري آيو. ’’ کيس زال جي اکين ۾ حيوانيت نظر آئي هئي.
ننڍڙي روشندان مان چانڊوڪي جيل جي ڪوٺيءَ ۾ ڦهلجي رهي هئي ۽ هُو ڀت کي ٽيڪ لڳايو بک تي ويٺو هو. سندس سند سند ۾ سور جون لهرون کيس تڪليف ڏيئي رهيون هيون. جت قيديءَ کي وقت تي ماني به نه ڏني وڃي اتي ڀلا قيديءَ جي زخمن تي ملم پٽي ڪرڻ جي ڪهڙي اميد رکي سگهجي ٿي. ساڻس ڪنهن به قسم جي ڀلائي جو کيس ڪو ڪرڻو نظر نه آيو ته هُو مڪمل مايوس ٿي ويو.
هُو ٻه ڏينهن اڳ ماريل ڪتي تي سوچڻ لڳو هو ته؛ اهو ڇتو به نه هو پوءِ کيس مارڻ نه گهرجيم هان هن کي کن پل جو پڇتاءُ ٿيو. ڪو فينسي ڪتو هو جيڪو مري ويو خبر نه آهي ڪيتري دير کان پوءِ بند گٽر ۾ سندس ساهه ويو هوندو.
يا اڃان جيئرو هوندو. . !؟؟؟
نه جيئرو ڪٿان هوندو مري ويو هوندو! ٻاهر نڪرڻ جي ڪٿان ڪا واهه ئي نه ملي هونديس. شايد، ڪنهن آفيسر جي ڌيءَ جو پالتو ڪتو هو تڏهن مون کي ان جي مارڻ جي سزا ملي رهي آهي. نه ته هونهنءَ به ڪيترائي ڪتا ماريا اٿم ڪنهن جي مارڻ جي ڪائي سزا به نه ملي اٿم.
هُن جو خيال هوندو هو ته اگر ڪنهن ڇتي ڪتي شهر جي ٻين عام ڪتن کي چڪ هنيا ته ان سان ٻيا ڪتا به ڇتا ٿي ويندا ۽ ڇتن ڪتن جو تعداد وڌي ويندو پوءِ ايترا سارا ڇتا ڪتا ماڻهن کي زوري کائيندا جنهن سان شهر جا ڪيترائي ماڻهو به بتالجي سگهن ٿا ممڪن آهي هڪ ڏينهن سارو شهر بتالجي وڃي.
سو هُو چاهيندو هو ته شهر ۾ ڪو به ڪتو زنده نه ڇڏي! زال کان پوءِ شهر جي ماڻهن سان کيس بيحد محبت ٿي وئي هئي.
رات جو جڏهن شهر سارو سمهي رهندو هو ۽ ڪٿي ڪنهن دريءَ ۾ روشني هوندي هئي. آواره ڪتا شهر جي اسٽريٽ لائٽس جي روشنيءَ ۾ هن کي روڊن تي ۽ گهٽين ۾ نظر ايندا هئا ته هي کين گوشت جي لالچ تي گٽر جي قريب تر ڪري ويندو هو. هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت گٽر جو ڍڪڻ اڳ ئي کولي ڇڏيندو هو پوءِ بس ڪنهن ڦڙتيءَ سان ڪتي کي گٽر ۾ ڪيرائي ڇڏيندو هو ۽ پوءِ ڪُتي جون ڀونڪون گٽرن ۾ ئي پڙاڏا بڻجي وينديون هيون.
ڪتا مارڻ جا هن وٽ ڪيترائي طريقا هئا ڪڏهن هُو مانيءَ جي ڊڳڙ ۾ سُيون وجهي آوره ڪتن جي اڳيان ڇڏي ويندو هو، ڪتا جيئن ئي ماني کائيندا هئا ته سُيون سندن وات ۾ ٽنبجي وينديون هيون ۽ پوءِ اهي سيون ڪو به ڪڍڻ وارو نه هوندو هو ڪتن جي وات ۾ گهرا زخم ٿي ويندا هئا ۽ پوءِ نيٺ تڙپي تڙپي مري ويندا هئا. يا هُو اڪثر شهر جي ڀرپاسي ۾ مئل جانورن تي زهر هاري ڇڏيندو هو، رُولو ڪتا جيئن ئي گوشت کائيندا هئا ته مرڻ لڳندا هئا ايئن هُو ڪتن جا ڌڻ مارڻ ۾ ڪامياب ويندو هو. مئل جانور جي زهر زده گوشت کي ٺونگا هڻدڙ ڪي پکي به مري ويندا هئا جنهن جو کيس وڏو افسوس ٿيندو هو. هُن جڏهن به ڪٿي ڪو پکي مئل ڏٺو ته پاڻ تي ملامت ڪرڻ لڳندو هو، هڪ ڀيري جڏهن هُن مئل پکين جو جوڙو ڏٺو ته ان پل سندس دل ۾ پاڻ کي به زهر ڏيڻ جو خيال آيو پر هُو ايئن ڪري نه سگهيو ۽ ڪيترن ڏينهن تائين اداس رهجي ويو هو، نيٺ هُن مئل جانورن تي زهر هارڻ ڇڏي ڏنو.
جڏهن به سرنهن ڦلاربي هئي ته سندس ڪاروايون تيز ٿي وينديون هيون. کيس ننڍي هوندي کان ئي خبر هُئي ته سرنهن جي گلن جي خوشبو سان واسجي ئي ڪتا ڇتا ٿي پوندا آهن. هن جي دماغ ۾ اڪثر اهو سوال رهندو هو ته آخر ڪنهن گل جي خوشبو ايتري خطرناڪ ڪيئن ٿي سگهي ٿي.؟ هُو جڏهن به سرنهن جو فصل پوکيل ڏسندو هئو ته سندس هانءَ ۾ ڌڪ لڳندو هو. هُو چاهيندو هو ته انهيءَ فصل کي باهه ڏئي ڇڏي.
هُن جي ڪوشش رهندي هئي ته کيس وئايل ڪُتي نظر اچي وڃي ۽ ڪهاڙيءَ سان کيس ڳٻا ڳڀا ڪري ڇڏي ڇو ته ننڍڙن گلرن جي ڪري ڪتي هر راهه ويندڙ تي ڀونڪندي آهي ۽ ڪنهن جي پٺيان لڳي کائڻ جي ڪوشش به ڪندي آهي انهيءَ خوف کان ته ڪٿي هُو سندس گلر نه کڻي وڃي. اهڙي ڪُتي اڪثر ننڍڙن ٻارن کي آساني سان چڪ هڻي سگهندي آهي ڇو جو ٻار پوپٽن جيئن گلرن کي پڪڙڻ چاهيندا آهن، هُو شهر جي ٻارن لاءِ سڀ کان گهڻو فڪرمند نظر ايندو هو.
زال جي موت کان پوءِ هُو خاموش خاموش رهندو هو، گهٽ ڳالهائيندي ڏٺو ويو هو، هُو چپ چپ ۽ گم گم رهندو هو. زال جي جدائي جي صدمي ۾ هُو معمول جي زندگيءَ کان فرار ٿي ويو هو هُن جڏهن به ڏٺو ته ڪُتو ڪنهن گاڏيءَ جي اڳيان اچي مري ويو آهي ته اندر ئي اندر ۾ ڏاڍو خوش ٿيڻ لڳندو هو. هاڻ ڪنهن ڪُتي جو موت ئي سندس خوشي جو سبب بڻجندو هو، پر سندس دل جي موسم ڏهين محرم جي شام جهڙي هوندي هئي.
ان ڏينهن هُو پنهنجي هڪ ننڍپڻ جي دوست سان به ملڻ ويندو هو. جيڪو کيس ڪتا مارڻ تان روڪيندي چوندو هو ته؛
‘‘ ساسين کي نه مار هُنن جي به هڪ دنيا آهي سندن به هڪ خاندان آهي، کين جيئڻ ڏي’’
ته هي جواب ۾ چوندو هو؛ ‘‘ موت جو هڪ گهر ڪتي جي وات ۾ آهي. ڪتو انسان جي اذيعتناڪ موت جو ڪارڻ بڻجي ٿو ان کي مارڻ غلط نه آهي’’
سندس زخمن وڌ سُور ڪيو هُن آهه ڀري ۽ اٿي شيخن کان ٻاهر ڏسڻ لڳو؛ پريان گيٽ وٽ هن کي ٻه سپاهي ڪرسين تي ويٺل نظر آيا. هُن کين سڏ ڪيا پر سندس سڏ انهن ٻڌا اڻ ٻڌا ڪري ڇڏيا ته سندس آواز بي چين صدا ٿي آسمان ڏانهن وڃڻ لڳو..
هُو ڪيئي پل حسرت سان کين ڏسندو رهيو اهڙي حسرت جي نگاهه سان اڪثر شهر جي انهن ماڻهن کي ڏسندو هو جيڪي گٽر بند ڪرڻ جو سبب بڻجندا هئا. هُو کين ڪجهه به چوندو ڪونه هو پر کين صفائيءَ جا آداب سيکارڻ چاهيندو هو.
هُو پوئتي هٽي ڀت سان ٽيڪ ڏيئي ويهي رهيو ۽ سندس خيالن جو سلسلو ماضي سان جڙي ويو.
‘‘ کيس ياد آيو زال جي هوندي سندس زندگي ڪيڏي حسين هوندي هئي، ننڍڙو صاف سٿرو گهر، آڳند ۾ گلاب جا چند ٻوٽا جيون گلزار هوندو هو. کيس ڏک ٿيو ته هاڻ زال جا پوکيل اهي گلاب جا گل ڪومائجي ويندا ۽ ٻوٽا سڪي ويندا کين پاڻي ڪير ڏيندو؟ هن جي دل ۾ فڪر جو هڪ طوفان هيءَ به ڀرپا ٿيو ته هاڻ ڪتا ڪير ماريندو!؟؟؟
هڪ دفعي ميونسپل ڪميٽي جي آفيس ٻاهران ساٿي ڀينگين سان گڏ هُو اداس ويٺو هو، جتي سارا ڀنگي ڪم جي انتظار ۾ ويهندا هئا ۽ هڪٻئي سان پيا ڳالهائيندا رهندا هئا. هڪ عمر رسيده ڀنگي پراڻي فلم جو گيت جهونگاري رهيو هو. هن کي پنهنجي زال ڏاڍو ياد اچي رهي هئي هُو خيالن خيالن ۾ ئي زال سان ڪچهري ڪري رهيو هو ان وقت هن ٻڌو هڪ ساٿي چئي رهيو هو ته؛
‘‘ اڳ ڍيرن تي ۽ گٽرن ۾ رڳي تازن ڄاولَ ٻارن جا لاش ملندا هئا پر هاڻ ڪتن جا لاش به ملي رهيا آهن.’’
‘‘ گٽرن تي ڍڪڻ نه آهن نه تڏهن ڪتا انهن ۾ ڪري ٿا پون’’ هڪٻئي وراڻيو هو.
۽ پوءِ انهن جي ڳالهين ۾ ۽ گاڏين جي شور ۾ ڪو خاص فرق نه رهيو هو ته يادگيرين جو پراڻو گيت به ڀانت جي ماحول ۾ دٻجي ويو هو، ماحول ۾ صرف گيت دٻجي نه ويو هو پر هُو پاڻ به دٻجي ويو هو.
هُن کي پاڙي جي هڪ دوست کان خبر پئي هئي ته؛
“جنهن ڇتي ڪتي سندس زال کي ڏاڙهيو هو ان ڪتي شهر جي ٻين به ٽن ماڻهن کي کاڌو هو، جن مان هڪ مرد ته ٽئي ڏينهن ئي بتالجي جهنگ منهن ڪري نڪري ويو جنهن جي ڪا خبر ئي نه پئجي سگهي هئي ته ڪٿي آهي ۽ ڪيئن آهي”
ان ڇتي ڪتي کي ته ماڻهن فائر ڪري ماري ڇڏيو هو، پر پوءِ به الائي ڇو کيس هر ڪتو اهُو ڇتو ڪتو لڳندو هو توڙي جو هن اهو ڪتو ڏٺو به نه هو، هر ڪتي کي ڏسڻ سان کيس خوف ٿيندو هو ته هڪ ڏينهن اهو ڪتو به ڇتو ٿي پوندو ۽ شهر جي ماڻهن کي کائيندو تنهن ڪري ان ڪتي کي جلد مارڻ گهرجيم.
گهر جا ٻيا ڀاتي سندس زال کان ڪٽيل ڪٽيل رهندا هئا هُن جڏهن به ٻڌو ته سندس ذڪر ‘‘ڇتي جي کاڌل’’ سان ڪندا آهن ته سندس زخم تازا ٿي ويندا هئا ۽ هُوءَ اداس ٿي ويندي هئي. پر هن کي زال پهريان کان وڌيڪ پياري ٿي وئي هئي. هُو شهر مان پنهنجي حصي جي صفائي ڪري جلد گهر موٽي ايندو هو.
زال جي موت جي هانءُ ڦاڙ حادثي کان پوءِ هُو پاڻ به گهر نه رهندو هو. هُو جڏهن به رات جو گهر ويو ته کيس زال جي ياد تڙپايو. روز ٻوٽن کي پاڻي ڏئي پوءِ ڪنهن مهل ڪٿي ته ڪنهن مهل ڪٿي پيو وقت ڪٽيندو هو. زال جي بتالجي مرڻ کان پوءِ هُو به ڄڻ بتالجي ويو پر حقيقتن ۾ هو ٻين ماڻهن کي بتالجڻ کان بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.
هُوءَ مڙس سان بيحد محبت ڪندي هئي. هُن جي هڪ وڏي خواهش مڙس کي پٽ ڄڻي ڏيڻ هئي. هُوءَ چاهيندي هئي ته چانڊوڪين ۾ ويهي مڙس سان ڊگهيون ڪچهريون ڪري! هن کي بارش وڻندي هئي هُوءَ اڪثر بارش ۾ مڙس سان ڀڄڻ چاهيندي هئي! مگر هر بارش جي دوران مڙس کي شهر جا اٿلندڙ گٽر سنڀالڻا پوندا هئا، هُن تقريبن بارشون پنهنجي زال کان جدا گذاريون هيون هُو هڪ فرض شناس ڀنگي هو هُن ڪڏهن به پنهنجي ڪم ۾ لاپرواهي نه ڪئي هئي.
گهر جي ڀاتين کي ان ڳالهه جي خاطري هئي ته؛
ڇتي جي کاڌل جي بتالجڻ جو مدو، ٽئين ڏينهن جي منجهند، اڍائي مهينا، اڍائي سال آهي يا ڪنهن به وقت جڏهن کيس ڇرڪ پيا، جڏهن به هُن آئينو ڏٺو يا جڏهن هن جي نظر اولڙن تي يا پاڻيءَ جي بوڙين تي پئي يا هُن جهرڻن جو آواز ٻڌو ته بتالجڻ ۾ ويرم ئي نه ٿينديس. سو هُن کي هڪ ڪمري ۾ قيد ڪري ڇڏيو هئائون. ٻن مهينن ۽ ٻن هفتن کان هُن سج جا ڪرڻا نه ڏٺا هئا صرف هڪ اڌ ڀاتي ساڻس گهڻي احتياط ۽ نرميءَ سان پيش ايندو هو پر هُوءَ سمجهي تڏهن ئي وئي هئي جڏهن کيس پائخاني ۾ ننڍين ننڍين ڏيڏرين مثل عجيب ننڍڙا گُلر اچڻ لڳا هئا جن جي ڪيڪٽن جي ڊيڄاريندڙ آوازن گهر جي سمورن فردن جي دل ۾ خوف جا ڪيئي روپ پيدا ڪري ڇڏيا هئا.
هُن کي وهم به ٿي پيو هئو ته؛
بتالجڻ کان پوءِ زال پهرين هُن کي ئي کائي سگهي ٿي. پر پوءِ به زال سان محبت هجڻ ڪري هُو کائنس جدا ٿي نه سگهيو ۽ نه کيس چوريءَ زهر ڏيئي ماري سگهڻ جو خيال سوچي سگهيو هئو. کيس ماءُ جو چيل هڪ جملو ياد ايندو هو ته؛ ‘‘ڇتو ڪتو به پنهنجا سڃاڻيندو آهي.’’ ۽ پوءِ هُو اِهو سوچيندو هو ته اگر جي سندس زال بتالجي به وئي ته گهر وارن کي ضرور سڃاڻيندي ۽ پوءِ هُو پاڻ تي اطمينان جي بارش وسندي محسوس ڪندو هو ڪنهن ڪنهن پل هُو سوچيندو هو ته ڪُتي ۽ انسان ۾ وڏو فرق آهي وري ٻئي پل خيال ايندو هئس ته بتاليل انسان ۽ ڇتي ڪُتي ۾ ڪوبه فرق ناهي هوندو.
تن ڏينهن به گهڻيون بارشون وسيون هيون ۽ هُو شهر ۾ اٿلندڙ گٽرن جو پاڻي نيڪال ڪرڻ ۾ لڳل هوندو هو، ته هڪ ڏينهن سندس زال جي مزاج ۾ تبديلي اچي ويئي، هيڏان هوڏانهن لوهون ڏيئي رهي هئي. سندس وار کلي وکرجي ويا هئا ۽ اکين ۾ رت لهي آيو هئس، ڪنهن ڪنهن مهل سندس وات مان گڦ به ڳڙي رهي هئس ته ڪنهن مهل هوءَ معصوميت مان ايئن چوندي هئي ته؛
‘‘ مان سڀني کي سڃاڻان پئي، ڇتي ناهيان ٿي. اچو مون سان اچي ويهو، ڇو ڀلا سڀڪو مون کان پري ٿي ويو آهي..!؟ مگر سندس ويجهي ڪو به نه ويندو هو هُوءَ روئي ڏيندي هئي ۽ پوءِ ڪيتري دير تائين اداس رهجي ويندي هئي!’’
سڀ کان پهرين هن پاڻي پيئڻ ڇڏي ڏنو ۽ پوءِ هر وقت پاڻي پيئڻ لاءِ صدائون ڪندي رهي هئي، ايئن پئي لڳو ڄڻ ڪا مڇي ملاح کي واپس پاڻيءَ ۾ ڇڏڻ لاءِ ليلائيندي هجي! هُن جي حالت نهايت خراب ٿيندي وئي هوءَ رکي رکي ڪمري ۾ بل کائيندي رهي ڄڻ موت سان وڙهي رهي هجي! ٻئي ڏينهن جي پرهه ڦٽيءَ کان سندس اهڙي خوفناڪ حالت هئي جو هر ماڻهو کائنس ڊڄي رهيو هو. سندس اهڙي حالت کي شام ٿي وئي هئي سندس اهڙي زندگي ڀيانڪ صورت اختيار ڪري گهر جي سڀني ڀاتين کي پريشان ڪري رهي هئي.
نيٺ هُنن ڀرجي آيل اکيون اگهيون ۽ دل تي پٿر رکي ڇڏيو. سڀني محسوس ايئن ڪيو ڄڻ هُو هن کي نه پر پاڻ کي ماري رهيا هجن! کيس پڪڙي کٽ سان ٻڌائون ته هُن رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون! نه ماريو! نه ماريو! ڇتي ناهيان. . . . ڇتي ناهيان. . . . . مگر هنن پسيل سائو ڪپڙو سندس مٿان وجهي ڇڏيو.
اهي ڏهه ٻارنهن منٽ نه هئا اها هڪ مختصر قيامت هئي. جنهن سموري پاڙي ۾ خوف حيراث ڦهلائي ڇڏيو هو! گهر جا ٻار رڙيون ڪري رهيا هئا ايئن پئي لڳو ڄڻ سندن دليون خوف کان ڦاٽي پونديون ۽ عورتون روئي رهيون هيون مگر مرد هن کي مضبوطيءَ سان جهليو بيٺا هئا ۽ هوءَ مسلسل دانهون ڪندي رهي هئي، سسڪيون سسڪيون سندس وجود بڻجي ويو هو! ۽ آخر اهي سسڪيون به هڪ ماٺ ۾ بدلجي ويون هيون! موت جي ماٺ ۾ . . . .

يوسف جميل لغاري

---

يوسف جميل لغاريءَ جون ڪھاڻيون

سنڌ علم ادب سان لڳاءَ رکندڙ يوسف جميل جو جنم 1 جنوري 1994 تي ڳوٺ حاجي محمد اسحاق لغاري ۾ جميل احمد لغاري جي گهر ۾ ٿيو، ادب سان سندس دلي لاڳاپو هجڻ سبب گذريل ڪجهه سالن کان وٺي مون ڏي مسلسل ايندو رهيو ۽ مون کان ادب جي معياري ڪتابن بابت پڇندو رهندو هو آءُ کيس وقت به وقت پنهنجي مطالعي جي آڌار تي ڪتاب ٻڌائيندو هيس ۽ اهڙي ريت هي ٻالڪ ڪتاب خريد ڪري پڙهڻ لڳو. ڪتابن جي چونڊ مهل آءُ سندس مزاج کي سمجهندي عموماً کيس ڪهاڻين جي ڪتابن جا حوالا ڏيندو هيس ڇو ته کيس ڪهاڻيون تمام گهڻيون پسند هيون ۽ پاڻ به بنيادي طور تي هن مھل ڪهاڻيڪار طور سڃاتو وڃي ٿو، حالانڪ هن وقت کيس ڪهاڻي لکڻ کان علاوه مضمون نگاري، ڪالم نگاري ۽ نثري نظم لکڻ تي به سٺي دسترد حاصل آهي ليڪن اِن جي باوجود سندس شخصيت جي ادب جي دنيا ۾ بنيادي سڃاڻپ ڪهاڻيڪار جي آهي…!
يوسف باقاعده لکڻ جي شروعات 2016 کان ڪئي. سڀ کان پهريان طب آزمائي به هن ڪهاڻي جي صنف تي ئي ڪئي، ڇو ته کيس ڪهاڻي لکڻ جو شوق ته شروع کان ئي هو وري مٿان ڪهاڻي جي صنف جو جهجو مطالعو هجڻ سبب سندس قلم جي نوڪ مان سڀ کان پهريان ڪهاڻي ئي جنم ورتو، هن وقت اسان جو هي ساٿي اسان سان گڏ ادب جي سڀني گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيندو رهندو آهي...!
يوسف جميل لغاري جهڙوڪ هڪ ئي وقت ادب جي ڪافي صنفن تي لکي رهيو آهي ۽ کيس اخبارن، رسالن ۽ ادبي ميڙاڪن ۾ به سُٺي موٽ ملندي رهندي آهي. هن ڪهاڻين جي مجموعي کي پڙهندڙ حضرات ئي يوسف جميل جي ڪهاڻين کي پڙهي ڪري حتمي راءَ جوڙي سگهن ٿا…!

مور خاصخيلي

ڦڪي چانھه

ڊپارٽمنٽ جي ڪينٽين ۾ ويهندي مون بيري کي پاڻي آڻڻ لاءِ چيو، بيرو جلدي ۾ پاڻي کڻي آيو نماڻي انداز ۾ چيائين،
“ صاحب توهان جو ڇا آڊر آهي “
“ هڪڙي ڦڪي چانھه “ مون حجائتي انداز ۾ بيري کي پنهنجي لاءِ
آڊر ڏنو،
“ ۽ ميڊم لاءِ ڇا کڻي اچان؟”
“ وڏيري پاڻ ويٺي آ، جيڪو وڻيس آڊر ڏي “ مان هُن ڏي نهاريندي بيري سان مخاطب ٿيس، منهنجي لاءِ هڪ ڪولڊ ڊرنڪ کڻي اچو، ڪابه هجي مگر هجي صفا يک ٿڌي...”
“ ٺيڪ آ، بس اجهو کڻي آيس” بيري پنهنجي پيرن تي زور ڏنو.
مان هن کي خاموشي سان تڪيندو رهيم. جيسين بيرو منهنجي ڦڪي چانھه ۽ هن جي ڪولڊ ڊرنڪ کڻي اچي تيسين مان پنهنجي من گهرئي محبوب جي مقدس چهري کي ڏسي ڪري دل کي تسڪين عطا ڪري رهيو هيس، هو سمجهي وئي ته مان خيالن جي سمنڊ ۾ غوطا کائي رهيو آهيان. مونکي واپس ڪناري تي آڻڻ لاءِ هن مونکان بي وقتو سوال ڪيو:
“تون ڦڪي چانھه ڇو پيئندو آهي، توکي ته شگر به ناهي پوءِ به ڦڪي چانهه ٿو پئين”
منهنجي سوچن جي سمنڊ جو ڄڻ پاڻ ٻنڊو کوليائين، مون چيو:
“ ڦڪي چانھه پنهنجي اندر هڪ انفراديت رکي ٿي، معاشرو جن ماڻهن کي وڏو ماڻهو سمجهندي آهي اُهي صاحب عام طور تي ڦڪي چانهه پئيندا آهن، سڄي عمر رشوتن عيوض ٻين کان مٺائيون وٺي ڪري کائڻ سبب شگر جا مريض ٿيندڙ صاحب ڦڪي چانھه وڏي رعب ۽ تاب سان پئيندا اٿئي، مون کي ڦڪي چانھه پسند گهٽ آهي مگر جڏهن بيرو مونکي صاحب چئي ڪري مخاطب ٿيندو آهي ته پوءِ آءُ سوچيندو آهيان ته مان پاڻ کي صاحب ٿيڻ جي سزا هتي ئي ڏئي ڇڏيان، ان لاءِ پنهنجي پسند جي خلاف هن کي آڊر ڏئي آءُ پاڻ کي مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان، مان ڪڏهن به اهڙو صاحب سڏائڻ جو قائل ناهيان جيڪو پنهنجي اسڪول جي پگهار کڻندي اتان گسائي ڪري ڪنهن سياسي ڪاموري جي چاپولوسي ۾ عمر گزاري صاحب سڏائي، يا ٻين جي روزي کسي ڪري پنهنجو پيٽ ڀري، آءُ ڪڏهن به اهڙو صاحب ٿيڻ پسند نه ڪندم. جهڙا صاحب اسان جي معاشري ۾ آهن مان ڪڏهن به صاحب نه ٿيندس ڇو ته اڄوڪن صاحبن جي صاحبي ۾ صداقت ناهي.“
آءُ ڳالهائيندي ڪجھه جذباتي ٿي ويو هيس اڃا اڳتي ڳالهائڻ پئي چاهيم ته بيرو ڪولڊ ڊرنڪ ۽ چانھه کڻي آيو، هن جي سامهون ڪولڊ ڊرنڪ ۽ منهنجي سامهون چانھه رکندي چيائين:
“صاحب هي توهان جي چانھه، صفا ملائي اٿئو ملائي“
هوءَ ڪولڊ ڊرنڪ کڻي مونڏي نهاري مرڪي پئي...!

سينٽرل لائيبرري

هر تعليمي توڙي تدرسي اداري جو ڪو نه ڪو اسپاٽ ڪنهن نه ڪنهن سبب جي ڪري گهڻو ساراهيو ويندو آهي اهڙي طرح شاه عبدالطيف يونيورسٽي جي سينٽرل لائيبرري جي بلڊنگ پنهنجي افاديت ۽ انفراديت جي ڪري پوري يونيورسٽي ۾ پنهنجو الڳ شناخت رکي ٿي، هن ۾ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون پڙهڻ گهٽ، هڪ ٻي سان ڪچهريون ڪندي گهڻا نظر ايندا آهن، منهنجو دوست طفيل، جيڪو مون کان هڪ سال سينئير ۽ باٽني ڊپارٽمنٽ ۾ پڙهندو آهي، باٽني ڊپارٽمنٽ ۾ ڇوڪرين جي گهڻائي هوندي به هن مهل تائين ڪائي سانوري به سيٽ ڪونه ڪري سگهيو آهي، سبب پڇڻ تي چوندو آهي ته منهنجي DNA ۾ شرافت خاندائي طور سمايل آهي. ان جي ڪري ڇوڪريون منهنجي ويجهون به نٿيون اچن“ اها ٻي ڳالھه آ ته کيس اهي چڪربازيون اچن ئي ڪون جنهن سان ڪنهن ڇوڪري جي ويجهڙائپ حاصل ڪبي آهي، ٻه سال اڪيلائي ۾ گذاري گذاري نيٺ هن لاءِ صبر جي به حد ٿي وئي، هڪ ڏينهن مونکي چيائين:
“ يار ڪڏهنهلئو پاڻ سينٽرل لائيبرري”
مون حيرت مان پڇيو: “ ڇو خير ته آهي ڪتاب پڙهندين يا وٺندين!؟” مرڪي چيائين: “ ٻه سال ٿيا آهن مون کي ڪڏهن ڪو ڪتاب پنهنجي نالي اِشو ڪرائيندي ڏٺو اٿئي“ .
“ باقي ڇا جي لاءِ پاڻ هلئو “ مون تجسس مان کانس پڇيو.
“ بس چڪر تي “
ڪياڙي کندي چيائين: “ جي چڪر ئي هڻڻو اٿئي ته پوري يونيورسٽي پئي آ، پيو چڪر هڻ، لائبرري هلڻ جي ڪهڙي ضرورت آ.”
مون دانشورانه انداز ۾ کيس سمجهايو، بنا ڪنهن خاص وجه جي مان پاڻ لائبرري وڃڻ کان ڪيٻائيندو هيم، سو بنا ڪنهن ڪم جي هن کي به وٺي وڃڻ مناسب نه پئي سمجهيم، ليڪن ڪٿي ٿو سمجهي، سندس ذهن ۾ ڄڻڪ بنهه ڀريل هجي منهنجيون نصيحتون کيس فضول لڳي رهيون هون.
“ يار تون صرف ايترو ٻڌا۽ گڏ هلندين يا نه نصيحتون پوءِ ڪجان جلالي پير صاحب! “ همراه ڪاوڙ واري لهجي ۾ مونکان پڇيو.
مون بي جهجڪ ٿي ساڻس گڏ هلڻ لاءِحامي ڀري پنهنجي پراڻي دوستي جو ڀرم رکيو، اربع جي ڏينهنهن مونکي ميسيج ڪيو ته اڄ سينٽرل لائيبرري هلنداسين، مون کيس ريپلاءِ ۾ اوڪي لکيو، ڪلاسن کان فارغ ٿي ڪري مان سڌو باٽني ڊپارٽمينٽ جي ٻاهران وڃي کيس ميسيج ڪيو، هي منٽ اڌ ۾ ٻاهر آيو ۽ اسان سينٽرل لائيبرري لاءِ روانا ٿياسين، اڄ طفيل گلاب وانگي ٻهڪي پيو ۽ خوش خوش نظر پئي آيو، مون سندس نيت پروڙي ورتي ته پڪ هي ڪنهن حسن جي ديوي جي درشن لاءِسينٽرل لائبرري هلي پيو نه ته هيترو ٻهڪي ڪو نه ها، اسان جڏهن سينٽرل لائبرري جي گيٽ وٽ پهتاسين ته اسان جي لائبرري ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ ٻن ايپران پهريل حسن جي ديوين اسان کي ڪراس ڪيو، شايد هو به باٽني ڊپارٽمنٽ يا زولاجي ڊپارٽمنٽ ۾ پڙهنديون هيون. تڏهن ته کين وائيٽ ايپران اوڍيل هئا، مون ته ڏٺو اڻ ڏٺو ڪرڻ جي ايڪٽنگ ڪئي، مگر طفيل جو نظرون انهن ۾ ائين کپي ويون ڄڻڪ ڪي عيد جون چنڊ هجن، طفيل جي دل سيني مان نڪري چڪي هئي ۽ جي ٿري جي گولي جي رفتار ۾ سندن پويان پويان وڃي رهي هئي، لائيبرري ۾ داخل ٿيندي ئي مون ۽ طفيل لائبرري جي کاٻي ڪنڊ وڃي ورتي جنهن طرف ڪهاڻين ۽ ناولن جا ڪتاب رکيل آهن مان ڪٻٽ ۾ رکيل ناول ڏسي رهيو هوس ۽ طفيل جون نظرون پوري لائبرري ۾ انهن ٻن پرسرار ديوين کي ڳولي رهيونهيون، اچانڪ طفيل آواز ڏنو :
“ اچ ويھه يار هو ڏس هو سامهون اچن پيون“
مان سڌو اچي ويهي رهيم، الڙ ناريون، بغلن ۾ پرس، نازڪ اکين ۾ سن گلاسز پهريل، ڏسڻ ساڻ مان به ٿورو موهجي پيس مگر جلد ئي پاڻ سنڀاليم، ڇو ته شڪارين وٽ شڪار ٿيڻ منهنجو دوست آيو هو نڪي مان، طفيل منهنجي ساڄي پاسي ويٺو هو ۽ سندن فيوچر جي ٿيڻ واري بي خبر محبوبا پنهنجي سهيلي ساڻ اسان جي کاٻي پاسي وڃي ويٺي، منهنجو نظريو اڄ تائين اهو رهيو آهي ته يونيورسٽي ۾ جيڪا به ڇوڪري زير تعليم هوندي آهي اها ڪنهن نه ڪنهن جي نظر جي اجل جو شڪار ٿي ويندي آهي، سڌو ائين ته هر ڪنهن ڇوڪري جي پهريائين ئي ڪنهن نه ڪنهن سان افئير هلندڙ هوندو آهي سو بهتر آهي ته ڪنهن تي ٽرائي نه ڪجي، پنهنجو ۽ ان جو قيمتي وطن برباد نه ڪجي، ڪوئي پاڻ پرپوز ڪري ته پوءِ کڻي انڪار نه ڪجي باقي ڪنهن جي ڪباب ۾ هڏي نه ٿجي، منهنجو دوست ته مونکي ڪباب ۾ هڏي محسوس ٿي پيو ۽ سندس فيوچر جي محبوبا ته مونکي ڏاڍي ايڊوانس پئي لڳي مون کي لڳو پئي ته سندس پهريان ئي ڪو نه ڪو بوا۽ فريڊ هوندو، منهنجي مجنون دوست طفيل جي دل سُن، چپ خشڪ ۽ اکيون ٽڪ ٻڌي بيهي رهيو، ڇوڪرين مان ته اصلي نظر ئي نه پيو ڪڍي.
“ وڻئي ٿي ڇا ؟؟؟؟ مون کيس سوچن جي سمنڊ مان ٻاهر ڪڍيو،
بي ساخته ٿي چيائين: “ ها يار ڏاڍي “
“ ته پوءِ دير ڇا جي، بوڪ مان پنو ڪڍ ۽ لکيس ته تون مونکي وڻين ٿي، “ همراه نه ڪئي هم نه ڪئي تم، مون کي گرو رنجنيش اوشو سمجهي منهنجي صلاح تي عمل ڪندي نوٽ بڪ مان پنو ڪڍيو ۽ سڌو لکيائين،
“ آ لائيڪ يو يو آر سو بيوٽي فُل، واٽ از ان يوئر مائيڊ فار مي، پليز گيو مي اينسر ايٽ دس نمبر “
هيٺيان پنهنجو نمبر لکي پر جوش ۽ پر اميد ٿي ويٺو، کيس ڇوڪري به وڻي، سليڪٽ به ٿي وئي، لو ليٽر به لکجي ويو، هاڻ مسئلو اهو هو ته اهو لو ليٽر ان تائين پهچائي ڪير، هو نسورو نئون ماڻهون، مون کي پنهنجو ڀئو ته مون کي نه چئي سو ڏنا مانس ٽيڪر
“يار جڏهن عشق ڪبو آ ني پوءِ ڊڄبو ناهي، دلير ٿي وڃبو آ دلير، صفا دريا خان ۽ سمنڊ خان وانگي، نہ ته پو۽ غزل ۽ مقالا پيو لکندي، همت ڪر اُٿ، وڃ لو ليٽر ڏيس، اصلي صفا نه ڊڄ مان جو تونسان گڏ آهيان، بي عزتي ٿي ته ٻنهن جي گڏ ٿيندي، ڏس مان تنهنجي لاءِ پنهنجي بي عزتي جي به پرواه نه ٿو ڪيان، همت ڪر اُٿ ڪنڌار “
همراه صفا جيٽ جهاز وانگر تيار ٿي ويو، صرف منهنجي اشاري جي دير هئي ۽ هن جي اٽيڪ، ان کان پهريان جو هي سندن ويجهو وڃي ۽ کين ليٽر ڏي ڪهاڻي ۾ ڪلائميڪس اچي ويو، سڪي جي پاسي پلٽو کاڌو... ۽ جسم ڀريل هلڪي قد سان پينٽ شرٽ پهريل ڇوڪرو اچي ساڻن گڏ ويٺو ۽ هو ڪچهري ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويا،“
طفيل جي دنيا کي ريوس گئير لڳي وئي، ڪجھه ٽائيم اڳ ڏٺل سندس سڀ مصنوعي خواب چڪنا چور ٿيڻ لڳا، سندس چهرو ڦڪو، نڙي خشڪ ۽ اکيون پاڻي سان ڀرجي آيون، سندس لو اسٽوري شروع ٿيڻ کان اڳ ئي ختم ٿي وئي.

مس آڪسيجن

تقريبن اڌ ڪلاڪ کن ٿي چڪو هو، منهنجي زبان مان ٻڻڪ به ٻاهر نه پئي نڪتي، خاموشيون زبان تي هاوي ٿي چڪيون هيون، صرف منهنجو نه بلڪه سيما جو به ساڳيو حال هو، مسلسل چار سال گڏ پڙهڻ کان پوءِ اسان جي وچم تقريباً سڀئي فاصلا گهٽجي چڪا هئا، اسان جي وچم ويجهڙائپ وڌي وئي هئي بلڪ ائين کڻي چئجي ته ويجهڙائپ وڌي ڪري وڻ ٿي چڪي هئي، اسان هڪ ٻي سان زندگي جا انيڪ پل گڏ گزاريا، اسان ڪينٽين ۾ ڪئي دفعا هڪ بوتل ۾ ٻه ٻه ايسٽري وجهي ڪري ڪي ئي بوتلون پيتيون. اسان باز اوقات ته چانهه ۾ لوڻ وجهي ڪري به پئيندا هياسين ته جئين هڪ ٻي سان نمڪ حرامي نه ڪري سگهون، اسان کي هڪ ٻي کان سواءِ هڪ پل به گذارڻ مشڪل لڳندو هو، مون پيار وچان سندس نالو آڪسيجن رکيو هو ۽ موبائل ۾ به نمبر مس آڪسيجن جي نالي سان سئيو ڪيو هو. هڪ ڏينهن مون کان ميسيج تي پڇيائين ته: “ ٻڌ، اِهو ته منهنجو نمبر ڪهڙي نالي سان سئيو ڪيو اٿئي“؟
مون کيس رپلاءِ ۾ صرف “ آڪسيجن “ لکيو،
حيران ٿيندي چيائين ته “ اهو به ڪو نالو آهي جيڪو تو مون تي رکيو آهي“
مون فلسفانه انداز ۾ کيس سمجهائڻ شروع ڪيو:
“ اڙي اوه چري! ڳالھه کي سمجھه، نالي کي نه ڏس، نالي جي اندر جيڪو پيغام آهي، ان کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪر، تون مون لاءِ بلڪل ائين آ، جئين جئيڻ لاءِآڪسيجن... آڪسيجن کان سواءِ ڪو به جاندار زندھ نه ٿو رهي سگهي، تئين توکي ته خبر آ، آءُ تونکان سواءِ زندھ نه ٿو رهي سگهان، ان لاءِ هڪ رات، پنج ڪلاڪ، ۽ پنجويھه منٽن جي گهڻي غور و ويچار کان پوءِ مون تنهنجي لاءِ اهو نالو مناسب سمجهي ڪري چونڊيو آهي.“
منهنجي سنجيدگي کي مدنظر رکندي سندس نازڪ لبن مان شايد زوردار ٽهڪ نڪتا، بي ساخته ٿي ڪري کلڻ لڳي تڏهن ته موبائل تي ايموجي جا سمائل موڪلي ڪري کن پل لاءِخاموش ٿي وئي،
ڪجھه لمحن کان پوءِ سندس ميسيج آيو “ تون پاڳل آهي صفا پاڳل، ايترو پاڳل جيترو مون سوچيو به ڪونه هو“.
مان مٺي مرڪ مرڪي خاموش ٿي پيس، اهڙي نموني اسان ٻنهي جي وچم ڪافي قرب واريون ڪچهريون ٿينديونهيون، اڪثر ميسيجن تي ۽ آمهون سامهون باقي ڪڏهن ڪڏهن ڪال تي، ڪال تي به تڏهن جڏهن سڪ لڳي ڪري انتها واري درجي تي وڃي پهچندي هئي، رات گهٽجڻ بدران وڌڻ لڳندي هئي ۽ ننڊ نيڻ مان رسڻ جا رمز ڪندي هئي ته پوءِ کن پل لاءِ هڪ ٻي سان ڪال تي ڳالهائي دل کي تسڪين عطا ڪري وٺندا هياسين، اهڙي نموني وقت گذرندو رهيو ۽ اسان هڪ ٻي سان وفا جا وچن، محبت جا مٺاس ڀريا لفظ ڳالهائڻ ٻولهائڻ لڳاسين، پهريون سال هڪ ٻي جي اُڪير ۾ گذاري سين، ٻيو سال هڪ ٻي کي سمجهڻ ۾ ، ٽيون سال هڪ ٻي سان قرب جون ڪچهريون ڪندي ۽ آخري سال هڪ ٻي کان جدا ٿيڻ جي غم ۾ مبتلا ٿي ڪري، اڄ اسان جو آخري پيپر هو، صرف آخري پيپر نه هو بلڪ يونيورسٽي کي الوداع ڪرڻ جو به آخري ڏينهن هو، اڄ هو اداس هئي مان به ڪنهن قدر اداس هيس، جئين پيپر ختم ٿيو ته مون امتحاني حال جي ٻاهرانهن جو انتظار ڪيو، ڪجھه منٽن کان پوءِ هُو به پيپر مڪمل ڪري امتحاني حال کان ٻاهر آئي، اچڻ شرط مونکي چيائين “ اڄوڪو ڏينهن انتهائي ڳنڀير آهي، هر پل هر سيڪنڊ جي گذرڻ جو احساس شدت سان ٿئي پيو، ڪاش !! وقت جي وهڪري جا واڳ پنهنجي هٿن ۾ هجن ها، وقت کي روڪي رکو ها، يقين ئي نه پيو اچي ته اڄ چار سال مڪمل ٿيڻ تي آهن،“
منهنجي خاموشي کي ڄڻڪ ڪو طوفان وڪوڙيو پئي ويو، مون کيس چيو” اڄ ته لطيف جي نگري جو هڪ آخري چڪر هڻو، وري گڏ گهمڻ جو شرف حاصل ٿئي الائي نه “
فيڪلٽي جي بلڊنگ کان نڪري ڪري، اسپورٽس ڪامپليڪس جي اڳيان گذرندي اسين بي بي اي جي بلڊنگ وٽان ٿيندي، ڪيميسٽري ڊپارٽمنٽ، مئٿ ڊپارٽمنٽ، فزڪس، باٽني ۽ فارميسي ڊپارٽمنٽ کان ٿيندي سڌو ايس ايس سي تي وڃي چانھه جي چسڪي وٺڻ لاءِويٺاسين، هر ڊپارٽمنٽ کان گذرندي مون ائين پئي محسوس ڪيو ڄڻڪ هر ديوار، هر وڻ، هر ڪرسي، هر ٽيبل اسان کي آخري ساعتن ۾ گڏ ڏسي اسان وانگر ان مونجهاري جو شڪار هيا ته گهڻي کن پل ۾ هنن جو ساٿ سلامت ناهي رهڻو، مون ائين پئي محسوس ڪيو ڄڻڪ پوري يونيورسٽي اسان سان ٿيڻ واري وارتا کان اڳ واٽ واقف آهي، هر نظر تجسس ۽ رسَڪ مان اسان ڏي نهاري پئي.
ايس ايس سي ۾ چانھه پي ڪري سڌو اسين محبتن جي گلستان هربيريم ۾ اچي ويٺاسين، جتي چئو طرف رڳو ساوڪ ئي ساوڪ هئي، هڪ هو هربيريم جيڪو سڄو سارو سائو، ٻيو هيو اسان جو من جيڪو وڃي پيو سُڪندو، الاءِ ڇو لفظ مون کان رُسڻ لڳا، مون ۾ همت باقي نه رهي جو مان سيما سان وڇوڙي جي عنوان تي ڪي لفظ ڳالهائي سگهان، مون پنهنجي پاڻ کي تقدير جي اڳيان بلڪل ڪمزور محسوس ڪيو، بلڪل ايترو ڪمزور جيترو ڪِوَلي پاڻ کي هاٿي جي اڳيان ڪمزور محسوس ڪندو آهي، مون ڄاتو پئي ته هاڻ هو ڪجھه ساعتون مون سان گڏ آهي پر پوءِ به دل اها ڳالھه مڃڻ لاءِتيار ئي نه هئي ته اسين جدا به ٿيڻا آهيون.

مرڻينگ ٿيل محبت

اڄ هو انتهائي پريشاني واري عالم ۾ پنهنجي ٽيبل تي اُها پين ڳولي رهيو هو جيڪا ورهين اڳ ان پنهنجي ٽيبل تي رکي هئي، ها اُها پين، جنهن پين سانهو پنهنجي محبوب جي لال لبڙن جي تعريف لکندو هو، ها اُها پين جنهن پين سان پنهنجي محبوب جي ادائن ۽ وفائن تي گيت ۽ غزل لکندو هو، ها اُها پين جنهن پين سان ورهين اڳ سندس وڇڙڻ جي کن پل اڳم کيس ان پين سان آخري خط لکندي هن اِهو قسم کنيو هُو ته هَنهٿن ۾ وري اَن پين کي نه کڻندو، پر الاءِ ڇو اڄ پنهنجي اصولن ۽ ضابطن توڙي قسمن جو ڀرم نه رکندي هُو وري ان پين کي تلاش ڪري رهيو هو، سندس اکيون ايڪسري مشين بڻجي ٽيبل جي اردگرد توڙي سندس سڀني پاسن کان ان پين کي تلاشي رهيون هيون، سندس ٻانهون ڪرين مشين بڻجي ٽيبل تي پيل سامان کي هيڏي هوڏي ڪري رهيون هيون.
سندس پيشاني مان پگهر بارش بڻجي برسي رهي هئي ۽ سندس دل زور زور سان دڙڪي رهي هئي، پين کي ڳوليندي ڳوليندي سندس نظر ٽيبل جي ڪنڊ ۾ پيل هڪ چاٻي تي پوي ٿي، چاٻي تي نظر پوندي ئي سندس ذهن ۾ هڪ گمان پيدا ٿي ٿو ته شايد پين لاڪر ۾ هجي، ڄاٻي کڻي ڪري وڃي سڌو لاڪر کي کولي ٿو، هت پين بجاءِ کيس سندس پراڻي ورهين اڳ جي لکيل ڊائري هٿ اچي ٿي، ڊائري کي ڏسندي ئي سندس ذهن مان پين جي کوجنا وارو خيال پرواز ڪري وڃي ٿو ۽ هُو ڊائري کي هٿ ۾ کڻي پنهنجي درهم ڀرم ٿيل ٽيبل جي ڀر ۾ اچي ڪري ڪرسي تي ويهي ٿو سندس صفحا کولڻ لڳي ٿو، هر صفحو سندس محبوب جي پيار ۾ اقرار کان وٺي ڪري انڪار جي داستانن سان ڀري پئي هجي ٿي، محبت ۾ جتي خمار، سرور ۽ راحت آهي اتي ئي وري ان سان گڏوگڏ وصال جون گهڙيون، حجر جون راتيون ۽ اڪيلائي جا جي جهوريندڙ لمحا به آهن، اهو قطعي ممڪن نه آهي ته هر ڪنهن فرد کي محبت راس اچي، ڪٿي خوشين جا بهار هوندا آهن ته وري ڪٿي محبت ۾ خزا جي موسم به هوندي آهي.
هر انسان زندگي جي ڪنهن نه ڪنهن حسين پل ۾ محبت جي خوشبو سان آشڪار ضرور ٿيندو آهي پو۽ اُها محبت جي سڳند ڪنهن جي من ۾ وڌي وڻ ٿيندي آهي ته وري ڪٿي ڪنهن دل ۾ ان محبت جي ٻڄ خزا جي تيز هوائن ۾ پنهنجو سلو به پيدا نه ڪري سگهندي آهي، هُو ڊائري جا صفحا به صفحا ورائيندو وڃي ٿو، پنهنجي محبت جي سڳند کي محسوس ڪندي سندس روح راحت محسوس ڪرڻ لڳي ٿي، ڊائري ۾ لکيل محبوب جي لفظن کي ائين گمان ڪري ٿو جهڙوڪ هُو سامهون ويٺي هن سان مخاطب هجي، ڊائري پڙهي ڪري سندس من رتوڇاڻ ٿي پوي ٿو، سندس اکين مان بي موسمي بارش برسي پوي ٿي، سندس اکيون ڳوڙهن بجاءِ رت هاڻا ٿي پون ٿا ۽ ھُو ڊائري کي ڀاڪر ۾ ڀري پنهنجي اکين کي آلوپ ٿيڻ ڏي ٿو جيڪي وري ورهين تائين کلڻ کان عاجز ٿي وڃن ٿيون.

يقين جي سگھه

منهنجو هڪڙو صفا ويجهو دوست هڪ شام جو مون سان گڏيو، هوٽل تي ويٺاسين چانھه پئيڻ جي موڊ سان، ڪچهري ڪرڻ لڳاسين، مختلف موضوع بحث هيٺ آيا، ڪي خيال آيا ڪي ويا، آخر ڪچهري جي سينٽرل آئيڊيا تي آيو ۽ چوڻ لڳو “ يار گهڻن ڏينهن کان خواهش هيم ته تونکان هڪ مسئلي جو حل پڇان.
مون بي جهجهڪ ٿي ڪري وراڻيو “ حڪم ڪر سهڻا.
چوڻ لڳو “ يار مون سان هڪ اهم مسئلو آهي، اُهو آهي پڙهائي جو، هر ڏينهن ڪلاس به وٺان ٿو، پڙهان به ٿو مگر پو۽ به نتيجا سبجيڪٽن جي حوالي سان يا وري عموماً مطمئن ڪندڙ نٿا اچن، هاڻ ڏس ته ڇا ڪريان، سچ ته ان مسئلي مون کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي، وري مٿان والدين جون اميدون ته اسان جو مور پٽ سٺن نمبرن سان پاس ٿيندو.
سندس مسئلو ٻڌي ڪري ڪي گهڙيون ته منهنجو دماغ ئي ٿڌو ٿي ويو مون ائين محسوس ڪيو ڄڻڪ ڪنهن فقير ڪنهن ڪنجوس کي سخي سمجهندي کانس خيرات گهري هجي ۽ وري ان هڪ وڏي صدا به هئي هجي ۽ اها صدا وري اهڙي نوعيت جي هجي جو اهو ڪنجوس ان صدا جو پوراءِ به نه ڪري سگهي، مان ڪي پل خاموش ٿي ويس، سوچڻ لڳس ته جنهن هيڏي پنهنجائپ ۽ يقين سان پنهنجو مسئلو ٻڌايو آهي، ان کي غلط گائيڊ به نٿو ڪري سگهجي، ائين مناسب به نه هو ۽ ائين ڪرڻو به نه هو اڳم ائين ڪيو به نه هو.
هاڻ مسئلو، مسئلو نه رهيو هو ڇو ته ان کي بيان ڪرڻ کانپوءِ منهنجي دوست جي جان وئي هئي ڇُٽي، اڙجي ويو هيس مان، هاڻ اهو مسئلو منهنجو مسئلو ٿي پيو هو ڇو ته مون کي سندس حل ڪڍڻو هو، سندس انداز بيان ۾ مون اهو محسوس ڪيو ته هُو واقعي ان ڳالھه کي سوچي ڪري فڪر مند آهي.
ڪڏهن ڪڏهن ٿڌي دماغ مان به ڪي گرم ۽ تازا خيال نڪري يا اُڀري پوندا آهن، مون سان به ائين ئي ٿيو، کيس دلجاءِ ڏيڻ لاءِ مون وٽ ڪي خيال ڪوچ ڪري پهتا، مان سندس روز مره جي زندگي توڙي سندس مشغولين کان ڪنهن قدر واقف هيس، دانشورانه انداز ۾ کيس سندس مسئلي جو حل ٻڌائڻ لڳس.
“ سهڻا هاڻ ڳالھه ٻڌ، اهو تون وارو مسئلو صرف تونسان نه پر سنڌ جي انيڪ شاگردن سان هوندو، تون وانگر ڪافي شاگردن کي اهو گُمان هوندو ته هو پڙهي رهيا آهن يا هو دل و جان سان محنت ڪري رهيا آهن، پر ائين هوندو ناهي اهو صرف سندن گُمان هوندو آهي، ۽ ها ٻي ڳالھه اسان جون عادتون اسان جي زندگي ۾ اسان جي ڪاميابين ۽ ناڪامين جو تعين ڪن ٿيون اوهان جنهن قسم جي عادتون اپنائيندو اڳتي هلي ڪري اوهان کي ان جي حوالي سان ڪاميابيون ملنديون منهنجي ڳالهه کي ڪٽيندي چوڻ لڳو:
“ ايتري ڳالھه ته مون به سمجهي، مگر هاڻ مون کي ڇا ڪرڻ کپي ؟؟؟ “ اهو ٻڌاءِ
مون ڳالھه کي جاري و ساري ڪندي چيو:
“ ادا منهنجي حساب سان هاڻ تونکي ائين ڪرڻ کپي ته تون پنهنجيون ڪجھه عادتون مٽائي، تون ڪڏهن به غلطي سان لائبيرري نه ويو آهي مون کي ذاتي خبر آ، تون هر روز شام جو گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪلاڪ لائيبرري ۾ گذار، اُتي پنهنجي ڪورس سان لاڳاپيل ڪتاب پڙھه، وري ان سان گڏوگڏ ذهن کي تر و تازه ڪرڻ لاءِ سنڌي ادب توڙي دنيا جي مختلف ادبن جا ڪتاب پڙھه، جئين تنهنجو ذهن لفظن جي جوڙجڪ ۽ بناوٽ توڙي مقصد کان چڱي ريت واقف ٿي سگهي، هت سڄو کيل لفظن جو آهي، هڪڙا لفظ محبت جي اظهار جي علامت بڻجي ڪري دلين کي ڳنڍين ٿا ته وري ان جي برعڪس ڪي لفظ نفرت جي علامت بڻجي ڪري دلين کي ٽوڙين ٿا”
جئين “ آ لو يو “ ۽ “ آ هيٽ يو“ جا الفاظ.
۽ ٻي ڳالھه ته رات جو گهڻو نه جاڳ، سڪون جي ننڊ ڪندو ڪر ته جئين تنهنجو جسم تر و تازه رهي ۽ تنهنجو دماغ ڪنهن شئي کي پنهنجي اندر محفوظ ڪرڻ جو موڊ ٺاهي سگهي، ان سان گڏو گڏ ڪي راند روند به ڪندو ڪر، راندين جي کيڏڻ سان يا وري موبائل ۾ گيمن جي کيڏڻ سان دماغ جي سوچڻ جي صلاحيت ۾ اضافو ٿيندو آهي ۽ دماغ چُست ٿيڻ لڳندو آهي.
همراه کي ڳالهيون دل سان لڳيون ۽ شايد وڻيون به تڏهن ته انهن تي جلد عمل ڪرڻ جو واعدو ڪري ويهي رهيو، ڪي گهڙيون اُتي ويٺا رهياسين، همراه جي چهري تي شائستگي جا گل وکريل نظر اچن پيا، اڄ سندس من جي مونجھ لهي چڪي هئي کيس سندس مسئلي جو حل ملي چڪو هو، مان اهو سوچي رهيو هيس ته ڇا واقعي ئي سچي ۾ منهنجي لٻاڙن ۽ حوالن تي عمل ڪندو يا صرف هتي ها ۾ هائوڪار ڪري پوءِ جوڳي نه ڪنهن جا مٽ واري چوڻي کي سچو ثابت ڪندو، برحال وري به سڄي وارتا وقت جي حوالي ڪري اسان اُتان اٿاسين ۽ هڪ ٻي کان موڪلائي گهر ڀيڙو ٿياسين.
تمام گهڻي عرصي کان پوءِ هُو مون سان مليو، خوش خوش، کلندو ڪڏندو مون وٽ آيو، کيسي مان پنهنجي مارڪ شيٽ ڪڍي ڪري مون کي ڏيکاريائين، اعتبار نه ٿي آيو ته واقعي ئي هُن پنهنجي عمل سان اهو ڪري ڏيکاريو جيڪو کيس ڪرڻ گهربو هو، هُن فور جي پي ائي مان هر هڪ سبجيڪٽ ۾ فور جي پي ائي حاصل ڪئي هئي يعني اي گريڊ، مارڪ شيٽ ڏيکاريندي مون کي چيائين “ ادا مونهي مارڪ شيٽ پنهنجي گهر جي ڪنهن ڀاتي کي به اڃا ناهي ڏيکاري، سڀني کان پهريان اها خوشي اوهان سان ونڊڻ آيو آهيان، ڇو ته اوهان ان جا حقدار آهيون، اوهان مون کي هڪ اهڙي راه جو ڏس ڏنو جيڪو علم، عقل ۽ فهم هوندي به مون کي نظر نه پئي آيو.

طالب علي ڀنڀرو

---

طالب علي ڀنڀرو جون ڪھاڻيون

طالب علي ڀنڀرو جو ادبي نالو طالب ڀنڀرو آهي، سندس پيدائش 20 جنوري 1963ع عبدالستار ڀنڀرو جي گهر ۾ ٿي. اصل ڳوٺ ماڙي تعلقه لکي ضلع شڪارپور آهي. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان، مئٽرڪ هاءِ اسڪول شڪارپور مان، بي اي ۽ ايم اي حيدرآباد مان پاس ڪيائين. پيشي جي لحاظ کان پاڻ سيڪورٽي انچارج هاءِ ڪورٽ بئچ حيدرآباد ۾ سرڪاري ملازم آهن.
سگهڙ طور ادبي سڃاڻپ رکندڙ طالب ڀنڀرو چئن زبانن جا شاعر، سگهڙ، نعت خوان، قاري، مضمون نويس ۽ ڪهاڻيڪار جي طور پڻ شهرت رکي ٿو. ۽ ان سان گڏو گڏ ڪيترائي سفر نامه پڻ مختلف مخزنن ۾ ڇپجي چڪا آهن. اڄ به لکڻ سان چاهه رکندڙ طالب ڀنڀرو احساس مئگزين، ڪينجهر، هزار داستان ۽ ٻين اهڙن ادبي رسالن ۾ وقت به وقت ڇپجندا رهندا آهن.
ايوارڊن جي حوالي سان آصف مٺياڻوي ايوارڊ، يعقوب زڪريا ايوارڊ، سنڌ آنرس ايوارڊ، محمد قمبراڻي ايوارڊ، عزمِ پاڪستان ايوارڊ ملي چڪا آهن. گڏيل شاعري جي آيل ڪتابن ۾ ڪچهري جا مور، اڏاڻيون ڏور پئي آڙيون، شاعري ڳالهائي ٿي، سيوهڻ جي سرڪار، ننڊ جا نيڻ شامل آهن. مختلف بزمن ۾ پڻ باقاعدگي سان شرڪت ڪندا آهن. جن ۾ بزمِ روح رهاڻ، بزمِ فروغ ِ ادب، بزِم شمع ادب، بزمِ معمار ادب، ڊاڪٽر عزيز سگهڙ تنظيم، ۽ ان سان گڏ سنڌي ادبي سنگت شاخ حيدرآباد ۽ ڪوٽڙي شامل آهن. سندس رهائش قاسم آباد ۾ آهي.

ڪالم ڪهاڻي ”وطن کان بي وطن !“

مسٽر يانگ لو ڏکڻ ويٽنام جي مشهور ليڊرن مان هڪ هو. جنهن ويٽنام کي آزاد ڪرائڻ ۽ جهموري ملڪ بنائڻ جي جدوجهد ڪئي هئي. هي سائيگون شهر جي چوٽي جي مشهور سياسي جماعت ڊيموڪريٽ سائيگون جو صدر به رهي چڪو هيو ۽ ڪميونسٽن جي سڀ کان وڏن مخالفن ۾ شامل هو. هن آمريڪي فوج جي واپسي کان به هڪ هفتو بعد ۾ پنهنجي ديس جي ڌرتي امڙ کي خيرباد چئي ڀڄي نڪتو، ڇو جو ڪميونسٽن سڄي علائقي تي قبضو ڪري ورتو هو.
مسٽر يانگ لو 17 جولائي 1975ع جي رات 8 بجه سائيگون شهر کان ٻاهر پنهنجي خاندان سان گڏ لانچ ۾ ويٺو ۽ نامعلوم هنڌ ڏانهن جان بچائي ڀڄي نڪتو هو. هن جو پيءُ ۽ ماءُ ضعيف العمر هئا. هن پنهنجي اولاد کي الوداع چئي واپس پنهنجي شهر سائيگون ويا. مسٽريانگ لو پنهنجي ضعيف العمر والدين سان موڪلائڻ ويو. شايد هن جي پنهنجي ابي امان سان هي آخري ملاقات هئي، انڪري مسٽريانگ لو ابي امان سان ڀاڪر پائي جڏهن موڪلائڻ لڳو ته ان وقت پٿر دل انسان به روئي ڏنو. مري ويل انسان لاءِ انسان هڪ دفعو روئندو آهي ۽ پنهنجي ديس ، وطن کان جدا ٿي وڃڻ ، جيجل امڙ ۽ پياري پوڙهي والدين کان جيئري جدا ٿي وڃڻ واري اولاد لاءِ ابو امڙ تاحيات جيسين جيئرا هوندا آهن، روئندا آهن. مسٽريانگ لو کي پنهنجي ابي امڙ ڀاڪر ۾ جهلي واري واري سان هن جي پيشاني چمندا رهيا. هنن جي اکين مان لڙڪ جاري هئا. مسٽر يانگ لو جا والدين هڪ ڏينهن پنهنجي والدين جي موت تي رُنا هئا. اڄ هو پنهنجي لختِ جگر جي جدا ٿيڻ تي روئي رهيا هئا. مسٽر يانگ لو جي هڪ ڀاءُ اتر ويٽنام ۾ رهندو هو. هن جي ڪميونسٽن سان دوستي هئي. انڪري هن ڪميونسٽن جي رُڪنيت جو ڪارڊ ٺهرائي پاڻ کي بچائڻ ۾ ڪامياب ويو.
مسٽر يانگ لو جي مون سان ملاقات هڪ ويٽنامي دوست ڪرائي هئي. ڇو جو مان ويٽنام جي قومي ڏينهن جي تقريب ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ويل هيس. ان بعد مسٽر يانگ لو کي مون فرمائش ڪئي ته مان توهان جي درد جو داستان لکڻ ٿو چاهيان. جنهن تي مسٽر يانگ لو ٻي ڏينهن پارٽي بلڊنگ ۾ مون کي دعوت ڏني. جڏهن ٻي ڏينهن 11 بجه پارٽي بلڊنگ پهتس ته ان وقت مسٽر يانگ لو منهنجو انتظار ڪري رهيو هو. مان هن کي پارٽي بلڊنگ جي گيٽ تي ڏسي حيران رهجي ويس. هن جا ٽيئي ٻار اسڪول ويا هئا ۽ هن جي زال سمنڊ ۾ ٻيڙي جو سفر ڪندي بک ۽ گولين جي لڳڻ جي ڪري فوت ٿي وئي هئي. هوءَ فلپائن ملڪ جي ڀرسان مري وئي هئي. مسٽر يانگ لو کان ڪيل سوال ۽ ان جا جواب هڪ نه وسرندڙ داستان آهي.
ڪميونسٽ ڪافي وقت کان ويٽنام سان ڪمبوڊيا ۽ لائوس کي هڙپ ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مصروف هئا. اهڙي طرح هنن جون نگاهون ڪوريا تي به هيون. ان کان علاوه هنن جون ڏکڻ ايشيا رياستن تي به نظرون هيون . ان سلسلي ۾ انڊونيشيا ۾ ڪميونسٽن جي جدوجهد کي سامهون رکندي جڏهن صدر سوئيگارنو کي تابع ڪري ملڪ کي ڪنٽرول ۾ وٺڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، مگر هتان جي فوجي جرنيل جي حڪمت عملي سان معاملو ٽري ويو. روسين جون ڪوششون هيون ته ويٽنام ۾ چيني حڪومت جو اثر رسوخ نه هجي. چين جي انقلاب ڪري روسين کي خطرو ٿي ويو هيو ته هي ننڍا ننڍا ملڪ چين جا ساٿاري بڻجي ويندا. ان جو سبب هي هيو ته ويٽنام ،ڪمبوڊيا، لائوس، ڪوريا، روس کان وڌيڪ چيني معاشري جي ويجهو آهن. رسم و رواج ، رهڻي ڪهڻي به چيني خطي سان ملي ٿي. روسي يورپين سواءِ مسلمان رياستن کان جن جو رهڻ ڪرڻ جو طريقو پنهنجو آهي. مان ڪجهه عرصو پهريان روس ويو هوس ۽ ڪاروبار جي سلسلي ۾ اڪثر ڪري ڪيترن ملڪن جو دورو ڪندو رهيو آهيان. مون کي ڪميونسٽ ملڪن کان نفرت هئي. انڪري دراصل مان جيڪو به اتي ماحول ، حالات ڏٺا اهي ڪافي خوف ڏياريندڙ، ظالمانه، نفرت ڏياريندڙ معاشري جي تصوير آهن. جتي حيوانن جو دور آهي. مان 1953 ۾ ڪميونسٽن جي خلاف باقاعده جدوجهد تحريڪ شروع ڪئي. ڏکڻ ويٽنام تي گهڻو اڳ فرانس جي به حڪمراني هئي ۽ مان فرانس جي حڪومت سان تعاون ڪيو، انڪري ته ان حڪومت جي هئڻ ڪري غلام ته ضرور هئا سي پر انهن جي غلامي ڪميونسٽن جي آزادي کان بهتر چڱي هئي. مگر روسي حڪومت رشوت، لالچ ڏئي ڪري ويٽنام جي گهڻن ماڻهن کي مير جعفر مير “صادق” بڻائي ڇڏيو ۽ فرانسيسي حڪومت خلاف تحريڪ شروع ڪرائي پر 1954 ۾ فرانسيسي حڪومت ويٽنام کي ٻن حصن ۾ ورهايو. هڪ حصو جهموريت جو علمبردار سڏايو ۽ ٻي حصي کي ۾ ڪميونسٽن جي حامين، ساٿارين پنهنجا اثر قائم ڪيا. روسين ڪميونسٽن گوريلا جنگ لاءِ تيار ڪيو. اهي ماڻهو روسي حڪومت جا پگهاردار ملازم ٿي ويا جو غير ڪميونسٽن ماڻهن کي بيگناهه چوندي چوندي قتل ڪندا هئا ۽ ماڻهن کي ماري لاش روڊن تي اڇلائيندا هئا ته جيئن ڪير به ڪميونسٽن جي مخالف جي جرئت به نه ڪري. آمريڪي حڪومت کي اسان امداد جي مدد جي اپيل ڪئي سين، پڪاريوسين پر ڪو به کڙ تيل نه نڪتو.ديس جو عوام ٻن سُپر طاقتن جي اشاري تي قتل ِعام ٿيندو رهيو.
سوال: توهان جي خيال ۾ فرانسيسي حڪومت ۽ موجوده ڪميونسٽ حڪومت ۾ ڇا فرق آهي؟
جواب: فرانسيسي حڪومت اسان جي علائقي تي حڪومت ڪئي. اسان هنن جي مخالفت ڪئي سين. اسان جيلن ۾ رهياسين. مگر انهن اسان سان ايترو ظلم نه ڪيو، کاڌي پيتي جون شيون ٿوري مقدار ۾ به ضرور ملنديو ن هيون. اسان پيٽ جو دوزخ جيل ۾ ڀريندا هئاسين. اهي ماڻهو جمهوري اقتدار جا مالڪ هئا. اهي انسانيت جو احترام ڪندا هئا. صرف اسان اتي ڪنهن نوآبادي نظام کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه هئاسين مگر بدقسمتي ته اسان اتي هڪ نئي نوآبادي سامراج وري قبضو ڪيو. اڄ اتي ظلم ستم هلي رهيو آهي. ويٽنام ۾ اڄ نالي جي حڪمراني جنتا عياشي ڪري رهي آهي يا روسي حڪومت جا اعلى عهديدار راڄ ڪري رهيا آهن. اڄ ويٽنام روسين جي لاءِ سياست جو اڏو بڻجي چڪو آهي. جتي روسين جو هرشيءَ تي قبضو آهي. اهي دولت کان عورت تائين هر شيءَ جو مطالبو ڪري سگهن ٿا ۽ ڪنهن جي جرئت ناهي جو انهن جي سامهون ڏاڍيان ڳالهائي. ڪميونسٽ ٻڏڻ ۾ ته سُٺو آهي مگر عملي طرح انهن ماڻهن جو نظريو ۽ اخلاق جي باري ۾ گهڻو واقف ناهن. ۽ جن جو ڪم قتل و غارت آهي. اهائي ڳالهه آهي ته روسي جتي به وڃن ٿا اتان واپس اچڻ جو نالو نٿا وٺن ان ڪري ته نه انهن کي پنهنجي ماڻهن جي موت جو غرض آهي ۽ نه هو ٻين جي قتل غارت تي گهٻرائن ٿا.
سوال: توهان جي والدين جو حشر ڇا ٿيو؟
جواب: منهنجا ماءُ پيءُ ايترا مشهور نه هئا مگر مون کي سائيگون ۾ سڀ ماڻهو سڃاڻندا هئا. جڏهن فلپائن پهتس ته مون ڀاءُ ڏي ڪيمپ مان خط لکيو جنهن مون کي جواب ۾ اطلاع ڪيو ته منهنجو 80 سالن جو پيءُ ۽ پوڙهي ماءُ کي ڪميونسٽن ظالمن وڏا عذاب ڏئي مارائي ڇڏيو. هنن ضعيف العمر منهنجي والدين کي بيدردي سان مارايو ويو . منهنجو ڀاءُ ان واقعي کان پوءِ به ڪميونسٽن سان رهيو. ڄڻ هن جو ضمير مري چڪو هو. ان بعد سال اڳ منهنجي وڏي ڀاءُ کي به ان ڪميونسٽن معاف نه ڪيو هن کي به قتل ڪيو ويو. منهنجي وڏي ڀاءُ کي انڪري قتل ڪيو ويو جو هنن کي خبر پئجي وئي ته هي مسٽر يانگ لو جو ڀاءُ آهي. انڪري هن کي به گوليون هڻي ماريو ويو ان بعد منهنجي ويجهن عزيزن، مائٽن، دوستن کي به خاندانن سميت ڳولهي ڳولهي ماريندا رهيا. ويٽنام ۾ مقامي حڪومت آهي. ائين افغانستان جي به مقامي حڪومت آهي. انهن کي به روپيا ڏين ٿا جڏهن هو مقصد ۾ ڪامياب ٿين ٿا ته روسي ڪو ٻيو ليڊر تيار ڪن ٿا ۽ ان کي هر وقت خوف ڏيارين ٿا. انڪري اتان جو عوام قيدي بڻجي غلام بڻجي ٿا رهن. روسين جي مخالفن جو اتي رهڻ به مشڪل آه سواءِ موت جي . روس ڪميونسٽ جا سڄي دنيا ۾ حڪمران رهن ٿا ۽ روس انهن سڀني جو سربراهه آهي. پنهنجي وطن سان هر ڪنهن کي پيار آهي، هر ڪنهن جي محبت هوندي آهي. مون کي هتي هر سهولت آهي. هتي منهنجو ڪاروبار آهي. مون کي جيڪو پنهنجي وطن ديس جي ڌرتي تي سڪون ملندو هيو اهو هتي نه ٿو ملي سگهي. مون کي آمريڪي دوست به چيو هيو ته مان آمريڪا وڃي اتي رهان ۽ اتي هميشه لاءِ رهان.
سوال: توهان وطن کان ڪهڙي طريقي ڀڄي نڪتا ، تفصيل ٻڌايو؟
جواب: مان ٽن ٻارن ۽ زال سميت لڪل هوس مون کي عزيز مائٽ اطلاع ڏيندا هئا. جڏهن آمريڪا جا فوجي جٿا روانا ٿي ويا ان ڏينهن ئي ڪميونسٽن اسان جي شهر تي قبضو ڪري ورتو. اسان جي شهر کي لٽيو ويو ، ڦريو ويو ۽ ڪميونسٽ نعره هڻندا اڳتي وڌيا. اسان جي شهر جي هڪ ليڊر کي ان جي گهر ۾ ئي گولين جي بک بڻايو ويو ۽ ان جي نوجوان ڌي کي روسي فوجي وارن کان جهلي گهليندا ، ٽنگو ٽالي ڪندا وٺي وڃي رهيا هئا. هوءَ خوف وچان رڙيون ڪندي رهي ليڪن هنن ظالمن کي رحم نه آيو. ان وقت مان جلدي جلدي ڀڄي پنهنجي ملڪ ۽ شهر جي سامونڊي ڪناري تي پهتس، جتي ٿوري دير ۾ منهنجا پوڙها ماءُ پيءُ مون کي منهنجي خاندان کي الوداع چوڻ سمنڊ جي ڪناري آيا. منهنجي والده منهنجي جدائي جي ڏک ۾ ايترو لاچار ۽ اداس هئي جو جڏهن مان هن کان موڪلايو ته ان وقت هو صرف روئيندي رهي ۽ هڪ لفظ به ڳالهائي نه سگهي. هن جي اکين ۾ ڳوڙها ۽ ڳلي مان هڏڪيون اچي رهيو هيون. جيڪي منهنجي دل کي تڙپائي رهيو ن هيون، ۽ ان وقت منهنجي اکين مان لڙڪ وهي هليا. ڪاش مون وٽ وڏو ٻيڙو هجي ها جنهن ۾ گهر جا سڀ ڀاتي سڄو خاندان ويهي سلامتي سان نڪري وڃون ها پر وقت ٿورو هيو ۽ لانچ ننڍي هئي جنهن ۾ صرف پنج ماڻهو ويهي ئي سگهيا. منهنجو والد بزرگ ڳلي سان لاتو ۽ سڏڪا ڏيڻ لڳو ان وقت عجيب منظر هيو. جڏهن اسان سمنڊ جي ڪناري بيٺل لانچ ۾ سوار ٿياسين. منهنجي زال تي ٻار ۽ مان سڀ سڏڪن ۾ پئجي وياسين. ڪناري تي بيٺل ابو امڙ الوداع چوڻ لڳا. شل خداتعالى ڪنهن انسان کي وطن کان بي وطن نه ڪري.
پنهنجي ابن ڏاڏن جو ديس ڌرتي ماتا کي ڇڏي هميشه جدا ٿي وڃڻ هڪ قيامت جو منظر هو. اڃان ٿورو وقت موڪلائڻ ۾ گذريو ته گولين جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو اهو ٻڌي هڪدم پنهنجي جيجل ماءُ ۽ پوڙهي بابا سائين کي ڇڏي زال ۽ ٽن ٻارن سميت لانچ ۾ ويهي هلڻ جي تياري ڪئي. لانچ ڪناري کي ڇڏي هلڻ لڳي. ان وقت منهنجو پاليل ڪتو منهنجي بابي سائين ۽ جيجل امان سان گڏ بيٺو هو. جڏهن باءِ باءِ ڪري اسان هلڻ لڳاسين ته ڪناري تي بيٺل ڪتو به روئڻ لڳو هو پنهنجي زبان سان منهن آسمان طرف ڪري رڙيون روڄ راڙو ڪرڻ لڳو. ۽ مون ڏٺو ته ڪتي جي اکين مان به ڳوڙها وهي هليا ۽ اسان لانچ اڳتي وڌي سو فوٽ جي فاصلي تي پهتي ته ان وقت ڪتي به سمنڊ ۾ ٽپو ڏنو ۽ اسان جي لانچ طرف ترڻ لڳو. افسوس جو اسان جي لانچ ۾ ڪافي سامان هو ۽ وزن هيو ان ڪري اسان ڪتي کي به نه کڻي سگهياسين. ۽ اسان جي لانچ تيزي سان هلندي رهي جڏهن منهنجو ذهن ان پاليل وفادار ڪتي تي آيو ته مون کي ايترو افسوس ۽ ڏک ٿيو ته ڪتو به گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي مالڪ لاءِ پيار رکي ٿو ۽ ڪتو پنهنجي جان ڏيڻ لاءِ به تيار آهي پر هي ڪميونسٽ ڪتن کان به بدتر آهن. نوجوان بيگناهه ڇوڪرين جون عزتون لٽن ٿا. غريبن کي بيگناهه مارن ٿا. هي ظالم انسان دهشت گرد خدا ڄاڻي ڪيسيتائين انسانيت جا دشمن رهندا. اسان جو سفر جاري رهيو اسان سمنڊ اندر ڏينهن جي وقت مڇي پڪڙي لانچ اندر پچائي کائيندا هئاسين ڇو جو اسان رڌ پچاءُ جو سامان لانچ ۾ گڏ کنيو هيو. هاڻي اسان وٽان تيل به ختم ٿي ويو مهينو سڄو سمنڊ ۾ رهياسين اسان جي جسماني صحت خراب ٿيڻ لڳي ۽ مٿان سمنڊ ۾ تيز هوائن حملو ڪرڻ شروع ڪيو. منهنجي زال ڪافي گهڻو بيمار ٿيڻ لڳي. هن کي اهو فڪر هيو ته تيل ختم ٿي ويو اسان جي لانچ هاڻي سمنڊ جي بي رحم ڇولين جي حوالي آهي.
جڏهن ڪا بي رحم خوني ڇولي آئي ته اسان جو سڄو خاندان هڪ سيڪنڊ ۾ ختم ٿي ويندو ۽ لانچ غرق ٿي ويندي. ٻيو ته منهنجي گهرواري جا ماءُ پيءُ ، ڀاءُ ڀيڻ مطلب ته سڄو خاندان ڪميونسٽن گوليون هڻي ختم ڪري ڇڏيو هيو. پنهنجي خاندان مان صرف هوءَ اڪيلي زنده هئي. هن کي ڏک ۽ غم کائي رهيو هو. هوءَ ڪڏهن ڪڏهن پار ڪڍي پنهنجن ڀاتين جا نالا وٺي روئيندي رهي پر مان هن کي آٿت ڏيڻ لڳس ۽ صبر ڪرڻ جو سبق ڏيندو رهيس ۽ گهر واري کي چوندو رهيس ته هوءَ الله تعالى کان دعا گهري ته اسان خير سلامتي سان ڪنهن منزل تي رسون. اسان پرديسي وطن کان بي وطن ٿي نڪتا هئاسين. چوندا آهن جتي باهه ٻري اها جاءِ سڙي. اسان دردن جا دکايل سورن جا ستايل پنهنجي پيارن کان وڇڙي دلين ۾ درد فراق جا صدما کڻي نڪتا هئاسين. پر ان جي باوجود جڏهن مان روئيندو هوس يا گهٻرائيندو هوس ته زال آٿت ڏيندي هئي جڏهن گهر واري گهٻرائيندي روئيندي هئي ته ان کي مان آٿت ڏيندو هو . هڪٻئي کي سهارو ڏيندا رهياسين ۽ همت نه هاري سين. هاڻي اهڙو وقت به آيو جو رڌ پچاءُ جو سامان به ختم ٿي ويو. مان ڪچي مڇي پڪڙي گهرواري ۽ ٻارن کي کارائڻ لڳس. اسان انسانن جي وستي کان پري سمنڊ جي رحم و ڪرم تي هئاسين. اسان کي موت سان مقابلو ڪرڻو هيو. منهنجي ننڍڙي نينگري همت هاري ويٺي ان کي به پنهنجا عزيز مٽ مائٽ گهر گهاٽ ۽ ننڍڙيون معصوم سهيليون ياد اچڻ لڳيون هيون.
اها معصوم نينگري منهنجي گوڏن تي ليٽيل هئي ۽ مان هن کي مٿي تي هٿ گهمائي رهيو هوس هوءَ چوڻ لڳي “بابا اسان پنهنجي ديس ڌرتي ماتا تي مرون هان، پنهنجي وطن تي مرون ها ته ڪيترو نه سٺو هو. گهٽ ۾ گهٽ عزيز، مٽ مائٽ، سهيليون اسان جو جنازو ته پنهنجي هٿن سان کڻن هان ۽ دفن ڪن ها. بابا سمنڊ جو موت تمام مون کي خوفناڪ ٿو لڳي.“
اهو ڏسي مان پنهنجي معصوم ڌي کي جواب ڏنو ”پٽ هو ظالم آهن هڪ مهل نٿا مارين پر عذاب ڏئي مارين ٿا. انڪري ڌي اسان ڪنهن آزاد سر زمين تي مرنداسين همت نه هاريو اهو سمنڊ ۾ 35 ڏينهن هيو. ٿوري دير کان پوءِ ڪميونسٽن فوجين جي هڪ لانچ اسان ڏي ايندڙ نظر آئي. هنن ظالمن کان پري کان فائرنگ کولي ڏني. اسان سڀ لانچ اندر نوڙي جهڪي وياسين ان هوندي به فائرنگ تيز هئي. هڪ گولي منهنجي زال جي مٿي ۾ لڳي اڃان ظالم اسان ڏي ويجهو اچي گهيرو وڪري هڪ هڪ ڪري قتل ڪن ها ۽ سامان به ڦري وڃن ها پر قسمت سان الله تعالي اسان جي فرياد ٻڌي ٿوري دير ۾ انڊونيشيا جو بحري جهاز سامهون اچي رهيو هيو. ان کي اسان جي ويجهو ايندي ڏسي ظالمن ڪميونسٽ فوجين پنهنجي لانچ جو رخ هڪدم واپس ٻي پاسي ڦيرايو ۽ تيز رفتار ڪري ڀڄي ويا. اسان جي جسم ۾ ڪجهه ساهه پيو عين ان وقت انڊونيشيا جو بحري جهاز اسان جي ويجهو آيو. هنن اسان جي حال کي ڏسي هڪدم پنهنجي وڏي بحري جهاز ۾ پناهه ڏني. منهنجي زال ڪافي زخمي حالت ۾ هئي ڇو جو گولي دماغ مان آرپار ٿي وئي هئي. ان ڪري رت به ڪافي وهي چڪو هو. هوءَ چند منٽن جي مهمان هئي. منهنجا معصوم ٽئي ٻار پنهنجي ماءُ کي ڀاڪر ۾ جهلي روئي رهيا هئا. ان وقت زال مون کي پنهنجي معصوم ننڍڙن ٻارن جي پارت ڪرڻ لڳي منهنجي معصوم ٻارڙن کي اڪيلو نه ڇڏجان انهن جو هر طرح جو خيال رکجانءِ. هاڻي مان توهان کان جدا ٿي اهڙي سفر ٿي وڃي رهي آهيان. جتان ڪوبه انسان اڄ تائين واپس ڪونه آيو آهي.
ايتري ۾ انڊونيشيا جي بحري جهاز ملڪ فلپائن جي بندرگاهه تي اسان کي لاٿو. مان پنهنجي زال کي ڀاڪر ۾ جهلي بحري جهاز کان هيٺ لاٿو ٻار به گڏ لهي آيا. اسان بندرگاهه ڇڏي ڪچي طرف ڪجهه وڻن جي ڇانو طرف مان زال کي جهلي کڻي هليس. انسان جي آبادي سامهون نظر اچي رهي هئي مون کي زال چيو ته هيٺ لاهه مان هن کي هيٺ لاٿو. هوءَ زمين تي سڌي ٿي ليٽي پئي ۽ ننڍن معصوم ٻارن کي اشارو ڏئي هڪ ئي وقت ٽنهي معصوم ٻارن کي پنهنجن ٻانهن ۾ ورائي چميون ڏنيون ۽ هنن جي مٿي جي وارن تي شفقت جا هٿ ڦيرايا ان وقت معصوم ٻار سڏڪا ڏيندي روئيندا رهيا ان وقت مان ٿورو دل جهلي زال کي چيو : ”تون گهٻراءِ نه ، شهر سامهون آهي، ڪنهن اسپتال ۾ ڏيکارينداسين مگر منهنجي زال چيو يانگ اسپتال ڪونه پهچي سگهنداسين هاڻي منهنجي موڪلاڻي آهي. مون کي هاڻي ڏک ڪونه ٿيندو ته پنهنجي ئي وطن پنهنجي ئي ڌرتي تي غلامن جي زندگي گذارڻ کان بهتر آهي ته ڪنهن آزاد ملڪ ۾ مرجي. هاڻي اسان آزاد آهيون. اهو ٻڌي مون آخري پساهه کڻندڙ زال کي چيو: پياري اسان آزاد اڃان نه ٿيا آهيون. اڃان اسان غلام سرزمين تي آهيون. جتي مارڪوس جي حڪومت آهي. ايتري ۾ منهنجي زال هميشه لاءِ موڪلائي وئي. ان بعد مان چيو : اي پياري! اڃان ڪجهه انتظار ته ڪرين ها پر وڃڻ وارا ڪٿي ٿا انتظار ڪن. مان ٿوري پنڌ زال ج لاش کڻي هلندو رهيس پويان معصوم ٻار روئندا سڏڪندا رهيا. ويجهو واري جي دڙي ڀرسان هٿن سان زمين کوٽي پنهنجي زال کي ساڳين ڪپڙن ۾ دفن ڪيو. مٿان واري سان پوري ڇڏيو . قبر مڪمل ڪري روئندا قبر کان موڪلائي معصوم ٻار وٺي اڳتي هليس هاڻي ان وقت مون کي والدين مٽن مائٽن ۽ وري زال جي تازي غم کوکلو ڪري ڇڏيو ڄڻ پاڻ کي زنده لاش سمجهڻ لڳس. ان کان پوءِ آمريڪا آيس ۽ ڪليفورنيا ۾ آباد ٿيس ۽ مون کي ڪنهن ٻي جدو جهد ڪرڻ جي همت نه رهي. پوءِ ڪينيڊا رهڻ جو پروگرام ٺاهيو هن وقت تائين ايتريون مصيبتون سهي نه ٿو سگهان مگر معصوم ٻارن جون ذميواريون آهن.
غمن، ڏکن قتل عام دهشتگردي منهنجي دل کي کوکلو ڪري ڇڏيو آهي. ۽ اسان کي ظالمن پنهنجي ئي ملڪ پنهنجي ئي ديس ۽ ڌرتي ماتا تي زنده رهڻ جو حق به نه ڏنو. سچ چوندا آهن ته جيڪو پنهنجي ڌرتي ماتا جي حفاظت نه ٿو ڪري ۽ ڌارين جي حوالي ٿو ڪري ته خود پنهنجي ڌرتي فرياد ڪندي آهي ۽ پوءِ خود ڌرتي ڌڻي وطن کان بي وطن ٿيو وڃي.

ڪالم ڪهاڻي ”انسانيت ۽ احساس“

18 اپريل 2018 جي تاريخ ٻپهري جي نماز پڙهي آءُ گلشن مهراڻ فيز ون قاسم آباد کان نڪري شيدي ڳوٺ وڃڻ لڳس ته جهانيه هوٽل جي سامهون پارڪ تي رش لڳي پئي هئي. مون سمجهو شايد ڪڪڙن جي ميل آهي اٺن سالن جي ڄمار کان 60 سالن جي عمر جا ماڻهو چپ چاپ چئني طرف هجوم جي صورت ۾ بيٺل نظر آيا. خبر ناهي ته هي ڪهڙو تماشو ڏسي رهيا هئا. آءُ بجاءِ شيدي ڳوٺ وڃڻ جي ان ميڙ طرف هلي پيس هڪ ماڻهو ٻڌايو ته جڳهڙو ٿيو آهي مان تيز تيز ڊوڙي وڃي اتي ڏٺو. پنجاهه سٺ ماڻهو پر ڄڻ هنن کي نانگ سنگهيو هجي. جو هو چُرن پرن يا هاءِ گهوڙا ڪن يا ٻن وڙهندڙن کي ڇڏائن. جڏهن مون ڏٺو هيٺ ڪريل نوجوان زندگي جا آخري پساهه کڻي رهيو هو ۽ مٿيون نوجوان هيٺ ڪريل نوجوان جي ڳچي ساهه واري رڳ کي ٻنهي هٿن سان دٻائي هن جي آخري هڏڪي جو انتظار ڪري رهيو هو. اهي ساڳيا ماڻهو تماشبين بڻجي اهو منظر ٽچ موبائل تي رڪارڊ ڪري رهيا هئا.
بس مون کان برداشت نه ٿيو نوجوان ڪير به هجن آخر انسان آهن هنن جا پيءُ ماءُ به هوندا. ائين بي دردي سان سرِعام انسان جو خون مون کان ڏٺو نه ٿيو مون ميڙ ۾ بيٺل هڪ ڊاڪٽر ۽ هڪ پيش امام مسجد کي به ڏٺو ۽ لکيل پڙهيل ماڻهو نوجوان نظر آيا مون هڪدم مٿان ويٺل نوجوان کي قميص کان جهلي ڇڪي مٿي ڪيو ۽ تماشبين ماڻهن کي چيو اوهان ايترا بي شرم بي حيا آهيو جيڪڏهن اوهان جو پٽ ڀاءُ سرِعام قتل ٿيندي ڏسي سگهو ها ان بعد سڀن ماڻهن منهنجي الفاظن جي اثر ڪري هڪدم منهنجو ساٿ ڏنو هيٺ ساڻو ٿي ويل نوجوان وڏا وڏا ساهه کنيا ۽ سرت ۾ آيو جنهن ٻڌايو ته مان بچاءُ بند قاسم آباد جو آهيان قتل ڪندڙ نوجوان پارڪ ڀرسان مين روڊ تي هن جي موٽرسائيڪل بيٺل نظر آئي هن ٻڌايو ته ماريندڙ شخص ڪجهه مهينا اڳ ۾ صدر ڪراچي ۾ به قاتلانه حملو ڪيو هو پر اتي ٻين ماڻهن وچ ۾ پئي مون کي بچايو هو مون نوجوان کي جان بچائڻ جو چيو ۽ پاڻ سان گڏ هلڻ جو چيو پر هن صاف انڪار ڪيو ۽ ائين چئي ڏنو ته هو ڀلي مون کي قتل ڪري ڇڏي هن جي ضد ۽ گهل جي ڪري ساڳيو نوجوان سامهون جهانيه هوٽل ڀرسان زيرِ تعميراتي بلڊنگ هيٺيان پنج فوٽ ڊگهو بانس جو ڏنڊو کڻي پهچي ويو وري ساڳي ويٺل نوجوان مٿان ڏنڊن جو وسڪارو لائي ڏنو. جنهن ڪري هن جي هڪ ٻانهن ڀڄي پئي، ٽنگن ۽ پيشاني مان رت وهڻ لڳو وري مان مداخلت ڪري زخمي نوجوان کي ڇڏايو. حمله آور کي پنهنجي موٽر سائيڪل تي ويهاري روانو ڪيو، جيڪو پسٽل کڻڻ ويو. ايتري ۾ زخمي نوجوان پاڻ کي موت جي منهن ۾ ڏيڻ تي رضامند هو ته هو ڀلي ماري ڇڏي هتان نه اٿندس اها حالت ڏسي مون گهران موٽر سائيڪل کڻي آيس زخمي نوجوان کي موٽر سائيڪل تي ويهاري بچاءُ بند قاسم آباد پهچايو جتي هن نوجوان جا ڄاڻ سڃاڻ وارا موجود هئا ۽ مون نوجوان جي زندگي بچائڻ ۾ ڪامياب ٿيس.
مان اڄ به ان واقعي کي نظر ۾ رکي جڏهن سوچيندو آهيان ته هڪ نوجوان کي آخر قتل ڇو ٿي ڪرڻ چاهيو ۽ قاسم آباد جو نوجوان پنهنجو پاڻ کي موت جي منهن ۾ ڇو ٿي وجهڻ چاهيو ۽ اڄ واري جديد دور ۾ تعليم يافته ماحول ۾ اهي نوجوان جانيون بچائڻ بجاءَ وڙهندڙ نوجوانن جي موت جو منظر رڪارڊ ڪري سڄي دنيا ۾ ڏيکارن ها. (مون کي نبي ڪريم صلي الله وآله وسلم جو اهو فرمان ته “هڪ انسان جي جان بچائڻ پوري انسانيت جي جان بچائڻ ۽ هڪ انسان کي موت جي منهن ۾ ڌڪڻ پوري انسانيت کي موت ڏيڻ برابر آهي” ۽ هڪ ٻيو قول مولا ڪائنات حضرت علي مرتضي جو آهي ته: “ڪو زمانو ايندو انسان ته گهڻا هوندا پر انسانيت ۽ احساس ڪنهن ڪنهن ماڻهو وٽ باقي هوندو”.