ناول

دلارام

”دلارام“ هڪ مختصر ناول نيڪيءَ بديءَ جي موضوع تي لکيل آهي، جنهن ۾ اصلاحي ۽ اخلاقي پهلو آهي. دلارام 1887ع ۾ لکيو ويو.
  • 4.5/5.0
  • 172
  • 0
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book دلارام

ناشر طرفان ٻه لفظ

ڪتابي ادب جي حفاظت ۽ بقا جو دارومدار ڪتابن جي عام موجودگيءَ تي آهي. ڪي ڪي مذهبي ڪتاب بر زبان ياد به ڪرايا ويندا آهن، ۽ انهن جي بروقت حفاظت جو اهو به هڪ طريقو آهي. پر ڪتاب، مذهبي هجن يا خالص علمي ۽ ادبي؛ هڪ دفعو جيڪڏهن ڇپيا ۽ پوءِ ائين گم ٿي ويا، جو عام پڙهندڙن کي وقت سر انهن جو ملڻ ناممڪن ٿي پوي، ته چئبو ته اهي ڪتاب ۽ منجهن جيڪو ادبي سرمايو موجود هو، سو هميشه لاءِ ڄڻ فنا ٿي ويو.

زندهه ٻوليون پنهنجي ادبي سرمايي کي ڪڏهن به ائين بيدرديءَ سان فنا ٿيڻ نه ڏينديون آهن. سندن ابدي شاهڪارن جا نوان نوان ڇاپا باقاعدگيءَ سان نهايت آب تاب سان هميشه نڪرندا ئي رهندا آهن. افسوس آهي، جو اسان جي سنڌي عالمن ۽ اديبن، ادبي جماعتن ۽ علمي ادارن، ان طرف اڄ ڏينهن تائين ايترو ڌيان نه پئي ڏنو آهي، جيترو کين ڏيڻ گهربو هو: نتيجو هي نڪتو آهي، جو اڄ سون اهڙن بيمثل سنڌي ڪتابن جا نالا وٺي سگهجن ٿا، جيڪي ڪنهن به قيمت تي پڙهندڙن کي هٿ نٿا اچي سگهن، ۽ ائين پيو ڀانئجي، ڄڻ اهي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪڏهن لکيا ئي ڪونه ويا هئا. ظاهر آهي ته پنهنجي هن عظيم ادبي ورثي ڏانهن ايتري سرد مهري، ۽ ان کان ايتري غفلت ۽ لاپرواهي نه ڪڏهن معافي لائق ٿي سگهي ٿي، ۽ نه وري ان جي ڪڏهن ڪا مناسب پورائي ئي اسان کان ٿي سگهندي. پنهنجن وڏن جي ميڙيل چونڊيل املهه ماڻڪن کي ائين هٿن جي وٿين مان واريءَ وانگر جيڪڏهن هميشه وڃائيندا ئي رهنداسين، ته آخر ۾ سواءِ خالي هٿن جي باقي اسان وٽ ڇا وڃي بچندو، سا ڳالهه سڀڪو سمجهي سگهي ٿو.

سنڌي ادبي بورڊ، انهن ڳالهين کي محسوس ڪندي، هڪ بنيادي مقصد پنهنجي سامهون هيءُ به رکيو آهي، ته پنهنجي ٻوليءَ جا پراڻا ڇپيل ڪتاب جنهن عزت ۽ احترام جي لائق آهن، تنهن عزت ۽ احترام سان ٻيهر ڇپائي شايع ڪيا وڃن، ته جيئن سنڌي ادب ۾ انهن ڪتابن جي هڪ دائمي حيثيت باقي رهي سگهي. انهيءَ مقصد جي پوئواريءَ ۾ بورڊ طرفان پندرهن ڪتاب: گل شڪر، حيات النبي، سير ڪوهستان، بلو کوکر، گل ڦل، جهان آرا، سون ورنيون دليون، راسيلاس، سنڌي ٻولي جي تاريخ، هدايت الانشاء، گل، ايسپ جون آکاڻيون، زينت، سڀا جو سينگار ۽ خودياوري شروع ۾ ڇپجي پڌر ٿيا، ۽ اُن ساڳئي سلسلي جو هي سورهون ڪتاب 1958ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جو هي ٻيو ڇاپو هاڻي خدمت ۾ پيش ٿي رهيو آهي.

سنڌي ادبي بورڊ هن پنهنجي اشاعتي پروگرام جو هڪ شعبو خاص اهڙن معياري، مگر ناياب ڪتابن جي از سر نو طباعت ۽ اشاعت ۾ مصروف رکيو آهي. نهايت خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته انهيءَ پروگرام ماتحت ڇپيل ڪتابن مان ڪن جا ته ٻيا ۽ ٽيان ايڊيشن به بورڊ کي سال ٻن جي عرصي ۾ وري وري شايع ڪرڻا پيا آهن، جنهن مان عوام طرفان بورڊ جي هن ڪوشش جي قدردانيءَ جو ثبوت ملي ٿو. ماسب سمجهجي ٿو، ته هتي بورڊ جي انهيءَ پروگرام جي سلسلي ۾ هڪ خاص چيز جو ذڪر ڪجي: بورڊ اهي ناياب ڪتاب محض جيئن جو تيئن ڇپائي ڪونه ٿو پڌرا ڪري؛ بلڪ انهن کي لائق اديبن هٿان نئين سر سڌاري، ۽ طباعت ۽ ڪتابي اشاعت جي جديد تقاضائن موجب حتي الامڪان ٺاهي سينگاري، پوءِ شايع ٿو ڪري. ايتريقدر، جو ڪتابن جي هنن نون ڇاپن جي افاديت ۽ اهميت ئي خاص پنهنجي ٿيو وڃي ٿي. بورڊ جو هيءُ پروگرام ڪافي وسيع آهي، ۽ ان ماتحت سردست اٽڪل ٻه سؤ قديم خواه جديد، مگر ناياب ٿيل_ ڪتاب شايع ڪرڻا آهن. اميد آهي ته سنڌي ادب جا بهي خواه، بورڊ جي هنن ڪوششن کي همتائيندا، ۽ هن نيڪ مقصد جي تڪميل لاءِ بورڊ کي پنهنجي گرانقدر مشورن سان هميشه نوازيندا رهندا.



محمد ابراهيم جويو،

اعزازي سيڪريٽري

حيدرآباد سنڌ

مصنف طرفان

پڙهندڙن جي خدمت ۾ عرض: ته هيءُ هڪڙو نئون قصو خيالي سٽيل آهي؛ پنهنجي دليؤن جوڙيل آهي؛ ڪنهن ٻئي ڪتاب تان ورتل ناهي. هن ۾ ڪا ڪوڙي آکاڻي يا نه ٿيڻ جهڙي ڳالهه پيل ناهي؛ نڪو منجهس ديو، نڪا پري آهي: رواجي اتفاقن ۽ دنيائي وهنوار ۽ هلت چلت جو منجهس ذڪر اچي ٿو، ۽ نيڪي_ بَدي ڪرڻ مان جي نتيجا نڪرن ٿا، سي چڱيءَ طرح منجهس ڏيکاريل آهن؛ پڇاڙيءَ ۾ هڪڙي ننڍي نصيحت به ڏني ويئي آهي. اهو قصو سليس عبارت، عام اصطلاحن ۽ مختصر لفظن ۾ ڏنو ويو آهي ته ستت ئي پڙهندڙن کي دلنشين ٿي وڃي. انهيءَ بنياد تي ٻيو مال منجهس وجهي کڻي رٿجي، ته هڪڙو وڏو ڪتاب منجهانئس جڙي پوي. اهڙا ڪتاب، جن کي هن زماني ۾ انگريزيءَ منجهه ”ناول“ ڪري سڏين ٿا، سي ٻين ملڪن ۾ تمام گهڻا آهن، ۽ روزبروز پيا جڙن؛ مگر سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ اهڙا ڪتاب گهڻا ناهن. اميد آهي ته هي ٿورا ورق پڙهي گهڻن کي خوشي حاصل ٿيندي، ۽ اهڙي مضمون تي خيال ڊوڙائيندا، جو انهيءَ مان زماني جي حال چال خواهه ماڻهن جي خيال جو سڌارو ٿيندو.



منزل ’وارهه‘

قليچ بيگ

تاريخ 1- جون 1887ع

باب پهريون

مصر ولايت ۾ جهاندار شاهه نالي هڪڙو بادشاهه هوندو هو، جنهن جي عدل ۽ انصاف جي چوڌاري هاڪ هوندي هئي. جهڙي رعيت منجهانئس خوش هئي تهڙو پاڻ رعيت مان خوش هو. هن کي دنيا جا ٻيا سڀ سک موجود هئا، مگر اولاد ڪونه هوس؛ تنهنڪري هميشه ڳڻتيءَ ۽ فڪر ۾ گذاريندو هو.

هن ڪيترائي پير فقير پڇايا، ۽ خزانا خيرات ۾ لٽايا؛ انهيءَ لاءِ ته من ڪو خوش ٿي دعا ڪري، ڪنهن نه ڪنهن جي دعا خدا تعاليٰ جي درگاهه ۾ اگهامي، ۽ مون کي ڪو اولاد ٿئي. آخر هيترن مخلوقن جو سوال ڌڻيءَ سڳوري ٻڌو، ۽ انهيءَ بادشاهه جهاندار شاهه کي هڪڙي نياڻي ڄائي، جنهن جهڙي حسن ۾ ٻي ڪٿي ڪانه هوندي. هي ماڻهوءَ جو ٻار نٿي ڀانيو، حور يا پري هئي! جنهن ٿي ڏٺي، تنهن کان دانهن نڪري ٿي ويئي ته راڻيءَ ”زرين بيگم“ کي ڪو چوڏهينءَ جو چنڊ ڄائو آهي! انهيءَ شهزاديءَ جو نالو ”دلارام“ رکيائون. هتي ايتري جاءِ ڪانهي جو بيان ڏجي ته ههڙي ٻار ڄمڻ ڪري پيءُ_ ماءُ کي ڪيتري خوشي حاصل ٿي، انهن خدا تعاليٰ جي ڪهڙي شڪرگذاري ڪئي، ۽ ڪيتريون خيراتون ڪيون!

بادشاهه هڪڙي نجوميءَ کي گهرايو ته سندس ٻار جو طالع ڏسي. اهو نجومي پنهنجي ڪم ۾ ڏاڍو ڀڙ هو. تارن جي سير ۽ برجن جي حساب جي ايتري خبر هيس، جو ننڊ ۾ به هنن جو شمار پورو ڪري سگهندو هو، اهڙيءَ آفت کان ڀلا ڪهڙي شيءِ دنيا ۾ ڳجهي رهي سگهندي. مرڻ_ ڄمڻ جون ڳالهيون ته هن جي اڳيان ڪي به ڪين هيون. هن پير مرد کي بادشاهه جي حضور ۾ وٺي آيا. دستوري نيازن ۽ ادبن ڪرڻ کان پوءِ، هن هڪڙو وڏو جهونو ڪتاب ڪڍيو، جنهن کي سروئي کائي ويو هو. اهو ڪتاب هن کي ڏاڏي پڙڏاڏي کان ورثي ۾ ملندو آيو هو. جڏهن هن نجوميءَ اهو ڪتاب کولي ٿورو منجهانئس مطالع ڪيو، تڏهن سندس اکين مان ڳوڙها ڪرڻ لڳا. درٻار ۾ جيڪي امير اُمرا حاضر هئا، تن جون ته متيون منجهي ويون، جو هنن ڀانيو ٿي ته ههڙي سهڻي ۽ سدوري ٻار جو طالع ڪو ڏاڍو اعليٰ هوندو. پر، ائين ناهي؛ هن دنيا ۾ جنهن تي الله سائين گهڻو مهربان ٿيندو آهي، تنهن کي مشقتن ۽ مشڪلاتون به گهڻيون درپيش اينديون آهن، انهيءَ لاءِ ته سندس فرمانبرداريءَ جو آزمودو ورتو وڃي. نجوميءَ جي ظاهري حالت ڏسڻ ڪري، سڀني ڏسندڙن کي پڪ ٿي ته هن ٻار جي نصيب ۾ ڪي ڏاڍيون خرابيون لکيل آهن. پر ٿوري کان پوءِ، وري نجوميءَ پنهنجو چهرو ڦيرايو، خوشيءَ مان مرڪڻ لڳو. بادشاهه کي پهرين ته هن نجوميءَ جي غمگينيءَ کان گهڻو ئي درد حاصل ٿيو، مگر وري جڏهن سندس سرهائي ڏٺائين، تڏهن البت خوش ٿيو. هن کي هيتريءَ سڪ کان پوءِ اهو ٻار ڄائو هو، تنهن مان جا دل جي خوشي پيدا ٿي هيس، تنهن کي ڇڏي ڏيڻ، ۽ سندس ملڪ ۾ جي شادمانا جاري هئا، تن کي ههڙو جلد بند رکن، سندس دل نٿي گهريو. تنهنڪري نجومي جي حال تي هن گهڻو ڌيان نه ڏنو، هن کي خوش ڪري روانو ڪيائين؛ ۽ جيڪي حاضر هئا، تن کي چيائين ته ”ماشاءَ الله، جيڪي الله گهريو هوندو سو ٿيندو، ۽ جيڪو نصيبن جو نوشتو هوندو، سو ڪين ٽرندو؛ في الحال اسان تي جيڪا الله مهرباني ڪئي آهي، تنهن تي خوش ٿي، سندس شڪرگذاري ڪرڻ گهرجي، ۽ آئيندي جي فڪرن ڳڻتين جو بار پنهنجي دل تي وجهڻ نه گهرجي.“ انهيءَ طرح مهينن جا مهينا خوشي ئي هلي.

بادشاهزاديءَ جي پرورش لاڏ ڪوڏ سان ٿيڻ لڳي. هزارين دايون ۽ ٻانهيون سندس خدمتگاريءَ لاءِ مقرر ٿي ويون. ڪي کير پيارڻ لاءِ، ڪي کڻي گهمائڻ لاءِ، ڪي اُٿ_ ويهه جي تعليم ڏيڻ لاءِ، ته ڪي سبق پڙهائڻ لاءِ. اَڄ ننڍي، سڀاڻي وڏي، نيٺ اچي سامائي. ٿورن ئي ورهين ۾ هوءَ رواجي علمن ۾ اهڙي هوشيار ٿي، جو انهيءَ زماني ۾ جهڙيس ٻي ڪانه هئي_ جهڙي سونهن هيس، تهڙو علم پرايائين.

اڃا ڄمار ۾ ٻارهن ورهين جي مس ٿي هئي، ته سندس ناموس ملڪن ۾ پکڙجي ويئي. ڀلا، نيڪي ڪا لڪڻ جي آهي؟ کٿوريءَ وانگي، سندس واس چوڌاري پکڙيو پوي. سو، شاهزاديءَ جي واکاڻ ٻڌي، گهڻن ئي بادشاهن مائٽيءَ جو ذڪر چوريو، ۽ ڪيترائي اچي بادشاهه وٽ نسبت جون ڳالهيون ڪرڻ لڳا، ۽ شاهزاديءَ لاءِ ڏاڍي دل جي خاطري ظاهر ڪيائون. شاهزاديءَ کي اهو حال ڏنائون، پر هن ڪنهن ڏي ڌيان ئي ڪونه ڏنو. اگرچ بادشاهه پاڻ به هڪ ٻن جي نالي سفارش ڪيس، پر بادشاهزاديءَ صاف چيو ته ”في الحال مون کي شادي ڪرڻ جو ارادو ڪونهي، جو منهنجي پوري وهي نه آئي آهي.“ انهيءَ ڪري، بادشاهه پاڻ به مناسب نه ڄاتو ته پنهنجي نياڻيءَ کي سندس مرضيءَ جي برخلاف زور ڪري.

جهاندار شاهه جو هڪڙو وڏو وزير هوندو هو، جنهن جو نالو ”عظيم خان“ هو. وزيريءَ جي ڪم ۾ ڏاڍو لائق ۽ برجستو هو، مگر گهر هلائڻ جو عقل نه هوندو هوس. کيس هڪڙو پٽ ”جهان بيگ“ نالي هوندو هو، سو نهايت ڏنگو ۽ اڍنگو، لالچي، مغرور ۽ شوخ هوندو هو. انهيءَ تي وزير جو ڪوبه حڪم نه هلندو هو. جيڪي وڻندو هوس سو ڪندو هو، ته به پڻس ڪي ڪين چوندو هوس، پاڻ وڌيڪ گهرندو هوس. هي اهڙو مٿي ڦريل هو، جو ڪڏهن ڪو اجايو خيال مغز ۾ ويٺس، ته پوءِ نفعي نقصان ڏي نه ڏسندو هو، ڪنهن به طرح اهو پورو ڪندو هو. ٻارهو ئي اها ڳڻتي هوندي هيس ته ڪا بادشاهي هٿ ڪريان، ۽ وڏو شهنشاهه سڏجان. انهيءَ خام خيال جي پٺيان، پنهنجي پيءُ جي وسيلي سان، هو هڪڙي پرانهين پرڳڻي جو حاڪم مقرر ٿيو. اتي هن ڳچ جيترا ماڻهو پاڻ وٽ رکيا، ۽ جن سان گڏجي آسپاس ڦرمار پيو ڪندو هو ۽ سچو پچو چورن جو سردار بنيو ويٺو هوندو هو. جڏهن دل چوندي هيس، تڏهن پنهنجي پيءُ وزير، جي ملاقات تي ايندو هو، ۽ بادشاهه به پنهنجي وزير جي طرفان هن تي مهربانيءَ جي نظر رکندو هو.

هن ماڻهوءَ جي ڪن تي شاهزاديءَ ’دلارام‘ جي تعريف پيئي هئي، سو رڳو پري جي واکاڻ تي راضي نه ٿيو، پر ڀانئيائين ته پنهنجي اکين سان خاطري ڪريان ته جهڙي چون ٿا اهڙي حسين آهي يا ڪيئن! انهيءَ لاءِ هن گهڻا مٿا هنيا، ۽ آخر ڪن حيلن سان پنهنجي ماءُ، وزير جي زال، جا شهزادي ’دلارام‘ جي خاص خدمتگار هئي، تنهن جي معرفت هي بادشاهزاديءَ جي تصوير هٿ ڪئي. اُها ڏسي هو مست ٿي ويو ۽ انهيءَ ڏينهن کان وٺي اچي اهو حرص جاڳيس ته مري جهري به اها ٻانهن وٺان. پر، جتي وڏا وڏا شاهزادا جواب وٺي ويا هئا، اتي هن جي ڪا جاءِ هئي! هن کي سجهيو ٿي ته ظاهر ظهور ٻين وانگي، بادشاهه کان سڱ گهري به نه سگهندس، تنهن ڪري اها رٿ ڪيائين ته پنهنجي ماءُ جي معرفت مطلب کي پهچان. سو، هن کي اها صلاح ڏنائين ته ”تون شاهزاديءَ ’دلارام‘ جي اڳيان منهنجي وڃي تعريف ڪر، ۽ منهنجي سورهيائيءَ جون ڳالهيون چور!“ پٽ جو چيو وٺي، وزير جي زال وجهه ڏسي، شاهزاديءَ وٽ اهڙو ذڪر ڪڍندي هئي، پر ڊڄندي به هئي ته اهڙي ڪا اُگهاڙي ڳالهه نه ڪريان، جنهن مان ڪو شڪ پئجي وڃي، ۽ مون کي لوڌي ڪڍن. ڪيترا ڏينهن انهيءَ طرح ڪم پئي هليو.

باب ٻيو

’جهاندار شاهه‘ جو آسپاس وارن سڀني ملڪن جي بادشاهن سان صلح هوندو هو، مگر هو بغداد جي بادشاهه ’شاهه عادل‘ سان ٺهيل نه هو. اها اڻبڻت سندن وچ ۾ ڪا سندن وڏن کان هلندڙ هئي. ڪنهن زماني ۾ سندن وڏن جي وچ ۾ ڪنهن خانگي ڳالهه بابت ڪو تڪرار ٿيو هو، جنهن جي هنن کي ڪا خبر به ڪانه هئي، سو، گهڻن ڏينهن کان جا ناسازي ظاهريءَ ڪري هلندي آئي، تنهن کي هي به پاسي ڪري نه سگهيا.

’شاهه عادل‘ بادشاهه جو حال گهڻو ڪري جهاندار شاهه جهڙو هو. هن ۾ به عدل ۽ انصاف ۽ ٻيءَ نيڪيءَ جي ڪمي ڪانه هئي. ان جهڙو ئي چڱو مڙس هو، پاڻ ان کان ڪي رتيون ڪسر هو. هن بادشاهه کي به خدا جي حڪم سان پهريندي ٻار ڪونه ٿيندو هو؛ پر پوءِ، ’جهاندار شاهه‘ وانگي خزانا خيرات ۾ لٽائي، خدا جي درگاهه مان هڪڙو پٽ ورتائين، جنهن جي حسن توڙي همت ۽ هشياريءَ جي تعريف به دلارام شاهزاديءَ وانگي وڏي ننڍي جي وات ۾ هئي. في الحقيقت، جي مڙس ۽ زال جو ڦير نه هجي، ته هِن جي واکاڻ سان هُن جي واکاڻ ڄاڻجي، ۽ هُن جي تعريف سان هِن جي ليکجي. هن جوان شاهزادي جو نالو ’بهرام‘ هو. هيءُ جو اهڙو سڀاڳو ۽ سڌا تورو ٻار هو، تنهن ڪري شاهه عادل بادشاهه ۽ ان جي رڻي ’روح افزا بيگم‘ هن کي پنهنجي اکين کان به وڌيڪ گهرندا هئا.

ٻه_ ٽي رهيه گذريا هئا، جو جهاندار شاهه اهڙو اشتهار ڪيو هو ته ’جيڪو سردار يا بهادر شاهه عادل کي مڃائي، اسان جو مطيع آڻي ڪندو، تنهن کي اسين پنهنجو پٽ ڪري ڄاڻنداسين.‘ هيءُ اشارو جهان بيگ جهڙي هٻڇي ۽ شوخ ماڻهوءَ لاءِ ڪافي هو. تنهن دل ۾ سمجهيو ته ’جهاندار شاهه وٽ برک ٿيڻ جو اهڙو ٻيو وجهه ڪونهي_ ڪهڙو شڪ ته جڏهن سندس ڌيءُ وهيءَ ۾ اچي، تڏهن مون کي ئي کڻي ڏئي!‘

پر هن کي هيءَ ڳالهه ڏکي لڳي ته شاهه عادل جهڙي هردلعزيز بادشاهه سان جنگ ڪرڻ ۽ هن کي زور ۾ جيتڻ ڪهڙيءَ طرح ٿي سگهي، جو سڄي رعيت مٿانئس ساهه صدقي ڪندي آهي، ۽ جي هو ڪنهن دشمن سان کڻي سامهون ٿيڻ گهري، ته ننڍو وڏو ڪمر ٻڌي اچي ساڻس بيهي. پر، جهان بيگ آڙاهه چور هو_ ڏينهن جو منجهس ڪابه مڙسي ڪانه لڀي، پر رات جو سو لڪچوريءَ ستن ڪوٽن مان به ڪا شيءِ چورائي اچي. هن اهو پهه پچايو ته ’جي ڪنهن حيلي شاهه عادل جو پٽ منهنجي ور چڙهي وڃي، ته پوءِ هن جا آنڊا منهنجي هٿ آهن_ جيئن ورائيندوسانس، تيئن ورندو.‘ اها پڪ هيس ته ’شاهه عادل جو ساهه انهيءَ پٽ ۾ آهي، سو جي دڙڪو کڻي ڏيندوسانس ته تون هِيئن ڪر هُيئن ڪر، نه ته اجهو تنهنجي پٽ کي هڻي ترار سان ٻه اڌ ڪري ٿو وجهان، ته ضرور هو ائين ڪندو.‘

هيءَ رٿ ڪري، پنهنجي چور ڊڊي ساڻ وٺي، هو قلعي مان نڪتو، ۽ شاهه عادل جي محلات ڏي رخ رکيائين. سڀني فقيرن جي پوشاڪ کڻي ڍڪي هئي، ۽ بغداد جي ٻاهرئين وڏي دروازي مان لنگهي اندر ٿيا. جن پئي پڇيو ته هي انبوهه ڇا جو آهي؟ تن کي پئي چيائون، ته ”اسين درويش آهيون، ورهين جا ورهيه ’ڪرد‘ جيل ۾ ويهي، چاليها ڪڍي، خدا کي سوال ڪيو اٿئون ته شاهه عادل کي ڪو پٽ ٿئي؛ هاڻ الله اسان جو سوال ٻڌي هن کي پٽ ڏنو آهي، تنهن جو نذر وٺڻ آيا آهيون.“ ۽ ڪوڙ جو قسم کڻي چوڻ لڳا ته ”جيسين شاهزادو ٻارهن ورهين جو نه ٿيندو، تيسين اسين هن شهر مان ڪين نڪرنداسين، ويٺا سندس خير سلامتيءَ جون دعائون گهرنداسين.“ شاهه عادل کي هنن جي دغا جي خبر ڪانه پيئي. ڀانيائين ته سچ ٿا چون، تنهن پنهنجي محلات جي پاسي م هنن کي رهڻ جي جاءِ ڏني، جتي جهان بيگ، پاڻ کي وڏو شيخ سڏائي، پنهنجن مريدن سوڌو، آڻي نمازن ۽ تسبيحن تي زور رکيو. صبح به ۽ سانجهي به_ شاهزادي بهرام کي ڀر ۾ ويهاري، پڙهي پڙهي، دم ڀري، سندس منهن ۾ ڇوڪارا پيو هڻندو هو_ جيئن جوڳي نانگ ريجهائڻ مهل ڪندا آهن. وقت پئي گذريو. جڏهن ڪڏهن شاهزادو بيمار ٿيندو هو، تڏهن ’شيخ‘ صاحب ٻانهين ۽ خدمتگارن کي حڪم ڏيندو هو ته ’اڄوڪي رات ٻار کي مون وٽ ڇڏي وڃو، جو اسان فقيرن جي سکڻيءَ نظر مان جيڪي ٿيندو، سو حڪيمن ۽ طبيبن جي ڦڪين مان ڪين ٿيندو!‘ بادشاهه پاڻ به ’فقيرسائين‘ جي چئي کي عدول نه ڏيئي سگهندو هو.

جهان بيگ اگرچ عمر جو وڏو نه هو، ته به ڍونگ ۽ ٺڳيءَ ۾ هوشيار هو، ضرورت مهل ڪاوڙبو به هو، حجتون به هلندو هو، ۽ حڪم به هلائيندو هو. هو ايتريقدر گستاخ ٿي ويو، جو بادشاهه جي اڳيان ننڍي شاهزادي کي ڪڏهن ڇاڙتو سڏيندو هو، ڪڏهن ڇوڪر، ڪڏهن مريد، ڪڏهن غلام؛ ڪڏهن ته ائين به چوندو هوس، ته تون اسان فقيرن جو ’شڪار‘ آهين_ پر ڪنهن کي ڪو هنن ۾ شڪ نه پوندو. جي ڪڏهن شاهزادو فقيرن وٽ ايندو هو ۽ بادشاهه ساڻس شاهي پهرو ڇڏيندو هو، ته جهان بيگ انهن تي به ٺٺوليون ڪندو هو، ۽ چوندو هو ته ”هي ڏاڙهيون، ترارين ۽ نيزن سان ڇا ڪنديون؟ آءٌ اهڙا ويهه ته هڪڙيءَ آڱر جي اشاري سان ليٽائي وجهان!‘

انهن کيڏن سان هن بادشاهه تي اهڙو ويساهه ڄمايو، جو جڏهن شاهزادو فقير وٽ ايندو هو، تڏهن بادشاهه پهري يا سنڀال جو مطلق ضرور نه ڄاڻندو هو: ڀائيندو هو ته فقير جي واتؤن هڪڙي دعا يا هڪڙو اکر نڪتو، ته انهيءَ ۾ هزارن پهلوانن کان واڌو زور آهي! ڪي ٻٽاڪ جهان بيگ پاڻ هڻندو هو، ته ٻيو وري سندس مريد کيس اُڏائيندا هئال. هنن ٺڳين ڪري، شاهه عادل کي بڇڙائيءَ جو گمان ڪونه پيو. هن کي خاطري ٿي ويئي ته شهزادو بهرام فقيرن جي صحبت ۾ محلات کان وڌيڪ سلامت آهي. انهيءَ اٻوجهائيءَ ڪري، فقيرن کي شاهزادي گم ڪرڻ جو چڱو وجهه مليو. بادشاهه جا ماڻهو ته وڏي فقير جي دڙڪن کان اهڙو ڪن هڻندا هئا، جو چوندا هئا ته ’هيءُ ڪو ڪارو نانگ آهي_ جنهن تي شوڪيو، تنهن کي ٻنهي جهانؤن نيائين‘!

نيٺ، هڪڙيءَ رات، هن فقير هيئن ڪيو جو شاهزادي بهرام کي توڻي سندس نوڪرن کي ڪا نشي جهڙي شيءِ کڻي پياري، جنهن ڪري هو سڀ نشن ۾ اونڌا ٿي پيا. اهڙي شيءِ ڏيڻ فقير کي ڪا ڏکي نه لڳي. اهڙو ڪامل فقير، پنهنجن هٿن سان، جي ڪنهن کي کڻي زهر جو پيالو ڏئي ها، ته به هٿ ڪونه موٽائيس ها. شاهزادو بهرام تڏهن چئن_ پنجن ورهين جو مس هو، تنهن کي جهان بيگ آسانيءَ سان کڻي پنهنجي گودڙيءَ ۾ لڪايو. پوءِ سڀئيي، سندرو ٻڌي، رليون ڪلهن تي رکي، اُٿي هليا. جتي ڪو ماڻهو آڏو ٿي آين، يا جتي ڪن پهري وارن پڪاريو ٿي، اُتي هنن ڀڻ_ ڀڻ ٿي ڪئي ته هو بس ڪيو هليا ٿي ويا، جو فقيرن جا ماڻهو واقف ٿي ويا هئا. بادشاهه يا وزير جي حڪم جي اهڙي هلندي نه هئي، جهڙي هن فقيرسائينءَ جي فقط اشاري جي پڄندي هئي. انهيءَ تجويز سان، هو صحيح سلامت شهر کان ٻاهر نڪتا، ۽ ڳچ پنڌ تي اڳ ئي ڳجها پيغام موڪلي گهوڙا تيار ڪرائي ڇڏيا هئائون، اُتي وڃي پهتا. وءِ، پنهنجا فقيراڻا ڪپڙا لاهي، شاهي پوشاڪون ڍڪي، گهوڙن تي چڙهي، وڏي دٻدٻي سان اُٿي هليا.

هيڏي هي دغاباز پنهنجو مطلب حاصل ڪري خوش ٿي ڳو‎ٺ موٽيو، هوڏي ويچارن مائٽن تي قيام ٻري آئي. هيڏي هوڏي ماڻهو ڊوڙائي بيهي رهيا؛ اُها ڪنڊ نه ڇڏيائون، جتي پنهنجي ٻار جي ڳولا نه ڪيائون؛ پر شاهزادي جو ڪو پتو نه پين. روز روشن به هنن جي لاءِ ڪاري رات ٿي آئي. کاڌو پيتو زهر ٿي لڳن. هڪڙو ته شاهه عادل ۽ راڻيءَ روح افزا کي اولاد ڪونه ٿيندو هو، هي سڪيلڌو ٻار به الاجي ڪهڙيءَ ڪرامت سان هٿ آيو هون، ويتر هن جي گم ٿيڻ جو ڏک، تنهن هن کي اڌ مُئو ڪري ڇڏيو. روئي روئي انڌا ٿي پيا، پر ٻيو چاڙهو ڪونه هو؛ جيڪا ٿيڻي هئي، سا ٿي چڪي. لاچار، ماٺ ڪري ويهي رهيا.

باب ٽيون

جهان بيگ سڌو پنهنجي قلعي ڏي آيو. اُتي هن شاهزادي بهرام کي بند رکيو، انهيءَ لاءِ ته فرصت ڏسي شاهه عادل تي زور لڳائي ته جهاندار شاهه جي فرمانبرداري قبول ڪري.

بهرام کي انهيءَ بند ۾ ٻه ورهيه گذري ويا، تنهن کان پوءِ جهان بيگ جي دل ۾ آيو ته ’جي آءٌ شاهه عادل کي خبر ڏيندس ته تنهنجو پٽ مون وٽ قابو آهي، ته هو يڪدم پنهنجي لشڪر سان اچي منهنجي ڪنڌ تي چڙهندو، ۽ زور زبردستي ڪري پنهنجي پٽ جي ٻانهن وٺي ويندو_ اُٽلندو مون کي به قيد ڪري وڃي، ته عجب ڪونهي.‘ اهو به ڊپ هوس ته ’متان ڪو منهنجن دشمنن مان، منهنجي ٻڌائڻ کان سواءِ، وڃي خبر ڪريس، ۽ هو ڪاهي اچي.‘ جڏهن اهو خيال هن جي دل تي چڙهيو، تڏهن آرام ڪونه آيس: ڀانيائين ته ستت ئي مصر ۾ وڃي جهاندار شاهه کي پنهنجي بهادريءَ جي ڳالهه ٻڌائي خوش ڪريان، ۽ شهزادي جي ٻانهن ڏيان، ته پوءِ پاڻيهي بغداد جي بادشاهه کي هو ڇڪي هيٺ ڪندو، ۽ انهيءَ ڪري منهنجي به سرخروئي ٿيندي. پر، جڏهن هو شاهزادي کي ساڻ وٺي مصر ۾ پهتو ۽ بادشاهه کي حال ڏنائين، تڏهن بادشاهه مٿس ڏاڍو خفي ٿيو؛ اهڙيءَ دغابازيءَ جي هلت تي گهڻو ڪاوڙيو، ۽ چور ۽ نامراد ۽ ٺڳ سڏيائينس. چيائينس ته ”شاهه عادل سان آءٌ ظاهر ظهور جنگ ڪرڻ گهرندس، پر اهڙي نامردي ڪين ڪندس.“

بادشاهه پهرين ته اهو ارادو ڪيو ته شاهزادي کي موٽائي پڻس ڏي موڪليان؛ پر وري خيال آيس ته جي آءٌ شاهزادو پاڻيهي موٽائي ڏيندس، ته شاهه عادل ائين ڄاڻندو ته پهرين هن اهو ڪم ڪرايو آهي، پر پوءِ پشيمان ٿيو آهي، تنهن ڪري ڊڄي ٻانهن ورائي ٿو ڏئي. سندس وڏي وزير ’عظيم خان‘ به اها صلاح ڏنيس؛ ڇالاءِ جو هن کي اهو ڊپ هو ته جنهن وير شهزادو بغداد ۾ پهچندو، تنهن وير شاهه عادل جنگ تي سنڀري ايندو، ۽ جهڙو زور ڀريو آهي، تهڙو جهاندار شاهه کان زور سان پٽس جهان بيگ جي ٻانهن گهرندو. عظيم خان اها ڳالهه دل ۾ ڳڻي، بادشاهه کي هيءَ رٿ ڏسي ته ’شاهه عادل، بادشاهه جو دشمن اهي، ۽ ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن جنگ تي ايندو؛ پوءِ جي بهرام پاڻ وٽ هوندو، ته هن سان ڳالهيون ڪرڻ ۽ شرط ٺهرائڻ پنهنجي وس ۾ ٿيندو.‘ اها رٿ جهاندار شاهه کي پسند آئي. هن بهرام شاهزادي کي نظربند رکيو، مگر استاد مقرر ڪري ڏنائينس، ته ڀلي هن کي تعليم ڏين ۽ جنگي ورزشون سيکارين. اگرچ هو دشمن جو اولاد هو، پر بادشاهه نيڪ نيت ۽ رحمدل ماڻهو هو، تنهن ڪري شاهزادي جي ڪنهن به طرح مٺگهرو نه ٿيو. ڄاتائين ٿي ته هو نيٺ بادشاهه جو پٽ آهي، تنهن سان هلت به اهڙيءَ طرح جي ڪرڻ گهرجي. مگر، اُستادن ۽ سندس سنڀاليندڙن کي تاڪيد ڪيو ويو هو، ته هن کي اها خبر چٽائيءَ سان نه ڏين ته پاڻ ڪير آهي ۽ ڪٿان آيو آهي.

جڏهن شهزادو وڏيرڙو ٿيو، تڏهن ايترو ڄاڻندو هو، ته آءٌ قيدي آهيان؛ پر خبر نه هيس، ته ڇا لاءِ قيد ٿيو آهيان. هن پنهنجي ماڻهن کان گهڻوئي پڇيو، پر پورو جواب ڪونه مليس. هو عزت آبروءَ سان اٿندو ويهندو هو؛ وڏي نسل ۽ خاندان هو، تنهن ڪري لياقتون به اهڙيون رکندو هو؛ ۽ ٻيو وري سوڀيا وارو هو، تنهن ڪري سڀني ماڻهن کي موهي ڇڏيو هئائين. هو هينئر تيرهن ورهين جو اچي ٿيو هو. بادشاهه ۽ وزير کان سواءِ، ٻئي ڪنهن کي خبر ڪانه هئي ته اهو ڇوڪر ڪيئن ۽ ڪٿان اچي انهيءَ بند م پيو.

جهان بيگ، وزير جي پٽ جو اهو حال ته اڳئين کان ابتڙ ٿيو. دلا رام جي ٻانهن ته به مليس، اٽلندو بادشاهه مٿس ڪاوڙيو، ۽ هميشه ڌڪاريندو هوس. هاڻي انهيءَ رستي پنهنجي مطلب حاصل ڪرڻ لاءِ هن کي اميد نه رهي_ رڳو پنهنجيءَ ماءُ جو اڃا آسرو هوس. جي ٻڌندو هو ته ڪو شاهزادو دلارام جو سڱ ڇڪائڻ آيو آهي، ته انهيءَ تي ڏند پيو ڪرٽيندو هو. اها خبر ئي ڪانه هيس ته ڪو شاهزادو بهرام اتي وڃي جاءِ ڪندو، جتي کيس بيهڻ جو به وجهه نٿي مليو!

شاهزادو بهرام اگرچ نظربند هوندو هو، مگر شاهي باغن خواهه ٻين تماشي جي جاين گهمڻ کان منع نه هوندي هيس. هڪڙي ڏينهن، جڏهن بادشاهه شڪار تي هو، سانجهن جي مهل، شاهزادو بهرام پنهنجي بنديخاني ۾ غمگين ويٺو هو، ۽ پنهنجي حال تي پئي ارمان کاڌائين ته مون کي ناحق آڻي قيد ڪيو اٿن: هتي نه ڪو دلاسي ڏيڻ وارو آهي، ۽ نه ڪو اهڙو مهربان آهي، جو مون کي ٻڌائي ته آءٌ ڪير آهيان، ڪيئن اچي هتي ڦاٿو آهيان، ڪنهن جو اولاد آهيان، ۽ ڪٿان آيو آهيان.

انهيءَ ڳڻتيءَ ۾ هو، ته سندس خاص خدمتگارن مان هڪڙو اتي آيو، ۽ شاهزادي کي ملول ڏسي، ڀانيائين ته هن جي دل پرڀايان. تنهنڪري، شاهزادي کي چيائين ته ”بادشاهه نئين ماڙي ٺهرائي آهي، جا هاڻ جڙي راس ٿي آهي، ۽ سندس محلات جي ڀر ۾ آهي؛ ان ۾ جهان جون عجيب غريب شيون آڻي گڏ ڪيون اٿن_ هل ته اتي هلي سير ڪريون، ۽ پنهنجي دل خوش ڪريون.“

بادشاهه، پنهنجي مهلات جي اندر، شاهزاديءَ دلارام جي لاءِ هڪڙو مزي جهڙو باغيچو جوڙايو هو، تنهن ۾ هن نيئنءَ جڙيل ماڙيءَ مان نظر پوندي هئي. اتفاق ائين ٿيو، جو جنهن مهل دلارام پنهنجي باغيچي ۾ هوا کائڻ نڪتي هئي، انهيءَ مهل هيءُ شاهٿزادو به هڪ ٻن ماڻهن سان انهيءَ ماڙي تي چڙهي آيو. هن ڪيتريون ئي مزي جهڙيون شيون ڏٺيون. جڏهن ڏسي ڏسي ٿڪو، تڏهن ڀرواريءَ هڪڙيءَ دريءَ وٽ اچي ساهه کڻڻ بيٺو. شهر جو نظارو به اتان چڱو ٿي ڏٺو. هيڏي هوڏي ڏٺائين، نه هيٺ سندس نظر محلات واري باغيچي ۾ وڃي پيئي، جتي شاهزاديءَ شام جي مهل هوا پئي کاڌي، ۽ پنهنجي داين سان بيٺي کليائين ڳالهايائين. جڏهن شاهزادي بهرام جي اک وڃي مٿس پيئي، تڏهن هن جو حسن ۽ ناز ڏسي، هن کي حيرت وٺي ويئي. ٿوري وقت تائين ته ڀروسو ئي نه پيو اچيس ته ڪو جيئرو جاڳندو ماڻهو ٿو ڏسان، يا ڪا تصوير آهي، جهڙيون هزارين انهيءَ ماڙيءَ ۾ ٽنگيون پيون هيون. هن ويچاري اڳي ڪنهن زال جو منهن ڪونه ڏٺو هو، سو جي ڪا هالو ڌالو زال کڻي ڏسي ها، ته به عجب ۾ پويها_ دلارام ته ڀلا پَري هئي، سو ڏسڻ ساڻ هن ويچاري جون ٻه به ويئون ته ٽي به ويئون، مٿس عاشق ٿي پيو.... جيڏي پئي هوءَ ويئي، تڏهن اکيون پٺيان لايو آيس.

ائين ڪندي، شاهزاديءَ جن اکيون به هن جي اکين سان وچڙي ويئون. دلارام لڄ واري هئي، ۽ شاهي تعليم مليل هيس، تنهن ڪري في الحال ڌارئين ماڻهوءَ تي نظر پوڻ ڪري منهن کڻي پاسي ڪيائين. پر، هن جي شڪل جو يڪبار اکين ۾ ويهي رهيس، تنهن آرام ڪرڻ نه ڏنس_ وري به بهانو ڪري ڏٺائينس. هن جي دل ۾ اچي زلزلو پيو، سو پاڻ کي روڪي نه سگهي.

ٿورڙي تائين ٻنهي ڄڻن، اکيون اٽڪائي، هڪٻئي کي بيٺي ڏٺو. نيٺ هنن کي حيا ۽ عزت آبرو ياد پيئي. پهريائين دلارام منهن کڻي پاسي ڪيو. اگرچ هن نهارڻ مان ته کيس گهڻي راحت ٿي آئي، پر ڄاتائين ته جي منهنجي ٻانهين مان ڪنهن ڏٺو، ته هن ويچاري سان خير ڪونه ٿيندو: جيڪڏهن بادشاهه کي وڃي خبر پوندي ته سندس غير حاضريءَ ۾ ڪنهن اجنبي ماڻهوءَ کي ماڙيءَ تي چاڙهي وٺي آيا هئا، ۽ اندر زنانخاني ۾ اطلاع ڪونه ڏنو هئائون، ته پوءِ جهڙي ماڙيءَ جي نگهبانن سان جٺ ٿيندي، تهڙي انهيءَ خوبصورت جوان سان.

انهيءَ ڪري بادشاهزادي ستت ئي ڦيرو ڪري، پنهنجيءَ جاءِ ۾ گهڙي ويئي. هن پنهنجي دل جو درد پنهنجي ماءُ زرين بيگم خواهه ڪنهن ٻيءَ دائيءَ سان نه ڪيو، متان ڪا کڻڪ وڃي بادشاهه جي ڪن تي پوي.

شاهزادي بهرام کي به اها ڳالهه مناسب آئي ته انهيءَ مهل دريءَ کان پاسو ڪري، متان انهيءَ حال جي ڪنهن سنگتيءَ کي خبر پوي. ايتري پڪ ٿيس ته بادشاهه جي محلات ۾ جو ههڙي جوان ۽ حسين زال ڏسڻ ۾ آئي آهي، سا ضرور بادشاهزادي دلارام هوندي، جنهن جي تعريف وٽس بنديخاني ۾ به وڃي پهتي هئي.

پر رکي رکي انهيءَ ڳالهه جو عجب به لڳس ٿي ته جڏهن شاهزاديءَ ڏن وڏن شاهزادن کي موٽائي ڪڍيو هو، ۽ انهن تي اک ئي نٿي ٻڏيس، تڏهن مون جهڙي هڪڙي غريب قيديءَ تي ڪيئن اهڙيءَ مهربانيءَ سان ٿي نهاريائين! ڪڏهن ته وري سوچيائين ٿي ته شايد هُن مون کي نٿي ڏٺو، ڪنهن ٻيءَ شيءِ تي ٿي نهاريائين. ڪڏهن انهيءَ فڪر ٿي ورتس، ته الاجي متان پنهنجي پيءُ کي وڃي مون تي دانهن ڏي، ۽ آءٌ بي آبرو يان، يا مارجي وڃان! وري ڪڏهن اهو ڏڍ ٿي آيس ته ههڙي ملوڪ ماڻهوءَ مان اهڙي خرابي ڪانه ٿيندي، مڙيئي چڱائي ٿيندي. وري ارمان پئي ڪيائين ته مون کي ڪهڙيءَ کٽيءَ کنيو جو هن تي نهاريم ۽ هيئن ڦاسي ويس! ويچاري کي وري انهيءَ منهن ڏسڻ جي اُميد به ڪانه هئي. ڄاتائين ٿي ته اهو به ڪو اتفاق هو، جو لنگهي ويو. رات ڏينهن هن جو آرام ڦٽيويو. جڏهن ڪڏهن ٻڌندو هو ته ڪو شاهزادو دلارام جي ٻانهن لاءِ آيو آهي، تڏهن ڏاڍو بي صبر ٿيندو هو؛ ۽ جڏهن ٻڌندو هو ته جواب وٺي موٽيو، تڏهن خوش ٿيندوهو، ۽ خدا جوشڪرانو ڪندو هو.

هوڏانهن وري شاهزاديءَ دلارام پئي پنهنجي دل ۾ فڪر پچايا ته اهوخوبصورت جوان، جنهن ماڙيءَ مان پئي نهاريو، سو الاجي ڪير هو: ڪڏهن ڀانيائين ٿي ته انهن شاهزادن مان ڪو آهي، جي سندس سڱ وٺڻ لاءِ آيا هئا، ۽ ڪڏهن ڀانيائين ٿي ته ڪو ٻيو تماشبين ماڻهو هوندو_ ايتري سا پڪ هيس ته ڪو خسيس عام ماڻهو ناهي. جي پنهنجيءَ ماءُ، راڻي زرين بيگم، کان ٿي پڇڻ جي ڪيائين، ته انهيءَ ڊپ ٿي کنيس ته متان هن ويچاريءَ کي ڪو جوکو پهچي، نيٺ، هڪڙي تجويز دل ۾ آيس، جنهن سان پنهنجي محبوب جي نالي نشان هٿ ڪرن جو سولو وجهه ڄاتائين. جڏهن پڻس شڪار تان موٽي آيو، تڏهن هن پنهنجيءَ ماءُ کي چيو ته ”امان، جيڪي نه شهزادا منهنجو سڱ ڇڪائين ٿا، تن سڀني جون تصويرون مون کي ڪڍرائي ڏي ته ڏسان.“ اُنهيءَ دم حڪم ڏنو ويو، ۽ سگهوئي تصويرون اچي گڏ ٿيون، جي راڻيءَ پنهنجي نياڻيءَ ڏي موڪلي ڏنيون. دلارام خوس ٿي تصويرون ورتيون، ۽ مٿن نظر ڪرڻ لڳي؛ پر جنهن جي لاءِ مُئي ٿي تنهن جو مهانڊو هنن ۾ ڪونه هو.

اڳئين کان به وڌيڪ غمگين ٿي، لاچار صبر ڪري ويهي رهي. زور ڪري انهيءَ ڳالهه تي ويساهه کڻي ڄمايائين ته اهو ڪو خسيس ماڻهو آهي، جو منهنجيءَ محبت جو لائق نه آهي. پر، انهيءَ ڪري ڪو هن جي هيانوَ تي ڇنڊو ڪونه پيو، اُٽلندو درد واڌو ٿيس.

باب چوٿون

هاڻي، وزير جي پٽ جهان بيگ جو احوال ڏجي. جڏهن هن کي ٻڌڻ ۾ آيو ته دلارام تصويرون گهرايون آهن، تڏهن سڀ کان تڪڙو ٿي، پنهنجي تصوير ڪڍائي، ماءُ کي ڏنائين. پر، ڪوجهي منهن سان هيترن حسن وارن شهزادن جي ڀر ۾ وڃڻ کان شرم لڳس. اڃا ڪا اٽڪل يا ٺڳيءَ جي گهرج هجي ها، ته به هيءُ وڃي ڪهي هڻڻ جهڙو ٿئي ها. هتي ته سونهن ۽ سچائيءَ جي راند هئي.

تنهنڪري، هن پنهنجيءَ ماءُ کي سمجهايو ته شاهزاديءَ جي اڳيان وڃي ’بهادريءَ‘ جي تعريف ڪر، ۽ ’سونهن‘ جي شڪايت ڪر: چؤ ته ”ڇا لڳي مڙس ماڻهو، ڇا لڳي سونهن_ سونهن ٺهي زالن سان، مردن جو مها مرڪ آهي سورهيائي!“

جهان بيگ جي ماءُ صلاح وٺي، شاهزاديءَ وٽ وڃي اهو گفتگو هلايو؛ پر هن کي پسند نه آيو، تنهن ڪري وزير جي زال کي چيائين: ”اها ٿيڻي ناهي ڇا، ته ساڳئي ماڻهوءَ ۾ سونهن به هجي ۽ سورهيائي به هجي؟“

جهان بيگ جي ماءُ چيس ته ”جي زال کان مڙس جو ڪم ٿيندو، ته سونهن سان به سورهيائي گڏبي، نه ته نه.“ ائين، ڪڏهن ڪڏهن هڪٻئي کي رد قد پيون ڏينديون هيون.

هڪڙي ڏينهن دلارام ڏاڍي غم ۾ ويٺي هئي، ۽ ماڙيءَ واريءَ ملاقات جي ڳالهه دل ۾ ڪنڊو هنيو بيٺي هيس، ته جهان بيگ جي ماءُ، جنهن جو نالو جان بيگم هو، وٽس آئي ۽ اچي پنهنجي پٽ جي بهادريءَ جي واکاڻ ڪرڻ لڳي. دلارام جا اڳي ئي ملول ويٺي هئي، تنهن کي ڏاڍي بڇان لڳي، ۽ جان بيگم کي چيائين ته ”ڀلائي ڪري وري منهنجي اڳيان پنهنجي پٽ کي نه ساراهيندي وڃ!“ هي ٻڌي، جان بيگم کي پنهنجي پٽ جي طرفان باهه وٺي ويئي. منهن بڇڙو ڪري، چوڻ لڳي ته ”شاهزادي دلارام! جنهن ماڻهوءَ پڻهين جو منهن مٿي ڪيو آهي، ۽ کيس هيتري مدد ڏني آهي، تنهن جي نالي توکي ائين چوڻ مناسب نه آهي؛ هن جو ته توکي ٿورو مڃڻ گهرجي.“ شاهزاديءَ شوخيءَ سان پڇيو، ”سو ڪيئن؟“

هن چيو: ”بغداد جي بادشاهه شاهه عادل کي هن تنهنجي پيءُ جو زيردست ڪري ڏنو آهي.“

شاهزاديءَ چيو ته ”مون ته اهڙي ڳالهه ڪانه ٻڌي. منهنجو پيءُ بادشاهه ته مون کان ڪابه ڳالهه ڳجهي نه رکندو آهي. پر، پٽهِن ڪيئن اهڙي همت ڏيکاري؟“

”شاهه عادل جي پٽ شاهزادي بهرام کي قيد ڪري، آڻي بادشاهه کي ڏنو اٿس.“ ”ڪڏهن؟“ دلارام پڇيو.

”اٺ يا نو ورهيه ٿيندا.“ دلارام وري پڇيو: ”جڏهن اهو شاهزادو قيد ٿيو، تڏهن ڪيڏو هو؟“

”چئين پنجين ورهين جو ٻار هو.“ جان بيگم چيو.

”پوءِ اُنهيءَ ٻار کي ڪيڏي ڪيائون؟“

”اُهو اڃا تائين بادشاهه وٽ، هن قلعي جي ديوار جي اندر، نظربند آهي.“

هن گفتگو مان دلارام جي دل کي ڏاڍو آرام آيو، جو سمجهه ۾ آيس ته اهو شهزادو اُهو ساڳيو جوان هوندو ته عجب ناهي، جنهن کي بادشاهه جي نئينءَ ماڙيءَ ۾ ڏٺو هئائين. سندس دل کي گهڻي تقويت آئي، ۽ وزير جي زال کان وڌيڪ سوال ڪرڻ لڳي:

”اهو شاهزادو ههڙيءَ ننڍيءَ ڄمار ۾ ڪيئن قيد ٿيو؟“

”اڃا پنجين ورهين جو مس هو، ته پڻس جي محلات مان چورائي کڻي آيس.“ جان بيگم چيو.

دلارام چيو: ”ڪنهن اهڙو ڪم ڪيو؟“

جان بيگم مرڪي چيو؛ ”منهنجي سورهيه پٽ!“

هي ٻڌي، شاهزاديءَ کي اهڙو ڏک ٿيو جو اکين مان ڳوڙها نڪري آيس. وزير جي زال کي طعنو هڻي چيائين: ”بيگم، تون انهن پارن سان پنهنجي پٽ کي ٿي سارهاين_ سورهيائيءَ جا ڪم به اهي آهن؟ جي تنهنجي ڳالهه سچي آهي، ته تنهنجو پٽ ڏاڍو بي رحم ۽ سنگدل چور چئبو. اهڙي لغور کي حيف هجي، جو اهڙي معصوم کي مائٽن جي جهوليءَ مان پٽي ڌار ڪيو اٿس! چڱو ٿيو،... آءٌ وڃي پنهنجي پيءُ بادشاهه کي ٿي چوان ته انهيءَ ويچاري بيگناهه شاهزادي کي بند مان آزاد ڪري، سندس پيءُ ڏي ڏياري موڪلي، ۽ تنهنجي پٽ جهان بيگ کي شهر نيڪالي ڏيئي ڇڏي، يا ته ٻَڌي بغاد جي بادشاهه ساهه عادل ڏي روانو ڪري!“

ائين چئي، ڇوهه مان شهزادي اُٿي کڙي ٿي، ۽ پنهنجيءَ ماءُ جي جاءِ ڏي هلي.

دلارام جو دڙڪو، ٻڌي، جان بيگم جو ساهه ئي سڪي ويو. ڀانيائين ته جي بهرام شاهزادو پنهنجن مائٽن وٽ ويو، ته پٽس سان خير ڪونه ٿيندو؛ تنهن ڪري ويرم ئي ڪانه ڪيائين، ۽ وڃي سارو حال پنهنجي مڙس وزير سان ڪيائين، ۽ جهان بيگ کي به ڪن کڻايائين.

جڏهن عظيم خان وزير هيءَ ڳالهه ٻڌي، تڏهن يقين ڄاتائين ته جيسين بادشاهه، بهرام شاهزادي جي فائدي ۾ هوندو، تيسين پٽس جي سر جو آسرو ڪونهي. ويهي ڳڻتي ڪرڻ لڳو ته ڪهڙيءَ ريت بادشاهه کي بهرام جي برخلاف ڪريان. پڪ هيس ته شاهزادي دلارام توڻي راڻي زرين بيگم شهزادي جي سفارش ڪنديون، تنهن ڪري بادشاهه کي ڦيرائڻ ڏاڍو ڏکيو ٿيندو. بهتر صلاح اها نظر آيس ته پٽس شهر مان نڪري وڃي، متان سندس هوندي بادشاهه جي ڪن تي اها ڳالهه پوي. انهيءَ لاءِ هن پٽ سان ويهي مصلحت ڪئي، جنهن پيءُ جي صلاح ته نه ورتي، پر پاڻ هيءَ رٿ ڏسيائينس ته ”بادشاهه کي خلاصو ڏسي وڃي چؤ ته ’سائين، شاهزادي بهرام ۽ دلارام شاهزاديءَ جي وچ ۾ محبت جو رستو ٿيو آهي، انهيءَ سبب ڪري، جيڪو وڏو وڏو شاهزادو سندس سڱ وٺڻ لاءِ اچي ٿو، تنهن کي هوءَ قبول نٿي ڪري‘، ته بادشاهه جي غير حاضريءَ ۾ هنن ٻنهي اهو منصوبو ڪيو اهي ته بادشاهه کي زهر ڏيئي، ماري حڪومت پنهنجي هٿ ڪن! شاهزادي جيڪر ظاهر ظهور بادشاهه کي چيو ته مون کي اهو شاهزادو قبول آهي؛ پر ڄاڻي ٿي ته بادشاهه ڏاڍو داناءُ آهي، سو پنهنجي دشمنن کي اهڙو ويجهو اچڻ نه ڏيندو، ۽ نه اهڙو نانگ پنهنجي آستين جي اندر پاليندو. تنهن ڪري، اها صلاح ڪئي اٿن ته شاهزادي بادشاهه کي سندس پارت ڪري ته انهيءَ کي قيد مان ڪڍي پيءُ ڏي موڪلي، ۽ سندس دشمن جهان بيگ کي مارائي؛ ۽ پوءِ جڏهن بهرام بغداد ۾ وڃي پهچي، تڏهن لشڪر گڏ ڪري اوچتو اچي بادشاهه تي ڪاهي پوي، جنهن ڪري نه ڪٽڪ سنڀرائڻ ۽ نه قلعن جي حفاظت ڪرڻ جو وجهه ملي، ۽ بادشاهه جي سڄي حڪومت هن ڇوڪر جي پيءُ کي مفت ئي مفت هٿ اچي وڃي!“ جهان بيگ پيءُ کي چيو ته ”بادشاهه کي خاطري ڪرائج ته جڏهن پاڻ بادشاهه شڪار تي ويندوآهي، تڏهن اندرئين باغيچي ۾ ٻئي ڄڻا گڏبا آهن، ۽ اُتي اُهو پهه پچائي ريو اٿن.“ عظيم خان وزير کي هيءَ صلاح، پٽ جي گلا ٽارڻ لاءِ، چڱي لڳي.

جهان بيگ جو پيءُ کي اِها صلاح ڏني، تنهن لاءِ ٻه سبب هئس: هڪڙو اهو، ته جيڪڏهن شاهزادو صحيح سلامت ڳوٺ موٽندو، ته سندس پيءُ شاهه عادل جو اشرافت ۽ رحمدليءَ ۽ نيڪ نيتيءَ ڪري مشهور هو، سو جهاندار شاهه جو گهڻو شڪرگذار ٿيندو، ۽ هميشه لاءِ هن سان صلح ۽ دوستيءَ ۾ رهندو؛ ۽ پوءِ ٻئي ڄڻا ڀائر ٿي گذاريندا، ڇو جو خبر هيس ته نسل به هڪڙي مان آهن. جي ائين ٿيو، ته پوءِ يقين آهي ته هن جي پٽ ۽ هن جي ڌيءُ جي وچ ۾ شاديءَ ٿيڻ منجهه دير ڪانه ٿيندي، ۽ مون کي به ٻَڌائي شاهه عادل جي حوالي ڪندا، جنهن جو پٽ چورايو اٿم. يا، جي کڻي ڀڄي وڃان، ۽ هو کڻي اهو اشتهار ڪن ته جيڪو فلاڻي کي ماري سندس سري کڻي ايندو، انهيءَ کي هيترو ڪ هيترو انعام ملندو، ته به مون کي لڪڻ لاءِ جاءِ ڪانه لڀندي. ٻيو سبب اهو، ته جي انهيءَ ڪوڙيءَ چغليءَ ڪري بادشاهه کڻي پنهنجي ڌيءَ تي ڪاوڙجي، ته به پاڻ ٽانڪڍي ڇڏيندس، پوءِ مون کي پنهنجي مطلب حاصل ڪرڻ جو چڱو وجهه ملندو.

پٽ جي صلاح تي ڪمر ٻڌي، وزير اُنهيءَ مهل بادشاهه وٽ آيو. پهريائين خوشامد جون ڳالهين ڪري ۽ ڪُرنشون بجا آڻي، عرض ڪرڻ لڳو، ”قبال، جي اجازت ملي، ته ٻانهو هڪڙو حال سائينءَ کي ڏي، جو اگرچ سردارن جي شڪايت ۾ آهي، مگر نمڪ حلاليءَ ۽ ايمانداريءَ ڪري ٻانهي تي فرض آهي بادشاهه جي خدمت ۾ عرض گذارڻ“.

بادشاهه کي هي لفظ ٻڌي البت بيقراري ٿي، ۽ تڪڙو ٿي چوڻ لڳو ته ”ڇو، وزير، ڪنهن منهنجي سر لاءِ منصوبو ڪيو آهي ڇا؟“

عظيم خان چيو ته ”قبلا، منصوبي کان به بڇڙي ڳالهه آهي! جي ان جو لڪ ڇپ ۾ ۽ وٺ_ پڄ ۾ علاج نه ڪبو، ته منجهانئس گهڻي خرابي پهچي ويندي.“

هي ٻڌي، ڪاوڙ کان بادشاهه جو منهن ڳاڙهو ٿي ويو، ۽ هڪل ڪري چيائين ته ”چؤ وزير، ڇا ٿو چوين، دير نه ڪر.“

عظيم خان تڏهن پنهنجي پٽ جي رٿيل ڳالهه، ذري پرزي، جهاندار شاهه کي ڪري ٻڌائي.

بادشاهه کي باهه وٺي ويئي. عظم خان کان پڇيائين ته ”توکي انهيءَ جي ڪيئن خبر پيئي؟“

هن چيو ته ”جنهن وير شاهزاديءَ دلارام پنهنجي عاشق سان ويٺي ڳالهايو، تنهن وير منهنجيءَ زال لڪي اهو گفتو ٻڌو.“

بادشاهه خاطري ڪرڻ لاءِ وري پڇيو، ”وزير، تڏهن اها ڳالهه سچي آهي.“

وزير چيو ته ”قبلا، تنهنجي سر کان مٿي ٻيو ڪير آهي. مون کي تنهنجو قسم آهي ته اها ڳالهه سچي آهي!“ بادشاهه نڪي ڪڇيو نڪي پڇيو_ ٽپ ڏيئي اُٿي کڙو ٿي، ۽ پنهنجي محلات ڏي هليو ويو. اگرچ ڪاوڙ ڏاڍي هيس، تڏهن به پهريندي کڻي صبر ڪيائين، جيسين ڀانيائين، ته پنهنجيءَ ڌيءُ جو آزودو وٺان. هو پنهنجي زنانخاني ۾ گهڙي ويو، ۽ دلارام ڏي ماڻهو ٿي موڪليائين، ته هوءَ پاڻيهي اچي نڪتي. اها خبر نه هيس ته بادشاهه ڪو زرهه چڙهيو ويٺو آهي؛ تنهن ڪري منهن گهنجهائي، گهڻي ناز ۽ محبت سان چوڻ لڳي ته ”بابا سائين، اوهين چوندا آهيو ته آءٌ پنهنجي پياريءَ ڌيءَ کان ڪابه ڳالهه ڪانه لڪائيندو آهيان، پر هاڻ اوهان مون کان هڪڙي وڏي ڳالهه لڪائي آهي؛ جنهن جي مون کي خبر به ڪانه ڏني اٿوَ!“

بادشاهه ڪاوڙ ماري، مٿيئن دل سان چيو ته ”ابا، ڀلا اها ڪهڙي ڳالهه آهي، جا مون توکان لڪائي آهي؟“

شاهزاديءَ چيو ته ”ڇو، سائين، شاهه عادل جي پٽ بهرام شهزادي جي چوريءَ کڄڻ ۽ قلعي ۾ نظربند رهڻ جي خبر ڪڏهن ڪا اوهان مون سان ڪئي؟“

دلارام جي ايتري چوڻ تي، بادشاهه جي اندر ۾ جا باهه ٻوساٽي پيئي هئي، سا ڀڙڪڻ لڳي. اها ڳالهه، بهرام جي جهلجڻ ۽ قيد رهڻ جي، بادشاهه ڄاڻي ٻجهي ڇپارائي هئي_ جيئن مٿي ڏيکاريو ويو آهي_ ۽ پڪ هيس ته مون کي، وزير کي ۽ وزير جي پٽ جهان بيگ کي انهيءَ جي خبر آهي، ٻئي ڪنهن کي خبر ئي ڪانهي_ ۽ انهن کي به پاڻ جهلي ڇڏيو هئائين ته ٻئي ڪنهن سان نه ڪجو، جي ڪندؤ ته نقصان پهچندوَ. (انهيءَ هوندي به اسان کي مٿيئن احوال مان معلوم ٿيو آهي ته وزير جي زال کي خبر هئي، جو پٽس جهان بيگ ٻڌايو هوس.) هاڻي جو بادشاهه اهڙي ڳجهي ڳالهه پنهنجي ڌيءُ جي واتان ٻڌي، سو پڪ ٿيس ته هن جي بهرام سان برابر ملاقات ٿي آهي، جيئن وزير ٿي چيو. جي دير ڪري ها، ۽ پنهنجيءَ پر ۾ جاچ لهي ها، ته سچ_ ڪوڙ جي خبر پئجي وڃيس ها. ائين نه ڄاتائين ته شهزادو ڪيڏڙيءَ ڄمار جو آيو هو، ۽ کيس خود انهيءَ قصي جي ڪهڙي خبر هوندي. اڳ ڏيئي، هن پنهنجي ڌيءَ کان شاهزادي جي بابت وڌيڪ ڳالهيون پڇيون، ۽ چيائينس ته ”اها ڳالهه برابر ناهي، ڪنهن توکي ٺڳيو آهي“. پر دلارام ذري پرزي ڳالهه ڪري ٻڌايس، ۽ صاف چيائينس ته ”جيڪي مون ٻڌو آهي سو سچ آهي، ۽ انهيءَ تي مون کي ڪو ڀروسو آهي.“

جيئن ٿي بادشاهه ڌيءُ جي واتان شاهزادي جون وڌيڪ ڳالهيون ٻڌيون، تيئن ٿي پڪ ٿيس ته وزير جي ڳالهه سچي آهي. بادشاهه پڇيس ته ”تو ڪنهن کان ٻڌو آهي؟“ شاهزاديءَ نالو نه ڏسيس، نٽائي ڇڏيائين. اڻ بادشاهه کي منٿ ڪرڻ لڳي ته ”هن ويچاري بيگناهه بهرام کي قيد ان ڪڍي ڇڏيو، ۽ جهان بيگ سان ڪا جوڳي جٺ ڪريو، جو بادشاهه جي ماڻهن مان ڪو دغاباز ۽ چور ٿو ڏسجي، ۽ هڪڙي نه ٻئي ڏينهن بادشاهه جو نالو بد ڪندو.“