شاعري

درد ۾ دلجوئي

راشد مورائيءَ جي ھن مجموعي ۾ موجود غزلن ۾ لھجن جون نغمگيون، احساسن جون چڀندڙ ۽ دل لُڀائيندڙ ڪتڪتايون، ٿڌن ساھن جو ساءُ، خوبرو ٽھڪن جو پڙاڏو، سوروند سُڏڪا، قومي ايڪي ۽ اتحاد لاءِ واڪا وراڪا ۽ روح مان بي ساختہ نڪتل رڙيون موجود آھن. غزلن ۾ حُسن ۽ محبت جي رنگيني بہ جهلڪي ٿي تہ ڌرتيءَ جو درد بہ تڙپندي محسوس ٿئي ٿو. 

Title Cover of book درد ۾ دلجوئي

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر راشد مورائيءَ جي غزلن تي مشتمل ڪتاب ”درد ۾ دلجوئي“ اوھان اڳيان پيش ڪجي ٿو.
راشد مورائيءَ جي ھن مجموعي ۾ موجود غزلن ۾ لھجن جون نغمگيون، احساسن جون چڀندڙ ۽ دل لُڀائيندڙ ڪتڪتايون، ٿڌن ساھن جو ساءُ، خوبرو ٽھڪن جو پڙاڏو، سوروند سُڏڪا، قومي ايڪي ۽ اتحاد لاءِ واڪا وراڪا ۽ روح مان بي ساختہ نڪتل رڙيون موجود آھن. غزلن ۾ حُسن ۽ محبت جي رنگيني بہ جهلڪي ٿي تہ ڌرتيءَ جو درد بہ تڙپندي محسوس ٿئي ٿو.
ھي ڪتاب 2011ع ۾ سنڌ دوست فورم پاران ڇپايو ويو جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي صاحب خان سورھ ميراڻيءَ جي سھڪار سان شيئر ڪجي ٿي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ : ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي.