تعليم

ابتدائي تعليم جي سکيا

ھي ڪتاب پري پرائمري ۽ پرائمري ٻارن جي تعليم لاءِ استادن واسطي جديد تحقيق جي روشنيءَ ۾ سائنسي طريقن تي مشتمل آھي. ڪتاب ۾ تعليمڪار ٿيڻ جا پيشورانہ پھلو پڻ بيان ڪيا ويا آھن. ڪتاب ۾ ٻاروتڻ جي راندين جي اھميت، والدين ۽ ڪميونٽي سان گڏ ڪم ڪرڻ، جسماني، سماجي ۽ جذباتي نشونما کي وڌائڻ جي طريقن، رياضي، سائنس ۽ سماجي اڀياس جي سکيا، زبان ۽ لکڻ پڙھڻ جي صلاحيت جي سکيا ۽ نشونما ۽ سکيا ۾ مدد لاءِ ٽيڪنالاجي جي استعمال بابت باب شامل آھن.

Title Cover of book ابتدائي تعليم جي سکيا

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران مائيڪل ايل ھينيگر جي لکيل ڪتاب جو سنڌي ترجمو ”ابتدائي تعليم جي سکيا“ اوھان اڳيان پيش ڪجي ٿو، جنھن جو سنڌيڪار محمد احمد منصور عباسي آھي. 
ھي ڪتاب پري پرائمري ۽ پرائمري ٻارن جي تعليم لاءِ استادن واسطي جديد تحقيق جي روشنيءَ ۾ سائنسي طريقن تي مشتمل آھي. ڪتاب ۾ تعليمڪار ٿيڻ جا پيشورانہ پھلو پڻ بيان ڪيا ويا آھن. ڪتاب ۾ ٻاروتڻ جي راندين جي اھميت، والدين ۽ ڪميونٽي سان گڏ ڪم ڪرڻ، جسماني، سماجي ۽ جذباتي نشونما کي وڌائڻ جي طريقن، رياضي، سائنس ۽ سماجي اڀياس جي سکيا، زبان ۽ لکڻ پڙھڻ جي صلاحيت جي سکيا ۽ نشونما ۽ سکيا ۾ مدد لاءِ ٽيڪنالاجي جي استعمال بابت باب شامل آھن.
ھي ڪتاب 2005ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي پاران ڇپايو ويو جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان شيئر ڪجي ٿي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ : ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي.