سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر عبدالغفار تبسم جي شاعريءَ جو مجموعو ”مِٽيءَ جا سُر“ اوھان اڳيان پيش ڪجي ٿو.
عبدالغفار تبسم پنھنجي شاعريءَ ۾ ماکيءَ جھڙا مٺا لفظ استعمال ڪري پنھنجي شاعريءَ ۾ ڪشش پيدا ڪري ٿو. ھن وٽ سونھن ۽ ساڀيان جي منفرد سوچ ۽ نڪور تخيل آھي. تبسم جي شاعريءَ ۾ ساڻيھ جي سِڪ بہ آھي تہ سڄڻن جي اڪير بہ، مظلوم ۽ مجبور ماڻحن لاءِ ڪوڪ بہ آھي تہ ڏاڍ ۽ ڏمر سان جهيڙڻ جو عزم بہ.
ھي ڪتاب 1991ع ۾ سنڌڙي ڪتابي سلسلي رتوديرو پاران ڇپايو ويو جنھن جي اسڪين ڪاپي صاحب خان سورھ ميراڻيءَ جي ٿورن سان شيئر ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ : ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي.