تاريخ، فلسفو ۽ سياست

تون جڳ جاڳائيندين

علي شيرازي جو اردو ۾ ڇپجندڙ ھي ڪتاب پاڪستان ۽ ھندستان ۾ وڏي ڌام ڌوم سان شايع ٿيڻ لڳو. ٿوري ئي وقت (ڏيڍ سال) اندر ھن ڪتاب جا 40 ڇاپا اچي ويا ۽ ھي ڪتاب جلد ئي ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿيڻ لڳو. مير سردار چنڙ سنڌي شعبي جو نهايت، باصلاحيت ۽ ذهين شاگرد آهي. ننڍي عمر ۾ ھن علمي، ادبي ڪم تي ھو جس لھڻي ٿو. مير سردار جي هي ڪاوش سماج جي بھتر تعمير، ترقي ۽ واڌاري لاءِ هڪ اهم قدم آهي. هي ڪتاب  نوجوانن کي ضرور پڙهڻ گهرجي. هن ۾ زندگيءَ لاءِ رهنما اصول موجود آهن. جن جي هنن حالتن ۾ سخت ضرورت آهي.

  • 4.5/5.0
  • 28
  • 14
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book تون جڳ جاڳائيندين

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران فلسفي جي موضوع تي موٽيويشنل اسپيڪر علي شيرازي جي اردو ڪتاب ”سنو تم ستارہ ھو“ جو سنڌي ترجمو ”تون جڳ جاڳائيندين“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون، جنھن جو سنڌيڪار مير سردار چنڙ آھي.
علي شيرازي جو اردو ۾ ڇپجندڙ ھي ڪتاب پاڪستان ۽ ھندستان ۾ وڏي ڌام ڌوم سان شايع ٿيڻ لڳو. ٿوري ئي وقت (ڏيڍ سال) اندر ھن ڪتاب جا 40 ڇاپا اچي ويا ۽ ھي ڪتاب جلد ئي ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿيڻ لڳو. مير سردار چنڙ سنڌي شعبي جو نهايت، باصلاحيت ۽ ذهين شاگرد آهي. ننڍي عمر ۾ ھن علمي، ادبي ڪم تي ھو جس لھڻي ٿو. مير سردار جي هي ڪاوش سماج جي بھتر تعمير، ترقي ۽ واڌاري لاءِ هڪ اهم قدم آهي. هي ڪتاب  نوجوانن کي ضرور پڙهڻ گهرجي. هن ۾ زندگيءَ لاءِ رهنما اصول موجود آهن. جن جي هنن حالتن ۾ سخت ضرورت آهي.
ھي ڪتاب سڦلتا پبليڪيشن، حيدرآباد 2022ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون مير سردار چنڙ ۽ سڦلتا پبليڪيشڻ جي ھوش ڀٽيءَ جا جن ھي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو. 


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي)، ڪراچي 
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
 books.sindhsalamat.com

سڀ حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ آهن

ڪتاب نمبر:   21
ڪتاب جو نالو : تون جڳ جاڳائيندين
موضوع : نفسيات
ليکڪ : علي شيرازي
سنڌيڪار: : مير سردار چنڙ
ڪمپوزنگ : سڦلتا پبلشرز
ٽائيٽل ڊزائين : عباس ڪوريجو 
سال /ڇاپو : 2022ع  پهريون
ڇپائيندڙ : سڦلتا پبليڪيشن، حيدرآباد
  11  _E ايس آر ٽي سي ڪالوني, انڊس هوٽل  ٿڌي سڙڪ حيدرآباد

03333788478Cell:
Email: safalta.mag@gmail.com
ڪـتـاب مـلـڻ جـا هـنـڌ،

ڪنول پبليڪيشن بڪ شاپ، حيدرآباد.

سمبارا ڪتاب گهر، حيدرآباد. ڀٽائي بڪ اسٽور، حيدرآباد - ڪويتا ڪتاب گهر، حيدرآباد – 

رومي ڪتاب گهر، گدو چونڪ حيدرآباد -دانيال ڪتاب گهر، قاسم آباد. حيدرآباد

 نئون نياپو ڪتاب گهرڪراچي، سچل ڪتاب گهر هنڊا پليس حيدرآباد

- مرڪ پبليڪيشن هائوس، ڪراچي - ڪاٺيواڙ بڪ شاپ، اردو بزار ڪراچي

سنڌيڪا بڪ شاپ، لاڙڪاڻو - رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو. المهراڻ ڪتاب گهر، سانگهڙ - سليمان برادرس، نواب شاه - مدني بڪ اسٽور، دادو سنڌيڪا ڪتاب گهر سکر- سارنگ ڪتاب گهر، سکر ٿرڪتاب گهر، مٺي- خالد بجير، عمر ڪوٽ- سنڌ بڪ اسٽور پڪا چانگ


ارپنا

پنهنجي ڏاڏي

منظور احمد چنڙ ۽

والد پيارو خان چنڙ  جي نالي...

جن مسلسل ثابت قدمي ۽ جدوجهد سان

پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪاميابي ماڻي. 

پبلشر نوٽ

سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب ۾ ترجمي جي ڊگهي تاريخ ۾ ڪيترائي مهان ماڻهو پنهنجو وارو وڄائي ويا آهن. جن پنهنجي ٻوليءَ ۾ دنيائي ادب ۽ تاريخ کي پنهنجن ماڻهن سان روشناس ڪرائڻ جا جتن پئي ڪيا آهن.

موجوده وقت ۾  نوجوان گهڻي محنت ڪري رهيا آهن. انگريزي، پنجابي، اردو، پشتو بنگالي ۽ ٻين مختلف ٻولين مان ڪتابن کي پنهنجي ٻوليءَ ۾ لاهي رهيا آهن. جيڪو هڪ خوش آئنده ڪم آهي ۽ ادب ۽ ٻولي ۾ واڌارو به آهي. 

مير سردار چنڙ به انهن نوجوانن مان آهي جيڪو ترجمي جهڙي ڏکئي شعبي سان پنهنجي ادبي ڪيريئر جي شروعات ڪري رهيو آهي. هن اردو ٻوليءَ تان هن ڪتاب جو سليس سنڌي الٿو ڪيو آهي جيڪو گهڻو وڻندڙ ۽ معياري آهي. مير سردار سنڌي شعبي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ هن وقت پڙهي به رهيو آهي ۽ ان سان گڏ هو لکي به رهيو آهي. اهو به بهتر ڪم آهي ته ادب جا شاگرد عملي طور اڳيان اچي رهيا آهن. اميد ڪريون ٿا ته مير سردار چنڙ جو هي ترجمي جو ڪتاب سنڌي پڙهندڙن کي پسند ايندو. 

هوش محمد ڀٽي

چيئرمين
سڦلتا پبليڪيشن حيدرآباد

ٻه اکر

انساني سوچ، سمجهه، فهم ۾ مثبت هاڪاري رخ ۾ مسلسل اڳتي وڌڻ لڳي ته نه صرف انفرادي بلڪه ڪيترائي اجتمائي مقصد حاصل ڪري سگهجن ٿا. فطرت جي هن جهان ۾ شعور، ڄاڻ، حاصل ڪرڻ بعد ان جو اطلاق لازمي آهي. اهو عمل وارو جيڪڏهن درست رخ ۾ آهي ته انسان تي فطرت جا ڀال ٿيندا رهندا.  هو  نيون ڪائناتون کولي لهندو پر جيڪڏهن علم، ڄاڻ، صرف ڏيکاءَ ۽ رسمي پورائي لاءِ حاصل ڪيو ويو آهي ته ان جو مثال بيٺل پاڻيءَ مثل آهي.

جنهن مان نقصان جو انديشو ضرور آهي پر فائدو ڪو به ناهي. علي شيرازي جو هي ڪتاب ڪريئر ڪائونسلنگ سان واسطو رکي ٿو. شاگرد، توڙي عام پڙهندڙن لاءِ هن جيتري اهميت رکي ٿو. انسان کي هي جيڪي پساهن جا پل مليا آهن انهن کي ڪيئن گذارجي نظم ۽ ضبط ڪيئن رکجي ڇو رکجي وڌاءُ ۽ اهم سوال آهن. سمورا موضوع هڪٻئي سان جڙيل آهن ۽ سڀني جو بنياد ڪردار سازي، مقصد جي جستجو ۽ اسان جي شخصي تعمير آهي اسان جنهن معاشري ۾ رهون ٿا گهٽ ۾ گھٽ ان ۾ هن قسم جي ڪتاب جي سخت ضرورت آهي ڇاڪاڻ ته ترقي يافته سماجن ۾ هي ڳالهيون عملي طرح اڳ ئي موجود آهن.

زوال پذير، ڇڙوڇڙ، حيران پريشان، غربت، بک، بدحالي، بيروزگاري، سماج کي جنجهوڙي جاڳائڻ، انهن کي طرِز حيات ڪيئن ترتيب ڏيڻ گھرجي. کين اهو به ٻڌائڻ لازمي آهي. تعليمي، هنري ادارا به موجود آهن ٿورا يا گھڻا وسيلا به  موجود آهن ان باوجود سماج هر طرف کان وکريل آهي سڌاري ۽ ترقي وارو مقصد حاصل نه پيو ٿئي. افرادي قوت وڌڻ باوجود هر طرف کوٽ ئي کوٽ آهي هي ڪتاب وکريل ۽ مايوس سماج جي مضبوط تعمير ۽ ترتيب جي لاءِ هڪ ڪوشش آهي انسان قدرت جي اسرارن جو هڪ مجموعو آهي. پاڻ کي ڄاڻڻ، سڃاڻڻ  ۽ ان مطابق  پاڻ جو استعمال اسان جي سامهون ڪيترن ئي بند دروازن کي کوليندو ويندو. اهو تڏهن جڏهن انسان ان راهه تي هلڻ شروع ڪندو.

مير سردار چنڙ سنڌي شعبي جو نهايت، باصلاحيت ۽ ذهين شاگرد آهي. ننڍي عمر ۾ سندس هي علمي، ادبي ڪم کيس ضرور اڳتي وٺي ويندو. جتي هو ٻولي، ادب ۽ سماج لاءِ گھڻو ڪجهه ڪري سگهندو. سندس هي ڪاوش سماج جي بهتر تعمير، ترقي ۽ واڌاري لاءِ هڪ اهم قدم آهي. هي ڪتاب  نوجوانن کي ضرور پڙهڻ گھرجي. هن ۾ زندگي لاءِ رهنما اصول موجود آهن. جن جي هنن حالتن ۾ سخت ضرورت آهي.

ڊاڪٽر نواب ڪاڪا

سنڌي شعبو  
سنڌ يونيورسٽي  
ڄامشورو

پنهنجي پاران

علي شيرازي بنيادي طور تي ھڪ موٽيويشنل اسيپڪر (Motivational Speaker)  جي حيثيت سان ملڪ پاڪستان سميت پوري دنيا ۾ سڃاڻپ رکي ٿو. سندس مداح پوري دنيا ۾ لکن جي تعداد ۾ آھن. سندس ھر ھڪ ڳالهه بي سھارن جو سھارو بڻجندي آئي آھي.  ڪيترن ئي ناڪام ماڻھن جون زندگيون بدلائي ڪاميابي جي رستي تي آڻڻ واري علي شيرازي جو پھريون ڪتاب "سنو تم ستاري ھو" جڏهن مارڪيٽ ۾ آيو ته ھن جي مداحن کي ڀرپور موٽ ڏني. ھر طرف ھل مچي ويو سوشل ميڊيا توڙي پرنٽ ميڊيا ۾ ھن ڪتاب جا چرچا هئا. پاڪستان ۽ ھندستان ۾ ھي ڪتاب وڏي ڌام ڌوم سان شايع ٿيڻ لڳو. ٿوري ئي وقت (ڏيڍ سال) اندر ھن ڪتاب جا 40 ڇاپا اچي ويا ۽ ھي ڪتاب جلد ئي ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿيڻ لڳو. ھن ڪتاب جي مقبوليت  ڏسي مونکي دل ۾ خيال آيو ته ڇو نه ھن ڪتاب کي سنڌي ۾ ترجمو ڪجي." اھو خيال کڻي مان ھڪ ٻن دوست سان صلاح مشورو ڪيو. جن منهنجي خيال کي ساراھيو ۽ مونکي حوصلو ڏنو ته مان ڪتاب ترجمو ڪيان. ان سان اھو ڪتاب آساني سان ترجمو ڪري سگھبو. جڏهن ته ان وقت يونيورسٽي جو سيمسٽر ڏئي تازو موڪل تي آيل ھيس ۽ واندڪائي ھجڻ  سبب ڪتاب کي چنبڙي ويس ۽ ڪجهه ئي وقت ۾ ھن ڪتاب جو پھريون حصو ترجمو ڪيو.

جيڪو اوھان پڙھي رھيا آھيو. پڙھندڙن کي آگاھ ڪندو ھلان ته ھي ڪتاب ھڪ ئي جلد ۾ آھي پر ان ۾ اندر ٻه حصا آھن جنهن مان پھرئين حصي جو مان ترجمو ڪيو آھي. جڏهن ته ٻيو حصو جلد اوھان اڳيان پيش ڪبو. 

لکڻ لاء ته گھڻو ڪجهه آھي،  پر ڇا لکجي! اصل لکڻ وارا ته اوھان ئي آھيو. ڇاڪاڻ ته پڙھندڙ ئي ھڪ مصنف ۽ مترجم بابت راءِ ڏيئي سگھندا آھن. تنهنڪري مان پنهنجو ترجمو ڪيل ڪتاب اوھان جي حوالي ڪيان ٿو ته اوھان منهنجي پھرئين قلمي پورھئي کي ڪيتري موٽ ڏيو ٿا.

مان تمام گھڻو ٿورائتو آھيان سائين ڊاڪٽر نواب ڪاڪا جو جنهن ٿوري وقت ۾ مونکي رايو لکي ڏيڻ جو يقين ڏياريو. پياري دوست غفار انڙ ، غلام رسول سوڍر، نادر نوحاڻي. عارفه ڳاھو، مظفر چانڊيو، ساجد ميڻو،  اظھر امر،  انجنئير  بشير چنڙ ۽ پياري حبيب متو ۽ ٻين ساٿين جا به اڻ ڳڻيا ٿورا جنهن مونکي وقت سر سٺين صلاحن سان نوازيو.

سڦلتا ببلڪيشن جي روح روان پياري ھوش محمد ڀٽي جا به وڏا وڙ جنهن منهنجو ھي ڪتاب شايع ڪرڻ جي حامي ڀريندي اوھان تائين پھچايو آھي.

اوھان جي راين جو اوسيئڙو رھندو.

مير سردار چنڙ

ماروي گارڊن حيدرآباد  
03433684578 
sardarchannar725@Gmail.com

ڪاميابي جو فلسفو

ڪاميابي جو فلسفو

انسان فطرتي ڪامياب ٿيڻ چاھيندو آھي ان ڪاميابي کي حاصل ڪرڻ لاءِ خواب ڏسندو آھي پوءِ ان خوابن کي حقيقت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪندو آھي. ڪامياب ٿيڻ جو جنون ھن کي جيئن جو مقصد عطا ڪندي آھي.
آئون ۽ اوھان آس پاس ۾ ڪيترائي معصوم ڏسون ۽ سڃاڻو ٿا جن جي لاءِ ڪاميابي صرف پنهنجو پسنديده رانديڪو حاصل ڪرڻ جو نالو آھي. توهان ڪڏهن ڪنهن ٻار کي اھو چوندي نه ٻڌندو ته ان جي زندگي ۾ ڪو مقصد, ڪو خواب ناهي. ڪڏهن انھن کان پڇيو وڃي ته اھي زندگي ۾ ڇا ٿا بڻجڻ چاھيو ته %99 سيڪڙو ٻار ڪامياب انسان بڻجي جي ڳالهه ڪندي،خواھش ظاھر، ڪندي نظر ايندا. ڪنهن جو مقصد ڊاڪٽر ٿيڻ ته ڪنهن انجنيئرنگ جو خواب سجائي رکيو ھوندو ڪنهن کي ھوائن ۾ اڏڻ پائلٽ بڻجڻ سان چاھ آھي ته ڪو بزنس مين ٿيڻ چاھي ٿو.
ٿورو غور ڪيو! آخر اھڙو ڇا آھي ۽ ڇو آھي جو ننڍپڻ ۾ ته هر ٻار خواب ڏسندو آھي . اميرن جو چشم و چراغ ھجي يا جھوپڙين ۾ رھندڙ ھڪ عام ٻار ھجي پر عملي زندگي ۾ شايد ڪو 10 سيڪڙو ماڻھو پنهنجا خواب ۽ مقصد زندگي ۾ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ويندا آھن. آخر ناڪامي اسان جو مقدر ڇو بڻجي وئي آھي؟
منهنجي ويجھو ناڪامي جو پڙاڏو انسان جي پنهنجي مقصد حيات جي لاءِ غيرسنجيده سوچ, عدم،اعتمادي غير زميوار رويو ۽ حالات کي راضي ڪرڻ ڪيو ويندو ويندو آھي . رڪاوٽون ھر ڪامياب انسان ۽ ناڪام انسان ۾ ھڪ جيتريون ھونديون آھن. جيڪو ان رڪاوٽن جي سامھون پھاڙ بڻجي مقابلو ڪندو آھي ته ان لاءِ ان ئي رڪاوٽن مان رستو دريافت ٿي ويندو آھي .
۽ جيڪي انھن روڪاوٽن سان ٺاء ڪن ٿا ان سان زندگي جو مقصد وڃائي ويھن ٿا ويتر خواب ڏسڻ کان به لاچار بڻجي ٿا وڃن اڪثر ماڻھو پنهنجي حالاتن سامھون مقابلو ناھن ڪري سگھندا پوءِ رڪاوٽون انھن کان ڪامياب زندگي گذارڻ جو جوش جذبو جنون واپس وٺي ڇڏيندي آھي.

ناڪامي جو فلسفو سوچ تي تمام بري طرح سان اثرانداز ٿيندو آھي. ناڪامي اھا ناهي ته اوھان زندگي جي ڪنهن حصي ۾ ناڪام ٿي چڪا آھيو پر حقيقت ۾ ناڪامي اھا آھي ته توھان ان ناڪامي تي راضي ٿي چڪا آھيو ۽ ان کي تقدير جو لکيو سمجھي پاڻ کي مطئمن ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھيو پنهنجي خوابن کي دفن ڪري پنهنجو پاڻ سان ان جو ذڪر ڪرڻ ڇڏي ٿا ڏيو اھا آھي اصل ناڪامي جنهن ھر ٻيو شخص اڄ شڪار آھي.
حالات ۽ رڪاوٽن سامھون پھاڙ بڻجي بيھڻ وارن کي انھن جو حوصلو پنهنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ جو ازم ۽ ثابت قدمي سان ڪندڙ محنت محنت جھڪڻ ۽ رڪجڻ ناھي ڏيندي ڏکئي وقت ۾ خوابن کي پورو ڪرڻ انھن جي ساڀيان ڪرڻ ئي اڳيان وڌڻ جي ھمت ڏيندي آھي حوصلا ۽ ھمت وڏي ڪرڻ سان رڪاوٽون پاڻ ئي گھٽجندي پنهنجي موت مري وينديون آھن. الله تعالي قرآن مجيد ۾ فرمايو آھي ته
”يقينن اسان انسان کي بھترين صورت ۾ پيدا ڪيو آھي“ (سورت التين آيت 04)
اھو خالق ڪائنات جيڪو پنهنجي عظيم ڪتاب قران مجيد ۾ انسان جو بھترين ھجڻ جي دعوىٰ ڪري رھيو آھي اسان انسان ان دعوىٰ کان انڪار ڪري سگهون ٿا؟ جڏھن خالق ڪائنات انسان پيدا ئي بھترين ڪيو آھي ۽ سڀني مخلوقات ۾ اوچائي عطا ڪئي آھي ته اھو ڪيئن ممڪن آھي ته ھو آدم آڏو ايندڙ رڪاوٽن مان رستو نه ڪڍي؟ ان کي مايوس ڇڏي ؟ اسان انسان پنهنجي سڀ سستين جو زميوار مقدر تي ڀاڙيندي ھڪ لمحي لاءِ به اھو نٿا سوچيون ته انھن سڀني ناڪامين جا زميوار اسان خد پاڻ آھيون پوءِ سڄي زندگي ان ناڪامين تي روئندي گذاريندا آھيون.
انسان کي الله تعالي سوچ ڏني عقل ۽ شعور ڏنو ۽ ان لاءِ زمين تي پنهنجي نعمتن کي ڪشادو ڪيو ۽ پوءِ ٻڌايو ته ان لاءِ دنيا ۽ آخرت ۾ ھر شي آھي جنهن لاءِ ھو ڪوشش ڪندو. اسان چوندا آھيون ته ڦلاڻو ڪامياب زندگي گذاري رھيو آھي اھا ان کي ايئن ناھي ملي ان سخت محنت ۽ جدوجھد کان پوءِ پنهنجي خوابن جي ساڀيان ڪئي ھوندي آھي. ڪامياب ماڻھو پنهنجي اندر ڪامياب ٿيڻ واري جذبي کي ڪڏهن مرڻ ناھي ڏيندو حالات سان ٺاء ناھي ڪندو پاڻ کي تقدير جو لکيو ڄاڻائي مطئمن ناھن ڪندو ان زندگي مسلسل محنت جو سبب ھوندي آھي.
خواب ڏسڻ ۽ ڪامياب ٿيڻ لاءِ ضروري ناھي ته اوھان جا حالات بھتر ھجن يا اوھان وٽ تمام گھڻا پيسا ھجن يا اوھان تمام گھڻا ذھين ھجو پر ڪامياب ٿيڻ لاءِ ضروري آھي ته توھان حقيقتي معنائن ۾ ڪامياب ٿيڻ چاھيو ٿا توھان وٽ کان ڪامياب کان سواء ٻيو ڪوبه رستو مقرر نه ھجي توھان ان تي گھٽ به سوچي نه سگھو جيسيتائين اسان وٽ آپشن (Option) موجود آھن ته اسان وسيلا بھانا ڪندا رھون ٿا . جيڪڏھن اوھان جي زندگي ۾ ڪامياب بڻجڻ ۽ ٿيڻ کان سواء ڪو به آپشن (option) نه ھجي ته پوءِ ڏسو اوھان کي ڏکئي ۾ ڏکئي مشڪل حالت به روڪي نٿي سگھي.
مان پنهنجي زندگي ۾ گذريل ڏھن سالن ۾ سکيو آھي ته چاھي توھان ڪير به ھجو توھان کي زندگي ۾ ڪڏهن به پنهنجي مرضي جا حالات ۽ ماحول ملي نٿو سگھي اوھان کي ھر حال ۾ محنت ڪرڻي پوي ٿي پاڻ کي ٿڪائڻو پوي ٿو ھر مشڪل ۾ مضبوط ٿيڻو پوي ٿو اگر توھان رڪجي ويو جھڪي ويو يا پاڻ کي حالات جي حوالي ڪيو ته ياد رکو ! توھان ڪڏهن به اڳيان نٿا وڃي سگھو.
توھان پوري دنيا مان ڪاميابي جا قصا Success Satires کڻي اچي ڏس ڪنهن کي ڪامياب ٿيڻ لاءِ پسنديده حالات نه مليو نه وري ڪنهن کي ڪاميابي بستري تي سجائي پيش ڪئي وئي پر سڀني کي حالات سان مقابلو ڪرڻو پيو پوءِ اھڙن ماڻھن کي انھن جي محبت ۽ ثابت قدميء دنيا ۾ مثالي بڻائي ڇڏيو.
توھان ڪنهن ٻئين ٽئين کان پڇڻ بدران پاڻ کان سوال ڪيو ته ڇا تون مشڪلاتن جي سامھون ايئن ھٿ ھٿ تي رکي خوش آھين؟ توکي خواب جي ساڀيان ماڻڻ کي ڪنهن روڪيو آھي؟ آخر ناڪامي سان ٺاء ڇو ڪيو وڃي؟ يقينن اوھان خود ۾ خوابن کي ماڻڻ جي تڙپ ۾ جڳائڻ ۾ ڪامياب ويو ته توھان کي پنهنجو مقصد ماڻڻ کان ڪير به نٿو روڪي سگھي ڪاميابي اوھان کان ڪجهه قدم اڳيان اوھان جي محنت ،عظمت، محبت ۽ تڙپ آزمائڻ لاءِ بيٺي آھي .پنهنجي مقصد ڏانهن ثابت قدمي ڪاميابي اوھان جي سر جو تاج بڻائي ڇڏي ٿي.
مان زندگي کان تمام اھم ڪم سکيو آھي ته انسان جڏهن ڪوبه فيصلو ڪري پنهنجو سمورو ڌيان ۽ توانائي ڪنهن شي کي حاصل ڪرڻ لاءِ وقف ڪندو آھي ته ان جي ڪاميابي يقيني ھوندي آھي. اڪثر ماڻھو ڪامياب ته ٿيڻ چاھيندا آھن پڪو ارادو به ڪندا آھن پر پنهنجي طاقت ۽ توجهه جنهن کي حاصل ڪرڻ چاھيندا آھن ان ۾ وقف ناھن ڪندا منھنجي نظر ۾ ان سڀ کان وڏو سبب انھن پاڻ تي خود اعتمادي نه ھجڻ آھي ناڪامي جو خوف ان کي اڳيان وڌڻ ناھي ڏيندو ننڍڙي رڪاوٽ ان جي سوچ ۽ توجهه جي آکيري کي ڪيرائي وجھي ٿي ۽ ناڪامي ان جو مقدر بڻجي وڃي ٿو.
ڪاميابي ڇا آھي؟

ھر انسان ھن لفظ "ڪاميابي" کي پنهنجي نقطئه نظر سان ڏسندو آھي ڪنهن لاءِ ڪاميابي جو مطلب خوشحال زندگي گذارڻ آھي ته ڪنھن جي لاءِ پنهنجي خاندان لاءِ تمام آسائشن جو انتظام ڪرڻ آھن ڪجهه ماڻھن جي نظر ۾ ڪاميابي شھرت ماڻڻ جو نالو آھي ڪجهه ماڻھن لاءِ پنهنجي ڪاروبار وڏو ٿيڻ وڌڻ ويجھڻ ڪاميابي آھي اسان مان اڪثر ماڻھن جي لاءِ آزادي جو ٻيو نالو ڪاميابي آھي پريشان زندگي کان آزادي خوف کان آزادي ۽ ناڪامين کان آزادي.
منهنجي نظر ۾ ڪاميابي اھا خاطري ۽ خوشي جا اوھان زندگي جو مقصد حاصل ڪرڻ وقت محسوس ڪيو مان سمجھان ٿو پنهنجي زندگي ۾ مطئمن ٿيڻ ئي اصل آزادي آهي.

ڪاميابي جو خواب

ڪاميابي جو خواب

ڪاميابي جو پھريون ڏاڪو خواب آھي انسان خواب ڏسڻ شروع ڪري ڪاميابي جا خواب ڪامياب زندگي جا خواب اھي خواب ئي ته آهن جيڪي اوھان کي زندگي ۾ مقصد ڏيندا.
ڪاميابي تائين پھچڻ ۾ اوھان کي ھمت ۽ حوصلا به ھي خواب ڏيندا اوھان کليل اکين سان پنهنجي منزل کي ڏسي سگھندو . ڪاميابي جي لاءِ ھر ڊڪ ڊوڙ توھان لاءِ آسان ٿي ويندي ۽ ھر مشڪل جي اڳيان معمولي لڳندي.
منهنجو مطالعو آھي ته دنيا ۾ جيترا به ماڻھو ڪامياب ٿيا آھن ڪامياب زندگي گذاري رھيا آھن انھن ۾ ھڪ به اھڙو ناھي جنهن کي ڪاميابي اتفاقن By Chance ملي وئي ھجي ڪڏهن ڪنهن کي بنا خواب ڏٺي بنا محبت ڪندي ڪاميابيء مٿي تي تاج ناھي پارايو. توھان دنيا جي ڪنهن به ڪامياب شخص جي زندگي کي پڙھي وٺو ان جو انٽرويو ڏسي وٺو ان جي سموري زندگي محنت ۽ جدوجھد سان ڀريل ملندي. توھان ڏسندو ته ھر ڪامياب انسان زندگي ۾ ڪڏهن نه ڪڏهن ڪوئي خواب ڏٺو ھوندو ۽ پوءِ ان خواب جي ساڀيان ماڻڻ لاءِ ھن جيترا جتن ڪيا، محنت ڪئي، مشڪلات مان سکيو رڪاوٽن جو سامھون ٿيو پوءِ وڃي ڪٿي سالن جي محنت بعد ان پنهنجي خوابن جي ساڀيان حاصل ڪري ڏيکاري ۽ اھي ماڻھن لاءِ مثال بڻجي ويا.
ھڪ ڳالهه ذھن ۾ ويھاري ڇڏيو ته ڪامياب شارٽ ڪٽ ناھي. ھي ھميشه پراسس مان گذرندي محنت ۽ جدجھد جي چڪي ۾ پيسجي ملندي آھي.
ھتي ھڪ ڳالهه قابل ذڪر ۽ اھم آھي ته اڪثر ماڻھو ڪامياب کي افراداني سان مسلڪ ڪري ڇڏييندا آھن جيڪا منهنجي خيال ۾ انتھائي غلط سوچ آھي. دولت وقتي طور تي شايد اوھان کي اوھان جي سڀ کان وڏي ڪاميابي لڳي سگھي ٿي. پر ٿورو سوچيو ! دولت ته ڪنهن کي به گھر ويٺي بنا خواب ڏٺي محنت ڪيئي ،پرائز باند کلئي يا لاٽري انعام ذريعي به ملي سگھي ٿي. توھان ۽ مان ان کان ڳالهه کان چڱي ريت واقف آھيون ته ايئن دولت ملڻ سان ڪاميابي تصور ناھي ڪري سگھبي ۽ ڪو به عقل فھم رکڻ وارو انسان اھڙي دولت مند شخص کي ڪامياب انسان نه چوندو توھان آس پاس نظر ڦيرايو کوڙ اوھان کي دولتمند انسان ملندا انھن مان ڪي چار پنج ماڻھو مس ھوندا جي واقعي ڪامياب ھوندا.
دولتمند ۽ ڪامياب ھجڻ جي فرق کي توھان پنهنجي جي معاشري جي ھڪ بيمثال زنده ڪردار لازوال شخصيت جي زندگي مان ئي سمجھو وٺو ته "جناب عبدالستار ايڌھي" جنهن کي اسان جي قوم پنهنجو آئيڊيل سمجھندي آھي ٿورو غور ڪيو اھو ڪيترو دولتمند ھو؟ ڪيترن خزانن جو مالڪ ھو ؟ ان جي بينڪ بيلنس ڪيترو ھو؟ ان جو شمار ڪھڙين امير شخصيتن ۾ ٿيندو ھو؟ اسان چڱي طرح ان ڳالهه کان واقف آھيون ته اسان جو آئيڊيل اسان جيان ھڪ عام انسان ھو جنهن ۾ انسان جي لاءِ ان جي چڱائي ۽ ڀلائي لاءِ تڙپ ھئي اھو پنهنجي معاشري جي بکين اگھاڙن ۽ غريب ماڻهن کي پناھگاھ ڏيڻ چاھيندو ھو انھن جي لاءِ عزت جي روزي جو خواب ڏسندو ھو ان جي انھن ئي خوابن کيس اعلي درجي تائين ڪاميابي ڏني.
مان اڪثر سيمينار ڪريئر ڪائونسلنگ سيشننن ۽ سوشل ميڊيا تي ماڻھن کي ڳالهه ڪندي ڏسندو آھيان ته خدارا! پنهنجي ٻارن کي سرڪاري نوڪرين جا خواب وڏا آفيسر ٿيڻ جا خواب ڏيکارڻ کان بھتر آ ته انهن کي ڪاميابي جا خواب ڏيکاريو مونکي منهنجي ماءُ ننڍپڻ ۾ ئي اھو نه چيو ته پٽ ! تون بينڪ ۾ وڏو آفيسر ٿيندي يا تون ڪاروباري ٿيندي. ھوء چوندي ھئي "پٽ تون وڏو انسان ٿيندي . پٽ ! تون ستارو آھين تون روشني ٿيندي. اھي خواب مونکي منهنجي ماءُ ننڍپڻ ۾ ئي ڏيکاريا مان انھن خوابن کي ڏسندي وڏو ٿيس ۽ پنهنجي زندگي جو مقصد ۽ وري ان مقصد کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ڪڏهن ڪرندو ڪڏھن وڌندو ويس.
منهنجي داعوي' آھي ته ڪوبه بغير خواب ڏٺي ڪامياب نه ٿو ٿي سگھي اھي خواب انسان جي زندگي ۾ مقصد ۽ ھمت ڏين ٿا. خوابن جي غيرموجودگي ۾ انسان ڪيئن پھريون ۽ بنيادي ڏاڪو چڙھي سگھي ٿو؟ ڪاميابي جي لاءِ خواب لازمي ڏسڻو پوي ٿو کليل اکين ۽ جاڳيل دل سان وڏن وڏن خوابن جا تاج محل ٺاھڻا پون ٿا خواب اسان ۾ ڪاميابي جي اھو جذبو پيدا ڪن ٿا جنهن کي پوءِ حاصل ڪرڻ کان سواء ٻيو ڪو رستو ناھي ھوندو جيڪڏهن توھان خواب ڏسڻ ۽ ڪاميابي جو جذبو پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب وڃي ٿو ته يقين ڪيو اوھان کي ڪامياب ٿيڻ کان زندگي جي وڏي وڏي مشڪل به روڪي نه ٿي سگھي.
مان ھڪ عوامي شخصيت Public Figure جي حيثيت سان ماڻھن ۾ اٿندو ،ويھندو، گھمندو ،ملندو رھندو آھيان. مان اھڙن ڪيترن ئي ماڻهن سان مليو آھيان جن وٽ دولت نالي ته ڪا شي ناھي ھوندي پر انھن جا خواب تمام وڏا آھن خوابن ۾ ايترو جذبو ۽ ڇڪ آھي جو اھي انھن کي ھر مشڪل ۾ اڳيان وڌڻ جو حوصلو ڏئي رھيا آھن اھي ماڻھو محنت ۽ محبت ڪري رھيا آھن ۽ اھو وقت پري ناھي جڏهن اسان انھن ستارن کي شان شوڪت سان چمڪندي ڏسنداسين.
مان سمجھان ٿو غريب اھو ناھي جنهن وٽ دولت جي گھٽتائي آھي يا جنهن وٽ زندگي گذارڻ لاءِ بنيادي ضروتون پوريون ناھن پر غريب اھو آھي جنهن جي اکين ۾ خواب ناھن. جيڪو انسان خواب ئي نٿو ڏسي سگھي ان کان وڌيڪ ڀلا ڪو ٻيو غريب ممڪن آھي؟
مونکي افسوس آھي ته اسان جا نوجوان جيڪي اسان جي ملڪ جا مستقبل آھن جن کي ھن ملڪ ۽ قوم جي واڳ سنڀالڻي آھي اھي اڄ پنهنجو مقصد وڃائي ويٺا آھن. اسان وٽ اڄڪلهه جي نوجوانن جي زندگي ۾ ڪوئي مقصد ڪا منزل ناھي منهنجي دل رت جا گوڙھا روئي ٿي اھو ڏسندي ته اسان جا اڪثر تعليمي ادارا تعليم جي نالي تي ڪاروبار ڪري رھيا آھن ۽ تعليم جي نالي ئي محض ڊگريون ورھايون وڃن ٿيو ۽ اسان جو نواجون طبقو انھن ڊگرين جي پويان انڌي گھوڙي جيان دوڙندو نظر اچي ٿو اڄ اسان جي معاشري ۾ نظر ڦيرائڻ سان اوھان کي ڊگري يافته نوجوانن جو ھڪ اڻ کٽندڙ سمنڊ نظر ايندو جن ۾ اڪثريت شعور ۽ تھذيت يافته ھجڻ کان به لاچار آھن اسان جي قوم کي تھذيب يافته ماڻھن جي ضروت آھي اھڙن باشعورن ماڻھن جي ضروت آھي جيڪي ھڪ قوم کي بلندين تائين پھچائن نه ڪي ڊگري يافته ماڻھو جن جي زندگي جو مقصد سرڪاري نوڪري کان سواء ڪجهه نه ھجي منهنجو چوڻ آھي ته اسان جنھن بيوقوفيت جو شڪار آھيون ان مان نڪرڻ لاءِ ضرورت ان ڳالهه جي آھي ته اسان کي تعليمي نظام کي بھتر ڪرڻ آھي تمام تعليمي ادارن ۾ بحيثيت ڪاميابي ھڪ سبجيڪٽ طور پڙھائي وڃي ھي پراڻو اندران ٽٽل نظام جنهن طرح معاشري ۾ قوم ۽ سوچ پيدا ڪري رھيو آھي ان جي مستقبل ۾ ڪاميابي ۽ ڪامراني ته پري جي ڳالهه وڌيڪ اسان کي بک ۽ بيروزگاري کي منهن ڏيڻو پوندو. اسان اڄ به اھڙا کوڙ سارا عظيم استاد موجود آھن جن جي زندگي ۽ تجربا پنهنجي اندر ۾ ھڪ ڪامل درسگاه آھي اھڙا استاد ٻارن ۾ خواب ڏسڻ سيکاريندا آھن خوابن جي لاءِ وڙھڻ سيکاريندا آھن عملي طور اسان انھن استادن کي اھو مقام ڏيون ۽ انھن کي تعليمي ادارن ۾ پنهنجي صلاحيتن جي اظھار جو موقعو ڏيون ته اھو ڏينهن پري ناھي جڏھن تعليمي ادارن مان اھي ماڻھو نڪرندا جيڪي ملڪ جو نالو روشن ڪندا.
منهنجي زندگي منهنجي سامھون ھڪ بليڪ وائيٽ Black White فلم جھڙي آھي جنهن جو ھر ڏينهن مونکي ڪنهن قيمتي اثاثي يا پڪي سبق جيان ياد آھن مونکي اڄ به ياد آھن آگسٽ 1998ع جو اھو ڏينهن جڏھن انھاري جون موڪلون گذارڻ کان پوءِ پھرئين ڏينهن اسڪول ويو ھئس اسان کي ان ڏينهن پنهنجي استاد جناب سعيد احمد جي نصيحت "حفيظ جالنڌري" جو نظم ان زباني ٻڌايو ھو .
مجھے ایک ننھا بچہ نہ سمجھو
مجھے اس قدر بھولا بھالا نہ سمجھو
مجھے کھیلنے کا ہی شیدا نہ سمجھو
سمجھتے ہو ایسا تو ایسا نہ سمجھو

میں طاقت میں رستم سے بہتر بنوں گا
بہادر بنوں گا دلاور بنوں گا
میں پڑھ لکھ کے اوروں کا رہبر بنوں گا
ارسطو بنوں گا سکندر بنوں گا

سبق نیکیوں کے مجھے یاد ہونگے
بہت سے ہنر مجھ سے ایجاد ہونگے
بہت مجھ سے خوش میرے استاد ہونگے
عزیز اور ماں باپ سب شاد ہونگے

سچائی سے ہرگز نہ شرماؤں گا میں
بھلائی ہر اک سے کئے جاؤں گا میں
مصیبت میں ہرگز نہ گھبراؤں گا میں
برائی کی راہوں سے کتراؤں گا میں

نہ میں دل دکھانے کی باتیں کروں گا
نہ ہر گز ر لانے کی باتیں کروں گا
میں بلکہ ہنسانے کی باتیں کروں گا
دلوں کو ملانے کی باتیں کروں گا
گرمين جي موڪلن ۾ اسان ھي نظم ڀرپور ياد ڪيو ھو ۽ اڄ اھو ڏينهن اچي ويو ھو جڏهن سڀ استاد کي ھي نظم ٻڌائي داد وصول ڪرڻ چاھن پيا مان به ڏاڍو خوش ھئي منهنجي خوشي ته ٻيڻي ھئي ھڪ ته مان ھي نظم پورو ياد ڪيو ھو ٻي خوشي ته ان ڏينهن مونکي ابو اسڪول ڇڏڻ آيو ھو ۽ ويندي مونکي ٻن روپين جو نيرو نوٽ ڏئي ويو مان نظم دل ۾ پڙھندي ڏاڍو خوش ھئس ته اڄ رسيس ۾ پنهنجي پسند جي شي کائيندس .
استاد جي مان پنهنجي سوچن مان نڪري سڀني شاگردن سان گڏ استاد جي احترام ۾ اٿي بيٺس.
سعيد صاحب اسان سڀني کي ويھڻ جو اشارو ڪندي خيريت معلوم ڪئي ۽ پوءِ واري واري سان سڀني جا نظم ٻڌڻ لڳو اسان پنهنجي بينچ تي خوشي خوشي سان نظم ٻڌڻ ۾ مصروف ھئاسين ته اچانڪ منهنجي نالو کڻي مونکي استاد نظم ٻڌائڻ لاءِ گھرايو ۽ مان سڀني شاگردن اڳيان بيھندي

"مجھے ایک ننھا بچہ نہ سمجھو
مجھے اس قدر بھولا بھالا نہ سمجھو"

ٻڌائڻ لڳس نظم ٻڌائن کان پوءِ مان پنهنجي بينچ ڏانهن وڌڻ لڳس ته استاد مونکي سڏ ڪندي روڪيو ۽ آھستي پيار ۾ چماٽ ھڻي چيائين شاباس علي! تو بغير ھٻڪندي ھڪ ئي ساھي ۾ شاندار نظم ٻڌايو . شاباس پٽ تو ھن نظم کي چڱي طرح سان ياد ڪيو آھي تون پوري ڪلاس ۾ پھريون نمبر آيو آھين. اگر تو ايئن خواعتمادي سان ھن نظم تي عمل ڪرڻ شروع ڪيو ته ھڪ ڏينهن ضرور ايندو جڏهن تون پوري پاڪستان ۾ پھريون نمبر ايندي.
اھو ڏينهن منهنجي زندگي جي يادگار ڏينهن مان ھڪ آھي جڏهن استاد سعيد مونکي خواب ڏيکاريو ھو ان مونکي زندگي جو ھڪ عزم ۽ مقصد ڏنو.
مان سمجھان ٿو جنهن پنهنجي لاءِ خواب ڏسڻ شروع ڪيا خوابن ۾ ان جذبو اڀاريو جنهن ان خوابن کي ساڀيان ڪرڻ لاءِ جدوجھد شروع ڪئي ته ان کي ڪامياب ٿيڻ کان ڪير روڪي نه ٿو سگھي.

ڪاميابي جو يقين

ڪاميابي جو يقين

يقين ڇا آھي؟ منهنجي خيال ۾ ھي لفظ "يقين" الله جي ذات تي ڀروسو ڪرڻ جو نالو آھي جيڪڏهن انسان قدرت جي انھن بيشمار نظارن تي غور ڪندو ته کيس ڪا به شي بي مقصد ۽ بي معني نه ملندي قدر انسان کي اھو احساس ڏياريندي آھي ته الله تعالي ھر شي جي ڪا خاص زميواري مقرر ڪئي آھي الله جي شان جا اھي منظر انسان کي الله جو سڃاڻپ ڪرائيندا آھن پوءِ اھا ئي سڃاڻپ يقين ۾ بدلجندي آهي.
جيڪڏهن اوھان غور ڪندا ته اوھان کي خبر پوندي ته ھن دنيا جو نظام آھي ته ھتي انعام ذھين کي نه بلڪ يقين کي ملندا آھن يقين واحد خدا تي, ان جي ذات ۽ صفت تي ان جي پيدا ڪيل مخلوق تي پاڻ کي پنهنجي اشرف المخلوقات ھجڻ تي جيڪڏهن اوھان کي ان تي ڪامل يقين اچي وڃي ته توھان الله جي مدد سان ھر ڪم ڪري سگھو ٿا ۽ ھر مقصد ۾ ڪاميابي ماڻي سگھون ٿا ڪاميابي جي لاءِ وڏا خواب ڏسڻ کان پوءِ سڀ کان پھريان پاڻ تي ۽ پنهنجي ڪاميابي تي يقين ڪامل ھجڻ انتھائي ضروري آھي پنهنجي منزل تائين پھچڻ لاءِ ضروري آھي توھان کي پنهنجي صلاحيتن پنهنجي محنت ۽ پنهنجي ڪاميابي تي يقين ھجي.
انسان جو پاڻ کي يقين تڏهن مضبوط ٿيندو آھي جڏهن ھو پاڻ کي سڃاڻي وٺندو آھي توھان تاريخ جا ورق کولي پڙھو دنيا ۾ ڪاميابي انھن ماڻهن حاصل ڪئي جن پنهنجو پاڻ کي پنهنجن صلاحيتن کي ڄاڻي ورتو پوءِ انھن تي يقين ڪيو يقين به اھڙو جو ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ ھر ايندڙ مشڪلات سان مقابلو ڪيائين.
اسان جو عظيم شاعر قومي شاعر علامه اقبال پنهنجي ڪتاب ۾ ھر ھر پاڻ کي پاڻ سڃاڻڻ جي سڃاڻڻ جي ڳالھ ڪري ٿو ھن مسلمان ٻارن کي پاڻ سڃاڻڻ جي نصيحت ڪئي ۽ ھي ان جو نتيجو ھو ته اسان اڄ پنهنجي وطن پاڪستان ۾ آرام سان سڪون جي زندگي گذاري رھيا آھيون. شيڪسپيئر چوي ٿو ته "توھان پنهنجي دنيا سڃاڻيو" know own your world بابا بلھي شاھ فرمائي ٿو ته " پنهنجي اندر ۾ جھاتي پاء" ۽ اھڙا ڪيترا ئي مثال دنيا جي تاريخ جو حصو آھن.
ڪامياب حاصل ڪرڻ کان پاڻ کي حاصل ڪرڻ پاڻ کي سڃاڻڻ انتھائي ضروري آھي مان اڪثر پنهنجي دوستن ۽ سيشنز ۾ ذڪر ڪندو رھندو آھيان ته جڏهن به اوھان دعا لاءِ ھٿ کڻو ته خدا ھي التجا ڪيو ته
يار رب! مان تنهنجو ٻانھو آھيان مان ڏاڍو ڪمزور آھيان مونکي مون ۾ اميدون جاڳاء
اي پالڻھار! مونکي منهنجو پاڻ کول مونتي منهنجا راز کولي ڏي.
منهنجو ذاتي خيال آھي ته ان دعا ۾ ايترو ته اثر آھي ايتري تڙپ آھي جو خدا اوھان کي نوازي ڇڏيندو پوءِ توھان کي توھان جو واضع لڳندو ان دعا جو اھو ثمر ملندو جو پنهنجو پاڻ سان پاڻ کي ويھندي ڏسندو. توھان کي توھان جي ذات جون ٻئي بلنديون ڏسڻ ۾ اينديون توھان اھو ڄاڻي سگھندا ته توھان ڪيترا بھترين آھيو. توھان ۾ خدا ڪھڙيون ڪھڙيون خاصيتون رکيون آھن ۽ اھو به ته توھان ڪيترا ڪمزور آھيو توھان جي لاعلمي اوھان لاءِ ڪيتري وڏي نقصانڪار ھئي.
جڏهن انسان پاڻ کي سڃاڻڻ لڳندو آھي ته ان تي ان جو زندگي جو مقصد چٽو نظر ايندو آھي اھو پاڻ سڃاڻ جي سفر کان خد کان خدا طرف وڌڻ شروع ڪندو آھي خودشناسي ئي اصل ۾ انسان جي ڪاميابين کي نروار ڪرائيندي آھي ۽ ان جي دل ۾ ڪاميابي جي يقين کي پختگي بخشيندي آھي.
انسان کليل اکين سان پنهنجي منزل کي پنهنجي اکين سان ڏسڻ جي لائق ھوندو آھي ياد رکو جڏهن توھان کي توھان جي منزل شفاف آرسي وانگر اوھان جي سامھون نظر اچڻ لڳي دل ۾ ڪامل يقين پيدا ٿي وڃي ته پوءِ توھان کي رستي جي ھر مشڪل ھر رڪاوٽ ننڍڙي محسوس ٿيڻ لڳندي اوھان يقين جا ھٿ پڪڙي اڳيان ھلندا ويندو.
مان زندگي ۾ جڏهن به ڪنهن ڪامياب شخص کي پڙھيو يا ان سان مليس ته انھن سڀني ۾ ڪجهه شين جو ڳانڍاپو ڏٺم جن ۾ منهنجي نظر ۾ ھڪ وڏي اھم خوبي "يقين" آھي.
ھر انسان ڪامياب زندگي گذارڻ جو خواھش مند ھوندو آھي پر ان ڳالهه کان بي خبر ھوندو آھي ته ڪاميابي جي لاءِ جيڪا شي سڀ کان اھم آھي سان يقين آھي. جيڪڏهن اوھان کي پاڻ تي يقين آھي ته اوھان پنهنجو ڌيان پنهنجي مقصد ڏانھن مائل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو پوءِ ان تي ماڻھن جون ڳالھيون ناڪامي جو خوف اوھان تي ڪو به اثر نه ڪري سگھندو اوھان بي مقصد ۽ بي مطلڀ ڳالھين تي ڌيان ڏيڻ ڇڏي ڏيندو توھان جي سامھون توھان جي زندگي جو مقصد اجرو آرسي جيان ھوندو. ۽ ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ اوھان محنت کان نه گھٻرائيندو. پاڻ تي يقين جي گھٽتائي نه صرف اوھان کي رستي جي ڏکيائين کان ڊيڄاريندي پر توھان جا حوصلا شڪني ڪندي اوھان کي ناڪامي جي وڏي کڏ ۾ ڪيرائي ڇڏيندي.
مان اڄ تائين جيترن به ڪامياب شخصيتن کي پڙھيو انھن کي زندگي ۾ بيشمار مسئلن کي منهن ڏيڻو پيو اھي بار بار ٿاٻڙيا ماڻھن جو ڳالھين ٻڌن ناڪام (Fail) ٿيا پر ھمت نه ھارين. ڪوشش نه مان ھٿ نه ڪڍين . ڇو؟
ڇو ته انھن کي پاڻ تي يقين ھو انھن کي يقين ھو ته ھو ڪامياب ٿيندا انھن کي اعتبار ھو پاڻ تي اھي ڄاڻن پيا ته تڪليفون مستقل ناھن ھونديون ۽ رڪاوٽن جو مقصد آزمائش آھي جيڪو ان آزمائش ۾ ثابت قدم رھيو ان جيئن جو ڍنگ سکيو ۽ ڪاميابي ان جي مقدر ۾ لکجي وئي.
منهنجي خيال ۾ جيڪي ماڻھو ڪاميابي تائين پھچڻ ۽ ڪامياب ٿيڻ جو يقين رکن ٿا محبت ۽ ۾محبت ڪن ٿا مستقل مزاج رھن ٿا انھن کي ان عزم ھميشه ڪاميابي جي منزل عطا ڪئي جن تي چڙھندي اھي ماڻھو اسان ۽ اوھان جھڙن ھزارين ماڻهن جي لاءِ مثال ۽ ھمت جو ذريعو بڻجي ويا اھو تختو يقين ئي آھي جيڪو انسان کي زمين کان چند تائين پھچائي ٿو.
مان ذاتي تجربي مان معلوم ڪيو آھي ته اھي ماڻھو جيڪي پنهنجي ناڪامي کي مقدر جو لکيو لکي روئندا آھن اھي پنهنجي عملي زندگي جي ھر شي کان بيزار نظر ايندا آھن مان اھڙن ئي ڪجهه ماڻھن تي تجربو ڪيو انھن کي ڪامياب زندگي جا خواب ڏيکاريا پوءِ انھن کي انھن خوابن کي پورو ڪرڻ لاءِ ھمت ڏني . ڪجهه اھڙا ماڻھو جيڪي خواب ڏسڻ چاھن پيا جن جي اکين ڪاميابي ھجڻ جي روشني ھئي انھن کي يقين ۽ مستقل مزاجي سان گڏ اڳيان وڌڻ جو حوصلو ڏنو ۽ مان حيران آھيان اھو ڏسي ڪري ته اڄ اھي ماڻھو ڪاميابي سان زندگي گذاري رھيا آھن.
ان جي برعڪس اھي ماڻھو جن کي خواب ڏيکارڻ جي ته مان وڏي ڪوشش ڪئي پر اھي حالات کي زميوار سمجھندي پنهنجي زندگي ۾ مطئمن ھجڻ جي ڪوشش ۾ ڪرڻ آسان سمجھندا رھيا محنت عزم ۽اميد ڪرڻ ان کي ڏکيو لڳي رھيو ھو اھي ماڻھو اڄ به غير اعتمادي سان گڏ ماڻھن جي ڳالھين جي خوف ۾ زندگي گذاري رھيا آھن
توھان ڪامياب ٿي سگھو ٿا ان ڳالهه تي جيڪڏهن اوھان کي پختو يقين ناهي ته اوھان حقيقي معنائن ۾ ڪامياب نٿا ٿي سگھون مان سمجھان ٿو ته ڪاميابي جي طرف توھان جو پھريون قدم پاڻ تي پختو يقين ھجڻ آھي ته توھان جي توھان ڪامياب ٿي سگھو ٿا.

غيريقيني اوھان جي ۽ ڪاميابي جي وچ ۾ اھا روڪيندڙ ديوار آھي جنهن کي پار ڪرڻ بدران توھان پنهنجي مقصد ۽ پنهنجي خوابن کي حاصل نٿا ڪري سگھو زندگي ۾ کوڙ مسسئلا ۽ رڪاوٽون اوھان کي روڪڻ لاءِ نه پر اوھان جو حوصلو مضبوط ڪرڻ اوھان جي عزم کي پرکڻ جي لاءِ ايندا آھن ته خبر پوي ثابت قدم آھيو يا نه ! اھي رڪاوٽون اھي مشڪلاتون توھان کي توھان جي اصليت سان ملائينديون آھن جتي اوھان پنهنجو پاڻ سان نبيرو ڪرڻ جي قابل بڻجي ويندا آھيو ھر مشڪل اوھان کي پھريان بھتري بڻائيندي آھي ۽ ايئن اوھان ڪامياب انسان جي خوبين لاءِ پاڻ به ڪامياب ٿي ويندا آھيو.
توھان جو پاڻ تي يقين توھان کان پھاڙ کوٽائي سگھي ٿو توھان کي زمين کان آسمان تائين پھچائي سگھي ٿي توھان کي ان مقام تائين پھچائي سگھي ٿو جتي اوھان پاڻ تي فخر ڪيو اوھان ستارن تائين پھچي سگھو ٿا ھڪ دفعو خواب ته ڏسو محنت ته ڪيو عزم ته ڪيو.
جيڪڏهن اوھان اھو سوچي ھٿ ھٿ تي رکي ويھي رھندو ته توهان زندگي ۾ ڪو به وڏو ڪم نٿا ڪري سگھو توھان ان مقصد جھڙا ناھيو ٿيا توھان کان نه ٿي سگهندو ته يقين ڪيو توھان ڪيتري به ڪوشش ڪيو توھان کان اھو ڪم ڪڏهن به نه ٿي سگھندو پاڻ ۾ اعتماد اوھان کي پاڻ ڪرڻو آھي پاڻ تي يقين ڪرڻ توھان کي پاڻ ئي سکڻو آھي جيڪڏهن اھي عادتون پاڻ ۾ شامل ڪري ڇڏيون ته پوءِ مشڪل ئي ناهي ته توھان به زندگي ۾ مطئمن خوش ۽ ڪامياب ماڻھن جي صف ۾ بيٺل ھوندو .
جيڪڏهن توھان جو يقين ڪامل ان سوچ تي آھي ته توھان ڪجهه نٿا ڪري سگھو. سچ ۾ ! اھان ڪجهه نٿا ڪري سگھو جيسيتائين خوداعتمادي خوديقيني توھان جي ان غلط سوچ جي جاء نٿي پڪڙي تيسيتائين اوھان ڪاميابي جي خواب کان لاچار رھندو. مڃو ته ! سڄو داستان "يقين" جو آھي توھان جيتري وڏي ڪاميابي چاھيو ٿا جيترو وڏو مقصدحيات آھي ان لاءِ محنت ۽يقين جي به اوتري وڏي ضرورت آھي. يقين پنهنجي ذات تي ته مان ھي ڪري سگھان ٿو I Can Do It يقين پنهنجي خدا تي ته خدا مونکي بھترين پيدا ڪيو آھي مونکي تمام صلاحيتن سان نوازيو اٿائين توھان کي يقين ھجڻ گھرجي پنهنجي ڪاميابي تي ته ھان توھان پيدا ٿيا ڪامياب ٿيڻ لاءِ آھيو.
پاڻ تي يقين اھڙو ھجڻ گھرجي دنيا چٿرون ڪري, کلندي رھي پر توھان پنهنجي عزم کي ٽٽڻ نه ڏيو ، پنهنجي حوصلي کي گھٽجڻ نه ڏيو، پنهنجو پاڻ کي پاڻ حوصلو ڏيو، توھان ۾ ايترو صبر ھجڻ گھرجي ته توھان دنيا جي بي بنياد ڳالھين کي رد ڪري سگھو. يقين اھڙو ھجي جو توھان وٽ يقين تي ھلڻ سواء ٻيو ڪو رستو نه ھجي. ياد رکو زندگي ۾ گھڻا آپشن Option ھجڻ به اسان جي ڪاميابين ۾ ڏکيايون اچن ٿيون جيڪي اسان کي لاپرواھ ۽ غير ذميوار بڻائي ڇڏينديون آھن ان لاءِ منهنجي خيال ۾ ان سفر ۾ اوھان وٽ ڪاميابي جو واحد آپشن ئي ھجڻ گھرجي.
مان اوھان کي دعوىٰ سان چئي سگھان ٿو ته جيڪڏهن توھان جي پاڻ تي يقين ناھي ته اوھان کي ڪيترو به خوشگوار ماحول ڏنو وڃي توھان کي سڀ سھولتون به فراھم ڪيون وڃن توھان عقل شعور ۾ به زبردست آھيون پوءِ به اوھان ڪاميابي جو ذائقو ۽ ان جي مٺاڻ نٿا چکي سگھو ان جي برعڪس اوھان وٽ وسيلا به نه ھجن حالات به ساگار نه ملن عقل ۽ شعور ۾ به اوھان وچولي درجي تي ھجو پر ھڪ خوبي "ڪامل يقين" پاڻ تي آھي ته ياد رکو ! ڪاميابي اوھان جي يقينن آھي ھڪ دفعو صرف ھڪ دفعو پاڻ مان ناڪامي جو خوف تڙي ڏسو ته ڪاميابي ڪيئن اوھان کي پنهنجي آغوش ۾ آڻڻ لاءِ ٻانھون اوھان جي منتظر آھي اھو ناڪامي جو ڊپ اوھان کي ڪڏهن اڳيان وڌڻ نه ڏيندو توھان کي پنهنجي سڃاڻپ ٺاھڻ نه ڏيندو منهنجي صلاح اٿو ته توھان ان ناڪامي جي خوف کي اڇلائي ڇڏيو ۽ پنهنجو پاڻ فتح ڪيو.
پاڻ تي يقين ڪرڻ اگر ڏکيو لڳي ٿو ته خدا تي يقين ڪيو اھو خدا جيڪو اوھان جي بھترين ھجڻ جا دليل پيش ڪري رھيو آھي پوءِ ان تي ته اسان کي يقين ھجڻ گھرجي اھو خالق آھي ان کان بھتر توکي يا مونکي ڪير سڃاڻي. اسان سڀ چڱي طرح ڄاڻو ٿا ته ڪو به تخليقار پنهنجي تخليقن جي گڻ اوگڻ کي چڱي طرح سمجھي ۽ ڄاڻي ٿو ھڪ مصور ڄاڻي ٿو ته سندس تصوير ۾ ڪھڙيون خاصيتون آھن ھڪ مشين ٺاھن وارو تمام ٽيڪنيڪل Technical شين کان بخوبي ڄاڻي ٿو ته ٿورو غور ڪيو اھو رب اھو خدا جيڪو تنهنجو منهنجو ۽ پوري ڪائنات جو خالق ۽ مالڪ آھي ڇا ان کي اسان جي صلاحيتن جي خبر نه ھوندي؟ ان رب کان وڌيڪ اسان کي ٻيو ڪير نه ٿو سمجھي سگھي. اسان پاڻ به نه , ان ڳالهه کي سمجھندي قدم کڻي ته ڏسو پاڻ تي پختو يقين توھان کي توھان جي منزل تائين پھچڻ جي رستي آخري سرحد تائين ھمت ڏيندو. ھي يقين اوھان جي ھر مشڪل جو سھارو ھوندو اھو اوھان کي ٽٽڻ کان بچائيندو اوھان ڪرندو ته اھو اٿاريندو.
ٿورو سوچيو اوھان ڀرپور محنت ڀروسي ۽ لاڳاتار جذبي سان ڇا ڇا به زندگي ۾ حاصل ڪري سگھو ٿا؟ يقينن توھان سڀ ڪري سگھو ٿا پاڻ تي يقين ڪري ڏسو ڏکيائين آڏو ديوار بڻجو پوءِ ڏسندا وڃو اھي اوھان ئي ھوندو جنهن کي دنيا پنهنجي لاءِ ڪاميابي جا مثال ڏيندي. جيڪو ماڻھو اوھان جون اھليون ڪندا ھئا اھي اوھان کي قرب ڏيندا۽ فخر سمجھندا.
ھڪ دفعو محنت ڪري ڪاميابي حاصل ڪري ڏسو پوءِ اوھان کي خوف اڳيان جھڪڻو نه پوندو توهان پنهنجي ذات ۾ آزاد ھوندو بي چيني کان پوري زندگي سان مطئمن ھڪ ڪامياب زندگي گذريندا رھندو ۽ ٻين لاءِ روشني بڻجندو.

شخصيت سازي

شخصيت سازي

شخصيت جي نشونما ئي مقصد زندگي آھي (ارسطو)
فطرتن انسان جي تقاضا رھي آھي ته ھر انسان معاشري ۾ ڪامياب زندگي گذارڻ لاءِ ڀڄي ڊڪي ٿو انسان جي اھا خواھش ھوندي آھي ته معاشرو کي عزت ۽ احترام جي نگاھ سان ڏسي ۽ ان جي ڳالهه ۽ رايي کي ماڻھڻ جي لاءِ قول فيصل جو درجو رکي اھي ماڻھن ڌيان جو مرڪز رھن ان لاءِ اڄ جي دور ۾ انسان ترقي جي دوڙ ۾ ڀڄندي پنهنجي شخصيت جي ھر پھلو کي بھتر ڪرڻ جي فڪر ۾ مصروف آھي جيڪڏهن اھو چيو وڃي ته انساني زندگي جو مقصد حقيقي زندگي جي پختگي ۽ خوشحالي آھي ته اھو غلط نه ٿيندو اوائلي دنيا کان اڄ تائين انسان ڪروڙين سالن جو مفاصلو مسلسل جدوجهد ڪندي اڄ جي موجوده دور تائين پھتو آھي ۽ اڃا به اڳيان سفر جاري آھي انسان ان گذريل ستر پنجھتر سالن ۾ ڪيل محنت جي نتيجن تي پنهنجي ناڪامي ۽ ڪاميابي ڪاميابي سان گھيري ويٺو آ.
ھر شخص جو آخري مقصد ۽ تازي قوت انساني شخصيت جي انتھا آھي. (گوئٽي)
انسان جي شخصيت جو عمل ان جي پيدائش سان ئي شروع ٿي ويندو آھي ۽ مرڻ تائين جاري ھوندو آھي شخصيت ۾ پختگي واري عمل ۾ وراثت ۽ ماحول سخت اثر انداز ھوندو آھي . انسانن ۾ ازل کان اھو بحث جاري آھي ته انسان ماحول تي اثرانداز ھوندو آھي. يا ماحول انسان تي اثر ڇڏيندو آھي . برحال حقيقت ھي آھي ته معاشرو اعليٰ انساني حاصيتن جي خوشحالي تي اثرانداز ٿيندو آھي انسان جي سوچڻ جو انداز اخلاقي تربيت ۽ عمل معاشري کان متاثر ٿيندا آھن. ماحول جو اثر انساني نظرين ۽ عقيدن تي به ھوندو آ سٺو معاشرو سٺين صفتن واري انسان کي جنم ڏيندو آھي. جڏهن ته اخلاقي حسد جو شڪار ٿيل معاشرو ۽ ماحول انسان کي به اخلاقي براين ۾ مبتلا ڪري ٿو ڇڏي.
ان ڳالهه کي سمجھڻ لاءِ اوھان صرف ٻن گھرن تي جو مثال وٺو ته جنهن گھر ۾ ڪتابن جو مطالعو ڪرڻ سچ ڳالھائڻ ۽ مذھبي قانون قائدن جو نه صرف درس ملي پر ان تي سختي سان عمل به ڪيو وڃي يقينن ته ان گھر ۾ پرورش ٿيندڙ ٻار ۾ به اھي تمام خاصيتون ۽ عادتون پيدا ٿي وينديون آھن جڏهن ته اھو گھر جنهن ۾ ڪوڙ جھجھائي ۽ سگريٽ نوشي جھڙيون برايون والدين ۾ ھجن ته اتي پرورش ٿيندڙ ٻار غير اخلاقي، غلط بياني دوکي ۽ ٺڳي جھڙي براين جو شڪار ٿي ويندو آھي.
ٻار جي پھرين درسگاھ ماءُ جي ھنج ۾ ھوندي آھي انسان سڀ کان گھڻو پنهنجي گھر جي ماحول مان سکندو آھي والدين جون عادتون ٻارن جي شخصيت سازي لاءِ اھم رستو فراھم ڪنديون آھن. جھڙي طرح گھر جو ماحول ھوندي تھڙي طرح ٻار جي تربيت ٿيندي ڪامياب ۽ بااخلاق گھراڻو ڪامياب ۽ بااخلاق ٻار کي جنم ڏيندو آھي جڏهن ته ناڪام ماڻھن جي صحبت ڇو نه والدين ھجن يا استاد، دوست، مائٽ اھي سڀ ناڪام ماڻھو کي جنم ڏيندا آھن . اڄ جڏهن اسان معاشري تي نظر ڊوڙائينداسين ته اسان کي ھر جاء تي خراب صحبت جا اثر نظر ايندا آھن . ۽ منهنجي نظر ۾ اڄ معاشري جي ناڪامي جو سڀ کان وڏو سبب ناڪام صحبت ۽ سوچ آھي . اتي سوال اھو جنم ٿو وٺي ته آخر ھڪ انسان ناڪامي مان نڪري ڪاميابي طرف اچڻ ٿو چاھي ته ان کي ڪھڙن اصول تي ھلي ڪاميابي طرف اچڻو پوندو؟ ماھر نفسيات ان سوال جي جواب ۾ ڪجهه اصول ۽ ضابطا بيان ڪيا آھن ته جنهن جو تعلق اصل ۾ ڪتاب ۽ سنت سان ڳنڍيل آھي ان اصول ۽ ضابطن کي پنهنجو ڪري ھر مذھب ۽ نسل جو شخص شخصيت جي خوشخالي ڪندي ڪاميابي حاصل ڪري سگھي ٿو ان اصولن ۾ ھيٺيون عادتون شامل آھن.
1. ملڪيت ۽ شھرت جي پويان نه ڀڄو.
2. ٻين جي مدد ڪرڻ جو جذبو رکو
3. ڪوڙ ۽ ٺڳي کا پاسو ڪريو
4. ناشڪري ڪرڻ بدران شڪريو ادا ڪيو
5. سٺو سوچيو شڪ کان پري رھو
6. ڪامياب ماڻهن جي صحبت ۾ اچو
7. خوددار ٿيندي پاڻ تي يقين رکو.
8. ايثار ۽ ھمدردي کي پنهنجو ڪندي بدگماني کان پاسو ڪريو
9. ساڙ ڪرڻ بدران ماڻھن کي ساراھيو.
ان سان گڏوگڏ اسلامي ضابطن کي پنهنجو ڪيو ته پاڻ خود ھڪ ڪامياب شخصيت جو اعليٰ نمونو آھي تعميري شخصيت لاءِ شعوري سوچ ضروري آھي ۽ اھا سوچ ڪوشش ڪنهن رھبر جي نقش قدم تي ھلڻ سان ممڪن آھي انساني شخصيت کي ظاھر ڪرڻ لاءِ روح بدن ۽ عقل ٽنھي شين ۾ نظر ۾ رکبو آھي ۽ ٽنھي شين تي ڪم ڪندي انسان ڪامياب شخصيت کي تشڪيل ڏئي سگھي ٿو اھي ڪجهه عمل جيڪي انسان ۽ خصوصي طور تي مسلمانن جي شخصيت سازي لاءِ مددگار ثابت ٿين ٿا . اھي ھيٺ ڏجن ٿا.
1. الله تعاليٰ سان مضبوط تعلق
2. اسوه حسنه جي پيروي
3. پنهنجي نظرداري
4. سٺي سوچ ۽ عمل ۾ باقاعدگي
5. ٻين سان گڏجي ڪم ڪرڻ
انھن اصولن کي عمل ڪندي ھڪ انسان عروج کان انتھا شخصيت تائين ڪاميابي سان سفر طئي ڪندو آھي ۽ ان سان ئي ھڪ ڪامياب فرد ۽ معاشرو جنم وٺندو آھي.


خودشناسي

خودشناسي

خودی کیا ہے راز درون حیات
خودی کیا ہے بیداری کائنات
علامه اقبال جي شعرن کي نوجوانن جي روح کي تڙپائڻ ۽ انھن ۾ جذبه ايماني پيدا ڪرڻ لاءِ خاص اھميت حاصل آھي سندس شاعري اھو زندگي جو فلسفو پيش ڪندي آھي جيڪا نوجوانن کي پنهنجي ذات کان خدا تائين وٺي وڃڻ جي طاقت رکي ٿي انسان جي تخليق جو مقصد خالق ڪائنات جي سڃاڻپ آھي ۽ ھي سڃاڻپ ڪيئن ٿيندي؟ حضرت عيسي عليه السلام ان جو خوبصورت جواب ھن طرح سان ڏئي ٿو ته :
"پاڻ کي سڃاڻو خدا کي سڃاڻي ويندو"

خودشناسي ڇا آهي؟

پنهنجي ذات کي سڃاڻو پنهنجي سٺن برن مرحلن کي سمجھو پنهنجي خيالن عادتن ۽ نفسيات کي عقلي طور تي سمجھي ڪري پنهنجي خامين ۽ خاصيتن کي سمجھي خواھشون حاصل ڪرڻ کي خودشناسي چئبو آھي. سولن لفظن ۾ پاڻ کي سڃاڻڻ پاڻ کي واقف ٿيڻ کي خودشناسي چئبو آھي. خودشناسي کان بغير ھي زندگي اڌوري ۽ بي معنيٰ آھي انسان جيسيتائين پنهنجي صلاحيتن پنهنجي خوبين خامين کان واقف ناھي تيستائين اھو يقين خوداعتمادي ۽ مقصدحيات جو جي گھٽتائي جو شڪار بغير ناڪام زندگي گذارڻ ۾ مصروف ھوندو آھي جيڪو انسان کي ڄاڻڻ ۽ سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪري ته ان تي يقين ۽ اعتماد جا رستا کلڻ لڳندا آھن. انسان کي پنهنجي صلاحيتن تي يقين ان کي مايوسين ۾ روشني ڏيکاريندو آھي. انسان خود اعتمادي ڪارڻ پنهنجي لاءِ مقصد ملائي ڪري ان تائين پھچڻ لاءِ ماضي وٺڻ شروع ڪـندو آھي ۽ پوءِ ڪاميابي ان جو مقدر بڻجي ويندي آھي خوداعتمادي ۽ خودشناسي جي صف ۾ ٽيون نمبر اھم خود احتسابي آھي جيڪو انسان کي پنهنجي ئي جي ضمير جي عدالت اچي بيھاريندي آھي ان عدالت ۾ انسان حالات جي مدنظر پاڻ کي سزا به ڏيندو آھي ۽ جزا به .
پاڻ کي پاڻ ۾ ئي اميد رکڻ ڪاميابي جو آغاز آھي انسان ڪاميابي تڏهن حاصل ڪري سگھي ٿو جڏھن پاڻ کي پنهنجي آڏو پڌرو ڪري پنهنجي ذات جو مطالعو ڪري پاڻ سمجھي.
جڏھن انسان پنهنجو مطالعو شروع ڪندو آھي ته ان کي ڄاڻ ملندي آھي ته خدا ان کي ڪيتري محبت ۽ خوبصورتي سان پيدا ڪيو آھي الله طرفان عطا ڪيل بي شمار صلاحيتن ۽ خوبين جي پروڙ انسان ۾ اميد جو ڪرڻو ۽ ڪاميابي جي تڙپ پيدا ڪري ٿو انسان پاڻ بابت ڄاڻي حيران رھجي وڃي ٿو ته خدا ان کي ڪيترو ناياب ۽ بھترين تخليق ڪيو آھي ۽ ھو پنهنجي انھن صلاحين سان نااميد اڻ ڄاڻ زندگي گذارڻ جي نشي ۾ پنهنجو قيمتي وقت وڃائي رھيو آھي ھر انسان زندگي ۾ ايترو ئي ڪامياب ويندو آھي جيترو ھو پاڻ کي سڃاڻي سگھندو آھي پنهنجي صلاحيتن کان ڪم وٺندو انسان پنهنجي منزل طرف وڌندو ھلندو پيو وڃي ۽ ھي عمل ھن کي بھتر کان بھتر ايتري تائين خدا جي ويجھو ڪري ڇڏي ٿو.
خليل جبران چوي ٿو ته :
پاڻ کي سڃاڻڻ علم ۽ خدا کي سڃاڻڻ آگھي آھي.
ھن آگھي جي سفر ۾ شامل ٿيڻ وارا ماڻھو ئي ڪامياب ھوندا آھن حالات ڪھڙا به ھجڻ مشڪلاتن کڻي ڪيترا به ھجن جيڪڏهن خدشناسي کان خداشناسي تائين جي سفر ۾ انسان جا قدم وڌندا رھيا ته ان جي ڪاميابي يقينن بڻجندي آھي.
اسان وٽ ماڻهو ٽن قسمن جا آھن پھرئين قسم جا اھي ماڻھو جيڪي سمجھندا آھن ته کيس سڀ علم آھي اھي سڀ ڄاڻن ٿا وڌيڪ سکڻ سمجھڻ انھن جي لاءِ ضروري ناهي ۽ ان ئي ان طرف ڪڏهن ڌيان ڏيندا آھن ھي اھي ماڻھو آھن جيڪي پنهنجي زندگي ۾ بي چيني ۽ ناڪامي سان رھندا آھن . ٻيو قسم ان ماڻھن جو آھي جيڪي ٿورو وڌيڪ پڙھي سکي ڪري پاڻ کي بھتر سمجھڻ لڳندا آھن ان جي انداز ۽ ڳالهين ماب اھو واضع ھوندو آھي ته جيڪا ھنن کي خبر آھي اھو ئي بس اھم ۽ صحيح آھي. اھڙا ماڻھو گھڻو ڪري پنھنجي ۽ ٻين جي زندگي ۾ وڳوڙ ڦھلائيندڙ وارا ۽ غير يقيني جو شڪار ھوندا آھن ٽيون قسم انھن ماڻھن جو ھوندو آھي جيڪي پاڻ کي صحيح معني ۾ سڃاڻڻ چاھيندا آھن ۽ اھو يقين رکندا آھن ته جيڪو اھي ڄاڻن ٿا اھو سميع ترين علم جو ٿورڙو حصو آھي اھڙا ماڻھو گھڻو ڄاڻيندي به عاجزي اختيار ڪندا آھن اھي ئي اھي ماڻھو آھن جيڪي حقيقي معنائن ۾ ڪامياب آھن.
انسان جي شخصيت ۽ ڪارڪردگي جي بھترين ھجڻ جو بنيادي جز خودشناسي آھي خودشناسي اصل اھو نه ناهي ته اسان کي پنهنجي صلاحيتن جو علم اچي وڃي پر ھي ته پنهنجي خامين کد ڳولي انھن کي خوبين کي تبديل ڪرڻ جو نالو به آھي. خودشناسي ۾ انسان پنهنجو مطالعو ڪندي پنهنجي ڪمزورين تي ڌيان ڏيندو آھي ۽ انھن کي قبول ڪندي انھن کي بھتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آھي پنهنجي خامين کي لکي ڪري انھن کي باقائدي طور تي حڪمت عملي جوڙيندو آھي ته ڪنهن طريقي سان انھن خامين مان ڇوٽڪارو حاصل ڪجي ۽ پر انھن کي خوبين ۾ تبديل ڪجي.
انسان پنهنجي لاءِ معيار پاڻ ٺاھيندو آھي ۽ ھي فيصلو به ان جو ڪندو آھي ته ان کي زندگي جي ڪھڙي مقام تي پھچڻو آھي. انسان پنهنجي منزل جو خلاصو به پاڻ ڪندو آھي منهنجو ذاتي خيال آھي ته اسان انسانن جو خلاصو ھوندو آھي ته اسان ڪيترا ڪامياب ٿيڻ چاھيون ٿا يا اسان ڪامياب ٿين به چاھيون ٿا يا نه ! اسان شعوري يا غيرشعوري طور تي اھو فيصلو به پاڻ ئي ڪندا آھيون ته اسان ڪھڙي طرح ڪامياب زندگي گذارڻي آھيون جيڪو پاڻ انسان کي پاڻ کي ناڪامين جا بھانا ڪري پنهنجو پاڻ کي مطئمن ڪندي نظر اچي اھو حقيقت ۾ پنهنجي ناڪامي جو فيصلو پاڻ ڪندو آھي اھڙي انسان تي شايد ڪو ڪتاب ڪو موٽيويشن Motivation شايد ئي اثر ڪري سگهي ٿو انسان ۾ جيسيتائين خودشناسي جو عمل جاري رھندو ۽ پنهنجي حقيقت کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ تڙپندو رھندو آھي جيڪڏهن اھا اڳيان نه رھندي ته انسان جي ناڪامي مقدر بڻجي ويندي.
مان توھان کي پنهنجي زندگي جو ھڪڙو خوبصورت واقعو ٻڌائڻ چاھيان ٿو. عرصو اڳ منهنجي ملاقات ھڪ بزرگ سان ٿي ان بزرگ جي نظر ڪمزور ھئي سو ان لاءِ ھن عينڪ لڳائي ھئي ھڪ شام مان بزرگ سان ڳالهه ٻولھ ڪرڻ بعد اوندھ ٿيڻ ڪري ھن کي پنهنجي گاڏي ۾ گھر ڇڏي اچڻ جي دعوت ڏني. جنهن جي جواب ۾ ان خوبصورت لفظن ۾ مونکي زندگي جا ٻه خوبصورت سبق پڙھايا . گھر تائين ڇڏي اچڻ جي دعوت تي برزگ فرمايو : ”پٽ مونکي سھارن سان نفرت آھي ڇاڪاڻ ته ھو انسان جي ھمت ۽ حوصلن کي ڪمزور بڻائي ڇڏي ٿو".
مان جيئن ئي چيو ته " شام گذري رھي آھي اوندھ گھڻي آھي اوھان جي نظر ڪمزور آھي." معذرت ڪندي بزرگ چيو
پٽ منهنجو گھر منهنجي منزل آھي منزل تائين پھچڻ لاءِ نظر نه پر تڙپ ھجڻ گھرجي.
بزرگ جا اھي جملا منهنجي لاءِ پوري زندگي نصيحت بڻجي ويا جيڪڏهن انسان ۾ منزل جي تڙپ ناھي ته ان لاءِ خوشناسي خوداعتمادي ۽ خوداحستابي جا دروازا ھميشه لاءِ بند آھن انسان ۾ تڙپ جي گھٽتائي وڏن وڏن ڪمزورن کي رستن تي ناڪام ڪري ڇڏيندي آھي.
خودشناسي جو۔ عمل منهنجي خيال ۾ ھڪ اوھان جي ذاتي پنهنجي باري ۾ ذاتي خيال جو نالو آھي. توھان ڪيتري عزت جي لائق آھيو؟ توھان ڪھڙي مقام جي لائق آھيو؟ توھان ڪيترا اھل انسان آھيو؟ اھي ڪجهه سوال انسان کي خودشناسي جي طرف وڌڻ ۾ مدد ڪن ٿا ھڪ دفعو توھان ان منزل طرف ھلڻ شروع ٿيا ته اوھان جو اٿندڙ ھر قدم توھان ۾ پاڻ کوليندو ھلندو جيئن جيئن اوھان سکندا ويندو پاڻ کي سڃاڻيندا ويندو تيئن اوھان ۾ بيشمار تبديليون نروار ٿيڻ لڳنديون.
مان جڏهن گريجوئيشن پوري ڪئي ته ھر ڪنهن واتان اھو ٻڌڻ شروع ٿيم ته نوڪري ڪرڻ شروع ڪر نوڪري جيڪڏهن نوڪري سرڪاري ملي وئي ته سمجھجان تون ڪامياب ٿي وئين. ڇاڪاڻ ته اڄ جي دور ۾ ضرورتون پوريون ڪرڻ ئي ڪاميابي آھي اھي لفظ مان ڪثرت سان ٻڌندو ھئس ۽انھن مونکي ڊپريشن جو شڪار ڪري ڇڏيو ھو مان سرڪاري نوڪري جي خلاف نه ھئس مان ان سوچ جي خلاف ھئس ته سڄي زندگي سرڪاري زندگي کي وقف ڪري ڇڏجي.
ايترا سال لکڻ کان پوءِ چند ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ پنجويھ ھزار تي نوڪري وارو خيال ئي منهنجي لاءِ سڀ ڪجهه بڻجي ويندو ھو. مان خواب ڏسندڙ ھڪ عام انسان پنهنجي ضرورتن کي نه رڳو پر خوابن کي به پورو ڪرڻ چاھيان پيو انھن خوابن کي پورو ڪرڻ جو يقين مونکي منهنجي والدين کان مليو ھو منهنجي ماءُ جا اھي جملا:
"پٽ تون ستارو آھي توکي جھان ۾ چمڪڻو آھي.“
منهنجي دماغ ۾ اھڙي حب وڌي وئي ھي ئي ته مان ڪنهن به صورت ۾ ان کان گھٽ راضي نه ٿو ٿي سگھان ماڻھن جون ڳالھيون جڏهن منهنجي لاءِ رڪاوٽ بڻجڻ لڳيون ته مونکي محقق " وليم جيسر" جي تحقيق ياد آئي جنهن ۾ ان انسان جي زندگي بابت ٽي اھم سوال ڪيا ھئا ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ھو ته ھر انسان پنهنجي ارادن جي ڪمزوري ھجڻ تي پاڻ کان ٽي سوال ڪرڻ شروع ڪري.
1. مان ڪير آھيان؟
2. مان پيدا ڇو ٿيس؟
3. مونکي دنيا ۾ ڪھڙا ڪھڙا ڪم ڪري واپس وڃڻو آھي؟
جڏهن ماڻھن جون ڳالھيون منهنجا حوصلا شڪني ڪرڻ لڳنديون آھن ته مان انھن ٽن سوال تي غور ڪرڻ شروع ڪندو آھيان. ھڪ ڏينهن مان ھمت ڪري پنهنجي والد کي پنهنجي خوابن جي جدوجهد بابت منصوبو ٻڌايو ان کي ڀروسو ڏياريو ته مان پنهنجي خوابن لاءِ وڙھي سگھان ٿو مان پنهنجي سڃاڻپ ٺاھي سگھان ٿو مان خوشنصيب آھيان جو منهنجي والدين دنيا جي ڳالهين کي نظرانداز ڪندي منهنجو ساٿ ڏنو جنهن سان مونکي ايتري ته ھمت ملي جو مان ان جو ذڪر لفظن ۾ ڪرڻ ممڪن ئي ناھي مان آنلائن ٽيورنگ جو ڪم ڪرڻ لاءِ جھڙو تھڙو ڪمپيوٽر خريد ڪيو پاڪستان ۾ لوڊشينگ جو ھجڻ منهنجي لاءِ وڏي رڪاوٽ بڻجي ويو ھو کيسي ۾ پئسا نه ھئا ۽ ڪم لاءِ سٺي معيار واري جنريٽر جي سخت ضرورت ھئي ان ڏکئي وقت ۾ والدين منهنجو ڀرپور ساٿ ڏيندي منهنجي لاءِ تمام ضرورتن جو بندوبست ڪيو جنهن جي ذريعي ڪم جي باقاعدي شروعات ڪري سگھان.
امان ۽ بابا جي منهنجي خوابن تي يقين منهنجي لاءِ ڪجهه ڪري ڏيکارڻ جي جذبي کي وڌيڪ مضبوط ڪيو پنهنجي صلاحيتن کي سڃاڻيندي امان بابا جا منهنجي لاءِ ڏٺل خواب ۽ پاڻ تي يقين ڪاميابي جي بلندين تي پھچايو مان ھر گذرندڙ ڏينهن سان پاڻ ۾ وڌيڪ مضبوطي ۽ ڪامياب ڏسان ٿو.
'الحمد الله اسان جي سوچ، اسان جا خواب، انسان جا نظريا، اسان جا حوصلا، اسان جو صلاحيتون ۽ اسان جي ھمت ھي سڀ خودشناسي جي غنيمت آھي.
توھان جيترو وڌيڪ جيترو بھترين پاڻ ڍي سڃاڻيندا ويندو ته توهان جي ڪاميابي جو دائرو اوترو وسيع ٿيندو ويندو توھان جا خواب، توھان جون ترجيحون ۽ توھان جا مقصد بدلجندا ويندا توھان سٺي کان سٺو سوچڻ، سمجھڻ، سکڻ ۽ ڪرڻ جي قابل ٿي ويندو توھان جي ھمت توھان جو حوصلا بلند ٿيندو ويندو.
خودی کو کر بلند اتنا کہ ہر تقدیر سے پہلے
خدا بندے سے خود پوچھے بتا تیری رضا کیا
خودشناسي نھايت وسيع عمل آھي جنهن ۾ انسان پاڻ کي ڪائنات جي نظام کي ۽ پوءِ انھن سڀني کي پيدا ڪرڻ واري کي سڃاڻڻ شروع ڪندو آھي جڏهن اوھان اھڙا انسان بڻجي وڃو جنهن جي سفر ۾ خدا جي ڳولا ۾ لڳي وڃو ته توھان جي ذات نه صرف ھن دنيا ۾ ماڻھن لاءِ مثالي ھوندي پر
خدا جي اڳيان به اوھان مقرر ۽ عزت وارا ھوندو.

خود احتسابي

خود احتسابي

ڪاميابي جي طرف توھان جو ھڪ تمام اھم قدم خوداحتسابي يعني پاڻ پرکڻ آھي .
خود احتسابي اوھان کي خوبين ۽ خامين کان خبردار ڪري ٿي. ان جي ذريعي اوھان پنهنجي نفس پنهنجي ادب اخلاق ۽ عادتن جي اصلاح ڪرڻ جر قابل ٿيو ٿا انسان ۾ خوداحتسابي جي عادت ان کي ننڍين ننڍين غلطين مان سيکاري وڏي نقصان کان بچائيندي آھي.
جنهن انسان ۾ پاڻ پرکڻ (احتساب) جي عادت ناھي ان جي لاءِ ڪاميابي تائين پھچڻ انتھائي تڪليف وارو ۽ ڏکيو عمل آھي مان سمجھان ٿو ته اسان جي اڄ جي معاشري ۾ زوال جو اھم سبب اسان ۾ خود احتسابي جي گھٽتائي آھي اسان جي معاشري ۾ ھي افراتفري ۽ ٺڳي ان پرکڻ جي گھٽتائي جو کليو ثبوت آھن مان سمجهان ٿو ھي ھڪ ڏکيو ڪم آھي پر ان جا اثر ڪنهن کان لڪيل ناھن خود چڪاسڻ وارو انسان ڀڄڻ ۾ ھميشه ڪامياب ۽ ڪامران ھوندو آھي.
جيڪڏهن اوھان پاڻ کي ڪامياب ٿيندي ڏسڻ چاھيو ٿا ته اوھان کي پاڻ پرکڻو پوندو پنهنجي نئين طريقي سان تعمير ڪيو پنهنجي پاڻ سان سختي ڪرڻ شروع ڪيو ايئن ھٿ تي ھٿ رکي ويھڻ سان اوھان ڪجهه به نٿا حاصل ڪري سگھو جيڪي ماڻھو پاڻ تي سختي ناھن ڪندا پوءِ اھي سڄي عمر پنهنجي قسمت تي ويٺا روئندا آھن يقين ڪيو ان ۾ قسمت جو ڏوھ نه پر پاڻ کي ڌر ڏيڻ جو قصور آھي جيڪڏهن اڄ اوھان پاڻ تي سختي نه ڪندو ته پوءِ نه ھي دنيا اوھان جي ۽ رھندي نه وري آخرت. پنهنجي پاڻ کي پنهنجي سامھون دوڙايو ۽ پاڻ تي سختيون لڳايو پاڻ کي "NO"چوڻ سکو.
Learn How to say' To Yourself
ھي ھڪ ڏينهن جو ڪم ناھي ھي ته سالن جو عمل آھي جنهن جي لاءِ مسلسل ڪوشش مسلسل محنت جي ضرورت آھي ڏسڻ ۾ ڏاڍو مزيدار ايندو آھي ته پنهنجي دوستن سان اوھان ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪچھري ڪيو گھمو ڦرو پر ھي آزمائش آھي ھي ئي مقام آھي پاڻ کي ان کان روڪڻ ۽ پاڻ کي محدود ۽ نتيجي لائق بڻائڻ جو.
گذريل رات جنوري جي ھڪ گھميل رات ۾ مان پنهنجي ٿيسز Thesis جو ڪم ڪري رھيو ھئس رات ڪاري ٿيڻ سان گڏ ٿڌ ۾ به اضافو ٿيندو پئي ويو نيٺ پنهنجي ٻئي حصي ۾ داخل ٿي وئي منهنجي سامھون منهنجو گرم ۽ نرم بسترو موجود ھو منهنجي لاءِ اھو ڏاڍو سولو ھو ته سڀاڻي ڪم ڪندس چئي آرام سان سمھي پوان ھا. ڪيترائي دفعا دل ۾ خيال آيو پر پاڻ "NO" چئي ڪم ۾ مصروف رھيس. منهنجي اندر جو ٻار جڏهن ضد ڪندو آھي ته مان ان ضد کي پنهنجي مقصد طرف پھريان ان جا فائدا ۽ نقصان ماپڻ جي ڪوشش ڪندو آھي بعد ۾ فيصلو ڪندو آھيان ته ان سان ڪھڙو سلوڪ ڪرڻ گھرجي پيار ڪرڻو آھي يا سختي کان ڪم وٺڻو آھي.
جيڪڏهن اسان اھو سمجھي ويٺا آھيون ته دوستن سان ڪلاڪ ڪچھريون ڪرڻ بنا مقصد جي موبائيل فون ھلائڻ سان ڪامياب ٿي سگھون ٿا ته اھا ناممڪن آھي. توھان کي ھر صورت ۾ پاڻ کي پابنديون لڳائڻيون پونديون.
اسان کي اسان جو دين اسلام پاڻ پرکڻ جو درس ڏئي ٿو اسان جو نبي ۽ ان جا ساٿي زندگي ۾ بار بار پاڻ پرکيندا ھئا اھي پنهنجي نفس جي غلامي جا قائل نه ھئا انھن به پاڻ تي پنهنجي ذات تي ۽ عادتن تي پابندي لڳائي ڇڏي ھئي. مان سمجھان ٿو ته اھا ھر مسلمان جو خدمت (شيوا) ھجڻ گھرجي اسان جي بدقسمتي آھي جو اسان پنھنجو پاڻ کي نفس جي حوالي ڪري پاڻ کي سڪون ۽ آرام جو عادي بڻائي ڇڏيو آھي. محبت ۽ محنت کان اسان نظرون لڪائڻ لڳا آھيون ۽ ڏينھون ڏينهن ٺٺولين جو شڪار ٿيندا پيا وڃون.
جيڪڏهن توھان دنيا ۽ آخرت ۾ ڪامياب ٿيڻ چاھيو ٿا ته اوھان کي پنهنجي نفس کي قابو رکڻو پوندو توھان جي نفس جا لغام اوھان جي ھٿن ۾ ھجڻ گھرجن شروع ۾ ھڪ ڪم ڏاڍو ڏکيو ۽پريشان ڪندڙ آھي پر يقين ڪيو اھو ناممڪن ھرگز ناھي محنت مستقل مزاجي ۽ لاڳار رياضت سان اھو ڪھڙو ڪم آھي؟ جيڪو اسان ڪري نٿا سگھون؟ انسان جي انھن خوبين اسان کي چنڊ تائين پھچايو آھي زمين ۽ ان جا خزانا عطا ڪيا آھن پوءِ ڪيئن ممڪن آھي ته اوھان اوھان انھن پنهنجو ڪري پنهنجو نفس ڪيئن قابو نٿا ڪري سگھون؟ اوھان ڏسندو محنت ڪندي ڪندي وقت اھڙو ايندو جڏهن اوھان پنهنجي ذات پنهنجي جذبات پنهنجي خواھشن پنهنجي نفس تي قابو ڪري سگھندو ۽ پوءِ دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي اوھان جي يقيني ھوندي.
اڄ توھان پاڻ تي پابنديون لڳائڻ شروع ڪيو ڊائري لکڻ شروع ڪريو ان ۾ پنهنجي روزاني زندگي ان جون مصروفيتون ۽ سٺيون ۽ بريون عادتون لکڻ شروع ڪيو . پوءِ پاڻ کان پڇا ڪيو ته اڄ توھان ڪاٿي آھيو؟ 5سال پھريان اوھان زندگي جي ڪھڙي مقام تي ھيو؟ ان کان 10سال پھريان اوھان ڪھڙي جاء تي بيٺل ھيو؟ صرف ايترو ئي عمل اوھان کي پاڻ پرکڻ جي جي اھميت ۽ معاملي کي سنجيدگي سان آگاھ ڪرڻ لاءِ ڪافي ٿي ويندو توھان پاڻ کي چئي سگھندو ۽ اوھان کي احساس ٿيندو ته اوھان ڇا وڃايو ۽ ڇا حاصل ڪيو آھي.
ھڪ ڊائري ورڪ الڳ ڪيو ان ۾ لکو ته اوھان گذريل سال پنهنجي لاءِ ڪھڙو تعميري ڪم ڪيو ؟ اھڙو ڇا پڙھيو يا سکيو جيڪو اوھان کي باقي زندگي ۾ اڳيان ڪامياب ٿيڻ ۾ مدد ڪندو؟ ۽ پوءِ پنهنجون اھي سڀ عادتون لکي ڇڏيو جيڪي ان ڪاميابي جي رستي تي ديوار بڻيل آھن ان عادتن جو انگ اوھان جي پوري زندگي ڪيل تعمير ڪم ۾ ڪيترا ئي ڀيرا وڌيڪ آھي ان جاء تي اوھان جي اڪثريت جون اکيون کلنديون اوھان کي احساس ٿيندو ته معاملو ڪيترو سنگين آھي. ۽ اسان ڪھڙي طريقي سان غفلت ۾ ٻڏل آھيون. اوھان اھو ڄاڻي وٺندو ته اوھان ڪيترو وقت وڃايو ۽ جنهن ڪم ۾ وڃايو ان جي ڪري اوھان کي زندگي ۾ ڪيترين مصيبتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. اھو ئي وقت جيڪڏھن اوھان پاڻ تي خرچ ڪيو ھجي ھا ته اڄ اوھان ڪاميابي جي ڏاڪي تي چڙھي پاڻ کان مطئمن ۽ تمام بھترين زندگي گذاري رھيا ھجو ھا.
اوھان اندازو ڪري سگھندو ته اوھان ڪاٿي بيٺل آھيو. ۽ زندگي ۾ اڳيان ڪاڏي وڃي رھيا آھيو.
ھي وقت مايوس ھجڻ جو ناھي اوھان وٽ زندگي جي آخري پل تائين موقعو آھي پاڻ کي بدلايو پاڻ تي محنت ڪيو وري وري پاڻ پرکيو غلطين کان سکي اڳيان وڌو.
ناڪام ھجڻ ڪافي ناهي ناڪامي کان بي خبر رھڻ اصل ناڪامي آھي.
نقصان ٿيڻ نقصان ناهي ان ڳالهه کان بي خبر رھڻ ته اوھان نقصان ۾ آھيو. اصل نقصان ۽ ناڪامي آھي.
توھان پنهنجن خرابن عادت جي ھڪ تصوير ٺاھي اھڙي جاء تي رکو جتي اوھان جي نظر ان تي پوندي رھي اوھان کي ھر پل انھن برين عادتن جو علم ھجڻ گھرجي احساس زنده ھجڻ گھرجي ته اوھان ناڪامين جي ڏاڪڻين تان لھي رھيا آھيو جڏهن اوھان اٿڻ ويھڻ مھل پنهنجي عادتن ۽ انھن جي نقصانن کان باخبر ھوندو ته انھن کي ختم ڪرڻ آسان ٿيندو. اوھان جي دل ۾ ان لاءِ نفرت پيدا ٿيندي ۽ پنهنجن خراب عادتن کان نفرت اوھان کي ڪاميابي جي رستي تي وٺي وڃڻ جو ذريعو بڻجندي.
روز سمھڻ کان پھريان ٿورو وقت پاڻ کي ڏيو پنهنجو جائزو ڪيو پاڻ کان سوال ڪيو ته وقت ڪٿي ڪٿي خرچ ڪيو؟ الله تعالي ھي جيڪو ساھ ڏنو آھي ان کي ڪاٿي ۽ ڪيئن استعمال ڪيو؟ ايئن گذرندڙ ڏينهن جي ڀيٽ ۾ اوھان پاڻ کي بھتر ڪري سگھندو. ۽ ڪاميابي جي ويجھو ايندا ويندو. پاڻ پرک خوشناسي مضبوطي عطا ڪندي آھي پر پنهنجو پاڻ پرکيو پنهنجي خوبين ۽ خامين کي قبول ڪيو صحيح کي صحيح ۽ غلط کي غلط کي غلط چوڻ سکو اھا ئي سوچ اوھان جي ۽ ھن معاشري جي ڪاميابي جو راز آهي.

غير ضروري بار

غير ضروري بار

ارشاد نبوي صه الله تعالي اعليٰ ارادن کي پسند ڪندو آھي.
ان مان مراد ھي آھي ته انسان جي زندگي جو ھڪ ھڪ لمحو وڏي اھميت جو حامل آھي. الله تعالي انسان کي سگھ ۽ طاقت ڏني آھي جيڪا وڏي قيمتي آھي ان جي قدر نه ڪرڻ انسان کي دنيا ۽ آخري ۾ بدنام ڪري سگھي ٿو اسان ڏسندا آھيون انسان ڪامياب ھجي يا ناڪام. الله تعالي پنهنجون نعمتون ٻنھي کي بغير ڪنهن فرق جي عطا ڪيون آھن پر ان نعمتن کي استعمال ڪندي دنيا ۽ آخرت حاصل ڪئي جڏھن ته ٻيو شخص ويھي ناڪامي تي روئندو رھيو انسان کي حاصل ٿيندڙ سڀني نعمتن جو استعمال بھترين ڪم لاءِ ھجڻ گھرجي. نه وري غير ضروري خواھشن ۽ غير ترجيحن ۽۽ سرگرمين جو بار کڻي انھن کي بنا مقصد ضايع ڪرڻ گھرجي.
ارسطو چوي ٿو
زندگي ۾ اسان جيڪو ڪجهه ڪيون ٿا اھو سڀ اسان جي عادتن جو نتيجو ھوندو آھي.
عادت ڪنهن به شخص جي آئيندار ھوندي آھي انسان ان ڳالهه کان چڱي ريت واقف ھوندو آھي ته رستو تمام وڏو ۽ منزل تمام گھڻو پري آھي ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ ان کي مسلسل جدوجهد ڪرڻي پوندي. ھن سفر ۾ ڪاميابي ان کي نصيب ٿيندي آھي جيڪو يقين،محنت ۽ ثابت قدمي سان ھلندي اڳيان وڌندو رھندو ۽ پاڻ کي غير ضروري بار کان آزاد رکندو ايندو . پنهنجي سفر کي سولائي سان طئي ڪرڻ لاءِ اسان کي پاڻ تان بيڪار ۽ فضول بار لاھڻو پوندو آھي ۽ ان جو ختم ٿيڻ ئي اسان لاءِ ۽ اسان جي منزل حاصل ڪرڻ جي جستجو لاءِ بھتر آھي.
غير ضروري بار مان ڇا مراد آھي؟
اسان جي زندگين ۾ لاتعداد ڪم خواھشون عادتون ترجيحون ۽ سرگرميون شامل ھونديون آھن. جيڪي اسان جي لاءِ بار بڻجي وينديون آھن پوءِ ان جو وزن کڻندي اسان ايترو ته سستي جي ور چڙھي ويندا آھيون جو اسان پنهنجي منزل به وساري ڇڏيندا آھيون. توھان ٿورو پاڻ تي, پنهنجي آس پاس موجوده ماڻھن ۾ زندگي تي نظر ڦيرايو ته اوھان کي اندازو ٿيندو ته ايتريون ته بيشمار شيون اسان جي زندگي جو حصو آھن جن جو نه اسان کي ھن جھان ۾ فائدو آھي نه وري اڳئين جھان ۾. پر انھن ۾ اسان ايترو ته مصروف ٿي چڪا آھيون جو پوري زندگي انھن شين تي وقف ڪجي ته آخر ۾ خالي ھٿ رھجي ويندا آھيون.
اڪثر وقتن ۾ ڏٺو ويو آھي ته اسان جي دل ۽ دماغ ۾ موجود ڪنهن شخص لاءِ ڪاوڙ يا نفرت جو جذبو اسان کي اڳيان وڌڻ ۾ روڪي وٺندو آھي. اسان پنهنجون کوڙ ساريون صلاحيتن کي ڪنهن نيڪ ڪم ۾ خرچ ڪرڻ بدران انتقام ۽ ڪاوڙ جي باھ ۾ ساڙي ڇڏيندا آھيون. پوءِ نتيجن پنهنجو سڪون اطمينان پنهنجي جسماني ۽ ذھني صحت وڃائي ويھندا آھيون . ڪاوڙ ۽ نفرت جي ھي بي بنياد بار اسان جي ڪاميابي آڏو ديوار بڻجي بيھي رھندو آھي. اسان معاف ڪرڻ واري عادت کان محروم پاڻ کي سڄي عمر لاءِ ناڪامي جي حوالي ڪري ويھندا آھيون.
انسان خطا جو گھر آھي اسان ڪيتريون ئي غلطيون ڪندا آھيون پوءِ انھن مان ئي سکي اڳيان وڌندا آھيون. اھا ئي غلطي جيڪڏهن اسان کان سواء ٻيو ڪو شخص ڪري ويھي اسان سان جو غلط سلوڪ ڪري غلط ورتاء اختيار ڪري ته اسان دلين ۾ ان لاءِ انتقام جنم وٺي ويھي ٿو ڪنهن جو اسان کي غلط يا سمجھڻ تي صرف رنجش ڪندا آھيو پر اڪثر بدلو وٺڻ جو داء ملي ويندو آ اھا بدلي جي عادت اسان جي دلين کي باھ جيان ساڙيندي رھندي آھي توھان ٿور غور ڪيو توھان يا مان روزانو نه ڄاڻ زندگي ۾ ڪيترا گناهه يا نافرمانيون ڪري ويندا آھيون. انھن جو ڪو به احساس ناھي ھوندو پر الله تعالى نه اسان چو رزق بند ڪندو آھي ۽ نه ئي فوري اسان کي غلطين تي پڪڙيندو آھي اھو چاھي ته سزا لاءِ ڇا نٿو ڪري سگھي ۽ ڪير آھي جيڪو ان کي روڪيندو؟ ان کان سوال ڪندو؟ پر اھو رحيم آھي اسان کي اسان جو غلطيون ڄاڻيندي به معاف ڪري ڇڏيندو آھي ۽ اسان لاءِ آسانيون پيدا ڪندو آھي اگر اسان چاھيون ٿا ته الله تعالي اسان کي معاف ڪري ۽ اسان لاءِ آسانيون پيدا ڪري ته اسان کي ٻين کي معاف ڪرڻو ھوندو اھا ئي عادت معاف ڪرڻ واري آھي جنهن کي ڪامياب ماڻھو پنهنجو ڪندا آھن اھي پنهنجو وقت فضول ڳالھين ۽ رنجشن ۾ وڃائڻ بدران معاف ڪرڻ کي پسند ڪندا آھن ۽ انھن جو اھو عمل ان جي دل مان بدلي جي باھ کي وسائي ڇڏيندو آھي.
اسان ۾ ڪجهه ماڻھو اھڙا به ھوندا آھن جن جو مزاج ھميشه اداس ۽ پريشان ھوندو آھي اداسيون گھٻراھتو پريشانيون ۽ ٻيو ڪجهه انسان کي احساسن مان آھن پر احساسن جو ضرورت کان وڌڻ ھڪ بار آھي جيڪو ڪنهن به انسان کي وھم جو شڪار ڪري اڳيان وڌڻ کان روڪي وٺندو آھي ڪنهن وقت انسان جي پريشاني جو سبب واضع ھوندو آھي ۽ ان جو ڪجهه ڪوشش کان پوءِ ڪڍي وٺبو آھي پر ڪڏهن ڪڏهن انسان اھڙن پريشانين ۽ وھمن جي ور چڙھي ويندو آھي جو ان جو حال انسان وٽ موجود ناھي ھوندو. اھي کوڙ پريشانيون ۽ وھم بار ھوندو آھن ان کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ کي سڪون ۾ رھڻ جو ڪوشش ڪيو.
بيشڪ دلين جو سڪون الله جي ذڪر ۾ آھي (القران)
منهنجو خيال آھي ته پاڻ کي پريشانين کان پري ڪرڻ جو بھترين حل الله پاڪ سان ڳالھيون ڪرڻ آھي بيشڪ خدا سڀ ڄاڻي ٿو پر اھو اوھان کي ٻڌڻ چاھي ٿو توھان ان کي پنهنجو دوست بڻايو توھان پنهنجي دل جي ھر ڳالهه ان سان ڪيو يقين ڪيو اھا ذات توھان کي ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏيندي اھو ئي اوھان لاءِ بھتر رستو ڪڍندو پنهنجا سڀ فڪر پريشانيون الله تي ڇڏي ڏيو ان يقين سان ته ھو انھن کي سنڀالي وٺندو ۽ پاڻ کي ان بار کان آزاد ڪيو.
انسان جا رشتا ۽ ماڻھن سان تعلق ان لاءِ زندگي جو عظيم سرمايو ھوندا آھن انسان پنهنجي رشتن جي معاملي ۾ ڏاڍو جذباتي ھوندو آھي ۽ ان کان بغير زندگي جو خيال به ناممڪن لڳندو آھي رشتن جي وچ ۾ محبت پنهنجائپ ۽ احساس جي گھٽتائي اسان جون ڪاوڙون اڪثر اسان لاءِ ذھني تڪليف جو سبب بڻجنديون آھن ۽ اھا ذھني تڪليف اسان جي زندگي کي روڪي رکندي آھي. اسان نه اڳيان وڌي سگھندا آھيون نه وري پنهنجا رابطا درست ڪري سگھندا آھيون. ڪن وقتن ته انھن معاملن ۾ اسان جو سڀ ڪوششون صلاحتيون بيڪار ٿي وينديون آھن ايتري ۾ مان سمجھان ٿو ته انھن سڀني معاملن ۾ پنهنجي دل جو بار گھٽ ڪرڻ جي لاءِ انسان کي صبر سان گڏ درگذر ڪرڻ جو رستو اختيار ڪرڻ گھرجي. توھان پنهنجا حق ادا ڪندا رھو پنهنجا فرض پورا ڪندا رھو ۽ نتيجن جي اميد مخلوق مان نه پر خالق مان رکو جنهن ڏينهن اوھان پاڻ کي اھو سمجھائڻ جي ڪامياب ٿي ويو ته حوصلا ماڻھن کان نه پر خدا کان ملڻا آھن ان ڏينهن اوھان مطئمن ٿي ويندو ۽ بيفڪر ٿي پنهنجي زندگي ۾ اڳيان وڌڻ جي قابل ٿي ويندو.
دنيا ۾ ترقي ۽ ٽيڪنالوجي جي نالي تي مشينن جو غيرضروري استعمال انساني زندگي ۽ ان جي مصروفتن جو نقشو ئي بدلي ڇڏيو آھي اڄ جي اسان جو کوڙ سارو وقت موبائيل ،فون، سوشل ميڊيا، سڪرولنگ ۽ٽيليوزن تي ضايع ٿئي ٿو ۽ بدقسمتي سان اسان کي ان جو احساس ئي ناهي ٿيندو غير ضروري ۽ بنا مقصد جا ڪم اسان لاءِ وڏو بار ثابت ٿي رھيا آھن زندگي جي مقصد جي گھٽتائي ۽ ان تي پوندڙ ٽيڪنالوجي جي اثرن اسان کي سوچڻ ۽ سمجھڻ کان ئي لاچار بڻائي ڇڏيو آھي اسان بنا ڪنهن حڪمت عملي جي اکيون بند ڪري پنهنجي قيمتي وقت کي غير ضروري سرگرمين ۾ استعمال ڪندا پيا وڃون اگر توھان روزاني زندگي جي ھڪ فھرست ٺاھيو ته توھان ڄاڻي سگھندو ته توھان ڄاڻي سگھندو اوھان پنهنجو روزانو ڪيترو وقت شاپنگ مال ۾ گھمندي گيميون کيڏندي ٽليويزن ڏسندي ۽ ايترن ڪيترن ئي غيرضروري ۾ ڪمن ۾ ضايع ڪري رھيا آھيو. اھي غير ضروري ڪم ۽ غير ضروري سرگرميون توھان جي ڪاميابي جي سفر ۾ بار ۽ سڀ کان وڏي رڪاوٽ بڻجي رھيا آھن جڏهن توھان ان بار کي پاڻ تان لاھي اڇلايو نٿا ته اوھان لاءِ اڳيان وڌڻ مشڪل ٿيندو ويندو وقت وڏي نعمت آھي ان کي غير ضروري سرگرمين ۾ ضايع ڪيو ته توھان مستقبل ۾ پنهنجي ناڪامي تي ھٿ ھڻڻ کان سواء ڪجهه حاصل نه ڪري سگھندو.
لفظ "نظم ۽ ضبط" کان اسان سڀ واقف آھيون ان لفظ جون ڪيتريون ئي معنائون ٻڌايون وينديون آھن روزاني زندگي جي سرگرمين ۾ ترتيب ۽ برابري ۾ سان عادتن کي پنھنجو ڪرڻ ۽ ترجيحن جي بنياد تي عمل منصوبابندي ڪامياب ماڻھن جي نظر ۾ "نظم ۽ ضبط" چيو ويندو آھي . پنهنجي زندگي جي مقصد کي طئي ڪرڻ بعد ان کي ننڍن ننڍن حصن ۾ ورھائي روزاني بنياد تي ڪئي ويندڙ محنت لاءِ مددگار ثابت ٿيندو آھي ڪم جي شروعات کان پھريان پنھنجي ترجيحن کي واضع ڪرڻ ۽ ان کان پوءِ عادتون اختيار ڪرڻ سان انسان ھر ھر غلطيون ۽ ڪرڻ کان بچي ويندو آھي اگر اوھان غور ڪيو ته اسان جي زندگي ۾ اسان اھڙيون کوڙ ساريون عادتون اختيار ڪيون آھن جيڪي اسان جي لاءِ بار ھونديون آھن.جيڪي اسان جي مقصد ۽ ترجيحن کي ڪنڊن جي سيج بڻائي ڇڏيندا آھن ڪاميابي جي لاءِ ضرورت ان ڳالهه جي آھي ته سڀ کان پھريان پنهنجن غيرضروري ۽ بي بنياد عادتن کان انڪار ڪيو انھن عادتن کي پنهنجو ڪيو جيڪي اوھان کي واضع چونڊ ڪرڻ ۽ پوءِ ان تي عمل ڪرڻ لاءِ مددگار ثابت ٿئي جيڪڏهن اوھان اھڙن ماڻھن يا شين کي زندگي ۾ موقعو ڏيندا آيا آھيو جيڪي وقتن اوھان کي احساس ڪمتري جو شڪار ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون ته پھريان اھڙن شين يا ماڻھن کي پنهنجي ترجيحن کي مٽايو ڪيو پنهنجي آس پاس جو ماحول مثبت رکڻ جي ڪوشش ڪيو اھا اوھان کي اڳيان وڌڻ ۾ حوصلو ڏيندو اوھان ڪرندو ته اھو سنڀالي وٺندو.
اھو سڀ بار جنهن جي ضرورت ۽ اھميت نه دنيا ۾ ۽ نه وري آخرت ۾ ھوندي آھي اھا اسان جي منزل کي تائين ويندڙ رستي کي ايترو نه منجھائيندڙ ڪندو آھي جو اسان مان اڪثر ماڻھو اڳيان ھار مڃي ۽ ناڪامي کي پنهنجو مقدر سمجھي ويھي رھندا آھن جيڪڏھن اھو بار پاڻ تان لاھجي ته نه صرف رستو سولو ٿي ويندو آھي پر منزل به ويجھو ايندي محسوس ٿيندي آھي ڪامياب لوگ پنهنجو وقت بنامطلب جون ڳالھيون ۽ عادتن تي ناھن وڃائيندا انھن کي ايترو ئي وقت ناھي ھوندو جو قسمين قسمين ماڻھن جون ڳالھيون ٻڌي انھن کي جواب ڏين يا پنهنجو صفايون پيش ڪندا رھن جيڪو وقت ناڪام ماڻھو انھن سڀني تي وڃائيندو آھي ان ئي وقت ھڪ ڪامياب شخص ماڻھن جي ڳالھين کي نظرانداز ڪري ڪنھن مثبت ڪم ڪرڻ کي ترجيح ڏيندا آھن.
ڪجهه وقت پھريان مونکي ڪنهن ضروري ڪم سان اسلام آباد کان پشاور وڃڻو پيو موٽروي ذريعي وڃڻو پيو مان سوچيندو رھيس ته ناڪام ۽ ڪامياب ماڻھن جي زندگي به موٽروي تي ھلندڙ گاڏين جيان آھي. جتان ڪامياب انسان ملسل پنهنجي منزل تي نظر رکي اڳيان وڌندو ويندو آھي ڏکيائين جو حل ڳولھيندو ويندو آھي پر ناڪام ماڻھو ھر ايندڙ اسٽاپ تي ڪڏهن چانھه، ڪڏهن ڪافي پيئندي، ڪڏهن اخبار پڙھندي، ڪڏهن لوڻا ھڻندي، حوال ھڻڻ ۾ ويھي ويندو آھي. ۽ پوءِ ھڪ وقت ايندو آھي جڏهن خدا نه ڪري حالات خراب ٿي ويندا آھن ته ڪامياب شخص پنهنجي مسلسل ڪوشش ۽ محنت سان منزل تي پھچي چڪو ھوندو آھي ۽ ناڪام شخص ڪنهن اسٽاپ تي پريشاني جي عالم ۾ ھٿ مھٽيندو ويٺو ھوندو آھي ھتي ھڪ قسم انھن جو به آھي جيڪي مسلسل محنت سان موٽروي تي گاڏي ھلائي رھيا ھوندا آھن پر منزل جي بي خبر ڪري ان جي رفتار قدرڌمي آھي اھڙا ماڻھو اسان جي سماج اندر وڏي تعداد ۾ موجود آھن جيڪي خواب ڏسڻ وارا آھن ۽ محنت ڪرڻ وارا آھن پر منزل جي چونڊ ۽ مقصد جي گھٽتائي انھن جي خواب ۽ محنت تي پاڻي ھاري ڇڏيندي آھي. ھي اھو رتبو ھوندو آھي جڏهن انسان پھريون دفعو شڪ ۽ وھم جو شڪار ٿيندو آھي پوءِ ماڻھن جا آواز انھن جو ڳالھيون ٻڌڻ پنهنجي پاڻ لاءِ وضاحتون پيش ڪندي ان ۾ گم ٿي ويندو آھي.
ياد ڪريو ! ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ تان غيرضروري بار ھٽائي منزل طئي ڪيو۽ پوءِ ان منزل طرف وڌندي پنهنجي سڀني صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻيو اھو ئي ڪاميابي جو راز آهي .

سڀاڻي نه اڄ انشا الله

سڀاڻي نه اڄ انشا الله

حضور اڪرم صلي الله عليه واله وسلم فرمائي ٿو ته : پنجن شين کي پنجن کان پھريان غنينت سمجھو زندگي کي موت کان پھريان,تندرستي کي بيماري کان پھريان, واندڪائي کي مصروفيت کان پھريان، جواني کي پيڙھي کان پھريان، مالدار کي فقير کان پھريان.
الله تعالي انسان کي بيشمار نعمتن سان نوازيو آھي جنهن جي سرفھرست ۾ وقت ۽ صحت آھي وقت انساني زندگي جو اھو قيمتي اثاثو آھي جيڪو شروع کان ھميشه تائين ھر انسان کي برابر بنا ڪنهن فرق جي عطا ڪيو ويو آھي. اھو وقت جو ئي استعمال ھوندو آھي جيڪو ڪنهن به انسان جي زندگي سڌارڻ يا بگاڙڻ جو اختيار رکندو آھي اڄ اسان پنهنجي معاشري ۾ نظر ڦيرايون ته اسان کي اندازو ٿيندو ته اسان مان اڪثريتي ماڻھو پنهنجو وقت ضايع ڪرڻ مصروف آھن. اسان کي اھو احساس ئي ناھي ته اسان کي ھر ايندڙ ڏينهن موت جي ويجھو ڪري رھيو آھي گويه اسان ناڪامين جي ڏاڪڻين تان لھندا پيا اچون اگر ڪڏهن غلطي ۾ يا معجزاتي طور اسان کي اھو احساس ٿي وڃي ته اسان ڪٿي بيٺل آھيون اسان ڇا حاصل ڪيو ڇا وڃايو اسان اڳيان ڪھڙي طريقي وڌي رھيا آھيون ته اسان کي پنهنجي اصلاح جي ھڪ اميد نظر اچي ويندي آھي جنهن سان اسان ۾ پاڻ کي تبديل ڪرڻ جو ھڪ جذبو پيدا ٿيندو آھي اسان بھتر پڪي وارا خواب سجائيندا آھيون محنت ڪرڻ جو عزم ڪندا آھيون. ۽ پوءِ انھن سڀني سٺين سوچن تي عمل جو ارادو ڪندي پاڻ سان مخاطب ٿي پاڻ چوندا آھيون . "سڀاڻي کان انشاءُالله "
ڪامياب زندگي جي سفر جو اھم ڏاڪو ته اھو آھي ته اوھان پاڻ سان مخاطب ٿي چئو ته : "سڀاڻي کان نه اڄ کان به نه پر ھن مھل سان ئي انشاءُالله"
مان ھر ايندڙ ڏينهن ان جو تجربو ڪندو آھيان ته اسان وٽ ماڻهو خواب ڏسندا آھن محنت جو ارادو ڪندا آھن عزم ڪندا آھن ته سڀاڻي کان ڦلاڻو ڪم ڪنداسين سڀاڻي کان محنت ڪنداسين سڀاڻي کان جدوجھد ڪنداسين پر اھا سڀاڻي سڀاڻي ڪڏهن ناھي ايندي. مان سمجھان ٿو اھي ماڻھو موت کان به ان لاءِ ڊڄندا آھن ڇو ته انھن پنهنجا اڪثر ڪم سڀاڻي تي رکيا آھن اڪثر اوھان ٻڌو ھوندو اھڙي ڪنهن شخص کي جڏهن چيو ويندو آھي ته نماز جي پابندي ڪيو توبه استغفار ڪندا ڪيو ٻارن سان وقت گذاريو ماءُ پيءُ کي وقت ڏيو پنهنجي صحت تي ڌيان ڏيو ورزش ڪندا ڪيو ايتري تائين چوندو ته روز پنهنجي پاڻ پرک (محاسبو)ڪندا ڪيو ته جواب ملندو آھي . انشاءُالله سڀاڻي کان ڪنداسين.
اڄ اسان جي معاشري ۾ ڪا شي سڀ کان وڌيڪ بيقدري جو شڪار آھي ته اھو وقت آھي.اھا بيقدري ۽ بي شڪري ايتري حد تائين وڌي وئي آھي جو ھاڻ ان کي برو سمجھڻ جي به تڪليف ناھي ڪئي ويندي. اسان ڪلاڪن جا ڪلاڪ فون تي ڳالھائيندي دوستن سان ھوٽلن تي بي مقصد ويھي ٻين مان عيب ڪڍندي تنقيد ۽ نڪته چيني ۽ گلا ڪندي سوشل ميڊيا تي ھروڀرو اسڪرولنگ ڪرڻ ۾ وقت ذيان ڪري ڇڏيندا آھيون. پر افسوس جڏهن سٺو ڪم ڪرڻ جو وارو ايندو آھي ته اسان سڀاڻي کان ڪنداسين انشاءُ الله جا ورد شروع ڪندا آھيون. نوجوان قوم جو مستقبل ھوندا آھن ۽ اسان جي نوجوان جن کي اڄ صحت سان نوازيو ويو آھي سڀاڻي خدا ڄاڻي! ڪيئن اڳيان وڌي سگھندا. ڪھڙن مرضن جو جو شڪار ھوندا اڄ مالدار آھن سڀاڻي نه ڄاڻ ڪھڙن حالتن جو شڪار ھوندا. ان لاءِ جيڪو ڪرڻو آھي ھاڻ ڪيو جيڪو ڪم ڪرڻو آھي جيڪو ڪمائڻو آھي جيڪي به فائدا کڻڻا آھن ھاڻي ڪري وٺو اھو ئي ڪاميابي جو راز اٿو ٻي صورت ۾ سڀاڻي اسان کي ڀڇتاء علاوه ڪجهه به حاصل نه ٿيندو.
منھنجي نظر ۾ ڪاميابي ته اھا آھي موت مٿان ھجي ۽ توھان کي ڪو به خوف ۽ پڇتاء نه ھجي توھان کلندي موت کي پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀريو توھان کي اھڙي طرح فتح ڪيو جو مرڻ تائين اوھان کي پاڻ تي ۽ پنهنجي زندگي تسلي ھجي. الله کي منهن ڏيکارڻ جي قابل ھجو.

اھو ڪيئن ممڪن آهي ؟

اھو ڪيئن ممڪن آهي ؟

يقين ڪيو ان مان ڪجهه ناممڪن ناھي.اھا حقيقي ڪاميابي ممڪن آھي بس اسان کي وقت جو صحيح استعمال ڪرڻ جي ضرورت آھي.
زندگي ۾ سڀاڻي انشاءُالله چوڻ بجاءِ اڄ بلڪ ھاڻي انشاءُالله چئي ڪري پنهنجي مقصد لاءِ محنت جي آغاز ڪرڻ جي ضرورت آھي.
يقين ڪيو پوءِ اھي اوھان ئي ھوندو پڇتاء بغير سڪون ۽ تسلي واري زندگي گذاري سگهندو ۽ کلي ڪري موت کي پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀرڻ جي لاظ تيار ھوندو.
مان ڏٺو آھي ته زندگي ۾ شڪست کاڌل ماڻھو پنهنجي ارادن ۾ ڏاڍا ڪمزور ھوندا آھن. اھي پنهنجن عادتن پنهنجي عزمن ۽ پنهنجي فيصلن ۾ ثابت قدم ناھن ھوندا. توھان کي انھن سڀني ۾ اڄ جو ڪم سڀاڻي ڪرڻ جي عادت برابر شريڪ ملندي سڀاڻي به اھڙي سڀاڻي جيڪا ڪڏهن به اچڻ جو نالو نٿي وٺي اوھان انھن ۾ ثابت قدمي جي گھٽتائي ڏسندو. سڀاڻي تي انھن جو ڀروسو ڏاڍو پڪو آ پر ڍرائي جو شڪار ھوندو. ڇاڪاڻ ته اھي ھي سوچيندا آھن ته اھي سڀاڻي ڪجهه ڪندا پر ڇا ڪندا ان سوچڻ واري عمل کي به سڀاڻي تي ڇڏيندا آھن. يقين ڪيو سڀاڻي ڪڏهن به نه ايندي. اھا جيڪا سڀاڻي واري سوچ آھي نه اھا ڪاميابي جي رستي ۾ اڀي ديوار بڻيل آھي سڀاڻي جو مطلب سستي آھي ۽ سستي وري اسان جي ڪامياب مستقبل جي وڏي ۾ وڏي دشمن آھي جيڪڏهن اڄ توھان پنهنجي عزم کي مضبوط ڪندي ڪجهه نٿا ڪري سگھو ته سڀاڻي جڏهن اوھان جي حوصلن ۾ اھا طاقت باقي نه رھندي ته تڏهن اوھان ڪجهه ڪيئن ڪري سگھندو؟ اھو سڀاڻي جو لفظ ھڪ دوکو آ مڪاري آ ۽ اسان سڀ ان ڳالهه کي چڱي ڄاڻيندي به ان مڪاري جو شڪار آھيون توھان ڪڏهن قبرستان وڃو ۽ اتي ڏسو ته اتي ڪيترائي اھڙا جوان ۽ پوڙھا دفن ٿيل آھن جن کي پنهنجي زندگي جا کوڙ ڪم سڀاڻي ڪرڻا ھئا اھي سڀئي سڀاڻي اچڻ کان اڳ مٽي ۾ لپيٽجي ويا اھي اڄ به پنهنجي ھٿن سان برباد ڪندڙ زندگي لاءِ خدا آڏو جوابدار آھن ۽ دنيا ۾ ماڻھو انھن کي ياد ڪرڻ جي تڪليف ھرگز نٿا ڪن.
ڇا توھان ڪڏهن سوچيو آھي ته دنيا ۾ ڪيترا ماڻھو روزانو مرن ٿا؟ ۽ انھن مان ڪيترا اھڙا ھوندا آھن جن کي ياد ڪيو ويندو آھي؟ جن لاءِ دعائون گھريون ۽ قل پڙھيا ويندا آھن؟ ۽ ڪيترا اھڙا ماڻھو آھن جن جي مرڻ کان پوءِ کيس ايئن وساريو ويندو آھي ڄڻ اھي ھن دنيا ۾ آيا ئي نه ھئا؟ اھي انگ اکر اوھان جون اکيون کولڻ لاءِ ڪافي آھن.
ايڇ جيڪسن جونيئر پنهنجي فلسفي کي انتھائي خوبصورتي سان ھن ريت چيو آھي ته :
ايندڙ وقت جي لاءِ بھترين تياري اھا آھي ته اڄ پنهنجي طرفان ڪا ڪمي نه ڇڏيو."
يقين ڪيو ايندڙ زمانو انھن جو آھي جيڪي ماضي ۾ ڪيترن ئي غلطين مان سکي ڪري حال ۾ محنت ڪن ٿا ۽ پنهنجي خوابن تي يقين رکن ٿا جڏهن نه وقت جو ڪيو آھي ته گذري ويندو ۽ اسان بس ويٺا دنيا ۽ آخرت جو نقصان ڳڻيندا رھجي وينداسين.

خود اعتمادي جو نتيجو

خود اعتمادي جو نتيجو

چيو ويندو آھي ته ماءُ ھنج ۾ انسان جي پھرين درسگاھ ھوندي آھي انسان ننڍپڻ ۾ سڀ کان گھڻو سکندو آھي. ننڍپڻ ۾ والدين جا پڙھايل سبق سڄي عمر نه رڳو ياد رھندا آھن پر اسان جي شخصيت تي به اثرانداز ٿيندا آھن جيڪڏهن زندگي جو مقصد ننڍپڻ ۾ ئي مقرر ڪيو وڃي ته ان لاءِ ڀڄ ڊور ۾ آساني پيدا ٿي پوندي آھي ان کي حاصل ڪرڻ جو تڙپ اوھان کي ننڍپڻ ۾ ئي ڪامياب ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيندي آھي ۽ اھا تڙپ وقت سان گڏ ايتري ته مضبوط ٿي ويندي آھي جو توھان کي زندگي جي سفر ۾ ڌيان جو مرڪز رکڻ ۾ مددگار ٽابت ٿيندي آھي. توھان کي زندگي جو ملڻ تي ئي سڪون ايندو، توھان ٿڪجندا ناھيو، رڪجندا ناھيو ماڻھن جون بي بنياد ڳالھين کي دل ۾ جاء ناھيو ڏيندا، حوصلا ڪمزور ٿيڻ ناھيو ڏيندا.
مونکي اڄ به ياد آھي ته مان ڳوٺ جي ھڪ پرائمري اسڪول ۾ پڙھندو ھئس ھي ان دور جي ڳالهه آھي جڏهن اسڪول ۾ ٻار پلاسٽڪ جو تڏو پاڻ سان گڏ کڻي ويندا هئا سڀ ٻار اھو کڏو زمين تي وڇائي ان تي ويھي پڙھندا ھئا. ۽ روزانو ان کي صاف ڪري اسڪول بيگ ۾ رکي واپس کڻي ويندا ھئا مان به جڏهن اسڪول کان گھر ايندو ھئس ته سڀ کان پھريان اسڪول بيگ مان تڏو ڪڍي امان کي ڌوائڻ لاءِ ڏيندو ھئس امان منهنجي اھا عادت ڏسي مونسان پيار ڪندي ھئي ۽ منهنجي مٿي تي ھٿ گھمائي يقين سان چوندي ھئي ; پٽ تون وڏو ماڻھو ٿيندي امان اھا ڳالهه روز چوندي ھئي ۽ مان ان ڳالھ کي ھميشه مزاق سمجھي چوندو ھئس ته وڏا ماڻھو ته سڀ ٿي ويندا آھن ۽ اھو چوندي امان جي سامھون شھپر وٽندي ھٿ کولي کلندو ھئس .
ڳوٺ ۾ رواج ھو ته ماڻھو ڇتن يا کليل اڱڻ تي کٽون رکي سمھندا ھئا گرمين ۾ سڀني کان پکي جي سامھون واري کٽ ملڻ سان ڄڻ دنيا جي سڀ کان وڏي خوشي محسوس ٿيندي ھئي مان به پنهنجي گھر جي اڱڻ تي چار ڀائرن کي ڏسي ان ضد ۾ ھوندو ھئس ته مونکي به پکي واري کٽ تي سمھڻو آھي. رات جو کٽ تي سمھندي کليل آسمان کي ڏسندو ھئس مونکي آسمان تي تارا چمڪندي ڏاڍا خوبصورت لڳندا ھئا. ھڪ رات معمول جيان آسمان ۾ چڪمندڙ تارا ۽ چنڊ ڏسڻ ۾ مصروف ھئس ته اچانڪ امان جي کنگھڻ جو پڙاڏو ڪنن ۾ پيو ته مان اچانڪ اٿي ويھي رھيس امان کان خيريت معلوم ڪرڻ بعد ان کان پڇيم ته امان مان وڏو ماڻھو ڪڏھن ٿيندس؟ امان ڏاڍي شفقت ۽ ڌيان سان مونکي ٻڌي رھي ھئي. ان کان پھريان جو امان جواب ڏئي مان ٻيو سوال به مٿان رکيو جيڪو منهنجي دل ۾ ھو ته امان آخر وڏو ماڻھو ڪيئن ھوندو آھي؟
امان جي نرم مٺي لھجي ۾ چيو ته پٽ وڏو ماڻهو چمڪندڙ تاري جيئن ھوندو آھي. چمڪندڙ تارو چمڪندڙ تارو اھو ھوندو آهي پنهنجي لاءِ ۽ دنيا لاءِ. اھو محبت ڪرڻ وارو ھوندو آھي محنت ڪندو آھي ۽ ان سان پوري دنيا کي روشن ڪندو آھي امان جي ڳالھاين مان يقينن پاڻ تي يقين چڙھندي ڏسان پيو ان جي لھجي ۾ عزم ھو ھڪ خواب ھو ڀروسو ھو اھا ان عزم سان پيار ۾ مونکي چئي رھي ھئي ته .
پٽ تون تارو آھي توکي چمڪڻو آھي جھان ۾.
امان جون اھي ڳالهيون منهنجي دل ۽ دماغ ۾ گھر ڪري ويون ھيون امان ننڍپڻ ۾ ئي مونکي اھڙو يقين ۽ پڪو ڀروسو ڏنو ھو جو مان ان يقين جي سھاري زندگي جي ھر ڏکيائي سان مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار ھئس. مونکي يقين ھو ته مان تارو آھيان چمڪندڙ تاري جيان نه صرف پاڻ کي چمڪڻ آ پر ان پويان ڪيترن ئي ماڻھن کي ان جي روشني پھچائڻي آھي. امان جون اھي ڳالهيون منهنجي زندگي جو اھڙو سھارو بڻيون جو انھن مونکي ھمت ھارڻ نه ڏني . مونکي حالتن اڳيان ڄمي بيھڻ سيکاريو. پاڻ تي يقين منهنجي سڀني مشڪلاتن کي پويان ڪري مونکي ڪاميابي عطا ڪئي . ھتي ھڪي ٻي ڳالهه به ٻڌائيندو ھلان ته مان نه ڪنهن زميندار گھراڻي جو ٻار ھئس نه ئي وڏو اڪابر ھئس مون ۾ ھڪ شي "خود يقيني" ھئي جيڪا منهنجي ماءُ جي ڏنل ھئي .
ھيء انھن ڏينهن جي ڳالهه آھي جڏهن مان ميٽرڪ ۾ ھئس امتحان ٿيا ڏسندي ڏسندي نتيجن جون ڏينهن به اچي ويو مان بايو سائنس جو شاگرد ھئس رزلٽ ڏٺي ته ھوش ئي اڏامي ويا ڇاڪاڻ ته مان بائيولوجي ۾ فيل ھئس ان کان پھريان پڙھائي ۾ گھڻو ھوشيار نه سھي پر فيل به نه ٿيو ھئس رزلٽ ڏسڻ کان پوءِ خوف ۽ شرمندگي جي ڪري ڪنڌ جھڪائي گھر آيس مونکي وڏي شرمندگي ھئي ته امان بابا کي ڪھڙو جواب ڏيندس.گھر اچڻ سان ئي بابا پاڻ وٽ گھرايو . مونکي ڏسندي چيائين : جي پٽ ڇا ٿيو تنهنجي رزلٽ جو؟ مان جيڪو پھريان ئي شرم ۾ ٻڏي رھيو ھئس ڊڄندي ڊڄندي ٻڌائڻ شروع ٿي ويس ته بابا اردو انگريزي رياضي وغيره ۾ ته سٺن نمبرن ۾ پاس ٿيو آھيان پر بائيولوجي ۾ سپلي لڳي وئي آھي.
بابا سواليه انداز سان ڏسندي پڇيو ته آخر سبب ڪھڙو ھو جو بائيولوجي ۾ فيل ٿي وئين؟ مان بابا جي سامھون ڪنهن مجرم جيان پنهنجي بيڏوھي ثابت ٿيڻ لاءِ چوڻ لڳس ته جنهن ڏينهن بائيلوجي جو پيپر ھو ان ڏينهن منهنجي طبعيت خراب ھئي. ۽ بائيلوجي لاءِ ٽوشن نه ورتي ھئي انڪري فيل ٿي ويو.
بابا منهنجي ڳالهه ٻڌي ۽ پوءِ غور سان ڏسندي چيائين ته پٽ منهنجي ڳالهه ڌيان سان ٻڌ ته جيڪڏهن فيل ٿيو آھين ته ڪا ڳالهه ناھي ناڪامي اھا ناھي ته تون فيل ٿيو آھين ٻيھر محنت ڪري پيپر ڏي پاس ٿي ويندي پر ناڪامي اھا آھي ته ناڪامي تي بھانا ڳولي رھيوآھين.
ناڪام اھي ناھن جيڪي فيل ٿي وڃن پر ناڪام اھي آھن جيڪي فيل ھجڻ تي ڍڪ ڍڪي رھيا ھجن . ناڪام ماڻهو پنهنجي ناڪامي تي ھميشه جذبو وڃائي ويھندا آھن ڪنهن مقدر جي لکئي جو ليک سمجھندي ڪنهن حالت تي سڄو الزام ھڻندا آھن اھو ئي سبب ھوندو آھي پوءِ اھي ماڻھو ناڪامي اڳيان ھٿيار ڦٽا ڪيون ھوندا آھن ۽ پوءِ زندگي ۾ ڏوراپا ۽ شڪايتون پيا ڪندا آھن.
انھن جي برخلاف اھي ماڻھو جن ۾ ڪامياب ھجڻ جو ترپ ھوندي آھي اھي پنهنجون غلطيون مڃندا آھن انھن مان سکندا آھن ۽ اڳيان وڌندا آھن ڪامياب ماڻھو ناڪامين تي دليل ناهن ڳوليندا اھي انھن کي قبول ڪندي جلدي بھتر ڪندا آھن . امان جو ھڪ ھڪ جملو منهنجي دماغ ۾ ڪنهن تحرير لکت خط جيان لکيل آھن بابا جي ڳالهه ته" ناڪامي جو اعتراف ڪري وري محنت ڪر" مونکي ڪاميابي جو راز سمجھ ۾ اچي ويو ھو ھيء ئي اھا ڳالهه ھئي جنهن مونکي زندگي ۾ ناڪامين کي قبول ڪرڻ سيکاريو ۽ پوءِ ان رستي تي ھلندي مان ان قابل ٿيس ته الحمد الله اڄ پي ايڇ ڊي PHD جي ڪوشش ۾ آھيان.
منهنجي ان خوداعتماديء پوري زندگي منهنجو سدائين ساٿ ڏنو مونکي ھمت ڏني اڳيان وڌڻ جو حوصلو ڏنو مونکي اھو ڏينهن به ياد آھي جڏهن مان گريجوئيشن لاءِ سڄو سڄو ڏينهن يونيورسٽي ۾ پيو ڦرندو ھئس يونيورسٽي جو ھڪ پراسپيڪٽس 500 جو ھوندو ھو مان پٽ سٽ ڪري پراسپيڪٽس وٺي يونيورسٽين جا فيسن جا حساب ڪندو گھر ايندو ھئس مونکي اھي خرچ پورا ڪرڻ جو ڪو به وسيلو موجود نه ھو انڪري منهنجي تعليمي سال جو ھڪ ضايع ٿي ويو ڪنهن مونکي پنهنجي تعليم نه ڇڏڻ جي صلاح ڏني ته مونکي اھو ٿي چو ته اڳيان تعليم ۾ ڇا رکيو آھي ڪرڻي ته وري به نوڪري آھي ھي اھو وقت ھو جڏهن مون پاڻ کي مضبوط ڪيو انھن ماڻھن جي ڳالهين تي نه ڪن ڏنو نه وري حالتن تي ڇڏيو ان وقت مون پاڻ سان واعدو ڪيو ته ڏينهن رات محنت ڪندس پر تعليم نه ڇڏيندس مان ھڪ مقامي پارڪ ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ۽ داخلائون جاري ٿيندي ئي داخلا ورتي ھاڻ مان ڏينھن جو ڪم ۽ رات جو پڙھندو ھئس ان ڏکئي وقت ۾ منهنجي پاڻ تي يقين منهنجا ھٿ پڪڙي ڪاميابي جو خوشخبري ٻڌائيندي ھئي جنهن سان منهنجي ھمت ۽ منهنجو حوصلو وڌيڪ وڌندو ھو مان زندگي ۾ ڪيترا دفعا ئي ڪريس، ٿاٻڙيس، ڪيترائي دفعا ناڪام ٿيس پر مونکي پنهنجي پيءُ جو سکايل سبق پنهنجي ھر غلطي کي تسليم جو حوصلو ڏيندي ھئي اڳيان وڌندو سکندو ويس مان ڪيترائي دفعا ھارائي ناڪامين جو سامھون ٿيس پر بجاءِ پاڻ کي زميوار قرار ڏيندي پنهنجي غلطين کي قابو ڪيو پر وري دل ۽ چاھ سان ڄمي ٻيھر محنت ڪندو رھيس.
ڪامياب ماڻهو ناڪامين سان ٺاھ ناھن ڪندا انھن کي بس اڳيان وڌڻ جي ھوندي آھي زندگي جو اھو راز اھو فلسفو جيڪو سمجھي ويو ان کي ڪامياب ٿيڻ کان ڪير نٿو روڪي سگھي.

با ادب بانصيب بي ادب بي نصيب

با ادب بانصيب بي ادب بي نصيب

اڇن وارن واري (پوڙھي) عالم حافظ عادل باشاھ جي عزت ڪرڻ تعظيم خداوندي ۾ شامل آھي. (حديث قدسي)
ادب ۽ اخلاق ڪنهن به قوم جي بنيادي قانونن ۽ ضابطن جي اخلاقي ترجماني ڪندو آھي انسان جي تاريخ تي فڪر ڪيو وڃي ته اندازو ٿيندو اخيلاقيات ۽ روين کي بھترين بھترين انداز ۾ پيش ڪرڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ جو ايوارڊ اسلام ڏانهن وڃي ٿو دنيا ۾ موجود قومن اڄ جيڪو به ادب اخلاق پنھجو ڪيو آھي اھو ڪٿان نه ڪٿان اسلام مان سکيل آھي . ھي دين اسلام ھر ڪنهن ننڍن وڏن پنهنجي پراين جانورن وڻن مطلب ته دنيا ۾ موجود ھر جاندار سان اخلاق ۽ انصاف ڪرڻ جي ھدايت ڪري ٿو. بحيثيت اڪثريتي ڏٺو وڃي ته ڪو به اھڙو انسان جيڪو ادب ۽ اخلاق کان دور ھجي اھو نه ھن دنيا ۾ مقام حاصل ڪري سگھي ٿو ۽ نه ئي اڳئين جھان ۾ ان عزت جي اميد سان وڃي سگھي ٿو.
ادب جو ذڪر نڪري ته ننڍا وڏا پنهنجا پراوا جانور وڻ ميوا مطلب ته سڀ جو سڀ انسان جي ادب جا حقدار ٿين ٿا. پر انھن ۾ اوليت اسان کي والدين ۽ رت جي رشتن کي حاصل آھي الله تعالي قرآن ۾ ھر ھر والدين سان سٺو ورتاء ڪرڻ سان گڏ حڪم ڪري ٿو ته:
"تنهنجي پاليندڙ حڪم ڪيو آهي ته ان (الله) کان سواءِ ڪنهن کي نه پوڄيو ۽ پيءُ سان ڀلائي ڪريو جيڪڏهن تو وٽ انهن ٻنهين مان هڪ يا اُهي ٻئي ٻُڍاپڻ کي پهچن ته تون کين اُف به نه چؤ ۽ نه اُنهن کي ڇڙٻ ڏي ۽ انهن سان اَدَب جي ڳالهه ڪر ۽ انهن جي اڳيان شفقت سان عاجزي ڪري ڪنڌ نِماءُ. ۽ چؤ ته اي منهنجا پاليندڙ! انهن ٻنهن تي رحم ڪر جيئن انهن ٻنهين مونکي ننڍي هوندي پاليو.
(سورة بني اسرائيل آيت 23۽ 24)
منهنجي ماءُ ننڍپڻ ۾ ئي اھا ڳالهه منهنجي ذھن ۾ ويھاري ڇڏي ھئي جڏهن به الله تعالي ڪنهن انسان مان خوش ھوندو آھي ته ان کي ادب جي خاصيت عطا ڪندو آھي مونکي اڄ به اھو ڏينهن ياد آھي جڏهن اسڪول دوران گرمين جي موڪلن ۾ امان سان گڏ ناني وارن ڏانهن موڪلون گذارڻ ويس نانيء سان ڪنهن ڳالهه تي ناراضگي سبب بغير ڪجهه سوچڻ سمجھڻ جي مان ناني کي نامناسب لفظ چيا. امان اھو سڀ ڪجهه ڏسي رھي ھئي ۽ مونکي چيائين علي پٽ! الله پاڪ توکان ناراض ٿي چڪو آھي ڇو ته اھو بي ادب ماڻھن کي پسند ناھي ڪندو ۽ مونکي افسوس آھي ته تون به انھن بي ادب ماڻھن ۾ شمار ٿي وئين. امان جا اھي لفظ مون مٿان بجلي جيان اچي ڪريا. امان خاموش ھئي ۽ ناني ڪاوڙيل ھئي ۽ الله تعالي به مونکان ناراض ھو اھا سوچ مونکي ڏاڍو بيقرار ڪري رھي ھئي ته مونکي بي ادبن ۾ شمار ڪيو پيو وڃي مان ان رات زاروقطار روئندو رھيس الله کان معافي ورتي ۽ ناني کي پرچايم وري امان کي وڃي ڳلي لڳايم سڀني کان معافي وٺندي دل کي ڪجهه تسلي ملي پر لڙڪ ھئا جو رڪجڻ جو نالو ئي نه پيا وٺن. مان امان کان بار بار ھڪ ئي ڳالهه پڇڻ لڳس ته ڇا الله به مونکان ناراض آھي امان مونکي پيار ۾ پنهنجي آغوش ۾ آڻيندي چيو نه ھاڻي الله تعاليٰ ناراض ناهي اھو توسان راضي ٿي ويو آھي پر ھڪ وھم ھو جيڪو ھر ھر مونکي امان کان اھو پڇڻ تي مجبور ڪري پيو ته امان کي ڪھڙي خبر ته ھاڻ الله ناراض آھي؟ امان ان وٽ خوبصورتي سان منهنجي وھمن کي ختم ڪندي چيو ته پٽ با ادب ماڻھو نياز ۽ نوڙٽ وارا ھوندا آھن بلڪل ايئن جيئن ميوي وارو وڻ ھوندو آھي ان لاءِ الله انھن کي جيڪا به ھدايت ڏيندو آھي اھي عاجزي سان وڃي ڪندا آھن . امان جي اھا ڳالھ ۾ ذھن ۾ رکي اڄ به ھر موقعي تي ھر جاء تي عاجزي تي ترجيح ڏيندو آھيان. منهنجي سچي دل سان توبه ڪرڻ يان انھن سڀني کان معافي وٺڻ شايد رب کي قبول ٿي ويو ھو. ۽ ان مونکي ٻيھر زندگي ۾ بي ادب ماڻھن جي فھرست ۾ شامل ٿيڻ کان بچائي ڇڏيو.
جيڪڏھن ڳالهه ڪئي وڃي سڀني انسان جي ته ھي خوبي الله تعالي ھميشه پنهنجي ويجھن پيارن ٻانھن کي ڏيندو آھي دنيا جي تاريخ اھڙن ماڻھن سان ڀري پئي آ جن خلق خدمت جو رستو اختيار ڪيو ۽ ان عادت کي ڪاميابي جي بلندين تي اچي پھچايو . انسانيت جو خدمت اھو عمل آھي جيڪو ڪنهن به انسان کي نه صرف دنيا پر اڳئين جھان ۾ به ممتاز بڻائي ڇڏي ٿو. اڄ اسان ڏسون ٿا ته ادب ڪيئن اسان جي معاشري ۾ اڻلپ ٿي ويو آھي. ۽ ان سان گڏ ڪامياب ماڻھن جو انگ به نه ھجڻ برابر آھي . مان دنيا جي ڪامياب ماڻھن کي پڙھڻ ۽ سکڻ جي ڪوشش ڪندو آھيان۽ اھو ڏسي حيران ٿي ويندو آھيان ته جن دنيا ۾ ڪاميابي جا جھندا کوڙيا اھي پنهنجي زندگي ۾ ڏاڍا عاجز ۽ باادب رھيا آھن. ان جي برعڪس اڄ جي نوجوانن کي ڏسان ٿو ته ڏاڍو ڏک ٿو ٿئي ھر ايندڙ ڏينهن اسان جا نوجوان سوشل ميڊيا تي پنهنجي بزرگن استادن ۽ ٻين سان ايڊوانچر جي نالي تي ٿيندڙ تمام غيرمھذب ۽ غيراخلاق رويو اسان جي لاءِ الميو آھي. ڳالهه ايتري وڌي وئي آھي جو اڄ جو استاد اگر پنهنجي شاگرد کي ڪنهن ڳالهه تي ڳالهائي ته شاگرد استاد کي ھٿ کڻڻ کان باز نٿو اچي. ھڪ وقت ھو استادن ۽ والدين جي عزت اھڙي ھوندي ھئي اگر ھڏيون به ڀڃي ڇڏيندا ھئا ته وات مان ھڪ لفظ نه نڪرندو ھو سپ ھئا جو ادب ۾ بند ويندا ھئا ۽ ان جو نتيجو اسڪول مان نڪتل ھر ٻار اعليٰ اخلاق ۽ ڪردار جا مالڪ ھوندا ھئا زندگي ۾ ڪاميابي انھن جا قدم چمندي ھئي
ڪجهه عرصو پھريان ھڪ ٽرينگ جي حوالي سان مان لاھور ۾ موجود ھئس ميزباني جي طرفان منهنجي رھائش جو انتظام لاھور جي ھڪ مشھور ھوٽل ۾ ڪيو ويو ھو بنيرن وقت مان ھوٽل تي پھچي پنهنجي ميزبان جو انتظار ڪري رھيو ھئس ته ھڪ بزرگ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو منهنجي والد صاحب جي عمر جو ھڪ بزرگ ھٿ ٻڌي مونکان کاڌي جو آرڊر وٺڻ لاءِ بيٺو ھو.منهنجي ماءُ جو سيکاريل ادب مونکي شرم ۾ ٻوڙي رھيو ھو. مان ايئن ويٺس بس ڪجهه به نه مھرباني چئي اتان اٿي ويس. منهنجو تعلق ھڪ عام پاڪستاني گھراڻي سان آھي جنهن ۾ بزرگن جي عزت ھي شي کان رکي ويندي ھئي بزرگ جيڪڏهن کٽ تي ويٺل ھوندو ته ان جي مٿيئين پاسي کان ويھڻ بي ادبي تصور ڪئي ويندي ھئي ان جي برعڪس اوھان اڄ جا نوجوان نسل ڏسندو ته زندگي ۾ لاپرواھي جو شڪار اسان جو نوجوان بزرگن جو احساس ڪرڻ ٿو الڳ ڳالهه پر انھن کي نفرت جي نگاه سان ڏسندي انھن سان بدتميزي وڏي ۽ مغرور آواز ۾ کاڌي جو آرڊر ڏيڻ ۽ انھن کان پنهنجي خدمت ڪرائڻ پنهنجو حق سمجھن ٿا.
ضرورت ان ڳالهه جي آھي ته پنهنجي ذميوارين جو احساس ڪندي پنهنجي اندر ۾ ادب اخلاق جو لڇڻ پيدا ڪيو اسان کي ان سوچ جي ترغيب ڏيڻ جي ضرورت آھي ته ھر ڪامياب ۽ عظيم انسان جي پويان ان جو بھترين ڪردار ھوندو آھي جيڪو ان ۾ ٻين کان وڌيڪ ممتاز ۽ ڪامياب ڪندو آھي باادب بانصيب خاصيت آھي ان ماڻھن لاءِ جن کي ٻنھي جھانن ۾ ڪاميابي ملندي آھي ۽ ان جي برعڪس بي ادب بي نصيب آھن اھي جنهن دنيا کي پنهنجو ڪيو ۽ اڳئين جھان ۾ منھن ڏيکارڻ جي لائق ناهن.
مان سمجھان ٿو ته بحيثيت قوم اسان کي سدب سکڻ ۽ ان کي پنهنجو ڪرڻ جي ضرورت آھي اھو ئي اسان جي ڪامياب زندگي جو راز آھي.
ادب جو ڪاميابي سان ڪھڙو تعلق آھي؟
باادب بانصيب" ۾ انسان ڪاميابي جو راز دفن ٿيل آھي ڪاميابي ڪامل سطح تي باادب ماڻھن کي ئي حاصل ٿيندي آھي جيڪڏهن اسان ڪاميابي ۽ ناڪامي جا اصل سببن تي فڪر ڪنداسين ته اسان کي خبر پوندي ادب ئي اھا شي آھي جيڪا ڪنهن به انسان کي بلندي عطا ڪندو آھي ته ڪنهن کي ناڪامي جي سمنڊ حوالي ڪندو آھي.
ڪامياب ماڻھو پنهنجو گھڻو وقت ٻين سان گڏ بھترين اخلاق جو مظاھرو ڪندي انھن مان سکڻ ۾ گذاريندا آھن. زندگي جا اھي سبق جيڪي ڪتاب اوھان کي نٿا سيکاري سگھن. انسان پنهنجي وڏن جي چند لمحن جي ڳالھين مان سکي وٺندو آھي ۽ اھڙو ممڪن تڏھن ٿي سگھندو آھي جڏهن انسان ادب جي اعليٰ معيار کي پنهنجو ڪري ھر ننڍي وڏي بھترين واسطا ٺاھي رکي. ميون وارن وڻن کي ئي جھڪڻ زيب لڳندو آھي اڪڙ ڪرڻ ته بنجر ھجڻ جي نشاني آھي ڪامياب ماڻھو جي ڪاميابي ان جي آس پاس ان جا لاڳپيل آھن.ڪامياب ماڻھو خوشحالي پسند طبعيت رکندڙ عاجزي پسند ھوندو آھي. جيڪو نه صرف پاڻ پر پاڻ گڏيل سڀني کي عزت جي نگاھ سان ڏسندو آھي. جدوجھد ڪندي ان کي پنهنجن جو ساٿ ان جو سھارو ھوندو آھي.جيڪو ان کي ڏکين ڏکين حالتن ۾ به اڳيان وڌڻ جو حوصلو ڏيندو آهي. اعليٰ اخلاق ۽ ٻين جي لاءِ سٺي سوچ جا نتيجا ناقابل يقين ڪاميابي ھوندو آھي.
مان دنيا جي ماڻھن جو سڪسس اسٽوريز Success Storiesپڙھڻ جو شوقين آھيان منهنجي ڪوشش ھوندي آھي ته مان ماڻھن ۽ انھن جي عادتن مان سکان پر مطالعو ڪندي اڪثر غور ڪندو آھيان ته دنيا ته مختلف حصن ۾ جن ماڻھن کي ڪاميابي ملي آھي ته اھي ماڻھن ۾ عزت احترم ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏيندا آھن ڪامياب ماڻھو پنهنجي ڪاميابي جا ذميوار به پاڻ سان سلھاڙيل ماڻھن خاص ڪري پنهنجي والدين ۽ استادن کي ئي قرار ڏيندا آھن اسان جڏهن انھن جي ڪاميابي ٻڌندا ۽ پڙھندا آھن ته ان وقت ھي جملا رسمي طور پڙھڻ / ٻڌڻ لاءِ ملندا آھن ته منهنجي سڄي ڪاميابي جي پويان منهنجي والدين ۽ استادن جو ھٿ آھي. جڏهن ته حقيقت ۾ اھو به ادب جو ھڪ قسم آھي ۽ ان جو گھڻي قدر ڌيان "اسان" تي ھوندو آھي.
ياد ڪيو ڏئي ڏيئي جو ڪم آھي سڙڻ اھو سڙي ڪري دنيا کي روشني ڏيندو پاڻ کي عاجز رکي ٻين کي پنھنجي ذات مان عزت ۽ محبت ڏيڻ منهنجي نظر ۾ ڪاميابي آھي.

رستو مقرر ڪرڻ

رستو مقرر ڪرڻ

ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي لاءِ سٺي محنت ڪرڻ ڪافي ناھي پر پنهنجي منزل کي سامھون رکندي صحيح رستي ۾ محنت ڪرڻ لازمي آھي.
اسان انسان ڪاميابي جا خواب سينگاري رکندا آھن پوءِ انھن خواب کي حقيقت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ڏاڍي محنت ڪندا آھن اڪثر اھو ڏسڻ ۾ ايندو آھي ته ان سڀني کان پوءِ به ناڪامي جي منهن ٿيڻو پوندو آهي دنيا ۾ ڪامياب ماڻھن جو تعداد تمام ٿورو آھي جڏهن ته پاڻ تي يقين ڪندي محنت ڪندڙن جو انگ تمام گھڻو آھي. ته سوال ھو ٿو پيدا ٿئي ته آخر ڪھڙي شي آھي يا اھڙو ڪھڙو خاص جز آھي جو ڪنهن کي ڪاميابيون عطا ڪندو آھي ته ڪنهن کي حصي ۾ ناڪامي ملندي آھي؟ مان توھان کي ٻڌائيندو ھلان ته ڪامياب ماڻھو جي ھڪ وڏي اھم خوبي صحيح رستي تي محنت ڪرڻ آھي انسان صحيح رستو مقرر ڪري ان تي ھلڻ ڪامياب تي لاءِ اھم ضروري آھي.
پنهنجي منزل تائين پھچڻ لاءِ جامع منصوبابندي ڪرڻ لازمي آھي جيڪڏھن اوھان ڪامياب ٿيڻ چاھيو ٿا ته ته توھان وٽ اڄ سڀاڻي يا ايندڙ ھر ڏينهن لاءِ پنهنجو منصوبو ٺھيل ھجي توھان کي اھا ڄاڻ ھجڻ گھرجي ته اڄ اوھان کي ڇا ڪرڻو آھي سڀاڻي لاءِ اوھان جون ڪھڙيون مصروفيتون ھونديون ان کان پوءِ ايندڙ ھر ڏينهن، ھر ڪلاڪ، ۽ ھر سيڪنڊ،ڪاٿي ڪاٿي گذارڻو آھي. توھان جو مقصد واضع ھجڻ گھرجي توھان کي توھان جي منزل جي خبر ھجڻ گھرجي توھان کي پنهنجي منزل تائين رستو واضع ھجڻ گھرجي ڪاميابي اصل ۾ مقصد جي حصي جو ئي نالو آھي .
مونکي ملڪ جي مختلف يونيورسٽيز ۾ بحيثيت اسپيڪر گھرايو ويندو آھيان مان شاگردن کان اڪثر سوال ڪندو آھيان ته اوھان ڪامياب ٿيڻ چاھيو ٿا پر اوھان جي لاءِ ڪاميابي ڇا آهي ؟ توھان جي ڪاميابي جي تعريف ڪھڙي آھي؟ توھان پاڻ کي ڪاٿي ڏسڻ چاھيو ٿا؟ ڏھ سال پوءِ پاڻ کي ڪاٿي ڏسو ٿا؟ ۽ توھان جي ايندڙ ڏينهن لاءِ منصوبابندي ڇا آھي؟ مونکي اھو ڏسي افسوس ٿيندو آھي ته اسان جي نوجوان نسل وٽ اڄ لاءِ ۽ پنهنجي مستقبل جي پلاننگ جي نالي تي ڪجهه خاص ناهي. ڪا به منصوبابندي ناھي مونکي انھن سوالن جي جوابن بدران اڪثر خاموشي ڏسڻي پوندي آھي جيڪا حقيقت ۾ ڏک جھڙي ڳالهه آھي مان سمجھان ٿو ته اسان جي نوجوانن کي لفظن جي گھٽتائي خوشناسي جي گھٽتائي سان آھي اھي سڄي عمر پاڻ کي ۽ پنهنجي صلاحيتن کي سڃاڻي ئي ناھن سگھندا اھي اھو ڳولڻ ئي ناھن چاھيندا ته انھن جو دنيا ۾ اچڻ جو مقصد ڪھڙو آھي انھن جو دلچسپيون ڪھڙيون آھن انھن جي منزل ڪھڙي آھي. مان انھن نوجوانن جي غفلت جو زميوار سندن سان گڏ معاشري کي۔ به سمجھان ٿو اسان وٽ ٿيندو ايئن آھي جو ٻارن جي زندگي جا تمام اھم فيصلا ٻيا ڪندا آھن جتي خاندان جا ڪجهه ڀاتي گڏ ھجن اتي شادي ۽ سرڪاري نوڪري جا فائدا ٻڌائڻ کان علاوه ڪبيرا گناهه تصور ڪيو ويندو آھي ننڍپڻ ۾ ٻار جي ذھن ۾ اھا ڳالهه ويھاري ويندي آھي ته ان کي وڏو ٿي نوڪري ڪرڻي آھي ۽ گھر جو خرچ پورو ڪرڻو آھي ٻارن کي اھا گنجائش ئي ناھي ڏني ويندي ته اھو پاڻ سوچي سمجھي فيصلو ڪري سگھي. وڏي ھت جرئت جو مظاھرو ڪندي اگر ڪو پنهنجي لاءِ ڪامياب زندگي جو فيصلو ڪري ته ان کي ٽوڪن ۽ ڏکيائين سان منهن ڏيڻو پوندو آھي. ۽ پوءِ ھڪ وقت ايندو آھي جڏھن انسان حالتن کان ھار مڃي ٻين جي فيصلن کي قمست جو لکيو سمجھي ڪاميابي جا خواب ڏسڻ ڇڏي ڏيندو آھي.
مان سمجھان ٿو ته انسان کي رھنمائي ضرور وٺڻ گھرجي اھو ڪاميابي لاءِ ضروري به آھي پر ڪاميابي خدا کان سواء ڪنهن جي ھٿ ۾ رکڻ سراسر بيوقوفي آھي توھان کي الله تعالي سوچڻ ۽ سمجھڻ جي صلاحيت ڏني آھي ته ھاڻي اھا اوھان جي زميواري آھي ته توھان پنهنجي دلچسپي کي ڏسي ڪري پنهنجي زندگي جو مقصد مقرر ڪيو پنهنجي لاءِ درست رستو مقرر ڪرڻ، پاڻ کي سڃاڻڻ، سڃاڻي پاڻ ۾ ڪاميابي جي تڙپ پيدا ڪرڻ، توھان جي ذاتي زميواري آھي ڪاميابي جو رستو بلندي جو رستو آھي اھو ڏاڍو مشڪل ۽ درشھوار به . ان رستي تي ڪاميابي ان کي نصيب ٿيندي آھي جيڪو پاڻ ۾ تڙپ زنده رکندو آهي.
جيسيتائين اوھان کي خبر نه ھوندي ته اوھان کي وڃڻو ڪاڏي آھي يا ذھن ۾ منزل يا رستو مقرر نه ڪيو ويو آھي ته انسان ڀٽڪندو رھندو آھي ۽ ان جي سڄي محنت ضايع ٿي ويندي آھي
زندگي ۾ رستو ضروري آھي رستو مقرر ڪرڻ ضروري آھي ھڪ عام انسان جيڪو محنت ڪري سادي عام زندگي گذاريندو آھي ايتري ئي محنت ۽ درست انداز ۽ سھي رستي تي ڪري ڪامياب ماڻھو پنهنجا مقصد حاصل ڪري وٺندا آھن. بدقسمتي سان اسان جي معاشري جا ماڻھو پنهنجو وقت ٽيلويزن ڏسندي راندين ۾ مست ٻين جي ڪاميابي ڏسي انھن تي ساڙ ڪرڻ ۾ مصروف ھوندا آھن اھڙا ماڻھو زندگي جي مقصد ۽ درست رستي جي گھٽتائي جي بدولت وقت سان گڏ غلط سوچ جو شڪار ٿي رھجي ويندا آھن ناڪامي اھڙن ماڻھن وٽ ئي ايندي آھي.
ڪامياب ماڻھو پنهنجي صلاحيت کي سامھون رکندي پنهنجو مقصد ۽ رستو مقرر ڪندا آھن اھي خواب سڃاڻيندا آھن انھن جي زندگي انھن جو وقت ھر ھر لمحو ۽ ان جو خواب ۽ مقصد ڪيترو اھم آھي . ڪامياب ماڻھو جي زندگي جو ھر عمل منصوبابندي تحت ٿيندو آھي. مان اڪثر چوندو آھيان ته زندگي جو ھر معاملو پاڻ سان لکو ۽ ان کي پنهنجي سامھون پنهنجي نظرن جي سامھون رکو اھو اوھان ۾ مسلسل بھتري پيدا ڪرڻ فائديمند ثابت ٿيندو زندگي جو مقيد چونڊيو منصوبابندي ڪيو رستو مقرر ڪيو پوءِ اڄ کان ان تي به عمل شروع ڪيو.
ھتي ھڪ ٻي ڳالهه به اوھان جي سامھون رکڻ چاھيان ٿو ته ڪاميابي جي سفر ۾ پنهنجو رستو ۽ وقت مقرر ڪرڻ سان گڏ معاشري جي پي بيڪ Pay back جي مقصد کي ضرور شامل ڪيو جيڪڏهن توھان جو مقصد ڊاڪٽر ٿيڻ آھي ته اھو واعدو ڪيو ڊاڪٽر ٿيڻ کان پوءِ اوھان معاشري ۾ موجود غريب ماڻھن جو علاج مفت ۾ ڪندو معاشري جي ترقي ۽ ھن ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو اھم ڪردار ادا ڪندو ٻين جي ڪم ايندو پنهنجي پاڻ مان انھن کي فائدو پھچائڻ ئي اصل ڪاميابي آھي توھان دنيا ۾ آيو پنهنجون خواهشون پوري ڪري ھن دنيا ۾ ھليا ويو ڪنهن لاءِ نه ڪا سھولت ڪئي نه ڪنهن کي ڪو فائدو پھچايو ته يقينن اوھان جي ڪامياب زندگي ناھي گذري معاشري ۾ سٺي طريقي سان اثرانداز ٿيڻ ڪاميابي آھي. جيڪڏھن اڄ اوھان خدا جي مخلوق لاءِ رستا آسان ڪرڻ جو عزم ڪيو ٿا ته يقين ڪيو خدا توھان لاءِ اوھان جي مقصد جي حاصلات لاءِ کوڙ ساريون آسانيون پيدا ڪندو.
ٻين کان رھنمائي وٺو پر پنھنجي ڪاميابي جو فيصلو پنهنجي لاءِ رستو مقرر ڪرڻ , پاڻ کي ڪاميابي جي تڙپ پيدا ڪرڻ توھان کي پاڻ ڪرڻي آھي پنهنجي لاءِ فيصلو پاڻ ڪرڻو آھي پوءِ اوھان دل ۽ دماغ ۾ سڪون سان گڏ ڪاميابي حاصل ڪري سگھو ٿا.


اسان جي زندگيء لاءِ BTS

اسان جي زندگيء لاءِ BTS

مان زندگي ۾ پنهنجا دوست ڏاڍو سوچي سمجھي ٺاھيا آھن منهنجي دوست منهنجي زندگي جي لاءِ درسگاھ مثل آھن مان ھميشا پنهنجي دوستن جون بھترين عادتون پنهنجون ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آھيان زندگي جي ھر ڏينهن کي عظيم سمجھندي گھڻي کان گھڻو سٺي کان سٺو سکڻ جي ڪوشش ڪئي آھي مان زندگي ۾ ڏکيائين وقت پنهنجي دوست سميت انھن سڀني جي عادتن کي پرکيندو آھيان جيڪي ڪامياب ٿيا. مان مشاھدو ڪندو رھندو آھيان ته منهنجي دوستن مان منهنجي زندگي ۾ پنهنجي ڪيل اھا ڪھڙي عادت ۽ اصول آھي جيڪا انھن کي ڪاميابي جي ڏاڪڻ تي چاڙھيندي وئي ۽ ڪھڙين عادتن ان کي نقصان پھچايو ته مان اھي ڪاميابي جا تمام اصول جا تمام اصول پنھنجا ڪرڻ جي ڪوشش ڪيان ۽ سڀ عادتون جيڪي منهنجي ۽ منهنجي زندگي لاءِ ڪاميابي ۾ رڪاوٽ آھن انھن کي ڊائري ۾ لکندو آھيان ڪجهه وقت اڳ کان مان پنهنجي ڪمري ۾ ھڪ چارٽ پيپر ٺاھي لڳايو آھي جنهن ۾ سٺيون ۽ بريون عادتون ۽ اصول شامل آھن.
مان پاڪستان ۽ پاڪستان کان ٻاھر ڪيترن ئي ملڪن جو سفر ڪري چڪو آھيان مختلق قسمن جي ماڻھن سان مليو آھيان کوڙ سارن ماڻھن کي پڙھيو انھن جي ڪاميابين کي پڙھيو مان انھن سڀني مان سکيس ته دنيا ۾ ڪٿي به ڪوبه انسان ڪامياب آھي اھو بھانا ڪندڙ ناھن اوھان کي ڪو به انسان چاھي ڪھڙي اھو دنيا جي ڪھڙي به ڪنڊ کان تعلق رکڻ وارو ھجي . پنهنجي ناڪامين جا بھانا ٻڌائيندي نظر نه ايندوءَ.
مان زندگي ۾ ڪامياب ماڻهن کي ڏسي سکيو آھي ته اھي جيڪي ڪامياب ماڻھو آھن نه اھي جيڪي وڏا ماڻھو آھن انھن جون دليون به وڏيون ھونديون آھن ھي وڏا ماڻھو پنهنجون غلطيون مڃي وٺندا آھن ان کي دل جي گھراين سان تسليم ڪندا آھن اھي ناڪامين تي بھانا ناھن ٺاھيندا پر ناڪامي جو زميوار پاڻ کي سمجھندا آھن.
توھان ٿورو غور ڪيو توھان جي اسڪول ۾ ڪاليج ۾ يونيورسٽي ۾ آفيس ۾ مطلب ته زندگي جي ھر شعبي ۾ ڪنهن به ناڪام انسان کي ڏسندو ته اھو اوھان کي قسمت حالتن ۽ وسيلن جي گھٽتائي تي روئندي نظر ايندو اھڙو شخص پنهنجي غلطي ڪڏهن تسليم نه ڪندو پر ايئن چوندي نظر ايندي ته اگر مونسان ڦلاڻو معاملو پيش نه اچي ھا منهنجا حالات سٺا ھجن ھا مونکي وسيلا ھجن ھا ته مان به ڪامياب ھجان ھا. يقين ڪيو انھن ماڻھن کي اوھان سڀ ڪجهه آئيڊيل به ڏيو تڏهن به ڪامياب نه ٿي سگھندا ان کي پاڻ ڪامل سمجھڻ واري غلطي تسليم نه ڪرڻ واري عادت زندگي ۾ اڳيان وڌڻ ۽ سکڻ کان روڪي ٿي. اھڙن ماڻھن کي پاڻ کي مطئمن ڪرڻ لاءِ بھانا ته کوڙ ھوندا آھن پر پنهنجو پاڻ کي زميوار ڪرڻ جو حوصلو ناهن رکندا.
منهنجو خيال آھي ته دل وڏو ڪرڻ ۽ غلطين کي تسليم ڪرڻ کان پوءِ زندگي ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ھر انسان کي مسلسل حوصلا افزائي جي ضرورت ھوندي آھي. منهنجو خيال آھي ته اسان انسانن کي زندگي ۾ اڳيان وڌڻ لاءِ مسلسل موٽيويشن (Motivation) جي ضرورت ھوندي آھي ھر انسان ڪامياب زندگي جي جدوجھد ۾ پنهنجا سورس آف موٽيويشن Source of motivation کان ڏاڍي ھمت ۽ حوصلو وٺندو آھي. اھا موٽيويشن اسان جي رڪيل بي معنىٰ زندگي ۾ ڪنهن ٽريفڪ پوائنٽ وانگر اثرانداز ٿيندي آھي اوھان جي زندگي کي ڄڻ بدلائي ڇڏيندي آھي.
مان زندگي ۾ بيشمار ڪامياب ماڻھن کي پڙھيو ۽ ٻڌو آھي اوھان اھو ڄاڻيندي حيران ٿيندو ته اڄ ڪاميابي جو جھنڊو ڦڙڪائڻ وارا ماڻھو زندگي جي ان مرحلي مان به گذريا آھن جتي اھي سڀ مايوسين ۽ ناڪامين جو شڪار ھئا ھي وڏا ماڻھو زندگي ۾ ڪڏهن نه ڪڏهن ڪنھن نه ڪنهن مقام تي اسان جيان حالاتن سان مقابلو ڪرڻ جو سوچيندا ھئا انھن جو زندگيو به ڪنهن نه ڪنهن جاء تي بيٺل ھئي پوءِ جيئن انھن کي روشني ملي وئي انھن سڀني ۾ ڪامياب زندگي جي جستجو پيدا ٿي اھي ماڻھو خواب ڏسڻ ۽ انھن کي پورو ڪرڻ جي فڪر ۾ لڳا انھن سڀني ڪامياب ماڻھن زندگي کي ڪاميابي طرف ڪنھن ڌڪو ڏنو ۽ ڌڪو ڏيڻ وارو ڪو ٻيو نه پر سڀني جي پنهنجي پنهنجي موٽيويشن Motivation ھئي انھن موٽيويشن حاصل ڪرڻ جو اھو ذريعو ھو جنھن جي بدولت انھن پاڻ کي اجاريو ۽ ڪامياب زندگي جا حقدار بڻيا.
مان سکيو ته اسان کي زندگي جي ان مسلسل جدوجھد ۾ موٽيويشن جي گھڻي ضرورت پوندي آھي جڏهن اوھان مايوس ٿي وڃي ته ڪو ھجي جيڪو اوھان کي ھمت ڏئي، دلاسو ڏئي، اڳيان وڌڻ ۽ ڪاميابي کي حاصل ڪرڻ جا خواب ڏيکاري. اڪثر ماڻھن جي موٽويشن جو ذريعو انھن جا والدين ھوندا آھن ۽ ڪافي ماڻھو موٽيويشن پنهنجي پسند جي ليکڪن کان وٺندا آھن جنهن ۾ اشفاق احمد صاحب , بانو قديسه ۽ قاسم علي شاھ جھڙا نالا شامل آھن جيڪي اڄ جي نوجوان نسل ۾ تمام گھڻو اڀريل آھن ڪجهه ماڻھو موٽويشن جي لاءِ ڪامياب ماڻھن جون سڪسس اسٽوريز Success stories تي ٺاھيل وڊيوز ڏسندا آھن مطلب ته اڄ جي دور ۾ اوھان کي موٽويشن حاصل ڪرڻ جا کوڙا سارا وسيلا موجود آھن ھر ڪامياب انسان جنھن طريقي سان موٽيويشن جا ذريعا اختيار ڪيا اسان به ان جي نقش قدم تي ھلي ڪاميابي حاصل ڪري سگھون ٿا اسان جيڪڏهن ڪامياب ٿيڻ چاھيون ٿا ته اسان کي زندگي مان موٽيويشن ڪڏهن ختم نه ڪرڻ گھرجي.
مان ڪاليج ۾ بي ڪام B .com جو شاگرد ھئس مان روز گھران اچڻ وڃڻ لاءِ پبلڪ ٽرانسپورٽ استعمال ڪندو ھئس مونکي اڪثر بس انتظار ۾ بس اسٽاپ تي ڪافي وقت بيھڻو پوندو ھو ھڪ ڏينهن معمول موجب گھران نڪري بس اسٽاپ تي بيھي بس جو انتظار ڪري رھيو ھئس ته اسان جو انتھائي قابل استاد محمد عامر صاحب جيڪو اسان کي بزنس ڪميونيڪيشن پڙھائيندو ھو پنهنجي گاڏي ۾ وڃي رھيو ھو ان مونکي ڏسي ڪري گاڏي روڪي ۽ ويھڻ جو اشارو ڪيائين ان سان گڏ ڪاليج تائين اچڻ وقت اسان جي وچ ۾ سليلور ٽاور کان وٺي ڪچھري شروع ٿي ته ڪمپنيون جتي به پنهنجي ٽاور لڳائن ٿيون ته اتي ان زمين جي مالڪ کي لکين روپيا ڪرائي جي چڪر ۾ ڏين ٿيون مان سر کان ڪيو ته ڇا ان ٽاور جي ڪري اسان جي فون ۾ سگنل اچن ٿا؟ سر عامر چيو ته BTS اھڙو ٽاور اھڙو بوسٽر آھي جيڪو سگنلز کي بوسٽ ڪن ٿا ۽ اڳيان انھن کي مضبوط ڪري موڪلي ڪم اينديون آھن جتي ھي ٻئي بوسٽر سان ڳنڍجي Connect ٿينديون آھن ۽ ايئن سگنلز بنا ڪمزوري ھزارين ميل سفر ڪن ٿا.
مونکي استاد جي ان ڳالهه گھري سوچ ۾ وجھي ڇڏيو مونکي سمجھ اچي ويو ته BTS ۽ اسان جي زندگي ۾ موٽويشن ذريعي ٻئي ھڪ جھڙا آھن اسان انسانن کي به ھميشه اھڙن بوسٽرن جي ضرورت ھوندي آھي جڏهن اسان پاڻ کي ڪمزور سمجھي رھيا ھوندا آھيون ته اھي موٽويشن بوسٽر اسان کي بوسٽ ڪري اڳيان وڌڻ جو حوصلو ڏيندا آھن. جيڪڏهن اھي بوسٽر اسان جي زندگي ۾ نه ھجن ته اسان جا خواب اسان جا مقصد سڀ جو سڀ ڪمزور ٿي پنهنجي موت پاڻ مري ويندا آھن ۽ اسان ڪامياب جي حاصلات ۾ ناڪام ٿي ويندا آھيون.
مان اوھان جو ڌيان ھڪ اھڙي علائقي ڏانهن ڪرڻ چاھيان ٿو جنهن جو سفر ڪندو اوھان اھڙو محسوس ڪيو ته آھستي آھستي علائقي ۾ پھچندي اوھان جي موبائيل جا سنگل ٿي وڃن ۽ ھڪ وقت آيو جڏهن سگنل صفا ختم ٿي وڃن سنگل ختم ٿيڻ جو سبب علائقي ۾ BTS ٽاور جي غير موجودگي آھي اسان جي زندگي ۾ موٽويشن کي به اھا اھميت آھي موٽيويشن اسان جي زندگي ۾ اھي مضبوط سگنل وانگر آھن جيڪي جيڪڏهن نه ملن ته اسان جي زندگي جا خواڀ ۽ مقصد آھستي آھستي ڪمزوي ٿي زندگي مان نڪري ويندا آھن ۽ پوءِ اسان ناڪامين سان مقابلو ڪرڻ ۾ لڳي ويندا آھيون.
اسان کي پنهنجي زندگي ۾ موٽويشن ۽ ان بوسٽر جي ڳولا ڪرڻ کپي جيڪا اسان کي مسلسل مضبوط بڻائڻ سان گڏ اسان جا حوصلا بلند ڪري اسان ڪرڻ لڳون ته اسان کي اٿاري اڳيان وڌڻ جي طاقت ڏئي والدين ڪو به خاص دوست ڪو مائٽ ڪو ويڊيو يا ڪو ڪتاب اوھان لاءِ موٽيويشن بڻجي سگھي ٿو بس اوھان کي ان جي تلاش ڪرڻي آھي ۽ اھو اوھان کي ھر ايندڙ ڏينهن مضبوط ڪندي اوھان کي مقصد جي ويجھو ڪندو ويندو.
مونکي ياد آھي ته مان گريجوئيشن کان پوءِ ڪاروبار ۽ ٻين ڪجهه بيشمار سرگرمين ۾ مصروف ٿي ويس ۽ اھو فيصلو ڪري ويٺس ته ھن سال ماسٽرس جي لاءِ وڌيڪ داخلا نه وٺندس ماسٽرس جو ڇاھي ايندڙ سال به ٿي ويندي مان اھو سوچڻ ۾ مصروف ھئس ته ھڪ ڏينھن منهنجو ويجھو دوست ۽ قابل استاد ڊاڪٽر نويدالحسن مونسان ملڻ منهنجي گھر آيو رات جي ماني کائڻ وقت ڳالھين ئي ڳالھين ۾ ان مونکان سوال ڪيو ته علي توھان جي ماسٽرس ڪاٿي پھتي؟ سوال منهنجي لاءِ بنا اميدون رکندڙ ھو ته مان ھڪ لمحي جي لاءِ ٺٺڪي ويس خير ڏاڍي ھمت ڪري ان کي موجوده سال پڙھائي ڇڏي ڏيڻ جو ٻڌايو جنهن تي ان منهنجي بيوقفاڻي فيصلي تي ڪو موچارو سبب پڇيو مان ڳڻيندي 5 سبب ان جي سامھون رکيا ۽ دل ئي دل ۾ پاڻ کي داد ڏيڻ لڳس ان منهنجي سڀني سببن کي ھڪ لمحي ۾ ئي رد ڪندي تمام شفقت ۽ دليلن سان ڪجهه سمجھايو ته مان ايندڙ ڏينهن ئي داخلا لاءِ يونيورسٽي پھتس مونکي ان ڏينهن استاد جي ڪيل اھا BTS واور ڳالهه ٻولھ لفظ به لفظ ياد اچڻ آئي. نويدالحسن منهنجي لاءِ اھو بوسٽر بڻيو جنهن مون کي ھمت ڏني عزم پيدا ڪيو ته مان اھو ڪري سگھان ٿو پڙھائي ڪم سان گڏ به ٿي سگھي ٿي جيئن مان پھريان ڪندو آيو آھيان.
مان الله تعالي جو بيحد شڪرگذار آھيان ته ان مونکي زندگي ۾ ھميشه سٺن ۽ قابل ماڻھن سان ملايو جن نه صرف منهنجي ھمت وڌائي موٽيويشن ڪيو پر منهنجي لاءِ مثال بڻيا ۽ جن کان ھميشه مان کوڙ سارو سکيس اھي ماڻھو آھن جيڪي مونکي ٿڪجڻ ناھن ڏيندا اھي ھميشه "علي تون ڪري ويندي تون ڪري سگھين ٿو You Can do it" چئي ڪري مونکي اڳيان وڌڻ جي طاقت ڏيندا آھن جيئن BTS ٽاور سگنلن کي سٽرينٿ Strengthڏيندا آھن ايئن ئي ھي ماڻھو مونکي ھمت ۽ طاقت ڏيندا آھن. الحمد الله.

ڪامياب زندگي ۾ سٺي سوچ، ماحول ۽ صحبت جي اھميت

ڪامياب زندگي ۾ سٺي سوچ، ماحول ۽ صحبت جي اھميت

نيپولين چوي ٿو ته :
”دنيا ۾ ايترو خزانو زمين مان ناھي نڪتو جيترو انسان پنهنجي ذھن خيالن تصورن ۽ سوچ سان سمنڊ مان حاصل ڪيو آھي.“
حقيقت آھي ته ھر انسان ڪجهه ذھني ۽ تصوراتي حدون رکندو آھي ھڪ عام انسان پاڻ کي انھن حدن جا پابند مڃي وٺندو آھي جڏهن ته ھر ڪامياب انسان ان ڪوشش ۾ ھوندو آھي ته پنهنجي حد کان وڌي ڪري ڪجهه نئون ۽ ڪجهه وڏو سوچي پوءِ ان تي عمل ڪرڻ جي منصوبابندي ڪري سگھي اسان سڀ اھو مڃو ته پاڻ کي چئلينج ڪرڻ انسان کي ڪاميابي جي طرف ڪندو آھي پر ڪامياب ماڻھو ان حقيقت کي نه صرف مڃندا آھن پر ان تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳل ھوندا آھن پاڻ کي بلائڻ ۽ بھتر کان بھتر ڪرڻ وارو ھي عمل ڏسڻ ۾ ته ڏاڍو مشڪل آھي پر ان ڪوشش ۾ انسان پنهنجي عادتن ماحول ۽ سوچ کي ڀلائي گھڻو ڪجهه سکي سگھندو آھي دل مطئمن ڪرڻ سان گڏ اڳيان وڌندو رھندو آھي.
ماحول ۽ عادتن کي بدلائڻ مان ڇا مراد آھي؟
ڪامياب انسان ڪاميابي جي طرف وڌندي پنهنجي ماحول عادت ۽ سوچ کي وسيع ڪندو آھي اھو ڪامياب حاصل ڪرڻ کان پھريان ڪامياب ماڻھن وانگر سوچڻ شروع ڪندو آھي پنهنجي ماحول ۾ ڪامياب ماڻھن جي طريقي سان بدلجڻ جي ڪوشش ڪندو آھي پنهنجي منفي روين کي مثبت روين ۾ بدلائيندي پنهنجي ھر خراب عادت کي ھڪ ھڪ ڪري ڇڏي ڏيندو آھي ۽ ان جي جاء تي ڪامياب ماڻھن جي عادتن کي پنهنجو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آھي.
سقراط وٽ ھڪ شخص آيو ۽ پڇڻ لڳو ته ٻڌايو منهنجو مستقبل ڪيئن ھوندو؟
سقراط ان کي ھڪ ڪاغذ ڏيندي چيو ته ھن تي پنهنجا خيال لکو ان شخص پنهنجا خيال لکي سقراط حوالي ڪيا ته سقراط چيو جھڙا تنهنجا خيال ۽ سوچ آھي ان جي مطابق تنهنجو مستقبل ھوندو.
سٺي ۽ ڪشادي سوچ ھڪ خزاني جيان آھن جيڪا انسان کي مٽي مان سون بڻائي ڇڏيندي آھي. جڏھن ته منفي سوچ انسان جي سون کي به مٽي ۾ بدلائي ڇڏيندي آھي. سٺو ۽ خراب سوچڻ وارا انسان رستي ۾ ايندڙ ڏکيائين کان ناھن ڊڄندا ۽ پاڻ تي يقين رکندي پنهنجي منزل تائين پھچڻ لاءِ بھتري حڪمت عملي قائم ڪندا آھن. جيڪي ماڻھو وڏا خواب ۽ ڪشادي سوچ رکندا آھن انھن کي ڪڏهن به ننڍين ننڍين خواھشن جو غلام نٿو بڻائي سگھجي نه ئي انھن کي زندگي ۾ مشڪلات کان ڊيڄاري منزل طرف وڌڻ کان روڪي سگھجي ٿو.

ڪامياب ماڻھن جيان ماحول ٺاھڻ مطلب مطالعو وڌائي ڪشادو ڪرڻ موٽيويشنل ليڪچر ۽ ڪامياب ماڻھن جو سڪسس اسٽوريز پڙھڻ / ٻڌڻ سٺي سوچ رکڻ واري وڏا خواب رکڻ وارو ڪامياب يا ڪاميابي ڏانهن وڌندڙ سان رابطا قائم ڪرڻ پاڻ ۾ پنهنجي صلاحيتن جي بنياد تي اسڪل ڊولپميٽ (Skill Development) ڪرڻ شامل آھي.
ڪاميابي طرف وڌڻ لاءِ خراب عادتن کي ڇڏي سٺيون عادتن پاڻ ضم ڪرڻ ضروري آھي ڪامياب ماڻهن جي زندگي مثال طور پاڻ تي يقين ڪرڻ زندگي کي سادو ڪرڻ معاملن تي برابري ڪرڻ اڄ جو جيئڻ، ڳالهيون ڪرڻ بدران ڪري ڏيکارڻ تي يقين ڪرڻ سوچي سمجھي فيصلو ڪرڻ ۽ فيصلو ڪرڻ وقت پرعزم رھڻ نيون شيون سکڻ لاءِ ھر وقت تيار رھڻ تڪڙ بدران صبر اختيار ڪرڻ شڪر جي عادت ۽ ڪنهن جي گلا ڪرڻ کان پري رھڻ ۽ ھمت نه ھارڻ وغيره شامل آھي.
اسان وٽ اڪثر ماڻھو پاڻ کي سياڻو سمجھندا آھن ۽ انھن جي اھا غلط فھمي تڏهن نڪرندي آھي جڏهن اھو حد کان وڌي پاڻ کان وڌيڪ سياڻي شخص سان ملندو آھي پنهنجي ذات مان ٻاھر نڪري جڏهن ماڻھن سان ملندا آھيون ته اسان کي اندازو ٿيندو آھي ته اسان ڪجهه به ناھيون.زندگي ۾ ڏاڍو پويان رھجي ويل آھيون اسان خوش فھمي جي شڪار ٿي ڪري لاڳاتار پنهنجو وقت ۽ طاقت فضول ڪمن ۾ ضايع ڪري رھيا آھيون. دنيا ڏاڍي وڏي ۽ گھڻي طاقتور آھي. ان ۾ ڪاميابي سان رھڻ لاءِ مسلسل جدوجھد جي ضرورت آھي.
توھان سڀني ڏيڏر جي اھا ڪھاڻي ٻڌي ھوندي جيڪو کوھ ۾ پيدا ٿيندي ۽ اتي رھندي پاڻ کي وڏو بھادر ۽ سٺو حڪمران سمجھندو آھي. ھڪ ڏينهن اچانڪ پاڻي ڀرجڻ لاءِ آيل بالٽي ذريعي جڏهن ٻاھر نڪري ٿو ته ان کي پاڻ ڏاڍو ننڍو ھوندي محسوس ٿئي ٿو ان تي زندگي جي حقيقت کلندي آھي پنهنجو پاڻ کي سڀ کان وڌيڪ انمول سمجھي ويھڻ وارو ڏاڍو پويان رھجي ويندو آھي جڏهن ته دنيا تيزي سان اڳيان نڪري ويندي آھي اسان انسانن جو به اھوئي حال آھي اسان سان به ايئن ئي ٿيندو آھي اسان زندگي ۾ ننڍين ننڍين شين کي اختياري ڪرڻ محنت ڪرڻ ڇڏي ڏيندا آھيون اسان جو سوچ ۽ خيال ناڪام ماڻھن جيان ٿي ويندي آھي ڪا عام نوڪري ملندي آھي ته پاڻ کي گھڻو ڪجهه سمجھي ٻن ويلن جي ماني ڪمائڻ لاءِ پوري زندگي گذاري ڇڏيندا آھيون اسان خواب ڏسڻ ۽ وڏو سوچڻ ڇڏي ڏيندا آھيون ۽ اھا ئي غلطي ھوندي آھي جيڪا مايوسي کي پنهنجي ڳيچي جو ھار ٺاھي ڇڏيندي آھي ۽ ايئن ناڪامي اسان جو مقدر بڻجي ويندي آھي.
ٻي وڏي غلطي اھا ڪندا آھيون ته مايوسي ۽ منفي سوچ رکڻ وارن سان رابطا قائم ڪندي دوستي اڃا وڌيڪ مضبوط ڪندا آھيون اھڙا ماڻھو پاڻ ته ڪامياب ناهن ٿيندا پر اسان کي به پورو پورو يقين ڏياريندا آھن ته دراصل ڪامياب ڪجهه ناهي ھوندي. اھا ته بس مقدر جي ڳالهه آھي محنت ڪرڻ سان آخر ڪنهن کي ڇا ٿو ملي سگھي انسان کي نوڪري ملي وڃي ٻن ويلن جي ماني جو بندوبست ٿي وڃي بس اھو ئي ڪافي آهي پاڻ تي وڌيڪ بار وجھڻ جي ڪا ضرورت ناهي .
ان معاملي ۾ ٽئين وڏي غلطي اسان جو انھن سڀني ڳالھين تي يقين ڪرڻ آھي ماڻھن جي ڳالھين ۾ اچي اسان پاڻ کي جڏهن اھا آٿت ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا آھيون ته سچ ۾ ڪاميابي ڪجهه ناھي ھوندي اھا بس مقدر جي راند ھوندي آ ان ڏينهن اسان ھارائي ويندا آھيون ۽ ناڪامي کي تسليم ڪري وٺندا آھيون اھي خيال ۽ سوچ اسان تي ايتري ته ڪنٽرول ڪري وٺندي آھي جو اسان کي ھر شي ڪوڙ ٺڳي ۽ دنيا جون ڳالھيون لڳنديون آھن.
مان جيڪڏهن پنهنجي ڳالهه ڪيان ته منهنجي زندگي ۾ به ھڪ وقت اھڙو آيو ھو جڏهن ڪاميابي مونکي ڪنهن ٻئي دنيا جي شي لڳندي ھئي مون کي خواب ڏسڻ جي سٺي ھڪ اھا عادت ھئي جنهن مونکي آھستي آھستي ڪاميابي تي يقين ڏيارڻ شروع ڪيو ته ڪاميابي سچ ۾ جيڪڏهن ڏاڍي ڏکي شي آھي ۽ صرف مقدر جي ڳالهه آھي ته اھي ماڻهو جيڪي محنت ڪندا آھن ۽ ڪامياب ٿي ويندا آھن اھڙا ڪھڙا ماڻهو ھوندا آھن؟ ڪٿان مونکي اھي ٻڌڻ لاءِ مليو ته دنيا جي ڪامياب ماڻهو پنهنجو ننڍپڻ ۾ ڪافي مسئلن ۽ غربت جو شڪار ھئا اڪثر ته اھڙا ھئا جن لاءِ اسڪول ۾ داخلا وٺڻ به ڏکيو ھو بس اھا ڳالهه ٻڌي ڪري مونکان مايوسيون تڙجي ويون. ان ھڪڙي لمحي ۾ مان پاڻ کي بلڪل مختلف سمجھو بس ان ڏينهن کان پوءِ مان ڪامياب ماڻھن جي زندگين جو سڪسس اسٽوريز پڙھڻ لڳس اسلامي تاريخ ۽ حڪمرانن جي دل موھي وجھڻ وارا واقعا تاريخ جي مشهور شخصيتن جا داستان موجوده دور جي مشھور شخصيتن جا ڪردار بل گيٽس سٽيوجابز سپيلبرگ البرٽ ائنسٽائن، مائيڪل جورڊان، ابراھيم لنڪن ۽ اسٽيفن ڪنگ سميت دنيا جي ڪيترن ئي ڪامياب ماڻھن کي پڙھيم ھر ڪھاڻيء مونکي عجيب اميد ۽ طاقت عطا ڪئي. مان حيران ٿيندو ھئس ته اھي سڀ ماڻهو ايترن ڏکيائين کان پوءِ به ڪامياب ٿي سگھن ٿا ته تاريخ ۾ پنهنجو نالو شامل ڪرائي سگھن ٿا ته مان ڇو نه ؟ اھو جذبو مونکي ڳوٺ کان اسلام آباد وٺي آيو اتي مان نون ماڻھن سان مليس پنهنجو پاڻ کي انھن جي صحبت ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳس جيڪي محنت اختيار ڪندي ڪاميابي تي يقين رکندا ھئا ھر ويندڙ ڏينهن منهنجي يقين کي پختو ڪندو ويو ته ھر انسان ڪامياب ٿي سگھي ٿو ڪاميابي ۽ ناڪامي انسان جي پنهنجي ھٿ ۾ ھوندي آھي ۽ ھي فيصلو ان کي پاڻ ڪرڻو پوندو آھي ته ڇا ٿيڻ چاھي ٿو؟ ان سوچ سان گڏ جيڪڏهن ھر انسان جو ماحول اٿڻ ويھڻ ۽ دوستي به جيڪڏهن باھمت ماڻھو سان ٿي وڃي ته انسان ڏکيائين کان گھٻرائڻ ڇڏي ڏيندو آھي. ان ۾ ڪاميابي ۽ حوصلو پيدا ٿي ويندو آھي ته جيڪا ان کي ڪامياب ڪري ساھ کڻندي آھي سٺي صحبت ان لاءِ ته نعمت آھي. الله رب العزت فرمائي ٿو ته :
ترجمو : مسلمانو! الله کان ڊڄندا رھو ۽ سچن ماڻهن سان گڏ رھو.
سورت التوبه آيت 113
انھي طرح سٺي صحبت جي حوالي سان ھن شعر آھي ته
اہل را صحبت نا اہل زیادہ بار دارد
آب در کوزہ ناپختہ گل الود شود
ترجمو : لائق ماڻهن لاءِ نالائقن جي صحبت ۾ ڪيترائي نقصان آھن ڪچي ۽ غيرپختي مٽي جي پيالي ۾ پاڻي مٽي ۾ آلودو ٿي ويندو آھي.
ڪاميابي اختيار ڪرڻ لاءِ مان پنهنجي صحبت تي گھڻو ڌيان ڏنو منهنجو مزاج ۾ مائٽن ۽ اٿڻ ويھڻ مايوس ڪندڙ ماڻھن کان وڌيڪ محنت ڪرڻ وارن پرعزم ماڻھن ۾ تبديل ٿيو منھنجي ان سفر ۾ منهنجي ڳوٺن جي ڪجهه اھڙا ساٿي به شامل ھئا جن ھميشه مونکي ھمت ۽ حوصلو ڏنو انسان جي صحبت ان کي بدلائي ڇڏڻ جھڙي طاقت رکندي آھي. سٺي ۽ نيڪ سنگت رکڻ انسان جي زندگي ۽ آخرت ٻئي سنواري ڇڏيندي آھي. اسلام آباد ۾ رھندي مونکي ان ڳالهه جو ڀرپور اندازو ٿيو ته منهنجون کوڙ خراب عادتون ختم ٿيڻ لڳيون ھيون ڪجهه ئي وقت ۾ سوچ بلڪل بدلجي وئي ھئي مان پاڻ جھڙن ئي ماڻهن جي زندگي مان سکڻ جي ڪوشش ڪندو ھئس. ۽ پاڻ ھر ايندڙ ڏينهن پھريان کان بھتر ڪرڻ ۾ مصروف ھوندو ھئس. پاڻ کي بھتر کان بھتر بڻائڻ واري عادت اڄ به منهنجي زندگي جو اھم ترين حصو آھي.
مان سمجھان ٿو ته دنيا ۾ موجود ھر انسان ڪامياب ٿيڻ لاءِ پنهنجي سوچ پنهنجي عادت پنهنجو ماحول ۽ پنهنجي صحبت تي ڪم ڪرڻ ۽ ان کي بھتر بڻائڻ جي ضرورت آھي. جيسيتائين منفي سوچ وارن ماڻھن سان گڏ ھونداسين تيسيتائين اسان پنهنجي سوچ بھتر نٿا ڪري سگھون اسان ان قابل نٿا ٿي سگھون ته خراب عادتون ڦٽو ڪري سٺيون عادتون حاصل ڪيون . منهنجو ذاتي تجربو آھي ته ڪاميابي جي ھن سفر ۾ ڏکيائي چاھي ڪيتري به ھجي. پاڻ کي مضبوط رکي اسان ڪامياب ٿي سگھون ٿا پنهنجي لاءِ ھمت اسان کي اسان جي آس پاس جي ماڻھن جي ڪمپني مان ملندي آھي.
مان ھميشه اھا صلاح ڏيندو آھيان ته پاڻ انھن ماڻھن سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪيو جيڪي اوھان جي ھمت سڃاڻي سگھن جيڪي پاڻ قابل ھجن ۽ اوھان جي قابليت تي به يقين رکن وارا ھجن انھن ماڻھن جي موجودگي ۾ انسان وڏيون وڏيون مصبيتون به مسڪرائيندي پيار ڪندو آھي ۽ ڪاميابي پنهنجو مقدر بڻائيندو آھي اسان کي مسلمان جي حيثيت سان اسان کي دين به چڱي سنگت جي ھدايت ڪري ٿو.
اسان جو نبي ڪريم صه فرمائي ٿو ته :
ماڻھو پنهنجي دوست جي رويي تي ھوندو آھي پر توھان مان ھر ھڪ کي ڏسڻ گھرجي ته اھو ڪنهن سان دوستي ڪري ٿو. (ابوداوءد)
اھڙي طرح ھڪ ٻي جاء تي سٺي ۽ بري صحبت کي سمجھائيدي فرمائن ٿا ته .
سٺي ۽ بري دوست جو مثال ڪستوري کڻڻ واري ۽ ڀٽي کڻڻ واري وانگر آھي .ڪستوري کڻڻ وارو يا ته اوھان کي سوکڙي خوشبو ڏيندو يا ان کي اوھان خريد ڪري وٺندو يا گھٽ ۾ گھٽ سٺي خوشبو حاصل ڪري وٺندو جڏهن ته ڀٽي کڻڻ وارو اوھان جا ڪپڙا ساڙي ڇڏيندو يا اوھان گھٽ ۾ گھٽ ان مان بدبو محسوس ڪندو. (متفق عليه)
انھن ٻنھي ارشادن مان اسان اساني سان سٺي ۽ بري صحبت کي سمجھي سگھون ٿا ڪامياب ماڻھو ٻين کي به ڪامياب ڏسڻ چاھيندا آھي ان لاءِ انھن جي صحبت ھر حال ۾ اسان لاءِ فائديمند ھوندي آھي جڏهن ته زندگي مان مايوس ناڪام انسان نه پاڻ ڪجهه ڪري سگھندا آھن نه ئي ڪنهن ٻئي کي ڪامياب ڏسڻ چاھيندا آھن اھڙن ماڻھن جي صحبت ۾ رھندي اسان پنهنجي صلاحيتن کان بيخبر ھوندا آھيون ۽ پنهنجو پورو وقت اھڙن ماڻھن جي ھروڀرو تنقيد ڪندي ضايع ڪندا آھيون.
ڪامياب زندگي جي رستي جھڙن اصولن مان ھڪ اصول پاڻ کي مثبت ۽ محبت وارن ماڻھن جي وچ ۾ رکندو آھي.

ڪامياب ماڻهو اعصاب جا مالڪ هوندا آهن

ڪامياب ماڻهو اعصاب جا مالڪ هوندا آهن

هڪ چيني چوڻي آهي ته : ”جيڪڏهن توهان جو ذهن مضبوط آهي ته سڀ شيون آسان ٿي وينديون، پر جيڪڏهن ذهن ڪمزور آهي ته سڀ آسان شيون به مشڪل ٿي وينديون.“
هيءُ زندگيءَ جو اصول آهي. هتي ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ انسان کي پنهنجي دل وڏي ڪرڻي پوندي آهي ۽ پنهنجي جذبات کي قابو ڪرڻ سکڻو پوندو آهي جيڪڏهن انسان جي دل ڪمزور اعصاب جي مالڪ هجي ته ان جي لاءِ ڪاميابي جي سفر کي مستقل مزاجي سان طئي ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو معاملو آهي حساس ماڻهو جيڪي ماڻهن جي ڳالهين تي اٽڪي ويهندا آهن انهن جي لاءِ وڏن خوابن تي يقين ڪرڻ ۽ پوءِ ان جي لاءِ جدوجهد ڪرڻ ناممڪن ٿي ويندو آهي پنهنجي جذبات تي ڪنٽرول نه ڪرڻ سبب اسان ماڻهن جي ڳالهين تي ضرورت کان وڌيڪ متاثر ٿي ويندا آهيون. جيڪا اسان جي ناڪامي جو سبب بڻجي ويندي آهي اڪثر ماڻهن ۾ ڪجهه ڪرڻ جي جستجو ته هوندي آهي پر ماڻهن جا تبصرا ۽ ڳالهيون انهن کي ڪمزور ڪري ڇڏينديون آهن جنهن جي ڪري سولو ڪم به ڏکئي ۾ ڏکيو ڪم لڳندو آهي .
جيڪي ماڻهو ذهني ۽ اعصابي حوالي سان مضبوط هوندا آهن اهي زندگي جي وڏين وڏين مصيبتن سان مقابلو آساني سان ڪري ويندا آهن اهي پنهنجا سڀ ذاتي ۽ ڪاروباري معاملا سهڻي ظريقي سان هلائيندا آهن ۽ جيڪڏهن ڪڏهن انهن ئي مصيبتن کي منهن ڏيڻو به پيو ته انهن جي همت ۽ حوصلو انهن کي مصيبت مان ڪڍڻ مان ڪڍڻ لا۽ ڪافي هوندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو مضبوط اعصاب وارا ماڻهو زندگي جي وڏين وڏين مصيبتن کي همت ۽ جذبي سان روڪي وٺندا آهن.جڏهن ته ان جي برخلاف ڪمزور اعصاب جا مالڪ هڪ ئي صدمي کي وساري ناهن سگهندا ۽ ان کي دل سان لڳائي سڄي زندگي روئندي گذاري ڇڏيندا آهن. چيو ويندو آهي ته :
“ويسر جي بيماري به هڪ نعمت آهي“
بيشڪ جيڪي ماڻهو مشڪل يا ڪنهن پريشاني کي همت سان قابو ڪري، حادثن کان سکي ڪري، ان سان مقابلو ڪري اڳيان وڌي ويندا آهن ۽ ان کي وقت سان گڏ وساري ڇڏيندا آهن ته اهي زندگي ۾ وڌيڪ باهمت ۽ پر اعتماد شخصيت طور سڃاتا ويندا آهن. انسانن جا مزاج ۽ رويا انهن جي ذهني عڪاسي ڪندا آهن جيڪي ماڻهو اعصابي ڪمزوري کي ڪري ڏک ۾ وٺجي ويندا آهن. ۽ وقت به وقت انهن کي ياد ڪندا آهن انهن جي زندگي اتي ختم ٿي ويندي آهي. هي پنهنجي خيالي دنيا ۾ هڪ ننڍڙِ پريشاني کي به پهاڙ جيڏو سمجهي پنهنجو سڪون تباهه ڪري ويهندا آهن..
لفظ ”ڪاميابي“ سان هڪ خوبصورت قول ياد اچي ٿو ته:
” هڪ ڪا مياب انسان پاڻ تي اڇلائي ويندڙ سِرَ ۽ پٿر سان هڪ مضبوط قلعو تعمير ڪري وٺندو آهي ۽ پنهنجي ڪاميابي جو جشن ملهائيندو آهي جڏهن ته گھٽ همت ۽ بزدل انسان پاڻ تي اڇلائي ويندڙ سِرَ ۽ پٿر (سنگ وخشت) سان بوکلائجي ويندا آهن.
مان سمجهان ٿو ته هي ننڍي ڳاله ته جنهن به انسان هي ڳاله سمجھي ڇڏي ته ان جي لاءِ سڀ ڏکيائيون سولايون ٿي وينديون آهن. ۽ ان جو حوصلو وڌيڪ ٿي ويندو آهن جو ان کي ذهني طور تي مضبوط ڪري بلندين تائين پهچائي ڇڏينداآهن ۽ جيڪو انسان ان حقيقت کان منهن موڙِ يا ڊڄي وڃي ته اهو زندگي ۽ مصيبتن کان هارائي ڪري بس ناڪامي ۽ مايوسين جي ڪشمڪش ۾ ڦاسي پوندو آهي.
شيلڊن جي پيدائش هڪ غريب ٽيڪسي ڊرائيور جي گھر ۾ ٿي ۽ ان جو ننڍپڻ ان جي والدين لاءِ حيران ڪندڙ هو خدا انهن کي هڪ اهڙو ٻار عظا ڪيو جنهن ۾ کوڙ ساريون خاصتيون همت، حوصلو، بهادري، خطرن ۾ کيڏندڙ شخصيت جو مالڪ هو. شِلڊن جي خوبي اها هئي ته اهو ناڪامي مان گھٻرائڻ بدران ان مان سکندو اڳيان وڌندو ويندو هو.
12 سالن جي عمر ۾ شيلڊن پنهن ڪاروبار جو آغاز ڪيو ڪاروباري لحاظ کان پيسا تمام ٿورڙا هئا ان ڏکي حالت مان نڪرڻ لاءِ شيلڊن پنهنجي چاچي کان 200 ڊالر اڌارا ورتا ۽ انهن پئسن مان اخبار فروشي جو لائيسنس خريد ڪيو شِلڊن روز صبح جو اٿي سائيڪل تي اخبارون کڻي انهن کي ماڻهن جي گھر پهچائي پوءِ اسڪول ويندو هو. 4 سالن تائين باقدگي سان اهو سڀ هلندو رهيو پر شيلڊن کي پنهنجي ڪم ۾ ڪنهن خاص ترقي جا آثار نظر نه آيا. ان ڪري شيلڊن وقت ضايع ڪرڻ بدران ٽافيون ٺاهڻ واري ميشين جي خريدوفروخت شروع ڪئي. وقت سان گڏ هن اهو احساس ٿيڻ لڳو ته بزنس لاءِ تعليم حاصل ڪرڻ ڏاڍو ضروري آهي بزنس شيلڊن جي رڳن ۾ رت جيان ڊوڙندو هو ايتري ۾ هن تعيلم سان گڏ پرس ۽ بيگ جي خريد وفروخت شروع ڪئي توهان ان کي شيلڊن خوبي يا عيب چئو ته هي جنهن شي ۾ فائدو ڏسندو هو پهرئين ڪم کي ڇڏي ان جي طرف وڌڻ لڳندو هو.
1960ع ۾ هن هن هڪ چارٽڙ ٽورز بزنس شروع ڪيو. کوڙ ماڻهن کيس ان بزنس ۾ کيڏڻ کان منع ڪيو پر هي رسڪ کڻڻ جو عادي منع ڪرڻ باوجود نه رڪيو.ٽورزام جي بزنس کان پهرريان کيس هڪ ڪم ۾ ناڪامي جو منهن ڏسڻو پيو پر شيلڊن جي نظر ۾ اها ناڪامي نه هئي پر اها هڪ رڪاوٽ هئي جيڪا رستي ۾ ايندي ۽ موٽي ويندي هئي. ٽورزم جو بزنس شيلڊن کي راس اچي ويو۽ ان جي ڪاروبار کيس ڪجهه سالن ۾ لکين روپين جو مالڪ بڻائي ڇڏيو.
شيلڊن جي 30 سالن جي زندگي جو جائزو ورتو وڃي ته ان ۾ بيشمار جدوجهد نظر اچي ٿي. هر ايندڙ ڏينهن لاهي چاڙهن سان قدم قدم تي ناڪامي کي منهن ڏيڻ باوجود هن همت نه هاري.شليڊن پنهنجي ڪاروباري زندگي ۾ لڳ ڀڳ 50 ڪاروبار ڪيا. هر ڏينهن رسڪ کنيو،ٿڪيو نه،رڪيو نه، بس وڌندڳ ويو ۽ ڪامياب ٿي ويو . ڪهاڻي جو حاصل مقصد اهو آهي ته جيڪڏهن توهان به ڪامياب ڪاروبار جو خواب ڏسو ٿا ته رسڪ کڻُو، محنت ڪيو، ۽ پنهنجي دل کي وڏو ڪندي اڳيان وڏي وڃو، ڪاميابي اوهان جي انتظار ۾ آهي.

منصوبابندي (Planing)جي اھميت

منصوبابندي (Planing)جي اھميت

ہے عمل لازمی تکمیل تمنا کے لیے
ورنہ رنگین خیالات سے کیا ہوتا ہے ؟

انسان جو پنهنجي ڪمن ۽ پنهنجي مقصد جي سرگرمين کي نظم و ضبط سان سرانجام ڏيڻ کي منصوبابندي چئبو آھي منصوبابندي ڪنهن به فرد يا قوم جي ترقي ۽ ڪاميابي لاء ڪرنگھي جي ھڏي جيتري اھميت رکندي آهي انسان جي زندگي ۾ جيڪڏهن معاملن کي چڱي طرح منصوبابندي نه ڪئي وڃي ته ان کي نه رڳو گھڻين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو آھي پر اڪثر ان جو انجام ناڪامي جي صورت ۾ ظاھر ٿيندو آھي. جيڪو ماڻهو مستقبل لاءِ بھترين منصوبابندي ڪري رکندا آھن ته اھي کوڙ سارين ڏکيائين کان بچڻ سان گڏ پنهنجي قيمتي وقت به ضايع ٿيڻ کان بچائي وٺندا آھن مستقبل لاءِ بھترين تياري ھڪ اھڙي عادت آھي جيڪا انسانن کي ڪاميابي ۽ ناڪامي تائين وٺي وڃڻ ۾ اھن ڪردار ادا ڪندي آھي.ڪير آھي جيڪو ڪامياب نٿو ٿيڻ چاھي؟ ڪاميابي پنهنجي مقصدن کي حاصل ڪرڻ جو نالو آھي مقصدن جي حاصلات لاءِ منصوبابندي تمام گھڻي ضروري آھي. منصوبابندي سان انسان پنهنجي مقصدن کي سھڻي طريقي سان فرصت حاصل ڪري وٺندو آھي ۽ انسان جي زندگي ۾ ان جا بھتريناثر مرتب ٿيندا آھن زندگي ۾ مسلسل اڳيان وڌي رھڻ لاءِ انسان جي پنهنجي مقصد ۽ ارادن ۾ واضع ٿيڻ ڏاڍو ضروري آھي. ڇو ته ان کان بغير زندگي بي معنيٰ ٿي ويندي آھي مان سمجھان ٿو ته پنهنجي مقصد کي مقرر ڪرڻ ۽ پنهنجي ارادن جي تڪميل کان وڌيڪ اھم منصوبابندي جو عمل آھي توھان کي ھڪ ڪامياب زندگي گذارڻ جي لاءِ ھر قدم کان پھريان منصوبابندي ڪرڻي پوندي توھان جي نوڪري ڪاروبار حالتون ۽ خانداني معاملن سڀ جو سڀ توھان جي پلاننگ جو حصو ٿيڻ چاھي.
حضرت علي ڪرم الله وجه جو قول آھي ته : مقصدن تائين پھچڻ جي لاءِ وسيلا ۽ ذريعا ھجڻ کان پھريان منصوبابندي ۾ وقت ۽ نفسايت کي اھميت آھي.
منصوبابندي تحت ئي ڪامياب انسان سڀئي موجود وسيلن سان وقت سر ۽ بھترين فائدو حاصل ڪري سگھي ٿو پلاننگ جو سڀ کان وڏو فائدو ته ھي آھي وقت سان گڏوگڏ انسان ۾ بھترين عادتون پيدا ٿي وينديون آھن جيڪي زندگي جي مختلف معاملن ۾ انسان کي فائدو ڏيندا آھن. انسان منصوبابندي جي ڪري پنهنجو وقت بچائي ٻين ماڻھن جي بنسبت وڌيڪ سٺو ۽ معياري ڪم ڪري سگھندو آھي.
اھا ھڪ حقيقت آھي ته زندگي ۾ ھر انسان کي ڪنهن نه ڪنهن مقام تي ناڪامي جي سامھون ٿيڻو پوندو آھي. دنيا ۾ موجود تمام ڪامياب ماڻھو ناڪامين سان مقابلو ڪندا رھيا بھترين منصوبابندي جي باوجود ڪن وقتن ۾ انسان کي ناڪامي کي منهن ڏيڻو پوندو آھي.ان ۾ ڪامياب ماڻھو جي لاءِ ناڪامي به ڪاميابي جو اھم حصو ھوندي آھي جنهن مان سکي ڪري اھو اوھان کي بھتر بڻائيندي زندگي جي ڊوڙ ۾ اڳيان وڌي ويندو آھي.
ڪنفيوشس ۾ مشھور قول آھي ته
Our Greatest Glory is not, in Never Falling but in Raising every time we Fall"
اسان جي عظمت انھن ۾ ناھي جو اسان ڪڏهن به نه ڪرون پر ڪري ڪري ھر دفعي کان وڌيڪ مضبوط ٿيڻ ۾ آھي.
جيڪڏهن انسان محنت ۽ بھترين منصوبابندي جي باوجود به وقتي طور تي ناڪامي جو شڪار ٿي وڃي ته ان کي پاڻ کي ڪمزور سمجھڻ جي بدران ناڪامي جي سببن تي غور ڪيو گھرجي. معاملا چاھي ڪھڙا به ھجن ناڪامي اڪثر وقت ذھني دٻاء غلط فيصلا ۽ جذبن جي گھٽتائي جي ڪري سامھون ايندي آھي. اھڙي ناڪامي ھمت ۽ محنت ڇڏي ڏيڻ جو انجام مستقل ناڪامي ۽ رسوائي ھوندو آھي.
ڪاميابي جي لاءِ پنهنجو ھدف Goal مقرر ڪرڻ لازمي آھي ھدف جو مقرر ڪرڻ انسان کي ڪاميابي جي عمل لاءِ منصوبابندي ۾ مدد ڪندو آھي منصوبابندي کان علاوه اھڙو ڪوبه طريقو ناهي جيڪو اوھان کي اوھان جي صلاحيت کي نروار ڪرائيندي ڪاميابي تائين وٺي وڃي. جيڪڏهن مان چوان ته انسان جي زندگي جا سڀ ڪم ۽ ھدف ھڪ خاص طريقي سان ترتيبوار ھلندا آھن ته اھو به ڄاڻڻو پوندو ته زندگي ۾ گھر جي صفائي سٺرائي کان وٺي ڪاروبار جي ترقي تائين انسان جو ھر عمل ھڪ خاص ترتيب تي ھوندو آھي وڏن وڏن ھدفن تائين پھچڻ جي لاءِ انسان کي ننڍن ننڍن مرحلن مان گذرڻو پوندو آھي جيڪڏهن انسان ان مرحلي بغير منصوبابندي جي اڳيان سوچي ته ان کي وقت جي ضايع ٿيڻ جو شڪار ٿي ويندو آھي ۽ اھڙو وقت حالتون ۽ وقتي ناڪامي ان جي رستي ۾ رڪاوٽ بڻجي بيھي رھندي آھي توھان جڏهن پنهنجي منزل مقرر ڪرڻ کان پوءِ جڏهن عملي منصوبابندي ۽ ان جي سڀني مرحلن جي شروعات ۽ خاتمي جي باري ۾ سوچي سمجھي پنهنجي سفر جو آغاز ڪندا آھيو ته توھان پاڻ جھڙي ئي ڪنهن ٻئي ماڻھو جي ڀيٽ ۾ بھترين طريقي سان جلد ئي پنهنجي منزل کي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا آھيو.
عملي منصوبابندي جي ڀروسي تي منهنجو مشاھدو آھي ته اسان کي پنهنجي ھدف (Goal) پنهنجي زندگي جو مقصد ٺاھڻ گھرجي ۽ ان باري ۾ واضع طريقي سان ھڪ ھڪ ڏينهن جي منصوبابندد ڪري خاتمي جو وقت مقرر ڪرڻ گھرجي ھي ھڪ اھڙو خاص آھي جيڪو انسان کي پنهنجي پنهنجي مقصد تائين پھچائن ۾ مددگار ثابت ٿيندو آھي ۽ انسان کي پنهنجي منزل جي حاصلتن ۾ ايندڙ ڏکيائين کي طاقت ۽ ھمت ڏيندو آھي.
مان ڪامياب ماڻھن جي ھڪ لسٽ ٺاھي جڏهن مان ان تي غور ڪيو ته خبر پئي دنيا جي ھر شعبي ۾ سان تعلق رکندڙ ڪامياب ماڻھو ۾ تحريري منصوبابندي جي عادت آھي ڪامياب ماڻھو پوءِ ڪنهن به علائقي سان شعبي سان تعلق رکندو ھجي ان کي پنهنجي معاملن جي باري ۾ بھترين ۽ تفصيلي انداز ۾ ڪيل تحريري منصوبابنديء زندگي جي ھر قدم کان احتياط ڪندي ڪامياب جي ڪناري پھچايو آھي. اسان جي پلاننگ تي خرچ ڪيل ھڪ ھڪ منٽ عمل ڪندي ڏھ،ڏھ منٽ بچائڻ ۾ ڪم ايندا آھن ڪم جي آغاز کان پھريان ڪئي ويندڙ منصوبابندي تي خرچ ڪيل وقت انسان کي ڪاميابي جي حوالي سان پنهنجو قيمتي وقت, پيسا ۽ طاقت محفوظ ڪرڻ ۾ مدد ڪندو آھي ان لاءِ چيو ويندو آھي ته :
منصوبابندي تياري ڪرڻ ۾ ناڪامي منصوبي جي ناڪامي آھي.
ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ناھي ته منصوبابندي جي گھٽتائي پنهنجو پاڻ ۾ ئي وڏي ناڪامي آھي جيڪي ماڻهو عمل جي دوران منصوبو ڪندا آھن انھن کي بار بار غلطيون پئسن ۽ وقت جو پڻ ضايع ٿيڻ کان سواء ڪجهه ناهي ملندو وقت کان پھريان ڪيل جامع منصوبابندي ۾ ئي انسان جي ڪاميابي لڪيل آھي.
منصوبابندي حوالي سان ھيٺ ڏنل ڪجهه نقطا فائدي مند آھن.
1. سٺي منصوبابندي انسان کي فڪر کان آزاد ڪري ڇڏيندي آھي انسان ايندڙ وقت ۾ غلطين کان آگاھ ٿي ان کي بھتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آھي.
2. منصوبابندي انسان جي سوچ ۽ خيالن ۾ منظم رکڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي آھي.
3. بھترين پلاننگ جي لاءِ اوھان ٽائيم ھوندي پنهنجي منصوبي مان غلطيون ڪڍڻ ۾ ڪامياب ويندو ۽ وري ان کي سھڻي نموني منصوبابندي جي قابل ٿيو ٿا.
4. ڪشادو منصوبو توھان جو گھربل ھدف سوچ ويچار ۽ معاملي جي گھراين کي پرکڻ جي عادت وجھندو انسان جي اھا ئي عادت پوءِ کوڙ سارو وقت ۽ محنت ذيان ٿيڻ کان بچائيندي آھي.
5. مناسب منصوبابندي سان انسان پنهنجو سالن جو ڪم مھينن ۾ مھينن جو ڪم ھفتن ۾ ھفتن جو ڪم ڏينهن ۾ ۽ ڏينھن ڪم ڪلاڪن ۾ ڪرڻ جي قابل ٿيندو آھي ۽ انھي دوران غلطيون نه ٿيڻ جو به امڪان ھوندو آھي
6. .بھترين پلاننگ اوھان کي وقت کان پھريان انھن سڀني موقعن کان باخبر ڪندو آھي جنهن مان اوھان فائدو حاصل ڪري سگھو ۽ اھڙي طرح انسان جي ڪاميابي جا امڪان ڪافي حد تائين وڌي ويندا آھن.
7. سھڻي ۽ ڪشادي منصوبابندي اوھان کي قابل بڻائيندي آھي ته اوھان پنهنجو وقت پيسا ۽ سگھ کي بھترين انداز سان صحيح جاء تي خرچ ڪري ڪاميابي حاصل ڪري سگھو ۽ اوھان جي سوچ ڀٽڪڻ کان بچي ويندي آھي.
8. وقت کان پھريان ڪيون ويندڙ منصوبابندي سان اوھان حد تائين قابل ٿيو ٿا ته پنهنجي غلطين کان باخبر ٿي سگھندو ۽ اڄ جي جديد دور ۾ پنهنجي وسلين کي استعمال ڪندي پنهنجي منصوبي ۾ وڌيڪ تبديليون آڻي سگھندو.
الله انسان کي بھترين طاقت سان نوازيو آھي جي جو سڃاڻ سان انسان ۾ ڪاميابي جي جستجو ۽ تڙپ پيدا ٿيندي آھي اسان جي طاقت اسان جي شخصيت جي گھراين ۾ لڪيل آھي جنھن جي ڳولا اسان کي پاڻ ڪرڻي پوندي آهي. توھان پنهنجو پاڻ کي سڃاڻي ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي ان سفر ۾ انسان جيڪڏهن منصوبابندي تحت جيڪڏهن اڳيان وڌي ته ان لاءِ رستا آسان ۽ مصيبتون ننڍيون ٿي وينديون آھن انسان وقتي ناڪامين کان بچي ڪري ھمت ۽ حوصلو ھارڻ بدران مسلسل اڳيان وڌندو ويندو ايتري ۾ ڪاميابي ان جو مقدر بڻجي ويندي آھي. بلاگر فاروق طاھر ان حوالي سان چوي ٿو ته
”ڪم جي پڄاڻي/خاتمو ڏيڻ کان پھريان منصوبابندي انسان کي شرمندگي کان محفوظ رکندي آهي.“

ڪاميابي جي لاءِ پيشي جي چونڊ

ڪاميابي جي لاءِ پيشي جي چونڊ

ھڪ مشهور چوڻي آھي ته
Take your passion and make it Happen.
پيشي جي چونڊ انساني زندگي جو سڀ کان اھم ۽ وڏي ۾ وڏو فيصلو ھوندو آھي دنيا ۾ موجود ھر انسان ۾ مختلف خوبيون ۽ خاميون ڏٺيون ويون آھن. پيشي جي چونڊ ھڪ اھڙو مرحلو آھي جنهن ۾ ٿوري به لاپرواھي انسان کي ناڪامين ۾ وٺي وڃي سگھي ٿو . مشرقي معاشري ٻارن جي لاءِ پيشي جي چونڊ اڪثر والدين ڪندا آھن ۽ ان چونڊ ۾ ٻارن جي صلاحيت ۽ دلچسپي ڏسڻ کان وڌيڪ ۾ مارڪيٽ ۾ ويليو کي اھميت ڏني ويندي آھي اھو ئي سبب ھوندو آھي جو اسان وٽ اڪثر ماڻھو ٽيھ ٽيھ سال نوڪري ڪرڻ کان پوءِ به زندگي مان مطئمن ناهن ھوندا آھن. اوھان اڪثر ڏٺو ھوندو ته ٻار جي دلچسپي آرٽ ۾ ھوندي آھي پر سندس والدين اصل پيسي ۽ پيشي جي مارڪيٽ ۾ ويليو ڏسي ان کي سائنس ۾ داخلا وٺي ڏيندا آھن ان جو نتيجو ٻار جي مسلسل ناڪامي جي صورت ۾ ٻار سان گڏ والدين کي به ڀوڳڻو پوندو آھي ان صورتحال ۾ اڪثر اھو به ڏٺو ويو آھي ته ٻار جو جڏهن پڙھائي تي وس نه ھلي ته اھو پنهنجي عملي زندگي ۾ اھڙو پيشو اختيار ڪري وٺندو آھي جنھن جي کيس بنيادي ڄاڻ به ناهي ھوندي. آخر ڪو ته سبب آھي جو اڄ جي دور ۾ پڙھيل لکيل ماڻھو ھجڻ باوجود ڪامياب ماڻهن جي گھٽتائي آھي؟ منهنجي خيال ۾ ان سڄي معاملي جو سبب ھڪ غلط فيصلو آھي جيڪو والدين تعليم جي ميدان ۾ ٻار جي دلچسپي بدران پنهنجي مرضي مطابق ڪندا آھن.
پنهنجي صلاحيتن کي سڃاڻيندي تعيلم ۽ پوءِ پيشي کي اختيار ڪرڻ توھان ۾ ھڪ وڏي ڪاميابي آھي. تعليم ۽ پيشي جو چولو دامن سان گڏ آھي انسان پنهنجي تعليم مطابق پيشي جي چونڊ ڪري ئي سولن لفظن ۾ ڪاميابي حاصل ڪندو آھي. انھن ٻنھي ۾ اختلاف بيچيني جو سبب بڻجندو آھي مان سمجھان ٿو جيڪڏهن ڪو شخص انجينئرنگ پڙھي ڪپڙن جو ڪاروبار ۽ ڪو ميڊيڪل پڙھي ڪري پنهنجو بزنس شروع ڪري ته حقيقت ۾ اھا ناڪامي آھي. ڪنهن ڊاڪٽر کي بزنس مين بڻجندي يا ڪنهن سافٽويئر، انجينئر کي سيل ميز مين بڻجڻ ۾ باري نه سوچڻ گھرجي زندگي ۾ اھڙن آپشنن جو اچڻ ئي ناڪامي کي ھوا ڏيندا آھن.
ذھانت ۽ پيشي جو به پاڻ ۾ گھرو تعلق آھي ذھانت مان مراد انسان جي پنهنجي تعليمـ۽ تجربي کي بروقت استعمال ڪرڻ آھي ذھانت ئي اھا خوبي آھي جيڪا انسان کي گھٽ وسيلن ۾ وڌيڪ ترقي ڪرڻ جي قابل بڻائيندو آھي انسان اگر پنهنجي لاءِ تعليم ۽ پيشي جي چونڊ پنهنجي ذھن مطابق ڪري ته اھو ھرڀرو جي پريشانين کان بچي ويندو آھي.
تعيلم ۽ ذھن کان سواء انسان جون صلاحيتون پيشي جي چونڊ ۾ مددگار ثابت ٿينديون آھن انسان جو رحجان ۽ صلاحيتون ان کي پنهنجي ڪم کان پري ٿيڻ ناھن ڏينديون ان جي ڪري انسان ٿوري وقت ۾ گھڻو ڪم ڪرڻ جي قابل ٿي ويندو آھي ۽ ايئن ان کي ٻين کان اعتبار جي معاملي ھن ۾ برتري حاصل ھوندي آهي.
پيشي جي چونڊ ۾ شوق ۽ دلچسپي کي به ڏاڍي اھميت حاصل آھي انسان کي جيڪڏهن ڪم ۾ دلچسپي ھجي ته ان جي لاءِ پنهنجو ڪم ڪم گھٽ ۽ مصروفيت گھڻي ٿي ويندي آھي. ڪم ۾ دلچسپي انسان کي ٿڪجڻ محسوس ناھي ڏيندي ۽ نه وري ڪم ڪندي گھڻو وقت ضايع ٿيندو آھي.اسان وٽ اڪثريت ان ماڻھن جي آھي جيڪي ھن موجوده دور ۾ به پنهنجي صلاحيتن ۽ شوق کان لاعلمي جي بنياد تي پنهنجي تعليم ۽ پيشي ۾ تڪليفن جو شڪار آھن. دنيا ۾ ھزارين پيشا آھن پر انسان کي پنهنجي پيشي جي چونڊ پنهنجي پسند ۽ صلاحيت سان واسطو رکڻ وارو ھجڻ گھرجي. انسان جو ڪم ۽ پنهنجي ڪم سان ان جي محبت ان کي دنيا ۾ نئين سڃاڻپ نالو ۽ شھرت ڏيندي آھي ڪم ڪرڻ جو حقيقي معني ۾ فائدو ۽ مزو به تڏهن ايندو آھي جڏهن انسان کي پنهنجي ڪم سان محبت ھجي.
دنيا جي ڪامياب ماڻهن ڏانهن نظر ڦيرايو,انھن جا انٽرويز پڙھو اھي سڀ ماڻهو ان ڳالهه جو اعتراف ڪندا ته پنهنجي دلچسپي سان پنهنجو ڪم پنهنجو پيشو ٺاھيو ھو ان جي برخلاف جڏهن اسان اسان عام ماڻھن ڏانهن غور ڪيون ته اسان وٽ اڪثريت انھن ماڻھن جي آھي جيڪي تعليم صرف نوڪري حاصل ڪرڻ جي لاءِ حاصل ڪندا آھن ان کان پوءِ نيٺ ڪجهه پئسن جي ڪري زندگي جا قيمتي سال وڃائيندا آھن. مان اھو نٿو چوان ته نوڪري حاصل ڪرڻ ڪاميابي ناھي پر نوڪري کان پوءِ به سڪون نه اچڻ ناڪامي ضروري آھي. اھا ان ڳالهه جي شاھد آھي ته اوھان ٺھيو ڪنهن ٻئي مقصد لاءِ آھيو پر توھان پنهنجي پاڻ ۽ صلاحيتن جي بي خبريء اوھان کي نوڪريء سان ٻڌي ڇڏيو آھي. ۽ توهان چند پئسن تي پنهنجو پاڻ پنهنجون خوشيون ۽ پنهنجو اطمينان وڃائي ويٺا آھيو.
علمي ليول تي ڪيل ھڪ تازي سروي جي مطابق پيشي جي چونڊ حوالي سان ڪجهه ڏکيون حقيقتون سامهون آيون جن کان اوھان کي آگاھ ڪجي.
1. دنيا ۾ 60 سيڪڙو ماڻھو پنهنجي پيشي مان خوش ناهن. ان 60 سيڪڙو ماڻھن جو چوڻ آھي ته انھن کي اگر زندگي ۾ پيشي جي چونڊ لاءِ ٻيھر موقعو مليو ته اھي موجود پيشي کي اختيار نه ڪندا.
2. دنيا جا 20سيڪڙو اھو سوچين ٿا ته انھن کي زندگي ۾ ان ڪم جو موقعو ئي نه ملي سگھيو جنهن لاءِ اھي آيا ھي.
3. دنيا جي ڄاتل سڃاتل 30سيڪڙو پروفيشنل ماڻهن جو مڃڻ آھي ته انھن جو صلاحيتون ڪنهن ٻئي پيشي ۾ اڃا وڌيڪ فائديمند ثابت ٿي سگھن پيون.
4. دنيا ۾ تقريبن 50سيڪڙو پنهنجي پيشي ۾ سدائين شرمندگي محسوس ڪن ٿا.
5. دنيا ۾ صرف 20 سيڪڙو اھڙا ماڻهو آھن جيڪي پنهنجي ڪم ۽ پيشي مان خوش ۽ مطئمن آھن. جڏهن ته 1987ع ۾ ھنن جو انگ 60سيڪڙو ماڻھن تي مشتمل ھو ان نتيجن تي غور ڪيو ته اندازو ٿيندو ته اسان وقت سان گڏوگڏ ناڪامي جي طرف وڃي رھيا آھيون.
اھي انگ اکر مغربي ملڪن جتي باقاعدگي سان ڪريئر ڪائونسلنگ ڏنو ويندو آھي ان کي سامھون رکندي ھڪ سروي جي حيثيت سان سامھو آيا. اسان سڀ چڱي ريت ڄاڻو ٿا ته اسان جنهن معاشري ۾ جتي خواندگي جو 50سيڪڙو آھي پر ڪيريئر ڪائونسلنگ جي نالي ڪو به ادارو موجود ناهي . ھتي حالتون يقينن ڳنڀير آھن اسان پنهنجي معاشري جي ڳالهه ڪيون ته کوڙ سارا اھڙق جز مثال اباڻو ڪاروبار ماحول دولت جي ڪمائي جو جنون معلومات جي گھٽتائي ۽ رستو مقرر ڪيل نه ھئڻ اسان کي پيشي جي چونڊ کي نه صرف ڏکيو ڪري پر اسان جي شخصيت ۽ ترجيحن تي به اثر انداز ٿئي ٿو. انھن سڀني عنصرن کي قابو ڪري ئي انسان ڪاميابي سان پنهنجي درست پيشو چونڊ ڪري سگھي ٿو ان سڄي ويچار کان پوءِ سوال اٿي ٿو ته آخر درست پيشي جي چونڊ ڪيئن ڪئي وڃي.
1. پنهنجي زندگي جو مقصد مقرر ڪري پنهنجي صلاحيتن کي شوق کي نظر ۾ رکي ڪيو.
2. پنهنجي ڪم سان محبت ھجڻ اوھان لاءِ پھرين گھرج آھي.
3. صحت تي ڌيان ڏيو ڇاڪاڻ ته جسماني ۽ ذھني چستي ڪاميابي لاءِ تمام اھم آھي پاڻ تي ۽ پنهنجي خوابن تي يقين ڪيو .
4. ثابت قدمي محنت ۽ ڪوشش کي پنهنجو منشور بڻايو
5. تيزي سان تبديل ٿيندڙ حالتن سان گڏ پاڻ اپڊيٽ ڪيو.
6. پيشي جي چونڊ کان پھريان پاڻ کي چڱي طرح تلاشيو ته سچ ۾ ھي پيشو اوھان جي صلاحيتن تي پورو لھي ٿو. ۽ ان پيشي جي وابسطگي اوھان کي ڪاميابي تائين وٺي ويندي.
7. مان سمجھان ٿو ته جتي انسان کي پنهنجي پيشي جي چونڊ ۾ ھي بنيادي ڳالھيون نظر ۾ رکڻ گھرجن اتي انھن پيش قدمين کي به ھميشه اھميت ڏيڻ جي ضرورت آھي. جنهن کي نظر ۾ رکندي بھترين پيشي تائين پھچي سگھجي ٿو.
اھم پيش قدميون
1. پيشي جي چونڊ جي ڀروسي ۾ والدين جو ڪردار تمام اھم آھي والدين ٻارن جا سڀ کان ويجھا دوست ۽ ساٿي ھوندا آھن. ۽ پنهنجي ٻارن جون صلاحيتون انھن کان وڌيڪ ڪير بھتر نٿو ڄاڻي سگھي والدين کي گھرجي ته پنهنجي ٻارن جي صلاحيتن خوبين خامين ۽ دلچسپين کي نظر ۾ رکندي انھن جي لاءِ تعليمي ميدان ۾ بھترين فيصلو ڪيو ته جيئن اڳيان وڌندي ٻارن لاءِ تڪليفون گھٽ کان گھٽ ٿين.
2. ذھني سطح جو تجزيو ڪرڻ پيشي جي چونڊ کان پھريان تمام ضروري آھي ان معاملي ۾ ڪريئر ڪوئونسلر جي مدد وٺي سگھجي ٿو.
3. تعليمي ادارن ۾ استاد ٻارن جي صلاحيتن کان چڱي ريت واقف ھوندا آھن ھو سٺو ادارو ۽ سٺو استاد پيشي جي چونڊ ۾ بھترين رايو ڏئي سگھن ٿا.
4. والدين ۽ استاد ٻارن کي صرف ڊاڪٽر ۽ انجينئر جي ڊوڙ مان ڪڍي ڪري جيڪڏهن ان جي شوق ۽ صلاحيتن جي بنياد تي سبجيڪٽ جو چونڊ ڪن ته عملي زندگي ۾ ٻار سھڻي طريقي سان پنهنجي لاءِ بھترين ۽ شانداز پيشو چونڊي سگھي ٿو.
5. مان سمجھان ٿو ته انسان کي پنهنجي وسيلن پنهنجي معاشي حيثيت ۽ حقن جو ادارڪ لازمي آھي جنهن کان بچي اڳيان نٿو وڌي سگھي پنهنجي معاشي حالتن کان وڌيڪ تعليمي ادارن جو چونڊ ھڪ احمقاڻي سوچ آھي جيڪا وقت سان گڏ انسان کي احساس ڪمتري جو شڪار ڪري ڇڏي ٿي جنهن ڪري انسان نه صرف ڪاميابي جي راھ ۾ ڀٽڪندو آھي پر شديد ذھني دٻاء جو پڻ شڪار ٿئي ٿو.
6. پيشي جو چونڊ کان پھريان انسان کي عقلمندي سان سوچ ويچار ڪري پوءِ فيصلو ڪرڻ کپي اڪثر ماڻھو ٻين ماڻھن ۽ انهن جي ڳالھين تي ڀروسو ڪري سھارن جي ڳولا ۾ اڳيان وڌندڻ جو خواب انسان کي ڪاٿي نه ڇڏيندو پر وقت سان گڏ تجربو ڪرڻ لازمي آھي.
7. پيشي جي چونڊ وض انسان کي سولو ۽ سادو رستو اختيار ڪندي عملي حڪمت عملي جي ضرورت آھي پاڻ کي خواھشن جو ضرورت کان وڌيڪ انسان کي پنهنجي ڪم کان باغي ڪندو آھي.
مان سمجھان ٿو شامل اصولن ۽ قدمن کي نظر ۾ رکندي ھڪ عام انسان بھترين حڪمت عملي جي ذريعي ڪامياب ماڻھو وانگر پنهنجي سفر جو آغاز ڪري سگھي ٿو ۽ ثابت قدمي سان يقينن پنهنجو شمار ڪامياب ۾ ڪري سگھي ٿو.

فيصلو ڪرڻ

فيصلو ڪرڻ

الله تعالي انسان کي بيشمار نعمتن ۽ صلاحيتن سان نوازيو آھي ھڪ بھترين صلاحيت بھتر فيصلو ڪرڻ آھي مناسب ۽ وقت تي فيصلو ڪرڻ جي اھميت ۽ اندازو انسان کي وقت گذرڻ کان پوءِ پوندو آھي ڪامياب ماڻهو جي سڀني عادتن مان ھڪ عادت صحيح ۽ وقت تي فيصلو ڪرڻ آھي ۽ ان جو اعتراف ھر ڪامياب شخص ڪندو آھي.
ھلندڙ دور ۾ جڏهن انسان ڪاميابي جو تلاش ۾ ڊوڙي رھيو آھي اھو ان خبر کان بلڪل بي خبر آھي ته ڪاميابي ۽ ناڪامي جو ھڪ وڏو سبب وقت تي فيصلو ڪرڻ جي عادت آھي ھر شخص جي وقت تي فيصلو ڪري وٺندو آھي ته اھو ڪاميابي ڏانهن وڌي ويندو آھي جڏهن ته فيصلي کان ناآشڪاري رھڻ تي انسان ڀٽڪندو رھندو آھي.
نيپولين چوندو ھو ته ”ڪامياب ماڻهن جا فيصلا معياري ھوندا آھن جڏهن ته ناڪام ماڻھن جا فيصلا ڪمزور ھوندا آھن.“
انساني تاريخ کي پڙھندي کوڙ سارن ماڻھن ڪاميابي جو راز ان فيصلي ڪرڻ جي عادي کي قرار ڏيندي ٻڌائن ٿا ته ڪھڙي طرح انھن کي انھن جي معياري فيصلي ڪاميابي سان نوازيو. ان جي خلاف دنيا ۾ موجود ناڪام انسان اڪثر پنهنجي ناڪامي جو زميوار غلطن فيصلن کي قرار ڏيندا آھن جيڪو شخص وقت تي فيصلو ڪرڻ بجاءِ نٽائيندي سستي ۽ ڪاھلي جو مظاهرو ڪندو آھي ان کي آخر ناڪامي کي برداشت ڪرڻو پوندو آھي.
زندگي جي اڪثر معاملن ۾ حالتن جي مدنظر رکندي وقت تي فيصلو ڪرڻ جي لاءِ انسان ۾ فيصلي سازي جي خوبي ھجڻ ڏاڍي اھم آھي ڪامياب فيصلن لاءِ ضروري ھوندو آھي ته توھان ۾ بھترين فيصلي ڪرڻ جي سگھ ھجي ۽ ان سگھ کي بھترين ڪرڻ جي لاءِ انسان کي پريشاني ۽ جذبات اچڻ بنا فيصلا ڪرڻا پوندا. فيصلا ڪرڻ وقت پنهنجي انا ۽ اختلافن کي وساري جڏهن حقن تي ڌيان ڏنو وڃي ته ھڪ معياري فيصلو سامھون ايندو آھي.
اھڙي طرح فيصلي لاءِ منطقي سوچ استعمال ڪندي تمام ماڻھن جي معلومات گڏ ڪري فيصلو ڪرڻ سٺا نتيجا سامھون ايندا آھن. اڪثر ماڻھو فيصلن جي اثرن جو اندازو ڪنهن بغير ننڍي مسئلي وقت تي وڏو فيصلو ٻڌائيندا آھن. جيڪو انسان جي ناڪامي ۽ نااھلي بنيان ڪندو آھي فيصلو ڪندي مسئلن جي وڏي وقت جي صورتحال جو جائزو وٺڻ فيصلي کي معياري بڻائيندو آھي.
شيوکيرا پنهنجي ڪتاب "You Can win" ۾ لکي ٿو ته
جيڪو شخص خطرو ناھي موڙي سگھندو اھو زندگي ۾ ڪجهه به نٿو ڪري سگھي. زندگي جي ھر ڪم ۾ خطرو آھي. اسان جو ڪو به فيصلو يا عمل ھر وقت صحيح نٿو ٿي سگھي.انسان جو ھر فيصلو انديشن تي ھوندو آھي.
ضروري ناھي ته انسان جو ھر فيصلو درست ھجي ڪاميابي جي تڙپ رکڻ وارو انسان پنهنجي غلط فيصلن تي عدم اعتمادي جو شڪار ٿيڻ بجاءِ انھن مان سکندي درست فيصلو ڪرڻ جي قابل ٿيندو آھي جيڪي ماڻھو پنهنجي صلاحيتن تي اعتماد ناھن ڪري سگھندا انھن جي لاءِ ڪامياب ٿيڻ ناممڪن ھوندو آھي انسان جو پاڻ تي اعتماد ۽ مستقبل جي لاءِ نيڪ تمنائون ئي ان جي لاءِ صحيح فيصلو ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو آھي فيصلي ڪرڻ وقت ھرڀرو شڪن جو شڪارٿيڻ به فيصلي کي متاثر ڪري سگھي ٿو. ھوئن ته چيو ويندو آھي : تڪڙ ڪم شيطان جو ھوندو آھي.
پر زندگي ۾ اڪثر معاملن کي عقلمندي ۾ ترت ڪرڻا پوندا آھن. اھڙا فيصلا ڪندي انسان کي عقلندي جو مظاهرو ڪرڻ کپي. فيصلي ۾ ڍر بھتر ناهي ھوندي معاملن تي فڪر ڪندي انھن جو دقت سان جائزو وٺي ۽ فيصلو ڪيو ڇاڪاڻ ته جيتري دير ٿيندي اوتري وھم وڌندا ويندا ۽ فيصلو ڪمزور ٿيندو ويندو نفيسات جي ماھرن جو ان ڳالهه تي اتفاق آھي ته انسان جيسيتائين ڪنهن معاملي جو فيصلو ناھي ڪندو تيسيتائين ان جي ذھن تي خدشن ۽ وسوسن جو ھدف ھوندو آھي ان سبب جي ڪري انسان کي جنهن اذيت جو شڪار ٿيڻو پوندو آھي اھو ڪنهن غلط فيصلي کان به وڌيڪ تڪليف وارو ھوندو آھي.
فرينڪ لن ڊي روز ويلٽ جو مشهور قول آھي ته: اسان جو اڄ جو شڪ سڀاڻي جي ڪاميابي کي شڪ ۾ بدلائي سگھي ٿو.
ڪاميابي جو سڄو وھنوار انسان جي فيصلي تي ھوندو آھي فيصلن ۾ ڍر ناڪامي جو سبب ٻڻجندا آھن ان لاءِ اڪثر ٽائيم گھڻو سوچڻ به اسان جي فيصلي لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي سگھي ٿو فيصلي جي سگهه جي گھٽتائي تمام وڏي ڪمزوري آھي جيڪا انسان کي ڪاميابي کان روڪي رکندي آھي فيصلي جي سگھه ! وڌندڙ عمر سان گڏوگڏ ڪمزور ٿي ويندي آھي. فيصلي ڪرڻ جو ڪمزوري سستي ڪاھلي۽ ناڪامي جو خوف ھوندو آھي جيڪڏهن توھان ڪامياب زندگي گذارڻ جا خواھشمند آھيو ته توھان کي پنهنجي فيصلن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آھي عقلمندي جو مظاھرو ڪندي پنهنجي لاءِ پنهنجي مستقبل جي لاءِ فيصلا ڪيو پوءِ انھن جي لاءِ محنت ڪيو ڪامياب توھان کي توھان جي ئي منتظر نظر ايندي.


عقلمندي

عقلمندي

توھان اھو ڄاڻيندي حيران ٿي ويندو ته اڄ دنيا ۾ لکين ڪروڙين ماڻھن جي ڪمائي جي ذريعي فاسٽ فوڊ جي ابتدا ھڪ ريڙھي کان شروع ٿي ھئي اڄ کان 83 سال اڳ 1937ع ۾ آمريڪا جي ھڪ غريب شخص "پيٽرڪ ميڪڊولنڊ" پنهنجي ڪمائي جي لاءِ ڪيليفورينا جي علائقي منرويا ۾ "منرويا ايئرپورٽ" ويجھو برگر کپائڻ لاءِ ھڪ ريڙھو لڳايو. اھو غريب ماڻھو روزانو صبوح جو ريڙھو گھران ڪاھي نڪرندو ھو ۽ سڄو ڏينهن ايئرپورٽ تي برگر ۽ شفاف جوس کپائي شام جو ريڙھو گھليندو گھر ايندو ھو. اھو 3 سال ايئن سڄو ڏينهن محنت ڪندو رھيو پوءِ ٽن سالن بعد 1940ع ۾ پيٽرڪ جي ٻن پٽن رسچرڊ ۽ موريس پنهنجي پي کي ھٿ نه ونڊائڻ جو فيصلو ڪيو.
انھن جو خيال ھو ته اسان کي ڪم ريڙھي کان اڳيان وڌائڻ کپي. ايتري ۾ انھن ڪيليفورينا ۾ "باربي ڪيو" جي نالي سان ھڪ ننڍڙي ھوٽل جو بنياد رکيو جتي اھي پنهنجي پيءُ جيان ڀرپور محنت سان ڪم ڪندا رھيا . محنت مسلسل جدوجھد وڏي ھمت جھڙي اصولن کي مڪمل طور تي پنهنجو منشور بڻايو ۽ فيصلو ڪيو ته ھڪ ڏينهن انھن جي ھي ڪاروبار پوري دنيا ۾ پنهنجي سڃاڻپ ٺاھيندو انھن ڏينهن ۾ محنت ۽ ثابت قدميء جي رھنما اصولن ڪرڻ کان ڪجهه ئي وقت ۾ ھوٽل علائقي ۾ پنهنجي نالو ڪمايو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ھو ترقي جون منزلون طئي ڪرڻ لڳو ٻنھي ڀائرن پنهنجي ڪاروبار کي وسيع ڪرڻ لاءِ وڌيڪ محنت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. انھن ايتري قدر محنت ۽ ترقي ڪرڻ شروع ڪئي جو صرف 13 سالن کان پوءِ 1953ع ۾ ھوٽل جون ڪيتريون برانچون ڪيليفورينا جي آس پاس ٻين شھرن ۾ به کوليائين..
اھي پنهنجي ڪم ۾ محنت سان جڙيا رھيا ۽ ترقي جا وڌيڪ ڏاڪا چڙھندا ويا صرف 6سالن کان پوءِ 1959ع ۾ آمريڪا ۾ انھن جي ھوٽلن جو تعداد 102 ٿي ويو ھڪ سال کان پوءِ انھن جو ڪم ايترو ته ڪشادو ٿي ويو جو انھن کي پنهنجي ريسٽورنٽ لاءِ تربيت ڏنل ملازم فراھم ڪرڻ لاءِ ھڪ الڳ يونيورسٽي ٺاھڻي پئي . 1961ع ۾ ڪمپنيء پنهنجي سڀني فرنچائيز کي تربيت يافته ملازم فراھم ڪرڻ لاءِ "ميڪڊولنڊ برگر" نالي سان ھڪ وڏي يونيورسٽي قائم ڪئي جنهن مان صرف 30 سالن ۾ 40ھزار ماڻھن بيلچر آف ھيم برگر جي ڊگري حاصل ڪئي.
ريسٽورنٽ ڪمپنيء ملازمن جي فراھمي لاءِ انھي ڪارپوريشن لنڊن ٽوڪيو ۽ جرمني سميت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ 7 يونيورسٽيز قائم ڪيون . 1969ع ۾ ھي ڪمپني 50 رياستن ۾ پکڙجي وئي ڪمپنيء يونائٽيڊ اسٽيٽ کان ٻاھر پنهنجي پھرين برانچ 1967ع ۾ برطانيا ۾ قائم ڪئي. جڏهن ته 1990ع تائين ميڪڊولنڊ فاسٽ فوڊ 58ٻاھرين ملڪن ۾ پنهنجا 3600 ريسٽورنٽ کولي انھن مالڪن ۾ پنهنجي ڪاروبار جو ڄار وڇائي ڇڏيو. 1939ع ۾ ڪيليفورينا رياست جي علائقي ميرونياجي ھڪ غريب جي ريڙھي سان شروع ڪيل ڪم اڄ 121 ملڪن ۾ ڦھلجي ويو آھي.
ماھرن جو خيال آھي ته ميڪڊولنڊ کي پوري دنيا ۾ مشھور ڪرڻ ۾ ان جي رھنما اصولن محنت ثابت قدمي وڏي ھمت جو وڏو ثمر آھي جنهن جي ڪري ميڪڊولنڊ فاسٽ فوڊ ڪمپني ھڪ گلوبل برانڊ بڻجڻ ۾ ڪامياب وئي.ڪو به ڪنهن به شعبي سان وابسته ھجي ان کي ھڪ ئي فڪر ھوندو آھي ته ڪيئن ترقي ڪري عربي جو مشھور پھاڪو آھي ته
من جدوجد (جنهن ڪوشش ڪئي ان حاصل ڪيو)
مسلمانن جو اھو عقيدو آھي ته دنيا ۾ ڪا به شي ناھي جيڪا ناممڪن ھجي. محنت ۽ ثابت قدمي سان ھر ناممڪن کي ممڪن ڪري سگھجي ٿو غيرمعمولي چمڪ سرانجام ڏيڻ لاءِ ضروري آهي انسان محنت ۽ جدوجھد ۽ سچي نصيب جو مالڪ ھجي. ان تي ڪم جو شوق سوار ھجي دماغ ۾ جڏهن ڪنھن ڪم جي ڳڻتي ويھي وڃي ته اھو ضرور انجام تائين پھچندو آھي. ان جي رستي ۾ ساڙ رڪاوٽ بڻجندو آھي. نه ڌوکو رڪاوٽ بڻجندو آھي سازش خلل وجھندي آ نه ڪا ٻي شي منع ڪندي آھي .پنهنجي ڪم سان محبت ۽ عشق ڪاميابي جي چاٻي آھي محبت ھجي ته سبب ۽ وسيلا به پيدا ٿي ويندا آھن. پنهنجي مقصد سان محبت ڪرڻ وارو ڪڏهن پنهنجو ھٿ ھٿ تي رکي ناھي ويھندو بند رستا تڪليفون ڏيندڙ بيٺل رڪاوٽون ان جي رستي ۾ لغزس پيدا نٿو ڪري سگھي.
ڪاميابي جي لاءِ لازمي آھي ته انسان کي ڪنهن به ڪم جي آغاز ڪرڻ کان پھريان ان جي انجام ڏيڻ بابت چڱي طرح غور فڪر ڪري ڇڏي ۽ ان جي فائدن ۽ نقصانن بابت به جائزو وٺي جيڪڏھن ڪم ۾ گھڻو فائدو ھجي ته ڪم ڪري نه ان کي ڇڏي ڏئي. ڪنهن به ڪم جي شروعات کان پھريان جڏهن اسان عقلمندي کي پرواهه نه ڪندي پنهنجون سڀئي صلاحيتون وقف ڪندا آھيون ته تقريبن اسان کي نقصان حاصل ڪرڻو پوندو آھي. ان لاءِ چيو ويندو آھي ته انسان جڏهن به بغير سوچڻ ۽ سمجھڻ جي انجام جي پرواھ ڪرڻ بغير ڪنهن ڪم ۾ داخل ٿيندو آھي ته حقيقيت ۾ اھو پاڻ کي مصيبت ۾ گرفتار ڪندو آھي.
عقلمندي ۽ انجام ھڪ اھڙو عمل آھي جنهن جي تربيت ھر ڪامياب شخص ڪري ٿو انھي طرح دنيا جو ڪو به عقلمند ۽ ڪامياب شخص ڪنهن کي بغير انجام جي پراھ ڪرڻ جي ڪوئي ڪم ڪرڻ جي ھدايت ناهي ڪندو. ھميشه ڪم جي شروعات کان پھريان ان جي نتيجن جي پرواھ جو غور ڪرڻ ڪامياب ماڻھن جي عادتن ۾ شامل عادت آهي. دنيا ۽ آخرت ۾ پنهنجو مقام ٺاھڻ وارن اھڙن ڪيترن ئي ماڻھن جا واقعا اسان جي سامھون آھن جن انجام کي فڪر کي پاڻ تي لازمي ڪندي عقلندي سان پنهنجي معاملن کي پرکيو ۽ پوءِ انھن تي عمل ڪرڻ يا انھن کي ترڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
ھميشه عقلمندن واري سوچ رکو وقتي فائدا ڪجهه ڏينهن يا ڪجهه لمحن ۾ ختم ٿي ويندا آھن. حالتن ۽ واقعن جو مطالعو ڪري ان جي سڀني سنگين نتيجن کان واقف ۽ انجام تي نظر جي بدولت عقلمند کي پھريان ئي ڄاڻ پئجي ويندي آھي. ته ڦلاڻو قدم کڻڻ تي ڪھڙا اثر پوندا.

ڪامياب زندگي جي لاءِ مطالعو ڪريو

ڪامياب زندگي جي لاءِ مطالعو ڪريو

والينٽئر چيو آهي ته : ”توھان کي ان حقيقت جو شعور ھجڻ گھرجي ته جڏهن کان دنيا ٺھي آھي وحشي نسلن کي ڇڏي ڪري دنيا تي ڪتابن حڪمراني ڪئي آھي.“
مطالعي جي عادت انسان جي ڪاميابي ۾ اينڌن جو ڪم ڪندي آھي ڪتابن جو مطالعو انسان ۾ نئون روح ڦوڪيندو آھي انسان جي زندگي گذارڻ جو انداز مطالعي سان برابر بدلجي ويندو آھي بھترين ۽ معياري ڪتاب انسان جي تعمير ۽ تشڪيل ۽ تربيت ۾ اھم ڪردار ادا ڪندا آھن انسان پنهنجو پاڻ کي ۽ پنهنجي صلاحيتن کي سڃاڻڻ بغير ڪاميابي جو تصور به نٿو ڪري سگھي مطالعي جي عادت انسان کي انھن صلاحيتن کان واقف ڪري ٿي ۽ زندگي جي مقصد فراھم ڪري ٿي ڪتابن ۾ دلچسپي ۽ مطالعي جي اھا عادت پنهنجو پاڻ ڪنهن به انسان کي ڪاميابي سان پنهنجو ڪرڻ جي طاقت رکندي آھي انسان جي شخصيت نکار ۽ ڪشش ان مطالعي جي ئي احسانمندي ھوندي آھي توھان دنيا جي تاريخ کڻي ڏسو اوھان کي ڪامياب انسانن جي ڊگھي لسٽ ملندي ۽ ان لسٽ ۾ شامل سڀني ڪامياب ماڻھن ۾ شامل خوبين ۾ مطالعد جي خوبي به واضع نظر ايندي دنيا جو ھر امير بااثر ۽ ڪامياب انسان ھميشه ڪتاب پڙھڻ جو شوقين رھيو آھي. بل گيٽس، مارڪ زڪر برگ،ايلن مسڪ ۽ اسٽفن ھاڪنگ سميت تمام ماڻهن ڪتابن جي مطالعي کي پنهنجي روزاني زندگي ۾ سٺو مقام ڏئي رکيو آھي. بل گيٽس جيڪو سالن کان دنيا جو اميرنـجي لسٽ ۾ پھريون نمبر آھي ان جو چوڻ آھي ته :
زندگي ۾ ڪاميابي جو ھڪ وڏو سبب مطالعي جي عادت آھي.
ان کان علاوه بل گيٽس چوي ٿو ته ھو سال ۾ آساني سان 50بھترين ڪتابن جو مطالعو ڪرڻ جو عادي آھي. ھر ھفتي ھڪ ڪتاب پوري ڌيان سان پڙھڻ ان جي عادت آھي ڪتابن جي مطالعي لاءِ ان جي لائيبرري ان جي پسنديده ڪتابن سان ڀريل آھن ۽ اھو مطالعي جو شوقين آھي.
سيد اظفر رضوي چوي ٿو ته
گھڻي کان گھڻا ڪتاب پڙھڻ سان ئي انسان عالم سڏيو وڃي ٿو.
اڄ جي ھن افراتفري واري دور ۾ ڪتاب پڙھڻ جو رواج ختم ٿي رھيو آھي شايد اھو ئي سبب آهي جو اڄ اسان وٽ ڪاميابي جو ڳالهيون ڪرڻ وارا ته ھزارين ماڻھو موجود آھن پر حقيقت ۾ ڪاميابي چند ماڻھن کي نصيب ٿيندي آھي توھان شايد اھو ٻڌي حيران ٿي ويندو ته مطالعي جي عادت انسان کي جسماني ۽ ذھني طور تي به تندرست رکڻ ۾ فائديمند ثابت ٿيندو آھي ماھر ان عادت کي ڊگھي عمر جو راز ڪري مڃن ٿا.
وارن بفت دنيا جي سڀ کان وڏد ملٽي نيشنل ڪمپني جو بنياد رکڻ وارو ويھين صدي ۾ ڪامياب ترين سرمائيدار انسان دوست شخصيت جو حامل بااثر ماڻھو ۽ دنيا ۾ امير ترين ماڻھن ۾ ھڪ آھي پر پاڻ اصل کان اھڙو نه ھو ھن ننڍڙي ڳوٺ ۾ اک کولڻ وارو اسڪول رسيس ۾ ٻارن جون ٽافيون خريد و فروخت ڪرڻ وارو ٻار وڏو ٿي ڪري دنيا جو وڏو سرمائيدار ۽ امير ترين ماڻھو بڻجي ويو.
وارن بفت پنهنجي ڪاميابي جو ذڪر ڪندي ٻن اھم ڳالھين ڪو اڪثر ذڪر ڪندو آھي ھڪ اھو چوندو آهي ته " ماڻھو ڇا سوچيندا اھو به اوھان سوچيندو ته ماڻھو ڇا سوچيندا"ته اوھان ڪاميابي جا ڪيترا ئي اصول نظرانداز ڪري ڇڏيندو منهنجو ھميشه سرمائيداري اصول تي ڌيان مرڪز رھيو انسان جيڪڏهن ٻين ۾ سوچ ۽ فڪر ۾ گھلبو رھندو ته آزادي سان پنهنجي اصولن تي عمل ڪري نه سگھندو ۽ سوچ جي اھا پابندي ھميشه ان تي حاوي رھندي آھي ٻي شي جيڪا وارن بفٽ اڪثر ڳالھين ۾ مزيدار ھوندي ھئي اھا ان جو مطالعي لاءِ شوق ھو اھو پنهنجي ڏينهن جا 4کان 5ڪلاڪ مطالعي تي وقف ڪندو آھي ان کان علاوه 5 اخبارن جو پوريٽ ۽ رپورٽن جا 500 پيج پڙھندو آھي بفٽ جو پسنديده ڪتاب "بنجامن گراھم" جو ڪتاب the Inelegant inventor آھي ان جو چوڻ آھي ته ھو ڪنهن به وقت سرمائيداري دوران مطالعو ڪندو آھي مطالعو تحقيق جي دامن کي ڪشادو ڪندو آھي ۽ اھو ته ھر ڪامياب انسان مطالعي جو شوقين ھوندو آھي جيڪڏهن توھان به ڪاميابي جي حاصلات جا شوقين آھيو ته توھان کي به مطالعي جي عادت اختيار ڪرڻي پوندي وارن بفٽ جو چوڻ آھي ته درياء کي درياء ڄاڻي ان جي ڊيگھ ماپڻ لاءِ ان ۾ بل ڏيڻ بجاءِ ٻاھر لڳل بورڊ پڙھو زندگي ۾ پنهنجي غلطين مان نه پر ٻين جي غلطين مان سکڻ جي ڪوشش ڪيو اھڙي مطالعي جي مدد سان ئي ممڪن آھي ھر ڪم کان پھريان تحقيق ڪاميابي جي ضمانت کڻي ٿي.

ڪاميابي ۽ صحت

ڪاميابي ۽ صحت

واصف علي واصف چوي ٿو ته “ڏک ڪمزور انسان تي سوار ھوندو آھي ۽ طاقتور انسانن جي سوار“
زندگي جو ھڪ اصول آھي ته جيڪو شخص جيترو مضبوط ۽ طاقتور ھوندو اوترو ئي بھترين طريقي سان زندگي جي ڏکيائين کي منهن ڏئي سگھندو. ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ انسان کي ھر لحاظ کان مضبوطي ضروري آھي ته اھو نه صرف ڪاميابي اختيار ڪري سگھي پر پنهنجي ڪاميابي مان ڀرپور لطف انداز به ٿي سگھي.
پاڻ کي مضبوط ڪرڻ مان ڇا مراد آھي؟
انسان روح ۽ جسم جو مجموعو آھي اھي ٻئي شيون ھڪٻئي کان متاثر به ٿينديون آھن. روح جي ڪمزوري جسم تي به اثرانداز ٿيندي آھي. ۽ اھي طرح جسم جي طاقت روح کي به تقوا بخشيندي آھي روح ۽ جسم ٻنھي لاءِ صحت انساني ڪاميابي لاءِ ضروري آھي.
ھر انسان جيڪو ڪامياب ٿيڻ چاھيندو آھي اھو پنهنجي صحت جو خاص خيال رکندو آھي ڪاميابي جو اصل مزو به صحت ۽ تندرستي سان گڏ آھي صحت جي قيمت ۾ حاصل ڪرڻ واري ڪاميابي اصل ۾ ناڪامي آھي توھان ٿورو غور ڪيو انسان جيڪڏھن سڄي عمر محنت ۽ جدوجھد ۾ گذاري ڇڏي جڏهن محنت جو ثمر کائن جو وقت اچي ته ان جي صحت ان قابل نه رھي ڊاڪٽر جي پرھيز جا ھٿيار ساڻ رکي دوائن تي زنده ھجي ته اھڙي ڪاميابي جو ڪھڙو فائدو ؟
"ھڪ صحتمند جسم ۾ صحت مند دماغ ھوندو آھي.“
جيڪو انسان روحاني ۽ جسماني اعتبار کان صحتياب نه ھجي ان جو ذھن به زرخير يا Productive ناھي رھندو. ڪامياب انسان جي لاءِ ان جي جسماني صحت پھرين گھرج ھوندي آھي. ان ماڻهن جي روزاني معمول ۾ گھربل غذا ۽ مناسب ننڊ لازمي عنصرن ۾ شامل ھوندي آھي انسان جي جسماني صحت ان جي عقل ۽ شعور تي اثرانداز ھوندي آھي. ان لاءِ بھترين جسم سوچ کي اڏڻ ۾ مدد ڪندو آھي اھا مثبت سوچ انسان ۾ ھمت ۽ طاقت پيدا ڪري انهن ڏکين حالتن سان مقابلو ڪرڻ سيکاري ٿي. ڪامياب ماڻهو پنهنجي سوچ کي مثبت ڪندي پنهنجي ارادن کي پختو پنهنجي ھمت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ روزاني بنياد تي ورزش ۽ ڪرڻ ۽ ڪامياب ماڻھن جي صحبت ۾ ويھندا آھي جيئن انھن مان ڪجهه سکي پنهنجي زندگي ۾ شامل ڪري سگھن.
انسان جي ڪميابي ۾ روح اھم ڪردار ادا ڪندو آھي ۽ روح جي غذا الله پاڪ جي ذڪر ۾ آھي ڪامياب ماڻهو کڻي ڇو نه ڪنھن به مذھب ۽ فرقي کي مڃندڙ ھجي ان جو پنهنجي خدا سان تعلق ڏاڍو گھرو ۽ ڏاڍو مضبوط ھوندو آھي ۽ جيڪڏھن ڳالهه ڪجي مسلمانن جي ته اسان جي عبادت ۽ خدا سان تعلق اسان جي روح کي طاقت ڏيندو آھي. جيڪو اسان لاءِ ڪاميابي جو ضامن آھي خدا کي به پنهنجي بھادر ٻانهن سان گھڻي محبت ھوندي آھي ڇو ته اھي جسماني سوچ سان گڏوگڏ الله جي راھ ۾ به بھترين طريقي وڙھي سگھن ٿا.
الله جي ويجھو بھادر مومن ڪمزور مومن کان وڌيڪ عزيز آھي. (صحيح مسلم)
روح ڏسڻ ۾ ناھي ايندو پر انسان جون سڀ بلنديون ان روح مان نڪرنديون آھن ۽ ان تندرستي سان ئي وڏين وڏين مشڪلاتن سان بھادرن جيان وڙھي ويندو آھي روح جي بيچيني سان جسم به ڪمزور ٿي ويندو آھي. ۽ انسان جي جسم جو نظام درھم برھم ٿي ويندو آھي ضرورت اھا ته ڪامياب ٿيڻ لاءِ انسان جو جسماني ۽ روحاني ڏسڻ ۾ صحت مند ھجڻ لازمي آھي ۽ ھي اھا عادت آھي جنهن کي اڄ تائين ھر ڪامياب شخص اختيار ڪيو آھي .
زندگي ۾ انسان ڪاميابي جي لاءِ ايتري ته ڀڄ ڊوڙ ڪندو آھي اتي ان تي لازمي آھي ته جسم ۽ روح بابت به خيال رکي ته جيئن اھو پنهنجي ڪاميابي مان ڀرپور مزو ۽ فائدو وٺي سگھي. ڪامياب انسان جون پنهنجي صحت حوالي سان اختيار ڪيل خصوصي عادتن کي اختيار ڪري ڪو به انسان نه صرف پنهنجي صحت کي بھتري ڪري سگھي ٿو پر ان سان گڏ ڪاميابي تي پھريون قدم رکڻ به ثابت ٿي سگھي ٿو.
1. مناسب ننڍ ڪيو.
2. گھربل غذا حاصل ڪيو.
3. صفائي جو خاص خيال رکو.
4. قوت مدافعيت وڌائڻ لاءِ ورزش ڪيو.
5. پاڻ کي جسماني طور تي تازو توانو ڪيو.
6. پاڻ سان وقت گذاريو.
غور ڪرڻ جي اھا ڳالهه آھي ته اھڙي ڪاميابي جيڪا صحت عيوض ملي اھا اصل ۾ ناڪامي آھي. مان اھڙا ڪيترائي ماڻھو ڏٺا جيڪي پنهنجي سڄو وقت ڏينهن رات محنت ڪندي گذاريندا آھن انھن کي نه کائڻ پيئڻ جو ھوش ھوندو آھي. نه پنهنجي جي مرڻي پرڻي ۾ شرڪت ڪرڻ جو وقت ملندو آھي نتيجن اھي ماڻھو چاليھ پنجيتاليھ سال وڃي بستر تي پوندي پنهنجي موت مري ويندا آھن. انھن کي نه ڪو ياد ڪرڻ وارو ھوندو آھي ۽ نه ئي ھو زندگي جو مزو وٺي سگھندا آهن. اھڙن ماڻھن کي ڪامياب ماڻهو نٿو چئي سگھجي ڇو ته ڪامياب ماڻھو جي زندگي جو ھڪ ھڪ لمحو سجاڳي مطابق پنهنجي زندگي جي مقصد سان گڏ گھرن وارن ۽ پنهنجي صحت تي به خرچ ڪندو آھي. انھن جي زندگي بي رنگ ناھي ھوندي پر انهن جو ڪم لاءِ اھڙو ته انتظام ايترو مضبوط ھوندو ھو جو سندن گھڻو وقت پنھجن سان گڏ ۽ پنهنجي صحت جو خيال رکندي گذري ويندو ھو ڪامياب ماڻهو صحت جي عيوض ڪاميابي ناهن وٺندا جيڪڏهن انسان ڪاميابي جي سفر مان پنهنجي لاءِ ئي وقت نه ڪڍي ته اھا سندس ناڪامي آهي.
حضرت محمد صلي الله عليه واله وسلم فرمائي ٿو ته
"الله کان معافي ۽ صحت جو سوال ڪندا رھو ڇو ته ايمان جي نعمت کان پوءِ تندرستي جھڙي ڪا به نعمت ناهي. "
انسان جي زندگي ۾ صحت ۽ تندرستي جي حيثيت گاڏي جيان آھي ٿورو سوچيو جيڪڏهن گاڏي خراب ٿي وڃي ته توھان پنهنجي منزل تي ڪيئن پھچي سگھندو؟ پر پنهنجي صحت کي خدا جي نعمت سمجھندي ان کي اھميت ڏيو ۽ خدا جو شڪر ادا ڪيو.

خدا سان تعلق ڪاميابي جي ضمانت

خدا سان تعلق ڪاميابي جي ضمانت

حضرت علي ڪرم الله وجهه جو قول آھي ته ”جنهن پنهنجي ۽ الله جي وچ ۾ معاملن کي درست رکيو ته الله ان جا ۽ ٻين ماڻھن جي وچ جا معاملا درست ڪري ڇڏيندو.“
اڄ جي ھن دور ۾ ھر انسان پيشي شھرت مقام ۽ مرتبي کي ڪاميابي سمجھي ٿو ان جو خواهشند نظر ايندو آھي انسان پنهنجي صحت جي عيوض ۾ پنهنجي ڏينهن رات انھن سڀني دنيائي شين جي حاصلاتن لاءِ خرچ ڪري ڇڏيندو آھي. ان سڀ ھوندي به اسان ڏسندا آھيون ته دنيا ۾ اھڙا بيشمار ماڻھو آھن جيڪي ظاھر ۾ ته ڪامياب ڏسڻ ۾ ايندا آھن ۽ انھن کي دنيا جون سڀ سھولتون به موجود ھونديون آھن پر انھن اطمينان ناھي ايندو خوشي ناهي ملندي سڪون ناھي ھوندو انھن کي سمھڻ کان پھريان ننڊ جون ٽيبليٽ کائڻيون پونديون آھن يا ان جي زندگي جو خاتمو ڏاڍو ڀوائتو يا خودڪشي جي صورت ۾ ٿيندو آھي ڪاميابي ملڻ کان پوءِ به آخر ايئن ڇو ٿو ٿئي؟
اسان انسانن ڪاميابي جي لاءِ جيڪي معيار ٺاھي رکيا آھن سي سڀ غلط آھن ڪاميابي نه پئسن ۾ آھي نه مقام مرتبي نه وري شھرت ۾ آھي. ڪاميابي جو تعلق ھن فاني دنيا سان ناھي پر ڪاميابي دل جو سڪون آھي جنهن وٽ ۾ دل جو سڪون ناھي ان وٽ ڀلي دولت جا انبار ھجن اھو شخص حقيقي ڪاميابي کان محروم آھي.

اھو دل جو سڪون ڪيئن حاصل ٿيندو؟

اھو دل جو سڪون ڪيئن حاصل ٿيندو؟

ان جو جواب الله تعالى قران مجيد ۾ ھن طريقي فرمايو آهي ته :
ترجمو : ڄاڻي وٺو الله جي ذڪر ڪرڻ سان ئي دلين کي سڪون نصيب ٿيندو آھي. (الرعد)
خدا کي ياد ڪري ان جي ياد ۾ چند ڳوڙھا وھائي پنهنجو حال دل ان کي ٻڌڻ سان جيڪو سڪون ۽ اطمينان انساند دل کي حاصل ٿيندو آھي اھو دنيا جي ڪنهن ٻئي شي ۾ ناهي. انسان جو الله تعالي سان ساٿ جو تعلق ڪاميابي جو اھو راز آھي جنھن ان کي حاصل ڪري ورتو ته ان کي باقي ٻين شين جي ضرورت ناھي پوندي . جڏهن انسان سان گڏ خدا ھجي ۽ پوري دنيا ڀلي ان جي خلاف ٿي وڃي تڏهن به انسان کي ڪمزور نٿي ڪري سگھي جڏهن ته ان جي برخلاف انسان وٽ دنيا جي ھر سھولت ڪاميابي موجود ھجي پر ان جو خدا تي ايمان نه ھجي ته اھڙو شخص ڪامياب ٿي ڪري به ناڪام ٿي ويندو آھي ناڪامي جو خوف ان کي ڪاميابي جو به مزو وٺڻ ناھي ڏيندو. توھان پنهنجي آس پاس ماڻھن کي ڏسو توھان کي ڪيترائي اھڙا ماڻھو ملي ويندا جيڪي بنگلن ۽ محلن ۾ رھندا آھن پر ان جي زندگي ۾ مايوسي جو مثال پاڻ خد آھن ۽ ٻئي طرف اوھان گھر ٻاھران چوڪيدا يا ڪو اھڙو شخص جنهن ۾ وٽ زندگي جو ضرورتون به شايد زندگي به مڪمل ناھي ھوندي پر ان جي دل مطئمن ننڊ مٺي ۽ کلڻ جو سرور پرسڪون آھي. ايئن ڇو آھي؟ ڇو ته انسان جي اصل دولت ته ان جي خدا تي ايمان ۽ ان سان مضبوط تعلق آھي جنهن وٽ ھي اصلي دولت گھڻي آھي اھو پاڻ ايترو خوش ۽ مطئمن آھي ۽ اھو سڀ انسان کي ايئن ناھي ملندو ان لاءِ انسان کي خالق سان حقيقي تعلق جوڙڻو پوندو آھي ۽ تعلق قائم ڪرڻ لاءِ محنت جي ضرورت ھوندي آھي ۽ ياد ڪيو الله ڪنهن جي محنت ضايع ناهي ڪندو.
الله تعاليٰ ھن پوري ڪائنات جو مالڪ آھي ان قران مجيد ۾ حقيقي ڪاميابي جو ذڪر ڪندي انسانن جي ٺاھيل انھن ٽٽل معيارن کي رد ميو آھي آ۽ دل جي سڪون ۽ آخرت جي ڪاميابي کي اصل ڪاميابي قرار ڏنو آھي انسان دنيا جي يقين ۾ ڪيترو به ڪامياب ڇو نه ھجي. ان کي تيستائين حقيقي ڪاميابي جو سڪون نه ملندو جيسيتائين ان جي سڄي محنت ۽ منزل جو رخ آخرت ڏانهن نه ھجي. آخرت جي ڪاميابي جو بنياد ئي انسان ھن دنيا ۾ رکندو پوندو آھي ھن دنيا ۾ رھندي انسان کي الله تعالىٰ جي ٻڌايل رستي تي ھلندي ئي انسان آخرت جي ڪاميابي حاصل ڪري سگھي ٿو. سورت المومنون جي شروعات ۾ الله تعالي فرمائي ٿو جنهن جو مفھوم آھي ته يقينن ايمان وارن نجات حاصل ڪئي ۽ پوءِ الله تعالي انھن جو نشانيون بيان ڪري ٿو ته مومن اھو آھي جيڪو پنهنجي نماز ۾ عاجزي اختيار ڪري, جيڪي بيحيائي کان منهن موڙي ويندا آھن جيڪي زڪوات ادا ڪرڻ وارا آھن جيڪي پنهنجي شرمگاھن جي حفاظت ڪرڻ وارا آھن جيڪي امانت ۾ خيانت ناهن ڪندا جيڪي واعدي خلافي ناهن ڪندا اھو سڀ جو سڀ ڪامياب ماڻهو آھن الله جي نظر ۾ ھڪ مومن جي ڪاميابي ڪھڙي آهي ؟ ان جو جواب به قرآن مجيد ۾ ئي موجود آھي ته اصل ڪاميابي ته جنت الفردوس آھي. جيڪو شخص ھن دنيا ۾ الله جي رضا جي لاءِ زندگي گذاري ويندو ان جي لاءِ ھن دنيا ۾ به خوبصور زندگي "پاڪ زندگي" آھي ۽ آخرت ۾ به سڀ ڪاميابيون ان لاءِ آھن.
ھڪ پل لاءِ ٿورو سوچيو اسان انسان سڄي زندگي محنت ۽ ڪشالا ڪندا آھيون ڪنهن جي لاءِ؟ سٺي ۽ آسائشن واري زندگي جي لاءِ نه ؟ ۽ الله ڇا چئي رھيو آهي ته جيڪو شخص الله جي حڪم کي مڃندي ان سان پنهنجو تعلق جوڙيندو الله ان کي صرف دنيا ۾ ڪامياب زندگي نه پر آخرت ۾ به خوبصورت زندگي عطا ڪندو. جنهن ۾ سڪون ھوندو نعمتون ھونديون ۽ سڀ کان اڳيان ان جو ٺڪاڻو ان جو گھر ان جو مقام جنت ھوندو.
ھتي اھا ڳالهه به غورطلب آھي ته انسان جي لاءِ خدا تي يقين رکڻ سان گڏوگڏ دنيا جي معاملن ۾ پنهنجي محنت ڪرڻ لازمي آھي پر پنهنجو پاڻ کي دنيا جي زندگي تائين محدود ڪري پنهنجي سڀني ڪاوشن جو مرڪز دنيا کي بڻائڻ غلط آھي. مومن ته اھو آھي جيڪو الله سان مضبوط تعلق رکندي پنهنجي ۽ پنهنجي گھر وارن جو به خيال رکي .
الله تعالي قرآن مجيد ۾ فرمائي ٿو ته
ترجمو : پوءِ جڏهن نماز پوري ڪري ڇڏيو ته زمين تي چڪر لڳايو ۽ پوءِ خدا جو رزق ڳوليو (پر ان سان به ) ۽ الله جو ذڪر ڪثرت سان ڪندا رھو توھان ڪاميابي تائين پھچندو.(الجمعت)
الله تعالي ھن آيت ذريعي انسان کي بھترين انداز سان ڪامياب جو راز سمجهائي ڇڏيو آھي الله جو سيکاريل ھي طريقو ايترو بھتر ۽ ڪامل آھي جو ان سان نه ڪو انسان جو خدا سان تعلق ڪمزور ٿيڻ جو خدشو رھندو آھي نه وري انسان کي دنيا جي معاملن ۾ رڪاوٽ ايندي آھي انسان جڏهن دل ۾ الله کي ياد ڪندي کائيندي ڪمائيندي حقوق العباد پورا ڪرڻ ۾ مصروف ھوندو آھي ته الله به ان کي اجر مسلسل ڏيندو آھي.
انسان جڏهن الله جي ياد ۾ گم ٿي ڪري ڪم ڪندو آھي ته ان جي ڪم ۾ الله جي خاص محبت شامل ٿي ويندي آھي انسان جو ڪم پاڻ ئي پاڻ بھترين رزلٽ ڏيندو آھي ٿورو سوچيو اھو ڪيئن ممڪن آھي الله جي ياد ۾ گم ٿي ڪري ڪم ڪري ۽ اھو جيڪو مخلوق جي بي ايمانن کي سنوارڻ وارو آھي اھو پنهنجي ڪنهن محبت ڪرڻ جو ڪم بگڙڻ ڏيندو؟ يقين ڪيو الله جي ياد ۾ پچايل کاڌي جو ذائقو ڪجهه وڌيڪ ذائقيدار ھوندو آھي جيڪو کاڌو ان کي ياد ڪندي پچايو/کاڌو وڃي ڀلا اھو بيمار ڪيئن ٿو ٿي سگھي. الله جو ذڪر ڪندي جنهن اولاد جي تربيت ڪئي وئي ھجي اھو ڪيئن نافرمان ٿي سگھي ٿو؟ جڏهن توھان ان بابرڪت جي ياد ۾ گم ٿي ويندا آھيو ته اھو اسان جي لڳي ڪري اسان جا ڪم سنواريندو ويندو آھي ته جيئن اسان کي دنيا ۽ آخرت ۾ ڪامياب ملي وڃي.

شڪرگذاري جي اھميت

شڪرگذاري جي اھميت

موٽيوشنل اسپيڪر بڪ وجيسڪ چوي ٿو ته ”مان اڄ تائين ڪنهن شڪرگزارانسان کي پريشان ناھي ڏٺو ۽ مان اڄ تائين ڪنهن پريشان کي شڪرگذار ناهي ڏٺو.“
الله تعالى انسان کي بيشمار نعمتن سان نوازيو آھي جنهن ۾ انسان جي جسم عقل ۽ شعور کي خاص مقام حاصل آھي ھن دنيا ۾ اچڻ کان موت تائين محشر جي ڏينهن کان جنت تائين انسان کي ھر شي الله پاڪ جي ڏنل نعمت آھي. نه ته اسان انسان ان جي قابل ناھيو جو پنهنجي لاءِ ساھ به پيدا ڪري سگھون. اصل ۾ انسان ڪامياب اھو ئي آھي جڏهن جنھن کي ڪا نعمت يا خوشي عطا ڪئي وڃي ۽ ھو الله پاڪ جو شڪريو ادا ڪندو آھي ۽ ڪجهه ماڻھو ته اھڙا آھن جو پاڻ تي ايندڙ مصيبت ۽ مشڪلات ۾ به خدا جو شڪرگذار رھندا آھن الله کي ڏکئي وقت ۾ شڪر سان جي عادت ڏاڍي محبوب آھي ان لاءِ حضرت علي ڪرم الله وجه فرمائي ٿو ته
پريشان خاموش رھڻ سان گھٽ صبر ڪرڻ کان ختم ۽ شڪريو ڪرڻ سان خوشي ۾ بدلجي ويندو آھي.
الله تعاليٰ انسان تي جيڪي رحمتون نازل ڪري رکيون آھن انھن جي شڪرگذاري ڪرڻ اسان تي لازم آھي پر اسان انسان لاپرواھي جي انتھا تي ھلندڙ ڏکن تي ته روئندا آھيون پر شڪريه ھڪ لفظ زبان مان ناھيون ڪڍندا اسان کي ٿوري تڪليف پھچندي آھص ته مايوسي وارو ڳالهيون ڪرڻ لڳندا آھيون جڏهن ته انسان ڪيترن ئي مصيبن ۾ ڦاٿل ڇونه ھجي ان کي شڪرگذاري ڪرڻ لاءِ ڪيترايون ئي بيشمار نعمتون ھر وقت موجود ھونديون آھن جن کي نظر انداز ڪري پنهنجي ڏکن تي روئندو رھندو آھي اسان جي ناشڪري اسان کان اسان جون ڪاميابيون ۽ نعتو کسي وٺندي آھي مان سمجھان ٿو ته جڏھن به انسان کي مايوسي پريشاني جو احساس ٿيڻ لڳي ته اھو پنهنجي آس پاس الله جي نعمتن ڏانهن نظر ڊوڙائڻ گھرجي جيڪي ان کي خدا عطا ڪيون آھن ان سان انسان کي نه رڳو تڪليفون ننڍيون لڳنديون آھن پر پر سڪون ملندو آھي ۽ ان ۾ شڪرگذاري جي عادت پيدا ٿيندي آھي جيڪي ماڻهو شڪرگذاري جي عادت اختيار ڪندا آھن زندگي انھن کي سٺي منزل تي کڻي ويندي آھي.
نبي ڪريم صلي الله عليه واله وسلم شڪرگذاري جي اھميت بابت فرمايائي ٿو ته :
الله تعاليٰ جڏهن ڪنهن قوم کي نوازڻ جو ارادو فرمائيندو آھي ته سڀ کان پھرين ان کي ڊگھي ۽ شڪرگذاري سيکاريندو آھي.(کنزالعمال)
ان حديث نبوي مان پاڻ چڱي طرح اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته انسان جي ڪاميابي ۽ ڪامياب زندگي جي لاءِ شڪرگذاري جي عادت جي ڪيتري اھميت آھي. انسان کي دنيا آخرت ۾ ڪاميابي تيسيتائين نه ٿي ملي سگھي جيسيتائين الله ان ڪرم نه فرمائي حقيقي ڪاميابي ته اھا ئي آھي ته انسان کي گڏ ڪير ھجي نه ھجي پر خدا گڏ ھجڻ گھرجي. ٿورو سوچيو جنھن کي شڪرگذاري جي عادت اختيار ڪرڻ سان خدا ملي وڃي اھو ڪيئن ناڪام ٿيندو؟ ان شڪرگذاري جي ڪري ان جو شمار نه رڳو دنيا پر محشر جي ڏينهن به الله جي محبوب ٻانهن ۾ ٿيندو جيڪا پنهنجو پاڻ ۾ ئي وڏي ڪاميابي آھي.
شيخ سعدي رح ھڪ دفعو ڪنهن جاء تي وڃي رھيو ھو رستي ۾ پنهنجي پيرن کي ڏسي دل ۾ خيال ڪيائين ته پيرن ۾ جوتا پاتل ناھن.اھو ڏسي جلدي ۾ خدا جي سجدي ۾ ڪري پيو ۽ چوڻ لڳو ڇا ٿي پيو جيڪڏهن جوتا ناھن ته پير ته سلامت آھن ۽ مان به صحيح سلامت آھيان.. انسان جي اھا عاجزي ۽ شڪرگذاري جي عادت ئي ڪاميابي ۽ خوشي جو ڏاڪو ھوندي آھي صبر ۽ شڪرگذاري جي ان مقام تي جيڪي ماڻھو ڏوراپن کي ترجيح ڏيندي ناشڪري ڪندا آھن انھن لاءِ وري ھميشه لاءِ ناڪامي لکي ويندي آھي ته جيئن اھد خدا طرف موٽي اچن.
مولانا رومي فرمائي ٿو ته
ھر وقت الله جو شڪر ڪندا رھو صرف پيسا ۽ دولت رزق ناهي علم چھرو اولاد ادب اخلاق به رزق ۾ شامل آھي.
اڄ جي دور ۾ اسان پنهنجي جاچ طلب ڪيون ته اسان مان اڪثر ماڻھو ناشڪره آھن اھا ھڪ تلخ حقيقت آھي ته اسان اڪثر ماڻھو چاھي ڪيتري به مقام ۽ مرتبي تي فائز ھجي پنهنجي نوڪري پنهنجي مقام ۽ مرتبي پنهنجي زال ٻارن پنهنجي ذاتي ڪاروباري معاملن مان خوش نظر ناھن ايندا الله جي عطا ڪيل نعمتن مان مايوس ھر ماڻھو روئڻ مقدر بڻائي ويٺو آھي خدا جي شڪرگذاري ته پري جي ڳالهه اسان پاڻ ۾ ان معاملي ۾ ڪنجوسي ڪرڻ جو مظاھرو ڪندا آھيون اھو اسان ۾ سڀ کان گھڻن ماڻھن جي سڀ کان وڏو سبب آھي ڪامياب ماڻھو ۽ ڪامياب قومون ھر ننڍي ۾ ننڍي ڳالھ ۽ معاملي ۾ به ھر ننڍي وڏي کي شڪريو ادا چوڻ مصروف ھونديون آھن. ۽ منهنجي خيال ۾ ان جي ھيء عادت ان جي لاءِ ڪاميابي کي آسان بڻائيندي آھي ان حوالي سان الله تعاليٰ قرآن مجيد ۾ به فرمايو آھي ته
جيڪي ماڻهن جو شڪريو ادا ناھن ڪندا اھي الله جو به شڪريو ادا ناھن ڪندا.
ڪامياب حاصل ڪرڻ جي لاءِ انسان کي ھر حال ۾ پنهنجي آس پاس موجود ماڻھن ۽ خدا جي شڪرگذاري واري عادت اختيار ڪرڻ گھرجي. انسان جيڪڏھن شڪريو ادا ڪندو رھندو ته الله تعالي جو ان سان واعدو ٿيل آھي ته ان کي عمل وڌيڪ نعمتن سان نوازيو ويندو جيڪڏھن ناشڪري کي اسان پنهنجي عبادت بڻائبي ته پوءِ ياد رکو خدا جو پڪڙ ڏاڍي سخت آھي. شڪرگذاري جو تعلق صرف زبان سان ناهي عمل سان به آھي. ماڻھن جي مدد ڪرڻ پنهنجو مال الله جي راھ ۾ خرچ ڪرڻ الله جي لاءِ پنهنجي مائٽن سان محبت ڪرڻ ۽ ڏکويلن کي تسلي ڏيڻ به شڪر جو عملي مثال آھي توهان شڪري عادت اختيار ڪيو ۽ پوءِ ڏسو زندگي ڪيئن تبديل ٿئي ٿي. ھر طرف سڪون Positivity آساني ٿيندي توھان جا معاملا سنوارجندا ويندا ۽ توھان ڪاميابي سان گڏ بھترين زندگي گذارڻ جي قابل ٿي ويندو اس جي شڪرگذاري کي اختيار ڪري ان جي توھان ڪو به طريقو اختيار ڪرڻ چاھيو ٿا ته گھٽ ۾ گھٽ پنهنجي دل ۾ انھن ڳالھين جو شڪريو ادا ڪرڻ جي ڪوشش جيڪو الله اوھان کي عطا ڪيو آھي اعليٰ اخلاق جو اظھار انھن عادتن سان ٿيندو آھي مھذب معاشرا ايئن ئي قيام ۾ ايندا آھن.


سھڻي نيت جا کوڙ فائدا

سھڻي نيت جا کوڙ فائدا

ترجمو : الله جو ئي آھي ؟ جيڪو ڪجهه آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪو ڪجهه زمين ۾ آھي ۽ جيڪڏهن توھان ظاھر ڪيو جيڪو اوھان جي دلين ۾ آھي يا لڪايو الله توھان کان ان جو حساب وٺندو (البقره)
نيت دل جي ارادي جو نالو آھي انسان جو ھر عمل ان نيت جي مطابق ٿيندو آھي ھن دنيا ۾ انسان جيڪو به ڪم ڪندو آھي الله ان جي نيت کي پرکيندو آھي ته انسان اھو ڪم دل سان ڪيو يا سستي سان ڪيو آھي الله جي سامهون انسان جي درجن ۽ سزا جزا جو معاملو سڄو ان نيت جي بنياد تي ڪيو ويندو آھي.
امام بخاري رح اھا عظيم شخصيت آھي جنهن حديثن کي جمع ڪرڻ لاءِ تمام گھڻي محنت ۽ پاڪيزگي سان گڏوگڏ الله تعالي کان دعا گھرندي پنهنجي عملن کي بھتر بڻايو. سندن نيڪ نيتي جي سبب الله تعالي سوين سال گذرڻ باوجود حديثن جي ان مجموعي "صحيح بخاري" کي تمام مسلمانن لاءِ سند جو درجو عطا ڪري رکيو آھي. امام بخاري رح جي ڪتاب جو آغاز ان نيڪ نيتي جي اھميت واضع ڪندي حديث سان شروع ڪري ٿو.
بيشڪ عملن جو دارومدار نيتن تي آھي ۽ بيشڪ انسان لاءِ اھوئي ڪجهه آھي جيڪو اھو نيت ڪندو آھي. (صحيح بخاري باب الايمان)
مان سمجھان ٿو مٿي پيش ڪيل ھڪ حديث ئي اسان انسان جي لاءِ نيت جي درستگي جي اعتبار لاءِ ڪافي آھي. ان حديث ۾ الله جي رسول اڪرم صلي الله عليه واله وسلم اسان کي ڪاميابي جو رستو ڏيکاريو آھي ته جھڙي اسان جي نيت ھوندي اھڙا ئي اسان جي معاملن جا نتيجا ھوندا. اسان دين جو مطالعو ڪندي ٻاھران ئي اھو محسوس ڪندا آھيون ته الله تعالىٰ عملن بدران نيت کي اھميت عطا ڪئي آھي. ان جو سڀ کان وڏو سبب اھو آھي ته انسان جو عمل ڏيکاء وارو ٿي سگھي ٿو پر ان جي نيت کان صرف الله پاڪ ئي واقف ھوندو آھي ان لاءِ الله تعالي انسان جي نيت کي عمل جي ان مقام تي رکيو آھي .
مشھور جرمن فلاسفر ڪامن چوي ٿو ته :
اھو ڪم اخلاقي آھي جيڪو نيڪ نيتي سان انجام تي پھتو ھجي.
ھر ڪم ھر معاملي انسان جي نيت کي ڏاڍي اھميت کڻندڙ آھي. ۽ ان جو عملي ڏيکاء انسان کي پنهنجي ڪم جي پڄاڻي تي نتيجي ۾ صورت ۾ ڏسڻ لاءِ ملندو آھي. نيڪ نيتي خدا جي رضا ۽ ماڻھن جي ڀلائي کي نظر ۾ رکندي ڪرڻ وارو اھو ڪم جلدي يا دير سوير انسان جي حق ۾ بھترين ثابت ٿيندو آھي. انسان کي ڪاميابي کي ڪاميابين جي بلندين تي وٺي ويندو آھي. جڏهن ته خود غرضي جي بنياد ۾ بدنيتي سان گڏ ڪيو ويندڙ ڪم ۾ انسان کي ھر مرحلي ۾ تڪليفون ڏسڻيون پونديون آھن ۽ آخرت جا نتيجا به مايوس ڪندڙ ھوندا آھن
انسان جيڪي سھڻي نيت سان گڏ پنهنجي پاڻ کي زندگي جي مقصد ۾ طرف سفر جارص رکي ته ان کي نه صرف الله جو راضپو ۽ والدين جو دعائون به ملنديون آھن جيڪي ان جي ڪاميابي جي سفر کي سولو ڪنديون آھن توھان ڪنهن به ڪم جي شروع ڪرڻ لڳو ته اھو تعليمي سفي ھجي يا ڪاروباري معاملو گھريلو زندگي ھجي تا مائٽن سان ڳنڌاپو انھن سڀني ۾ جيسيتائين انسان جي نيڪ نيت نه ھوندي تيسيتائين ان ڪاميابي صرف خواب ئي ھوندي. نيڪ نيت اسان جي اھا ڪنجي آھي جنهن جي حاصلاتن لاءِ انسان کي پوري دنيا ۾ مثال بڻايو ويندو آھي . اھي سڀ ماڻھو جيڪي ڪامياب ھوندا آھن انھن جو تعلق ڪنهن به مذهب يا فرقي سان ھجي انھن ۾ ھڪ گڏيل خوبي سھڻي نيت ھوندي آھي. اھا ئي خوبي آھي جيڪا ڪامياب ماڻھن کي پنهنجي لاءِ مسئلا ڪندڙن لاءِ به سٺو سوچڻ تي مجبور ڪندي آھي ۽ پوءِ ھڪ ڏينهن ايندو آھي انسان ڪامياب ٿي ڪري اھڙن ڪيترن ئي ماڻھن جي لاءِ آسانيون پيدا ڪندو آھي ۽ ماڻھو به ان جي تعريف ڪنداآھن ۽ الله به ان کان راضي ٿي ويندو آھي.
سيد قاسم علي شاهه جي شخصيت ڪنهن تعارف جي محتاج ناھي پاڻ پاڪستان جا مشھور موٽيويشنل اسيپڪر دانشور مصنف ماھر تعليم ۽ ٽرينر آھن بيشڪ پاڻ ھن بھتري ۽ ڪامياب انسان آھي ان جي ھي ڪاميابي ان جو نيڪ نيت جو ثمر آھي شاھ صاحب ھڪ انٽرويو ۾ ذڪر ڪري ٿو ته ان ڪاليج جي دور ۾ ئي پنهنجي وطن ۽ ان جي ماڻھن جي ترقي ۽ اڳيان وڌڻ لاءِ ڪجهه ڀلو ڪرڻ جو ارادو ڪيو ھو ان جو سڀ محنتون پنهنجي ملڪ جي قوم جي ڦھلجندي نظر اينديون آھن. ھڪ انٽرويو ۾ شاھ صاحب چيو ته مان پري انجينئرنگ جو شاگرد ھئس ۽ تڏهن آڪٽوبر مھيني ۾ پيپرن کان 6 مھينا پھريان ھڪڙو شاگرد مون وٽ آيو جنهن جو نالو خرم شھزاد ھو ان مونکي چيو ته قاسم صاحب ماب اوھان کام پھرئين سال جي رياضي پرھڻ چاھيان ٿو.ڇا توھان مونکي پڙھائيندو؟ مان انھن ڏينهن ۾ واندو ھئس سو مان ان کي پڙھائڻ جي حامي ڀري. مان خرم کي چيو ته مان پاڻ به اڪيڊمي ويندو آھيان تون منهنجي اڪيڊمي وڃڻ کان اڳ مون وٽ ايندو ڪر ميٿ ٽيوشن جي ٽئين مھيني خرم مونکي چوڻ لڳو ته سر مونکي توھان جي ھر ڳالهه چڱي طرح سمجهه ۾ ايندي آھي ۽ اوھان جي سمجهائڻ جو انداز ڏاڍو ڀلو آھي. ٽيوشن جو سلسلو ھلندو رھيو ايئن منهنجي ٻئين سال جا به پيپر ٿي ويا رزلٽ کان پوءِ مان انجينئرنگ جي تياري شروع ڪئي جڏهن ته خرم شھزاد ٻئين سال ۾ آيو ھڪ ڏينھن خرم شھزاد پاڻ سان گڏ ڪجهه ٻيا شاگرد مون وٽ وٺي آيو ۽ چوڻ لڳا اسان کي پڙھايو مونسان اھو مسئلو ھو ته منهنجي گھر ۾ جڳهه نه ھئي مان گھر ٻاھران ڪجهه ڪرسيون رکي انھن کي پڙھائڻ شروع ڪيو شروع ۾ ٻه ٽي سال مان رياضي پڙھائيندو ھئس اسان چار شيٽون ان ۾ ڪاربن پيپر رکي ڇڏيندا ھئا ان انھن کي پڙھائيندو ۽ لکندو ويندو ھئس وقت سان گڏوگڏ تقريبن پنجاھ کن شاگرد مون وٽ پڙھڻ پڙھڻ لڳا ان مرحلي ۾ سڀ کان وڏو مسئلو اھو ھو ته ڪاربن وارو طريقو ھلائڻ ڏکيو ٿي ويو مسئلي جي حل لاءِ ڪجهه شاگردن ۾ گروپ ٺاھيو ويندو ھو . مان ھڪ گروپ کي پڙهائيندو ھئس ته ٻيو گروپ انتظار ڪندو ھو ھڪ ئي سوال مان ڪافي دفعا لکندو ھئس ان ۾ منهنجو وقت ضايع ٿي ويندو ھو پوءِ ان جو به حل ڪڍيو مان ھڪ اڇو بورڊ خريد ڪيو جيڪو اڄ به مون وٽ موجود آھي ان کي مان ڀت ۾ لڙڪائي ٻارن کي سمجھائڻ شروع ڪيو گروپ جي صورت ۾ رياضي جا شاگرن ايندا ۽ پڙھندا ويندا ھئا ايئن سلسلو ٽن چئن سالن تائين ھلڻ لڳو ۽ شاگردن جو تعدا 200کان وڌي ويو پوءِ مونکي چئلينج کي منهن ڏيڻو پيو اھا جڳهه ھئي مان گھر وارن کي درخواست ڪئي ته ڊرائنگ روم منهنجي حوالي ڪيو ڇاڪاڻ ته مان ٽوشن مان ڪجهه ڪمائن لڳو آھيان ۽ مان سمجھان ٿو ته پنهنجي تعليم سان گڏ انھن ٻارن کي پڙھائيندو رھا منهنجي ماءُ طبعيت ۾ تيز آھي سو ان پھريان ڊرائنگ روم ڏيڻ کان پھريان سختي سان منع ڪيو منهنجي وڏين ڪوششن کان پوءِ اھو فيصلو ٿيو ته شام جو صفائي ڪري ھنن کي پنهنجو ڊرائنگ روم واپس ڪندس جيئن اھو پھريان ھوندو ھو مان ڪيترو ئي عرصو پنهنجي ان شوق ۽ صلاحيتن کي ھڪ ڊرائنگ روم ۾ چار ڀتين ۽ ھڪ ڇت اندر ڦھلجڻ جو موقعو ڏنو ان دوران ڪجهه فزڪس ۽ نفسيات جي شاگردن کي به پڙھائڻ جو موقعو مليو .
قاسم علي شاهه چوي ٿو ته ھو ٻارن کي تعليم سان گڏ اخلاقيات به سيکاريندو ھو ٻارن کي زندگي جي معني ۽ مفھوم سمجھائڻ سان گڏ انھن جي زندگي جي ٻين معاملن ۾ـبي رھنمائي ڪندو ھو ان جي اھا دل سان محنت انھن ماڻھن کي سلڇڻو ۽ بااخلاق بڻائڻ لاءِ ھئي جنهن جي نتيجي ۾ الله ان کي تمام گھڻو وڌيڪ اجر ڏنو آھي اڄ شاھ صاحب جا چاھيندڙ پوري پاڪستان ۾ آھن ملڪ جي مشھور شخصيتن جي ڪتابن جي حوالن ۾ سندس ذڪر ڪاميابي جو ثبوت اوھان کي نظر ايندو.


ايمانداري جو درجو

ايمانداري جو درجو

حضور اڪرم صلي الله عليه واله وسلم جن فرمايو آھي ته : ”بيشڪ الله ھر نگران کان ان جي نگراني بابت سوال ڪندو ته جي ان حفاظت ڪئي آھي يا ذيان.“
مشھور محقق ڊاڪٽر ٿامسلي انسان جي ڪاميابي جي سببن ۽ عادتن کي بيان ڪندي ايمانداري کي سرفھرست رکيو . ھڪ محقق جي مطابق ۾ دنيا ۾ لڳ ڀڳ 98 سيڪڙو ڪاروبار ڪرڻ وارا ماڻهو ايماندار ھوندا آھن ان ڳالهه مان معلوم ٿئي ٿو ته انسان چاھي ڪنهن به مذھب يا قبيلي سان تعلق رکڻ وارو ھجي . ايمانداري ان جو حصو آھي ايمانداري مان مراد آھي ته اوھان اھڙي ڪنهن به شي کي تسليم نه ڪيو جنهن ۾ اوھان جي محنت نه ھجي ۽ توھان پنهنجي حصي کان وڌيڪ وٺڻ جو نه سوچيو ڪامياب ماڻھو زندگي جي ھر معاملي ۾ ايمانداري جو مظاھرو ڪندا آھن.
سچائي ۽ ايمانداري کي دنيا ۾ بنيادي اھميت حاصل ھوندي آھي جيڪڏهن معاشري ۾ ايمانداري نه ھجي ڪوڙ ۽ بي ايماني عروج تي اچي وڃي ته ان معاشري کي زوال ۾ اچڻ کان ڪير نه ٿو روڪي سگھي . گوٽليب ڊٽ ويلر انسٽيٽيوٽ جا ماھر ھڪ تحقيق جا نتيجا بيان ڪندي ٻڌائن ٿا ته ھڪ انسان معاشري ۾ ايمانداري جي موجودگي لازمي آھي ۽ جنهن معاشري ۾ جڏهن اھا لازمي تڏهن ئي اھو معاشرو ترقي جي قابل ٿي سگھي ٿو. ۽ معاشري جا ٻيا پرز به سٺي طريقي سان ڪم ڪندا آهن. مختصر ته معاشري ۽ ملڪ جي ترقي ۾ ايمانداري اھم ڪردار ادا ڪندي آھي .
ايمانداري ان اھميت کي ڄاڻڻ جي باوجود به اسان جي معاشري ۾ اھڙو خاص ڌيان نه ٿو ڏنو وڃي. اڄڪلهه ته سٺا پڙھيل لکيل ايتري ۾ ديندار ماڻھو به ماڻھن جا حق کائيندي نظر ايندا آھن مان سمجھان ٿو ته اھا اسان جي معاشري جي ناڪامي جو سڀ کان وڏو سبب آھي .اسان وٽ ھڪ وڏي غلط فھمي اھا آھي ته ايماندار کي پئسن جي حد تائين محدود رکندا آھن جڏهن ته ايمانداري ۾ ماڻھن ئي ڀلائي ڏانهن سڏڻ عھدي جي حفاظت ڪرڻ سٺي صلاح ڏيڻ ڪنهن جي راز جي حفاظت ڪرڻ ماڻھن جي حقن جي حفاظت ڪرڻ ۽ ماڻھن ۾ انصاف ڪرڻ به شامل آھي .
پاڻ ڪريم جن فرمايو ته :
توھان ماب ھر شخص ھڪ نگران آھي ۽ ان ۾ ھر ھڪ کان ان جي ھيٺين جي باري ۾ سوال ڪيو ويندو ماڻھن جو حڪمران ان جو نگران آھي.۽ ان کان ماڻھن جي باري ۾ سوال ڪيا ويندا. ماڻھو پنهنجي گھر جو مالڪ آھي ان کان ان جا سوال ڪيا ويندا عورت پنهنجي مڙس ۽ ٻارن نگران آھي ان کان ان جي باري ۾ سوال ڪيا ويندا. ماڻھو (آقا يا غلام)جي مال جو نگران آھي ان کان ان بابت سوال ڪيا ويندا مطلب ته اوھان ۾ ھر ھڪ نگران آھي ۽ انھن کان انھن جي ماتحت بابت سوال ڪيو ويندو.
ان حديث ۾ اھا ڳالهه واضع ڪري سمجھائي وئي آھي ته ھر انسان جو ايماندار ھجڻ ڇو ضروري آھي محشر جي ڏينهن الله تعالي ھر انسان مرد ۽ عورت کان ان جي زميوارد بابت سوال پڇندو ته ھو پنهنجي معاملي ۾ ڪيترو سچو ۽ ايماندار رھيو آھي. اھڙي طرح ايمانداري جو تعلق ھر ننڍي وڏي سياسي انتظامي معاشي ۽ معاشرتي ۽ گھريلو زندگي سان جڙيل ھوندو آھي. ماڻھن جا حق ھڪ ٻئي سان جڙيل آھن. ان لاءِ ھر شخص کي فرض جي ادائگي ۾ خيال رکڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي. ايمانداري ھڪ اھڙي خوبي آھي جنهن کي معاشري جي ھر فرد ۾ پيدا ڪرڻ ٻغير معاشري کي ڌوکو ڏئي ظلم ۽ ذيادتي دم ۽ اعتماد جھڙن مسئلن کان نٿو ڪڍي سگھجي ۽ سڀ ديني وسيلن ۽ مال جي ڪثرت جي باوجود معاشري ۾ امن ۽ سڪون جي زندگي گذارڻ کي ممڪن نٿو بڻائي سگھجي. منهنجي خيال ۾ ھي اھي سبب آھن جن ھر دور ۾ ماڻھن جي چاھي انھن جو تعلق ڪنهن به مذھب سان ھجي سڀني جي لاءِ ايمانداري کي پسند ڪيو آھي.
الله تعالى اسلام کي فطرت جو دين قرار ڏنو آھي ۽ الله تعالي انسان کي اھو حڪم به ڏنو آھي اھو ٻين جي لاءِ سولايون پيدا ڪرڻ وارو بڻجي ھن دنيا کي ماڻھن جي رھڻ لاءِ بھترين جاء ٺاھڻ جي ڪوشش ڪري. ان ضرورت کي نظر ۾ رکـندي جيسيتائين معاشري ۾ ايمانداري جي فضا کي گھلڻ نٿو ڏنو وڃي تيستائين ھن دنيا کي بھترين بڻائڻ ناممڪن آھي .انسان جيڪڏهن گڏيل تعاون تي ڌيان ڏيندي ايمانداري جو مظاهرو ڪرڻ لڳن ته دنيا مان غربت جو نالو نشان ئي ختم ٿي ويندو.
مان ڪامياب ماڻھن جو مطالعو ڪندي ھي ڳالهه ڄاڻي ڪافي خوشگوار ۾ حيرت ۾ ورتل آھيان ته دنيا ۾ موجود تقريبن ھر ڪامياب شخص پنهنجي آس پاس ماڻھن جو, خاص ڪري يتيم ۽ غريبن جو وڏو خيال رکندو آھي. اھو سڀ پنهنجو فرض سمجھي ادا ڪندو آھي. اھا ھل اجتمائي سوچ آھي جيڪا ڪامياب ماڻھن ۾ ھوندي آھي. عبدالستار ايڌي جو مثال اوھان جي سامھون آھن جنهن پنهنجو پاڻ کي ماڻهن تي قربان ڪري ڇڏيو. پنهنجي سڄي زندگي ايمانداري ۽ نيڪ نيتي جو مثال پاڻ آھن.
دين اسلام ۾ ايمانداري جي اھمت اجاگر ڪرڻ جي لاءِ الله تعالي قرآن مجيد ۽ حديث ۾ بار بار ايمانداري جو حڪم ڏيندي فرمائي ٿو ته :
ترجمو : بيشڪ! الله توکي حڪم ڏئي ٿو ته امانتن وارن کي انھن جون امانتون پھچايو ۽ جڏهن ماڻهن جا فيصلا ڪيو ته عدل ۽ انصاف سان فيصلو ڪيو يقينن اھا بھتر شي آھي جنهن جي نصيحت اوھان کي الله ڪري رھيو آھي بيشڪ الله ٻڌندو آھي ۽ ڏسندو آھي. (النساء)
حديث نبوي
ان جو ڪو به ايمان ناھي جيڪو امانتدار ناهي ۽ ان جو ڪو به دين ناھي جيڪو واعدو پورو نه ٿو ڪري (مشکوه)
جھڙي طرح قرآن ۽ حديث سان گڏ سائنسي تحقيق به ايمانداري تي زور ڏنو آھي ۽ ان کي معاشري جي ترقي جي لاءِ لازمي جز قرار ڏنو آھي. اتي ماڻهن جا حق کائڻ کان به بار بار روڪيو ويو آھي ڇاڪاڻ ته اھا خراب عادت آھص ڪنهن به معاشري جي تباهي ۽ بربادي جو سبب بڻجي سگھي ٿي. خيانت مان مراد پنهنجي زميوارين کان لاپرواھي ڪرڻ مثال طور ماڻهو ھڪ ٻئي جو خيال رکڻ بجاءِ ان سان زيادتي ڪندا رھن ته اھا خيانت ٿيندي آھي. الله تعالى ان حوالي سان قرآن مجيد ۾ فرمائي ٿو ته :
ترجمو : بيشڪ الله تعالي خيانت ڪرڻ وارن کي پسند ناهي ڪندو. (الانفال)
جيڪو به ماڻھو پنهنجي معاملن ۾ خيانت داري ڪندو ان کي دنيا ۽ آخرت ۾ ذلت واري شڪست نصيت ٿيندي آھي ھي اھو قانون آھي جنهن کي الله انسانن جي ڀلائي واري ترتيب ڏنو ھاڻي جيڪڏھن غفلت ڪرڻ سان نه انسان دنيا ۾ ڪاميابي سان زندگي گذاري سگھي ٿو نه ئي آخرت ۾ ان جو ڪو حصو ٿئي ٿو.
ڪامياب ماڻهو پنهنجي ھر عمل ۾ ايمانداري سان گڏوگڏ زميواري ڪندي سھڻي طريقي سان مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آھي. ۽ ان جي اھا ئي خوبي کيس ڪاميابي طرف آڻيندي آھي. جڏهن ته ناڪام ماڻھو ماڻھن جا حق ڦٻائڻ ۾ ته ڪامياب ٿي ويندا آھن پر جلد ئي انھن ڌوکي جي ڀت ڪري پوندي آھي ۽ ناڪامين جي گھرائي ۾ وڃي ڪرندا آھن ڏسندا ڪيو ته ڪاميابي جو ساٿ ھٿ مان وڃڻ گھرجي. ان عادت کي پڪڙي ويھو اھو اوھان کي ڪاميابي تائين وٺي ويندو.

علمي قابليت کان ملڪي ترقي تائين

علمي قابليت کان ملڪي ترقي تائين

سڀني صفتن جو مجموعو علم سکڻ ، ان تي عمل ڪرڻ ۽ پوءِ ٻين کي سيکارڻ آهي (امام حعفر صادق)
دنيا جي تاريخ تي نظر ڊوڙائي وڃي ته سڀني قومن جي ترقي ازل کان انھن جي نوجوانن جي سوچ فڪر ۽ ڪردار شڪرگذار رھي آھي. ان سوچ ۽ فڪر کي چڱي طرح عملي جامو پارائڻ لاءِ تعليم جي نظام کي خاص مقام حاصل آهي. تعليم انسان کي عقلي ۽ ذھني شعور ڏيڻ سان گڏ صبر ۽ ھمت سان گڏ محنت ڪرڻ جو بھترين ھنر سيکاريو آھي پوءِ انسان ان جي قابل ٿي ويندو آھي ته پنهنجي ھدف کي حاصل ڪرڻ لاءِ محنت ڪندي سائنسي دنيا ۾ ٽيڪنالوجي ۽ ايجادن موجب بڻجندو آھي. ھڪ انسان تعليم ۽ تربيت جي ذريعن سان ئي سٺين ۽ ڪامياب عادتن کي اختيار ڪري دنيا ۾ ڪاميابي حاصل ڪندو آھي . ۽ معاشري کي نئين سڃاڻپ ڏيندو آھي ھي ڪاميابي جي رستي تي ھلڻ وارو انسان تعليم جي بدولت ماضي جي ناڪام غلطين مان سکي ڪري پاڻ کي غلطيون ورجاء ڪرڻ کان روڪي رکندو آھي. ۽ ڪاميابي جي لاءِ بھترين منصوبابندي ڪندو آھي.
دنيا جي ھر قوم جيڪا ڪاميابي ۽ ترقي جو خواب ڏسندي آھي اھا پنهنجي نوجوانن لاءِ بھترين تعليم جي ضرورت ۽ اھميت کي ڄاڻيندي ان جي فراھمي کي يقيني بڻائيندي منهن ڏيندا آھن . اھو ئي سبب آھي ته ترقي يافته قومن ۾ ڪامياب ماڻھن جو انگ ترقي ڪندڙ ملڪن جي ڀيٽ ۾ گھڻو وڌيڪ ھوندو آھي ھيء ھڪ اھڙي حقيقت آھي جنهن کان منهن نٿو موڙي سگھجي ته قومن جي عروج ۽ زوال جا فيصلا انھن جي تعليمي بنياد تي ڪيا ويندا آھن.
ڪامياب ملڪ ۽ قوم جي لاءِ تعليمي اھميت ڄاڻڻ کان پوءِ اھو ڄاڻڻ ضروري آهي ته تعليم آخر ڇا آهي ؟ منهنجي خيال ۾ تعليم جو پھريون مقصد انسانيت جي تعمير آھي نوجوانن جو زندگي جي ڪشمڪش ۽ انھن جي لاھين چاڙھين کان باخبر ٿيڻ ۽ انسان لاءِ دنيا ۽ آخرت جي معاملن کان باخبر ڪرڻ تعليم جو اھم عنصر آھي. ھڪ انسان جي اندر ۾ علم جي منزل ۽ قدر پيدا ڪندو آھي ۽ ان جي ڪوشش ھوندي آھي ته ھو پنهنجي شاگرد ۾ جلد اھي سڀ عادتون ۽ خاصيتون شامل پيدا ڪرص سگھي جيڪي ان جي ڪاميابي سان گڏ ملڪ ۽ ترقي لاءِ به ضروري ھجن. بنيادي طور تي تعليم انسان کي زندگي گذارڻ لاءِ بھترين ھدايت فراھم ڪندي آھي ان لاءِ حضور اڪرم صلي الله واله وسلم فرمايو ته :
”بي علمن کي علم سيکاريڻ صدقو آھي علم حلال حرام جي نشاني آھي دنيا ۽ آخرت ۾ روشني جو ٿنڀ، اڪيلائي جي ڪيفيت ۾ وھم دور، پرديس ۾ ساٿي اڪيلائي ۾ دوست ۽ ھمراز مصيبت کي ھٽائڻ وارو دشمن جي مقابلي ۾ ھٿيار ۽ دوستن ۾ ماھين زينت آھي.“
ان مان ثابت ٿيو ته علم انسان جي زندگي ۾ احاطو ڪيئن بڻيل آھي علم ئي انسان کي عقل ۽ شعور ڏيندو آھي علم ئي انسان کي حلال ۽ حرام جي تميز ڪرڻ جي لائق بڻائيندو آھي علم ئي انسان لاءِ دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي جو جھنڊو کوڙائيندو آھي انسان جڏهن ڪٿي اڪيلو ھجي پريشاني ۾ ورتل ھجي تڏهن ھي علم ئي ان جو بھترين دوست ۽ ساٿي ھوندو آھي جيڪو ان کي مايوسين جي اوندھ مان ڪڍي اميد جا ڪرڻا ڏيکاريندو آھي علم جي ذريعي ئي انسان دوستن ۾ عزت ۽ دشمنن سان مقابلي ڪرڻ جي ھمت ڪندو آھي مقصد ته انسان جي زندگي علم کان بغير عمل کان خالي آھي جيڪڏهن عمل ٿيندو ھجي تڏهن به ڪارگر ناھي ھوندو ان لاءِ حضرت مجدد الف ثاني فرمائي ٿو ته :
”علم زندگي آھي عمل جسم آھي علم اصل آھي عمل شاخ آھي علم پيءُ آھي عمل ان جو پٽ آھي.
مطلب ته عمل جي لاءِ علم ھجڻ لازم آھي ان علم جي بنياد تي ئي ھڪ گھر جي, ھڪ ئي والدين ٻارن مان ڪنهن پڙھيل لکيل تعليم يافته ٻار کي خاص اھميت حاصل ٿيندي آھي دنيا ۾ موجود ھر امير غريب مرد عورت جي تعليم حاصل ڪرڻ برابري جي بنياد تي اھم آھي ڇو ته علم ئي انسان کي انسان بڻائيندو آھي. تعليم جي مراد ڪن مختلف ادارن ما۔ ڊگريون وٺي گڏ ڪرڻ ناھي انسان جي تھذيب ۽ اخلاقيات به شامل آھي تعليم مان مراد خدا جو خوف عبادت ۽ محبت خلق جي خدمت وفاداري خلوص ۽ ايثار وغيره آھي انھن سڀني جي بدولت ھڪ ڪامياب فرد ۽ ڪامياب معاشرو جنم وٺندو آھي .
جيڪڏهن دنيا جي ڪامياب معاشرن ڏانهن نظر ڊوڙايون ته اسان کي خبر پوندي ته انھن سڀني جي ترقي جو راز تعليم آھي ان جي برخلاف اسان جنهن معاشري جو حصو آھيون ھتي بدقسمتي سان تعليم کي اھو اصل مقام ناھي ڏنو ويو اسان اڄ به تعليم ۾ پنهنجو وقت ذيان سمجهندا آھيون ۽ جيڪڏھن ڪو گھراڻو ٻارن کي تعليم ڏيڻ چاھي ته ته تعليم ۾ اسان ان کي روايتون اخلاق ۽ نظريا سيکارڻ بدران سڄو سال پراڻو فرسوده نصاب پڙھائيندا آھيون ان جو سبب اھو آھي ته اڄ جيڪي شاگرد يونيورسٽي مان فارغ ٿيڻ کان پوءِ تخليقي ڪم ڪرڻ بجاءِ نوڪري جو فڪر ورائيندو آھي ۽ اھو ان نوڪري تي ئي پنهنجي سڄي زندگي پنهنجن صلاحيتن جو غلام قبول ڪري خرچ ڪندو آھي.

انساني ويساھ

انساني ويساھ

انسان خطا جو گھر آھي ۽ اھو غلطين مان سکندو آھي جتي انسان کي زندگي ۾ اڳيان وڌڻ جي پٿڀرائي ٿيل ھوندي آھي اتي انسان جون ھر ھر غلطين کي وري ڪرڻ ان کي ناڪامي جي ڪٽھڙي ۾ اچي بيھاريندو آھي وارن بفت چوي ٿو ته :
" غلطي ڪرڻ ھڪ عام ڳالهه آھي پر غلطي مان سکڻ انتھائي ضروري آھي ثابت قدم رھو پر ضد نه ڪيو.
وارن بفت جي ان ڳالهه مان ٻه ڳالهيون سکڻ لاءِ ملن ٿيو انسان جي ثابت قدمي ھجڻ سٺي ڳالهه آھي پر ھر ھڪ ثابت قدمي سان گڏ ورجاء ڪندي سان انسان تان ويساھ ختم ٿئي ٿو.
انساني زندگي اڪثر ٻه واٽي جو شڪار ٿي ويندي آھي ۽ پوءِ انسان ذھن ۾ سوچن ۽ سوالن جو ھڪ انبار لڳي ويندو آهي جيڪي ان کي ھڪ مقام تي روڪي رکندا آھن ان وقت جڏهن انسان ھمت جو مظاھرو ڪندي پنهنجي ظاھر ۽ باطن کي ھڪ ڪري ڇڏيندو آھي ڪمذات ٿين بدران سٺائي ۽ سچائي اختيار ڪندو آھي ان لاءِ زندگي جي ان ڏکئي مرحلي فيصلو ڪرڻ ۽ صحيح رستو مقرر ڪرڻ آسان ٿي ويندو آھي اب جي برخلاف اھي ماڻھو جيڪي دل ۾ ھڪڙا ۽ ظاھر ۾ ٻيا ھوندا آھن انھن کي رستي ۾ ٽوڙي ڇڏيندي آھي جنھن سان انھن ۾ صحيح فيصلو ڪرڻ جي صلاحيت متاثر ٿيندي آھي. ۽ انھن جو ويساھ ۽ سڃاڻپ ٿي ويندي آھي انسان جو ويساھ ان جو ظاھرباطني ھڪ ھجڻ ۽ سٺو اخلاق ھجڻ ۾ آھي.
انسان جي لاءِ پنهنجو ويساھ ٺاھڻ ۽ ان کي برقرار رکڻ لاءِ دل ۽ دماغ جي برابري ھجڻ ضروري آھي جيئن دماغ دليلن کي قبول ڪندو آهي ايئن ئي انسان جي دل خواھشن ۽ جذباتن جي پناهه گاھ ھوندي آھي ڪامياب زندگي جي ڀڄ ڊڪ ڪندي جيڪڏهن انسان جي دل ۽ دماغ ھڪ ئي پيچ تي ھجن ته ڪاميابي حاصل ڪرڻ آسان ٿي ويندو آھي. جيڪڏهن انسان پنهنجي ئي دل ۽ دماغ ۾ وچ ۾ ھڪ پل تعمير نه ڪري سگھيو ته اھو پنهنجي ۽ ماڻھن جي وچ ۾ وڏي خليج کي ڪيئن پار ڪري سگھندو؟ دل ۽ دماغ جو ھڪ ئي مقصد تي واضع ھجڻ ۽ ان مقصد تي سوچ ويچار ڪرڻ ڪوشش ڪرڻ انسان کي پنھنجي نظر ۾ ڏاڍي ھمت ڏيندو آھي ۽ ٻين جي نظر ۾ به باوقار بڻائي پيش ڪندو آھي.
ماڻھن ساناختلاف به اسان جي ويساھ کي متاثر ڪندا آھن اختلاف ھجڻ ھڪ انساني عام رويو آھي پر ان اختلافن جي آڙ ۾ ماڻھن جي مذاق اڏائڻ ۽ غير اخلاقي ورتاء ڪرڻ سان گڏوگڏ اسان جو ويساھ به متاثر ٿئي ٿو جيڪي ماڻھو پنهنجو پاڻ کي درست ثابت ڪرڻ لاءِ ننڍي ننڍي ڳالهه تي دليل ڏيندي ٻئي جي ويساھ کي متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آھن اھي پھريان اھي ڄاڻي وٺن ته ڪنهن ٻئي جي تذليل ڪرڻ سان اوھان ڪڏھن به پنهنجي لاءِ سڪون ۽ ڪاميابي ڳولي نٿا سگھو. ٻي اھم ڳالهه ته ڪنهن به انسان کي نقصان پھچائيندي اسان جيڪڏهن اھو سمجھي ويھون ته ان ۾ اسان جي عزت ۽ شان وڌندو ته اھا سراسر احمقاڻي سوچ آھي ڪنهن جو ويساھ خراب سان سڀ کان گھڻو نقصان اسان کي پاڻ کي ٿيندو آھي.
ڪامياب زندگي جي چونڊ لاءِ سڀ کان پھريان ھر انسان پاڻ کي اھو سمجھائي ته ان جي ڪاميابي ٻين سان ڳنڍيل آھي جيسيتائين انسان ٻين جي سڪون ۽ ڪاميابي لاءِ خواهشمند رھندو تيستائين ڪاميابي به ان سان گڏ رھندي آھي. ماڻھو به ان کي عزت ۽ احترام سان ڏسندا آھن ان سان ان جي سڃاڻپ ۽ ويساھ برقرار رھندو آھي ان جي برخلاف جيئن ئي تڪبر جي آڙ ماڻھن کي پاڻ کي گھٽ سمجھندو آھي انھن کي طنز ۽ مزاح جو نشانو بڻائيندو آھي ته ڪاميابي ان کان رسي ڪري ناڪامي جي ور چاڙھي پري ھلي ويندي آھي.

شادي ۽ ڪاميابي

شادي ۽ ڪاميابي

اسلام مڪمل سوچ ۽ سمجه ڏيندڙ زندگي آھي ۽ اھو انسان کي ڪامياب زندگي گذارڻ جا سڀ گڻ سيکاريندو آھي نڪاح يا شادي جي تفصيلن کي بيان ڪندي اسلام ان کي ڪامياب زندگي جي ضمانت قرار ڏئي ٿو. شادي جي لفظي معني ته خوشي آھي پر منهنجي نظر ۾ شادي خوشي کان اڳيان آھي. منهنجو مڃڻ آھي ته زندگي کي تازو ۽ پرسڪون ۽ دل کي اطمينان حاصل ڪرڻ لاءِ شادي پر جلدي شادي ڪرڻ ضروري آھي شادي نه صرف انسان کي خواھشن جي پوري ٿيڻ تائين حلال رزق فراھم ڪري ٿي پر انسان کي ڪيترن ئي غيراخلاقي عملن کان پري ڪري پنهنجو وقت ۽ سگھه بچائي وٺندي آھي. نڪاح ھڪ اھڙو بابرڪت رشتو آھي جيڪو انسان کي معاشري ۾ عزت ۽ ھڪ خاص مقام عطا ڪندو آھي زميواريون وڌڻ سان انسان قابل ۽ مضبوط ٿيندو آھي انسان جو ذھن شعوري ۽ لاشعوري طور تي کوڙ سارين غلط شين ھٽندي پنهنجي مقصد طرف ٿي ويندو آھي.
انسان ٻارن کي جلدي شادي جو حڪم ڏئي ٿو جنهن جو ھڪ سبب انھن کي معاشرتي ۽ اخلاقي غلط رستن کان بچائي زندگي جي حقيقي مقصد طرف متوجه ڪرڻ آھي. اڄ جي نفسانفسي دور ۾ کوڙ ساريون سماجي برايون وقت تي شادي نه ٿيڻ جي سبب سان پيدا ٿيون آھن. شادي ۾ دير انسان کي کوڙ سارين براين ڏانهن متوجه ڪري ان جو ڌيان اصل مقصد تان ھٽائي ڇڏيندي آھي. انسان پنهنجو کوڙ سارو وقت شادي جي لاءِ خيالي دنيا ۾ مصروف رھندي گذاريندو آھي اڄ جي نوجوان جي بي مقصد زندگي ڊپريشن ۽ ٻين اھڙين نفسياتي بيمارين جو سبب وقت تي شادي جو نه ٿيڻ آھي.
اڪثر ماڻهو اھو سوال ڪندا آھن ته شادي سان ڪاميابي حاصل ٿئي اھو ضروري ته ناهي.ڇو ته معاشري ۾ اھڙا سوين مثال آھي جتي شادي شده ماڻھن جي زندگي بدترين ڏکيائين جو شڪار آھي مان ان ڳالهه تي اتفاق ڪندو آھيان پر گڏوگڏ اھو سوال به ڪيان ٿو ته شادي ۾ مسئلن جي پاڙ تي غور ڪرڻ ڏاڍو ضروري آھي اسان شادي لاءِ ڪھڙن بنيادن تي رشتو ڳوليندا آھيون؟ پيسا گھر گاڏي حسن وغيره جڏهن رشتن جو معيار انھن اڻپورن معيارن تي رکيو وڃي ته پوءِ اخلاق ۽ ڪردار تي روئڻ سان زندگي خوشگوار نٿي بڻجي سگھي. اسلام جتي اسان کي جلد نڪاح جو درس ڏئي ٿو اسان کي نڪاح جي معاملي ۾ ھمسفر جي چونڊ لاءِ بنيادي معيار به ٻڌائي ٿو پيسا ۽ حسن بدران انسان جڏهن اخلاق ڪردار ۽ دين تي بنياد تي رشتو جوڙيندو آھي ته ان گھر ۾ خوشي ۽ سڪون جون ڌمالون ھونديون آھن.
اسان وٽ ھڪ عام طبعيت بڻجي وئي آھي ته رشتي جي معاملي ۾ پاڻ کي ماڻهن سامھون اھڳ پيش ڪندا آھيون جيڪو حقيقت ۾ ھوندا ناھيون اھو ئي سبب آھي جو اسان وقتي طور ھڪ ٻئي لاءِ ڪامل ۽ بھترين ھوندا آھيون پر جيئن ئي شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويندا آھيون ته ڪجهه ڏينهن اندر پنهنجي اصليت تي اچي ويندا آھيون. گھڙن ۾ جنگون جھيڙن جي شروعات ٿي ويندي آھي. پوءِ اھا طعنا به ھوندا آھن ته اوھان بدلجي ويا آھيو توھان پھريان ته اھڙا نه ھيو" رشتن جي شروعات ۾ ئي جيڪڏهن انسان پنهنجي اصل طبعيت ۽ عادت سان گڏ ماڻھن سان ملي ته شادي کان بعد وارن مسئلن کان بچي سگھي ٿو.
ھڪ پرسڪون ۽ ڪامياب گھراڻو ئي ڪامياب ۽ پرامن معاشري جو بنياد وجھندو آھي زال سان ذھين برابري ۾ ھجڻ ڪامياب زندگي لاءِ لازمي آھي ۽ زال جي برابري تڏهن ئي ممڪن آھي جڏهن اسان سفر جو چونڊ ماده پرستن کان ھٽي ڪري خالق جي ٻڌايل اصولن تحت ڪنداسين اسان سفر مان ذھني برابري انسان کي دل ۽ ذھني سڪون فراھم ڪندو آھي جنهن جي بدولت انسان پنهنجي صلاحيتن کي بھترين انداز ۾ بروقت استعمال ڪري پنهنجي زندگي جي سڀني معاملن جي ڪارگردگي کي بھتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪندو آھي. پرسڪون شادي اسان جي سوچ ۽ تخليقي صلاحيتن کي بھتر بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي آھي جنھن جي ڪري انسان پنهنجو وقت ۽ طاقت بھترين طريقي سان پنهنجي زندگي جي مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ وقف ڪندو آھي . زال جي موجودگي انسان کي ھمت ھارڻ جي کان ٽٽڻ کان ۽ منفي خيالن سان وڙھڻ جو حوصلو ملندو آھي اھو سڀ تڏهن ممڪن آھي جڏهن اوھان جي سوچ اوھان جي زال سان ملندڙ ھجي اوھان ھڪ ٻئي کي سمجھڻ جي قابل ھجو عمر جو فرق قد جو فرق ذات پات جي معاملن ڊگرين نوڪرين جائداد پئسا انھن مان ڪجهه به اوھان جي زندگي کي اثرانداز نه ٿئي جنهن طرح ٻن ماڻھن جي سوچ ان رشتي تي اثرانداز ٿيندي آھي . اسان ڏسون ٿا ته دنيا ۾ کوڙ سٺا کوڙ ڪامياب اخلاق ۽ ڪردار ۾ لاجواب ماڻھو به ان رشتن جي معاملن ۾ ذھني برابري نه ھجڻ ڪري ناڪام ٿي ويندا آھن. شادي جي معاملي ۾ الله جي ٺاھيل اصولن ۾ ھي اصول انتھائي مانائتو آھي ته ماڻھن رشتو ڪرڻ وقت انھن جي ذھني برابري ماڻھن جي مشاورت سان کان اڳيان رکو باقي ٻيا معاملا بنيادي آھن.
اسان جو الميو آھي ته اسان وٽ سفر جو معيار تمام کولي معيار تي ڪي ويندو آھي بدقمستي سان اسان رشتو ڪرڻ وقت ڇوڪري جو بينڪ بيلنس ۽ ڇوڪريء جو حسن ۽ جمال کي اوليت ڏيندا آھيون. اسان ڪڏهن به ڇوڪري کي پرکڻ يا ان کي پڇڻ جي تڪليف ناھيون ڪندا ته ان پنھنجي مستقبل لاءِ ڇا سوچي رکيو آھي؟ اھو ايندڙ چند سالن ۾ پاڻ کي ڪاٿي ڏسڻ پسند ڪري ٿو؟ ان جي دل ڪھڙن شين ۾ ڪھڙن معاملن ۽ ڪھڙن ڳالھين ۾ لڳندي آھي؟ ڇا اھو محنت پسند آھي يا ھٿ تي ھٿ رکي ويھندڙ آھي ؟ اسان وٽ رشتا ڇوڪري جي حال ڪمائي ويندڙ دولت جي بنياد تي ڪيا ويندا آھن. ان جي اخلاق ڪردار محنت ۽ عزم جي بنياد تي ناھن ٿيندا ان حالتن ۾ جيڪڏهن ڇوڪرن کان انھن جي پنهنجي مستقبل جي حڪمت علميء لاءِ ۽ زندگي جي مقصد لاءِ ڳالهه ڇيڙي وڃي ته ان کي جواب نه ھجڻ برابر ھوندو آھي اڪثر ماڻھو ته ان سوالن کي سمجھن کان قاصر حيران۽ پريشان نظر ايندا آھن. اسان وٽ چيو ويندو آھي ته ڇوڪرو امير ھجڻ گھرجي بس! اخلاق ڪردار الله ٺاھي ڇڏيندو اسان ڪڏهن ھيئن ناھيون چوندا ته ڇوڪرو بااخلاق باڪردار ھجڻ گھرجي محنت ڪندڙ ھجي رزق الله ڏيندو؟
نڪاح ٻن ماڻھن جي وچ ۾ الله جو ٺاھيل ڏاڍو خوبصورت ۽ پاڪيزه رشتو آھي نڪاح ۾ برڪت آھي پر ان رشتي جو قدر ڪيو ان کي ھن دنيا جي کوکلي ٽٽل معيار تي نه رکو پنھنجي ۽ پنهنجي ٻارن جي زندگي بابت فيصلا ڪندي بنيادي اصولن کي نظر ۾ رکو ۽ پوءِ الله تي ڀروسو ڪيو اھي سڀ ماڻهو جيڪي اڄ ان ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي چڪا آھن. انھن کي گھرجي ته ھو پاڻ کي بھترين انسان بڻائڻ جي ڪوشش ڪن جيڪڏهن زندگي ۾ مسئلا آھن پريشانيون آھن ته ان مسئلن جي حل تي ڌيان ڏيو. رشتا ختم ڪرڻ تي نه ! ھڪ ٻئي کي برداشت نه پر محبت سان تسليم ڪرڻ سکو. خدا کان اوھان کي اوھان جي زميوارين جو سوال ڪرڻو آھي پر پنهنجي زميوارين کي پورو ڪيو حقن تي منهن جھڪائڻ بدران جيڪڏهن زميوارين کان غفلت ڪري ويٺو ته يسد رکو حق نه ملڻ تي سوال نه ٿيندو پر صبر جي بدولت اجر ملندو پر جيڪڏهن زميوارين ۾ غفلت ڪئي ته الله کي جواب ڏيڻو پوندو.

توھان جو معيار توھان جي خوشي

توھان جو معيار توھان جي خوشي

پروفيسر ضياء زرناب لکي ٿو ته : ”ٻين جي نظر ۾ اوھان جي اھا ئي قيمت آھي جيڪا اوھان پنهنجي لاءِ مقرر ڪندا آھيو.“
دنيا ۾ موجود ھر انسان پنهنجي معاشي معاشرتي ۽ نفسياتي سڃاڻپ رکندو آھي. ماڻھو ان کي ان جي سڃاڻپ مان ئي سڃاڻيندا ۽ ان مطابق پيش ايندا آھن انسان جي اھمت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳايو ويندو آھي ته معاشري ان جي ڪيتري قيمت ۽ قدر آھي اھا ئي شي ڪاميابي جو سرچمشمو به آهي. ان لاءِ ماڻھو پنهنجي قميت وڌائڻ ۾ مصروف ھوندا آھن انساني قدر وڌڻ سان ان جا اختيار به وڌندا ويندا آھن عزت ۾ واڌارو ٿيندو آھي ان جو ويساھ سٺو ٿيندو آھي انسان جيسيتائين پنهنجي لاءِ معيار مقرر نه ڪري تيسيتائين معاشري ۾ به ان جي ڪا خاص اھميت ناهي ھوندي خد توقير مان مراد انسان پنهنجي محنت ۽ خاصيتن جي بنياد تي پاڻ کي قابل قدر ۽ گھربل عزت سمجھڻي آھي ان لاءِ چيو ويو آھي ته معاشري ۾ اوھان جي قيمت اھا ئي ھوندي جيڪا اوھان پنهنجي صلاحيتن جي بنياد تي مقرر ڪئي ھوندي.
الله تعالىٰ ھر انسان کي مختلف صلاحيتن سان گڏ ٻين کان منفرد ڪري پيدا ڪيو آھي. ان لاءِ انسان کي گھرجي ته اھو پاڻ کي ٻين سان گڏ بگاڙڻ بدران پاڻ کي بھتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري انسان جو مقابلو ڪنهن ٻئي سان نه پر پنهنجو پاڻ سان ھوندو آھي جيڪڏهن انسان پنهنجي صلاحيتن موجب پنهنجو معيار مقرر ڪري ۽ دل ۽ چاھ سان ان معيار تائين پھچڻ لاءِ محنت ڪري ڪامياب ٿيڻ کان ڪير نٿو روڪي سگھي.ھر ڏينهن پنهنجو پاڻ کي بھتر بڻائڻ جي ڪوشش ۽ قابليت کي مدنظر رکندي پنهنجي قابليت کي بھتر ڪرڻ انسان جي لاءِ ڪاميابي جي رستي ۾ ساٿي بڻجندو آھي. انسان پنهنجي مستقبل کي سامھون رکندي پنهنجو معيار پاڻ ٺاھيندو آھي ۽ ان کي بھتر به پاڻ ڪندو آھي ۽ ان لاءِ ضروري آھي ته انسان پنهنجي معيار سان گڏوگڏ معاشري جي ڀلائين کي به نظر ۾ رکندي ٺاھي. ڇاڪاڻ ته ھڪ انسان جي ڪاميابي پوري معاشري تي اثر ڇڏيندي آھي.
انسان جڏهن پاڻ تي يقين ڪندي پنهنجي لاءِ معياري اصول ۽ قاعدا مقرر ڪندو آھي ته ان لاءِ زندگي سولي ٿي ويندي آھي ڪاميابي جي لاءِ معياري منصوبابندي ڪندي قدم کڻڻ ڪامياب ماڻهن جي عادت ۾ شامل آھي. جيستائين انسان پنهنجو پاڻ ۾ ۽ پنهنجي عادتن تي ڪنٽرول نه ڪري تيسيتائين ان جي لاءِ ڪاميابي حاصل ڪرڻ ناممڪن آھي.
پنھنجو پاڻ کي قابو ڪرڻ لاءِ انسان کي پنهنجا اصول ۽ قانون قاعدا واضع ڪرڻا پوندا آھن تڏهن ئي ڪاميابي جو سفر ان لاءِ سولو ٿيندو آھي نه ته رستي جون ڏکيائيون قدم قدم تي اوھان کي ڊيڄاري اوھان جي ھمت گھٽ ڪنديون ويندو. منصوبابندي جو مطلب پنهنجو پاڻ کي ٿڪائڻ ۽ دولت ميڙڻ جي باري ۾ سوچڻ ڪڏهن به ناهي. پنهنجو معيار پئسي کي نه پر خوشين ۽ سڪون کي ٺاھيو. نون منصوبن تي ڪم ڪيو ۽ اھي منصوبا جن ۾ اوھان کي خوشي ملندي آھي. اھو نه سوچيو ته ماڻھو ان جي باري ۾ ڇا سوچيندا. پر اھو ڏسو ته اوھان ان ۾ ڪم پاڻ سان گڏ ماڻھن کي ڪھڙو فائدو ڏيو ٿا. دولت تي ڌيان ڏيڻ بدران الله جون ڏنل روزاني زندگي جي نعمتن تي شڪرگذاري ڪيو ۽ ان تي لطف انداز ٿيو.
ڪامياب زندگي ھر انسان جو خواب ھوندو آھي جتي ڪيترائي ماڻھو ان خواب کي سچو ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مصروف رھندا آھن اتي کوڙ ماڻھو ماڻھن جون ڳالھيون ذھن ۾ سوار ڪري ڪاميابي جو خواب سمجھي ان کي سارڻ جي ڪوشش ڪندا آھن. اھڙو ٿيڻ جو ھڪ وڏو سبب منهنجي خيال ۾ اھو آھي ته پنهنجو پاڻ کي يقين ناھيو ڪندا تنهنڪري ماڻھو اسان کي ڊيڄاريندا رھندا آھن ۽ اسان ڏينهون ڏينهن ڪمزور ٿيندا ويندا آھيون. انسان ڪمزور تڏهن ٿيندو آھي جڏهن ان جو پنهنجي ذات سان رابطو ڪٽجي ويندو آھي.
ڪاميابي جي لاءِ سڀ کان پھريان اسان کي پنهنجي دل ۽ دماغ خوف ۽ ڊپ کي ڪڍڻ جي ضرورت آھي ته ماڻهو اسان کي ڇا چوندا. اسان کي پنهنجي لاءِ جيئڻ سکڻو پوندو تڏهن ئي اسان ڪاميابي طرف وڌي سگھنداسين ھن دنيا ۾ ھر انسان الڳ آھي ان لاءِ ان جي سوچ ۽ نظريو به الڳ آھي زندگي ۾ اڳيان وڌڻ کان پھريان جيڪڏهن اوھان وھمن جو شڪار ٿي ويو ته ڪاميابي اوھان کان پري ٿي ويندي. زندگي ۾ نوان نوان تجربا ڪرڻ نئين نئين شين کي آزمائڻ قطئه خراب ناهي ان سان انسان ۾ خوداعتمادي وڌندي آھي ھر قدم تي اھو ته اڳيان ڇا ٿيندو سوچڻ بدران اوھان کي گھرجي ته تون پاڻ تي پنهنجي حال تي ڌيان ڏيو. جنهن وقت ۾ اوھان جي رھيا آھيو ان کي دلچسپ بڻايو سٺو کائو سٺو پايو ڇو ته اوھان ان جو حق رکو ٿا مستقبل جي وھمن کي انسان پنهنجو ڪري موجوده وقت جي خوشين کي به تباه ڪري ڇڏيندو آھي اڄ جيڪو اوھان وٽ آھي ان تي خوش ٿيڻ ۽ پاڻ تي خرچ ڪرڻ سکو ماڻھن تي ڪاوڙ بدران ان کي معاف ڪرڻ سکو ان ۾ اوھان کي سڪون ۽ خوشي ملندي. ھروڀرو بحث ۾ نه پئو جيڪو سٺو نه لڳي ان کي نظرانداز ڪيو پاڻ کي پنهنجي لاءِ بھتر بڻايو.
ڪم ڪيو پر ان کي مٿي تي سوار نه ڪيو اڪثر وقتن ۾ ڪمن جي گھڻائي به انسان کي زھني سڪون کان پري ڪري ڇڏيندي آھي. ان مان جيڪڏهن ٿورو وقت انسان پنهنجي خوشي کان ڪڍي ته ان کي نه صرف ذھني سڪون ملندو آھي پر ان جا جذبن ۽ ذھن تي به سٺا اثر پوندا آھن.

تنقيد ۽ اختلافي راءِ ٻڌڻ جو حوصلو رکو.

تنقيد ۽ اختلافي راءِ ٻڌڻ جو حوصلو رکو.

جو تخت وتاج پہ تنقید کرتے پھرتے ہیں
یہ ساری لوگ ہے دربار سے نکالے ہوئے

تنقيد جي معني آھي پرکڻ ۽ سٺي خراب جي تميز ڪرڻ لفظ تنقيد پنهنجي اعتبار سان ته ڏاڍو سٺو لفظ آھي پر جي دور ۾ تنقيد کي تذليل بڻائي نفرت انگيز بڻادڳ ويو آھي اڄڪلهه جي دور ۾ تنقيد براء اصلاح ۽ تنقيد براء تذليل ۾ فرق ڪرڻ ڏاڍو ضروري آهي ته جيئن انسان ھمت سان گڏ پنهنجي غلطين کان سکي ڪري اڳيان وڌي سگھي ۽ جيڪڏھن تنقيد جو مقصد صرف تذليل آھي ته ان کي ھمت سان گڏ رد ڪري سگھي. انسان جي زندگي ۾ جنهن طريقي سان تعريف کي ھڪ خاص مقام حاصل آھي ۽ ان جي ذريعي ماڻھن جي ڪارڪردگي کي بھتر ڪري سگھجي ٿو بلڪل اھڙي طرح سٺي تنقيد به انسان جي خامين ۾ گھٽتائيون آڻيندي ان کي ڪاميابي طرف وٺي ويندي آھي. تنقد جي ذريعي پنهنجي پھلوئن جو گھيرو ڪرڻ جي قابل ٿيندو آھي. جن کان پھريان اڻڄاڻ ھو جيڪا ان جي لاءِ ناڪامي جو سبب بڻجي رھي ھئي غلطيون ۽ ناڪاميون انسان لاءِ استاد جيان ھونديون آھن جيڪو وقت انسان ڪنهن ناڪامي ۽ ان تي تنقيد جي سبب اذيت ۾ گذرندو آھي اھو سڄو وقت ان کي زندگي جا اھي وڏا وڏا سبق سيکاريندو آھي جيڪي ان سڄي زندگي تعليمي سفر ۾ به نه پڙھڻ لاءِ مليا ھئا تنقيد مان سکي ڪري انسان پنهنجي پاڻ کي بھتر بڻائيندي پنهنجي خامين ۽ ڪمزورين کي ختم ڪري نئين جذبي سان گڏ ميدان ۾لھي ڪري ڪاميابي حاصل ڪندو آھي.
جيڪڏهن انسان ماڻھن جي تنقيد کي ذھن ۾ سوار ڪري ڇڏي ته ان جي لاءِ ڪاميابي جو سفر برقرار رکڻ ناممڪن ٿي ويندو آھي جيڪڏهن اوھان ڪامياب ٿيڻ چاھيو ٿا ته تنقيد کي خوشي سان قبول ڪيو ان مان سکو ۽ اڳيان وڌندا وڃو. ھر ڪامياب شخص جي لاءِ پاڻ ۾ پنهنجي سوچ ۾ لچڪ پيدا ڪرڻ ضروري آھي ڇو ته ھر ڳالهه ذھن ۾ سوار ڪرڻ لاءِ ناھي ھوندي. پنهنجي طبعيت کي بدلايو پاڻ کي ھڪ نئون ڪرڪيٽر جي جاء تي رکي سوچيو جڏھن اوھان ميدان تي لھندا آھيو ته تماشائي اوھان جي صلاحيتن کان اڻڄاڻ ھجڻ کان بغير گھڻو گوڙ ڪندا آھن. اوھان جو حوصلو وڌائڻ وارا آواز گھٽ ۽ تنقيد ڪرڻ وارن جو سمنڊ اٿليل ھوندو آھي ان صورتحال ۾ جيڪڏهن توھان گھٻرائيندي پويان ھٽي ويندو ته ٻيھر اوھان ۾ ڪڏهن ماڻھن جي سامھون ٿيڻ جي ھمت نه ٿيندي . پر ان جي برخلاف اوھان اھو پاڻ کي سمجھايو ته جيڪڏهن ميدان ۾ لھي ئي ويو آھيان ته ماڻھن جي تنقيد جي پرواهه نه ڪندي اننگ کيڏي ڪري ئي وڃڻو آھي ته يقين ڪيو ماڻھن جي رڙين جو آواز گھٽ ٿيندو ويندو ۽ اوھان کي ھر طرف پنھنجا حمايتي ئي نظر ايندا. ماڻھو اوھان کي ساراھيندا به ۽ اوھان جي ھمت به وڌائيندا به پھريون قدم پھرين ڪوشش اوھان کي ڪرڻي آھي نه ته ماڻھن جو ڪم ئي ڳالھيون ٺاھڻ آھي. توھان تماشاين کي خاموش نٿا ڪري سگھو اوھان تنقيد کي ختم نٿا ڪري سگھو پر اوھان جي ڪاميابي انھن کي ھڪ ڏينهن اوھان جو ساٿ ڏيڻ تي مجبور ڪندي ان جي لاءِ تنقيد کي دل کولي قبول ڪرڻ سکو.
اسان جي معاشري جي ھڪ عام طبعيت اھا آھي ته ھتي ڪاميابي جو خواب ڏسڻ واري کي پنهنجي آس پاس تڪليفون ڏاڍيون ڏسڻ ۾ اينديون آھن اھو خيال ڪافي حد تائين صحيح به آھي اڪثر ماڻھو پنهنجي ڪم بدران پنهنجي نوڪري کي ترجيح ڏيندا آھن اسان وٽ ماڻھن ۾ ڪاميابي جو مزاج نه پر نوڪري جو مزاج اختيار ڪيو ويندو آھي توھان ڪڏهن پنهنجي ملڻ وارن کان يا پنهنجي تعليمي اداري ۾ موجود ماڻھن کان اھو سوال ڪيو ته اھي زندگي ۾ ڇا ڪرڻ چاھن ٿا ته اوھان کي 95 سيڪڙو ماڻھو اھو چوندي ملندا ته بس ڊگري ٿئي ۽ پوءِ 9بجي کان 5بجي تائين ڪا نوڪري ملي وڃي ته زندگي ۾ مزو اچي ويندو شايد ڪو ھڪ اڌ اھڙو ماڻھو ملندو جيڪو اوھان کي نوڪري کان ھٽي ڪري پنهنجو ڪاروبار شروع ڪرڻ يا ڪنهن برينڊ کي لانچ ڪرڻ جي ڳالهه ڪندو.
جيسيتائين اھڙي سوچ وارا ماڻهن جي سامھون گھر جي نوڪري پاسو ڪندي سوچن ته ان کي گھر وارن سميت دوستن ۽ مائٽن ۾ به تنقيد کي منهن ڏيڻو پوندو آھي.
جھڙي طرح سيد قاسم علي شاهه پنهنجي تقرير ۾ ٻڌايو ھو ته ان سان به اھو معاملو ٿيو جڏهن ھن گھر جي ڊرائنگ روم کي ٽيوشن سينٽر ۾ تبديل ڪرڻ چاھيو ته گھر وارن صاف انڪار ڪيو ان تي ھڪ کي ڏاڍو ڏک ٿيو.
اسان وٽ اڪثر ايئن ٿيندو آھي ته اسان خواب به ڏسندا آھيو ۽ انھن کي حاصل ڪرڻ لاءِ سخت محنت ۽ يقين سان ڪم به شروع ڪندا آھيون پر پر معاشري جي ھن نوڪري پسند سماج جي ڳالهين ڪري اسان پنهنجي آس پاس جي ماڻهن کي سمجھائي ناھيون سگھندا. اسان جي آس پاس جا ماڻهو اسان کي سمجھڻ بدران جواب ۽ تنقيد جي نظر سان ڏسندا ۽ سمجھندا آھن. ان وقت ۾ معمولي ڪو مائٽ اسان جي گھر وارن کي اسان جي نوڪري بابت ھر ھر ڀڙڪائيندو آھي ته پنهنجو وقت وڃائي رھيو آھي اوھان ئي ھوش ڪري ان کي نوڪري ۾ لڳايو ان وقت ۾ جيڪڏهن اوھان صبر ۽ محنت جو دامن پڪڙي ڪري پنهنجي مقصد ڏانهن وڌندا رھندو ته ھڪ ڏينهن اھا تنقيد ڪرڻ وارا ماڻھو اوھان جي تعريف ڪندي نه ٿڪجندا انھن ماڻهن کي يقين ئي نٿو ٿي سگھي ته اوھان ڪامياب ٿي ڪيئن سگھو ٿا ڪامياب ماڻهو جي اھا عادت ھوندي آھي ته ته اھو ماڻھن جي ڳالھين کي دل سان تسليم ڪندي تنقيد کي اصلاح لاءِ استعمال ڪندو آھي ۽ غير ضروري تنقيد کي ان جي وقار سان گڏ نظرانداز ڪرڻ ڄاڻيندو آھي. ان جي اھا ئي عادت انھن جي ڏکئي وقت ۾ به ھمت ڏيندي آھي ۽ ھڪ ڏينهن انسان پنهنجي سڀني محنتن جي ڪوشش سان ڪاميابي حاصل ڪري وٺندو آھي پر ڪاميابي جو راز ماڻھن جي تنقيد نظرانداز ڪندي پنهنجي حوصلن کي بلندي ڪري زندگي ۾ اڳيان وڌائڻ آھي . پنهنجي مقصد تي محنت جاري رکي ھڪ ڏينهن اوھان جي محنت ئي ماڻھن کي جواب ڏيڻ لاءِ ڪافي ھوندي آھي ۽ توھان تي تنقيد ڪرڻ وارا سڀ تماشائي اوھان جي تعريف ڪندي نه ٿڪجندا .
کون پھر ایسے میں تنقید کرے گا تجھہ پر
سب ترے جبہ و دستار میں کھو جاتے ہیں
2009ع جي وقت جي ڳالهه آھي جڏهن ھڪ عام سافٽ ويئر انجينئر بي روزگاري جي زندگي گذاي رھيو ھو ان کي ڪير ملازمت ڏيڻ لاءِ تيار نه ھو ان جو ياھو Yahoo ۽ ايپل Apple ڪمپيوٽر ۾ ڪم جو وڏو تجربو ھو قسمت ھي پر کلڻ لاءِ تيار نه ھئي انٽرنيٽ جي ٻن مشھور سائٽن فيسبڪ ۽ ٽوئيٽر به مسلسل رد ڪيو ھوجڏهن ان محسوس ڪيو ته ان کي ڪنهن ڪمپني ۾ ملازمت ملڻي ناهي ته ان ياھو ۾ ڪندڙ ھڪ دوست جان ڪوم سان گڏجي ڪري ھڪ اھڙي ايپليڪيشن ٺاھي جنهن ميسيج جي دنيا ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو. ٿوري ئي وقت ۾ صارفين جو وڏو تعداد ان ايپليڪشن سان وابسته ٿي ويو ۽" برٽن ايڪٽن" جنهن سمارٽ فون جي دنيا جي مشھور ايپليڪيشن واٽسپ ٺاھيو اڄ ڪاميابي جا رڪارڊ ٺاھي ڪاميابي ۾ اڳيان وڌندو پيو وڃي ان جو تخليق ڪيل ايپ اڄ سمارٽ فون جو لازمي حصو بڻجي چڪو آھي واٽسپ جي مقبوليت ڏسي ڪري فيسبڪ به آخر 2014 ۾ 361اربن (19بلين) ڊالرن ۾ ان جو سودو ڪيو اھڙي طرح برٽن ايڪٽن 8.3بلين ڊالرن جو مالڪ بڻجي ويو 2009ع ۾ جڏهن ۾ جڏهن فيسبڪ جڏهن ان کي رد ڪيو ته ان جا ٽوئيٽ تي اھي لفظ ھئا ته "فيسبڪ مونکي رد ڪيو ھي سٺن ماڻھن سان رابطو وڌائڻ جو ھڪ وڌيڪ موقعو آھي مان زندگي جي ايندڙ ايڊوانچر جي لاءِ تيار آهيان ۽ جڏهن ٽوئيٽر به ملازمت ڏيڻ کان انڪار ڪيو ته 2009ع ۾ لکيائين ته مان ٽوئيٽر جي ھيڊڪوارٽر مان رد ڪيو ويو ويس ڪا ڳالهه ناھي مونکي ھاڻ وڏو سفر ڪرڻو آھي وري ان آخر ان ايڊوانچر کي پنهنجي اعليٰ محنت ۽ ثابتي قدمي سان ڪامياب ڪري ڏيکاريو.

ناممڪن ڪجهه به ناهي

ناممڪن ڪجهه به ناهي

One Important Key of Success is self_confidence, An Important key to Selfconfidence is preparation.
(Author of She)
ڇا توھان ڪڏهن آس پاس جي ناڪامي تي غور ڪيو آھي؟ ڇا توھان ڪڏهن سوچيو آھي ته اڪثر ڪامياب ٿيڻ بعد به ڪجهه عرصي ۾ ٻيھر پريشان حال ۾ ڇو واپس ايندا آهن؟ جيڪڏهن ناهي سوچيو ته ھاڻ سوچيو! اسان جي ماڻهن جي ناڪامين جا سبب اڪثر ڏاڍا ملندڙ جلندڙ آھن اساب مان تقريبن ماڻهو پاڻ کي گھٽ ۽ ڪمزور سمجھندا آهن. ۽ انھن جو پنهنجي ان سوچ تي ايترو ته يقين ھوندو آھي جو اھي ڪجهه سٺو سوچي ئي ناهن سگھندا. ننڍپڻ کان جواني تائين انھن کي صرف ٻين تي دارومدار ڪرڻ جي عادت ھوندي آهي. انھن ماڻهن کي جيڪڏهن ڪو به ڪم ڏنو به وڃي ته ان جو پنهنجي بابت پھريون تاثر اھو ھوندو ته مان ھي ڪم نٿو ڪري سگھان. مون کان نه ٿيندو يا مون کان ٿي نه سگھندو پاڻ ھڪ وڏي ناڪامي آھي ۽ ان جي سان ئي انسان جي لاءِ ناڪامي جا دروازا کلي ويندا آھن.
اڪثر اسان پاڻ کي ڪنهن ڪم جي قابل ناھيون سمجھندا. ۽ پنهنجي دل ۽ دماغ ۾ اھو وھم ويھاري ڇڏيندا آھن ته اسان ته آھيون ئي ناڪام ڪامياب ڪيئن ٿي سگھون ٿا؟ اھو وھم ته مان ڪجهه نٿو ڪري سگھان اسان کي اڳيان وڌڻ جو حوصلو کسي وٺي ٿو اسان باصلاحيت ھوندي به پاڻ کي گھٽ سمجھندا آھيون ۽ اسان جي اھا عادت اسان تي ڪاميابي جو دروازو بند ڪري ڇڏيندي آھي. ايئن ممڪن آھي ته سچ ۾ اوھان کي ڪو ڪم ڪرڻ نٿو اچي يا اوھان ڪري نٿا سگھو پر گھٽ ۾ گھٽ ڪوشش ته اوھان جي اختيار ۾ آھي. ھڪ دفعي نه ٻئي دفعي نه ٽئين دفعي نه پر ڏھين دفعي توھان ڪم ڪرڻ جي لائق ٿي ويندو. ۽ ھڪ ڏينهن ايندو جڏهن اوھان پنهنجي ڪم ۾ ماھر ٿي ڪري بھترين انداز ۾ ڪري سگھندو.ڪوشش رد ڪبي ته انسان مايوسي جو شڪار ٿي ويندو.
انسان الله تعالى اشرف المخلوق جو شرف بخشيو آھي ۽ سڄي دنيا کي ان جي لاءِ قابل فتح بڻايو آھي. اھو انسان تي ڀاڙي ٿو ته ھو جبل جي چوٽي کان سمنڊ جي پاتال تائين سفر ڪري ٿو يا پنهنجو پاڻ کي ڪمزور سمجھندي ساھ پٽيندو رھندو. انسان جيڪڏھن دل ۾ ڪجهه ڪرڻ جو سوچي ته مان سمجھان ٿو دنيا جي ڪا به طاقت ان کي پنهنجي ڪاميابي جي مقصد تائين پھچڻ ۾ روڪي نٿي سگھي. انسان ۾ جذبو ھجي جوش ھجي پاڻ ۾ محنت جي عادت ھجي ته رستي ۾ پيش ايندڙ مشڪل حالت به ان جو ڪجهه بگاڙي نٿي سگھي.دنيا ۾ اھڙو ڪوبه ڪم ناهي جيڪو ناممڪن ھجي. ڳالهه سڄي انسان جي سوچ جي آھي ته اھو ڇا ٿو سوچي ته ڦلاڻو ڪم منهنجي لاءِ ناممڪن آھي. مان ڪڏهن نٿو ڪري سگھان ته يقينن ناڪامي اھڙي ئي شخص جي حصي ۾ ايندي. ان جي برخلاف جيڪڏهن انسان اھو سوچي ڇڏي ته مان پنهنجي زندگي جو مقصد حاصل ڪري سگھان ٿو ۽ پوءِ ان جي لاءِ مناسب تدبير ۽ محنت سان ڪم ڪري ته اھڙا ئي ماڻهو ڪامياب ٿيندا آهن. ڪاميابي جو فيصلو انسان کي پاڻ ڪرڻو پوندو آھي انسان ھن ڀيرو پاڻ کي ڪاميابي جي لاءِ تيار ڪري ته ان جي لاءِ ڪا مشڪل يا رڪاوٽ وڏي ناهي رھندي.
آخر سبب ڪھڙو آھي جو سڀ انسان ھڪجھڙا ھجڻ جي باوجود به ڪاميابي ۽ ناڪامي جي ڏڦيڙ جو شڪار آھن؟
مان سمجھان ٿو ته ان معاملي ۾ بنيادي فرق جوش ۽ جذبي جي گھٽتائي آھي جيڪي ماڻهو ڪاميابي حاصل ڪري وٺندا آھن. اھي پاڻ ۾ جوش ۽ ڪاميابي جو جذبو رکندا آھن . ۽ جن کي ناڪامي حاصل ٿيندي آھي ان ۾ سڄو ڏوھ انھن جو پنهنجو ھوندو آھي اھڙا ماڻهو جيڪڏهن پاڻ کي اھو يقين ڏيارڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ته خدا اسان کي به اشرف المخلوق بڻائي دنيا ۾ موڪليو آھي ته يقينن! انھن ۾ پنهنجو پاڻ ڪاميابي جو جذبو پيدا ٿيڻ آسان ٿي ويندو. ھن دنيا ۾ ڪجهه به ناممڪن ناهي بس انسان کي پنهنجو عزم ۽ حوصلو بلند رکڻ جي ضرورت آھي. انسان کي خبر ھجڻ کپي ته ھن دنيا ۾ اچڻ بي مقصد ناهي ۽ اھو ته خدا ان لاءِ ڪو خاص مقام ۽ ڪم مقرر ڪري رکيو آھي. بس اسان کي محنت ۽ پاڻ تي يقين رکندي اڳيان وڌڻو آھي ۽ ان مقام کي حاصل ڪرڻو آھي.
مان ڪير آھيان؟ مونکي دنيا ۾ ڇو موڪليو ويو؟ منهنجي زندگي جو مقصد ڇا آهي ؟ جيڪڏهن اڄ ھر انسان پاڻ کان ھي سوال پڇڻ لڳن ته مان سمجھان ٿو اھو ڏينهن پري ناھي جڏهن دنيا ۾ بيشمار ماڻھو ڪامياب زندگي گذارڻ لڳندا. ان ڳالهه جو ڪوبه فرق نٿو پوي ته اوھان ڪھڙين صلاحيتن جا مالڪ آھيو ۽ اوھان ڪھڙي پيشي سان لاڳاپيل آھي؟ فرق پوي ٿو ان ڳالهه جو ته توھان ڪامياب ٿيڻ چاھيو ٿا يا پاڻ کي ناڪامي جو فيصلو ڪرڻ لاءِ تيار ٿي پاڻ کي دليل ڏئي رھيا آھيو.
چيو ويندو آھي ته ھڪ ٻار اسڪول ۾ لڳل باھ جو شڪار ٿي ويو حالت ڏسي لڳي پيو ته ان جو بچڻ ناممڪن آھي. ڊاڪٽر جواب ڏئي چڪا ھئا ڇاڪاڻ ته ٻار جو ھيٺيون حصو مڪمل طور سڙي چڪو ھو . ڊاڪٽرن جو چوڻ ھو ته جيڪڏھن ھي ٻار خوشقسمتي سان بچي به ويو ته سڄي عمر لاءِ معذور ٿي ويندو. ان سڄي صورتحال ۾ ٻار جو حوصلو وڌيل ھو. ھو نه مرڻ چاھي پيو نه وري معذوري واري زندگي گذارڻ چاھي پيو ان جي جذبات ۾ ھمت ۽ جوش ھو ۽ ان جو ھيٺيون حصو چر پر کان لاچار ھو. ان صورتحال ۾ کيس اسپتال ۾ ڊسچارج ڪيو ويو ۽ گھر ۾ ھڪ ويل چيئر تائين محدود ٿي ويو. ان ٻار جي دل ۾ پنهنجي پيرن تي ھلڻ جي سخت خواھش ھئي. ھڪ ڏينهن تنگ ڪري ھن پنهنجو پاڻ کي ويل چيئر تان ڪيرائي ڇڏيو ۽ ھٿن جي مدد سان پاڻ کي گاھ تي گھلڻ لڳو. بي جان ٽنگون ان سان گڏوگڏ گھلجي رھيون ھيون. ڪافي ڪوشش کان پوءِ ھو ھڪ جنگل ۾ پھچي ويو ۽ ھٿن سان جنگل پڪڙي اڳيان وڌڻ لڳو . اھو ھلي نه پيو پر پاڻ کي گھلي رھيو ھو. پوءِ ھن پنهنجي ان عادت کي روز جو معمول بڻائي ڇڏيو ان کي پختو يقين ھو ته ھو ھڪ ڏينهن پنهنجي پيرن تي ھلڻ جي قابل ٿي سگھندو. پنهنجي عزم ۽ محنت سان ھن پاڻ کي بيھڻ جي قابل بڻايو ۽ پوءِ آھستي آھستي منڊڪائڻ لڳو ۽ پوءِ ھڪ ڏينهن پنهنجي پيرن تي نه صرف ھلڻ لڳو پر ڊوڙڻ به لڳو ھو ان جو عزم ۽ حوصلو ان جو ساٿ ڏئي رھيو ھو ۽ ان اسڪول ۾ ھڪ ٽريڪ ٽيم ٺاھي.
1934ع ۾ نيويارڪ شھر جي مشهور ميدسن اسڪوائر گارڊن ۾ دنيا نه صرف ان ٻار کي دنيا جو تيزترين ڊوڙ کٽيندي ڏٺو جنھن ٻار مان اميد به نه ھئي . ھيء ڪھاڻي آھي "ڊاڪٽر گلمين ھم "جي جيڪو سٺي سوچ نيڪ عزم جو زنده مثال ھو. ھي ڪھاڻي مايوسين جي اونداھ ۾ اندازه ھڻڻ وارن انسانن کي نئين توانائي فراھم ڪري ٿي ۽ دنيا ۾ بيشمار ماڻهو اڄ به متاثر ٿي ڪري پنهنجي زندگي بدلڻ جو عزم ڪن ٿا.

پنهنجي مسئلن تي نه ان جي حل تي ڌيان ڏيو

پنهنجي مسئلن تي نه ان جي حل تي ڌيان ڏيو

انساني زندگي خدا جي هڪ بهترين نعمت آهي.انسان جي هر عمل جو دارومدار ان جي نيت ۽ سوچ تي مشتمل هوندو آهي.انسان جي سوچ ان جي شخصيت کي سنوارڻ يا بگارڻ جو ڪارڻ بڻبي آهي.سٺي ۽ درست سوچ انسان لاءِ پنهنجي ذات سان گڏو گڏ معاشري لاءِ به ترقي جو ڪارڻ بڻجندي آهي ان جي ابتڙ غلط سوچ انسان کي پنهنجي ئي ذات ۾ شڪ ۽ شبهن جو شڪار بڻائي ڇڏيندي آهي.جهڙي نموني ڪنهن به انسان جي سٺي سوچ ۽ نيت جو اثر معاشري تي پوندو آهي بلڪل اهڙي ئي نموني ان انسان جي غلط ۽ غليظ سوچ جا اثر به معاشري جي بغاڙ جا ڪارڻ بڻجن ٿا
اسان انسان زندگي ۾ ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان پنهنجي ماضي ۽ مستقبل سان جڙيل هوندا آهيون.ماضي جي غلطين کي ماضي ۾ ئي ڇڏي ڏيڻ جي بدران جڏهن اسان انهن جو بار کڻي زندگي گذارڻ لڳندا آهيون۽ پوءِ اسان جو حال ۽ مستقبل انهن ئي غلطين جي ڪري متاثر ٿيندو آهي.اسان جو غلطيون اسان جي لاءِ عدم ۽ اعتمادي جو ڪارڻ بڻبيون آهن اسان پنهنجو پاڻ ۾ مسلسل هڪ ڪشمڪش جو شڪار رهندي نه ته پنهنجي لاءِ قابل ٿي سگهندا آهيون نه ئي پنهنجي معاشري کي فائدي ڏيڻ جي لائق هوندا آهيون اسان جي اها غلط سوچ اسان کي پنهنجي مسئلن وڙهڻ جي صلاحيت کان محروم بڻائي ڇڏي ٿي.
جيڪڏهن اسان ماضي کي روڳ بڻائي ڇڏيون ته اهي غلط خيال اسان جي شخصيت جو حصو بڻجي ويندا آهن ۽ اسان هڪ ئي وقت ٻه رخي شخصيت جا مالڪ بڻجي ويندا آهيون.اسانجي اها سوچ هڪ پاسي ته مستقبل جي لاءِ ڪجهه نه ڪجهه لائحه عمل آڻڻ ۾ مگن هوندي آهي ۽ ٻي پاسي وري اسان پاڻ ئي پنهنجي سوچ تي تنقيد ڪندي پنهنجيو پاڻ کي طنز ۽ عدم اعتمادي جو شڪار بڻائيدا رهندا آهيون مسلسل غلط سوچ رکندي انسان وقت سان گڏوگڏ افسردگي۽ اضطراب جي مثال پاڻ بڻجي ويندو آهي.اسان جا اهي رويا اسان جي لاءِ ئي اذيت جو ڪارڻ بڻبا آهن .
ڪجهه معاملن جي باري ۾ اسان اهو خيال ڪندا آهيون ته اسان ڪجهه نٿا ڪري سگهون اسان کان نه ٿي سگهندو.اسان جو اهو رويو سراسر غلط آهي .انسان پنهنجي سوچ مٽائڻ جو اختيار رکي ٿو.هن دنيا ۾ محنت سان ڪجهه به حاصل ڪرڻ ناممڪن ناهي.بس اوهان جو ارادو نيڪ هجي ۽ اوهان جيڪو ڪريو ٿا اهو ڪم يا معاملو جائز هجي.بس پوءِ خدا جي مدد شامل حال ٿي ويندي آهي.انسان کي اونداهي ۾ روشني جي چڻنگ نظر اچڻ لڳندي آهي.غلط سوچ کان آزادي ماڻڻ مشڪل عمل آهي پر ناممڪن بلڪل به ناهي.انسان وقت سان گڏ ان تي ضابطو آڻي ويندو آهي.جنهن سان ان جي ذهن کي سڪون ملندو آهي.
غلط سوچ ۽ عدم اعتمادي تي ضابطو آڻڻ سان انسان جي پنهنجي زندگي جو مقصد حاصل ڪرڻ جو جذبو وڌيڪ وڌي ويندو آهي.انسان پنهنجي مسئلن تي آهستي آهستي ضابطو آڻي پنهنجي زندگي ۾ ڪاميابيون ميڙڻ لڳندو آهي.ان لاءِ عقلمندي جي تقاضا اها آهي ته اوهان پنهنجي مسئلن جي بجاءِ پاڻ تي اعتماد ڪندي سٺي سوچ سان گڏ انهن مان نڪرڻ ۽ ان جي حل جي باري ۾ سوچو.ڪابه مشڪل ايتري وڏي ناهي هوندي جو ان تي ضابطو نه آڻي سگهجي.بس ضرورت آهي ته صرف پنهنجو پاڻ ۽ پنهنجي سوچ جي انداز کي بدلائڻ جي.ياد رکو اهوئي ڪاميابي جو راز ۽ ڪامياب انسانن جي عبادت آهي.اهي سڀ فرد جيڪي سڄي عمر سهارن جي ڳولها ۾ هوندا آهن.پنهنجي ماضي ۽ قسمت تي پٽيندا رهندا آهن اهڙي انسانن لاءِ نه ته دنيا ۾ ڪو عزت جو مقام هوندو آهي نه ئي آخرت ۾ انهن جي ڪا اهميت هوندي.الله پاڪ هر انسان کي انفرادي لحاظ سان بهترين صلاحيتن سان نوازيو آهي ته جيئن انسان انهن جو استعمال ڪري نه صرف دنيا پر آخرت ۾ به ڪامياب انسانن جي ۾ شامل ٿي سگهي.جيڪو به شخص ان حقيقت کي مڃيندي پنهنجي لاءِ سهارن جي ڳولها فٽو ڪري پاڻ محنت شروع ڪندو ان جي لاءِ رستي جي مشڪلات ۽ مسئلا تمام ننڍڙا بڻجي ويندا ۽ هو دنيا ۾ ڪاميابي جي مثال قائم ڪري سگهندو. ان جي ابتڙ پوري زندگي پنهنجي مسئلن تي پٽڻ روئڻ سان نه ته مسئلا حل ٿي سگهندا آهن ۽ نه ئي انسان ڪجهه سٺو ڪجهه وڏو سوچڻ جي لائق بچندو آهي ان لاءِ مان اڪثر چوندو رهندو آهيان ته مسئلن تي سوچڻ جي بدران ان جي حل تي ڌيان ڏيو جيئن مسئلا جلد کان جلد حل ڪري پنهنجي هدف طرف ڀرپور ڌيان ڏئي سگهون.
هڪ شخص جيڪو بي رحم حالاتن ۾ 1919 ع ۾ هڪ اخبار ۾ نوڪري ڪندو هيو.ان کي ان جي ايڊيٽر ان بنياد تي ڪم مان خارج ڪري ڇڏيو ته هو پر تخيل آهي.نه ئي ان وٽ ڪي سٺا خيال آهن. ان شخص نه همت هاري نه وري حالاتن کي قصور وار قرار ڏنو بلڪه 1920 ۾ پنهنجي هڪ دوست سان ڪارٽون ٺاهڻ واري ننڊڙي ڪمپني جو بنياد رکيو.هڪ بي ترتيب شروعات کان پوءِ هن پئسا ڪمائڻ جي لاءِ هن ڪينساس سٽي فلم ڪمپني ۾ نوڪري شروع ڪئي.ڪجهه وقت گذريو ته هن لوئرڪس جوائن ڪئي جيڪو اڪليو ڪم جاري نه رکي سگهندو هيو.هن شخص پنهنجو اسٽوڊيو هن اداري ۾ ضم ڪري ڇڏيو.منافعو ايترو گهٽ هيو جو ملازمن جو پگهارون به پوريون نه پئي ٿيون.نتيجو اهو نڪتو جو اسٽوڊيو قرض ۾ ٻڏي ويو.۽ آخر ان جو ڏيوالو نڪري ويو.ناڪاميون ان شخص کي پچاري نه سگهيون.ان ڪيليفورنيا ۾ فلام انڊسٽري هاليووڊ ۾ پنهنجو اسٽوڊيو کوليو ۽ ڪارٽون ٺاهڻ جي ڪم ۾ ڄمي ڪم ڪيو .ان زماني ۾ ان آس والڊ دي لڪي ريبٽ ڪارٽون ٺاهيو اهو ڪردار ان وقت جي ڪارٽونن جي بزنس جو ڪامياب ترين ڪردار سمجهيو ويندو آهي. ان دور ۾ هو پنهنجي فلمن ۾ صرف ويھه سيڪڙو ڪمائي سگنهدو هيو.ان کي اميد هئي ته هاڻي حالات بهتري طرف ويندا.پر هڪ دفعو ٻيهر هن پاڻ کي شڪستو سمجهيو جڏهن ان جي پروڊيوسر هن جو ڪردار ۽ اينيميشن جي عملي کي به سمجهائي سجهائي گڏ وٺي ويو.ان جي پروڊيوسر جو خيال هيو ته هتي هن کي صرف ويھه سيڪڙو ڪم ڪرڻو پوندو جڏهن ته نئون تجربو هن کي دولتمند بڻائي ڇڏيندو.جڏهن اڪثر ماڻهن پنهنجي گهٽ ڪمائي جي شڪايت ڪندي پنهنجا ٿيلها پيڪ پئي ڪيا ته هن ماڻهو نئي ڌماڪي دار صف پئي تيار ڪرڻ جو منصوبو پئي ٺاهيو.ڪارٽون جي دنيا ۾ هن کي مڪي مائون سان سڃاڻيو ويندو آهي ۽ هي ذڪر آهي پنهنجي عهدي جي مشهور پرينيور,ڪارٽونسٽ ,اينيميٽر,صداڪار ۽ فلم ساز Walt Disneyجو . جڏهن هن ان صف تي ڪم ڪيو ته هن کي چيو ويو ته اهو ڪردار تيسين ڪاميابي نه ماڻيندو. جيسيتائين هڪ وڏو ۽ خطرناڪ ڪوئو ٽي وي ڏسندڙ مائي کي ڊيڄاري ڇڏي. ان ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏي ۽ ڪم جاري رکيو.ان ڪوئي مڪي مائوس کي اهڙي طريقي پيش ڪيو جو ان کي قبوليت لاءِ ڪنهن مائي کي ڊيڄارڻ جي ضرورت ئي نه پئي. اڄ ڪيترا ئي ڏهاڪا گزرڻ جي باوجود مڪي مائوس جي ڪهاڻي جاري آهي ۽ شوقينن جي وڏي تعداد پاٿاري هڻي ان کي ٻڌن ۽ ڏسن ٿا. ان شخص ناڪامين کي زندگي تي ڪڏهن حاوي ٿيڻ نه ڏنو اڄ شايد ئي اهڙو خبردار شخص هجي جنهن ڊزني جي باري ۾ نه ٻڌو هجي.

ناڪامي ؟ ڪاميابي جو ڏاڪو!

ناڪامي ؟ ڪاميابي جو ڏاڪو!

اسان جو عظيم ترين افتخار نه ڪرڻ ۾ نه پر ڪري پوڻ کانپوءِ اٿڻ ۾ آهي.(کنفيوشس)
ڪامياب ماڻهون زندگي ۾ هڪ عام انسان وانگر ئي مشڪلاتن سان منهن ڏيندي اڳتي وڌندا آهن.انهن جي خاصيت اها هوندي آهي ته هو مشڪلات کان ڊڄي رکبا ناهن.ناڪامين کي منهن هر انسان کي مڙس ٿي ڏيڻو پوندو آهي ۽ اگر اهو چيو وڃي ته ڪامياب انسان زندگي ۾ وڌيڪ ناڪامين کي منهن ڏيندو آهي ته بلڪل غلط نه ٿيندو.ڪامياب فرد ان حقيقت کي سمجهندا آهن ته انهن جي رستي ۾ ايندڙ هر رڪاوٽ هر ناڪامي انهن لاءِ سبق آهي.جنهن کي پڙهي سکي هو ڪامياب ٿي ويندا.هر انسان جيڪو زندا آهي جيئي ٿو ان کي زندگي ۾ جا بجا مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي.ڪنهن وقت هو ڪامياب هوندو آهي ۽ اڪثر وقت هو سکندو آهي.هي سکڻ جو عمل انسان جو موت سان گڏ ئي ختم ٿيندو آهي.اگر توهان ناڪامي کي منهن ڏيڻ نٿا چاهيو.يا ان جي خوف کان ڪوبه قدم کڻڻ کان لنوايو ٿا ته حقيقت ۾ اوهان اڃان تائين زندگي جيئڻ شروع ئي ناهي ڪئي.
(جي ڪي رولنگ ) جيڪا مشهور ناول هيري پرٽر جي ليکڪا آهي. ان جو چوڻ آهي!!
اگر اوهان هر هر ناڪام ٿيڻ جو حوصلو نٿا رکو ته پوه اوهان کي ڪامياب ٿيڻ جا خواب ڏسڻ ڇڏي ڏيڻ گهرجن.
ناڪامي ڇا آهي ؟
مان سمجهان ٿو ته وقتي طور تي ناڪام ٿي وڃڻ ڪافي ناهي بلڪه ناڪامي جا پاڻ کي دليل پيش ڪري راضي ڪرڻ جي ڪوشش ئي حقيقي ناڪامي آهي.
اسان وٽ هر ٻيون شخص ڪامياب زندگي جو خواهشمد هوندو آهي.پر عملي طور تي ڪاميابي حاصل ڪرڻ وارن جي تعداد تمام گهٽ آهي.ان جي هڪ وڏي وجھ ماڻهن جي وقتي ناڪامي کي دل سان لڳائي محنت ترڪ ڪري ڇڏڻ آهي.جيڪڏهن اوهان ڪامياب زندگي گزارڻ چاهيو ٿا ته اوهان کي ناڪامين کي سيني لڳائي وڌيڪ محنت ۽ ارادا ڪري مسڪرائڻو پوندو.ڪاميابي جو اهم ترين اصول آهي ته :
جيڪڏهن اوهان ۾ ناڪام ٿيڻ جو حوصلو ناهي ته اوهان ``ڪڏهن به ڪامياب نٿا ٿي سگهو. ``
اوهان غور ڪيو ته ننڍڙا ٻار سڀ ڪجهه جلدي سکي وٺن ٿا؟ اهي ڇو ناڪامي کان خوف زده ناهن هوندا.اوهان کي علم هوندو ته اڳتي وڌڻ جي لڇ انهن کي ناڪامين جي خوف کان آزاد ڪري هر روز ڪجهه نئون سکڻ ۽ڪجهه بهتر سکڻ ڪرڻ جو عزم ۽ حوصلو ڏيندي آهي.هو پنهنجي غلطين کي تسليم ڪندا آهن. پاڻ تي محنت ڪندي مستقل مزاجي کان اڳتي وڌندا رهندا آهن.ٻارن جي اها عادت انهن جي هر ناڪامي کي ڪاميابي ۾ بدلائي ڇڏيندي آهي.اهو ئي حال سڀني انسانن جو به آهي.ناڪامين کي قبول ڪندي خوفزده ٿي ڪري ويهي رهڻ انساني فطرت ۾ شامل ناهي ان لاءِ ناڪام انسان سڄي زندگي پاڻ کي دليل ڏيندي بيچيني جي زندگي گزاريندي نظر ايندا آهن جڏهن تي ناڪامين کي قبول ڪري.پنهنجي صلاحيتن تي محنت ڪندي اڳتي وڌي وڃڻ واريون ڪاميابيون حاصل ڪري وٺندا آهن.
ناڪامين جي زڪر ڪيو وڃي ته دنيا جي امير ترين شخص بل گيٽس کان ڪير واقف ناهي ؟ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ سڀ کان وڏو نالو بل گيٽس هارورڊ يونيورسٽي مان ڪڍيو ويو هو.بل گيٽس پنهنجي پهرين ڪاروبار جي شروعات پال ايلن سان ڪئي جنهن ۾ هي کي ناڪامي کي منهن ڏيڻو پيو پر ان جي مستقل مزاجي ان کي مائڪروسوفت جي زريعي بهترين ڪاميابي سان نوازيو.
اسان سڀ چڱي طرح واقف آهيون ته ٿامس ايڊيسن اهو ٻار هيو.جنهن کي تعليم اعتبار سان نالائق تصور ڪيو ويندو هيو ايڊيسن جڏهن بلب ٺاهڻ شروع ڪيو ته ان کي 999 ناڪامي کي منهن ڏيڻو پيو.بلب ٺاهڻ جي ان ڪوشش 1000 ڀيري ۾ ان کي ڪاميابي سان نوازيو.ايڊيسن کان جڏهن پڇيو ويو ته سائين توهان 999دفعا ناڪام ٿيڪري 1000 دفعي ۾ بلب ايجاد ڪيو هيو ان تي ٿامس ايڊيسن تمام خوبصورت جواب ڏنو:
مون ناڪامي نه پر 999 اهڙا طريقا ايجاد ڪيا جن سان بلب نٿو ٺاهي سگهجي ۽ 1000 ڀيري ۾ مون اهو طريقو ايجاد ڪيو جنهن سان بلب ٺاهي سگهجي ٿو ۽ هي طريقو تڏهن ئي مليو جڏهن ۾ 999 اهي طريقا ڳولهي لڌا جن سان بلب نٿو ٺاهي سگهجي.آئنسٽائن فزڪس جي دنيا جو بي تاج بادشاھ جنهن چئن سالن تائين هڪ لفظ به نه ڳالهايو.ان ڪارڻ جي ڪري هن کي اسڪول مان ڪڍيو ويو ۽ ڪيترين ڪوششن باوجود ڪنهن اسڪول ۾ داخلا نه ملي سگهيس.هي ئي اهو شخص آهي جنهن بي شمار مشڪلاتون ڏٺيون ناڪاميون برداشت ڪيو ۽ هڪ ڏينهن فزڪس جي دنيا جو منهن موڙي ڇڏيائين.ان جي ڪاميابي کي ايترو ساراهيو ويو جو نوبل پرائز هن جو مقدر بڻجي ويو.
موجوده دور ۾ ٽويوٽا ۽ هونڊا کان ڪير بي خبر هوندو.ڇا توهان ڄاڻو ٿا.
سوئچر هنڊا هڪ نوجوان هيو جيڪو ٽويوٽا ڪمپني ۾ نوڪري ڪرڻ چاهيندو هيو. سوئچر ان ڪارڻ جي ڪري نوڪري جي درخواست لکي جنهن کي ڪمپني رد ڪري ڇڏيو.سوئچر ان ناڪامي تي دل ننڍو ڪرڻ بجاءِ ان کي قبول ڪري پاڻ تي محنت شروع ڪئي ۽ گهر ويٺي اسڪوٽر ٺاهڻ شروع ڪيا.اها هونڊا ڪمپني جي شروعات هئي جنهن کي اڄ پوري دنيا ساراهي ٿي.
جيڪڏهن اوهان بيهو نه ته اها ڳالهه ڪا اهميت نٿي رکي ته اوهان ڪيترا آهستي هلو ٿا .
اسان جڏهن ناڪامي کي سوچيندا آهيون ته تقريبن ناڪامي جا غلط اثر سوچيندا آهيون ان لاءِ دل سڪسته ٿي احساس ڪمتري جا شڪار ٿي ويندا آهيون.ناڪامي وقتي طور تي وڏو تڪليف وارو عمل هوندو آهي هتي منهنجي مراد آ ننڍيون ننڍيون ناڪاميون نه پر اهي ناڪاميون آهن جيڪي اوهان کي ڀڃي ڇڏين ٿيون.توهان ذھني طور تي تڪليف جو شڪار بڻجي وڃو ايتري قدر جو اوهان جي عزيز ۽ اقارب به اوهان کان منهن موڙي ڇڏين.اهڙي وقت ۾ ناڪامي کي قبول ڪرڻ قبول ڪري سيني لڳائڻ ان مان سکي اڳتي وڌڻ همت ۽ حوصلي کي مضبوط ڪرڻ جو عمل ئي اوهان جي ڪاميابي جي شاهدي آهي.
ناڪامين جي سٺي لمحن تي غور ڪيو ته اوهان کي اندازو ٿي ويندو هو ته اوهان ڪيرائن ته اٿيون پر بدلي۾ هو اوهان کي تجربو علم لچڪ ۽ منزل جي اهميت کان آگاھ ڪن ٿيون.ناڪامي جو خوف انسان جي زندگي ۾ مختلف قسمن جي نقصانن جو ڪارڻ بڻبو آهي.جن مان سڀ کان افضل خود اعتمادي ۾ ڪمي اچڻ آهي.ناڪامي کي مسلسل سوچيندي رهڻ سان هي انسان کي غلط خيالن جو شڪار بڻائي تمام سٺي صلاحيتن کي ڪمزور بڻائي ڇڏي ٿي.مايوسي۽ پڇتائڻ جا مليل جليل اثر انسان کي گهڻو ڪجهه سکڻ کان محروم ڪري ان کي سستي جو شڪار بڻائي ڇڏيندا آهن.مايوسي ۽ ان تي سستي تمام گهڻين جسماني بيمارين جو ڪارڻ بڻجي انسان کي زندگي ۾ اڳتي وڌڻ کان روڪي ڇڏين ٿيون.

منهنجو مڃڻ آهي ته جيڪڏهن انسان ناڪامين اڳيان ثابت بيهي رهي ۽ هر ناڪامي کي پنهنجي لاءِ سبق جي طور قبول ڪندي پنهنجي سوچ کي سٺو ڪري ڇڏي ته وڏي ۾ وڏي ناڪامي به ان جو ڪجهه بگاڙي نٿي سگهي.زندگي ۾ پنهنجي منزل پنهنجي مقصدن تي پڄڻ لاءِ لائحه عمل طئه ڪرڻ ڏاڍو اهم آهي.جيڪڏهن انسان پنهنجي وڏي مقصدن کي ننڍن ننڍن حصن ۾ ورهائي ان تي عمل شروع ڪري ڇڏي ته نه صرف هو نقصان کان محفوظ رهي سگهندو پر ان حوصلو مضبوط ۽ پاڻ تي يقين پخته هوندو.
ناڪامي وڏي ٿي سگهي ٿي. ڏاڍي بري به ٿي سگهي ٿي ۽ تڪيلف واري به ٿي سگهي ٿي پر ياد رکو هي جهڙي به هجي سبق هميشه بهترين ڏيندي آهي جيڪڏهن اوهان اهو سبق سکي وٺو ته ڪاميابي اوهان جا پير چمڻ تي مجبور ٿي پوندي آهي.
اوهان به اڄ ئي ڪاميابي جي طرف سفر جي شروعات ڪيو.آهستي هلو پر هلندا رهو بيهو نه مستقل مجازي سان گڏ محنت ۽ عزم سان گڏ وڌندا وڃو ناڪامين کي قبول ڪريو ۽ سکي ڪري اڳتي وڌي وڃو پوءِ ڏسو ڪيئن ڪاميابي توهان جي سر جو تاج بڻجي وڃي ٿي.

نہ راستہ تهمے گا، نہ میں رکوں گا
منزل کی جانب يونہی چلتا رہوں گا

مان توهان کي هڪ ڪهاڻي ٻڌايان ٿو هي ڪهاڻي هڪ اهڙِ عورت جي آهي جيڪا هاڻي ڪنهن تعارف جي محتاج ناهي رهي. پوري دنيا ۾ ان جي ڪتابن جي ڌوم آهي ماڻهو اڄ ان کي پرهڻ ۽ ٻڌڻ چاهن ٿا پر ان جي شهرت کان پهريان ان جي زندگي ڪافي مصيبتن جو شڪار هئي . ان جي زندگي هڪ وقت اهڙو به آيو جڏهن ان کي ڪينيڪل ڊپريشن کي منهن ڏيڻُو پيو۽ نوبت ان جاءِ تائين اچي پهتي جو ان خودڪشي ڪرڻ جو ارادو ڪيو
هيءَ عورت اها آهي جنهن جي شادي به ناڪامي جو شڪار ٿي وئي جنهن کان پوءِ ان کي بيروزگاري کي به منهن ڏيڻو پيو. اڪيلي هئي، هڪ ٻار جي زميواري مٿي تي هيس. ان اهو وقت به ڏٺو جو حالتن جي هٿان مجبور ٿي ڪري ان کي پنهنجي ۽ پنهنجي ٻار جي پرورش جي لاءِ حڪومت کان مالي مدد گھرڻي پئي ان پنهن معاشي حالتن جو ذڪرهنن لفظن ۾ ڪيو ته :
”هڪ اهڙي ماڊرن برطانوي عورت جيڪا بي گهر ناهي، پر غريب آهي.“
1990ع جي ڳالهه آهي جڏهن اها ريل ذريعي مانسچٽر کان لنڊن وڃي رهي هئي ته ان جي ذهن ۾ هڪ اهڙو ننڍي ٻار جي ڪهاڻي جو خيال آيو جيڪو وزرڊي اسڪول ۾ پڙهندو آهي 1995ع ۾ ان پراڻي پائٽ رائٽر جي مدد سان پنهنجي پهرئين ڪتاب جو مواد هٿ ڪيو. ۽ مواد ويجهي هڪ ٻن پبلڪيشنن کي موڪلي ڇڏيو. پبلشر ان کي شايع ڪرن کان انڪار ڪري ڇڏيو هڪ ايڊِرٽڙ ان کي ملازمت جي صلاح ڏني جنهن ۾ ان وٽ ٻاراڻي ادب جو ڪهاڻيون لکي ڪجهه پئسا ڪمائڻ جو موقعو هو. ان عورت هڪ دفعو ٻيهر همت ۽ حوصلي سان ڪم شروع ڪيو ۽ محنت عزم سان اڳيان وڌڻ لڳي ايتري ۾ هن جو شمار برطانيه ۾ سبڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ مصنفن ۾ ٿئي ٿو.هن وقت هن جا مالي اثاثا 560 ملين يورو آهن.۽ اڄ برظانيا جي 12 امير ترين عورت آهي.هن باهمت عورت جو نالو ”جي ڪي رولنگ“ آهي مشهورو سيريز ”هيراڦيري“ جي ليکڪ آهي.

زندگي جي مقصد ۾ کوٽ

زندگي جي مقصد ۾ کوٽ

گذريل سال مونکي پاڪستان جي ھڪ نجي يونيورسٽي ۾ Break you Barriers جي موضوع تي شاگردن سان ڳالھائڻ لاءِ دعوت ڏني وئي. مان يونيورسٽي پھتس ته خوشي ٿي يونيورسٽي آڊيٽوريم شاگردن ۽ شاگردياڻين سان ڀرجي چڪو ھو. ڪجهه شاگرد ڏاڪڻ تي ويھي ڳالھيون ٻڌڻ لاءِ بيتاب ھئا ڳالهه جي شروعات ٿي ۽ ڳالهه ڪندي ڪندي شاگردن کان سوال ڪرڻ شروع ڪيا ته توھان پنجن سالن کان پوءِ پاڻ کي ڪٿي ڏسو ٿا؟ مونکي ڏاڍو ڏک ٿيو جڏهن مان ڪنهن کي به ھٿ مٿي ڪندي ڏسڻ ۾ نه آيو خير ڳالهه کي اڳيان وڌائيندي مان ٻيو سوال ڪيو ته ڏھ سالن کان پوءِ زندگي کي ڪٿي ڏسڻ ٿا چاھيو؟ ۽ ھن دفعي به مان ڪو ھٿ مٿي ٿيندي نه ڏٺو. ڳالهه وري جاري ڪئي ۽ ھاڻي سڀني شاگردن کان سوال ڪيو ته توھان جي زندگي جو مقصد ڇا آهي؟ توھان جا لائيف گولز Life Goals ڇا آھن؟ افسوس ان ڀريل آڊيٽوريم ۾ ماڻھن جي زندگي جو مقصد نوڪري کان وڌيڪ ڪجهه نه ھو. وڏي اصرار کان پوءِ نوڪري شادي ۽ ڊگري کان سواء ٻيو جواب نه مليو. جواب ته مونکي اھو حيران ڪندڙ معلوم ٿيو ته جيڪي نوجوان اسان جي مستقبل جا معمار آھن اھي ان بابت سوچڻ جي تڪليف به نٿا ڪن ته آخر انھن جي زندگي جو مقصد ڇا آهي ؟ سيمينار ختم ٿيو ته مان افسوس ۽ شرمندگي ۾ گھر روانو ٿيس.
اسان جي نوجوان نسل جي غيرسنجيدگي ۽ زندگي جي مقصد ۾ گھٽتائي مونکي ڪيترائي ڏينهن عجيب ڪشمڪش ۾ مبتلا رکيو. سوچيم ته اسان اھي ماڻھو بڻجي ويا آھيون جن جي زندگي صرف مذاق آھي اسان جا ڪي به لائيف گولز ناھن مطلب ته اسان زندگي ۾ ڪامياب ٿيڻ ته پري اھڙو ڪو خواب ڏسڻ ڪوشش ڪرڻ جي به تڪليف ناھيون ڪندا . اسان کي پنهنجي زندگي لاءِ ڪو پلانز Planer ناھن اسان جي نواجونن جو وڌ کان وڌ خواب ڊگري ۽ نوڪري تائين محدود آھي اھي ان کان اڳيان وڌڻ جو سوچڻ ئي نٿا چاھن.
اسان کي ھڪ نئين سوچ ۽ فڪر جي ضرورت آهي ته جيڪا اسان کي ان قابل بڻائي ته اسان پنهنجي زندگي جو مقصد بڻائي سگھون. پنهنجي لائيف گول بڻائي سگھون ۽ ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪرڻ جي قابل بڻجي سگھون. زندگي جي مقصد جي گھٽتائيء اسان جي نواجوانن کي گھڻين ئي ٺٺولين ۾ وجھي ڏيو آھي جنهن جو نتيجو ڊپريشن عدم اعتماد ۽ بغقض وقت زندگي جي بيزاري ۽ پوءِ خودڪشي جھڙي سنگين عمل ۾ ڏسڻ لاءِ ملندا آھن.
اڄ جيڪڏهن اسان پنهنجي سوچ بدلائي ڇڏيون زندگي ۾ ڪامياب ٿيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيون ھر ڏينهن پنهنجي ڪيل فيصلي تي محنت ڪيون پنھنجي مقصدن کي وقت سان گڏ اپگريڊ ڪيون ته مان سمجھان ٿو اسان صرف نه ڪامياب ٿي وينداسين پر ڪيترين ئي براين کان بچي ڪري اطمينان ۽ سڪون واري زندگي گذارڻ جي قابل ٿينداسين .
ضرورت ان ڳالهه جي آھي ته اسان باقاعده طور ھڪ صفحي تي لکت ۾ معاھدو ڪيون ته ته موجوده وقت ۾ اسان زندگي جي ڪھڙي مقام تي بيٺل آھيون اسان جي صحت ڪھڙي آھي؟ اسان جي حالت ڪھڙي آھي؟ روحاني حوالي سان اسان ڪھڙي حالت ۾ آھيون؟ اڄ اسان جو ڪريئر ڇا آھي؟ اسان معاشري ۾ ڪٿي بيٺل آھيون؟ اسان جا ماڻھن سان تعلقات ۽ رويا ڪھڙا آھن؟ پوءِ اھو لکو ته اسان ايندڙ 2 سالن4 سالن 5 سالن 10 سالن ۾ روحاني علمي معاشي ذھني ۽ جسماني حوالي سان پاڻ کي ڪٿي ڏسڻ چاھيون ٿا ان لکتي معاھدي کي اوھان ڪمري جي ان حصي ۾ لڳائي ڇڏيو جتي اوھان جي اڪثر تمام گھڻي نظر پوندي آھي. ھي اوھان کي ھر وقت ان احساس ۾ مبتلا رکڻ جي ڪوشش ڪندو ته اوھان کي زندگي جي مقصد تائين پھچڻو آھي اھو اوھان کي ننڊ مان به اٿاريندو ۽ محنت به ڪرائيندو پنهنجي جائزو وٺڻ جي قابل ٿيندو ڪٿي ڪيتري محنت جي ضرورت هئي ۽ اوھان ڪيتري محنت ڪئي. اوھان ڪر پراگرس Progress ڇا آھي؟
مان زندگي ۾ ھڪ تجربو به ڪيو ته مان زندگي جي روزاني زندگي جون سرگرميون ھڪ پني تي لکي ۽ ان جو مشاهدو ڪيو ته انھن مان مون ۾ عادت آھي جيڪا منهنجي لاءِ سٺي ۽ فائديمند آھي.اھڙي ڪھڙي عادت آھي جيڪا منهنجي لاءِ نقصانڪار آھي.اھي سڀ خوبيون منهنجي ڪمري ۾ منهنجي سامھون رھنديون ھيون جنهن مان مونکي ان جي اھميت جو اندازو ٿيندو ھو ۽ مون ۾ ھمٿ وڌندي ھئي. جڏهن اھي منفي عادتون جيڪي منهنجي زندگي جو حصو ھيون ۽ منهنجي لاءِ نقصانڪار ھيون انھن جي تصوير مان پنهنجي موبائيل جي وال پيپر Wallpaper تي لڳائي ڇڏي جڏهن به موبائيل کڻندو ھئس ته انھن خراب عادتن کان نفرت ٿيڻ لڳندي ھئي . انھن جي نقصانن جي احساس ٿيندو ھو ۽ مان محسوس ڪندو ھئس ته ھي ڪھڙي طرح منهنجي ڪاميابي جي رستي ۾ رڪاوٽ بڻيل آھن مان محنت ۽ ڪوشش سان آھستي آھستي انھن سڀني خراب عادتن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪيو وقت لڳو پر مان انھن خراب عادتن کي پاڻ مان ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس.
ان جي لاءِ منهنجي به توھان کي ھڪ صلاح آھي ته ھڪ صاف پنو کڻو ۽ ان تي پنهنجي سٺين ۽ برين عادتن کي انھن جي فائدن نقصانن سان گڏ لکو پوءِ پني (ڪاغذ) کي اھڙا جاء تي رکو جتي اوھان کي ھر ھر نظر اچي ھي اوھان کي سٺيون عادتون مضبوط ڪرڻ ۾ مدد ڪندو. ۽ اوھان جون برايون اوھان کان پري ڪرڻ ۾ فائديمند ثابت ٿيندو. منهنجي خيال ۾ پنهنجي خامين جو احساس ٿي وڃڻ الله جو وڏو ڪرم ۽ احسان آھن. اسان کي زندگي ۾ اڳيان وڌڻ لاءِ ان سڀني معاملن ۽ پنهنجي صلاحيتن تي غور فڪر ڪرڻ جي ضرورت آهي.

ماڻھن جو خوف

ماڻھن جو خوف

ڈڑتے رہیں گے یوں ہی لوگوں سے زندگی بھر
خوف خدا جو پالا تو لوگ کیا کہیں گے
مان سائنس نه آرٽ ۾ پنهنجو ڪرييڍئر ٺاھڻ چاھيان ٿو . ماڻھو ڇا چوندا؟ مان پنهنجو ڪاروبار ڪرڻ چاھيان ٿو ماڻھو ڇا چوندا؟
مان ڪوڪنگ نه ڪمپيوٽر ڪورس ڪرڻ چاھيان ٿي. ماڻھو ڇا چوندا؟
خاندان کان ٻاھر شادي؟ ماڻهو ڇا چوندا؟
مان ڪجهه غلط نه ڪري ويھان. ماڻھو سوچيندا مان چريو آھيان ڪٿي ماڻهو منهنجي مذاق نه اڏائڻ.
ماڻهو ڇا چوندا؟ ماڻھو ڇا سوچيندا؟ اسان انھن جملن جا ننڍپڻ کان ان حد تائين عادي ٿي چڪا آھيون جو ڄاڻائي اڻڄاڻائي ۾ لاشعوري طور اسان جي زندگي جي ھر مرحلي ۾ اھي سوال اسان جي حواسن تي سوار ھوندا آھن. اسان جي پاڻ تي يقيني ۽ ارادي جي سگهه ان جملن سان ڏاڍي متاثر ٿيندي آهي.
خوف ھڪ ذھني ڪيفيت جو نالو آھي جنھن جو شڪار ھر انسان ھوندو آھي دنيا ۾ موجود ھر شخص مختلف طرح جي خوفن ۾ ورتل ھوندو آھي خوف جو ھجڻ خراب ناهي پر جيڪي ماڻھو حقيقي خوف بدران فرضي خوف کي دل ۾ رھائيندا آھن انھن جي لاءِ زندگي ۾ پنھنجي سوچ ۽ مقصد کي متحد ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي ويندو آھي . نفسيات جا ماھر ان حوالي سان مڃن ٿا ته انسان پنهنجي خوف کي پنهنجو نظريو ۽ عقيدو بڻائي ڇڏيندا آھن جنهن جي ڪري انھن لاءِ خوف کي قابو ڪرڻ ڏکيو ٿي ويندو آھي. تازو ئي ٿيندڙ ھڪ تحقيق موجب اسان جو 98 سيڪڙو خوف فرضي ۽ بي معنيٰ ھوندو آھي جڏهن ته 2سيڪڙو خدشا درست ثابت ٿيندا آھن ۽ اھي خدشا ماڻهن جي باري ۾ ڪاروبار تعيلم شادي ۽ اھڙن ٻين معاملن جي باري ۾ ھوندا آھن.
جيڪڏهن اسان زندگي جو جائزو وٺون ته اسان کي اندازو ٿيندو ننڍپڻ کان وٺي اڄ تائين اسان کي ڪو به فيصلو يا ارادو ڪرڻ کان پھريان خيال ھي ايندو آهي ته :
جيڪڏهن مان ھي نه ڪري سگھيس ته ؟ ڇا ھي صحيح آھي.
ان سوچ سان گڏ اسان مان ڪجهه ماڻهو زندگي جا وڏا وڏا فيصلا ڪرڻ کان رھجي ويندا آهن ۽ پاڻ کي زماني جي لھرن ۾ لڙھڻ لاءِ ڇڏي ڏيندا آھن ناڪامي ۽ ماڻهن جي ڳالهين جو خوف ئي اسان کان اسان جي سگھه کسي ناڪامي کي اسان جو مقدر بڻائي ڇڏيندو آھي ۽ اسان پنهنجي منفي سوچ سان گڏ اڪيلا رھجي ويندا آھيون.
بدقسمتي سان اسان جنهن معاشري جو حصو آھيون اتي اھو ڪلچر بڻجي چڪو آھي ۽ ھي رويو عام ٿي ويو آھي ته ھر ماڻھو ٻئي جي زندگي ۾ دخل وجھڻ پنهنجو حق سمجهي ٿو ھوئن ھر انسان جي زندگي ۾ ان جي راء کان وڌيڪ آس پاس جي ماڻھن جي راء فخر سان ورتي ويندي آھي ۽ اھو ئي سبب آھي جو اڄ اسان پنهنجي زندگي جي ڪنهن به فيصلي ڪرڻ کان پھريان ماڻھن جي سوچ ۽ مرضي کي نظر ۾ رکندا آھيو. ماڻھن جو ڊپ ۽ خوف اسان ۾ ايترو ته اچي ويو آھي جو اسان پنهنجي دل ۽ دماغ جو آواز ٻڌي ناھيون سگھندا. ۽ زندگي ۾ ناڪام ٿي ويندا آھيون اھو تنقيد جو خوف اسان تي ايترو ته حاوي ٿي ويو آھي جو اسان ماڻهن جي راء کي پنهنجي راء سمجھي ان سان متفق ٿي ويندا آھيون. اھا اسان کي ذھني ۽ جسماني طور تي سست ڪري ڇڏيندي آھي ۽ اسان شڪست مڃڻ وارن مان ٿي ويندا آھيون. ان خوف جي ڪري اڪثر ماڻھو ٻين جي زندگي جي اثر ھيٺ ھوندا آھن.
ڪامياب ماڻھو جو معاملو سڀ کان الڳ آھي ڪامياب ماڻھو ننڍپڻ کان ئي فيصلو ڪري ڇڏيندو آھي ته اھي ماڻھن کي نٿا بدلائي سگھن پر گھٽ ۾ گھٽ پنهنجو پاڻ کي ماڻھن جي مطابق زندگي گذارڻ وارو به ناھن بڻجڻ ڏيندا ڪامياب ماڻھو کي جيڪڏھن خوف ھوندو آھي ته اھو خدا جي ناراضگي ۽ پنهنجي ناڪامي جو خوف ھوندو آھي ۽ ان خوف کي قابو ڪرڻ لاءِ اھي ڏينهن رات محنت ڪري ڪاميابي حاصل ڪندا آھن اھو خوف سٺي انداز ۾ ڪامياب ماڻھو لاءِ مددگار ثابت ٿي سگھندو آھي ان جو ان ڳالهه تي يقين ھوندو آھي ته ھو پاڻ پنهنجي لاءِ پاڻ فيصلو ڪري سگھي ٿو ۽ ڪڏهن ڪنهن ھنڌ ان کي ڪنهن مصيبت جي سامھون ٿيڻو به پيو ته تڏهن به اھي ڏاڍا مطئمن ٿي ڪري ۽ بھادري سان ڏکيائين سان مقابلو ڪري زندگي ۾ اڳيان وڌي ويندا آھن بدمزاجي ۽ احساس ڪمتري ھر حال ۾ ڪامياب ماڻھن جي عادت ناھي ھوندي اھي ماڻهو صلاحون سڀ کان وٺندا آھن پر فيصلو پاڻ ڪنديون آھن.
خوداعتمادي ڪاميابي ھجڻ جو تعلق انسان جي سٺي سوچ سان ھوندو آھي تنقيد ۽ ماڻھن جي ڳالهين کي ھر ماڻھو منهن ڏيندو آھي پر سٺي سوچ رکڻ وارو ماڻھو تنقيد کي پنهنجي پاڻ ۾ بھتري آڻڻ لاءِ استعمال ڪندا آھن۽ غيرضروري ڳالھين کي ڪن ڏيڻ بدران پنهنجي ڪم تي فوڪس رکندي ڪاميابي جي سفر ۾ ھوندا آھن سٺي سوچ ۽ ماڻھن جي ڳالھين تي ڪن نه ڏيڻ جي عادت انھن کي ھن جملي سان بيگانو ڪري خوداعتمادي ڏيندي آھي. "ماڻهو ڇا چوندا؟" ھڪ انسان ڏاڍي سولائي سان ان خوف کي قابو ڪري سگھي ٿو ضرورت بس ان ڳالهه جي آھي ته منفي سوچ ۽ ماڻھن جي جي ڳالھين جي خوف کان نڪرڻ لاءِ پاڻ کان ھي سوال ڪيو:
1. ڇا منهنجي سوچ ۽ فيصلو صحيح آھي؟
2. ڇا منهنجا ارادس منهنجي زندگي جي مقصد ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سگھندا؟
3. جيڪڏهن مان ماڻھن کي نه بدلائي سگھان ته انھن جي سوچ تي منهنجو رويو ڪھڙو ھجڻ گھرجي؟
انھن سڀني سوالن جا جواب ملڻ کان پوءِ اوھان پاڻ کي مضبوط سمجهڻ محسوس ڪندو ۽ اوھان جي سوچ اوھان جي ڊپ ۽ خوف کي وٺي اوھان جو نقطو نظر ئي مٽائي ڇڏيندي. توھان پنهنجو قيمتي وقت ماڻھن تي تنقيد ڪرڻ تي ذيان ڪرڻ بدران ان کي قيمتي بڻائڻ جو فڪر ڪرڻ لڳندو اوھان کي اھو احساس ٿيندو ته ننڍي زندگي کي ماڻھن کان ڊيڄاري گذارڻ بجاءِ پاڻ کي پنهنجي مرضي مطابق زندگي گذارڻ جو حق آھي.
پنهنجي سڄي ڊپ ۽ خوف کي قابو ڪرڻ جي لاءِ ضرورت آھي ته انسان پنهنجي سوچ کي بھتر بڻائي سٺي سوچ انسان جي ھمت وڌائيندي آھي ان جي حوصلن کي وڏو ڪندي آھي خوف کان بچاء تڏهن ئي ممڪن آھي جڏهن توھان جي سوچ ڪشادي ھوندي ۽ خيال ويچار تبديل ھوندا منهنجي خيال ۾ جيڪڏهن خوف کي قابو ڪرڻ لاءِ جيڪڏهن ڪنهن انسان کي ڪنهن مدد جي ضرورت اچي ته اھڙي مدد حاصل ڪرڻ ۾ ڪو عيب ناهي جيڪڏهن انسان جي دل ۾ خدا جي محبت سان گڏوگڏ ان جو خوف به پيدا ڪيو وڃي ته باقي سڀ ھٿرادو خدشا ان جي دل مان نڪري ويندا آهن ۽ انسان بھادري سان گڏ پنهنجي زندگي جا سڀ فيصلا پاڻ ڪرڻ جي قابل ٿيندو آھي جنھن جي ڪري ڪاميابي انسان جي ممڪن ٿي ويندي آھي.


مسئلا به نعمتون آھن

مسئلا به نعمتون آھن

اقبال چوي ٿو ته
خدا تجہے کسی طوفان سے آشنا کر دے
کہ تیرے بحر میں موجون میں اضطراب نہیں

زندگي جا پويان گذريل 10 سال منهنجي لاءِ تمام اھم ثابت ٿيا آھن. مان ان دوران ڪيترائي وڏس فيصلا ڪيا انھن فيصلن تي ڄمي ڪري انھن لاءِ محنت ڪئي. ۽ پوءِ پنھنجي لاءِ ڪاميابي جو رستو قائم ڪندي مان اڄ به اڳيان وڌندو پيو وڃان. انھن ڪجهه سالن ۾ مان غريب مان نڪري پنهنجي مدد پاڻ گھر گاڏي ڪاروبار جھڙين ضرورتن سميت کوڙ سارين آسائشن کي به زندگي ۾ حاصل ڪيون ته ماڻھن مونکي ڪامياب انسان مڃڻ شروع ڪري ڇڏيو منهنجي ڪاميابي جو راز ڄاڻڻ ۽ مون جھڙي خواھش لاءِ ڪيترن ئي ماڻهن مونکان ڪيريئر سيشز Career seasons وٺڻ شروع ڪيا. ماڻھو اينداھئا سوال ڪندا ھئا. مسئلا ٻڌائيندا ھئا ۽ مان انھن کي جواب ڏيندو ھئس ڪامياب زندگي لاءِ محنت ۽ عزم کان اڳيان وڌڻ ۾ انھن جي حوصلا افزائي بزنس ۽ ڊجيٽل مارڪيٽنگ سان ان بابت انھن جي رھنمائي ڪندو ھئس ۽ ايئن سڀ سيشنز ٿي ختم ويندا ھئا.
ماڻهو ايندا ھئا ۽ سيشنز ھلندا رھندا ھئا پر مونکي آھستي آھستي ماڻھن جو گڏيل مسئلو سمجھ ۾ اچڻ لڳو ته ملاقات جي نيت سان ايندڙ سڀ ماڻھو پنهنجا مسئلا ٻڌائيندا ھئا ۽ مان کي پنهنجي ناڪامي جو سبب ٻڌائيندو ھئس . ماڻھو چوندا ھئا ته علي ڀاء ! اسان جڏهن به ڪجهه ڪرڻ ٿا چاھيون ته اسان جو ڦلاڻو، ڦلاڻو مسئلو اسان کي اڳيان وڌڻ کان روڪي ٿو پر توھان اسان کي ڪو اھڙو طريقو ٻڌايو جنھن سان اسان جا مسئلا ختم ٿي وڃن. اڄ اڪثر ماڻھو اھو ڄاڻڻ چاھن ٿا ته اھي اھڙو ڇا ڪن جنھن سان ھو نه ٿڪجن. ڪامياب ٿين ۽ گھڻا پيسا ڪمائن.
اسان وٽ ماڻھن جو مڃڻ آھي ته مسئلن جو ختم ٿيڻ اصل ۾ ڪاميابي آھي. مونکي ان رويي تي ھڪ نفسياتي ماھر جي اھا ڳالهه ياد اچي ٿي ته جڏهن ان وٽ ھڪ شخص پنهنجي مسئلن جو حل وٺڻ آيو ۽ چوڻ لڳو ته ھن زندگي ۾ ھر پاسي مسئلا ئي مسئلا آھن ڪو به ڪم ڍنگ سان نٿو ٿئي ته اھو ان کي ڪلينڪ ويجھو ھڪ قبرستان وٺي ويو ۽ چوڻ لڳو ته ڏس ميان! ھي اھا جاء آھي جتي ڪنهن کي ڪو به مسئلو ناهي. جيسيتائين ھي ساھ آھي تيسيتائين ھر مسئلي کي منهن ڏيڻو پوندو پر مسئلا ختم ڪرڻ سان نه پر انھن کي قابو ڪرڻ سان اڳيان وڌڻ گھرجي.
مسئلا اسان کي وڏو انسان بڻائڻ لاءِ پيدا ٿيندا آھن اھي اسان جي ھمت ۽ حوصلي کي وڌائيندي اسان کي ان لائق بڻائيندا آھن ته سٺي بري وقت کان نڪري ڪاميابي جي قابل ٿي سگھون. مسئلا آھن ته اوھان زنده آھن ايئن نه ٿئي جو اوھان ۽ لاش ۾ ڪو فرق نه ھجي؟ پنهنجي مسئلن تي شڪريو ادا ڪيو.
منهنجو مڃڻ آھي ھر انسان جي زندگي ۾ مسئلا به ان جي حيثيت مطابق ايندا آھن ھڪ ڏھاڙي واري مزدور جي زندگي ۾ مسئلا به ان جي ھڪ ڏھاڙي تي مشتمل ھوندا آھن. جڏهن ته ملڪ جي اميرن تي ھر لمحي وڏا وڏا مسئلا ايندا آھن حضرت محمد مصطفي' صلي الله عليه واله وسلم ،اصحاب سڳورن، دنيا تي حڪومت وارن عظيم سپھ سالار، ۽ حڪمران قائد اعظم محمد علي جناح، علامه اقبال ۽ اھڙا ٻيا کوڙ نالا جن کي اڄ ماڻھو سنھري لفظن ۾ ياد ڪندا آھن اھي سڀ به مسئلن مان جان ڇڏائي نه پر انھن کي ڪنٽرول ڪري ڪامياب ٿيا. ڇا حضرت محمد صلي الله عليه واله وسلم جي زندگي ۾ مسئلا نه ھئا؟ بلڪل ھئا ! پاڻ صلي الله عليه واله وسلم جي زندگي کوڙ سارن مسئلن جو تعداد ۽ مسئلا به اھڙا جو ھڪ عام انسان ٻڌي پڙپڻ لڳي پر حضور اڪرم جن ڪڏهن به انھن مسئلن کي پنهنجي ڪاميابي جي رستي ۾ رڪاوٽ بڻجڻ نه ڏنو . پاڻ ڪريم جن فرمائيندا ھئا ته " منهنجي ھڪ ھٿ ۾ چنڊ ۽ ٻئي ھٿ ۾ سج رکيو وڃي مان تڏهن به توحيد جو پھلو نه ڇڏيندس, تڏهن به نه رڪجندس سندن ان ئي بيمثال حوصلي ۽ عزم جي بدولت اڄ 1400 سال گذرڻ کان پوءِ به غيرمسلم انگريزن پنهنجي يونيورسٽي ۽ بھترين ليڊرن جي ڪتابن ۾ پاڻ ڪريم صلي الله عليه واله وسلم جن کي سرفھرت رکيو آھيـ انھن جو چوڻ آھي ته پاڻ اھڙي بيمثال شخصيت جا مالڪ ھئا 1400گذرڻ کان پوءِ اڄ به ماڻهن جي دلين تي اثرانداز آھن ۽ ماڻھو پاڻ ڪريم جن کي پنهنجو ھيرو (آئيڊيل) سمجھي ڪري پنهنجي سڀ ان تان قربان ڪرڻ لاءِ تيار آھن.
الله تعالى جي ذات عدل ۽ انصاف جي صورت آھي الله تعالىٰ سڀني ماڻھن جي زندگي ۾ مسئلا پيدا ڪندو آھي. پوءِ جيڪو به انھن مسئلن ۾ ثابت قدمي سان منزل طرف وڌندو رھندو ڪري نه ٿڪجي نه ان کي ڪاميابي جي پيچ لڳايو ويندو آھي ان جي برخلاف اھي ماڻھو وچ رستي ۾ ويھي ڪري مسئلن تي روئندا آھن ناڪامي ھميشه لاءِ ان جو مقدر بڻجي ويندي آھي.
انسان جي زندگي مان جيڪڏهن مسئلن کي ختم ڪيو وڃي ته سکڻ سمجھڻ ۽ اڳيان وڌڻ کان لاچار ٿي ويندو مسئلن سان ئي اسان جي شخصيت جي تعمير ٿيندي آھي مسئلا ئي اسان کي ڪاميابي جي لاءِ تيار ڪندا آھن سون ٺھندو آھي ته ڪندن ٺھندو آھي انسان کي به عظمت ملڻ کان پھريان مصيبتن ۾ ڇڏيو ويندو آھي جيئن خبر پوي سڪو اصل آھي يا نقل! انھن ڏکيائين سان مقابلو ڪندو ته ڪاميابي جي قابل بڻجي سگھندو مان چوندو آھيان ته جيڪڏهن ڪاميابي چاھيو ٿا ته مسئلن کي ختم ڪري نه پر انھن کي قابو ڪري اڳيان وڌڻ جي ڪوشش ۾ لڳي وڃو اڄ جيڪڏهن ننڍن ننڍن مسئلن تي ثابر قدم رھندو ته وڏا ٿي وڏن مسئلن سان وڙھي سگھندو ڪامياب انسان مشڪلات ۽ رسڪ کڻڻ کان ناهي ڪيٻائيندو پر بھتر مستقبل لاءِ اڄ کان محنت ڪيو.
ڪجهه ڏينهن پھريان فيسبڪ تي ھڪ پوسٽ پڙھڻ لاءِ ملي ليکڪ لکي پيو ته ھڪ واحد پکي جيڪو باز جي رستي ۾ رڪاوٽ بڻجڻ جي ڪوشش ڪندو آھي اھو ڪانء آھي ڪانء ان جي پيٽ تي ويھي ان کي ڳلي ۾ ٺونگا ھڻندو آھي پر باز جواب ناھي ڏيندو ۽ نه ئي ڪانء سان وڙھندو آھي باز ڪڏهن ڪانء تي پنهنجو وقت ۽ سگھ ناھي وڃائيندو پر سولائي سان پنهنجا پر کولي آسمان ۾ مٿي اڏندو آھي مٿي اڏڻ سان ڪانء جو ساھ منجھڻ لڳندو آھي ۽ آڪسيجن جي گھٽتائي سبب ڪانء ڪري پوندو آھي.
زندگي ۾ ڪانء جھڙن ماڻهن سان پنهنجو وقت وڃائڻ بدران باز بڻجڻ جي ڪوشش ڪيو پاڻ کي بلند ڪندو ته پاڻ ئي بدلجي ويندو.

جذباتي ۽ حساس ماڻهو

جذباتي ۽ حساس ماڻهو

جذبات کی رو میں بہہ گیا ھون
کہنا جو نہ تھا وہ کہہ گیا ہون

"جذبات ۾ ويھڻ " يا "جذبات جي سامهون ويھڻ" اھڙا ئي ڪجهه جملا اوھان ٻڌا ھوندا اسان وٽ ھڪ رويو اختيار ڪيو ويندو آھي ته ماڻهو پنهنجي معاملن ۾ حد کان وڌيڪ جذباتي ۽ حساس ھوندا آھن. مان سمجھان ٿو ته ماڻھن جي ناڪامي جو ھڪ وڏو سبب اھو رويو آھي اسان جي معاشري ۾ اڪثر ڏٺو ويو آھي ته جڏهن ڪو به انسان ڪامياب زندگي جو فيصلو ڪري پنهنجي خوابن کي حاصل ڪرڻ نڪرندو آھي ته رستي جي ڏکيائين کان اڻ ڄاڻ سولو ۽ شارٽ رستو اختيار ڪري ڪامياب ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو آھي اھڙي صورتحال ۾ جڏهن وري مسئلا ۽ ڏکيائيون سامھون اينديون آھن ته انھن مسئلن کي لغام ڏيڻ بجاءِ ھمت ھاري ويھندا آھن. ۽ ناڪامي سدائين لاءِ پنهنجي ڳلي جو ھار بڻائي ڇڏيندا آھن. اھي جذباتي ۽ حساس ماڻھو سڄي عمر ماڻھن اھو ھڪ داستان ٻڌائيندي پنهنجي ناڪامي کي جسٽيفاء ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آھن.
ھر اھو انسان جيڪو زندگي جي دوڙ ۾ ڪامياب ٿيڻ چاھيندو آھي ان کي پنهنجي غلطين ۽ احساسن کي مٿي سان ٻڌي ڪري انھن جو داستان ٻڌائڻ بدران انھن پٿرن وانگر پيرن ھيٺان گڏ ڪري محل ٺاھڻ سکڻو پوندو. ماڻھو اڄ بزنس جي شروعات ڪندا آھن ۽ چاھيندا آھن ته بنا ڪنهن رڪاوٽ ۽ پريشاني جي ھڪ مھيني اندر پنھنجي بزنس ۾ ڪامياب ٿي وڃن. اھڙو ناممڪن آھي. جيسيتائين رڪاوٽون ۽ مسئلا نه ھوندا تيسيتائين اوھان ڪامياب بزنس مين نٿا بڻجي سگھو. ڏکيائيون اينديون ناڪامين کي منهن ڏيڻو پوندو تڏھن ئي اوھان ڪاميابي جي قابل بڻجندو.
فرض ڪيو ته اوھان چلھي ۾ باھ ٻاريو ۽ اڻڄاڻائي ۾ چلھو ڀڙڪو کائي ۽ اوھان باھ ۾ ھٿ ساڙي ويھو . ته ڇا ٻيھر توهان باھ ٻارڻ ڇڏي ڏيندو؟ نه ڪڏهن به نه ! پر اوھان ٻيھر باھ ٻارڻ وقت خيال ڪندو.جڏهن ھٿ سڙڻ تي اوھان باھ ٻارڻ نه ڇڏي ته ڪاميابي جي رستي ۾ مصيبتن کان پريشان ٿي ڪري ڪاميابي جو رستو ڇو ڇڏي ڏيندا آھيو؟ انسان جي لاءِ ھي زندگي آزمائشن جو گھر آھي ھتي اوھان کي ھر موڙ ھر جڳهه ۽ ھر مقام تي ڏکيائن سان منهن ڏيڻو پوندو. پر ان سفر ۾ ڪامياب اھو آھي جيڪل انھن تڪليفن ۽ ڏکيائن کان ڊڄندو ناھي پر جوش جذبي سان اڳيان وڌندو آھي.
مان ڏسندو آھيان ته ھر جذباتي انسان وٽ ٻڌائڻ لاءِ ھڪ رام ڪٿا موجود ھوندي آھي. ۽ اھا ئي رام ڪٿا سندس ناڪامي جو سبب بڻجندي آھي ياد ڪيو درد مسئلا تڪليف اڪيلائي ۽ رڪاوٽن کان وڏو دنيا ۾ ڪو به استاد ناھي جيڪو ڪجهه انسان ڏکن ۽ تڪليفن مان سکندو آھي ايترو شايد ئي کيس ڪا ٻي شي سيکاري سگھي رڪاوٽن باوجود ھمت ٻڌڻ ۽ اڳيان وڌڻ ڏکيو ضرور آھي پر ناممڪن ناھي . ڪاميابي چاھيندي آھي ته پنهنجا درد پنهنجن تڪليفن ۽ اڪيلائين کي پنهنجو استاد بڻايو جذباتي ۾ ويھي ڪري ناڪامي کي راضي رھڻ ڪامياب ماڻھن جي روش ناهي ڪامياب ماڻھون پنهنجن جذباتن کي ھڪ حد تائين اھميت ڏيندا آھن پر انھن کي پاڻ تي گھيرو ڪرڻ ناهن ڏيندا.
مان اڪثر ماڻھن وٽان ٻڌندو آھيان ته ناڪام نه ٿيڻ اصل ۾ ڪاميابي آھي منهنجي خيال ۾ اھا سراسر غلط فھمي آھي ڪاميابي ۽ ناڪامي ھڪ سڪي ڄا ٻه پاسا آھن ماڻھو مونکي ڪامياب سمجھندا آھن پنهنجو آئيڊيل ۽ رول ماڊل مڃندا آھن اھي سمجھندا آھن ته مونکي ڪڏهن زندگي ۾ ناڪامي منهن ناھي ڏيڻو پوندو پر حقيقت اھا آھي ته مان اڄ به ھر ايندڙ ڏينهن ناڪامين کي منهن ڏيندو آھيان پنهنجي ناڪامين مان سکندو آھيان ۽ اڳيان وڌندو آھيان ھا پر منهنجي ڪاميابي اھا ضرور آھي ته مان ڪڏهن ناڪامي کي مٿي سان ٻڌو ناهي.
ھڪ سال اڳ ھڪ صاحب مونسان ملڻ آيو ۽ چوڻ لڳو شيرازي صاحب مان به ڪامياب ٿيڻ چاھيان ٿو. مان ان کان سوال ڪيو ته محترم اوھان ڪيترن ڏکيائن ۽ مسئلن کي منهن ڏئي سگھو ٿا؟ ڪيتريون ڏکيائيون ۽ تڪليفون برداشت ڪري سگھو ٿا؟ اھو حيراني سان مونکي ڏسڻ لڳو . مان ان کي ٻڌايو ته : جناب ڪاميابي اصل ۾ ناڪامين سان مقابلو ڪري اڳيان وڌڻ جو نالو آھي. جيڪڏهن توھان مونکان ڪاميابي جو تعارف پڇندو ته مان اھان کي گھر گاڏي ۽ دولت نه ٻڌائيندس پر ڪاميابي زندگي جي لاءِ وڃڻ واري ھر قدم تي ڏکيائي ۽ناڪامي باوجود جيڪڏهن اوھان جي دل مطئمن ۽ خوشحال آھي ته منهنجي خيال ۾ اھائي ڪاميابي آھي منهنجي خيال ۾ ڪاميابي جو مثال جبل تي چڙھڻ جھڙو آھي جتي بلندي طرف اٿندڙ ھر قدم اوھان کان اوھان جي محنت ۽ ھمت جو سوال ڪندو آھي توھان کي زور لڳائڻو پوندو آھي ان زور لڳائڻ ۾ جيڪڏهن اوھان خوشي محسوس ڪيو ٿا ته اوھان ڪامياب آھيو جيڪڏهن ھر قدم اوھان کي ٿڪائي رھيو آھي ته اھا ڪاميابي ناھي پر ناڪامين جو بار کڻي اڳيان وڌي رھيا آھيو. ڪاميابي جي لاءِ ناڪامي مان سکي ڪري ان جو بار پاڻ تان لاھي اڳيان وڌڻ سکو تڏهن ئي دل مطئمن ۽ پرسڪون ٿيندي سفر سولو ۽ پرسڪون ٿيندو.
ڪاميابين کي منهنجي مصروفيت بڻائڻ وارا ڪڏهن ناڪامين کان ناھن گھٻرائيندا ياد ڪيو ڪاميابي ڪڏهن آخري ناھي ھوندي ڪنهن ڪاميابي جو سفر ڪڏهن آخري ناھي ھوندو ھر ڪاميابي پويان نئين ڪاميابي نئون سفر اوھان جو منتظر ھوندو آھي پر پاسو نه ڪيو ناڪامين مان سکڻو آھي ۽ اڳيان وڌڻو آھي.

غرور ۽ تڪبر کان ناڪامي تائين

غرور ۽ تڪبر کان ناڪامي تائين

حضور اڪرم صلي الله عليه واله وسلم جن جو ارشاد آھي ته: باخبر ٿي وڃو ته سيني جو گوشت ھڪ مضبوطي آھي جڏهن اھو تندرست ھوندو ته اوھان جو جسم تندرست رھندو آھن جيڪڏهن ان ۾ خرابي يا انتشھار پيدا ٿي ويو ته توھان جي سڄي جسم ۾ خرابي ۽ انتشھار پيدا ٿي ويندو ڄاڻ وٺو ته اھا اوھان جي دل آھي.
جڏهن ذڪري نڪري دل ۾ دل جي بيمارين ۾ تڪبر غرور بغض ۽ منافقت ئي دل جون وڏيون بيماريون آھن جيڪا انسان کان ان جو سک ڦري سدائين کيس باھ ۾ ساڙيندي رھندي آھي غرور جو مطلب ئٽ دوکو آھي جڏهن ته تڪبر معني پاڻ کي وڏو سمجھڻ اھو غرور ۽ تڪبر انسان ۾ پنهنجو پاڻ پنهنجي ذات ۾ وڃائي دوکي جو شڪار ڪندو آھي ۽ باقي سڀني کي ڪمتر بڻائي پيش ڪندو آھي انسان پنهنجو پاڻ ۾ ايترو قدر به فخر ۾ مبتلا ٿي ويندو آھي ته ان کي دنيا جو ھر ماڻهو ننڍي سوچ جو محسوس ٿيندو آھي اڪثر ماڻهو پنهنجي حسب نسب پنهنجي مال دولت پنهنجي حسن ۽ جواني ۽ پنهنجي تعليم جي حوالي سان غرور جو شڪار ھوندا آھن ڏٺو وڃي ته انھن سڀني کي انسان جو ڪو به وس ۾ ناهي ھوندو اھي سڀ شيون ته الله تعالي جون عطا ڪيل ھونديون آھن ھن دنيا ۽ آخرت ۾ عزت انھن کي ملندي آھي جيڪي جيڪي عاجزي سان رھڻ وارا ھوندا آھن توھان اڄ پنهنجي حسب نسب ۽ اولاد تي فخر ڪيو ٿا ٿورو سوچيو جنهن ھي سڀ اوھان کي عطا ڪيو آھي اھو جيڪڏهن ڦري وڃي ته اوھان ڇاڪندو؟ اڄ اوھان وٽ کوڙ پئسا وڏي دولت آھي جيڪڏهن سڀاڻي اوھان ڪنهن بيماري جو شڪار ٿي وڃو ته ۽ جيڪڏھن اوھان پيسا خرچ ڪري به شفا حاصل نه ڪري سگھو ته ڪھڙو فائدو ان پيسن جو؟ اڄ توھان کي پنهنجي حسن ۽ جواني تي غرور آھي جيڪڏهن توھان ڪنهن حادثي ۾ پنهنجو حسن وڃائي ويھو ته غرور ڪاڏي ويندو؟ ان ۾ ڪو شڪ ناھي ته جنهن ھي سڀ عطا ڪيو آھي جيڪڏهن چاھيندي کسي وٺي ته ڪير ڪجهه نٿو ڪري سگھي ان ھوندي به اڪثر ماڻھو پاڻ کي وڌيڪ ۽ ٻين کي گھٽ سمجھڻ ۾ مصروف ھوندا آھن. غرور ۽ تڪبر ھڪ اھڙي بيماري آھي جنهن شيطان کي جنت مان ڪڍرائي ڇڏيو ۽ سدائين لاءِ ناڪامي جي سمنڊ حوالي ڪري ڇڏيو سڀ کان بلند ھئڻ ھڪ اھڙي صفت آھي جيڪا صرف الله کي ٺھندي آھي جنهن جو ذڪر اسان ڏينهن رات "الله اڪبر "الله اڪبر"الله سڀ کان وڏو "الله سڀ کان وڏو" چئي ڪندا آھيون.
منهنجو تجربو آھي ته ھر اھو انسان جنهن کي ڪاميابي سان نوازيو ويو آھي.ان زندگي ۾ جنهن به مقام تي پاڻ کي بلند سمجھو ان کي صرف ناڪامي ئي نصيب ٿي آھي مان کوڙ ڪامياب ۽ ناڪام ماڻھن کي پڙھندي ان نتيجي تي پھتس ته اڪثر ماڻھن جي ناڪامي جو سڀ کان وڏو سبب انھن جو پاڻ کي بلند سمجھڻ آھي. ۽ انھن جي اھا عادت انھن کي سکڻ کان روڪي رکندي آھي ايتري تائين انھن جي ناڪامي مقدر بڻجي ويندي آھي. ان جي بر خلاف اھي سڀ ڪامياب ماڻھو جن سدائين عزت سان گڏ سٺن لفظن کي سڃاتو اھي پنهنجو پاڻ ۾ عاجزي جو مثال ھوندا آھن اھي ماڻھو پاڻ کان وڌيڪ ٻين لاءِ سٺو سوچڻ وارا ۽ انھن کي پاڻ کان بھتر سمجھڻ وارا آھن. ڪامياب ماڻهو جي اھائي عادت بيوقوفن جي محفل مان به گھڻو سکڻ لاءِ ڏيندي آھي. جنھن کي سوچي سمجهي ڪري ماڻھو پنهنجو سفر مقرر ڪندا ويندا آھن. ڪامياب ماڻهو ان ڳالهه کي چڱي ريت ڄاڻيندا آھن ته جيڪو ھر شي عطا ڪري ٿو ان لاءِ سڀ کان وڌيڪ حق به ان جو آھي پر منهنجي ڀلائي عاجزي ۾ آھي آڪڙ نه ناهي
تڪبر جي موسم ۾ سازگار ھوائون ناھن گھلنديون. (شعور)
انسان جنهن طريقي کان پنهنجو پاڻ کي گھٽ سمجھڻ غلط ۽ ڪاميابي جي رستي تي رڪاوٽ آھي بلڪل ان طريقي سان ٻين کان پاڻ کي وڌيڪ سمجھڻ ۽ پنهنجي آڪڙ ظاھر ڪري ڏيکارڻ به ڪاميابي جي جي رستي ۾ ھڪ وڏي رڪاوٽ آھي پاڻ کي ھر ڪم جو ماھر سمجھڻ اوھان کي ڪاميابي کان روڪي ڇڏيندو آھي ۽ توھان ڪجهه نئون سکڻ بدران انھن خيالن جي مدھوشي ۾ ھوندا آھيو. توھان کي ڪنهن به ڪم ۾ مھارت ھوندي آھي ته ته بيشڪ اھا اوھان جي خاصيت آھي پر ان جو ھرگز اھو مطلب ناهي ته ڪو ٻيو شخص ان ڪم ڪرڻ جي لائق ناھي اڪثر وقتن ۾ وڏيون وڏيون دعوائون انسان کي مھانگيون پئجي وينديون آھن. جيڪو اوھان ڪم مھارت سان ڪري سگھو ٿا اتي ممڪن آھي ته ڪو ٻيو شخص اوھان کان سٺو ۽ ٿوري وقت ۾ اھو ڪم ڪري سگھي ٿو انڪري پنهنجي صلاحيتن تي تڪبر ڪرڻ بدران عاجزي اختيار ڪيو ۽ ٻين کي ساراهڻ شروع ڪندو ته اوھان جي لاءِ ڪاميابي دنيا آخر جي ڏاڪڻ بڻجي ويندي. ھيء ئي اھو راز آھي جنهن کي ڪجهه ماڻھو سمجھي ڪاميابي کي برقرار رکي وڌ کان وڌ اڳيان وڌي ويندا آھن جڏهن ته اڪثر ماڻھو انا ۽ غرور جي ور چڙھي ناڪامي جي رستي تي پھچندا آھن.
زندگي ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ ٿا چاھيو ته جھڪڻ سکو پاڻ کي بلند سمجھڻ بدران ھڪ عام انسان ئي سمجھو ان ڳالهه تي يقين ڪيو ته توھان سڀ ڪجهه نٿا ڄاڻو اھا عادت اوھان لاءِ گھڻو سيکارڻ لاءِ آڻيندي ڪامياب ٿيڻ چاھيو ٿا ته ٻين کي ساراھڻ شروع ڪيو انھن جي ڪمن جي تعريف ڪيو ۽ سٺي سوچ ۽ سٺي عادت اختيار ڪري ڪاميابي جي سفر تي محنت ڪندا رھو ڪاميابي اوھان جو مقدر بڻجي ويندي.

ناڪامي جا سبب

ناڪامي جا سبب

زندگي مسلسل امتحان آھي ھتي بار بار ڪرڻ کان پوءِ اٿڻ جو نالو ڪاميابي آھي .(شعور)
اسان وٽ ڪاميابي ۽ ناڪامي بابت وڏا ڪتاڀ پڙھيا ويندا آھن ماڻهو انھن کي پڙھي پنهنجن ڳالھين ۽ حوالن ۾ استعمال ته ڪندا آھن پر حقيقت ۾ جيڪو ان ڪتابن مان سکڻ گھرجي ان کان پري ٿي ويندا آھن. انھن جو ھڪ سبب منهنجي نظر ۾ اسان جو مائند سيٽ آھي ته اسان جيڪو به ڪندا آھيون پنهنجو پاڻ کي بھتر ڪرڻ بدران ٻين کي بدتر ڪرڻ لاءِ ڪندا آھيون.
روزاني زندگي جي معاملن ۾ اسان پنهنجو پاڻ سميت پنهنجي ٻارن کي به ھڪ اھڙي مزاج تي چاڙھي رھيا آھيون جتان ھو پنهنجي غلطي تسلم ڪرڻ سکي ئي نٿا سگھن. مثال اسان جي گھر مان ڪـنھن کان شيشي جو گلاس يا ٻيو ڪو ٿانء ٽٽي پوي گهڻو اسان وڏيون دانھون ڪري چوندا آھيون ته "ڦلاڻي گلاس ڀڃي ڇڏيو ان جي برخلاف جيڪڏهن اھو گلاس اسان کان ڀڃي پئي ھا ته ڏاڍو نرمي ۽ معصوميت سان چئون ھا ته "ھي گلاس مونکان ٽٽي پيو آھي" جيڪڏهن اوھان ان جملي جي مفھوم تي غور ڪندو ته اوھان سمجھي ويندو اسان ٻين جي غلطين ۽ خامين تي اعلان ڏيندا آھيون پر پنهنجي خامين ۽ غلطين جي بچاء لاءِ حڪمت عملي اختيار ڪندي آھيون ته "مان سايو ڪري نه ڪيو پر مونکان ٿي ويو" پنهنجي پاڻ جو ايئن بچاء نه صرف اسان کي ڪاميابي کان روڪيندو آھي پر اھا طبعيت آھي جيڪا اسان جا ٻار ۽ آس پاس جا ماڻھو اسان مان سکي پنهنجي زندگي ناڪام ڪندا آھن.
ناڪامي جو ھڪ ٻيو سبب اسان جو ڪجهه وڌيڪ ڊپ ۾ رھڻ آھي ...اھو ڊپ ته ڇا ٿيندو؟ ڪيئن ٿيندو؟ اسان کي زندگي ۾ رسڪ کڻڻ کان روڪي ويٺو آھي مان سمجھان ٿو ته رسڪ کڻڻ به ھڪ وڏو رسڪ آھي رسڪ کڻڻ سان اوھان سکندو سنورجندو اڳيان وڌڻ جي قابل ٿي سگھندو ھي ماڻھو جيڪي پنهنجي غلطين ۽ خامين کي قبول ناھن ڪري سگھندا. ناڪامي انھن جو مقدر بڻجي ويندي آھي مان سمجھان ٿو ته موجوده دور ۾ پنهنجي Acceptability نه ھجڻ جي برابر آھي اھو سبب آھي جو اسان رسڪ کڻڻ کان به ڊڄندا آھيون منهنجي خيال ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ اسان کي پاڻ تي ثابت محنت ڪرڻ جي ضرورت پوندي آھي ته اسان کي پاڻ ڪاميابي قابل بڻائڻو پوندو ياد رکو ! جيسيتائين ڪاميابي اسان بدن ۾ ظاھر نٿي ٿئي تيسيتائين اسان ڪامياب نٿا ٿي سگھون ڪاميابي چاھيندي آھي ته ڪاميابي جو مزاج اختيار ڪرڻو پوندو پنهنجون غلطيون مڃڻيون پونديون اڪثر ماڻھن ۾ پنهنجون غلطيون قبول نٿا ڪري سگھون ته گھٽ ۾ گھٽ اڪيلائي ۾ ته پاڻ سان سچ ڳالهائي وٺون پنهنجي سامھون پنهنجون غلطيون قبول ڪيون. ڪاميابي جي لاءِ خود چوڻو پوندو ته ھي مونکان ٿيو نه پر مان پاڻ ڪيو ھو تڏهن ئي اوھان ۾ شرمندگي جو احساس پيدا ٿيندو ۽شرمندگي ٿيندي ته غلطي ٿيندي ته غلطي جو ازالو ڪري سگھندو.
ھي زندگي آزمائشن جو گھر آھي ھتي امتحان ڏيڻا ٿا پون امتحان به اھي جيڪي ترتيبوار يا سبجيڪٽوار ناھن ھوندا پر ان آزمائش کان ڀرپور زندگي ۾ اگر ڪاميابي گھرجي ته پنهنجي غلطين کي قبول ڪيو پنهنجو پاڻ ۾ ڪاميابي جي حاصلات جي تڙپ پيدا ڪيو رسڪ کڻو ۽ ڪاميابي جو مزاج اختيار ڪري محنت جي شروعات ڪيو توھان ڏسندو ته ڪھڙي طرح ڪامياب زندگي اوھان جو مقدر بڻجي ٿي.

سڦلتا پبليڪيشن حيدرآباد جا ڇپيل ڪتاب

سارين جي گند گاهن تي ضابطي جي حڪمت عملي    (زراعت)      عبدالصمد سومرو

فريب سحر (شاعري) نور جوڻيجو

ڪتا              (ناول) رسول ميمڻ

مهذب وحشي    (ناول) نور جوڻيجو

پسمنظر ۾      (شاعري) اي آر آزاد

ايم آر ڊي تحريڪ       (تاريخي دستاويز)                قمر ڀٽي ايڊووڪيٽ

خوشگوار موت (ناول) البرٽ ڪاميو/ عرفان لُنڊ

انٽرلاڪ            (ڪهاڻيون) شوڪت لوهار

استاد (ٻارن لاءِ ناول)   غفار سومرو

ڪردار، ڪتاب ۽ ڪهاڻيون (تنقيد ۽ تحقيق)     عبدالڪريم چنا

تون جڳ جاڳائيندين! (نفسيات) مير سردار چنڙ